Graphic Design, Advertising, Adobe Photoshop, Adobe Photoshop Lightroom
عباس يصل إلى جنين للمرة الأولى منذ 10 سنوات (فيديو) Check more at https://a5bar24.com/%d8%b9%d8%a8%d8%a7%d8%b3-%d9%8a%d8%b5%d9%84-%d8%a5%d9%84%d9%89-%d8%ac%d9%86%d9%8a%d9%86-%d9%84%d9%84%d9%85%d8%b1%d8%a9-%d8%a7%d9%84%d8%a3%d9%88%d9%84%d9%89-%d9%85%d9%86%d8%b0-10-%d8%b3%d9%86%d9%88/
إجراء أول عملية جراحية في العالم لدماغ جنين داخل رحم أمه Check more at https://a5bar24.com/%d8%a5%d8%ac%d8%b1%d8%a7%d8%a1-%d8%a3%d9%88%d9%84-%d8%b9%d9%85%d9%84%d9%8a%d8%a9-%d8%ac%d8%b1%d8%a7%d8%ad%d9%8a%d8%a9-%d9%81%d9%8a-%d8%a7%d9%84%d8%b9%d8%a7%d9%84%d9%85-%d9%84%d8%af%d9%85%d8%a7%d8%ba/
Wedding dresses 🤍
Picture for Jinin Village: JININ - Late 19th, early 20th c. 36 - The fertile countryside south-west of Jinin, circa 1900s (per Reem Ackall). Browse 70k pictures documenting Palestinian history & culture before Nakba.
Shalby Hospital is a Leading cost effective IVF Hospital offer the best IUI, IVF Treatment in Ahmedabad, India. We have best IVF treatment to our clients on reasonable price. Visit our ivf centre for an appointment.
جنين - - ♪♥ السويطات 20-9-2014 ╝ لمزيد من الصور والمعلومات حول جنين .. ◄► http://blog.amin.org/eyad/2014/10/02/jenin-kanaan
Dec 4, 2021 - This Pin was created by نسيم للتصميم on Pinterest. #معرفة_نوع_الجنين #جنين #مولود_جديد #مولود_السعادة #مولودة #مولودتي #بشارة_مولود #بشاره #مواليد
جعفر ميمڻ هاڻي ڪنهن سان ٽهڪ ڏيندس! ايم يونس ڏيٿو موت ڪيڏو نه بي رحم آهي جن ماڻهن کي نه وڃڻ کپي انهن ماڻهن کي ئي موت جو خون خوار باز جھٽي ڏور ڏسائن طرف کڻي هليو ويندو آهي جتان ڪوبه ڪڏهن به واپس ناهي وريو. ڪي شخص صرف هڪ فرد جي حيثيت رکندا آهن پر ڪي شخص پنهنجي اندر ادارن جيڏي سڃاڻپ رکندڙ هوندا آهن انهن جي وڇڙڻ سان ڪيئي شهر ۽ ادارا رُلي ويندا آهن ۽ وري جن کان زمانو بيزار هوندو آهي اهي اسان جي گرد پيا گھمندا آهن، ڪي ماڻهو صرف پنهنجي خاندان تائين محدود هوندا آهن پر ڪن جي پيار جا ڪَتبا هر دل جي مٿان لڳي ويندا آهن، سائين سرڪش به ساڳي ڳالهه جو اظهار ڪندي چيو هو ته: ڪي جو ويندا ته پَتو ڪنهن کي نه پوندو آهي، ڪي جو وِيندا ته ڪيئي شهر رُلِي ويندا آهن. ڪِن کان بيزار زمانو به ته ويٺا هوندا، ڪن جي هُوندي آ ضرورت به اُٿِي ويندا آهن. ڪن جي قبرن تي رڳو وارث هڻندا آهن ڪتبو، ڪِن جا هر دل جي مٿان ڪَتبا لڳي ويندا آهن. مونکي اڄ به اهي ڏينهن ۽ ميرانجھڙيون شامون ياد آهن جڏهن مان مايوسين جي ڪُن طرف ڇڪبو ويندو هوس ۽ ان ئي ڪيفيت ۾ منهنجي ملاقات ان شخص سان ٿيندي هئي جيڪو مون لاءِ ڇپر ڇانون بڻجي پوندو هو، هو مونکي مايوسين واري ان ڪُن مان هٿ کان پڪڙي ٻاهر ڪڍي ايندو هو اتساهه ڏيندو هو ۽ مونکي زندگيءَ طرف ويندڙ نين راهن جا ڏس ڏيندو هو. هو جيڪو دوستن جي دلين ۾ جايون جوڙي وٺندو هو، سندس ٽهڪ هاڻي ڪٿان ٻڌبا، سندس اهي گفتا جڏهن ياد ٿا پون ته هن جو آواز ڪنن ۾ گونجندي محسوس ٿي رهيو آهي پر هو ته هاڻي مڻ مٽيءَ جي هيٺان دفن ٿي ويو آهي... ڇا واقعي به هو دفن ٿي ويو؟؟ هرگز نه!! اهو ته سندس جسم هو جيڪو مٽيءَ ماءُ جي حوالي ٿي ويو پر سندس ڪردار سندس روَيو ۽ سندس محبتون ڪڏهن به دفن ٿي نه ٿيون سگھن، هو ته هميشه لاءِ خاموش ٿي سمهي پيو پر سندس لکيل لفظ هميشه هميشه سندس زبان بڻجي زنده رهندا. هو جيڪو ڀاڪرن ۾ ڀري پيار ۽ پنهنجائپ مان آٿتون ڏيندو هو سو جعفر ميمڻ مان ڪٿان آڻيندس....... ها اهو شخص جعفر ميمڻ هو جيڪو تازو ئي اسان کان رُسي ويو سندس ساهه جو سڳو ٽُٽي پيو، هو اسان کي الوداعي گيت ٻڌائي ان راهه تي روانو ٿي ويو جتان اڄ تائين ڪوبه واپس ناهي وريو.. هاڻي مان ڪنهن سان ٽهڪ ڏيندس؟ تاڙا ملائيندس، منَ اندر جون ڳالهيون ڪندس! مان جڏھن اتر کان لاڙ جي پٽي جو سفر ڪري ڪڏھن خوش ته ڪڏھن مايوسيءَ واري ڪيفيت ۾ هن وٽ اچي پهچندو هيس ته سندس رهبريءَ جو ڀاڪر صدين جا ٿَڪ لاهي ڇڏيندو هو، جھٽ ۾ ئي مايوسين جا اوچا جبل جھڙوڪ ڪپهه بڻجي ويندا ها، مون لاءِ ايڏي آٿت بڻيل ان شخص جو وڇوڙو مون لاءِ ته جيءُ جھوريندڙ خبر آهي. هو ته منهنجا ڏک ڏور ڪندو هو ائين ئي جيئن شاهه سائين چيو ته : ويٺي جنين وٽ ڏکندو ڏور ٿئي، تون تنين سين ڪٽ اوڏا اڏي پکڙا جعفر ميمڻ سان ويهندي ڏکندو ڏور ٿيندو هو، هو صحافت جي دنيا ۾ هڪ غير معمولي ڪردار هو جنهن جي اندر ۾ هڪ تخليڪقار پڻ موجود هو جيڪو سدائين کانئس ڪجهه نئون ڪرائيندو رهندو هو. جعفر ميمڻ جي وڇوڙي جو درد شايد ڪاغذ ۽ قلم ذريعي بيان ٿي نه سگھي پر ساڻس گھاريل پل جڏهن ياد ڪجن ٿا ته ڳوڙها اکين جا بند ڀڃي ڳڙي پون ٿا. هاڻي سندس وڇوڙي پڄاڻان سندس سارون آهن سڏڪا آهن ... سمورو جهان به ڏسجي ته به اها سڪ ته نه لهندي جيڪا پنهنجي پرينءَ جھڙن ماڻهن کي پسي لهندي آهي : اڄ پڻ اکڙين سڄڻ پنهنجا ساريا ڳلن تان ڳوڙھن جون بوندون بس نه ڪن سندي سڪ پرين، لوڪ ڏٺي نه لهي۔ جعفر ميمڻ به وڇڙي ويو ڏور ٿيندا وڃن روز جوڳيئڙا!! (ڏيھاڙي پنھنجي اخبار، ۹ مارچ ۲۰۲۰ع تان کنيل) جديد سنڌي صحافت، ادب ۽ ٻولي کي اهم لاڙا ڏيندڙ حق ۽ سچ جو آواز بلندڙ ڪندڙ، وڏيرا شاهي کي پنهنجي قلم جي ذريعي للڪاريندڙ، سنڌي صحافت کي پنهنجي جواني جون بهارون ارپيندڙ جعفر ميمڻ هاڻي اسان وٽ ناهي رهيو پر سندس قلم پورهيو ايترو ته آهي جو مان چئي سگهندس ته جعفر تون امر رهندي! جعفر ميمڻ سنڌ جي ادب کي اهي تخليقون ارپيون آهن جيڪي پئي پراڻيون نه ٿينديون، جن لاءِ لطيف چيو ته : وکر سو وهاءِ، جو پئي پراڻو م ٿئي، ويچيندي ولات ۾، ذرو ٿئي نه ضاءِ، سا ڪا هڙ هلاءِ، جا آڳهه هجين ابهين. (شاهه) جعفر به اهڙن ئي ڪردار مان هو جيڪي ڪردار سدائين پنهنجي ڌرتي ماتا جي بنا ڪنهن لوڀ ۽ لالچ جي فرض نڀائيندا آهن هنن لاءِ قوم جي خدمت ڪرڻ ئي عبادت آهي ۽ ساڻيهه کي سجدو ئي سڀ ڪجهه آهي، اي سنڌ جي ڌرتي شاهد رهجان ، تنهنجي ارڏي پٽ جعفر ميمڻ اذيتن کي منهن ڏنو ، چئليجن جي آڏو مهاڏو اٽڪايو پر هي ڪڏهن به ڪنهن آمر جي آڏو نه جهڪيو. سنڌي ادب جي خدمت ڪندڙ جعفر ميمڻ لاڙڪاڻي ۾ سائين داد ميمڻ جي گهر ۳ سيپٽمبر ۱۹۶۶ع ۾ جنم ورتو. هو پرائمري کان ڪاليج تائين لاڙڪاڻي ۾ ئي پڙهيو ۽ گريجوئيشن شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪيائين. جعفر ميمڻ کي ننڍپڻ کان ئي لکڻ ۽ پڙهڻ جو شوق هيو، هن ٻاراڻي ادب جي واڌ ويجهه لاءِ ٻارڙن جو سنڌ رنگ ڊائجسٽ به ڪڍيو هو جيڪو ٻارڙن جو مشهور رسالو هيو. ان وقت ۾ ارچڪ مرچڪ، گلڙا، گلستان سوڌو کوڙ رسالا نڪرندا هئا پر جعفر جي ٻاراڻي ادب ڏانهن لاڙو سچ ته وڏن اديبن کي به لکڻ تي مجبور ڪيو هو.جعفر ميمڻ لاڙڪاڻي مان جاري ٿيندڙ اخبار روزاني اڳواڻ ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر طور ڪم ڪيو ۽ صحافت کي پنهنجي جواني جون بهارون هن ائين ارپيون جئين ڪو عاشق پنهنجي محبوبا کي وقت ڏيندو آهي جعفر به اهڙو ئي محنتي ۽ باڪردار صحافي رهيو سندس لاڏاڻي تي ڏاڏو ڏک پهتو آهي سچ ته اکين جا بند ڀڄي پيا اڙي موت ميار، ايڏو ساڙ سڳنڌ سان. (اياز). صحافت جي سفر ۾ جعفر ميمڻ سنڌ جي روزاني اخبار سنڌ سجاڳ ۾ به سب ايڊيٽر طور ۳ سال ڪم ڪيو، انهيءَ دوران هو روزاني سرواڻ ۾ به ڪم ڪندو رهيو. ڪاوش گروپ طرفان ماهوار سنڌ رنگ ڊائجسٽ ۽ هالار جي ايڊيٽر طور خدمتون ڏنائين ٻنهي ڊائجسٽن جو هو ۱۹۹۲ع تائين ايڊيٽر رهيو . هي اهي ڊائجسٽ هئا جيڪي جڏهن نڪرندا هئا ته پڙهندڙن کي ايڏو ته انتظار هوندو هو جو هو ان اوسيئڙي ۾ هاڪر کان وڃي پڇندا هئا ته ڇا سنڌ رنگ ڊائجسٽ اڃا ناهي پهتو؟ سچ ته هاڻي اردو ۾ کوڙ اهڙا ڊائجسٽ ڏسون ٿا پر سنڌي ۾ اهي ڊائجسٽ ۽ ٻولي جي خدمت جيڪڏهن ڪنهن ڪئي ته اهو جعفر ميمڻ ئي هو. جعفر صاحب سان منهنجي ڪا به ويجهڙائپ نه رهي پر آئون هن همياليا جهڙي قد رکندڙ شخص جي ليکڻين جو مداح رهيو آهيان. جڏهن ان نوجوانن جو گيت جيڪو سڄو انقلاب تي لکيل آهي ترجمو ڪيو ته سندس چواڻي ته ڪيترائي مهينا هو گهر ۾ بند رهيو ۽ ڪتاب جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ جعفر خوشي محسوس ڪئي ته هن پنهنجو هڪ قرض سنڌ جي نوجوانن جو لاٿو آهي.جعفر ميمڻ روزاني خادم وطن ۽ تعمير سنڌ جو نيوز ايڊيٽر به رهيو ۽ ۲۰۰۴ع کان وٺي روزاني سنڌ جو ايڊيٽر طور ذميواريون نڀايون. هن سنڌ رنگ ڊائجسٽ ۾ ايڊيٽر طور جيڪي نمبر ڪڍيا سچ ته انهن وقت جي وڏيرن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون هيون ته حويلي نمبر، پوليس نمبر، ڌاڙيل نمبر، عورت نمبر جون ڪاپيون هاڪر وٽ ايندي ئي وڪرو ٿي وينديون هيون جو پڙهندڙ ٻيهر فرمائش ڪري ڪاپيون گهرائيندا هئا. هن نوجوان وڏيرن، پيرن، ميرن سان ٽڪر کاڌو هو، جعفر جي دور ۾ تعمير سنڌ اخبار به پنهنجي عروج تي هوندي هئي ته حويلي نمبر، پوليس نمبر، ڌاڙيل نمبر، عورت نمبر ڪيترائي ڀيرا ڇاپيا ويا ان وقت ۾ ڇا سنڌ جي وڏيرن، پيرن، ملن، جاگيردارن هن نوجوان کي ڌمڪيون نه ڏنيون هونديون کوڙ ڀيرا ڌمڪيون ڏنيون ويون سندس گهر تي حملا ڪيا ويا پر اڪثر هو ائين ئي چوندو رهيو ته اي نه مارن ريت جو سيڻ مٽائن سون تي. جعفر ميمڻ مير مرتضيٰ جو جڏهن نمبر ڪڍيو هو ، هڪڙو هو مرتضيٰ ، ڇا ته ان جي ايڊيٽنگ ڪيائين ، ان ۾ مير مرتضيٰ کان ورتل انٽرويو جڏهن ڇپيو هو ته اهي ڪاپيون نه فقط سنڌ پر ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ رهندڙ سنڌين گهرائي ورتيون ۽ جعفر ميمڻ کي داد ڏنو. سندس اوچتي وڇوڙي سڀني جو جيءُ جهوري وڌو اسين جعفرميمڻ جي وارثن سان گڏ سنڌ جيجل سان جعفر جي وڇوڙي تي ڏک جو اظهار ڪيون ٿا، جنهن محبتي مٽي سان هن جو لڳاءَ هو، هن سنڌ جي ڌرتي لاءِ قلمي پورهيو ڪيو هو ادب، صحافت ۾ ڪيل خدمتون هميشه ئي ياد رهنديون.
رشيد احمد رشيد لاشاري راحت ملي ٿي درد ۾ نصير مرزا ڪيڏانهن ويو نظرياتي ادب ۽ ترقي پسندي؟ هونئن ”ادب براءِ ادب“ ۽ ”ادب براءِ زندگي“ واري اها ويڙهاند ۽ ”ڏي سوال، وٺ جواب“ واري ڪهاڻي ايتري ڪا پراڻي ڪانهي. ڪو وقت هو، جيڪي اديب اسٽيبلشمينٽ جا ساٿي بنبا هئا ته اهي سڏبا هئا ساڄي ڌُر ۽ جيڪي حڪومت جا مخالف، اهي کاٻي ڌر....اتفاق سان جيڪڏهن کاٻي ڌر واري ڪنهن قلمڪار جو جهُڪاءَ وقت جي حاڪم ڏانهن ته اهو وري علي الاعلان ٻولڙيو، غدار يا وڪاڻل سڏبو. هي اجهو تقريبن ڏهن ويهن سالن کان واءُ ئي الائي ڪهڙو وريو آهي، هي نوانوي سيڪڙو ترقي پسند، روشن خيال، ماڊرنسٽ ۽ ويندي ڪميونسٽ سنڌي اديب به قطار در قطار ساڄي ڌر وانگر حڪومت جو حصو ۽ اقتدار ڌڻين جا ساٿي، هر اداري ۾ ساڻن سنمک... ڪنهن وقت ۾ ترقي پسند ۽ مزاحمت پسندن وٽ سنڌ جو آواز هو شيخ اياز، ۽ شيخ اياز جي دفاع واري مورچي تي هڪ طرف رشيد ڀٽي جو طاقتور قلم ته ٻئي طرف کان ”انڌا اونڌا ويڄ“ جو مصنف جناب رسول بخش پليجو بطور وڪيل. انهن ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ جيڪا نومئنز لينڊ اتي موجود عالم ۽ فاضل هستي جناب مولانا غلام محمد گرامي- حيرت هيءَ ته گرامي صاحب ٻنهي ڌرين ۾ يڪسان مقبول ۽ قابل قبول! هيءُ جيڪو باباءِ سنڌي ادب مرزا قليچ بيگ، اهو وري ائين سمجهو ته ساڄي کاٻي، ٻنهي ڌرين وٽ اگهاڻل روشن خيال- جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جو باني نادر بيگ ۽ روايت پسند ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل پاڻ ۾ اهڙا ته گهاٽا ۽ گهرا دوست هُئا، جو روز صدر حيدرآباد واري ”مهربان ايراني“ هوٽل ۾ چانهن به پيئندا هُئا ته شطرنج راند به ويٺا کيڏندا هُئا. ٻئي پاسي مون ته پنهنجي اکين سان ڏٺو ته مارڪسسٽ دانشور جويو صاحب، انهيءَ قليچ ڪتب خاني ۾ قليچ صاحب جي فرزندن مان اسد بيگ ۽ اجمل بيگ سان علمي ادبي ڪچهريون ڪندو نظر ايندو هو. ادب ۾ منهنجي ڪا به وڏي حيثيت ڪونهي، پر وري به چوڻ جي جسارت پيو ڪريان ته ۱۹۷۰ع کان سنڌي ادب پڙهڻ جي چُوس ۾ هڪ ئي رات اندر نثر جا مون ٻه اهم ڪتاب پڙهي پورا ڪيا. کاٻي ڌُر جي عظيم شاعر شيخ اياز جي خطن جو مجموعو ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ ۽ ساڄي ڌر جي ليکڪ ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل جي ڪهاڻين جو مجموعو ”عبرت ڪده“...ياالله هي ٻئي ڪتاب ڇا ته شاندار، شاهڪار ۽ ايترا وزندار جو اهي ساهميءَ جي ڌار ڌار پلڙن (پُڙن) ۾ وجهي توربا ته ڪاڻ ئي ٽٽي پوندي. تڏهن ان ئي رات جي صبح جو مون فيصلو ڪيو ته ادب ۾ ڇا جي کاٻي ڌر ۽ ڇا جي ساڄي ڌر، بس جنهن جنهن به قلمڪار جو لکيل ادب اُتساهي، روشني ڏي ۽ وڻي آئون ته ان جي ئي آڌار...پر ان زماني ۾ آئون ته اردو سنڌي فلمون به دل کولي ڏسڻ لڳو هوس. عمر مارئي، پرديسي، سسئي پنهون، چانڊوڪي، محبوب مٺا، شهرو فيروز، پنوعاقل ۽ اهڙين سڀني فلمن ۾ هي ڇا ته نج نبار سنڌيءَ ۾ ڊائلاگ ۽ سُريلا رسيلا گيت ”منهنجا مارو ڪٿي ۽ ملير ڪٿي“، ”سج اڀريو سکن جو“، ”جيڪا ڪڻڪ رنگي منهنجي دل کي وڻي“، ”راحت ملي ٿي درد ۾“، ”منهنجا سائين سنڌي ٽوپيءَ وارا“، ۽ ”سهڻي سنڌڙيءَ تان صدقي“ وغيره. تڏهن پُڇا ڪيم ته نيئن طرز جي اهڙن انوکن گيتن جو هي شاعر الائي ڪير!؟ خبر پئي ته ساڄي ڌُر جو قلمڪار ليکجندڙ ، ۽ کاٻي ڌر جي کنا کيڙ ڪندڙ انهي شاعر جو نالو آهي رشيد احمد لاشاري...اهو ئي انهن فلمن جو ڊائلاگ رائيٽر پڻ. تڏهن ان ڏينهن دل ئي دل ۾ مون هُن کي لقب ڏنو هو سنڌي فلمن جو شڪيل بدايوني شاعر رشيد احمد لاشاري. خير اها مٿين ڳالهه ته ٿي لاشاري صاحب جي فلمي ڪئيرير تي، پر سنڌي علم، ادب ۽ نثر شعر ۾ هُن جي حيثيت ڇا؟ ۽ هو پاڻ ڪٿان جو!؟ خبر پئي ته جيڪب آباد جي مٽي، انهيءَ ڪري مزاجن گرم گرم، سندن ماءُ ٻولي سهڻي مٺي سرائيڪي- اردو سنڌي، پنجابي، فارسي ۽ بلوچي ٻولين تي خوب خوب کيس دسترس...بقول ڊاڪٽر اياز قادري صاحب جي ته هو انتهائي بااخلاق، من کي وڻندڙ ۽ سيمابي سڀاءُ....پرائمري سيڪنڊري ٽيچر ۽ عبدالله هارون ڪاليج ۾ ليڪچرار پڻ ٿيو. پر پير ۾ ڪا ڦرموٽي هئس، ان ڪري ڪٿي به ٽڪاءُ نه ڪندڙ هو. افسوس جو دم جو دائمي مريض هو ۽ مشين گن رفتار سان لکڻ وقت هڪ هٿ ۾ قلم ته ٻئي هٿ ۾ انهيلر هوندو هئس. جنهن سان هو پنهنجي سهڪ جو علاج ڪندو رهندو هو. بقول تنوير عباسي صاحب جي ته علاج جي پئسن لاءِ لاچار رهندو هو. انڪري ساڄي ڌُر وارا هن جي لکڻ واري ٽئلنٽ کي ”مِس يوز“ ڪندي هن کان ترقي پسندن ۽ شيخ اياز بابت تواتر سان طنزيه ۽ تنقيدي مضمون لکرائيندا رهندا هُئا. ان دوران سخت علالت ۾ هُو ٽنڊي ولي محمد مان نڪرندڙ هڪ اخبار ۾ فري لانسنگ به ڪندو رهيو. لاشاري صاحب جي اهڙن ڏينهن کي ياد ڪندي پنهنجي دور جي ياد حافظ نفيس احمد شيخ ناشاد ٻڌايم ته ٽه ماهي مهراڻ جي ايڊيٽر مولانا گرامي صاحب سان ڀائپي هوندي هُئس، وٽس گهر پيو ايندو ويندو هو. سخت تنگ دست رهندو هو، ان ڪري گرامي صاحب حال ساروُ سندس مددڙي به پيو ڪندو هو. پوئين دور ۾ واڍن جي پڙ حيدرآباد ۾ رهائش هئس، جتي سنڌي فلمن جو ٻيو ليکڪ هدايتڪار اسماعيل بن واصف اڳي ئي خير شاهه جي پڙ ۾ رهندو هو ۽ هي ٻيئي گڏجي پيا گهمندا پسار ڪندا هُئا. اتي رمون ڪوريءَ جي منڍي پاون ۽ چاپن واري هٽ تي ساڻس دعا سلام پئي ٿيندي هُئي. سنڌي ادبي بورڊ ۾ جنهن وقت کاٻي ڌر جو سرواڻ محمد ابراهيم جويو صاحب سيڪريٽري هو ته لاشاري صاحب اتي ”سنڌيڪار“ يعني ٽرانسليشن بيورو ۾ ننڍڙو ملازم هو. باوجود ديوان گدا شاهه مرتب ڪري ڏيڻ ۽ دنيا جي شاهڪار ڊرامن ”شڪنتلا“ ۽ ”نل دمينتي“ ترجمو ڪري ڏيڻ جي انهيءَ نوڪري مان کيس ڪڍيو ويو ته هن ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي ڪتابن لاءِ ٻارن بابت شاندار سبق ۽ نظم لکڻ شروع ڪيا: ”اچو ڙي ڀينر راند رچايون، ننڍڙي گڏڙيءَ کي پرڻايون“ ۽ ”وهه واهه پيارو پوپٽ“ وغيره. تنگ دستيءَ ۾ هو جڏهن بيماري جي بستري تي اچي ويو ۽ ساڄي ڌر وارن جي ڪم جو نه رهيو ته بقول شمشيرالحيدري هن جا سڀ سڄڻ لاپتا ٿي ويا ۽ هو اسپتال جي بستري تي بيگانن وانگر اڪيلو نظر ايندو هو. پڪ سان سوچيندو به هوندو ته ”جنين ڪاڻ مياس، سي ڪانڌي ڪو نه ٿيا.“ علالت ۽ ضرورت جي اهڙن شديد ڏينهن ۾ هُن ڊائري ۾ لکيو، ”جويي صاحب اوچتو مونکي نوڪري مان ڪڍي ڇڏيو، جويائي حاسدن منهنجي مقابلي ۾ ڪيترائي ادبي بُت کڙا ڪيا، پر ڪو به منهنجي ڏات جي ڏيئي کي وسائي نه سگهيو. سنڌ يونيورسٽيءَ جو هڪ نامي گرامي رجسٽرار جيڪو پاڻ کي وائيس چانسلر کان گهٽ نه سمجهندو ۽ جنهن جي نالي ۾ شعر ۽ مضمون آئون لکندو هوس، علالت ۾ ان شخص به اکيون مون کان ڦيري ڇڏيون.“ اڳتي هلي لاشاري صاحب اهڙيءَ حالت ۾ ايسٽرن فلم اسٽوڊيو ڪراچيءَ جي مالڪ سعيد هارون کي هڪ خط ۾ دانهن ڏيندي لکيو ”سائين هدايتڪار شيخ حسن فلم ”نوري ڄام تماچي“ جي گيتن ۽ ڪهاڻين جي معاوضي ڏيڻ ۾ گوٿناٿ پيو ڪري، بلڪه معاوضي گهرڻ تي هن مون کي يونٽ کان به ڌار ڪري ڇڏيو آهي. اجورو به غضب ڪيو ويٺو آهي. منهنجي ڪا واهر ڪريو.“ اجهو اهڙن ٻن ٽن خطن مان هڪ خط ۾ وفات کان اڳ پنهنجي حسب حال هُن کي شعر به لکيو آهي: رشيد آهه هاڻي، ٻڏل پنهنجو ٻيڙو لُڙهي ويا ڪُنن ۾ ڪنارا اسان جا جڏهن مهر وارن کڻي منهن مٽايو ويا ختم ٿي سڀ، سهارا اسان جا رشيد احمد لاشاري ۱۹۲۲ع – ۱۹۷۰ع ميمڻ عبدالغفور سنڌي سنڌ زبان جا ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا شاعر آهن، جن کي ”علم عروض“ جي قواعد و ضوابط توڙي ”ڪلاسيڪل شاعريءَ“ جي فن تي مڪمل دسترس حاصل آهي. اهڙن پختن شاعرن ۾، رشيد احمد ولد مير زرڪ خان جو به شمار ٿئي ٿو. سندس ولادت ڳوٺ ”ملغذار“ تحصيل نصيرآباد، ضلعي سبي (بلوچستان) ۾ ۱۹ شعبان ۱۳۴۱هه مطابق ۸ اپريل ۱۹۲۲ع تي ٿي آهي. مير زرڪ خان ولد مير ڌڻي بخش خان جي ولادت جيڪب آباد ۾ ٿي. پاڻ پي جيان فورٽ سنڊيمن ۾ ”ليويز پوليس“ جو دفعدا (صوبيدار) هو. سال ۱۸۰۰ع ۾ رٽاير ڪري، بلوچستان واري زمين وڪڻي ، ديهه بجاراڻي، تعلقي ڪنڌڪوٽ ۾ گذر سفر لاءِ زمين خريد ڪري، منجهس ڪچو قلعو جوڙائي رهڻ لڳو. سال ۱۹۲۵ع ڌاري تنگدستيءَ سببان زمين گروي رکي واپس ويو. آخر ۱۹۳۱ع ۾ ڪنڌ ڪوٽ آيو، جتي ۱۹۳۲ع ۾ وفات ڪيائين. سنڌي، اردو، سرائيڪي، بلوچي ۽ پنجابي زبانن جو بهترين شاعر هو. پهريائين پنهنجي پٽ جو نالو، پيءُ جي نسبت سان ”ڌڻي بخش“ رکيائين، پر پوءِ پنهنجي هڪ وفادار دوست جي ياد ۾ ”رشيد احمد“ سڏڻ لڳو.
محمد حسين قادري گرڌاري، ويساهه گهاتِي ڪري وئين ياسرقاضي ”قاضِي صاحبَ! مان اسٽُوڊيو نمبر ٽُو ۾ توهان جو انتظار ٿو ڪيان... اوهان واندا ٿي مُون کي اُتئُون سَڏي وٺجو ته پوءِ چانهه گڏُ ٿا پيئيُون...“ مُنهنجي ڪنن ۾ اڄُ به سندس اهي جُملا، اُن جي ادا ڪيل اُن ئي مخصُوص پنهنجائپَ واري انداز ۾ گُونجن ٿا، جيئن هُو چوندو هو... ۽ ريڊئي حيدرآباد جي ڪاريڊور جي مخصُوص ”رِوَرب“ Reverb ۾ سندس آواز جيئن گُونجندو هو، اُهو رسُ سڄي عُمر مُنهنجيُن سماعتُن ۾ رهندو... زمانو هو ۱۹۹۶ع جو... اڄ کان ۲۲ سال کن اڳُ... جڏهن مان نئون نئون ريڊئي حيدرآباد تي وڃڻ لڳُس. ريڊئي جي جادُو نگريءَ ۾ آئي مُون کي تڏهن سالُ ئي مسَ ٿيو هو ۽ مُون کي محترمه بينظير ڀُٽو پاران لاڙڪاڻي ۾ قائم ڪيل نئين ريڊيو اسٽيشن تي ۱۶ سالن جي عُمر ۾ ڳڀرُو ڪمپئر طور ”ايپرُوو“ ڪرڻ کان ڪجهه مهينا پوءِ ئي، خواجه امداد علي (جيڪو ريڊئي لاڙڪاڻي جو پهريون اسٽيشن ڊائريڪٽر هو ۽ جنهن مُون کي لاڙڪاڻي ۾ ”ايپرُوو، ڪيو هو)، ”ڪنٽرولر“ طور ترقي ماڻي حيدرآباد ريڊئي جو سربراهه بَڻيو هو ۽ ۱۹۹۶ع ۾ جڏهن مان يُونيورسٽيءَ ۾ داخل ٿيس ته حيدرآباد (خاص طور ريڊئي حيدرآباد) تي اچڻ جو ڄڻ ته ڀرپُور بهانو ملي ويو. ريڊيو ڪراچي ۽ حيدرآباد اُهي اسٽيشنُون هيُون، جِن جي اندر داخل ٿيڻ به اُن دؤرَ جي مُون جهڙن ”نشرياتي رنگرُوٽن“ لاءِ ڪنهن اعليٰ اعزاز کان گهٽ ڪونه هو. اهڙيءَ صُورتحال ۾ جڏهن حيدرآباد، خواجه صاحب سان ملڻ وڃ! بنا ”سرڪاري اين او سِيءَ“ جِي فارملٽِيءَ جَي، پروگرام ڪرڻ جِي آڇ ٿئي... ته اهڙو موقعو ڪير ٿو وڃائي سگهي! اُن دؤر ۾ هُو ريڊئي حيدرآباد تان نشر ٿيندڙ زرعي پروگرام جو انچارج هو ۽ سندس ڪمرو اسٽيشن ڊائريڪٽر جي ڪمري جي سامهُون هو. اُن وقت ريڊئي حيدرآباد تي مُون کي سُڃاڻڻ وارا ڪُل چار ڄڻا هُئا... خواجه صاحب... نصير صاحب (نصير مرزا)... الاهي بخش ٻانڀڻ صاحب... ۽ هي... نصير مرزا صاحب، جيڪو بابا جو دوست هُئڻ ڪري، ڄڻ ته مُنهنجي ڄائي ڄمَ کان سُڃاڻُو هو، اُهو پهرين منزل تي ساڄي هٿ تي آخري ڪمرو الاهي بخش صاحب سان شيئر ڪندو هو ۽ وَٽس بار بار وڃڻ جي ڪري ٻانڀڻ صاحب جي شفقت جو پاڇو به نصيب ٿيو. آءٌ جنهن چوٿين شخصَ جو ذڪر ڪريان پيو، اُهو ڪو ٻيو نه، پر ناميارو اداڪار، صداڪار، مُحمّد حسين قادري آهي... جيڪو اسان کان ڪجهه ڏينهن اڳ ئي، ۶ مئي تي وڇڙيو... رمضان جي آمد واريءَ شام جو... ماڻهُو نه هو... ڀٽائيءَ جي بيت ”ڪنهن ڪنهن ماڻهُوءَ منجهه، اچي بُوءِ بهار جِي...“ جِي سراسر تفسيرَ هو... لاڙڪاڻي ڄائو... ملنسار... کِلمُک... مُون پنهنجي زندگيءَ ۾ کيس ڪڏهن به نه ڪنهن جي گلا ڪندي ڏٺو ۽ ٻُڌو ۽ نه ئي وري ڪڏهن پريشان ڏٺو مانس... سدائين زندهه دليءَ سان ملندڙ... بظاهر مُعمّر نظر ايندَي به نؤجوانن کان وڌيڪَ نؤجوان... اسان جي دُعا سلام جو آغاز به ان کان سال کن اڳ ئي... يعني ۱۹۹۵ع ڌاري ٿيو هو. لاڙڪاڻي ۾ نئين ريڊيو اسٽيشن ٺهڻ جي ڪري جڏهن به پنهنجي جنم ڀوميءَ (لاڙڪاڻي) ايندو هو ته پاڻ لڙي ايندو هو. اُتي ابتدائِي تعارف ۽ مختصر ڪچهريُون ٿيُون... رتيديري ۾ اسان جي پاڙي ۾ سندس مائٽن جو گهر هو، جتي شادي مُراديءَ تي ايندو هو ته مُون کي اطلاع ڪندو هو ۽ پوءِ اهو معمُول بڻجي ويو ته هُو جڏهن به رتيديري اچي ته مُون وٽ ضرُور اچي... ٻه پل مُون سان ۽ بابا سان ڪچهري ڪري... نئون سنئون ٿي چانهه چُڪو پي وڃي. پهريون ڀيرو سياري ۾ مُون وٽ گهر آيو ته اسان گجرن جو حلوو ۽ چانهه جو مزو ورتوسي ۽ اُن کان پوءِ جيترا دفعا سياري ۾ آيو، اُهو گجرن جو حلوو فرمائش ڪري گُهرائيندو ۽ شوقَ سان کائيندو هو. مُون ڳالهه پئي ڪئي... ۱۹۹۶ع جي... ريڊئي حيدرآباد جِي... اِهو اُهو زمانو هو جڏهن حيدرآباد ريڊئي تي اسان سوشيلا مهتاڻي، اُستاد جُمن، مصري خان جمالي، خميسي خان، منظُور علي خان ۽ يُوسف کي ته نه ڏسي سگهياسي، پر وحيد علي، فيروز گُل، جيجي زرينه، سرمد اڃا به ڏٺاسي... اچبو... ته اچڻ ساڻ خواجه صاحب وٽ وڃبو. خواجه صاحب، تڏهوڪي پروگرام مينيجر مُحمّد نقي صاحب مرحُوم سان گهڻو مصرُوف هُجي ته چُپ چاپ سندس ڪمري مان اُٿي وڃي، سامهون قادري صاحب جي ڪمري، جنهن جي ٻاهران ”انچارج، زرعي پروگرام“ جي تختي لڳل هُوندي هُئي، جو پردو هٽائي جهاتي پائبي... اڪثر قادري صاحب پنهنجي سِيٽ تي ويٺل ملندو ۽ اوچتو ڏسي، انوکي انداز ۾ گرمجوشيءَ مان رڙ ڪندو... ”قاضِي صاحب... دي گريٽ...!!!“ مخصُوص انداز ۾ دروازي تائين ايندو ۽ اچي ملندو هو... ۽ پوءِ ”ويٺي جنين وٽ ڏُکندو ڏُور ٿئي...“ جي سراپا تصويرَ بڻجي ويندو هو. ٻن ٽن منٽن کان پوءِ سندس بنا بريڪ گُفتگُوءَ جي وچئُون ”پاز“ (وِٿي) ڳولَي، جي کيس چئبو هو ته ”خواجه صاحب وٽان چورِيءَ کسڪي آيو آهيان...“ ته چوندو هو: ”اڇا! پوءِ توهان وڃو... مان ۳ لڳي تائين هتي آفيس ۾ هُوندُس... پوءِ اوهان کي ۲ نمبر اسٽُوڊيو ۾ ملندُس. اوهان واندا ٿي اچو، ته پوءِ ٻاهر هلي چانهه پيئنداسُون.“ اهو سلسلو اڪيچار مُلاقاتُن تي مُحيط رهيو ۽ تڏهن وڌي ويو، جڏهن ۲۰۰۲ع ۾ ”ڪي ٽي اين“ جو آغاز ٿيو ۽ قادري صاحب به ڪي ٽي اين ابتدائي ڊرامن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيا. پاڪستان ٽيليويزن جي اهم ۽ انوکي اداڪار جي حيثيت سان ته سندس سُڃاڻَ جهرَ جهنگ ۾ تڏهن به مشهُور هُئي.آءِ آءِ چُندريگر روڊ تي، ”خيرآباد ڪيفي“ جي ڀر ۾ بمبئي هوٽل بلڊنگ (جيڪا هاڻي ڊَهي چُڪي آهي) جي اڍائي ڪمرن واري ”ڪي ٽِي اين“ جي ابتدائي آفيس جي سوڙهي ڪوريڊور ۾ (جنهن ۾هڪڙي ڀت سان ٽيڪ ڏئي هڪڙو ماڻهُو بيهي ۽ ٻئي ڀت سان ٽيڪ ڏئي ٻيو ماڻهُو... تڏهن به وچان ٽئين ماڻهُوءَ جو گذرڻ مُشڪل ٿي پوندو هو...) اُن ڪاريڊور ۾ قادري صاحب سان ڏنل مختصر ٽهڪن کان وٺي شُوٽنگ جي لوڪيشنز تي ڪيل طويل ترين ڪچهريُون، بحثَ ۽ وڏا وڏا ٽهڪ اڻ وسرندڙ آهن. مان انهن ڏينهن ۾ ”محفل“ پروگرام جي ميزباني ڪندو هُئس، جنهن جي شُوٽنگ انهن ئي لوڪيشنز تي ٿيندي هُئي، جن تي ”ڪي ٽي اين“ جي ڊرامن جي شُوٽنگ هلندڙ هُوندي هُئي، تنهنڪري مُنهنجن اڪثر پروگرامن ۾ حاضرين طور انهن ڊرامن جي ڪاسٽ به ويٺل هُوندي هُئي. مُون کي ياد آهي ته قادري صاحب به مُنهنجي ”محفل“ جي ڪيترن ئي پروگرامن ۾ سڄي سڄِي رات ”آڊيَنس“ ۾ ويٺل هُوندو هو. اُنهن ڏينهن ۾ انور سولنگي صاحب پنهنجو ئي لکيل هڪ ”سولو پلي“ ڪي ٽي اين لاءِ ڊائريڪٽ ڪيو هو، جنهن ۾ ٻن مُک دوستن جا مرڪزي ڪردارَ، پاڻ انور سولنگي صاحبَ ۽ حُسين قادري صاحب نڀايا، جيڪي ٻن هندُو دوستن جا ڪردار هُئا... مُون کي ڊرامي جو نالو ته ياد ڪونه ٿو اچي، پر اُن ۾ انور سولنگي صاحب جي ڪريڪٽر جو نالو ”گرڌارِي“ هو. ڊرامي ۾ هڪ جاءِ تي قادري صاحب جو ڊائلاگ هو: ”گرڌاري! ويساهه گهاتِي ڪري وئين...“ اُهو ڊائلاگ، قادري صاحب ايڏو بهترين طريقي سان، پرفارمنس جي اعليٰ انداز ۾، ٿڌو ساهُه ڀري چيو، جو اُن ڏينهن کان پوءِ جڏهن به مان قادري صاحب سان مليُس ته کيس ڀاڪُر پائي، سندس اُهو ڊائلاگ، سندس ئي انداز ۾ چوندو هُئس ته ”گرڌارِي! ويساهه گهاتي ڪري وئين...!“ هُو بظاهر هڪ سڌو، سادو، علم، ادب، فلسفي کان نابلد ماڻهُو لڳندو هو، پر جڏهن تصوّف کان وٺي انساني وجُود جي اسرارن بابت ڳالهائڻ شرُوع ڪندو هو، ته حيران ڪري ڇڏيندو هو. اصل ۾ هُو جيترو ڳُوڙهو هو، اُن جي لَکا عامَ کي ڪونه ڏيندو هو. هُو هر قسم جي نمائش کان بي نياز، غرُور، تڪبُّر ۽ ڪاوڙ کان آجو الله لوڪ هو، جيڪو جڏهن ملندو هو ته ٻِٽا ڀاڪُرَ پائي بيحد خوشيءَ جو اظهار ڪندو هو ۽ اهو چئي شرمندو ڪندو هو ته ”مان توهان جو مدّاح آهيان...” اهو اصل ۾ هُن جو همّت افزائيءَ جو انداز هو، جنهن يقيناً سندس ڪيترن جُونيئرس کي اڳتي وَڌڻ جو موقعو فراهم ڪيو ۽ ٽي. وي. ڊرامن جي سيٽ تي به هن جا جُونيئر ترين اداڪار هُن سان ڪم ڪرڻ ۾ “ڪمفرٽ ايبل“ رهيا. هُو نه فقط ريڊيي جو ڀلو انائُونسر، ٽي ويءَ جو پنهنجي انداز ۽ اسلُوب جو اڪيلو اداڪار هو، بلڪه اسٽيج جو به هڪ برجستو آرٽسٽ هو.۱۹۹۶ع ۾ ريڊيي حيدرآباد جي ۴۲هين سالگرهه جي تقريب ۾ مزرا قليچ بيگ جي ڊرامي ”انڪوائري آفيسر“ کان وٺِي، فيبروري ۲۰۱۸ع ۾ ڪراچيءَ ۾ مُنعقد ڪيل ”سنڌ ٿيئٽر فيسٽيول“ ۾ پيش ڪيل مُحمّد عُثمان ڏيپلائيءَ جي ڊرامي ”سجائِي مُوڙِيءَ“ تائين هُن ڪيترن ئي ڪامياب ٿيئٽرس ۾ نمايان ڪردارَ ادا ڪيا ۽ حاضرين جُون دليُون مَنڊيُون. قادري صاحب ”ڀٽائي آرٽ ڪائُونسل“ جي بينر هيٺ آخري ڪجهه سالن ۾ انتهائي يادگار ٿيئٽرس ۾ انتهائي ڏُکيا ڪردار عُمدگيءَ سان نڀايا. پي ٽي ويءَ کان ڪي ٽي اين ۽ ٻين خانگي چينلن تائين جن جن ڊرامن ۾ هُن پنهنجي اداڪاريءَ جو ڪمال ڪم ڪيو، اُنهن جي هڪ ڊگِهي لسٽ آهي. ڳائبا ڳيچَ ناهن... ڳائبا ڳُڻَ آهن... جيڪي پاڻ قادري صاحب جا ڳايُون پيا... پر اهو ڳُڻن ڳائڻ جو سلسلو وقتي ناهي. مان سمجهان ٿو ته هڪ فنڪار جي طبعي پُڄاڻيءَ کان پوءِ ئي صحيح معنيٰ ۾ اُن جي مڃتا جو دؤر شرُوع ٿئي ٿو ۽ اُن جي زندگيءَ جي ڪُل پورهئي جي نُقطهء اختتام پُڄاڻان ئي اُن جي انداز، مڪتبِ فڪر ۽ اسٽائيل جي حوالي سان مُطالعو به ٿئي ٿو، تبصرو به... ته اُن مان واٽُون به ڳولجن ٿيُون... ۽ مُون کي پڪ آهي ته قادري صاحب جي ڪم جي مڃتا جو آغاز هاڻي ٿيندو. حُسين قادرِي صاحب جي طبعي وڇوڙي جو ڏُک، اظهار کان اؤکو آهي. سندس زندگيءَ سان ڀرپُور ٽهڪن جي سِڪَ، سريرَ ۾ هاڻي هميشه رهڻي آهي. فطرت جي اصُول تحت سندس وڇوڙي کي قبُول ڪرڻ کان سواءِ ٻي ڪا واهه ناهي، نه ته دل چوي ٿي ته جي هُو هڪ لحذي لاءِ به سامهُون اچي وڃي ته کيس آليُن اکين سان اهو ئي جُملو چوندُس، جيڪو ڪڏهن ٽهڪ ڏئي ڀاڪر پائي کيس چوندو هُئس ته: ”گرڌاري! ويساهه گهاتِي ڪري وئين...“ (روزاني ”ڪاوش“ حيدرآباد جي ايڊيٽوريل صفحي تي، اربع، ۸ مئي ۲۰۱۹ع تي شايع ٿيل، نامياري اداڪار ۽ ريڊيو انائُونسر، مُحمّد حُسين قادريءَ جي ياد ۾ لکيل ڪالم ”گرڌاري، ويساهه گهاتِي ڪري وئين.)
حيدر علي لغاري شاهه لطيف جو پارکو الطاف ميمڻ برک عالم، استاد، اديب، نقاد ۽ شاهه لطيف جو پارکو سائين حيدر علي لغاري ۱۱ آگسٽ ۱۹۳۴ع ۾ تاجپور جي نواب گهراڻي ۾ نواب قمبر علي لغاري جي گهر ۾ پيدا ٿيو. سندس خاندان مان نواب ولي محمد لغاري ٽالپر دؤرِ حڪومت ۾ سنڌ جو وزيراعظم هو. حيدر علي لغاري پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول تاجپور مان حاصل ڪئي، جتي سندس استاد غلام نبي لغاري راڳ جو وڏو ڄاڻو ۽ هار مونيم جو ماهر هو. ميٽرڪ ۱۹۵۲ع نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد مان ڪيائين، جتي سندس استاد عبدالرحيم ڏيٿو، غلام محمد شاهواڻي ۽ غلام حسين بالادي هئا. بي اي ۱۹۵۶ع ۽ ايم اي (مسلم هسٽري) ۱۹۶۰ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج ڪاري موري حيدرآباد مان ڪيائين، جتي ڪاليج جو پرنسپل ڊاڪٽر ايڊرين دوارتي هو. بي ٽي (بي- ايڊ) ۱۹۶۱ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ڪيائين، جتي پنهنجي استاد سيد اڪرام علي کان تمام گهڻو متاثر ٿيا. پاڻ ”بي ٽي جي دؤر“ کي پنهنجو ”نئون جنم“ تصور ڪندا هئا. ڪاليج جي ئي زماني ۾ ۱۹۵۲ع کان علامه آءِ آءِ قاضي جا ليڪچر ٻڌڻ شروع ڪيائين، جنهن سندس ذهني تربيت ۾ تمام وڏو ڪردار ادا ڪيو. سندس فڪر جي گهرائي، قول ۽ فعل جي سچائي تي قاضي صاحب جا چٽا عڪس نظر اچن ٿا. سائين حيدر علي لغاري مولانا غلام محمد گرامي جي شخصيت ۽ علم کان به گهڻو متاثر هئا ۽ پاڻ کي ان جو ”حبدار شاگرد“ لکيو اٿن. سندن گرامي صاحب سان ڪچهرين ۽ خط و ڪتابت جو سلسلو تمام ڊگهو آهي. سائين حيدر علي لغاري پنهنجي خانداني نوابيءَ کي ڇڏي استاد ٿيڻ پسند ڪيو ۽ ۴۰ سال سنڌ جي مختلف تعليمي ادارن ۾ استاد جي حيثيت ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون. هو ۲۰ آگسٽ ۱۹۵۶ع ۾ اسسٽنٽ ماسٽر طور تعليم کاتي ۾ ڀرتي ٿيو. ۱۹۵۶ع کان ۱۹۷۲ع تائين گورنمينٽ ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ رهيو. ان دوران ۱۹۶۱ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪنڌرا (ضلعو سکر) ۽ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٻنو (ضلعو ٺٽو) ۾ هيڊ ماسٽر ٿي رهيو. آڪٽوبر ۱۹۷۳ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٽنڊوڄام ۾ هيڊ ماسٽر ٿي رهيو. ڪجهه مخالفن جي زور تي مارچ ۱۹۷۵ع ۾ جڏهن سندس بدلي ٽنڊوڄام کان نصرپور ڪئي وئي ته اسڪول جي شاگردن پنهنجي هر دلعزيز محبوب استاد جي واپسيءَ لاءِ سخت احتجاج، جلوس ۽ هڙتالون ڪيون، حيدرآباد ۾ مظاهرا ڪيا ويا، ۱۷ ڏينهن جي مسلسل ويڙهاند ۾ معاملو سنڌ اسيمبليءَ تائين پهتو ۽ انتظاميا مجبور ٿي حيدر علي لغاري کي ٻيهر ٽنڊوڄام ۾ مقرر ڪيو. آڪٽوبر ۱۹۸۱ع کان فيبروري ۱۹۹۱ع تائين گورنمينٽ ايليمينٽري ڪاليج آف ايجوڪيشن (مين) حيدرآباد ۾ ليڪچرر طور فرض انجام ڏنائين. آگسٽ ۱۹۹۲ع تائين هائير سيڪنڊري اسڪول سن ۾ پرنسپل ٿي رهيو. بيورو آف ڪريڪيولم ۽ ايڪسٽينشن ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ ٿي رهيو. ان دوران گورنمينٽ ايليمينٽري ڪاليج حيدرآباد جي پرنسپل جي اضافي چارج به سندن حوالي رهي. ۱۰ آگسٽ ۱۹۹۴ع تي ملازمت کان رٽائر ٿيا. سائين حيدر علي لغاري جو شمار سنڌ جي انتهائي ڪميٽيڊ ۽ غير روايتي استادن ۾ ٿئي ٿو. سندس مقناطيسي شخصيت، اخلاق ۽ علم ٽريننگ ڪاليج ۾ ٽريننگ لاءِ ايندڙ استادن تي اهڙو ته اثر ڪندا هئا جو اُهي ٻين استادن جا ڪلاس وٺڻ بدران سندس ئي ڪلاسن ۾ ويٺا هوندا هئا. هو هڪ ڪُل وقتي استاد هو. اسڪول ۽ ڪاليج جي سرڪاري ذميوارين کانپوءِ به سندس گهر سدائين شاگردن جي هجومن سان ڀريو پيو هوندو هو. هو يونان جي سُقراط وانگر روڊن تي، رستن تي، ٿلهن ۽ فوٽ پاٿن تي ويٺو شاگردن سان علم ۽ دانش جا ٻول ٻوليندو هو. پاڻ نئين سنڌ جي نوجوان نسل جي فڪري اوسر ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيائون. ڪيترن ئي شاگردن سان سندس خط و ڪتابت جو سلسلو هوندو هو. عبدالقادر جوڻيجو ڏانهن لکيل سندس هڪ خط سنڌ يونيورسٽي جي بي اي جي سليبس ۾ به رکيل آهي. متڀيد جي فرقن کان آجو ٿي پاڻ ڪيترن ئي غريب شاگردن جون مالي مددون به ڪندا هئا، جن جي خبر سندن وفات کانپوءِ پئي آهي. جاگيردار خاندان جو فرد هوندي به پورهيت دوستن جي ساٿ ۾ رهيو. هارين ۾ جاڳرتا پيدا ڪندڙ کاٻي ڌر جي مشهور ڪردار عزيز سلام بخاري جون تنظيمي ڳجهيون ميٽنگون لغاري صاحب جي گهر تي ٿينديون هيون، ان جي وفات به لغاري صاحب جي گهر تي ۷ فيبروري ۱۹۸۶ع ۾ هڪ ميٽنگ دوران ئي ٿي هئي. ۱۹۷۴ع کان ۱۹۷۸ع جي زماني ۾ سنڌ جي پهرين غير قانوني سائيڪلوسيل ماهوار اخبار ”هلچل“ حيدر علي لغاري جي تعاون سان ڄام ساقي ٽنڊوڄام هاءِ اسڪول جي سائيڪلومشين تان ڇاپيندو هو، جنهن ۾ سندس فرضي نالن سان سندس ڪيترائي مضمون پڻ شايع ٿيا. ڄام ساقي جي روپوشي جي زماني ۾ اڪثر رهائش حيدر علي لغاري جي گهر ۾ ئي هوندي هئي. سائين حيدر علي لغاريءَ جو پهريون مضمون ۱۹۵۸ع ۾ ملا اسڪول مخزن ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ شايع ٿيو. اخبار تعليم ۽ مهراڻ/ رسالن ۾ به ڪيترائي مضمون ڇپيا، سندس ٻه ڪتاب پهريون اندر ملهه املهه ۱۹۹۸ع ۽ ٻيو ڪتاب ڪُڇان ڪڄاڙو ۲۰۰۷ع ۾ شايع ٿيا. تنقيد، تعليم، تصوف، فلسفي ۽ لطيفيات جي حوالي سان سنڌي ادب ۾ نمايان حيثيت رکن ٿا. شاهه لطيف تي لکيل سندس مضمونن کي شهناز شورو اردو ترجمو ڪري ڪتابي صورت ۾ ”سوزو سازِ لطيف“ ۲۰۰۹ع جي نالي سان ڇپرايو آهي. سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري حيدرآباد پاران غير مادري زبان وارن لاءِ پهريون ڪتاب به حيدر علي لغاري پنهنجي دوست محمد نواز نوناري سان گڏ ”سنڌي ڪتاب“ ۱۹۹۵ع لکيو. حيدر علي لغاري سنڌي زبان جي ڪلاسيڪي ادب، صوفي شاعرن جي شاعريءَ ۽ خاص طور تي شاهه لطيف جي احساسن جي نهايت ئي ڳوڙهي انداز ۾ شرح ڪئي. علمِ نفسيات ۽ فلسفي جي جديد عالمي نظرين جي تناظر ۾ سندس ڪيل لطيف جي تنقيدي تشريح کيس علامه آءِ آءِ قاضي ۽ تنوير عباسي جهڙن نقادن جي فهرست ۾ آڻي بيهاريو آهي. اها خاصيت سنڌي ادب جي تنقيد نگاريءَ ۾ نواڻ پيدا ڪرڻ جي پهرين لهر آهي. سندس خاص موضوع انسانيت جا اعليٰ قدر ۽ آدرش هئا. سندس انداز فلسفاڻو، طبيعت صوفياڻي ۽ ڳالهائڻ علمي ظرافت سان ڀرپور هو. هو صبر و تحمل ۽ قوتِ برداشت جو حيرت انگيز پيڪر هو. پنهنجي ڳوٺ تاج پور ۾ ۱۹۵۳ع ۾ ”ينگ بلوچ سوسائٽي“ قائم ڪيائين، جنهن جو مقصد ڳوٺ جي نوجوانن ۾ سجاڳي، تعليم جو واڌارو، سماجي ڪمن تي ڌيان ۽ ڳوٺ جي فلاح ۽ بهبود هو. پاڻ پنهنجي دوست امير علي قادري جي ٺاهيل ”سنڌ فلاسافيڪل سوسائٽي“ جا صدر رهيا. هن سوسائٽي جو مقصد جديد فڪر کي سنڌ ۾ آڻڻ ۽ سجاڳي هو. ان سلسلي ۾ علامه آءِ آءِ قاضي جو ڪتاب ”اوڪو ٻيو فهم“ ڇپرايو ويو ۽ ڪيترائي ليڪچر به ڪرايا ويا. ان کانسواءِ سنڌ ايجوڪيشن ٽرسٽ حيدرآباد ۾ به ڪيترن ئي موضوعن تي سندن ليڪچر ٿيا، جيڪي ٽرسٽ پاران ڇپيل صورت ۾ موجود آهن. پاڻ ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي جي ٺاهيل تنظيمن ”اوسر پيڙهڪا حيدرآباد“ جا جنرل سيڪريٽري ۽ ”سنڌ ٽيچرس ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي“ جا صدر به رهيا. سائين حيدر کي چئن پٽن ۽ ڇهن نياڻين جو اولاد ٿيو، جن مان اسرار لغاري آرٽ جي ميدان ۾ هڪ مشهور نالو آهي. سائين حيدر علي لغاري ۲۵ آگسٽ ۲۰۰۸ع تي ۷۴ سالن جي عمر ۾ اختر ڪاٽيجز حيدرآباد ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي وفات ڪري ويو. سندس قبر نواب ولي محمد لغاري جي مقبري جي ڀر ۾ پٺاڻ ڪالوني حيدرآباد ۾ واقع آهي. سندس ڪجهه شاگردن مانجهند ۾ حيدر علي لغاري لائيبريري به قائم ڪئي آهي. حيدر علي لغاري سڄڻ کٿوري بُوءِ غلام حسين رنگريز منهنجو اُهو اڃا شاگرديءَ وارو دؤر هو ته هڪ ڀيري شهر جي بازار ڏانهن ويندي هڪ ماڻهوءَ کي پينٽ شرٽ ۾ سامهون ايندي ڏٺم، جنهن جي چهري جي اڇي رنگت، ٿورا گهنگهريالا وار ۽ موچارا مهانڊا هُئس ۽ قدآور به هو. سوچيم ته اهو همراهه هن شهر جو ته نٿو لڳي، غالبن ڪو اجنبي ڪنهن ڪم سانگي آيو هوندو. ڪجهه هفتن بعد دوستن سرڪاري پرائمري اسڪول ميرپور بٺورو، جتي هن وقت گرلس پرائمري اسڪول آهي ۾ هڪ تعليمي تقريب ۾ اچڻ جي نينڍ ڏني ته آئون ۽ سندم دوست عبدالحميد شاهين (مرحوم) گڏجي تقريب ۾ وياسين. اسڪول جي ورانڊي ۾ تقريب جو اهتمام ڪيل هو، جنهن ۾ اڪثريت پرائمري استادن جي هُئي. مختلف استادن مقالا پڙهيا ۽ تقريرون ڪيون. آخري ماڻهن مان هڪ کي مقالي پڙهڻ لاءِ سڏيو ويو ۽ هُو جڏهن اسٽيج تي آيو ته ڏٺم اُهو ساڳيو ئي پينٽ شرٽ وارو همراهه هو. اُتي پهريون ڀيرو خبر پئي ته هو ٽريننگ اسڪول جو استاد محترم حيدر علي لغاري هو. ساڻس بٺورو ۾ ڪا خاص قابلِ ذڪر ڪچهري نه ٿي. ان بعد ڪافي سالن پُڄاڻان منهنجي ملاقات حيدرآباد ٽريننگ ڪاليج ۾ سندم مرحوم دوست عبدالفتاح عبد ذريعي ٿي. ڇاڪاڻ ته عبدالفتاح عبد، اُنهن ڏينهن ۾ ڪاليج طرفان ڇپجندڙ ’اخبار تعليم‘ (ماهوار) جو ايڊيٽر هو ۽ محترم حيدر علي اُنهيءَ ڪاليج ۾ استاد هو. جيئن ته منهنجو ڪاليج ۾ اڪثر اچڻ وڃڻ ۽ هاسٽل ۾ رهڻ ٿيندو هو. انهيءَ ڪري سائين حيدر علي کي تمام ويجهڙائيءَ سان ڏسڻ، ٻُڌڻ ۽ پرکڻ جو موقعو نصيب ٿيو ۽ پوءِ اها قربت آخر تائين قائم رهي. سائين حيدر علي لغاري، جيتوڻيڪ تاجپور جي نواب خاندان سان تعلق رکندو هو پر منجهس نوابيءَ وارو ٺاٺ وغيره قطعي موجود نه هو. هو ٻين استادن جي ڀيٽ ۾ تمام نهٺو، سنجيده ۽ گهڻو پڙهيو انسان هو ۽ منجهس انسانيت جا سڀ گُڻ موجود هئا. سائين حيدر عليءَ کان، علم ۽ ادب ۽ فلسفي جي حوالي سان، گهڻو ڪجهه پلئه پيوم. سائين حيدر علي فڪري طرح علامه آءِ آءِ قاضي کان ڪافي متاثر هو ۽ اڪثر قاضي صاحب جي دانش جا حوالا ڏيندو هو. هو فڪري طرح هن دؤر جو هڪ ڏاهو فيلسوف هو جنهن فلسفي جي مختلف نظرين ۽ فڪري وهڪرن مان فيضياب ٿي پنهنجي انفرادي واٽ ٺاهي ورتي هئي. ساڻس ڳالهين ٻولين دوران ڪا به تلخي نه ٿيندي هئي ۽ هو انتهائي ڌيرج سان مدلل نموني پنهنجو نقطئه نظر پيش ڪندو هو. هُن جي فڪري اُڻت ۾ تصوف، سيڪيولرزم، سماجواديت ۽ ڪي قدر وجوديت جا عناصر شامل هئا ۽ پاڻ ترقي پسند هئڻ سان گڏوگڏ سنڌ دوست به هو ته انسانيت پرست به. مون کيس ڪچهرين دوران اسلام ۽ مختلف مغربي ۽ مشرقي فيلسوفن تي توريل تڪيل راءِ ڏيندي ڏٺو ۽ ٻُڌو. سنڌ ۾ ۽ خاص طرح تعليم کاتي ۾ ايڏي وڏي ۽ همه گير اڀياس رکڻ وارا ماڻهو تمام گهٽ نظر ايندا، جيڪي صاحبِ علم به هجن ته صاحبِ ڪردار به. سائين حيدر علي لغاري ڪافي قلمي پورهيو ڪيو ۽ سندس هڪ ڪتاب ”مُلهه املهه“ به ڇپيو ۽ آئون پاڻ کي خوش قسمت ٿو سمجهان ته سندم لائبريري ۾ اُهو ڪتاب موجود آهي، جنهن ۾ مختلف موضوعن تي سندس طبعزاد مضمون ۽ مقالا آهن. سندس مضمون سنڌي ٻوليءَ جي مختلف رسالن جهڙوڪ ”اخبار تعليم“، ”ٽه ماهي مهراڻ“ ۽ ٻين رسالن ۽ اخبارن ۾ وقت بوقت شايع ٿيندا هئا. سندس لکڻ جو به هڪ پنهنجو منفرد اسٽائل هوندو هو، جنهن ۾ فارسيءَ جا شعر، لطيف سائين جا بيت ليک کي وڌيڪ حسُناڪ بنائي ڇڏيندا هئا. هُن جي فڪر و نظر ۾ هڪ عجيب ڇڪ محسوس ٿيندي هُئي جيڪا ذهنن کي جهنجهوڙي ڇڏيندي هئي. هُو ڪنهن به سياسي ڌر جو ماڻهو نه هو پر هُن جي دامن جي وسعت ۾ سڀ ڌريون سمائجي وينديون هُيون. هو سونهن، سنگيت ۽ ٻين فنونِ لطيفه جو پرستار هو يا ائين کڻي چوان ته ’سونهن ۽ سنگيت‘ سندس ڪمزوري هوندا هئا. هو طبعن حضور شرم، ڏيک ويک کان پري رهندڙ ۽ ڪتابن سان گڏ چونڊ دوستن سان ميل ميلاپ رکندڙ هڪ آدرشي انسان هو. هو ٻئي جي راءِ کي سنجيدگيءَ سان ٻڌندو ۽ قابلِ قبول استدلال کي تسليم ڪندو هو ۽ پنهنجي نقطئه نظر کي جارحاڻي انداز ۾ ڪڏهن به پيش نه ڪندو هو. سائين شمس الدين عرساڻي سندس قريبي دوست رهيو. سائين حيدر علي لغاري هڪ انسائيڪلوپيڊڪ پد جو ماڻهو هو پر اسان جا اشاعتي ادارا کيس پرکي ۽ پروڙي نه سگهيا، جي نه ته اسان کي اهو احساس نه ستائي ها ته سنڌي ٻولي ۽ ادب فلسفي جي دنيا ۾ گهڻو پوئتي رهيل آهي. سائين حيدر علي اسان جي درميان نه آهي پر سندس ساروڻيون ساٿ آهن. هُن تاري هُن روءِ، هُتي منهنجا سپرين سڄڻ کٿوري بوُءِ، موُن کي موُر نه وسريا. (لطيف سائين) سائين حيدر علي لغاري هڪ يگاني عالم جي ياد ۾! تاريخ ۲۵ آگسٽ ۲۰۰۸ع تي اسان سنڌ واسين کان هڪ استاد، مفڪر، عالم، اديب ۽ لطيف جو پارکو سائين حيدر علي خان هميشه لاءِ وڇڙي ويو. ڪالهه سندن چوٿين ورسي هئي. سائين حيدر علي لغاري بنيادي طور تي استاد هئا ۽ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ايندڙ هزارين ماسترن کي تربيت ڏئي کين صحيح معنيٰ ۾ استاد بڻائڻ ۾ سندن اهم ڪردار رهيو. سائين حيدر علي جو سڀني تربيت وٺندڙ استادن سان شفقت وارو رويو هوندو هو ۽ ٻيو اهو ته سائين جو پڙهائڻ ۽ ليڪچر ڏيڻ جو منفرد انداز هو. سائين جي لکڻ جو انداز به ٻين ليکڪن کان مختلف آهي، ان ڪري کين يگانو عالم ڪوٺيو ويندو آهي. سائين حيدر علي جي لکڻين جا ٻه ڪتاب ”اندر ملهه املهه“ ۽ ”ڪڇان ڪڄاڙو“ سندن جيئري ئي ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن ۽ اڃا به گهڻو اڻ ڇپيل مواد موجود آهي، جنهن کي ڇپائڻ جي ضرورت آهي. سائين جي لکڻين جا موضوع علم، تعليم، تدريس ۽ لطيف جي فن ۽ فڪر بابت آهن. سندن استاد ۽ رهبر علامه آءِ آءِ قاضي هو. سائين حيدر علي ”سنڌ فلاسافيڪل سوسائٽي“ جي صدر جي حيثيت سان، سندن روحاني رهبر علامه آءِ آءِ قاضي جي تقريرن تي مشتمل ڪتاب ”اُو ڪو ٻيو فهم“ پڻ ڇپايو هو ۽ ان جي مهورت سنڌ زرعي يونيورسٽي جي آڊيٽوريم ۾ ٿي هئي، جنهن جو مهمان خاص تڏهوڪو وفاقي وزير تعليم سيد غلام مصطفيٰ شاهه هو. سائين ان تقريب ۾ به هڪ فڪر انگيز تقرير ڪئي هئي، جيڪا رڪارڊ تي موجود آهي. سائين هڪ شخصيت نه پر هڪ مڪمل ادارو هئا ۽ ڪنهن ڏاهي چواڻي ته پاڻ خاموش خدمت ڪندڙ هئا ۽ فرد تيار ڪندا رهيا، جيڪو هڪ ڏکيو عمل آهي. اڄ سائين حيدرعلي ته اسان وٽ موجود ناهي پر سندن يادون موجود آهن. سائين وٽ ڪتابن جو به تمام وڏو ذخيرو هو، اميد ته سائين جا پونيئر ۽ پوئلڳ انهن ناياب ۽ املهه ڪتابن جي ذخيري کي به سنڀاليو ايندا. فقير علي ڏنو جروار/حيدرآباد حيدر علي لغاري لطيف سائينءَ جو پارکو علي ڏنو جروار سائين حيدر علي لغاري اسان سنڌ واسين کان ۲۵ آگسٽ ۲۰۰۸ع تي وڇڙي ويو هو. هي مضمون سندن ستين ورسيءَ جي نسبت سان لکي رهيو آهيان. سائين حيدر علي جي زندگي جا ڪيترا ئي رُخ، پهلو ۽ قدر آهن. سڀ کان پهريون اِهو ته سندن تعلق تاجپور جي نواب گهراڻي سان آهي. تاجپور جي نواب گهراڻي جي سڃاڻپ ”نواب ولي محمد لغاري“ جيڪو سنڌ ۾ ميرن جي صاحبي واري دؤر ۾ سنڌ جو وزيراعظم هو، تنهن کانپوءِ وري انهيءَ خاندان مان هڪ ٻيو ”نواب ولي محمد لغاري فقير“ پيدا ٿيو، جيڪو ڪافين جو بهترين شاعر آهي. اُن نواب ولي محمد فقير جو تاجپور ۾ ۴ رمضان شريف تي هر سال ڏهاڙو ملهايو ويندو آهي. انهيءَ ڏهاڙي تي سڄي سنڌ مان صوفي راڳي اچي گڏ ٿيندا آهن، جيڪي ٽن ڏينهن جي تقريبن ۾ صوفي راڳ ٻڌائي ٻڌندڙن تي وجد طاري ڪري ڇڏيندا آهن. سائين ان فقير ولي محمد جي خاندان جو چشم چراغ هو. سندن ٻي سڃاڻپ استاد هئڻ واري آهي. پنهنجي ملازمت جو ڳچ عرصو ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد ۾ سنڌ جي پرائمري اسڪول ٽيچر، جونيئر اسڪول ٽيچر ۽ اورينٽل ٽيچر کي پڙهائيندي گذريو، جنهن کي سنڌيءَ ۾ استادن جي تربيت به چيو ويندو آهي. ان کان علاوه پاڻ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٻنون ۽ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٽنڊوڄام جا هيڊ ماستر، گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول سن ۽ گورنمينٽ ايليمينٽري ڪاليج فار ايڊيوڪيشن حيدرآباد جا پرنسپل به رهيا. سبجيڪٽ اسپيشلسٽ بيورو آف ڪريڪيولم مان زندگي جا ۶۰ سال پورا ٿيڻ تي رٽائرمينٽ ورتائون. ٽريننگ ڪاليج ۾ پڙهائڻ سبب سائين حيدر علي جا سڄي سنڌ ۾ شاگرد موجود آهن، جن مان ڪيترائي سي ايس ايس ۽ پي سي ايس ڪري تمام وڏن عهدن تي وڃي پهتا آهن. ڪاليج ۾ سائين حيدر علي لغاري جي ليڪچر جو، شاگرد ايترو ته اثر وٺندا هئا جو هو واقعي ڪاليج مان ”استاد“ بڻجي نڪرندا هئا. آئون پاڻ سائين جو شاگرد رهيو آهيان. ڪلاس ۾ ليڪچر دوران ۽ نجي ڪچهرين ۾ سائين سدائين چوندو هو ته، ”اسان جي وڌ کان وڌ اِها ڪوشش رهندي آهي ته هتان پڙهي نڪرندڙ يا ٽريننگ جو پاس سرٽيفڪيٽ وٺي ويندڙ استاد کي حقيقي استاد ڪري موڪليون“ ۽ ڪڏهن ڪڏهن وري اِهو به چوندا هئا ته ”ان ڪوشش ۾ ڪيترا ڪامياب يا سوڀارا ٿيندا آهيون؟ اُهو وقت ۽ تاريخ طئه ڪندو“. سائين تقريبن روزانو شام جو ٽريننگ ڪاليج جي لان ۾ اچي ويهندو هو، جتي ڪجهه سلجهيل شاگرد به وٽس اچي ويهندا هئا. سائين جي ڪچهري جو موضوع هر جاءِ تي علم ۽ ادب هوندو هو. لطيف جي شاعري، اياز جي شاعري، منشي ابراهيم جا گيت، آءِ آءِ قاضي جا گفتا ڪچهري جي رونق هوندا هئا ۽ جڏهن شاگرد سال يا ٻن سالن جي تعليم ۽ تربيت مڪمل ڪري واپس پنهنجن ماڳن ڏانهن روانا ٿيندا هئا ته سندن سامان جي ڳوٿري ۾ شاهه جو رسالو، اياز، امر جليل، سراج ۽ ٻين ليکڪن جو ڪونه ڪو ڪتاب ضرور موجود هوندو هو، جيڪو هو تلڪ چاڙهي تي آمريڪن ڪلچرل سينٽر جي هيٺان موجود ادبي ڪتاب گهر ادبيات يا حيدر چؤڪ تي موجود ڪتابن وارن کان خريدي ڳوٺن ڏانهن کڻي ويندا هئا، جتي پاڻ به اُهي ڪتاب پيا پڙهندا هئا ۽ پنهنجن عزيزن يا دوستن کي به پيا پڙهائيندا هئا. هڪ لحاظ کان اِها ادب ۽ ٻوليءَ جي خدمت هئي، جيڪا سائين حيدر علي لغاري خاموشيءَ سان ڪندو رهندو هو. سندن ٽين سُڃاڻپ هڪ ليکڪ واري آهي. سائين حيدر علي جي لکڻين ۾ انفراديت هئي. اسلوب ۽ ٻوليءَ جي لحاظ کان انهن لکڻين جي الڳ حيثيت ۽ شناسائي آهي. سندس لکڻين جا ٻه ڪتاب ”اندر مُلهُه اَمُلهه“ ۽ ”ڪڇان ڪڄاڙو“ ڇپجي چڪا آهن. ٻنهي ڪتابن جا نالا لطيف جي بيتن مان کنيا ويا آهن. (۱) جهڙا ڪڙڇ ڪَڪَرا، تهڙا جائن ڦُل، تِن سامين جي سُڌ مران، جن جي گودڙين ۾ گُل، اندر مُلهه اَمُلهه، ٻهر ڪوجها ڪاپڙي (لطيف) ۽ وري ٻئي ڪتاب جو نالو به لطيف جي سٽ مان ورتو ويو آهي. (۲) ڪُڇان ڪڄاڙو، بري هِن ڀنڀور ۾. (شاهه) ڪتابن جا نالا لطيف جي شاعريءَ مان چونڊڻ سندن لطيف سان انسيت جو اظهار آهي. سندن چوٿين خوبي يا سڃاڻپ لطيف جي شاعري سان چاهه هئن. پاڻ لطيف جي شاعري تي ايترو ته عبور رکندا هئا ۽ اُن جو اهڙو ته ڇيد پيش ڪندا هئا جو ٻڌندڙ محو ٿي ويندا هئا. پاڻ سنڌ ۾ لطيف جا پارکو سمجهيا ۽ سڏيا ويندا هئا. لطيف جا ڪيترا ئي بيت سائين کي ياد هوندا هئا. اُن ڳالهه جو اعتراف ۽ اظهار سنڌ جي ڏاهي سائين محمد ابراهيم جويي به ڪيو آهي. هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام عمرڪوٽ سان تعلق رکندڙ شاگرد، ابراهيم جويي صاحب وٽ ويا ۽ چيائون ته سائين اسان عمرڪوٽ ۾ جشن لطيف ٿا ملهايون، توهان هلي صدارت ڪريو، جنهن تي جويي صاحب طبيعت صحيح نه هئڻ ڪري انهن کان معذرت ڪئي. جويي صاحب جو جواب ٻڌي هڪ شاگرد کين چيو ته سائين پوءِ لطيف بابت اسان ڪنهن کان ٻڌون. جويي صاحب هڪدم ورندي ڏني ته ”ٽريننگ ڪاليج ۾ حيدر علي لغاري ويٺو آهي، لطيف جي باري ۾ اُهو ڳالهائي سگهي ٿو، اُن کي وٺي وڃو.“ پاڪستان ٽيليويزن تي سنڌيءَ ۾ ”پرک“ پروگرام نشر ٿيندو هو، جنهن ۾ هر دفعي ڪو ڏاهو، اديب يا لطيف جو پارکو گهرائي اُن کان لطيف بابت ٽن کان پنجن منٽن تائين ڪنهن بيت، داستان يا سُر بابت ڳالهرائيندا هئا. اُن پروگرام ۾ هڪ دفعي سائين حيدر علي کي به گهرايو ويو هو، جنهن ۾ سائين لطيف جون هيٺيون ٻه سٽون پڙهي انهن جي تشريح ڪرڻ شروع ڪئي. ڪين ڌر تتي ماءِ، ڪين ڄر سندي سڄڻين، هلي ۽ واجهاءِ، ٻنهي ڄيرن وچ ۾. (شاهه) اُهو پروگرام مون پاڻ ٽي وي تي ڏٺو پئي. اُن وقت سائين ڳالهائي به رهيو هو ۽ بار بار پنهنجي واچ ۾ به ڏسي رهيو هو، پوءِ جڏهن اسان روبرو ملياسين ته مون کانئس پڇيو ”سائين ڀلا توهان گهڙي ڇو پئي ڏٺي؟ چيائين ته ادا مون کي پروڊيوسر چيو هو ته جيڪا به ڳالهه توهان کي ڪرڻي آهي، اُها ٽن کان پنجن منٽن اندر مڪمل ڪرڻي آهي، تنهن ڪري وقت پئي ڏٺم.“ سائين جي اُها گفتگو ايتري ته متاثر ڪندڙ هئي جو اٺن منٽن تائين هلي هئي، جنهن ۾ پروڊيوسر کيس اِشاري سان چوندو رهيو ته جاري رکو. هي آهن سائين حيدر علي جي استقلال ۽ عظمت جون ڳالهيون. سائين جي شخصيت جو هڪ عظيم ۽ اهم گُڻ انسان دوستي هئي، جنهن موضوع تي وري الڳ مضمون لکي سگهجي ٿو. سائين حيدر علي جي روح کي سمجهڻ لاءِ اسان سنڌ واسين کي مٿي ذڪر ڪيل ٻئي ڪتاب بار بار پڙهڻا پوندا، انهن ڪتابن پڙهڻ جي هينئر سنڌ جي ماڻهن کي تمام گهڻي ضرورت آهي. حيدر علي لغاري بحيثيت شاعر مٺل جسڪاڻي سائين حيدر علي لغاري هڪ لکيو پڙهيو، غير معمولي انسان ته هو ئي؛ هو ڏاهو، مدبر، عالم، فيلسوف، انسان دوست، دانشور، اديب، تعليمي ماهر، بهترين منتظم، گهڻ رخي شخصيت جو ڌڻي هو. سندس عام اٿڻ ويهڻ، هلڻ گهمڻ، ڳالهائڻ، سفر ڪرڻ، خريداري جو رنگ ۽ ڍنگ، زندگي جو هر وهنوار، کيس نرالي سڃاڻپ ڏيندڙ رهيو. ان ۾ ڪو شڪ شبهو، ڪو اجايو وڌاءُ نه آهي. شاهدي لاءِ ساڻس اٿندڙ ويهندڙ، هر عام توڙي خاص جي واتان ٿيندڙ ڳالهيون، سندس وڇوڙي ۽ سالوار سار (ورسي) تي ٿيندڙ تقريرن ۽ تحريرن وسيلي ملندڙ مواد به ڪافي آهي. آئون سائين کي اهو سڀ ڪجهه به سمجهندو آهيان، پر انهن سمورين خوبين ۽ گُڻن کان الڳ، منهنجي نظر ۾ هو شاعر به رهيو. سائين حيدر علي سان منهنجي ڪا هڪ اڌ ملاقات، ڪي چند هفتا ۽ مهينا واسطو نه رهيو، پر هڪ ڊگهي عرصي تائين، جيستائين واندو وڌيڪ رهندو هئس، تيستائين سائين سان منهنجي ويجهڙائي رهي. ان کان پوءِ عملي زندگي، يعني روزگار ۽ گهر ٻار جو فڪر وڌيو ته ملاقاتن ۾ گهاريون وڌي ويون ۽ پوءِ ڄڻ ته اسين جيئري ئي وڇڙي وياسين، البت سائين وسريو ته اڃا به نه آهي ۽ شايد يا ڄمار نه وسري. سائين سان اهڙي ويجهڙائي به رهي، جنهن کي حد کان وڌيڪ گهرائي وارو لاڳاپو چئجي ته به وڌاءُ نه آهي. اها ٻيءَ ڳالهه آهي ته جيئن سائين گهڻو رولاڪ ۽ ججهو اٿندڙ ويهندڙ، گهڻن ادبي ميڙاڪن ۾ شريڪ ٿيندڙ نه رهيو، موان ۾ به اهو ساڳيو عيب، شايد سائين کان به سرس رهيو آهي. سائين جو پڪ سان پنهنجو ڪو نقطه نظر هوندو. منهنجون پنهنجون ڪي سوچون، پاڻ ليکي ڪيل فيصلا، ڪي چند مجبوريون رهيون، جنهن ڪري اهڙن ميڙاڪن کان اڪثر پري رهيو آهيان. سائين سان ”ڪي ويجها ئي ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين“ واري اهڙي ويجهڙائي ضرور رهي، جنهن جي آڌار تي آئون کيس شاعر طور متعارف ڪرائڻ ۾ ڪو وڌاءُ نه پيو سمجهان. اوهان، اسان، شاعر ڪنهن کي ٿا چئون؟ شاعر جي وصف ڇا آهي؟ ڇا رڳو اهو شاعر آهي، جيڪو گيت، غزل، وايون، ڪافيون، ڪلام لکي؟ جيڪو صرف پابند شاعري ڪري ۽ جنهن کي هر ڪو شاعر چوي؟ نه. ڪنهن جو شاعر هجڻ يا نه هجڻ لاءِ اهي معيار، اهي ماڻ ۽ ماپا، پنهنجي جاءِ تي وزندار سهي، پر اهي سڀ شرط هر ڪنهن سان لاڳو نه ٿا ڪري سگهجن. ائين، جيئن ڪو گيت، غزل، وايون، ڪافيون، شاعري جي ڀلي ته ڪهڙي به صنف تي طبع آزمائي ڪري، پر ان جي شاعري ۾، شاعري واري ڪشش ئي نه هجي، ڪنهن کي وڻي ئي نه، ته اهڙي شاعري گهڙيندڙ کي شاعر نه ٿو چيو وڃي، نه ٿو مڃيو وڃي، ڀلي ته کيس شاعر نه سڏڻ گهرجي. اصل نقطي تي اچجي. منهنجي نظر ۾ سائين حيدر علي لغاري انتهائي خوبصورت ۽ پرڪشش شاعر رهيو. ڇاڪاڻ ته هو جڏهن به ڪنهن موضوع جي اونهائي، گهرائي، ڳوڙهائي ۾ وڃي ڳالهائيندو هو، ته سندس واتان اهڙي غير معمولي ۽ مٺڙي ٻولي ٻُڌبي هئي، جيڪا سندس اڻ قلمبند، لکجڻ کان رهجي ويل شاعري کان گهٽ نه هئي. مون کي خبر آهي ته عام ٻڌندڙ ۽ پڙهندڙ منهنجي هن ڳالهه کي وزن نه ڏيندو، پر آئون سائين کي شاعر ڇو پيو چوان ۽ مڃيان، ان لاءِ مون وٽ ڪيترائي دليل آهن. منهنجي نظر ۾ شاعر اهو آهي، جيڪو شاعري جي لفظن کي ئي نه، پر شاعري جي روح کي سمجهي. شاعري جي گونانيت تائين پهچ رکي. سائين جي اهڙن شاگردن سان ملو، انهن دوستن سان ملو، جن سان هن مختلف شاعرن جي شاعري تي ڳالهايو. رڳو سنڌي ئي نه، اردو ۽ انگريزي شاعري تي به سائين ڳالهائيندو هو، ته مون کي لڳندو هو، سائين ٻئي شاعر جي شاعري کي سمجهائڻ لاءِ، سندس منظوم، سليس شاعري ٻڌائي رهيو آهي. جيءُ، ها. اوهان منهنجي ان دليل کي به اهميت نه ڏيندا، ڀلي نه ڏيو. اوهان ڀلي سائين کي شاعر نه سمجهيو، نه ليکيو، پر ٿورو ٻڌايو ته اعتراض ڪهڙو آهي؟ جيڪڏهن اوهان کي لکت ۾ ڪو اهڙو ثبوت کپي ته سائين جا مختلف مضمون پڙهو، جيڪي نج پج نثر ۾ ئي لکيل آهن، پر جڏهن اوهان پڙهندا، ته اوهان کي اهو نثر وڻندڙ، ڇهندڙ، گهڻين معنائن وارو، شاعري جي معيار تي پورو لهندڙ ملندو، شاعري وانگر ئي پرڪشش، پرلُطف، شاعري کان ڪنهن به ريت گهٽ محسوس نه ٿيندو. سائين حيدر علي لغاري جو شاعر هجڻ ته انهن مضمونن ۾ به پڌرو آهي، جيڪي سائين لطيف، سچل، استاد بخاري جي شاعري جي حوالي سان لکيا. سائين علامه آءِ آءَ قاضي جي سڃاڻپ ڪرائيندي جيڪو تفصيلي مضمون لکيو آهي، ان ۾ به گهڻن هنڌن تي شاعري ٿيل آهي. ”شاعر جي عظمت“ سنڌي ادب مان چونڊ مضمونن ۾ ڇو شامل ٿيو، اهو ڪورس لاءِ ڪيئن منتخب ٿيو، اهو مضمون سائين حيدر علي جي شاهڪار تحريرن مان هڪ آهي ۽ اهو هڪ مضمون به سائين کي شاعر مڃڻ لاءِ ڪافي آهي. اهڙي طرح ٻين به کوڙ تحريرن جو مثال پيش ڪري سگهجي پيو. ٻڌندڙ ۽ پڙهندڙ ڀلي نه مڃين، شاعر ڀلي اعتراض وارين، پر منهنجي نظر ۾ سائين حيدر علي پختو شاعر هو، سندس ڇپيل ۽ ڇپجڻ کان رهجي ويل مواد ڦلورڻ سان لکت ۾ اهڙا ثبوت به ملي ويندا، جنهن جي آڌار تي رواجي ماڻهو به سائين کي شاعر مڃڻ کان انڪار نه ڪري سگهندا. اوهان منهنجي هنن ٻن لفظن کي، هروبرو سائين حيدر علي کي، زوري زبردستي شاعر مڃرائڻ جي غير ضروري ڪوشش سمجهڻ ۽ چوڻ جو حق نه ٿا رکو. اهڙو حق جتائيندڙ کي عرض ڪندس، ته هو سائين کي پڙهن، سائين جي پهرئين ڪتاب ”اندر ملهه املهه“ جي شروعاتي صفحن ۾ آيل مواد پڙهن. هن ڪتاب جي شروعات ”عيد“ جي عنوان سان، هن نظم سان ٿيل آهي: ماڻهو چون ٿا ته اڄ ڪا عيد آهي اسان وٽ ته نه ڪو آيو آهي، ۽ نه اچڻ جي ڪا اميد آهي گل، گلدان جي بجاءِ آتشدان ۾ آهن مون ۽ هن ۾ صدين جا فاصلا آهن هو دل جي مام نٿو سمجهي پوءِ به چون ٿا ته اڄ عيد آهي! ٻئي حوالي طور سائين حيدر علي جي ساڳئي ڪتاب ۾، سندس ٻيءَ تحرير ”احتساب جو احتساب، لڳي ماٺ مرن کي“ پڙهو، ان جون ڪجهه سٽون هي آهن: اچو ته خسيس کي تياڳيون اچو ته پاڻ سنڀاريون اچو ته ڳنڀير ٿيون اچو ته مٿاهان ٿيون اچو ته آڳاهان ٿيون اچو ته آجا ٿيون اچو- اچو ته آجا ٿيون اچو ته نرواڻ ماڻيون ٽئين شاهدي طور به سائين جي ساڳئي ڪتاب جي ٽيون نمبر تحرير جو ئي حوالو ڏيان ٿو. آءِ آءِ قاضي جي الوداعي واردات واري موقعي تي اُسري آيل اڌمو ”درياءَ توتي دانهن“ جون چند سٽون آهن: شعور جي عظمتن پنهنجي ساٿي، نحيف ۽ ضعيف جسم جي رفاقت کي ترڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو سوز نقطئه ڪمال تي پهتو روح جي رڙ، جسم جي پڃري کي هڻي ڀورو ڪيو... اڄ خاموشين روئي ڏنو... اڄ عقيدتن کي نئون درد نئون سوز نصيب ٿيو. هڪڙا ناتا ٽٽا ته ٻيا ڳنڍجي ويا اڄ هڪڙي ئي وقت هجر ۽ وصال جون ٻه وارداتون ٿيون... نفي ۽ اثبات جون سرحدون هڪ ٻئي سان ملي ويون... شاهديون ٽي ئي ڪافي مڃيل آهن، اڃا به وڌيڪ گواهيون پيش ڪري سگهجن ٿيون، پر اهي ڪنهن ٻئي ڀيري. ڇاڪاڻ ته سائين حيدر علي علم جو ڀنڊار هو. قلم سندس محتاج هو. هن نثر گهڻو لکيو، شاعري ٿوري سرجي، پر بهرحال، سائين حيدر علي پختو شاعر به رهيو... حيدر علي لغاري مون سي ڏٺا ماءُ، جنين ڏٺو پرينءَ کي. علي ڏنو جروار سائين حيدر علي خان لغاري سنڌ جو هڪ اهڙو املهه سرمايو آهي، جنهن کي ڪنهن به ريت وساري نٿو سگهجي. سائين حيدر علي سنڌ جي انهن ڪجهه اهم شخصيتن مان هڪ آهي جن کي هڪ ئي وقت علم، ادب، تقرير جي ڏانءُ ۽ لطيفيات تي عبور حاصل هو. ائين کڻي چئجي ته سائين حيدر علي خان هڪ گهڻي رُخي شخصيت هو. جيڪو اسان سنڌ واسين کان ۲۵ آگسٽ ۲۰۰۸ع تي وڇڙي ويو. اڄ سندس نائين ورسي جي نسبت سان سندس چاهيندڙ ڏهاڙو ملهائي رهيا آهن. سائين حيدر علي خان لغاري سنڌ جو هڪ اهڙو ليکڪ آهي جنهن جي لکڻ جو انداز منفرد ۽ نرالو آهي. هي غير رواجي لکڻين جو ماهر تصور ڪيو ويندو هو. بنيادي طور تي سائين حيدر علي خان هڪ استاد هو جنهن پنهنجي سڄي زندگي ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ گذاري. جتي هن هزارن جي تعداد ۾ شاگردن کي پڙهائڻ جي تربيت ڏني ۽ طور طريقا ٻڌايا ته شاگردن کي ڪهڙيءَ ريت سندن عمر ۽ دماغ جي لحاظ کان تعليم ڏني وڃي. پاڻ هڪ بهترين استاد سان گڏ سٺو ليکڪ به هو. سندن لکڻين جا ٻه ڪتاب “اندر مُلهه اَمُلهه” ، “ڪُڇان ڪڄاڙو” سنڌي ۾ جڏهن ته سندس لطيف بابت لکڻين جو اردو ترجمو جيڪو محترمه شهناز شورو ترتيب ڏنو آهي اهو “سوز و ساز لطيف” جي عنوان سان فيصل آباد جي ڪنهن پبليڪيشن پاران ڇپرايو ويو آهي. حيدر علي خان لغاري، لطيف سائينءَ جو پارکو، لطيف شناس ۽ لطيف جي بيتن جي بهترين تشريح ڪندڙ هو. هُو جڏهن لطيف سائينءَ بابت ڪو ليڪچر ڏيندو هو يا ڪنهن سيمينار وغيره ۾ يا وري ڪنهن نجي ڪچهري ۾ ڳالهائيندو هو ته سندس اهو انداز ۽ لهجو ڏسي ٻڌندڙ حيران ٿي ويندا هئا. کيس لطيف سائينءَ جي شاعريءَ تي ايترو ته عبور حاصل هو جو سنڌ جي ڏاهي ابراهيم جويي پڻ ان جو ڪيترن ئي هنڌن تي اعتراف ڪيو آهي. ٻي ڳالهه اها ته سائين جهڙن لطيف شناس ماڻهن لاءِ خود لطيف سائين پنهنجن بيتن ۾ پار پتا ۽ اهڃاڻ ڏسيا آهن، جن مان اها خبر پوي ٿي ته لطيف کي اڳ ئي پنهنجن پارکن متعلق علم هو. مٿن ٽٻڪ ٽٻڪڙا، چڪندڙا اچن، کڙيون کهه ڀڪليون پگهر سر پيرن، ايءُ وڙ ويڙهيچن، مون لوڏان ئي ليکيا. (شاهه) لطيف سائين جي مٿئين بيت مان ظاهر آهي ته اهڙا ماڻهو جيڪي مسلسل پنڌ ۽ جاکوڙ ۾ رهن ٿا، انهن جي پيرن جي کڙين تي مختلف علائقن جي مٽي ۽ دز ڄميل آهي، انهن جي انداز ۽ لوڏ مان ئي پتو پوي ٿو ته اهي ويڙهيچا ۽ جاکوڙي آهن. سو اهڙا ئي اهڃاڻ لطيف جي سڀني ساڃاهه وندن جا آهن، جيڪي هر وقت جاکوڙ ۾ رهيا آهن ۽ ڪڏهن به خاموش ٿي نه ويٺا آهن. سائين حيدر علي هر وقت علم، ادب ۽ ڄاڻ جي پرچار ڪندو رهيو. سندس شاگردن، دوستن ۽ چاهيندڙن جو به هڪ اهڙو حلقو موجود آهي، جيڪو پڻ علم ادب سان لاڳاپيل آهي. سائين حيدر علي سان لاڳاپيل ڪيترا ئي فرد محنت ڪري پڙهي وڏن وڏن عهدن تي وڃي پهتا آهن، جن مان ڪيترن سي ايس ايس جهڙا امتحان پاس ڪيا ته ڪن وري پي سي ايس ۽ ٻيا امتحان پاس ڪيا ۽ مختلف عهدن تي فائز ٿيا. اهو سڀ سائينءَ جي محبت ۽ صحبت جو نتيجو آهي. جيئن شيخ اياز جو هڪ بيت آهي ته: مون چيو مينديءَ کيت کي ڦٽي پئو، مونکي ڪيئي سو رتا گهرجن هٿڙا. بلڪل اهڙيءَ ريت سائين حيدر علي خان به هر وقت اهو چوندو رهندو هو ته پڙهو، محنت ڪريو ڪتابن سان دوستي رکو. جيڪو ۱۸ کان ۲۰ ڪلاڪن تائين نٿو پڙهي، اهو ڄڻ پڙهي ئي ڪونه ٿو. پاڻ اهي ڳالهيون ڪلاس، نجي محفلن ۾ يا وري مختلف سيمينارن ۽ پروگرامن ۾ تقريرن ۾ چوندو رهندو هو. سندن اهو به چوڻ هو ته اسان کي پڙهيل لکيل ماڻهو گهرجن. علم دوست ماڻهو گهرجن، ادب سان چاهه رکندڙ ماڻهو گهرجن، هٿ ۾ قلم رکندڙ نوجوان گهرجن. انهن جملن کي ورجائيندي ڪيترا ئي دوست پنهنجون زندگيون علم، ادب، سياست، لطيف شناسي کي به ارپي چڪا آهن. سائين حيدر علي جو بنيادي طور تي سنڌ جي نواب گهراڻي سان تعلق هو پاڻ ميرن واري دور جي وزيراعظم نواب ولي محمد لغاري جي خاندان مان هئا. جنهن جو پوٽو سنڌ جو مشهور صوفي شاعر فقير ولي محمد لغاري هو. سائين به انهيءَ خاندان جو هڪ چشم و چراغ آهي، پاڻ ڪڏهن به پنهنجي خاندان متعلق ڪا وڏائي وغيره بيان نه ڪئي. پاڻ سدائين هڪ استاد جي حيثيت ۾ رهڻ پسند ڪيائين. سائينءَ وٽ ڪتابن جو هڪ بهترين ذخيرو موجود هو ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته سائينءَ جي زندگي جي سڄي موڙي يا ڪمائي اهي ڪتاب هئا، جيڪي سندس ڊرائنگ روم جي سونهن بڻيل هئا. مون سميت ڪيترا ئي سائينءَ جا شاگرد انهن ڪتابن مان مختلف وقتن تي فيضياب ٿيندا رهيا آهن. حيدر علي خان وٽ علم جا اُملهه موتي موجود هوندا هئا، جيڪي هو هر هنڌ ورهائيندو رهندو هو ۽ چوندو هو ته علمي ڄاڻ جيتري ورهائي سگهو اوتري گهٽ آهي. سندس شاگرد به سندس ئي نقش قدم تي هلندي اهو ئي عمل ورجائي رهيا آهن، جنهن ۾ سائين هر وقت مصروف رهندو هو ۽ اڄ جيڪو هي علمي ادبي ميڙاڪو مچايو ويو آهي، اهو سڀ سائينءَ جي ڪردار ۽ عمل جو سلو آهي، جيڪو سندس شاگردن، پوئلڳن پاران ڀيٽا طور سائينءَ کي پيش ڪيو ويو آهي. سائين حيدر علي جيئن ته گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ هو، تنهن ڪري اسان سڀني کي گهرجي ته کيس انهيءَ حيثيت ۾ رهڻ ڏيون ۽ ان کي مخصوص ماڻهن تائين محدود رکڻ کان بچايون. هونئن ته سائين حيدر علي لاءِ سنڌ جي سڀني ساڃاهه وندن، علم، ادب دوست ماڻهن، استادن، صحافين ۽ سول سوسائٽي جي فردن وٽ دل ۾ جايون آهن پر سائينءَ جي چاهيندڙن ۽ سائينءَ جي روح ۾ وٿيون پيدا ڪندڙن کي احترام طور پنهنجن روين ۾ تبديلي آڻڻي پوندي. ڇو ته سائين پنهنجي سڄي زندگي غير تڪراري شخصيت طور موجود رهيو. ڪڏهن به ۽ ڪٿي به هن ڪنهن جي نه مخالفت ڪئي ۽ نه وري ڪنهن کان ڪا نفرت ڪئي. اسان کي به سندس زندگي جي انهن سڀني پهلوئن مان مستفيض ٿيڻ گهرجي. اسان کي ڪنهن به حالت ۾ سائينءَ جهڙي شخصيت کي هڪ هنڌ بيهارڻ نه گهرجي. سائين جي شخصيت وسيع شخصيت آهي، جنهن جو لحاظ ڪرڻ اسان سڀني سنڌ واسين جو فرض آهي. آئون سائين حيدر علي خان جي هڪ ادنيٰ شاگرد جي حيثيت سان هي گذارش ڪندس ته سائين کي اسان سڀني جي دلين ۾ رهڻ ڏيو، اسان کان سائين جون محبتون، صحبتون ۽ يادون نه کسيو، اسان سائين جي يادن ۽ محبتن جي سهاري جي رهيا آهيون. اسان کان اهو جيئڻ جو حق ڪنهن به ريت نه کسيو وڃي. سائين حيدر علي، لطيف سرڪار جي سُر کاهوڙيءَ جو هڪ ڪردار هو، جيڪو سدائين اسان کي ياد رهندو.لطيف جون سٽون آهن ته: سُڪا سُنڍ هٿن ۾ کرڪڻا پيرين ٽمندي نيڻين اهان ڪي کاهوڙي گڏيا؟ يا وري ائين به چئي سگهجي ٿو ته: مون سي ڏٺا ماءُ، جنين ڏٺو پرين کي. تنين سندي ڪا، ڪري نه سگهان ڳالهڙي. حيدر علي لغاري علمي اداري جي حيثيت رکندڙ امتياز احمد عرساڻي انساني سوچ ۽ فڪر جو سفر صدين کان جاري آهي، طبعي بيهڪ اندر فڪري سوچ جو محور جڏهن جڏهن دائرن کان ٻاهر نڪري لامحدوديت ڏانهن هليو ويندو آهي، تڏهن تڏهن انسان جا تصورات ڪائنات جي هر پاسي کي ڇهڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. اندر جو مانڌاڻ هجي يا ظاهري چانڊاڻ، قلب ڏانهن قائل هجي يا عقل ڏانهن مائل، سندس سوچ جو محور سمورين بندشن کان بالاتر ٿي محرڪات کي لوچيندو آهي. حيدر علي لغاري به انهن ئي يگاني شخصيتن مان هڪ آهي، جيڪي حقيقت ڳوليندي ڳوليندي پنهنجون لامحدود سوچون پنهنجي چاهيندڙن کي ارپي ويا. حيدر علي لغاري ۱۱ آگسٽ ۱۹۳۴ع ۾ هڪ اهڙي مڪتبه فڪر اندر جنم ورتو، جنهن جون روايتون ڪن بندشن ۾ رهندي هڪ خاص رخ ڏانهن سفر ڪندي نظر اينديون. سندس جنم ڀومي، تاجپور پنهنجي نالي ۾ ئي لازوال، تاريخ رکندڙ ۽ ڪنهن مخصوص فڪر جي دائري ۾ رهندڙ مردمخيز زمين آهي. سندن ذهني اوسر حيدرآباد جي خاص مزاج رکندڙ تاريخي درسگاهن ۾ ٿي، ان وقت اهي درسگاهون پنهنجي اوج تي رسيل هيون ۽ پنهنجي تعليمات سان سماجي جوڙجڪ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيون هيون، پر حيدر علي لغاري جي سوچن جي اڏام تڏهن شروع ٿي، جڏهن هن عملي زندگي اندر ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد ۾ پهريون پير پاتو. هن کي مون هوش سنڀاليندي ئي ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي يعني منهنجي بابا سائين سان هميشه گڏ ڏٺو. مسڪرائيندڙ چهرو، شفيقانه مزاج، سندس هر لفظ مٺاس سان ڀريل ۽ بامعني! سچ جي مٺاس هجي يا ڪوڙاڻ، حيدر علي لغاري جي اندر ۾ ڄڻ ته ٻئي حقيقتون جذب ٿيل هجن. ڪنهن جي ڪوتاهي هجي يا غلطڪاري، ڪوڙ هجي يا نخرو، ادا هجي يا سدا، سندس جواب ۾ اهڙي ته تاثير ۽ سبق هوندو هو، ڄڻ ته سامهون واري کي ناگوار به نه گذري ۽ سبق به پرائي وجهي. ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي اڪثر ذڪر ڪندو هو ته محفل، آفيس، گهر، دڪان يا ڪنهن به سرڪاري توڙي غير سرڪاري تقريب ۾ اهڙيون ڪيتريون ئي ننڍيون وڏيون ڳالهيون ٿينديون هيون، جيڪي هن جي وات مان نڪرندي ئي مزاح ۽ سبق جو شاخصانو لڳنديون هيون. سامهون وارو انهن کي محسوس ڪندو هو ۽ بنا ڪنهن جواب جي پنهنجي اصلاح ڪرڻ لاءِ ضرور سوچڻ تي مجبور ٿيندو هو. انهن ڳالهين مان ڪيترين جو ذڪر بابا حيدر علي لغاري تي لکيل پنهنجي مضمونن ۾ اڳ ئي ڪري چڪو آهي. آئون هتي ان جو مثال ڏيندس ته: ڪنهن ڪتاب گهر ۾ هڪ معتبر شخصيت ڏاڍي اتساهه سان ڪنهن ڪتاب جي ڳولا ڪري رهيو هو. حيدر علي لغاري به اتي موجود هو، هن معتبر شخصيت جو اتساهه ڏسي سندس مدد ڪرڻ جي نيت سان کانئس سوال ڪيو ته “سائين اوهين ڪهڙي ڪتاب جي ڳولا ڪري رهيا آهيو؟ سوال تي معتبر شخصيت هڪدم جواب ۾ وارڻيو ته آئون “قيامت جون نشانيون” ڪتاب جي تلاش ۾ آهيان. حيدر علي لغاري هڪدم ٻيو سوال ڪيو ته “سائين اوهان ڇا ڪندا آهيو؟” تنهن تي وري جواب مليو ته “آئون فزڪس جو پروفيسر آهيان”. تنهن تي حيدر علي لغاري جواب ڏنو ته “سائين اوهين ڪتاب جي هرو ڀرو ڳولا ڪري رهيا آهيو، ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي قيامت جي نشاني ٿيندي ته هڪ فزڪس جو پروفيسر قيامت جون نشانيون ڪتاب جي تلاش ۾ هجي...ٰ!” حيدر علي لغاري وٽ عمر جي ڪابه بندش نه هوندي هئي، ڪير ڪيترو به کڻي عمر ۾ ننڍو يا وڏو ڇونه هجي هو پنهنجي ڏاهپ جا ڏيئا هر هنڌ روشن ڪندي نظر ايندو هو. اهو ئي سبب هو جو هن جي چاهيندڙن جو وڏو تعداد نوجوان شاگردن جو هو، جيڪي هر وقت سندس پراثر ساعتن مان پرائيندا رهندا هئا. اندر جون حسرتون، اڌما، خواهشون، محبتون، جستجو ۽ ٻيا احساس انسان لاءِ هڪ وقت راحت به آهن ته ساڳي وقت عذاب به بڻيل آهن. مليل جليل ڪيفيتون هر وقت انسان جي اندر ۾ هلچل ۽ اڻ تڻ مچائينديون رهنديون آهن. اهي ئي احساس انسان کي نه هڪ هنڌ ويهڻ ٿا ڏين ۽ نه سک سان رهڻ ٿا ڏين. انسان جي اندر جو اهو خلفشار ترقي ۽ خوشحاليءَ جو به باعث آهي ته بي چيني ۽ پيڙهه جو به....! حيدر علي لغاري پڻ ان ئي نڪتي تي شاهه سائين جي ڪل ڪلام جو نچوڙ ان ئي شعر کي سمجهي ٿو. “سو ئي عين عذاب، سو ئي راحت روح جي”. حيدر علي لغاري پنهنجي اندر ۾ هڪ اداري جي حيثيت رکندو هو هن سڄي عمر خاص اصولن تحت گذاري، هو سرڪاري عهدن، بي معنيٰ شهرت، بي وقعت مشهوري کان هميشه بالاتر رهيو. هن سموري زندگي سچائي، اورچائي ۽ فڪري آزادگي سان گذاري. هن ڪڏهن به پنهنجي مرضي، سوچ يا فڪر ٻئي تي مسلط ڪونه ڪيو، بلڪه هن هميشه پنهنجي اخلاق، ڪردار ۽ عمل سان پنهنجي فڪري سوچ کي ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي. هن اسان سڀني کي لامحدود سوچ جي دائرن جو دڳ ڏيکاريو آهي. حقيقت به اها ئي آهي ته ڪائنات جي ڪنهن به شيءِ کي فل اسٽاپ نه ٿو اچي سگهي، ڇاڪاڻ ته فل اسٽاپ اختتام جي نشاني آهي ۽ مڪمل ٿيڻ خاتمي جي علامت. ڳوليان ڳوليان م لهان، شال م ملان هوت من اندر جا لوچ، مڇڻ ملڻ سان ماٺي ٿئي. حيدر علي لغاري ڪڏهن ڪڏهن ته سارجو! علي ڏنو جروار سنڌ جو هڪ يگانو عالم، اديب، استاد ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي پارکو سائين حيدر علي لغاري جي يارهين ورسي اڄ ملهائي پئي وڃي. ياد رهي ته سائين حيدر علي لغاري لطيف جي شاعري جو انتهائي اعليٰ پارکو ۽ هڪ غير رواجي استاد ۽ نقاد رهيو آهي. هن ۱۱ آگسٽ ۱۹۳۴ع ۾ حيدرآباد جي تاجپور شهر ۾ نواب خاندان ۾ جنم ورتو. تاجپور جو اهو خاندان ٽالپرن جي دؤرِ حڪومت ۾ سنڌ جي حڪمراني ۾ ٽالپرن سان ڀاڱي ڀائيوار هو، سندن تڙ ڏاڏو نواب ولي محمد لغاري ان وقت ۾ سنڌ جو وزيراعظم هو، جڏهن ته ان جو پوٽو نواب فقير ولي محمد لغاري سنڌ جو هڪ عظيم صوفي شاعر هو. سائين حيدر علي لغاري به سندس ئي نقشِ قدم تي هلندي علم، ادب، فلسفي، لطيفيات سان چاهه رکيو ۽ زندگي جي آخري گهڙين تائين ان سان نڀائيندو رهيو. سائين حيدر علي لغاري سنڌ جي هڪ عظيم فلاسافر علامه آءِ آءِ قاضي جو شاگرد رهيو ۽ گڏوگڏ مولانا غلام محمد گرامي جهڙي مفڪر جي صحبت ۾ رهيو، جنهن سبب پنهنجي نوابي ڇڏي استاد مقرر ٿيو، سو به سنڌ جي ايليمينٽري ڪاليج ۾ جتي استادن کي تربيت ۽ تعليم فراهم ڪئي ويندي آهي. سائين حيدر علي خان لڳ ڀڳ ۴۰ سال سنڌ جي مختلف تعليمي ادارن ۾ استاد جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنيون. پاڻ سنڌي ٻوليءَ جي ڪلاسيڪي ادب، صوفي شاعرن جي شاعري ۽ شاهه لطيف جي شاعري ۽ احساس جو نهايت ئي ڳوڙهي انداز ۾ مطالعو ڪيو ۽ ان جي شرح ڪيائين. علم نفسيات ۽ فلسفي تي جديد عالمي نظرين جي تناظر ۾ سندس ڪيل لطيف جي تنقيدي تشريح کيس علامه آءِ آءِ قاضي ۽ تنوير عباسي جهڙن نقادن جي فهرست ۾ آڻي بيهاريو آهي. اها خاصيت سنڌي ادب جي تنقيد نگاريءَ ۾ نواڻ پيدا ڪرڻ جي پهرين لهر آهي. سنڌ جي علمي ادبي کيتر ۾ سندس مضمونن، خاڪن ۽ لطيف شناسي بابت لکيل مضمونن جا ٻه ڪتاب ”اندر ملهه املهه“ ۽ ”ڪڇان ڪڄاڙو“ شايع ٿيل آهن، جيڪي سنڌ جي علمي ادبي ماحول ۾ انتهائي اهميت جوڳا آهن. ان کان سواءِ شاهه لطيف بابت لکيل مضمونن کي شهناز شورو اردو ۾ ترجمو ڪري ڪتابي صورت ۾ آندو آهي ۽ ان کي سوز ۽ ساز لطيف جي نالي سان شايع ڪرايو آهي. سائين حيدر علي لغاريءَ جا سنڌ ۾ هزارين شاگرد موجود آهن، جيڪي جڏهن استادي جي ٽريننگ وٺڻ حيدرآباد جي ٽيچرز ٽريننگ ڪاليج ايندا هئا ته سندن خيال ۽ سوچون بلڪل ٻهراڙي واري انداز تي مبني هونديون هيون، پر جڏهن هو تربيتي مدو پورو ڪري واپس ڳوٺن ڏانهن روانا ٿيندا هئا ته سندن سامان واري ڳوٿري ۾ لطيف سائين جو رسالو، شيخ اياز جو ڪو ڪتاب، امر جليل جو ڪتاب، علامه آءِ آءِ قاضي ۽ ٻين ليکڪن جو ڪو ڪتاب ضرور موجود هوندو هو، جيڪو سائين حيدر علي لغاري جهڙي استاد جي صحبت ۽ تربيت جو ئي نتيجو هوندو هو. سائين هر وقت پنهنجن شاگردن کي اهو ذهن نشين ڪرائيندي ۽ ٻڌائيندي نظر ايندو هو ته جيڪڏهن ڏينهن ۾ ۱۹-۱۸ ڪلاڪ نه پڙهنداسين ته پوءِ پڙهڻ مان ڪوبه فائدو يا لاڀ حاصل نه ٿيندو. اهو ئي سبب آهي جو سائين جا ڪيترائي شاگرد تربيت پوري ڪرڻ کان پوءِ پي سي ايس ۽ سي ايس ايس جهڙين امتحانن جي تياري ۾ مصروف ٿي ويندا هئا ۽ ڪيترائي پي سي ايس ۽ سي ايس ايس جا امتحان پاس ڪري ملڪ جي اعليٰ عهدن تائين پهتا آهن. انهن ۾ سلام ميمڻ، سبحان ميمڻ، مناف ميمڻ، اڪبر لغاري، علي ڏنو ڳاهوٽي، الطاف ميمڻ، شوڪت اڄڻ ۽ ٻيا ڪيترائي نالا شامل آهن، جن اعليٰ ذهانت وارا امتحان پاس ڪري سول سروسز جوائن ڪئي ۽ اڄ انهن مان ڪيترائي رٽائرڊ ٿي چڪا آهن ۽ ڪيترائي اڃا موجود آهن. لطيف سائين جي شاعري بابت سائين حيدر علي لغاري کي ايتري ته ڄاڻ ۽ واقفيت هئي جو ان جو اعتراف مختلف وقتن تي مرحلن دوران سنڌ جو هڪ اديب، دانشور ۽ ڏاهو سائين محمد ابراهيم جويو پڻ ڪري چڪو آهي. مون به سائين جا ڪيترائي ليڪچر ٻڌا ۽ انهن کي دل سان هنڍايو، جنهن جي نتيجي ۾ اڄ آئون ڪجهه سِٽون ۽ لفظ لکڻ پڙهڻ جي قابل بڻيو آهيان. جيڪڏهن مون کي سائين حيدر علي خان جي تربيت ۽ صحبت حاصل نه ٿئي ها ته اڄ آئون هن لائق نه هجان ها جو هن بابت يا ٻين موضوعن متعلق ڪجهه لکڻ جي قابل هجان ها. سائين هڪ اهڙو پارس هوندو هو، جنهن سان جنهن جي به صحبت ٿي ويندي هئي اهو علم، ڏاهپ ۽ شعور ۾ پاڻڀرو ٿي ويندو هو. سائين حيدر علي لغاري ۲۵ آگسٽ ۲۰۰۸ع ۾ حيدرآباد جي اختر ڪاٽيج واري رهائشگاهه تي وفات ڪئي، سندس مزار نواب ولي محمد لغاري جي مقبري جي ڀر ۾ پٺاڻ ڪالوني واري قبرستان ۾ آهي. جس آهي سندس شاگردن کي جيڪي کيس هر سال سندس ورسيءَ جي موقعي تي انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ياد ڪن ٿا. گذريل ڪجهه سالن کان حيدر علي لغاري يادگار ڪميٽي پاران علمي ۽ ادبي ايوارڊ ڏيڻ جو سلسلو پڻ جاري ڪيو ويو آهي. هن سال اهو ايوارڊ سندس هڪ انتهائي بهترين شاگرد سائين لائق سنڌي جي نالي سان منسوب ڪيو ويو آهي، جيڪو پڻ هڪ بهترين استاد ۽ ناليوارو صحافي هو. اميد آهي ته ايوارڊن ۽ ورسي ملهائڻ وارو سلسلو سدائين جاري رهندو، جنهن سان سائين کي هر سال عقيدت ۽ احترام سان ياد ڪرڻ جو موقعو به فراهم ٿيندو ته گڏوگڏ اسان سڀني ۾ هڪ نئون جوش، جذبو ۽ ولولو پڻ پيدا ٿيندو، جنهن سان اسان سڀئي پنهنجي پنهنجي حصي جو علمي، ادبي ۽ سماجي ڪم ڪري سگهنداسين، ڇو ته اسان جي محترم استاد جو عقيدو، ايمان ۽ عمل انسانيت سان محبت ڪرڻ هو ۽ اسان کي به سندس ان ئي رستي تي گامزن ٿيڻ گهرجي، جنهن سان اسان انسانيت جي ڪا ٿوري گهڻي خدمت ڪري سگهون ۽ اطمينان حاصل ڪري سگهون. حيدر علي لغاري فڪري زاوين جو شخصيت جي آدرشن سان سنگم: الطاف ميمڻ زندگيءَ جي ڪُل کي پلن جا ڪرڻا ڪيئن ٿا روشن ڪن! ”جن اندر ٻري باهھ، سُڌ تنين کي سڀڪا!“ سائين حيدر سوال اٿاري ٿو: ”انسان ھيترو ڪجه ”حاصل“ ڪندي، ڇا وڃائيو آھي؟ ھو ھڪ ٻئي کي ايترو ويجھو ھوندي ڇو ھڪ ٻئي کان ھيترو پري آھي؟ اڃان به پري ٿيندو ٿو وڃي. “ (اقتباس: ڪڇان ڪڄاڙو، ص ۱۴۰) معنيٰ ته انسان ويجھي جي نظر وڃائي آھي، اندر ۾ جھاتي پائڻ وساري آھي، جڏھن ته اسان جي شاعر روحل فقير چئي ڇڏيو ھو؛ ”پنھنجون اکيون پاڻ ۾، جوڙي رکيون جن، سي سؤ ڀيرا ساعت ۾، پل پل پرين پسن، تن تحصيلون تمام ڪيون، محب جنين جي من، روحل مٿئون تن، لٿا حُرف حساب جا“ پر انساني رشتن ۾ موجود ڍونگ ۽ رِيا، انساني عظمت جي دعويٰ تي اڄ سوڌو آڱر کڻيو بيٺا آھن. سائين حيدر لکي ٿو: ”انسان پنھنجي ذات، پنھنجي خودي جي پستين ۾ گم آھي، لهذا هو خود شناسي، توسيع ذات ۽ تسخيرِ ذات جي نصاب جو ضرورتمند آهي، جنهن جو هن کي احساس ۽ ادراڪ ناھي. اهو نصاب، جو هن جي اڪيلي خودي جي اڪيلائي ۽ تنهائي جو علاج آهي- جو هن جيِ خودي جو باقي خودين سان انساني رشتو، اتحاد ۽ خير سگالي جو رشتو بحال ڪري سگھي ٿو- جو ھن کي ذات کان ڪائنات ڏانهن ۽ ذات کان انسانذات ڏانهن مائل ۽ متوجهه ڪري سگھي ٿو- ھن جي اھڙي ساڃاه جي تجديد ۽ توسيع ۾ سندس مددگار ٿي سگھي ٿو- اِھا اُھا بابرڪت خودي ۽ خود شناسي جي منزل هوندي جا انسان کي عدل ۽ امن، سونھن، سُرت ۽ سڪون جي حقيقي ذائقن ماڻڻ جي قابل بنائيندي. “ (اقتباس : ڪڇان ڪڄاڙو، ص ۱۴۰، ۱۴۱) اصل ۾ ھڪ نڪاح جي ضرورت آهي؛ شعور ۽ ضمير جي نڪاح جي ضرورت- جيڪڏھن ٻنهي جو سنگم اڻٽُٽ بڻجي وڃي ٿو، ته ماڻهو کي ماڻهو ٿيڻ کان ڪير به روڪي نه ٿو سگھي. اھا ترتيب ئي حسن کي جنم ڏيندي، سائين لکي ٿو: ”اسانکي رڳو ذهين انسان نٿو گهرجي، رڳو بهادر طاقتور انسان به نٿو گهرجي، اسان کي اڌورو انسان ۽ اڻپورو انسان- جزوي انسان نه، پر مڪمل انسان، پورو انسان کپي.. . باشعور، باضمير، باعمل، غيرجانبدار، خود مختيار تشخص وارو انسان ٿو اسان سڀني کي گھرجي“ (اقتباس: ڪڇان ڪڄاڙو، ص ۱۹۷، ۱۹۸) ”تصوف“ سائين جي پنھنجي لفظن ۾ ”ھر د-ر جو پيغام ۽ ھر مرض جو علاج نه آھي، پر ان جي اڪثر وصفن ۽ قدرن ۾ ايترو جٽاءُ ۽ دم خم آھي جو انسان کي شرافت، حُريت، محويت، رواداري ۽ خود قرباني جي جذبي ۽ عمل لاءِ آماده ڪندا رھيا آھن. “ (اقتباس: اندر مله املھ، ص ۴۵) تصوف ڪنھن فارسي جو درس ناھي، جو ماڻھن کي سمجه ۾ نه اچي. اھو ته صرف ۽ صرف ماڻھو جي قول ۽ فعل جي ھڪجھڙائي جو درس آھي ۽ بس! ماڻھو جو قول جيترو سالم ھجي، اوترو ئي ان جو عمل به سچو ھجڻ گھرجي. ماڻھو بس پنھنجي ڳاله تي ئي بيھي ۽ اھا ڳاله انساني سماج لاءِ ڪارگر ھجڻ گھرجي. ان سادي ڳاله کان وڌيڪ تصوف ماڻھن کان ٻي ڪا ڳاله طلبي ئي ڪون ٿو. تصوف نه صرف اھو درس ڏنو، پر سکيا جي تعليم ۽ ”اک الٽي ڌار“ جي انقلاب لاءِ اتساھي ٿو. سائين حيدر موجب: ”صوفيءَ جي پنھنجي نفس جي غير صالح حصي سان بغاوت به دراصل سماج سان بغاوت آھي، ھو انھيءَ بغاوت کي جيڪڏھن ترڪ ۽ تياڳ جِي بعضي ڪا صورت ڏئي ٿو ته اھو به ھن جو احتجاجي بائيڪاٽ يا واڪ آئوٽ آھي. “ (اقتباس: اندر مله املھ، ص : ۱۰۵) ”شاعري“ سائين حيدر جي لفظن ۾ فڪري بلوغت جو مُترنم ردعمل آھي. “ (اقتباس: اندر مله املھ، ص: ۱۷۹) شاعر جي ”فڪر ۽ ويچار جا محاذ ايترو ته وسيع ۽ رفيع آھن، جن ۾ حيرت زده ٿيڻ کانسواءِ شعر جو خمير ٺھي نٿو سگھي. وڏي ڳاله ته شاعري )نفسِ شعر( شاعر جو اختيار نه بلڪه اضطرار آھي، ھن جي عالمِ محسوسات جو والھانه ۽ بي اختيارانه اقرار ۽ اظھار!“. (اقتباس: اندر مله املھ، ص: ۱۷۸) ان ڪري سائين حيدر ڪنھن به احساس ڪمتري جو شڪار ٿيڻ بدران شاعر کي صرف شاعر سمجھِي سندس عظمت کي سلام پيش ڪري ٿو. ھن کي شاعر لاءِ ”شاعر“ کان وڌيڪ ڪو ٻيو لفظ سُجھي ئي نه ٿو. ان ڪري ھو لطيف جي شاعري جا روحاني راز نه ٿو سمجھائي. ھن کي تصوف، فلسفي، سياست، سائنس وغيره وغيره جي چوغن ۾ ويڙھي پيش ڪرڻ ھن جي عظمت کي گھٽائڻ جي مترادف سمجھي ٿو. پاڻ لکي ٿو: ”ھونئن ائين چوڻ ۾ ڪھڙو ھرج آھي ته لطيف بنيادي طور تي شاعر آھي، موسيقار آھي، شاعر ھجڻ صوفي ھجڻ کاڻ ڪمتر ته نه آھي. جيڪڏھن ڪو ائين سمجھي ٿو ته پوءِ ائين چوڻ حق بجانب آھي ته شاعر جي عظمت ۽ اھميت جي عالمي ڪسوٽي اڃا اسان ماڻھن کي ميسر ڪانهي ٿي. “ (اقتباس: اندر مله املھ، ص: ۱۰۰، ۹۹) ”شاعريءَ جي اثر ۽ نفوذ جو دائرو پاڻ ڪنھن فلسفي ۽ نظرئي جي ڀيٽ ۾ گھڻو وسيع آھي، ڇاڪاڻ ته ان جا منصبي ۽ فني موضوع ماڻھن جي اڪثريت لاءِ قابل فھم آھن، ۽ قابل عمل به. ان حوالي سان تصوف تي جھڙوڪر لطيف جو احسان آھي، جو ان جا اغلاف ۽ اشڪال ھن جي ڏات جي ڪري قابل فھم بنجي پيا آھن. “ (اقتباس: اندر مله املھ، ص: ۱۰۰) ”جِي پوء مرڻ “ وارو عمل ته ھر حياتيءَ سان چُھٽيل آھي. سڀ ڪو ڄمي ٿو، جيئي ٿو ۽ نيٺ مريو وڃي، پر لطيف انھي روايتي چڪر ۾ پوڻ بدران ھڪ انقلابي استعارو پنھنجي شاعري ۾ بار بار استعمال ڪري سائين حيدر پارن عظيم انسانن کي ڇرڪايو وجھي، اھو آھي ”مري پوءِ جيئڻ“ ”مري جيءُ ته ماڻين، جانب جو جمال“ آخر اھو ڪيئن ممڪن ٿيندو ته مري پوءِ به جيئجي!؟ سائين حيدر موجب؛ ”اھو طبعي موت نه بلڪه معنوي موت آھي. “ (اقتباس: اندر مله املھ، ص: ۱۰۵) ”اھو موت، لوڀ، ڪيني، رِيا ۽ طمع واري تشخص جو موت آھي. انھن کي دفن ڪري، بي لوثيءَ، بي ريائيءَ، ۽ لاطمع واري نئين نرالي وجود کي ماڻڻو آهي. “ (اقتباس: اندر مله املھ، ص: ۱۰۹) آخر ان نئين نرالي وجود ماڻڻ سان ماڻھن کي ڪھڙيون نعمتون پلئه پونديون؟ لطيف جي شاعريءَ مان سائين حيدر ڳاله جي ڳرڀ کي واضح ڪري ٿو؛ ”لطيف نه رڳو نئين صحتمند انسان جي سرجڻ جو متمني آھي، بلڪه پوءِ ان جو ڪردار ھڪڙي فولادي انسان جي روپ ۾ نروار ٿئي ٿو. ھڪڙي سپرمئن)Super Man( جي صورت ۾، جنھن کي نه ڪا قدرتي آفت ھيسائي ۽ ھٽائي، ماري يا مڃائي سگھي ۽ نه ڪي دنيا جھان وارن جا ھٿرادو مانڊاڻ ھن جي لاءِ ڪا رڪاوٽ بنجي، ھن جي آڏو ڪو جٽاءُ ڪري سگھن ٿا. !“ (اقتباس: اندر مُله املھ، ص ۱۱۳، ۱۱۴) مٿيون ڳالھيون سمجھڻ کان پوءِ اھا ڳاله ته چٽي ٿي وڃي ٿي ته سائين حيدر جو لطيف ڏانھن رويو انتھائي غير روايتي آھي. ھن جو ھڪ Remark ته مون کان نظر انداز ٿئي ئي نه ٿو، جڏھن ھو شاه لطيف جي ھڪ بيت؛ ”ماءُ! کاھوڙي آئيا، ڏوري ڏوري ڏيھ، مَيَنِ پيرين کِھ، ڪُه ڄاڻان ڪنھن پارجي“ (سر کاھوڙي) جي تشريح ڪندي ڪندي هيئن به لکي ٿو: ”دوست! جيڪا لذت ۽ راحت انھيءَ بيت کي اُچارڻ ۽ ان جي تاثرات کي سڃاڻڻ ۽ انھي کي سيني ۾ سمائڻ ۾ آھي، ان جو مقابلو زندگيءَ جي ڪا ٻي لذت ڪري نٿي سگھي. “ (اقتباس: اندر مله املھ، ص ۱۸۰) لطيف جي حيرت انگيز ڪلام جو مطالعو ڪرڻ کان پوءِ سائين حيدر انسان ذات جي ان الميي ڏانھن اشارو ڪري ٿو )ندر مله املھ، ص ۱۰۱( ته اڍائي سؤ سال گذرڻ باجود اڃا تائين لطيف اسان لاءِ اَڇتو ۽ ڪئنارو ئي آھي، جنھن کي ڪو وسيع نظر شارح ۽ مفسر ئي ميسر ناھي ٿيو. اھا ڪا لطيف جي کوٽ نه بلڪه اسان جي بدقسمتي آھي. ھڪ ڀيري سائين حيدر جي محفل ۾ شاه لطيف جو ھڪ بيت پڙھيم: ”جوڳيءَ تي جڙاءُ، نِسورو ئي نينهن جو، پتنگ جئن پيدا ٿيو، سامي سِڄ وَڙاءُ، آيو ڪاڪ تڙاءُ، ڪُنئارن ڪڪوريو. “ سائين کان پڇم اھو ”ڪُنئارن ڪڪوريو“ ڇا آھي؟ سائين جواب ڏنو؛ ڪنواري معنيٰ اڻ ڇُھيل، ڪنوارا رڳو ماڻھون ناھن ھوندا، پر آدرش به ڪنوارا ھوندا آھن، اصول ۽ قدر به ڪنوارا ھوندا آھن، جيڪي تاريخ جي ڪنھن دور ۾ ڪنھن سوچي، چئي ۽ لکي ته ڇڏيا، ٻين ماڻھن کي ٻڌائي ته ڇڏيا، پر انھن تي عمل اڃا سوڌو انسان ذات لاءِChallenge آھي، پر لطيف جو ھي جوڳي، جنھن تي ”نينھن“ جي بيوٽي پارلر جو سينگار ٿيل آھي، ان کي انساني قدرن جي ڪنوارين اھڙو ته ڪڪوري ريٽي ڳاڙھو لال ڪري ڇڏيو آھي، جو ھن جو تاءُ، سِڄَ جيان سڄي ڪائنات کي روشن ۽ منور ڪري بيٺو آھي. سائين حيدر وٽ ته اھو ”ڪُنئارن ڪڪوريو“ ڀلي شاه لطيف ئي ھجي، پر اسان لاءِ اھو ”ڪُنئارن ڪڪوريو“ سائين حيدر ئي آھي. جيڪو پنھنجي روايتي خانداني خولن کي ٽوڙي، اعلي انساني قدرن ۽ آدرشن جي ڪُنئارن سان ڪڪورجي، سڄي زندگي ھي درس ڏيندو رھيو؛ ”اچو ته ڪي گھڙيون شرمسار ٿيڻ جي باعزت مشق ڪريون. “ ”اچو ته اڇي اُجري من جي ميراث جو در کڙڪايون ۽ اٽڪل سٽڪل، لوڪ رياءَ ۽ پاڻ پڏاءَ جي بي پاڙي وڻ ويڙھيءَ مان ”پاڻُ“ ڇڏايون. “ اچو ته امن ۽ حُسن جي دل نواز وادين ۽ اَننت سوز ۽ سُرور جي سير ۽ سواد جو پاڻ کي اھل بنايون. اچو ته خسيس کي تياڳيون. اچو ته پاڻ سنڀاريون. اچو ته گنڀير ٿيون. اچو ته مٿاھان ٿيون. اچو ته آڳاھان ٿيون. اچو ته آجا ٿيون. اچو – اچو ته آجا ٿيون. اچو ته نرواڻ ماڻيون“ (اقتباس: اندر مله املھ، ص ۲۲، ۲۳) (ماھوار ھمسري حيدرآباد آن لائين جي مارچ ۲۰۲۴ع واري پرچي ۾ ڇپيل) حيدر علي لغاري سڀاءُ ۽ فڪر امتياز احمد عرساڻي اھي انسان به عجيب احساس ۽ مزاج جو امتزاج آھن، جيڪي من کي ماٺار ڪرڻ واري ڪوشش ۾ ساري عمر گذاريو ڇڏين. پر سندن اندر ھميشه ماندو ئي رھي ٿو. سندن خيال آسمانن جي بلندين کي به ڇھيو اچن ته سندس نظر سمنڊن جي پاتال کان به ھيٺ لھيو پوي. ھو زندگيءَ جي لاھن چاڙھن ۽ اوڀارين لھوارين مان گذرندي، زندگيءَ جي حقيقتن کي سيني اندر ساڍيندي، ھر پل ھر ساعت نئين منظر ڪشيءَ سان اڳتي وڌندا ٿا رھن. سندن لوڙ، تجسس، اڻتڻ وارو احساس ڪڏھن به اختتام پذير نه ٿو ٿئي. تبديل ٿيل جڳ ميسر نه ٿئي ته سندن نظر ساڳي نظاري منجھان به ھر پل نت نئون لطف وٺڻ لاءِ آسائتي ھوندي آھي. ھو ھڪ ئي جوءِ روزانو وڃن ٿا، مگر ھر ساعت سندن نظر ان منجھان ڪا نئين راحت وٺيو اچي. محبوب جو حسن ھجي يا گلشن جون رعنايون، قدرت جا رنگ ھجن يا فطرتي دلڪشيون سندن ڏسڻ واري اک ھميشه ان مان نئين رنگ ۽ ڍنگ سان محظوظ ٿيڻ چاھيندي آھي. اھو شخص جيڪو ساڳي شيءِ مان نت نئين لذت وٺڻ جو قائل نه ٿو رھي ته نئين شيءِ جي عنوان آسري سندس زندگيءَ مان اتساھ به ختم ٿيو وڃي. تڏھن ئي ته شاھ صاحب فرمايو آھي؛ کامان، پچان، پڄران، لڇان ۽ لوچيان، تن ۾ تئونس پرينءَ جي، پيان نه ڍاپان! جي سمنڊ منهن ڪيان ته، سُرڪيا ئي نه ٿئي. سائين حيدر علي لغاري به، انھن ئي شخصيتن منجھان ھو، جنھن ھميشه پنھنجي اندر جي اڌمن کي ماٺو ٿيڻ نه ڏنو. ھو ھر پل ھر لحظي نواڻ سان ملاقاتي ھوندو ھو. سندس جمالياتي حس کان فطرت جو ڪو به لقاءُ ڇپيل ڪونه رھندو ھو. ننڍڙو ٻار ھجي يا سنگت ۽ ساٿ، مائٽ ۽ مٽ ھجي يا حسن و جمال سندس تراري مزاج کان ڪنھن جو به ڳــر ڳجھو نه رھي سگھندو ھو. ملڻ واري جو ھر بار ڪو نه ڪو نئون رخ سندس نظر منجھ لھندو ھو. جيئن ڪتاب کي ورائي ورائي پڙھڻ سان ان جو نئون پھلو ۽ مطلب سامھون اچي، تيئن ئي سائين حيدرعلي ھر تصور کي پنھنجي نئين اسم سان منسوب ڪري اظھار ڪندو ھو. فطرت جي حسن کي پروڙڻ، پرکڻ ۽ نئين انداز ۽ تخيل سان جانچڻ ئي سائين حيدر عليءَ جي فڪر جو اصل ماخذ ھو. سندس ڪيل ڪچھريون ۽ گفتار اسان جي سماج جو اثاثو آھن. سندس فڪر جا گرويده اڄ به پنھنجي عملي زندگيءَ ۾ سائين حيدر علي جي نظر سان زماني کي ڏسي رھيا آھن. ھر عام نظارو اسان جي سامھون اچي ۽ گذري ويندو آھي. موسم جي لطافت، فطرت جا منظر ھر وقت اسان جي اکيون پسنديون آھن، ليڪن ان لقاءُ کي نظر منجھ قيد ڪرڻ ۽ ان جي سونھن کي پسڻ جو احساس ۽ اظھار جي وسعت صرف سائين لغاري صاحب جي ديد ۽ مشاھدي ۾ سمويل ھوندي ھئي. روزمره اسين ڪيترن ئي شخصيتن سان ملاقات ڪندا آھيون ۽ گھڻن ئي فردن سان محوگفتگو رھندا آھيون، مگر ان ڳالھ ٻولھ جا فقرا اسين توريندا آھيون نه ئي ان منجھان حاصلات پرائيندا آھيون. سائين حيدر جو گفتو مھل، موقعي جي نزاڪت پرکيندي بيان ڪندڙ کي اھڙي تز نڪتي انداز سان موٽ ڏيندو هو جو ڳالھ ڪندڙ کي لاجواب ڪري ڇڏيندو هو. موضوع ڪيڏو ئي سنجيدو ڇو نه ھجي، سائين حيدر جي گفتار مان محفل جو ھر فرد سرور وٺندو ۽ سندس لبن مان بي اختيار مسڪراھٽ ڦٽي نڪرندي هئي. اسان گھڻن ئي واقعن جي منھن سامھون ٿيندا آھيون. مگر ڪڏھن به ان ماحول جي لاڙن سان شناسائي حاصل ڪري نه سگھندا آھيون. سائين حيدر جو احساس ھر معمولي واقعي ۽ عام رواجي اسم منجھان به اھڙو رخ عيان ڪندو هو جو ٻڌندڙ جو دماغ سوچڻ تي آماده ٿي ويندو ھو. سائين حيدرعلي لغاريءَ جي ڏسڻ، سوچڻ، پرکڻ ۽ اظھارڻ جو پنھنجو انداز ھوندو ھو. ھو عام رواجي نظريئي ۽ ڍنگ سان شين کي پروڙڻ واري استعداد کان بالاتر ھو. ھن پنھنجي تحريرن ۾ برملا ان جو اظھار رکيو آھي. جتي علامه اقبال ”عظمت ۽ شجاعت“ جي تصور کي ھڪ عظيم قوم سان منسوب ڪري چوي ٿو ته ”سبق پڙھ صداقت کا عدالت کا شجاعت کا، ليا جائي گا تجھ سي کام دنيا کي امامت کا“ اتي سائين حيدر علي جي تحرير ڪيل ڪتاب ”ڪڇان ڪڄاڙو“ جي عبارت آھي ته: ”سنڌي قوم ويچاري پنجن ھزارن سالن جي تاريخ ۾ ڪڏھن به پنھنجي عظمت جي دعويٰ ڪانه ڪئي آھي. عظمت جي جنھن تصور کي اڪثر جارحيت ۽ جارحيت کي شجاعت جي قدر سان سلھاڙي پيش ڪيو ويندو آھي، خبر ناھي اسان جا سماج شاستري پنھنجي شاسترن ۾ مھذب قوم ۽ متمدن سماج جا ڪھڙا معيار ٿا بيان ڪن. موھن جي دڙي جا ماڻھو به ٻين ملڪن تي ھلان ته ڇا پر پنھنجي دفاع ۽ حفاظت کان ايترو غافل ھئا جو ھنن جي ورثي ۽ سرمايي جي باقيات مان ڪو موثر ھٿيار دستياب نه ٿيو آھي. اسان وٽ ھنن جي مھذب ھجڻ جون سوين ثابتيون ۽ علامتون آھن، پر اھي سڀ انھيءَ ڪري بيڪار ۽ بي اثر آھن ۽ انھن جي ڪنھن ڪم ڪونه آيون جو اھي ان نام نھاد ”عظمت ۽ شجاعت“ جي معيار کي انھيءَ ڪري ماڻي نه سگھيا جو انھن ۾ پنھنجي بستيءَ کان ٻاھر نڪري ڏوراھين بستين تي ھلان ڪرڻ يعني جارح ھجڻ يعني ”بھادر“ ھجڻ جي اھليت ڪانه ھئي“. سائين حيدر علي اعتقادي نظرين کي پڻ پنھنجي ئي نگاھ سان پروڙي پنھنجي چاھيندڙن کي فڪرانگيز ڪيو. انسان جي قبل تاريخ جي موضوع تي سندس بيان پڻ روايتي نظرين کان جداگانه ۽ نئين نسل لاءِ اڄ مشعل راھ آھي. سندس مختلف مضمونن جون تحريرون ان حقيقت جون گواھ آھن ته ھن ھميشه بيٺل ذھنن جي تند کي ڇيڙي انھن اندر جنبش پيدا ڪئي ۽ سندس ڪيترائي چاهيندڙ ان نظريئي جا پيروڪار ٿي نئين ۽ آزاد سوچ جا بنيادرکيائون. سائين حيدر علي پنھنجي سوچ و فڪر کي ڪنھن تي مسلط ڪرڻ جو خواھان ھرگز نه رھيو. سندس فڪري سوچ اتي ئي براجمان ٿيندي ھئي جتي ھم خيال دوست گڏ ٿيندا ھئا. سوال جواب ۽ ان جا نڪرندڙ نتيجا ھميشه ھڪ اڻ کٽ بحث جو موضوع رھندا ھئا. ھو پنھنجي بيان سان ڪنھن جي به دل آزاري ٿيڻ جو ھميشه خيال رکندو ھو. سائين سمجھندو ھو ته ھر ڪو پنھنجي ماحول ۽ موروثيت منجھان ڄاڻ کڻي پھتو آھي، ھن جي سوچ، سمجھ ۽ خيال سندس روايتن جا اسير آھن، تنھن ڪري ڪنھن به سڌي سئين طريقي سان بيان ڪرڻ سندس عقيدن کي ڇيڙڻ دل آزارڻ برابر آھي. اھو ئي سبب آھي جو سائين جا گفتا ھميشه زو معني ۽ سمجھڻ ۽ پاڻ سوچڻ تي مجبور ڪندا ھئا. سائين حيدر علي جي شخصيت جي ڪشش ۾ ڪيترائي چاهيندڙ گرويده ٿيا، سندس طبعي زندگي پوري ٿيڻ کانپوءِ به سندس شاگردن ۾ ايتري ئي چاهت ۽ اڪير نظر اچي ٿي، جيتري سندس زندگيءَ ۾ هئي. سندس شاگردن جو وڏو حلقو شيرين گفتگو، حسن اخلاق ۽ سندس شخصيت جي تاثير ۾ گم آهي. جيتوڻيڪ سائين حيدر پنهنجي ڀوڳ واري انداز فڪر سان سڃاتو وڃي ٿو پر اهو فڪر هڪ خاص سماجي رخ جي عڪاسي ڪري ٿو. سائين حيدر جي انتخاب ۾ اهو ئي ڀوڳ رچيل هوندو هو. هُو پنهنجا خيال ۽ فلسفي جي منتقلي پنهنجي قول و فعل ذريعي ڪندو هو، جيڪو سندس درس تدريس جو خاص انداز هو. پاڻ جيڪڏهن ايئن چئون ته حيدرعليءَ جي گفتار، سندس درسگاهه جو عڪس هئي ته غلط نه ٿيندو. ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي، سائين حيدر لغاري جي تحرير کي فرانس جي سارتر جي لکڻين ۽ رجنيش جي تعليمات سان تشبيھ ڏيندي ڪڇان ڪڄاڙو ۾ سندس فن بابت ويچار وڊيندي لکيو آھي ته: ”منھنجي اندازي ۾ حيدر علي جي تحرير سنڌي معاشري ۾ اھو ئي وزن رکي ٿي، جيڪو سارتر جي لکتن کي فرانس ۾ آھي يا وري رجنيش جي فلسفي جي تعليم يافته فردن ۾ مقبوليت آھي. منھنجي چوڻ جو مقصد اھو ناھي ته حيدر علي لغاري سارتر يا رجنيش جي تقليد ۾ لکيو آھي، جيڪي ھن دور ۾ جديد فسفي جا داعي مڃيا وڃن ٿا ۽ جن زندگيءَ جي فسفيانه مسائل تي تسلسل ۽ تعقل سان لکيو آھي. آئون ايترو چوان ٿو ته حيدرعلي جا موضوع ۽ مضمون ۽ بعضي اٿاريل سوالن ۽ جوابن ۾ سمايل فھم جي نوعيت به فلسفيانه ٿئي ٿي، جنھن ۾ سندس حيات آفرين پيغام ھوندو آھي“. سائين حيدر لغاريءَ پنهنجا معتقد پيدا ڪرڻ يا پنهنجي سوچ جو ڪاروان جاري رکڻ جي خواهش کي پڻ هو ائين ئي سمجهندو ھو، جيئن ڪو ”پير“ پنهنجو چيلو پيدا ڪري. سندس پنهنجو زاويو سامهون رکڻ واري ڪرت زندگي جو حصو رهي. هو هميشه صوفيت ۽ عقيدت تي انحصار ڪرڻ بجاءِ پنهنجي عمل وسيلي زندگي جي حقائق تي غور ڪرڻ ۽ سوچڻ جي ترغيب ڏيندو رهيو. سائين حيدر لغاري ڪڏهن به روايتن تي ٻڌل اخلاقي اقدارن ۽ صحيح غلط جي معيارن کي حتمي تصور نه ڪيو. سائين جي فڪر ۽ سڀاءُ جو سلسلو اڻٽٽ آھي، سندس ويچار ۽ فلسفو نسل در نسل ھلندو رھي ٿو. ھزارين طالب سندس فلسفي جي اثر ھيٺ پنھنجي تعليمات کي اڳيان وڌائي رھيا آھن. انھن شاگردن ۾ محترم سلام انڙ، محترم الطاف ميمڻ ۽ محترم شوڪت اڄڻ کان علاوه ڪيترائي ٻيا شاگرد قابل ذڪر آھن، جن جو ذڪر مضمون جي گھرجن لاءِ اضافي ٿيندو. (ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۶ آگسٽ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
سندري اتم چنداڻي سنڌي ناول جي خاتون اول رکيل مورائي اڄ منهنجي آڏو لکت ۾ اهڙو پروف موجود آهي، جو مان سنڌي ٻوليءَ جي نهايت آبرودار ڪهاڻيڪار ۽ بيحد تخليقي ناول ”ڪرندڙ ديوارون“ ۽ ”پريت پراڻي ريت نرالي“ جهڙن ناولن جي ليکڪا محترمه سندري اتم چنداڻيءَ کي ”سنڌي ناول جي خاتون اول چوان“ ڇاڪاڻ ته اها منهنجي درستي نامياري ليکڪا ۽ سنڌي ادب کي گهڻي کان گهڻا ناول ڏيندڙ ۽ سنڌي ناول کي هڪ مرتبو عطا ڪندڙ، ڪلا پرڪاش ڪئي هئي، جڏهن مون سندس اڄ تائين ڇپيل آخري ناول ”اوکا پنڌ پيار جا“ جو مهاڳ لکندي کيس ”سنڌي ناول جي خاتون اول ڪوٺيو هئو ۽ پوءِ هن پنهنجي خط ۾ لکيو هئو ته ”سندري ئي سنڌي ناول جي خاتون اول آهي ۽ اهڙي اهميت هن کي ملڻ گهرجي“. حيدرآباد جي ڄاول سندري اتمچنداڻيءَ ورهاڱي جي واءَ ۾ اڏامي ممبئيءَ وڃي وسائي، ۽ هند ۾سنڌيت جي جوت کي آخري ساهه تائين سلامت رکندڙ اي جي اتم سان شادي ڪيائين. سنڌي ادب جي مان ڀايان ٿو ته هيءُ پهرين جوڙي آهي، جنهن هند ۾سنڌي ادب لاءِ لاڳيتو پاڻ پتوڙيو. اي جي اتم، سنڌيت لاءِ وڙهندڙ ان ٽمورتيءَ جي هڪ مورت هئو، جنهن جون ٻه مورتيون گوبند مالهي ۽ ڪيرت ٻاٻاڻي آهن. اتم نظرياتي طور ترقي پسند رهيو ۽ آخري گهڙي تائين، سندري پڻ ذهني طور ترقي پسنديءَ کي ويجهو رهي، پر هن پنهنجي تخليقن ۾ نظرئي کي داخل ٿيڻ گهٽ ڏنو ۽ ائين سنڌي ادب ۾ اهو مشهور ٿيو ته سندري ۽ اتم ريل جون ٻه پٽڙيون آهن جيڪي گڏوگڏ هلي رهيون آهن. سندريءَ جون تخليقي صلاحيتون سندس شروعاتي لکڻين ۾ ئي ظاهر ٿيڻ لڳيون هيون ۽ ڏسندي ڏسندي هوءَ سنڌي ادب جي آڪاس تي اڏامڻ لڳي. ان ڳالهه کان سنڌي ادب پڙهندڙ توڻي سنڌي ادب جا سنجيده نقاد، ساڳئي وقت سندريءَ جي لکڻين جا نقاد ڪڏهن به انڪار نه ڪري سگهندا، ته سندريءَ کي ادب ۾ اهم جڳهه ڏيارڻ ۾ ڪامريڊ اتم جو گهڻو هٿ هيو. هن کيس مڪمل سهڪار ڏنو ۽ اڳتي آڻڻ ۾ ٻانهن ٻيلي رهيو. هند ۾ پهريون ۽ شايد آخري به ترقي پسند ادب کي ڇپيندڙ رسالو ”نئين دنيا“ رسالو آهي، جنهن ۾ سندريءَ جون لکڻيون لڳاتار شايع ٿينديون هيون، سندس ڪهاڻين ۾ سنڌي ٻوليءَ جي محاوري جو استعمال ايترو سهڻو آهي جو سندس ڪهاڻيون پڙهي گمان ئي نه ٿيندو ته اهي ممبئيءَ ۾ ويهي لکيل آهن، آخر تائين دادي سندريءَ جي ڪهاڻين مان حيدرآباد جو هڳاءُ ايندو رهيو ۽ هيرا آباد جي عاملياڻين جي سندرتا نظر ايندي هئي، ساڳئي وقت سنڌوءَ جي مٺي پاڻيءَ جو ساءُ به محسوس ٿيندو هئو. سندريءَ ڪهاڻين سان گڏ به ناول به لکيا آهن، جنهن مان هڪ جو نالو آهي ”ڪرندڙ ديوارون ۱۹۵۳ع“ ۽ ٻئي نالو آهي ”پريت پراڻي ريت نرالي ۱۹۶۱ع“. ورهاڱي کان پوءِ هند ۾ لکيل ”ڪرندڙ ديوارون“ اهم سنڌي ناول آهي، جيڪوهڪ عورت ليکڪا جو آهي، هيءُ اهڙو ناول آهي جيڪو الڳ الڳ نظريو رکندڙ سڀني اديبن ۾ تخليقي طور اهميت ڀريو ڄاتو ويو آهي. ۽ هاڻ مان بنا ڪنهن تهميد جي سڌو ناول ”ڪرندڙ ديوارون“ تي اچان ٿو، سندريءَ اتمچنداڻي جو هيءُ ناول ورهاڱي کان اڳ ۽ پوءِ وارين تڪڙين بدلجندڙ حالتن تي لکيل آهي. ۽ ورهاڱي کان پوءِ شايد سنڌي ڪنهن به ليکڪا جو هي پهرين ڪجهه ناولن مان هڪ ناول پڻ! هيءُ ناول ايتري وضاحت به لهڻي ٿو جو چوان ته هن ناول کي انهن ادب جي الڳ الڳ ڌارائن سان تعلق رکندڙ سنڌي اديبن به ساراهيو آهي جيڪي سندري اتمچنداڻيءَ کي ترقي پسند ليکڪا مڃيندا رهيا. انهن مان ٽي نالا مان اوس ڏيڻ چاهيندس. جيڪي ٽئي ترقي پسند ادب جا وروڌي/مخالف هئا، هڪ لعل پشپ ٻيون گنو سامتاڻي ۽ ٽيون موهن ڪلپنا، مان قبول ڪيان ٿو، ته هن ناول کي اهم ناول قبول ڪرڻ لاءِ مٿين ليکڪن جي راءِ سند جي حيثيت رکي ٿي. ڪرندڙ ديوارون ناول ڇا هي، اڄ جي ادب ۾ هن جي اهميت ڇا بڻجندي، ان بحث کي ڇڏي، مان ناول جي هڪ ڪردار ريکا کي کڻان ٿو جيڪو هن ناول جو مرڪزي ڪردار آهي. سندري اتمچنداڻي هن کي ڪيئن پيش ڪيو آهي، سندس زباني ” رڪمڻي ! هيءَ ڌيءَ ته کير پي ڄڻي اٿئي“ ۽ هن سٽ مان ريکا جي سموري سونهن ظاهر ٿي پوي ٿي. ناول جي هن اهم ڪردار ريکا ڪجهه عمر سنڌ ۾ گذاري آهي ۽ ورهاڱي کان پوءِ ممبئي جي هڪ غريب وسنديءَ ۾ پنهنجي زندگي، مڙس سان نهايت سک ۾ گذاري رهي آهي. چندر نالي نوجوان ريکا جو مڙس آهي ۽ مارڪسوادي آهي. ريکا جي ذهني اوسر کي مخصوص سماجي حقيقت نگاريءَ جي نقطي نظر کان چٽيو ويو آهي جيڪو تخليقي آهي. سنڌ جي ماحول ۾ پليل ريکا شاديءَ کان پوءِ پنهنجي مڙس چندر جي ويجهڙائپ ۾ جنهن طرح بدلجندي ڏيکاري وئي آهي اتي ريکا جو ڪردار گورڪيءَ جي جڳ مشهور ناول ماءُ جي مرڪزي ”ڪردار پاويل ماءُ“ سان ملي ٿو، پنهنجي دور جي ادب تي سموري دنيا ۾ اثر انداز ٿيندڙ هن ويچار ڌارا جي اثر هيٺ لکيل هيءُ ناول پنجن ڪردارن تي ٻڌل آهي. ٻه ڀائر، ٻه انهن جون زالون ۽ هڪ ماءُ آهي جيڪا سنڌ ۾ هوندي هڪ سکيئي ستابي گهر جي مالڪياڻي هئي. پر ورهاڱي کان پوءِ ممبئيءَ ۾ اچي هڪ ننڍي گهر ۾ ٻن پٽن ۽ انهن جي زالن سان گڏ گهاري ٿي. کيس ٻه ننڍڙا پٽ به آهن. گلاب ۽ چندر ٻه ڀائر آهن، وڏو گلاب پيسا ڪمائي گهڻي حد تائين ماڻهپو ڇڏي ڏئي ٿو ۽ ننڍو چندر ماڻهپي کي بچائڻ لاءِ پيسن جي پٺيان نٿو لڳي، هن جو مڃڻ آهي ته جڏهن طبقاتي انقلاب ايندو ته ڪو به غريب نه رهندو، ائين اسين به غريب نه رهنداسين. سندس بيحد سهڻي زال ريکا جيڪا هڪ چڱي موچاري گهر مان پرڻجي غريب گهر ۾ آيل آهي، ۽ جڏهن ان گهر جو وڏو گلاب آفريقا مان جهجو ناڻو ڪمائي ٿو اچي تڏهن پنهنجي تکي سڀاءُ واري زال ديوي سان گڏ ننڍي ڀاءُ کان الڳ ٿي رهڻ ٿو لڳي ۽ آخر ۾ ڀڏن ڪمن سبب سندس پيسو توڙي فليٽ هليا وڃن ٿا ۽ هو موٽي پنهنجي ڀاءَ چندر وٽ اچي ٿو رهي. گهر کي پاڻ ڀرو ڪرڻ لاءِ ريکا نوڪري ڪرڻ لاءِ گهران نڪري ٿي ۽ چندر کي پڪ ڏياري ٿي ته هن سماج کي بدلائڻ لاءِ گڏجي جدوجهد ڪنداسين ۽ ريکا جي اهڙي ارادي آڏو طبقاتي سماج جون ديوارون ڪرڻ لڳن ٿيون وغير وغيره. سندريءَ جو هيءَ ناول، جيڪو ويچار جي سطح تي مارڪسوادي ويچارڌارا کي کڻي اڳتي وڌي ٿو. پر ادب ۾ ان جي اهميت ڪيتري جڙي ٿي ان لاءِ منهنجي جاچنا انهن ليکن تي بيهي ٿي جيڪي شڌ/تخليقي ليکڪ آهن مثال طور، هريش واسواڻي، موهن ڪلپنا، گنو سامتاڻي، لعل پشپ، هيرو شيوڪاڻي، جيڪي تخليقڪارن سان گڏ اعليٰ نقاد پڻ آهن ۽ اهي نالا کڻي مون کي حيرت جي حد تائين عجيب لڳي ٿو ۽ سندن ادبي ايمانداريءَ ثبوت ملي ٿو ته ڪامريڊ اتم سان وڏي جنگ وڙهندي به ادب جي هن اهم ٽمورتي ۽ هريش واسواڻيءَ جهڙي ليجنڊ اديب هن ناول کي بيحد ساراهيو آهي، ساڳئي وقت هيري شيوڪاڻيءَ جهڙي سخت نقاد پڻ هن ناول کي تخليقي ناول سڏيو آهي ۽ منهنجي نظر ۾ هيءَ ناول پنهنجي هڪ هڪ پيرا ۾ جنهن تخليقي سطح تي اڀري آيو آهي، اهو ان دور جي ترقي پسند ادب جو معجزو آهي. ريکا، چندر، گلاب، گلاب جي ماءُ ۽ ديوي، اهي ڪردار سڀ مختلف سوچيندڙ آهن انهن کي سندريءَ جهڙي بيمثال ليکڪا جنهن ترتيب سان پنهنجي ناول ۾ اڻيو آهي اهو پنهنجو مٽ پاڻ آهي. سندري اتمچنداڻيءَ جي ٻولي محاوريدار ۽ نج تخليقي ٻولي آهي، جنهن هن کي ادب ۾ بيحد مڃتا ڏني آهي. ها اڄ به مون کي هڪ ڳالهه ضرور کٽڪي ٿي ته هيءَ بيحد تخليقي ناول پنهنجي پڄاڻي تي تبليغي سطح تي اچي ٿو بيهي، جنهن ڪري وري به هيءُ ناول نظرياتي ادب جي ور چڙهي وڃڻ جو امڪان رکي ٿو. جڏهن ته هن کي نج تخليقي مڃتا تي پورو لهڻ گهربو هئو، ۽ هاڻ سندري اتمچنداڻيءَ جو ٻيون ناول، ”پريت پراڻي ريت نرالي“. هيءُ ناول ۱۹۶۱ع ۾ ڇپيو آهي، ۽ سندريءَ جو ٻيون نمبر ناول آهي، هن سماجي ناول تي گهڻي حد تائين رومانوي، ويچارڌارا جو اثر آهي. ناول ۾ هڪ ننڍڙي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ پيار به آهي، وڇوڙو به آهي ۽ اميد به آهي. ناول ۾ مکيه ڪردار ٽي آهن، موتي، سولا ۽ جمنا، ٻيا ننڍا ڪردار سندن خاندان وارا آهن، ناول، سنڌي سماج کي ڪجهه ڏئي ٿو، هڪ اعتماد، اعتبار ۽ نيڪي، جيڪا دراصل، ليکڪا جي پنهنجي اندر ۾ موجود آهي. هي ناول سنڌي ناول کي ڪي وکون اڳتي وٺي اچي اهڙو منجهيس گهٽ آهي، جيڪو گهڻي ۾ گهڻو هن ناول ۾ آهي، اهو آهي سندري اتمچنداڻيءَ جي بيحد خوبصورت ۽ محاوريدار ٻولي جيڪا ڪردار ڳالهائين ٿا، هڪ ڏکوئيندڙ پيار ڀريو قصو، ۽ ڪردارن پاران پنهنجي اندر جو نج اظهار موتي ۽ سرلا، ڪلاس فيلو آهن، هڪ ٻئي سان پيار ڪن ٿا، پر موتيءَ جي شادي مائٽن جي پسند تي جمنا سان ٿئي ٿي جيڪا هڪ ڳوٺائي ڇوڪري آهي. موتي دکي آهي، سرلا پنهنجي ليکي دکي آهي، ٻئي ڪردار پنهنجي پنهنجي اندر کي اظهارين ٿا، هنن جا پنهنجا پنهنجا ويچار آهن، سرلا، آفيس ۾ هڪ ٻئي نوجوان نارايڻ سان شادي ڪرڻ جو سوچي ٿي، وچ ۾ وري موتي اچي ٿو پر سرلا بهادريءَ سان پنهنجي موقف تي بيٺل آهي. سڀ ڪردار پنهنجي پنهنجي اندر ۾ دکي آهن، پر هڪ موهه ۾ جڙيل آهن جيڪو ئي کين ڳنڍي ٿو. سندن آس پاس ٻيا ڪردار به آهن، سرلا جا ماءُ، پيءُ، موتي جا دوست وغيره وغيره. پر ناول ٽن مکيه ڪردارن موتي، سرلا ۽ جمنا تي آڌارت آهي. هنن جي پنهنجي نفسياتي ۽ ذهني ايپروج آهي، هن ناول سان گڏ جيڪڏهن همعصر ادب جو مطالعو ڪبو ته هند جا ٻه ٻيا ناول ناول سامهون اچي ويندا جيڪي ساڳيو گهاڙيٽو کڻي اچن ٿا. ڀڳوان اٽلاڻيءَ جو هندي ناول اپني اپني مريچڪا، پنهنجي پنهنجي رڃ ۽ گجراتي ناول نگار خاتون ڪندنيڪا ڪاپڙيا جو اعليٰ ترين ناول. ”ست قدم آڪاش“ ۾ هنن ٻنهي ناولن ۽ ”ريت پراڻي ريت نرالي“ جا موضوع الڳ هوندو به گهاڙيٽو ساڳيو آهي، جنهن مان اها ڳالهه چٽي ٿي پئي ته هند جي لکندڙن کي هند ۾ هڪ وسيع تجربو حاصل ٿيو آهي، جنهن ڪري سندن ناول اڄ سنڌ جي ناول کان گهڻو مٿي بيٺو آهي، سندريءَ جي هن ناول جو ڪردار موتي، پنهنجي دوستن جا پنهنجي گهروارين ڏانهن رويا ڏسي، پنهنجي گهرواريءَ ڏانهن موٽي ٿو، جيڪا سندس وڇوڙي، ۾ ڪنهن مرض سبب آخري پساهن ۾ آهي، هوءَ موتيءَ کي ڏسي دم ڌڻيءَ حوالي ڪير ٿي ۽ موتي پنهنجي پراڻي پريت کي ساري، نئين ريت نڀائڻ واري جمنا لاءِ غمگين ٿي وڃي ٿو. ائين جيئن ڪنهن انڊين فلم ۾ ٿيندو آهي. مون کي احساس آهي ته ناول تي هن طرح لکڻ سان لکڻ جو رواج هند جي مختلف ٻولين ۾ عام آهي، خود سنڌيءَ ۾ به عام جام آهي. بهرحال هن ڪجهه حقيقت نگاري ڪجهه رومانوي، ڪجهه سماجي ۽ ڪجهه ترقي پسند ويچار کي گڏيل نموني کڻي هلندڙ ناول سندري اتمچنداڻي ان دور ۾ لکيو جڏهن سنڌي ٻوليءَ کي ناول جي گهڻي گهرج هئي، جيتوڻيڪ سنڌي ٻوليءَ کي اڄ به ناول جي گهرج آهي، تنهن هوندي به خاص طور هند جو سنڌي ناول ۽ عام طور سنڌ جو سنڌي ناول اڄ گهڻو اڳتي نڪري آيو آهي، ايترو اڳتي جو ان کي کڻي ادب ۾ چڱو موچارو، اڀياس لکي سگهجي ٿو، ٻيءَ طرح سنڌي ناول کي اڃا گهڻو پنڌ ڪرڻو آهي، اهو طئه آهي ته هند توڻي سنڌ جي ناول بابت ۽ ان جي ترقيءَ بابت جڏهن به ڪو اڀياس لکيو ويندو ته سندريءَ جو ناول ”ڪرندڙ ديوارون“ ان ترقيءَ واري سفر جي هڪ اهم اڳتي وڌايل وک طور ضرور ڳڻايو ويندو ۽ ”پريت پراڻي ريت نرالي“ ان فهرست ۾ ڳڻايو ويندو جنهن ۾ ٻه سؤ کن ناولن جا نالا درج هوندا ۽ بس!. سندري اتم چنداڻي سڄڻ سونيءَ تند جئن! تاج جويو ”تاج! اڄ تاريخ جو هڪ دؤر پورو ٿي ويو، اسان جي ادبي ساٿاري سندري اتمچنداڻي به موڪلائي وئي.“ هي هو موتي پرڪاش، جيڪو آديپور، ڪڇ مان موبائيل فون تي ڳالهائي رهيو هو، ۽ گڏوگڏ اوڇنگارون به ڏئي رهيو هو. خبر ٻُڌندي مون کان به هڪ وڏي اوڇنگار نڪري وئي. الا! سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب ڇورا ڇنا ٿيندا پيا وڃن. هر سال ڪيترا ساڃهه وند اديب ۽ اديبائون اسان کان دؤر ٿيندا پيا وڃن ۽ شيخ اياز پُڪاري پيو چوي: ڏور ٿيندا وڃن، روز جوڳيئڙا، تون اڃا پيو جيئين، هاءِ ڙي جيئڙا. سُندري، سنڌ ۽ هند جي اوچي پد جي ليکڪائن ۾ شمار ٿيندي هئي. هوءَ ۲۸ سيپٽمبر ۱۹۲۴ع تي حيدرآباد سنڌ جي سُرهين هوائن ۾ ڄائي هئي. هوءَ نه رڳو نامياري ليکڪا، ڪهاڻيڪار، ناول نگار، ناٽڪ نگار ۽ شاعر هئي، پر ريڊيو، ٽي. وي ۽ اسٽيج جي به هڪ سٺي اداڪار هئي. گذريل ساٺيڪو سالن کان سنڌي ادب جي لاڳيتو خدمت ڪندي پئي آئي. هن جو وَر سنڌي زبان جو ترقي پسند، روشن خيال اديب ۽ انقلابي، اي. جي. اتم هو، جيڪو پڻ ٻه ٽي سال اڳ اسان کان وڇڙي ويو هو. سُندريءَ پرائمري تعليم شوقيرام چانڊو مل ميونسپل اسڪول حيدرآباد ۽ مئٽرڪ تولارام گرلس هاءِ اسڪول حيدرآباد مان حاصل ڪئي. هن بنارس هندو يونيورسٽيءَ مان انٽر سائنس ڪئي، کيس ڊاڪٽر ٿيڻ جو ڏاڍو شوق هو، پر ان زماني ۾ ڪراچيءَ ۾ ڪو ميڊيڪل ڪاليج نه هو ۽ هن جو اهو شوق پورو نه ٿي سگهيو. هن ورهاڱي کانپوءِ ۱۹۴۹ع ۾ بنارس يونيورسٽيءَ مان بي. اي ڪئي ۽ ايس. اين. ڊي. ٽي يونيورسٽيءَ مان سنڌي ۽ انگريزي ادب ۾ ايم. اي ڪئي. سندري اسڪولي جيون ۾ پنهنجي استاد جمنا لکاڻيءَ کان ڏاڍي متاثر هئي ۽ کيس ماسترياڻي ٿيڻ جو شوق هو. تعليمي اڀياس پوري ڪرڻ کانپوءِ هن ڪجهه وقت لئبررين، ڪلرڪ ۽ ماسترياڻيءَ طور فرض سرانجام ڏنا ۽ اڳتي هلي بمبئيءَ جي ڪي. جي. کلناڻي ڪاليج مان ليڪچرار طور رٽائر ڪيو. سندريءَ کي ننڍپڻ کان وٺي ادبي ڪتابن پڙهڻ جو وڏو چاهه هو. ڪراچيءَ ۾ پڙهڻ دوران هوءَ ڪجهه وقت لاءِ عورتن جي رسالي ’ساٿيءَ‘ جي ايڊيٽر به رهي ۽ ان ۾ هڪ روسي ڪهاڻي ترجمو ڪري ڇپائي هئائين. هن جي ترقي پسند ويچار ڌارا تي ٻَڌل پهرين لکڻي، ’منهنجي ڌيءَ‘ ۴۷-۱۹۴۶ع ڌاري ’ساٿي‘ رسالي ۾ شايع ٿي هئي. جڏهن ۱۹۴۹ع ۾ ممبئيءَ ۾ سنڌي ساهت منڊل (سنڌي ادبي سنگت) قائم ٿي، ته سندري اُن جي هفتيوار ڪلاسن ۾ باقاعدي شريڪ ٿيندي هئي. سندري ورهاڱي کان اڳي ’سنڌي سرڪل‘ ۽ ’سنڌي ادبي سنگت‘ جي ڪراچيءَ ۾ ٿيندڙ ڪلاسن ۾ به شريڪ ٿيندي هئي، جن ۾ منگهارام ملڪاڻي، رام پنجواڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي، بهاري لال ڇاٻڙيا، موتي رام رامواڻي، شيخ اياز ۽ سوڀو گيانچنداڻي شريڪ ٿيندا هئا، ان ڪري جديد ترقي پسند ادب سان هن جا لاڳاپا منڍ کان ئي قائم هئا، جيڪي اتم سان گهر گرهستي ٻنڌڻ ۾ لاڳاپجڻ کانپوءِ وڌيڪ پڪا ۽ پختا ٿي ويا. سندري، ڀارت ۽ يورپ جي ڪلاسيڪي ۽ جديد ترقي پسند اديبن- ڪاليداس، ٽئگور، شرت چندر، پريم چند، يشپال، ڪرشن چندر، شيڪسپيئر، وڪٽر هيوگو، مئڪسم گورڪي، ٽالسٽاءِ، ٿامس هارڊي، اوهينري ۽ ٻين کان متاثر هئي. هن مئڪسم گورڪيءَ جو ناول ’ٽُٽل ساز‘ ۽ ڪرشن چندر جو ناول ’پياسي ڌرتي، پياسي دلڙيون‘ ترجمو ڪري ڇپرايا. ان کانسواءِ هن امرتا پريتم جي ناول جو ترجمو ’هڪ سسئي، سئو سُور‘ جي نالي سان ۽ مليالم ٻوليءَ جي ليکڪ تڪشي شنڪر جو ناول ’ساگر جي سنتان‘ (اولاد) عنوان سان ترجمو ڪري ڇپايا. ان کانسواءِ هن شولوخوف جي چونڊ ادب جو ترجمو ’شولوخوف جي جهلڪ‘ عنوان سان پڻ ترجمو ڪري ڇپايو هو. سندري هڪ سٺي شاعر به هئي. سندس شاعريءَ جا ٻه ڪتاب: ’هڳاءُ‘ ۽ ’ڏات بڻي لات‘ ڇپيل آهن، جڏهن ته هن ۹۵ روسي شاعرن جي شاعري، سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري، ’امن سڏي پيو‘ (۱۹۶۵ع) نالي ڪتاب ۾ شامل ڪئي. ان کانسواءِ هن روسي صدر ليونڊ برزنيف جي يادگيرين تي ٻَڌل ٽي ڪتابڙا: ’ملايازيمليا‘، ’نئون جنم‘ ۽ ’ڪنواري ڌرتي‘ به ترجمو ڪيا، جن تي کيس ۱۹۷۹ع ۾ سوويت لئنڊ نهرو ايوارڊ مليو ۽ هن ۱۴ ڏينهن جو روس جو مهماني دؤرو به ڪيو. ان دوري کانپوءِ هن ’نئين سڀيتا درشن‘ عنوان سان روس جو سفرنامو پڻ لکي ڇپايو هو، جنهن کي وڏي مقبوليت ملي. سندري، نامور ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار به هئي. سندس ڪهاڻين جا ڏهه مجموعا، ٻه ناول ۽ هڪ ناٽڪن جو مجموعو شايع ٿيل آهن، جيڪي سنڌي جديد ادب ۾ اهم مقام رکن ٿا. ان کانسواءِ سندس مضمونن جا به ڪيترا ڪتاب ڇپيل آهن. سندريءَ کي ڀارت سرڪار جي تعليم کاتي، مرڪزي ساهتيه اڪيڊمي ۽ اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا ۽ ٻين ادارن پاران ڪيترا ادبي انعام ۽ اوارڊ به مليا. سندريءَ جو سنڌي ٻوليءَ کي هندستاني آئين جي اٺين شيڊول ۾، ’قومي ٻوليءَ‘ طور مڃائڻ واري تحريڪ ۾ به وڏو ڪردار رهيو آهي، جنهن سفر ۾ سندس گهر وارو اي. جي. اتم، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي، موتي پرڪاش، ڪرشن راهي، پوپٽي هيراننداڻي، مايا راهي، هري دلگير، گورڌن ڀارتي، ٽيڪچند مست، لڇمڻ ڪومل ۽ ٻيا به شامل هئا. اهو ڪيڏو نه روح پرور منظر هو، جڏهن سندري اتمچنداڻيءَ، پنهنجن ۵۱ ساٿين سان گڏ سنڌي الف- ب جي ۵۲ اکرن جا ڪارڊ سيني تي سجائي، ’انڊين پارليامينٽ‘ آڏو هڙتال ڪئي هئي ۽ نعرا هنيا هئا. اڄ هندستان ۾ سنڌي ٻولي جيڪڏهن زنده آهي، ته اُن ۾ پوپٽي هيراننداڻي، مايا راهي ۽ سندري اتمچنداڻيءَ جهڙين ليکڪائن جو وڏو ڪردار آهي. سندري نهايت سٻاجهي عورت هئي، سندس لهجي ۽ رويي ۾ مامتا واري محبت جا مڻ ڀريل هئا. منهنجون ساڻس ۸۶-۸۷، ۲۰۰۸ع، ۽ ۲۰۱۱ع ۾ ڪيتريون ئي ملاقاتون ٿيل هيون. مون هن جهڙي ٻاجهاري ليکڪا صرف پوپٽي هيراننداڻيءَ کي ئي پاتو هو. هن جي آشا چاند جهڙي سڀاڳي ڌيءُ، دبئيءَ ۾ ’سنڌيت‘ جي جوت جلايو ويٺي آهي ۽ اُن دنيا جو پهريون سنڌي سکيا سافٽ ويئر ’اچو ته سنڌي سکون‘ (Lets’ Learn Sindhi) پڌرو ڪيو آهي ۽ KTN سان گڏ ڪيترا ثقافتي ۽ سنگيت جا پروگرام به ڪرايا آهن. سندريءَ سان آخري ملاقات ۾ مون سان شوڪت شورو ۽ اياز گل به گڏ هئا، اڄ جڏهن سندري هن دنيا ۾ نه رهي آهي، تڏهن سندس چهرو ۽ سڀاءُ اکين آڏو ڦري اچن ٿا ته هڪ نامعلوم سنڌي شاعر جو هي بيت ذهن تي تري اچي ٿو: وساريان نه وسرن، نه وسارڻ جيها، ريکون ٿي رهيا، سڄڻ سونيءَ تند جئن! (اڱارو ۰۹ جولاءِ ۲۰۱۳ع) سندري اتم چنداڻي سنڌي ادب جي واڌاري ۾ سندس ڪردار صعيم علي ڀيلار سِنڌي ادبَ جو گُلشنُ مھِڪائڻَ ۾ جتي سِنڌي هندو اديبن پاڻ موکيو آهي، اُتي سنڌي هندو عورت ليکڪائون پڻ ڪُلھو ڪُلِھي سان ملائي اَدبي سفرَ ڪيا آهن. سنڌ جو شھر حيدرآباد ڳچ عرصي کان علم، ادبَ ۽ اَملھه ليکڪ ۽ ليکڪائن جو شھر رهيو آهي. هنَ تاريخي شھرَ، ٽنِ وڏين بَرک ليکڪائن کي جنم ڏنو، جن ۾ پوپٽي هيراننداڻي، ريٽا شھاڻي ۽ سُندري اُتم چنداڻي شامل آهن. هنن ٽنِ ليکڪائن پنھنجي علمي ڏاهپَ، ادراڪَ ۽ بھترين لکڻين جي ڪري سنڌ توڙي هند ۾ هڪَ جيتري عزت، مانُ ۽ مرتبو حاصل ڪيو آهي. هن مضمون ۾ سُندري اتم چنداڻي جي تحريرن کي تنقيدي زاويي سان پيش ڪرڻ مقصود آهي. سندري اتم چنداڻي جو جنم سنڌ جي شهر حيدرآباد ۾ ۲۸ سيپٽمبر ۱۹۲۴ع تي ٿيو. ميٽرڪ تائين تعليم حيدرآباد مان حاصل ڪيائين. شروع کان ئي ذهين. سُلڇڻي ۽ اَدب سان چاهه رکندڙ سُندريءَ بنارس مان ٻارنهن درجا پاس ڪيا. ورهاڱي جي ڪيترن ئي سالن کانپوءِ ايس. اين. ڊي. ٽي يونيورسٽين مان سنڌي ۽ انگريزي ادب ۾ ايم اي ڪيائين. ورهاڱي کان پھرين وارن ليکڪن ۽ ليکڪائن جيان سُندري اتم چنداڻي به گهڻ پاسائين ليکڪا هئي، پاڻ هڪ ئي وقت ڪھاڻيڪارہ، ناول نگار، ناٽڪ نويس، شاعره ۽ ان کان علاوه ريديو ۽ ٽي وي تي بھترين رهنما پڻ رهي آهي. هن مھان ليکڪا مڙني شعبن ۾ وڏي ايمانداري سان نڀايو آهي، سندس تحريرن جي اڀياس مان ترقي پسند سوچ جو اولڙو نظر اچي ٿو ۽ ڪيترين ئي ڪَھاڻين ۾ سَماج جي تعميري سوچ جا چٽا عڪِس پسي سگهجن ٿا. مضمون کي طوالت کان بچائيندي سندس چند تصنيفن جو مختصر جائزو پيش ڪجي ٿو. اڇا وار، ڳاڙها گل ۽ ٻيون ڪھاڻيون: مٿي ڄاڻايل ڪتاب سال ۱۹۶۵ع ۾ ممبئي مان شايع ٿيو، جنھن ۾ جملي ۱۰ ڪھاڻيون شامل آهن، جن ۾ ڪتاب جي عنوان واري ڪھاڻي آخر ۾ درج ڪيل آهي. ٻين ڪهاڻين ۾ “پھريدار”، “زهر جي پڙي”، “ڪاڪ محل” وغيره اهميت جون حامل آھن. ڪھاڻين ۾ سماجي عڪاسي وڏي عرق ريزيءَ سان بيان ڪيل آھي. تو جنين جي تات: سُندري اتم چنداڻي جي لکيل ڪھاڻين ھي جو ڪتاب جيڪو سنڌ ۾ ۱۹۸۳ع ۾ شايع ٿيو، هي ڪتابُ ان کان پَھرين هندستان ۾ ٻه ڀيرا شايع ٿي چڪو هو. هن ڪتاب ۾ جملي ۱۱ ڪھاڻيون شامل آهن. هن ڪتاب جو مھاڳُ عمر ميمڻ جو لکيل آهي. ڪتاب جي عنوان واري ڪَھاڻي شروع ۾ ڏني ويئي آهِي. ڪھاڻين ۾ سندس ٻولي سپڪ، سوادي ۽ سادي ڪتب آندل آهي. سندس موضوع سنڌي سماج جي ھر طبقي سان واسطو رکن ٿا. وڇوڙو (سنڌي ڪَھاڻيون): سُندري اتم چنداڻيءَ جي هن بھترين ڪھاڻين جي ڪتاب ۾ جملي نوَ ڪھاڻيون شامل آهن. جن ۾ “ڪارو گهوٽ”، “ڪنوارو پيءُ”، “سنڌوءَ جو روپ” ۽ “سوريءَ سچ چڙهيو” وغيره اهميت جون حامل آهن. هنن ڪھاڻين ۾ پيار، محبت، سماجي اڻ برابري، ڏيتي ليتي، هندستان لڏي ويل سندرين جي پنھنجي اباڻي وطن لاءِ اڪير ۽ سڪ جا چٽا عڪس پسي سگهجن ٿا. سندس ڪتاب ڪيترائي ڀيرا شايع ٿيندا رهيا آهن. ان مان سندس شھرت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. هن ڪھاڻين جي ڪتاب کي ساهتيه اڪادمي طرفان سال ۱۹۸۶ع ۾ ادبي انعام پڻ مليو هو. سنڌو ناٽڪ (ڏهه ننڍا ناٽڪ): سنڌي ادب ۾ ننڍي ناٽڪ جو باني منگهارام ملڪاڻي کي چيو ويندو آهي. سُندري اتم چنداڻي کي شروع کان ناٽڪ ڏسڻ، پڙهڻ ۽ انهن ۾ ڪم جو شوق هوندو هو. هن ٽئگور جي هندي ناٽڪ “مالني” ۾ ماءُ جو ڪردار ادا ڪيو هو. ان ڪري سندس لکيل ننڍن ناٽڪن جي مڪالمن ۾ جان آهي. ڇاڪاڻ جو ليکڪا ناٽڪ لکڻ کان پھرين پاڻ مختلف ناٽڪن ۾ ڪيترائي ڪردار ادا ڪري چڪي آهي. هن ڪتاب ۾ شامل ناٽڪَ سماج جي مختلف زاوين جي ڀرپور عڪاسي ڪن ٿا. مٿي بيان ڪيل ڪتاب جي عنوان ۾ هڪ ننڍو ناٽڪ “وڻجارو” پڻ ملي ٿو. هي ننڍو ناٽڪ شاهه لطيف جي “سر سامونڊي” تي ٺاهيل ناٽڪ آهي، جنھن ۾ شاهه لطيف جا بيت پڻ ڪتب آندل آهن. کيڙيل ڌرتي: هن ڪتاب ۾ جملي اٺ (۸) ڪھاڻيون شامل آهن جن ۾ ٽئين نمبر تي درج ڪيل ڪھاڻي ڪتاب جي عنوان واري ڪھاڻي آهي. هنن ڪھاڻين ۾ سنڌي سماج جي گهرو ماحول ۽ سنڌيت کي ڀرپور انداز سان پيش ڪيو ويو آهي. پنھنجي وطن سان قائم اٽوٽ رشتي کي وڏي حساسيت سان پيش ڪيو اٿس. آتم وشواس: هي ڪتاب به ٻين ڪتابن جيان سندري اتم چنداڻي جو بھترين ڪتاب آهي. هن مجموعي ۾ “ولر کان وڇڙيل”، “سنڌيءَ جي سڪ”، “قرباني” بھترين ڪھاڻيون آهن. سندري اتم چنداڻي جي ڪھاڻين مان اها پرک پوي ٿي ته وقت گذرڻ ۽ پنھنجي ڌرتي کان ڪٽجڻ جي باوجود به مادري ٻولي ۾ اها ئي نمايان اورچائي ۽ ٺيٺ سنڌي لفظن جو استعمال عام جام ملي ٿو. سنڌي ادب ۾ ڪھاڻين جي ڀيٽ ۾ ناول تمام گهٽ لکيو ويو آهي، ان جو سبب طويل پلاٽ کي يڪسوئيءَ سان نڀائڻ جو سوال پيدا ٿئي ٿو. سندري اتم چنداڻي جا لکيل ناول “ڪرندڙ ديوارون” ۽ “پريت پراڻي ريت نرالي” سندس شاهڪار ڪھاڻين وانگر بھترين جڳھه والارين ٿا. ترجما: ادب جي دنيا ۾ ترجمو به هڪ خاص اهميت رکي ٿو. ڪنهن به ڌاري ٻوليءَ جي تصنيف جو ترجمو ڪرڻ کان پھرين مترجم ان کي مڪمل طور تي سمجهي موضوع، خيال ۽ فڪر کي هضم ڪرڻ کانپوءِ پنھنجي سماجي، مذهبي ۽ ثقافتي اصولن پٽاندڙ آسان انداز ۾ پنھنجي مادري ٻوليءَ جو ويس ڍڪائي ٿو. سندري اتم چنداڻي به هن اوکي ڪم ۾ پاڻ موکيو آهي. هن تڪشي شو شنڪر جو ناول سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي. هن مھان ليکڪا روس جي ترقي پسند سوچ وارن هڪ شعرن ۾ سنڌيءَ ٻولي ۾ ترجمو ڪيو آهي. ان عمل سان هند جي سماج ۾ وهمن، وسوسن ۽ انڌي تقليد جي جوڙيل بتن ۾ ڏاريون پئجي ويون هيون. هند جي جيجيءَ، ميڪسم گورڪيءَ جي ناول کي ترجمو ڪري “ٽٽل ساز” جي نالي سان شايع ڪرايو هو. ان کان علاوه ڪرشن چندر جي ناول جو ترجمو “پياسي ڌرتي پياسي دلڙيون” پڻ وڏي اهميت رکي ٿو. سندري اتم چنداڻي، امرتا پريتم جي ناول کي “هڪ سسئي سو سور” جي نالي سان پڻ ترجمو ڪري سنڌي ادب ۾ اضافو ڪيو آهي. نتيجا: * سندري اتم چنداڻيءَ جي ٻوليءَ سنڌ ڌرتيءَ جي اها نج نبار سپڪ، سادي ۽ سلوڻي ٻولي آهي، جنھن ۾ ڪڙمي، ڪوري، لوهار، هاري ناري ۽ ميربحر وغيره عام روز مرهجي ڪمن ۾ ڪتب آڻين ٿا. * سندري اتم چنداڻي سنڌي ادب جي دنيا ۾ ناٽڪ نويس، مترجم، ناول نگار جھڙين زاوين تي وڏي مھارت لکي چڪي آهي، ادبي حلقن ۾ سندس سڃاڻپ ڪھاڻيون بڻيون. * سندري اتم چنداڻي جي مڙني ڪھاڻين ۾ ٻين سنڌي هندو لکارين جيان پنھنجي وطن جي لاءِ بي انتها سڪ، پيار ۽ اڪير ملي ٿي. * سُندريءَ جي ٻوليءَ ۾ اها رواني آهي جيڪا سنڌوءَ جي ڇولين ۾ نظر اچي ٿي. * سندريءَ جي ڪھاڻين جا موضوع اوپرا نه آهن هن مٽي جي ماڻهن جون درد ڪھاڻيون احساس سان پيش ڪيل آهن. * موجوده دور جي سنڌي ادب جي گهڻ گهرن کي گهرجي ته سندري اتم چنداڻيءَ جي مڙني تحريرن کي مختلف رسالن مان ميڙي چونڊي گڏ ڪري ٻيهر شايع ڪرائڻ گهرجي. هيءَ ليکڪا پنھنجي دور ۽ موجوده دور جي ليکڪائن کان وڏي بيباڪ ليکڪا آهي، سندس ادبي ڪمن تي سائنسي بنيادن ۾ تحقيق ڪرائي وڃي ته جيئن نئين نسل کي پنهنجي ڌرتيءَ جي ليکڪائن جي علمي ۽ ادبي قد ڪاٺ جي صحيح نموني خبر پئجي سگهي. *** (ماھوار ھمسري حيدرآباد آن لائين جي ڊسمبر ۲۰۲۴ع واري شماري ۾ ڇپيل)
رشيد راڄڙ سنڌ جو ارڏو ڪردار علي ڏنو جروار هونئنءَ ته سنڌ ۾ ڊسمبر جا وڇوڙا مشهور آهن، ڇو ته ڊسمبر ۾ اسان سنڌ واسين کان بينظير ڀٽو، شيخ اياز، سرمد سنڌي، قاسم پٿر ۽ ٻيا ڪيترائي بهترين انسان وڇڙي ويا آهن. پر هن سال نومبر جو مهينو شروع ٿيڻ سان ئي اسان کان سائين محمد ابراهيم جويو وڇڙي ويو ۽ اڄ وري سنڌ جو هڪ سينئر ۽ بيباڪ صحافي رشيد راڄڙ به اسان کان وڇڙي ويو آهي. رشيد راڄڙ جو سنڌ جي صحافت ۾ تمام وڏو نالو آهي. رشيد راڄڙ جي وڇوڙي تي سڄي سنڌ جا صحافي، سياسي ڪارڪن، کاٻي ڌر جا سياسي ورڪر توڙي قومپرست سڀئي ڏکويل آهن، لطيف سائين جون اهڙي موقعي بابت سٽون آهن ته لڏيو لطيفن، پلاڻي پنڌ پيا هٿان حبيبن ڪونه ڏکويو ڪڏهن رشيد راڄڙ سان منهنجو تعلق ۱۹۸۵ع کان وٺي هو، آئون ان وقت سنڌ جي شاگرد سياست ۾ سرگرم هوس، مون کي به رشيد راڄڙ سان گڏ ڪيترن ئي مرحلن، موقعن ۽ محاذن تي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. هر موقعي تي رشيد راڄڙ جي رهنمائي مان اسان گهڻو ڪجهه حاصل ڪيو ۽ پرايو. ان دور ۾ ٿيندڙ ڪيترين ئي سياسي، سماجي، علمي، ادبي سرگرمين ۾ حيدرآباد جي محفلن ۾ رشيد جو وڏو اهم ڪردار هوندو هو. ان کانپوءِ دنيا جون حالتون بدليون ته کاٻي ڌر جا سڀئي سياسي ڪارڪن ۽ ورڪر مختلف اخبارن ۾ صحافتي ذميواريون نڀائڻ ۾ مشغول ٿي ويا. جن ۾ لالا رحمان سمون، رشيد راڄڙ، ارشاد گلاباڻي ۽ ٻيا شامل آهن. رشيد راڄڙ جون سنڌ جي صحافتي ميدان ۾ تمام گهڻيون خدمتون شامل آهن، هو مختلف اخبارن جو رپورٽر ۽ ايڊيٽر رهيو آهي. آخري لمحن تائين ڪوشش اخبار جو ايڊيٽر رهيو ۽ هن جي رپورٽنگ توڙي ايڊيٽوريل يا وري ٻيا مضمون پڙهڻ جوڳا هوندا هئا. سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي رشيد راڄڙ سدائين مضبوطي سان اسٽينڊ وٺندو رهيو آهي. سنڌ جي اخبارن ۾ ڪم ڪندڙ ڪيترائي صحافي سندس شاگرد ۽ دوست آهن. هن جهڙا مضبوط ۽ بهادر صحافي ورلي پيدا ٿيندا آهن. اسان سنڌ واسي رشيد جهڙن بيباڪ صحافين جي ڪردار لاءِ واجهائيندا رهنداسين. رشيد راڄڙ ۽ سندس دوست جنهن دور ۾ سنڌ جي صحافت ۾ داخل ٿيا اهو هڪ ڏکيو دور هوندو هو. پر پوءِ به هنن جي سڄي ٽيم جنهن نموني سان صحافت ۾ پنهنجا پير کوڙيا اهو دور انتهائي يادگار رهندو. ڇو ته رشيد راڄڙ ۽ سندس ٻين دوستن ٽنڊي بهاول واري واقعي کان وٺي ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت، سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ ٻين ٻرندڙ مسئلن تي قلم کنيا ۽ جاکوڙ ڪئي. رشيد راڄڙ ۽ سندس دوست ضياءُ الحق جي دور ۾ صحافتي ميدان ۾ آيا هي اهو دور هو جنهن ۾ ملڪ جون سڀئي اخبارون سينسرشپ جي تلوار هيٺيان هونديون هيون. جيڪي اخبارون ڇپبيون هيون اهي پهرين سينسرشپ جي مرحلي مان گذرنديون هيون. مون کي اهو به زمانو ياد آهي جو اسان جو اخبارون اڌ کان به گهڻيون خالي پيون هونديون هيون. ڇو ته سينسرشپ واري ٽيم اخبارن ۾ ان وقت داخل ٿيندي هئي جنهن وقت اخبار جي ڪاپي مشين طرف ويندي آهي. هو ان وقت اچي پيسٽ ٿيل ڪاپي تي راتاهو هڻندا هئا. اهڙي دور ۾ رشيد راڄڙ ۽ سندس دوستن سنڌي صحافت ۾ پنهنجو نمايان ڪردار ادا ڪيو ۽ سنڌي صحافت کي مضبوط بنياد فراهم ڪيا ۽ نوان رخ متعارف ڪرايا جن کي نوان ٽرينڊ چيو ويندو آهي. رشيد راڄڙ وارا سڀئي ساٿي جن جن اخبارن ۾ رهيا انهن ۾ ڄڻ ساهه پيدا ڪري ويا. اهو ئي ڪارڻ آهي جو اڄ سنڌي صحافت پنهنجي پوري عروج تي آهي، ان صحافت جو پايو وجهندڙن ۾ رشيد راڄڙ ۽ ٻين کاٻي ڌر جي ورڪرن جو وڏو حصو آهي. رشيد راڄڙ اڄ اسان جي وچ ۾ موجود ته ناهي پر سندس يادون ۽ صحافتي ڪردار توڙي سياسي ورڪر وارو انداز سنڌ واسين جي دلين ۾ سدائين لاءِ ياد رهندو. لطيف سائين اهڙن ئي بهادر ۽ دلير انسانن لاءِ فرمايو آهي ته مون سي ڏٺا ماءُ، جنين ڏٺو پرينءَ کي تنين سندين ڪاءِ، ڪري سگهان ڳالهڙي سو اسان سنڌ واسين کان بهادر ۽ بهترين ڪردار آهستي آهستي موڪلائيندا پيا وڃن پر سنڌ جي سرزمين اهڙي ته زرخيز ڌرتي آهي جو اها وقت به وقت اهڙي قسم جا بهادر انسان ۽ ڏاها انسان پيدا ڪندي رهندي آهي. مونکي اميد آهي ته رشيد راڄڙ جا پونيئر هي وڏو صدمو برداشت ڪري سگهندا. تنهن کانسواءِ هي به عارضو آهي ته سنڌ جي صحافت، علم ۽ ادب جي ميدان تي سدائين رشيد راڄڙ جهڙن انسانن جو هٿ يا پاڇو رهي، جنهن ڪري اهي پنهنجو ڪم پوري ايمانداري ۽ سچائي سان ڪري سگهن. صحافي رشيد راڄڙ هڪ موتيءَ داڻو الطاف پيرزادو اسان جهڙن ٽين دنيا جي ملڪن ۾ سچ لکڻ، درست ۽ حقي معلومات ماڻهن تائين پهچائڻ ڏاڍي جي ڏمر کي جيئن جي تيئن رپورٽ ڪرڻ، مظلومن جو ڪيس ڳائڻ يا ائين کڻي چئجي ته صاف سٿري ۽ غيرجانبدار صحافت ڪرڻ کپُر تي پير رکڻ کان گهٽ ناهي. اهڙي سماج ۾ غيرجانبدار صحافت ڄڻ ته اڻ ٿيڻي ڳالهه ڀائنجي اتي پاڻ بچائي پيشيور اصولن تي ڪاربند رهندي جيڪڏهن ڪو صحافي ڪنهن ڏاڍ ۽ ڏمر جي اڳيان آڻ نه مڃي، نه جهڪي، نه وڪامي، جيڪو درست سمجهي سو چئي ڏئي ۽ لکي به ڏئي فقط پنهنجي دل جي ڳالهه مڃي، سو سچ پچ به موتيءَ داڻو ئي ٿي سگهي ٿو، اهڙو موتيءَ داڻو رشيد راڄڙ به هو جيڪو ۱۹ نومبر ۲۰۱۷ع تي يعني ٽيون ڏينهن سنڌ کان وڇڙي ويو. رشيد راڄڙ سنڌ اخبار ۾ منهنجو ايڊيٽر رهيو، ڊيسڪ تان اٿاري مون کي فيلڊ ۾ رپورٽنگ لاءِ موڪلڻ وارو يا ائين کڻي چئجي ته مون کي رپورٽر بڻائڻ وارو به رشيد راڄڙ هو، اسان جي مڌر اخبار جيتوڻيڪ عوامي آواز آهي اسان کان وڏي ۽ اسان کان سينيئر ٽهي جو سکيا گهر عوامي آواز رهي آهي، عوامي آواز جيئن ته کاٻي ڌر جي سرگرم سياسي ڪارڪن جو ميڊيائي ادارو هو، سو جڏهن آدرشي ۽ نظرياتي سياست جو زوال آيو ۽ مخلص سياسي ڪارڪن يا ته خاموش ٿي ويهي رهيا يا وري صحافت جي شعبي ۾ اچي ويا. صحافت جي شعبي ۾ به هنن سچائي جو دامن هٿ مان نه ڇڏيو، هن محاذ کي به هنن مظلومن لاءِ آواز اٿارڻ جو هڪ مضبوط مورچو بڻايو. سو رشيد راڄڙ به صحافت جي شروعات عوامي آواز ذريعي ڪئي، هو جيئن ته سنڌ ۾ شعور ۽ شاگرد سياست جي نرسري سنڌ يونيورسٽيءَ مان پڙهي نڪتو هو، ٻيو ته اتي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي شاگرد ونگ ڊي ايس ايف جو اڳواڻ به هو، سو هن صحافت کي به هڪ مشن سمجهي سرانجام ڏنو، اتي به مظلومن جو ڪيس ڳايو، مارن جو ڪيس ڳايو ۽ سنڌ جو ڪيس ڳايو. ۵ نومبر ۱۹۹۵ع تي حيدرآباد جي بابن شاهه ڪالونيءَ واري علائقي مان روزاني سنڌ اخبار نڪتي، ان دور ۾ اسان ڪراچيءَ ۾ عوامي آواز اخبار ۾ ڪم ڪندا هئاسين، تڏهن عوامي آواز جي آفيس هاڪي اسٽيڊيم نه پر سٽِي ڪورٽ جي سامهون نامڪو سينٽر مان نڪرندي هئي. سنڌ اخبار به کاٻي ڌر جي دوستن يعني ڪامريڊ غلام رسول سهتي، مهيش ڪمار، يونس سومري، منير ميمڻ، ڪامريڊ امداد، صالح بلو، شڪارپور واري حسين سومري ۽ ٻين جو گڏيل پراجيڪٽ هئي، جيئن چئي آيو آهيان ته عوامي آواز کي سنڌ صحافين جي نرسري هئڻ جو اعزاز حاصل رهيو آهي، سو پنج نومبر ۱۹۹۵ع تي جڏهن سنڌ اخبار نڪتي ته مختلف اخبارن ۾ ڪم ڪندڙ دوستن جي هڪ گڏيل ٽيم جوڙي ان ۾ شامل ڪئي وئي، جنهن سنڌ اخبار کي هڪ پراجيڪٽ نه پر هڪ مشن سمجهي هٿ ۾ کنيو. رزاق سروهي، ڀائو زلف، مان، سهيل، ذوالفقار شاهه، ارشاد کوکر، اعجاز منگي، ارشاد گلاباڻي، مطلب ته هڪ مضبوط ٽيم ٺاهي سنڌ اخبار جي ڊيسڪ تي ويهاري وئي، رپورٽنگ ۾ اسحاق مڱريو، ممتاز بخاري، صادق ابڙو، فياض منگي، مرتضيٰ ڪلهوڙو، مطلب ته ڊيسڪ تي توڙي رپورٽن جو مضبوط نيٽ ورڪ جوڙيو ويو. هن اخبار جو ايڊيٽر رشيد راڄڙ ۽ مالڪ غلام رسول سهتي جهڙي ڪميٽيڊ ماڻهو هئا، تنهن ڪري ڪنهن به معاملي تي ڪنهن به اشوءَ تي ڪمپرومائيز ڪرڻ سنڌ اخبار ۽ ان جي ٽيم سکيو ئي نه هو. جنهن جي ڪري ڪنهن به ميڊيا ئي شعبي لاءِ شهه رڳ جي حيثيت رکندڙ ”اشتهار“ وارو هن اخبار جو پاسو ڪمزور رهيو. ۲۰ سيپٽمبر ۱۹۹۶ع تي ڪراچيءَ ۾ مير مرتضيٰ ڀٽو شهيد ٿيو، تڏهن اداري محسوس ڪيو ته لاڙڪاڻي ۾ ڊيسڪ تان ڪنهن نوجوان کي بيورو چيف ڪري موڪلڻ گهرجي، ايئن رشيد صاحب ٽيم سان صلاح ڪري طئي ڪيو ته الطاف کي بيورو چيف ڪري لاڙڪاڻي ٿا موڪليون، ايئن مون کي رپورٽنگ جي فيلڊ ۾ آڻڻ وارو به رشيد صاحب ئي هو. هن نه رڳو رپورٽر ڪري فيلڊ ۾ موڪليو پر يقيني بڻايائين ته اتي آفيس به هجي، ٽيلي فون ۽ فيڪس وغيره جون سهولتون به، نوان پيشور لاڙا متعارف ڪرائڻ ۽ مظلومن جو ڀرپور آواز اٿارڻ، سنڌ جو ڪيس ڳائڻ جو عزم هو، تنهن ڪري جڏهن ڊيسڪ تان فيلڊ ۾ لاڙڪاڻي جو بيورو چيف ڪري موڪليو ٿي ويو، تڏهن رشيد صاحب مون کي رپورٽنگ جا گُر به سيکاريا هئا، ٻڌايو هئائين ته معلومات ماڻهن جو حق آهي، جنهن تي ڪو ڪمپرومائيز نه ڪجان ۽ صرف ۽ صرف ”سچ“ رپورٽ ڪجان. پوءِ ٿيو به ايئن لاڙڪاڻي وڃي ايڪسڪليوسو اسٽوريون ڏيڻ سان گڏوگڏ ”سنڌ ڪورٽ“ نالي ڪچهرين جو سلسلو به شروع ڪيوسين. رشيد صاحب جي ڊڪشنريءَ ۾ صحافين ۾ ڪمپرومائيز وارو لفظ هئو ئي ڪين، تنهن ڪري هن پنهنجي صحافتي زندگيءَ ۾ هميشه پيشور اصولن کي اتم رکيو. هن سڄي عمر عام ڪارڪنن وانگر ڪم ڪيو، رشيد اسان جو صحافتي استاد به هو ته دوست به هو، مون کي هميشه پيار مان ”الطڻ“ ڪري سڏيندو هو. اڄ رشيد وڇڙيو آهي ته مان به ماضيءَ ڏانهن کن پل لاءِ موٽي ويو آهيان، اسان سان ابتدائي سٿ ۾ مديجي ۾ جاويد جوکيو، وارهه ۾ اصغر مڱريو، ٽنڊي آدم ۾ عزيز جان بلوچ، جيڪو سنڌي ميڊيا جو پهريون نيوز ڪاسٽر بڻيو هو، سي سڀ اسان جي سٿ ۾ هئا، ۽ اڄ اسان کان وڇڙي ويا آهن. رشيد راڄڙ صاحب سنڌي صحافت ۾ جيڪي نوان لاڙا متعارف ڪرايا جيڪي پيشور بنياد رکيا، اسٽوري کي ڪيئن ڊولپ ڪجي؟ تنهن جي پنهنجي ٽيم کي جيڪا تربيت ڏني، جن صحافتي اصولن تي ڄمي بيٺل رهيو تنهن جي ڪري هميشه زندهه رهندو. نه سي ٿڙ هوڙاڪ، نه وايون وڻجارن جون، سرتيون سامونڊين جا اڄ پڻ چڪيم چاڪ، مارينم فراق، پاڙيچون پرين جا (شاهه). رشيد راڄڙ گھاٽين يارين ۽ گھاٽن وڻن کي الوداع منظور ميراڻي انهيءَ ڳوٺ جون ٻيون به ڪيتريون ئي سڃاڻپون ٿي سگهن ٿيون، پر مون لاءِ ان ڳوٺ جي هڪڙي سڃاڻپ ان جا گهاٽا وڻ آهن، ٻي سڃاڻپ اهو رشيد راڄڙ، جيڪو ڪالهه اهي گهاٽا وڻ ڇڏي هليو ويو. هاڻي اهي وڻ سدائين ان جو پتو پڇندا رهندا ۽ انهن جي ڇانءَ انهيءَ فقير منش ماڻهوءَ لاءِ سڪندي رهندي، جنهن لاءِ انهن وڻن جي ڇانءَ وٺڻ به ڪنهن عياشيءَ کان گهٽ نه هوندو هو. اهو پنهنجو ڳوٺ ته ناهي، پر بقول حسن درس جي ”پرائو ڳوٺ هو ليڪن پرينءَ جي پار وانگي هو!“ پرينءَ جي پار جهڙي انهيءَ ڳوٺ ڏانهن توڙي جو ڪڏهن ڪڏهن وڃڻ ٿيو، پر ڪڏهن ايئن تصور ۾ به نه آيو ته اتي رشيد جي آخري سفر تي اُسهڻ مهل کيس الوداع به ڪرڻ اچبو...! اهي ڪارڪن، جن نظرين جي پويان گهڻو ڪجهه ڇڏيو، ورهين کان پوءِ جڏهن ڪنهن گهٽيءَ جي موڙ تي انهن ڪنڌ ورائي پوئتي ڏٺو ته ڪنهن بيوفا محبوبه وانگر انهن کي نظريه به الوداع ڪندي نظر آيا...ان ڪري لڳندو آهي ته نظرين جي پويان پنڌ ڪندڙ ڪارڪن ته ڪڏهن ٿڪجي نه سگهيا، پر ڄڻ ته نظريا ٿڪجي کين اڌ ۾ ڇڏي ويا هجن. ان هوندي به انهن جو ڪڏهن انهن سان رشتو ٽُٽي نه سگهيو...هن جي رت ۾ به نظرين جي ستي پيل هئي، ان ڪري هن جي شخصيت ۽ هن جي صحافت ۾ به اهو عڪس سدائين نظر آيو...هن جو پهريون سياسي پيار پنهنجي پاڙيسري شهر سن کان شروع ٿيو، جتان سائين جي ايم سيد سنڌ کي سنڌ سان محبت ڪرڻ سيکاري رهيو هو. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته هن جي پهرين محبت سنڌ هئي، جنهن کان پوءِ هو ان ڪميونسٽ پارٽيءَ جي ويجهو ٿيو، جنهن کي هڪ کيت، هڪ باغ نه، پر پوري دنيا گهربل هئي. سائين جي ايم سيد کان هن سنڌ سان پيار ڪرڻ سکيو ۽ ڪميونسٽ پارٽي هن کي پوري دنيا سان پيار ڪرڻ سيکاريو. ايک کهيت نهين، ايک باغ نهين، هم ساري دنيا مانگين گي! (فيض). ڪالهه اسان جڏهن ان جي تدفين ۾ شريڪ هئاسين، تڏهن هن جي موت تي سندس شاديءَ جو ڏينهن به ياد اچي رهيو هو، جيڪو لڳو پئي ته ڪالهوڪو ڏينهن هجي...مون کي ياد آهي ته رشيد راڄڙ گهوٽ ڪيئن پئي لڳو ۽ مون ڪالهه به ڏٺو ته هو گهوٽ ئي پئي لڳو...گهوٽ ايئن ئي هوندا آهن، گهوڙن وانگر، جن کي ٿورا ڏينهن مليل هجن ٿا، ان جي شاهدي ته ڀٽائي به ڏئي ويو آهي. رشيد کي به زندگيءَ جا ٿورا ڏينهن مليا، پر انهن ٿورن ڏينهن کي هن ڀرپور نموني گذاريو، ايئن ئي جيئن اسان جو يار حسن درس ٿوري ۽ هڪڙي زندگيءَ ۾ ڪيتريون ئي زندگيون جي ويو. زندگي گذارڻ ۽ زندگي ماڻڻ ۾ فرق هجي ٿو، زندگي ته سڀ پيا گذارين، ڪو زندگي ماڻي ڏيکاري ته مڃجي. رشيد ان ئي نسل جو ماڻهو هو، جن زندگيءَ کي گذاريو نه، پر ماڻيو...هن جي پڄاڻان توڙي جو ڪالهه هن جا سنگتي، مائٽ مٽ روئي رهيا هئا، پر رشيد جيڪا به زندگي گذاري ان تي هن وٽ ڪو روئڻ پٽڻ ڪونه هو. جيڪڏهن روئڻ هو ته فقط سنڌ جي حالتن تي روئڻ هو. جيئن عادي پياڪ ٻه گلاس چڙهڻ کانپوءِ محبوبه جو ذڪر ڪرڻ لڳندا آهن. ايئن ساڳيا ٻه گلاس هن کي سنڌ جي درد ڏانهن وٺي ايندا هئا. اهڙي ئي هڪ محفل مان هڪ ڏينهن رشيد اٿي آيو ۽ اسان ڪاوش آفيس مان گڏجي ڄامشوري پئي وياسين، تڏهن مون هن کان پڇيو ته ”رشيد ڪهڙا حال آهن؟“ تڏهن هن جواب ڏنو ”منهنجا حال ته ٺيڪ آهن، پر سنڌ ٺيڪ ناهي!“ ۽ پوءِ ڪاوش آفيس کان ڄامشوري تائين هن جي ذڪر ۾ بس سنڌ هئي. جڏهن ۹۰ع واري ڏهاڪي ۾ سوويت يونين جو فال ٿيو هو، ته اهو ڪو ڪنهن هڪڙي ملڪ يا ڪنهن هڪڙي بلاڪ جو فال نه هو، پر اهو انهن ڪيترن ئي نظرياتي ڪارڪنن جو فال به هو، جيڪي انقلاب جي آجيان لاءِ پنهنجي زندگين جا گل نڇاور ڪرڻ جا منتظر هئا. انقلاب ته نه آيو، پر پوءِ سياسي ڪارڪن جتي به ويا، اتي انهن ننڍڙا ننڍڙا انقلاب آڻڻ جي ڪوشش ڪئي. هر شعبي وانگر صحافت اندر جيڪي Taboos هئا، انهن کي اهڙن ڪارڪنن ئي ڌڪ هنيو، صحافت جو پراڻيون روايتون ٽُٽيون ۽ روايتي ماڻهو حيران ٿيا ته ايئن به ٿي سگهي ٿو. هيءَ اها ئي ”ايک کهيت نهين، ايک باغ نهين....“ واري ايپروچ ۽ ويزن هو ته اخباري صفحا رڳو رولنگ اليٽ جي خبرن لاءِ ڪونهن، پر انهن تي پنڌ هلندڙ پورهيتن، ٽانگي وارن، دڪاندارن ۽ هارين جو به حق آهي. جنهن کيپ صحافت ۾ اچي اهي Taboos ٽوڙيا، رشيد به ان ئي کيپ جو حصو هو. اهو ڪم جيڪو سياسي ڪارڪن اڳ پارٽين اندر رضاڪارانه طور تي ڪندا هئا، ساڳي ڪم لاءِ هنن کي هتي پگهار به ملڻ لڳي. کين لڳو ته سوويت يونين جي فال کان پوءِ انهن جي زندگي بي معني ناهي ٿي، پر ان کي معني ڏيڻ جو فقط انداز تبديل ٿيو آهي. پوءِ انهن پنهنجي پروفيشن کي به معني خيز بڻايو. ان ڪري جڏهن به صحافتي ڪم کي معني ڏيندڙن جو ذڪر ٿيندو، تڏهن رشيد کي قطعي به وساري نه سگهبو. هر انسان ۾ ڪي ڪمزوريون به هجن ٿيون، ڪمزوريون نه هجن ته پوءِ انسان ته نه ٿيو، ان کي بت ئي ڪوٺي سگهجي ٿو. ايئن رشيد جون ڪمزوريون به هونديون، مون کي ان جي ٻين ڪمزورين جي گهڻي ڄاڻ ڪونهي، پر هن جي هڪڙي ڪمزوريءَ جو مان پاڻ اکين ڏٺو شاهد آهيان. اها ڪمزوري هن جي ننڍڙي ڌيءُ رُباب هئي. ۱۰، ۱۲ سال ٿيندا هڪڙي ڀيري آفيس ۾ ڪنهن ڳالهه تي اسان جو هڪٻئي سان تڪرار ٿي پيو، گهر پهچي مون کي لڳو ته ڏوهه منهنجو هو، سموري رات ننڊ نه آئي، ان ڪري صبح جو سوير رشيد کان معافي وٺڻ لاءِ هن جي ڳوٺ ويس. هن جي حالت مان به لڳو ته اوجاڳيل آهي، پوءِ ٻڌايائين ته راتوڪي بدمزگيءَ جي ڪري هو به سڄي رات سمهي ناهي سگهيو. مون جڏهن هن کي گهران سڏيو ته هو ننڍڙي رُباب کي ڪڇ تي کڻي گهر کان ٻاهر نڪتو هو، اسان جيتري دير هن جي اوطاق تي ويٺا هئاسين، رُباب هن سان گڏ هئي. پوءِ جڏهن هن ڪجهه وقت ڪي ٽي اين لاءِ ڪراچي آفيس اچي وسائي ته هن سان ڪڏهن ڪڏهن فون تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهندي هئي. مون کي خبر هئي ته رشيد جو ڄامشوري وارو ڳوٺ ۽ ننڍڙي رُباب هن جي ڪمزوري آهن، سو هڪ ڏينهن مون هن کي فون ڪري کيس جذباتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم ته ”يار ڪراچي وڃي رهي پيو آهين، توکي رُباب ياد نٿي اچي، ڳوٺ ڏانهن ويندڙ رستي جا گهاٽا وڻ توکي ياد نٿا اچن؟ اهي وڻ ۽ رُباب ته توکي سارين ٿا.“ اهي جملا ٻڌڻ کانپوءِ هن جنهن نموني ڳالهايو پئي، مون کي محسوس ٿيو ته رشيد صبح جو اچي ڳوٺ جا وڻ وسائيندو. ٿيو به ايئن ئي هو رات جو ئي ڪراچيءَ مان نڪري پيو، ۽ صبح جو ٻڌايائين ته ”ابا رات جو ئي پهچي ويس، ڪراچيءَ ۾ رهڻ مشڪل آهي.“ پوءِ اهو ڳوٺ هو، ڳوٺ جا اهي وڻ هئا، ۽ رشيد هو، جيڪو آخري وقت تائين ان ڳوٺ ۾ ئي رهيو. ڪالهه جڏهن گهران ان جو جنازو نڪتو پئي، ۽ اندران روئڻ جا آواز پئي آيا ته الائي ڇو انهن آوازن ۾ مون کي ان ننڍڙي رُباب جو روئڻ نمايان پئي لڳو، جيڪا هن ڳوٺ جي گهاٽن وڻن جيان رشيد جي ڪمزوري هئي. رشيد راڄڙ سنڌ جو بيباڪ ڪردار معصوم مصطفيٰ ڪنڀر تاريخ به ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي پاڻ کي دهرائي ڪو انمول ڪردار پيدا ڪندي آهي ۽ سنڌ اهڙن ڪافي ڪردارن سان ڀري پئي آهي جن پنهنجي ڀومي سنڌ امڙ لاءِ پنهنجي سموري زندگي وقف ڪري ڇڏي پر ڪڏهن ظلم، جبر جي اڳيان عار نه مڃيائون، اهڙي مانجهي مرد بيباڪ ڪردارن مان سنڌ جي چيڪي مٽي تي هن ڌرتي جي ڪُک مان جنم وٺندڙ رشيد راڄڙ به شامل آهي جنهن پنهنجي سموري زندگي صحافتي قلم ذريعي سنڌ امڙ تان وقف ڪري ڇڏي پر انهي ڪشمش جي هلندڙ صورتحال دوران رشيد پنهنجي قلم کي نروار ڪندي صحافتي جنگ وڙهندي وڙهندي نيٺ هن اڀاڳي نومبر جي راتين ۾ ۵۳ سالن جي ڄمار ۾ اسان سنڌ واسين کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو جيڪو سنڌ جي صحافت ۾ هڪ وڏو خال پيدا ڪري ويو جيڪو شايد ئي ڪوئي ڀري سگهي، رشيد راڄڙ پنهنجي صحافتي سفر کي جاري رکندي ڪجهه مهينا پهريان بيمار ٿي پيو هو جنهن بعد ٽيسٽون ڪرائڻ بعد ڪينسر جهڙو موضي مرض ظاهر ٿي پيو هو ۽ هو ڪافي مهينن کان ڪراچي جي اسپتال ۾ ڪينسر جهڙي موضي مرض سان جهيڙيندو رهيو ۽ نيٺ زندگي هن سان وفا نه ڪئي ۽ زندگي جي واٽي تان ساهه جو سڳو هن کان هميشه جي لاءِ ٽُٽي ويو. رشيد راڄڙ جيڪو مظلومن ۽ خاص ڪري ڏتڙيل طبقي جو آواز هيو. غريبن جو غم خوار ۽ مسڪينن بي يارو مددگار ماڻهن جو جهڙوڪ ڪو ساٿي هو جو انهي مظلوم ڏتڙيل طبقي جي ماڻهن جي ڏکن، سورن، دردن کي پنهنجي مٿان بار سمجهي پنهنجي صحافتي قلم ذريعي انهن کي نروار ڪندو هو، هن جي لکڻين ۾ ماروئڙن مسڪينن جو درد شامل هو ۽ هو جيڪو به ڪجهه لکندو هو اُن مان ٿر جي وارياسي ڀٽن تي وسندڙ مينهن کانپوءِ پيدا ٿيندڙ خوشبو جهڙي هُٻڪار ايندي هئي، هن جي لکڻين ۾ٿر جي وارياسي ڀٽن تي رهندڙ ان امڙ جو درد شامل هيو جيڪا پنهنجي ٻچڙي جي حياتي بچائڻ لاءِ اسپتالن جي درن تي ٺوڪرون کائيندي رهي ٿي، ان جي لفظن ۾ پيرن اگهاڙي هلندڙ جهوني پوڙهي جو درد سمايل هو جيڪو ٿر جي تپندڙ واري تي پاڻي جي ڍڪ لاءِ هميشه سهڪندو رهي ٿو هن جي سوچ ۽ فڪر ۾ ڏتڙيل طبقي جي دردن ۽ آنهن جو ذڪر شامل هوندو هو، هن جو قلم هميشه حق سچ لاءِ اٿيو، رشيد راڄڙ سنڌ جي قلم ڌڻين ۾ هڪ وڏو نالو هيو ۽ هڪ سچو سنڌ جو سپاهي هيو جنهن پنهنجي ڏات ذريعي سنڌ جي جهر جهنگ جي ڏکن ڀرين ڪهاڻين کي پنهنجين لکڻين ذريعي ايوانن تائين پهچايو، هن پنهنجن لکڻين ۾ سنڌ جي هر ننڊي وڏي مسئلي لاءِ آواز اٿاريو ۽ خاص ڪري سنڌ جي پٺتي پيل علائقن جي مسئلن کي وڌيڪ ترجيع ڏيندي پنهنجن ڪالمن ۾ هميشه نروار ڪيو. هو نه فقط قلمڪار هيو پر هڪ صحافتي ادارن جو سرواڻ به رهيو ۽ ڪافي سنڌي اخبارن ۾ ايڊيٽر طور ڪم ڪيائين. رشيد راڄڙ جون سنڌ جي صحافتي ميدان ۾ تمام گهڻيون خدمتون شامل آهن، هو مختلف اخبارن جو رپورٽر ۽ ايڊيٽر رهيو آخري لمحن تائين ڪوشش اخبار جو ايڊيٽر رهيو ۽ هن جي رپورٽنگ توڙي ايڊيٽوريل يا وري ٻيا مضمون پڙهڻ جوڳا هوندا هئا. سنڌ جي باهه جيان ٻرندڙ مسئلن تي رشيد راڄڙ سدائين مضبوطي سان قلم ذريعي ڪيس وڙهندو رهيو، ان کان علاوه سنڌ جي اخبارن ۾ ڪم ڪندڙ ڪيترائي صحافي سندس شاگرد ۽ دوست آهن. هن جهڙا مضبوط ۽ بهادر صحافي ورلي پيدا ٿيندا آهن جيڪي پنهنجي سموري زندگي مسڪين ماڻهن جي لاءِ وقف ڪري حق ۽ سچ جي جنگ وڙهندا رهندا آهن. رشيد راڄڙ ۽ سندس دوست جنهن دور ۾ سنڌ جي صحافت ۾ داخل ٿيا اهو هڪ ڏکيو دور هوندو هو. پر پوءِ به هنن جي سموري سٿ جنهن نموني سان صحافت ۾ پنهنجا پير کوڙيا اهو دور انتهائي يادگار رهندو. ڇو ته رشيد راڄڙ ۽ سندس ٻين دوستن ٽنڊي بهاول واري واقعي کان وٺي ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت، سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ ٻين ٻرندڙ مسئلن تي قلم کنيا ۽ جاکوڙ ڪئيرشيد راڄڙ جيئن ته سنڌ ۾ شعور ۽ شاگرد سياست جي نرسري سنڌ يونيورسٽيءَ مان پڙهي نڪتو هو، ٻيو ته اتي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي شاگرد ونگ ڊي ايس ايف جو اڳواڻ به هو، سو هن صحافت کي به هڪ مشن سمجهي سرانجام ڏنو، اتي به مظلومن جو ڪيس ڳايو، مارن جو ڪيس ڳايو ۽ سنڌ جو ڪيس ڳايو، رشيد نه رڳو اخباري ادارن ۾ فرض سرانجام ڏنا پر هو هڪ سماجي ڪارڪن به هو جيڪو سنڌ جي مسئلن تي اُٿي کڙو ٿيندو هو ۽ هر سنڌ جي حمايتي تحريڪ جو ساٿي هو جيڪو هر وقت پنهنجي پختگي سان سنڌ سان وفا جو وچن پيو ورجائيندو رهندو هو. رشيد راڄڙ اخبار ي دنيا جي حوالي سان سنڌي اخبارن ۾ نوان نوان طريقه پڻ بلڊ اپ ڪيا ۽ جديد طرز سان خبر ٺاهڻ ۽ اسٽوري ٺاهڻ، خبر جي اهميت وڌائڻ سميت مختلف نوان طريقا متعارف ڪرايا جيڪي مستقبل جي صحافي نوجوانن لاءِ راهه هموار طور ثابت ٿيا، هن پنهنجي صحافت جي سفر ۾ پنهنجا ڪافي شاگرد به پيدا ڪيا جيڪي مختلف ادارن ۾ ڪم پڻ ڪري رهيا آهن. هن نفسا نفسي جي دور ۾ جتي هر ماڻهو پنهنجي پيٽ ڀرڻ کي وڌيڪ اهميت ڏيندو، ظلم ۽ بربريت جي انتها هجي، ماڻهو بک ۽ بدحالي جو شڪار هجن ۽ انهن غريبن جي دانهن ۽ ڪوڪ ٻڌڻ وارو ڪو ئي نه هجي، هر پاسي انصاف جا در بند ٿيل هجن، سنڌ جي حقن تي ڌاڙا هنيا وڃن، حق ۽ سچ جو آواز اٿارڻ هڪ ڏوهه سمجهيو وڃي، هر ماڻهو انتقامي ڪارواين جو نشانو بڻجندو رهي ۽ ٻين ڪارڻ جيئڻ وارو جذبو هن جُوءِ مان ئي لڏي وڃي ته اُتي رشيد راڄڙ جهڙا ڪردار تاريخ ۾ هميشه ياد ڪيا ويندا ۽ تاريخ انهن کي هميشه سٺن سونهري اکرن سان ياد ڪندي ۽ سنڌ امڙ هميشه اهڙن پنهنجن جوڌن تي ناز ڪندي رهندي، رشيد راڄڙ اڄ اسانجي وچ ۾ ناهي رهيو پر هن جون ڪيل خدمتون، هن جا ڪيل انساني قدر احساس، هن جا جذبا، هن جون محنتون، هن جون ڪاوشون ،ڪوششون، ۽ هن جي پيدا ڪيل درد ن جي دانهن ٻڌڻ واري هٻڪار اڄ به زندهه آهي جيڪا هميشه اسان سنڌ واسين جي دلين تي راڄ ڪندي رهندي. رشيد راڄڙ جديد سنڌي صحافت ۾ سندس ڪردار زلف پيرزادو ڏانهن ڪر ٿيام، ساڃاهه سپيرين سين تڏانهن ڪر تر جيترو، وير م وسريام، اندر روح رهيام، سڄڻ اوطاقون ڪري. (ڀٽائي) رشيد راڄڙ سنڌ جي انهن اڪيچار صحافين مان هڪ هو، جن صحافت رڳو پيٽ گذر لاءِ نه ڪئي پر بامقصد صحافت ڪئي. اهو پورهيو رشيد نه رڳو قومي فرض سمجهي ڪيو پر انتهائي خبرداري، بي باڪي، سچائي ۽ ايمانداريءَ سان ڪيو. رشيد راڄڙ سان منهنجي سڃاڻپ ڪنهن سياسي ڪارڪن طور نه پر هڪ صحافي طور ٿي جڏهن روزاني عوامي آواز جي نيوز ڊيسڪ تي سب ايڊيٽر طور ڪم ڪندو هيس ۽ رشيد عوامي آواز کي حيدرآباد مان بيورو چيف طور خبرون ڏيندو هو، ڇاڪاڻ ته ان وقت ڪميونيڪيشن اڃا ڏکي هئي، ان ڪري تازيون خبرون اداري تائين پهچائڻ جو واحد وسيلو ٽيليفون هئي.ان ڪري سنڌ جا ضلعي رپورٽر شام جو فون ڪري اداري کي خبرون لکائيندا هئا. رشيد راڄڙ جو قدرتي طور ڳالهائڻ اهڙو هو جو سندس ڳالهه ٻڌڻ واري لاءِ سمجهڻ هڪ وڏو امتحان هو، سو وري فون تي لکائي خبرون ته سب ايڊيٽر لاءِ سندس خبر ٻڌڻ ۽ سمجهڻ ڄڻ ته اڃا وڏو امتحان هوندو هو، سو ٿيو ايئن جو جيئن ئي رشيد جي فون ايندي هئي ته پوري ڊيسڪ ڏڪي ويندي هئي، جيڪو فون کڻندو هو. سو رڙ ڪندو هو، نيوز ايڊيٽر رزاق سروهي کي ته سائين حيدرآباد کان رشيد راڄڙ صاحب خبرون لکائيندو. سئوٽ سروهي هڪدم حڪم ڪندو ادا سئوٽ زلف جي حوالي ڪيوس، پاڻهي منهن ڏيندو ۽ مون کي مرڪي چوندو سئوٽ سنڀاليو پنهنجي يار کي اسان کان ڳالهه ڳري آهي. پوءِ رشيد ۽ اسان فون تي پيا ڀوڳ به ڪندا هئاسين ۽ خبرون به لکندا هئاسين. اها هئي رشيد سان دوستيءَ جي ابتدا پوءِ ته وري رشيد هليو ويو روزاني ڪاوش ۾، اتي رشيد بهرحال هڪ بهترين صحافيءَ طور پاڻ مڃايو. ان کان پوءِ وري رشيد سان گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو تڏهن مليو جڏهن کاٻي ڌر جي سياسي ماٺار بعد ڪجهه دوست واندا هئا ۽ چندو ڪري روزاني سنڌ اخبار شايع ڪيائون، رشيد ڪراچيءَ آيو ۽ رزاق سروهي کي سنڌ اخبار ۾ نيوز ايڊيٽر طور ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪيائين، پوءِ رزاق سروهي پنهنجي ٽيم ٺاهي ۽ اٽڪل عوامي آواز جي سموري نيوز ڊيسڪ ڄڻ ته سنڌ اخبار ۾ منتقل ٿي آئي. رشيد راڄڙ جي ايڊيٽرشپ هيٺ ڪامياب اخبار شايع ٿي پر اڳتي هلي مالي مسئلن سبب ادارو ٺهي نه سگهيو، نيٺ دوست هيڏي هوڏي ٿيا. مون کي زندگيءَ ۾ صحافت جو عجيب ۽ انوکو تجربو ڪرڻو پيو يعني بنا بقايا جي سنڌي اخبار ڪڍڻي پئي ۽ روزاني الک اخبار ۾ وڃي پهتس. اهو تجربو به ڪنهن حد تائين ڪامياب ٿيو پر مختلف سببن جي ڪري اها اخبار آخرڪار بند ٿي وئي. زندگيءَ ۾ لاها چاڙها ايندا رهيا پر رشيد سان ياريءَ جو رشتو مضبوط ٿيندو رهيو، آخرڪار گهرڀاتين سميت هڪ ٻئي جي گهرن ۾ اچڻ وڃڻ، رهڻ جو سلسلو شروع ٿيو جيڪو اڄ به قائم آهي. هاڻ به جڏهن ٻارڙن کي موڪلون ٿينديون آهن ته چوندا آهن ابو! چاچا رشيد ته هليو ويو هاڻي ڄام شوري هلنداسين؟. آئون چوندو آهيان بابا رشيد ڪاڏي به نه ويو آهي، هو منهنجي ۽ پنهنجن يارن جي اندر ۾ اوطاق قائم ڪري ويٺل آهي. اوهان کي موڪلون ٿينديون ته ضرور ڄام شوري هلنداسين. هڪ ڀيري مون کي خبر پئي ته رشيد جي طبعيت خراب ٿي پئي آهي، اتفاق سان منهنجي امڙ به بيمار هئي ۽ ڪراچي سول اسپتال ۾ داخل هئي، مون رشيد کي موبائل تي ڪال ڪئي ۽ طبعيت جي پڇا ڪئي ته جواب ۾ چيائين ته دل جي تڪليف آهي، معاملو ڪراچيءَ ۾ ڪو نيشنل ميڊيڪل سينٽر آهي اتي حل ٿيندو، سو جڏهن تون ٽائم ڏيندين ته ايندس ۽ اسپتال ۾ مون سان تون گڏ هوندين، ٻيو ڪير به نه هوندو، مون چيو ته دل جو معاملو آهي جلد اچ، چيائين ته ڊاڪٽر جو نمبر موڪليان ٿو، ان کان ٽائيم وٺي مون کي ٻڌاءِ مون ڊاڪٽر منصور کان ٽائيم ورتو ۽ رشيد کي گهرايو، هڪ دوست کان ڪجهه ڏينهن لاءِ موٽر سائيڪل ورتي، رشيد آيو اين ايم سي وياسين، ڊاڪٽر چيو ته هن جي دل جو وال ٻن هنڌان بند آهي، لکن ۾ خرچ ٻڌايائين پر ڇاڪاڻ ته رشيد اداري جي پينل تي هو سو مون ڊاڪٽر کي چيو ته جيڪو به ڪرڻو آهي اهو ڪيو، ڊاڪٽر لکن ۾ خرچ ٻڌايو ۽ چيو ته هن جا وارث ڪاٿي آهن، انهن کي صحيح ڪرڻي پوندي، سو رشيد راڄڙ هڪدم ڊاڪٽر کي چيو ته منهنجو وارث اهو زلف آهي، اهو ئي صحيح ڪندو. ڊاڪٽر کلي چيو ته هي لاڙڪاڻي جو پيرزادو تون ڄام شوري جو راڄڙ هي تنهنجو وارث ڪيئن ٿيو. بهرحال جيئن تيئن ڪري دليل ڏئي ڊاڪٽر کي قائل ڪيوسين ته اسان هڪ ٻئي جا وارث آهيون، اوهان صحيح وٺو ۽ آپريشن ڪيو. بس! پوءِ موٽرسائيڪل تي ڪنهن وقت امان وٽ سول اسپتال پهچان، ان کان ٿي وري رشيد وٽ پهچان، خير گهڻا ڏينهن ڪو نه لڳا، رشيد ٻن ڏينهن ۾ صحتياب ٿي ويو ۽ پنهنجي دوست منير ميمڻ جي اوتاري تي وڃي آرامي ٿيو ۽ پوءِ فائنل چيڪ اپ ڪرائي ڳوٺ روانو ٿيو، ان بعد جڏهن به چيڪ اپ لاءِ ايندو هو ته هڪل ڪندو هو، يار ڊاڪٽر کان ٽائم وٺ اچان ٿو، چيڪ اپ لاءِ اهڙي طرح رشيد راڄڙ سان سنڌ جي مختلف علائقن ۾ سفر جا موقعا به مليا هڪ اڌ سفر ۾ ته سئوٽ اقبال ملاح به شامل هو، اهي سفر به يادگار آهن، جيڪي اڄ به ياد ڪري سئوٽ اقبال ۽ اسان خوبصورت يادگيرين جا بند ڀڃي وجهندا آهيون، رشيد سان زندگيءَ ۾ جن به يارن وڙ ڪيا، انهن کي رشيد هميشه ياد رکيو ۽ مون سان ذڪر به ڪندو رهيو. رشيد جو ڪراچيءَ جڏهن به اچڻ ٿيندو هو ته ٺڪاڻو علي بخش مورو جو هوندو ۽ پوءِ مرحوم ارشاد گلاباڻي، ارباب چانڊيو ۽ مون کي فون ڪندو هو، ابا آيا آهيون، سردار علي بخش جي اوتاري تي آهيون، اچو ته محفل مچايون، پوءِ اچي گڏ ٿيندا هئاسين، هڪ ٻئي سان چرچا، ڀوڳ، گارگند، ميهڻا ۽ ميارون ڏئي وري روانا ٿيندا هئاسين. هڪ ڀيري رمضان شريف جو مهينو هو سردار علي بخش جو زم زمه پارڪ لڳ فليٽ هو، رشيد راڄڙ آيو، سڀ دوست گڏ ٿياسين محفل هلي ۽ ڪجهه دوست پنهنجي گهرن ڏانهن روانا ٿيا. ان ڏينهن رشيد ضد ڪيو ۽ ضد به سفا ٻاراڻو، مون کي چيائين رات گهر نه وڃ، اتي رهي پئه، هن جي ٻاراڻي ضد تي رهي پيس، روزي رکڻ جي وقت کان ٿورو اڳ سردار علي بخش کي فرمائش ڪيائين ته سمنڊ تي هلون، سردار به دير ڪا نه ڪئي، ڪلٽس گاڏي ورتي هيائين، سو ڊرائيور کي حڪم ڪيائين ته هلو سمنڊ تي ٿا هلون. ننڊاکڙن نيڻن سان سمنڊ ڪناري پهتاسين، رشيد پير پسائڻ بهاني سمنڊ ۾ گهڙي پيو ۽ پوءِ وڃي اڳتي وڌندو. سردار ۽ اسان کيس پوئتي ڇڪڻ لڳاسين، چيائين! اڄ مون کي ڇڏيو سمنڊ منهنجو، آئون سمنڊ جو، مون کي پاڻ سمنڊ حوالي ڪرڻ ڏيو!. پوءِ جيڪا مون سان ۽ سردار علي بخش سان ٿي، اها ڪيفيت بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي. وڏي مشڪل سان رشيد کي سمنڊ کان ٻاهر وٺي آياسين. بهرحال رشيد سان تمام گهڻيون يادگيريون لاڳاپيل آهن. رشيد صوفي منش صفا سچو، کرو ۽ ايماندار انسان هو. هن ڪڏهن به قلم کي پنهنجي ذاتي مفاد ۽ فائدي لاءِ استعمال نه ڪيو. سنڌي صحافت ۾ سندس نالو هڪ ڪميٽيڊ، ايماندار، آدرشي ۽ کري صحافي طور هميشه ياد رکيو ويندو. باقي ذاتي طور منهنجي ڪيفيت اڃا تائين لطيف جي هن بيت جيان آهي: ڪارا ڪنديس ڪپڙا، هٿن سين هاڻ هيم جا رهاڻ، سا ڀڃي هوت هليا ويا. ڪامريد رشيد راڄڙ اڙٻنگ شخصيت ۽ ڪردار صالح بلو وقت ڪيئن تيزي سان گذري ويو ۽ ڪامريڊ رشيد راڄڙ کي هڪ سال وڇوڙي کي ٿي ويا، جيڪو بيشڪ جسماني طور اسان وٽ موجودگي ڪونهي ليڪن روحاني ۽ نظرياتي طور هو موجود آهي. رشيد راڄڙ جي زندگي ڏکن سورن جدوجهد ۾ گذري جنهن نه ڪنهن سان ڪا شڪايت ڪئي نه ڳالهه ڪئي، ليڪن پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهيو، سندس زندگي جي مقصد واري ڪا نه هئي، جنهن جو عشق ڌرتي ۽ مظلوم عوام سان هو جيڪو هر وقت سوچ ۾ گم ۽ ڪجهه نه ڪجهه سوچيندو رهندو هو رشيد راڄڙ جنهن شاگردي زماني ۾ ڪميونسٽ پارٽي جي ونگ شآگرد تنظيم ڊي ايس ايف ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ حيدرآباد جو صلعي صدر ٿيڻ بعد ڪامريڊن جي محبت ۾ اچي ڪميونسٽ پارٽي ۾ رهيو، جيڪو پنهنجي خيالن جو نه صرف اظهار ڪندو هو بلڪه اختلاف پڻ رکندو هو، ڪامريڊ رشيد راڄڙ جيڪو ننڍي هوندي کان بهادر حق گوئي انسان هو، جيڪو قومن جي وجود لاءِ سنڌي قوم کي پنهنجو حق ڏيارڻ لاءِ جدوجهد ڪندو رهندو هو، هن سياست بعد صحافت ۾ اچي مسڪينن کي حق ڏيارڻ لاءِ عزم ڪيو هو ۽ ڪامريڊ ساٿين پاران ڪراچي مان ڪڍيل اخبار عوامي آواز جي بيورو رپورٽر حيدرآباد بنيو جنهن بعد جڏهن ڪامريڊ ساٿين پنهنجي هڙون وڙون ڏيئي ۱۹۹۵ع ۾ سنڌ اخبار ڪڍي ته ان وقت رشيد راڄڙ ڪاوش اخبار ۾ ڪم ڪندو هو جيڪو بعد پنهنجي ساٿين سميت ڪاوش ڇڏي سنڌ اخبار ۾ پهرين ايڊيٽر طور ڪم ڪيو، جتي ارشاد گلاباڻي، لالا رحمان ۽ ٻيا ساٿي هٿ ونڊرائيندا رهندا هئا، ڪامريڊ رشيد راڄڙ جيڪو آزادي سان پنهنجي ويچار ونڊڻ ۽ سوچ ڦيلائڻ سنڌ اخبار مان ڪري سگهيو پئي اهو ڪاوش مان نه پيو ڪري سگهيو، جنهن جو گهر ڪاوش نه بلڪه سنڌ اخبار هئي، جيڪا ڪارڪنن جي اخبار جنهن کي هلائڻ وارو رشيد راڄڙ هڪ بهادر بي باڪ انسان هو، جنهن ڪنهن به عامر جابر جي اڳيان نه جهڪيو نه وڪيو، جيڪو زندگي جي هر ڏکي موڙ اچڻ ته به ان انسان ڄڻ کيڏندو رهيو، جنهن جي دور جا ڪيترا واقعا سامهون آيا، جڏهن ته خاص واقعو ٽنڊو بهاول ڪيس جيڪو هن جنهن جو جرئت بهادر سان نمودار ڪيو ۽ ڪيترو به دٻاءُ هجڻ باوجود نه جهڪيو ۽ ميجر کي ڦاهي جي ڦندي تائين پهچايو، جيڪو ٽنڊو بهاول ڪيس ۾ حيدرآباد جي ٻين ڪجهه صحافي جي مڙسي کي وساري نه ٿو سگهجي. رشيد راڄڙ جيڪو هڪ ڪميٽڊ انسان هو ۽ پنهنجي نظرئي سان سچو سنڌ ڌرتي سان پيار ڪندڙ محبتي ماڻهو جيڪو پنهنجي فرض کي بهتر نموني نڀائيندو رهندو هو، جنهن ڪڏهن به اصولن تي سودي بازي نه ڪئي، جنهن سان ٻيا ڀلي اختلاف رکندا هجن، ليڪن سندس ڪردار ۽ قلم جو پورهيو ڪير وڪڻي نه پئي سگهيو، ڪامريڊ رشيد راڄڙ، جنهن جو گهر ۾ مڪمل ٺهيل نه هجڻ ۽ ڳوٺ جو رستو تباهه حال ٿيڻ ليڪن هو ڪنهن اڳيان هٿ نه ڦيلايا بلڪ بهادر کي ۽ جرئت سان منهن ڏيندو رهيو، رشيد راڄڙ وٽ هر ڪنهن لاءِ عزت هوندي هئي، رشيد راڄڙ جيڪو صحافت جي سچ جو امين هو، جنهن پنهنجو پورهيو ڪري ثابت ڪري ڇڏيو هو ته هو ڪڏهن به مرڻو نه آهي، رشيد راڄڙ جو واسطو هڪ ڪنهن مڪتب فڪر سان هو ۽ انهن سان آخري وقت تائين نڀائيندو رهندو. هو ڪڏهن ڪڏهن ته اهڙا ڀوڳ ڪندو هو ته دماغ چڪرائجي ويندو، ڪڏهن ته ماٺڻي طبعيت سان خاموش بنيل جيڪو صحافين لاءِ ڇپر ڇانو هو ته ايندڙ لاءِ محبتي انسان هو، رشيد راڄڙ جي خطرناڪ بيمار ڪينسر جيڪا کيس خبر به هئي، ليڪن هو نهايت ئي بهادري سان ان کي توجهه نه ڏيندو هو، ليڪن بيماري کيس وڪوڙي وئي ۽ موت جي منهن مان هو بچي نه سگهيو ۽ جسماني طور اسان کان جدا ٿي ويو، سندس يادون ملهايون وڃن پيون.
ڊاڪٽر ادل سومرو سنڌ جو ٻهڳڻو شاعر ۽ ليکڪ محمد سليمان وساڻ پيار کان جي ڌار آهي شاعري سا به ڪهڙي يار آهي شاعري سنڌ جي موجوده دور جي شاعرن جو جڏهن ذڪر ڪبو ته سکر جي ڊاڪٽر ادل سومرو جو نالو سڀني کان مٿانهون هوندو. ڊاڪٽر ادل سومرو پنهنجي شاعريءَ ۾ احساسن، امنگن، جذبن، سونهن ۽ سُريت کي سهڻي انداز سان پيش ڪيو آهي. ڊاڪٽر ادل سومري جو اصلي نالو عبدالڪريم سومرو آهي ۽ سندس جنم سکر ۾ محمد صالح سومرو جي گهر ۱۵ آگسٽ ۱۹۵۵ع تي ٿيو. شروعاتي تعليم سکر مان ۽ پوءِ ميٽرڪ ۽ بي اي به اتان ئي ڪئي. ايم اي اقتصاديات ۾ سنڌ يونيورسٽيء مان ۱۹۷۷ع ۾ فرسٽ ڪلاس سان پاس ڪرڻ سان گڏ سنڌ يونيورسٽيء مان ئي ۱۹۷۹ع ۾ سنڌي ۾ فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن سان ايم اي به پاس ڪيائون. ۱۹۹۹ع ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان سنڌي ادب ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائون. ڊاڪٽر ادل سومرو پنهنجي لکڻ جي شروعات ماءُ بنا ٻار نالي نظم لکي ڪئي، جيڪو ۱۹۶۹ع ۾ روزانه هلال پاڪستان ۾ ڇپيو. وقت سان گڏ سندس شاعريء ۾ نکار اچڻ لڳو جنهن جو هڪ سبب سندس هم عمر ساٿي اياز گُل سان گڏ سکر ۾ ٿيندڙ سنڌي ادبي سنگت جي ادبي گڏجاڻين ۽ ڪچهرين ۾ اچڻ وڃڻ سبب پيدا ٿيو. جتي شيخ اياز، رشيد ڀٽي، فتاح ملڪ ۽ تنوير عباسي جهڙن عظيم شاعرن ۽ لئڪن کان سکڻ جو موقعو حاصل ٿين. ڊاڪٽر ادل سومرو ٻارن لاءِ شاعري ۽ ڪهاڻين جا ڪتاب لکي سنڌي ادب ۾ ٻاراڻي ادب جي کوٽ جي پورائي ڪرڻ جهڙو اهم ڪم پڻ ڪيو آهي. ادل سومرو سنڌي شاعريءَ ۾ غزل، هائيڪي، نظم، بيت، گيت ۽ وائي جو پختو شاعر ٿي اڀريو آهي ۽ سندس هاڪ سنڌ ۽ هند ۾ هر هنڌ آهي. ادل سومرو شاعريء سان گڏ ڪهاڻيون، مقالا، مضمون ۽ ريڊيو لاء اسڪرپٽ پڻ لکيا آهن. انکانسواٰءِ هن ڪيترائي ڪتاب مرتب ڪرڻ سان گڏ شاعريءَ کي ٻين ٻولين ۾ ترجمو پڻ ڪيو آهي. ڊاڪٽر ادل سومرو سنڌيءَ سان گڏ اردوءَ ۾ پڻ شاعري ڪئي آهي. سندس شاعري سنڌ جي اهم فنڪارن ريڊيو ۽ ٽي وي سان گڏ اسٽيج تي ڳائي خوب داد حاصل ڪيو آهي. ريڊيو ۽ ٽي وي تي سندس 200 کان مٿي گيت، وايون ۽ غزل رڪارڊ ٿي چڪا آهن. ڊاڪٽر ادل سومرو ۱۹۸۱ع ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو ۽ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي سنڌي شعبي ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر طور پنهنجون ذميواريون سنڀالي سنڌي ادب جي شاگردن لاءِ هڪ رهنما طور ڪم ڪري رٽائرمينٽ ورتي آهي. سندس ادبي ڪمن ۾ ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڪتابن ۾ هيٺيان ڪتاب شامل آهن: وليون وڻ ڦلارئا (شاعري)، سمنڊ جاڳي ٿو (شاعري)، وساري نه ڇڏجو (شاعري)، اسين مسافر پيار جا (نثر)، روز ٽڙن رابيل (ٻارن لاءِ شاعري)، چنڊ پشم گولو (ٻارن لاءِ شاعري)، آچر جا احوال (ٻارن لاءِ ڪهاڻيون)، پتلين جو تماشو (ٻارن لاءِ شاعري)، جيتن جي ڪانفرنس (ٻارن لاءِ ڪهاڻيون)، نئين دؤر جا نوان سبق (ٻارن لاءِ ڪالم)، مٽيءَ جا رانديڪا (ٻارن لاءِ ڪهاڻيون) ڇپيل آهن. انهن کانسواء سندس ترتيب ڏنل ڪتابن ۾ سنڌالاجي ۽ ساميءَ جا مٽ (سگا مرڪز) مرتب، سنگت ڪهاڻي نمبر (مرتب)، سنگت شاعري نمبر (مرتب)، سنگت ڪارڪردگي نمبر (مرتب)، رنگ برنگي ڦوڪڻا (ٻارن لاءِ شاعري) سنڌالاجي ڄامشورو (مرتب)، ٻارن لاءِ چونڊ ڪهاڻيون - اڪيڊمي آف ليٽرز اسلام آباد (مرتب)، ٻارن لاءِ گيت (سگا روشن تارا اسڪول لاءِ) (مرتب)، سرمست (خيرپور) مرتب، نيروليءَ جو خواب (مضمون ۽ خاڪا)، ڏات جي ڏيهه مان (فنڪارن جا تعارفي خاڪا)، انقلاب، اسٽين گن ۽ ڪتو (ڪهاڻيون)، سنڌي ادبي سنگت، تاريخ ۽ ڪردار (ڊاڪٽريٽ جو مقالو) شامل آهن. ڊاڪٽر ادل سومرو هڪ شاعر ۽ اديب هجڻ سان گڏ نفيس انسان پڻ آهي. سندس بي بها خوبين مان هڪ خاصيت سندس مرڪي ملڻ ۽ هر ننڍي يا وڏي کي عزت ۽ مان ڏيڻ ، ملنساري سان گڏ حوصلا افزائي ڪرڻ واري به آهي. ادل سومرو کي سندس مڃتا عيوض اڻ ڳڻيا ادبي ۽ مڃتا اوارڊ مليا آهن. کيس 2011 ۾ سندس ادبي مڃتا عيوض حڪومت پاڪستان پاران صدارتي اوارڊ براءِ حسن ڪارڪردگي سان پڻ نوازيو ويو. ادل سومرو جو گهڻو وقت سنڌي ادبي سنگت ۽ ادبي ميڙاڪن ۾ گذريو آهي. ان کانسواءِ هو سماجي ڪم ۾ به اڳڀرو رهيو آهي. سنڌي ادبي سنگت سکر جو جنرل سيڪريٽري، سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري، سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي سڪريٽري جنرل، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن سکر جو نائب صدررهڻ سان گڏ مختلف ادبي، علمي ۽ سماجي ادارن ۽ تنطيمن جو اعزازي ۽ صلاحڪاري بورڊ جو ميمبر رهندو اچي. اڄ ڪلهه روزاني عوامي آواز ۾ بيت لکي رهيو آهي. سنڌ جي هن ڏاهي ڏات ڌڻيءَ لاءِ دعا آهي ته زندگيء جو نئون سال شال سندس زندگيءَ ۾ خوشين جا خزانا ۽ نئين بهارن جا پيغام آڻي. ادل سومرو سنڌ جو آدرش وادي ڪردار رحمت الله پيرزادو ادل سومرو، محمد صالح سومري جي گهر ۾ ۱۵ آگسٽ ۱۹۵۵ع تي سکر ۾ ڄائو. سندس نالو عبدالڪريم رکيو ويو. ادل سومري ۱۹۷۳ع ڌاري، سنڌ يونيورسٽيءَ مان اقتصادياتEconomics ۾ ايم اي ڪئي ۽ ۱۹۷۹ع ڌاري سنڌي لٽريچر ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ فرسٽ ڪلاس پوزيشن گولڊ ميڊل ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي. ادل سومري، ۱۹۹۹ع ڌاري شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان، سنڌي ادب ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. ادل سومري جي ادبي اوسر ترقي پسند تحريڪن مان ٿي. هو سنڌي ادب سنگت ۽ سنڌ گريجوايٽس ايسوسيئيشن کان ويندي ڪيترين ئي قومي ۽ بين الاقوامي تنظيمن سان سلهاڙيل رهيو آهي. سنڌي ادب ۾، ادل سومرو هڪ خوبصورت شاعر طور سڃاتو وڃي ٿو. ادل سومرو ذاتي طرح شيخ اياز، ڊاڪٽر تنوير عباسي ۽ تاج جويي جي ويجهو رهڻ ڪري ۽ انهن جي صحبت ۾ ادب جي سنجيدگيءَ کي سمجهي چڪو آهي. سندس ادبي پرورش ۾ انهن سينئر شاعرن جو وڏو حصو آهي. سندس ڏات، هر وقت سندس ذات تي حاوي رهي آهي. ذاتي طرح، ادل سومري ۾ مون اهو محسوس ڪيو آهي ته هو هڪ ئي وقت ليڊر ۽ ورڪر واريون ٻئي خصوصيتون رکي ٿو. جيڪا شيءِ ٻڌائي ٿي ته هو ادب کي نظرياتي طرح به Own ڪري ٿو. ادل سومري جي شاعري وائيءَ کان شروع ٿئي ٿي. هن شروعات ۾ تمام خوبصورت وايون، بيت ۽ دوها (يعني ڪلاسيڪل صنفون) لکيا. ان بعد خوبصورت غزل، گيت ۽ نثري نظم لکيائين. سندس منفرد اسلوب، کيس پنهنجي همعصر شاعرن کان الڳ ڪري بيهاري ٿو. موجودهه سنڌي شاعريءَ ۾ جيئن ته غزل سڀ کان وڌيڪ مقبول صنف ٿي اڀريو آهي، جنهن ۾ سنڌي شاعرن قابل داد تجربا پڻ ڪيا آهن، ادل سومري جو غزل سندس خوبصورت سڃاڻپ آهي. هو غزل جو ڪامياب شاعر آهي. هن وٽ پنهنجو ڍنگ (Diction) آهي. ادل واحد شاعر آهي جنهن وٽ شهرن توڙي ڳوٺن جي زندگيءَ جو درد ساڳيءَ شدت سان نظر اچي ٿو. هو سادي ٻوليءَ ۾ شديد کان شديد احساس بيان ڪرڻ جو ڏانءُ رکي ٿو. هو هر صنف جي نزاڪتن سان گڏ پنهنجي مقصد جي ڳالهه چئي وڃي ٿو. هو وائيءَ ۾ ڪرفيو ۽ بم ڌماڪن جو ذڪر ڪري ڄاڻي ٿو. ”طبقاتي سماج ۾ دلبر ٿيو پٿر“ سندس اهي خيال، شديد ڪرب مان گذريل محسوس ٿين ٿا. طبقن واري ٽڪساٽ ۾، محبوب ڪيئن پٿر ٿئي ٿو؛ ان سماجي رويي کي شعر ۾ اظهارڻ ادل جي فن جو معراج آهي. ادل جو شاعراڻو پيچرو اهو آهي. هو رومانوي ڪيفيتن جو مصور شاعر آهي. مگر حالتن جي ڀڃ ڊاهه ۽ غير يقينيءَ جي صورتحال ۽ سنڌ جي احساس ڪمتريءَ وارو سڄو پس-منظر ادل جي اصل تخيل کي گرد آلود ڪندو رهيو آهي. (جيڪو تقريبًا سندس دور جي هر تخليق ڪار جو الميو آهي). ادل سومرو، سنڌي ٻوليءَ جو خوبصورت رومانوي شاعر آهي. پر هو جلندڙ روم کي ڏسي، نيرو جي بنسري وڄائڻ بجاءِ، پنهنجي رومانوي انداز ۾ احتجاج ڪري، پنهنجي دور جي سچن لکارين ۾ ڳاٽ اوچو ڪري، هلندي نظر اچي ٿو. هاڻ ادل ڀلي وڏين ۽ شاندار نوڪرين تي ويٺل هجي. (جن جو هو حقدار به آهي) هن پنهنجو پاند آزاد ۽ بي داغ رکيو آهي. هو ڊرائنگ روم سوسائٽيءَ جو حصو ناهي بڻيو. ادل اڄ به اورچ، جاکوڙي ۽ محنتي آهي. هو سنڌ جو آدرش وادي ڪردار آهي. ادل سومرو سِنڌُ جي اَدلَ جا ۶۸ سال فرهاد جيلاني هيءَ پوري دنيا توڙي سموري سنڌُ عظيم ڏاهن، اعليٰ خيالن جي علمبردارن سان ڀري پئي آهي هر ڪنهن پنهنجي نشست پنهنجي سوچ ۽ خيالن جي اڏام سان محفوظ ڪئي آهي ايئن ئي سنڌ جا شاعِر پنهنجي اعليٰ خيالن سان سنڌي ادب جي واڳ کي مضبوطيءَ سان جهلي سنڌي ادب جي نگهباني ڪري رهيا آهن، جن جو مقصد مقبوليت نه پر اڀرندڙ ذهنن جي آبياري ڪرڻ آهي. انهن منجهه ادل سومري جو نالو به اچي وڃي ٿو جنهن پنهنجي زندگيءَ جو گهڻو حصو ادب کي ڏنو آهي. ۱۵ آگسٽ ۱۹۵۵جي ڏهاڙي تي ادب جي دنيا ۾ هڪ مکڙي کلي پئي جيڪا اڄ هڪ وڏو گلشن بڻجي ڪري انيڪ مکڙين کي ڇانورا بخشي رهي آهي. ادل سومرو سنڌ جو اهو شاعر آهي جنهن هميشه کان ئي شاعريءَ تي ڀرپور نموني ڪم ڪيو آهي، پنهنجي ادبي زندگيءَ ۾ ۱۰ کان مٿي ڪتاب الڳ مضمونن تي سنڌي ادب جي جهوليءَ کي عطا ڪيا آهن جيڪي تقريبن سڀ ئي مقبول بڻيا آهن جن منجهه “اسين مسافر پيار جا”، “سمنڊ جاڳي ٿو”، “وساري نه ڇڏجو” ۽ ٻيا ڪتاب شامل آهن .انهيءَ کان علاوه هُو ٻارڙن جي شاعر جو اعزاز به ماڻي چڪو آهي،ادل ٻارن لاءِ ۱۵ کان مٿي ڪتاب لکيا آهن جن ۾ “مٽيءَ جا رانديڪا”، “آچر جا احوال”، “پوپٽ جهڙا گيت” ۽ ٻيا ڪتاب گهڻا مقبول آهن. سنڌ جي هن سرموڙ شاعر ڪٿي انقلابي بڻجي ته ڪٿي محبت جو سفير بڻجي پنهنجا خيال پنهنجين لکڻين ۾ آندا آهن، سڀڪو سمجهي ڪين ٿو، قصو هيءُ قديم، رهيو عشق عظيم، آهي هر ڪنهن دور ۾. ادل جي شخصيت نهٺائي، سان ٽمٽار آهي، هو هڪ ئي ملاقات ۾ ماڻهوءَ کي پنهجو شائق بڻايو ڇڏي. سچ ته معاشري ۾ اهو ئي اديب جو ڪردار هجڻ گهرجي جو هڪ ئي ملاقات منجهه هو ملندڙ کي پنهنجو زر خريد بڻائي ڇڏي. سنڌ جي ادل سالن کان هر هڪ ڏينهن تي هر هڪ موضوع کي چوسٽي ۾ بند ڪري پنهنجا خيال لوڪ تائين پهچايا آهن. ادل سومري پنهنجا ۶۸ سال سنڌ کي ارپيا جڏهن ته هن پنهنجي زندگيءَ۾ انيڪ ڏکاين کي منهن ڏئي ڪري پاڻ کي ادبي ميدان ۾ برقرار رکيو ۽ انيڪ اعزاز پنهنجي نانءُ ڪيا جن ۾ ثقافت کاتي پاران مليل بيسٽ بڪ ايوارڊ، تمغه امتياز، سچل سرمست بيسٽ پوئٽ ايوارڊ، ڪاروانِ ادب ايوارڊ ۽ ٻيا ڪيترائي ايوارڊ حاصل ڪيا. ادل سومرو جنهن جو قلمي نالو عبدالڪريم سومرو آهي خيرپور جي سرزمين سان سلهاڙيل رهي انيڪ ادبي خدمتون سرانجام ڏنيون، هن وقت پاڻ شاهه لطيف يونيورسٽي جي پروفيسر طور ڪم ڪري چڪو آهي جتان هن سنڌي ادب ۾ پي ايڇ ڊيءَ جي ڊگري حاصل ڪئي. پنهنجي بيچلرس ۽ ماسٽرس جي ڊگري سنڌ ورسٽيءَ مان حاصل ڪري ادبي دنيا ۾ اڃا وڏو نالو ڪمايائين جڏهن ته هن کي مقبوليت حاصل ڪرڻ جو ڪو به فڪر نه هوندو هيو.ادل سائينءَ ڪڏهن ڪڏهن ويڳاڻو هوندي به پاڻ کي ڪڏهن اڪيلو محسوس نه ڪيو آهي جيئن هن پاڻ ئي چيو آهي ته؛ دوست سڀ مصروف آهن سومرا، اڄ پنهنجو پاڻ سان ڪچهري ٿي وڃي. ادل سومري پنهنجي زندگيءَ ۾ غزل، هائيڪو، ٽيڙو، چوسٽا، بيت، گيت ۽ ٻين صنفن تي گهڻو ڪم ڪيو جڏهن ته اڄ ادل جي شاعري پڙهي ۽ مختلف سرن ۾ ڳائي وڃي ٿي جيڪا دنيا جي تقريبن ۳۶ ئي موضوعن تي(امر جليل چواڻي) لکيل آهي ادل سومري جو هڪ ٽيڙو آهي ته؛ شاهه سچل سامي، پياري ڀري پرڀات جا، آهن پيامي. سندس شاعريءَ ۾ ترنم، تجنيس حرفي، تجنيس زائد ۽ ٻيا موجود عنصو ملن ٿا جيئن مٿين ٽيڙوءَ ۾ “پيار ڀري پرڀات” تجنيس جو پورائو ڪري ٿي. هر انسان جي ادبي دنيا ۾ پنهنجي جڳهه هوندي آهي جيئن پنهنجي سوچن ۽ خيالن جي اڏار سان انسان پنهنجي جڳهه جوڙي وٺندو آهي جيڪا هن کي آسمان جي وسعتن تائين رسائيندي آهي. ادل جهڙا املهه موتي دنيا ۾ گهٽ ئي ملن ٿا جن جو قدر جوهريءَ جيان هڪ اديب ئي ڪري سگهي ٿو. ڀٽائيءَ جي هيٺ بيان ڪيل شعر جهڙو ادل سومرو پنهنجي ادبي سڀاءَ ذريعي قوم جي نوجوانن ۽ معاشري جي ٻين سڀني فردن جي آبياري ڪندو رهندو مائرون سي مرڪن، جنين جنگ نپايا، ٻين ويچارين، ڄڻيندي ڄمار ويئي. نامياري شاعر ادل سومري سان ڳالهه ٻولهه انٽرويو: سارنگ منير سومرو س... سڀ کان پهريان اوهان پنهنجي تعليمي ۽ پيشيوراڻي سفر بابت ڪجهه ٻڌائيندا؟ ادل سومرو .. ادا منھنجو نالو عبدالڪريم سومرو ولد محمد صالح سومرو، ادب ۾ منھنجي سڃاڻپ ادل سومري جي نالي سان آھي، منھنجو جنم سکر ۾ اجرڪ ڇريندڙ ھنرمند خاندان ۾ ۱۵ اگسٽ ۱۹۵۳ تي ٿيو، منھنجو والد محمد صالح سومرو ۽ ڏاڏو ٺارو سومرو اجرڪ جي فن جا مشھور ڪاريگر ھئا، منھنجي پرائمري کان ماسٽر تائين تعليم سکر ۾ ئي ٿي، پڙھائي دوران پرائمري استاد به رھيس، بعد ۾ پلاننگ اينڊ ڊيولپمنٽ ڊپارٽمنٽ ۾ ايڪانامڪ انويسٽيگيٽر، مختلف ڪاليجن ۾ ليڪچرار ۽ آخر ۾ سنڌي شعبي شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان پروفيسر چيئرمين جي حيثيت سان ۲۰۱۳ع ۾ رٽائر ٿيس. س ... اوھان جو ادب سان لڳاء ڪيئن ۽ ڪڏھن ٿيو ادل سومرو ..اسڪول ۾ اٺين درجي ۾ پڙھائئ دوران عظيم استاد سائين ممتاز علي مغل جن جي ھدايت تي مير معصوم شاھ لائبرري ويندو ھيس، جتي مطالعي جو شوق پيدا ٿيو ۽ اتساھ جا نوان دروازا کليا، ڪتابن جي دنيا سان تعارف ٿيو، لوڪ ڪھاڻين جا ست جلد اتي پڙھيا، ادب ۾ پھريون ليکڪ امر جليل ھو جنھن جون ڪھاڻيون اتي پڙھيون ۽ ان بيحد متاثر ڪيو، ائين کڻي چئجي ته مون لاءِ، ادب جو دروازو سائين امر جليل کوليو، پڙھڻ سان گڏ مون ۾ لکڻ جو جذبو به انھيءَ دوران پيدا ٿيو ۽ مون زندگي جو پھريون نظم به ان دور ۾ تخليق ڪيو، جنھن جو عنوان ھو ماء بنا ٻار جو نظم جيڪو ھلال پاڪستان اخبار ۾ ڇپيو ھو. اھو نظم مون ماءُ بابت لکيو ھو، جيڪا ويھن سالن جي عمر ۾ گذاري وئي ،جڏھن ته منھنجي عمر ان وقت صرف ڇھه مھينا ھئي، منھنجي پرورش منھنجي ڏاڏي مريم ڪئي ھئي، اڳتي ھلي گلن جھڙا ٻارڙا ۽ سنڌي ادبي سنگت جو پليٽ فارم مليو جتي ادبي آبياري ٿي، اتي شيخ اياز، رشيد ڀٽي، تنوير عباسي، فتاح ملڪ، ڪامريڊ آزاد ۽ ٻين جي رھنمائي حاصل ٿي ۽ ائين ادبي سلسلو وڌندو ويو. س .. ننڍپڻ جو ڪو يادگار واقعو ادل سومرو: پرائمري ٽئين درجي ۾ اسان جو استاد ھوندو ھو سائين عبدالرزاق مڱريو، جيڪو اسڪول ۾ سڀ کان پھريان نماز واري ڪاپي چيڪ ڪندو ھو ، جنھن ۾ ھر نماز جي سامھون، پيش امام جي صحي ٿيل ھوندي ھئي، مان فجر جي نماز نه پڙھي سگھندو ھوس، جنھن ڪري روز صبح جو مار کائيندو ھوس، مار کان بچڻ لاءِ مون ھڪ اٽڪل سوچي جو فجر واري خاني ۾ مان پاڻ پيش امام جي ڪوڙي صحيح ڪري ڇڏيندو ھوس، اھا ڳولي سوچي مان اڄ به مرڪي پوندو آھيان، ان تي اسان جي وڏڙن کي سوچڻ کپي. س: ھن وقت تائين ڪيتري شاعري ڪري چڪا آھيو ادل سومرو..ادا ھي ته پيار جو پنڌ آھي جنھن ۾ وکون ناھن ڳڻبيون، بس اھو اطمينان آھي ته مان پنھنجي تخليقي سفر ۾ ڪٿي ساھي پٽي رڪيو ناھيان، مسلسل لکندو ۽ ڇپجندو رھيو آھيان جنھنڪري پڙھندڙ سان منھنجو تعلق قائم رھندو آيو آھي س: اوهان شاعر نه هجو ها ته ...؟ ادل سومرو ... ته وري به شاعر ھجان ھا ڇو ته ڏات جي اھا فيڪلٽي ڪنھن نه ڪنھن روپ ۾ ظاھر ٿئي ھا س: شاعري ۾ ڪنھن کان متاثر آھيو ادل سومرو .. شاھ عبداللطيف ڀٽائي ۽ شيخ اياز س .. پسند جو غزل يا شاعري جنھن کي اوھان، ھميشه ياد ڪندا آھيو؟ ادل سومرو .. ھونئن ته ھر تخليقڪار کي پنھنجي سڀني تخليقن سان پيار ھوندو آھي، انھن مان چونڊ ڪرڻ مشڪل ھوندو آھي منھنجي پسند،جون منھنجون ڪيئي تخليقون آھن. نظمن ۾ نيروليءَ جو خواب، ٻارن جي وارڊ ۾ لائيٽ آف، ڪئمپ، ڪرفيو ۽ چنڊ غزلن ۾ تنھبجي گھر جي ڀرسان آھيان ڄڻ مندر جي ڀرسان آھيان سونھن جا اجرن پکين ۾ ٽي رھي شاعرن جي سا دلين ۾ ٿي رھي دوستيءَ کي روشنيءَ سمجھي، اسان ڪلھه وياسين راھ ۾ رلجي اسان س .. ڪيسٽي عام پسند، واري شاعري معاشري ۾ ڪھڙي ڪلچر کي ھٿي ڏئي ٿي؟ ادل سومرو: ائين ته سٺي ۽ معياري شاعري به ڪيسٽن ۾ آئي آھي پر گھڻو رجحان غير ادبي ۽ سطحي شاعري وارن ڪلامن جو رھيو آھي، اھڙي شاعري جي عمر گھٽ ٿئي ٿي، ان شاعري جو ڪو وڏو ڪارج نٿو ھجي، سماجي اعتبار کان ان وسيلي تماشبيني ڪلچر کي ھٿي ملي ٿي ۽ اخلاقي لحاظ کان ھڪ بگاڙ پيدا ٿئي ٿو سوال: اوهان جي پسند جو شاعر شيخ اياز آهي انهيءَ جي شاعريءَ کي ڪئين ٿا ڏسو؟ ادل سومرو: شيخ اياز جي شاعري ھر دور جي شاعري آھي، جيئن جيئن وقت گذرندو ويندو ھن جي تخليق جا نوان رخ ظاھر ٿيندا ويندا، اياز جي ذڪر کانسواءِ سنڌي شاعري نامڪمل آھي، اسان جن نام نھاد نقادن اياز جي تخليقن سان انصاف نه ڪيو، شخصي حوالا ڏيئي ھن جي دل آزاري ڪئي وئي، ھن جي ڪردار ڪشي ڪئي وئي. سوال: سنڌي ٻولي جو آئيندو اوهان ڪئين ٿا ڏسو..؟ ادل سومرو: سنڌي ٻولي جو آئيندو محفوظ آھي پر ان لاء خطرا موجود آھن، ٻاھر کان وڌيڪ اندر جا خطرا آھن، اسان جن ڪيترن گھرن جا ٻار سنڌي لکي ۽ پڙھي نٿا سگھن جيڪو مستقبل جو وڏو خطرو آھي ان لاءِ اسان ذميوار آھيون، اسان کي وري وچن ورجائڻو پوندو، سنڌي لکو پڙھو ۽ ڳالھائيو. ادل سومرو صاحب نامياري شاعر سان ڪيل منھنجي ڳالھ ٻولھ ڳالھ ٻولھ: امر اقبال اوهان جي ننڍپڻ ۽ ان وقت جي ماحولَ جي باري ۾ ڄاڻڻ چاهينداسي، جنهن اوهان جي شخصيت جي تعمير ڪئي... مُختصر اهو، ته منھنجو جنم سکر ۾ ٿيو. ننڍپڻ، پرائمري، سيڪنڊري ۽ ڪاليج سطح تائين تعليم سکر ۾ ئي ٿي. سنڌيءَ ۾ ماسٽرس ڪئي، فرسٽ پوزيشن سان، ايڪانامڪس ۾ ٿرڊ پوزيشن سان، پوءِ وري سنڌي ادب ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي... سکر علمي، ادبي ۽ تاريخي پس منظر رکندڙ شھر آهي، اديبن ۽ عالمن جو شھر آهي. تعليم جي حوالي سان تعلق هن ئي شھر سان رهيو. خانداني پسمنظر اهو آهي، ته منھنجي خاندان ۾ ڪجهه پڙهيل لکيل ماڻھو هيا، ڪجهه استاد هيا. منھنجو والد صاحب محمد صالح سومرو، منھنجو ڏاڏو ٺارو خان سومرو اجرڪ جي صفت سان لاڳاپيل هئا. منھنجي والد صاحب انھيءَ ئي هنر کي پنھنجي زندگيءَ جا پنجاهه سال ارپيا. مان وري تعليم جي پاسي ڏي، تدريس جي نوڪريءَ ۾ آيس. اجرڪ سازيءَ جي هنر سان ايڏي وابستگي نه رهي. ڄاڻَ رَهي... ننڍپڻ ۾ لئبريرين ۾ وڃڻ ٿيندو هيو. سکر جي معصوم شاهه لئبريري، اتساهَه جو هڪ وڏو مرڪز هئي. اٺين درجي کان وٺي اُتي وڃڻ شروع ڪيو. لوڪ ڪھاڻين جا جُلد پڙهيا... ان کانپوءِ وري امرجليل جي افسانن ڏي لاڙو ٿيو... لئبريريءَ ۾ عملي ادبي ماحول مليو. ان کان علاوه ”گلن جھڙا ٻارڙا“ تنظيم هئي، ان سان وابستگي رهي. اسڪولَ ۾ سرگرميون ٿينديون هيون... تقريري مُقابلا، مضمون نگاريءَ جا مقابلا، شاعري... ”گلن جھڙا ٻارڙا“ جيڪو رسالو آيو، ان ۾ به لکڻ شروع ڪيوسي. اهو جيڪو شروعاتي دؤر هُيو، ان ۾ هڪ بھتر ماحول مليو. سنڌي ادبي سنگت وري ان کانپوءِ ٿي اچي، جڏهن ڪاليج جي دؤر ۾ پھتاسي.... اتي وري شيخ اياز، تنوير عباسي، رشيد ڀٽي، فتاح ملڪ... اِهي ماڻھو هُيا، جن وري سنڌي ادبي سنگت ۾ هڪڙو بھتر ماحول ڏنو... اجرڪ سازي اوهان جي وڏڙن جو هنر آهي. اجرڪ اوهان جي شاعريءَ ۾ به هڪ ڀرپور استعاري طور نظر ٿو اچي... جڏهن کان شعوري عُمر ۾ پير رکيو، اجرڪ جا ئي رنگ نظر آيا. هنرمند، پورهيت، پنھنجي پورهئي سان سچا، هر وقت ڪم ۾ مصروف نظر ايندا هيا... ڪڏهن ٺاري سُومري، ڇُري ڪجهه اجرڪَ اها ڏياري پَڪَ، ته سنڌ ثقافت جيئندي اجرڪ پائي اوچتو، سامھون جو آئي لطيف جي وائي، مون کي لڳي هُوبَھو اوهان جي ڪتاب ”نيروليءَ جو خُواب“ جو نالو ئي اجرڪ جي رنگن سان لاڳاپيل آهي... نيرولي منھنجو والد صاحب هيو. منھنجي اڳ واري ڪتابَ ”سمنڊ جاڳي ٿو“ ۾ اُهو نظم ”نيروليءَ جو خوابُ“ شامل آهي.... منھنجو پيءُ نيرولي آهي ان جو ٺاهيل ڪوئي اجرڪ شايد اوهان جي گهر به هجي... انھيءَ جون علامتي معنائون به ٿي سگهن ٿيون. ائين به ٿي سگهي ٿو نيروليءَ جو خُوابُ، يعني انھيءَ نيروليءَ جو پُٽ، هڪ تخليقڪار بڻجي ويو آهي... ستر واري ڏهاڪي ۾ شاعريءَ جي جهانَ ۾ داخلا کانپوءِ، اوهان پنهنجي انفراديت ڪيئن حاصل ڪئي؟ شعوري ڪوشش هُئي يا فطِري طرح... اصل ۾ ڇا هي ته هِڪُ تخليقڪارُ پاڻ اِهو سڀ ڪجهه نه ٿو ٻُڌائي سگهي. مان ته چوندو آهيان ته شاعر کي آزاد ڇڏي ڏيو ته هُو ڪھڙي به گهاڙيٽي ۾ لکي... باقي وٽس فڪري اڏام ڪيتري آهي، سادگي ڪيتري آهي، گھرائي ڪيتري آهي... اهي شيون مُشاهدي سان پيدا ٿينديون، تجربي سان پيدا ٿينديون. هاڻي اهي شيون وري ٻاهريون ماڻھو، جيڪو پڙهندڙ آ، يا نقاد آ، اهو ٻُڌائي سگهندو. جيئن توهان راءِ ڏني... مان پنھنجي باري ۾ نه ٿو چئي سگهان، ته منھنجي شاعري ڪٿي پھتي آهي... بھرحال هِڪڙي ڪوشش ٿئي ٿي ته اهڙي شيءِ تخليق ڪجي، جيڪا پڙهندڙ پڙهي محسوس ڪري ته هُو پھريون دفعو پڙهي رهيو آهي. اڪثر ائين محسوس ٿيندو آهي ته تخليق ٿيل شاعري اڳ به پڙهيل آهي. شَيون مِلائي، Re-Cycling ڪري، ٻي جو خيال کَڻي شعر ٺاهڻ جو ڪم به ٿئي ٿو. ڪوشش اها هجڻ گهرجي ته جيڪو خيالُ آهي، ڪھڙو به آهي، سادو آهي، پَر پنھنجو هجي... ڪٿان ورتل نه هجي. باقي هِڪَ تسلسل ۾ همعصر شاعريءَ جا هڪٻئي تي اثر به ٿين ٿا. پر پوءِ به ڪوشش ڪجي ته پنھنجي لھجي جي الڳ سڃاڻپ ٿئي. مان گهٽ ۾ گهٽ ان حوالي سان مطمئن آهيان ته مون مسلسل لکيو آهي، ڪڏهن به وٿي ناهي آئي، پڙهندڙن ۽ منھنجي وچ ۾ به .... هر دؤر ۾ توهان جي شاعريءَ جو آواز نئون بنو ۽ تازو توانو رهيو آهي... هر ڏهن سالن کانپوءِ پڙهندڙ بدلجي ٿو وڃي. ڏهه سالَ جيڪڏهن توهان گم ٿي ويئو، ڪتابن مان، رسالن مان، ته پڙهندڙ توهان کي ڪو نه سڃاڻيندو. پوءِ وري انھن سان نئون تعارف ٿيڻو پوندو. منھنجو پڙهندڙ سان تعارف هِڪَ ٻارَ کان وٺي رهيو آهي. هاڻي اهڙا دوست به ملندا آهن، جيڪي چوندا آهن ته، سائين! اسان توهان جي ٻارن لاءِ لکيل شاعري پڙهندا هياسي... اهي وڏا ٿي ويا آهن، وڏن لاءِ لکيل شاعري پڙهڻ ٿا، پر چوندا آهن ته اسان توهان جي ڪتابَ جي ڪري، پڙهڻ طرف آياسي... پڙهڻ جي عادت هيٺين عُمر کان پئي ٿي... اوهان هر صنف تي لکيو آهي. وايون اوهان جون تمام گهڻو مقبول ٿيون. غزل اوهان جو ”اسان کي او سهڻا! وساري نه ڇڏجو“... اها ڪجهه Popular Poetry آهي، جيڪا عوامي سطح تي مقبول ٿئي ٿي. اهو منھنجو غزل ٻارهين درجي ۾ لکيل آهي، معنيٰ شروعاتي دؤر جي شاعري آهي. اها جڏهن آواز جي روپ ۾ آئي ته گهڻو مقبول ٿي. شاعر جڏهن ڪو شعر لکي ٿو ته اُهي هِڪڙا سادا لفظ آهن.... پَر جڏهن توهان ڳائڻ جي ڳالھه ٿا ڪيو ته انھيءَ ۾ ٽي Faculties اچي ٿيون وڃن. هِڪڙو موسيقار، ڪمپوزر، هِڪڙو شاعرُ ۽ هِڪڙو راڳي... اهي ٽئي شيون جڏهن گڏجن ٿيون، ته اها شيءِ وڌيڪ اثر انداز ٿئي ٿي. ماڻھن تائين پھچي ٿي. انھن ماڻھن تائين پھچي ٿي، جيڪي ڪتابَ تائين نه ٿا پھچن... ته اهو هڪ مظبوط وسيلو آهي Communication جو..... سڀني صنفن تي اوهان لکيو آهي. ڪهڙي هِڪَ صنف آهي، جنهن تي لکندي اوهان کي وڌيڪ مزو ٿو اچي؟! اصل ۾ تخليقڪار پنھنجي ڳالھه ڪرڻ چاهيندو آهي. صنفون هڪڙا Frame آهن. ڪڏهن ڪڏهن ڇا ٿيندو آهي، ته هڪڙو وڏو خيال آهي، هِڪڙو ئي Thought آهي، اهو ڀرپور انداز ۾ غزل ۾ نه ٿو ڏئي سگهجي. غزل ۾ Verity هوندي آهي. جيڪڏهن اَٺَ شعر آهن ته اٺ ئي الڳ انداز جا آهن. الڳ الڳ ننڍا ننڍا خيال اچن ته اهي هِڪَ غزل ۾ ڏئي سگهجن ٿا، پر جي هڪڙو ئي خيال آهي، مرڪزي خيال هڪڙو آهي، ته ان لاءِ نظم ئي مددگار ٿي سگهي ٿو. جيڪا ڳالھه ڪرڻ چاهيو ٿا، ان ۾ ڀرپور نموني ڪري سگهو ٿا. منھنجي شاعريءَ ۾ غزل، آزاد نظم، نثري نظم، بيتَ ۽ وايون گهڻيون آهن. اهي چار پنج صنفون... روزاني بنياد تي به ته اوهان بيتَ ۽ چؤسٽا لکڻ جو تجربو ڪيو... اهو هِڪُ تجربو هيو. ان ۾ به مون ڪوشش ڪئي ته تخليقي انداز هجي.بيت ۽ وائي اسان جون مظبوط ڪلاسيڪل صنفون آهن. انھن کي شيخ اياز به recognize ڪيو آهي. امداد حسيني صاحب به تازو ڪنھن انٽرويوءَ ۾ چيو ته اِهي اسان جون ڪلاسيڪل صنفون آهن، اسان کي انھن کي جيارڻ کپي. بيتَ لکڻ جا جڏهن تجربا ٿيا، ته ان ۾ ڪافي شاعر دوستن ٻولي ساڳي رکي، لطيفَ واري سچَلَ واري... يا وري موضوعَ ساڳيا رکيئون... ها بلڪل.... پَر منھنجو اهو خيال هو ته ڀلي صنف ساڳي هجي، پَر اها جديد دؤر سان اهم آهنگ هجي. ٻولي اڄ جي هجي. جيڪڏهن بيتَ ۾ زوريءَ تجنيسِ حرفي هڻبي ته مزو نه ٿيندو. اها مصنوعي لڳندي. اَڄُ جي دؤر جي هئڻ گهرجي. مان اِهي تجربا ڪيا ۽ اخبار لاءِ اِهو نئون تجربو هيو. اخبار ۾ روزانو بيت اڳ ڪڏهن به ڪو نه آيو هو. مان چار پنج سالَ ”عوامي آواز“ ۾ روزانو بيت لکيا. ان کانپوءِ ”ڪاوش“ ۾ چؤسٽا لکيم ۽ انھن ۾ به اها ڪوشش ڪيم ته همعصر موضوعن ۽ حالتن جي عڪاسي ته هجڻ کپي، پَر تخليق اهڙي هجي جو اڄ کان ڏهه سالَ پوءِ به ماڻھو پڙهن ته انھن کي ان دؤر جي لڳي... وکر سو وهاءِ، جو پئي پراڻو نه ٿئي... جي.... مطلب اهو آهي ته جيڪڏهن سياسي حالتن تي ڪو چؤسٽو لکجي، ته انھيءَ ۾ سياستدانن جا نالا نه لکجن.... مان چوندو آهيان ته، جي ائين آهي، ته پوءِ خبر ۽ شاعريءَ ۾ ڪھڙو فرق ٿيو؟ هِڪڙي خبر کڻي ان کي چئن سِٽن ۾ تبديل ڪندئو ته اها ته خبر ئي رهندي. تخليق ته نه ٿيندي نه.... ڳالھه ضرور ڪيو، پَر انھيءَ ۾ Creativity هجڻ گهرجي. ڪو استعارو، ڪا تشيبهه، جيڪا ان شيءِ کي ابديت ڏئي. اهي شاعريءَ جا Tools آهن. لطيف سائينءَ جي شاعري ڏسو. ان ۾ ايڏيون جديد تشبيھون ملن ٿيون.... جديد مان مُراد اڳ ۾ استعمال ٿيل ناهن، پنھنجي دؤر جون نيون ۽ جديد تشبيھون آهن. اهي شيون اڄ به پڙهئون ٿا ته تازيون ٿيون لڳن. مون اها ئي ڪوشش ڪئي ته، ائين نه ٿئي ته اُنھن چؤسٽن جي عمر به هِڪَ يا ٻن ڏينھن جي هجي... وايُن ۾ اَوهان سنڌ جي صنعتي سماجَ جا عڪسَ جام کڻي آيئو... هوٽل، هُلَ، هشام دونھان دونھان زندگي لارين پويان ڊوڙندي شھر ۾ ٿي وئي شام دونھان دونھان زندگي اوهان جي وائيءَ ۾ وراڻيءَ جو بند سان جَڙاءُ به منفرد هوندو آهي... بس، هِڪَ ڪوشش هوندي آهي... شيخ ايازَ سان اوهان جو وڏو ساٿُ رهيو. انهيءَ ساٿَ کي ڪيئن ياد ڪندؤ؟! اصل ۾ ڇاهي ته شيخ اياز صاحب گهڻو مصروف رهندو هيو. هن جو Profession ئي اهڙو هُيو... وڪالت. ان کي گهڻو وقت ڏيڻو پوندو هيس ۽ خاص ڪري هُو ڪرمنل ڪيس گهڻا کڻندو هيو، جنھن لاءِ کيس گهڻو مطالعو ڪرڻو پوندو هيو. هُنَ جي زندگي هِڪڙي ٽائيم ٽيبل مطابق گذرندي هئي. ٽائيم ٽيبل ۾ جيڪڏهن دوستو وسڪيءَ کي وقت ڏنل آهي يا خليل جبران کي وقت ڏنل آهي، يا ڪنھن به شاعِرَ کي... ته اهو وقت هُنَ ڪنھن دوستَ کي نه ڏنو. اهو وقت هن ڪتابَ کي ڏنو. اها هن جي هِڪڙي وڏي Commitment هوندي هئي. ملندو ڪو نه هيو ماڻھن سان. جي ڪو ويجهو دوست به آيو ته ان سان دروازي تي ملي موڪلائبو.... اسان کي وري لالچ هوندي هئي دل ۾، ته هيڏي وڏي شخصيت آ، انھيءَ سان ملجي. ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ به شيخ صاحب ايندو هيو ته مختصر ايندو هيو. مون کي ياد آ ته ادبي سنگت جي گڏجاڻيءَ ۾ شيخ صاحب منھنجي وائيءَ جي Correction ڪئي هئي. اها ڪاپي اڃان مون وٽ محفوظ آهي. سو، دل ۾ اها خواهش هوندي هئي ته سائينءَ سان ڪچھري ڪجي. هڪ دفعو هُن ڳالھه ڪئي ته هُنَ جو تخليقي ڪم ايڏو وڌي ويو آ، جو هُو اُنَ کي فيئر نه ٿو ڪري سگهي. ائين به چوندو هُيو ته، مان ڪو ماڻھو پگهارَ تي رکي سگهان ٿو، پَر ڪو اهڙو ماڻھو هجي، جيڪو منھنجي ڳالھه کي سمجهي به.... ته پوءِ مون پاڻ ئي کيس آڇَ ڪئي ته، سائين! مون وٽ وقت آهي، صُبح جو پڙهائيندو آهيان، ان کانپوءِ وقت هوندو آهي.... خواهش اِها ئي هئي ته ساڻس ويجهو ٿجي. هُو علم جو ڀنڊار هيو، هُنَ وٽ ايتريون ڳالھيون هونديون هُيون... رات جو گهمندا هئاسي، روز پُراڻي سکر جي گهٽين ۾.... اتي ڪچھريون ڪندو هُيو، دلِ سان..... جڏهن ماڻھو گڏ رهي ٿو، ته پوءِ تڪلف ختم ٿي ٿا وڃن، پوءِ دل جو ڳالھيون، ٻيون ڳالھيون، سَڀُ سامھون اچي ٿيون وڃن... گهڻو پِرايوسي اياز صاحب مان... اياز صاحب مهاڳ به لکيو اوهان جي ڪتابَ جو... جي ها ”سمنڊ جاڳي ٿو“ جو.... هِڪ دفعي جنوريءَ جو مھينو هيو. سيءَ ۾ سگري ٻارينداهياسي. بجلي بند ٿي وئي، ڳاڙهي رنگ جي سگري پئي ٻَري..... ان وقت اياز صاحب مون کي چيو ته، مان جڏهن هليو وڃان ته هي يادگيريون لکجانءِ.... مرڻ کانپوءِ، انھن متعلق ماڻھو ڪُوڙَ بَدُوڙَ به لکن ٿا. مثال هينئر مان لکان ته شيخ اياز سان ويٺو هُيس، مون کي هيئن چيئين يا هونئن چيئين.... شاهد ته ڪوئي ڪونھي، هُو پاڻ به ڪونھي.... مون چيو، سائين! مان، توهان جي جيئري ئي لکندس.... ۽ پوءِ يادگيرين جي حوالي سان چار، پنجَ مضمون مون سائينءَ جي جيئري ئي لکيا. هُنَ پاڻَ پڙهيا. ”پرنس ڪامپليڪس ۾ رهندڙ بادشاهه“ يا ٻيا... شيخ اياز صاحب ته پنهنجي هِڪَ ڏيڍ سٽي ۾ اوهان سان مخاطب به ٿيو آهي... اهو ڇا ٿيندو هُيو ته، جيئن ڪراچيءَ اچجي ٿو ته ڪڏهن ايترا ڪم ڪاريون ٿين ٿا، جو ڪنھن دوستَ سان ملي نه ٿو سگهي ماڻهو. ڪنھن سان مليو، نه مليو.... پوءِ وري ڪو دوست چوندو هيو اياز صاحب کي، ته، سائين! ادل سومرو آيو هو ڪراچيءَ، توهان سان نه مليو ڇا؟!.... ته چوندو هو، نه يار! مون سان نه مليو.... پوءِ دوست ٻڌايو ته چيائين، آهي ته سُڃن اديبن جي جماعت سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري جنرل، پاڻ کي اقوامِ متحده جو سيڪريٽري جنرل ٿو سمجهي ڇا؟ (کلندي)... ته پوءِ لکيائين.... ڇـا ڳــالـــھه ادل آهـــــــي؟ سکر ته ٿڌيرو آ، يا مند بدل آهي؟ مطلب، اهڙي ڪا ڳالھه ٿي وئي آ ڇا، جو تنھنجو روَيو تبديل ٿي ويو آهي؟!... شابس آ اياز صاحب کي، جو شعر ۾ ياد ڪيائين.... وقت جي عظيم شاعِرَ جي سٽن ۾ اوهان جو ذڪر يقينن اوهان لاءِ به خوشيءَ جو سبب بڻيو هوندو... ها، بلڪل.... تخليقي ۽ تحقيقي ڪَمَ سان گڏ هِڪَ ايڊيٽر يا مرتب جي حيثيت سان به اوهان جو گھڻو ڪم آهي... ائين ته مون ويھه پنجويھه ڪتابَ Compile ڪيا آهن، پَر جيڪي ٻَه اينٿالاجيون مُون ترتيب ڏنيون، انھن ۾ مون گهڻي محنت ڪئي. انھن ۾ ضرورت هئي اڃان به ڪم جي... ڇاڪاڻ ته ۱۹۴۷ع کان وٺي ۲۰۰۸ع تائين، سنڌي ڪھاڻيءَ جو چونڊ هُئي.... هزارين صفحن تي ڦھليل ڪھاڻين هُيون، پوءِ به مون ساڍا پنج، ڇھه سؤ صفحن ۾ انھن جي چونڊ ڪئي. شاعريءَ ۾ به ايترو لڳ ڀڳ... انھيءَ ڪم مان گهڻو مطمئن رهيس ته هڪڙو چڱو ڪم آهي ۽ انھيءَ ڪَمَ مان Research Scholars کي تمام گهڻي مدد ملي سگهي ٿي. هِڪَ دؤر جي حوالي سان شاعريءَ جا Trends ڪھڙا رهيا؟! شاعرن ڇا پئي لکيو؟.... ته اهي اينٿالاجيون مددگار ثابت ٿي سگهن ٿيون... سنڌي ادبي سنگت جي اڳواڻ جي حيثيت ۾ به اوهان اهڙو ڪم ڪيو... ها، ”شاعري نمبر“ آندو، ”ڪھاڻي نمبر“، ”ڪارڪردگي نمبر“... اوهان پاڻ به ته شروعاتي دؤر ۾ ڪهاڻيون لکيون؟ جيڪا شروعاتي زندگي هوندي آ نه، ته ان ۾ ماڻھو سڃاڻپ جا حوالا ڳوليندو آ. مان انھن ڪھاڻين مان مطمئن ناهيان. هڪڙي ڪوشش هئي، Inspiration هئي.... ٺيڪ هيون ڪھاڻيون، پَر پوءِ مون محسوس ڪيو ته منھنجي اندر ۾ جيڪو شاعر آ، اهو پنھنجي ڳالھه وڌيڪ بھتر انداز سان ڪري سگهي ٿو. انھيءَ ڪري سوچيم ته هروڀرو All Rounder ٿيڻ جي ضرورت ناهي. گهڻا دوست چوندا هيا ته ڊراما لکي ڏي.... هاڻي ڊرامو منھنجو شعبو ئي ناهي.... لکي ته ويندس، مسئلو ناهي، پَر اهو منھنجو شعبو ناهي. منھنجي جيڪا شاعر واري سڃاڻپ آهي، اها ئي رهي ته بھتر آ.... ريڊيو خيرپور لاءِ توهان جو گهڻو ڪم رهيو آهي... ادبي پروگرامَ جي ميزباني، اداريا... ها اهي اداريا به لکيا ۽ ”ڏات جي ڏيھه ۾“ هڪڙو سلسلو هيو، جنھن لاءِ اديبن ۽ راڳين جا پروفائيل لکيا. اهي اسڪرپٽ به محنت سان لکيا. شيخ اياز، تنوير عباسي، شمشير الحيدري، قمر شھباز، امداد حسيني، مخدوم طالب الموليٰ... وڏيون وڏيون شخصيتون... انھن تي لکيم... اهي اسڪرپٽ به محفوظ ٿيڻ گھرجن... ها، اُهي چڱا هِن، ڪتابُ ڇپجي سگهجي ٿو. ان سان گڏ هڪ سلسلو هوندو هُيو، ”هڪ شاعِرُ، هڪ فنڪار“... ان ۾ عابده پروين، زرينه بلوچ، محمد جمن، استاد منظور علي خان، مائي ڀاڳيءَ ۽ ٻين تي به اسڪرپٽ لکيل آهن منھنجا.... تنوير عباسي صاحب جي ڪَمَ ۽ شخصيت جي حوالي سان اوهان اردوءَ ۾ به ڪتاب لکيو... ”پاڪستاني ادب ڪي معمار“.... هڪڙو سلسلو آهي، پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس جو، جنھن ۾ مختلف ٻولين جي اديبن، شاعرن، عالمن جو سوانحي تعارف اردوءَ ۾ ڪتابن جي صورت ۾ ڪرايو ويندو آهي، ته جيئن ٻين ٻولين وارن کي، خبر پوي ته انھن ماڻھن جو ڪم ۽ حيثيت ڇا آهي..... نالا ته ٻڌن ٿا سڀ، پر انھن جي پوري زندگيءَ جي باري ۾، ڪَمَ جي باري ۾ خبر پوي ٿي. اهو سٺو ڪم آهي. مون به ڪوشش ڪئي... سٺو ڪم ٿي ويو. اهو به اطمينان ٿيو ته پنھنجي محسن لاءِ، استاد لاءِ، مون پنھنجي حصي جو ننڍڙو ڪم ڪيو. تنوير صاحب جي وفات کان پوءِ ئي اهو ڪتاب ڇپيو هو..... نئين شاعري جيڪا ٿي رهي آهي، شاعرن جا هجوم ڏسون ٿا، ان شاعريءَ جي معيارَ متعلق ڇا چوندؤ؟! گهڻا سُٺا شاعِرَ به آهن. نوجوانَ Creative آهن، تخليقڪار آهن، پر انھيءَ ۾ وري هِڪڙي شئي ٿئي ٿي ته.... هڪ ته تنقيد پاڻ وٽ آهي ڪونه، سٺا نقاد ڪونھن، يا ته تمام گهڻي تعريف ٿئي ٿي، يا ته وري ڪوئي ڪنھن تي ناراض آهي ته ان تي Personal ٿي لکي ٿو. Personal شيون تنقيد جي زمري ۾ ناهن اينديون.... يا وري ڪا سطحي راءِ ڏئي ڇڏڻ. مثال، ڪڏهن ڪڏهن ائين پڙهندو آهيان ته، ادا! هي ڪتابُ آهي، انھيءَ ۾ ٻَه غزل سٺا آهن، باقي سڀ ڀرتي آ.... اها راءِ سطحي آ. جڏهن ڪنھن به فنپاري تي اوهان راءِ ٿا ڏيو ته، ان ۾ Justification هُجي. دليلن جي بنياد تي هجي. شاعري ٿئي پئي. تمام سٺا شاعر به آهن. نئين ٽھيءَ جي جيڪا شاعري آهي، اها اڳتي وڌندڙ آهي، پَر ان ۾ وري ڪافي اهڙيون شيون به آهن... (کلندي)مطلب ”شوقيه فنڪار“ به آهن..... توهان ڪنھن کي روڪي نه ٿا سگهو. هي هڪڙو آزاد ماحول آ. جنھن کي به وڻي ڪتابُ لکي. ائين به ٿئي ٿو ته هِڪڙو شاعر آهي، جنھن کي لکندي اڃان سال به مس ٿيو آ، پنھنجو ڪتاب ڇپرائي ٿو ڇڏي. اها ان جي هڪڙي خواهش آ. باقي اسان ڪنھن کي روڪي نه ٿا سگهئون. باقي جيڪو Real Poet آهي، ان جي شاعري Surrive ڪندي. اهو هلندو. باقي ڪجهه شيون اهڙيون آهن، جيڪي عارضي طور تي هونديون آهن. ماڻھو ايندا، وري هليا ويندا. هڪڙا مسافر ايندا، ٻيا ويندا.... ڊگهو سفر اهي مسافر ڪندا، جن وٽ Base هوندو، جن جو تخليقي بنياد مضبوط هوندو. شعور جي وسعت، احساس کي سمجهڻ ۽ مشاهدو.... اهي سڀ شيون جيڪڏهن ڪنھن مسافر وٽ آهن، ته اهو هلندو گهڻو.... باقي ٻيا رستي ۾ ئي ٿڪجي پوندا. ها، انھن کي Encourage ڪرڻ گهرجي. عام طور تي اها شڪايت ٿيندي آ ته Generation Gaps آهن، پَر منھنجي خيالَ ۾ اهڙي ڳالهه به ڪانھي... سنڌي ادبي سنگت جي موضوع تي پي ايڇ ڊي ڪرڻ جو تجربو ڪيئن رهيو؟ اصل ۾ تحقيقي ڪم به تمام گهڻو محنت طلب ڪم هوندو آهي. هِڪڙو Creative ماڻھو وڌيڪ بھتر تحقيق ڪري سگهي ٿو. منھنجو اهو Opinion هوندو آ. مان پنھنجي سڃاڻپ وري صرف هڪڙي چاهيندو آهيان، منھنجي شاعري.... ڊاڪٽر تنوير عباسي صاحب سان منھنجي محبت هُئي هِڪَ شاعِرَ جي حيثيت ۾.... ۽ مون جڏهن شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ ۾ نوڪري اختيار ڪئي ته مون کي احساس ٿيو ته مون کي تحقيقي ڪم ڪرڻ گهرجي. ان زماني ۾ پروموشن جي لاءِ پي ايڇ ڊيءَ جي پابندي نه هئي، جيئن اڄڪلھه آهي. ان زماني ۾ مون پي ايڇ ڊيءَ لاءِ موضوع چونڊيو ”سنڌ جي مزاحمتي شاعريءَ جو تنقيدي جائزو“ ۽ ان جو خاڪو ٺاهي تنوير صاحب وٽ ويس. هاڻي پي ايڇ ڊيءَ کانسواءِ ڪو به رهنما نه ٿو ٿي سگهي، پَر ان وقت ڪو به عالِمُ رهنما ٿي پئي سگهيو. غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب، پير حسام الدين راشدي صاحب، تنوير عباسي صاحب.... اِهي سَڀُ پي ايڇ ڊي نه هيا. مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي ته تنوير عباسيءَ جھڙو وڏو قابل ماڻھو مون کي رهنما مليو. سائينءَ مون کي صلاح ڏني ته، هي جيڪو موضوع آهي، مزاحمتي شاعري.... يا وري علامتي شاعري.... انھيءَ تي ڪوئي به پي ايڇ ڊي ڪري سگهي ٿو، پر ”ادبي سنگت“ اهڙو موضوع آهي، جنھن تي ٻيو ڪوئي، انھيءَ انداز سان نه ڪري سگهندو.... منھنجي ادبي سنگت سان Involvement به هُئي ۽ ۱۹۹۲ع ۾ مون جڏهن انھيءَ موضوع لاءِ رجسٽريشن ڪرائي ته ان وقت تقريبن سَڀُ، سنگت جا اڳوڻا سيڪريٽري جنرل به زندهه هيا. سنڌي ادبي سنگت جا اڳواڻ، مھندار، جيئن شيخ اياز صاحب، اياز قادري صاحب، تنوير عباسي صاحب، رشيد ڀٽي صاحب، تاج بلوچ صاحب.... اهي سڀ وڏيون شخصيتون زندهه هُيون.... انهن جي سينن ۾ جيڪا تاريخَ سمايل هُئي، اُها به اوهان جي پهچ ۾ هئي... جي بلڪل.... اهو ئي... تنوير عباسي صاحب چيو ته اَڄُ جيڪو ڪجهه تون لکندين، اهو سَچُ هوندو. سُڀاڻي لکڻ وارا ڌُڪا به هڻندا. سنڌي ادبي سنگت تي جيڪو تحقيقي ڪم هُيو، اهو هِڪ لحاظ کان مختلف به هيو. مثال، جيڪڏهن اڄ مان شيخ اياز جي شاعريءَ تي پي ايڇ ڊي ڪرڻ ٿو چاهيان، ته سڄو مواد دستياب آهي. هڪڙي الماڙي ڀري پئي آهي، جنھن ۾ شيخ اياز جا سَڀُ ڪتابَ موجود آهن. سنڌي ادبي سنگت اهڙو موضوع هُيو، جنھن متعلق ڪتابن ۾ ڪو مواد ئي ڪو نه هيو. اسان وٽ ادبي سنگت ۾ روايت اها رهي آهي ته رڪارڊ رکڻ جو رواج ڪونھي. مثال، ڪنھن شاخ جو نئون سيڪريٽري اچي ٿو ته انھيءَ کي رڪارڊ منتقل نه ٿيندو. پنَن تي ڪاروائي لکي وئي، اخبار ۾ ڇپجي وئي، بس.... مون گهڻو مواد اخبارن مان حاصل ڪيو. ۵۶-۱۹۵۵ع جون اخبارون سنڌالاجيءَ مان ڳوليم.... اوهان ادبي سنگت جي ڪردار کي ننڍي کنڊ ۾ ترقي پسند تحريڪَ جي ڪردار سان جوڙيو آهي... هيءَ سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي تحريڪ آهي. ننڍي کنڊ ۾ جيڪا ترقي پسند تحريڪ شروع ٿي، اُن جا سنڌي ادب تي ڪھڙا اثر پيا، اِها سموري تاريخ موجود آهي، هِنَ مقالي ۾. سنڌي ٻوليءَ جي لاءِ سنڌي اديبن سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان جيڪا جدوجھد ڪئي، اهو هڪ الڳ باب آهي. اها هِڪ الڳ تاريخ آهي. چوڏنھن بابَ آهن ڪُل... انھيءَ ۾ سڀ شيون آهن. ادبي سنگت جا اختلاف، مزاحمت.... تقريبن سڀ موضوع آهن ۽ اها پنجاهه سالن جي تاريخ آهي. ۱۹۴۷ع کان ۱۹۹۷ع تائين.... ادبي سنگت کانسواءِ مختلف ادارن جي سربراهَه جي حيثيت سان اوهان جو گھڻو ڪَمُ آهي ۽ اوهان کي ايوارڊ به گھڻا مليا آهن... توهان ذڪر ڪيو مختلف ادارن جو.... اصل ۾ عُھدن ۽ رُتبن جي ايتري اهميت ناهي هوندي. اصل اهميت Commitment جي هوندي آهي. ماڻهو جتي به آهي، سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ سان ڪَمُ ڪري. باقي.... هي سَندُون، ميڊل، تعريفون دِل! تنھنجي لئه هڪ دوکو آ جو راهِه وفا ۾ آهِه مليو سو گهاءُ به ڄڻ ڪو تمغو آ ڏَهَه ماڻهو، ڪَمَ جي حوالي سان محبت ڪن ٿا، ته انھيءَ کان وڌيڪ ڪو ايوارڊ ڪونھي ڪو. توهان سان دلي طرح ڪو محبت ڪري، صرف هِڪَ شاعِرَ جي حيثيت ۾، هڪ ليکڪ جي حيثيت ۾، ته ان کان وڌيڪ ڪو ايوارڊ آهي ئي ڪو نه.... سنڌ جي ٻارن جي لاءِ به اوهان جو نظم توڙي نثر ۾ گھڻو ڪم آهي... ننڍپڻ جو، جيئن مون ذڪر ڪيو ته ”گلن جھڙا ٻارڙا“ تنظيم هئي. غفران عاقلاڻي، خدا بخش ابڙو، اياز گل، نصير مرزا، اخلاق انصاري، نياز پنھور.... ۽ ٻيا دوست، انھيءَ تنظيم ۾ هوندا هيا. اتان هِڪُ اتساهه مليو. رسالو نڪرندو هيو ”گلن جھڙا ٻارڙا“، جنھن ۾ ٻارن جي لاءِ شاعري لکي سي. لکندا رهندا هياسي. سال ۱۹۷۷ع ۾ منھنجو پھريون ڪتابُ آيو ٻارن لاءِ ”روز ٽڙن رابيل“.... اهو توهان ڏسندؤ ته انھيءَ ۾ جيڪا ڪئليگرافي آهي، اها به مان پاڻ ڪئي. اسڪيچ به مان پاڻ ٺاهيا. ٽائيٽل به پاڻ ٺاهيو. وليم بليڪ جي ڪتابَ “Songs of Innocent” مان مون کي اها Inspiration ملي. معصوم شاهه لئبريريءَ ۾ مون اهو ڪتابُ پڙهيو. جنھن ۾ هُنَ ڪئليگرافي، اسڪيچ، ٽائيٽل سڀ شيون پاڻ ڪيون آهن... سو منھنجي انھيءَ تجربي کي گهڻو پسند ڪيو ويو. ان کانپوءِ ڪهڙا ڪتابَ آيا اوهان جا، ٻارن لاءِ؟! ”چنڊ پشم گولو“، ”پتلين جو تماشو“، ”پوپٽ جھڙا گيت“، ”مٽيءَ جا رانديڪا“.... هِڪ تسلسل رَهيو شاعريءَ ۾. نثر ۾ به ڪتاب آيا ٻارن لاءِ ”آچر جا احوال“، ”جيتن جي ڪانفرنس“، ”نئين دؤر جا نوان سبق“.... اها سَڀُ هِڪڙي ڪوشش هئي پنھنجي طرف کان، ڇاڪاڻ ته ٻارن جو ادب وڏي اهميت رکي ٿو، انھيءَ حساب سان ته ٻارن ۾ Reading Habit انھيءَ عمر ۾ پيدا ٿئي ٿي. ٻاراڻي وهيءَ ۾ جيڪي دوست ڪتابن طرف آيا ته سڄي زندگي ڪتابن سان ئي رهيا. اِها منھنجي انفرادي ڪوشش هئي. ٿيڻ ائين گهرجي ته انھيءَ سلسلي ۾ اجتماعي ڪوششون ٿيڻ گهرجن. اسان وٽ انفرادي سطح تي ٿورو ٿورو سڀني Contribute ڪيو آهي. خوشيءَ جي ڳالھه آهي ته اسان وٽ ٻارن جو ادب متعارف ٿيو ۽ گهڻو هليو. هتي پي ٽي ويءَ تي منھنجا ٻارن لاءِ لکيل تقريبن سڀ گيت رڪارڊ ٿيل آهن. وڏن فنڪارن جي آواز ۾.... استاد محمد يوسف، منظور سخيراڻي، سرمد سنڌي..... بادل! ٿورو بيھُه برن ۾ واريءَ تي وسڪار ڪري وڃ! خوش ٿرين جا ٻارَ ڪري وڃ! اهو سرمد سنڌيءَ جي آواز ۾ رڪارڊ ٿيل آهي.... اوهان اڄ به ٻارن لاءِ لکو پيا، اها اوهان جي شخصيت جي سُٺائي ئي آهي... منھنجو هِڪُ اڻ ڇپيل شعري مَجموعو ”اکرن جا رنگ“ اچي رهيو آهي، جنھن ۾ سنڌي الفابيت جي ٻاونجاهه اکرن سان، موضوع جي حساب سان ٻاونجاهه نظم آهن... ڏسو نه، ٻولين جي لاءِ خطرا به موجود هوندا آهن، ٻوليون ترقي به ڪنديون آهن، ته زوال پذير به ٿينديون آهن. پنھنجي ٻوليءَ کي بچائڻ لاءِ تعليم ئي سڀ کان وڏو ذريعو آهي. هڪ تعليم ۽ ٻيو تخليقي ادب... هاڻي اسان وٽ اهڙي صورتحال ٿي وئي آهي، جو اسان جو ٻار ڳالھائي ته سنڌي ٿو، پر سنڌي لکي پڙهي نه ٿو سگهي. اهو هڪ وڏو الميو آ. ان لاءِ ضروري آهي ته اسان پنھنجي ٻار کي پنھنجي سنڌي ٻوليءَ ڏانھن راغب ڪيون. والدين جي حيثيت ۾ اسان انھيءَ سلسلي ۾ وقت نه ٿا ڏيون. استاد به اهو ڪردار ادا نه ٿا ڪن. دل چوي ٿي ته اوهان کان اوهان جي شاعري ٻُڌجي... مسافر! ننڊ جو ڀاڪر نھوڙي نينھن کي ويندو اڄوڪي ڏينھن کي ويندو ڪڏهن هن جاڳ ڏي هلجي ڀلي جي ماڳ جو رستو ڏٺل ناهي، ته پوءِ ڇا هي؟! اڄاتل ڀاڳ ڏي ڀُلجي چون ڇا ٿا هي پرماري؟ انھن کي ڇو ڀلا ٻُڌجي؟! وطن جي عاشقيءَ ۾ پرَ پَڪو ويساهُه ئي رکجي لڦون پيرن جون ڇو ڳڻجن؟ مٽيءَ جي درد کي ڳڻجي وساري سڀني چھرن کي ڪڏهن هن سنڌ کي ڏسجي ڪٿي ڪو ٻارُ جي روئي سندس معصوم ڳوڙهن کي وڃي پاٻوهه مان اگهجي رسالو شاهَه جو کولي ڪڏهن ڪو بيتُ ئي پڙهجي وطن لئه ڇا ڪيو آهي؟ ڪڏهن هي پاڻ کان پُڇجي مسافر! ننڊ جو ڀاڪر نھوڙي نينھن کي ويندو اڄوڪي ڏينھن کي ويندو واهه سائين واهه... اوهان جي اردو نظمن جو ڪتابُ ”مين اپنا وقت بيچتا هون“ به آيو آهي... انهيءَ ۾ ڪهڙا موضوع آهن؟ موضوعَ اهي ئي ساڳيا آهن زندگيءَ سان لاڳاپيل. داخلي ڪيفيتون به آهن.... انھن کان ماڻھو پري نه ٿو ٿي سگهي. آس پاس جون معروضي حالتون، ڌرتي، ماڻھو، ماڻھن جا مسئلا، ڏک، سک، خوشيون، انتظار، وڇوڙا، اهي سَڀُ شاعريءَ جون ڪيفيتون آهن. موضوع ساڳيا ئي هوندا آهن، پر هر شاعر جو وري پنھنجو ڏانءُ آ. ساڳي موضوع کي توهان ڪيئن ٿا بيان ڪري سگهو؟ توهان وٽ ڪيترو آرٽ آهي، ان ڳالهه کي بيان ڪرڻ جو؟ اهو آرٽ ضروري آهي، انھيءَ تخليق ۾. مان ڪوشش ڪئي آهي ته انھن اردو نظمن ۾ به ائين ئي هجي... ادل سائين! ڳالهيون گهڻيون آهن، پَر وقت اسان کي وڌيڪ اجازت نه ٿو ڏئي. اوهان جي تمام گھڻي مهرباني جو اسان کي قيمتي وقت ڏِنُوَ... توهان جي مھرباني جو منھنجي لاءِ تمام سُھڻا لَفظَ چيَوَ.... توهان جي محبت آهي اها.... توهان عزت ڏني... (ڏھاڙي ڪاوش حيدرآباد جي ’ڪاوش دنيا‘ ۾ ٻن قسطن منجھ ۳۰ مئي ۲۰۲۱ع تائين ڇپيل) ادل سومرو ابراھيم کرل درياءَ پار سھڻيءَ جو ميھر ھو جنھن لاءِ ھوءَ جھنگ جو پنڌ ڪري دلو ڪڇ تي رکي سرن ٻوڙن، ڪنڊاون پيچرن کي لتاڙي جڏھن ڪناري پھچندي ھئي تہ سندس من ۾ رڳو محبوب ھوندو ھو وچ واريون تڪليفون ھوءَ لکائيندي ئي ڪونہ ھئي، درياءَ جي دھشت کيس ڌڪي پوئتي نہ ڪري سگھندي ھئي، ڪُنن جا ڪڙڪاٽ، سيسرن جا سرٻاٽ ۽ سرڙاٽ کيس سسيءَ جو سانگ ڪرڻ ڏانھن ڪڏھن بہ متوجھ نہ ڪري سگھندا ھئا، ھن جو عشق پاڻيءَ تي ترندو وڃي ميھر سان ملندو ھو. ائين عشق ڪنھن بہ رڪاوٽ، تڪليف، اڻانگي رستي، خوفناڪ ۽دھشت زد علامت، ڏيک، کي حواسن تي حاوي ٿيڻ نہ ڏيندو ھو ائين ڪنھن طرفان مليل پيار، عزت، ھمت افزائي، اتساھ بہ حوصلو ڏيندو رھي ٿو تہ اسان کي او سھڻا وساري نہ ڇڏجو ڏئي پيار دل مان ڌڪاري نہ ڇڏجو درياءَ جي ھن پار رھندڙ ھڪ شخص جڏھن پنھنجي پيار جا پر پکيڙي اسان مٿان ڇانورو ڪري بيھي ٿو تہ اسين اس ۾ سڙي ڪٿي ٿا سگھون، سندس وڌندڙ ھٿ جڏھن اسان جي ڪلھي تي پوي ٿو تہ دنيا جا بار ھلڪا ٿي وڃن ٿا. ھو جڏھن آڱر سڌي ڪري رستو ٻڌائي ٿو تہ منزل نظرن کان ڏور نہ ٿي رھي، چيچ پڪڙي وٺي ھلي ٿو تہ اسان جا قدم لڙکڙائن ڪونہ ٿا. سمنڊ کي جاڳائيندڙ اھو شخص، جڏھن لفظن کي ڪوڏ، سپيون بڻائي شعرن جو روپ ڏئي ٿو تہ اھڙيون مالھائون جڙن ٿيون جن کي پائڻ جون سڌون ھرڪو ڪري ٿو، سندس ساٿ جي مالھا رنگا رنگ آھي، ھن ڪڏھن بہ ڪنھن کي گھٽ ڪرڻ نہ چاھيو آھي نہ ئي پاڻ ممبر تي چڙھي واعظ ڪيا آھن ۽ نہ ئي پنھنجو قد وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي، ورنہ ھن دنيا۾ ڍينڍڙن جي فوج ۾ ڪمي ڪانھي جيڪي شھرتن جو ڍول ڳڄيءَ ۾ وجھي بادشاھي ھوڪا ڏيڻ ۾ مشھور ٿي پيا آھن، ۽ غلاميءَ جي سنگھر کي بہ مالھا سمجھي رھيا آھن. ھن بيت لکيا آھن، وايون چيون آھن جيڪي ديس جا نقشا چٽا پيش ڪن ٿيون، ھن خوشامدي قصيدا ڪونہ لکيا آھن ۽ نہ ئي مير، پير جي ساراھ جا ڍڪ ڀريا آھن جو ڪنھن مھل موقعي تي ڪاڪڙي کي آڱر ھڻي الٽي ڪرڻي پوي. ھو چوڏھين جي چنڊ جيان ھميشه چٽو ٿي بيھندو آھي، دل ۾ ڳالھ رکندو ڪونھي چئي ڏيندو آھي پوءِ ڀلي درياءُ وھي وڃي. غلطي تسليم ڪيو، اعتراف ڪيو، ساڳئي جو ساڳيو، ور وڪڙ ٿيڻ ڪونہ ڄاڻي، لڪي وار نہ ڪري نہ ئي سانڊي واريون ڦوڪون ڏئي، کيس باھ ٻارڻ ڪونہ اچي دکندڙ ٻنڍيءَ تي پاڻي ھاري ڇڏي، ڀل دونھون سندس اکين مان پاڻي وھائي وجھي پر اف نہ ڪبي. ھٿ جو سخي، دوستن اڳيان کيسو ٻاھر ڪڍي ابتو ڪري ڇڏبو پر ٻن آڱرن سان ڇڪي، ڳڻي ڪاغذ جا ٽڪرا ٻاھر ڪونہ ڪڍندو نہ ئي کين ڌڪو ڏئي تري تائين پھچائيندو، سندس ھت جون تريون سڌيون رھنديون. ھن ڪڏھن بہ ٻٽونءَ جي زپ کي پڪڙ سان بند نہ ڪيو آھي جو وقت اچڻ تي نہ کلي. ۱۵ آگسٽ سندس جنم ڏينھن آھي، سکر جھڙي سخت شھر ۾ دل جو ڪونئرو ھي ماڻھو ادل سومرو آھي، جنھن جي شخصيت جا کوڙ پاسا آھن، خدا ڪري ھو وڌئون وڌ ھجي، ڪوسو واءُ نہ لڳيس، اسان جي مٿان سندس شفقت وارو ھٿ رھي، کيس جنم ڏينھن جون مبارڪون ھجن. (ابراھيم کرل جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۵ آگسٽ ۲۰۲۲ع تي کنيل) ادل سومرو الفت حسين سکر جي سُڃاڻپ منهنجي ادبي دوست سائين ادل سومري کي ڪير نه سُڃاڻي، جنهن پنهنجي زندگي شاعريءَ ادب ۽آرٽ سان گڏ گذاري آھي. يونيورسٽيءَ ۾ پڙھڻ دوران سائين ادل سومري مون کي همت ۽ حوصلي جا سبق پڙھايا۔ ڏکين وقتن ۽ حالتن مان نڪرڻ جو رستو ڏسي منهنجي رهنمائي ڪئي. زماني جا حقيقي رنگ سُڃاڻڻ جو هنر ڏنو سندس ڪچهريءَ جا منفرد انداز وڻندڙ آهن. هڪ دفعي منهنجي بابا سائين (تاج جويي) جي طبيعت ٺيڪ نه هجڻ ڪري، سائين ادل سومرو بابا سائين سان ملڻ ۽ سندس طبيعت پُڇڻ بابا سائين جي گهر حيدرآباد آيا هئا۔ بابا سائين مون کي به فون ڪري گهرايو. سائين ادل سومري اتي بابا سان ايترا ڀوڳ چرچا ڪيا جو بابا کان پنهنجو بخار ئي وسري وي ۽ هو پنهنجا ٽهڪ روڪي نه سگهيو. سائين سان ڪافي ڪچھريون ۽ پروگرامن ۾ ملاقاتون ٿيون آهن ۽ انهن ڪچهرين ۾ اسان کان پنهنجا ڏک وسري ويندا آھن. بابا سائين تاج جويو اڪثر اُها ڳالھ چوندو رهندو آهي ته ادل سومري سان منهنجي جيتري هجت آهي ايتري ڪنهن سان اهي۔ يا ادل به مون سان هجت ڪندو آهي ڀوڳ ڪندو آهي خوش رهندو آهي گھمندو وتندو آهي۔ زندگي خوش ٿي گذاري ٿو. چوندو آھي؛ ”ادل سان منهنجي دوستي ستر پنجھتر کان وٺي رهي آهي پر هن دوستيء ۾ ڪڏهن به دوکو ناهي ڪيو. “ مان هتي آغا سليم جا اُهي لفظ لکڻ چاهينديس جيڪي سائين ادل سومري جي ڪتاب سمنڊ جاڳي ٿو جي بيڪ ٽائيٽل تي لکيل آھن. ”ادل سومري جي شاعريءَ جھڙي، شاعري ڪرڻ جي حسرت اٿم. “ (آغا سليم) هڪ ڏينهن بابا ڪچهري ڪرڻ وقت مون کي چيو هي ڪتاب پڙهي ڏس۔ سائين ادل سومري جو اهو ڪتاب وساري نه ڇڏجو. مون ٻه دفعا پڙهيو آهي. ان ڪتاب جي باري ۾ آئون سائين لڇمڻ ڪومل جا هي لفظ ضرور لکڻ چاهيندس جيڪي منهنجي دل جي ترجماني ڪن ٿا. ”تنهنجي شاعريءَ جو مجموعو "وساري نه ڇڏجو" ٻه ڀيرا پڙهيو اٿم. “ هڪ ڀيري ٻوليءَ جي لئي جو لطف وٺڻ لاءِ، ٻيو ڀيرو سوچ جو سلسلو جوڙڻ لاء اڄ سائين ادل سومري جو جنم ڏينهن آھي سائين کي جنم ڏينهن جون ڪروڙين دلي واڌايون هجن. . . !! بي وفائيءَ هو مون کي ٻوڙي ڇڏيو تار مان تنهنجي بچايو پيار هو. (ادل سومرو) (الفت حسين جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۵ آگسٽ ۲۰۲۲ع تان رکيل/ کنيل) ادل سومرو دادا سنڌي ادل سومرو جيڪو هر سنڌي ٻار ۽ ٻڍي، جوان ۽ جهوني جو ادل آهي. هن صاحب، جنهن خلوص ۽ جذبي سان، سنڌي ٻاراڻي ادب جي خدمت ڪئي آهي، سا ڪڏهن به وساري نه ٿي سگهجي. نظم ۽ سندس ٽي ڪتاب ۽ نثر ۾ ” نئون نصاب “ پنهنجي انفراديت ۽ افاديت جي لحاظ کان، سنڌي ادب ۾ جداگانه حيثيت رکي ٿو. (۸۷ – ۱ – ۲۸) ادل جو لاڙو ٻاراڻي ادب ڏانهن گهڻو آهي. گل ڦل ۾ سندس نئون نصاب هلندڙ آهي. ڏاڍو رقت انگيز ۽ اثرائتو آهي. طنز ۽ مزاح سان گڏ ننڍن لاءِ نصيحت آميز به آهي. ٽوپي، جتي، تاج، جهوپڙي وغيره پڙهي مونکي ابن انشاءَ جو ڪالم ۽ ڪرسي ياد اچي ويا. جيڪڏهن کيس مان سنڌي ٻاراڻي ادب جو ابن انشاءَ سڏان ته غلط نه ٿيندو. ابن انشاءَ جو انداز تحرير به اهڙو آهي. ٻار جو ذهن ۽ دل ڪنئرو ۽ نرم هوندو آهي. هي ٻار اڳتي هلي سٺا شهري بنجن، پنهنجن حقن حاصل ڪرڻ سان منجهن فرض ادائي جو شعور جاڳي. پنهنجي لاءِ جيئڻ سان گڏ ٻين لاءِ جيئڻ سکن ته ان لاءِ ادل جو هي نصاب ڪارگر اڃا شروعات آهي، پر سلو اهو جو انگورو ڀلو، وانگر هي سلسلو مون کي ڏاڍو وڻي ٿو. تازو هن مهيني مون جهوپڙي پڙهيو. هي بيوس وري جهوپڙي آيه، جنهن چيو هو ته ” الا جهريءَ م شال غريبن جي جهوپڙي“. پر هن جهوپڙي تي ادل پنهنجن پوءِ پراون بلڊوز گهمايا. غريب ۽ مسڪين مارن جي مٿي لڪائڻ جي جاءِ به کسي وڃي ويئي. اسان جو معاشرو جاگيردارانه آهي ۽ اڄ جي ٻار کي اهڙي سکيا ڏيڻي آهي. جيئن هو سرمائيدارانه نظام کان نفرت ڪري. جيستائين اسان هن استحصالي ۽ پرماريت واري نظام کي کوکلو نه ڪنداسين تيستائين اسان هن استحصالي مان نڪري پنهنجي نئين نسل لاءِ صحتمند معاشرو قائم نه ڪري سگهندا سين. ادل جي نصاب جو تاڃي پيٽو اهو آهي. ڀ ڀت، ج جتي ۾ هن طرف اشارو ڏنل آهي. بهر حال مان هن تي ضرور لکندس. ( ۱۹۷۷ع )
راشد مورائي دل جو شهر غلام حسين خاصخيلي ’مان باغي هان، مان باغي هان‘ سنڌي ٻولي جو ناميارو شاعر راشد مورائي جنهن کي باغي شاعر به سڏيو وڃي ٿو. راشد مورائي جي شاعريءَ ۾ سنڌ وطن سان محبت سان گڏوگڏ سنڌ جي حسن ۽ سنڌ ۾ ماڻهن جي مسئلن تي سندس شاعري ۾ گهڻو ڪجهه ملي ٿو. شاعر قومن جا عظيم هيرو هوندا آهن، انهن عظيم شاعرن ۾ راشد مورائي جو نالو به تاريخ ۾ سونهري لفظن سان هر وقت ياد رکيو ويندو. شاعر راشد مورائي وڏي دليريءَ سان شاعري لکندو رهيو. سندس شاعريءَ جي آواز کي سنڌ جي فنڪارن انهن ماڻهن تائين شاعريءَ کي پهچايو، جتي ڪتابي صورت ۾ شاعريءَ کي اُهي ماڻهو پڙهي نٿا سگهن، جيڪي اڻ پڙهيل آهن. سنڌ جي يڪتاري ۽ چپڙي جي مشهور فنڪار جلال چانڊيو جنهن کي شهر توڙي ٻهراڙي جا ماڻهو ڪنهن دور ۾ وڏي چاهه سان ٻڌندا هئا ۽ موجوده ڪمپيوٽر واري جديد دور ۾ جلال چانڊيو جا ڳايل ڪلام موبائل فون يا ڪمپيوٽر تي ٻڌڻ لاءِ ملن ٿا، پر نوجوان نسل جلال چانڊئي کي گهٽ ٻڌي ٿو. پڙهيل لکيل ماڻهو جلال چانڊيو ڀلي نه ٻڌن پر اڄ به ٻهراڙي ۾ ٻڪريون چاريندڙ ڌنار کان ويندي ٻنيءَ ۾ ڪم ڪندڙ هاري اڄ به وڏي چاهه ۽ محبت سان جلال چانڊيو جي آواز ۾ سنڌ جي شاعرن جا ڪلام ٻڌن ٿا. راشد مورائي پنهنجي شاعري جلال چانڊئي جي آواز ۾ به رڪارڊ ڪرائي ۽ سندس اُها شاعري جهرجهنگ ۾ ٻڌي وئي. راشد مورائي سان منهنجي ملاقات اُن وقت ٿي جڏهن اڄ کان ۲۰ سال اڳ سنڌي ادبي سنگت سڪرنڊ جو سيڪريٽري چونڊجي آيس ۽ مون راشد مورائي کي هڪ ادبي پروگرام جي دعوت ڏيڻ لاءِ سندس شهر موري پهتس. راشد مورائي سان موري ۾ ملاقات ٿي ۽ کيس ادبي پروگرام جي دعوت ڏنم. راشد مورائي ملڻ ۾ تمام محبت ڪندڙ ۽ پيار ڪرڻ وارو ماڻهو هو. راشد مورائي کان جڏهن مون اهو پڇيو ته آئون پنهنجو هڪ گيت جلال چانڊئي جي آواز ۾ ڳارائڻ چاهيان ٿو، جنهن تي راشد مورائي دير ئي نه ڪئي ۽ پاڻ اهو چيائين ته جلال چانڊيو اُهو ماڻهو آهي جيڪو ڪنهن به شاعر کي واپس ناهي ڪندو. سندس اُهي جملا ٻڌي جلال چانڊئي سان منهنجي ملاقات ٿي ۽ کيس هڪ گيت لکي ڏنم ۽ اُهو گيت جلال چانڊيو ڳايو: ”دلبر دلبر ڪيڏانهن وئين، ڪو نه آئين ڪو نه آئين.“ اهو ڪلام مون جڏهن رڪارڊ ڪرايو ۽ محفلن ۾ جلال چانڊئي ڳايو ته منهنجي ڪافي حوصلا افزائي ٿي وئي. راشد مورائي جو آئون وڏو احسانمند آهيان، جو سندس اهڙي ڏس تي جلال چانڊئي کان ڪلام ڳارائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس. راشد مورائي پنهنجي ڌرتي سان سچو پيار ڪرڻ وارو املهه ماڻڪ شخص هو. راشد مورائي جنهن جذبي سان دليري سان، بهادري سان شاعري لکندو رهيو. اُن دليريءَ تي سنڌ جا ماڻهو به کيس وڏي محبت ڏين ٿا. راشد مورائي جنهن سنڌ کي شاعريءَ وسيلي گهڻو ڪجهه ڏنو، پر وڏي افسوس سان لکڻو پوي ٿو ته راشد مورائي ڪافي ڏينهن کان ساهه جي تڪليف سبب بيماريءَ جي بستري تي موجود هو. راشد مورائي موري کان نوابشاهه جي پيپلز ميڊيڪل اسپتال ۾ علاج لاءِ داخل هو ۽ اُتي سندس طبيعت وڌيڪ خراب ٿي وئي ۽ سندس پٽ راشد مورائي کي حيدرآباد جي ٿڌين هوائن واري شهر جي اسپتال راجپوتانه کڻائي آيا. حيدرآباد جي ان خانگي اسپتال ۾ راشد مورائي علاج هيٺ رهيو، پر سنڌ جا اُهي ادارا جن جي مٿان اُها ذميواري آهي، ته اُهي شاعرن جي پرگهور لهن، شاعرن جو علاج ڪرائين، انهن راشد مورائي لاءِ ڪجهه به نه ڪيو. زندگي ۽ موت ته خدا جي هٿ ۾ آهي. گهٽ ۾ گهٽ انهن ادارن کي ايترو ضرور ڪرڻ گهرجي ها ته راشد مورائي کي علاج لاءِ حيدرآباد کان ڪراچي جي ڪنهن وڏي اسپتال ۾ منتقل ڪيو وڃي ها ۽ سندس صحيح نموني سان علاج ٿئي ها ته شايد اڃان ڪجهه ڏينهن راشد مورائي جسماني طور اسان وٽ موجود هجي ها. پر هاڻ راشد مورائي جسماني طور اسان کان ايترو پري هليو ويو آهي، جو هاڻ راشد مورائي سان ڪا به ملاقات نه ٿي سگهندي. بس راشد مورائي جون يادون ۽ سندس شاعري اُن وقت تائين موجود رهندي جيستائين هي ڪائنات موجود آهي. راشد مورائي جون هيءَ شاعريءَ جون سٽون اندر ۾ ائين لهي وڃن ٿيون ۽ انهن سٽن کي ڳائڻ يا پڙهڻ سان آسمان تي ڪارن ڪڪرن جي ڪارونڀار سامهون اچي وڃي ٿي. دل جي ويران رڻ تي ڪڪر بانورا ٿورڙو ئي وسين ها ته ڇا ٿي پوي ها. راشد مورائي دل جي ڳالهه ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن ڪارونڀار ڪندڙ ڪڪرن کي به مخاطب ٿئي ٿو ۽ ان شاعريءَ جون تشبيحون جيڪڏهن ٿرپارڪر جي اُڃايل ڌرتيءَ سان ٺهڪي اچن ٿيون ته ڪڪر جيڪڏهن ٿر جي وارياسي ڀٽن مٿان وسي پون ها ته ڇا ٿي پوي ها. راشد مورائي بيماريءَ جي حالت ۾ به پنهنجي علاج لاءِ ڪنهن کي به ڪا اپيل نه ڪئي. هو باقاعده دلير شاعر هجڻ سان گڏوگڏ زندگيءَ کي الوداع ڪندڙ دلير ماڻهو هو. بيماريءَ جي حالت ۾ به گهٻرائڻ وارو نه هو، راشد مورائي حيدرآباد جي خانگي اسپتال ۾ بيهوشيءَ جي حالت ۾ آءِ سي يو ۾ داخل هو. آئون جڏهن کيس ڌسڻ ويس ته مون کي لڳو ته راشد مورائي ڪنهن جي به اڳيان جهڪڻ وارو ماڻهو ناهي. راشد مورائي جون اکيون اهو ئي چئي رهيون هيون ته: ”مان باغي هان، مان باغي هان، تون مارڻ چاهين ٿو، مان باغي باغي هان، مون سان ڪئين باغي آهن“ راشد مورائي پنهنجي ضمير ۾ مطمئن هو، راشد مورائي کي سنڌ ۽ سنڌي قومي تي فخر هو. ان کي سنڌي قوم سان تمام گهڻو پيار هو. راشد مورائي نوابشاهه جي اسپتال ۾ بيماريءَ جي بستري تي سندس آخري لفظ به اُهي هئا ته آئون پنهنجي ضمير مان مطمئن آهيان آئون موت سان مرڪندي مرندس. واقعي راشد مورائي جيئن دليريءَ سان شاعريءَ ۾ حقيقت لکي آهي، تيئن حقيقي زندگيءَ ۾ به دلير شخص هو. راشد مورائيءَ جي پروفائيل تي نظر وجهنداسين ته پاڻ ۵ مارچ ۱۹۴۴ع ۾ ڳوٺ جوڻا لوئي تعلقي مورو ۾ پيدا ٿيو. ۱۹۵۷ع ۾ شاعريءَ جي شروعات ڪئي ۽ پاڻ پرائمري ماستر هو. راشد مورائي قومي شاعر طور مشهور ٿيو. سندس ڪيترائي شعر مشهور آهن ”مان ڇا ڪريان“ سندس طويل نظمن جا عنوان آهن. ”مان به هڪڙو ماستر آهيان“ اهڙي طرح راشد مورائي جا ڪتاب ”سنڌڙي جو سوداءُ“، ”ميندي سدا گيت“، ”دل جو شهر“، ”گيت غزل ڪافيون“ ۽ نثر جو هڪ ڪتاب ”جهڙي آيس جيئن“ وڏي مڃتا حاصل ڪئي. راشد مورائي کي زندگيءَ ۾ تمام گهڻا ايوارڊ مليا ۽ سمورن فنڪارن سندس گيتن کي ڀرپور نموني سان ڳايو. راشد مورائي ڪتاب ”دل جو شهر“ عنوان ائين لڳي ٿو ته راشد مورائي دل جو شهر اُهو آهي، جنهن ۾ شاعري جون سٽون هر وقت سنڌ ڌرتي، ماروئڙن جو درد ۽ محبت عشق سمايل هو. خاموش ٿو رهان مگر راشد ڪڏهن ڪڏهن رکيل مورائي هو ڪالهه شام آخري هڏڪي ڏئي، اسان سڀني کان موڪلائي ويو. جيتوڻيڪ سندس موڪلائڻ جو وقت نه هئو. اڃا ته هن پنهنجي گيتن جي ساڀيان واري آزاد ۽ خوشحال سنڌ به نه ڏٺي هئي، جنهن جي آجپي لاءِ هن نه رڳو پنهنجي سڄي شاعري ارپي هئي، پر جنهن جي آجپي لاءِ سموري زندگي عملي طور به وڙهندو رهيو ۽ ان ئي آجپي لاءِ هو چيئن بيمارين ۾ ورتل هوندي به موت سان مهاڏو اٽڪائي وڙهندو رهيو ها! هو ڪالهه موت کان پنهنجي ويڙهه هارائي ويو پر هن آڻ نه مڃي، شايد موت اهڙو ويڙهاڪ آهي جنهن کان ڪو به کٽي نه سگهيو آهي. ائين هو به ان کان کٽي نه سگهيو پر اهڙو ويساهه ضرور ٿئي ٿو ته هن آخري گهڙيءَ تائين آڻ نه مڃي هوندي ۽ آخري گهڙي اهو ضرور سندس چپن تي آيو هوندو ته: مون ٻڌو آ ته اڄ هو پڇڻ ٿو اچي، موت ٽارو ڪرين ها ته ڇا ٿي ٿيئي. موت ٽارو نه ڪيو ۽ ساڻس ويڙهه ۾ هو هارائي ويو، جڏهن ته هن زندگيءَ ۾ پنهنجي اصولن ۽ آدرشن لاءِ ڪا به آڻ نه مڃي، ڪو به ڪمپرمائيز نه ڪيو، پاڻ ۾ ڪا به لچڪ نه آندي، سندس ان سخت گيريءَ کيس ڪيترن موقعن تي اڪيلو به ڪيو هوندو پر هن پنهنجي ٻاهران ڪڍيل اصولن جي لڇمڻ ريکا کي ڪڏهن به پار نه ڪي ڪيو. سنڌ سان سدائين دلي توڻي دماغي طور جڙيل هن شخص جو نالو راشد مورائي هئو. مورو سندس ڪرم ڀومي هئي، جنهن کي هن جنم ڀوميءَ جي مڃتا ڏئي، پاڻ کي مورائي سڏرايو، ۽ موٽ ۾ موري جيڪو هن کي مان بخشو اهو سڄي سنڌ جي محبتن تي ڦهليل آهي. سائين راشد، پنجين مارچ اوڻيهه سئو چوئيتاليهن ۾ سنڌوءَ جي ساڄي ڪناري تي دادو ۽ موري جي وچ تي چوڻالوءِ نالي ڳوٺ ۾ جنم ورتو، اوڻيهه سئو ستر واري ڏهاڪي جي وڏي ٻوڏ ۾ سنڌو درياهه ان ڳوٺ کي پنهنجي وهڪري ۾ آندو ته سائين راشد مورو اچي وسايو ۽ پوءِ آخري گهڙيءَ تائين مورائي ٿي رهيو، سندس مورائي سڏائڻ پويان جنهن شخص جو عمل آهي اهو سائين ناصر مورائي آهي. سائين راشد، شاعر ابن شاعر هئو، سندس والد صاحب سيد سعيد علي خادم ”پنهنجي دور جو قادر الڪلام شاعر هئو، سندس ٻئي وڏا ڀائر، سيد روشن علي شاهه ”روشن“ ۽ ”معصوم علي شاهه“ ”نماڻو“ پڻ شاعر هئا. ان ڪري ائين چئي سگهجي ٿو ته هو ڄائي ڄم کان شاعر هئو. هن شاعريءَ جي علم جي الف بي پنهنجي والد سائين سعيد علي شاهه خادم کان سکي، انهيءَ وٽان هن شاعريءَ جا ديوان، پڙهيا، شعوري عمر هو هڪ وقت ذوالفقار علي ڀٽيءَ کان متاثر رهيو، اڳتي هلي. جڏهن سندس قومي تحريڪ جي سرواڻ سائين جي ايم سيد جي سن جو پاڻي پيتائين ته سڄي عمر اهو ئي سندس رت سان گڏ گردش ڪندو رهيو، هو اڳتي هلي سنڌ جو باغي شاعر سڏيو ويو، قومي تحريڪ سان عملي طور ڳنڍيل هجڻ سبب شعوري طور ڪڏهن به مايوسيءَ کي ڀرسان اچڻ نه ڏنائين سندس سٿ جي شاعرن ۾ استاد بخاري، ابراهيم منشي، سرويچ سجاولي ۽ محمد خان مجيدي ڳڻي سگهجن ٿا. سنڌ جي قومي تحريڪ سان جڙيل هجڻ ڪري هن سنڌ جي قومي اسٽيج کي جيڪا جلا بخشي اها تاريخ جي صفحن ۾ محفوظ آهي، هن جا شعر قومي تحريڪ کي روشني ڏيندا رهيا. جڏهن هو اسٽيج تي شعر پڙهندو ته هجوم مان آڳ جا الا اٿندي ڏسبا هئا، سندس مشهور نظر مان، مان باغي هان مان باغي هان، جن به اسٽيج تي شعر پڙهندي ڏٺو ۽ ٻڌو هوندو اهو کيس ڪڏهن به وساري نه سگهندو. هو سنڌي ادبي سنگت سان به آخري گهڙي تائين جڙيل رهيو نه رڳو پاڻ جڙيل رهيو، پر کانئُس پوءِ ايندڙ نئين نسل کي هن جيڪو اتساهه ڏنو ۽ جيڪا رهبري ڪئي، اها اسان سڀني لاءِ اڄ به اوتري اهم آهي جيتري تڏهن هئي. هن ادب جي حوالي ۾ شاعريءَ سان گڏ ڪهاڻيون به لکيون مضمون ۽ مقالا به لکيا ته لڳاتار پنهنجي ڊائري به لکندو رهيو، پوين ڏينهن ۾ خبر ناهي ته هو ڊائري لکندو هئو يا نه پر سندس عادتن مان هڪ اهم عادت ڊائري لکڻ به هئي، ڪنهن وقت هو پن جي ٻيڙي ٿيندو هئو پر آخري ڏينهن ۾ هن اها به ڇڏي ڏني هئي. شهيد عبدالرزاق سومري جي شهادت کان پوءِ سندس نالي سان سان ادبي سنگت جوڙيائين جنهن پاران ڪيترائي ڪتاب ڇپيا سائين قاضي نذير صاحب سان گڏجي موري مان ”باک“ نالي پبليڪيشن جاري ڪئي. جنهن جا ڪيترائي پرچا ۽ ڪتاب نڪتا، ائين سائين راشد سنڌي ادب کي جيڪي ڪتاب ڏنا آهن انهن ۾ ۱ سنڌڙيءَ جو سوداءُ (شاعري) ۲ منڊيءَ سندا گيت (شاعري) 3 دل جو شهر (شاعري) ۴ ديوان راشد (شاعري) ۵ درد ۾ دلجوئي (شاعري) ۶ شعلا شعلا واءَ ۾ (شاعري)۷ ڪافيون گيت غزل (شاعري) 8 پاڻيءَ تي پهرو (ڪهاڻيون) ۹ اڳتي تاڻ امنگ جي (مضمون) ۱۰ خط خوشيءَ مان کول (خط) شامل آهن ۽ لڳ ڀڳ ايترائي ڪتاب سندس اڻڇپيل پڻ آهن، جيڪي ڇپجڻ جي اوسيئڙي ۾ آهن. هاڻ فقط ڪتابن کي اوسيئڙو رهندو، ڇاڪاڻ ته انهن جو ليکڪ سڀئي اوسيئڙا ڇڏي، پاڻ آجو ٿي ويو. پر سنڌ سندس گيتن کي ڪڏهن به نه وساري سگهندي. اڳتي هلي جڏهن به سنڌ پنهنجو پراڻو مان مرتبو ماڻيندي، پنهنجو آجپو ماڻيندي، پنهنجو وقار ماڻيندي، ته ان جي ٿيل جدوجهد ۾ جن ماڻهن کي اعليٰ اعزازا سان نوازيو ويندو انهن ۾ سائين راشد مورائيءَ جو نالو فهرست جي پهرين نالن ۾ شامل هوندو. اهڙي پڪ آهي ڇاڪاڻ ته تاريخ ڪنهن سان به ناانصافي نه ڪندي آهي. جيستائين ائين ٿئي تيستائين فقط اهو احساس آهي ۽ جنهن ۾ هڪ ڏوراپو به آهي جيڪو سائين راشد مورائي جي لفظن ۾ آهي. مون ارادو ڪيو هو پڪو مرڻ جو، شوق جاڳي پيو آ وري جيئڻ جو، مون ٻڌو آ اڄ هو پڇڻ ٿو اچي، موت ٽارو ڪرين هان ته ڇا ٿي ٿيئي. دِل جي ويران رڻَ تي ڪَڪر بانورا....! راجا رشيد ڪنڀر/کپرو ۰۵ مارچ ۱۹۴۴ع ۾ سنڌو درياءَ جي کاٻي ڪپ تي قائم پُرڻ پتڻ لڳ ڳوٺ جوڙالو ۾ سعيد علي شاهه ”خادم“ جي گهر ۾ اک کوليندڙ راشد علي شاهه لکي پڙهي نه رڳو هڪ اُستاد ٿي پاڻ مڃرايو پر پاڻ ادبي کيتر ۾ به وڏو نانءُ ڪمايو. مَٿس ڪَلا جي ديوي هميشه مهربان رهي. دل جو شهر، شعلا شعلا واءُ ۾، ديوان راشد، اڳتي تاڻ اُمنگ جي، درد ۾ دل جوئي، خط خوشيءَ مان کول، ڏات جو ڏيهه، راشد جي رهاڻ ۽ پاڻيءَ تي پهرو“ سميت هڪ درجن کن شاعري، نثر، مقالا، انٽرويو ۽ خطن تي مشتمل ڪتاب لکيائين. قومي نظرئي سان سَلهاڙيل هِي ارڏو انسان ڄڻ سنڌ سان محبت جي علامت بڻيل هو، تڏهن ته پُٽڙن جا نالا به سرمد (جيڪو ڪجهه سال اڳ وڇڙي ويو)، شاهه لطيف ۽ جي ايم سيد رکيائين. راشد مورائي هڪ سُٺو اُستاد، بهترين نثر نويس، باغي قومي شاعر، هڏ ڏوکي سماجي اڳواڻ هجڻ سان گڏوگڏ مهمان نواز پڻ هو، سندس اوطاق تي هر وقت مهمانن جي اچ وڃ هوندي هئي. حيدر بخش جتوئيءَ جي هاري تنظيم جي دورن دوران اسٽيج تي اهڙي نموني ٿي هن جابرن کي للڪاريو، جو کيس اُن وقت باغي شاعر جو لقب ڏنو ويو. علمي، ادبي گهراڻي سان تعلق رکندڙ راشد جو والد سعيد علي ”خادم“، ڀاءُ روشن علي شاهه، معصوم علي شاهه پڻ شاعري سَرجيندا رهيا پر جيڪا راشد کي شاعريءَ ۾ موٽ ملي، اها سنڌ جي گهٽ شاعرن کي نصيب ٿي هوندي. شمشير الحيدري ۽ تنوير عباسيءَ جي همعصر هن شاعر جي شاعريءَ ۾ مزاحمت ۽ انقلاب سان گڏ پيار، پاٻوهه، ميٺ ۽ محبت پڻ سمايل آهي. ايم آر ڊي جي تحريڪ ۽ ون يونٽ واري دور ۾ انقلابي شعرن جو هِي سرجهڻار، سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري پڻ رهيو. سندس شاعري ڪيترن ئي ناليوارن راڳين ڳائي ڳائي آهي. مزاحمت جي علامت بڻيل هن شاعر سنڌ جي حقن جي هر تحريڪ ۾ حصو ورتو. ”پرو“ جي حلوي، هادي جي ”ڇولن“، ”غفاري“ جي مٺائيءَ واري شهر موري جي راشد کي ساهه جي تڪليف سان گڏ سائي، شگر ۽ فالج جو پڻ حملو ٿيو، نوابشاهه جي اسپتال بعد کيس حيدرآباد جي هڪ اسپتال ۾ علاج لاءِ آندو ويو، سندس طبعيت بهتر ٿيڻ بعد وري اوچتو خراب ٿي وئي ۽ کيس آءِ سي يو ۾ داخل ڪيو ويو. لکين سنڌين جي مارچ ڏسڻ بعد جڏهن ڪالهه شهيد مقصود قريشيءَ ۽ شهيد سلمان وڌو جا مڙهه مِٽيءَ ماءُ حوالي ڪيا پئي ويا، ان مهل هن سنڌ جي مزاحمتي شاعر جي ساهه جي تند به ٽُٽي پئي، سندس شاعريءَ ڄڻ چيو پئي ته، مون ڏاڍ جا ڏونگر ڪٽي جا واٽَ آ ٺاهي، اُنَ واٽَ تا گذرين، ته مون کي ياد ڪندو ڪر، جو سبق سچائيءَ جو ڏنو آهه مون راشد، سو سبق جي سمجهين، ته مون کي ياد ڪندو ڪر. سندس لاڏاڻي جي خبر ٽي وي چينلز تي نشر ٿيڻ سان ئي سڄي سنڌ سوڳوار ٿي وئي، ”پيرن کي روڪجي، نيڻن کي ڇا ڪجي“ ڄڻ نيڻ اياڻا ٿي ٻوٽجي ويا. سنڌ هڪ وڏي اديب، شاعر ۽ ليکڪ کان محروم ٿي وئي. موري جي ملڪ ڪالونيءَ کان ويندي کير ٿر کان پارڪر تائين راشد مورائيءَ جي اوچتي لاڏاڻي تي هر ادب دوست انسان جي اک آلي آهي، سنڌ جي هن البيلي مزاحمتي باغيءَ جي موڪلاڻيءَ تي اسين سڀ سوڳوار آهيون، دعا آهي ته، رب پاڪ کيس جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي ۽ پونئيرن کي صبر ۽ همت عطا فرمائي. مزاحمتي شاعر مررائيءَ جو وڇوڙو مصطفيٰ ملاح سنڌ جي مزاحمتي شاعر، خوددار طبيعت جي مالڪ راشد مورائي، جڏهن ۵ مارچ ۲۰۱۴ع تي پنهنجي ۷۰ هين سالگرهه موري ۾ گهر ڀاتين ۽ دوستن سان ملهائي رهيو هو ته، هن کي ڄڻ الهام ٿي ويو هو ته، هِيءَ سالگرهه هن جي زندگيءَ جي آخري سالگرهه آهي، هر ڪنهن مٽ مائٽ يار دوست سان سالگرهه واري ڏهاڙي تي ڀاڪر پائي ملي رهيو هو ۽ اهو ۵ مارچ وارو پورو ڏينهن هن مٽن مائٽن ۽ يارن دوستن سان مصروف گذاريو. مان سمجهان ٿو ته، اها هن جي سالگرهه جو يادگار ڏهاڙو هو پر سالگرهه جي هڪ هفتي کانپوءِ هِي اوچتو بيمار ٿي پيو ۽ هن کي نوابشاهه اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، جتي هن جو ۱۰ ڏينهن علاج هلندو رهيو پر راشد مورائيءَ جو سئوٽ ڪمشنر حيدرآباد سيد جمال مصطفيٰ شاهه راشد مورائيءَ کي حيدرآباد جي اسپتال ۾ داخل ڪرائي اتي علاج ڪرائيندو رهيو، حيدرآباد ۾ صحت جي بهتري ڪونه آئي، گذريل ۵ ڏينهن کان بيهوش پيل هو ۽ آخرڪار هن ڪالهه اسپتال ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. راشد مورائيءَ سان گذريل ٽن سالن کان ملاقاتون ٿينديون رهيون، هو جڏهن به بيمار رهندو هو ته، ڪڏهن به سندس حڪومت کان سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائڻ جو مطالبو ڪونه ڪيو. ٽي سال پهرين هن مونکي اهو ئي چيو هو ته، جيڪڏهن سنڌ سرڪار کي منهنجو ايترو ئي خيال آهي ته، پٽ شاهه لطيف کي نوڪري ڏين ۽ پوءِ ان وقت ڊي جي ثقافت کاتو مونس اياز، راشد مورائيءَ کان ڪاغذ گهرائي ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سسئي پليجو ڏانهن موڪليا، جنهن هن جي پٽ جو آرڊر جاري ڪيو....هڪ ڏينهن پهرين جڏهن منهنجي هن سان ملاقات ٿي، ته هن ڪنهن جي به شڪايت نه ڪئي، بلڪ سنڌ ۽ سنڌ واسين بابت ڳالهيون ڪندو رهيو، چيائين ته، سنڌ سدائين سُورن ۾ آهي، سنڌ واسين کي ڪجهه ڪرڻ گهرجي، سنڌ جي سينڌ سدائين سائي رهي، مان سنڌ جي سونهن سندرتا تي گيت لکندو رهان، سنڌو دريا سدائين مست رهي ۽ مان ان جي لهرن ۾ مڌر موسيقيءَ تي جهومندو رهان، هن کان جڏهن سوال ڪيم ته، زندگيءَ کان ڪهڙيون شڪايتون آهن؟ چيائين ته، ڪابه نه پر مون جيڪو به ڪم ڪيو آهي، ضمير مطمئن آهي، جيڪڏهن موت آيو ته ان جي خوشيءَ مان آجيان ڪندس. هاڻ ڪابه ڳڻتي نه آهي. راشد مورائيءَ جي زندگيءَ ۾ ڪيترائي لاها چاڙها آيا پر پاڻ ڪڏهن به زندگيءَ کان شڪايت نه ڪيائين. سندس زندگيءَ ۾ هن کي ٻن وڏن حادثن جهوري ڇڏيو هو، پهريون صدمو سندس نوجوان پٽ سرمد جو دبئي ۾ حادثاتي موت ٿيو، ان صدمي مان اڃا نڪتو ئي مس هو ته، مٿس ۲۰۰۹ع ۾ اڌ رنگ جو حملو ٿيو، جنهن کيس اپاهج ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر سندس همت ۽ حوصلي ان کي شڪست ڏني. سنڌ جي ڀلوڙ شاعر راشد مورائيءَ کي بيماريءَ دوران ثقافت کاتي جي وزير شرميلا فاروقي راشد مورائي جي پٽ شاهه لطيف سان فون تي سندس پِيءَ جي طبعيت پڇا ڪئي، هن کاتي پاران علاج لاءِ ۲ لک روپين جوچيڪ پڻ موڪليو هو. راشد مورائي سنڌ جو واحد شاعر هو، جنهن جي اوطاق تي هر مڪتبه فڪر جي ماڻهن جو ميڙو متل هوندو هو. قومپرستن سان پاڻ گهڻي ويجهڙائپ رکندو ته، اديبن شاعرن سان ته روزانو ڪچهريون معمول بڻيل هونديون هئس. موري شهر مان جيڪڏهن ڪوبه سنڌ جو شاعر اديب گذرندو هو ته، راشد مورائيءَ جي گهر جو پاڻي ضرور پي پوءِ اڳتي ويندو هو. پاڻ ڪڏهن به زندگيءَ مان مايوس نظر ڪونه آيو. راشد مورائي ۵ مارچ ۱۹۴۴ع تي سنڌو درياهه جي ڪپ ڀرسان ڪچي جي ڳوٺ جوڻالو تعلقو مورو ۾ جنم وٺندڙ راشد مورائيءَ جو اصل نالو سيد راشد علي شاهه آهي، سندس والد جو نالو سعيد علي شاهه آهي، سنڌي ٻولي ۽ شاهه لطيف جو سچو کاهوڙي، ڌرتيءَ سان ٿيندڙ ناانصافين ۽ مٽيءَ سان محبت کيس راشد مورائي بڻائي ڇڏيو، جيڪو پنهنجي شاعريءَ وسيلي سنڌ خلاف اٿندڙ هر ميري اک لاءِ ڪنڊو بڻجي ويو، صوفي منش انسان، طبيعت ۾ خوش اخلاق ننڍي توڙي وڏي سان هڪ جهڙي راشد مورائيءَ جي مزاحمتي شاعريءَ جو مزاج هر محاذ ۽ هر فورم تي ظاهر ٿئي ٿو، سن جي سائين جي ايم سيد سميت تمام قومپرست لڏي سان گهڻي ويجهڙائپ هئڻ سبب سنڌ جي هر ان درد کي هن پنهنجو سمجهيو. راشد مورائي تعليم ۾ بي ايڊ، ايم ايڊ ۽ ۱۹۶۱ع کان پرائمري استاد طور نوڪري ڪيائين ۽ ۲۰۰۴ع ۾ رٽائرڊ ٿيو، هن ۱۹8۲ع ۾ شادي ڪئي، کين ٽن پٽن ۽ ڇهن نياڻين جو اولاد آهي، هن جي ڪلامن جو تعداد 3۰۰ جي لڳ ڀڳ آهي، ۽ ۵۰ کان وڌيڪ هن جي ڪلامن کي فنڪارن ڳايو آهي، سندس ڇپيل لکڻين ۾ کوڙ ساري شاعري، ڪهاڻيون، مضمون ۽ خاڪا وغيره سنڌ جي تقريبن سنڌي رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجي چڪا آهن. راشد مورائي جي شاعري جو نظريو سجاد ظهير سائين راشد مورائي به وڇڙي ويو سائين راشد مورائي ڊگهي عرصي کان بيمار هيو، پر هو ان ڳالهه تي بيٺو رهيو ته ڪنهن به سرڪاري ڪاموري کي پنهنجي علاج واسطي اپيل ڪانه ڪبي. سندس سياسي نظريو سائين جي ايم سيد جي عدم تشدد واري پاليسي جو اپٽار ڪرڻ هو. سائين راشد سنڌ جي مختلف ٽهين جي نمائندگي ڪندو رهيو. سندس شاعري جو محور امن انسانيت ،جمهوريت ۽ سنڌ جي بقا هئي. هو انهن منجهان خاص ماڻهو هيو جن سائين جي ايم سيد کي ويجهڙائي سان ڏٺو. سائين راشد مورائي جي زندگي ۾ ڪيترا ئي لاها چاڙها ايندارهيا پر هو پنهنجن ارادن تي قائم ۽ دائم رهيو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ پهريون وار سنڌ ٻولي تي ٿيو اڳتي هلي ون يونٽ نالي ۾ ان طوفان جڏهن سنڌ جي وحدتن، تمندن ۽ ٻولين جي تڏا ويڙهه شرو ع ڪئي. سنڌين ان جي خلاف وڏي بغاوت ڪئي. سائين جي ايم سيد، باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي ۽ سنڌ جو آواز بڻيل شيخ اياز سنڌ جي دورن تي نڪري پيا سنڌ نالو لکڻ تي سڌو جيل هجي ان ويل مورو جي مين پرائمري اسڪول ۾ جيڪو جلسو ٿيو ان ۾ جيڪي بينر لڳل هئا انهن تي ”مورو سنڌ“ واضح طور لکيل هيو حيدر بخش جتوئي هڪ دم چئي ڏنو ته موري وارن ون يونٽ ٽوڙي ڇڏيو آهي. ان دور جي شاگرد ن قاضي نذير سليمان سولنگي ۽ عظيم سنڌي، سڪندر زمان جهڙن کوڙ سارن کي ان ڳالهه جي سڌ ضرور هوندي. سائين راشد به انهي مانڊاڻ ۾ شامل رهيو.شهيد عبدلرزاق سومرو کي جڏهن حيدر آباد جي ٽيڪنيڪل ڪاليج ۾ شهيد ڪيو ويو ته کيس سنڌي ٻولي جو پهريون شهيد قرار ڏنو ويو سموري سنڌ سڏڪي اٿي. شهيد عبدالرزاق جنهن جو جنم ڀومي مورو هو. هو اڄ به موري جي وچ چوڪ تي آرامي آهي سندس نالي ڪيل چوڪ پڻ ان قومي تحريڪ جي پيڙهه جي پٿر ۾ شمار ٿئي ٿو، راشد مورائي لاءِ عبدالرزاق سومري جي شهادت پڻ هڪ وڏو الميو هو. راشد مورائي ان واٽ کي اڳتي وڌائيندو رهيو. عبدالرزاق سومري جي ياد ۾ هر سال تمام وڏا ميڙاڪا ٿيندا رهيا. راشد وٽ موجودهه دور لاءِ انيڪ سوال هئا. سنڌ جا اهڙا ڪردار ۽ بي مثال شاعر جيڪي خود راشد لاءِ اتساهه جو باعث رهيا انهن ۾، شيخ اياز، شمشير الحيدري محمد خان مجيدي، ابراهيم منشي، ڊاڪٽر تنوير عباسي، استاد بخاري ۽ عبدالحڪيم ارشد سرفهرست هئا ڇاڪاڻ جو انهن جو محور سنڌ هئي .مختلف ڪچهرين دوران هو ان نتيجي تي پهتو هيو جنهن جو اظهار هو ڪندو رهيو ته هن وقت سواءِ نعري بازي جي ڪابه شاعري نه آهي. هن وٽ شاعري جا معيار بين الاقوامي تحريڪن مطابق هئا هوءُ سمجهي پيو ته جيستائين سنڌ ڀوڳي پئي ايستائين انقلابي شاعري ۽ قومي جاڳرتا وارن گيتن جو باب بند نه ٿيڻ گهرجي. هو ڪيترن نوجوانن شاعرن کان متاثر پڻ هيو. اها ئي ڳالهه هئي جو هو اڪثر ڪري انهن مشاعرن ۾ به ضرور ويندو هيو. سائين راشد سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز کان تمام گهڻو متاثر هيو ايتري تائين جو شيخ اياز جي جي ”گيت مان ڏوهي هان“ بنياد بڻائي مان باغي هان لکيائين. اسان سائين راشد کي تمام ويجهو کان ڏٺو هو انڪار کي پسند ڪندو هو پر ڪوڙ سان مرڻ گهڙي تائين ويڙهه ڪندو رهيو. سندس گيت سنڌي نوجوانن لاءَ ٿرين جي همرچن وانگي هئا. هن جي شاعري سنڌ جي بغاوت جو ڪيڏارو به هئي ٻئي طرف امن جي جاکوڙ ڪندڙن لاءِ چارٽر آف ڊيمانڊ پڻ هئي، جنهن جو اظهار ظلم جي خلاف بغاوت جو الم کڻڻ جي تبليغ هئي. ڪجهه شاعرن جو خيال آهي ته شاعر لاءِ نطريو ڪا به اهميت نٿو رکي پر راشد ان ڳالهه تي سڌو ڳالهه ڪرڻ جو عادي هو. هيءُ نظرئي کي شاعرن سميت سمورن ماڻهن لاءِ ضروري سمجهندو هيو، شاعر ڀلي ڪنهن پارٽي ۾ ڪم نه ڪري، پر پنهنجي ڌرتي ۽ عوام سان ڪميٽيڊ رهڻ ضروري آهي، جنهن جو اظهار راشد جي شاعري ۾ ملي ٿو، نظرئي کان بغير شاعر راشد لاءِ حيوان واري زندگي گذارڻ برابر هئا سندس منزل عوامي مسئلن کي سمجهڻ هوندو هيو، جنهن جو اظهار شاعريءَ ۾ بيان ڪرڻ لازمي آهي راشد مورائي ان خيال جو هيو، جنهن جو اظهار سندس شاعري ۾ نظر اچي ٿو. سائين راشد جيڪو اسان منجهه هاڻي نه رهيو آهي سندس فڪر عوام کي سجاڳ ڪرڻ هيو، هو عوام کان ڪن لاٽار ڪرڻ وارن کي غدارن جي لسٽ ۾ رکندو هيو. راشد مورائي مرڻ گهڙي تائين انهي اصول تي قائم رهيو. سندس وقت ڏاڍو قيمتي هو، هو اڪثر ميڙاڪن ۾ پنهنجي پوري وقت تي پڄندو هيو ڪابه محفل وقت تي شروع نه ٿيڻ جي ڪري هو رسي گهر هليو ويندو هو، کيس روڪڻ جي سگهه ڪنهن ۾ به نه هُئي جو، ڪو گستاخي ڪري سائين کي پرچائي سندس اصولن کي ٽوڙڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري .اسان کي ڏک ان ڳالهه جو آهي ته تخليق جي ميدان ۾ انهن هيرن جي پورهئي تي ڳالهائڻ وارا نقاد آهن ئي ڪون جيڪي شاعر جي ان علمي سطح تي پهچي تحقيقي فن سان سندس لکڻين کي پرکين تاريخ ضرور عوام دوست نقاد پيدا ڪندي، جيڪي نالي، ذات، ننڍي وڏي جي ڪنهن به فرق کان مٿاهون ٿي پنهجي قلم جو درست استعمال ڪندا. راشد مورائي جنھن کي سنڌ ياد ڪري ٿي گُل مورو ٿيندي چانڊاڻ هن چوڦير ۾، اچ ته نڪري هلون، جلد منهن ڦير ۾. مهراڻ جي ڪپ ڀرسان ڳوٺ جوڻالي ۾ ۵ مارچ ۱۹۴۴ع تي سائين سعيد علي شاهه “خادم” جي گهرڙي ۾ اک کوليندڙ سائين راشد مورائيءَ کان پنهنجي اباڻي جنم ڀوميءَ جي جوڀن وارن ڏينهن ۾ جڏهن به دنيا جي ريتن رسمن بابت ڪو سوال ڪندو هو ته هڪدم کيس جواب ڏيندو هو ته:- آ دنيا جي رسم ڪين ناراض ٿي، هرڪو ڇاڙپ هڻي ٿو پڪل ٻير ۾! سائين راشد، ۱۹۷۴ع ڌاري موري ۾ سنڌي ادبي سنگت جو بنياد وڌو. سائين جي ايم سيد جي فڪري دان سان قومي عشق جي آلاپن کي پنهنجي گيتن نظمن ۽ واين توڙي تحريرن ۾ سمائي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٻيجل جو آواز بڻجي گونجندو رهيو. سندس ڪڙڪيدار آواز جي گوجن صدين کان پوءِ به قائم رهندي، هن باغي شاعر جو ايمان، سنڌ ۽ سيد هو، وڃن شال وسري وسارڻ جون ڳالهيون، ڪيون اچ ته الفت اجارڻ جون ڳالهيون، وري دل ۾ آڻي ڌنارن جون ڳالهيون، ڌڪاري ڪڍي ڇڏ، ڌڪارڻ جون ڳالهيون، اوهان وٽ مرڻ ۽ مارڻ جون ڳالهيون، اسان وٽ جيئڻ ۽ جيارڻ جون ڳالهيون، سڏي ڪي سڄڻ سان سڄي رات راشد، ڪبيون سنڌڙيءَ جي سنوارڻ جون ڳالهيون. سنڌ جي سنوارڻ جون ڳالهيون راشد جي روح ۾ سمايل هيون، هن ڌرتيءَ سان عشق ڪيو هو، هي ٻوليءَ جو ٻهڳڻو شاعر هو، هي ته موکيءَ جو متارو هو، هونئن به متارا موت کان ناهن ڊڄندا. راشد جي اڏول ڪردار سندس اٽل ارادن ۽ اصولن کيس تمام وڏو ماڻهو بڻائي ڇڏيو هو. دوستن جو دوست، هيڻن جو همدرد، ڌرتي ماتا جي عشق ۾ سرشآر، هر ماڻهوءَ سان محبتون ونڊڻ وارو انسان هو. سندس موري وارو مهمان خانو قومي ورڪرن ۽ قومي سوچ جو درسگاهه هو، اهڙي ئي تصور ۾ پنهنجي غزل ۾ لکيائين ته: پرين پنهنجي عزت جو خيال رکجو، لکن جي ڪارپت جو خيال رکجو. قومي تحريڪ جي سرواڻ سائين جي ايم سيد جي سن واري سفر هميشهه شامل رهيو سڄي عمر اهوئي فڪر سندس رت ۾ گردش ڪندو رهيو. ڪڏهن مايوسي کي ڀرسان اچڻ ئي نه ڏنائين، سائين راشد شاعر ابن شاعر هو، سندس والد صاحب سيد سعيد علي شاهه ‘خادم’ سندس ٻئي وڏا ڀائر سيد روشن علي شاهه “روشن” ۽ معصوم علي شاهه “نماڻو” پڻ شاعر هئا. هن شاعريءَ جي علم جي الف ب به پنهنجي والد صاحب کان سکي ۽ انهيءَ وٽان ئي شاعريءَ جا ديوان پڙهيا، سنڌ جي قومي تحريڪ سان جڙيل هجڻ ڪري، ون يونٽ، ٻولي تحريڪ، ايم آر ڊي، پاڻي جدوجهد پورهيت تحريڪ يعني ته هر تحريڪ ۾ مان باغي هان. مان باغي هان. چوندو رهيو، ماٺ ڄڻ ته هن اڏول انسان لاءِ مهڻو هجي، هن جيڪو اتساهه بخشيو ۽ جيڪا نوجوانن جي رهبري ڪئي اها اسان سڀني لاءِ اڄ به اوتري اهم آهي، ادب جي حوالي ۾ شاعريءَ سان گڏ ڪهاڻيون، مضمون، مقالا به لکيا. سائين راشد، سنڌي ادب کي جيڪي ڪتاب ڏنا آهن تن ۾ (۱) سنڌڙيءَ جو سوداءُ شاعري (۲) مينديءَ سندا کيت شاعري ٻه ڇاپا (۳) دل جو شهر شاعري ٻه ڇاپا (۴) ديوان راشد شاعري ٻه ڇاپا (۵) درد ۾ دلجوئي شاعري (۶) شعلا شعلا واءُ ۾ شاعري (۷) ڪافيون گيت غزل شاعري (۸) پاڻيءَ تي پهرو (ڪهاڻي) (۹) اڳتي تاڻ امنگ جي مضمون خاڪا (۱۰) خط خوشيءَ مان کول، خط (۱۱) ڏات جي ڏيهه ۾ راشد بابت تاثرات (۱۲) راشد سان رهاڻ (راشد جا انٽرويو) (۱۳) سڄڻ جي موڪلاڻي شامل آهن. لڳ ڀڳ ايترائي ڪتاب سندس اڻ ڇپيل پڻ آهن. سائين راشد جي واتان هي لفظ گونجندا هئا ته ڌرتي به زندگيءَ جي سچائي مان هڪ آهي. راشد پنهنجو پاڻ کي سنڌ ڌرتيءَ جي ملوڪ ماڻهن لاءِ ارپي ڇڏيو هو. سندس شاعري توڙي ڪردار ۽ اصولن مان ڌرتيءَ سان ڪميٽ مينٽ جي جهلڪ نمايان نظر اچي ٿي. ايتري قدر جو جڏهن ڊاڪٽر ذوالفقار سيال سنڌي ادبي سنگت جي ضلعي رابطه سيڪريٽري تان مون گل مورو ۽ ٻين دوستن کي بنا جواز معطل ڪري جعلي شاخون موري نوشهري ۽ ٻين شهرن ۾ کوليون ته پاڻ احتجاجن استعيفا ڏئي ڇڏي. هن مهان شخص کي نه عهدي نه خوشامد جي ڳڻتي هئي هن جو ايمان سنڌ هئي، جدوجهد ۽ جاکوڙ آزادي ۽ آجپي جو حوصلو ڏيندڙ راشد آخري گهڙين تائين ٻيجل بڻجي ٻوليندو رهيو:- اٿو ته ظلم جي خلاف هاڻي علم کوڙجي، ڪو نئون سماج جوڙجي، ڪو نئون جهان جوڙجي. ڪين چريي کي چور چڱو آ، چوري چاڪ چڪائي وجهندين، هوريان ڏاڍيان لوچيان ويٺو، مستقبل تي سوچيان ويٺو، ڏاڍو آءُ ڏکايل آهيان، دوست گهڻو ڪجهه گهايل آهيان. هي گهڻو گهايل هو، ديس جي دردن ۽ سنڌوءَ جي سڪ هن کي نهوڙي ڇڏيو هو. بيماري واري حالتن، پنهنجي جوان پٽ شاهه عنايت جي جدائي، هن جي جيءَ کي جهوري وڌو هو. اهي درد و سور کڻي ۷۱ سالن جي ڄمار ۾ حيدرآباد جي ٿڌڙين هوائن ۾ ٿڌڙا ٿڌڙا ساهه کڻي، خوشبوءِ واري واءَ گهلڻ جيان هليو ويو. راشد مورائي جي مشهور نظمن ۾ ضمير چهنڊڻيون هيون، مون کي ياد ڪندو ڪر، آءٌ وڏو ڏوهاري آهيان، مان باغي آهيان، مان هڪڙو ماستر آهيان عوام ۾ ڏاڍا مشهور آهن. راشد مورائيءَ ۱۹۶۶ کان ڊائري لکڻ جي شروعات ڪئي جيڪا مسلسل لکندو رهيو. سنڌ جو هي انمول شاعر راشد شهيد عبدالرزاق سومري اڪيڊميءَ جو سيڪريٽري، باک رسالي جو ٻانهه ٻيلي، پ ٽ الف سکر ڊويزن جو چيئرمين، ۽ آئيني ڪميٽي جو ميمبر، سنڌي ادبي سنگ سنڌ جو مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري ۽ موري شاخ جو سيڪريٽري رهيو. راشدي مورائي جي شاعري ريڊيو ٽي وي تان نشر ٿيندي رهي. سرمد سنڌي جي آواز ۾، دل جي ويران رڻ تي ڪڪر بانورا، آ پهچ سگهو دلدار، ۽ مون ڏاڍ جا ڏونگر ڪٽي بيحد مقبول ٿيا. ان کان سواءِ جلال چانڊئي ۽ سنڌ جي هر فنڪار سندس شاعري ڳائي. هن ڪيترن شاعرن ۽ اديبن جي ڪتابن جا مهاڳ ۽ مضمون پڻ لکيا. راشد مورائي کي ماروي اڪيڊمي ايوارڊ، سنڌي ادبي سنگت مرڪز پاران ايوارڊ، شاهه عبداللطيف آرٽ سرڪل پاران ايوارڊ، ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ نوشهروفيروز پاران گوبند مالهي ۲۰۰۶ ۾ ايوارڊ پڻ مليا سنڌ جو هي عوامي قومي ۽ باغي شاعر آهي هن قومي تحريڪ کي پنهنجي عمل ۽ شاعري جي ذريعي وڏي هٿي ڏني استاد بخاري جيان اسٽيج جو راڻو رهيو. جن ۾ سندس ڪيترا ئي قوامي تحريڪي توڙي ادبي شاگرد اڄ به موجود آهن جن ۾ خاڪي جويو ۽ تاج جويو جا نالا نمايان آهن، سائين راشد مورائي جي اڄ ۷۳هين سالگرهه تي کيس سڄي سنڌ عزت ۽ احترام سان ياد ڪري ٿي. راشد مورائي جي ياد ۾! علي ڏنو جروار سنڌ سونهاري صدين کان ڪيترا اديب، شاعر، ڏاها، عالم ۽ فاضل پيدا ڪيا آهن. راشد مورائي به انهن مان هڪ آهي، جنهن جي سڃاڻپ گهڻ رُخي آهي. راشد مورائي هڪ ئي وقت استاد به هو ته وري شاعر ۽ نثر نويس پڻ. ان کانسواءِ سنڌ جي قومپرست سياست سان به سلهاڙيل رهيو. اڄ سندس چوٿين ورسي آهي. ان حوالي سان ڪجهه سٽون پڙهندڙن آڏو پيش ڪجن ٿيون. راشد مورائي سنڌ جي انهن آڱرين تي ڳڻڻ جيترن شاعرن مان هڪ آهي جيڪي بحر، وزن، رديف ۽ ڪافيي جا ماهر سمجهيا ويندا آهن. تنهن کانسواءِ راشد انهن مزاحمتي شاعرن مان هڪ آهي جن ون يونٽ واري دور کان وٺي پنهنجون تخليقون پيش ڪيون آهن. ون يونٽ هڪ اهڙو دور هو جنهن ۾ سنڌ سميت باقي صوبن جي آزادي کسي انهن کي هڪ ئي لڙي ۾ پويو ويو هو. يعني ملڪ کي ٻن حصن طور رکيو ويو هو. هڪ اولهه پاڪستان ۽ ٻيو اوڀر پاڪستان. جڏهن ته پاڪستان ٺهڻ وقت ملڪ پنجن صوبن واري ايڪي جي حيثيت سان سامهو آيو. جڏهن سنڌ جي آزاد حيثيت ختم ڪئي وئي، تڏهن کان وٺي شيخ اياز، استاد بخاري، محمد خان مجيدي، سرويچ سجاولي، تنوير عباسي، ابراهيم منشي، سيد اڪبر، نبي بخش همدرد، سوز هالائي ۽ ٻين ڪيترن ئي شاعرن مزاحمتي شاعري تخليق ڪرڻ شروع ڪئي. جيڪا سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڳائجڻ شروع ٿي. هي اهو دور هو جڏهن سنڌ جو نالو وٺڻ ڪاريهر نانگ تي پير رکڻ برابر هو پر ان وقت به سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن پاڻ ملهايو. جيلن کي پنهنجي لاءِ نعمت سمجهيائون ۽ صاف اعلان ڪندي چيائون ته “سنڌڙي تنهنجو نانءُ ورتو، ڄڻ ڪاريهر تي پير پيو” ته اهڙي قسم جي شاعري سنڌ جي ٻين شاعرن به بهترين انداز ۾ ڪئي آهي. راشد به انهن مان هڪ آهي، جنهن ان وقت جي سنڌ متعلق ڪجهه سٽون هن ريت تخليق ڪيون آهن. جهڙو نقشو سنڌ جو تهڙي تنهنجي سونهن منهنجي روح ورونهن، ڏسڻ پسڻ ٻنهي کي! ان کانسواءِ سندس هي سٽون به پڙهي ڏسو. هُن لکيو آهي ته هڪڙو نقشو سنڌ جو، ٻيو آهين تون، جنين ڪاڻ مون، جيئڻ لاءِ جاکوڙ ڪئي! ته اهڙي قسم جي شاعري سنڌ جي سڀني سرموڙ شاعرن ان وقت کان وٺي تخليق ڪئي، جيڪا اڄ تائين جاري آهي. ان ۾ اڄ تائين جيڪي به نوان شاعر پيدا ٿيا يا اُڀري رهيا آهن انهن جو به حصو آهي ته وري ۵۵-۱۹۵۴ واري دور ۾ سنڌ جا اديب ۽ شاعر يونيورسٽين ۾ پڙهندا هئا ۽ عملي زندگي ۾ پير پائي رهيا هئا، انهن به سنڌ متعلق شاعري ڪرڻ شروع ڪئي. انهن آخر تائين سنڌ ڌرتي سان پاڻ نڀايو. ان دوران کين ڪيتريون ئي تڪليفون ڏسڻيون پيون. جيلن جون اذيتون ۽ صعوبتون ڀوڳڻيون پيون. ڪيترن کي نوڪرين تان هٿ کڻڻو پيو پر هُنن سنڌ سان عشق ۽ محبت واري تعلق تان ڪنهن به ريت هٿ نه کنيو ۽ اهي پنهنجي ڪِرت ۾ لڳا رهيا. راشد مورائي به انهن ئي ٿورڙن شاعرن مان هڪ آهي جنهن تڪليفون به ڏٺيون، پريشانيون به ڏٺيون پر پوءِ به پنهنجي مقصد سان سچو رهيو ۽ ان کان ڪڏهن به منهن نه موڙيائين. اهو ئي ڪارڻ آهي جو زندگي جي آخري گهڙين ۾ هڪ ٽي وي چئنل کي انٽرويو ڏيندي چيائين ته “هِن دل تي ٻيا ته کوڙ سارا داغ آهن پر ندامت جو داغ ڪونهي ڪو” ته انهي قسم جي ارڏائي ۽ سچائي سان زنده رهڻ فقط راشد جهڙن ئي شخصيتن جو ڪمال آهي. راشد ڪيترن ئي هنڌن تي ڪجهه اهڙيون سِٽون به سرجيون آهن، جيڪي پڙهڻ سان جيءُ جهري پوي. هُن ڌرتي توڙي سونهن سان ڀرپور محبت ڪئي آهي. سندس سڄي شاعري توڙي نثر ان جو اُپٽار آهي. سندس هي سٽون پڙهي ڏسو دليون قبرستان بڻجي ويون ماڻهن جون، شهر- خموشان ۾ هڪ تربت جاڳي ٿي! تنهن کانسواءِ سندس هي سٽون به پڙهڻ جهڙيون آهن ته ڀاڳ وارن جا ٿين ٿا يادگار، زندگي ۽ موت ٻيئي شاندار، راشدا! شل موت ٿئي مانائتو، جِئن حياتي آهه گذري پروقار! سو راشد جهڙن شاعرن جي ڪري ئي اڄ اسان جو سنڌي ادب شاعري ۽ ٻولي شاهڪار ليکي وڃي ٿي. راشد جا اڄ تائين جيڪي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، تن ۾ مينديءَ سندا کيت، دل جو شهر، گيت غزل بيت ۽ دوها وغيره شامل آهن. جڏهن ته سندس نثر به ڇپيو آهي، جنهن ۾ هُن جا خط ۽ ڪجهه خاڪا توڙي مضمون شامل آهن. تنهن کانسواءِ سندس گهڻي مقدار ۾ شاعري توڙي نثر اڻ ڇپيل به موجود آهي. جنهن کي ڇپائڻ جي ضرورت آهي. اڄ سندس چوٿين ورسي ملهائي پئي وڃي. جنهن ۾ سندس شاعري جي هڪ ڪتاب “ڳاڙهي باک ڦٽي” ۽ “سڄڻن جا سنيها” جنهن ۾ راشد مورائي ۽ قادر بخش طالباڻي جا هڪٻئي ڏانهن خط آهن. ان جي مهورت به رکيل آهي. اها تقريب راشد مورائي يادگار ڪاميٽي مورو ۽ سنڌي ادبي سنگت مورو پاران منعقد ڪئي پئي وڃي. هن تقريب ۾ سنڌ جا ڪيترا ئي عالم، ڏاها، اديب، شاعر، سياسي ڪارڪن ۽ مفڪر شرڪت ڪندا. راشد مورائي يقيني طور تي سنڌ جي اهڙن آفاقي شاعرن مان آهي، جن جي شاعري جنهن به وقت پڙهبي، ڳائبي ۽ ٻڌبي آهي ته بلڪل نئين نڪور محسوس ٿيندي آهي. راشد جي شاعري سنڌ جي ڪيترن ئي ناليوارن فنڪارن ڳائي آهي. راشد کي پنهنجن ۽ پراون طرفان جيڪي وقت به وقت گهاءَ ملندا رهيا، تن جو نقشو ڪجهه هِن ريت چٽيو اٿائين. مونکي ماري پوءِ منهنجو غم ڪيائون، چڱو ٿيو ڪو ته سهڻو ڪم ڪيائون، مُئي کانپوءِ اچي راشد! قبر تي مونکي ئي حال جو محرم ڪيائون، چوڻ جو مقصد هي آهي ته راشد مورائي سميت سڀني کي ڪنهن نه ڪنهن اهنج ضرور رسيا آهن. جيڪي اهنج رسائڻ ۾ ڌارين کان وڌيڪ پنهنجن جو وڏو ڪردار رهيو آهي. راشد جي هڪ نظم جون سٽون آهن، دل جي ويران رڻ تي ڪڪر بانورا، ٿورڙو ئي وسين ها ته ڇا پئي ٿيئي. آئون ذاتي طور تي انهيءَ خيال جو آهيان ته اسان جا جيڪي به شاعر آهن انهن جو مقصد ساڳيو آهي پر رڳو لفظن ۾ ڪٿي ڪٿي هڪجهڙائي هوندي آهي ته ڪٿي وري اهي مختلف انداز ۾ تخليق ڪندا آهن. اڄ راشد جي ورسي آهي جنهن حوالي سان آئون سنڌ جي سڀني دوستن کي گذارش ڪندس ته راشد مورائي سميت سنڌ جي سمورن شاعرن جي شاعري ڌيان سان پڙهن ۽ ان ۾ جيڪا جدوجهد جاکوڙ جي راهه ڏسيل آهي ان بابت عملي ثبوت ڏين. سيد راشد مورائي سنڌ جو مزاحمتي شاعر ۽ اديب گل مورو ٿيندي چانڊاڻ هن چوڦير ۾، اچ ته نڪري هلون، جلد منهن ڦير ۾. سائين راشد سان راجپوتانه اسپتال ۾ اڃا صبح جو سوير عيادت ڪري چنڊ جي چانڊاڻ جون ساروڻيون ساري کائنس موڪلائي پنهنجي شهر نوشهروفيروز پهتس ته اوچتو مئسيج آيو ته سائين راشد زندگيءَ جي جنگ هارائي ويو آهي. اهو ٻڌي نيڻن مان نير وهڻ شروع ٿي ويا. اڃان سنڌ مورڙي جي ماڳ ڪراچيءَ ۾ شهيد بشير خان قريشيءَ جي ڀاءُ شهيد مقصود قريشيءَ جي جنازي نماز دوران ڳوڙها ڳاڙي رهي هئي ته مٿان وري راشد جي وڇوڙي سڄيءَ سنڌ کي روئاڙي ڇڏيو هو. مهراڻ جي ڪپ ڀرسان ڳوٺ جوڻالي ۾ ۵ مارچ ۱۹۴۴ع سائين سيد خادم علي شاهه “خادم” جي گهرڙي ۾ اک کوليندڙ سائين راشد مورائيءَ کان پنهنجي اباڻي جنم ڀوميءَ جي ڀڪن ۽ آنڀن پچندڙ وارن ڏينهن ۾ جڏهن به دنيا جي ريتن رسمن بابت ڪو سوال ڪندو هو ته هڪدم کيس جواب ڏيندو هو ته:- آ دنيا جي رسم ڪين ناراض ٿي، هرڪو ڇاڙپ هڻي ٿو پڪل ٻير ۾! سائين راشد ۱۹۷۴ع ڌاري موري ۾ سنڌي ادبي سنگت جو بنياد وڌو. سائين جي ايم سيد جي فڪري دان سان قومي عشق جي آلاپن کي پنهنجي گيتن نظمن ۽ واين توڙي تحريرن ۾ سمائي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٻيجل جو آواز بڻجي گونجيندو رهيو. سندس گونجندڙ آواز جي گونج صدين کان پوءِ به قائم رهندي، هن باغي شاعر جو ايمان، سنڌ ۽ سيد هو، ڪڏهن به هن آزاديءَ جي ڪنڊائين واٽ تي هلڻ کان انڪار نه ڪيو. هن کي پنهنجي اولاد کان وڌيڪ سنڌ جي آزادي ۽ آجپي ۾ ايمان رکندڙ فڪري اولاد جو تمام گهڻو فڪر هوندو هو. اهي ساروڻيون هن پنهنجي شاعريءَ ۾ هيئن بيان ڪيون آهن:- وڃن شال وسري وسارڻ جون ڳالهيون، ڪيون اچ ته الفت اجارڻ جون ڳالهيون، وري دل ۾ آڻي ڌنارن جون ڳالهيون، ڌڪاري ڪڍي ڇڏ، ڌڪارڻ جون ڳالهيون، اوهان وٽ مرڻ ۽ مارڻ جون ڳالهيون، اسان وٽ جيئڻ ۽ جيارڻ جون ڳالهيون، سڏي ڪي سڄڻ سان سڄي رات راشد، ڪبيون سنڌڙيءَ جي سنوارڻ جون ڳالهيون. سنڌ جي سنوارڻ جون ڳالهيون راشد جي روح ۾ سمايل هيون، هن ڌرتيءَ سان عشق ڪيو هو، هي ٻوليءَ جو ٻهڳڻو شاعر هو، هي ته موکيءَ جو متارو هو، هونئن به متارا موت کان ناهن ڊڄندا. راشد جي اڏول ڪردار سندس اٽل ارادن ۽ اصولن کيس تمام وڏو ماڻهو بڻائي ڇڏيو هو. دوستن جو دوست، هيڻن جو همدرد، ڌرتي ماتا جي عشق ۾ سرشآر، هر ماڻهوءَ سان محبتون ونڊڻ وارو انسان هو. سندس موري وارو مهمان خانو قومي ورڪرن ۽ قومي سوچ جو درسگاهه هو، اهڙي ئي تصور ۾ پنهنجي غزل ۾ لکيائين ته: پرين پنهنجي عزت جو خيال رکجو، لکن جي ڪارپت جو خيال رکجو. قومي تحريڪ جي سرواڻ سائين جي ايم سيد جي سن جو روح سندس جسم ۾ سڄي عمر اهوئي سندس رت سان گڏ گردش ڪندو رهيو. ڪڏهن مايوسي کي ڀرسان اچڻ ئي نه ڏنائين، سائين راشد شاعر ابن شاعر هو، سندس والد صاحب سيد خادم علي شاهه ‘خادم’ سندس ٻئي وڏا ڀائر سيد روشن علي شاهه “روشن” ۽ معصوم علي شاهه “نماڻو” پڻ شاعر هئا. هن شاعريءَ جي علم جي الف ب به پنهنجي والد صاحب کان سکي ۽ انهيءَ وٽان ئي شاعريءَ جا ديوان پڙهيا، سنڌ جي قومي تحريڪ سان جڙيل هجڻ ڪري، ون يونٽ، ٻولي تحريڪ، ايم آر ڊي، پاڻي جدوجهد پورهيت تحريڪ يعني ته هر تحريڪ ۾ مان باغي هان. مان باغي هان. چوندو رهيو، ماٺ ڄڻ هن اڏول انسان لاءِ مهڻو هجي، هن جيڪو اتساهه بخشيو ۽ جيڪا هن رهبري ڪئي، اها اسان سڀني لاءِ اڄ به اوتري اهم آهي، ادب جي حوالي ۾ شاعريءَ سان گڏ ڪهاڻيون، مضمون، مقالا به لکيا. سائين راشد سنڌي ادب کي جيڪي ڪتاب ڏنا آهن تن ۾ (۱) سنڌڙيءَ جو سوداءُ، شاعري (۲) مينديءَ سندا گيت شاعري ٻه ڇاپا (۳) دل جو شهر شاعري ٻه ڇاپا (۴) ديوان راشد شاعري ٻه ڇاپا (۵) درد ۾ دلجوئي شاعري (۶) شعلا شعلا واءُ ۾ شاعري (۷) ڪافيون گيت غزل شاعري (۸) پاڻيءَ تي پهرو (ڪهاڻي) (۹) اڳتي تاڻ امنگ جي مضمون خاڪا (۱۰) خط خوشيءَ مان کول، خط (۱۱) ڏات جي ڏيهه ۾ راشد بابت تاثرات ۽ (۱۲) راشد سان رهاڻ (راشد جا انٽرويو) شامل آهن. لڳ ڀڳ ايترائي ڪتاب سندس اڻ ڇپيل پڻ آهن. سائين راشد جي واتان هي لفظ گونجندا هئا ته ڌرتي به زندگيءَ جي سچائي مان هڪ آهي. راشد پنهنجو پاڻ کي سنڌ ڌرتيءَ جي ملوڪ ماڻهن لاءِ ارپي ڇڏيو هو. سندس شاعري توڙي ڪردار ۽ اصولن مان ڌرتيءَ سان ڪمٽمينٽ جي جهلڪ نمايان نظر اچي ٿي. ايتري قدر جو هن مهان شخص کي نه عهدي نه خوشامد جي ڳڻتي هئي هن جو ايمان سنڌ هئي، جدوجهد ۽ جاکوڙ آزادي ۽ آجپي جو حوصلو ڏيندڙ راشد آخري گهڙين تائين ٻيجل بڻجي ٻوليندو رهيو:- اٿو ته ظلم جي خلاف هاڻي علم کوڙجي، ڪو نئون سماج جوڙجي، ڪو نئون جهان جوڙجي. ڪين چريي کي چور چڱو آ، چوري چاڪ چڪائي وجهندين، هوريان ڏاڍيان لوچيان ويٺو، مستقبل تي سوچيان ويٺو، ڏاڍو آءُ ڏکايل آهيان، دوست گهڻو ڪجهه گهايل آهيان. هي گهڻو گهايل هو، ديس جي دردن ۽ سنڌوءَ جي سڪ هن کي نهوڙي ڇڏيو هو. بيماري واري حالتن، پنهنجي جوان پٽ شاهه عنايت جي جدائي، هن جي جيءَ کي وڌيڪ جهوري وڌو هو. اهي درد و سور کڻي ۷۱ سالن جي ڄمار ۾ حيدرآباد جي ٿڌڙين هوائن ۾ ٿڌڙا ٿڌڙا ساهه کڻي، خوشبوءِ واءَ گهلڻ جيان هليو ويو. اڄ هو جسماني طرح هت موجود نه آهي پر لطيف ۽ جي ايم موجود آهن. جن ٻنهي جي اکين ۾ سائين راشد وارو تيج ۽ پاڻي آزاديءَ وارو عشق موجود آهي ۽ رهندو. راشد مورائي سنڌ جو مزاحمتي شاعر ساجده چنه ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا ته ڪي وري دانائيءَ جي ڪري مهراڻ جون مالهائون ٿين ٿا. اها مالها جڏهن سمنڊ جي سپنن جيان سدائين سمنڊ ڪناري جرڪندي ۽ مرڪندي رهي ته ڪيڏي نه راحت ايندي هوندي. ايئن ئي ساهتيءَ جو سرموڙ شاعر سائين راشد مورائيءَ جي ٻهڪندڙ آواز ۽ سفيد وارن تي نظر پوندي آهي ته سندس جنم ڀومي جوڻالي ۾ اسريل گيت جهومي پوندا آهن. ساهتي پرڳڻي جي هن مهان قوي راشد مورائيءَ ۵ مارچ ۱۹۴۴ع ۾ مورو ڀرسان سنڌوءَ جي ڪپ تي، ڳوٺ جوڻالي ۾ جنم ورتو. پاڻ شاعر، اديب ۽ نقاد به آهي. اڄ به راشد مورائي ڪيترا ئي گيت سنڌ جا سرجي پيو. هن وقت تائين راشد مورائيءَ جون ڇپيل لکڻيون؛ جنهن ۾ کوڙ ساري شاعري، ڪهاڻيون، مضمون، خاڪا وغيره سنڌ جي سڀني رسالن توڙي اخبارن ۾ اڻ ڳڻيا موجود آهن. 3۰۰ جي لڳ ڀڳ سنڌ جي مختلف فنڪارن سندس گيت، غزل ۽ ڪافيون ڳايون آهن. جڏهن ته ڇپيل ڪتابن ۾ ”سنڌڙيءَ جو سوداءُ“، ”شاعري“، ”مينديءَ سندا کيت“، ”غزلن جو مجموعو“، ”سل جو شهر“ موجود آھن. مختلف صنفن تي ڪيل شاعري؛ ديوان راشد، شعلا شعلا واءَ ۾، اڳتي تاڻ امنگ جي، پاڻيءَ جو پهرو، ڏات جي ڏيهه ۾، راشد جي رهاڻ، انصاف جو گهنڊ، ڳنڍيون منجهه ڳنڍير، سنڌي ادب جي ارتقا، يتيم جذبا، عشق جو آواز، هو جي ٻول ٻريا شامل آهن. جڏهن ته اڃا به سندس ڪيترو ئي تخليقي مواد، اڻ ڇپيل آهي. جنهن ۾؛ خط خوشيءَ مان کول، تعلقي موري جا اديب، سنڌي ادب جي سونهن، جهڙي آيس جيئن، جهڙيون انمول لکڻيون وٽس موجود آهن. راشد مورائي سنڌ جو يگانو شاعر آھي جنهن پرائمري استاد ٿي ڪري علمي، ادبي خدمتون سرانجام ڏنيون آھن. کيس سوين ايوارڊ؛ سنڌي ادبي سنگت، سگا، ڳوٺ سڌار سنگت ۽ ٻين سياسي، سماجي تنظيمن پاران ڏنا ويا آهن. اڄ به سائين راشد، ٽن پٽن ۽ ڇهن نياڻين جو سهارو آهي. کيس نوجوان پٽ، شاه عنايت جي وڇوڙي جهوري ڇڏيو. تنهن جي باوجود مورو ناهي ٿورو ۾، هن مزاحمتي شاعر جي مهمان نوازي ۽ ڌرتيءَ سان عشق ڏسڻ وٽان آهي. ھو اڄ به چوي پيو ته؛ ”مان باغي هان! مان باغي هان!“ راشد مورائي رکيل مورائي سنڌ جو ارڏو شاعر شائين راشد مورائي، ان سنڌوءَ جي کاٻي ڪپ تي ڄائو، جنهن سنڌوءَ ڪپ تي ويهي دنيا جا قديم ترين ويد لکيا ويا. شايد اهو ئي سبب هئو جو سندس شاعري ۾ توڻي طبيعت ۾ آخر تائين سنڌوءَ واري گجگوڙ رهي. هن جو شعر پڙهڻ سنڌوءَ جي گجگوڙ جو احساس ڏياريندو هئو ۽ هن جي طبعيت جيڪا ڪڏهن غضبناڪ هوندي هئي ته ڪڏهن ڪچي جي چيڪي مٽيءَ وانگر نرم ۽ نفيس. پڪ سان سائين راشد آخر تائين پهنجي مزاج ۾ نرمي توڻي سختيءَ سان نڀاءُ ڪندو آيو. سندس مزاج ان آب هوا ۽ جي علامت هئو، جيڪو اڪثر دريائن جي ڪنارن سان رهندڙ ماڻهن جو هوندو آهي. هن جنهن ڳوٺ ۾ جنم ورتو، ان کي جوڻالوءِ چوندا آهن. شاعر ابن شاعر سائين راشد مورائي، جوڻالوءِ ۾ پيدا ٿيو. جنهن گهر ۾ هن جنم ورتو، ان ۾ علم ادب ۽ شاعري اڳ ئي موجود هئي. ڇاڪاڻ ته سندس والد صاحب ۽ ٻه وڏا ڀائر شاعر هئا. جنهن ڪري ننڍپڻ ۾ ئي هن کي شاعريءَ سان پالو پيو. هن ڪيترا عشق ڪيا، اهو ڳجهه اڄ تائين سندس همعصر سلي نه سگهيا آهن. پر سندن سنڌ سان عشق عالم آشڪار آهي. سندس ڳوٺ کي اهو اعزاز حاصل آهي ته اهو شاعرن جو ڳوٺ هئو، جنهن لاءِ سنڌي ٻولي جي، پنهنجو لهجو رکندڙ شاعر مشتاق باگاڻيءَ لکيو هيو ته سج لٿي کانپوءِ، جرڪيو جوڻالوءِ، ميڙا ٿيا مچ تي. اهو جوڻالوءِ جڏهن سنڌوءَ جي تيز وهڪري هيٺ اچي پنهنجي سڃاڻپ وڃائي ويٺو، تڏهن سائين راشد موري لڏي آيو ۽ سدائين لاءِ موري جو ٿي ويو. موري جيڪو کيس مانُ بخشيو، اهو اڄ سنڌ جي هر لکئي پڙهئي جي آڏو آهي ۽ هن جيڪو موري سان پيار ڪيو اهو به اسين سڀ ڄاڻون ٿا. سائين راشد وطن دوست اديبن ۽ شاعرن جي سٿ جو شاعر هئو. جن سنڌ جي آجپي لاءِ سموري عمر جاکوڙيو ۽ ڪڏهن به طمع جي طلب نه ڪئي. شاعري ۾ هو ان قبيلي جو شاعر آهي، جنهن ۾ عبدالڪريم گدائي، استاد بخاري، ابراهيم منشي، محمد خان مجيدي، سرويچ سجاولي ۽ ٻيا شاعر شامل آهن. هي سڀ اهڙا شاعر آهن، جن جي گيتن ۽ نظمن سنڌ جي قومي تحريڪ کي جلا بخشي. هنن جي نظمن سان قومي جلسن جون اسٽيجون گونجي اٿنديون هيون، سندن وڃڻ سان اهي اسٽيجون ٻسيون آهن. سائين راشد هڪ شاعر طور سنڌ جي اهم شاعرن جي قطار ۾ شامل آهي. هن هڪ پاسي قومي تحريڪ جي اسٽيجن کي سونهن بخشي ٻئي پاسي، سنڌي شاعراڻي ادب کي هڪ درجن جي لڳ ڀڳ ڪتاب ڏنا آهن. ساڳئي وقت سنڌي نثر ۾ پڻ سندس اڌ درجن کن ڪتاب موجود آهن، ان ڪري هن جو ادب ۾ به ايترو ئي حصو آهي، جيترو قومي تحريڪ ۾. ادبي تحريڪ جي حوالي ۾ مورو سندس احسامند رهندو، هن جي اوطاق سموري سنڌ جي اديبن شاعرن لاءِ هڪ گهاٽي بڙ وانگر هئي، جنهن جي ٿڌي ڇانو ۾ اتر کان ڏکڻ ايندڙ توڻي ڏکڻ کان اتر ويندڙ عالم، اديب ۽ شاعر اچي ڏينهن گاريندا هئا ۽ علم ادب ۽ شاعري جو واس وٺي، اڃ اجهائيندا هئا. هيءَ اوطاق اسان لاءِ هڪ درسگاهه جو درجو رکندڙ هئي، جتان اسان ڪيترن ئي علم حاصل ڪيو، اهو سماجي علم هجي، سياسي علم هجي يا ادب جو علم ۽ شاعريءَ جو علم هجي سچ پچ ته اڄ موري ۾ اهڙي ٻي ڪا به جڳهه نه آهي، جنهن سان هن درسگاهه جي ڀيٽ ڪري سگهجي، ها ساڻس ڪيئي سهمتيون/ اسهمتيون رهيون پر مورو اهو ڪئين وساريندو ته ان ۾ هڪ راشد مورائي به رهندو هئو، جنهن موري کي واڌو هڪ سڃاڻپ ڏني ۽ شاعراڻي آواز جو پڙاڏو ڏنو، جيڪو سڄي سنڌ ۾ گونجندو رهيو ۽ اڄ به گونجي رهيو آهي، جنهن گونج ئي کيس سنڌ ۾ باغي شاعر جو اعزاز ڏياريو. اڄ به هو باغي شاعر جي نالي سان سنڌ ۾ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو، پر هو هڪ بيحد ئي رومانوي شاعر به آهي، هو جتي نظم جو باڪمال شاعر آهي، اتي عزل جو به بي مثال شاعر آهي ٻي طرح هن سڀني شاعراڻين صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي، سندس، ڇپيل ڪتاب ۽ انهن کان وڌيڪ سندس اڻ ڇپيل ڪتاب اهڙي شاهدي ڏيندا، جيڪي ڇپجڻ جي اوسيئڙي ۾ آهن، پڪ سان جڏهن اهي ڇپجندا ته سنڌي شاعراڻي ادب جو مرتبو اڃا به وڌندو. ڪتابن جي چپجڻ جو جوڳو بندوبست نه هجڻ سبب ڪي اهم ڪتاب ڇپجڻ کان رهجي وڃن ٿا ۽ ڪيترا ئي غير اهم ڪتاب ڇپجي اها جڳهه ولارين ٿا، جتي اهي هجڻ يا نه هجڻ واري هڪ ئي حالت ۾ موجود هجن ٿا، جيڪي پڙهندڙن لاءِ سڪن ٿا ۽ سائين راشد جي شاعراڻن ڪتابن جو اهو عالم آهي ته اهي ڇپجڻ کان ستت پوءِ پڙهندڙن جي دلين ۽ اکين تائين ته پهچي وڃن ٿا پر مارڪيٽ مان غائب ٿي وڃن ٿا. اهڙو اعزاز سنڌ جي گهٽ شاعرن کي نصيب ٿيو آهي ۽ جن کي پڙهندڙ ن پاران اهڙو مرتبو عطا ڪيو ويو آهي، يقين سان سائين راشد انهن مان هڪ آهي، اڄ سندس ٻي ورسي آهي، جيڪا سموري سنڌ جي الڳ الڳ ڳوٺن ۽ شهرن ۾ ملهائي ويندي ۽ کيس ڀيٽا ڏني ويندي. کيس ڀيٽا ڏيندي، هيءَ لفظ لکندي هڪ آٿت محسوس ٿي رهيو آهي ته اسان سڀ جن ساڻس عمر جو لڳ لڳ وڏو حصو گذاريو آهي، اڄ کيس پاڻ سان گڏ محسوس ڪريون ٿا، سندس شاعريءَ توڻي طبعيت جي سڀني سختگيرين توڻي نفاستن سان گڏ ٽهڪن توڻي ڳوڙهن سان گڏ! سنڌ تو راشد جهڙا پٽ ڄڻيا. پڪ سندس شعر جي ڀيٽا تو کي به هجي. سنڌ تو کي عظمتون نيبهه هجن! ڇاڪاڻ ته تو اعليٰ عظمتن کي ڇهندڙ شاعر پٽ ڄڻيا، جن تنهنجي سينڌ ۾ پنهنجي گيتن جا ڪيئي گل سجايا آهن ۽ تنهنجي پوتيءَ جي پاند ۾ ڪيترا ئي نظم ستارن جيان سڃايا آهن، جن جي چمڪ ايستائين رهڻي آهي، جيستائين هيءُ جرڪندڙ جڳ آهي، جيستائين سنڌي ٻولي آهي ۽ جيستائين هن ديس جو هڪ به ٻچو سلامت آهي. راشد مورائي الوداع راشد ڪيون ٿا ساٿ کان مظهر خاصخيلي اڄ ۲۴هين مارچ جو ڏينهن آهي. اڄوڪي ڏينهن تي سنڌ ڌرتي کان ارڏو مزاحمتي باغي شاعر راشد مورائي جسماني طور تي وڇوڙو ڪري ويو هو. شايد ان جي لاءِ هن پنهنجن هيٺين سٽن ۾ چيو هو ته، الوداع راشد ڪيون ٿا ساٿ کان زندگي ان موڙ تي پهچي وئي. شاعري ڏات آهي پر هي ڏات به هر شاعر کي پنهنجي ڏانءَ ۽ ٿانوَ جيتري ملي ٿي. ڪٿي اڏ جيتري اوت، ڪٿي واهڙ وارا وهڪرا ته ڪٿي بنهه مهراڻ جون موجون! مطلب ته وس آهر رس ۽ هستي سارو مستي ڏسجي ٿي ۽ شاعر اهو به آهي جو پنهنجي قوم بلڪه سڄي انسان ذات جي زبان بڻجي امن جو آواز اٿاري، ظلم سان جنگ جوٽي ۽ ان جي ڪري شايد جواهر لال نهرو پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته قومن جي سڃاڻپ ۽ زندگي شڪست کائيندڙ ۽ فتح ماڻيندڙ سياستدانن جي ڪري برقرار نه رهندي آهي پر اها شاعرن ۽ فنڪارن جي ڪري زندهه رهندي آهي. ٿي سگهي ٿو ته تاريخ ۾ اهو دور اچي جو نهرو کي ڪو سڃاڻي به نه پر ٽيگور ۽ پريمچند ان دور ۾ به زندهه هوندا ۽ ان جي ڪري اسان پنهنجي سنڌ تي جڏهن نظر وجهون ٿا ته مون کي لڳي ٿو ته راشد مورائي انهن شاعرن جي لسٽ ۾ پنهنجو نالو لکرائي ويو آهي، جنهن کي سنڌ ۽ ان جا رهواسي ڪڏهن وساري يا ڀلائي نه ٿا سگهن ۽ ان جي لاءِ راشد مورائي شايد هيٺيون سٽون چئي ويو آهي، ڀاڳ وارن جا ٿين ٿا يادگار زندگي ۽ موت ٻئي شاندار راشد! شل موت ٿئي مانائتو جيئن حياتي آهه گذري پروقار. ۽ شايد ان جي ڪري آخري ڏينهن ۾ جڏهن هن کي ساهه جي تڪليف سبب نوابشاهه جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو، تڏهن هن جا جذبا بيحد اتم هئا. هن چيو پئي ته مون کي موت آيو ته منهنجو ضمير مطمئن هوندو ۽ مان مرڪندي مرڪندي مرندس ۽ ائين ئي هو خوددار شاعر جي حيثيت سان مرڪندي اسان کان موڪلائي هليو ويو، جيئن سندس مشهور غزل آهي، جيڪو سنڌ جي سمورن سريلن فنڪارن ڳايو آهي. تنهنجي محفل مان اٿي هاڻ هليا وينداسين ڀونئر آهيون وٺي سرهاڻ هليا وينداسين پاڻ وڻجارا گهڙي پل مسافر راشد رڳي ڀرجي وهي مهراڻ هليا وينداسين. راشد جو جنم مورو تعلقي جي ڀرسان سنڌوءَ جي ڪنڌيءَ تي ڳوٺ جوڻالي ۾ سنڌ جي ڪافي جي ڀلوڙ شاعر سيد سعيد علي شاهه خادم جي گهر ۾ ۵ مارچ ۱۹۴۴ع تي ٿيو. شاعري ۾ سندس استاد به سندس والد هو ۽ ان جي ڪري راشد مورائي پنهنجي شروعاتي دور کان آخر تائين حسن انقلاب ۽ مزاحمت پنهنجي تخليق جو موضوع بڻايو. هن جو نظريو آدرش ۽ مسلڪ سڀ ڪجهه سنڌ ڌرتي هئي. هن سنڌ جي حُسن ۽ ان جي خوشحالي ۽ آجپي لاءِ لکيو ۽ قدرت راشد سائين کي جتي شعر چوڻ جي ڏات سان نوزايو هو، اتي ساڳئي وقت کين هڪڙو عجب جهڙو مٺڙو ۽ گرجدار آواز ۽ مشاعري ۾ شاعري پيش ڪرڻ جو زبردست ڏانءُ پڻ ڏئي ڇڏيو هو. سندس اهڙي شاعري ۾ برابر ته ڊائريڪٽ شاعري جو نمونو هوندي هئي پر شاعراڻي ترنم، لفظن جي موسيقيت ۽ سٽ سِٽ ۾ سمايل سنگيت سبب مشاعري مان اٿندي مهل هن جون ڪيتريون ئي سِٽون ڄڻ ذهن ۾ دير تائين پڙاڏو ڪنديون رهنديون هيون ۽ ڪو وقت هو جڏهن قومي مشاعرن جي بي پناهه ڀل ڀلان هوندي هئي، تڏهن اهڙي هر مشاعري ۾ ”سرويچ سجاولي“ محمد خان مجيدي، استاد بخاري ۽ راشد مورائي هزارن جي هجوم ۾ مائيڪ تي اچي جڏهن قومي شاعري پڙهندا هئا ۽ خاص ڪري راشد مورائي جڏهن پنهنجا هي نظم پڙهندو هو ته: جهنگ جهر ۾ روشنيون اڀري پون بر پٽن ۾ زندگيون اسري پون ماڻجن جيئري ئي جڳ ۾ جنتون سنڌ جا ڳوٺ جي سڌري پون. ان وقت ماٺ ڇانئجي ويندي هئي. هي قومي نظريي سان سلهاڙيل ارڏو انسان سنڌ سان محبت جي علامت بڻيل هو. تڏهن ته پنهنجي پٽڙن جا نالا به سرمد جيڪو ڪجهه سال اڳ وڇڙي ويو. شاهه لطيف ۽ جي ايم سيد رکيائين. راشد مورائي هڪ سٺو استاد، بهترين نثر نويس، باغي ۽ قومي شاعر، هڏڏوکي انسان، سماجي اڳواڻ هجڻ سان گڏوگڏ مهمان نواز پڻ هو. سندس اوطاق تي هر وقت مهمانن جي اچ وڃ هوندي هئي. حيدر بخش جتوئيءَ جي سنڌ هاري ڪاميٽي جي دور دوران اسٽيج تي اهڙي نموني هن جابرن کي للڪاريو هو جو کيس ان وقت باغي شاعر جو لقب ڏنو ويو ۽ سائين راشد مورائي ۱۹۷۴ ڌاري موري ۾ سنڌي ادبي سنگت جو بنياد وڌو ۽ ايم آر ڊي جي تحريڪ ۽ ون يونٽ جي دور ۾ انقلابي شاعرن جو هي سرجڻهار سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري پڻ رهيو. سندس شاعري ڪيترن ئي سنڌ جي ناليوارن راڳين ڳائي آهي. جڏهن ته سندس شاعري جا ۷ ڪتاب ڇپيل آهن، جن ۾ پهريون سنڌڙيءَ جو سوداءُ ٻيو مينديءَ سندا کيت، ٽيون دل جو شهر، چوٿون شعلا شعلا واءُ ۾، پنجون ديوان راشد، ڇهون ڪافيون گيت غزل، ستون درد ۾ دلجوئي کان سواءِ جڏهن ته نثر ۾ خاڪن جو مجموعو اڳتي تان امنگ جي ڪهاڻين جو، پاڻيءَ تي پهرو خطن جو مجموعو، ’خط خوشيءَ مان کول‘ ڇپيل آهن. سائين راشد مورائي ۱۹۶۲ ۾ پرائمري استاد ٿيو، پنهنجي پوري نوڪري دوران نهايت ئي ايمانداري سان تعليم جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ جاکوڙيندو رهيو. پرائمري استادن جي تنظيم پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن سان سندس گهري وابستگي رهي، جن شخصيتن پ ٽ الف ۾ روح ڦوڪيو تن چند شخصيتن مان سائين راشد مورائي به هڪ هو. پاڻ ۲۰۰۴ ۾ گورنمينٽ مين پرائمري اسڪول موري مان رٽائرڊ ٿيا ۽ ائين سائين راشد پنهنجي پوري عمر علمي ۽ ادبي خدمت ۾ گذاري ۽ ڪيترين ئي ڪميٽين جو ميمبر رهيو. هي جتي به رهيو دل کولي قومي ڪم ڪيائين. سنڌي ماڻهن جو ويساهه بحال رکيائين. هن جيڪو به ڪم ڪيو، پنهنجي دل جي چوڻ تي ڪيو هو، ڪڏهن به ڪنهن جي ڊڪٽيشن تي نه هليو. اهڙي ريت راشد قومي تحريڪ سان سلهاڙيل رهيو ۽ ڪيترو عرصو جيئي سنڌ محاذ ۾ رهي ڪم ڪيائين. دوستن سان گڏجي ڪيترن ئي ڳوٺاڻين ڪچهرين ۾ حصو ورتائين ۽ سنڌ جي آزادي جو پرچار ڪيائين ۽ هن سنڌ جو وڏو حصو پيرن هيٺان لتاڙي، جهرجهنگ جهاڳي سنڌ جو پيغام عام ماڻهن تائين پهچايو. وقت جو انتهائي پابند ڪيترن ئي ڀلن دوستن کيس پنهنجن پروگرامن جون صدارتون ڏنيون پر وقت تي پروگرام نه ٿيڻ جي ڪري راشد اتان هليو ويندو هو ۽ اڄ جڏهن ۲۴هين مارچ جو ڏينهن آهي ته سائين راشد مورائي جون يادون تري آيون آهن ۽ سندس اهي سٽون ورجائڻ تي دل چوي ٿي ته: مون ٻڌو آ ته اڄ هو پڇڻ ٿو اچي موت ٽارو ڪرين ها ته ڇا ٿي ٿيئي. راشد مورائي سماجي تبديلي جو شاعر اظفر ميمڻ انسان پنهنجي فڪري ارتقا ۾ سماج جي حالتن کي سمجهندو رهيو آهي سندس لقاءَ ڏسندي ان جو جائزو وٺندو رهيو آهي سماجي حالتن جو اثر انسان تي تمام گهرو پيو آهي، سماجي اثر انسان جي فڪري ارتقاتي پڻ گهرو اثر ڇڏيو آهي هر دور م فطري طور غير معمولي ماڻهن جو جنم ٿيوآهي جن سماجي حالتن جو جائزو وٺندي پنهنجي فڪري اڏام جي ذريعي سماج کي بدلائڻ جي ڀرپور ڪوشس ڪئي آهي. سنڌ جي مٽي ۵ مارچ ۱۹۴۴ع ڌاري هڪ اهڙي شخصيت کي جنم ڏنو، جنهن جي شخصيت پنهنجي مزاج ۾ اهم حيثيت رکي ٿو. ان شخصيت جو ڇٽيءَ جو نالو “راشد مورائي” سجي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، راشد جنهن دور ۾ پيدا ٿيو ته ان کي ورهاڱو نصيب ٿيو سنڌ جو مڊل ڪلاس هتان لڏي وڃي چڪو هو، سندس تربيت هڪ صوفي گهراڻي ۾ ٿئي ٿي، اڳتي هلي سماجي حالتن جو اثر ۽ سياسي پختگيءَ جي ڪري ترقي پسند فڪر جي اثر هيٺ زندگيءَ جي گاڏي کي گهلي ٿو ڇوته ان سڄي دور جي اٿل پٿل جو دور چئجي ٿو ته وڌاءَ نه آهي. غير معمولي ماڻهو سماجي ۽ سياسي حالتن جو گهرو اثر وٺندا آهن، راشد تي ان دور جي حالتن جو اهڙو ته اثر ٿيو جو هو هڪ ترقي پسند ۽ سماجي سجاڳيءَ جو شاعر ٿي سامهون اڀري آيو، ۽ زندگيءَ جي آخري حصي تائين انهي عمل ۾ پيرا رهيو هن جو پڻ سماجي سجاڳي ۽ سماجي حالتن جو جائزو مقصد بنجي ويو، ساڳئي وقت هي محبِ وطن ۽ انسان دوست شاعر جي صورت سامهون آيو. راشد مورائيءَ جنهن دور ۾ سماجي حالتن جي گهيري ۾ رهيو ۽ پنهنجي شعوري ارتقا سان لکندڙ اياز به هو، جنهن جي فڪري پختگيءَ کان انڪار ڪري ئي نه ٿو سگهجي، انهي دور جا ٻيا فڪري ۽ پختا ڪردار استاد بخاري، نياز همايوني، ابراهيم منشي، امداد حسيني، عبدالڪريم ارشد، مير محمد پيرزادو، تنوير عباسي، شمشيرالحيدري ۽ ٻيا کوڙ سارا مضبوط ماڻهو رهيا، جن جي لکڻين ۾ پڻ هڪ وڏو سحر وهيو آهي، فڪري پختگي ۽ سماجي شعور جي ڳوڙهي اڀياس جي ڪري چمڪندڙ ستارا رهيا آهن، جن جي لکڻين ۾ پڻ سماجي تبديلي طرف حالتن جو جائزو ورتل آهي. اتي راشد مورائي پنهنجي فڪر جون ارتقائي منزلون طي ڪندي، هڪ الڳ جاءِ ٺاهي ٿو. راشد مڃتا جي گهوڙي تي چڙهي جيڪو سير ڪيو آهي اهو گهٽ ماڻهن کي نصيب ٿيندو آهي، راشد انهيءَ دور ۾ پنهنجي حيثيت مڃائيندي اڳتي وڌندڙ رهي ٿو. راشد هارين ۽ پورهتين تي ظلم، جاگيرداري نظام، سنڌي هندن جي لڏپلاڻ،سنڌي ٻولي تحريڪ چوٿين(۴) مارچ جو ڏهاڙو، غربت ، مفلسي، ڏاڍ، جبر ، محڪوم طبقي جي پيڙا، ون يونٽ جو قيام ايم آر ڊي تحريڪ وغيره راشد جي زندگيءَ تي گهرو اثر ڇڏيو اٿن، راشد حساس دل رکندڙ شخص انهن حالتن جو ڳوڙهو مطالعو ڪندي پنهنجي ترقي پسند فڪر سان جيڪا شاعري ڪئي ان سماج ۾ وڏي اٿل پٿل آڻي ڇڏي، ۽ انهن سڀني ظالم ڪردارن کي سڌو طرح حصو رهيا آهن. راشد مورائي جي فڪري اڏام ۾ سنڌ جي عظيم ماڻهو سائين جي ايم سيد جو به هڪ وڏو حصو رهيو آهي جنهن ساب وابستگي جي ڪري هن جي شخصيت ۾ الڳ رنگ ملي ٿو ۽ ائين تمام گهڻين شخصيتن هن جي شعوري سگهه ۾ ڪردار ادا ڪيو آهي پوءِ اهي شخصيتون زنده هجن يا انتقال ڪري ويل هجن ڇونه ڇو ته راند انتقال ڪري ويل شخصيتن جي لکڻين جي گهرو مطالعو ڪري پنهنجي سوچ ۽ سمجهه ۾ اضافو پئي ڪيو هو۽ زندگيءَ جي آخري وقت تائين اهو عم جاري رهيو. راشد پنهنجي نجي ڪچهرين ۾ پڻ اهڙي قسم جي گفتگو ڪئي آهي، راشد پنهنجي زباني ٻڌايو ته آءُ سنڌي ادب، سياست، تاريخ جو سٺو مطالعو ڪيو آهي ۽ ڪيان پيو، راشد ٻڌائيندي چيو ته آنءُ اردو ۽ روسي ادب جو پڻ چڱو مطالعو ڪيو آهي. جنهن عمل جي ڪري راشد جي زندگي فڪري پختگيءَ سان ڀرپور رهي. راشد جي زندگيءَ توڙي شاعريءَ جا اهم پاسا مضبوط آهن، جن ۾ هڪ آهي مزاحمت ۽ ٻيو آهي ترقي پسند. سندس شاعريءَ جي گهرائيءَ سان مطالعو ڪجي ٿو ته خبر پوي ٿي ته سندس شاعريءَ ۾ ٻين لاڙن رجحانن ۽ فڪرن سان گڏ گهڻي ۾ گهڻو حصو انهن ٻن پاسن جو آهي. مزاحمت صرف اهانه آهي ته ظلم سهي وڃجي يا لٺ ڏڪو کڻي ويڙهه ڪجي، بلڪه مزاحمت جو هڪ ٻيو رخ اسان صوفين ڏسيو آهي، جيڪو آهي جانوراڻي، يا وحشي جبلت خلاف مزاحمت جو انا، اهنڪار، حسد، ڪينو، لالچ ، دغا، هرس، ساڙ خلاف مزاحمت. اهو فڪر پڻ راشد کي ورثي ۾ مليو، ڇوته سنڌ جي مجموعي شعور جو مطالعو ڪرڻ کان پوءِ اسان کي اها ڳالهه واضع طريقي سان سمجهه ۾ اچي ٿو. راشد هڪ باشعور شاعر هو، جنهن جيڪو به لکيو اهو سوچي سمجهي ۽ مقصد سان ڀرپور لکيو، راشد جي شاعريءَ ۾ سچ ۽ ڪوڙ جي ابدي جنگ ملي ٿي، راشد جي شاعريءَ ۾ نظرياتي پختگي ۽ سگهاري سوچ جي عڪس نظر اچن ٿا، راشد جا نظم هن ڌرتي مان ڦٽي نڪتل گلاب جي خوشبوءَ وانگر ٽڙيل نظر اچن ٿا، سندس شاعريءَ ۾ تخليقي ارتقا سان گڏوگڏ جدوجهد جو درس ملي ٿو. راشد جي شاعريءَ جي هر سٽ وڏي معنيٰ ۽ مفهوم رکڻ سان گڏ اتساهه پڻ ڏئي ٿي. اڄ سندس ٻين ورسي آهي، کيس کي ڪجهه سٽون لکي ڀيٽا پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڦل منهنجي محنت جو، منهنجي پوئيرکي مليو ته به ٺيڪ ٿيو مون پنهنجي حياتي منجهه ڏٺو، ميوو نه سهي ڪو ٻور سهي ”راشد“ سائين راشد مورائي جڳ ۾ جيئندس ھمت حشمت سان وزير فرهاد سولنگي سائين راشد مورائيءَ جو جنم ۵ مارچ ۱۹۴۴ع ۾ ڳوٺ جوڻالي تعلقه موري ۾ سيد سعيد علي شاھ “خادم” جي گهر ۾ ٿيو. سندس والد صاحب پنهنجي دور جو سٺو شاعر هيو. اهڙي طرح راشد مورائي کي شاعري به سندس وڏڙن کان ورثي ۾ ملي. پاڻ ۱۹۶۱ع ۾ پرائمري استاد ٿيو. پنهنجي پوري سروس دوران نهايت ايمانداري سان تعليم جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ جاکوڙيندو رهيو. راشد مورائي نه صرف شاعر آهي پر خدا تعاليٰ کيس اڻ ڳڻين خوبين سان مالا مال ڪيو آهي. سندس ذهن جي پختگي جو سبب جي ايم سيد جي شخصيت آهي، جنهن کيس پنهنجي پيار ۽ شفقت جي اثر هيٺ، سندس طبيعت تي انتهائي وڏو اثر ڇڏيو آهي. جنهن ڪري پاڻ هن وقت سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جو عاشق به آهي ته محبوب به آهي. سائين راشد مورائي سٺو نقاد، مقرر، سماجي اڳواڻ، تاريخ جو ڄاڻو هئڻ سان گڏو گڏ ڀلو مهمانواز پڻ آهي. مهمانن جو آڌر ڀاءُ ڪرڻ ته ڪو هن کان سکي. سندس اوطاق تي مهمانن جو سدائين ميلو متل هوندو آهي، جنهن ۾ سڄي سنڌ مان ڪهي آيل سندس چاهيندڙن ۾ سندس مداح، فنڪار، شاعر، اديب، قلمڪار، سياسي، سماجي اڳواڻ ۽ قومي ڪارڪن هوندا آهن. جيڪي هن سان ڪچهري ڪري اتساھ وٺندا آهن. اهي سڀ سندس اوطاق تان محبتون ماڻي پنهنجي ماڳن تي روانا ٿيندا آهن. سائين راشد جو پنهنجي اوڙي پاڙي وارن سان ورتاءُ، انتهائي شفقت وارو هوندو آهي. پاڻ سندن غمين ۽ خوشين ۾ هر وقت ڀاڱي ڀائيوار هوندو آهي. سندس چوڻ هوندو آهي ته جيڪڏهن ماڻهن جي خوشين ۾ شرڪت جي سگھه نه ٿا ساري سگهو ته سندن غمين ۾ ضرور شرڪت ڪندا ڪيو. جنهن تي هو پاڻ به انتهائي ذميواريءَ سان عمل ڪندو آهي. هن سڄي سنڌ جا ڳوٺ، واهڻ، وسنديون گهمي ڏٺيون آهن ۽ هن پنهنجي ڏات جي ذريعي سڄي سنڌ ۾ محبتون ماڻيون آهن. پاڻ ڪيترن ئي ڪتابن جو خالق آهي. جنهن ۾ سندس شاعريءَ جا ست ڪتاب پڌرا ٿي چڪا آهن ۽ ان کان علاوه سندس چار ڪتاب نثر جا ڇپجي چڪا آهن ۽ اڻ ڇپيل مواد تقريبًا ڏهاڪو کن ڪتابن کان مٿي آهي. سائين راشد مورائي پنهنجي اندر ۾ هڪ اداري جي حيثيت رکي ٿو. هي اسٽيج جو بادشاھ شاعر آهي. سندس انقلابي شاعري ۽ رومانوي شاعريءَ کي سڄي سنڌ ۾ تمام گهڻي محبت ۽ مقبوليت ملي آهي. سنڌ جا ماڻهو سندس قلمي پورهئي کي قدر جي نگاھ سان ڏسن ٿا. هڪ ڀيري کانئس نجي ڪچهريءَ دوران پڇيم؛ ”سائين اوهان کي سنڌي ماڻهن کان ڪا شڪايت آهي؟“ پاڻ موٽ ۾ چيائين؛ ”سنڌي قوم منهنجي محبوب آهي ۽ مون کي پنهنجي محبوب کان ڪا به شڪايت نه آهي. سنڌي ماڻهن مون کي تمام گهڻي عزت ۽ محبت ڏني آهي. جنهن کي مان قدر جي نگاھ سان ڏسان ٿو.“ سائين راشد مورائي، سڄي عمر تعليم ۽ سنڌي ادب جي واڌاري ۽ ترقي لاءِ پنهنجون خدمتون ڏئي پنهنجي قوم سان ڀرپور پيار جو اظهار ڪيو آهي ۽ پنهنجي صحت جي ضعيفي حالت هوندي به پاڻ هن وقت تائين سنڌ جي مختلف علمي، ادبي، سياسي، سماجي تقريبن ۾ وڃي سنڌي قوم جي ڏکن سکن ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيندو آهي. سائين راشد مورائي پنهنجي سڄي عمر خود داريءَ سان گذاري آهي. هي ڪڏهن به ڪنهن آمر وٽ ناهي جهڪيو. هن سدائين سنڌ جي آزادي ۽ خوشحاليءَ جا گيت پنهنجي قوم کي ارپيا آهن. دعا آھي ته رب پاڪ کيس سالم صحت سان گڏ وڏي ڄمار عطا فرمائي ته جيئن سنڌي قوم کي اڃا به پنهنجا گيت ارپيندو رهي. راشد مورائي سنڌ جو يگانو شاعر خليل عارف سومرو محبت بخشو ماڻهپو، اُنس ڪيو انسان، هيس اڳي حيوان، عشق بڻايو آدمي. مان پنهنجي مٺڙي ماتا جي ڪهڙي ڳالهه ڪيان. جهڙي آ سونهاري سُهڻي، تهڙا آهن هن جا ماڻهو مٺا ۽ ملوڪ. اصل مکڻ جا چاڻا ۽ موتين جا داڻا. دل جهڙي اهڙي ديس کي هن وقت امن، ايڪي، الفت ۽ اتحاد جي ضرورت آهي هينئر وقت جي تقاضا آهي ته سجاڳ ٿيجي ۽ وطن لاءِ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪجي مورو تعلقي جي جوڻالي ڳوٺ ۾ جنم وٺندڙ سائين راشد مورائي جنهن جون جوتون هاڻي ساري جڳ ۾ ڦهلجي ويون آهن ان ارڏي ۽ انقلابي مرد مجاهد سائين راشد کي سلام طور ٻه اکر ڀيٽا طور پيش ڪيان ٿو، شال قبول پون. سچ چوندا آهن مورو ناهي ٿورو اهو ئي مورو ۽ اتي ڳڻن ۾ سڀني کان ڳورو سائين راشد مورائي سنڌ جو سچو عاشق صحيح معنيٰ ۾ سنڌ جو سورمو آهي. سنڌ جو هي سيد ڀٽ ڌڻي وانگي سنڌ جي سڪار ۽ عالم جي آبادي لاءِ دم دم دعاڳو آهي، سائين راشد مورائي سنڌ جي عظيم روايتن کي نه رڳو قائم رکڻ لاءِ جاکوڙي رهيو آهي بلڪه روشن ضميري جي روشني جهڙين انهن روايتن کي جنم به ڏئي رهيو آهي. عطا محمد ڀنڀري سنڌ امڙي جي ٿڃ ملهائيندي ايوارڊ ٺڪرايو موٽ ۾ مٽي کيس مان ڏنو. مريم مجيدي ايوارڊ قبول نه ڪيو قوم کيس سلام پيش ڪيو سائين راشد مورائي ۰۶ آڪٽوبر تي پنهنجي رٿيل رهاڻ ملتوي ڪرائي اهڙي عمل سان ديس واسي سرها به ٿيا سُرها به ٿيا. سائين راشد مورائي سان ۰۶ آڪٽوبر تي ساڃاهه وند سوسائٽي مورو طرفان رهاڻ هئي جنهن جو ڪارڊ سڄي سنڌ وانگر مون تائين به پهچي چُڪو هيو پر سائين پنهنجي جاءِ تي هڪ اهم گڏجاڻي ڪوٺائي اهو چيو ته (سنڌ هينئر تمام ڏکئي وقت مان گذري پئي کيس ٻٽي نظام جي صورت ۾ ٻن حصن ۾ ورهائڻ جي ناپاڪ ڪوشش ڪئي پئي وڃي قوم احتجاج ڪندي روڊن تي نڪري آئي آهي ڌرتي جا ڳڀرو شهيد ٿي رهيا آهن سنڌ جي هن سڏڪندڙ صورتحال ۾ مان پنهنجي رهاڻ نه ٿو ڪرائي سگهان منهنجو ضمير ئي گوارا نه ٿو ڪري ته جيجل جنجل ۾ هجي ۽ مان گلن جا هار پائي اجرڪ اوڍي خوشيون ملهايان.) مون سان اها ڳالهه سائين منظور علي شاهه منظور جڏهن فون تي ڪئي ته منهنجي دل ۾ سائين راشد لاءِ احترام ۽ عزت اڳي کان به اڃان گهڻو وڌي ويو ڇاڪاڻ ته سائين راشد مورائي هن وقت جنهن پير سنيء جي موڙ تي آهي يا سندس بيماري جنهن اسٽيج تي آهي جتي دنيا جو ٻيو ڪوبه ماڻهو هجي ته اهو سوچيندو ته گهڙي پل جو مهمان آهيان جيترو گهڻو کائي سگهان کاوان. ڏسي سگهان ڏسان، گهمي سگهان گهمان مطلب ته وڌ ۾ وڌ خوشي ۽ مزو ماڻيان پر سائين ان جي ابتڙ پنهنجي رهاڻ ٺڪرائي نه رڳو سنڌ پرستي جو ثبوت ڏنو پر پنهنجي ويڙهيچن سان وفا جو وچن ورجائي ڏيکاريو، سائين راشد توکي سلام آهي. ساهه برابر سنڌڙي آهي سنڌڙي راشد جندڙي آهي. سنڌ کي ساهه کان وڌيڪ مٺو ڀائيندڙ سائين راشد پنهنجي ڌرتي سان Committed آهي ماتا تو کان منهڙو موڙي ڪيئن خوش رهندس آءُ سنڌڙي مان ته سڃاپان ئي ٿو تنهنجي نسبت سان اڄوڪي هن دور جي اڳ ڪٿي گهڻو اڳ ۾ ئي ڪئي هئائين هي دور آ بد اخلاقي جو هي دور ڪميڻو دور آهي سنڌڙي جي سيني تي سائين پيا ٿا سَپ سُرن الاڙي هي شل چپ چُرن اسان سنڌي تصوف ۾ يقين رکون ٿا اسان جون سوچون به صوفياڻيون آهن امن پسند ۽ محبت جا متوالا به آهيون پر جڏهن ڌارين، ظالمن، غاصبن جا ڏاڍ ڳچي ۾ پئجي وڃن ته وڙهڻ لاءِ پنهنجا جيڪي لوڪ هٿيار آهن تن جو اظهار به ڏسو. نظر سنڌ ڏي جيڪي بدڪن انهن جي اکين جي ڪڍڻ لاءِ اُماڙي ته آهي نه بندوق ڀالا نه ڪي بم نه گولا وڙهڻ لاءِ راشد ڪهاڙي ته آهي منزل ٿيندي ويجهڙي ، جيئن جيئن پنڌ ڪبو، ڪاميابي حاصل ڪري، اوچو ڪنڌ ڪبو، هڻي هنڌ ڪبو، سج اُڀاري سچ جو. الا سنڌ جيئي، جيئي نظارو نور، اڪن جهليون ڦلڙيون، ٻيرن جهليو ٻُور، چشم بد دور، سدا رهي سنڌ کان. هيئنر ته ڄڻ سڄي دنيا جون بد نظرون سنڌ ۾ کپي ويون آهن ۽ ڏائڻ ماڻهو پنهنجون وحشي نگاهون سنڌ مان ڪڍن ئي ڪون ٿا. ڪجهه ڏينهن اڳ سائين راشد سان ڪچهري ۾ ويٺو هيس ڳالهين ئي ڳالهين ۾ کائنس محبت ۽ سيڪس جي فلسفي بابت پڇيم ته سيد بادشاهه جلالي ۾ اچي ويو چئي ماڻهو پيا ٿا مرن، سنڌ اچي وئي آ سورن ۾ توکي پئي آ محبت ۽ سيڪس جي چڏيو انهي بحث کي جتي هُجو جتي ويهو مائٽن سان، دوستن سان جيڪا ڪچهري ڪيو اها سنڌ بابت هجي سنڌ جي حالتن تي هجي ۽ سنڌ جي سجاڳي لاءِ هجي محبت کانسواءِ جي ويندوء سنڌ کانسواءِ جي نه سگهندوء سندس دڙڪن ۾ به ناصحانه نُڪتا هيا جيڪي مون هيانءُ سان هنڍائي ڇڏيا سندس شعر دل تي تري آيو ته. نئين نسل جي راشد سائين سرت سنواري وينداسين سائين ته شاعري لاءِ به هيئن چوندو آ ته: گل ۽ بُلبُل جي قصي تي پاڻ ڇو جهُومي اُٿون دانهن جي ڌرتي جي هوندي شعر تي وهوا ڪبي جسم ٿو ولوڙجي، ته ذهن ٿو نچوڙجي، اچو نئون سماج ڪو، نئون جهان جوڙجي سائين راشد مورائي جي شاعري سماجي نا انصافين خلاف جنگ جو اعلان آهي، اچو گڏجي دوستو، ڦيرو ڪو آڻيون، عقل علم عمل کي، هڪٻئي سان واڻيون، ريتون پراڻيون، مٽايون هن ماڳ تان جوکي ۾ وڌم جيء، ڪيم جنگ اُمن لاءِ انياءُ سان اٽڪين ته مونکي ياد ڪندو ڪر سڄي سنڌ کي خبر آهي ته سائين راشد مورائي گهڻي وقت کان مسلسل بيمار رهي ٿو منهنجو جڏهن به موري وڃڻ ٿيندو آهي ته سائين جي مزاج پُرسي لاءِ سندن اوتاري تي پيرين پوڻ ضرور ويندو آهيان ۽ ڏسندو آهيان ته هُو لکڻ يا پڙهڻ ۾ مصروف هوندو آهي بيماري جي ان حالت ۾ به سائين وٽ جيتري ڳڻتي مون سنڌ لاءِ ڏٺي آهي اوتري پنهنجي صحت لاءِ به ڪونه اٿس. هو ته ههڙي حال ۾ به لکي ٿو ۽ بجل جي لوڊ شيڊنگ جي پرواهه به نه ٿو ڪري چئي ٿو : بجلي وارن جي مرضي آ گهٽ لکجي ڏيئا جلندو رهه ڳچ تائين لکڻو آ ڇڏ ته ڪوئي نئون نظم ٺاهي وٺان قرض ڌرتي ماءُ جو لاهي وٺان مس کُٽي وئي آ، لکيم ريٽي رت سان باک ڦٽي وئي آ تازي هن صورتحال ۾ به جڏهن سڄي سنڌ سراپا احتجاج آهي تڏهن به سائين راشد قلم سان ۽ پنهنجي عمل سان ميدان تي لٿل آهي وڏي واڪي للڪاريندو رهي ٿو. پنهنجن تي ڪڏهن وار ڪيون ٿئون نه ڪبو بيواجبي تڪرار ڪيو ٿئون نه ڪبو سنڌ جي ڄڻين سان ڪو ليکو نه اٿئون پر بخش ڪو غدار ڪيو ٿئو ن نه ڪبو ڇاڪاڻ ته سندس هي ويچار به آهن ته: تنهنجو منهنجو ٺاهه، شايد ڪڏهن ڪين ٿئي مونکي مٺڙي سنڌڙي، توکي مٺو ساهه، ٿيندو ڪيئن نڀاهه، ڪانئر ۽ ڪنڌار جو سائين راشد مورائي لاءِ محبت ۽ عقيدت جو سمنڊ دل ۾ ڇوليون هڻي رهيو آهي ۽ روح جو آواز هي لکڻ تي مجبور ڪري ٿو ته: راشد مورائي، اهڙا ماڻهو سنڌ ۾ هوندا ٿورائي. راشد مورائي جون کريون ڳالهيون مذهبي انتهاپسندي سنڌ جي دل تائين پهچي وئي آهي! انٽرويو: الهه بخش راٺوڙ سوال: ماضيءَ جي جوش ۽ جذبي واري سياسي ۽ ادبي ماحول جي ڀيٽ ۾ هينئر جيڪا صورتحال آهي، ڇا ان ۾ ساڳيو اتساهه ملي ٿو؟ جواب: ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻو فرق آيو آهي، ان دور ۾ جيڪي اتساهيندڙ ڪردار هئا، انهن ۾ محمد خان مجيدي، ابراهيم منشي، ڊاڪٽر تنوير عباسي، شيخ اياز، شمشير الحيدري ۽ استاد بخاري قومي شاعري ڪندا هئا. هينئر اهي اتساهيندڙ ڪردار هن دنيا ۾ نه رهيا آهن، جنهن ڪري ماضيءَ جهڙي شاعري به نه ٿي ٿئي. ٻي ڳالهه ته ڪجهه سرڪاري اديبن قومي شاعريءَ کي نعري بازيءَ جو نالو ڏنو ۽ مخالفت ڪئي. انهن جو موقف هو ته اهو ادب نه آهي، پر نعريبازي آهي. ان جي نتيجي ۾ جيڪي قومي شاعري ڪندا هئا، انهن مان به ڪيترائي مايوس ٿي اها شاعري ڇڏي ويا. منهنجو چوڻ اهو آهي ته جيستائين سنڌ جا مسئلا موجود آهن، تيستائين اها شاعري ڪرڻي آهي، ان کي پوءِ سرڪاري اديب ڪهڙو نالو ڏين ٿا، ان سان ڪو به فرق نه ٿو پوي. جيڪي قومي شاعر يا اديب ان تان هٿ کڻي وڃن ته ان کي ڀاڙيائپ يا بزدلي چئي سگهجي ٿو ۽ اها ڪنهن به صورت ۾ ادبي ديانتداري نه آهي. سوال: اهي ڀاڙيا يا بزدل ڪهڙا سرڪاري اديب هئا، ڪجهه نالا کڻندؤ؟ جواب: انهن جا نالا نه کڻبا، ڇاڪاڻ ته انهن جي وڏي لانڍ آهي، مان توهان کي هڪڙو مثال ڏيان ته ماضي ۾ پ ٽ الف جي هڪڙي هڙتال هئي، سيوهڻ ۾ هڪڙو ڏنڊي وارو مولائي استاد هوندو هو، اهو ڏنڊو لهرائيندي چوندو هو جيڪو به هڙتال ختم ڪندو ان کي منهنجو ڏنڊو سجهي ٿو. ان دوران ويهن استادن جي نمائندن گورنر سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ هڙتال ختم ڪئي وئي. پوءِ مولائيءَ کي چيو ويو ته مولائي هڙتال ته ختم ٿي وئي ۽ تنهنجي ڏنڊي کان ڪو به نه ڊنو، ان تي مولائي چوڻ لڳو ڀائو ڏنڊو هڪڙو، ماڻهو ۲۰ آهن، ڪنهن ڪنهن کي ڊيڄاريان. اڄ به بااخلاق ۽ باڪردار اديب تمام گهٽ آهن، بد ڪردار تمام گهڻا آهن، جيڪي ٻوليءَ جا دشمن آهن ۽ اهي ٻوليءَ کي بگاڙي رهيا آهن. اهي رڳو سرڪار جي تعريف ۾ پورا آهن ۽ عوام جي مسئلن کان وانجهيل آهن. اهي اهڙو تاثر ڏين ٿا ڄڻ عوام جا مسئلا هاڻ رهيا ئي ڪو نه آهن ۽ سنڌ جو ماڻهو آزادي ۽ مزي سان زندگيءَ جا مزا ماڻي رهيو آهي، اهڙا ڪردار جتي ڪٿي اوهان ڏسي سگهو ٿا. سوال: مارشل لا جي دور ۾ اديبن ۽ شاعرن ۾ تمام گهڻو جوش ۽ جذبو هوندو هو ۽ شاعر عوام کي متحرڪ ڪرڻ لاءِ انقلابي شاعري ڪندا هئا، هينئر اهڙو ماحول به نه آهي ۽ ڪجهه لبرل ماحول آهي. ان صورتحال ۾ توهان ڪهڙي اميد ڪيو ٿا؟ جواب: لبرل ماحول ۾ ته وڌيڪ آزاديءَ سان لکڻ گهرجي، پوءِ اديب ۽ شاعر ڇو نه ٿا لکن، اصل ۾ هو ذهني طور ڀاڙيا آهن، مثال طور جيڪڏهن ڪنهن ننڍڙي اديب کي سرڪار وڏي ڪرسي ڏئي ڇڏي، ته اهڙو ليکڪ ڇو لکندو، اهڙا اديب ڀلا حڪومت جي ڪردار تي تنقيد ڇو ڪندا؟ جڏهن مارشل لا هئي تڏهن به سهڻي، روح رهاڻ ۽ مهراڻ رسالا شايع ٿيندا هئا، اهي رسالا جيڪي ماڻهو ڪڍندا هئا اهي سمورا ختم ٿي ويا. ان ڪري سنڌي ادب ۾ خال پيدا ٿيو آهي. سوال: ماضيءَ ۾ سرڪار کان ايوارڊ وٺڻ کي عيب سمجهيو ويندو هو ۽ هاڻ به سائين عطا محمد ڀنڀري پ پ حڪومت کان ايوارڊ وٺڻ کان انڪار ڪيو آهي، توهان ان عمل کي ڪيئن ٿا ڏسو؟ جواب: مون سائين عطا محمد ڀنڀري کي فون ڪري ايوارڊ نه وٺڻ تي مبارڪ باد ڏني ۽ کيس چيو ته توهان وڏو ڪم ڪيو آهي، ان موٽ ۾ چيو ته سنڌي سمورا قوم پرست آهن، مون هڪ وڏو نالو کڻي چيو ته اهو به قوم پرست آهي؟ چوڻ لڳو ها آهي. ان تي مون وڏا ٽهڪ ڏنا ته چوڻ لڳو پوءِ توهان چنيسر جو ڪو نه پڙهيو آهي، آخر ۾ اهو به وڙهيو هو. اسان سائين کي جس چيو ته اهو هڪ سٺو قدم هو. اهي ڪردار معاشري ۽ سنڌي سماج لاءِ اتساهيندڙ آهن. اهڙن قدمن سان نوجوانن کي اتساهه ملندو. جيڪڏهن اسان ايوارڊن تي خوش ٿي ويهي رهياسين ته نوجوانن کي ڪو به اتساهه نه ملندو. سوال: توهان اهو ٻڌايو ته سرڪار کان ايوارڊ وٺڻ گهرجن يا نه؟ جواب: وقت وقت جي ڳالهه آهي، جيڪڏهن مون کي اهو ايوارڊ ملي ها ته مان اهو چوان ها ته پهريان ڪامريڊ غلام رسول سهتي جا مطالبا پورا ڪريو، ان کان پوءِ ايوارڊ وٺندس. سائين عطا محمد ڀنڀري به ان ڪري ئي چيو ته سنڌ ڏکن ۾ آهي، پهريان ان جا ڏک، سور ختم ڪيو ان کان پوءِ ايوارڊ وٺندس. سائين عطا محمد ڀنڀرو پهريان اهڙي نوعيت جو ايوارڊ وٺي چڪو آهي، ايوارڊ وٺڻ وقت اهو ڏسڻ گهرجي ته اهو ڪنهن جي هٿان ملي ٿو. ماضي ۾ مون سان شام ملهائي وئي ۽ پڇيو ويو ته توهان ڪنهن جي هٿان ايوارڊ وٺندؤ. پوءِ مون جنهن جو نالو تجويز ڪيو ان جي هٿان ايوارڊ ڏنو ويو. انهي ڪري ڏسڻو اهو هوندو آهي ته وقت ڪهڙو آهي ۽ مسئلا ڪهڙا آهن. ان کان پوءِ اهو فيصلو ڪبو ته اهڙو ايوارڊ وٺجي يا نه. منهنجي خيال ۾ ايوارڊ وٺڻ گهرجن، اسان هن ملڪ ۾ رهون ٿا، اسان جو حصو هر ڳالهه ۾ آهي. انهيءَ ڪري اسان کي به پنهنجو حصو ملڻ گهرجي. سوال: سائين کي اهو ايوارڊ وٺڻ گهربو هو يا نه ؟ جواب: سائين ماضيءَ ۾ جيئن مون چيو ته ايوارڊ وٺي چڪو آهي، هن ايوارڊ نه ورتو، ان تي مان کيس سلام پيش ڪيان ٿو، هيءَ به هڪڙي بهادري آهي، سائينءَ به سٺو قدم کنيو آهي، جيڪڏهن سائين ايوارڊ وٺي ها تڏهن به اسان ان جي مذمت نه ڪيون ها، جمهوري حڪومت آهي ۽ اسان جا به ان تي حق آهن، سائينءَ جيڪا ادب ۽ تاريخ جي خدمت ڪئي آهي، ان جي عيوض ايوارڊ ان جو حق هو. سوال: توهان جنهن ماحول ۾ شاعري ڪئي اهو ڏاڍو گرم هو ۽ توهان جهر جهنگ وڃي ماڻهن کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پنهنجي شاعريءَ جي ذريعي جاڳرتا پيدا ڪئي، ڇا اهڙو ماحول ٻيهر جنم وٺي سگهي ٿو؟ جواب: جيترو اسان تي ڏکيو وقت هو اوترا اسان جا جذبا جوان هئا، هينئر ٿورو گهڻو جمهوري دور آهي، جنهن جي ڪري به اديب آرام ۾ آهن، ڪن کي ته وري سرڪاري نوڪريون مليون آهن، ان ڪري هو آواز اٿارڻ لاءِ تيار نه آهن. جيڪڏهن ڏکيو وقت آيو ته پوءِ ظلم جي خلاف سڀئي اٿي پوندا. سوال: توهان جيڪا شاعري ڪيو ٿا، ان ۾ اتساهه جو ذريعو ڪهڙو آهي؟ جواب: مون ٻڌايو ته ماضيءَ ۾ اسان جا قومي شاعر اتساهه جو وڏو ذريعو هئا، جيڪي هاڻ نه رهيا آهن، مان شروع ۾ شيخ اياز، تنوير عباسيءَ، استاد بخاريءَ ۽ ٻين شاعرن جون سٽون پنهنجي ڊائري ۾ لکندو هئس ۽ مون کي اڄ به انهن جا ايترا گهڻا شعر ياد آهن جيترا پنهنجا به ناهن. اتساهه ڏياريندڙ ماڻهو اسان کان وڇڙي ويا آهن، هينئر منهنجو عقيدو ايترو پختو ٿي ويو آهي، جو جيڪڏهن سڄي سنڌ ۾ سڃ ٿي وڃي، پوءِ به منهنجو عشق قائم هوندو. ان ۾ ڪا به ڦير ڦار نه ايندي. سوال: ڇا شاعرن لاءِ به نظريا ضروري آهن؟ جواب: نظريو، شاعرن سميت سمورن ماڻهن لاءِ ضروري آهي، ڪنهن نظرياتي پارٽي ۾ شاعر ڀلي ڪم نه ڪري، پر پنهنجي ڌرتي ۽ عوام سان ڪميٽيڊ رهڻ ضروري آهي، حيوان واري زندگي گذارڻي ڪانهي، عوام جي مسئلن کي سمجهڻو آهي ۽ اهي شاعريءَ ۾ بيان ڪرڻا آهن. عوام کي سمجهائڻو آهي، عوام جي سجاڳيءَ ۽ ڀلائيءَ وارن معاملن کان ڪن لاٽار ڪرڻي نه آهي. جيڪو عوام سان ويساهه گهاتي ڪري ٿو، اهو غدار آهي. سوال: سنڌ جي موجوده صورتحال کي توهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جواب: اسان کي ڀٽائي دلاسو ڏنو ته : هيٺان به ان، مٿان به ان، گري ڪانو پن، وچان ويندا نڪري. هي اهڙا آسرا آهن، جنهن جي سهاري تي جيئون ٿا پيا، ته من ڪا مستقبل ۾ ڀلائي ٿئي ۽ اها اسان کي نصيب ٿئي، مجموعي طور تي اسين آرام ڪرڻ واري قوم آهيون، امن پسند آهيون ۽ جهيڙي مان ڄاڻون ڪو نه، موهين جي دڙي مان سڀ ته شيون مليون، پر ويڙهه ڪو اوزار نه نڪتو، مطلب ته ماضي بعيد کان وٺي هينئر تائين وڙهي نه سگهيا آهيون. سڪندر اعظم جڏهن سيوهڻ آيو ۽ اتان جي قلعي ۾ ويڙهه ٿي، تيستائين سنڌين تلوار نه ڏٺي هئي، سڪندر جا فوجي قلعي مان ٽپي اندر آيا، سنڌي انهن کي ٻک پيا هڻن ته سڪندر جي سپاهين تلوار لهرائي ۽ کين مارڻ شروع ڪيو. پوءِ کين خبر پئي ته هي تلوار ته خطرناڪ آهي. انگريزن سنڌ جي تاريخ ۾ لکيو آهي ته سنڌين انهن تي گهوٻاٽن سان حملا ڪيا. سنڌ جي زرخيزي ۽ امن پسنديءَ جي ڪري ماضيءَ کان سنڌ تي ڪٽڪ ڪاهيندا آيا، سنڌ کي لتاڙيندا ڦريندا رهيا ۽ اسان هميشه لٽبا رهيا آهيون. هينئر سنڌ ۾ سجاڳي ڪافي گهڻي آهي، ماضيءَ ۾ لاڙ ۾ جنگ ٿيندي هئي ته اتر وارن کي ڪا خبر به نه هوندي هئي، اتر ۾ ڌاريجا رهن ٿا، ان جي لاڙ وارن کي خبر ئي ڪا نه هئي، هينئر سموري سنڌ جو ساڳيو مسئلو آهي، توهان کي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪهاڙيءَ وارو جهنڊو ملندو. نظريو جتي ڪٿي پکڙيل آهي، جڏهن ته امن پسندي اسان جي خون ۾ شامل آهي، ويڙهه جي عمل ۾ گهڻا باشعور نه ٿيا آهيون ۽ نه ئي وري وڙهڻ جي ٽريننگ آهي، پر نظرياتي طور تي پختگي ايندي ٿي رهي ۽ ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ گهڻا اڳڀرا آهيون. سوال: توهان وٽ ويڙهه جو تصور ڪهڙو آهي ڇا هٿيار کڻي وڙهجي؟ جواب: نه نه! ضروري نه آهي ته هٿيار سان وڙهجي، ڪجهه هٿيارن سان به وڙهڻو پوندو، ڪلاسيڪي شاعر دادن فقير جون ٻه سٽون آهن ته: نه اوڀارو نه لهوارو، لڙي چؤطرف چوڌارو. ان ڪري وڙهڻو چئني ڪنڊن تي آهي، ان ۾ قلم جي جنگ به شامل آهي، هٿيار جي ويڙهه به شامل آهي ۽ زبان جي جنگ به اچي وڃي ٿي، مطلب ته هوشيار قوم ۽ ماڻهوءَ کي هر وقت نظرياتي طور تيار رهڻو آهي. پوءِ هو ڪٿي قلم استعمال ڪندو، ڪٿي زبان استعمال ڪندو ته ڪٿي ڪٿي هٿ به استعمال ڪرڻا پوندا. رسول ڪريم صلي الله عليه واله وسلم، رحمت اللعالمين هئا، پر احد جي جنگ ۾ ويڙهه دوران هڪ ڪافر ماري وڌائون، جيڪڏهن ائين نه ڪري ها ته اهو کين نقصان پهچائي ها، اهو اسلام لاءِ وڏو خطرو ٿي وڃي ها، تنهن ڪري رحمت اللعالمين به هڪڙي ماڻهوءَ کي ماري وڌو. ان ڪري جيڪڏهن اسان جي سر تي اچي وئي ته پوءِ هٿ به استعمال ڪرڻو پوندو. ڇو ته قلم ۽ زبان جي جنگ وقت تي وڙهڻي آهي. قلم ته تلوار کان به تکو آهي، ان جو زوردار طريقي سان استعمال ٿيڻ گهرجي. قلم کي ته ڪجهه ماڻهو سمجهي سگهن ٿا، پر زبان کي هر ٻهراڙيءَ جو ماڻهو سمجهي سگهي ٿو. سوال: توهان ڪيترين ئي نسلن جا شاهد آهيو ۽ هڪڙي جنريشن کي توهان ذهني طور تيار ڪري ميدان ۾ لاٿو، ان جي باري ۾ توهان جو ڇا خيال آهي؟ جواب: سئو سيڪڙو ته اسان جو ڪو به نسل صحيح نه رهيو آهي، پر اڪثريت چڱي پاسي آهي، اسان نئين نسل مان نااميد نه آهيون، اهو چئون ته جن کي پڙهايوسين اهي سئو سيڪڙو صحيح آهن، سا ڳالهه صحيح نه ٿيندي. هڪڙا وڃي روزگار سان لڳا ۽ کين سڻڀي نوڪري ملي وئي ته اتي خوش ٿيا، انهن کان نظريا وغيره سڀ وسري ويا، اهڙا ماڻهو هينئر به موجود آهن. ٻيا اهي جن سٺين نوڪرين کي لت هنئي ۽ اهي فيلڊ ۾ ڪارڪن ٿي ڪم ڪري رهيا آهن، اهڙا ماڻهو به اسان وٽ آهن. نااميديءَ جي ڪا ڳالهه نه آهي. سنڌ جي ڌرتي زرخيز آهي ۽ اها اسان کي بک مرڻ ڪا نه ڏيندي، اسان جو نئون نسل نوان نوان ٻوٽا پوکيندو ۽ ان مان نوان سلا پيدا ٿيندا. اسان پراميد آهيون. سوال: توهان شروع کان وٺي فيلڊ ۾ هئا ۽ توهان کي خبر آهي ته هر جاءِ تي سياست حاوي هوندي هئي، پوءِ اها شاعري هجي، ادب يا وري زندگيءَ جو ڪو ٻيو شعبو، توهان پنهنجي شاعريءَ ۾ سنڌ جي ڏکن سورن کي وڌيڪ بيان ڪندا هئا، ڇا توهان سمجهو ٿا ته توهان ماضيءَ ۾ جيڪو ڪجهه ڪيو اهو صحيح هو؟ جواب: مان پنهنجي زندگيءَ مان تمام گهڻو مطمئن آهيان، جيڪڏهن منهنجو سمورو پورهيو قوم جي اڳيان اچي ته سنڌ ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻهو هوندا، جن مون جيترو پورهيو ڪيو هوندو. هارين سان گڏ لابارا ڪرڻ، اسٽڊي سرڪل هلائڻ، ماڻهن جي ذهني تربيت ڪرڻ ۽ ٻيا گهڻا ڪم ڪيا تنهن تي مان گهڻو خوش آهيان. مان هينئر به پنهنجي ڳالهه تي قائم آهيان. سائين جي ايم سيد جي شخصيت ئي اهڙي هئي جنهن کان اديب اتساهه حاصل ڪندا هئا، زندگيءَ کان مايوس اديب رات سائين وٽ رهندا هئا ۽ ڪچهري ڪري اتساهه حاصل ڪندا هئا، اهي وري اچي ان اتساهه کي اسان ۾ ورهائيندا هئا. هينئر سائينءَ جي شخصيت به نه آهي جنهن کان اتساهه حاصل ڪجي. هاڻي چڱائيءَ جي چونڊ ڪرڻي پوندي، ۽ جتان ملي اها وٺڻي پوندي. ائين ڪري گهڻي چڱائي گڏ ڪري وٺنداسين. سوال: توهان ماضيءَ ۾ انقلابي ۽ رومانوي شاعري ڪندا هئا، پر هاڻ عمر سان گڏ ڪٿي رومانوي رنگ ته توهان جي شاعريءَ تي حاوي نه ٿيو آهي؟ جواب: نه ائين نه آهي، سڄڻ ۽ ساڻيهه ڪنهن اڻاسيءَ وسري. اهي منهنجي شاعريءَ جا محرڪ آهن. اهي جيئن ئي شروع کان وٺي منهنجي شاعريءَ ۾ هئا هينئر به آهن، پيريءَ ۾ ذاتي عشق گهٽجڻ گهرجي، ماروي جڏهن پنهنجي وطن ۾ هئي ته ان جي ذهن ۾ رڳو کيت جو تصور هو ۽ اهو ئي هن جو محبوب هو. جڏهن عمر جي جيل ۾ پئي ته ان جو عشق وسيع ٿي ويو، هن جي سمورن ماروئن ۽ ٿر جي ڀِٽن، ڇيلن، ٻڪرين مطلب ته هر شئي سان محبت ٿي وئي. تيئن، جيئن عمر گذري ٿي عشق مجازيءَ کان حقيقيءَ ڏي وڌي ٿو. سوال: سنڌ جو جيڪو لبرل ۽ صوفي ازم وارو رنگ هو، توهان سمجهو ٿا ته مذهبي انتهاپسنديءَ ان کي به متاثر ڪيو آهي. جواب: ها بلڪل! مذهبي انتهاپسندي اسان جي ڳوٺن تائين پهچي وئي آهي، جيڪڏهن ائين چئجي ته اها سنڌ جي دل تائين پهتل آهي ته غلط نه هوندو. مذهبي انتهاپسند ان ڪري وڌيا آهن ڇاڪاڻ ته اسان جي ترقي پسند تحريڪ ماٺي ٿي وئي ۽ ان گوڏا کوڙي ڇڏيا. سوال: ماضيءَ جي ترقي پسندن جي پاسيري ٿيڻ جا سنڌ جي معاشري تي ڪهڙا ناڪاري اثر پيا آهن؟ جواب: اسان جي ڪامريڊن ۽ ترقي پسندن کي روس جي ٽٽڻ سان گڏ ڀڄڻ نه گهربو هو ۽ کين پنهنجي موقف تي قائم رهڻ گهرجي ها، اهي انتهاپسنديءَ اڳيان بند ٻڌي بيٺا هئا، جيڪو ٽٽي پيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو هاڻ مذهبي انتهاپسند اسان کي جتي ڪٿي ملن ٿا ۽ ان سان سنڌ جي لبرل سوچ به متاثر ٿي رهي آهي. ان ڪري ضروري آهي ته ان سوچ کي ٻيهر اڀارجي ان وقت جڏهن اسان پرڀرا بيٺا هئاسين ته ڪامريڊ يا ڪميونسٽ اڳتي هئا ۽ جڏهن اسان انهن سان ويجهڙائپ ڪئي ۽ ان موقف کي پنهنجو ڪيو ته هو ڀڄي ويا. جنهن ڪري سنڌ کي گهڻو نقصان پهتو آهي، پر اڄ هر سنڌي ماڻهوءَ جي اک ۾ مون کي سنڌ جو نقشو نظر اچي رهيو آهي. راشد مورائي قومي شاعر جي اڄ پنجين ورسي آهي وزير فرهاد سولنگي جڏهن مان ڳوٺ مياڻيءَ کان لڏي اچي موري ۾ رهائش اختيار ڪئي تڏهن منهنجي ڳوٺ جا سنگتي ساٿي، گهر گهٽيون ۽ ڳوٺ جا منظر ڏاڍو ياد اچڻ لڳا. ۽ منهنجي ڳوٺاڻي زندگي جا ساٿي موري اچي مون سان ملي ويندا هئا. انهن ساٿين ۾ مسرور پنائي به مون سان گڏ موري ۾ ملڻ ايندو هيو. هڪ ڀيري سائين مسرور پنائي موري آيو ۽ مون کي ساڻ ڪري سائين راشد مورائي سان منهنجي ملاقات ڪرايائين. هونئن ته سائين راشد مورائي کي مان ننڍپڻ کان ئي سڃاڻندو هيس پر ساڻس ڪڏهن به نويڪلائيءَ ۾ ملاقات ڪرڻ جو موقعو نه مليو هيو، هيءَ ساڻس سان ڪيل پهرئين ملاقات هئي جنهن جو سبب مسرور پنائي هيو. سائين راشد مورائي انهن ڏينهن ۾ جسماني طور گهڻو ڏٻرو هوندو هيو. پر سندس اندر جي ڏات ان کان ابتڙ هئي. گرجدار آواز ۽ خيالن ۾ پهاڙ جيڏي مضبوطي هئي. اهڙي طرح هن جي ڏات به سندس مزاج سان ٽهڪندڙ هئي. هن جي شاعري سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان والهانه پيار جو اظهار هيو. جيڪا هن وقت تائين پنهنجي عروج تي پهتل آهي. راشد مورائيءَ جو جنم ۵ مارچ ۱۹۴۴ع ۾ ڳوٺ جوڻالي تعلقه موري ۾ سيد سعيد علي شاھ "خادم” جي گهر ۾ ٿيو. سندس والد صاحب پنهنجي دور جو سٺو شاعر هيو. ۽ اهڙي طرح راشد مورائي کي شاعري به سندس وڏڙن کان ورثي ۾ ملي. پاڻ ۱۹۶۱ع ۾ پرائمري استاد ٿيو، ۽ پنهنجي پوري سروس دوران نهايت ايمانداري سان تعليم جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ جاکوڙيندو رهيو. راشد مورائي نه صرف شاعر هو، پر خدا تعاليٰ کيس اڻ ڳڻين خوبين سان مالا مال ڪيو ، سندس ذهن جي پختگي جو سبب جي ايم سيد جي شخصيت هئي جنهن کيس پنهنجي پيار ۽ شفقت جي اثر هيٺ سندس طبيعت تي انتهائي وڏو اثر ڇڏيو جنهن ڪري پاڻ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جو عاشق به هو ته محبوب به هو. سائين راشد مورائي سٺو نقاد، مقرر، سماجي اڳواڻ، تاريخ جو ڄاڻون هئڻ سان گڏو گڏ ڀلو مهمانواز پڻ هو. مهمانن جو آڌر ڀاءُ ڪرڻ ته ڪو هن کان سکي. سندس اوطاق تي مهمانن جو سدائين ميلو متل هوندو هو جنهن ۾ سڄي سنڌ مان ڪهي آيل سندس چاهيندڙن ۾ سندس مداح، فنڪار، شاعر، اديب، قلمڪار، سياسي، سماجي اڳواڻ ۽ قومي ڪارڪن هوندا هيا. جيڪي هن سان ڪچهري ڪري اتساھ وٺندا هئا. اهي سڀ سندس اوطاق تان محبتون ماڻي پنهنجي ماڳن تي روانا ٿيندا هئا. سائين راشد جو پنهنجي اوڙي پاڙي وارن سان ورتاءُ انتهائي شفقت وارو هوندو هو، پاڻ سندن غمين خوشين ۾ هر وقت ڀاڱي ڀائيوار هوندو هو سندس چوڻ هوندو هو ته جيڪڏهن ماڻهن جي خوشين ۾ شرڪت جي سگھه نه ٿا ساري سگهو ته سندن غمين ۾ ضرور شرڪت ڪندا ڪيو. جنهن تي هو پاڻ به انتهائي ذميواريءَ سان عمل ڪندو هو. هن سڄي سنڌ جا ڳوٺ، واهڻ، وسنديون گهمي ڏٺيون ۽ هن پنهنجي ڏات جي ذريعي سڄي سنڌ ۾ محبتون ماڻيون. پاڻ ڪيترن ئي ڪتابن جو خالق هيا جنهن ۾ سندس شاعريءَ جا ست ڪتاب پڌرا ٿي چڪا آهن ۽ ان کان علاوه سندس چار ڪتاب نثر جا ڇپجي چڪا آهن ۽ اڻ ڇپيل مواد تقريبا ڏهاڪو کن ڪتابن کان مٿي آهي. سائين راشد مورائي پنهنجي اندر ۾ هڪ اداري جي حيثيت رکندو هو. هي اسٽيج جو بادشاھ گر شاعر. سندس انقلابي شاعري ۽ رومانوي شاعريءِ کي سڄي سنڌ ۾ تمام گهڻي محبت ۽ مقبوليت ملي آهي سنڌ جا ماڻهو سندس قلمي پورهئي کي قدر جي نگاھ سان ڏسن ٿا. هڪ ڀيري سندس کان نجي ڪچهريءَ ۾ پڇيم ته سائين اوهان کي سنڌي ماڻهن کان ڪا شڪايت آهي؟ پاڻ وراڻيائين ته؛ ”سنڌي قوم منهنجي محبوب آهي ۽ مون کي پنهنجي محبوب کان ڪا به شڪايت نه آهي ۽ سنڌي ماڻهن مون کي تمام گهڻي عزت ۽ محبت ڏني آهي جنهن کي مان قدر جي نگاھ سان ڏسان ٿو”. سائين راشد مورائي سڄي عمر تعليم ۽ سنڌي ادب جي واڌاري ۽ ترقي لاءِ پنهنجون خدمتون ڏئي پنهنجي قوم سان ڀرپور پيار جو اظهار ڪيو ۽ پنهنجي صحت جي ضعيفي حالت هوندي به سنڌ جي مختلف علمي، ادبي، سياسي، سماجي تقريبن ۾ وڃي سنڌي قوم جي ڏکن سکن ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيندو هو. سائين راشد مورائي پنهنجي سڄي عمر خود داريءَ سان گذاري، هي ڪڏهن به ڪنهن آمر وٽ نه جهڪيو. سدائين سنڌ جي خوشحاليءَ جا گيت پنهنجي قوم کي ارپيا آهن. سنڌ جو هي عظيم ۽ قومي شاعر ڦڦڙن جي عارضي ۾ مبتلا ٿي ويو جنهن ڪري کيس ساھ جي تڪليف وڌندي وئي ۽ پاڻ نوابشاھ جي آءِ سي يو وارڊ ۾ داخل ٿيو. هڪ هفتو علاج کان پوءِ سندس طبعيت ۾ بهتري نه آئي ۽ راجپوتانه اسپتال حيدرآباد ۾ داخل ٿيو، بيماري سان ويڙهاند ۾ چڙهي نه سگهيو ۽ آخر پنهنجو علمي ۽ ادبي سفر سان گڏ زندگي جو سفر به پورو ڪيائين. پاڻ ۲۴ مارچ ۲۰۱۴ع تي پنهنجي قومي ڪارڪنن ۽ سنڌ واسين کان جسماني طور وڇڙي ويو، اڄ سندس ۵ ورسي جي موقعي تي خراج عقيدت پيش ڪيون ٿا. راشد مورائي خاموش ٿو رهان مگر راشد ڪڏهن ڪڏهن. رکيل مورائي هو ۲۴ مارچ ۲۰۲۱ جي شام آخري هڏڪي ڏئي، اسان سڀني کان موڪلائي ويو. جيتوڻيڪ سندس موڪلائڻ جو وقت نه هئو. اڃا ته هن پنهنجي گيتن جي ساڀيان واري آزاد ۽ خوشحال سنڌ به نه ڏٺي هئي، جنهن جي آجپي لاءِ هن نه رڳو پنهنجي سڄي شاعري ارپي هئي، پر جنهن جي آجپي لاءِ سموري زندگي عملي طور به وڙهندو رهيو ۽ ان ئي آجپي لاءِ هو چئن بيمارين ۾ ورتل هوندي به موت سان مهاڏو اٽڪائي وڙهندو رهيو ها! هو موت کان پنهنجي ويڙھ هارائي ويو پر هن آڻ نه مڃي، شايد موت اهڙو ويڙهاڪ آهي جنهن کان ڪو به کٽي نه سگهيو آهي. ائين هو به ان کان کٽي نه سگهيو پر اهڙو ويساھ ضرور ٿئي ٿو ته هن آخري گهڙيءَ تائين آڻ نه مڃي هوندي ۽ آخري گهڙي اهو ضرور سندس چپن تي آيو هوندو ته: مون ٻڌو آ ته اڄ هو پڇڻ ٿو اچي، موت ٽارو ڪرين ها ته ڇا ٿي ٿيئي. موت ٽارو نه ڪيو ۽ ساڻس ويڙھ ۾ هو هارائي ويو، جڏهن ته هن زندگيءَ ۾ پنهنجي اصولن ۽ آدرشن لاءِ ڪا به آڻ نه مڃي، ڪو به ڪمپرمائيز نه ڪيو، پاڻ ۾ ڪا به لچڪ نه آندي، سندس ان سخت گيريءَ کيس ڪيترن موقعن تي اڪيلو به ڪيو هوندو پر هن پنهنجي ٻاهران ڪڍيل اصولن جي لڇمڻ ريکا کي ڪڏهن به پار نه ڪيو. سنڌ سان سدائين دلي توڻي دماغي طور جڙيل هن شخص جو نالو راشد مورائي هئو. مورو سندس ڪرم ڀومي هئي، جنهن کي هن جنم ڀوميءَ جي مڃتا ڏئي، پاڻ کي مورائي سڏرايو، ۽ موٽ ۾ موري جيڪو هن کي مان بخشو اهو سڄي سنڌ جي محبتن تي ڦهليل آهي. سائين راشد، پنجين مارچ اوڻيھ سئو چوئيتاليهن ۾ سنڌوءَ جي ساڄي ڪناري تي دادو ۽ موري جي وچ تي چوڻالوءِ نالي ڳوٺ ۾ جنم ورتو، اوڻيھ سئو ستر واري ڏهاڪي جي وڏي ٻوڏ ۾ سنڌو درياھ ان ڳوٺ کي پنهنجي وهڪري ۾ آندو ته سائين راشد مورو اچي وسايو ۽ پوءِ آخري گهڙيءَ تائين مورائي ٿي رهيو، سندس مورائي سڏائڻ پويان جنهن شخص جو عمل آهي اهو سائين ناصر مورائي آهي. سائين راشد، شاعر ابن شاعر هئو، سندس والد صاحب سيد سعيد علي خادم “پنهنجي دور جو قادر الڪلام شاعر هئو، سندس ٻئي وڏا ڀائر، سيد روشن علي شاھ “روشن” ۽ معصوم علي شاھ “نماڻو” پڻ شاعر هئا. ان ڪري ائين چئي سگهجي ٿو ته هو ڄائي ڄم کان شاعر هئو. هن شاعريءَ جي علم جي الف بي پنهنجي والد سائين سعيد علي شاھ خادم کان سکي، انهيءَ وٽان هن شاعريءَ جا ديوان، پڙهيا، شعوري عمر هو هڪ وقت ذوالفقار علي ڀٽيءَ کان متاثر رهيو، اڳتي هلي. جڏهن سندس قومي تحريڪ جي سرواڻ سائين جي ايم سيد جي سن جو پاڻي پيتائين ته سڄي عمر اهو ئي سندس رت سان گڏ گردش ڪندو رهيو، هو اڳتي هلي سنڌ جو باغي شاعر سڏيو ويو، قومي تحريڪ سان عملي طور ڳنڍيل هجڻ سبب شعوري طور ڪڏهن به مايوسيءَ کي ڀرسان اچڻ نه ڏنائين سندس سٿ جي شاعرن ۾ استاد بخاري، ابراهيم منشي، سرويچ سجاولي ۽ محمد خان مجيدي ڳڻي سگهجن ٿا. سنڌ جي قومي تحريڪ سان جڙيل هجڻ ڪري هن سنڌ جي قومي اسٽيج کي جيڪا جلا بخشي اها تاريخ جي صفحن ۾ محفوظ آهي، هن جا شعر قومي تحريڪ کي روشني ڏيندا رهيا. جڏهن هو اسٽيج تي شعر پڙهندو ته هجوم مان آڳ جا الا اٿندي ڏسبا هئا، سندس مشهور نظر ۾، “مان باغي هان مان باغي هان، ” جن به اسٽيج تي کيس پڙهندي ڏٺو ۽ ٻڌو هوندو اهو کيس ڪڏهن به وساري نه سگهندو. هو سنڌي ادبي سنگت سان به آخري گهڙيءَ تائين جڙيل رهيو، نه رڳو پاڻ جڙيل رهيو، پر کانئُس پوءِ ايندڙ نئين نسل کي هن جيڪو اتساھ ڏنو ۽ جيڪا رهبري ڪئي، اها اسان سڀني لاءِ اڄ به اوتري اهم آهي جيتري تڏهن هئي. هن ادب جي حوالي ۾ شاعريءَ سان گڏ ڪهاڻيون به لکيون مضمون ۽ مقالا به لکيا ته لڳاتار پنهنجي ڊائري به لکندو رهيو، پوين ڏينهن ۾ خبر ناهي ته هو ڊائري لکندو هئو يا نه پر سندس عادتن مان هڪ اهم عادت ڊائري لکڻ به هئي، ڪنهن وقت هو پن جي ٻيڙي پيئندو هئو پر آخري ڏينهن ۾ هن اها به ڇڏي ڏني هئي. شهيد عبدالرزاق سومري جي شهادت کان پوءِ سندس نالي سان سان ادبي سنگت جوڙيائين جنهن پاران ڪيترا ئي ڪتاب ڇپيا، هن سائين قاضي نذير صاحب سان گڏجي موري مان “باک” نالي پبليڪيشن جاري ڪئي. جنهن جا ڪيترا ئي پرچا ۽ ڪتاب نڪتا، ائين سائين راشد سنڌي ادب کي جيڪي ڪتاب ڏنا آهن انهن ۾ ۱ سنڌڙيءَ جو سوداءُ (شاعري) ۲ منڊيءَ سندا گيت (شاعري) ۳ دل جو شهر (شاعري) ۴ ديوان راشد (شاعري) ۵ درد ۾ دلجوئي (شاعري) ۶ شعلا شعلا واءَ ۾ (شاعري)۷ ڪافيون گيت غزل (شاعري) ۸ پاڻيءَ تي پهرو (ڪهاڻيون) ۹ اڳتي تاڻ امنگ جي (مضمون) ۱۰ خط خوشيءَ مان کول (خط) شامل آهن ۽ لڳ ڀڳ ايترائي ڪتاب سندس اڻڇپيل پڻ آهن، جيڪي ڇپجڻ جي اوسيئڙي ۾ آهن. هاڻ فقط ڪتابن کي اوسيئڙو رهندو، ڇاڪاڻ ته انهن جو ليکڪ سڀئي اوسيئڙا ڇڏي، پاڻ آجو ٿي ويو. پر سنڌ سندس گيتن کي ڪڏهن به نه وساري سگهندي. اڳتي هلي جڏهن به سنڌ پنهنجو پراڻو مان مرتبو ماڻيندي، پنهنجو آجپو ماڻيندي، پنهنجو وقار ماڻيندي، ته ان جي ٿيل جدوجهد ۾ جن ماڻهن کي اعليٰ اعزازا سان نوازيو ويندو، انهن ۾ سائين راشد مورائيءَ جو نالو فهرست جي پهرين نالن ۾ شامل هوندو. اهڙي پڪ آهي ڇاڪاڻ ته تاريخ ڪنهن سان به ناانصافي نه ڪندي آهي. جيستائين ائين ٿئي تيستائين فقط اهو احساس آهي ۽ جنهن ۾ هڪ ڏوراپو به آهي جيڪو سائين راشد مورائي جي لفظن ۾ آهي. مون ارادو ڪيو هو پڪو مرڻ جو، شوق جاڳي پيو آ وري جيئڻ جو، مون ٻڌو آ اڄ هو پڇڻ ٿو اچي، موت ٽارو ڪرين هان ته ڇا ٿي ٿيئي. اڄ سندس ستين ورسي راشدي مورائي يادگار ڪاميتي مورو سنڌي ادبي سنگت موري پاران موري شهر ۾ ملهائي پئي وڃي، جنهن ۾ ڪل سنڌ مشاعرو پڻ رکيو ويو آهي. (ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچي ۾ ۱۳ مارچ ۲۰۲۱ع تي ڇپيل) راشد مورائي سونهن ۽ سنڌيت جو شاعر اسد چنا سنڌ ڌرتيءَ پنهنجي ڪک مان ڪيترن ئي سچن سپوتن کي جنم ڏنو آهي، جن پنهنجي علم، عقل، ڏاهپ، ڏات سان سنڌ جي سينڌ سنواري آهي، اهڙا ڪيترائي علم جا اڪابرسنڌ جي شهرن، واهڻ وستين ۾ پيدا ٿيندا رهيا آهن جن پنهنجي اظهار جي بهترين ڏانو سان سنڌ، سنڌي ٻولي، سنڌي علم و ادب جي آبياري پئي ڪئي آهي. سنڌ ڌرتي جو ساهتي پرڳڻو (ضلعو نوشهرو فيروز) اهڙن مڻيادار ماڻهن، عالمن، ڏاهن شاعرن، اديبن، سنڌيت جي پروانن دانشورن سان مشهور آهي. سائين منهنجا سنڌ ۾ جيڪڏهن اسان مزاحمتي ادب جي ڳالھ ڪنداسين ته اسان کي شاعري ۾ مزاحمتي شاعري جا جزا شاھ لطيف کان پڪا پختا ملن ٿا، اها مزاحمتي شاعري پڙهندڙن جي دلين کي گرمائيندي ۽ اتساهيندي ملندي، خاص ڪري ون يونٽ واري دور ۾ جتي ون يونٽ جي خلاف سياسي جدوجهد پنهنجا جلوا ۽ جوهر ڏيکاري رهي هئي ان سان گڏوگڏ اسان جي اديبن، شاعرن جي مزاحمتي شاعري، ادب جي تخليق پنهنجو شاندار ڪردار ادا ڪيو. جيتوڻيڪ ان دور ۾ مزاحمتي شاعري جو تاج شيخ اياز جي مٿي تي سونهين پر ٻيا به ڪيترائي سر موڙ شاعر، اديب پنهنجي ڏات وسيلي سنڌ جي نوجوانن جي دلين کي گرمائي ۽ اتساهي رهيا هئا ۽ انهن شاعرن ۾ سائين راشد شاھ مورائي سڀني کان اڳڀرو، مٿڀرو ڪردار ادا ڪيو. سائين راشد مورائي جي پنهنجي بقول ته (منهنجي نظر ۾ پراڻا يا نوان ليکڪ سڀ برابر آهن، محترم صرف اهو آهي جيڪو سوچي سمجهي ٻوليءَ جي دامن ۾ ڪي چار گل وجهڻ چاهي ٿو يا پنهنجي ادب وسيلي ڀٽڪيل ماروئڙن کي ڪا واٽ ڏيکارڻ چاهي ٿو، باقي جيڪڏهن ڪو به ليکڪ پنهنجي ذاتي جذبن جي عڪاسي لاءِ لکي ٿوته پاڻ ڄاڻي اسان ان بابت ڇو ويهي پنهنجو وقت وڃايون). سائين راشد مورائي ۵ مارچ ۱۹۴۴ع ۾ سنڌو جي ساڄي ڪپ تي جوڻالو نالي ڳوٺ ۾ جنم ورتو ۽ ان کان پوءِ ڪن سببن جي ڪري موري شهر ۾ آباد ٿيو ۽ آخري گهڙي تائين مورائي ٿي رهيو. سائين راشد خانداني اديب، شاعر هو، پيشي جي لحاظ کان هڪ قابل استاد هو پاڻ هڪ منفرد ۽ پر وقار شخصيت جو مالڪ، نطم ۽ ضبط جو قائل، وقت جو پابند هو سائين حسن صوفاڻي جي چواڻي ته سائين راشد ايترو ته وقت جو پابند هوندو هو جو ماڻهو کيس ڏسندي پنهنجي گهڙين جو ٽائيم سيٽ ڪندا هئا. سندس شخصيت ۽ شاعري کي پڙهندي اهو چئي سگهجي ٿو ته سائين راشد مورائي نه رڳو پنهنجي علائقي موري جي هڪ دور جي تاريخ آهي پر هو پوري سنڌ جي مستقبل ۾ لکجندڙ ادبي ۽ علمي تاريخ جو هڪ لاجواب حوالو آهي، سائين راشد مورائي جي ڪتابن ۾ ديوان راشد، سنڌڙي جو سوداءُ، مينديءَ سندا گيت، دل جو شهر، گيت، غزل ۽ ڪافيون، درد ۾ دل جوئي ۽ شعلا شعلا واءُ، ڇپيا ۽ پنهنجي مقبوليت سبب مارڪيٽ مان وڪرو ٿي ويا. سائين راشد مورائي بنيادي طور تي غزل جو شاعر آهي پر سندس تخليق ڪيل نظم به پنهنجو مٽ پاڻ آهن، سائين راشد مورائي شاعري جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي ۽ ان سان پاڻ ملهايو، پر جنهن کيس شهرت جي بلندين تي پهچايو، اها سندس قومپرستي، سنڌ دوستي واري انقلابي شاعري آهي، سندس شاعري اسٽيج جي هر پروگرام گهڻي پڙهي ويندڙ شاعري آهي، جيڪا نوجوانن جي دلين کي گرمائي ٿي، سندس انهيءَ انقلابي شاعري جي ڪري کيس باغي شاعر جو لقب مليو. ان باغيانه شاعري ۾ سائين راشد مورائي ظالم، تي غاصب تي لعنت ملامت به ڪري ٿو، ته معاشري جي مظلوم ۽ مجبور طبقي کي نجات حاصل ڪرڻ جو درس ۽ گسُ به ڏئي ٿو. عياش لعنتي اڳيان نه لوئجي نه لوڙجي، اٿو ته ظالمن کي باھ ٿي وڪوڙجي، غريب کي جنجهوڙجي ۽ ننڊ کي نهوڙجي، بجو ڪو ٻوٿ ڏاڍ جي تي راشدا گهروڙجي، اچو ڪو نئون سماج ڪو، نئون جهان جوڙجي، سائين راشد مورائي هڪ جيءَ جيارو ماڻهو هو سندس شاعري مان فڪر مان ۽ سندس پر وقار شخصيت مان پڙهندڙ کي شعور، اتساھ، محبت، سڪ، ۽ ڏاهپ جون هٻڪارون اينديون رهنديون. سائين راشد مورائي سنڌ جو سر موڙ شاعر، محبتن جي مٽيءَ مان ڳوهيل شخص هو، سنڌ جو برک ڏ جامي چانديي سائين راشد لاءِ پنهنجي ڪتاب (سندي جوڳيان ذات) ۾ لکي ٿو ته (هو دل جو بادشاھ هو، سنڌ ۽ ان جي سدورن پٽن تان جند جان گهورڻ وارو هو، سندس دل جي اڱڻ جي ڪائنات ايڏي ته ڪشادي هئي جو سنڌ جو هر سيبتو، سچيت ۽ سلڇڻو اتي پکا اڏي ويهڻ ۾ پاڻ کي سڀاڳو سمجهندو. سندس نسل جا ڪيترائي شاعر شاعري ۾ ته قدآور هئا پر وچين ته روزو ڀڳائون) سائين راشد مورائي پاڻ هڪ جاءِ تي ڪنهن تقريب کي خطاب ڪندي شاعرن بابت چيائين ته (شاعر ٻن قسمن جا آهن هڪ اهي جيڪي شاعر ته ڀلا آهن پر ماڻهو ڀلا ڪونه آهن، ٻيا اهي جيڪي شاعر ته جڏا آهن پر ماڻهو ڏاڍا سيبتا آهن.)سندس ئي لفطن کي جيڪڏهن ڀيٽيون ته سائين راشد مورائي جهڙو سيبتو شاعر اوڏوئي فقير منش محبتي ماڻهو، نهٺو ساڳي جاءِ تي ارڏو ۽ قومي غيرت سان ٽمٽار هڪ سگهارو ماڻهو، هڪ بهترين شاعر، قومي ڪارڪن ۽ مثالي استاد هو. سائين راشد مورائي سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان به پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو۽ نوجوانن جي ڀرپور رهنمائي ڪئي. سندس گهر جو دروازو سڀني اديبن شاعرن جي آجيان لاءِ کليل هوندو هو. سنڌي ادبي سنگت کي ڪجي سرگرم، هل سکر سومرو اڄ ادل ڳولجي. سائين منهنجا، سائين راشد مورائي جيئن ته پاڻ هڪ سرگرم قومي ڪارڪن هو سندس دل ۾ سنڌي قوم جي ڏکن، دردن اهنجن جي آزارن جا انيڪ انواع هئا، ته سندس شاعري به انهيءَ قومي غيرت جي جذبي سان ڀرپور ۽ اتساهيندڙ آهي سندس شاعري سنڌ سان سچي عشق جو چٽو ثبوت آهي. سندس شاعري ۾ ديس لاءِ ڪجھ ڪرڻ جي درس سان ديس جي دشمن لاءِ ٻارڻ ٻاري ڇڏڻ لاءِ پيغام آهي، سندس هنن شعرن ۾ ڏسو ته ڪيئن نه همٿائي پيو. اي سنڌ مون تو سان قول ڪري ڪجهھ پاڙيو آ، ڪجھ پاڙيندس، مون ديس جي دشمن لاءِ ٻارڻ ڪجھ ٻاريو آ، ڪجھ ٻاريندس. سندس لفظ لفظ ۾ان سنڌيت جو عشق جهرڻن جيان ڇلڪي ٿو ۽ سنڌ سان ڪيل عشق کي انجام تي پهچائڻ جو وچن وڏي واڪي ڪري ٿو. ماتا توکان منهڙو موڙي ڪيئن خوش رهندس آءُ، سنڌڙي مان ته سڃاپان ٿو، تنهجي نسبت ساڻ، سائين راشد مورائي جي عشق جي ابتدا به سنڌ آ، ته انتها به سنڌ آ، سندس هنن سٽن مان سندس ان ازلي عشق کي پروڙي سگهجي ٿو. هڪڙو نقشو سنڌ جو، ٻيو آهين تون، جنين ڪارڻ مون، جيئڻ لاءِ جاکوڙ ڪئي. _ جهڙو نقشو سنڌ جو، تهڙي تنهجي سونهن، منهنجي روح ورونهن ڏسن پسڻ ٻنهي کي. سائين راشد مورائي جو محبوب سنڌ آهي، هو سنڌ جي روشن مستقبل لاءِ پر اميد آهي سندس رڳ رڳ ۾ سنڌ سان اٽوٽ عشق سمايل آهي. سندس شاعري ۾ اسان کي جتي ٻيا انيڪ پهلو ملن ٿا اتي سنڌ جي روشن آئيندي لاءِ لڇندڙ لوري ملي ٿي، هو پنهجي ڌرتي تي ڪو به تاءُ نه ٿو سهي سگهي ۽ ڌرتي لاءِ جاکوڙيندڙ، ان جي سلامت رهڻ جي لاءِ به پر اميد آهي ته جيڪو پنهنجي وطن خاطر مشڪلاتن جو منهن ڏسي ٿو ان جوان کي ڪڏهن به ڪجھ ناهي ٿيڻو اهو هميشه سلامت رهڻو آ، سندس هنن سٽن کي پڙهڻ سان نوجوانن جي دل ۾ هڪ نئون روح ڦوڪجي وڃي ٿو، همٿ ٻيڻي ٿي پوي ٿي. اي سنڌڙي جندڙي سست نه ٿي ڪو توتي تاءُ نه سهڻو آ، جنهن توکي دل سان پوڄيو آ، سو جوان سلامت رهڻو آ، جي ڪوماڻو ڪو گل دستو، خوشبو ٿي ختم پرواھ نه آ، گل تازا آڻي رکبا کڻي، گلدان سلامت آهي اڃا. سندس مشهور نظم (مان باغي هان، مان باغي هان) ۾ سنڌ جي وڏيرڪي نظام کي نندي ٿو، هو انگ اگهاڙن، پيٽ بکايل سانگيئڙن جي ڏکن، سورن، کي جڏهن پنهنجي ڏات جي خوبصورت ڏان سان موتين وانگي پروئي ٿو ته پڙهندڙ جا لڱ ڪانڊارجي وڃن ٿا، سندس هنن سٽن ۾ ڏسو ته ڪيئن نه ظلم، ڏاڍ جي خلاف بغاوت علم کڙو ٿيل آهي. هيءَ ڳاڙهي ماڙي رئيسن جي ۽ سائي جيپ وڏيري جي، مان باغي هان سو باھ ڏئي ٿو ڪريان سڃ لٽيرن جي، هت ٻن ڏينهن کان ٻار بکيا هت توکي تياري نيرن جي، اڄ دنيا ڏسي ڪيئن ٿيندي آ جهڙپ بکايل شينهن جي، مان باغي هان مان باغي هان مان باغي هان مان با غي هان. سائين منهنجا، سائين راشد مورائي جي شاعري جي ٻولي نج سنڌي، عام فهم آهي ٻولي جون اهي سڀ رنگينيون، حسناڪيون اسان کي ملن ٿيون جيڪي هڪ ٻولي جي وڏي عالم وٽ هونديون آهن ۽ وري مٿان انهن جو سهڻو استعمال، ڪيترين جاين تي سنڌي ٻولي جا اصطلاح، پهاڪا اسان کي موزون ۽ وقتائتا استعمال ٿيل ملندا جيئن ته هو پاڻ استاد هو ته هو بهترين طريقي سان انهن سڀني ٻولي جي گڻن کي استعمال ڪرڻ ڄاڻي پيو، هنن شعرن کي ڏسو ته تشبيھ طور استعمال ڪيل اصطلاح ۽ پهاڪا، مروج گفتا ڪيڏي سهڻي نموني استعمال ڪيل آهن. هيئنر ڪل پوي ٿي گهڻي ويهين سئو آ. اڳي عشق جي هئي نه آزار جي سُڌَ. _ لٺين سان پاڻي جدا ڪين ٿيندو، جيئن شال جاني نه، ليڪو وچان ڪُڍ. _ چئون ڪيئن گهنور خان جو کوھ کارو، اگر سچ چوان ها ناراض ٿين ها، ڪٽي کائو ناهيون ڏئي رت سگهون ٿا، نه ٿئي پڪ آزمائي ڏسين ها، سائين منهنجا سنڌ ڌرتي سان عشق، حسن سان چاھ سائين راشد جي زندگي جو سمورو سامان آهن، سندس محبوب سنڌ آهي ۽ حسن جو هو سلامي آهي، سندس شاعري ۾ اهي رنگ نروار آهن. ظلم، ڏاڍ، جبر، نفرت ۽ ان سان گڏوگڏ سنڌ وطن جي خوشحالي جي ڳڻتي سان، حسن پرستي سان، رومانس سان ڀرپور سائين راشد مورائي جي شاعري جدوجهد جو درس ڏئي ٿي، محبت جو درس ڏئي ٿي ۽ انهن مڙني اندر جي ڪيفيتن جي ترجمان شاعري آهي. سائين راشد وٽ سونهن جي پوڄا ۾ حسن کي سجدا ثواب آهن هو سونهن وارن سان ڪچهري کي عبادت سمجهندي حسن تان سر گهوري ڇڏڻ جي ڳالھ ڪري ٿو، سندس هيٺين شعرن ۾ ڏسو ته حسن کي ڪيڏو نه اهم سمجهندي ان جو رتبو ڪيڏو مٿانهون ڪري پيش ڪري ٿو. اي عابد عبادت سندو ڏس نه ڏي، حسن کي ٿو سمجهان مان سجدو ثواب. _ سڄي رات جاڳي عبادت ڪبي، ڪچهري رڳو سونهن بابت ڪبي، راشدا سونهن جي نان تان سر فدا، جي حسن کي کپي ته سر ته گهوري ڏجي. _ ڀرن جا ڀالا دوناليون ديد جون دلبر ڏسو، ڪيئن کنيو ڦرندو وتي همراھ هڪ هٿيار ٻه، _ مون ٻڌو آ ته اڄ هو پڇڻ ٿو اچي، موت ٽارو ڪرين ها ته ڇا ٿي ٿيئي. سائين راشد جي شاعري ۾ اسان کي حسن جي هاڪ، عشق جون مهميزون، فطرت جي رنگن سان گڏوگڏ سماجي مسئلا، سياسي لاها چاڙها به نمايان نظر اچن ٿا، سندس لهجو ڪٿي رعبدار ته ڪٿي انتهائي نفيس، جماليات سان ڀرپور آهي، هو حسن، سونهن جي حضور پنهنجا سڀ تخليقي غزل، گيت هڪ نذراني طور پيش ڪري ٿو. سارا سونهن حضور ۾ راشد، گيت غزل نذرانه آهن، سائين راشد مورائي جي فرزند شاھ لطيف سان ڪچهري دوران هن ٻڌايو ته سائين جي ٻين سڀني سهڻين خصلتن مان هڪ هي به هئي ته هو تمام گهڻ مطالعاتي شخص هو رات جو سمهڻ کان پهريان گهٽ ۾ گهٽ ۷۰، ۷۵ صفحا روزانو ضرور پڙهندو هو. ڀاڳ وارن جا ٿين ٿا يادگار، زندگي ۽ موت ٻئي شاندار، راشدا شل موت ثئي مانائتو، جيئن حياتي آ گذري پروقار، سائين راشد مورائي ڪڏهن به مايوس نه ٿيو، هميشه بهتر مستقبل جي اميد رکي جدوجهد جو درس سندس شاعري ۾ ملي ٿو، نه ئي هن وري ڪنهن حڪومتي ڌر کان پنهنجي بيماري جي علاج لاءِ ڪنهن قسم جي مدد جي گهر ڪئي، ۲۴ مارچ ۲۰۱۴ ع تي بيماري سان جهيڙيندي سائين راشد مورائي هميشه لاءِ موڪلائي ويو، پر سندس شاعري ۾ ڏنل پيغام، درس، سندس پروقار شخصيت هر سنڌ پرست، حسن پرست، جي دل ۾ محفوظ آهي، ۽ جڏهن ڪڏهن به سرمد جي آواز ۾ سندس گيت گوجندو. هو ارادو ڪيو مون پڪو مرڻ جو، شوق جاڳي پيو آ وري جيئڻ جو. ته سائين راشد مورائي اسان کي پنهنجي ويجهو ڀاسندو، هو پنهنجي پڙهندڙن جي دلين ۾، سنڌي ادب افق تي روشن ستاري جيان هميشه جرڪندو رهندو، بقول ڊاڪٽر ام ڪلثوم جي ته (سندس ڪردار وهنوار۽ مڻيادار شاعري، هميشه اسان جي قومي رهبري ڪندي رهندي.) جو سبق سچائي جو ڏنو آ مون راشد، سو سبق جي سمجهين ته مون کي ياد ڪندو ڪر. (ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۴ مارچ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
ڪامريڊ تاج محمد ابڙو املهه انسان غلام محمد ڪنڀر سنڌ جو نامور اديب، دانشور، جج، سياستدان، سماج سڌارڪ، صحافي ۽ استاد مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ۸ آگسٽ ۱۹۲۴ع تي شهدادڪوٽ ۾ ڄائو، شاگردي واري دؤر کان ئي پاڻ سياست ۾ سرگرم رهيا، پرائمري قمبر ۽ سيڪنڊري لاڙڪاڻي مان ڪرڻ بعد ايل ايل بي ڪراچي مان پاس ڪيائين، شاگردي واري دؤر ۾ سياست ۾ سرگرم رهيا. مسلم ليگ، ڪميونسٽ پارٽي، جيئي سنڌ، سنڌ هاري ڪميٽي، نعپ، پيپلز پارٽي سميت سنڌ عوامي اتحاد کان وٺي جيڪا تحريڪ سنڌ جي ڀلي ۽ آجپي لاءِ هئي، انهيءَ ۾ ڀرپور نموني حصو ورتائين. ايشيا جي سڀ کان وڏي ۾ وڏي ادبي تنظيم سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي باني ميمبرن ۾ سندن جو شمار ڪيو ويندو هو. هن لاڙڪاڻي واري اوطاق، سنڌ ۽ هند جي مشهور اوطاق تي سنڌي ادبي سنگت جو اجلاس ڪوٺرايو، ادب وسيلي انقلاب جي ان تحريڪ روشني جو پهريون ڪرڻو لاڙڪاڻي ۾ مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي اوطاق تان اڀريو ۽ پوري سنڌ ۾ ڦهلجي ويو ۽ سموري سنڌ کي جرڪائي ڇڏيائين. پاڪستان کان پهرين مشهوري سنڌي مسلمانن جي واحد اخبار ’الوحيد‘ جو ڪجهه وقت ايڊيٽر رهيو، جنهن پاڪستان جي تاريخ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو، پاڻ قائداعظم محمد علي جناح جي انگريزي اخبار دان جو سب ايڊيٽر پڻ رهيو. لاڙڪاڻي جي سنڌي ۽ اردو اديبن کي ويجهو ڪرڻ ۾ تمام وڏو ڪردار ادا ڪيائين ۽ انجمن ترقي اردو پاڪستان لاڙڪاڻي شاخ جو سرگرم ڪارڪن رهيو. لاڙڪاڻي جي تاريخ ۾ اهو ئي سبب آهي جو انجمن ترقي اردو جي عمارت ۾ جيڪا لائبريري قائم ڪيائين، ان جو نالو شاهه عبداللطيف ڀٽائي رکيائين، جيڪا پهرين سندس گهر جي ڀرسان هئي. لاڙڪاڻي جي تاريخ جي سڀ کان وڏي سنڌ جي لائبريري سر شاهنواز ڀٽو ميموريل لائبريري جو بنياد به مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو رکرايو، جيڪا اپر سنڌ جي واحد لائبريري آهي، جتان هزارن جي تعداد ۾ اڄ به شاگرد اديب ۽ دانشور فيضياب ٿي رهيا آهن. هي لاڙڪاڻي شهر سان لڳو لڳ بقاپور يونين ڪائونسل جو چيئرمين به رهيو، ريڊيو پاڪستان ڪراچي تي نيوز ڪاسٽر طور به ڪم ڪيائين ته گڏ قمبر هاءِ اسڪول ۾ انگريزي استاد جي حيثيت سان به پنهنجا فرض انجام ڏنائين، پاڪستان جو واحد اڳواڻ هو، جنهن کي ڪامريڊ جو خطاب مليو، هن کان پهريان خان عبدالولي خان، عطاءُ الله مينگل، مير غوث بخش خن بزنجو، اڪبر بگٽي، خير بخش مري، جي ايم سيد، ذوالفقار علي ڀٽو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، مخدوم طالب الموليٰ، حاڪم علي زرداري ۽ ٻين ملڪ جي ناميارن سياستدانن سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي سياست ڪئي، وڏيرا شاهي جي اثر رسوخ رکندڙ ضلعي جيڪب آباد ۾ شيخ المجيد سنڌي، قاضي فيض محمد، جي ايم سيد، غلام محمد لغاري جن جي مدد سان ضلعي ۾ هاري ڪاميٽيءَ جو بنياد وڌو. انهيءَ سلسلي ۾ صدر ايوب خان جي مقابلي ۾ مرڪزي اسيمبلي ۾ هن محترمه فاطمه جناح جو ساٿ ڏنو. سندس جو شمار ۱۹۵۳ع ۾ ڇپيل بايو گرافيڪل انسائيڪلو پيڊيا آف پاڪستان جنهن ۾ پنجن صوبن جي اهم ملڪ جي هڪ هزار وڏين شخصيتن منجهان هڪ قرار ڏنو ويو، انهيءَ کان علاوه پنجاب ڌرتي تان اردو ۾ ڇپجندڙ ڪتاب سنڌ ڪي چند انقلابي دانشور اور عوامي رهنما، جنهن جو ليکڪ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي آهي. ان ۾ سنڌ جي کاٻي ڌر جي ۱۵ اهم شخصيتن منجهان هڪ قرار ڏنو ويو، سندس ادبي هم اثر دوست اياز قادري، انيس انصاري، تنوير عباسي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، نسيم کرل، محمد ابراهيم جويو، جمال ابڙو، رسول بخش پليجو، شيخ اياز، حميد سنڌي، ڊاڪٽر غلام علي الانا، يوسف لغاري، سوڀو گيانچنداڻي، رشيد ڀٽي، پير حسام الدين شاهه راشدي، پير علي محمد راشدي، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي، هري دلگير درياڻي، سراج ميمڻ ۽ ٻيا کوڙ سارا نالا اچي ٿا وڃن. سندس جي ذاتي لائبريري ۾ هزارين ڪتاب آهن ۽ سنڌ جي وڏين لائبريرين ۾ شمار ڪئي ٿي وئي. سندس اولاد سنڌ جي وڏن اديبن جي صلاح تي لائبريري جا ڪتاب سر شاهنواز لائبريري ۽ سنڌ جي عظيم درسگاهه سنڌالاجي کي عطيي طور ڏنا ۽ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي نالي پويان سنڌالاجي ۾ هڪ الڳ ڪارنر قائم ڪيو ويو آهي، جتي سندن جا يادگار ڦوٽو ملڪ جي وڏي سياسي شخيتن سان ميوزيم ۽ سجائي رکيا ويا آهن. سندن کي سياست سان تمام گهڻو لڳاءُ رهيو. محترمه فاطمه جي ساٿ ڏيڻ تي سنڌ مان پاڻمرادو جلاوطني اختيار ڪيائين. بلوچستان ويو ۽ اتي نعپ جي اڳواڻن جي پناهه ۾ رهيو ۽ بلوچستان جي سردارن جي پناهه ۾ رهڻ دوران انهن کيس ڪوئيٽا ۽ سبي ۾ سرڪاري وڪيل ڪري رکرايو، هن مهل به سنڌ صوبي جو عوام ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي سياسي، سماجي، ادبي، قانوني خدمتن کي مدنظر رکندي سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو يادگار ڪاميٽيون ۽ بزم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جا بنياد وجهي سندن جون هر سال سنڌ صوبي ۾ ورسيون ۽ سالگرهون ملهائي رهيا آهن ۽ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سندس جي نالي پويان لائبريريون، روڊ ۽ باغ منسوب ٿيل آهن، اهڙيون شخصيتون زنده قومن جو اهڃاڻ هونديون آهن ۽ نوجوان ٽهيءَ لاءِ مڪمل مشعل راهه هونديون آهن، اهڙن مهمان انسانن جي خدمتن ڪارڻ ئي سنڌ جيئي ٿي ۽ انهن جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي. تاج محمد ابڙو سنڌ جو روشن ضمير قومي ڪارڪن نفيس احمد شيخ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو، سنڌ ۾ قومي جاڳرتا لاءِ جاکوڙ واري دلڪش گُلشن جو، هڪ نهايت ئي مَهڪندڙ ۽ شگفته گُلاب جو گُل هو! ۱۹۶۳ع ڌاري، جڏهن مون کي سنڌي ادبي بورڊ ۾ علمي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو، تڏهن اُن زماني ۾ ترقي پسند جديد سنڌي ادب جي تاريخي ترويج سان گڏ سنڌ ۾ قومي جاڳرتا لاءِ جرئتمندانه جدوجهد به پنهنجي عروج ۽ اوج اقبال تي هئي. هڪ طرف ون يونٽ جي سنڌ دشمن قهري نظام ۾ مظلوميت جو دؤر دؤرو هو ته ٻئي طرف بدترين آمريت تي مشتمل ايوب شاهي حڪومت، سنڌ جو ساهه سوڙهو ڪري رکيو هو. گهُٽ ٻُوسٽ جي اهڙي اذيتناڪ ماحول ۾ سنڌ جي سُڄاڻ ۽ باهمت عالمن ۽ محققن، روشن ذهن اديبن ۽ شاعرن، بي باڪ صحافين ۽ ليکڪن جتي ادب ۽ صحافت جي ميدانن ۾ بلند حوصلي سان سنڌ ڌرتيءَ جو پيغام پئي عام ڪيو، اُتي ساڳئي وقت سياست ۽ سماجي سُڌار شعبن ۾ وري نهايت ئي بي باڪ ۽ مخلص قومي خدمت گذارن وقت جي اسٽئبلشمينٽ سان مُنهن مقابلا ٿي قومي جاڳرتا لاءِ پاڻ پتوڙيندي جدوجهد ۽ جاکوڙ سان ڪيئي نوان قابل فخر ڪارناما پئي قائم ڪيا، جن مان تقريباً سڀني اهل دل ڪارڪنن جو تعلق کاٻيءَ ڌُر سان هو. اهڙين نيڪ نام هستين جا مبارڪ نالا اڄ هتي تحرير هيٺ آڻڻ ڄڻ هڪ وڏي شان ۽ شرف وارو خوشگوار فريضو پيو محسوس ڪريان. اول اول سائين جي ايم سيد جي چوڏهينءَ چنڊ شخصيت ۽ اُن کان پوءِ روشن ستارا: شيخ عبدالمجيد سنڌي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، قاضي فيض محمد، ڪامريڊ غلام محمد لغاري، ڪامريڊ جمال الدين بخاري، باقر شاهه، ڪامريڊ عبدالقادر، ڪامريڊ برڪت علي آزاد، ڪامريڊ نذير حسين جتوئي جلالي، مولانا عزيز الله جروار، ڪامريڊ عبدالخالق آزاد، ڪامريڊ نور محمد پليجو، ڪامريڊ پوهُو، ڪامريڊ عزيز سلام بخاري، محمد صالح عاجز، حفيظ قريشي، علي احمد قريشي، رسول بخش پليجو ۽ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو. (منهنجي خوش قسمتي آهي جو اِنهن سمورين هستين جو منهنجي مٿي تي پيار جو هٿ رهيو.) سنڌي ادبي بورڊ جي بانيڪار جي حيثيت ۾، سائين جي ايم سيد جي رهنمائي ته مستقل طرح هونءَ ئي بورڊ ۾ ڪم ڪندڙ ڪارڪنن لاءِ اُتساهه جو سبب هئي، پر بورڊ ۾ سائين محمد ابراهيم جويي، غلام رباني آگري ۽ مولانا غلام محمد گرامي جهڙن ٽن مخلص ڏاهن جي ”ٽِمورتيءَ“ کي اُن زماني ۾ هڪ خاص ”قومي چقمق“ جي حيثيت حاصل هئي، جنهن جي ڇِڪ ۽ سِڪ سبب سڄيءَ سنڌ جي محب وطن جاکوڙي قومي ڪارڪنن جو رُخ سدائين اِن ”ٽِمورتيءَ“ ڏانهن هوندو هو ۽ اُهي بورڊ کي پنهنجو هڪ ”فڪري مرڪز“ تصور ڪندا هئا. بورڊ ۾ اچي انهن تجربيڪار ۽ سينئر صلاحيتمند دوستن سان ويچار ونڊڻ ۽ صلاح مشورو ڪرڻ سندن معمول جو دستور هوندو هو. توڙي جو عملي ڪم جا موضوع اڪيچار هوندا هئا، پر مقصد جو ”مرڪزي نقطو“ فقط هڪ ئي هوندو هو: ”روشن، خود اختيار ۽ خوشحال سنڌ“. لاڙڪاڻي مان مخلص قومي ڪارڪن ڪامريڊ تاج محمد ابڙو، گاهي گاهي بورڊ ۾ ايندو هو. جويي صاحب سان ملاقاتون، رباني صاحب سان خيالن جي ڏي وٺ ۽ گرامي صاحب سان طويل ڪچهريون. ياد اٿم ته اهو روح پرور سلسلو ۱۹۶۳ع کان وٺي ۱۹۷۳ع تائين، منهنجي اکين اڳيان جاري رهيو ۽ ڪامريڊ تاج کي ڏسڻ پسڻ ۽ ملڻ جلڻ جا لاتعداد موقعا فراهم ٿيا. سچ! ته سراپا ”اخلاص“ هو. اهڙين ملاقاتن دوران، سائين تاج جي جنهن نمايان خوبين مون کي خاص طرح سان متاثر ڪيو، سا هئي سندس ”ذهانت ۽ سنجيدگي“ (۽ اها به ايتري قدر جو ڪامريڊ مون کي هميشه گهٽ-ڳالهائو محسوس ٿيندو هو) جويي صاحب، رباني صاحب ۽ گرامي صاحب وٽ ڪامريڊ تاج لاءِ غير معمولي طرح، بي انتها احترام هوندو هو ۽ هُو کيس جيءَ ۾ جايون ڏيندا هئا. ان حقيقت مان چٽيءَ طرح سان ثابت ٿيندو هو ته ”گهڙو ڀَريل آهي ۽ خوب ڀريل آهي!“ خاص طرح سان گرامي صاحب وٽ ڪامريڊ جون جيڪي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪچهريون جاري رهنديون هيون، تن جو تات-پرج هوندو هو: ”سنڌ جي عظمت جو احساس ۽ سنڌ جي روشن مستقبل لاءِ جرئتمندانه جاکوڙ ۽ جدوجهد.“ ٻئي طرف سائين تاج جو مطمع نظر سندس سنجيده روشن چهري مان پيو بُکندو هو: ”سنڌ جي ڏتڙيل ۽ پيڙهيل طبقن، خاص ڪري هارين جي ڇوٽڪاري لاءِ پاڻ پتوڙڻ ۽ اُنهن جي خوشحال مستقبل لاءِ جَتن ڪرڻ.“ فڪر و نظر جي اها مماثلت ئي کاٻيءَ ڌُر جي مزاحمتي آدرش وادي ٻين قومي ڪارڪنن وانگر ڪامريڊ تاج کي بورڊ ۾ وٺي ايندي هئي. ۱۹۷۰ع ڌاري، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي وفات ٿي. اُن کان اڳ سانده ست سال، شايد ئي ڪا شام اهڙي خالي گذري هجي جو ”هاري حقدار“ پريس ۽ ”حيدر محفل“ (اوطاق) تي منهنجو ڀيرو نه ٿيو هجي. شام جو روزانو، گرامي صاحب ۽ ”ڪراچي هوٽل“ پاڻ ۾ لازم ملزوم هوندا هئا. گڏجي گهران هيٺ لهبو هو ته چند قدمن تي ”حيدر محفل“! (باباءِ سنڌ جي وفات کانپوءِ به اهو سلسلو قائم رهيو.) ڪامريڊ جي وڏي فرزند مظهر حيدر ۽ گرامي صاحب جي دوستي مثالي هئي. ان ڪري ”حيدر محفل“ سدائين گهر وانگر ئي هو. اهڙي پس منظر ۾، سڄيءَ سنڌ جي سمورين آفتاب ۽ ماهتاب هستين کي بار بار ڏسڻ، بار بار ساڻن ملڻ جلڻ، اُٿڻ ويهڻ ۽ سندن خيالن کي ٻُڌڻ جا اڪيچار يادگار موقعا ملندا رهيا. اُتي ڪامريڊ تاج کي ”حيدر محفل“ ۾ باباءِ سنڌ وٽ، هڪ مستقل عقيدتمند جي حيثيت ۾ مون گهڻو ڏٺو ۽ خوب ڏٺو. دستور موجب، ڪامريد وٽ سائين تاج لاءِ جيءَ ۾ جايون هيون ۽ باباءِ سنڌ سندس ججهي عزت ڪندو هو. مون کي ياد آهي ته جتوئي صاحب جي وفات کانپوءِ به سائين تاج حيدر محفل تان ڀيرو ڪو نه ڀڳو ۽ سندس فرزندن مظهر حيدر وٽ گاهي گاهي سندس اچڻ پيو ٿيندو هو. ان طرح گرامي صاحب، ڪامريڊ غلام حسين سومري، ڪامريڊ عبدالمجيد لغاري ۽ ٻين هاري ڪارڪنن سان سندس محبت جو رستو قائم رهيو. ان ڳالهه مان ثابتي ٿي ملي ته ڪامريڊ تاج کي ”هاري ڪاز“ لاءِ هڪ مستحڪم ۽ مڪمل ”ڪمٽمينٽ“ هئي، جنهن تي هُو سدائين ڪاربند ۽ پختو رهيو. اڳتي هلي جڏهن ۱۹۷۳ع ڌاري بورڊ جون آفيسون شهر مان شفٽ ٿي، ڄامشوري ۾ قائم ٿيون ته اديبن، شاعرن ۽ قومي ڪارڪنن ۽ بورڊ جي وچ ۾ ڪجهه ماٺائي ۽ فرق پيدا ٿيا. جويو صاحب بورڊ ۾ نه رهيو ۽ گرامي صاحب جهان ڇڏيو. بدليل ماحول ۾، بورڊ به تبديل ٿيل رُخ اختيار ڪيو. سائين تاج وري بورڊ ۾ ڪڏهن نظر ڪو نه آيو. ڪامريڊ تاج سان آخري ملاقات ياد اٿم، لاڙڪاڻي ۾ سندس اوطاق تي سندس يادگار دعوت ۽ علمي ڪچهري شايد ۱۹۷۴ع جو سَن آهي، جو محمد علي جوهر آل سنڌ ادبي ڪانفرنس ۽ شاعري جو انتظام ڪيو هو. ٻن ڏينهن جي ان يادگار اجتماع کان پوءِ، گرامي صاحب کي سندس عقيدتمند ۽ نامياري محقق ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ، وڏيءَ سڪ سان پاڻ وٽ ٽِڪايو ۽ ڏاڍي خدمت ۽ خاطرداري ڪيائين. دعوتن جي ان سلسلي ۾ هڪ شام ڊاڪٽر شيخ عبدالقيوم ”طراز“ چانهه پارٽي ڪئي ۽ ڪامريڊ تاج پنهنجي اوطاق تي هڪ شاندار ضيافت جو اهتمام ڪيو. اهو به ياد اٿم ته اُن عشائيه ۾ مڇيءَ جا مختلف ڊشز ۽ خاص طرح بيهَن جو پُلاءُ مکيه اسم هئا. مقامي اديبن شاعرن سان گڏ سائين تاج پنهنجا دوست عبدالرزاق سومرو، چاڪر علي جوڻيجو، پروفيسر عبدالمنان چانڊيو، عبدالحق سولنگي ۽ ڪامريڊ جمال الدين بخاري به سڏيا هئا. ڪامريڊ تاج جهڙي عُمدي ڊنر کارائي، وري اهڙي ئي شاندار علمي ڪچهري به برپا ڪيائين. سندس محبت آفرين وسيع دسترخوان، وسرڻ جو ناهي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو صحيح معنيٰ ۾ هڪ اهلِ دل ۽ روشن ضمير ”سنڌ سڄڻ“ مخلص قومي ڪارڪن هو، جنهن جي سيني ۾ قدرت واري سنڌ جي خوشحاليءَ لاءِ هڪ مستقل تڙپ واري دردمند ۽ پُراُميد دل رکي هئي. تاج محمد ابڙو مرحوم منهنجو هم پيشه، هم مشرب ۽ همراز محمد ابراھيم جويو انگريزيءَ جي مشهور چوڻي آهي ته “مئن ازنون فرام دي ڪمپني هي ڪيپس.” مطلب ته “ماڻهو سڃاپجي ٿو سندس سنگت مان.” تاج محمد ابڙي جي سنگت ۾ سائين جي ايم سيد، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، شيخ اياز، شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ کان وٺي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، پير حسام الدين راشدي، سيد غلام مصطفيٰ شاهه، حفيظ قريشي، ضاضي فيض محمد، جمال الدين بخاري، برڪت علي آزاد، مولوي نذير حسين سنڌي، رشيد ڀٽي، گوبند مالهي، نسيم کرل، ڪيرت ٻاٻاڻي، هري دلگير درياڻي، ڪامريڊ مير محمد ٽالپر، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، سراج الحق ميمڻ حميد سنڌي، نور الدين سرڪي ۽ ٻيا سندس دور ۽ عمر جا ڪيئي مڻيادار، محبتي، ڀلارا ۽ ڀلمانس ڳڻيا وڃن ٿا، انهن مان گهڻن سان ۽ خود ساڻس سڌو سنگ منهنجو به رهيو آهي، ۽ انهن مان ڪيترن ئي ٻين سان نياز مندي جو شرف مون کي به نصيب ٿيل هو. پاڻ جڏهن صديءَ جي چاليهن وار ي ڏهاڪي جي شروع ۾ لاڙڪاڻي مان نڪري ڪراچيءَ پڙهڻ آيا، تڏهن کان وٺي تاحيات منهنجو ساڻس سڌو سنگ رهيو. ۱۹۴۱ع ۾ آءُ بمبئيءَ مان تدريسي تربيت وٺي، بي ٽيءَ جي ڊگري حاصل ڪري موٽيو هئس ۽ اچي پنهنجي مادر علمي سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچيءَ ۾ پنهنجي ماستريءَ جي منصب تي دخلڪار ٿيو هئس. بندر روڊ تي، سعيد منزل جي ڀرسان، حاجي چانڊو بلڊنگ ۾ هڪڙو فلئٽ مسواڙ تي وٺي، اسين پنج ڄڻا، دادو ضلعي جا ويٺل ٽي، سنڌ مدرسي جا ماستر حاجي خان لغاري، شير محمد راهوجو ۽ آءُ، ڪراچي لوڪل بورڊ جو اڪائونٽنٽ ڪلارڪ عبدالرحمان سومرو ۽ پنجون سکر ضلعي جو ويٺل جنرل پوسٽ آفيس ڪراچيءَ جو ڪلارڪ ڌڻي بخش دايو صاحب ان فليٽ ۾ رهائش ڪلب ٺاهي، ٿانيڪا ٿيا ويٺا هئاسين. هڪ ڏينهن محمد صالح مشوريءَ نالي خيرپور ناٿن شاهه جو هڪ جوشيلو اڌڙوٽ عمر جو همراهه حاجي خان لغاريءَ جو مهمان ٿي، اسان وٽ آيو. پاڻ فوج جي ڪنهن آفيس ۾ سينيئر ڪلارڪ هو. ڏاڍو ٿي ڳالهائين. ڪافي ڪي احوال هئس. آءُ پاڻ جيڪو بمبئيءَ مان پارٽيءَ جي باني اڳواڻ، ڪامريڊ ايم اين راءِ جا لکيل انگريزي مضمون پڙهي آيو هيس، سو محمد صالح مشوريءَ جي ملڪي ۽ عالمي ڳالهيان ۾ وٺجي ويس. ڳالهين ڳالهين ۾ هن مون کي ڪامريڊ برڪت علي آزاد جو ترجمو ڪيل سنڌي ڪتاب جو “نوجوانن” ڏانهن ۽ اصلي پرنس ڪروپاتڪن جو روسي زبان ۾ لکيل ۽ پوءِ انگريزيءَ ۾ آيل، ڪڍي ڏنو. ۽ پڻ علامه عنايت اللھ مشرقيءَ جي اردو ڪتاب “تدڪره” جو ڏاڍن دل لڀائيندڙ لفظن ۾ ذڪر ڪيائين، جيڪو ٻئي ڏينهن مون وٺي اچي پڙهڻ شروع ڪيو. نوجوانن ڏانهن ڪتابچو ته پهرين ڏينهن يڪساهي پڙهي پورو ڪيم. اهو ڪتابچو پهرينءَ ئي پڙهڻيءَ ۾ منهنجي دل ۾ ائين ويهي ويو، جو عمر ڀر منهنجو اهو بنهه ڄڻ “بائيبل” بڻجي ويو. علامه مشرقيءَ جو “تذڪره” ۽ جيڪو مذهب الاسلام جو سندس پنهنجو علقمنداڻو تعبير Rational interpretation سان رستي ۾ پڙهيم ۽ ان جي انيڪ معقول ڳالهين مان هڪ ڳالهه منهنجي ذهن تي پائدار اثر ڪيو. ڪنهن جو نالو عبداللھ هجي ۽ ٻئي جو گوپالداس وغيره! انهن ڏينهن ۾ ڊي، جي، سنڌ، ڪاليج، اين اي ڊي انجنيئرنگ ڪاليج، شهاڻي لاءِ ڪاليج جي مسلمان شاگردن دادو ضلعي جي شيخ انصاريءَ ۽ ٿرپارڪر جي ضلعي مان عبدالستار شيخ (۽ ٻين) مسلم ليگ ڏانهن مائل، “سنڌ مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن” ٺاهي هئي، اهي ٻيئي ڄڻا هڪ ڏينهن اسان جي ڪلب ۾ اچي نڪتا، ساڻن گڏ تاج محمد ابڙو به هو. جنهن کي ان ڏينهن مون پهريون ڀيرو ڏٺو هو. ٽنهي مان تاج محمد ابڙو مون کي ڳالهين ۽ مامرن جي تور تڪ ۽ ڇنڊڇاڻ ۾ وڌيڪ چست ۽ باخبر لڳو. ويندي ويندي هن کي مون محمد صالح مشوريءَ وارو ڪتابچو پڙهڻ لاءِ ڏنو. ٻئي ڏينهن هو هلي مون وٽ آيو، پر ڪتابچي جي تاثر ۾ مونکي هو بنهه سرشار ڏسڻ ۾ آيو، اهو ڏينهن ۽ سندس سڄي عمر پوءِ، اسين ٻيئي هڪٻئي جي سنگ ۾ ائين گڏ رهياسين جيئن يڪ ڪالب دو جان، ۽ اڄ به جڏهن هو پنهنجي ياد ۾ هو مون سان گڏ آهي. ۱۹۴۷ع تائين جيسين هو ڪراچيءَ ۾ پنهنجي تعليم ۾ جتيل هو، خاص ٻيا ٻه ڪتاب به مون هن کي سعيو ڪري پڙهڻ لاءِ ڏنا، هڪڙو ڪامريڊ ايم اين راءِ جو ڪتاب The Historical Role of Islam جنهن جو تن ڏينهن مون سنڌي “اسلام جو تاريخي ڪارنامو” نالي سان ڪيو هو ۽ ٻيو منهنجو پنهجو ۱۹۴۷ع ۾ شايع ڪيل انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتاب “Save Sindh save the continent from feudal lords capitalists & their communication” (سنڌ بچايو وڏو کنڊ بچايو. جاگيردارن ۽ سرمائيندارن ۽ سندن فرقيوار گهوٽالن کان)، جنهن جي سزا ۾ مون کي سنڌ مدرسي مان پنهنجي ڏهن سالن جي نوڪريءَ تان هٿ کڻڻو پيو هو. پر ماڻهوءَ جو سنگ رڳو ماڻهن سان نه پر ٻين شين سان پڻ تاحيات جڙجي ٿو ۽ جتيو رهي ٿو. مثال طور ڪتابن سان تاج محمد ابڙي ۽ منهنجو ٻيو سنگ ڪتابن جي ڌاڳي سان ڳنڍيل هو. ان جو هڪڙو مثال اهو آهي، جو انهن ڏينهن ۾ ٿنڪرس لئبرريءَ جي سلسلي جا انگريزي ڪتاب ولايت مان ڇپجي، سڄي دنيا ۾ شايع ٿيڻ لڳا هئا، ۽ سنڌ ۾ به اچڻ لڳا هئا. قيمت اهي اٺ آنا في ڪتاب، وڌ ۾ وڌڪ روپيو به ۽ جيستائين ۱۹۴۷ع تائين تاج محمد ڪراچي ۾ رهيو ۽ پوءِ به جيستائين انهن ڪتابن جو سلسلو جاري رهيو تيستائين اسين ٻيئي پاڻ ۾ انهن ڪتابن جي عشق ۾ ڀائيوار رهياسين، تان جو جڏهن پاڻ ۱۹۸۵ع ۾ نوڪريءَ تان رٽارئڊ ڪيائين تڏهن ٻنهي پاڻ ۾ ٿنڪرس لئبرريءَ جي ڪتابن جي لسٽن جي ڀيٽا ۽ مٽاسٽا ڪري ڏٺوسين ته مون وٽ ٽيهارو کن اهي ڪتاب موجود هئا ۽ وٽس به ڪجهه اوترا ئي هئا. ايئن ٻيا اهڙا منهنجا دوست مثال طور شيخ اياز، جمال صديقي، ڊاڪٽر نجم عباسي، سوڀو گيانچنداڻي ۽ ٻيا وقت بوقت هڪٻئي سان فخر ۽ خوشيءَ ۾ ڀرجي انهن بابت پيا حالي حوالي ٿيندا هئاسين. ٻيو سنگ ماڻهو جو ماڻهن سان زندگيءَ جي ڪن اهڙن مامرن جي حوالي سان پڻ ڳنڍجي ٿو ۽ محڪم بڻجي ٿو. مثال طور هم پيشگيءَ جو سنگ جيئن مون شروع ۽ آخر تائين ماستري ڪئي ته تاج محمد ابڙي به شروع ۾ سهي پر ماستري ضرور ڪئي! هيءُ ماستري جو، استاديءَ جو منصب به منهنجي تجربي ۽ مشاهدي ۾ اهڙو لڳڻو ۽ نه ڇڏڻو پڪو ۽ پختو رنگ ٿئي ٿو. جو ٿوري مدت ئي هجي پر ماڻهن جي طبيعتن کي سڄي عمر جي سڃاڻپ ۽ ساڳيائپ ڏيئي ٿو ڇڏي. ماستري، استادي، يعنيٰ سکڻ ۽ سيکارڻ، پڙهن ۽ پڙهائڻ، پنهنجي پورهئي مان پرائڻ ۽ پراپت ڪرڻ ۽ پوءِ سڀڪجهه ڏيئي ڇڏڻ جو اتساهه مون تاج محمد ابڙي ۽ منهنجن اهڙيءَ طبعيت رکندڙ سڀني ساٿين، سنگتين ۽ دوستن ۾، پاڻ کان چار رتيون ڪثر موجود ۽ عمل پيرا ڏٺو. پنهنجي پنهنجي پيشي جي سان لاڳاپيل فرض ادائي جي دائري ۾ ۽ ان کان ٻاهر زندگيءَ جي ٻين عام معاملن ۾ به، هن سر گهور ۽ من اڇل جي عادت کي پنهنجي من ورونهن ڪري ڇڏڻ کي اعليٰ اديبن، شاعرن، فنڪارن، استادن ۽ پڻ اعليٰ مقصدي سياست ۽ پبلڪ توڙي پرائيويٽ سروس جي دائري ۾ ماڻهو جي چاهي ته پنهنجي خاص سڃاڻپ بڻائي سگهي ٿو. ان لاءِ سڀ کان وڌيڪ ماڻهوءَ جو سنگ، فرد (Individual) جي حيثيت ۾، پنهنجي پاڻ سان، پنهنجي ذهن ۽ ضمير سان، پنهنجي مقصد حيات سان هئڻ لازم آهي. ائين ماڻهوءَ لاءِ تڏهن ئي ممڪن آهي، جو هو پاڻ کي پاڻ ڏانهن ذميدار، پاڻ وٽ جوبداه، سمجهي ۽ سو تڏهن ٿيندو جڏهن اوتري قدر پاڻ کي هو آزاد به ڄاڻي. ماڻهو ڪروڙين صدين ۽ لاتعداد جڳن کان ان آزاديءَ جي احساس ۽ ماڻهن لاءِ پنهنجي ڪائناتي آسپاس سان برسر پيڪار رهيو آهي، ۽ پنهنجي فطري عقل جي آڌار تي پنهنجي ان تخليقي جدوجهد ۾ همه تن ومن مصروف پڻ رهندو آيو آهي. تاج محمد ابڙي مرحوم ۽ منهنجي سنگ سڄي عمر انهيءَ اتساهه ۽ امنگ تي هم آواز ۽ اهڙي مقصد ۽ مشرب جي همراز هجڻ ۽ رهڻ تي پڻ قائم رهيو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو منير چانڊيو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو صاحب، سنڌ جو هڪ محب وطن ۽ انسان دوست اديب، سياستدان، صحافي، استاد ۽ سماج سڌارڪ هو. جنهن سنڌ ۾ پورهيت، مظلوم ۽ محڪوم عوام جي حقن لاءِ ۽ جاگيرداراڻي ۽ طبقاتي نظام جي ظلم، جبر، ڏاڍ، ڏهڪاءَ ۽ ٻين سمورين بڇڙاين جي خلاف جدوجھد ڪئي. هن سنڌ ۾ علمي، ادبي، سياسي، سماجي ۽ قومي نئين سجاڳيءَ لاءِ ۽ سماجي انصاف ۽ برابريءَ لاءِ پنهنجو پاڻ ارپي ڇڏيو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ۲ آگسٽ ۱۹۲۴ع تي لاڙڪاڻي ضلعي جي هڪ زميندار قادر بخش خان ابڙي جي گھر ۾ پيدا ٿيو. اولاد ۾ سڪيلڌو پٽ هو. اڃا ننڍو ئي هو ته سندس والد گذاري ويو. جنهن کان پوءِ مٿس وڏيءَ ڀيڻ ۽ ڀيڻيوي جي شفقت ۽ محبت رهي. سندس ڀيڻيوو محمد عثمان ميمڻ هڪ پوليس آفيسر هو، جنهن کي پنهنجي اولاد نه هئي، ان ڪري هن کيس پنهنجي اولاد جيئن پاليو ۽ پنهنجين محبتن جو مرڪز بڻائي ڇڏيائينس. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي صاحب پنهنجي ابتدائي تعليم، پنهنجي ان ئي عالم فاضل ڀيڻ وٽان پرائي، جيڪا سنڌيءَ سان گڏ فارسيءَ جي به سٺي ڄاڻو هئي. پرائمري تعليم قمبر مان حاصل ڪيائين. جنھن بعد گورنمينٽ هاءِ اسڪول قمبر ۾ داخل ٿيو، جيڪو ان وقت پنهنجي تعليمي معيار جي ڪري گھڻو مشهور هو، جتي ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي ۽ ٻيا ڪيترا ئي ناليوارا سياسي ۽ سماجي اڳواڻ ۽ اديب تعليم پرائي چڪا هئا. سندس ڀيڻيوي جي پوليس کاتي ۾ نوڪري هجڻ جي ڪري، مختلف شهرن ۾ بدلي ٿيندي رهندي هئي. ان ڪري هن قمبر هاءِ اسڪول جي هاسٽل ۾ رهي ترتيب سان تعليم پرائي. ان کان پوءِ هن مدرسه هاءِ اسڪول ۾ سيڪنڊري تعليم حاصل ڪئي، ۽ وڌيڪ تعليم پرائڻ لاءِ ڊي. جي ڪاليج ڪراچيءَ ۾ داخل ٿيو. ڪراچيءَ ۾ رهندي هو ريڊيو ڪراچيءَ تي نيوز ڪاسٽر مقرر ٿيو ۽ ڪيتري ئي وقت تائين پنهنجي وڻندڙ، صاف ۽ گونجدار آواز ۾ خبرون پڙهندو رهيو. ڪراچيءَ مان واپسيءَ کان پوءِ ميونسپل هاءِ اسڪول قمبر ۾ انگريزيءَ جو استاد مقرر ٿيو، پر سندس شخصيت کي اهو شعبو راس نه آيو. بعد ۾ ڪراچيءَ مان ايل ايل بي ڪرڻ کان پوءِ، لاڙڪاڻي ۾ وڪالت ڪرڻ شروع ڪيائين. ڪجهه وقت کان پوءِ اسسٽنٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر ۽ پوءِ ڊسٽرڪٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر مقرر ٿيو. انهيءَ عرصي ۾ هو سنڌ ۽ بلوچستان جي ڪيترن ئي شهرن ۾ بدلي ٿي، پنهنجا فرض سرانجام ڏيندو رهيو. هر هنڌ، قانون جي گھري ڄاڻ جي ڪري، پنهنجو اهڙو ڌاڪو ڄمائيندو رهيو، جو کيس ان جي ڄاڻ جي ڪري ۱۹۷۲ع ۾ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشنس جج بڻايو ويو. ۱۹۷۸ع ۾ ترقي ڪري ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشنس جج مقرر ٿيو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي شادي، بيگم حاڪمزادي ميمڻ سان ٿي. جنهن مان کيس چئن نيڪ نياڻين ۽ پنجن پٽن جو صالح اولاد ٿيو. سندس وڏي نياڻي خالده ابڙو آهي، جنهن گريجوئيشن تائين تعليم حاصل ڪئي. سندس شادي محمد صديق ميمڻ سان ٿي، جيڪو ڀان سيد آباد جو زميندار آهي ۽ گذريل بلدياتي اليڪشن ۾ ناظم پڻ رهيو آهي. سندس ٻي نياڻي ڊاڪٽر عابده ابڙو آهي، جيڪا سر ڪائوسجي جھانگير انسٽيٽيوٽ آف سائيڪياٽري حيدرآباد ۾ ڊاڪٽر آهي. سندس شادي ڊاڪٽر نجيب ميمڻ سان ٿي، جيڪو لياقت يونيورسٽي آف هيلٿ اينڊ ميڊيڪل سائنس ڄامشوري ۾ پروفيسر آهي. سندس ٽئين نياڻي شاهده پروين آهي، جيڪا سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي ۾ حيدرآباد ريجن جي پرائيويٽ اسڪولس ۽ ڪاليجز جي ڊپٽي ڊائريڪٽر آهي. هن جي شادي ڪوآپريٽيو هائوسنگ سوسائٽي جي رجسٽرار ساجد سرهيي سان ٿي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي چوٿين نياڻي سنڌ جي نوجوان شاعره، ڪالم نويسه ۽ مهراڻ ٽي وي جي عورتن جي پروگرام ’بنتِ هوا‘ جي ميزبان زاهده تاج ابڙو آهي. هوءَ حيدرآباد جي هڪ گرلس هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ مسلم هسٽري مضمون جي سبجيڪٽ اسپيشلسٽ آهي. سندس شادي ڊاڪٽر محمد اسماعيل ميمڻ سان ٿي، جيڪو سول اسپتال حيدرآباد ۾ ايڊيشنل ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ آهي. ان کان پوءِ سندس صالح پٽن ۾ سنڌ جو نوجوان ڪالم نويس ۽ اديب مير نادر علي ابڙو آهي. جيڪو سنڌ جي ۵۰ کان مٿي معروف ۽ ڪُنڊائيتن شخصيتن ۽ ايتري ئي تعداد ۾ ٻين سماجي ۽ ادبي موضوعن تي لکي چڪو آهي. جيڪو اينٽي ڪرپشن کاتي ۾ سرڪل آفيسر آهي. ان کان پوءِ سندس ٻيون پٽ حيدر علي ابڙو آهي، جيڪو لاڙڪاڻي ۾ وڪالت ڪري ٿو. سندس ٽيون پٽ گوهر علي ابڙو گورنمينٽ ڪاليج مٽياري ۾ پوليٽيڪل سائنس مضمون جو ليڪچرار آهي. سندس چوٿون فرزند مظهر علي ابڙو آهي، جيڪو ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جو ڊپٽي ڊسٽرڪٽ اٽارني آهي. سندس آخري فرزند ذوالفقار علي ابڙو آهي، جيڪو پڻ لاڙڪاڻي ۾ ئي وڪالت ڪري ٿو. ان مان چڱيءَ ريت معلوم ٿئي ٿو ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙي صاحب، پنهنجي ٻارن جي تعليم ۽ تربيت تي خاص ڌيان ڏنو. جيئن جيئن ڪامريڊ جي شخصيت جا علمي، ادبي، سياسي، صحافتي ۽ سماجي پاسا وڌيڪ نروار ٿيندا ويندا، ساڻس بي پناهه محبت ۽ احترام پيدا ٿيندو ويندو. هو پنهنجي سوچ ۽ عمل ۾ ڏاڍو نرالو انسان هو، ۽ سندس سنڌ ۽ سنڌي قوم جي نجات لاءِ جدوجھد ته غير معمولي هئي، پر سندس ذاتي سڀاءُ ۽ طبعيت جي وڏائي به ڏسڻ ۽ خراج تحسين پيش ڪرڻ جي لائق آهي. ڊاڪٽر اياز قادري لکي ٿو ته: تاج محمد کي شاگرديءَ واري زماني ۾ اخبار ڪڍڻ جو ڏاڍو چاهه هو. ان بابت مون سان صلاح ڪندو هو. مان هميشه چوندو هيومانس؛ ”تيل کانسواءِ ڏيئو نه ٻرندو. پاڻ تڪڙا ماڻهو آهيون، پيٽ ئي مشڪل سان ٿا پاليون. اخبار جي عياشي نه ڪري سگھنداسين. هن ڪجهه پئسا پاڻ ۽ ڪجهه پئسا دوستن کان هٿ ڪري ’نوجوان‘ نالي سان هڪ اخبار شروع ڪئي. ان جو ايڊيٽر مون کي مقرر ڪيائين.“ ان مٿئين ٽڪري کي پڙهڻ سان گڏ، ڊاڪٽر اياز قادري صاحب جي ئي لکيل هن ٻئي ٽڪري کي پڙهو ۽ ڪامريڊ تاج محمد جي وڏائي ۽ عظمت جو اندازو لڳايو. ”تاج محمد ابڙي جي ڪوشش سان، سال ۱۹۵۶ع ۾ لاڙڪاڻي جي تجر باغ ۾ شاهه عبداللطيف جي ورسي ملهائي وئي. جيتوڻيڪ ورسيءَ جو سڄو سمورو بندوبست هن پنهنجي هڙون توڙي وڙون ڪيو، پر جيڪي دعوت نامه جاري ڪيا ويا سي منهنجي نالي سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت جي حيثيت سان ويا. مان سمجھان ٿو ته لاڙڪاڻي جي تاريخ ۾ ڀٽائيءَ جي اهڙي شاندار ورسي اڳ ڪڏهن به نٿي هئي.“ تنوير عباسي صاحب لکي ٿو ته: ”ون يونٽ جو اونداهو دور هيو. ادب ذريعي انقلاب جي ان تحريڪ جي روشنيءَ جو پهريون ڪرڻو لاڙڪاڻي ۾ تاج محمد ابڙي جي اوطاق مان اسريو ۽ سڄيءَ سنڌ ۾ ڦهلجي ويو. .... تاج محمد ابڙو وڪيل هيو پر وڪيل کان وڌيڪ دانشور هيو. ادب، تاريخ، فلسفو سڀ پڙهندو هو. دوستن سان بحث ڪندو هو. هو رڳو پڙهڻ وارو نه هو بلڪ ڪڙهڻ وارو به هو. هاري تحريڪ، نيشنل عوامي پارٽي، سنڌ عوامي محاذ، ۽ بعد ۾ پي پي، مطلب ته جيڪا به تحريڪ سنڌ جي پيڙهيل طبقن جي بحالي ۽ آجپي جي لاءِ اٿي، ان ۾ ڀرپور حصو ورتائين.“ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جو انسانذات سان روح جو اٽوٽ رشتو هو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو پنهنجي زندگيءَ جو سمورو شعوري عرصو غريب ۽ مظلوم، پورهيت ۽ هاري عوام لاءِ عملي جدوجھد ڪندي گذاريو. ھن پنهنجي هڙان وڙان ادبي ۽ صحافتي شعبن ۾ خدمتون سر انجام ڏنيون. محمد ابراهيم جويو صاحب لکي ٿو ته: ”منهنجي نظر ۾ تاج محمد ابڙو انساني معاشري جي هر ڀَلان ڀَل ڀلمانَس وانگر، پنهنجي مثالي زندگيءَ ۾ سڄو شعوري عمر جو عرصو ٽن ڳالهين کان پرهيز ۾ رهيو ــ ذاتي ۽ گروهي حرص هَوس کان، نفرت ۽ وڏائيءَ کان ۽ تاريڪ خياليءَ جي هر مونجھاري ۽ انتشار کان، ۽ خالص ان ٽنهين منفي فڪر ۽ عملي آزار کان آزاد هجڻ سبب ئي سڄو وقت هو سنڌ ۽ سنڌي قوم جي نجات لاءِ عوام دوست قومي انقلاب جي مقصد سان پوريءَ محڪمتا سان واڳيل رهيو.“ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو صاحب، شخصي حوالي کان پڻ انتهائي اعليٰ ۽ وڏ ماڻهپي وارو انسان هيو. سائين انيس انصاري صاحب لکي ٿو ته: ”پنهنجي در تي ڪم ڪندڙن جي پيو پرگھور لهندو هو. کين سٺي کاڌي سان گڏ سٺا ڪپڙا وٺي ڏيندو هو. کين سٺي سواريءَ لاءِ سائيڪلون ۽ وقت ڏسڻ لاءِ واچون به وٺي ڏيندو هو.“ اها ڳالهه پڙهي سوچيو ته اڄ جي دور ۾ جتي ڪنهن غريب کي رڳو غربت جي ڪري انسان ئي نٿو سمجھيو وڃي ۽ ساڻس بلڪل نامناسب رويو اختيار ڪيو وڃي ٿو ۽ اهڙا رويا اسان جا ڪيترا ئي نام نهاد اديب ۽ شاعر وغيره پڻ رکندا اچن. اتي هن ماڻهوءَ جو ماڻهپو ڪيترو عظيم آهي. ان ئي حوالي سان سائين انيس انصاري صاحب جون لکيل ٻه ڳالهيون ٻيون به ڏاڍيون اعليٰ آدرشي لڳيون: ”سکر ۾ ابڙي صاحب جي گھر مان چوري ٿي وئي. چور سڄو گھر ٻهاري ويا. چوريءَ ۾ تاج محمد ابڙي جي گھر واري، والده ۽ ڀيڻ جا سونا زيور به شامل هئا. اها چوري پڪڙجي نه سگھي. البته پوليس جڏهن ڪجهه پڪڙيل زيور سڃاڻپ لاءِ سندس گھر آندا ته تاج محمد پنهجي گھر تاڪيد سان چيو ته هو صرف پنهنجا زيور، پنهنجا ڪن. پروان تي هٿ نه رکن. انهن زيورن ۾ ڪو به زيور سندس ڪو نه هو، ان ڪري پنهنجو نه ڪيائون.“ ان واقعي کي پڙهڻ کان پوءِ پڙهي سچ ته ڪيترو ئي وقت هن عظيم انسان جي باري ۾ سوچيندو رهجي ٿو. سندس سچائيءَ تي بي پناهه پيار ايندو رهي ٿو. اڄ جي دور ۾ جڏهن ڪنهن مسجد مان ڪو هيروئني ڪنهن نمازيءَ جي چپل چورائي ايندو آهي ته اهو وري ٻئي جماعتيءَ جي چپل پائي ايندو آهي، پر هن اڏول شخص جي اخلاقي سطح ته ڏسو! گھر آيل زيور موٽائي ڇڏيائين. هينئر جي سوچجي ته اسان مان اهڙا گھڻا ماڻهو اهڙو اخلاقي مظاهرو ڪري سگھن ٿا! هو پنهنجي وصيت نامي ۾ پنهنجي عيال کي هدايت ڪندي لکي ٿو ته؛ ”منهنجا دوست ڪافي آهن، پر هر ڪنهن کي پنهنجا مسئلا در پيش آهن. تنهنڪري انهن کي ڪا تڪليف نه ڏيندا. البته پاڻ ۾ اختلاف يا ڪنهن مسئلي تي سندن صلاح ضرور وٺندا. انهن جي هر وقت عزت ڪرڻ اوهان جو فرض آهي ۽ سندن اولاد سان پڻ تعلق رکڻ جي ڪوشش ڪندا. کانئن ڪڏهن به مالي مدد جي طلب نه ڪندا. ها البت ضرورت وقت اخلاقي مدد ضرور وٺندا ۽ مون کي يقين آهي ته هو ان ۾ پوئتي پير نه ڏيندا. مون تي منهنجا محسن ۽ دوست سدائين مهربان رهيا آهن، جن جو آئون شڪر گذار آهيان.“ سچ ته هن عظيم انسان جو هر عمل بنهه حيرت ۾ وجھندڙ آهي. اسان پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪيترن ئي نالي چڙهيل اديبن، شاعرن ۽ ڪامريڊن کي سندن شخصي زندگيءَ ۾ جيترو ننڍڙو ڏٺو آهي، اهو ڪنهن به نوجوان ليکڪ جي مايوس ٿيڻ لاءِ ڪافي آهي، پر ڪامريڊ تاج محمد ابڙو صاحب الاءِ ته ڪهڙي جُڳ جو ماڻهو هو! لطيف جي سر رامڪليءَ جو ڪو جيئرو جاڳندو ۽ حقيقي ڪردار هو؟ حضرت محمد صلعم جي انساني ڀلائيءَ واري پيغام جو عملي روپ هو؟ يا مارڪس جي پورهيت دوست فڪر جي عمل جو سچو پچو نادر شخص هو! هو اصل ۾ هو ڇا؟ پر يقيناَ هو اهو سڀ هو. نوري ۽ ناري، جوڳيئڙا جھان ۾، ٻري جن ٻاري، آئون نه جيئندس ان ري. (شاهه) تاج محمد ابڙو سندس شخصيت جا مختلف پاسا رئوف نظاماڻي سنڌ جو امله هيرو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو. هي ڪتاب محمد ابراهيم جويو جو ترتيب ڏنل آهي ۽ ۲۰۰۶ ۾ شائع ٿيو هو. هن وقت هي ڪتاب سنڌ سلامت جي ويب سائيٽ تي موجود آهي. هن ڪتاب ۾ مختلف ليکڪن، جن مان ڪي تاج محمد ابڙو سان ذاتي طور لاڳاپيل ۽ سندس دوست رهيا آهن ۽ ڪن رڳو سندس نالي ۽ ڪم متعلق ٻڌو آهي، سندس زندگي جي گھڻن پاسن متعلق لکيو آهي. تاج محمد پاڻ ڪڏهين ڪجھ به نه لکيو. جيڪڏهين ڪير کيس لکڻ لاء چوندو هو ته هو هٿ مٿي ڪري بيهي رهندو هو. پر ڪتاب جي مختلف مضمونن مان خبر پئي ٿي ته هو پاڻ هڪ گھڻ پاسائتي شخصيت جو مالڪ ۽ گھڻو پڙهيل لکيل ماڻهو هو. شروع ۾ ڪجھ عرصو استاد به رهيو. ان ڪري محمد ابراهيم جويو کيس پنهنجو هم پيشه چئي ٿو. صحافت سان سندس واسطو رهيو. هن ڪراچي ۾ ڪجھ عرصو الوحيد ۾ سب ايڊيٽر جي حيثيت ۾ نوڪري ڪئي ۽ ريڊيو ۾ انائونسر ٿي رهيو. نوجوان جي نالي سان پنهنجي هفتيوار اخبار به جاري ڪيائين جنهن جو ايڊيٽر اياز قادري هو پر مالي ڏکيائين جي ڪري گھڻي عرصي تائين ان کي جاري نه رکي سگھيو. ڪراچي ۾ سندس واسطو ڪميونسٽ پارٽي سان رهيو. هو اڳوڻي لائيٽ هائوس سينيما ويجھو پارٽي جي آفيس ۾ به ويندو هو. اتي هو. جمال بخاري، سوڀو گيانچنداڻي ۽ ٻين سان مليو. هو قادر بخش نظاماڻي کي پنهنجو استاد ڪري ليکيندو هو. هن مزدورن ۾ پارٽي جو ڪم به ڪيو پر قانون جي تعليم حاصل ڪرڻ کاننپوء لاڙڪاڻي هليو ويو جتي مختلف وڪيلن سان انهن جي جونيئرطور ڪم ڪيائين. لاڙڪاڻي ۾ جيئن ته گھڻا ڪارخانا ۽ مزدور نه هئا ان ڪري هتي موٽڻ کانپوء هن هارين ۾ ڪم ڪرڻ کي ترجيح ڏني ۽ حيدر بخش جتوئي سان سندس تعلق ٿيو. ساڳي وقت ڪميونسٽ پارٽي سان ڄڻ سندس واسطو هوندو ئي هو ۽ اهي مٿس اعتماد ۽ ڀروسو ڪندا هئا. اياز قادري پنهنجي مضمون ۾ ٻڌائي ٿو ته جڏهين مشهور ڪميونسٽ اڳواڻ حسن ناصر عتاب هيٺ ۽ روپوش هو ته ڪجھ ڏينهن لاء تاج محمد ابڙو جي اوطاق تي رهيو هو ۽ هن ڪنهن ڊپ ڊاء کانسواء کيس اتي رهايو هو. پر لڳي ائين ٿو ته لاڙڪاڻي موٽڻ کانپوء ان جي باوجود ته سندس تعلق حيدربخش جتوئي سان هو عملي سياست سان سندس واسطو ختم ٿي ويو هو. شروع ۾ ڪجھ عرصو سياست ۾ سرگرم رهڻ کانپوء هن وڪالت جو پيشو اختيار ڪيون. ائين چئي سگھجي ٿو ته تنظيمي طور سندس ڪنهن به سياسي ڌر ۽ جماعت سان واسطو نه رهيو. سنڌي ادبي سنگت کي هڪ مرڪز ڏيڻ ۾ به هن هڪ ڪردار ادا ڪيو. تنوير عباسي پنهنجي مضمون ۾ ٻڌائي ٿو ته هن رشيد ڀٽي ۽ مقبول ڀٽي اهو سوچيو ته مختلف جاين تي ڌار ڌار ادبي گڏجاڻيون ٿين ٿيون پوء ڇو نه انهن کي هڪ مرڪز تي گڏ ڪجي. ان وقت کين اهو موقعو لاڙڪاڻي ۾ جميعت الشعراء جي ڪانفرنس جي دعوت ملڻ سان هٿ اچي ويو. ان ڪانفرنس ۾ گھڻا هم خيال ليکڪ وغيره موجود هئا. ڪانفرنس کانپوء تاج محمد ابڙو اسان جي گڏجڻ جو انتظام پنهنجي جاء تي ڪيو جتي اسان گڏ ٿياسين ۽ سنگت جي نئين سر تنظيم ڪئيسين. اهڙي ريت اياز قادري ٻڌائي ٿو ته انهن ڏينهن ۾ لاڙڪاڻي ۾ لطيف ڊي جو هڪ شاندار پروگرام ڪيوسين جنهن جو سڄو خرچ ته تاج محمد پاڻ ڪيو پر ان جو سڄو ڪريڊٽ اياز قادري کي ڏنائين. . ان وقت لاڙڪاڻي ۾ سياسي ۽ ثقافتي لحاظ کان گھڻي سرگرمي ۽ گهما گهمي هوندي هئي. اياز قادري ٻڌائي ٿو ته شام جو مختلف جاين تي مختلف ماڻهن جون ڪچهريون ٿينديون هيون جن ۾ شهر ۽ ٻاهر جا گھڻا ماڻهو شريڪ ٿيندا هئا. لاهورين ۾ حاجي امير علي جي ڪچهري، پوسٽ آفيس جي سامهون عبدالغفور ڀرڳڙي جي ڪچهري، اسٽيشن جي ڦاٽڪ لڳ قاضي فضل الله جي ڪچهري، ٿورو هيٺ عبدالفتاح ميمڻ جي ڪچهري ۽ اهڙي ئي هڪ ڪحهري ٽائون ٿاڻي لڳ تاج مجمد ابڙو جي به هوندي هئي جيڪا انهن سڀني کان منفرد ۽ نرالي هوندي هئي. ان ڪچهري ۾ نه رڳو لاڙڪاڻي پر ٻين شهرن ۽ علائقن جا مختلف خيالن ۽ طبقن جا ماڻهو اچي شريڪ ٿيندا هئا ۽ چانه جي ديڳڙي هميشه گرم هوندي هئي. ان ڪچهري ۾ ڪڏهين ڪڏهين ذوالفقار علي ڀٽو، جنهن جي تاج محمد سان ويجھڙائي هوندي هئي ۽ هو مختلف معاملن ۾ ساڻس صلاح مشورا به ڪندو هو، اچي ويهندو هو. پڙهڻ سان کيس شروع کان ئي دلچسپي هئي. ڪراچي ۾ محمد ابراهيم جويو سان سندس تعلق جڙيو. هن کيس مختلف ڪتاب پڙهڻ لاء ڏنا. هو ٻڌائي ٿو ته ان وقت ٿنڪرس لائبريري جي سلسلي جا انگريزي ڪتاب ولايت ۾ ڇپجي سڄي دنيا ۾ شائع ٿيڻ لڳا هئا ۽ سنڌ ۾ به اچڻ لڳا هئا. انهن جي قيمت هوندي هئي اٺ آنا، ٻارنهن آنا في ڪتاب ۽ وڌ ۾ وڌ روپيو، ٻه ۽ جيستائين ۱۹۴۷ تائين تاج محمد ڪراچي ۾ رهيو ۽ پوء به جيستائين انهن ڪتابن جو سلسلو جاري رهيو تيساتئين اسين ٻيئي پاڻ ۾ انهن ڪتابن جي عشق ۾ ڀائيوار رهياسين. جڏهين پاڻ ۱۹۸۵ ۾ نوڪري تان رٽائر ڪيائين ته ڀيٽ ڪرڻ سان خبر پيئي ته ثنڪرس لائبريري جا جيترا ٽيهارو کن ڪتاب مون وٽ موجود هئا اوترا وٽس به هئا. اهڙي ريت ٽائيم ميگزين وٽس باقاعدي ايندو هو. وٽس ڪتابن جو چڱو خاصو ذخيرو هو. هو پوء وڪالت ڇڏي ذوالفقار علي ڀٽو جي چوڻ تي ايڊيشنل سنشن جج ۽ پوء سيشن جج ٿي رٽائر ٿيو. جج ٿيڻ کانپوء به سندس پنهنجن دوستن ۽ ٻين ماڻهن سان ساڳيو ورتاء هوندو هو. اياز پنهنجي مضمون ۾ ٻڌايو آهي ته جڏهين تاج محمد جي سکر ۾ تعيناتي هئي ته سندس ساڻس ڪجھ ذاتي ڳالهين تي اختلاف ٿيا هئا جيڪي پوء حل ٿي ويا هئا. جج هئڻ دوران به سندس طور طريقن ۾ گھڻو فرق نه آيو هو. سندس ڪوشش هوندي هئي ته عام ماڻهو کي انصاف ملي ۽ فائدو پهچي. ساڳي ريت شام جو سندس ڪچهري ٿيندي هئي. رٽائر ٿيڻ کانپوء آبهوا جي ڪري هن ٺٽي ۾ رهائش اختيار ڪئي پر لاڙڪاڻي سندس اچ وڃ هوندي هئي. هڪ ڀيري ٺٽي ۽ لاڙڪاڻي جي وچ ۾ سندس گھر وارن کان ڦر ٿي. ملزمن جي پڪڙجڻ کانپوء جڏهين تاج محمد جي گھر وارن کي سامان ڏيکاريو ويو ته هن کين خاص هدايت ڪئي ته رڳو اهو سامان کڻو جيڪو اوهان جو آهي. ان سامان مان ڪجھ به انهن جو نه هو ۽ اهو سامان ائين واپس ٿي ويو. ائين چئي سگھجي ٿو ته هو اهڙو شخص هو جنهن کي هڪ مثال طور پيش ڪري سگھجي ٿو. (رئوف نظاماڻيءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۴ آگسٽ ۲۰۲۲ع تي کنيل) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو تاريخ جو سرمايو فقير محمد سنڌي سنڌ جي اهم شخصيت ڪامريڊ تاج محمد ابڙو پنھنجي زندگيءَ ۾ قومي ۽ ثقافتي اهڃاڻن کي دلي داد به ڏنو ۽ ان قومي ڪردار کي تاريخ ۾ نئون موڙ به ڏنو. تاريخ ۾ تمام ٿورا فرد آهن جن قومن جي جاڳرتا کي پنھنجي زندگيءَ جو حصو سمجهي حقيقي رخن کي سماج اندر تبديليءَ، خوشحاليءَ جو پيڪر ڏئي سجاڳي جي دڳ لاٿو آهي. هي سر موڙ انسان جيڪو سدائين سنڌ جي تاريخ جو سرمايو رهندو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ۲- آگسٽ ۱۹۲۴ع تي ضلعي لاڙڪاڻي جي اڳوڻي تعلقي شھدادڪوٽ ۾ جنم ورتو. بنيادي طور هر انسان پنھنجي علائقي مان تعليم حاصل ڪندو آهي، اهڙي ريت ڪامريڊ تاج محمد ابڙو به قنبر، لاڙڪاڻي ۽ ڪراچيءَ مان تعليم حاصل ڪئي. ماحول جي اثر ڪري ڪامريڊ کي سياست طرف قدم وڌائڻو پيو۽ اها دلچسپي وڌندي رهي جنھن جي ڪري ڪامريڊ تاج محمد ابڙي پنھنجي ديس واسين جي آسانيءَ سان خدمت ڪرڻ جو رستو ڳوليو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ۱۹۴۷ع ۾ لاڙڪاڻي مان وڪالت شروع ڪئي. تاريخ جا ورق ٻڌائين ٿا ته ڪامريڊ گهڻي ڀاڱي فوجداري ڪيسن کي اهميت ڏيندو هو، رنگ نسل کان هٽي ڪري هر آيل ماڻهوءَ جي دل کولي مھمان نوازي ڪندو هو. شھيد ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ سيشن جج مقرر ٿيو ۽ اهڙي عھدي هوندي هن مڙس مٿير ڪڏهن به پنھنجي فرض ۾ ڪوتاهي نه ڪئي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو بنيادي طرح سوشلسٽ ۽ جمھوري خيالن جو حامي رهيو، ان ڪري هاري ڪميٽيءَ ۽ ٻين ترقي پسند جماعتن ڏانھن رخ رکندو هو. ان لاءِ ڪامريڊ جي روح ۾ پنھنجي وطن جي حُب، زبان يعني ٻوليءَ جو اُلڪو مستقل طور تي رهندو هو. ڪلچر، قومي ڪردار تي سدائين سرخرو رهيو، سياسي ۽ اقتصادي مفاد جي اصولن تي ڪڏهن به سوديبازي ڪونه ڪيائين. سماجي زندگيءَ جا طور طريقا قومي ڪردار، آرٽ ادب ۽ فن لطيف ذريعي عام انسانن تائين بھتر نموني سان پھچايا ۽ پاڻ به سماجي زندگيءَ جي ڇانوَ ۾ تربيت حاصل ڪندو رهيو. هي لاڙڪاڻي جو انمول انسان، جديد ادب جي سجاڳي جي دولت، جج، وڪيل ۽ بھترين سياستدان جو تاج پنھنجي سِرَ تي رکي قوم جي خدمت ڪئي. سنڌ جي ڏاهي محمد ابراهيم جويو جا ڪامريڊ تاج محمد ابڙي لاءِ لکيل ڪجهه سِٽون اوهان جي نظر ته: ”منھنجي نظر ۾ تاج محمد ابڙو انساني معاشري جي هر ڀَلان ڀل ڀلمانس وانگر، پنھنجي مثالي زندگيءَ ۾ سڄو شعوري عمر جو عرصو ٽن ڳالهين کان پرهيز ۾ رهيو. ذاتي ۽ گروهي حرص هَوس کان نفرت ۽ وڏائي کان ۽ تاريڪ خياليءَ جي هر مونجهاري ۽ انتشار کان ۽ خالص ان ٽنهين منفي فڪر ۽ عملي آزار کان آزاد هجڻ سبب ئي سڄو وقت هُو سنڌ ۽ سنڌي قوم جي نجات لاءِ عوام دوست قومي انقلاب جي مقصد سان پوري محڪمتا سان واڳيل رهيو.“ تنوير عباسيءَ جون سِٽون جيڪي ڪامريڊ لاءِ لکيل آهن، مختصر طور تي: سنڌي ادبي سنگت جو ڪنوينشن سڏائجي، جنھن ۾ سڀني ادبي سنگتن ۽ سندن شاخن کي گڏ ڪري سنڌ سنگت کي زور وٺائجي ۽ ان جو دستور وغيره منظور ڪرائجي. اهوو روشنيءَ جو پھريون ڪرڻو هو، جيڪو ون يونٽ جي اونداهي دؤر ۾ تاج ابڙي جي اوطاق مان ڦُٽو ۽ سڄي سنڌ کي جرڪائي ڇڏيائين. تاج محمد ابڙو وڪيل هو، پر وڪيل کان وڌيڪ دانشور هو. ادب، تاريخ، فلسفو سڀ پڙهندو هو، دوستن سان بحث ڪندو هو، لکيائين هڪ لفظ به ڪونه، پر پڙهيو به گهڻو ته ڪڙهيو به گهڻو. هو نه رڳو پڙهڻ وارو هو، پر ڪڙهڻ وارو به هو. هاري تحريڪ، نيشنل عوامي پارٽي، سنڌ عوامي محاذ ۽ بعد ۾ پ پ ۾، مطلب ته جيڪا به تحريڪ سنڌ جي پيڙهيل طبقن جي ڀلائيءَ ۽ آجپي جي لاءِ هئي، ان ۾ ڀرپور حصو ورتائين. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي زندگيءَ مان صاف ظاهر آهي ته هو سنڌي ڪلچر، جمھوريت جي رستي جو حامي هو، جنھن موجب هرهڪ انسان، قوم، مذهب ملڪ ۽ نسل جي جداگانه وجود ۽ حق خوداريءَ جو طرفدار ٿي رهيو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي پنھنجي زندگيءَ ۾ سمجهي ورتو هو ته جنھن وٽ طاقت آهي اهو تشدد جو حامي آهي. ان لاءِ ڪامريڊ کي طاقت هوندي به انسان ذات لاءِ گڏيل ڀائپي وارو پيڙهه جو پٿر رهيو. اهو پيڙهه جو پٿر سندس اوطاق هئي جتان سياسي ۽ ادبي دوست پنھنجي راهه هموار ڪري اڳتي وڌندا هئا. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي اوطاق شعور جي لاٽ کان گهٽ ڪونه هئي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو پنھنجي پيءُ ماءُ جو سڪيلڌو پُٽ هو پر پيءُ جي پرورش نه ملي سگهيس. ڀيڻ فاطمھ جي گهر گُذاريو. دنيا جا اُهي ٻارَ عظيم ٿيندا آهن، جن کي پيءُ ماءُ جي پرورش نه ملندي آهي، تمام گهڻا مثال منھنجي نظر ۾ آهن پر مضمون ۾ ڊيگهه گهڻي ٿي ويندي. مولانا جلال الدين رومي جي مثنوي مان ڪامريڊ تاج محمد ابڙي لاءِ ته، دل جو آئينو صاف ڪراءِ، ۽ ڪامريڊ جي دل جو آئينو بلڪل صاف هو. روميءَ چيو ته، جيڪي ڪنھن به ڪتاب پڙهڻ ۽ هنر سکڻ جا محتاج نه آهن، مگر انساني دلين کي لوڀ، ڪنجوسائي ۽ کوٽاين کان پاڪ ڪري ڇڏيندا آهن. جيئن سِپَ پنھنجي اندر ۾ سچا موتي سمائي چپ چاپ آرام ۾ پيئي رهي ٿي. تيئن اهڙي ڀرپور دل به راحت جي سمنڊ ۾ بي فڪري سان پيئي رهي. سپ کي ٽوٻن جي دست درازيءَ جو کٽڪو رهي ٿو، پر ان ڀرپور دل تي موت به غالب پئجي نٿو سگهي. واقعي ڪامريڊ تاج محمد ابڙي تي موت غالب نه رهي سگهيو، جسماني طور تي ڪامريڊ ۱۰- مارچ ۱۹۸۶ع تي لاڏاڻو ڪيو، پر پنھنجن دوستن ۽ تاريخ ۾ ڪامريڊ امر انسان آهي. (ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۱ مارچ ۲۰۲۳ع تي ڇپيل) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ساڃاهوند ساربان منظور ڪوهيار لاڙڪاڻي جو اڄوڪو جناح باغ، جيڪو ميرن جي زماني ۾ چانڊڪا پرڳڻي جي گورنر نواب ولي محمد جو باغ هو. سندس وفات ۱۸۳۸ع کان پوءِ نعش امانت طور رکرائي، مٿائنس تجر ٺهرائي وئي. جنهن جي ڪري اهو باغ تجر باغ نالي به سڏجڻ لڳو. انگريزن جي ايامڪاريءَ ۾ لاڙڪاڻي جي هڪ هڏڏوکي انسان ’ريجهو مل لاهوري‘ وبائي بيماري ۾ مبتلا ماڻهن جي خدمت ڪندي پراڻ ڏنا، ته سندس ياد ۾ ان دؤر جي ميونسپل ڪاميٽي، تجر باغ جو نالو ڦيرائي ريجهو مل پارڪ رکي ڇڏيو. ۱۹۴۷ع کانپوءِ اهو پارڪ به پاڪستاني بڻجي جناح باغ بڻجي ويو. پر اهو هنڌ انگريزن جي دؤر کان وٺي اڄ تائين لاڙڪاڻي واسين لاءِ هائيڊ پارڪ جهڙي حيثيت رکندو آيو آهي، جتي سياسي، سماجي، ثقافتي، مذهبي ۽ ادبي ميڙاڪا مچندا رهيا آهن. ۱۹۶۵ع ۾ آءٌ ڏهن سالن جو هيس، پاڪستان ۽ هندستان جي جنگ لڳي، سترهن ڏينهن کان پوءِ لاڙڪاڻي جي سڀني اسڪولن جي ٻارن کي جناح باغ ۾ آڻي، ’ايمان افروز جلسن‘ ۾ زوري شرڪت ڪرائي وئي، جيئن اڄڪلهه ڪرائي ويندي آهي، مون به پرائمري اسڪول جي شاگرد جي حيثيت سان شرڪت ڪئي، اڄ تائين اهو قومي گيت ياد آهي، جيڪو بک ۽ اُڃ تي استادن دڙڪا ڏئي ياد ڪرايو هو. اي خطئه لاهور تيري جانثارون ڪو سلام جڏهن ٻارهن تيرهن سالن جي عمر ٿي، ته گھر جا ڀاتي سودو سلف، گوشت مڇي وٺڻ لاءِ شهر موڪلڻ لڳا. جيڪڏهن پاڪستاني چونڪ يا مڇي مارڪيٽ وڃڻو هوندو هيو، ته لاهوري محلي کان گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڏانهن رخ ڪبو هو، پوءِ سول اسپتال ۽ آخر ۾ جناح باغ مان وچ ڪري منزل مقصود تي پهچبو هو. جناح باغ مان گذرندي رنگ وار (تاش راند جو هڪ قسم) کيڏندڙ ٽولن جا هوڪرا، مدارين جا ڪرتب، مشڪرن جو مشڪريون، سياسي، سماجي، ۽ ادبي جلسن کي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جا موقعا فراهم ٿيندا هيا. ڪڏهن ڪڏهن اهڙن جھميلن ۾ ڀاڄي وٺڻ به وسري ويندي هئي. پوءِ جڏهن خالي ڇلي سان گھر پهچبو هو ته گھر وارن جي دڙڪن ۽ دهمانن سان منهن ڏيڻو پئجي ويندو هو. مون جن شخصيتن کي جناح باغ ۾ ڏٺو ۽ ٻڌو، انهن ۾ قاضي فضل الله، محمد ايوب کهڙو، مولانا محمد قاسم مشوري، نصير الجتهادي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، عبدالغفور ڀرڳڙي، ممتاز علي ڀٽو، عبدالوحيد ڪٽپر، عبدالرزاق سومرو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ جمال الدين بخاري، ڪامريڊ تاج محمد ابڙو وغيره وغيره. ٻن شخصيتن جي تقرير جو انداز ڏاڍو منفرد هيو، هڪ ڪامريڊ جمال الدين بخاري جي تقرير،جيڪا باهه جي شعلي جيان ڀڙڪيلي هوندي هئي، ۽ ٻيو ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي تقرير جيڪا نار جي لوٽين جيان ٿڌي ۽ مٺي پاڻيءَ جهڙن لفظن جي پالوٽ ڪندي هئي. ايوبي آمريت جي خلاف جناح باغ يا غريب مقام ۾ پرجوش ۽ ٽوڙ ڦوڙ وارا جلسا ٿيندا هيا، پيپلز پارٽي جي جيالي مقرر عبدالوحيد ڪٽپر جي تقرير ٻڌڻ کان پوءِ، نوجوان واپس گھر ورندي ڪنهن نه ڪنهن سرڪاري دفتر جو بورڊ پٽيندا يا تعليمي ادارن جي دروازن ۾ لڳل شيشن کي پٿرن يا سروٽن سان چٽي پنهنجي نفرت جو اظهار ڪندا هيا. پر ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي تقرير ڏاڍي مدلل ۽ ملڪ جي ٻرندڙ مسئلن تي هوندي هئي، جيڪا جوش کان وڌيڪ هوش ۾ رهڻ ۽ سوچڻ تي مجبور ڪندي هئي. صدر ايوب ويو، يحيٰ آيو. ۱۹۷۰ع واري اليڪشن ٿي. اوڀر پاڪستان ۾ شيخ مجيب الرحمان کٽي ۽ اولهه ۾ ذوالفقار علي ڀٽي صاحب. پوءِ سياسي رساڪشي شروع ٿي. فوجي آپريشن شروع ٿيو. اوڀر پاڪستان جي بنگالين مزاحمت ڪئي. الشمس و البدر ۽ مڪتي باهني ٺهيون. اڳتي هلي۱۹۷۱ع ۾ هندستان ۽ پاڪستان جي جنگ لڳي ته جناح باغ ۾ چهل پهل وڌي وئي. خاڪسار تحريڪ قوم کي هوشياري وٺرائي، ’آگي چل پيڇي چل‘ واري پريڊ ٿيڻ لڳي، ٻيو ته ٺهيو شاهي بازار جي شيخ دوڪاندارن به جناح باغ ۾ ٽريننگ وٺڻ شروع ڪئي ۽ ظاهر ظهور گھاٽي جو سودو ڪيو. پر يحيٰ ميدان ڇڏي، جهنگلن ۽ درياهن ۾ وڙهڻ جو اعلان ڪيو ته شيخ صاحبن جو جوش ۽ جنون به ختم ٿي ويو . پر جي اها جنگ وڌيڪ هلي ها ته وڏو ڪِنُ ٿي ها. منهنجو ڪو ٻيو مطلب ڪانهي، سواءِ انهي جي ته شاهي بازار جا شيخ هڪ سياڻا ڪانوَ ۽ ٻيو ٿين ها جنگجو شاهين ته ڇا ٿا سمجهو!؟ جنگ جي خاتمي کان پوءِ ڀٽو صاحب اول صدر بڻيو ۽ پوءِ وزيراعظم ٿيو. جناح باغ ۾ شور وڌي ويو. جهڙوڪ ابن الوقت برساتي ڏيڏرن جو زمانو اچي ويو، جنهن جو گھر ۾ وٽي تي به نالو نه هوندو هو، سو جناح باغ جي اسٽيج تي چڙهي گھٽ ۾ گھٽ ڏيڍ لک برادري يا پنهنجي قوم سان پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيندو هو.جناح باغ جي اندر ٽائون هال جي عمارت نيشنل سينٽر بڻي. مرحوم خادم حسين شاهه بخاري ريزيڊيٽ ڊائريڪٽر ٿيو. هفتي ۾ گھٽ گھٽ ٽي چار سياسي سماجي پروگرام ٿيندا رهيا. انهيءَ دؤران مون ٻن ماڻهن ۾ تبديلي نه ڏٺي، هڪڙو هيو ڪامريڊ جمال الدين بخاري ۽ ٻيو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو. مون ڪڏهن به ڪامريڊ تاج محمد ابڙي کي درٻاري انداز ۾ تقرير ڪندي يا گٿا لفظ ڳالهائيندي نه ٻڌو ۽ سندس انداز اهو ئي مختصر مگر جامع ۽ پرفضيلت رهيو. جڏهن ته برساتي ڏيڏر ان زماني ۾ آپي کان ٻاهر هوندا هيا، اجايو سجايو پيا واڦيندا ۽ ٽان ٽان ڪندا رهندا هيا. جيڪڏهن انهن تي لکجي ته اها به جهڙوڪ لاڙڪاڻي جي سياسي ۽ سماجي تاريخ بڻبي. تاج محمد ابڙي جي ڪچهرين جو چوٻول اُن دؤر ۾ چڱن ماڻهن جي وٽان ٻڌبو هيو ته سندس اوطاق لاڙڪاڻي جو علمي ۽ ادبي مرڪز آهي. پر شرڪت ڪرڻ جو ڪڏهن به موقعو نصيب نه ٿيو، البت کيس نوڙي سلام ڪرڻ ۽ ملڻ جا ڪيترائي موقعا نصيب ٿيا ۽ ڪامريڊ هميشه مشفقانه ۽ پدرانه انداز ۾ ملندو رهيو. ۱۹۷۲ع جي دؤران نيشنل سينٽر جي آڊيٽوريم هال ۾، جڏهن مون ڪامريڊ تاج محمد کي مسلسل غير حاضر ڏٺو ته ڪامريڊ جمال الدين بخاري کان پڇيم: ’سائين ڪامريڊ تاج محمد صاحب نظر نه ٿو اچي اڄ ڪلهه؟‘ ٻڌايائين ته ڪامريڊ جج ٿي سکر پهتو آهي. پوءِ لاڙڪاڻي ۽ خصوصن جناح باغ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي ڪمي کي ڏاڍو محسوس ڪيو. ۱۹۷۹ع جو پرآشوب دؤر هيو. ضيائي مارشل لا عروج تي هئي، لاڙڪاڻي ۾ ڪنهن مسڪين جو اڳٺ اتفاق سان لڙڪي پوندو هو ته مارشلائي قانون جي ضد ۾ اچي ويندو هيو. اسٽيشن روڊ تي هڪ عجيب و غريب هوٽل کليو، نالو هيس تماچي ــــ اندرگھڙبو هو ته چار پنج ٿري چوئنرا ٺهيل هوندا هيا.۽ هر چوئنري اندر ڏهه ٻارنهن ڪرسيون پيون هونديون هيون شهر جا اڪثر کاٻي ڌر سان سلهاڙيل جوشيلا نوجوان ۽ نام نهاد ڪامريڊ پنهنجا پنهنجا ٽولا ٺاهيو ويٺا هوندا هيا. سندن ڀرسان انٽيليجنس جا ماڻهو به ڪن اوپڙا ڪيون ويٺا هوندا هيا. انهن چوئنرن جي اندر تيز تند ۽ ڪڏهن ڪڏهن سنجيدگي سان ستايل قوم کي جاڳائڻ جون تدبيرون ٿينديون هيون . انهن ٽولن ۾ هڪڙو ٽولو ڪامريڊ روشن شيخ جي ارد گرد به ويٺو هوندو هيو. ڪامريڊ روشن شيخ به عجيب اڌ راتي ڪردار هيو. جيڪو رات جو جاڳندو ۽ ڪم ڪرڻ جي مهل سمهي پوندو هيو. جنهن تي ڪڏهن نه ڪڏهن ضرور لکبو، اُهو هميشه اُنهن ماڻهن کي پنهنجي تنقيد جو نشانو بڻائيندو هيو، جن ڀٽي صاحب جي دؤر ۾ نوڪريون ورتيون. انهن ۾ خاص ڪري شيخ اياز ۽ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ٽارگيٽ هوندا هيا. مون به جڏهن سندس تنقيد ٻڌي ته اثر ورتو. هڪ ڏينهن بيڪر روڊ، پوءِ قائد عوام روڊ ۽ هاڻي عرف عام قائم شاهه بخاري روڊ تان لنگھندي ڪامريڊ جمال الدين جي منهن چڙهي ويس. مون تي ڪامريڊ روشن شيخ جو نئون نئون اثر هيو، سو ان حوالي سان سوال ڪري وڌم. ڪامريڊ جمال الدين نڪا ڪئي هم، نه ڪا ڪئي تم، هٿ کان ڇڪي گھر وٺي ويو، گھر جي بيٺڪ ۾ ويهاري چيائين؛ ”هاڻي چئو.“ مون چيو: ”سائين اڄڪلهه اِها عام تنقيد آهي ته ترقي پسندن ڀٽي صاحب جي زماني ۾ نوڪريون وٺي نظرياتي غداري ڪئي آهي.“ ”مثلن؟“ ”شيخ اياز ۽ تاج محمد ابڙي وغيره“ ”ٻڌ، ڪامريڊ تاج محمد ابڙي مون کان پڇيو هو ته ذوالفقار علي ڀٽو چاهي ٿو ته آءٌ ڪو منصب وٺان، تنهنجي ڇا راءِ آهي؟خبر ٿي مون ڇا چيو؟“ ”ڇا چيو؟“ ”مون چيو وڃي جج ٿيءُ، غريب ۽ مظلوم ماڻهن جي داد رسي ڪر، پوءِ هو جج ٿي ويو.“ مون وراڻيو؛ ”ڪامريڊ، پوءِ ته اُهو کاٻي ڌر وارن تي ليبل لڳندو ته هو پنهنجيون خدمتون ڪيش ڪرائن ٿا“. ڪامريڊ وراڻيو: ’اها ڳالهه ته ٻڌاءِ، جي ساڄي ڌر وارا پنهنجا ماڻهو سرڪاري ادارن ۾ موڪلن ته صحيح، جي اسان موڪليون ته غلط!؟ هن وقت سرڪاري شعبن ۾ وڌ ۾ وڌ ساڄي ڌر جا ماڻهو ويٺا آهن. ان ڪري جيڪي به پاليسيون ٺهن ٿيون، اُهي رجعت پسندانه آهن. اِن جو ٽوڙ اِهو آهي ته اسان جا ماڻهو به هر شعبي ۾ هجڻ گھرجن.“ مون کي ڪامريڊ روشن جو ڏنل بخار هيو، ڦيرائي سوال ڪيو مانس: ”پر جيڪڏهن اُهي موڪليل ماڻهو سرڪاري يا درٻاري ٿي وڃن ته ڇا اُهي نظريي سان سچا رهي سگھن ٿا؟“ ”اڙي ...! جڏهن رجعت پسندن جا ماڻهو پنهنجن سان سچا آهن، ته اوهان پنهنجن تي شڪ ڇو ٿا ڪيو...؟ ۽ ڪن کولي ٻڌي ڇڏ، ته هي جيڪو به ڀٽي صاحب سان ٿئي پيو، ان جو سبب اهو ئي آهي، ته اهم ادارن ۾ رجعت پسندن جو تعداد وڌيڪ آهي.“ ڪامريڊ اهو ٻڌائيندي جڏهن مونکي سواليه نگاهن سان ڏٺو ته مان لاجواب ٿي ويس. ۽ ذوالفقار علي ڀٽي سان ٿيندڙ عقوبتن جو سبب سمجهه ۾ اچي ويو. ۽ پوءِ مون کي احساس ٿيو ته ان وقت اِها ترقي پسندن جي حڪمت عملي هئي ته ائين ڪجي ۽ اُن حڪمت عملي سان ڪيترو نڀايو ويو، اِهو هڪ الڳ بحث آهي. پر اِها حقيقت آهي ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙي خوب نڀايو ۽ ابڙو وڏوڙو ٿي ڏيکاريو. ان جي شاهدي سنڌ جي معتبر شخصيت ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي به ڏئي ٿو: ”ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي زندگي جو مقصد هيو، ستل معاشري کي جاڳائڻ ۽ مظلوم ماڻهن جي داد رسي ڪرڻ ــ هُـو وڪيل هيو ته به ان راه تي گامزن هيو ۽ جج ٿيو ته به ساڳي مقصد جي تحت زندگي گذاريائين. سنڌ ۾ جيڪڏهن اهڙا ڪميٽيڊ ماڻهو سؤ کن به هجن ها ته معاشري ۾ انقلاب برپا ٿي سگھي پيو.“ مرحوم اياز قادري پنهنجي نجي ڪچهرين ۾ اسان کي ٻڌائيندو هيو ته لاڙڪاڻي ۾ جيڪا ترقي پسند ادب جي شمع روشن آهي، سا سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي جي پهرين سيڪريٽري جي حيثيت سان ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي ٻاريل آهي. ڪي ماڻهو اِهو به ڍيڪ ڏيندا آهن ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙي سنڌي ادبي سنگت جي باني مباني هوندي به ڪجهه نه لکيو. ته اِن جو تز جواب اِهو آهي ته ڪامريڊ ادب دوست ۽ ادب پرور اڳواڻ هيو. جتي ادب دوست ۽ ادب پرور اڳواڻ هوندا آهن، اُتي ئي سرجڻهارن ۽ تخليقارن جا قافلا روان دوان هوندا آهن. ۸ آگسٽ ۱۹۲۴ع ۾، هي شهدادڪوٽ ۾ ڄائو، زندگيءَ جي آخري گھڙين تائين پنهنجي ذهن ۽ ضمير سان سچو رهيو. سچ پڇو ته لاڙڪاڻي جي ترقي پسند اديبن کي ۱۰ مارچ ۱۹۸۶ع تي سندس وڇوڙي کان پوءِ اِهو شدت سان احساس ٿيو ته ساڃاهوند ساربان کان سواءِ معاشرتي رڃ جو سفر ڪيڏو نه ڏکيو هوندو آهي. ** ڪامريڊ تاج محمد ابڙو هڪ امر انسان جي امر ڪهاڻي ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ اڄ بحرانن جي دؤر ۾ ويچاري انسان کي جنهن ڳالهه سڀ کان وڌيڪ حيران ۽ پريشان ڪيو آهي، اها سندس ”نظرياتي بيهڪ“ آهي. اسان مان هرڪو صبح جو هڪ خيال جو آهي ته منجهند جو ٻي ڳنڍ ٻڌي بيهي ٿو. چيو ويندو آهي ته سانڊو گهڙيءَ پل ۾ رنگ بدلائي ٿو، ليڪن اڄ جو انسان نظرياتي حوالي سان ويٺي ويٺي الائي ڪيترا رنگ بدلائي وڃي ٿو! هيءَ ڳالهه اسان کي سياستدانن ۾ چٽيءَ طرح نظر ايندي. سياستدان جنهن پارٽيءَ ذريعي سياست جي ميدان ۾ ايندو، اها ڪپڙن بدلائڻ واريءَ ويرم کان به اڳ مٽائي، ڪنهن ٻيءَ پارٽيءَ ۾ شامل ٿي ويندو. اهو ئي سبب آهي، جو سياستدانن کي اڪثر ڪري ”ڍنڍ جا پکي“ به چيو ويندو آهي، جيڪي ڪڏهن هڪڙيءَ ڀر تي هوندا آهن ته ڪڏهن ٻيءَ ڪنڌيءَ تي هوندا آهن. هي نظرياتي خلفشار ڇو پيدا ٿيو آهي؟ ماڻهو پنهنجن پيرن تي بيهڻ لاءِ تيار ڇو نه آهي؟ انسان جو پنهنجي نظريي ۾ ايمان ڇو نه رهيو آهي؟ هي اسان جي دؤر جو اهم سوال آهي. جڏهن اڳواڻن جو اهو حشر وڃي رهيو آهي ته عام ماڻهوءَ جي نظرياتي بيهڪ ڪهڙي هوندي؟ هن سوال جو هڪڙو ئي جواب آهي. اهو هيءُ ته عوام اڳيان ”آدرش“ جو تصور آهي ئي ڪونه. ماڻهن کي ڪو اهڙو مثال ئي نٿو ملي، جنهن کان متاثر ٿي هُو پنهنجي حياتي انهيءَ انسان وانگر گذارين. پر هن ۾ ڏوهه ڪنهن جو؟ ڇا سنڌ ڀلا انسان پيدا ڪونه ڪيا آهن، جن کي ”مثالي“ چئي سگهجي؟ نه، ائين ڪونه آهي. سنڌ ته هر دؤر ۾ اهڙا آدرشي انسان پيدا ڪيا آهن، جيڪي پنهنجي وجود ۾ انجمن هئا، پر بد قسمتيءَ سان نه ته اسين انهن جا وارث ٿيڻ لاءِ تيار آهيون ۽ نه وري وس وارن اسان کي انهن آدرشن جي حياتيءَ کان باخبر ڪيو. ڪيڏي نه ڏک جي ڳالهه آهي ته مغربي ملڪن ۾ شخصيتن تي ڪم ڪرڻ لاءِ بين الاقوامي اهميت ۽ نوعيت وارا ادارا قائم ڪيا ويا آهن ۽ انهن ۾ دنيا جهان جي عالمن، اديبن، شاعرن، دانشورن ۽ مفڪرن وغيره بابت احوال ڪٺا ڪري شايع ڪيا وڃن ٿا، ليڪن سنڌ ۾ ڪوبه اهڙو ادارو ڪونهي، جيڪو اسان کي ٻڌائي سگهي ته هن ڌرتيءَ ڪهڙا ڪهڙا نه وڏا ماڻهو پيدا ڪيا آهن. جنهن قوم کي آدرش اکين ۾ نه هوندا آهن، اها قوم بي دڳي ٿي پوندي آهي. اها قوم اهڙي حال کي پهچندي آهي، جنهن کي اسين پهچي چڪا آهيون. هن وقت اسان اڳيان ”ڪامل شخصيت“، ”ڀلي انسان“ ۽ ”آدرشي ماڻهوءَ“ جو ڪوبه تصور ڪونهي، ان ڪري ڌارين آدرشن مان ڪنهن جي مُنڍي، ڪنهن جي زبان، ڪنهن جو دماغ ته ڪنهن جون اکيون کڻي اسين پاڻ کي ٺاهيون ٿا ۽ پوءِ حشر اهو ٿئي ٿو ته اسين ڪجهه به ٿي نٿا سگهون. سنڌ کي نظرياتي ڀونچال مان ڪڍڻ جو واحد طريقو هي آهي ته اسين نئين نسل اڳيان انهن انسانن کي مثال طور پيش ڪيون، جيڪي بي لوث ۽ پُرخلوص هئا، جيڪي هڪ ئي وقت تي وطن دوست به هئا ته عوام دوست به هئا، جن پنهنجيون حياتيون مثالي حيثيت ۾ گذاريون ۽ جن کي پڙهڻ ۽ محسوس ڪرڻ سان اسين به مثالي، ڀلا ۽ آدرشي انسان ٿي سگهون ٿا. اسان جا هي انسان اهڙا آهن، جن جي جتيءَ ۾ پير پئجي سگهي ٿو، ڇوته هو اسان مان هئا، اسان لاءِ هئا ۽ اسان جا هئا. پوءِ هيءَ ٻي ڳالهه آهي ته اسين کين پنهنجو نٿا ڪيون ۽ پنهنجو نٿا سمجهون. دنيا جهان جي ”وڏن انسانن“ تي نظر ڦيرائبي ته اهي هڪ يا وڌ ۾ وڌ زندگيِءَ جي ٻن شعبن ۾ سرگرم عمل نظر ايندا، ليڪن سنڌ اهڙا ماڻهو پيدا ڪيا آهن، جيڪي پنهنجي وجود ۾ انجمن هئا ۽ جن هڪ ئي وقت تي ڪيترن شعبن ۾ پاڻ ملهايو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو به انهن ۽ اهڙن ماڻهن مان هڪ هو. مرحوم هڪ ئي وقت تي ماهرِ قانون، علم دوست، سياسي شعور جو ڌڻي ۽ سماجي ڪارڪن ٿي رهيو ۽ هرهڪ شعبي ۾ مثالي ڪردار ادا ڪيائين. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو اهڙيءَ مقبول شخصيت جو مالڪ هو، جو سندس وفات کان پوءِ کيس ڪيترن دوستن ياد ڪيو آهي. نه فقط ايترو، پر انهن ماڻهن به قلم کنيو آهي، جن کيس تمام ويجهو ڪونه ڏٺو هوندو. ڪنهن به شخصيت جي مقبوليت جي ان کان وڌيڪ ٻي شاهدي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي ته کيس هن جهان ڇڏڻ کان پوءِ ياد ڪرڻ وارا گهڻا ماڻهو هجن. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي تي مون کان اڳ ڪيترن ئي قلم کنيو آهي، جن مان ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي، ڊاڪٽر اياز قادري، ڪامريڊ برڪت آزاد، انيس انصاري، ڊاڪٽر غلام علي سانگي، هدايت منگي، امان شيخ، شرف صديقي، محمد علي پٺاڻ، ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ، جي ايم سيد، ڪامريڊ ڄام ساقي، ڪامريڊ مير محمد ٽالپر، انور پيرزادي، ادل سومري، جسٽس نعيم الدين ۽ عنايت وارث جا نالا ذڪر لائق آهن. ٿيڻ ته ائين گهربو هو ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جهڙن انسانن جو ذڪر اسان جي نصابي ڪتابن ۾ هجي ها، پر نڌڻڪيءَ قوم جا اهڙا نصيب ڪٿي، جو ڪتابن ۽ اخبارن ۾ پنهنجي آدرشن جا احوال پڙهي سگهن. پر هيءَ ڳالهه به ڪنهن غنيمت کان گهٽ ڪانهي ته ڪامريڊ جي وفات کان پوءِ سندس مداح ۽ دوست مرحوم جي سوانح خواهه خدمتن تي ڪجهه نه ڪجهه لکندا اچن ٿا ۽ اهو اخبارن ۾ ڇپبو رهي ٿو. منهنجي خيال ۾ هاڻي ”تاج محمد ابڙو يادگار ڪاميٽي“ کي اهي سمورا مضمون ميڙي ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرائڻ گهرجن، پر شايد هن ڪاميٽيءَ لاءِ اهو مسئلو پيدا ٿئي ته ڪهڙو فرد يا ادارو ان جي مالي يا اخلاقي مدد ڪندو؟ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي کي مون ڪڏهن به روبرو ڏٺو ٻڌو نه، پر سنڌ جي تاريخ جي عاشق هئڻ جي ناتي سان مرحوم مون لاءِ اوپرو ڪونهي. مون کي ائين ٿو لڳي ته آءٌ سندس انهن ويجهن مان هڪ آهيان، جن ساڻس گڏ گذاريو هجي. جيڪڏهن مون کي سندس ڪا صحبت نصيب نه ٿي ته منهنجا بزرگ اديب ۽ شاعر ته ساڻس گڏ رهيا. محمد ابراهيم جويي، جمال ابڙي، شيخ اياز، رشيد ڀٽيءَ، ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌيءَ، مقبول ڀٽيءَ، اياز قادريءَ، ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ، انيس انصاريءَ، ڊاڪٽر سنديلي، شمشير الحيدريءَ ۽ نسيم کرل جيڪي ساڻس رهاڻيون ڪيون، انهن رهاڻين مان مون هن ريت رس ۽ چس ورتو، جو هنن مهربانن مان ڪنهن ته مون سان ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جا حوال ڪيا هوندا. ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي ۽ هري دلگير درياڻي هن وقت هتي ڪونه آهن، نه ته هُو به هن مرحوم ڪامريڊ بابت ڪيتريون ڳالهيون ٻڌائين ها، ڇوته اهي به سندس دوست رهيا. اديبن، شاعرن ۽ عالمن جون ڳالهيون نڪتيون آهن ته آءٌ اهو عرض ڪندو هلان ته اسان جي ڪامريڊ تاج محمد ابڙي ”ترقي پسند ادب“ جي تحريڪ ۾ جيڪو ڪردار ادا ڪيو، اهو اسان جي تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ آهي. سندس ئي ڪوششن سان لاڙڪاڻي ۾ ”سنڌي ادبي سنگت“ جي شاخ هلي. نه فقط ايترو، پر ”سنڌي ادبي سنگت“ سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي بنائڻ، سنڌي ثقافت کي بچائڻ ۽ ون يونٽ کي ٽوڙڻ لاءِ جيڪو به تحرڪ ورتو، ڪامريڊ تاج محمد ابڙو هر موڙ تي هن سنگت جو پهرين صف وارو ساٿي رهيو. ڪامريڊ ڪٿي به رهيو، هن علم ادب جي شمع کي ٻاري رکيو. لاڙڪاڻي ۾ رهيو ته ڊاڪٽر اياز قادري، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، انيس انصاري ۽ خادم حسين شاهه سندس ادبي حلقي جا رتن رهيا. پاڻ جڏهن سکر ۾ رهيو ته شيخ اياز، رشيد ڀٽيءَ ۽ فتاح ملڪ ساڻس ادبي روح رهاڻيون ڪيون. جڏهن خيرپور ۾ رهيو ته ڊاڪٽر تنوير عباسي سندس ساٿ ساٿي رهيو. ڪامريڊ جڏهن حيدرآباد ۾ آيو ته محمد ابراهيم جويو، زيب عاقلي، رسول بخش پليجي ۽ ڪامريڊ ڄام ساقيءَ جهڙا دانشور سندس اڱڻ تي ادبي محفلن مچائڻ وارن مان ٿي پيا. لاڙڪاڻي جي حوالي سان ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جا ادبي ڪارناما کيس لاڙڪاڻي جي تاريخ ۾ هميشه جاودان ۽ زنده رکندا. سر شاهنواز ڀٽو لائبريري ٺهرائڻ ۾ سندس جستجو ۽ لگن شامل رهي، ان کان اڳ پاڻ لاڙڪاڻي ۾ ”لطيف ڪانفرنس“ جو اهتمام ڪيائون ۽ ”لطيف دوستي“ جي جذبي تحت لاڙڪاڻي ۾ شاهه لطيف لائبريري قائم ڪرايائون، جيڪا هن وقت حالتن ۽ حادثن جو شڪار ٿي چڪي آهي. نه لطيف جي وارثن جي هٿ هيٺ رهي آهي ۽ نه ڪنهن فعال ادبي تنظيم جي نگرانيءَ هيٺ آهي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي هن ياد کي قائم رکڻ ۽ ڪارنامي کي باقي رکڻ جي تقاضا اها آهي ته لائبريري وري فعال ٿئي ۽ اهو ادارو اهڙن هٿن ۾ اچي، جيڪي شاهه لطيف لائبريريءَ کي سنڌ جي هڪ فعال ۽ مثالي لائبريري بڻائي سگهن، ته جيئن ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي انهن مقصدن ۽ منزلن کي ماڻي سگهجي، جن کي اڳيان رکي هن مرحوم اهڙي ڪوشش ڪئي. لاڙڪاڻي ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي ٻيو اهم ڪم هيءُ ڪيو ته سندس ڪوششن سان سنڌي اردو اديب ۽ شاعر هڪٻئي جي ويجهو آيا ۽ ”انجمن ترقي اردوءَ“ جي شاخ کلي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو علم دوست انسان هئڻ سان گڏ ترقي پسند شعور جو مالڪ پڻ هو. پڙهڻ واري زماني ۾ هن مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ حصو ورتو. پاڪستان جڙڻ کان اڳ ئي هو ”انقلابي سياست“ جو قائل ۽ مبلغ بڻجي چڪو هو. شاگرد سياست کان وٺي مزدور سياست تائين، انهن جي هر تحريڪ ۾ مدد ڪيائين. هاري تحريڪ ۽ نيشنل عوامي پارٽي ۽ سنڌ عوامي محاذ جي تاريخ جا ورق ورائي ڏسبا ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جون خدمتون نمايان طور نظر اينديون. ون يونٽ خلاف جيڪا تحريڪ هلي، هن مرحوم انهيءَ ۾ به ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. ڪامريڊ برڪت علي آزاد جو چوڻ آهي ته هن ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي تعاون سان ئي جيڪب آباد ۾ هاري تحريڪ جي شاخ کولائڻ ۾ پنهنجي سنگت جو ساٿ ڏنو هو. تاج محمد ابڙي جي دوست سياستدانن ۽ شاگرد سياستدانن جو حلقو تمام وسيع هو. چيو ويندو آهي ته جڏهن مرحوم ذوالفقار علي ڀٽو تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ لاڙڪاڻي آيو هو، ته سندس ڀاءُ سڪندر علي ڀٽي کيس ڪامريڊ تاج محمد ابڙي وٽ آڻي، سندس ڏيٺ وائٺ ڪرائي هئي، جتي نه فقط سياسي ڪچهريون ٿيون، پر اهڙين ڪچهرين ٻنهي کي هڪٻئي جي ويجهو آڻي ڇڏيو ۽ ٻئي هڪٻئي جا دوست بڻجي ويا. ڪامريڊ ڄام ساقي، رسول بخش پليجي ۽ امان الله شيخ، ڪامريڊ تاج محمد ابڙي وٽان سياست جا داؤ پيچ سکيا. مرحوم جي شاگرد سياستدانن جو تعداد گهڻو آهي، پر جيتري قدر سندس دوست سياستدانن جي حلقي جو تعلق آهي، ان لاءِ ايترو چئي سگهجي ٿو ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙي ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي جن سياستدانن سان گڏجي ڪم ڪيو، تن مان سائين جي ايم سيد، ولي خان، ايوب کهڙو، قاضي فضل الله، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، سوڀو گيانچنداڻي، عطاءَ الله مينگل، غوث بخش بزنجو، ڪامريڊ مير محمد ٽالپر، شيخ عبدالمجيد سنڌي، قاضي فيض محمد، ڪامريڊ غلام محمد لغاري، مير رسول بخش ٽالپر، مير علي احمد ٽالپر، فاضل راهو، رسول بخش پليجو، حاڪم علي زرداري ۽ ڪامريڊ جمال الدين بخاري وغيره جا نالا ذڪر لائق آهن. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي بي ڊي نظام ۾ ميمبر ٿيڻ کان وٺي يونين ڪائونسل جي چيئرمين ٿيڻ تائين ۽ ون يونٽ ٽوڙڻ واريءَ تحريڪ کان ايوب شاهيءَ خلاف تحريڪ تائين پنهنجي دور جي هر عوام دوست ۽ ترقي پسند سياسي تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو. اهڙيءَ ريت هُو پنهنجي زندگي قوم لاءِ ڪارائتي بڻائي ويو. هُو انهن آدرشن ۽ ڀلن انسانن مان هڪ هو، جن جي حياتي اسان لاءِ اتساهه جا انيڪ مثال ڇڏي ٿي. جيڪڏهن اسين چاهيون ته پاڻ کي انهن انسانن جهڙو بڻائي، تاريخ جي ورقن ۾ امر ٿي سگهون ٿا. (روزانه هلال پاڪستان، عوامي آواز، جاڳو، سنڌو، مهراڻ، سنڌ نيوز) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سنڌ جو درد رکندڙ حاڪم علي چانڊيو اسان جي سنڌ ڌرتيءَ تي ڪيترن ئي ليڊرن، عالمن، اديبن، شاعرن ۽ دانشورن جنم ورتو آھي جن پنھنجي سموري زندگي عوام جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏي انھن مان ڪامريڊ تاج محمد ابڙو به ھڪ آھي ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ۰۸ آگسٽ ۱۹۲۴ع ڌاري شھدادڪوٽ ۾ پيدا ٿيو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي پرائمري تعليم قمبر مان حاصل ڪئي، سيڪنڊري تعليم لاڙڪاڻي مان حاصل ڪري ايل ايل بي ڪراچيءَ مان پاس ڪئي، ڪامريڊ تاج محمد ابڙو شاگردي واري دور کان وٺي سياست ۾ سرگرم رھيو. مسلم ليگ ڪميونسٽ پارٽي جيئي سنڌ سنڌ ھاري ڪاميٽي نعپ پيپلزپارٽيءَ سميت سنڌ عوامي اتحاد کان وٺي جيڪا تحريڪ سنڌ جي ڀلي ۽ آجپي لاءِ بھتر محسوس ڪيائين، انھيءَ ۾ ڀرپور نموني حصو ورتائين، سنڌ جي نامور اديب دانشور جج سياستدان سماج سڌارڪ ۽ صحافي ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي ۳۲ ھين ورسي آھي ھن مختلف شعبن ۾ اڻ ڳڻيون ۽ شاندار خدمتون سرانجام ڏنيون آھن ايشيا جي وڏي ادبي تنظيم سنڌ ادبي سنگت سنڌ جي باني ميمبرن ۾ شمار ڪيو ويندو آهي. ھن جي لاڙڪاڻي واري، سنڌ ۽ ھند جي مشھور اوطاق تي سنڌي ادبي سنگت جو اجلاس ڪوٺايو ويو. ون يونٽ خلاف تحريڪ دوران روشنيءَ جو پھريون ڪرڻو لاڙڪاڻي ۾ مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي اوطاق تان اڀريو ۽ پوري سنڌ ۾ ڦھلجي ويو ۽ سموري سنڌ کي جرڪائي ڇڏيائين ڪامريڊ تاج محمد ابڙو قائد اعظم محمد علي جناح جي انگريزي اخبار جو ايڊيٽر پڻ رھيو لاڙڪاڻي جي تاريخ ۾ انجمن ترقي اردو جي عمارت ۾ جيڪا لائبريري قائم ڪيائين ان جو نالو شاھ عبداللطيف ڀٽائي رکيائين دنيا ۾ اھڙا ماڻهو گهٽ ھوندا آھن جيڪي ٻين ڪاڻ جيئن خاص طور تي ڪو وڏو عھدو رکندڙ ماڻهو پنھنجي خوشيءَ بدران ٻين جي خوشيءَ کي ترجيح ڏئي مايا جو موھ ۾ پوڻ بدران غريبن جي خدمت ڪري جيڪڏهن ڪو اھي گڻ رکي ٿو ته اھو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو آھي جيڪو جج جي عھدي تي ھجڻ باوجود تمام سادگيءَ سان پنھنجي زندگي گذاري ماڻهو سندس فقير طبعيت ۽ حساسيت تي حيرت کائيندا ھئا. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ڪنھن کي به جيڪڏهن ڏکيو ڏسندا ھئا ته پاڻ به ڏکارا ٿي ويندا ھئا ڪامريڊ تاج محمد ابڙو نرم دل، نرم مزاج، نرم لھجي ۽ نرم طبعيت جا مالڪ ھئا ڪامريڊ تاج محمد ابڙو غريبن جي ھڙوان وڙان مدد ڪندو ھيو ۽ جيڪڏهن قلب جي اک سان ڏسجي ته اھا ئي انسانيت آھي جو ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جو ننڍي ھوندي کان ئي ادب ۽ سياست طرف لاڙو ھيو، ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي سياسي سماجي ادبي ۽ قانوني خدمتن کي مد نظر ۾ رکندي پوري سنڌ ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي ورسي ملھائي ويندي آھي ۽ سندس نانءُ اڄ به چڱن ماڻهن جي فھرست ۾ مٿڀرو آھي ۽ سندس اولاد لاءِ ڄڻ ته ھو اھو وڏو خزانو ڇڏي ويو ھجي جو ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي ڪري ھن معاشري ۾ مان مريادا آھي ماڻهن جي دلين ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي لاءِ تمام گهڻو مان آھي ڇاڪاڻ ته ھوءَ پنھنجي زندگي پيار پاٻوھ انسانيت واري جذبي ۽ ھڏ ڏوکيءَ طور زندگي گذاري ويو آھي، ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي زندگيءَ ۾ حرس حوس نفرت ۽ وڏائيءَ کان پري ۽ بالاتر رھيو ۽ عوام دوستي وارا عنصر سندس سڃاڻپ بڻجي ويا جنھن جي ڪري سندس نالو اڄ به پيو ڳائجي اھڙا ماڻهو امر ھوندا آھن ۽ جڳ جڳ جيئندا رھندا آھن. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ۱۰ مارچ ۱۹۸۶ع تي اسان کان هميشه هميشه لاءِ وڇڙي وڃي مالڪ حقيقيءَ سان مليو سندس تدفين لاڙڪاڻي جي ابوبڪر قبرستان ۾ ڪئي وئي پر سنڌ لاءِ ڪيل سندس خدمتون صدين تائين ياد رکيون وينديون ۽ اھڙا ماڻهو تاريخ بڻجي هميشه لاءِ جيئندا رھندا آھن. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو انسان دوست ۽ فرض شناس شخصيت امداد علي اوڍو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سنڌ جي تاريخ جو املهه ڪردار آهي، جنهن پنهنجي مختصر زندگيءَ ۾ ڀرپور قومي جدوجهد ۾ نڀائڻ جي ڪوشش ڪئي. ۸ آگسٽ ۱۹۲۴ع ۾ هن جو جنم شهدادڪوٽ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. پرائمري تعليم قمبر علي خان ۾ حاصل ڪيائين ۽ سيڪنڊري تعليم لاڙڪاڻي ۾ پرايائين. لاڙڪاڻي ۾ پڙهائي دوران هن جو هم ڪلاسي ڊاڪٽر اياز قادري لکي ٿو ته: تاج محمد ابڙو منهنجو پيارو دوست هو. اسين هڪٻئي جي ڏک سک جا ساٿي هياسون، حال ڀائي ۽ همدرد هياسون. ڪامريڊ کي سياست سان دلچسپي هئي، انهيءَ دؤر ۾ مسلمانن جو لاڙو مسلم ليگ ۽ هندن جو لاڙو ڪانگريس ڏانهن هو. مسلم شاگردن وڏي سرگرمي سان مسلم ليگ لاءِ ڪم پئي ڪيو. هي دؤر ۱۹۴۲ع جو هيو. ان زماني ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو پورهيتن جي حقن جي ڳالهه ڪندو هو، غريبن جي مسئلن کي سمجهڻ ۽ انهن کي حل ڪرڻ متعلق ويچاريندو هو، مسڪين ماڻهو جي ڏکايل صورتحال تي ڏکارو ٿي ويندو هو ۽ آسائتو هوندو هو ته غريبي جو خاتمو ڪيئن آڻجي؟ انهيءَ جذبي هن ۾ سوچڻ واري ذات پيدا ڪئي. انهيءَ سوچ هن کي پڙهڻ ڏي راغب ڪيو. جيئن جيئن هن پڙهائي تي زور ڏنو، تيئن هن ۾ قومي جذبي تحت جدوجهد ڪرڻ وارو جذبو اجاگر ٿيو. هن اهو سمجهيو هو ته علم حاصل ڪري ئي شعوري طرح پنهنجي مسڪين ماڻهو جي تقدير بدلائڻ لاءِ جاکوڙ ڪري سگهجي ٿي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي ۱۹۴۳ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪئي. مسلمانن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جو رجحان گهٽ هيو. وڏن ماڻهن جا ٻار پڙهندا هئا، مسڪين ماڻهن لاءِ تعليم حاصل ڪرڻ ڄڻ ممڪن ڪونه هو. هندو گهڻو ڪري شهرن ۾ رهندا هيا ۽ ڪاروبار سان انهن جو تعلق هو، ان ڪري پڙهائي ۾ به هو دلچسپي وٺندا هئا. ڪامريڊ ميٽرڪ کان پوءِ اعليٰ تعليم لاءِ ڪراچي ۾ ايس.ايم ڪاليج ۾ داخلا ورتي. ۱۹۴۳ع ۾ پير الاهي بخش وزيرِ تعليم جي ڪوشش سان هي ڪاليج کليو، جتي مسلمان شاگردن لاءِ اسڪالرشپ، داخلا ۽ هاسٽل جي فين ۾ خصوصي رعايت ملندي هئي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي سان گڏ ٻين شاگردن سان گڏ ڊاڪٽر اياز قادري به گڏ هو. ڪاليج جا شاگرد پنهنجو ۽ تعليم جو خرچ پورو ڪرڻ لاءِ نوڪريون ڪندا هئا. مسلمان شاگردن لاءِ نوڪريون به جام هيون جو سنڌ ۾ نوڪرين جي ڪوٽا ۾ ۶۰ سيڪڙو مسلمانن لاءِ هوندو هو، ۴۰ سيڪڙو هندن لاءِ ڪوٽا هوندي هئي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو کي صحافت سان دلچسپي هجڻ ڪري هن تعليم حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ جڳ مشهور روزاني اخبار ”الوحيد“ ۾ سب ايڊيٽر جي حيثيت ۾ ڪم ڪيائين. بعد ۾ ريڊيو پاڪستان ڪراچي ۾ نيوز ڪاسٽر جي حيثيت ۾ ڪم ڪيائين. هن جا هم ڪلاس محمد هارون (جيڪو سنڌ جو گورنر ٿيو)، سندس وڏو ڀاءُ سعيد هارون، اڳوڻو روينيو جو وزير قاضي عبدالمنان، علي گوهر کهڙو جن هئا. پڙهائي دوران هن کي پنهنجي اخبار ڪڍڻ جو شوق ٿيو. ڪامريڊ اخبار وسيلي سنڌ جي مسڪين، خصوصًا هارين جي حقن لاءِ آواز اٿارڻ چاهي پيو، پر مناسب رقم نه هجڻ ڪري شروع ۾ اخبار نه ڪڍي سگهيو. ارادي جو پختو هيو، جيڪو فيصلو ڪري وٺندو هو، پوءِ ڏينهن رات اڻ تڻ هوندي هيس ته هر حال ۾ ان کي پورو ڪجي. اهڙي سوچ ۽ جذبي هيٺ ”نوجوان“ نالي سان اخبار شروع ڪئي، جنهن جو ايڊيٽر ڊاڪٽر اياز قادري کي مقرر ڪيائين. اخبار مواد جي حوالي سان انتهائي معياري هئي، پر مالي وسيلن جي نه هجڻ ڪري اخبار جو سلسلو بند ٿي ويو. ۱۹۴۷ع ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو وڪالت پاس ڪري لاڙڪاڻي واپس پهتو. وڪالت جي شروعات عبدالفتاح ميمڻ سان ڪيائين، پر پوءِ شمس الدين ابڙي سان پارٽنر جي حيثيت ۾ پريڪٽس ڪيائين. وڪالت دوران پاڻ سرڪاري وڪيل به ٿيو. هي صاف سٿري ڪردار جو مالڪ هو. وڪالت مقصد وارو پيشو سمجهي ڪئي. اڪثر مسڪين ماڻهن جا ڪيس مفت ۾ وڙهندو هو. گهڻن جون ته ڪورٽ جون فيون به پاڻ ڀريندو هو. ٿوري عرصي ۾ پيشي جي لحاظ کان مان مرتبي وارو مقام حاصل ڪيائين. وسيع مطالعي ڪري وڪالت سان گڏوگڏ سياست ۾ به دلچسپي هوندي هيس. شام جو هن جي اوطاق تي سياسي ڪچهريون ٿينديون هيون. هن جي ڪچهرين ۾ مختلف سوچ رکندڙ سياستدان، اديب، زميندار، پورهيتن سان تعلق رکندڙ دوست گڏ ٿيندا هئا. وڏو مهمان نواز هو، چانهه جو ڪيٽلو مستقل چڙهيل هوندو هو. هن جي ڪچهري جا روح روان ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ علي محمد عباسي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، عبدالخالق آزاد، ڪامريڊ جمال الدين بخاري، مولوي نذير حسين جتوئي، حاجي محمد پيرزادو، سائين جمال ابڙو، ڪامريڊ عبدالقادر جوڻيجو، عبدالخالق آزاد، ڪامريڊ برڪت علي آزاد، ڪامريڊ غلام محمد لغاري، قاضي فيض محمد، شمس الدين شاهه وڪيل، شيخ اياز ۽ ٻيا ناليوارا دوست هئا. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي دوستن سان گڏ ”هاري پارٽي“ ٺاهي، جنهن هارين جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي. هن کي سنڌي ادب ۽ زبان سان وڏو لڳاءُ هيو. سنڌي ادبي سنگت جي بنيادي ميمبرن ۾ شامل هيو ۽ سنڌي ادبي سنگت جي لاڙڪاڻي ۾ شاخ قائم ڪئي، جنهن جو هُو ڳچ وقت سيڪريٽري رهيو. سنگت جي ڪچهرين ۾ علم ۽ ادب دوست وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيندا هئا، جن ۾ ڪامريڊ جمال الدين بخاري، سائين جمال ابڙو، حاجي محمود خادم، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، عبدالمجيد ميمڻ، انيس انصاري، ڊاڪٽر اياز قادري ۽ ٻيا شامل هئا. ۱۹۵۶ع ۾ لاڙڪاڻو ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ورسي ملهائي وئي، جنهن جو سمورو خرچ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي ڪيو. سنڌ ۾ ڪٿي به ادبي ڪانفرنس ٿيندي هئي ته ڪامريڊ ان ۾ شرڪت ڪندو هو. هن جي سنگت جو حلقو وسيع هو. سموري سنڌ ۾ هن جا دوست هئا. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سان به هن جي قرب وارو رستو هو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سان رابطي ۾ رهندو هو. ڀٽو صاحب، ڪامريڊ جي علمي، ادبي صلاحيتن کان متاثر هو. سياست متعلق هن سان صلاحون ڪندو هو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي اقتدار دوران ۱۹۷۲ع ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو کي ايڊيشنل سيشن جج مقرر ڪيو. اڳتي هلي سيشن جج ٿيو. امانتي عهدي سنڀالڻ کان پوءِ انصاف سان فيصلا ڪيائين. حيدرآباد، سکر، جيڪب آباد، نوابشاهه، ڪراچي ۽ آخر ۾ ٺٽي ۾ نوڪري ڪيائين. ۱۹۸۵ع ۾ رٽائرڊ ٿيو. ڪجهه وقت ٺٽي ۾ رهيو، پر مستقل ناچاڪي جي ڪري پنهنجي زندگيءَ جو باقي حصو لاڙڪاڻي ۾ گذاريائين. ذيابيطس جي مرض ۽ دل جي تڪليف ڪري ۱۰ مارچ ۱۹۸۶ع ۾ ڪراچي جي جناح اسپتال جي Cardio vascular ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائين. هن جي وفات سبب علم، ادب، صحافت، سياست جي هڪ شاندار باب جي پڄاڻي ٿي. سنڌ جي تاريخ هن عظيم سنڌ جي عاشق ۽ همدرد کي هميشه ياد رکندي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو پنهنجي حياتي دوران ۱۹۴۶ع کان وٺي ۱۹۸۶ع تائين پنهنجي ڊائري مستقل مزاج سان لکندو هو، جيڪا سندس ڪٽنب وٽ محفوظ آهي. چاليهن سالن جو لکيل هي ڊائري وارو مواد وڏو تاريخي آهي. سنڌ جو ڪو اشاعتي ادارو يا سندس فرزند جيڪي انتهائي لائق آهن، انهيءَ کي ڪتاب جي صورت ۾ آڻين ته جيئن مرحوم جي ذهانت، سوچ ۽ فهم مان سنڌ جو عوام لاڀ حاصل ڪري سگهي. مرحوم جيئن ته وسيع مطالعي جو مالڪ هو، ان جون لکڻيون به اهميت ۽ مڻيا واريون هونديون. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سنڌ جو املهه ماڻهو حميد سنڌي پنهنجي پيارن، همسفرن ۽ سنڌ جي ماڻهن، مٽيءَ ۽ پاڻيءَ سان پيار ڪندڙن لاءِ لکڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. مان پنهنجي والد ۽ امڙ لاءِ به نه لکي سگهيو آهيان، زماني جي ڏکن ۽ ڏکيائين کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ڪندڙ هستين جيجي بيگم زينت چنا ۽ عبدالله چنا يا پنهنجي علمي ادبي رهبرن، مولانا غلام محمد گرامي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، محمد عثمان ڏيپلائي، رشيد ڀٽي ۽ ٻيا ڪيترائي سڄڻ سجاڳ ساٿي جن جي باري ۾ به دل کولي نه لکيو اٿم. تاج محمد ابڙي، نئين سنڌ جي نئين تاريخ جوڙيندڙ، همٿ ۽ صبر نه ڇڏيندڙ جاکوڙي انسان لاءِ ڪيئن لکان. تاج محمد ابڙي سان جيڪي به ڪچهريون ٿيون، انهن مان ايترو ته لاڀ پرايم جو اڄ تائين محسوس ڪندو آهيان ته تاج محمد ابڙي جنهن جي حياتي جا ڪيترائي رخ مون ۾ سمائجي ويا آهن. سندس جيڪي جاما يا ويس هئا، مون کڻي پاتا، سندس سماج سڌارڪ يا هڪ سوشلسٽ جي حيثيت هجي يا روشن خيالي ۽ ترقي پسندي هجي يا ايڊيٽر ۽ صحافي هجڻ جي حيثيت، ڪتاب پڙهڻ جو شوق هجي يا اوطاقن تي ڪچهرين وارو رنگ هجي يا ڏک سک ۽ ڀائيوار ڪرڻ هجي يا وڪالت، ماستري ۽ سرڪاري نوڪري واري ڪرت هجي، سڀئي اهي ويس وڳا هئا جيڪي مون کي نصيب ٿيا. ٿي سگهي ٿو سندس پورهيتي اجرن وڳن کي ڪنهن داغدار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هجي پر هن پنهنجي فڪر، ڏاهپ ۽ ذهني آزادي وسيلي پنهنجي دامن کي اجرو رکيو. تاج محمد ابڙي عملي ۽ مثالي طرح سان هڪ مبلغ ۽ سنت وارو ڪم پئي ڪيو پر هن اُن جي لکا نه ڏني. هو حياتي کي سونهن ۽ سوڀيا جو ويس سمجهندو هو، ڪنهن به ماڻهو سان شڪايت نه هوندي هيس، هُـو هر ماڻهو کي سهڻو ۽ ڏيا وارو سمجهي پيار ڪندو هو، هن کي مون ڪڏهن به ڪنهن سان شڪايت ڪندي نه ڏٺو هو، پنهنجي گڻن ۽ ڏيا کان ڄڻ واقف ئي نه هو، هن حياتي ائين گهاري ڄڻ حياتيءَ جو ٻيڙو سولو ۽ سنئون هو. سڙهه به سنوان ته رفتار به تکي ۽ تيز ڪيئن وقت واري جيان هٿن مان وهي پئي ويو، پر هن جي سچائي، ايمانداري ڄڻ ته کيس جيئڻ لاءِ ڪيئي جتن سولا ڪري پئي ڏنا. شيخ اياز جي ڪتاب ”ڪٿي ته ڀڄيو ٿڪ مسافر“ ۾ هڪ هنڌ شيخ اياز ۽ ڪامريڊ تاج محمد جي اڻبڻت جو واقعو بيان ڪيل آهي، جنهن بعد ڪجهه عرصي کانپوءِ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي وڃي کيس پرچايو. منهنجي خيال ۾ ڪامريڊ تاج محمد جڏهن سرڪاري نوڪري ۾ گهڙيو ته هو دوستن ۽ ڪامريڊ شپ جي بنيادي اصول تي عمل پيرا رهيو، نوڪريءَ هن کي ڪجهه وڌيڪConscious ڪري ڇڏيو هو. ڪامريڊ نظريو هجي يا سوشلسٽ، هو هڪ ڳالهه کان چڱي پر آگاهه هو، اها هئي انسان دوستي، جو پاڻ وڏو انسان دوست هو، ٻي ڳالهه هئي بحيثيت هڪ سماج سڌارڪ جي ڇاڪاڻ ته هو هن معاشري جي اوڻاين ۽ بندشن کي ڀلي ڀت ڄاڻندو هو ۽ سمجهندو هو، ان ڪري هن سڄي حياتي هڪ (Conscious) فرد طور معاشري جي عائد ڪيل بندشن خلاف جاکوڙ ڪئي. ان لاءِ هن جو بنيادي نقطو هو ته ايمانداري سان زندگي گذارجي ۽ (Personal Integrity) يعني پهريائين پنهنجي ذاتي طور ايمانداري هجڻ سان گڏ Integrity ۾ شامل عنصرن جهڙوڪ سچائي، راستبازي، سپتائيءَ ۽ سٺائيءَ کي پنهنجي جيئڻ جي ڍنگ سان شامل ڪري پاڻ کي هڪ مثال طور جڳ آڏو پيش ڪري ته جيئن پوءِ ئي معاشري جون اوڻايون، برايون پٽ پڌريون ٿي پونديون، پوءِ ئي انهن سان جنگ جوٽي سگهجي ٿي. تاج محمد ان لاءِ پاڻ Integrity جو وڏو مثال هو،Integrity رڳو ائين نه پر ان ۾ موجود سڀني عنصر جهڙوڪ سچائي، سربستائي، بي غرضائي، ايمانداري، راستبازي، سپتائي، اصليت، نرملتا ۽ سٺائيءَ جهڙا جزا سڀ شامل هجڻ کپن. منهنجي پياري رشيد ڀٽي جي اوطاق تي منهنجو تاج محمد سان جيڪي به ملاقاتون ٿيون ته هو کلي عام چوندو هو ته “يار سڀني انساني برائين جو حل اهو آهي ته هڪجهڙائي هجي، انصاف ۽ حق لاءِ آواز بلند ڪرڻ کانپوءِ اڳ ضروري آهي ته پنهنجي سپتائي ۽ مقصد ڏانهن سچي هجڻ جو ثبوت ڏجي، جنهن لاءِ ڪيترن ئي سکن، ذاتي مسرتن، تمنائن کي مارڻو پوندو“ هن جي سڄي حياتي جاکوڙ، پورهئي، سکن ۽ سهولت کان عاري زندگيءَ جي جيتوڻيڪ هڪ اهم ڪهاڻي آهي، پر اهڙي حياتي گهارڻ ۾ ڄڻ ته هن کي مزو پئي آيو جو مون کيس هميشه کِلندو ۽ ٻهڪندو ڏٺو، سوڀي گيانچنداڻي پنهنجين لکڻين ۾ کيس ”منهنجو ساٿي ڪامريڊ تاج محمد“ ڪري سڏيو آهي، سوڀو پاڻ ڪامريڊ آهي، هنن لفظن سان ڄڻ کيس ڪامريڊي جي سندَ ڏني اٿائين، هونئن به ڪامريڊ معنيٰ ئي آهي سنگتيءَ ساٿيءَ جي. ساٿي به اهو جيڪو دوستن عام ماڻهن ۽ پوري سماج لاءِ همدرد ۽ هڏ ڏوکي هجي. ڪامريڊ گهڻو تڻو ڪميونسٽن جي ساٿيءَ يا اشتراڪي ڪميونسٽ لاءِ ڪتب آندو ويندو آهي پر تاج محمد اهڙو ڪامريڊ هو جنهن جو مول متو ئي هو انسان دوستي ۾ Integrity گهرائپ يا ويجهڙائپ ۽ هڪ Association ڳنڍڻ واري ناتي کي ئي اهميت ڏيندو هو، سڪ، قرب، محبت، همدردي، هڏ ڏکائپ جو تاڃي پيٽو ائين اڻندو هو جيئن ڪو ڪاريگر ڪوري اڻت ڪري. ههڙا نينهن نپائڻ ۽ نڀائڻ وارو ماڻهو اڄ ڪو ڪو ملندو، مون کيس سکر ۾ سنڌي ادبي سنگت جي سالياني ميڙ ۾ ڏٺو، هو هڪ سرگرم ڪارڪن پئي لڳو پر هن ڪا به تقرير نه ڪئي نه پيپر پڙهيو. ادبي ڪچهرين جو ڪوڏيو هو، مون کيس گهڻو تڻو رشيد ڀٽي جي اوطاق تي ڪچهرين ۾ شريڪ ٿيندي ۽ ڳالهائيندي ڏٺو، سندس ڄاڻ ۽ حاصل ڪيل عمل جي وسعت کي ڏسي حيرت ٿيندي هئي، اها به اهم ڳالهه هئي ته ايترو پڙهيل ڳڙهيل هوندي به هو لکي نه سگهيو، مون کانئس لاڙڪاڻي واري اوطاق ۾ چانهه جون سرڪيون ڀريندي کانئس اها ڳالهه هڪ سوال جي صورت ۾ پڇي هئي، هو پهريائين چپ رهيو ۽ پوءِ اٿي بيٺو، پنهنجي سفيد پينٽ کي ڇڪي مٿي ڪيائين، پوءِ پنهنجي وڻندڙ مک تي دلپذير مشڪ آڻيندي مون ڏي ۽ ٻين دوستن ڏانهن نهاريندي، ڪجهه هيئن چيائين ته “پوءِ ڇا مان اوهان جي ادبي برادري مان نڪري وڃان، پيارا حميد ۽ دوستو! مان عمل ۽ ادب جو عاشق ۽ اوهان جي هر اول دستي جو جهنڊو کڻي هلندڙ هڪ فرد آهيان، ادب ۽ اديبن جو فهم ۽ ادراڪ وارو پيغام پهچائيندڙ آهيان، ڇڏيو ته مان زبان وسيلي مبلغي ڪريان ۽ توهان لکڻ وسيلي مبلغي ڪريو، مون کي توهان ڌار ڪري ئي نه ٿا سگهو، جو مان اوهان جي جسم ۽ روح جو حصو آهيان.” ”بس سهڻا سائين بس! مون ڪڏهن اهڙي ڳالهه نه ڪئي آهي، تون اسان جو رڳو جهنڊي بردار نه پر اهڙو اڳواڻ آهين، جنهن جو همٿ سان نه رڳو لاڙڪاڻي پر سنڌ جي ٻين شهرن ۾ به تنهنجي قائم ڪيل منڊلين تي وڏو مچ مچايو آهي” مان اڄ جڏهن ماضي ۽ حال جو جائزو وٺان ٿو ته اهڙن مقصدن سان واڳيل ماڻهو ۽ اهڙا مچ منڊليون گهٽ ٿو ڏسان. اڄ جي ادبي ميڙن، مجلسن کي ڏسجي ٿو ته ائين لڳي ٿو ته جيئرا جسم ضرور آهن پر اهي روح ڪينهن، اهو مقصد ئي ڪونهي جنهن سان اسين واڳيل هجون، ڪامريڊ تاج محمد اسان سڀني اديبن جو ساٿي، سنڌي سماج جي سڌاري لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ، هڏ ڏوکي ۽ همدرد هڪ اهڙو انسان هو، جيڪو يقينن فرشته خصلت هوندي به فرشتو نه هو، جو هن کي مسئلن جي حل ڪرڻ جي طاقت يا Authority ڪين هئي، هو رڳو هن ناانصافي واري جهريل سماج جو جهريل پر مردم شناس انسان دوست فرد هو، انهي سماج اندر ٿيندڙ اڻبرابرين، زور زبردستين، ناحق ۽ ناانصافين جي مسلسل جهولن ڪري سندس ٻيڙي جا سڙهه گهڻي دير سٽ نه جهلي سگهيا، جهريل دل سگهو ئي ڏري پئي ۽ اهو اسان کان ڌار ٿي ويو ۽ اهڙين ساٿين ۽ مسافرن لاءِ مون ڪنهن هنڌ پڙهيو هو، ڄڻ ته هو هاڻ هت ويٺو هو، گهڙيءَ پل لاءِ ڪاڏي اُٿي ويو آهي!؟ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سنڌ جي گهڻ رخي شخصيت ساگر جبار سومرو اڄ سنڌ سميت پوري ملڪ ۾، سنڌ جي ان بيباڪ باڪردار، گھڻ رخي شخصيت کي ياد ڪيو ويندو، جنهن شخصيت پوري زندگي، زندگيءَ جي هر طبقي سان واسطو رکندڙ ماڻهن سان، ائين نڀايو جيئن ڪو پنهنجي جيون ساٿين سان نڀائيندو آهي. هن کي سماجي ڪارڪن چئجي، سياسي شخصيت چئجي، اديب، ليکڪ، صحافي وڪيل يا جج چئجي جنهن جي شخصيت انهن سڀني ڪردارن سان ڀرپور نڀائيدي سنڌ لاءِ اهو نياپو ڇڏيو، ته سنڌ لاءِ صرف هڪ فورم تان جاکوڙ نه ڪبي آهي سنڌ لاءِ هر فورم تان ائين جاکوڙ ڪبي آهي، جو سنڌ جو آئيندو روشنين جي ضمانت ڏئي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي زندگيءَ ۾ هوش سنڀاليندي ئي شعور ۽ خدمت جا اهي سڀ مورچا سنڀاليا، جنهن سان سنڌ جي شعور کي چارچنڊ لڳائي سگهجن هو ڪراچيءَ ۾ شاگرديءَ واري دور کان ئي سياست، ادب، صحافت جو اهم حصو رهيو. هن هر ميدان ۾ پاڻ ملهايو. هو جڏهن استاد ٿي، قمبر شهر جي اسڪول ۾ آيو هو ته هن جي ٻارن جي تربيت ڏسي، قمبر واسي حيران ٿي ويا هئا. هي اهو استاد هو، جيڪو ٻاهران آيل شاگردن کي، پاڻ سان گڏ، پنھنجي مليل ڪواٽر ۾ رهائيندو هو. جڏهن هن جا ٻاهريان شاگرد ڏينهن تتي ۾ ٻاهر ويندا هئا، ته انهن کي روڪي پنهنجي جڳهه تي ويهاري ڇڏيندو هو ته مان اوهان کي ههڙي گرميءَ ۾ ڳوٺ ڪو نه ڇڏيندس. اوهان منهنجي ڪواٽر ۾ ويهو، شام ڳوٺ وڃجو. جڏهن هن جا شاگرد، هن جي ڪواٽر ۾ گرميءَ سبب، ويهڻ ايندا هئا ته انهن کي هو ماني هٿن سان کارائيندو هو. هو استاد هوندي، اهو استاد ٿيو جو هن اهو مثال قائم ڪيو ته استاد هيئن ٿيندو آهي. هن جي اسڪول واري خدمتن کي ساراهيندي، سنڌ سرڪار قمبر جو مين روڊ، هن جي نالي سان منسوب ڪيو هو، جيڪو اڄ تائين ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو چوندو هو ته؛ جيڪڏهن اسان تعليم جون راهون روشن ڪنداسين ته روشني اسان جو مقدر رهندي. هو تعليم جي حوالي سان، تمام وڏو جاکوڙي ڪردار هو. هو ڪڏهن به سک سان ڪين ويٺو هو. هن پوري زندگي جدوجهد ۾ گذاري. هن لاڙڪاڻي ۾ پهريون لائبريريءَ جو بنياد وڌو. جنهن بنياد وجهڻ کانپوءِ، ڪامريڊ تاج محمد ابڙو، شهيد ذالفقار علي ڀٽو سان مليو، ته اوهان لائبريءَ کي اڃا به وڌائڻ لاءِ مدد ڪيو. جنهن تي شهيد ذالفقار علي ڀٽو هن کي چيو هو ته؛ اوهان پنهنجو گهر ڏيو ته مان لائبرري قائم ڪيان. جنهن تي ڪامريڊ تاج محمد ابڙي فوري طور، پنهنجو گهر لائبرري کي ڏيڻ جو اعلان ڪيو. هو حيرانگيءَ جي ڳالھ اها ته پنهنجو گهر لائبريريءَ لاءِ ڏيندڙ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو، پنهنجو ذاتي گهر آخر تائين به نه ٺاهي سگهيو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سياست ۾ تمام سگهارو هو. هو شهيد ذالفقار علي ڀٽو سان تمام ويجهو هو، ۽ شهيد ذالفقار علي ڀٽو به هن کي تمام گھڻو ڀانئيندو ھيو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو، سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي جو بنياد رکندڙن مان هو. هن جي ساٿ ۾ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي ۽ ٻيا نالي وارا اديب پڻ رهيا. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو، سنڌي ادبي سنگت جو تمام سرگرم ساٿي رهيو. هر گڏجاڻي، هن جي اوطاق تي ٿيندي هئي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو، پنهنجي دور ۾ نالي وارو صحافي به رهيو هو. جڏهن ڪراچيءَ ۾ پڙهندو هو ته الوحيد اخبار ۾ هن صحافت جي شروعات، سب ايڊيٽر هجڻ سان ڪئي. محنتن سبب، تمام ٿوري وقت ۾ وڃي ايڊيٽر جي حيثيت تي پهتو هو. ڪراچيءَ واري رهائش دوران، دنيا جي نالي واري سماجي ڪارڪن عبدالستار ايڌي ۽ ملڪ جي ناليواري ليکڪا فاطمه ثريا بجيا جي تمام ويجهو رهيو. هو ڪراچيءَ ۾ تمام گھڻو سرگرم رهيو. هو سنڌ جو خاموش خادم هو. هن ڪڏهن به ڪو ڪم، ڪري اخبار ۾ نه ڏنو ۽ هن ڪڏهن به ڪنهن جي مدد ڪري ڪو اخبار ۾ فوٽو نه ڏنو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو، لاڙڪاڻي جو پهريون مسلمان وڪيل هو. هن جڏهن ايل ايل بي ڪري، لاڙڪاڻي ۾ وڪالت شروع ڪئي ته ان وقت وڪالت ۾ هڪ مافيا سرگرم هئي، جيڪي صرف عوام کان ڳريون فيون وٺڻ ۾ مشهور هئا. پر ڪامريڊ تاج محمد ابڙي غريبن لاءِ مفت انصاف جا در کولي ڇڏيا هئا، ۽ هو هميشه اهو چوندو هو ته مان انهن جو وڪيل آهيان، انهن جو نمائندو آهن جن جو ڪو به نه آهي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي، جڏهن ايل ايل بي ڪئي هئي ته ان وقت قائد اعظم محمد علي جناح مئٽرڪ تي ايل ايل بي ڪيل ايل ايل بي هولڊر هو ۽ ڪامريڊ انٽر تي ايل ايل بي ڪئي هئي ۽ وڪالت دوران ٿيندڙ اليڪشن ۾ جڏهن ڪامريڊ محترمه فاطمه جناح جو ساٿ ڏنو هو ته ان وقت جي ڊڪٽيٽر صدر ايوب خان ڪامريڊ ڏي ملڪ جي اهم شخصيت جي معرفت پيغام موڪليو هو ته ڪامريڊ فوري طور تي محترمه فاطمه جناح جو ساٿ ڇڏي ڏي، ۽ فوري طور پريس رليز جاري ڪر. جنهن تي ڪامريڊ، ايوب خان کي اهو نياپو موڪليو هو ته؛ مان مرڻ گهڙيءَ تائين فاطمه جناح جو ساٿ نه ڇڏيندس. جنهن تي ان وقت جي ڊڪٽيٽر، ايوب خان ڪامريڊ لاءِ ڌرتي تنگ ڪري ڇڏي هئي. ڪامريڊ، بلوچستان ۾ پنهنجن گهاٽن دوستن اڪبر خان بگٽي، سردار عطاءُ الله مينگل، خير بخش مري، مير غوث بخش بزنجي وٽ وڃي سياسي پناهه ورتي هئي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو، جڏهن بلوچستان ۾ پنهنجي سردار دوستن وٽ رهندو هو. تڏھن ڪامريڊ، کين چيو هو ته؛ مان اوهان جي ڪيل خدمت آڏو شرمسار آهيان. ڇو جو مان پاڻ وڪيل آهيان. پاڻ ڪمائي کائيندس. جنهن کان پوءِ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي، بلوچستان ۾ ڊي پي پي يعني سرڪاري وڪيل طور جوائن ڪيو هو. صدر ايوب جي وڃڻ کانپوءِ، ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سنڌ آيو ھيو. موٽي اچي، هن پنهنجي اوطاق آباد ڪئي ھئي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي ۾ هزارين خوبيون هيون. پر هن جي هڪ خوبي، هزارن جي مثال هئي. اھا، اھا ته پوري سنڌ ۾ اوطاقي طور مشهور هو. هن جي پوري زندگي، هن جي اوطاق آباد رهي. هو، يارن جو يار هو. هن جي اوطاق، هميشه آباد رهي. هو اوطاقن ۾ سياسي، سماجي ۽ ادبي ميڙاڪا مچائڻ جو ماهر هو. ائين کڻي چئجي جيڪو اڃا بهتر لڳندو ته؛ هو اوطاقن کي آباد رکڻ ۾، سنڌ جو مثالي ڪردار هو، جنهن سنڌ جي ثقافت کي هميشه لاءِ جياريو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو، تعليم جي ميدان ۾، وڏي سوچ رکندڙ، اها شخصيت هو، جو هن نياڻين کي تعليم ڏيارڻ ۾ وڏي جاکوڙ ڪئي. جنهن جو وڏو ثبوت هي آهي ته ڪامريڊ جون چار نياڻيون آهن. اڄ چار ئي سنڌ جي اهم عهدن تي آهن. هن جو چوڻ هو ته؛ نياڻيون پيءُ ۽ ماءُ جو نالو روشن ڪنديون آهن. مان چاهيان ٿو ته سنڌ جون نياڻيون، سڀ کان اڳ ۽ اڳ هجن. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي شخصيت جا هزارين پاسا آهن. هن جي شخصيت جو هر رخ، سنڌ کي جيئاريندڙ ۽ ملڪ کي اڳتي وٺي ويندڙ آهي. اڄ هن جي ۳۱ هين ورسي آهي. جيئن ڪامريڊ تاج محمد ابڙي پنهنجو فرض سمجهي سنڌ جي هر فورم تي مثالي خدمت ڪئي، ان ڪري اسان مٿان به اوترو ئي فرض آهي ته هن جي شخصيت تي اهي ڪي سنجيده ڪوششون ۽ پرگرام ڪيون جو هن جي شخصيت جا سڀ رخ، سنڌ تائين آسانيءَ سان پهچي سگهن. تاج محمد ابڙو سنڌ جو درد رکندڙ انسان الطاف شيخ لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو، سنڌ جو تاريخي شهر آهي، جنهن هر دؤر ۾ اسان کي اهڙا ته ليڊر، عالم، اديب ۽ شاعر ڏنا، جن پنهنجي ڏاهپ سان سنڌ کي واسي ڇڏيو. مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو صاحب به انهن مان هڪ آهي. پاڻ سنڌ جا نامور اديب، دانشور، جج، سياستدان، سماج سڌارڪ، صحافي ۽ استاد هئا. سندن جنم ۸ آگسٽ ۱۹۲۴ع تي شهدادڪوٽ ۾ ٿيو. پرائمري تعليم قمبر مان ۽ سيڪنڊري تعليم لاڙڪاڻي مان حاصل ڪرڻ بعد ايل ايل بي ڪراچيءَ مان پاس ڪيائون. شاگردي واري دؤر کان ئي پاڻ سياست ۾ سرگرم رهيا. مسلم ليگ، ڪميونسٽ پارٽي، جيئي سنڌ، سنڌ هاري ڪميٽي، نعپ، پيپلز پارٽيءَ سميت سنڌ عوامي اتحاد کان وٺي جيڪا تحريڪ سنڌ جي ڀلي ۽ آجپي لاءِ بهتر محسوس ڪيائين، انهيءَ ۾ ڀرپور نموني حصو ورتائين. سندن شمار سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي باني ميمبرن ۾ ٿئي ٿو. سنڌي مسلمانن جي پاڪستان کان به پهرين جي مشهور واحد اخبار ’الوحيد‘ جنهن پاڪستان جي تاريخ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو، ان جو ڪجهه وقت لاءِ ايڊيٽر ۽ قائد اعظم محمد علي جناح جي انگريزي اخبار ڊان جو سب ايڊيٽر پڻ رهيو. لاڙڪاڻي جي سنڌي ۽ اردو اديبن کي ويجهو ڪرڻ ۾ پاڻ وڏو ڪردار ادا ڪيائون ۽ انجمن ترقي اردو پاڪستان لاڙڪاڻي شاخ جا سرگرم ڪارڪن ٿي رهيا. لاڙڪاڻي جي تاريخ جي سڀ کان وڏي سنڌ جي لائبريري ”سر شاهنواز ڀٽو ميموريل لائبريري“ جيڪا اتر سنڌ جي واحد اهم لائبريري آهي، جتان هزارن جي تعداد ۾ اڄ به شاگرد، اديب ۽ دانشور فيضياب ٿي رهيا آهن، ان جي بنياد لاءِ چيو وڃي ٿو ته مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو صاحب رکرايو. پاڻ لاڙڪاڻي شهر سان لڳو لڳ بقاپور يونين ڪائونسل جو چيئرمين پڻ رهيو. پاڻ ريڊيو پاڪستان ڪراچي تي نيوز ڪاسٽر طور ڪم ڪرڻ کان علاوه قمبر هاءِ اسڪول ۾ انگريزي استاد جي حيثيت سان پڻ پنهنجا فرائض سرانجام ڏنائون. ڪامريڊ تاج محمد پاڪستان جو واحد جج هو، جنهن کي ڪامريڊ جو خطاب مليو. وڏيرا شاهي جي اثر رسوخ رکندڙ ضلعي جيڪب آباد ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي، قاضي فيض محمد، جي ايم سيد، غلام محمد لغاري جن جي مدد سان ضلعي ۾ هاري ڪاميٽيءَ جو بنياد وڌو. انهيءَ سلسلي ۾ صدر ايوب خان جي مقابلي ۾ هن محترمه فاطمه جناح جو ساٿ ڏنو. ۱۹۵۳ع ۾ ڇپيل بايوگرافيڪل انسائيڪلوپيڊيا آف پاڪستان ۾ پنجن صوبن جي اهم هڪ هزار وڏين شخصيتن مان کين هڪ قرار ڏنو ويو. سندن ادبي همعصر دوستن ۾ اياز قادري، انيس انصاري، تنوير عباسي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، محمد ابراهيم جويو، جمال ابڙو، رسول بخش پليجو، شيخ اياز، سوڀو گيانچنداڻي، پير حسام الدين ۽ علي محمد راشدي، گوبند مالهي، هري دلگير درياڻي ۽ ٻيا کوڙ سارا نالا اچي ٿا وڃن. سندن ذاتي لائبريري ۾ هزارين ڪتاب هئا ۽ سنڌ جي وڏين لائبريرين ۾ شمار ڪئي ٿي ويئي. سندن اولاد سنڌ جي وڏن اديبن جي صلاح تي لائبريري جا ڪتاب سر شاهنواز لائبريري ۽ سنڌ جي عظيم درسگاهه سنڌالاجي کي عطيي طور ڏنا ۽ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي نالي پويان سنڌالاجي ۾ هڪ الڳ ڪارنر قائم ڪيو ويو آهي. سندن سياست سان تمام گهڻو لڳاءُ رهيو. محترمه فاطمه جناح جي ساٿ ڏيڻ تي سنڌ مان پاڻمرادو جلاوطني اختيار ڪري بلوچستان ويو ۽ اتي نعپ جي وڪالت به ڪندو رهيو. هن مهل به سنڌ جو عوام ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي سياسي، سماجي، ادبي، قانوني خدمتن کي مدنظر رکي کيس مختلف طريقن سان ياد ڪندو رهي ٿو. (ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۸ آگسٽ ۲۰۲۴ع تي ڇپيل) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ’مون سي ڏٺا ماءُ، جنين ڏٺو پرينءَ کي‘ ارشاد ڪاغذي انسان ۽ انسانيت لاءِ جيڪي ماڻهو محبت ۽ خدمت جي جذبي سان سرشار ٿين ٿا، تاريخ تن جي نانءُ کي هميشه لاءِ روشن رکي ٿي. جيڪي شخص مسڪين، محروم ۽ مظلومن جا همدرد ۽ هڏڏوکي ٿين ٿا، اهي امر بڻجي وڃن ٿا. سنڌ ۾ ڪيترا ئي اهلِ علم ۽ قلم ۽ مانجهي مڻيادار پيدا ٿيا آهن، جن پنهنجي پورهئي ۽ پگھر، سوچ ۽ لوچ سان سنڌ جي سينڌ سنواري آهي . ڪامريڊ تاج محمد ابڙو به اهڙين عظيم هستين منجهان هو، جنهن سنڌ جي مسڪين، هارين ۽ مزدورن جي بهتري ۽ ڀلائيءَ لاءِ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيو هو. ڪامريڊ تاج محمد سنڌ جي قسمت بدلائڻ لاءِ علم، ادب، تعليم ۽ سماجي ڪمن ۾ جيڪي خدمتون سرانجام ڏنيون سي ڪڏهن به وسارڻ جوڳيون ناهن. ڪامريڊ ابڙو هڪ نهايت ئي مهربان، شفيق ۽ هڏڏوکي انسان هو، جنهن پنهنجي سموري ڄمار اصولن جي پاسداري ڪئي، ڪڏهن به پنهنجي نظرئي ۽ فڪر کان نه ڦريو ۽ هميشه حق ۽ سچ جي راهه تي رمندو رهيو. هن پوري حياتي لوڪ جي خدمت لاءِ ارپي ڇڏي هئي. ڪامريڊ روشن خيال ۽ مخلص شخص هو، جنهن پورهيت پنهوارن جي لاءِ پنهنجي وت ۽ وس کان وڌيڪ خدمت ۾ گذاري. پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسان جي ملڪ ۾ اهڙن املهه هيرن جو قدر نٿو ڪيو وڃي. خدا ڄاڻي ته ڪنهن رنگين چمن ۾ ڇو نه ڄاياسين؟ ٽڙياسين دامنِ صحرا ۾، خوشبو ئي اجائي وئي. (شيخ اياز) ڪامريڊ تاج محمد جي ٻاريل ڏياٽيءَ جي بدولت سنڌ جي سياست ۾ جاگيرداري جي گپ اوندهه ۾ روشني جو ترورو روشن ٿيو ۽ جاگيرداري جي غلامي کي چئلينج ڪيو ويو، جنهن ۾ ڪامريڊ پيش پيش هو ۽ ان جي ڪري ٻيا غريب هاري ناري ڪامريڊ جي فڪر ۽ فلسفي سان سلهاڙجي ويا. ڪامريڊ تاج محمد ڪميونسٽ پارٽي ۾ شامل هو ۽ مظلومن جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو. ڪامريڊ جي ياري دوستي وڏن وڏن ليڊرن سان هوندي هئي. ڪامريڊ جا مختلف مڪتبه فڪر جي ماڻهن سان به تعلقات هئا پر هو انهن مان نه هو جيڪي پنهنجي لاءِ ذاتي فائدو حاصل ڪن پر هو غريبن جي مدد ڪندو رهيو. ڪامريڊ تاج محمد، اوطاقي مڙس هو، هن جي بيٺڪ امير ۽ غريب لاءِ کليل هوندي هئي. هن جي اوتاري تي حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، ڪامريڊ جمال الدين بخاري، ذوالفقار علي ڀٽو ۽ لاڙڪاڻي جا اديب، شاعر ۽ سڄاڻ ميڙو مچائي علم، ادب، سياست ۽ انقلاب جا مچ مچايو ويٺا هوندا هئا، فيض جي پالوٽ ٿيندي هئي. هو تاريخ ساز شخصيت هو، جنهن سياست کان علاوه سماجي کيتر ۾ به گھڻو ڪم ڪيو. جج جي نوڪري دوران به پنهنجي ڪرت ۾ مشغول رهيو ۽ پاڻ کي هڪ اهڙو ادارو بنايو، جنهن جي ذريعي عوام کي فائدو ئي فائدو مليو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي سنڌ هاري ڪميٽي ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سان گڏجي ڪم ڪيو. لاڙڪاڻو ۽ جيڪب آباد ضلعن ۾ هاري ڪميٽي جا يونٽ کولڻ ۽ سرگرمي سان هارين جي حقن لاءِ جدوجهد هلائڻ جي ڪري پوري سنڌ ۾ هن جو نالو مشهور ٿيو. ان زماني ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جي سرواڻي ۾ جتي ڪامريڊ تاج جهڙا هاري ورڪر سرگرم هئا، اتي ٻيا هاري ورڪر غلام محمد لغاري، قاضي فيض محمد، برڪت علي آزاد، مير محمد ٽالپر وغيره به ڪامريڊ ابڙي جا دوست ۽ ساٿي هئا. هُن هاري ڪميٽي اليڪشن ۾ وڏيرن ۽ جاگيردارن جو مڙسيءَ سان مقابلو ڪيو. ڪامريڊ علم ۽ ادب سان گھڻو شوق ۽ شغف رکندو هو ۽ گھڻو پاڙهو هو. انگريزي جا ڪتاب تمام گھڻا پڙهندو هو ۽ ان ڪري سندس ذهانت اتم ۽ اعليٰ هئي. هو دانشور هو، سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي جو سيڪريٽري رهيو، پر ۵۰ واري ڏهاڪي ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي، رشيد ڀٽي ۽ ٻين جڏهن نئين سري سان سنڌي ادبي سنگت کي فعال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪامريڊ ان ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سنڌي اديبن کي هڪ هنڌ متحد ۽ منظم ڪرڻ ۾ هن جون ڪوششون ساراهڻ جوڳيون آهن. ڪامريڊ يارويش ماڻهو هو، سنڌ جي اديبن شاعرن، سياستدانن، هاري ورڪرن ۽ شاگردن سان هن جا واسطا رهيا، هو سڀ جي خدمت ڪندو هو. هو نياز ۽ نمرتا جو نمونو هو، تمام گھٽ ڳالهائو هو. هن جي اوتاري تي اچڻ وارا اديب ٿي ويا، ڇو جو اتي ڪيئي نامور اديب شاعر ۽ محقق ۽ سياستدان ايندا ويندا هئا ۽ اتي جيڪي بحث مباحثا ٿيندا هئا تن جي اثر جي ڪري نوجوان علم ۽ ادب سان چاهه رکڻ لڳا ۽ مشهور اديبن جي ميل ملاقات ۽ عليڪ سليڪ جي ڪري ڪامريڊ جي آشرم مان علم، ادب، شاعري ۽ ادراڪ جون وٽيون پي پرباش ٿي پنهنجي علم و ادب جا واهڙ وهائي ڇڏيا. نوجوانن انهن ڪچهرين مان گھڻو پرايو. هن جو تعلق گھڻن ئي ليڊرن سان هوندو هو، ملڪ جي سياسي جماعتن جي ويجهو هيو، هن جا خيال الڳ هوندا هئا. ڪامريڊ هوندي به ملڪ جو صدر ۽ وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو هن جي عزت ڪندو هو ۽ هن جي آشرم تي اچي ڪچهري ڪندو هو ۽ ڪامريڊ جو سنگتي هو. ذوالفقار علي ڀٽو جي چوڻ آکڻ تي نوڪري ۾ گھڙيو ۽ اتي به غريبن جي مدد ڪندو رهيو. هن دوستن سان به اهڙو ورتاءُ ڪيو جيڪو اڳ ۾ هوندو هو. جڏهن رٽائر ٿيو تڏهن به ايمانداري جو نمونو قائم ڪري سبڪدوش ٿيو. ڪامريڊ تاج محمد جي ياري باشي ته هر هڪ سان هئي پر پنهنجي ڪهول سان جهڙي نموني هليو ۽ انهن جي تعليم ۽ تربيت تي پورو ڌيان ڌريو، تنهن جي ڪري سندس پونئير به پنهنجي وڏڙي جي واٽ تي هلن ٿا ۽ واقعي اها هڪ خوش بختي چئبي جو اڄوڪي هن دور ۽ نفسا نفسي واري ماحول ۾ هن جا پويان به پنهنجي بابي جي ڇڏيل ورثي جي پوئيواري ڪندي انسانيت ۽ ماڻهپي ۾ آهن. وڏن عهدن تي رهندي به غريبن جو خيال رکڻ واقعي وڏي ڳالهه آهي. اهڙن ڌيئرن ۽ پٽن کي جس هجي! ڪامريڊ جي تربيت ۽ پالنا جي ڪري سندس گھرڀاتي ۽ ٻار ٻچا به ان روش جي ڪري ڪامريڊ جي دڳ تي هلي رهيا آهن. سندس فرزند ۽ ڌيئرن علم ۽ ادب جي ميدان ۾ پاڻ ملهايو آهي ۽ پنهنجي والد صاحب جي ڪم کي وڌايو آهي ۽ ان جي ياد ۾ ڪيئي ڪتاب شايع ڪرايا آهن ۽ يونيورسٽي وغيره ۾ ڪامريڊ جي ياد ۾ چيئر قائم ڪرائي تحسين لائق ڪم ڪيو آهي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جهڙا نيڪ بخت انسان ورلي پيدا ٿيندا، جيڪي پنهنجي ذات ۽ ڏات ۾ هڪ انجمن جو درجو رکندا آهن! مون سي ڏٺا ماءُ، جنين ڏٺو پرينءَ کي، رهي اچجي راتڙي، جنگن سندي جاءِ، تنين جي ساڃاءِ، ترهو ٿئي تار ۾. (شاهه لطيف) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو لاڙڪاڻي جو هڪ عظيم اوطاقي ماڻهو ولي رام ولڀ سنڌ سونهاري ڪيترن ئي حوالن سان هيري جهڙن ماڻهن جي کاڻ رهي آهي، جنهن ۾ لاڙڪاڻو سڀ کان وڌيڪ ڀاڳوند آهي. اهڙن هيرن ۾ مدبر، دانشور، اديب، سياستدان ۽ زندگيءَ جي هر ميدان ۾ ملهه ماريندڙ ڪيتريون ئي شخصيتون شامل آهن. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو به پنهنجي دﺂر جي اعليٰ پايي جي انسانن جي جهرمٽ ۾ لاڙڪاڻي جي روايتي اوطاق ذريعي ڪيترن ئي حلقن ۾ محبوب هو. سندس اوطاق تي هيٺئين سطح کان وٺي مٿئين سطح جي طبقي جا ماڻهو وٽس اوطاقي ٿيندا هئا، جن سان هو سماجي، سياسي، ادبي ۽ علمي موضوعن تي بحث ڪندو هو ۽ اهڙي طرح گفتگوءَ ذريعي ترقي پسند سوچ، فڪر ۽ نظرياتي دڳ طئه ٿيندا هئا. لاڙڪاڻو هڪ عرصي کان وٺي وزيرن، وڪيلن، وڏيرن سان گڏ عام ماڻهن جو شهر پڻ رهيو آهي. اتان جو هر ماڻهو پنهنجي رويي مان سياست جي سُتي پيل لڳندو آهي، جنهن ۾ اوطاق ڪلچر جو وڏو ڪردار رهيو آهي. گذريل صديءَ دوران، نواب حاجي امير علي لاهوري، عبدالغفور ڀرڳڙي، قاضي فضل الله، عبدالفتاح ميمڻ، ميان غلام عباس قادري، فقير محمد انڙ ۽ تاج محمد ابڙي جون ڪچهريون مشهور هونديون هيون، جن ۾ تاج محمد ابڙي جي ڪچهري سڀ کان سرس ۽ سونئالي هوندي هئي. سندس ڪچهريءَ ۾ مختلف قسمن، طبيعتن، مسلڪن، سماجي تنظيمن، مڪتبه فڪرن، سياسي پارٽين، رجعت پسندن، ترقي پسندن، سوشلسٽن، ادبي گروهن، زميندارن، هارين ۽ مزدور طبقي جي ماڻهن جي اچ وڃ رهندي هئي. هُو ساڻن سندن سطح مطابق ڪچهري ڪندو هو ۽ کين مانُ ڏيڻ سان گڏ چاهه ڀري چانهه به پياريندو هو. پر سندس مسلڪ ”ترقي پسندي“ هو، جنهن جو هُو پختو پرچارڪ هو. ابڙو صاحب پاڻ ليکڪ ته نه هو، پر هُو نوجوان ٽهيءَ کي اتساهي کين لکڻ لاءِ آماده ڪندو هو. سندس دوستن ۾ سنڌ جا چوٽيءَ جا اديب، سياستدان ۽ ڪارڪن شامل هئا، جن لاءِ سندس اوطاق بيشڪ هڪ ڪلاس روم مثل هئي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، سوڀو گيانچنداڻي، جمال ابڙو، شيخ اياز ۽ محمد ابراهيم جويي جهڙيون شخصيتون سندس محبتن ۾ شامل هيون ۽ وٽس ٻيا به ڪيترا ئي برک ماڻهو اوطاقي ٿيندا هئا. افسوس جو نئين صديءَ ۾ سنڌ جو اهو ”اوطاقي ادارو“ پنهنجو وقت پورو ڪري کڄي ويو ۽ هاڻي نڪا اوطاق، نه اوطاقي ۽ نه وري ٿري اصطلاح ۾ اوتارا. اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارين، جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا. (شاهه ڀٽائي) محمد ابراهيم جويي جي سهيڙيل ڪتاب ”سنڌ جو املهه هيرو: ڪامريڊ تاج محمد ابڙو“ (۲۰۰۴ع) ۾ پروفيسر اياز قادري پنهنجي مضمون ۾ لکي ٿو ته: ”وٽس لائبريريءَ ۾ ڪافي سارا ڪتاب ڪٺا ٿيل هئا، جن ۾ بايوگرافي ۽ تاريخ بابت ڪافي ڪتاب هئا. هو انگريزي هفتيوار رسالي ‘Time’ (ٽائيم) جو هڪ عرصي کان خريدار هو، جن جا ٻڌل جلد سندس لائبريري جي زينت آهن.“ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سندس دل گهريو دوست هو. هُو وٽس به هليو ويندو هو ۽ بنا حجاب کيس پاڻ وٽ به گهرائيندو هو. انهيءَ دوستيءَ جي رشتي هن کيس ايوبي دﺂر جو بي ڊي (بيسڪ ڊيموڪريسي) جو ميمبر ۽ پوءِ چيئرمين بڻايو. ادب سان دلچسپيءَ سبب هن سنڌي ادبي سنگت جي شاخ قائم ڪئي، جنهن ۾ قلم قبيلي وارن جو وڏو تعداد شريڪ ٿيندو هو، جن ۾ حاجي محمود خادم، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ، انيس انصاري، جمال الدين بخاري، ڊاڪٽر اياز قادري ۽ ٻيا شامل هئا. ۱۹۷۲ع ۾ شهيد ڀٽي جي چوڻ تي تاج محمد ابڙو سيشن جج مقرر ٿيو، پر پوءِ به سندس معمول ۾ ڪو ڦيرو نه آيو. ۱۹۸۵ع ۾ رٽائر ڪيائين ۽ ۱۹۸۶ع ۾ دل جي دﺂري سبب ڪراچيءَ ۾ انتقال ٿيس. سندس اکيون ٻوٽجڻ کان پوءِ لاڙڪاڻي جي ڪچهرين جا دﺂر به ٻوٽجي ويا. هو بيشڪ لکاري نه هو، پر لکارين جي لاءِ وڏي اتساهه جو ڪارڻ هو، بلڪه ائين چئجي ته هو اديب ساز شخصيت هو. ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي لکيو آهي ته: ”.... هن سنڌي ادب تخليق ته نه ڪيو، پر پنهنجي تنظيمي صلاحيتن سان سنڌي ادبي سنگت وسيلي ادب ۾ جديد لاڙن جي جاڳرتا پيدا ڪئي. کيس سنڌي ادب جو خاموش خدمتگار سڏجي ته بهتر ٿيندو. هن ڪڏهن به پنهنجي نالي ڪڍرائڻ جي ضرورت محسوس نه ڪئي، پر خاموشيءَ سان جديد ادب کي رواج ڏيڻ لاءِ ڪم ڪندو رهيو.“ انيس انصاريءَ سندس خاڪي ۾ ڄاڻايو آهي ته: ” تاج محمد ابڙو پنهنجي شخصي ڊائري به لکندو رهندو هو. سندس ڊائريون ۱۹۴۶ع کان ۱۹۸۶ع تائين يعني ۴۰ سالن تي مشتمل هيون، جيڪي سندس ڪٽنب وٽ رکيل آهن.“ منهنجي سندس ڪٽنب وارن کي گذارش آهي ته اهي ڊائريون ايڊٽ ڪري ڇپرائڻ جو انتظام ڪيو وڃي، ته جيئن عمومي طور سنڌ جو ۽ خاص ڪري لاڙڪاڻي جو منظر نامو، منظرِ عام تي اچي سگهي. اهي ڊائريون يقينًا تاريخ جي ٽٽل ڪڙين کي جوڙڻ ۾ مدد ڪنديون. انيس انصاري مذڪوره مضمون ۾ تاج محمد ابڙي طرفان سندس اولاد کي وصيت جي حوالي سان لکي ٿو ته: ”.... سندس دوستن کي ڪا تڪليف نه ملڻ گهرجي، البت پاڻ ۾ اختلاف يا ڪنهن منجهيل مسئلي تي سندن صلاح ضرور وٺندا. انهن جي هر وقت عزت ڪرڻ اوهان جو فرض آهي ۽ سندن اولاد سان تعلق پڻ رکڻ جي ڪوشش ڪندا. کانئن ڪڏهن به مالي مدد جي طلب نه ڪندا.“ انهيءَ مان لڳي ٿو ته پنهنجي عزتِ نفس کي محفوظ رکڻ لاءِ پنهنجن دوستن کي ڪا تڪليف نه ڏيڻ لاءِ ڪيڏو نه تاڪيد ڪيو اٿس، ته جيئن سندس اولاد پنهنجن پيرن تي خود اعتماديءَ سان بيهي، اڏول بڻجي ۽ پنهنجي والد جي روايت کي قائم رکي. مذڪوره ڪتاب ”سنڌ جو املهه هيرو“ ۾ شامل ٻه مضمون اهڙا آهن، جيڪي سندس شخصيت جي اهڙن پهلوئن تان پردو کڻن ٿا، جن مان سندس اعليٰ ظرف، مٿڀري رتبي ۽ ترقي پسند سوچ رکندڙ ڪامريڊ هئڻ جو ڏس ملي ٿو. شيخ اياز پنهنجي لکيل مضمون ”صاف گو ۽ صاف دل انسان“ ۾ سندس ذاتي قرب ۽ دوستيءَ جو مانُ رکيو آهي ۽ ٻيو آهي حميد سنڌيءَ جو لکيل ”سنڌ جو املهه ماڻهو“، جنهن ۾ هن سندس ذاتي ايماندارانه زندگي ۽ ساک قائم ڪرڻ ۾ سچائي، سربستائي، بي غرضائي، ايمانداري، راست بازي، سڦتيائي، اصليت، نرملتا ۽ سٺائي جهڙا جزا بيان ڪيا آهن. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو دوستن جو دوست، سياست سان لڳاءُ رکندڙ، اديبن جو يار، ترقي پسند نظريي جو پڪو پوئلڳ، رک رکاءُ وارو، سنڌ جي ثقافت جو مجسمو ۽ قدامت ۽ روايتن کي مانُ ڏيندڙ، انصاف پسند ۽ انصاف ڪندڙ منصف هئڻ سان گڏ هڪ مخلص ماڻهو هو. اهڙو شخص، جنهن ۾ ايتريون ساريون خوبيون هجن ۽ پاءُ صدي اڳ هن جهان کي ڇڏي، پنهنجن پرستارن جي دلين ۾ دائمي جاءِ ڇڏي وڃي ته يقينًا اهڙين خوبين واري شخص لاءِ هن دﺂر ۾ اعتبار ئي نه ايندو ته اهڙو شخص به هن خطي ۾ زندگي گذاريندو هو ۽ گذاري ويو. هاڻي سندس ڳالهيون ڪندڙ دوست، سندس گهر ڀاتي ۽ سائين ابراهيم جويي جو سلهاڙيل ڪتاب ”سنڌ جو املهه هيرو“ اسان وٽ رهجي ويا آهن، جن مان پتو پوي ٿو ته ههڙا ماڻهو به هن ڌرتيءَ کي دان ۾ مليا هئا، جن جي صدقي هن ڌرتيءَ جو مانُ مٿانهون آهي. (روزانه ڪاوش، آچر ۱۷ اپريل ۲۰۱۱ع) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جاڳر جوڳيئڙن جو زيب نظاماڻي ڪڙو منجهه ڪڙي، جيئنءَ لهار لپيٽيو، سندم جيءُ جڙي، سُپيريان سوگهو ڪيو. (شاهه لطيف) ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين ۽ ڪيٽي بندر کان ڪشمور تائين سنڌ جي خمير ۽ ضمير جي چيڪي مٽيءَ جي سُڳنڌ وقت کي واسيندي رهي آهي. هن مٽيءَ مان ڳوهيل املهه وجود جڏهن ساهن ساڻ سينگاري موڪليا ويا ته مٽيءَ مٽيءَ جي هڳاءَ سان وفا جا نوان باب لکيا، اهي رتيون وڌيون جن جنم کان جنمن تائين پنهنجي سڀاويڪ سوچ ۽ عمل ذريعي سنڌ ڌرتي جي سڃاڻ کي سڄاڻائيءَ جي سڳي ۾ پوئي محبتن جون مالهائون جوڙيون. اهو راڄ، اهو ڀاڳ، اهو تر، اهو بي ڳڻو ليکبو هو، جنهن جي تڏي ڪو ڪهي اچي ۽ مانُ نه لهي. ڏورانهون ڪهي ايندڙ يا ڏينهن لاءِ گڏجي ويهي نبيرا ڪرڻ، پريت ونڊڻ ۽ ڏاهپ جا واهڙ وهائڻ لاءِ جنهن آڳنڌ کي عزت بخشي ويندي آهي، ان کي سنڌي ٻوليءَ ۾ اوطاق چئبو آهي. معنيٰ اوري پري کان ڪهي، رلجي سلجي هڪٻئي سان گڏجي ڪانڀا ٻڌي ويهي ڏاهپ جا نوان گس، نبيري جا نوان لاڙا ڳولي لهڻ، سنڌ جي اوطاقن جي سڃاڻپ رهي آهي. جنهن تر جي راڄ ۾ اوطاقون نه هجن ته اتي سڃ ليکبي ۽ جنهن راڄ ۾ اوطاقون نه هجن ته اتي ڏاهپ جا واهڙ وهندي ڀاسبا. هڪ راڄ وارا ٻي راڄ ۾ ڪهي وڃي مهمان ٿيندا هئا، مچ ٻرندا هئا، سياري جون ٿڌيون ڊگهيون راتيون ائين پل ۾ وهامي وينديون هيون. هڪٻئي سان رابطي جو اهو سگهه وارو ذريعو نه رڳو هڪٻئي سان ميل ميلاپ وڌائڻ ۾ مدد ڏيندو هو، پر ڏات، ڏاهپ ۽ سُگهڙ پائيءَ جا نوان باب کوليندو هو. بزرگن واتان ڏور، پهاڪا، ڳجهارتون، بيت ۽ داستان ٻڌي ائين ڀاسبو هو، ڄڻ ته عمل جي عميق مان ٽٻي ڏئي موتي ميڙي آيا هجون. ٻوليءَ جي سکيا جا فطري مرڪز سنڌ جون اوطاقون ئي رهيون آهن. ماءُ جي جهوليءَ کان پوءِ جيڪڏهن پُٽ ٻاهر علم پرائيندو هو ته اهو ذريعو اوطاقون ئي هونديون هيون. پر جيئن جيئن وقت گذرندو رهيو ته اوطاقون، جيڪي سماجي رابطي جو اهم ذريعو رهيون، پنهنجي اهميت وڃائڻ لڳيون. هاڻ اوطاقن ۾ ڏاهپ جا واهڙ وهڻ جي بجاءِ رڇ ڪتن جي ويڙهه، ڪڪڙن جا ميل ۽ ڪارو ڪاريءَ جي فتويٰ جا فيصلا، هڪٻئي تي حاڪميت هلائڻ ۽ سرڪاري پئسا کائڻ لاءِ سٽون سٽڻ لاءِ وڃي رهيون آهن، پر اهڙي پُر آشوب دؤر ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو اهو واحد مردِ مجاهد هو، جنهن علم جي لاٽ ٻاري پنهنجي اڱڻ تي اها جوت جلائي، جنهن جو تجلو صدين کان صدين تائين سنڌ جي اتهاس ۾ روشن باب بڻجي نسل در نسل سرت، ساڃاهه ۽ ڏات منتقل ڪندو رهندو. پنهنجي تڏي کي ٻين جي آڌر لاءِ اڱڻ اجاري انتظار جا ڏيئا ٻاري رکجن! اها ريت سنڌ واسين جي سڃاڻپ رهي آهي ۽ ايندڙ کي چوندي آءُ، ويندڙ کي چوندي ويهه! ته پوءِ ڏوري ڏيهه، سچ ته انهيءَ قربن وارين ڪچهرين ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي اڱڻ ڪهي وڃڻ جي ريت، سنڌ ۽ سنڌ جي سرحدن کان پري کان ڪهي ايندڙ شخصيتن جي قدمن جا نشان اڄ به ان اوطاق ۾ پسي سگهجن ٿا. سندن آڌرڀاءُ ڪرڻ لاءِ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي پيار ۽ خلوص جي خوشبوءِ سان انهيءَ اوطاق جون ديوارون اڄ به مهڪي رهيون آهن، پر اڄ اهو جوڳين جو جاڳر هڪ خواب وانگر ٿو لڳي ۽ اها اوطاق جتي سچ ۽ پيار جا سوين سج اڀرندا ۽ خوشيون ۽ محبتون کڻي ايندا هئا ته الهندا به خوشيون ۽ محبتون کڻي ايندا هئا. پر اڄ ها! اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارين آديسي اٿي ويا، مڙهيون مون مارين جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا. (شاهه لطيف) ۱۹۴۷ع ڌاري وڪالت جي تعليم حاصل ڪري قانون جا ڳاٽي ڀڳا ڳرا ڪتاب پڙهندي ڪامريڊ تاج محمد ابڙو قانوني پيچيدگين ۽ قانون جو ڄڻ ياد حافظ بڻجي وڃي ٿو ۽ پوءِ پنهنجي ساٿي ۽ استاد شمس الدين ابڙي سان گڏجي وڪالت ڪرڻ لڳي ٿو. ايماندار وڪيل هر ايماندار ڪاموري جيان ڏوڪڙ ته نه، پر واهه واهه جا جهول ڀري ٿو ۽ ماڻهن جي محبت تاڙين جي روپ ۾ گڏ ڪري پنهنجي بينڪ بيلنس ۾ واڌارو ڪرائي ٿو، پر هو اهو به ڄاڻي ٿو ته انهيءَ بينڪ بيلنس مان نه ته سندس ٻارن ٻچن جو پيٽ ڀربو ۽ نه ئي پنهنجو خرچ هلندو ۽ نه ئي جيڏن، سرتن ۽ يارن دوستن جو آڌر ٿي سگهندو! انهيءَ لاءِ ڪامريڊ سنڌي اخبار الوحيد ۽ انگريزي اخبار ڊان جي سب ايڊيٽر جي حيثيت ۾ پنهنجو پاڻ مڃايو. مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي سرگرم رڪن جي حيثيت ۾ پاڻ مڃائيندڙ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جڏهن جج جهڙي حساس ۽ ذميداريءَ واري منصب تي فائز ٿيو، ته به سندس ذاتي مصروفيتن تي ڪوبه فرق نه پيو. هن طالب جي دوستي هر عام ۽ خاص، ننڍي توڙي وڏي سان هئي. مطلب ته هن وٽ دوستيءَ جو معيار عام رواجي نه، پر صوفين وارو يعني انسان ذات سان سنگت ساٿ واري ريت جيان رهيو. سياست، علم وادب سان واسطو رکندڙ ۽ واپاري، صنعتڪار، مزدور، هاري، رئيس ۽ وڏيرا، مطلب ته هر مڪتب فڪر ۽ هرهڪ طبقي جا ماڻهو سندس اوطاق تي وٽانئس محبت جا موتي ميڙي پنهنجا پالها جهول ڀريندا رهيا. ذوالفقار علي ڀٽو، اياز قادري، قاضي فضل الله، شيخ اياز، تنوير عباسي، فتح الله عثماني، رشيد ڀٽي، ڪامريڊ مولوي نظير حسين جتوئي، ڪامريڊ جمال الدين بخاري، ڪامريڊ برڪت علي آزاد، جمال ابڙو، حفيظ قريشي، قاضي فيض محمد، سائين جي ايم سيد، پير حسام الدين راشدي، پير علي محمد راشدي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، ڪيرت ٻاٻائي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، سيد غلام مصطفيٰ شاهه، گوبند مالهي، نسيم کرل، هري دلگير، ڪامريڊ مير محمد ٽالپر، سراج الحق ميمڻ، حميد سنڌي، نور الدين سرڪي جي پيار جا بادل مٿس برسندا رهيا. ابڙو وڏ-وڙو سُوڙو، سمو سونهن سڀن، تنهن در سڀ اچن، ڪنڌ نه ڪڍي ڪڇ ڌڻي. (شاهه لطيف) ها انهيءَ ڪڇ ڌڻي ابڙي جهڙي شخصيت جو مالڪ هي تاج محمد ابڙو به وڏي وڙ وارو ٿي گذريو آهي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو پاڻ ڪڏهن به تخليقي ادب، تخليق نه ڪيو، پر سنڌي ادب سان سندس بي پناهه محبت ۽ عقيدت جو عملي ثبوت سنڌي ادبي سنگت مرڪز جي بنيادي ڪارڪن جي حيثيت ۾ سنڌي ادبي سنگت مرڪز جو بنياد وجهڻ آهي. اها هڪ تاريخي حقيقت آهي، جنهن جي شاهدي روزانه هلال پاڪستان ڪراچي جي اربع ۲۷ آگسٽ ۲۰۰۳ع ۾ لکيل مونس بخاري جو مضمون: ”سنڌ جو املهه هيرو: ڪامريڊ تاج محمد ابڙو“ مان ملي ٿي. مونس بخاري لکي ٿو ته: تاج محمد ابڙو جي اوطاق ۾ سنڌ جا ڏاها ۽ سرموڙ ليکڪ گڏ ٿين ٿا، جن ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي، سائين تاج محمد صحرائي، جمال ابڙو، رشيد ڀٽي ۽ ٻيا جن جي کاڌي پيتي جو انتظام به تاج محمد ابڙو پنهنجي هڙان وڙان ڪندو رهيو. اهڙيءَ ريت انهيءَ عظيم اوطاق ۾ سنڌي ادبي سنگت مرڪز جو بنياد رکيو ويو، جيڪا اڄ تائين ايشيا جي سنڌي اديبن جي واحد تنظيم آهي، جيڪا پنهنجي سگهاري حيثيت وقت جي لاهن چاڙهن ۾ به برقرار رکيو اچي، پر افسوس ته سنگت جي مرڪزي عهديدارن ڪڏهن به ڪنهن به دؤر ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي شخصيت ۽ ڪارنامن تي نه ته ڪو سيمينار ڪوٺايو، نه سندس جنم ڏينهن ملهايائون ۽ نه ئي وري سندس تي لکيل آرٽيڪل ڇپرائڻ جو ڪو خيال ڪيو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي شخصيت سندن سڀاءُ ۽ سندن علمي ڪردار ادب، سياست ۽ سماج لاءِ هڪ مشعل راهه کان گهٽ نه رهيو آهي. تون چؤ مون کان پوءِ ڪنهن جو ٿيندين ڪينرا! واڪا ڪندي ووءِ، صديون تو لاءِ سنڌڙي. (اياز) اڄ نه پسان سي، آتڻ ڪتيم جن سين هاڻي تنين کي، ڪنڌيءَ ڪاڪ نهاريان. (شاهه لطيف) ون يونٽ ختم ڪرائڻ جي ڏس ۾ عملي تحريڪ جو هي خاموش هيرو پنهنجي عمل ۾ ظاهري نماءُ ڪندڙ نام ڪٺين، جيڪي سدائين ون يونٽ ٽوڙڻ جو ڪارنامو نرڙ تي چنبڙائي قوم تي ٿورا ٿڦيندي وتن واڦيندا ٿاڦيندا ۽ ٺڙڪو ڪارنامن کي ڪيش ڪرائيندا آهن، پر ڪامريڊ تاج محمد ابڙو نه ئي ڪڏهن پاڻ پڏايو ۽ نه ئي پنهنجا ڪارناما ورجايا ۽ نه ئي انهن کي ڪيش ڪرايو. مون کي ته افسوس اسان جي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي به ٿئي ٿو، جن وٽ هاڻي جڙتو مقابلن واري ڳجهارتي روش عمل ۾ آهي. اسان جي نوجوان نسل وٽ ويجهڙائي ۾ هيروز جي اهڙي ڪابه لسٽ نه آهي، جن کي سچائي ۽ ايمانداريءَ جي ڪسوٽي تي رکي پرکي سگهجي. اسان وٽ ته پُڇ ٻَڌي مهري ڪرڻ واري روش تحت جڙتو هيرو، جن جي ساک جَــر تي ڦوٽي جهڙي آهي، جام آهن. سنڌ جي کسجندڙ وسيلن ۽ وڪامجندڙ سنڌو درياءَ جي سُڏڪندڙ صورت ڏسندي رڳو چند ڏات ڌڻين جي اکين ۾ لڙڪ تري ايندا آهن، نه ته رڳو ٻه چار مضمون، نظم، گيت، غزل، وايون، دوها ۽ ٽيڙو بس! سياستدان احتجاج ڪندا، بيان ڏيندا، پوءِ نون سودن سان مارڪيٽ جا نوان اگهه! هاڻي سنڌ ماءُ کي ائين سستي اگهه وڪڻندڙن جي هٿن کي هٿي ڏيندڙ بيحس ماڻهو سنڌ جي آئنده نسل کي ڪهڙو تاريخي آئينو ڏيکاريندا؟ ها پر اهڙي ڀڃ ڊاهه جي دؤر ۾ وري ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جهڙي شخصيت جو عملي ڪردار سندس اوطاق جي در ۽ ديوارن تي وڏي واڪي چئجي ۽ پنهنجن سچن هيروز جي سڃاڻپ پنهنجي ڌرتي جي مستقبل لاءِ ڪنهن نه ڪنهن آءِ ڊي ۾ آڻي انٽرنيٽ لاءِ منتقل ڪجي ته جيئن سنڌ جو مستقبل پنهنجي هيروز جي عملي ڪارنامن مان ڪو عملي سبق حاصل ڪري سگهي. محبتي ميڙي، ڳوٺ ٻڌجي هڪڙو تنين جي ويڙهي، پاڻهي ايندو بادشاهه. (شاهه لطيف) لاڙڪاڻو جنهن لاءِ کوڙ ساريون چوڻيون ۽ پهاڪا مشهور آهن: لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو يا هجئي ناڻو ته گهم لاڙڪاڻو وغيره، انهيءَ لاڙڪاڻي جي لعلن ۾ هڪ لعل ڪامريڊ تاج محمد ابڙو اسان کان ۱۰ مارچ ۱۹۸۶ع تي هميشه لاءِ جسماني طور جدا ٿي وڃي ٿو، پر سندس عملي ڪردار پوري سنڌي قوم لاءِ هڪ ڏيئي جي حيثيت رکي ٿو، جنهن جي لاٽ ۾ امن، پيار ۽ محبت جي واٽ پسي سگهجي ٿي. لاڙڪاڻو اڄ جنهن بدامني ۾ غرق ٿيل آهي، انهيءَ مصيبت مان ڪڍڻ لاءِ ڪامريڊ تاج محمد جو نينهن نياپو گهر گهر، در در پهچائڻ اسان لاءِ اولين فرض جي حيثيت رکي ٿو، ته جيئن اتي اسان پنهنجي پياري لاڙڪاڻي ۽ سونهاري سنڌ ڌرتيءَ جي کيتر ۾ پيار ڪڻيون پوکي، سک، سلامتي ۽ امن جا سنگ اپايون. اچو ته عهد ڪريون ته اتي ڪڏهن به ڪارو ڪاري رسم نه دهرائجي، جتي ڪڏهن به ڪنهن جي لڄالٽ نه ٿئي، جتي ڪڏهن به ڪنهن ٻار سان زيادتي نه ٿئي، جتي ڪڏهن به ڌاڙيل ڪچي جي حسن کي بارود جي بوءِ ۾ لوڙهي نه ڇڏين، جتي سهاڳڻين جي چوڙين جا ٽڪرا گهٽين ۾ وکرڻ بجاءِ سندس کڻڪي تي گيتن جا گلزار سجن، جتي مينديءَ جي مهڪار تي موڙ ۽ نئن جا ڳيچ ڳايا وڃن، جتي علم، ادب ۽ ڏاهپ جو سنڌو پنهنجي ڦوهه جوانيءَ جي مست ڇولين سان جهومي نچي! ها ان مٿان ڪي به ريتن رسمن جا ٿل ڪئنال ۽ ڪالاباغ يا اهڙا ڪي به ڪئنال ۽ بند نه ٿڦيا ۽ نه مڙهيا وڃن. ٻار ماءُ جي لوليءَ جي ٻولن کان ڪنائي پنهنجي سنڌي ٻولي ڳالهائڻ سکن. نئون نسل اجرڪ جي ڦلڙي، گج جي ٽوئنرن، ٽوپيءَ جي ٽڪن ۽ رليءَ جي ٽڪَ ۾ سمايل سونهن ۽ سچ جي واٽ پسي سگهي. پر اڄ اهي ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جهڙا ڪردار ڪٿي آهن! اچو ته انهن جي اوطاقن جا گس ڳوليون، جت جوڳيئڙن جو جاڳر ٿيندو هجي ۽ ڏاهپ ۽ محبت جا واهڙ وهندا هجن. پر افسوس جو: اڄ نه اوطاقن ۾، جاڳر جوڳيئڙن جو ساري سناسين کي، روئيندين يتئان رو پس پارئان تو، لاهوتي لڏي ويا. (شاهه لطيف) (روزانه عوامي آواز، جاڳو، سَچ، تعمير سنڌ، هلچل، سنڌ، مهراڻ، عبرت) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو آزاديءَ جي شمع جو پروانو برڪت علي آزاد تاج محمد ابڙي سان منهنجي واقفيت قاضي فضل الله سابق وزيراعليٰ سنڌ مرحوم جي معرفت ۱۹۴۸ع ڌاري ٿي. قاضي صاحب جا تاج محمد ابڙي سان انتهائي گهرا تعلقات هئا. تاج محمد ابڙي کي مون سياست ۽ ادب جو بيحد جنوني، شوقين، پيارو ۽ همدرد انسان دوست ڏٺو، تڏهن ئي مان سندس لاڙڪاڻي واريءَ اوطاق ۾ اچڻ وڃڻ لڳس. مان تاج محمد ابڙي جي اوطاق ۾ اڪثر اچي قيام پذير ٿيندو هئس. مون کي ابڙي صاحب وٽان چڱي آڌرڀاءُ، عزت، ماني ٽڪي ۽ خاطر تواضح ملندي هئي. تاج محمد ابڙي کي سوشلزم سان شروع کان ئي وٺي دلچسپي هئي. انهيءَ زماني ۾ مون کي به سوشلزم سان دلچسپي وڌڻ لڳي. انهيءَ دوران تاج محمد ابڙي لنڊن مان سوشلزم آئيڊيالاجيءَ جو هڪڙو ماهوار رسالو ”ليبر منٿلي“ جي نالي سان لنڊن مان گهرائي، مون کي تحفو ڪري ڏنو. اهو رسالو هاڻي به منهنجي لئبريريءَ ۾ محفوظ ۽ سانڍيل آهي، جيڪو تاج محمد ابڙي جي اسان دوستن لاءِ محبت جي يادگيري ڏياريندو رهندو آهي. تاج محمد ابڙو مرحوم ۱۹۷۰ع ۾ وڪالت ڇڏي سيشن جج ٿي، سکر آيو. مان به شيخ اياز جي چوڻ تي جيڪب آباد ڇڏي، سکر ۾ اچي سڪونت اختيار ڪئي. تاج محمد ابڙي جو سرڪاري بنگلو اسلاميه ڪاليج لڳ هو. مان ڏانهنس اچڻ وڃڻ لڳس. مان ۽ ابڙي صاحب جا ٻيا ڪافي دوست شام جو تاج محمد ابڙي جي بنگلي تي اچي، ڪچهري ڪندا هئاسين. تاج محمد ابڙو سرڪاري نوڪري ۾ هوندي به اهو ساڳيو ئي تاج محمد ابڙو هو، جو ججيءَ کان اڳ ۾ هو. ساڳيون ئي ڪتابن واريون ڳالهيون، ساڳيون هاري تحريڪ ۽ ترقي پسنديءَ جون صلاحون ۽ مشورا، ساڳيو آزاد منش، ترقي پسند، انسان دوست. سکر ۾ ان سلسلي ۾ اسان جو حلقو هو رشيد ڀٽي، شيخ اياز، فتح الله عثماني ۽ فتاح ملڪ وغيره. اهڙي نموني اسان جون سياسي ۽ ادبي ڪچهريون تاج محمد ابڙي جي نوڪريءَ دوران به ٿينديون رهيون. ڪجهه عرصي کان پوءِ تاج محمد ابڙي جي بدلي سکر کان حيدرآباد ٿي، پر اتي به تاج محمد ابڙي جو ساڳيو ئي شوق رهيو، يعني شام جو حيدرآباد ۽ پسگردائيءَ جي دوستن سان سندس ڪچهريون متل رهيون. حيدرآباد ۾ مان حيدر بخش جتوئيءَ جي هاري پارٽي واريءَ آفيس ۾ ايندو هئس، پر رهندو تاج محمد ابڙي وٽ هئس. تاج محمد ابڙي جون سنڌ جي مختلف شهرن ۾ بدليون ٿينديون رهيون ۽ مان هن ڏانهن هر شهر ويندو رهيس. تاج محمد ابڙي جي بدلي خيرپور ميرس به ٿي، جتان ڪڏهن ڪڏهن ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ کي وٺي ۽ رشيد ڀٽي مرحوم کي ساڻ کڻي، مون وٽ اچي منهنجي لئبريريءَ ۾ ابڙي صاحب وارا ويندا هئا، جا منهنجي گهر ۾ موجود آهي. هڪ دفعي تاج محمد ابڙي مون کي داراشڪوه جو مشهور لکيل ڪتاب تصوف تي مجمع البحراين وٺڻ لاءِ چيو، جيڪو ناياب ڪتاب هو. جڏهن مان ورلڊ سنڌي ڪانگريس انڊيا ويس ته اهو ڪتاب دهليءَ مان خريد ڪري اچي تاج محمد ابڙي کي ڏنو، جنهن کي ڏسي تاج محمد ابڙو، رشيد ڀٽي ۽ ڊاڪٽر تنوير عباسي ڏاڍا خوش ٿيا. تاج محمد ابڙي کي دل جو عارضو رهندو هو، پر ڊاڪٽر جي هدايت باوجود هو جڏهن به سکر ايندو هو ته مون وٽ منهنجي فليٽ تي ڪافي وڏي ڏاڪڻ چڙهي مٿي ايندو هو. هڪ دفعي مون کيس چيو ته: مهرباني ڪري اگر توهان مون سان ملڻ چاهيو ٿا ته نوڪر کي مون ڏانهن موڪليندا ڪريو ته مان خود توهان سان هيٺ اچي گاڏيءَ ۾ ملان، توهين ڇو تڪليف ڪري بيماريءَ ۾ مون ڏانهن مٿي اچو ٿا! ابڙي صاحب انهيءَ تي چيو ته: ”تنهنجو گهر منهنجي لاءِ هڪ درگاهه آهي، جنهن کان مان ڪنهن به قيمت تي پاڻ کي محروم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيان.“ اهو هو تاج محمد ابڙي جي اسان دوستن، ڪامريڊن لاءِ قربت ۽ پيار جو احساس، جنهن مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو. اهڙا عظيم ماڻهو مون پنهنجي زندگيءَ ۾ تمام گهٽ ڏٺا آهن. جهڙيءَ طرح مان ابڙي صاحب کي دنيا جي هر موضوع تي گوناگون ڪتاب پهچائيندو هئس، تهڙي طرح ابڙو صاحب به مون کي پنهنجا ناياب ۽ قيمتي ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڏيندو هو. سندس وفات کان ڪجهه عرصو اڳ تاج محمد ابڙي مون کي هڪ اهڙي ڪتاب ڏيڻ جو چيو، جو اهو ڪتاب هڪ اڻ لڀ ۽ انتهائي ناياب قسم جو هو، پر افسوس اهو ڪتاب ابڙي صاحب جي وفات ڪري مون کي ملي نه سگهيو، پر اڄ ڏينهن تائين مون ڏاڍي ڪوشش ڪئي آهي، پر اهو ڪتاب مون کي دستياب نه ٿي سگهيو آهي، جنهن جي پڙهڻ جي مون کي اڄ به بيحد تمنا ۽ تڙپ آهي. تاج محمد ابڙو پنهنجن دوستن يارن کي پاڻ وٽ رهائڻ پنهنجي وڏي خوش قسمتي سمجهندو هو. منهنجي تاج محمد ابڙي جي معرفت ڪافي وڏين وڏين اهم شخصيتن سان واقفيت ٿي. ابڙي صاحب جو پنهنجن گهروارن ۽ نوڪرن کي بيحد سختيءَ سان چيل هو ته ڪوبه اگر منهنجو دوست اچي ته ان کي هميشه سٺي ماني ٽڪي ۽ ايئر ڪنڊيشن ڪمرو، گهمڻ لاءِ ڪار ۽ ڊرائيور وغيره ڏيندا ڪريو ۽ منهنجي غير موجودگيءَ ۾ به انهن جي خاطر تواضح کان سواءِ نه ڇڏيندا ڪيو ۽ کين مجبور ڪندا ڪيو ته رهن. تاج محمد ابڙو سنڌ جي سياست ۾ منهنجي شموليت جو بيحد منتظر هوندو هو ۽ سندس مرضي هئي ته مان ڪوئٽه واري اردو اخبار ”زمانه“ ڇڏي سنڌ واپس اچي پنهنجي قومي ڪاز هاري تحريڪ کي وڌيڪ منظم ڪرڻ لاءِ هتي اچي ڪم ڪريان. سندس چوڻ هو ته: ”ڇاڪاڻ ته تو زندگيءَ جو گهڻو حصو جيڪب آباد ۾ گذاريو آهي، هاڻي به موٽي سنڌ ۾ اچ ۽ پنهنجي پسند جي ڪم کي وڌاءِ.“ آخرڪار مان تاج محمد ابڙي جي صلاح سان پنهنجي اردو اخبار ”زمانه“ کي هڪ دوست حوالي ڪري جيڪب آباد آيس. مون ۽ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي اهو محسوس ڪيو ته جيستائين هن وڏيرا شاهيءَ جي اثر رسوخ رکندڙ ضلعي جيڪب آباد ۾ ڪجهه عوامي طاقت جي ذريعي وڏيرا شاهيءَ جي زور کي پوئتي نه ڪيو ويندو، تيستائين اسين عوام جي ڪابه خدمت ڪري ڪونه سگهنداسين ۽ نه ئي هتي ضلعي جيڪب آباد مان اسيمبليءَ اندر ڪي عوامي نمائندا آڻي سگهنداسين. هن سلسلي ۾ پوءِ جيڪو پهريون عوامي طاقت جو مظاهرو هن ضلعي جيڪب آباد ۾ ڪيوسين، ان ۾ جن بزرگن منهنجي دعوت تي قدم رنج فرمايو ۽ منهنجي جيڪب آباد ضلعي ۾ سياسي سرپرستي ڪئي، سي هئا: شيخ عبدالمجيد سنڌي، قاضي فيض محمد، جي ايم سيد، تاج محمد ابڙو ۽ غلام محمد لغاري. انهيءَ سڄي ڪم ۾ تاج محمد ابڙو اڳيان اڳيان رهيو ۽ اهڙيءَ طرح ضلعي جيڪب آباد ۾ تاج محمد ابڙي جي مدد سان هاري تحريڪ جو بنياد پيو. درحقيقت اها ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي ٻاريل هڪ شمع هئي. هڪ اهڙي بنيادي روشنيءَ جي شمع، جنهن پيڙهيل هاري طبقي کي پنهنجي حقوق وٺڻ جو شعور بيدار ڪيو ۽ ورهين کان مٿن وڏيرا شاهيءَ جي غلاميءَ کان آزاديءَ جو دڳ ڏسيو ۽ ضلعي جيڪب آباد ۾ تاج محمد ابڙي هاري آفيس جو بنياد رکرايو. هن سلسلي ۾ صدر ايوب جي مقابلي ۾ مرڪزي اسيمبليءَ ۾ صدر ايوب جي مخالفت ۾ فاطمه جناح جو ساٿ ڏنو. هيءَ اسان جي خوش قسمتي هئي، جو هيڏي ساري عوام دشمن ماحول ۾، سياست جي هيڏي ساري طاقت جي موجودگيءَ ۾ به ڪي عوامي ذهن ۽ فڪر جا تعليم يافته ۽ ترقي پسند دانشور اسان وٽ موجود هئا، جن مان تاج محمد ابڙو به هو، جن کي جڏهن به موقعو مليو، انهن عوامي طاقت کي هٿي ڏيڻ ۾ پنهنجي وسئون نه گهٽايو. هڪ جاگيردارانه نظام ۽ ڳڙهه ۾ هاري تحريڪ جو بنياد رکي عوامي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ جو ثبوت ڏنو ۽ پنهنجي وت آهر پنهنجي وسان نه گهٽايو. اهڙو هو هيءُ اسان جو محبوب دوست ۽ هم خيال ساٿي مرحوم ۽ مغفور ڪامريڊ تاج محمد ابڙو. اهڙي جابرانه نظام جي ماحول ۾ قدرت طرفان دنيا ۾ ڪي اهڙا عظيم انسان به جنم وٺندا آهن، جيڪي بغير ڪنهن نالي ڪڍرائڻ جي پنهنجي ڌرتي ماتا ۽ ان جي غريب پيڙهيل طبقي جي خدمت لاءِ پنهنجي سڄي حياتي وقف ڪري ڇڏيندا آهن. تاج محمد ابڙو به اهڙن ماڻهن منجهان هڪ هو، جنهن کي تاريخ ۾ ڪڏهن به وساريندي به وساري نه سگهبو. سنڌ جون اهڙيون مها قومي هستيون تاريخ جو عظيم سرمايو آهن ۽ اسان جي ايندڙ نسل لاءِ مشعل راهه آهن. (عوامي آواز، عبرت، هلال پاڪستان، سنڌ سجاڳ، الوحيد) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سندس ڪيل سياسي، سماجي ۽ ادبي خدمت عبدالخالق شيخ/ لاڙڪاڻو سنڌ جو نامور اديب، دانشور، جج، سياستدان، سماج سڌارڪ ۽ صحافي ڪامريڊ تاج محمد ابڙو شاگرديءَ واري دور کان ئي سياست ۾ سرگرم رهيو. مسلم ليگ ڪميونسٽ پارٽي، جيئي سنڌ، سنڌ هاري ڪاميٽي، نعپ ۽ پيپلز پارٽيءَ سميت سنڌ عوام اتحاد کان وٺي جيڪا تحريڪ سنڌ جي ڀلي ۽ آجپي لاءِ هئي، انهيءَ ۾ ڀرپور نموني حصو ورتائين، ايشيا جي سڀ کان وڏي ۾ وڏي ادبي تنظيم سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي باني ميمبرن ۾ سندس شمار ڪيو ويندو هو. هن لاڙڪاڻي واري اوطاق، سنڌ ۽ هند جي مشهور اوطاق تي سنڌي ادبي سنگت جو اجلاس ڪوٺرايو، ون يونٽ خلاف تحريڪ دوران روشنيءَ جو پهريون ڪرڻو لاڙڪاڻي ۾ مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي اوطاق تان اُڀريو ۽ پوري سنڌ ۾ ڦهلجي ويو ۽ سموري سنڌ کي جرڪائي ڇڏيائين. پاڪستان جي پهرين مشهور سنڌي مسلمانن جي واحد اخبار ”الوحيد“ جو ڪجهه وقت ايڊيٽر رهيو. لاڙڪاڻي جي تاريخ ۾ اهو ئي سبب آهي جو انجمن ترقي اردو جي عمارت ۾ جيڪا لائبريري قائم ڪيائين، ان جو نالو شاهه عبداللطيف ڀٽائي رکيائين، جيڪا پهرين سندس گهر جي ڀرسان هئي. لاڙڪاڻي جي تاريخ جي سڀ کان وڏي سنڌ جي لائبريري سر شاهنواز ڀٽو ميموريل لائبريريءَ جو بنياد به مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو رکرايو. هي لاڙڪاڻي شهر سان لڳو لڳ بقاپور يونين ڪائونسل جو چيئرمين به رهيو. ريڊيو پاڪستان ڪراچي تي نيوز ڪاسٽر طور به ڪم ڪيائين، ته گڏ قمبر هاءِ اسڪول ۾ انگريزي استاد جي حيثيت سان به پنهنجا فرائض سرانجام ڏنائين. پاڪستان جو واحد اڳواڻ هو، جنهن کي ڪامريڊ جو خطاب مليو. هن جو شمار ۱۹۵۳ع ۾ ڇپيل بائيوگرافيڪل انسائيڪلو پيڊيا آف پاڪستان ۾ ڪيو ويو، جنهن ۾ ملڪ جي هڪ هزار وڏين شخصيتن کي شامل ڪيو ويو آهي. انهيءَ کان علاوه پنجاب ۾ اردوءَ ۾ ڇپجندڙ ڪتاب ”سنڌ ڪي چند انقلابي دانشور اور عوامي رهنما“ ۾ ۱۵ اهم شخصيتن ۾ شامل ڪيو ويو. سنڌ صوبي جو عوام ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي سياسي، سماجي، ادبي، قانوني خدمتن کي مدنظر رکندي سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو يادگار ڪاميٽيون ۽ بزم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جا بنياد وجهي سندس جون هر سال سنڌ ۾ ورسيون ۽ سالگراهون ملهائي رهيو آهي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ۱۰ مارچ ۱۹۸۶ع تي ڪراچيءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. کيس ابوبڪر قبرستان، لاڙڪاڻي ۾ دفنايو ويو. جڏهن ته اڄ سندس ۲۸ هين ورسي ملهائي ويندي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو هڪ دؤر جو نقيب انعام شيخ انسان جي تخليق، ڪائنات جي ڪل تخليقات کان اتم، افضل ۽ اتانهين آهي ۽ ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته آدم جي اولاد پنهنجي پروردگار طرفان عطا ڪيل ان شرف جو خوب ڀرم رکيو ۽ اهڙا اهڙا شاندار ڪارنامه سرانجام ڏنا ۽ اهڙيون اهڙيون شهڪار ايجادون ڪيون، جو عقل دنگ رهجي وڃي ۽ ڏندين آڱريون اچيون وڃن. ان ڳالهه تي ڪي به رايا ڪونه آهن ته انسان ذات پنهنجي اعليٰ صلاحيتن باوجود عيبن کان آجي، صاف سٿري يا رڳو پاڪ آهي، پنهنجي تمام تر خوبين باوجود هڪ انسان جو معاشرتي ڪردار نهايت اهم ليکيو وڃي ٿو. جيڪڏهن هو سماج لاءِ متحرڪ ۽ لاڀائتي سوچ رکي ٿو ۽ سندس مجموعي سوچ جا سرا پنهنجي قوم ۽ وطن سان واڳيل آهن ۽ اهو پنهنجي فردن ۽ سماج جي ترقيءَ جو اونو رکي ٿو ته سچ ته ان جو ڪو مٽ يا ثاني نه آهي. جيستائين سنڌ ۾ سٺن ڪردارن جو تعلق آهي، آءٌ بنا هٻڪ اهو چئي سگهان ٿو ته ماضيءَ جي خوشحال سنڌ جي شاندار جهولي ان کان خالي نه هئي ۽ اڄ انهن ڪردارن جو اهڙو ڏڪار ڪاهي پيو آهي، جو دل جي اک رت جا ڳوڙها ڳاڙڻ تي مجبور آهي. ڪاڏي ويون اڳوڻي دؤر جون شاندار روايتون، ڪاڏي ويا اهي مانجهي مڙس، جن جي دم سان اسان جي تهذيب ۽ تمدن جون صحتمند روايتون دنيا ۾ اسان جي لاءِ فخر جو سبب بڻيون آهن ۽ هيون! انهن شاندار ڪردارن جي تخليق جو سلسلو منقطع ٿي ويو. سنڌ جو ڀاڳ، نڀاڳ ۾ اجڙي ويو ۽ اڄ حالت اها آهي جو سنڌي سماج پنهنجي جوهر ۾ نهايت ويڳاڻو، معصوم، يتيم ۽ بي يارو مددگار بڻجي چڪو آهي. هر ماڻهو پنهنجي خواهشن جو غلام، هوس ۽ حرص جو پوڄاري بڻجي ويو، قوم ۽ وطن جي خوشحاليءَ واري سوچ جي جاءِ تي پنهنجا ڀڀ ڀرڻ، عزتِ نفس تين وال ڪري به پئسو گڏ ڪرڻ جهڙي مڪروهه ڪرت والاري آهي. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو اڄ اسان جو سماج برائين جي اهڙي ڪُن ۾ اچي ڦاٿو آهي، جتي سندس تنزليءَ جا نشان واضح نظر اچي رهيا آهن. فقط ڪجهه وقت اڳ سنڌ ۾ ائين نه هوندو هو، بلڪه ماڻهن کي پنهنجي اوڙي پاڙي بعد قوم ۽ وطن جو اونو هوندو هو. عزت جي نگاهه سان به اهڙن ماڻهن کي ڏٺو ويندو هو، جيڪي هيڻن جي همراهي ڪندا هئا، سندن دل کي سڪون ۽ روح کي راحت تڏهن ملندي هئي، جڏهن ٻئي جي ڪم ايندا هئا يا اجتماعي ڀلائيءَ جو ڪم سندن مبارڪ هٿن سان ٿيندو هو ۽ عوام جي خدمت کي افضل تر عبادت جو درجو حاصل هوندو هو. تنهن وقت جي ڀيٽ اڄ جي حالتن سان ڪندي سچ پچ ته بي ساخته تاج محمد ابڙي جهڙن اورچ ۽ بااصول استادن جي ياد جا رنگ ذهن جي ڪئنواس تي ڦهلجندي محسوس ٿين ٿا. مرحوم تاج محمد ابڙو لاڙڪاڻي جي مردم خيز مٽيءَ مان پيدا ٿيو، لاڙڪاڻي جي اها مردم خيز مٽي، جنهن منجهان سر شاهنواز ڀٽي، ذوالفقار علي ڀٽو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ شهيد بينظير ڀٽو جهڙن عظيم ڪردارن جنم ورتو، جن پنهنجي ڪردار ۽ خداداد صلاحيتن وسيلي پنهنجن پنهنجن دؤرن تي اڻ مٽ اثر ڇڏيا. مرحوم تاج محمد ابڙي جي شروعاتي زندگي گهڻي سٺي نه گذري، ڇو ته ننڍپڻ ۾ ئي کيس يتيميءَ جو عذاب پلئه پيو ۽ سندس والد محترم گذاري ويو. پر مرحوم حوصلو نه هاريو، پنهنجي تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ تنهن وقت جي انقلابي سوچ رکندڙ قبيلي سان سلهاڙجي زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪرڻ شروع ڪيائين ۽ هڪ فرد مان اداري جو روپ اختيار ڪري ورتائين. هونئن به تاريخ ٻڌائي ٿي ته کيس تبديل فقط انهن انسانن ڪيو آهي، جن پنهنجي زندگيءَ جو مهڙيون حصو تڪليفن کي سهندي گذاريو هوندو آهي. لاڙڪاڻي جي هن يتيم ٻار پنهنجي زندگي تمام ڏکين حالتن ۾ گذاري، پر سندس محبت جو سڳو سنڌ جي مهندارن سان سلهاڙيو رهيو. تاج محمد ابڙو مرحوم پنهنجي دؤر جي نامور شخصيتن سائين جي ايم سيد، محمد ايوب کهڙو، قاضي فضل الله، ذوالفقار علي ڀٽو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ سوڀي گيانچنداڻي، محمد امين کوسي، قاضي فيض محمد شيخ، عبدالمجيد سنڌي، غلام محمد لغاريءَ ۽ ٻين سان تعلق ۾ رهيو ۽ سندن صحبت ۾ سياسي، ادبي ۽ انقلابي شعور حاصل ڪيائين. ون يونٽ جي زماني ۾ جڏهن غلاميءَ جو ڳٽ سنڌ جي ڳچيءَ ۾ وڌو ويو هو، تاج محمد ابڙي مرحوم پنهنجو ڪردار خوب نڀايو ۽ ان اونداهي دؤر خلاف پنهنجن دوستن سان گڏجي ڀرپور جدوجهد ڪئي. مختلف شهرن ۾ جلسا ۽ جلوس منعقد ڪيا، جڏهن ته مرحوم ون يونٽ متعلق منعقد ٿيندڙ ڪيترن ميڙن جي ميزباني پڻ جهلي، جنهن ڪري کيس سرڪاري عتاب جو نشانو به بڻجڻو پڻ پيو. ان جي باوجود هُو دوستن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هليو. بلڪه سنڌ ۾ ان ڪاري دؤر خلاف شعور پيدا ڪرڻ جي سلسلي ۾ هڙان ۽ وڙان هر قرباني پڻ ڏني، جنهن جي ڪري کيس پنهنجن دوستن جي حلقن ۾ ممتاز نظر سان ڏٺو ويندو هو. ساڳيءَ جاءِ تي جيڪڏهن کيس ادبي سرگرمين جو روح روان چئجي، ته به ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت جي بنيادڪارن ۾ سندس شمار ٿيندو هو. سنڌي ادبي سنگت جون گڏجاڻيون هجن يا ترقي پسند ادب جي پليٽ فارم تان منعقد ٿيندڙ سيمينار، ورڪشاپ ۽ پروگرام هجن، مرحوم تاج محمد ابڙو سڀني کان اڳرو هوندو هو. سندس اوطاق تي ته اديبن ۽ سندس دوستن جو ميڙو متل رهندو هو. اهي ئي سنڌ جي خوشحاليءَ ۽ ماڻهن جي ڀلائيءَ جون ڳالهيون، رٿون يا منصوبا ويچار هيٺ رهندا هئا. لاڙڪاڻي جي اديبن مان ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، ڊاڪٽر اياز قادري، انيس انصاري، خادم حسين شاهه، سکر ۽ شڪارپور مان شيخ اياز، رشيد ڀٽي، فتاح ملڪ، خيرپور مان ڊاڪٽر تنوير عباسي، حيدرآباد مان محمد ابراهيم جويو، زيب عاقلي، ڄام ساقي ۽ نه ڄاڻ ٻيا ڪيترا دوست سندس حلقي ۾ شامل رهيا. اهي سڀ جا سڀ پنهنجي پنهنجي وقت جا وڏا باشعور ۽ انقلابي سوچ رکندڙ ماڻهو هئا. انهن جي صحبت ۽ سنگت ۾ رهندي، اوهين مرحوم تاج محمد ابڙو جي شخصيت ۽ سوچ بابت آسانيءَ سان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته هُو ڪهڙي ساهه جو مسافر هو. هونئن به چوندا آهن ته ماڻهو پنهنجن دوستن ۽ سنگتين مان سڃاتو ويندو آهي. توهان مٿين نالن جي سنڌ سان ڪمينٽمينٽ جو جائزو وٺو ۽ پوءِ پاڻ ئي فيصلو ڪريو ته مرحوم ڪهڙين خوبين ۽ خصلتن جو ڌڻي هو. اها ٻي ڳالهه آهي ته مٽيءَ ۾ مٽي ٿي رهندڙ هن شخص کي نالي ۽ واهه واهه کان وڌيڪ وطن ۽ ان جي واسين سان ويجهڙائپ هئي. مرحوم تاج محمد ابڙي جي شخصيت تمام گهڻ پاسائين هئي. مان نٿو سمجهان ته ڪنهن هڪ مضمون ۾ ساڻس انصاف ڪري سگهجي ٿو. هي ماڻهو پنهنجي ڪردار ۾ تاريخي حيثيت رکن ٿا، هنن ماڻهن جا پنهنجي دؤر تي اڻ مٽ نقش چٽيل آهن، هنن تي لکڻ جي لاءِ تڏهن ئي قلم آرائيءَ جي سگهه ساري سگهجي ٿي، جڏهن سندن دؤر ۽ زماني جو مڪمل مطالعو ڪجي ۽ تنهن وقت جي حالتن ۽ واقعن کي ميڙي چونڊي يڪجاءِ ڪري سندن ڪم سان نهايت ايمانداريءَ ڀرئي انداز ۾ تقابلي جائزو وٺجي. مان سمجهان ٿو ته تڏهن ئي مرحوم تاج محمد ابڙي جهڙين شخصيتن سان حقيقي انصاف ٿي سگهي ٿو. بهرحال، اهو انصاف اسين ڪريون يا نه ڪريون، اڄوڪو دؤر ڪري يا نه ڪري، پر تاريخ پنهنجي جوهر ۾ اهڙي انصاف لاءِ نهايت بي چين آهي ۽ اها ضرور اهڙو انصاف ڪندي. (روزانه خبرون، اربع ۱۰ مارچ ۲۰۱۰ع) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ماڻهو گل گلاب نصير مرزا لاڙڪاڻو سنڌ جي تهذيب جو آسمان آهي، جنهن سنڌ جي سينڌ ۾ ازل کان ئي رڳو چنڊ ستارن جهڙا ماڻهو ئي پئي ٽانڪيا آهن ۽ ڪير آهي، جيڪو انهن جرڪندڙ ستارن جي نالن کان آگاهه ناهي! ڪشنچند بيوس، نياز علي نياز، هري دلگير، مولانا قاسمي، جمال ابڙو، سوڀو گيانچنداڻي، ذوالفقار علي ڀٽو، بينظير ڀٽو، طارق عالم ۽ تاج محمد ابڙو وغيره.... اڄ اٺين آگسٽ، لاڙڪاڻي ساهه سيباڻي جي آدرشي انسان تاج محمد ابڙي جي جنم جو ڏينهن آهي. مٿن عقيدت ۽ محبت جا ڪجهه سرها گل نڇاور ڪرڻ لاءِ جڏهن قلم هٿ ۾ اڄ کنيو اٿم ته پاڻ کان پڇان پيو: ميان محمد نصير! تاج محمد ابڙي صاحب جهڙي هاڪاري سماج سڌارڪ ۽ انصاف پسند جج کي تون سڃاڻين ٿو، ڪڏهن کان؟ تڏهن ٺهه پهه پاڻ کي پاڻ ئي آگاهه ٿو ڪريان ته: تڏهن کان جڏهن کان مون کي ماڻهوءَ سڃاڻڻ جي ساڃهه آئي آهي. تاج محمد سائينءَ جو جنم، هن ئي مهيني ۾ اڄوڪي ڏينهن تي ۱۹۲۴ع ڌاري، شهدادڪوٽ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو هو ۽ انهن ئي سالن جي آس پاس هي ڏسو ته شڪارپور جي شيخ محلي ۾. شيخ اياز، کاهي قاسم نوشهري فيروز ۾ نارائڻ شيام ۽ لاڙڪاڻي ۾ هري دلگير صاحب جهڙا جيءُ جيارا ۽ هاڪارا انسان به ساڳئي وقت جنم وٺي رهيا هئا. لاڙڪاڻي، ڪراچي، سکر ۽ ٺٽي جي هوائن دشائن ۾ شعور جون منزلون طئه ڪندي، تاج محمد ابڙي، سائين جي ايم سيد، حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ سلام بخاري ۽ سوڀي گيانچنداڻيءَ جي صحبت ۽ ساٿ مان ڄاڻي ورتو هو ته ”سنڌ کي جيارڻو آهي، ته پوءِ پاڻ کي وسارڻو پوندو.“ تڏهن سنڌ جي آجپي لاءِ، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي وانگر سائين تاج محمد کي به اشتراڪي نظريي ۾ نجات نظر آئي هئي ۽ پاڻ ان ازم جي پرچار لاءِ لاڙڪاڻي ۾ ”اوطاق-ڪلچر“ کي فروغ ڏنو ۽ هر وقت ۽ هر ويلي تي دوستن، ساٿين لاءِ دل ڪشادي ۽ ويڪرو دسترخوان وڇائي رکيو. هارين، مزدورن ۽ پورهيتن جي حقن جي حاصلات لاءِ سرخ پرچم کي بلند ڪيو ۽ نياڻين کي تعليم يافته ڪرڻ لاءِ سڀ کان پهرين پنهنجين ئي نياڻين ۽ پوءِ پاڙي اوڙي جي ٻارڙين جي هٿن ۾ ڪتاب ۽ قلم فراهم ڪيا. آس پاس ۽ اوريان پريان ۽ جتي جتي به ۽ جنهن جنهن سان ناانصافي ٿيندي ڏٺائون ٿي، ان جي مدد لاءِ اتي پهچي ٿي ويا ۽ ڪٿي به سماج کي پٽڙيءَ تان لهندي ڏسندا هئا ته ڪامريڊ بڻجي، اڳتي وڌي، پنهنجو ڪلهو پيش ڪري، ان کي پٽڙيءَ تي چاڙهڻ لاءِ جاکوڙ ۾ جُنبي ويندا هئا. سندن ديرينه دوست ۽ هم خيال ساٿي محمد ابراهيم جويو ته کين سڏيندو ئي هو ”تاج محمد ابڙو سنڌ جو ڀرجهلو ۽ املهه هيرو.“ بقول جويي صاحب جي: ”هن حياتيءَ جا ۶۲ ورهيه ماڻيا هئا ۽ ان مان شعور واري سڄي زندگيءَ جا، سڀ ورهيه پاڻ سنڌي قوم جي نجات لاءِ ۽ عوام دوست قومي انقلاب لاءِ وقف ڪري ڇڏيا هئائون.“ ڊاڪٽر اياز قادري جي چوڻ مطابق، سماجي جاڳرتا لاءِ ۱۹۴۳ع ۾ پاڻ هفته وار اخبار ”نوجوان“ پڻ جاري ڪئي هئي، جنهن ادب سان گڏوگڏ سوشلزم ۽ ڪميونزم جي پرچار لاءِ پڻ گهڻو پتوڙيو. سنڌي ادب سان سندن چاهه جو اندازو هن ڳالهه منجهان به لڳايو، ته پاڻ لاڙڪاڻي ۾ پنهنجي اوطاق اندر سنڌي ادبي سنگت جي شاخ قائم ڪيائون، جنهن جا پاڻ سيڪريٽري ٿيا. اياز قادري صاحب لکيو آهي ته: ان حيثيت سان پاڻ ”تجر باغ“ لاڙڪاڻي ۾ شاهه لطيف جو ڏهاڙو اهڙي ته شاندار انداز ۽ ڌام ڌوم سان ترتيب ڏنائون، جو ان کان اڳ ڀٽائي صاحب بابت اهڙو ميڙاڪو لاڙڪاڻي اندر، ڪڏهن به نه ٿيو هو. ڀٽائي صاحب سان سندن عشق جي انتها هيءَ به ڏسو، جو سندن پيارين نياڻين مان شاهده ابڙو هجي، خالده يا زاهده ... امتحانن ۾ سٺن نمبرن سان پاس ٿينديون هيون ته کين وڏي عقيدت سان ڀٽائي صاحب جو رسالو، اکين تي رکي گفٽ ڪندو هو. ڪيڏو نه خوش نصيب رهيو سائين تاج محمد ابڙو، جنهن کي پنهنجي دؤر جي هر همعصر، هر سينيئر ۽ هر جونيئر، سندس بي لوث خدمتن تي رڳو سلام ئي پيش پئي ڪيو آهي. تڏهن اڄ سندس مبارڪ نقشِ قدمن کي ڏسندي ۽ کيس خراجِ تحسين پيش ڪندي، ڇو نه گڏجي سڏجي، سندن ۸۷ هين سالگرهه تي مرزا قليچ بيگ جا هي شبد هم آواز ٿي، کيس پيش ڪريون ٿا ته: ڇڏي جيئن نامور ويا پنهنجو نالو ڪريون تن جيئن اسين پڻ اڄ ڪشالو وٺون موٽي جڏهن رستو رباني ڇڏيون ڪا پاڻ پَوين لئه نشاني ته من ڪو رهگذر ان ڏي نهاري لنگهي هن رُڃ مان پهچي ڪناري روزانه ڪاوش سومر ۸ آگسٽ ۲۰۱۱ع ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ناميارو وڪيل عبدالرزاق سومرو مرحوم تاج محمد ابڙو صاحب وڏو يار ويس، ڪچهري جو ڪوڏيو ۽ نهايت چڱو ماڻهو هو. مان جڏهن لاڙڪاڻي وڪالت ڪرڻ لاءِ آيو هيس ته پهرين رات تاج محمد ابڙي وٽ رهيو هيس. پهرين مئي ۱۹۵۳ع تي مان لاڙڪاڻي پهتس. جيئن ئي ريل مان لٿس ته سڌو مرحوم عبدالفتاح جي فرم جي آفيس تي آيس، جتي سندس ڀاءُ مرحوم نظام الدين به ويٺو هيو. آچر جو ڏينهن هيو. مون کيس احوال ڏنو ۽ عبدالفتاح ميمڻ صاحب جي ريفرنس سان ڪم ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي. مرحوم نظام الدين چيو ته ٺيڪ آهي. سندس ٻه منشي هيا: هڪ غلام رسول سومرو، ٻيو عبدالرحيم آخوند. انهن ٻنهي کي سڏ ڪري چيائين ته سڀاڻي ريزيڊنٽ ميجسٽريٽ وٽ جيڪو ڪم رکيل آهي، اهو سومري صاحب کي ڏيو. هنن مون کي چار فائيل ڏنا، جن مان ٽن لاءِ چيائون ته هنن ۾ ۱۹۳ جون ڪاروايون آهن ۽ هي ڪيس نه هلندا، باقي چوٿون ڪيس چوري جو آهي ۽ هلائڻو پوندو. ان ڪيس جو ٽائيٽل هو ڪرائون بمقابلا عنايت. مون کي جڏهن هنن ڪيس ڏنا ته ان وقت مون سان گڏ ٽين جي صندوق هئي، جنهن جي رکڻ لاءِ اچي ڦاٿس، جيڪا مان سڌو ڳوٺ وڃي اتي رکي آيس. ڪارو ڪوٽ ۽ ٽاءِ به مون وٺي ڇڏي هئي. ڪجهه ڪم جا ڪتاب به مون خريد ڪري ڇڏيا هئا، جيڪي مون سان ساڻ هئا. هاڻي مان اهو سوچي رهيو هيس ته هي سامان ڪيڏانهن ڪيان ۽ رات ڪٿي رهان؟ سوچي سوچي مسٽر تاج محمد ابڙي وڪيل جي اوطاق تي هليو ويس. کيس احوال ڪيم ته ”هنن نموني هتي پهتو آهيان، سڀاڻي مون کي ڪيس هلائڻا آهن ۽ توهان وٽ رهڻ آيو آهيان.“ تاج محمد ابڙي چيو ته: ”ڀلي ڪري آئين، ڪا ڳالهه ئي نه آهي. تنهنجو پنهنجو گهر آهي، تون ڳڻتي نه ڪر، هتي رهي پؤ.“ مان به خاطري سان اتي رهي پيس. رات رهي سڀاڻي تي نڪري پيس. رات جو ڪيس به اسٽڊي ڪري ورتم. منهنجو پهريون ڏينهن هيو. ان دور ۾ هڪڙو ڪتاب هوندو هيو، جيڪو اڄ به استعمال ۾ اچي ٿو. اهو ڪتاب هيو ”پريمس آڏي پڇا ۽ دليل“ (Prem’s cross Examination & Arguments) ڇوته مون اهڙا ضروري ڪتاب وٺي ڇڏيا هئا. ان ڪتاب مان تياري ڪيم. ان ڪيس ۾ عنايت جوابدار هيو ۽ غلام صديق جاگيراڻي فريادي هو، جڏهن ته سندس ڀاءُ غلام عمر جاگيراڻي شاهد هيو. ٻنهي جي شاهدي هلي، پر شاهدي اهڙي هلي جو ٻنهي جي بيانن ۾ تضاد هيو، جيڪو منهنجي آڏي پڇا سان وڌيڪ ظاهر ٿي پيو. مسٽر ”ليلارام“ ريزيڊنٽ مئجسٽريٽ هيو. ان چيو ته باقي ڪيس سڀاڻي تي رکو ۽ مشير سان گڏ جاچ آفيسر کي به گهرايو. تاريخ ملڻ کان پوءِ مئجسٽريٽ مون کان انگريزيءَ ۾ پڇيو ته: ”توکي پريڪٽس ڪندي گهڻو وقت ٿيو آهي؟“ مون چيو: ”سر! اهي ئي ٻه ڪلاڪ، جيڪي تنهنجي اڳيان پيش ٿيو آهيان.“ سڀاڻي تي وري مان تياري ڪري ويس. مشير جي شاهدي هلي، آرگيومينٽس ٿيا ۽ مئجسٽريٽ ڪيس مان جوابدار کي ڇڏي ڏنو. مون کي زندگيءَ ۾ جيڪي خوشيءَ جا لمحا ياد آهن، هيءُ به هڪ اهڙو لمحو هيو، جيڪو مون کي اڄ به ذهن تي آهي. منهنجو پهريون ڪيس هيو ۽ مان ڀرپور تياري ڪري ويو هيس، ڇاڪاڻ ته منهنجي بقا جو سوال هيو. مون وٽ رڳو پنج روپيا هڙ ۾ هيا. مان تاج محمد ابڙي صاحب وٽ ٻه ڏينهن رهي پوءِ وري دوست محمد ابڙي وٽ رهيس. تاج محمد ابڙو پهريائين استاد شمس الدين ابڙي جو جونيئر ٿي رهيو. شمس الدين ابڙو دل جو ڪشادو، يار باش قسم جو ماڻهو هوندو هيو. سندس شام جي بيٺڪ تاج محمد ابڙي جي اوطاق تي هوندي هئي. تاج محمد ابڙو ڪيترا ئي ورهيه وڪالت ڪرڻ کان پوءِ سرڪاري نوڪري ڪيائين. اول ٿرپارڪر ضلعي ۾ اسسٽنٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر ٿيو. پوءِ بلوچستان جي ضلعي ڍاڍر ۾ ڊسٽرڪٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر ٿيو. ڀٽي صاحب جي دؤر ۾ ايڊيشنل سيشن جج ٿيو ۽ پوءِ ڊسٽرڪٽ سيشن جج ٿي رٽائر ڪيائين. رٽائرمينٽ کان پوءِ لاڙڪاڻي آيو ۽ وڪالت جي پريڪٽس ڪيائين. تاج محمد ابڙي جهڙو يار ويس ماڻهو ڪو ورلي هوندو. شام کان وٺي سندس اوطاق تي ماڻهن جي اچ وڃ شروع ٿيندي هئي ته رات جو دير تائين کل ڀوڳ ۽ ڪچهري هلندي هئي. سياسي طور تي کاٻي ڌر ۽ ڪميونسٽ خيالن جو ماڻهو هيو. هاري تحريڪ ۾ به سرگرم رهيو. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، مولوي نذير حسين جتوئي ۽ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي سميت ڪيترائي ليفٽسٽ ۽ نيشنلسٽ اڳواڻ وٽس ايندا هئا ۽ ميٽنگون به ڪندا هيا. پاڻ جڏهن جج هيو ۽ لاڙڪاڻي ايندو هيو ته مون وٽ گيسٽ روم ۾ ترسندو هيو. ڏاڍو ڪميٽيڊ انسان هيو. منهنجو ساڻس سٺو واسطو رهيو. عالمي سياست تي به سندس گهري نظر هوندي هئي. مشهور رسالو ”ٽائيم“ به هر مهيني گهرائيندو هيو. سندس لائبريري ۾ ڪيترائي ڪتاب هوندا هيا. منهنجي مشهور هاري اڳواڻ ڪامريڊ غلام محمد لغاري سان ملاقات به تاج محمد ابڙي جي اوطاق تي ٿي. تاج محمد ابڙو ۱۰ مارچ ۱۹۸۶ع تي وفات ڪري ويو. (قانوندان، سياستدان ۽ سفارتڪار عبدالرزاق سومرو جون يادگيريون ڪتاب ’يادن جي ڳڙکيءَ مان‘ ورتل) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ڪو جو ڪالهه هئوم سوڍو منهنجيءَ سنڌ جو عبدالغفار تبسم اُها ستاويهين يا اٺاويهين فيبروري ٻه هزار اٺ جي ڪچڙي منجهند هئي جو منهنجي نئين ديري واري گهر ۾ ٽي جوان مون سان گڏ ويٺل هئا. تعارف ڪرائڻ تي هڪ ته منهنجي پاڙي جو احترام لائق قاضي شرف الدين ۽ ساڻس گڏ ٻه لاڙڪاڻي کان ڪهي آيل سنڌ جي عظيم ۽ املهه ڪردار مرحوم تاج محمد ابڙي صاحب جا ٻه فرزند هئا. نئين ديري ۾ پنهنجي والد بزرگوار جي نالي سان سلهاڙيل هڪ تنظيم جو بنياد رکڻ لاءِ پهتل ۽ ڳوٺ ۾ منهنجي هئڻ جو ٻڌي مون وٽ ڪهي آيا هئا. نهايت وضع دار ۽ اعليٰ سڀاءُ رکندڙ هي ٻئي ۽ مان حال احوال اورڻ ويٺاسين ته ماضيءَ جي کوڙ ساترين ساروڻين کي کن ۾ سهيڙي کڻي اڳيان رکيوسين. لاڙڪاڻي جي پراڻي ٽائون ٿاڻي ڀرسان مرحوم تاج محمد ابڙي صاحب جي گهر لڳ منهنجن عزيزن جو گهر هيو، جتي منهنجي ننڍپڻ جو ڳپل حصو گذريو. ان گهر کان باقراڻي روڊ ڏي ويندي يا ٻه چار وکون ٻاهر ڀريندي منهنجي هميشه نظر ان گهر جي مکيه در مٿان ٽنگيل ان اڇي بورڊ تي ڪارن لفظن ۾ لکيل تاج محمد ابڙو وڪيل تي ضرور ويندي هئي. تڏهن مون کي اُن گهر ڌڻيءَ جي انهيءَ ادب پروريءَ، سندس ثقافتي، سماجي، علمي ۽ آدرشي ڪردار جي امين هئڻ جي ڪا به پروڙ ڪونه هئي. منهنجي تنهن ساڃاهه مطابق ته لاڙڪاڻي جي گهٽين ۾ کوڙ سارن وڪالت ڪندڙن جي سڃاڻپ وارين تختين جيان هن گهر تي لڳل وڪيل تاج محمد ابڙو جي ڄڻ ته بنهه ڪابه الڳ ۽ منفرد سڃاڻپ ڪونه هئي. ائين ئي ڪي ٻه چار دفعا هن گهر اندر ڪنهن ڪم سانگي ويندي مون کي هڪ وڏي هال ۾ سامهون ويٺل شخصيت جي ٻنهي طرفن فريادي ۽ جوابدار ڌرين کان سواءِ ٻين به ڪيترين ئي علمي ادبي شخصيتن ۽ تر جي اهم زميندارن يا ڪامورن جو مجموعو هميشه نظر آيو هئم. اڄ ايڏن سالن پڄاڻان جڏهن نادر علي ابڙي صاحب جي سندس بابا تي مختلف مضمونن سان سهيڙيل ڪتاب مان جڏهن ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جي تحرير هن ڪتاب بعنوان ”سنڌ جو املهه هيرو“ مان کولي پڙهان ٿو ته پنهنجي اُن اڻڄاڻائي ۾ هٿن مان نڪري ويل وقت تي ڏاڍو رنج ۽ افسوس ٿئي ٿو. خاص ڪري جڏهن ڪامريڊ سوڀي جي مضمون ”جو اپنی ذات میں ایک انجمن تھے“ جون صفحي نمبر ۱۳۱ تي لکيل سٽون پڙهان ٿو ته: ”جب سے تاج محمد کی شام والی محفلیں ختم ہوئی ہیں، میں وہاں کسی اور دوست کی طرف مائل نہیں ہوسکا، کیونکہ لاڑکانہ میں تاج محمد کی محفلوں کے بعد کوئی ایسی محفل باقی نہیں رہی۔“ اهي سٽون پڙهي روح مان محروميءَ جون هزارون سٽون اُڀرن ٿيون ته ايڏو ويجهو هوندي به مان هن اڪابر ۽ اديب ماڻهوءَ جي فهم ۽ فراست ڀرين محفلن ۾ ڇو نه وڃي سگهيس؟ هن بلند ڪردار ماڻهوءَ جي مثالي صحبتن مان ڇو ڪو لاڀ نه ماڻي سگهيس؟ پر ان اٿاهه مايوسين ۾ ”اياز“ جڏهن نراس ماڻهوءَ جي ڀرجهلي لاءِ هيئن چوي ٿو ته: مايوس نه ٿي تاريخ ڪنان، جو ٿيڻو ئي هو سو ٿي ويو هي هٿ هـٿـوڙا اڄ به اٿـئي ۽ دنـيـا ڏاري سگهجـي ٿـي سوچيان ٿو ته ماضيءَ جي مزار تي ڪنهن جو مجاور ٿيڻ بجاءِ ان وهي ويل گهڙين تي ماتم ڪرڻ بدران ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جهڙن اڏول ۽ اڻٿڪ ڪردارن کي جيڪڏهن رستي جي مشعل بڻائي ساڻ کڻجي ته هوند هر جند ۽ منهنجي هن سنڌ جون هڙئي اونداهه ٿيندڙ واٽون نين جوتن سان جرڪي سگهن ٿيون ۽ وري اُهي اجڙيل سماجي، ثقافتي، علمي، ادبي اوطاقون ايندڙ نسل لاءِ مثالي ادارا بڻجي سندن پرورش ڪري سگهن ٿيون. وري سنڌ جي سينڌ اجري سگهي ٿي، صرف هي عزم ورجائجي ته: هي جيون توڙي مايا آ، پر جو پل ان جي ڇايا آ ٿا ان ۾ پنهنجا پير وڌن ۽ اُس اڀاري سگهجي ٿي. (اياز) اڄ ان آدرشي ۽ امل انسان جي ۲۲ هين ورسيءَ تي سندس ڳالهيون ۽ ڳڻ ورجائي جيڪڏهن اهو پڪو عزم ڪيون ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جيان هميشه پنهنجي ڌرتيءَ، سماج ۽ ورثي جي پوئلڳيءَ ۾ باقي ڏينهن بسر ڪنداسين ته مون کي سنڌ جو سُنهن، اسين وري ٻنهي بي مثال وڃايل شان شوڪت، مانَ مريادا جا امين ٿي جڳ ۾ اوچي ڳاٽ سان جِــي سگهون ٿا. (روزانه عوامي آواز، سومر ۱۰ مارچ ۲۰۰۸ع) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو هڪ سدا بهار شخصيت يار محمد پلي چڱاڻي پنجاهه جي ڏهاڪي جو پهريون پور شايد اڻويهه سؤ چوونجاهه هو. آءٌ عمرڪوٽ هاءِ اسڪول ۾ زيرِ تعليم هئس ۽ هاسٽل ۾ رهندو هئس. هڪ لڙيءَ منجهند جو مير خان پٽيوالي سان ڪو نوجوان هڪ هٿ ۾ ٿري ڪيسل پاڪيٽ ۽ ٻئي هٿ ۾ چمڙي جي ڀوري بئگ لوڏيندي، اچي منهنجي ڪمري ۾ پهتو. انتهائي شاندار نوجوان، بدن تي اڇو ايس.او هرک جو بي داغ وڳو، مٿي تي مهانگي ڪراڪلي ٽوپي ۽ پيرن ۾ فلئڪس جو ولائتي بوٽ! آءٌ اٿيس، هٿ ملائڻ شرط چيائين: ”ادا! آءٌ آهيان قاضي محمد عالم معصوم هالائي ۽ اوهان يقينًا يار محمد چڱاڻي آهيو؟“ ڪنڌ لوڏيم. هڪ خط ڪڍي ڏنائين، هفتيوار ”همدرد“ جي مالڪ حاجي محمود هالائي مرحوم لکيو هو ته: ”هي نوجوان نوابشاهه مان نڪرندڙ ”ادا“ رسالي جو ايڊيٽر به آهي. سنڌي ادبي سنگت جي عمرڪوٽ ۾ شاخ کولڻ لاءِ سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل اياز قادريءَ ڪراچيءَ مان موڪليو آهي. عمرڪوٽ ۾ سڄاڻ ماڻهن کي ڪٺو ڪري، ميمبر ٺاهي، سنڌي ادبي سنگت جي برانچ قائم ڪندا. اها قوم ۽ زبان جي خدمت آهي ۽ اوهان جي به خواهش.“ معصوم هالائيءَ کي جذبو ئي عمرڪوٽ وٺي آيو هو ۽ سندس ڪم ئي هو شعر وشاعري ۽ زبان جي واڌ ويجهه لاءِ هٿ پير هلائڻ. ٻئي ڏينهن عمرڪوٽ جي ميونسپل آفيس جي ڪميٽي هال ۾ شهر جا لکيل پڙهيل نوجوان ۽ پوڙها ته آيا، پر ان وقت جي مختيارڪار واحد بخش سرهيو ۽ ڪٽ مست صوبيدار شير شاهه بادشاهه کي به آڻي، ميمبر بنائي، چندو وصول ڪري ڏنوسون، سيٺ ڏيارام کي، جيڪو خزانچي مقرر ٿيو ۽ آءٌ سنگت جو جنرل سيڪريٽري ٿياسين. ان کان پوءِ اياز قادريءَ جون تجويزون ۽ تحريرون پهچنديون رهيون. هڪ دفعي لکيائين: ”سنگت“ جي ساٿ سان لطيف جون ورسيون ملهائي، سنڌي ادب کي ايترو اجاگر ڪيو، جيئن لاڙڪاڻي ۾ مسٽر تاج محمد ابڙو جاکوڙي رهيو آهي. اڌ صديءَ جي وٿيءَ سان، هڪ ڏينهن، اياز قادري مرحوم جا ڪنن ۾ ٻرندڙ لفظ ته: ”ان جذبي ۽ جاکوڙ سان سنگت لاءِ سرگرم ٿيو، جيئن لاڙڪاڻي ۾ مسٽر تاج محمد آهي“ ساري، وڃي ٽاؤن هال پهتس. ٻه ڏينهن اڳ گهر ۾ ڪتاب اٿلائي رهيو هئس ته پٽ اچي ڪجهه پنا ۽ دعوت نامو ڏنو ۽ چيائين: ”عمرڪوٽ جي ائنٽي ڪرپشن جي سرڪل آفيسر مسٽر نادر علي ابڙي جو ڪو ماڻهو ڏئي ويو آهي.“ نادر علي ابڙي پنهنجي والد مرحوم تاج محمد ابڙي جي ميراث کي ڪيترو نه مضبوطيءَ سان پڪڙيو آهي! مون سوچ جي سمنڊ ۾ ٽٻي هنئين، پروفيسر ڊاڪٽر اياز قادريءَ کي ڏٺو ته مون سان هم ڪلام هو ته اوهان عمرڪوٽين جي دل جي بند دريچن تي مون آڳاٽو دستڪ ڏني، پر اوهين ستل ئي رهيا! ان ئي زماني ۾ تاج محمد لاڙڪاڻي ۾ ادبي سنگت جي برانچ قائم ڪري، جنرل سيڪريٽري بنجي، لطيف جون ورسيون ملهائي، زبان ۽ ادب جي ڏياٽيءَ کي وسامڻ ڪونه ڏنو هو. ان روشنيءَ جو هڪ ڪرڻو سندس پٽ نادر علي آهي، جيڪو ۴۸ سالن کان پوءِ اوهان کي تاج محمد ابڙي جي زباني اها نويد سڻائي رهيو آهي ته: ”جي لوچين سي لهن جڏهن تڏهن پرين کي!“ ڏکاريءَ دل ڏوراپو ڏنم ته: ”شامتِ اعمال ما، صورت نادر گرفت.“ هو عمرڪوٽ ٽائون هال ۾ اپر سنڌ جي مردم خيز علائقي جي هڪ سدا بهار شخصيت جي نالي ”بزم تاج محمد ابڙو“ جو بنياد رکي رهيو هو. سندن هوش پوش تعليم يافته مکڙيءَ مان کلي گلاب ٿيندڙ نوجوان پٽ نادر علي! واقعي ”نادر الوجود“ انسان ئي ”نادر“ کي جنم ڏيندا آهن. پيغمبر وانگر ننڍيءَ اوستا ۾ ئي پيءُ جي شفقت ڀرئي هٿ کان محروم ٿي ويل رهبرن ۽ رشين جي عمر تي پهچي، هن دولابڻ دنيا کي تياڳ ڏيندڙ تاج محمد مرحوم جي زندگيءَ جي فلم جو رول اکين آڏو هلڻ شروع ٿي ويو، جنهن جون اڪثر شامون ٽريڊ يونين ڪراچيءَ جي ڪميونسٽ آفيس ۽ ڪامريڊن سان گذريون. جمال الدين بخاري، ڪامريڊ عبدالقادر، سوڀو گيانچنداڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي ۽ حيدر بخش جتوئي ويجها رهيس، پر انهن جي خيالن ۽ قول و قرار کان وڌيڪ ترجيح مولانا تاج محمود امروٽيءَ جي تفسير ۽ ترجمي کي ڏنائين، جيئن ڀلارو ڀٽائي، مولانا روم جي مثنوي، سيرانديءَ رکي سمهندو هو، تيئن بزرگ امروٽيءَ جو تفسير لائبريريءَ جي مٿانهين خاني ۾ رکيائين. دل ۾ مونجهه وقت رهنمائي ۽ رفاقت ڪلام پاڪ کان وٺندو هو. دنياوي زندگيءَ جي رنگ آميزيءَ لاءِ پنجن پٽن ۽ چئن نياڻين کي جديد تعليم جي زيور سان آراسته ڪيائين ته مولويءَ جون خدمتون به ڪونه وساريائين. صبح سان ڪلام پاڪ جي تنوار ۽ ملان جي ڪار. ان ڪري ڪچيءَ وهيءَ ۾ اولاد جو صاف ذهن حق ۽ سچ کي سڃاڻي، پٿر تي لڪير وانگر بنائي ڇڏيو. سندن پراڻي ساٿيءَ عبدالمجيد ميمڻ مرحوم جون ساروڻيون ساريندي، ڪنهن لکيو آهي ته: هو هڪ روشن دماغ ۽ وسيع القلب انسان هو. انسانيت لاءِ پيار هن جي سرشت ۾ سمايل هو ۽ وٽس امير، غريب، ناستڪ، دهريو، هندو خواهه مسلمان عزت ۽ احترام جي لائق هئا. مولوي حاجي قادر بخش ٺيٺ مذهبي ۽ تهجد گذار انسان هو. ان کي تاج محمد مرحوم پنهنجي پيار ۾ ايترو پروئي ڇڏيو هو، جو هن جي اعليٰ اخلاق ۽ انسان ذات سان محبت ۽ خدمت جي ڳالهين مان ڍاپندو ئي ڪونه هو. مقصد ته هو پنهنجي ڪامريڊ سنگت سان به گڏ هو ته پراڻي ثقافت ۽ مقصدِ حيات جو پڪو پابند به رهيو. ائين چئجي ته جدت ۽ قدامت جي آميزيشن جي زنده تصوير هو. اهو ئي سبب هو جو پراڻين رسمن جون پاسداريون وڃائجي ويل وضعداريون وڙئون ڪو نه وڃايائين. پيءُ جو پاڇو ته اٿاڪل ۾ ئي وکريل ڪڪر وانگر واچوڙو ٿي اڏامي ويو، پوءِ پرورش ڪيس بختاور وڏي ڀيڻ، جيڪا قرآن ڪريم سنڌي زبان کان سواءِ پارسي به پڙهيل هئي. ائين اڳتي وڌندو، ترقيون ڪندو رهيو. الوحيد جي ايڊيٽوريل اسٽاف ۾ شامل ٿي ڪامياب صحافت ڪيائين. ريڊيو پاڪستان تي شوقيه ويو. صاف آواز ۽ لفظن جي ادائگي ۽ لهجو اهڙو وڻندڙ، جو آڊيشن ڏيڻ سان نيوز ڪاسٽر ٿي ويو. قمبر ۾ استاد به رهيو. بقاپور يونين جو چيئرمين چونڊيو ويو. سياست ڪيائين، عشق جي حد تائين مطالعي سان من لڳايائين. اڳتي هلي عزت ڀريءَ عدالت جو سيشن جج ٿيو. ملڪ جي انتهائي مڃيل ڪامريڊن، ڪميونسٽن ۽ سوشلسٽن سان ساٿ رهيس. سندس سڃاڻ به ان حوالي سان مشهور ٿي. هاري تحريڪ، نيشنل عوامي پارٽي، سنڌي عوامي محاذ يا ائنٽي ون يونٽ ۾ به نمايان رهيو. حقوقِ نسوان يا عورتن جي آزاديءَ لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪيائين، پر مسڪين خلق کي به آڏو رکيائين. هڪ دفعي ڪٿي عورتن جي آزاديءَ تي زوردار بحث ڪري رهيو هو ته سندس عزيز ۽ دوست جمال ابڙي صاحب اڳتي وڌي آهستگيءَ سان چيس ته: ”تون پنهنجي گهرواريءَ کي اهڙي آزادي ڏيڻ لاءِ تيار آهين؟“ هڪدم چيائين: ”ميان! توبهه ڪر.“ حقيقت ۾ پرده داري ۽ پراڻا پيوند نه هن ٽوڙڻ چاهيا ٿي، نه وري سندس گهرواري ان لاءِ آماده هئي. اهو اڪبر اله آباديءَ جي دؤر جو اثر هو. چراغ خانه بجاءِ شمع محفل ٿيڻ هن عقيفه لاءِ به عيب هو. سيشن جج جي گهرواري هئڻ جي حيثيت سان نه ڪڏهن ڪنهن مينا بازار جو افتتاح ڪيائين، نه رنگ برنگي لباس جي نماءَ سان دعوتون ۽ ڪارنر ميٽنگون اٽينڊ ڪيائين، پوري زندگي پردي ۾ رهي. اهي پابنديون صرف پاڻ تائين محدود رکيائون، پر پنهنجن پنجن پٽن وانگر چئن ئي نياڻين کي جديد تعليم کان محروم ڪونه رکيائون. ڪن نياڻين ايم بي بي ايس ڪري بيمار انسانيت ۽ دم ٽوڙيندڙ مريضن تي مسيحائيءَ جو هٿ رکيو ته ڪن وري اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ تعليم جو درس ڏنو. لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو ته هونئن سنڌ جي شهه رڳ آهي، رئيس المهاجرين جان محمد جوڻيجي کان ويندي ذوالفقار علي ڀٽي جهڙا اڏول انسان به لاڙڪاڻي پيدا ڪيا. ايوب کهڙي، قاضي فضل الله ۽ سر شاهنواز ڀٽي جا بنگلا سياسي جوڙ توڙ جا مرڪز هئا. طاقتن جو ٽڪراءُ هڪٻئي ۾ عناد پيدا ڪيو. هرڪو شاڪي ۽ شڪي، پر تاج محمد مرحوم جي اوطاق ئي هڪ اهڙي بيٺڪ هئي، جنهن ۾ شڪ شبهي، ڪدورت ۽ ڪيني کي داخل ٿيڻ لاءِ ڪو دروازو هو ئي نه. اصل ڳالهه آهي اخلاص جي. مرحوم پاڻ مخلص هو. کهڙو هجي خواهه قاضي، ابڙي جا سڀ احسانمند ۽ پاڻ سڀني جو سڄڻ. قاضي فضل الله سنڌ جو وزيرِاعليٰ ٿيو، پر لاڙڪاڻي جي ٽوئر دوران تاج محمد جي دلين جي دڪان تي حاضري ڀرڻ کان سواءِ ڪراچيءَ ڪونه موٽندو هو. سڪندر ڀٽو وڏو وضعدار ۽ يار ويس انسان هو. تاج محمد جي قرب ڀري ڪچهريءَ ۽ غم غلط ڪرڻ وارن ٽهڪن ۾ شريڪ ٿيندو هو. ذوالفقار علي جيڪڏهن لاڙڪاڻي آيل هوندو هو ته شام جو وڏي ڀاءُ سان گڏ اچي ابڙي صاحب جي اوطاق جي سڳنڌ ۽ سرهاڻ ۾ واسبو هو. گهڻو وقت پوءِ ڀٽو صاحب، ايوب خان جي ڪابينه ۾ قدرتي وسيلن جو وزير ٿيو. ايوب جي ورڪ لاءِ تاج محمد تي حجت هلايائين، پر مرحوم ضمير کي ترجيح ڏئي ووٽ ڏنو مس فاطمه جناح کي، ان ڪري ارباب اقتدار مٿس ڏاڍو ڏمريا، پر سون کي ڪٽ نه ڪو ڪس! ڀٽي جي چوڻ تي بيسڪ ڊيموڪريسيءَ جو ميمبر چونڊجي بقاپور يونين ڪائونسل جو چيئرمين به رهيو. وقت جي وهڪري ذوالفقار علي ڀٽي کي مارشل لا ائڊمنسٽريٽر ۽ صدر پاڪستان بنائي ڇڏيو. هن جو شمار دنيا جي وڏن مدبرن ۾ ٿيڻ لڳو. چيئرمين مائوزيتنگ ۽ چواين لائيءَ مغرب جو مفڪر برٽينڊرسل ۽ ترڪيءَ جو عصمت انونو ۽ ٻيا ان پايي جا تاريخ ساز اڳواڻ به ڀٽي جا گڻ ڳائڻ لڳا. لازمي طور اها حالت انسان کي مغرور بنائي ڇڏي ٿي. ڀٽي صاحب جو غرور ۽ انانيت به انتها تي پهتي هوندي. ان حيثيت ۾ هُو لاڙڪاڻي جي دوري تي آيو. المرتضيٰ هائوس سڄو اهلڪارن ۽ ادارن جي گهيري ۾ هو. تاج محمد صاحب به ملاقات ۽ مبارڪ لاءِ حاضر ٿيو. نگاهه پوڻ سان ئي اهي پراڻيون محبتون، حجتون ۽ اوطاقي مجلسون ياد اچي ويس. محبت سان ملي پراڻيءَ حجت سان چيائين: ”ڪامريڊ تاجو! آءٌ تنهنجي لاءِ ڇا ڪريان؟“ مرحوم مسڪرائي چيو: ڪافي وقت وڪالت ڪيم، اي پي پي ٿي ڪم ڪيم، اڃا به ڪريان پيو. ائڊيشنل جج ٿيڻ ۾ ڪوبه ڏوهه ڪونهي.“ ڀٽي جي حڪم سان تاج محمد هڪ هفتي اندر پبلڪ پراسيڪيوٽر مان سکر سيشن ڪورٽ ۾ اچي عدالت جي ڪرسيءَ تي ويٺو. شيخ مبارڪ علي اياز جيڪو وڏو شاعر، وڏي دانشور هئڻ سان گڏوگڏ وڪيل به هو، جمال ابڙو ۽ تاج محمد خاص دوست هئس، سکر ۾ وڪالت ڪندو هو، سو پنهنجين يادگيرين جي ڪتاب: ”ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر“ ۾ لکي ٿو ته: ”غلطي منهنجي هئي يا تاج محمد جي غلط فهمي، بهرحال مون کان ناراض ٿي پيو. آءٌ هميشه جي دستور موجب بنا اطلاع يا پيشگي اجازت جي هليو آيس سندس چئمبر ۾. ”ائين بنا اجازت جي نه ايندو ڪر مون وٽ.“ ابڙي صاحب جو ڳنڀير آواز گونجيو. آءٌ ماٺ ٿي ويس. بعد ۾ توانايون بحال ڪري چيم: ”انشاءَ الله اڄ کان پوءِ مون کي ڪونه ڏسندا ۽ پنهنجا ڪيس به اتان منتقل ڪرائي ٿي سگهيس، پر ائين نه ڪيم. چار پنج مهينن کان پوءِ هڪ دفعي ڪورٽ ۾ هئس ته بيلف چيو ته اندر چيمبر ۾ صاحب اوهان کي سڏايو آهي. ٿورو سوچي هليو ويس. تاج محمد اٿي بيٺو، هٿ ملائي چيائين: ”اياز! تون مون کان ناراض آهين؟“ چيم: ”هائو!“ چيائين: ”ڳالهه ٻڌ، آءٌ جج ٿي جڏهن ڪرسيءَ تي ويٺس ته مون سوچيو ته آءٌ پنهنجي قلم جي نوڪ سان ڪنهن جي گردن اڏائي سگهان ٿو، ڪنهن کي ڦاسي ڏئي سگهان ٿو. ان سوچ مون کي ٽرڙو بنائي ڇڏيو ۽ تو سان به ٽرڙائي ڪري ويٺس، مون کي معاف ڪري ڇڏ.“ مون هڪدم ڳالهه ڪٽي چيو: ”بس بس، اڳتي ڪجهه به نه چئج، تون مون لاءِ ساڳيو ڪامريڊ تاجو آهين.“ اهو آهي عظيم هئڻ جو ثبوت. غلطي ڪا ڪانه هئس، اصولي ڳالهه هئي، هلندڙ عدالت جا ڪي قاعدا ۽ ضابطا آهن. سچي دوست ۽ گڏوگڏ قانوندان کي ته وڌيڪ محتاط رهڻو آهي، ان جي باوجود مرحوم جي دل تي بوجهه رهيو، جيسين نه دوست جي دلجوئي ڪيائين، تيسين قرار ڪونه آيا.“ شيخ اياز هن جي نيڪ دليءَ ۽ معامله فهميءَ تي لکندي آخر ان جملي تي پڄاڻي ڪئي آهي: ”هن جهڙا صاف گو، صاف دل انسان مون زندگيءَ ۾ ٿورڙا ڏٺا.“ جمال ابڙو صاحب پنهنجي چئن جلدن واريءَ ڪٿا ۾ مرحوم تاج محمد جو اڪثر ذڪر ڪندو رهيو آهي. هڪ هنڌ لکي ٿو ته: ”حيدر بخش جتوئي هاري تحريڪ جو بانيڪار هو، تحريڪ لاءِ جان نثار ۽ ڌُن جو پڪو. هاري تحريڪ ۾ اختلاف ٿي پيو، پارٽي ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي وئي. طاقت جو توازن بگڙيو ته تاج محمد بي چين ٿي پيو. مولوي نذير حسين جا هل هڪلون سهي، ڏيپلائيءَ وٽان اڳين تاريخن ۾ اخبار ڇپرائي، فرضي چونڊون ڪرائي، سڀني کي حيرت زده ڪري ڇڏيائين. حيدر بخش جتوئي جيل مان آزاد ٿي اچي هاري حقدار پريس ۾ ويٺو هو. هي نين چونڊن ۽ ڪاميٽيءَ جي ٻين ڪمن جا پنا کڻي وڃي هاري حقدار جي آفيس ۾ پهتو. ڪامريڊ جتوئيءَ جي ڪمزوريءَ مان پوريءَ طرح واقف هو، ان ڪري وڃڻ وقت لينن جي تصوير به کڻي ويو. صحيحن جي پوءِ ڳالهه ڪيائين، پهرين لينن جي تصوير حيدر بخش آڏو آندائين. ڪامريڊ لينن اڳيان اچي ۽ جتوئي حواسن ۾ رهي، ائين ٿيڻو ڪونه هو. هن کي حواسن مان ڪڍي يا هيپناٽائيز ڪري نفسياتي مار سان سڀ صحيحون وٺي ڇڏيائين. ان طريقي سان ڪم وٺڻ به دانائي ۽ انساني نفسيات جي ڄاڻ آهي. ان اٽڪل بازيءَ کان علاوه مرحوم ۾ همٿ ۽ حوصلو هو، جوان مرديءَ ۽ جفاڪشيءَ جو اهو عالم جو مولوي نظير حسين جيل ۾ هو، پويان ڪي برده فروش هن جي ۵، ۷ سالن جي ناسمجهه نياڻي اغوا ڪري ويا. هو سک تڏهن ستو، جڏهن جهر جهنگ جهاڳي، ڳوٺن ۾ رلي، وڃي نياڻي هٿ ڪيائين ۽ جوابدارن کي ڳٿڙ مان پڪڙي، اچي ڪورٽ حوالي ڪيائين.“ (روزانه سنڌ، هلال پاڪستان) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو قومي سياستدانن، دانشورن ۽ ليکڪن جي نظر ۾ هدايت منگي اٺين آگسٽ ۱۹۹۴ع تي سنڌ جي هڪ سدا حيات شخصيت محترم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو (مرحوم) جي ۶۹ هين سالگرهه آهي. هو سنڌ جي تاريخ ۾ سياسي، ادبي، سماجي ۽ عدالتي خدمتن جي حوالي سان هميشه ياد رهندو، ڇاڪاڻ ته انهن حلقن سان سندس وابستگي سڄي حياتيءَ دوران رهي. سندس زندگي ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کان وٺي امان الله شيخ تائين سنڌ جا سمورا آدرشي انسان سندس رهائشگاهه (اوطاق) تي ميڙا لڳايو ويٺل نظر ايندا هئا ۽ انهن ميڙاڪن ۾ سنڌي سماج جي ڪنهن بنهه معمولي سرگرمي کان وٺي آفاقي، انساني، سياسي قدرن، انقلابن، تبديلين ۽ سرگرمين بابت انتهائي سنجيده بحث مباحثا ٿيندا هئا، جن کي لاڙڪاڻي ۾ ههڙين سرگرمين جي حوالي سان انتهائي وڏي اهميت حاصل هئي. انهن سرگرمين ۽ بحث مباحثن جي محرڪ، هن سنڌ جي منفرد شخص بابت سنڌ جي قومي سياستدانن، آزادي جي ويڙهاڪن، دانشورن ۽ ليکڪن مختلف وقتن تي جيڪي تاثرات لکيا آهن، تن جا ٿورڙا ٽڪر هن موقعي تي اختصار سان پيش ڪجن ٿا. جي ايم سيد: ميان تاج محمد ابڙو لاڙڪاڻي جو انسان دوست، خوش خلق ۽ رلڻو ملڻو ماڻهو هو. افسوس جو جوانيءَ ۾ وفات ڪيائين. ان جو اسان کي ارمان آهي. مخلص دوست، يارن جو يار، ايماندار ۽ قابل ماڻهو هو. آخر ۾ وڪالت ڇڏي جج ٿيو. خدا جنت ۾ جايون ڏئيس. ڪامريڊ ڄام ساقي: سائين تاج محمد ابڙي کي اڃا تائين نه مرحوم لکڻ جي همٿ اٿم ۽ نه ئي سائين کي ڪڏهن تاج محمد سڏيم. اسين گهڻو جونيئر هوندي به سائين کي ”سائين تاج“ ئي سڏيندا هئاسين. سائين سنڌي ادبي سنگت هجي يا هاري ڪاميٽي، شاگردن جي سرگرمي هجي يا سنئين سڌي انقلابي هلچل، اسان کي هميشه ۽ هر طرح همٿائيندو رهيو. دنيا جي تازي ۾ تازي انقلابي ۽ سياسي لٽريچر هٿ ڪرڻ، پڙهڻ ۽ نوجوان دوستن کي پڙهائڻ جي ڪوشش ۾ سدائين رڌل هوندو هو. جهڙو هو صورت ۾ سهڻو ۽ سيرت ۾ صادق، اهڙو ئي محبت ۽ مڻيا وارو مانجهي مڙس هو. تمام ٿورن ماڻهن کي خبر هوندي ته هن مزدورن جي يونينن کي منظم ڪرڻ ۾ لاڙڪاڻي ليول تائين ۽ سنڌ هاري ڪاميٽي کي منظم ڪرڻ لاءِ سنڌ سطح تي ڪوششون به ڪيون ۽ هميشه وس آهر مدد به ڪئي. ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي: تاج محمد ابڙو هڪ ئي وقت پنهنجي ذات ۾ هڪ انجمن هو. هن وٽ سياسي ليڊر، روپوش سياسي ڪارڪن، هاري، مزدور، شاگرد، ڪارڪن ۽ اديب ايندڙ ويندڙ هئا. سندس تعلق ان وقت جي سمورين سياسي شخصيتن؛ محمد ايوب کهڙو، قاضي فضل الله، جي ايم سيد ۽ اڀرندڙ شخصيت ذوالفقار علي ڀٽو سان به هو. هاري ۽ مزدور تحريڪن سان تاج محمد ابڙي جو گهرو لاڳاپو هو ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، مولوي نذير حسين ۽ ٻيا ڪيترا ئي هاري ورڪر هن وٽ ايندڙ ويندڙ هئا. تاج محمد ابڙو ڏاڍو پڙهيل ۽ ادبي تنظيم جو منتظم هو. ون يونٽ قائم ٿيڻ بعد جيڪي سياسي سرگرميون رهيون، تن ۾ به تاج محمد ابڙو خاصو رول ادا ڪندو رهيو. سياسي ۽ ادبي ڪتابن جو تاج محمد شوقين هيو ۽ پوءِ حقيقت ۾ تاج محمد ابڙي ئي بحيثيت خود لاڙڪاڻي واري سنڌي ادبي سنگت به قائم ڪري ورتي. ذوالفقار علي ڀٽي سان تاج محمد جو خاصو Equation (ويجهائي) هئي. مان تقريبًا پنج سال ۱۹۵۹ع کان مارچ ۱۹۶۴ع تائين نظربنديءَ ۾ گذاريا. مون تان نظربندي جي پابندي ختم ٿي. ان ۾ به وڏو ڪردار تاج محمد ابڙي جو هو، جنهن ذوالفقار علي ڀٽي کي چئي اها پابندي هٽرائي. تاج محمد جي موت کان چند ڪلاڪ اڳ جناح اسپتال ۾ جڏهن مون ساڻس ملاقات ڪئي ته مون کي بيحد حيرت ٿي ته مون کي همٿائيندو رهيو، بجاءِ ان جي جو مون کي ڪو موقعو ڏئي ته ڪا کيس تسلي ڏيان. ۱۰ مارچ ۱۹۸۶ع تي تاج محمد ابڙو وفات ڪري ويو. تنوير عباسي: تاج محمد ابڙو کلڻو ملڻو، جڏهن ملوس ته ٽهڪ ڏيندو، دوست کي ڏسي خوش ٿيندو. هن سان پهريون دفعو ملاقات ۱۹۵۶ع ۾ ٿي. ون يونٽ جو اونداهو دؤر هو. ادب ذريعي انقلاب جي ان تحريڪ جي روشنيءَ جو پهريون ڪرڻو لاڙڪاڻي ۾ تاج محمد ابڙي جي اوطاق مان اُسريو ۽ سڄيءَ سنڌ ۾ ڦهلجي ويو. اسان سنڌي ادبي سنگتن کي هڪ مرڪز تي گڏ ڪرڻ لاءِ پهرين ميٽنگ لاڙڪاڻي ۾ رکي ۽ تاج محمد ابڙي ميزبان ٿيڻ قبوليو. سڀني تاج محمد ابڙي جي اوطاق تي گڏ ٿي فيصلو ڪيو ته ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادبي سنگت جو ڪنوينشن سڏائجي، جنهن ۾ سنڌ جي سڀني ادبي سنگتن کي هڪ مرڪز تي گڏ ڪري سنڌ سنگت ٺاهجي ۽ ان جو دستور وغيره منظور ڪرائجي. اهو روشنيءَ جو پهريون ڪرڻو هو، جيڪو ون يونٽ جي اونداهي دﺂر ۾ تاج محمد ابڙي جي اوطاق مان ڦٽو ۽ سڄي سنڌ کي جر جر، جرڪائي ڇڏيائين. هاري تحريڪ، نيشنل عوامي پارٽي، سنڌ عوامي محاذ، مطلب ته جيڪا به تحريڪ سنڌ جي پيڙهيل طبقن جي ڀلائيءَ ۽ آجپي جي لاءِ هئي، ان ۾ ڀرپور حصو ورتائين. نواب نبي بخش خان ڀٽو: تاج محمد خان ابڙو منهنجو ڀائن جهڙو دوست، مون تي ڏاڍو مهربان ۽ همدرد هو. منهنجو ڪم پنهنجو سمجهندو هو. هن جي گذاري وڃڻ جو مون کي سخت ڏک آهي. مون کي هُو هر وقت ياد هوندو آهي. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي: جن شخصيتن مون کي متاثر ڪيو ۽ انهن کي وساري نه سگهيو آهيان، اهڙين ئي شخصيتن مان هڪ تاج محمد ابڙو مرحوم به هو. تاج محمد ابڙي مرحوم لاڙڪاڻي ۾ ادبي سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ وڏي جدوجهد ڪئي ۽ لاڙڪاڻي جي اديبن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ بنيادي ڪم ڪيو. سندس شمار اهڙن ماڻهن ۾ ڪري سگهجي ٿو، جن اديبن کي ميدان تي آندو ۽ جديد سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ بنيادي ڪم ڪيو. لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت جو بنياد پيو، جنهن جي بانين ۾ تاج محمد ابڙي مرحوم، جمال ابڙي ۽ اياز قادريءَ جا نالا اچي وڃن ٿا. پهريون محرڪ ان جو تاج محمد ابڙو مرحوم هو. ڪامريڊ مير محمد ٽالپر: لاڙڪاڻي، ذوالفقار علي ڀٽو، بئريسٽر جان محمد جوڻيجو، ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ۽ ٻيون بيشمار شخصيتون پيدا ڪيون. تاج محمد ابڙو من کي موهيندڙ شخصيت هو. تاج محمد ابڙو ڪير سڏائي! سندس سونهن، سوڀيا ۽ هر دلعزيزي ڪڏهن ڪانه وسرندي. منهنجي مرحوم سان پراڻي نيازمندي هئي. مرحوم منهنجو هاري ڪميٽيءَ کان وٺي دوست هو. سندس ٽڪر منهنجي پيٽ ۾ آهن. سندس قرب ڪڏهن ڪونه وساربا. لاڙڪاڻي جا اڪابر ’ابڙا‘، جن مان مون کي سرهاڻ آئي، انهن مان موتي داڻو ابڙو تاج محمد. هي صاحب وڪالت ڪندو هو. سندس اوطاق ڪامريڊن جو اجھو هوندي هئي. سڀ ڪم ڪارين وارا وٽس اچي ٿاڪ ڏيندا هئا. بسترو ماني به ملندي هئي، آفيسن جا ڪم، ڪورٽن جا قانوني ڪم به ٿيندا هئا. منهنجو جڏهن به لاڙڪاڻي وڃڻ ٿيندو هو، تڏهن سندس آشياني تي ضرور حاضري ڀربي هئي. ڪچهري ٿيندي هئي ۽ لنگر به گڏ ڪبو هو. مرحوم تاج محمد پوءِ سيشن جج ٿيو. بيحد انصاف پسند ثابت ٿيو. سندس وڇوڙو اسان سڀني ڪامريڊن لاءِ وڏو حادثو آهي. سندس اولاد آهي. مون کي ياد ڪندا آهن. ڊاڪٽر اياز قادري: تاج محمد ابڙو منهنجو هاءِ اسڪول کان وٺي ڪاليج تائين ڪلاس فيلو، هاسٽل ۾ روم ميٽ ۽ زندگيءَ ۾ پيارو دوست هو. اسين هڪٻئي جي ويجهو رهياسين. تاج محمد ابڙي کي ننڍپڻ کان ئي سياست سان دلچسپي هئي. ۱۹۴۲ع وارو زمانو هو، مگر تاج محمد ابڙو ان وقت به هارين ۽ غريبن جي ڳالهه ڪندو هو. سياسي طرح هُو ڪامريڊ قادر بخش نظاماڻيءَ کي ئي پنهنجو استاد سمجهندو هو. تاج محمد کي شاگرديءَ واري زماني ۾ اخبار ڪڍڻ جو ڏاڍو چاهه هو. هن ڪجهه پئسا پاڻ ۽ ڪجهه پئسا ٻين دوستن کان هٿ ڪري ”نوجوان“ نالي سان هفتيوار اخبار شروع ڪئي. ان وقت نه سنڌي مسلمانن ۾ هو مڊل ڪلاس نه تعليم، نه وري اخبار پڙهڻ جو چاهه، تنهنڪري ”نوجوان“ جا فقط ڪجهه پرچا نڪتا، پوءِ اخبار مالي مشڪلاتن سبب بند ٿي وئي. تاج محمد ابڙي شاگرديءَ واري دؤر ۾ مختلف هنڌن تي نوڪري به ڪئي. ڪجهه عرصو ان وقت جي مشهور اخبار ”الوحيد“ ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر ٿي ڪم ڪيائين. پوءِ ريڊيو پاڪستان ۾ سنڌي خبرن جو انائونسر (Announcer) ٿي رهيو. تاج محمد ابڙو ۴۸-۱۹۴۷ع ڌاران وڪالت پاس ڪري لاڙڪاڻي هليو آيو. شيخ اياز سکر مان جڏهن به لاڙڪاڻي ايندو هو، ته وٽس اچي مهمان ٿيندو هو. ڀارت مان اتم ۽ سندري اتمچنداڻي جڏهن لاڙڪاڻي آيا، ته تاج محمد ابڙي انهن جي دعوت ۽ ميزباني ڪئي. سياست تاج محمد ابڙي جي رڳ رڳ ۾ سمايل هئي. هن سنڌ جي وڌ ۾ وڌ ڏتڙيل ۽ پٺتي پيل طبقي هارين لاءِ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. تاج محمد ابڙي جا سنڌ، بلوچستان، پنجاب ۽ سرحد جي ڪيترن ئي سياستدانن سان انتهائي گهرا تعلقات هئا. سنڌ جي سياستدانن ۾ جي ايم سيد، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، محمد امين کوسو، شيخ عبدالمجيد سنڌي، قاضي فيض محمد، غلام محمد لغاري ۽ بي شمار ٻين سان هن جا گهرا تعلقات هئا، پر اهي ٻئي هن جي سياست ۽ ضلعي جي ماڻهن جي نفسيات جي ڄاڻ سبب ضلعي جي ڪيترن مسئلن بابت کانئس هميشه مشورا وٺندا رهندا هئا. مون کي ياد آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو خاص طرح اليڪشن واري زماني ۾ هن وٽ ايندو هو يا هن کي پاڻ وٽ گهرائيندو هو. تاج محمد ابڙي کي سنڌي ادب ۽ زبان سان بيحد گهڻي دلچسپي هئي. هُو چاهيندو هو ته سنڌي ادب کي پراڻي پيچري تان هٽائي نون ترقي پسند راهن ۽ رستن تي هلائجي. هن جي وفات سان لاڙڪاڻي ۾ ڪچهرين جو دؤر ختم ٿي ويو، ڄڻ هي آخري ڏئيو هو، جو گُل ٿي ويو. انيس انصاري: منهنجي واقفيت ساڻس پهريائين ۱۹۳۹ع ۾ ٿي. تاج محمد دل جو درياهه ۽ مُنهن جو ملوڪ هو. شروع کان وٺي تاج محمد غريبن جي پيڙا ۽ ڏک کي پنهنجو ڏک ڪري سمجهندو هو. ان سبب ڪري هن هڙئون ۽ وڙئون غريبن جي پئي مدد ڪئي. سندس همٿائڻ ۽ مالي مدد ڏيڻ تي ڪافي غريب پڙهي وڃي چڱين نوڪرين کي لڳا. تاج محمد ابڙي جي ڪمزوري دوست هئا، جن کان سواءِ پاڻ کي اڌورو سمجهندو هو. ياري باشيءَ ۾ سندس ڪچهري مشهور هوندي هئي، جتي علم ادب کان سواءِ سياست تي به وڏا بحث پيا ٿيندا هئا. وڪالت جي عرصي ۾ ته ٺهيو، خود جج هئڻ دوران به اهي ڪچهريون قائم رهيون. باوجود ايماندار ۽ سچي هئڻ جي، ڪن ماڻهن سندس نالي بد ڪرڻ ۾ به ڪين گهٽايو، پر سندس آئيني جهڙي صاف شخصيت اجري جي اجري رهي. انور پيرزادو: ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي ٻاريل ڏياٽيءَ جي روشني سنڌ جي اونداهي جاگيرداري ثقافتي قدرن واري ڌُنڌ کي چيريندڙ ۽ ڦاڙيندڙ آهي. اسين سڀ سمجهون ٿا ته ”ايجها ڪم ڪريجي، جنهن وچ الله آپ بڻيجي“ ۽ هي سڀ ڪجهه ڪامريڊ تاج محمد ابڙي پنهنجي مختصر عمر ۾ ڪيو. هن تي سڄي سنڌ ۾ مظلوم انسانيت ناز ڪري ٿي. امان شيخ: هڪ بي بها عظيم انسان مون پنهنجين اکين سان ڏٺو، جيڪو انساني گڻن ۽ خوبين جو ته ڳٽڪو هو، پر ان سان گڏوگڏ لاڙڪاڻي ساهه سيباڻي جي ماضيءَ جي شام جي آخري جهلڪ هو. مون حياتيءَ جي ڊوڙ ۾ ڳچيءَ پٽ تائين اختلاف رکندڙ هستين کي يڪجا ٿيندي ڪنهن هنڌ ڏٺو، ته اهو هو لاڙڪاڻي جي شام جو آخري اوتارو يعني سائين تاج محمد ابڙي جي اوطاق. انهيءَ اوتاري تي مون ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ، ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ، مولوي نذير حسين، ڪامريڊ جمال الدين بخاريءَ، حاجي محمد پيرزادي کان وٺي اياز قادري، سيد خادم حسين شاهه، ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌيءَ ۽ کوڙ سارين لائق هستين سان روح رهاڻيون ٿيون. انهيءَ اوتاري تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو به شام جو خنڪي هڻي اچي ويهندو هو، جنهن سان ڊگها ۽ اڻ کٽ بحث ٿيندا هئا. مير علي احمد ٽالپر مرحوم: مون کي پنهنجي انتهائي پياري دوست تاج محمد ابڙي جي موت تي ڏاڍو ڏُک ٿيو آهي. مان ۽ منهنجي فيملي اوهان جي ڏک ۾ شريڪ آهيون. الله مٿس رحم ڪري. ادل سومرو: سنڌي ادبي سنگت جو ٻوٽو، جيڪو هن وقت وڌي وڻ ٿي ويو آهي، ان جي آبياريءَ ۾ جن شخصيتن پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪيو، تن ۾ محترم تاج محمد ابڙي جون خدمتون وسارڻ جهڙيون نه آهن. سنڌي ادبي سنگت جي جڏهن به تاريخ لکي وئي ته تاج محمد ابڙي صاحب جو ذڪر ان ۾ نمايان طور ايندو ۽ ائين سنڌي ٻوليءَ جو هي گمنام ساٿي اسان جي ايندڙ نسل جي دلين ۾ هميشه زنده رهندو. ڪامريڊ برڪت علي آزاد: تاج محمد ابڙو اهڙن ماڻهن منجهان هڪ هو، جنهن کي تاريخ ۾ ڪڏهن به وساريندي به وساري نه سگهبو. جيڪب آباد ضلعي ۾ تاج محمد ابڙي جي مدد سان هاري تحريڪ جو بنياد پيو. درحقيقت اها ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي ٻاريل هڪ شمع هئي. ضلع جيڪب آباد ۾ تاج محمد ابڙي هاري آفيس جو بنياد پاڻ رکرايو. سنڌ جون اهڙيون مها قومي هستيون تاريخ جو عظيم سرمايو آهن ۽ اسان جي ايندڙ نسل لاءِ مشعلِ راهه آهن. چيف جسٽس نعيم الدين: مون کي مشهور ۽ نامور شخصيت تاج محمد ابڙو رٽائرڊ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي غمگين ڪندڙ وفات جو ٻڌي بيحد گهڻو ڏُک ۽ سخت صدمو رسيو آهي. مان پنهنجي ڏک جو اظهار لفظن ۾ نٿو ڪري سگهان. محمد علي پٺاڻ: تاج محمد ابڙو سنڌ جي تاريخ ساز شخصيت هو. سنڌي ادبي سنگت جي پايو وجهندڙن جي سٿ ۾ شامل ٿي، ترقي پسند ادب جي واڌاري لاءِ به هن جي عملي ڪوشش ادبي تاريخ جي ورقن ۾ سونهري اکرن سان سانڍيل آهي. (عبرت، پڪار، آفتاب، بخت ور، جاڳو، هلال پاڪستان، خادم وطن، سنڌ نيوز، برسات ۽ سنڌو ) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو فڪري راھن کي روشن ڪندڙ ڊاڪٽر ادل سومرو زندگيءَ جو سلسلو صدين کان جاري آهي. هتي لکين آيا ۽ هليا ويا، ڄڻ ته هئا ئي ڪين، سگهه سونهن، مايا، سڀئي سايا. دائميت رهي ته فقط پيار ۽ نيڪيءَ کي، پر اها ڳالهه تمام ٿورا ماڻهو سمجهي سگهيا، جن اهو رستو ورتو دنيا انهن کي ديوانو سڏيو، اهڙن عاشقن حياتيءَ جو فلسفو سمجهيو ۽ ايئن گهاريو جيئن گذارڻ گهريو هو. اهو فلسفو آهي: ڪجهه ڏئي وينداسين، ڪجهه نه کڻي وينداسين، ٻورُ آهيون، ڏئي ميوو ۽ ڇڻي وينداسين. (تنوير عباسي) ڪي گيت ڏئي ويا، ڪي فڪر فلسفا، نيتون، واٽون، آدرش ۽ اميدون ڏئي ويا، ڪي پنهنجون حياتيون ئي قرباني ڪري ويا. اهڙا انسان ئي سدائين عزت وارن لفظن سان ساريا ويندا آهن. سنڌ جي ويجهي اتهاس ۾ پنهنجي ٻولي، علم، ادب ۽ فڪري بيداريءَ وارين تحريڪن کي سڌي طرح ترقي وٺرائڻ وارو هڪ عظيم فرد هو تاج محمد ابڙو، جنهن جي زندگيءَ جو جڏهن اڀياس ڪجي ٿو ته سندس ڪردار، هڪ وطن دوست انسان جي روپ ۾ اسان کي بلندين تي نظر اچي ٿو. هن پنهنجي حياتيءَ جو گهڻو وقت هن ڌرتي جي خوشحاليءَ لاءِ ٿيندڙ سرگرمين کي ڏنو. هن طبقاتي نظام خلاف ڪم ڪندڙ ڌرين کي همٿايو. ڪامريڊ برڪت علي وٽ پاڻ لڙي وڃي ٿو. هن اديبن ۽ عالمن جي عزت ۽ همٿ افزائي ڪئي. سنڌي ٻولي تي جڏهن ڏکيا ڏينهن آيا ته هن پنهنجون صلاحيتون ارپيون. هڪ روشن خيال ۽ ترقي پسند انسان جي روپ ۾ هن غلط سماجي رسمن خالف پاڻ پتوڙيو، اديبن جي وڏي جماعت سنڌي ادبي سنگت، لاڙڪاڻي ۾ بنياد رکڻ جو اعزاز به کيس ئي حاصل ٿيو. انهيءَ سلسلي ۾ تنوير عباسي لکي ٿو ته: اهو روشنيءَ جو پهريون ڏيئو جيڪو ون يونٽ جي اونداهي دور ۾ تاج محمد ابڙي جي اوطاق مان ڦٽو ۽ سڄي سنڌ کي جرڪائي ڇڏيائين. جنهن شخص ۾ ايتريون خوبيون هجن، ان جي عزت ۽ اهميت کان ڪير ٿو انڪار ڪري سگهي! هن جو شمار اهڙين شخصيتن ۾ ٿئي ٿو، جن پس منظر ۾ رهي بنا ڪنهن شهرت ۽ نماءَ جون اهڙيون فڪري راهون روشن ڪيون، جن تي نئين نسل جي رهنمائي ٿي ۽ مجموعي طرح سنڌ ۾ روشن خيالي وارين تحريڪن کي فائدو رسيو، علم، ادب ۽ سياست جي ميدان ۾ سهپ ۽ رواداريءَ جا لاڙا متعارف ٿيا، جنهن ڪري سنڌ تيزيءَ سان اڳتي وڌي رهي هئي. سنڌي سماج ۾ انتشار جو هڪ وڏو ڪارڻ فردن ۾ ميل ميلاپ جي کوٽ، هڪ ٻئي سان ڪچهري يا ڳالهه ٻولهه (ڊائيلاگ) نه ڪرڻ آهي. ڳوٺن مان اجتماعي اوطاقون ختم ٿي ويون، جنهن ڪري انائيت ۽ خود پرستيءَ جي مرضن ۾ واڌارو ٿيو. ڏاهن ماڻهن هڪ جاءِ تي ويهڻ ڇڏي ڏنو ته سوچ ويچار ۽ خيالن جي ڏي وٺ جا رستا بند ٿيا، تاج محمد ابڙي جي اوطاق تي ٿيندڙ ڪچهريون جڏهن نه ٿيون ٿين ته ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي ڪنهن وٽ لڙي وڃڻ پسند نه ٿو ڪري، اها ڪهڙي ڳالهه هئي جيڪا عالمن، اديبن، دانشورن ۽ سياستدان کي تاج محمد ابڙي جي اوطاق تي گڏجڻ لاءِ اتساهيندي هئي. اها ئي ابڙي صاحب جي شخصيت جي سحر انگيزي، هن جي محبت ۽ هن جو رويو. اها ڳالهه تڏهن پيدا ٿيندي آهي جڏهن ماڻهو ”پاڻ“ کي پاسيرو ڪري سامهون واري کي اهميت ڏيندو آهي. لاڙڪاڻي ۾ اوطاقن جي کوٽ ناهي، پر اسان جي سڄاڻ دوست امان شيخ ابڙي صاحب جي اوطاق کي لاڙڪاڻي جي شام جو ”آخري“ اوتارو سڏيو آهي. اهو ابڙي صاحب جي شخصيت جو ڪمال جو هڪ ٻئي سان سخت اختلاف رکندڙ فرد به سندس اوطاق تي گڏجي ويهڻ پسند ڪندا هئا. هاڻ لاڙڪاڻي ۾ اهڙي صورتحال نه رهي آهي. جنهن ڪري امان شيخ جي راءِ سان سهمت ٿيڻو پوي ٿو. تاج محمد ابڙي صاحب پنهنجي سڄي حياتي هڪ آدرشي انسان وانگر گذاري ۽ پنهنجن نظرين يا اصولن تي ڪڏهن به سودي بازي نه ڪئي، هو چاهي ها ته عام ڪامورن وانگر پنهنجي اولاد لاءِ مال ملڪيت ڇڏي وڃي ها. پر کيس سڌ هئي ته اهي سڀ عارضي شيون آهن، بنيادي ڳالهه ڪردار جي آهي ۽ ان کي دائميت آهي، باقي مايا اچڻي وڃڻي نچڻي آهي. تاج محمد ابڙي، ساڌو واسواڻيءَ جي چواڻي مطابق هن واقعي پنهنجي حياتي ايئن گذاري جيئن هن چاهيو پئي. هو ذهني طرح هڪ آزاد انسان هو ۽ زماني سازيءَ کان پري هو، جنهن ڪري هو هر قسم جي روحاني بيمارين کان آجو، آزاد، اجرو ۽ مهربان هو. تاج محمد ابڙو سنڌ جي گهڻ رُخي شخصيت ستار ڀٽي تاج محمد ابڙو ولد قادر بخش خان ابڙو لاڙڪاڻي جي اعليٰ شخصيتن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. هيءُ هردلعزيز شخصيت وارو انسان ۸ آگسٽ ۱۹۲۴ع تي شهدادڪوٽ تعلقي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم قمبر علي خان ۾ حاصل ڪيائين. ۱۹۴۳ع ۾ مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو مان پاس ڪرڻ بعد اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ هو ڪراچيءَ ويو. ايس.ايم لا ڪاليج ڪراچيءَ مان ۱۹۴۷ع ۾ قانون جي ڊگري حاصل ڪري ۱۹۴۷ع ۾ وڪالت شروع ڪيائين. ڪراچيءَ ۾ رهڻ واري عرصي ۾ سنڌ جي مشهور اخبار ”الوحيد“ ۾ بحيثيت سب ايڊيٽر، علاوه ان جي انگريزي روزانه ”ڊان“ ۾ سب ايڊيٽر سان گڏ ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ ۾ نيوز ڪاسٽر به رهيو. هن جا ان وقت ڪراچيءَ ۾ ٽريڊ يونين اڳواڻ ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ جمال الدين بخاريءَ سان لاڳاپا ٿيا. پوءِ پاڻ ڪراچي ڪميونسٽ پارٽي ۽ ٽريٽ يونين ورڪرن سان گڏجي، ان وقت هاري مزدور جدوجهد ۾ سوشلسٽ انقلاب لاءِ پاڻ پتوڙيائين. جوانيءَ ۾ ئي هُو روشن خيال، غريبن جو هڏ ڏوکي هو. هر وقت سندس هڏ مسڪينن لاءِ ڪرڪندو هو. هن دنيا جي انقلابن جو گهرائيءَ سان مشاهدو به ڪيو ته سوشلسٽ اڳواڻن سان دوستي به قائم ڪئي. سوشلسٽ تنظيمن ۾ سندس ڀرپور ڪردار رهيو آهي. سال ۱۹۴۷ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ وڪالت جو آغاز ڪيائين. گهڻو عرصو سرڪاري وڪيل به رهيو هو. ڪرمنل Criminal ڪيسن جي حوالي کان گهڻو مشهور ۽ وڏو هوشيار وڪيل تصور ڪيو ويندو هو. لاڙڪاڻي ۾ اچڻ بعد به هاري تحريڪ، پي پي پي، نيشنل عوامي پارٽي ۽ سنڌ عوامي محاذ کان علاوه سنڌ جي پيڙهيل ۽ ڏتڙيل مسڪين عوام لاءِ ڏاڍ، ڏهڪاءَ ۽ ظلم کان آزادي، غلاميءَ کان آجپي يا طبقاتي بنيادن تي ڪابه تحريڪ، تنظيم ۽ جهاد ٿيو ته هن ان ۾ ديني فريضو سمجهي حصو ورتو. حقوق العباد ئي انسان ذات جي ڀلائيءَ جو اهو رستو ٻڌائي ٿو. تاج محمد ابڙو هن راهه ۽ منزل جو اڻ موٽ ساٿاري هو. سندس زندگيءَ جو مقصد ئي ٻين جي ڪم اچڻ هو. مسڪين ۽ بي پهچ ماڻهن جي ڪمن ڪارين ۾ گهڻي دلچسپي وٺندو هو. بنان لالچ جي دوستن، يارن جو ڪم ڪري کيس گهڻي خوشي حاصل ٿيندي هئي. سندس اوطاق گهڻو ڪري غريب طبقي ۽ عام ماڻهن لاءِ هڪ ”سراءِ“ طور استعمال ۾ هئي. هر روز شام جو سندس اوطاق تي چڱي چؤياري لڳندي هئي، جنهن ۾ سياسي، ادبي، سماجي ورڪرن وچ ۾ بحث مباحثا ۽ خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي نظر آئي. اهو ٻڌائڻ به ضروري آهي ته سندن وڏن سياستدانن جهڙوڪ: خان عبدالولي خان، سردار عطاءَالله مينگل وغيره سان ويجها تعلقات هئا، پر ذوالفقار علي ڀٽي سان ذاتي دوستي ۽ ويجهڙائپ هيس. هن جي پرڏيهي وزير جي عهدي تان لهڻ بعد، پيپلز پارٽيءَ جي قيام دوران تاج محمد سنڌ ۾ وڏي ڪوشش وٺي ڪيترن ئي سياستدانن جهڙوڪ: مير رسول بخش ٽالپر ۽ مير علي احمد ٽالپر کان علاوه ڪيترن ئي ڪامريڊ ساٿين کي پارٽيءَ ۾ شامل ڪرايو. سندس سياسي دائرو به وسيع هو. هُو ڪميونسٽ خيالن جو سچو ورڪر هو. قانوندان، سياستدان ۽ سماجي ورڪر کان وڌيڪ دانشور هو. فلسفي، ادب ۽ تاريخ جي وڏي ڄاڻ هيس. لکيائين هڪ لفظ به ڪونه، پر پڙهيو به گهڻو ته ڪڙهيو به گهڻو. سياست ۾ به صرف هڪ دفعو يونين ڪائونسل بقاپور جو سال ۱۹۶۵ع ۾ چيئرمين چونڊيو ۽ خدمت ڪيائين. ادب ۾ سندس ڪردار ٻن ڪنارن کي ملائڻ واري پل وارو هو. ادب سان کيس وڏي چاهت هئي. جڏهن ۱۹۵۴ع ۾ سنڌي ادبي سنگت جو لاڙڪاڻي ۾ بنياد پيو ته هُو ۽ سندس اوطاق ئي سنگت لاءِ پيش پيش هئي. ائين الڳ سنڌ ۾ ادبي سنگت جو قيام ٿيو. جڏهن ۱۹۵۶ع ۾ جمعيت الشعراءَ سنڌ پاران لاڙڪاڻي ۾ آل سنڌ ادبي ڪانفرنس ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي، تاج محمد صحرائي، رشيد ڀٽي، جمال ابڙي، اياز قادريءَ جهڙا ناميارا اديب شريڪ ٿيڻ آيا، ته ان وقت تاج محمد ابڙي پنهنجي گهر ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي صدارت ۾ سڀني اديبن جو اجلاس ڪوٺائي، ميزبانيءَ جا فرض انجام ڏنا. اتي ئي اهو فيصلو ڪيو ويو ته سنڌي ادبي سنگت جي سمورين شاخن جو اجلاس يا ڪنوينشن ڪراچيءَ ۾ منعقد ڪري، مرڪز جي تنظيم ۽ منشور جوڙيو وڃي. اهو ون يونٽ جي اونداهي دؤر ۾ روشنيءَ جو پهريون ڪرڻو هو، جيڪو تاج محمد ابڙي جي گهران ٻَريو ۽ سڄيءَ سنڌ کي جرجر ڪري ڇڏيائين. سڄي سنڌ جي سنگتن کي هڪ لڙيءَ ۾ سموئي، ون يونٽ خلاف ”ادبي جهاد“ جو آغاز ڪيو ويو. پاڻ ڪيترن ئي غريب شاگردن کي مالي مدد ڪرڻ ۽ لاڙڪاڻي ۾ سر شاهنواز ڀٽو ميموريل لائبريريءَ جهڙي سنڌ جي عظيم ادبي تحقيقي اداري جي بانيڪارن مان هو. سندس صلاحيتن ۽ تجربي کي ڏسندي ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت ۾ کيس ايڊيشنل سيشن جج مقرر ڪيو ويو، جنهن عهدي تي ۱۹۷۲ع کان ۱۹۸۵ع تائين ڪم نهايت ايمانداريءَ ۽ سچائيءَ سان ڪرڻ کان پوءِ ڊسٽرڪٽ سيشن جج جي عهدي تي پهچڻ کان پوءِ رٽائرمينٽ حاصل ڪري، وري واپس پنهنجي لاڙڪاڻي واري عوامي ادبي اوطاق آباد ڪيائين ۽ وڪالت جي پيشي سان منسلڪ ٿي ويو. پاڻ طبيعت جو سادو، سٻاجهڙو، محبتي ماڻهو هو. جڏهن به ملندو ته وڏا ٽهڪ ڏئي، پر دوستن سان ملي ڏاڍو خوش ٿيندو هو. آخرڪار هي موتين جهڙو ماڻهو، پورهيت دوست، دانشور، قانوندان، سياسي ورڪر ۽ علم ادب پرور شخصيت ۶۲ سالن جي ڄمار ۾ تاريخ ۱۰ مارچ ۱۹۸۶ع تي هن دنيا ۾ يارن دوستن جي لڏي کي ڇڏي ٻيءَ دنيا ڏانهن راهي ٿيو. اولاد ۾ کيس مير نادر علي، انجنيئر حيدر علي، گوهر علي، انجنيئر مظهر علي، ذوالفقار علي، جيڪي تعليم، انجنيئرنگ، پوليس ۽ وڪالت جي شعبي سان لاڳاپيل آهن ۽ نياڻين ۾ خالده، ڊاڪٽر عابده، پروفيسر شاهده ۽ پروفيسر زاهده، جيڪي پڻ تعليم، صحت، علم ۽ ادبي شعبي سان لاڳاپيل آهن. مددي مضمون: ڊاڪٽر تنوير عباسي، ڪامريڊ سوڀو، علي احمد بروهي ڪتاب: لاڙڪاڻو امر شخصيتون (اخبار: روزانه عوامي آواز، جاڳو، سَچ، تعمير سنڌ، هلچل، سنڌ، مهراڻ، عبرت) تاج محمد ابڙو تاريخ جي روشن راهه عبدالقادر جوڻيجو هونئن ته عام طور چڱن ماڻهن جي چڱائي جي وصف بيان ڪرڻ ڏاڍي ڏکي آهي، ڇاڪاڻ ته انساني تاريخ ۾ ڪيئي ٺڳيءَ جا ٺاهه پاتا وڃن ٿا. ڪلهه به ائين هو ته اڄ به ائين آهي. زماني تي ميارون اجايون آهن. پر هڪڙي ڳالهه هٿَ جي تريءَ وانگيان صاف بيٺي آهي ته سنڌ جي اصلي ۽ املهه هيرو، تاج محمد ابڙو پنهنجيون، پنهنجي گھر ٻار جون ۽ پنهنجن يارن پيارن جون تڪليفون وساري، پنهنجي ملڪ جي بکئي ڏکئي، ڏتڙيل ۽ بي وس عوام جي ڏکن ۽ تڪليفن ۾ جئين جو تئين شرڪت ڪئي. هو پنهنجي زندگي داءَ تي هڻي، ٻين جي غمن ۽ ڏکن جو ساٿاري رهيو. خودغرضين جي گھاٽن ڪڪرن ۾ بي غرضيءَ جي کنوڻ بڻجي، روشنين جا لامارا ڏيڻ، جيڪڏهن ڪنهن ڄاتو ته اهو تاج محمد ابڙي ڄاتو. اها صورتحال ٻڌائي ٿي ته تاج محمد ابڙو چڱائيءَ جي عمل ۾ نه رڳو نشاني هو، پر خود چڱائيءَ جي عمل کي چوٽ تي چاڙهي ڇڏيائين. چڱائيءَ جي وڏي اها ئي وصف هئي، جيڪا تاج محمد ابڙي جي شخصيت جي روپ ۾ اسان جي سامهون اچي ٿي. ايڏو خلوص، ايڏي عواميت، ايڏي جدوجھد، خلقِ خدا جي چڱائيءَ لاءِ ايڏي محبت تمام گھٽ ماڻهن ۾ پاتي وڃي ٿي، جن ۾ تاج محمد ابڙو سر فهرست رهيو. هن ليڊر بڻجي، ٻين کي قربانين جو سبق ڏيڻ جي بدران، قربانين جو اهو بار پاڻ ئي پنهنجي مٿي تي کنيو. هو هڪ عام ورڪر وانگيان ڪم ڪندو رهيو ۽ پنهنجن خوابن جي تعميل لاءِ سڄيءَ سنڌ ۾ ڀٽڪندو رهيو. جيڪو ماڻهو پاڻ کي وساري، پنهنجي ملڪ جي ماڻهن جو ٿي وڃي، انهيءَ کان وڌيڪ ڀلا ٻيو ڇا ٿي سگھي ٿو. مون کي اها به خوشي آهي ته سندس صالح اولاد سندس ڇڏيل ورثي جي ايڏي سار سنڀال لڌي آهي، جنهن جو نتيجو هيءُ ڪتاب آهي. نه ته هونءَ ته حقيقت اها آهي ته چڱا چڱا ماڻهو تاريخ جي دز ۾ لٽجي ويندا آهن. پر شابس آهي تاج محمد ابڙي جي اولاد کي، جن کيس تاريخ جي دز کان بچائي ورتو آهي ۽ سندس شخصيت هڪ روشن تاريخ وانگيان نه رڳو اسان جي اڳيان آهي پر ايندڙ نسل لاءِ به هڪ روشن راهه بڻيل رهندي. (روزانه سوڀ، ڪاوش، هلال پاڪستان، تعمير سنڌ، عبرت، سچ، عوامي آواز، سنڌ، هلچل، سنڌو، پڪار) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سنڌ جي تاريخ ساز شخصيت محمد علي پٺاڻ اي سنڌو! تو کي ڀـيٽ ڏنا، ڪنهن لـڙڪ-ڦـڙا، ڪنهن ماڪ-ڦــڙا جن تو کي پنهنجو خون ڏنو، سي سڀ کان پاڻ ملهائي ويا. شيخ اياز جي هن شعر جي روشنيءَ ۾ اسين جڏهن سنڌ جي آجپي لاءِ بيشمار تاريخ ساز شخصيتن کي پنهنجي مطالعي ۽ مشاهدي جي آڌار تي، سندن ڪيل جدوجهدن جي حوالي سان ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون، تڏهن مايوسيءَ ۽ نااميديءَ بدران همٿ ۽ حوصلي جا سُتل جذبا ڄڻ ته نئين سر جاڳي پوندا آهن ۽ نئين سر پنهنجي وڃايل منزل جي پيچرن تي سفر جي سانباهي جو اتساهه ڪر موڙي اٿي پوندو آهي ۽ ماڻهو پنهنجي سوچ جون سڀئي واڳون ان جي حوالي ڪري ڇڏيندو آهي. مرحوم تاج محمد ابڙي جي شخصيت به اهڙن ئي املهه ماڻڪ شخصيتن مان هڪ هئي، جنهن پنهنجي سموري عمر ڏکويل ماڻهن جي اهنج گهٽائڻ لاءِ ادبي، سياسي، صحافتي ۽ قانوني مورچن تي ثابت قدميءَ سان ويڙهه ڪندي گذاري ۽ ان ڊگهي ويڙهه ۾ سرت ۽ سجاڳيءَ جي لاٽ جيڪا هو پنهنجي وک وک تي ٻاريندو آيو، تنهن سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ چانڊاڻ پکيڙڻ ۾ خوب پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪيو. اڄ ان چانڊاڻ ۾ نه رڳو ڏاڍايون ڪندڙ قوتن جا ڪوڙهيل چهرا ڏينهون ڏينهن پوءِ وڌيڪ چٽا پسجي رهيا آهن، پر مظلومن کي به پنهنجي مظلوميت جا ڳجها اسرار آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچي رهيا آهن ۽ هو انفرادي توڙي قومي طور ”پاڻ سڃاڻڻ“ واري عمل جي پيشقدميءَ ۾ اڳرا نظر اچي رهيا آهن. سنڌ جي هن باڪمال هستيءَ جو جنم ۸ آگسٽ ۱۹۲۴ع ۾ شهدادڪوٽ، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. پرائمري تعليم قمبر ۾ حاصل ڪيائين ۽ سيڪنڊري لاڙڪاڻي ۾. ان کان پوءِ وڪالت جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ کيس ڪراچيءَ جي ياترا ڪرڻي پئي. ۱۹۴۷ع ۾ هن قانوندان جي حيثيت سان بي پهچ ۽ بي وس ماڻهن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ ڪورٽ جي ڪٽهڙي ۾ پير ڌريو ۽ عوام دوست سياست کي فروغ ڏيڻ لاءِ سوچي سمجهي اهڙي ڪنڊائين راهه تي هلڻ شروع ڪيو، جنهن جي آخري موڙ تائين هن کي ڪو سک ۽ شانتي ته پلئه ڪانه پئي، پر ٻين هزارين ۽ لکين ماڻهن جي سک ۽ شانتيءَ جون راهون ضرور ظاهر ٿيون. وڪالت کان اڳ تاج محمد ابڙي ڪيتريون ئي نوڪريون ڪيون، جن ۾ ”الوحيد“ اخبار ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر جي حيثيت سان سندس ڪيل خدمتون وسارڻ جهڙيون نه آهن. ريڊيو پاڪستان تي به نيوز ڪاسٽر جي حوالي سان هن چڱو نالو ڪمايو هو. ان باري ۾ هن جو هڪ ويجهو دوست ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو ڪهاڻيڪار محترم انيس انصاري لکي ٿو ته: ”سندس خبرون پڙهڻ جو انداز وڻندڙ ۽ اثر انگيز هوندو هو. خبرن جي مناسبت ۾ لچڪ پيدا ڪري، هو ٻڌندڙ جي دل تي خبر جي ڇاپ ڇاپي ڇڏيندو هو.“ پاڻ جڏهن ۱۹۷۲ع ۾ سيشن جج مقرر ٿيا ته عدليه ۾ به پنهنجي مخصوص مزاج ۽ انداز جي گهري ڇاپ ڇڏيائون. اها سندن وڏي جرئت ۽ بيباڪي هئي، جو عدليه سان لاڳاپيل هجڻ جي باوجود هو پنهنجي سياسي ۽ ادبي دوستن جي حلقي ۾ سدائين موجود رهندا هئا ۽ انهن سان وابستگيون به ساڳئي نموني سان ئي روا رکيون ايندا هئا. وڏيرڪي سرشتي هيٺ پيڙجندڙ هارين جي نجات لاءِ سنڌ جي دلير ۽ جرئتمند هاري اڳواڻ حيدر بخش جتوئيءَ سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو موقعو پڻ ملين ۽ پاڻ ان ذميواريءَ کي نڀائڻ لاءِ عوامي هلچل ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيائون. سرڪاري نوڪري سندن سوچ آڏو ڪڏهن به رڪاوٽ نه بڻي. تاج محمد ابڙو گوناگون شخصيت جو مالڪ هو. نه صرف پڙهڻ ۽ پڙهائڻ ۾ ۽ علم دوستيءَ جي شعور جي ورڇ ڪرڻ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو، پر سنڌي ادبي سنگت جو پايو وجهندڙن واري سٿ ۾ شامل ٿي، ترقي پسند ادب جي واڌاري لاءِ به سندن عملي ڪوشش ادبي تاريخ جي ورقن ۾ سونهري اکرن سان سانڍيل آهي. لاڙڪاڻي ۾ سندن اوطاق تي هر هفتي سنڌي ادبي سنگت جا ميڙ ٿيندا هئا. سندس دسترخوان سدائين دوستن يارن لاءِ کليل رهندو هو، جتي پاڪستان جون سياسي، سماجي ۽ ادبي شخصيتون اچي قيام پذير ٿينديون هيون، ائين جيئن اڄڪلهه ننڍي کنڊ جي وڏي دانشور ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جي اوطاق تي آهي. تاج محمد ابڙي وٽ ماڻهو الائي ڪٿان ڪٿان ڪهي ايندا هئا. هو عزت ڏئي ۽ وٺي ڄاڻندو هو. قربائتو اهڙو هوندو هو، جو هڪڙو ڀيرو ڪو ساڻن ملندو هو ته هميشه لاءِ سندن قرب جي ڪڙي ۾ قابو ٿي ويندو هو. ابڙي مرحوم جي ويجهن دوستن کان معلوم ٿيو آهي ته سهپ، رواداري ۽ بُردباريءَ جو هو زنده مثال هوندو هو. وڏي کان وڏيءَ ڳالهه کي به پنهنجي بُردباريءَ سان حل ڪري ويندو هو. ڪاوڙ ۽ ڪروڌ ڪڏهن به سندن ويجهو نه آيا. سندن ملڻ جي اهڙي قربائتي انداز بابت محترم تنوير عباسي لکي ٿو ته: ”تاج محمد ابڙو کلڻو ملڻو، جڏهن ملوس ته ٽهڪ ڏيندو، دوست کي ڏسي خوش ٿيندو.“ تاج محمد ابڙي جي شخصيت جو اهو جادوئي اثر هو، جنهن جي ڪري سدائين هن وٽ ميڙو متل هوندو هو. سندس دوستن جي تمام ڊگهي فهرست آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کان وٺي سوڀي گيانچنداڻي، اياز قادري، جمال ابڙو، انيس انصاري، ڪامريڊ جمال الدين بخاري، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، قاضي فضل الله، تنوير عباسي، عبدالحميد ابڙو، ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو ۽ ٻيا ڪيترا ئي سياسي اڳواڻ، شاعر، اديب ۽ فيلسوف هن جي صحبت مان ذهني آسودگي ماڻيندا هئا. تاج محمد ابڙو اڄ اسان وٽ نه آهي، پر هُو پنهنجي انسان دوست روين جي ڪري اسان لاءِ هميشه زنده رهندو ۽ سندس ٻاريل سرت ۽ سجاڳيءَ واري لاٽ ڪڏهن به نه اُجهامندي. (روزانه عبرت، پڪار، آفتاب، بخت ور، جاڳو، هلال پاڪستان، خادم وطن، سنڌ نيوز، برسات ۽ سنڌو) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو (۸۶-۱۹۲۴ع) آئيڊيل شخص تاج بلوچ سنڌ اهو عظيم خطو آهي، جيڪا وڏن وڏن ماڻهن کي جنم ڏيندي رهي آهي. اهڙن ماڻهن، سنڌ جي هر طرح سان آبياري ڪري، ان تان جند گهوري ۽ سنڌين جي سماجي، اقتصادي ۽ فڪري مٿڀرائي لاءِ گهر ٻاري ڏياري ڪئي. ڪامريڊ تاج ابڙي جو نالو به انهن عظيم اڳواڻن ۾ شامل آهي، جن هڙان وڙان پنهنجي قوم ۽ خطي جي بي پهچ ۽ مسڪين ماڻهن لاءِ پاڻ پتوڙيو. منهنجي ئي تر جو (چيچڙو پنو عاقل) عظيم انسان ۽ بي مثال راڳي فقير ڀڳت ڪنور رام، سکر ضلعي جو هيمون ڪالاڻي، پني عاقل جي مائي پار پتي، مهراج سيتل داس ۽ ٻيا اهڙا ڪيئي ڪردار آهن، جن پٺتي پيل علائقي جي بي خبر ماڻهن جي موڳي جيون لاءِ پنهنجو رت ست ڏئي ڪنهن متڀيد کان سواءِ ماڻهپي جو مانُ مٿانهون ڪيو. پنهنجي ئي گهر جي وڏڙن مان بابا سائين مرحوم عبدالقادر خان بُلو، جنهن سِر تري تي رکي مولانا عبيدالله سنڌي کي ظالم سامراج جي جبر کان آزاد ڪرائڻ لاءِ گڏيل هندوستان جي بارڊر تان افغانستان منتقل ڪيو، بابا سائين وڏو سردار محمد مراد خان بُلو (اول)، ادو مرحوم سردار محمد حسن خان بُلو، جنهن جا راڄوڻي فيصلا سڄي اتر سنڌ ۾ مشهور ۽ مثال طور پيش ڪيا وڃن ٿا. مرحوم سؤٽ خاوند بخش خان بُلو، جنهن جي سماجي خدمتن جو پڙاڏو مون سنڌي اديبن جي وفد سان لکنؤ ۾ اتان جي گرو چانڊو رام جي واتان ٻُڌو. انهن ماڻهن جهالت جي ڌٻڻ ۾ غرق ٿيل ماڻهن ۾ سياسي شعور پيدا ڪيو ۽ سماجي خدمتن لاءِ هڪٻئي جا واهرو بڻجي بيٺا. اسان جي رهبرن مان شهيد الله بخش سومرو، قاضي فيض محمد، رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، عبدالقادر کوکر، سائين جي ايم سيد، مرحوم مولوي نذير حسين جتوئي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، مرحوم غلام محمد لغاري، غلام حيدر لغاري، قادر بخش نظاماڻي، جهان خان کوسو، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، مرحوم قادر بخش بڪڪ، مرحوم نبي بخش کوسو ۽ مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ۽ ٻيا ڪيترا ئي نامور ۽ گمنام شخص آهن، جن اونداهين جو سينو چير ڪري معاشري کي هڪ نئون موڙ ڏنو. ڏُک اٿم ته مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو صاحب سان روبرو ملاقات نه ٿي سگهي، پر هاري حقدار پارٽي ۽ ڪميونسٽ پارٽي ۾ هڪ معمولي ڪارڪن جي حيثيت ۾ ڪم ڪندي، ڪامريڊ جي فڪري ۽ عملي خدمتن ۽ سندس ذات جي رهنمائي کان مون وڏي رهنمائي حاصل ڪئي. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جيل ياترا کان پوءِ سنڌ ۾ هاري پارٽي ۾ ڏار پئجي ويا ۽ ڪميونسٽ پارٽي کي ٽڪرن ۾ ورهائڻ لاءِ سانباها ٿيڻ لڳا. تڏهن ڪامريڊ تاج محمد ابڙي پنهنجي حڪمت عملي، سياسي بصيرت ۽ نفسياتي ڪيفيتن جو ادراڪ رکندي اختلافن کي جَهڪو ڪيو ۽ گهڻو گهڻو اڳ کان سٽيل سامراجي سازشن موجب، سوويت يونين کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ کان گهڻو اڳ ملڪ ۾ پارٽي کي ٽڪرن ٿيڻ کان بچائي ورتو. مرحوم تاج صاحب هڪ برجستو، ڏاهو ۽ زيرڪ سياسي ڪارڪن هو. مارڪسزم جي مطالعي ۽ لينن ازم جي تشريحن هن جي ذات کي هڪ مارڪسوادي طور انجمن جو روپ ڏنو ۽ هن پنهنجي فڪري طاقت سان سنڌ ۾ قوم پرست ترقي پسندي کي وڏو زور وٺرايو ۽ رجعت پسنديءَ کي ڌڪي ڌوڙ داخل ڪيو، جنهن جا نتيجا پاڪستان پيپلز پارٽي جي صورت ۾ ظاهر ٿيا. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ۽ ٻين بزرگن جي اسٽيبلشمينٽ جي خلاف زبردست سياسي مزاحمت نه هجي ها ته هوند شهيد ذوالفقار علي ڀٽو صاحب پيپلز پارٽي وجود ۾ نه آڻي ها، ڇاڪاڻ ته گرائونڊ ورڪ سنڌ ۽ ٻين ننڍن صوبن جي قوم پرست اڳواڻن اڳواٽ ئي ڪري ڇڏيو هو، جنهن جو کٽيو ڀُٽي صاحب کاڌو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو اجتماعي شعور جو هڪ ٻرندڙ شعلو هو، جنهن جي روشني پارٽي ڪارڪنن سميت عام ماڻهن جي شخصي ڀلائي لاءِ به ڪارآمد ثابت ٿي. ان ڏس ۾ اسان جي هڪ دوست بدر ابڙي جي بس وارو واقعو آهي، جيڪا هن هڪ ’ڊان‘ ٽائيپ دائود پٺاڻ کان قسطن تي حاصل ڪئي هئي. قسطون پوريون نه ٿيڻ جي صورت ۾ دائود پٺاڻ اها بس زوري ڪاهي هليو ويو هو. مرحوم تاج ابڙي اها بس جهڙي ريت موٽرائي، اهو هن دﺂر ۾ کڻي معمولي واقعو چئجي، پر اڄ کان ۴۰ سال اڳ اهو هڪ ڪارنامو هو، سماجي خدمت ۾ وڏو ڪارنامو! تاج صاحب جي زندگي بهادري ۽ ڏاهپ جو خوبصورت سنگم هئي. سڄي سنڌ ۾ سياسي ۽ دانشور حلقن ۾ بي انتها مقبوليت ۽ شهرت باوجود هن ڪڏهن به ليڊر ٿيڻ جو تصور نه ڪيو، پر هڪ عام سياسي دانشور ۽ ڪارڪن جيان خدمت ڪندو رهيو. نه رڳو انگ اگهاڙن ۽ پيٽ بکين جو واهرو ۽ ڀرجهلو ٿي رهيو، پر هن ذهني طور اپاهج ماڻهن جي به تربيت ڪئي ۽ هڪ شعوري هلچل جو بنياد وڌو. پروفيشنلي وڏو وڪيل هوندي به هن غريب عوام جي سپنن جي ساڀيان لاءِ گهڻو پتوڙيو. اسان جي بزرگ دوستن مان مرحوم شيخ اياز جي شخصي ڪردار بابت ڪڏهن به سٺي راءِ آڏو نه آئي آهي. بزرگ ته ڇڏيو، هلندڙ دﺂر ۾ نوجوان ساٿين کي به شيخ صاحب مرحوم لاءِ نرم گوشو پيدا ٿي نه سگهيو آهي. شيخ اياز پنهنجي آتم ڪٿا ’ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر‘ ۾ مرحوم تاج ابڙو ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج سکر جي حيثيت ۾ کانئس سکر کان لاڙڪاڻي وڃڻ لاءِ موٽر ڪار گهرڻ بابت جيڪو قصو منسوب ڪيو آهي، ان ۾ ڪابه صداقت نه آهي، ڇاڪاڻ ته ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج ان دﺂر ۾ يا اڄوڪي دﺂر ۾ هڪ بلند مرتبت ادارو آهي، جنهن کي اڄ جيان ڪالهه به وڏيون سهولتون ۽ مراعات حاصل هيون. تاج صاحب مرحوم پاران شيخ اياز کان گاڏي گهرڻ هڪ مفروضو آهي. بعد ۾ شيخ اياز کي ڊينٽ پيل ڪار جي واپسي وارو مسئلو به اعتبار جوڳو نه آهي، ڇاڪاڻ ته ڪامريڊ ابڙي جهڙو حساس، ايماندار ۽ ٻئي جو خيال رکندڙ ماڻهو ائين ڪيئن به ڪري سگهيو. سمورو قصو غير منطقي ۽ پاڻ کي پڏائڻ واري ڳالهه آهي. اسين يا اسان کان اڳ واري ادبي ۽ سياسي لڏي هميشه تاج صاحب کي سچائي، ايمانداري ۽ شعوري هلچل جو علمبردار ڏٺو ۽ محسوس ڪيو. تضادن کان آجو، همدرد ۽ هرهڪ جو اونو رکندڙ، سنڌ جي ايندڙ پيڙهين لاءِ مشعلِ راهه بڻيو. باوقار، بُردبار ۽ سهپ وارو انسان، ڏاڍو سچار. ڪوڙي سماج جي ڪوڙن ڪردارن تي ڪاوڙ ته ممڪن ٿي سگهي ٿي، پر ڪنهن نامعقول ڳالهه تي رنجش ڪامريڊ ابڙي جو وڙ ئي نه هو. مرحوم شيخ اياز هڪ وڪيل هو. اسين ۽ اسان جا مٽ مائٽ مختلف راڄوڻن معاملن ۾ سندس اصيل رهي چڪا آهيون ۽ آءٌ ذاتي طور ڄاڻان ٿو ته هن جو پروفيشنلي سول ججن سان به هيٺانهين (خوشامد) وارو رويو هوندو هو. اهو ڪٿي ممڪن آهي ته هُو سيشن جج، سو به تاج ابڙي جهڙي مهربان ۽ شفيق سان کهرو ٿي ڳالهائڻ جي همٿ رکندو هجي!! شيخ اياز بابت سنڌ ۽ هند کي خبر آهي ته هو ڪنهن کي سکڻي چانهه جي به صلاح نه هڻندو هو. ڪمال آهي جو هن پنهنجي ڪٿا ۾ جمال ابڙي ۽ تاج ابڙي جي مانَ ۾ رات جي ماني جهلي. آءٌ انهيءَ ڳالهه تي موران وسهڻ لاءِ تيار ناهيان ۽ دعوت کان پوءِ ڪامريڊ تاج صاحب جي موڪلائڻ وقت وارا جملا غير معقول، غير منطقي ۽ شيخ اياز جي خواهش ته ٿي سگهن ٿا، پر ان ۾ تِر جيتري به حقيقت ناهي. لفظ ’ٽرڙائپ‘ ڏاڍو ڏکوئيندڙ لفظ آهي، سو به ڪامريڊ تاج جهڙي فرد لاءِ، جيڪو خلوص، وفا ۽ محبتن جو سرچشمو هو. پرائي درد تي ڦٿڪي پوڻ وارو شخص ڪامريڊ تاج اهڙين ياوا گوين کان ڏاڍو مٿانهون هو. سنڌ ۾ مئل ماڻهن تي ڪوڙ هڻڻ تي مرحوم پير علي محمد شاهه راشدي جو ڪو ثاني ئي نه هو. پر ان جي وفات کان پوءِ مرحوم غلام رباني آگري ۽ مرحوم شيخ اياز سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا. مرحوم تاج محمد ابڙي صاحب لاءِ اسان جو محترم استاد، شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ تعليمي ماهر (تاج ابڙي جو ويجهو دوست) مرحوم پروفيسر ڊاڪٽر اياز قادري صاحب چوندو هو: ”تاج محمد ابڙو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي پُر زور اسرار تي ڊائريڪٽ ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج مقرر ٿيو ۽ نوڪري واري دﺂر ۾ هن جي وضع قطع، مزاج ۽ طبيعت ۾ نوڪري کان اڳ واري مريادا موجود هئي. خلق جي خدمت جو جذبو اڳ کان به اڳرو هو. هن جي ذات ۾ نرمي ۽ گدازيت سيشن ججيءَ جي عهدي کان به وڌيڪ هئي.“ هن سنڌ جي نوجوانن ۾ پنهنجي پُر عزم ارادن، جذبي، مطالعي ۽ بي باڪ طبيعت سان ترقي پسند ادب ۽ عوامي سياست لاءِ ڪيئي دلچسپيون پيدا ڪيون ۽ سنڌ جي بي پناهه خدمت ڪئي. لاهيان جي نه چِتان، الا اُن مَ وِسران مڙهيو منجهاران، جيءُ منهنجو جِن سين (شاهه) ڏهين مارچ ڪامريڊ جي وفات جو ڏينهن آهي ۽ هي ٻه چار سٽون کيس ڀيٽا طور پيش ڪري رهيو آهيان. سرها ڏٺم سي، جن ساڃاهه سراڻ سين تيغ تنين جي کي، ڪٽ نه لڳي ڪڏهين. (شاهه) (ماهوار سوجھرو مارچ ۲۰۱۰ع تان ورتل) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سنڌ جو سچو خدمتگار پروفيسر مهرالنساءِ لاڙڪ /حيدرآباد سنڌ ڌرتيءَ جي ڪک مان سوين اهڙن هيرن جنم ورتو آهي، جن چؤطرف شعور جي روشني پکيڙي، سماج ۾ مثبت تبديليون آنديون، سماج کي سڌارڻ لاءِ بي بها خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ تاريخ جي ورقن ۾ پنهنجو نالو، سونهري اکرن ۾ لکائي ڇڏيو. اهڙن املهه ماڻهن ۾ هڪ نالو ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جو به آهي. لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو، سنڌ جو تاريخي شهر آهي، جنهن هر دور ۾ اسان کي اهڙا ته ليڊر، عالم، اديب ۽ شاعر ڏنا، جن پنهنجي ڏاهپ سان سنڌ کي واسي ڇڏيو. ڪشنچند بيوس، هري دلگير، جمال ابڙو، ذوالفقار علي ڀٽو، محترمه بينظير ڀٽو، سوڀو گيانچنداڻي ۽ تاج محمد ابڙو وغيره. سڀني سياڻن سنڌ سان، ائين ناتو نڀايو، جيئن ڪو ڪم فرض سمجهي ڪيو ويندو آهي. تاج محمد ابڙي ۸ آگسٽ ۱۹۲۴ع تي، شهدادڪوٽ ۾ جنم ورتو. لاڙڪاڻي، ڪراچي، سکر ۽ ٺٽي جي هوائن ۾ شعور جون منزلون طئي ڪندي، ڏاهپ جا ڏاڪا چڙهندو اڳتي وڌندو هليو. پاڻ ۱۹۴۳ع ۾ مئٽرڪ گورنمنٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان پاس ڪرڻ بعد، اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪراچيءَ ويو. ۱۹۴۷ع ۾ ايس ايم لا ڪاليج مان قانون جي ڊگري حاصل ڪري، ۱۹۴۷ع ۾ وڪالت شروع ڪيائين. ڪراچيءَ ۾ رهڻ دوران، سنڌ جي مشهور اخبار ’الوحيد‘ ۾ بحيثيت سب ايڊيٽر، ان کان سواءِ انگريزي روزانه ’ڊان‘ ۾ سب ايڊيٽر سان گڏ، ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ ۾ نيوز ڪاسٽر به رهيو. هن جا ان وقت ڪراچيءَ ۾ ٽريڊ يونين اڳواڻ ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي مرڪزي اڳواڻن سان لاڳاپا ٿيا. پوءِ پاڻ ڪميونسٽ پارٽي ۽ ٽريڊ يونين ورڪرن سان گڏجي، ان وقت هاري مزدور جدوجهد ۽ سوشلسٽ انقلاب لاءِ پاڻ پتوڙيائين. کيس زماني جو ڳوڙهو تجربو هو. سندس سوشلسٽ تنظيمن ۾ ڀرپور ڪردار رهيو آهي. سندس دوستيءَ جو دائرو تمام وسيع هو. لاڙڪاڻي ۾ سندس اوطاق، غريب توڙي امير مطلب ته عام ماڻهن لاءِ سراءِ طور استعمال ٿيندي هئي. هر روز شام جو سندس اوطاق تي ڪچهري لڳندي هئي، جنهن ۾ سياسي، ادبي، سماجي ورڪرن وچ ۾ بحث مباحثا ۽ خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي هئي. سندس ويجهڙائپ وڏن سياستدانن سان رهي آهي، خان عبدالولي خان، سردار عطاءُ الله مينگل وغيره سان گهڻو ويجها هئا، پر ذوالفقار علي ڀٽي سان ذاتي دوستي ۽ ويجهڙائپ هُئس. هو قانوندان، سياستدان ۽ سماجي ورڪر کان وڌيڪ دانشور پڻ هو، کيس ادب ۽ تاريخ تي وڏي دسترس حاصل هئي. سياست ۾ به صرف هڪ ڀيرو يونين ڪائونسل بقا پور جو سال ۱۹۶۵ع ۾ چيئرمين چونڊيو ۽ خوب خدمت ڪيائين. سنڌي ادبي سنگت جو ٻوٽو، جيڪو هن وقت وڌي وڻ ٿيو آهي، اُن جي آبياريءَ ۾، مرحوم تاج محمد ابڙي جو ڀرپور ڪردار آهي. جڏهن ۱۹۵۶ع ۾ جميعت الشعراء سنڌ پاران لاڙڪاڻي ۾ آل سنڌ ادبي ڪانفرنس ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي، تاج محمد صحرائي، رشيد ڀٽي، جمال ابڙي ۽ اياز قادريءَ جهڙا ناميارا اديب شريڪ ٿيڻ آيا ته ان وقت تاج محمد ابڙي، پنهنجي گهر ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي صدارت ۾ سڀني اديبن جو اجلاس ڪوٺائي ميزبانيءَ جا فرائض سرانجام ڏنا. اتي ئي اهو فيصلو ڪيو ويو ته سنڌي ادبي سنگت جي سمورين شاخن جو اجلاس، ڪراچيءَ ۾ گهرائي، مرڪز جي تنظيم ۽ منشور جوڙيو وڃي. اهو ون يونٽ جو اونداهو دور هو ۽ هي فيصلو اُن اونداهي دور ۾ اميد ۽ روشنيءَ جو پهريون ڪرڻو هو. سڄيءَ سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن کي هڪ مالها ۾ پوئي، ون يونٽ خلاف، ادبي جهاد جو آغاز ڪيو ويو ۽ انهيءَ جهاد آخرڪار پنهنجو رنگ ڏيکاريو ۽ وَن يونٽ ٽٽي ويو. ٻڌيءَ جي طاقت اڳيان حڪومت کي گوڏا ٽيڪڻا پيا. اياز قادري لکيو آهي ته، تاج محمد ابڙي، جڏهن لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ قائم ڪئي، ته پاڻ اُن جو سيڪريٽري ٿيو، اُن حيثيت سان پاڻ ”تجر باغ“ لاڙڪاڻي ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ڏهاڙو اهڙي ته شاندار انداز سان ترتيب ڏنائين، جو ڏسڻ وارا واهه واهه ڪرڻ کانسواءِ رهي نه سگهيا، ڇاڪاڻ جو هِن کان اڳ لاڙڪاڻي ۾ شاهه سائينءَ بابت ايڏو وڏو ميڙاڪو ڪو نه ٿيو هو. اهو سندس لطيف سرڪار سان محبت جو ثبوت آهي. تاج محمد ابڙو ڪجهه وقت استاد پڻ ٿي رهيو، سائين محمد ابراهيم جويي پنهنجي هڪ مضمون ’تاج محمد مرحوم، منهنجو هم پيشه، هم مشرب ۽ همراز‘ ۾ لکي ٿو ته، ”مون شروع ۽ آخر تائين ماستري ڪئي ته تاج محمد ابڙي به شروع ۾ سهي، پر ماستري ضرور ڪئي. هي ماستريءَ جو منصب به تجربي ۽ مشاهدي ۾ گهڻي اضافي جو سبب بڻجي ٿو ۽ هن جو رنگ تمام پڪو ۽ پختو ٿئي ٿو ۽ ماڻهوءَ کي سڄيءَ عمر جي سڃاڻپ ڏئي ٿو. ماستري، استادي، يعني سِکڻ ۽ سيکارڻ، پڙهڻ ۽ پڙهائڻ، پنهنجي پورهئي مان پرائڻ ۽ اُپت (لاڀ) حاصل ڪرڻ آهي ۽ پوءِ سڀ ڪجهه ڏيئي ڇڏڻ جو اتساهه مون تاج محمد ابڙي ۾ ڏٺو ۽ منهنجي اهڙي طبيعت رکندڙ سڀني ساٿين ۽ دوستن ۾ تاج محمد کي پاڻ کان چار رتيون بدرجه اُتم ۽ ڪثرت سان ڏٺم.“ سنڌ جو هي برک اديب، وڪيل، دانشور ۽ سماجي خدمتگذار، سنڌين جو هڏ ڏوکي، سن ۱۹۸۵ع ۾ سيشن جج جي عهدي تان رٽائر ٿيو ۽ ۱۰ مارچ ۱۹۸۶ع تي دل جي دوري سبب هِن فاني دنيا کي الوداع چئي ابدي دنيا ڏانهن روانو ٿيو. کيس سندس اباڻي قبرستان لاڙڪاڻي ۾ دفنايو ويو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو شوڪت حسين شورو تاج محمد ابڙو استاد، صحافي، سياستدان، سوشلسٽ، وڪيل ۽ جج هجڻ سان گڏ پنهنجي ذات ۾ هڪ انجمن ۽ يار ويس شخص هو. سندس جنم ۸ آگسٽ ۱۹۲۴ع تي تعلقي شهدادڪوٽ، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. هن ۶۲ سالن جي عمر ۾، ۱۰ مارچ ۱۹۸۶ع تي، دل جي دوري پوڻ سبب، وفات ڪئي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي ۱۹۴۷ع ڌاري ايل ايل بي پاس ڪري، لاڙڪاڻي ۾ شمس الدين ابڙي وڪيل جو پارٽنر ٿي، وڪالت جي پيشي جي شروعات ڪئي. کيس سياست سان تمام گھڻي دلچسپي هئي. هو سوشلزم، ڪميونزم جو نظريو رکندڙ هو. ان ڪري هن سنڌ جي، وڌ ۾ وڌ ڏتڙيل ۽ پوئتي پيل پيل طبقي، هارين جي لاءِ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. هارين کي سجاڳ ڪرڻ جي شروعات ڄيٺمل پرسرام ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ڪري چڪا هئا. تاج محمد ابڙي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، غلام محمد لغاري، قاضي فيض محمد ۽ ٻين ڪيترن ئي دوستن سان گڏجي، هارين کي سندن حقن ڏيارڻ جي لاءِ جاکوڙ ڪئي. لاڙڪاڻي جي سياستدانن مان قاضي فضل الله ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي سان هن جا گھرا تعلقات هئا. ڪراچيءَ ۾ رهڻ دوران اسسٽنٽ ايڊيٽر جي حيثيت سان پڻ ڪم ڪيو. کيس ۱۹۷۲ع ۾ ائڊيشنل سيشن جج مقرر ڪيو ويو ۽ ۱۹۷۸ع ڌاري، کيس ترقي ڏيئي، سيشن جج بنايو ويو. جج بنجڻ کان پوءِ به ھو، پنهنجي سياسي ۽ ادبي سنگت ساٿ سان، ڪچهريون قائم رکندو آيو. کيس ادب سان بيحد چاهه هو. لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت جي شاخ قائم ڪيائين ۽ ان جي طرفان ۱۹۶۵ع ڌاري، شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي ورسي شاندار نموني سان ملهائي وئي. هن جا سنڌيءَ جي ڪيترن ئي اديبن سان دوستاڻا ناتا هئا، جن ۾ محمد ابراهيم جويو، سوڀو گيانچنداڻي، جمال ابڙو، اياز قادري، رسول بخش پليجو، تنوير عباسي، رشيد ڀٽي، انيس انصاري وغيره شامل آهن. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي ذاتي لائبريريءَ ۾، ادب کان وٺي علم جي هر شاخ تي ڪتاب موجود هئا. اها شاندار لائبريري سندس پونئيرن سنڌ الاجي کي عطئي طور ڏني. جتي سنڌ الاهي لائبريريءَ ۾ ’تاج محمد ابڙو ڪارنر‘ قائم ٿيل آهي. (روزانه ڪاوش ۱۰ مارچ ۲۰۱۱) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سنڌ جو خاموش خادم امان شيخ تاريخ پڙهڻ، ان منجهان رهنمائي حاصل ڪرڻ ۽ لاڀ پرائڻ کي مان پنهنجي زندگيءَ جي مکيه مقصدن ۽ مرادن منجهان سڀ کان مٿانهون ۽ مقدس سمجهندو آهيان، ڇوته حقيقي تاريخ کي انسان ذات جو هڪ محفوظ رڪارڊ سمجهندو آهيان، جنهن ۾ انسانيت جون چڱايون، ڀلايون، مندايون، ڪچايون، ڦڪايون ظاهر ظهور ملنديون آهن. ائين کڻي چئجي ته تاريخ انساني اوسر ۽ واڌاري جو رڪارڊ آهي. اهو رڪارڊ جيڪو انسان ذات جي جدوجهد ۽ ترقيءَ جو رڪارڊ هجي، جيڪو انساني شعور، سمجهه ۽ سچائيءَ کي ماڻهپي ۽ محبت سان ڳانڍاپي ۾ رکي سگهي. انهيءَ سموري ڪار گذاريءَ ۾ اٿل پٿل جو ڪاريگر ۽ ڪرشمه ساز پاڻ حضرت انسان جي ذات آهي ۽ اهڙا انسان ئي تاريخ ۾ ٻهڳڻ ۽ شاندار هستيون بڻجي رهنمائيءَ جو ڪردار ادا ڪندا آهن. اهي انسان تاريخ جي وهڪري ۾ اونها ۽ عميق هوندا آهن. اهي تاريخ جا خاموش، لائق ۽ وفادار سپوت ليکي سگهجن ٿا، جيڪي ماٺ ميٺ ۽ چپ چاپ ۾، بنان ڪنهن نالي وڌائڻ جي، انسان ذات، سو به پيڙهيل انسانن جي خدمت چاڪريءَ ۾ پاڻ لاءِ سُڪون ۽ پنهنجي سڦلتا سمجهندا هجن. اهڙا املهه ماڻڪ انسان گمناميءَ ۾ غائب ٿيل هجن، پر انهن کان سواءِ انسانيت جي تاريخ اڻ پوري چئي سگهجي ٿي. اهڙو هڪ بي بها عظيم انسان مون پنهنجين اکين سان ڏٺو، جيڪو انساني گڻن ۽ خوبين جو ته ڳٽڪو هو، پر ان سان گڏوگڏ لاڙڪاڻي ساهه سيباڻي جي ماضيءَ جي شام جي آخري جهلڪ هو، جتي وڻ وڻ جي ڪاٺي گڏ اچي ٿيندي هئي. لاڙڪاڻي جي شام جي آخري جهلڪ، انساني خوبين جو ڳٽڪو ۽ تاريخ ۾ خاموش ۽ وفادار سپوت لاڙڪاڻي جي ليکي ۾ نالو کڻبو ته امالڪ چئي سگهبو ته اهو سائين تاج محمد ابڙو هو. لاڙڪاڻي جي انهيءَ شام جي دؤر ۾ جنهن ماڻهوءَ جي اوتاري تي مون شاعر، اديب، دانشور، سياستدان، قومي ڪارڪنن ۽ ڪامورن تائين سڀني کي گڏ ٿيندي ڏٺو، مون حياتيءَ جي ڊوڙ ۾ ڳچيءَ پٽ تائين اختلاف رکندڙ هستين کي يڪجا ٿيندي ڪنهن هنڌ ڏٺو، ته اهو هو لاڙڪاڻي جي شام جو آخري اوتارو يعني سائين تاج محمد ابڙي جي اوطاق. مان ته انهيءَ اوتاري کي پاڻ لاءِ هونئن به ڀاڳ وارو ليکيان ٿو، جتي مون نه رڳو سياسي ميدان ۾ پنهنجي ديس جي گرن گنجن ۽ اٻوجهه انسانن سان ڀائپيءَ جو درس سکيو، پر سموري انسان ذات سان محبت جو پيچ پائڻ پرايم. انهيءَ اوتاري تي مون ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ، ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ، مولوي نذير حسين، ڪامريڊ جمال الدين بخاريءَ، حاجي محمد پيرزادي کان وٺي اياز قادري، سيد خادم حسين شاهه، ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌيءَ ۽ کوڙ سارين لائق هستين سان روح رهاڻيون ڪيون. انهيءَ اوتاري تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو به شام جو جهڪي هڻي اچي ويهندو هو، جنهن سان ڊگها ۽ اڻ کٽ بحث ٿيندا هئا. اسان گهڻو ڪري قوم پرستيءَ جي رءُ تي، ته وري ڀٽو صاحب اقتدار وسيلي سڀني مونجهارن کي نبيرڻ جو طرفدار رهيو. بهرحال انهيءَ سموريءَ ڪايا پلٽ جو مرڪز سائين تاج محمد ابڙي جي اوطاق يا اوتارو هو، ڇوته سائين تاج محمد ابڙو سنڌ جي روايتن ۽ انسانيت جي روشن پهلوئن جو امين هو ۽ انهيءَ روشن پهلو جو هڪ مکيه نقطو هو، هن وٽ محبت جو هڪ اڻ کٽ سلسلو هو، جنهن هيترا سارا عظيم انسان هڪ جاءِ تي گڏ ڪيا هئا، جنهن لاءِ چئي سگهجي ٿو ته: ”تنهن عشق کي شاباس، جنهن محبتي ميڙيا“. لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو، منهنجي جنم ڀومي، سياسي لحاظ کان سنڌ جي جفادري سياستدانن، معتبر وڏيرا شاهي ۽ ورهين کان قابض سياسي بازيگرن جو مرڪز رهيو آهي. ان ۾ سائين تاج محمد ابڙو هڪ اهڙي دؤر جو نمائندو هو، جيڪو پنهنجي بنيادي نقطي تان ڦرڻ جو ويچار ڪري به نه پئي سگهيو. ان ڪري سائين تاج محمد ابڙو سنڌ جي روايتي جهلڪ جي آخري شام به هو ته هڪ اهڙي دؤر جو نمائندو به هو، جنهن جي ڀيڄ ڀني ٿيڻ جي ابتدا ٿي رهي هئي. ان ڪري تاريخ جي هن خاموش ۽ وفادار سپوت سان انصاف تڏهن ٿي سگهندو، جڏهن سنڌ جي گود ۾ دائمي طور ستل اڏول انسان جي خوبين کي انسانيت جي ڪسوٽيءَ تي پرکڻ وارو سمو ايندو ۽ انهن انسانن ۾ سائين تاج محمد ابڙو مٿانهون ۽ مانائتو نظر ايندو. مان هينئر به لاڙڪاڻي جي شام جي آخري جهلڪ واري اوتاري، پنهنجي سياسي سکيا جي اوطاق وٽان لنگهندو آهيان، پر اکيون کڻي تڪڻ جي همٿ ساري نه سگهندو آهيان، ڇوته: ”هنڌ اهي ماڳ، جَت نه رهيا جُوءِ ۾“ (روزانه ڪاوش، عوامي آواز، جاڳو، هلال پاڪستان، پڪار، آفتاب ۽ مهراڻ) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سنڌ جو سجيلو سپوت يوسف لغاري سائين تاج محمد ابڙو صاحب لاءِ ٻه اکر لکڻ منهنجي لاءِ اعزاز آهي، پر اهو نڀائي سگهندس يا نه؟ انهيءَ جو فيصلو ته سندس دوست، ساٿي ۽ نظرياتي دوست ئي ڪري سگهندا. ان زماني ۾ جڏهن سنڌ تي ڏاڍ جا بادل پيا لامارو ڏيندا هئا، ڪجهه سنڌ جا سڄڻ، حيدر بخش جتوئي، جي ايم سيد، غلام محمد لغاري ۽ سوڀو گيانچنداڻي جيلن جي حوالي ته باقي ويچارا پاڻ نڀائڻ ۾ پورا. اهڙي ڪاري دؤر ۾ سنڌي ادبي سنگت ۽ ترقي پسند دوست، ويچارا ۽ بيوس هوندي به جاگيرداري، آفيسر شاهي، نوڪر شاهي ۽ صوبيدار شاهي جي خلاف پيا لڇندا هئا. سائين تا ج محمد ابڙو به انهن سنڌ جي سڄڻن مان هو، جيڪي سنڌ لاءِ پيا اٿندي ويهندي اڻهي سوچيندا هئا. حقيقت ۾ سنڌ جي تاريخ سياسي توڙي ثقافتي انهن دوستن ۽ ڪامريڊن کانسواءِ نامڪمل هوندي سائين تاج محمد جڏهن ۱۹۷۶ع ۾ سيشن جج ٿي ميرپورخاص ۾ آيو ته مون کي اڳئين به وڌيڪ برجستو ۽ پيارو محسوس ٿيو، پاڻ چوندو هو ته پهرين نه رڳو سنڌ جي ماڻهن کي انصاف نٿو ملي اهو پيو سوچيندو هئس، هاڻ ته اهو بارُ مٿي تي اچي پيو اٿم، شال نڀائي سگهان! اُن پنهنجي عهدي سان به نڀايائين ته اُن سوچ سان به نڀايائين. وطن، ڌرتي، ادب، ثقافت،، ٻوليءَ ۽ سچ سان کيس دل هوندي هئي. ياري نه رڳو رکي سگهندو هو پر نڀائڻ به ايندي هيس. مون کيس هن ملڪ ۾ هڪ ترقي پسند سوشلسٽ خيالن جو حامي ۽ ڌرتيءَ جي مسڪين ماڻهن جو حامي ڏٺو. دوستي ۽ مهمان نوازي سندس عادت بنجي چڪي هئي. ڪنهن به ڳالهه تي منطق کانسواءِ اعتبار نه آڻيندو هو. جيتوڻيڪ پاڻ دل ۽ ذيابيطس جي عارضي ۾ مبتلا هو پر اها بيماري سندس لاءِ وڏي بيماري ڪانه هئي، پنهنجي بيماري کان وڌيڪ سنڌ جي مسڪين ماروئڙن، ڏتڙيل ماڻهن، مظلومن جي لاءِ پيو پچرندو هو. ’’اسين ته وياسين گذاري ايندڙ نسل جو ڇا ٿيندو؟‘‘ هر دوست کان سندس سوال هوندو هو. جيتوڻيڪ پاڻ اسان وٽ موجود نه آهن پر هن موجوده دؤر جي سجاڳي ۽ شعورآڻڻ ۾ سندس ڪافي حصو رهيو آهي ۽ سندس نالي کان سواءِ سنڌ جي سياسي ادبي ۽ شعوري جدوجهد جي ڳالهه نامڪمل هوندي، جڏهن به ڪنهن دوست سنڌ جي سجاڳي ۽ شعور تي لکيو ته سندس نالو پهرين شعور آڻيندڙن ۾ هوندو. وقت ڪنهن جو ساٿ ڪونه ڏيندو آهي پر وقت سائين تاج محمد جهڙن جاکوڙي ۽ شعوري انسانن جي اڳيان مجبور به ته هوندو آهي ۽ سندس جدوجهد کي سدائين پيو نوڙي سلام ڪندو آهي. سائين تاج محمد وقت کي به هارائي ڇڏيو ۽ پنهنجي سچائيءَ، ايمانداريءَ ۽ شعوريءَ جدوجهد ذريعي پاڻ کي امر بڻائي ڇڏيو ۽ ايندڙ نسل لاءِ مشعل راهه ٿي ويو. (روزانه سوڀ، ڪاوش، هلال پاڪستان، عبرت، سچ، عوامي آواز) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سندس منزل - انقلاب جي منزل ڄام ساقي تاريخ انهن کي ڪڏهن به فراموش ناهي ڪندي، جيڪي ماڻهو خود تاريخ کي مرتب ڪندا آهن. معاشري ۾ هي ماڻهو ڪوبه ڪم مانَ مرتبي حاصل ڪرڻ لاءِ ناهن ڪندا، پر ان ڪم ۽ محنت، جدوجهد کي مڃتا سان نوازڻ معاشري جي مجبوري بڻجي پوندي آهي. ان فرد جي هر تخليق معاشري ۾ تبديلي جو باعث بڻجندي آهي، پر معاشري تي مسلط خيالات، حڪمران طبقي جا قدر، عام رواجي اخلاقيات ان فرد مٿان هر پل جبر طور لاڳو ٿيندا رهن ٿا، پر بغاوت جي عمل ۾ هي جبر اُن ماڻهو جي ارادن ۽ نظرين ۾ اڃا به طاقت پيدا ڪندا آهن، ته هو معاشري مان انهيءَ غلاظت کي ختم ڪري، هر جبر کي چئلينج ڪري ۽ عام عوام کي خوشحالي جي ضمانت ڏياري. ائين هن خطي به عظيم ذهن ۽ جدوجهد کي زندگي ارپيندڙ فرد ڏٺا آهن، پر انهن فردن هن خطي جي ڪنهن به اصول تي سودو نه ڪيو ۽ تيزي سان نوان محاذ تعمير ڪندي، انقلابي مقصدن کي پورهيت تائين پهچائيندي هڪ سوشلسٽ تبديلي لاءِ هن طبقي کي متحرڪ ڪندا رهيا. ائين ۸ آگسٽ ۱۹۲۴ع ۾ هڪ انقلابي جو جنم ٿيو، جيڪو اڳتي گهڻ رخي شخصيت جو حامل رهيو ۽ هي سڀ مثبت رخ ان ساٿي کي اڄ به زنده رکيو اچن، جيڪي شخصي طور تي اڄ اسان سان گڏ ناهن، پر اڄ ان جي سچائي، جدوجهد اسان سان گڏ آهي. اهو هو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو، جنهن جو جنم ته لاڙڪاڻي ۾ ٿيو، پر ان جا آدرش پوري سنڌ توڙي پاڪستان ۾ گردش ڪندي پورهيت عوام لاءِ هڪ رهنمائي جو ڪم ڏيندا رهيا. اڄ ۸ آگسٽ تي ڪامريڊ تاج ابڙو جي سالگرهه آهي. ائين سمجهجي ڪامريڊ تاج جي جدوجهد کي سُرخ سلام پيش ڪرڻ جو ڏينهن آهي. جيئن ته اڄ جون حالتون جنهن ڪيفيت ۾ آهن، اهي هڪ وڏي تبديلي جون گهرجائون آهن. اها تبديلي ڪامريڊ تاج ۽ اسان سڀني گڏجي ڏٺي هئي، پر ان کي منزل نه ملي سگهي. اهي ڏينهن ۱۹۶۷ع، ۱۹۶۹ع جي تحريڪ جا هئا، جڏهن مڪمل پورهيت طبقو ميدان تي لٿل هو. ان عرصي ۾ ڪامريڊ تاج ڪميونسٽ پارٽي ۾ انتهائي سرگرم هو. هيءَ تحريڪ ايوبي آمريت جي دﺂر ۾ شروع ٿي هئي، جنهن نه صرف آمريت، پر سموري سماج جي ملڪيتي رشتن کي به چئلينج ڪري ڇڏيو هو. پوري پيداوار تي قبضو ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو هو. انهيءَ عرصي ۾ ۱۹۵۰ع کان ۱۹۶۰ع تائين ڪامريڊ تاج ڪميونسٽ پارٽي ۾ وڏي جانفشاني سان ڪم ڪندا رهيا. انهيءَ مارڪسي فڪر جي ڪري ڪامريڊ هر محاذ تي سرگرم رهيا. هاري ڪميٽي ۾ رهي ڪري هارين کي وڏي پئماني تي متحرڪ ڪندا رهيا. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سان به گڏجي ڪامريڊ وڏي جدوجهد هلائي ۽ ساڻس گڏ به هوندا هئا. ڪامريڊ تاج محمد هڪ جج جي حيثيت ۾ جج وارو فرض ته نڀائيندا رهيا، پر پنهنجي سڃاڻپ وارو عام سادگي واري زندگي جو طبقو هميشه ساڻس گڏ رهيو. پاڻ وڪالت کي به وڏي زندگي ڏنائون، جنهن ۾ هنن مظلوم پورهيتن جا ڪيس مفت ۾ ڪورٽن ۾ پيش ڪيا ۽ ڪاميابي ماڻيائون. عام طرز جي سادگي هن ڪڏهن به پنهنجي شخصيت کان جدا نه ڪئي. اسين ڍاٽڪي ٻوليءَ ۾ جهونجهار ان کي چوندا آهيون، جيڪو مرڻ کان پوءِ به وڙهي سگهي، پوءِ اها ويڙهه هو پنهنجي تحريرن ذريعي جاري رکي، تنظيم جي ذريعي جاري رکي، اولاد جي ذريعي جاري رکي يا سنگت ساٿ جي ذريعي جاري رکي ته ان کي جهونجهار يا شهيد سڏي سگهجي ٿو. ايشيا ۾ اديبن جي وڏي ۾ وڏي تنظيم سنڌي ادبي سنگت آهي، جيڪا سنڌي ٻوليءَ لاءِ وڙهي ۽ ون يونٽ جي قهري ڪوٽ ڪيرائڻ ۾ ان جو وڏو هٿ آهي. ان سنڌي ادبي سنگت جي قيام جو پهريون ميڙ لاڙڪاڻي ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي گهر ٿيو. ائين ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي ٻاريل لاٽ اڃا تائين ٻرندي اچي. جيستائين سنڌي ادبي سنگت رهندي، ان جا آندل نوان ادبي لاڙا رهندا. ڪامريڊ تاج محمد کي وساري نه سگهبو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جو ڊسٽرڪٽ سيشن جج هجڻ هن جي انقلابيت کي ماٺو ڪري نه سگهيو هو. سُٺا ۽ نوان ڪتاب پڙهندو ۽ پڙهائيندو هو ۽ سياسي روپوش ساٿين کي بنا کٽڪي گهر رهائي سگهندو هو. آءٌ به ضياءَ حڪومت جي ڏينهن ۾ وٽس ڪافي دفعا ويس. مالي مدد توڙي ماني ٽڪي کان سواءِ ڪڏهن به وڃڻ نه ڏيندو هو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو هاري ڪاميٽي جي ڏينهن ۾ پارٽي جو ڪُل وقتي انقلابي ساٿي به رهي چڪو هو. هن جي ڪمينٽمينٽ ۾ ڪڏهن به ڪمي ڪانه آئي. هُو سنڌي ادبي سنگت جو بنياد رکڻ وقت توڙي سياسي روپوش ساٿين کي ترسائڻ جي خطرن کان به ڀلي ڀت واقف هو، پر پوءِ به اهو سڀ ڪجهه ڪندو هو. سائين تاج محمد ابڙي کي اڃا تائين نه مرحوم لکڻ جي همٿ اٿم ۽ نه ئي سائين کي ڪڏهن تاج محمد سڏيم. اسين گهڻو جونيئر هوندي به سائين کي ”سائين تاج“ ئي سڏيندا هئاسين. سائين سنڌي ادبي سنگت هجي يا هاري ڪاميٽي، شاگردن جي سرگرمي هجي يا سنئين سڌي انقلابي هلچل، اسان کي هميشه ۽ هر طرح همٿائيندو رهيو. دنيا جي تازي ۾ تازي انقلابي ۽ سياسي لٽريچر هٿ ڪرڻ، پڙهڻ ۽ نوجوان دوستن کي پڙهائڻ جي ڪوشش ۾ سدائين رڌل هوندو هو. جهڙو هو صورت ۾ سهڻو ۽ سيرت ۾ صادق، اهڙو ئي محبت ۽ مڻيا وارو مانجهي مڙس هو. تمام ٿورن ماڻهن کي خبر هوندي ته هن مزدورن جي يونينن کي منظم ڪرڻ ۾ لاڙڪاڻي ليول تائين ۽ سنڌ هاري ڪاميٽي کي منظم ڪرڻ لاءِ سنڌ سطح تي ڪوششون به ڪيون ۽ هميشه وس آهر مدد به ڪئي. هاڻي سندس صالح اولاد پٽ توڙي نياڻيون سنگت ۽ ادب جي ذريعي هر جدوجهد ۾ شامل آهي ۽ تا دنيا رهندو. تڏهن ئي اسين هن کي صحيح معنيٰ ۾ جهونجهار چئي سگهون ٿا. چوندا آهن ته ماڻهو جي شخصيت جو دارومدار ان ماحول تي به هوندو آهي، جنهن ۾ هو پيدا ٿيندو آهي. ائين ڪامريڊ تاج جي پيدائش جنهن وقت ۾ ٿي، ان وقت روس اندر هڪ سوشلسٽ انقلاب به ٿي چڪو هو، جنهن جا اثرات هن برصغير تي به وڏي پئماني تي پيا هئا. اهو مارڪسي فڪر ۽ انقلاب ڪامريڊ تاج محمد ابڙو کي به ننڍپڻ کان ئي متاثر ڪندو رهيو. تنهن ڪري ئي ڪامريڊ پنهنجي وابستگي پورهيت طبقي سان هميشه برقرار رکي. پاڻ لاڙڪاڻي جي اندر سياسي، ثقافتي، ادبي سرگرمين ۾ به سرگرم رهيا، بلڪه اڳواڻي به ڪندا رهيا. لاڙڪاڻي اندر سنڌي ادبي سنگت جو بنياد رکندڙ به ڪامريڊ تاج هيا. ڪامريڊ هن سنگت جا جنرل سيڪريٽري به رهيا ۽ ادب ۾ تعلق کي اجاگر ڪندا رهيا. شاعري، نثر، نظم ۾ به پورهيت طبقي جي حالتِ زار جي ترجماني ڪندي ان کي وڌيڪ نکاريندا رهيا. ڪامريڊ تاج ۱۰ مارچ ۱۹۸۶ع کان ۱۹۸۳ع جي ايم.آر.ڊي تحريڪ به عروج تي هئي، جنهن ۾ پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن به وڏي قربانين سان آمريت کي چئلينج ڪيو. هڪ عظيم جدوجهد جو آغاز ڪيو، هيءَ جدوجهد به ڪامريڊ تاج لاءِ انتهائي اهم هئي، جنهن ۾ ڪامريڊ جو ڪردار آخري ڏينهن ۾ به رهيو، پر مجموعي تبديلي نه اچي سگهي. نظام اهو ئي رهيو، حالتون بدستور خراب ٿينديون رهيون. انهيءَ جو ڪارڻ ڪا مضبوط نظرياتي پارٽي نه هئي، جنهن جو ادراڪ ڪامريڊ تاج به رکيو پئي، پر ڪامريڊ جي زندگي اجازت نه ڏني، نه ته هيءَ کوٽ به ڪنهن نتيجي تي پهچي ها. ڪامريڊ تاج جو مقصد رائيگان ناهي ويو، ڇو ته ڪامريڊ تاج جيڪي حالتون ۱۹۵۰ع ۾ محسوس ڪيون، ۱۹۷۰ع کان ۱۹۸۰ع تائين ڏٺيون، اهي اڄ به موجود آهن. اهي آدرش اڄ جا نوجوان اڄ به سانڍيو اچن، جيئن مٿي جنهن تحريڪ جو ذڪر ڪيوسين، ان تحريڪ چيئرمين ذوالفقار علي ڀٽي کي به پيپلز پارٽي جي صورت ۾ نمودار ڪيو هو. اهي ۱۹۶۷ع کان ۱۹۶۹ع جي تحريڪ جا ڏينهن هئا، جنهن پاڪستان پيپلز پارٽي کي هڪ سوشلسٽ سماج جو منشور ڏيڻ تي مجبور ڪيو ۽ ڀٽي صاحب جي قيادت کي پيش ڪيو ۽ وڏي ڳالهه ته انهيءَ پروگرام جي ڪري ڀٽي صاحب ۽ ڪامريڊ تاج جي گهري وابستگي رهي ۽ دوستي به، جنهن ۾ هن خطي جي حالتن تي کوڙ سير حاصل بحث به ٿيا. ڀٽي صاحب ۽ ڪامريڊ تاج جو سفر به هڪ ئي رستي تي ٿيو، جنهن رستي تي پورهيت، هاري، شاگرد، نوجوان موجود هئا. ڪامريڊ تاج هڪ ئي وقت هڪ سياستدان، اديب، دانشور، وڪيل، جج ۽ هڪ عام انسان به هو، جنهن پنهنجي عمر جو وڏو عرصو جدوجهد کي ارپيو. ڪامريڊ جو مؤقف طبقاتي هو. هر مسئلي جو حل به ڪامريڊ تاج طبقاتي نظر سان ڏسندا هئا. اڄ ۸۶ هين سالگرهه هيءَ نويد ڏئي ٿي ته سماج کي تبديل ڪجي. ڪميونسٽ پارٽي گهڻن ئي مسئلن جو شڪار رهي ۽ ڪامريڊ تاج جهڙا ڪردار مسئلن جو شعور رکندي درست واٽ تي هلندا رهيا. ان واٽ جي چونڊ اسان سڀني ڪئي سين، جنهن ۾ تڪليفون به آيون، نظرين سان جٺ ٿيندي به ڏٺي سين، ماحول ۾ انقلاب کي ايندي به ڏٺوسين، پر منزل اڌوري ئي رهي، تنهن ڪري ڪامريڊ تاج محمد جي وابستگي ڪنهن ڪميونسٽ ليڊر سان ايتري نه رهي، جيتري ڀُٽي سان رهي. ان جو واحد سبب پيپلز پارٽي جي عوام ۾ حمايت هئي، بلڪه هڪ روايت بڻجي چڪي هئي، پر پيپلز پارٽي انهيءَ عوامي حمايت جو ادراڪ نه رکي سگهي، جنهن ڪارڻ ڀٽو صاحب کان وٺي بينظير تائين قربانين جو سلسلو جاري رهيو. هاري ڪميٽي ۾ تاج جون خدمتون اڄ به هارين لاءِ مشعلِ راهه آهن. سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي ۾ جيڪي پير پاتا، اهي به ڪامريڊ تاج جون سرگرميون هيون. هڪ انسان ايترو ڪجهه به ڪري سگهي ٿو، اهو اندازو لڳائڻ لاءِ ڪامريڊ تاج ابڙو کان وڌيڪ مثال مشڪل سان ملندو. هونئن به ڪنهن جي وڃڻ سان ڪو گڏجي ناهي ويندو، پر ان سان گهاريل ڏينهن ۽ قربانيون ڪڏهن به ناهن وسرنديون. اهي هميشه ساٿين جي ذهنن تي زنده رهن ٿيون. ڪامريڊ تاج سميت کوڙ انقلابين جي جدوجهد جاري آهي. اها تيستائين رهندي، جيستائين ظالم، مظلوم، امير، غريب، مزدور، سرمائيدار رهندو. انهيءَ لاءِ زندگي سڀ گذاريندا آهن، پر ڪي ڪي ماڻهو زندگي انقلاب کي، جدوجهد کي ارپيندا آهن. انهن مان ڪامريڊ تاج محمد ابڙو به هڪ آهي. روس انقلاب جي عظيم ليڊر ليون ٽراٽسڪي، ڪامريڊ تاج جهڙن لاءِ ئي لکيو هو ته: ”زندگي گذارڻ آسان ناهي، جيستائين انسان وٽ ڪو عظيم مقصد نه هجي، جيڪو انسان کي نيچ پڻي کان، ذلت کان بلند ڪري.“ انسان ڪٿي نه ڪٿي مري وڃي ٿو، کپي وڃي ٿو، جهڪي وڃي ٿو، وڪامجي وڃي ٿو، تنهن ڪري ڪامريڊ تاج محمد جا مقصد هر شيءِ کان مٿانهون هيا، جيڪي پوري تاريخ ۾ هميشه روشن مقام تي رهندا. (روزانه سوڀ، هلال پاڪستان، عبرت، سچ، عوامي آواز، سنڌ، هلچل، سنڌو، پڪار، سڪار) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سنڌ جي ناقابلِ فراموش شخصيت عبدالغفور ڀرڳڙي تاج محمد ابڙو ۱۹۲۴ع ۾ ڄائو. قمبر، لاڙڪاڻي ۽ ڪراچيءَ ۾ تعليم ورتائين. مون کان اٽڪل ٽي سال ننڍو هو. مان کيس شاگرديءَ جي دؤر کان سڃاڻيندو هوس. مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ پُرجوش بهرو ورتائين. ان وقت هندستان جا نوانوي سيڪڙو شاگرد سياست جي تحريڪ ۾ هئا. ڀلا اهڙي وقت ۾ تاج محمد ابڙو ڪٿي پئي سياست کان ٻاهر رهي سگهيو! ۱۹۴۷ع ڌاري لاڙڪاڻي ۾ وڪالت شروع ڪيائين. اوائل ۾ مرحوم شمس الدين ابڙي سان گڏ ڪم ڪيائين، جو لاڙڪاڻي ضلعي جو مشهور فوجداري وڪيل هو. ڪجهه عرصي بعد الڳ ٿي ڪم ڪيائين. سندس وڪالت اڪثر ڪري فوجداري ڪيسن سان تعلق رکندڙ هئي، مگر ائين هرگز نه آهي ته سول قانون کان اڻڄاڻ هو. ڪيترن موقعن تي هُو سول ڪيس به هلائيندو هو ۽ ڪاميابيءَ سان هلائيندو هو، مگر فوجداري معاملن تي وڌيڪ دسترس هيس. هو وڏيءَ سنگت ساٿ وارو انسان هو. پئسي سان پيار به گهٽ هيس. تنهنڪري دوستيءَ ۾ ڪيترا ڪيس مفت ۾ کڻندو هو. جيڪا ڪمائي هوندي هيس، سا گهڻي قدر مهمان نوازيءَ تي خرچ ڪندو هو، تنهنڪري بچت ڪانه هوندي هيس. هن ۾ اها وڏي خوبي هوندي هئي جو اصيلن کي نه غلط مشورا ڏيندو هو، نه وري اجايا ڏٽا ۽ نه ئي ڪوڙا دلاسا ئي ڏيندو هو. سندس هٿ آئيني جيان صاف رهيا ۽ پنهنجي عزت ڀرئي ڌنڌي کي ڪوبه داغ لائڻ ڪونه ڏنائين. جج: جڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو وزيراعظم ٿيو، ته کيس سيشن جج مقرر ڪيو ويو. سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ رهيو. ڪافي وڪيل ۽ سياسي ورڪر ۽ ليڊر هر شهر ۾ سندس دوست هئا. عدليه ڪنهن به ملڪ جو اهم ترين ٿنڀو آهي ۽ ويچارا مظلوم ٻين سڀني کاتن ۽ وڏن ماڻهن جي زيادتين کان پناهه لاءِ عدليه جو دروازو کڙڪائيندا آهن. تاج محمد ابڙي پنهنجي ججيءَ دوران فرض ادائيءَ ۾ ڪوتاهي ڪانه ڪئي. ڪنهن کان به مرعوب ٿي يا ڪنهن به لالچ ۾ اچي يا سفارش جو شڪار ٿي، بي انصافي نه ڪيائين، جيڪا مون کي ذاتي ڄاڻ آهي. هُو انهن سڀني ڳالهين کان تمام گهڻو مٿانهون رهيو ۽ نه وري ڪنهن کي جرئت ئي ٿيندي هئي جو کيس ڪو آڇ ڪري سگهي. البته اها ٻي ڳالهه آهي، جو ڪنهن ساده لوح ڌر ڪنهن جي وڪڙ ۾ اچي پاڻ ڦرايو هجي. جج جي حيثيت ۾ مسٽر تاج محمد ابڙو ڌرين خواهه وڪيلن سان تمام سٺي نموني پيش ايندو هو ۽ ڪنهن کي به شڪايت ڪانه هوندي هئي. هو سڀني کي غور ۽ صبر سان ٻڌندو هو. حقائق ۽ قانوني پوزيشن تي پوري غور بعد ئي فيصلو ڏيندو هو. عزت ۽ آبروءَ سان رٽائر ڪيائين، مگر پئسي جي معاملي ۾ ساڳيو ئي غريب رهيو. تاج محمد ابڙي عزت کي دنيا ۽ دولت مٿان ترجيح ڏني. معاشري ۾ مقام: اسان جو معاشرو ڪو سولو معاشرو ته نه آهي. هر قسم جا ماڻهو ان ۾ موجود آهن. اسان وٽ خوشامد، منافقي ۽ ڪوڙ عام جام رهيو آهي ۽ اڃا به ايتري نقصان باوجود اسين سکيا ڪونه آهيون. جيئن ٿڌ تيئن وڌ. تاج محمد ابڙي جو واسطو هر طبقي سان پيو، مگر پاند نه پسايائين، ڪنهن کي نه رنجايائين، نه ڪنهن جي شڪايت ڪيائين. هر ڪنهن سان چڱائي ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين. وٽس تهذيبي اخلاق جا انبار هئا. اٿڻ، ويهڻ جو طريقو ۽ گفتگو جو انداز ڪو هن کان سکي. ڪنهن کي برو ڀلو چوندي مون هن جي زبان مان ڪڏهن به ڪونه ٻڌو. پنهنجي محدود وسائل باوجود هن مهمان نوازيءَ جا فرض خوب بجا آندا. جيڪڏهن سرمائيدار هجي ها ته سخاوت جو وڏو ڌاڪو ڄميس ها. مگر هن عوامي ۽ سچائيءَ واري زندگي بسر ڪرڻ مناسب سمجهي. فقير راهه نشين است ودل غني دارد (دل جو غريب نه هو مگر غني هو.) ذهانت ۽ مطالعو: تاج محمد ابڙي جهڙا ذهين انسان مون پنهنجي حياتيءَ ۾ ڏاڍا گهٽ ڏٺا آهن، مگر هن ۾ جيڪا ڪمي مون محسوس ڪئي، سا اها هئي جو هن پنهنجي گهري مطالعي ۽ ذهانت جو مظاهرو ۽ نمائش ڪانه ڪئي. سندس معلومات وسيع هئي. سندس ذهن تعميري هو ۽ سندس مطالعو سطحي نه هو. جيڪڏهن ڪو ساڻس خيالن جي ڏي وٺ ڪري ها ته ان کي پتو پوي ها ته تاج محمد ابڙو نه صرف پڙهيو هو، پر ڪڙهيو به هو. هن کي نه صرف ڪتابي علم هو، پر کيس زماني جو عملي تجربو به هو. هن زندگيءَ ۾ سرديون، گرميون ۽ لاها چاڙها سڀ ڏٺا هئا، جنهن جي روشنيءَ ۾ هو راهه متعين ڪري سگهندو هو. پر منهنجي نظر ۾ هن جي روشن خياليءَ ۽ اعليٰ ذهانت مان ڪنهن گهٽ ئي فائدو ورتو. هن دؤر ۾ جڏهن هرڪو پاڻ کي ارسطو ۽ افلاطون کان گهٽ ڪونه ٿو سمجهي، اتي ڪنهن کي سمجهائڻ، قبرستان ۾ آذان ڏيڻ جي برابر آهي. اها جدا ڳالهه آهي ته ڪنهن وٽ ايترا وسائل ۽ اهڙا طريقا هجن، جو پنهنجن خيالن جي مشهوري ڪرائي، پاڻ کي جڳ مشهور دانشور سڏائي. پر تاج محمد ابڙي وٽ اهي طريقا هئا ئي ڪونه. لاڙڪاڻي ۾ هو سنڌي ادبي سنگت جو به روح روان هو. سندس علم ۽ عقل مان ڪنهن فائدو نه ورتو. هُو ته بيابان ۾ هڪ خوشبودار گُل هو، جنهن جي سڳنڌ جي سُڌ ٿورن کي نصيب ٿي هوندي. من مثل لالئه صحرا هستم سياست: اگرچه سياست سان سندس گهڻو واسطو هو، تاهم سياست جي افق تي گهڻو اُڀري نه سگهيو. جنهن انسان کي پنهنجا اصول ۽ اقدار پيارا آهن، ان جو گهڻو اسرڻ ڏکيو آهي. جتي سياست ۾ پئسي جي راند هجي، جتي سياست جو ٻيو نالو لالچ هجي، جتي سياست منافقي ۽ بي اصولي هجي، جتي سياست ۾ دلالي ۽ رشوت هجي، جتي سياست ۾ غنڊا گردي ۽ ڊڪٽيٽري هجي، اتي تاج محمد ابڙي جهڙن انسانن جي ضرورت ڪهڙي آهي! تاج محمد ابڙو بنيادي طرح سوشلسٽ ۽ جمهوري خيالن جو زبردست حامي هو. اهو ئي سبب هو، جو هُو هاري ڪاميٽي ۾ ٻين ترقي پسند ٽولن ڏانهن گهلي ويو. اتي هن اصلاح آڻڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ باهمي ڪشيده ليڊرشپ کي ٺاهڻ جي ڪوشش ڪيائين، تاڪه پروگرام کي اڳتي وڌائي سگهجي، پر سندس بهترين ڪوششون به هن سلسلي ۾ ناڪام رهيون. لاڙڪاڻو ضلعو سياسي ليڊرن جي سرزمين رهي آهي، اتي مختلف خيالن جا مخالف سياستدان پئي رهيا آهن. اقتدار جي سياست ۾ تاج محمد ابڙي جي وقت ۾ محمد ايوب کهڙو، قاضي فضل الله ۽ ذوالفقار علي ڀٽو اعليٰ مقام تي رهيا هئا. خاص ڪري ڀٽو صاحب ته هڪ بين الاقوامي ليڊر جي حيثيت اختيار ڪري چڪو هو. مسلم دنيا ۽ ٽينءَ دنيا جو مڃيل ليڊر هو، مگر ٽنهي سياستدانن جي باهمي رقابت ۽ ڪشمڪش جو به سڀني کي اندازو آهي. پر اها ڳالهه وڏي تعجب واري آهي، جو ٽنهي صاحبن سان تاج محمد ابڙي جا تمام گهرا ۽ ويجها تعلقات هئا. شايد ڪو اڻ واقف ماڻهو ائين چوي ته تاج محمد ابڙو هڪڙي جي سامهون ٻئي جي گلا ڪري سرخرو ٿيندو هوندو ۽ فائدن وٺڻ جي ڪوشش ڪندو هوندو. ائين چوڻ حقيقت کان دور ئي ٿيندو. لاڙڪاڻي جي انهن ليڊرن کي چڱيءَ طرح ڄاڻ هئي ته تاج محمد صاحب جا تعلقات سڀني ليڊرن سان هئا. سندس گفتگو ۾ اها مٺاڻ ۽ حقيقت هئي، جو تاج محمد ابڙي جي سچائي ۽ ذهني پختگيءَ کان ڪوبه انڪار ڪونه ڪري پئي سگهيو. ان کان سواءِ هن ڪنهن کان به پرمٽ، پلاٽ، لائسنس ۽ فائدن جي گُهر ڪڏهن به ڪانه ڪئي، تنهنڪري سندس خلوص تي ڪوبه شڪ ڪري ڪونه پئي سگهيو. ڀٽو صاحب تنهنڪري مناسب سمجهيو ته اهڙي ديانتدار، اصول پرست ۽ اهليت رکندڙ شخص کي سيشن جج بڻايو وڃي، تنهنڪري هُو سيشن جج ٿيو. اها حقيقت ٻڌائڻ به ضروري آهي ته ڀٽي صاحب سان گهرا تعلقات هجڻ باوجود تاج محمد ابڙي ۱۹۶۵ع جي صدارتي انتخاب ۾ ايوب خان جي بجاءِ محترمه فاطمه جناح جي مدد ڪئي. مگر هن جي ڪم ڪرڻ جو طريقو پنهنجو هوندو هو. هُو سکڻي ڪُني وانگر ڪونه اڀامندو هو، مگر هن اندران ئي اندران هڪ ڊڪٽيٽر خلاف مقصد حاصل ڪرڻ جو طريقو اختيار ڪيو. شهيد ذوالفقار علي ان وقت وزير هجڻ جي حيثيت ۾ ايوب خان جي مدد ڪئي. بيماري ۽ وفات: تاج محمد صاحب جڏهن جج هو، تڏهن ناچاق رهندو هو. کيس دل جي تڪليف ۽ ذيابيطس جا مرض لاحق هوندا هئا. مون ڏٺو ته هُو کاڌي جي پرهيز به گهڻي ڪندو هو ۽ علاج جاري رهندو هوس، مگر انهن بيمارين کيس نه ڇڏيو. مون کي عجب ٿيندو هو ته پنهنجين بيمارين ۽ تڪليفن جو ذڪر گهڻو ڪونه ڪندو هو. ورنه ڪيترن ماڻهن جي اها طبيعت هوندي آهي، جو تڪليف ده ذڪر شروع ڪري ڏيندا آهن. تاج محمد صاحب وانگر بيمارين باوجود ماڻهن سان خنده پيشاني سان ملڻ هر ڪنهن جي وس ۾ نه آهي، مگر تاج محمد صاحب جي طبيعت ان جي برعڪس هئي، هر ڪنهن سان پنهنجي تڪليف جو ذڪر ڪري مغموم ڪرڻ نه پئي چاهيائين. نيٺ بيماري وڌندي وئي، ڦڪين ڪو فرق نه ڪيو، ڇوته حڪم الاهي ائين ڪونه هو. تون حبيب تون طبيب، تون دارون کي دردن تون ڏئين تون لاهين، ڏاتر کي ڏکندن تڏهن ڦڪيون فرق ڪن، جڏهن امر ڪيو ان کي نيٺ قضا مٿان اچي بيٺي. ڪنهن به ڊاڪٽر جي علاج مان فائدو ڪونه پيو. آخرڪار ۱۰ مارچ تي وڃي پنهنجي حقيقي خالق سان مليو. سنڌ هڪ دانشمند ۽ مهمان نواز دانشور انسان کان محروم ٿي وئي. ڪاش هن موت کي شل موت اچي، جو اهڙن عظيم انسانن کي ايڏو جلد جدا ٿو ڪري. الله تعاليٰ جون مٿس بيشمار رحمتون هجن. (روزانه عوامي آواز، هلال پاڪستان، سنڌ سجاڳ، تعميرِ سنڌ، عبرت) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو هڪ آدرشي انسان ڊاڪٽر غلام علي الانا ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جو نالو سنڌ واسين جي ذهين تان ڪجهه جهڪو ٿي ويو آهي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سچ پچ ته ڪو معمولي ماڻهو نه هو. سندس دوستن ۾ جڳ مشهور شخصيتون شامل هيون، جن ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي، سائين جي ايم سيد، جمال الدين بخاري، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي کانسواءِ خان عبدالولي خان، محترم عطاءَ الله مينگل ۽ حيدرآباد جي امير برادران مير علي احمد خان ٽالپر ۽ ميرل رسول بخش خان ٽالپر جا نالا وڏي فخر سان وٺي سگهجن ٿا. هو پنهنجي زماني جو هڪ مثالي ماڻهو ۽ آدرشي انسان هو، هو هڪ ايماندار جج ۽ هڪ دانشور طور سڄي سنڌ ۾ ڄاتو ۽ سڃاتو ويندو هو. مرحوم سان منهنجي ملاقات، مرحوم ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي صاحب جي اوطاق تي لاڙڪاڻي ۾ ٿي، آءٌ تڏهن سنڌ يونيورسٽي طرفان ٿيندڙ امتحانن جي سلسلي ۾ لاڙڪاڻو ويو هوس، مرحوم کي سنڌو تهذيب جي باري ۾ وڏي ڄاڻ هئي، پاڻ جڏهن مون کي موهن جي دڙي ڏيکارڻ لاءِ وٺي ويو هو. تڏهن هڪ ماهر، سنڌ شناس وانگر سنڌو تهذيب جي باري ۾ تمام گهڻي معلومات ڏنائين. ائين پئي محسوس ٿيو ته موهن جي دڙي جون ڀٽون ڀڙا، ديوارون، ڳليون ۽ ناليون ساڻس ڳالهائي رهيون هيون ۽ هو اهي ڳالهيون مون کي ٻڌائيندو رهيو، هو جڏهن مون وٽ سنڌالاجي گهمڻ آيو. تڏهن مون سنڌالاجي جي مستقبل جي پروگرامن جي باري ۾ کيس ڄاڻي ڏني. جنهن تي هو ڏاڍو خوش ٿيا ۽ سنڌالاجي جي مدد جون وڏيون اُميدون ڏيکاريائون. سندن سياسي سوچ مان محسوس ٿيندو هو ته هو سنڌ جو هڪ سڄاڻ ۽ ڏاهو شخص هو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي صحبت جو مٿس گهرو اثر ٿيل هو، سندس دل ۾ سنڌي قو م لاءِ جيڪو درد ۽ احساس هو، ان مان ائين محسوس ٿيندو هو ته مرحوم چاهي ٿو ته سنڌ جا ماڻهو سستي ڇڏين ۽ پنهنجي وطن لاءِ اڻٿڪ ڪوشش ڪن ۽ سنڌ کي بين الاقوامي درجي ڏيارڻ لاءِ پاڻ پتوڙين. مون کي اها خبر نه آهي ته سندس وڏا ڪير هئا ۽ انهن جي مالي حالت ڪهڙي هئي، پر پاڻ هميشه خوش پوش ۽ خوشحال نظر ايندا هئا. مرحوم ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو چوندو هو ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سنڌ جي نياڻين جي تعليم لاءِ هميشه سرگردان هوندو هو. مرحوم تاج محمد ابڙي هڪ اصول ٺاهيو هو. جنهن موجب هو چوندو هو ته جيستائين سنڌي مائرون اڻ پڙهيل هونديون، تيستائين سنڌي معاشرو نه سُڌري سگهندو ۽ نه ئي وري ترقي ڪري سگهندو. انهيءَ اصول تحت هن سڀ کان پهرين پنهنجي پاڙي جي نياڻين کي تعليم جي زيورن سان سينگارڻ جي مهم شروع ڪئي، سندس انهيءَ جذبي جو ماڻهو به گهڻو قدر ڪيو. ساڻس ساٿ ڏنائون ۽ پنهنجين نياڻين کي پڙهائڻ جو عزم ڪيائون، ڪيتريون ئي نياڻيون پڙهي پيون. انهن مان ڪي ڊاڪٽرياڻيون بڻيون ته ڪي وري ڪاليجن ۽ اسڪولن ۾ استاد بڻيون ۽ ٻين نياڻين کي علم جي نور سان منور ڪيائون. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جيئن اسان سڀني کي معلوم آهي ته هو هڪ صحافي پڻ هو ۽ روزانه الوحيد اخبار جو ڪجهه ڏينهن ايڊيٽر پڻ رهيو، مرحوم هڪ مشهور سماج سُڌار شخصيت به هو، پنهنجي چوڌاري واري سماجي ماحول ۾ رائج اڍنگين ۽ خراب رسمن ۽ برين عادتن کي وڌندو ڏسي پنهنجي هڪ هفتيوار اخبار به ڪڍيائين، جنهن جو نالو رکيائين ”نوجوان“ پر اها اخبار گهڻو وقت هلي ڪا نه سگهي. آءٌ جڏهن اوپن يونيورسٽي اسلام آباد ۾ هوس تنهن زماني ۾ ۱۹۸۵ع ۾ لاڙڪاڻي ويس، ڇاڪاڻ ته مون کي فاصلائي نظام تعليم جي سلسلي ۾ اُتر سنڌ ۾ اوپن يونيورسٽيءَ جو ريجل دفتر ۽ مطالعاتي مرڪز قائم ڪرڻا هئا. ان سلسلي ۾ مون پنهنجي سفر جو آغاز گھوٽڪيءَ کان ڪيو ۽ پوءِ سکر، شڪارپور، جيڪب آباد، خيرپور ۽ آخر ۾ لاڙڪاڻي ويس. لاڙڪاڻي ۾ مرحوم تاج محمد ابڙي سان سندس اوطاق تي ڪافي وقت گذاريو. ٻيا دوست به اتي ئي آيا اسان جي اها ملاقات ڪافي سالن کانپوءِ ٿي هئي، هو مون کي گهڻو نئون نظر آيو، زندگي ۾ ڊگهو سفر ڪيو هئائين. ماستريءَ جهڙي پيغمبرانه ڌنڌي کان شروعات ڪئي هئائين پوءِ وڪيل بڻيو، سياست ۾ سرگرم رهيو، سماجي ڪارڪن رهيو ۽ آخر ۾ سيشن ڪورٽ جو جج مقرر ٿيو. سندس ڳالهين مان ظاهر هو ته هن پنهنجي انهيءَ پوري سفر کي هڪ ڪامياب سفر ٿي تصور ڪيو. هو پنهنجي زندگيءَ مان بيزار اصل نه هو پنهنجي ڪيل پورهئي ۽ ڪمائي تي گهڻو فخر هوس. البته آخري ڏينهن مٺي پيشاپ ۽ دمه جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويو، پر تنهن هوندي به ٿڪو نه هو، همت ڪا نه هاري هئائين، هو دلشڪستو هرگز نه هو، پنهنجي ايماندارانه ۽ بي داغ زندگي تي ناز هوس، هو ڏاڍو مطمئن هو، ان ملاقات ۾ هن مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو هو. اهو تاج محمد ابڙو نه هو جيڪو مون ڪجهه عرصو اڳ ڏٺو هو، هو پنهنجي سر هڪ انجمن هو، هڪ ادارو هو، هو مون کي هڪ صحيح مڻيادار انسان نظر آيو، منجهس ڪئين گڻ هئا جيڪي بکي رهيا هئا. اهڙا ماڻهو مرندا نه آهن، اهي هميشه زنده هوندا آهن، ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جهڙا آدرشي انسان اصل مرندا نه آهن، اهي هميشه زنده رهندا آهن. اهڙن امر انسانن جا ڇڏيل اصول سندن اولاد جي رهنمائي ڪندا آهن. مرحوم جو اولاد به، سندن والد جيان لائق ۽ فائق آهي. منهنجي دعا آهي ته موليٰ ڪريم مرحوم جي اولاد کي پنهنجي لائق ۽ آدرشي پيءُ جي نقش قدم تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي ۽ سندس اولاد کي اها همٿ ۽ سگهه ڏئي ته جيئن اهي به پنهنجي عظيم پيءُ جي اميدن تي پورا رهندا اچن. (روزانه سوڀ، ڪاوش، هلال پاڪستان، عبرت، سچ، عوامي آواز، سنڌ، مهراڻ، مقدمو، هلچل) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو منهنجو دوست، منهنجو ڀاءُ جمال ابڙو چڱن ماڻهن جي کوٽ ڪانهي. علامه دائود پوٽو، تاج محمد ابڙو، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، قاضي فيض محمد، تاج صحرائي، مولوي احمد ملاح ۽ ٻيا اڪيچار، جن مان هرهڪ تي جدا جدا ڪتاب لکي سگهجي ٿو، پر حياتيءَ تي ڀروسو ڪونه اٿم ته ڪو ايڏو وڏو ڪم ڪري سگهندس. تاج محمد ابڙو تمام ذهين ۽ اونهي سوچ وارو ماڻهو هو. هڪڙو تاج محمد ابڙو ئي هو، جنهن سان مان کلي ڳالهائي سگهندو هئس. حالانڪه تاج محمد اسان جو ڪو مائٽ ڪونه ٿي لڳو، پر تعلقات ڀائرن جهڙا هئس. امڙ جي وفات تي تاج محمد ابڙو پهتو ته جنازو روڪرائي چيائين ته: مان منهن ڏسندس، سو کيس منهن ڏيکاريو ويو. امڙ تاج محمد ابڙي سان به اسان پٽن جهڙو پيار ڪندي هئي. تاج محمد ابڙي سان ياراني پڪي هيم، جو مان کاٻيءَ ڌر جي تحريڪن، هاري پارٽيءَ ۽ مزدور يونين ۾ ڪم ڪرڻ لڳس. مون پنهنجي وڪالت جي آفيس ۾ پاڪ سوويت دوستيءَ جي انجمن کولي. اهو آئيڊيا به تاج محمد جو هو ۽ همٿائڻ به ان جو هو. سوويت لٽريچر جي لئبرري به اتي ئي قائم ڪيم. مون تي ايڏو ڀروسو ڪيو ويو، جو ڪميونسٽ پارٽيءَ جون ميٽنگون به اتي ڪيون وينديون هيون. اهو ڪرشمو به تاج محمد ابڙي جو هو. سرڪار مير علي احمد ٽالپر، شيخ اياز ۽ تاج محمد ابڙو ڪتابن جا عاشق هئا ۽ ڪنهن کي به ڪتاب ڪونه ڏيندا هئا. تاج محمد ابڙو، ذوالفقار علي ڀٽي کي ڪافي ويجهو هو ۽ سندس نجي محفلن جو رڪن هو. مون تاج محمد کي چيو ته ڇو نه ڀٽي صاحب کي چئي ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي کي جيل مان آزاد ڪرائجي. تاج محمد کي اها ڳالهه پسند آئي ۽ هن ڀٽي صاحب سان ڳالهايو. ڀٽو صاحب خود ان خيال جو هو ته روس سان لاڳاپا وڌائجن، سو هڪدم هائو ڪيائين. سوڀو گيانچنداڻي جيل مان نڪري گهر آيو. ذوالفقار علي ڀٽي بعد ۾ تاج محمد کي چيو ته هو ڪميونسٽ پارٽيءَ تان بندش لاهي پيو ۽ ڀلي پارٽي کلم کلا پنهنجي منشور مطابق ڪم ڪري. ڀٽي صاحب ائين ڪري به ڏيکاريو، پر پارٽيءَ وارا ٻاهر ڪونه نڪتا. سو ذوالفقار علي ڀٽي، تاج محمد کي چيو ته هاڻي چئه نه پنهنجي دوست کي ته هو ڪميونسٽ پارٽيءَ کي بي ڌڙڪ منظم ڪري. تاج محمد به تمام ذهين ۽ اونهي سوچ وارو ماڻهو هو، سو مون سان صلاح ڪيائين. مون چيو ته بظاهر ته اها ڳالهه ٺيڪ ٿي لڳي، باقي فيصلو ڪامريڊ سوڀو ڪندو. مان ۽ تاج محمد ابڙو ڪامريڊ سوڀي سان سندس ڳوٺ ٻنڊي ملڻ وياسون. ڪامريڊ سوڀي ٺهه پهه جواب ڏنو ته واهه جو ٿا ڏس ڏيوم ته هٿ وٺي سڀ پارٽي ميمبر ۽ ڪارڪن ظاهر ڪري پليٽ تي رکي ڀٽي صاحب کي ڏيان ته جڏهن وڻين، تڏهن کين واڙي جيل ۾ وجهي ڇڏين. اسين ٻئي ماٺ تي وياسون. پنهنجي وزن جو پتو پئجي ويو ته سوڀي گيانچنداڻيءَ جي ڀيٽ ۾ اسين ڇوڪراٽ يا سيکڙاٽ هئاسين. هڪ ٻيو واقعو ياد ٿو اچيم. ٿيو ائين جو حيدر بخش جتوئي جيل ۾ واڙجي ويو. ڪامريڊ عبدالقادر وري چڱو مڙس، نرم مزاج ۽ اختلافي راءِ کي ريٽڻ وارو ماڻهو، انهيءَ صورتحال جو فائدو وٺي هاري پارٽيءَ جي ڪن جوشيلن حقيقت ۾ پاڻ هرتڙن پارٽيءَ اندر سٽل، ڪي پنهنجا من پسند صدر، سيڪريٽري ۽ ٻيا عهديدار چونڊي بالم ٿي ويهي رهيا. مولوي نذير حسين جتوئي به ساڻن شامل هو ۽ عهدو به قبول ڪيو هئائين. پارٽيءَ فيصلو ڪيو ته انهيءَ صورتحال جو توڙ ڪيو وڃي ۽ بلڪل زائل ڪيو وڃي. انهيءَ ڪم لاءِ تاج محمد ابڙي ۽ مون کي ذميواري سونپي وئي. پتو ئي نه پوي ته ڇا ڪجي؟ هنن يارن ڇا ڪيو جو اخبارن ۾ خبرون ڇپائي پاڻ عهدن تي قابض ٿي ويهي رهيا. تاج محمد تمام گهڻو ذهين ماڻهو هو، سو حل ڪڍي آيو. چيائين ته هاري ڪميٽيءَ جي ميٽنگ ۽ ڪاروائيءَ جا من پسند فيصلا لکي هاري حقدار اخبار ۾ ڇپائي ٿا ڇڏيون. انهيءَ جڙتو ميٽنگ جي ڪاروائي، بحث مباحثا ۽ سوال جواب اهڙي نموني لکياسون، جو سود پود سچ ٿي لڳو. هاري حقدار جو پرچو ڇپائڻ لاءِ حيدرآباد هاري آفيس ۾ وڃڻو هو. ڏهه پندرهن روپيا مون کي ۽ ڏهه پندرهن روپيا تاج محمد کي، ريل جي ٿرڊ ڪلاس گاڏيءَ ۾ حيدرآباد لاءِ چڙهي پياسون. تاج محمد چوي ته ڪو مسئلو ئي ڪونهي، سڀاڻي هلنداسون هاري حقدار پريس، اتي فلاڻا فلاڻا منهنجا واقف آهن، بس موادMatter ڪمپوز ڪري هڪ ڏينهن ۾ پرچو ڪڍي ڏيندا. ٻئي ڏينهن صبح جو تاج محمد ۽ مان نيرانو نڪري پياسون. نيرن يا ناشتي جو آسرو به ڪونه هئو. ڀيڙيوسين پيرين پنڌ کي. اچي گاڏي کاتي ۾ حقدار پريس تي پهتاسون ته ٻه ويون ڇهه به ويون. هاري حقدار پريس توڙي آفيس کي تالو لڳو پيو هو. ٻڌايائون ته گورنمينٽ بندش وجهي ڇڏي آهي. چيائين: جمال! ٻيلي ڪا واهه ڪڍ، پرچو ضرور ڪڍڻو آهي. مون کي محترم محمد عثمان ڏيپلائي سمجهه ۾ آيو. انهيءَ جي پريس به ڀرسان ئي کوکر پاڙي ۾ هئي، جتان عبرت اخبار ڪڍندو هو. تاج محمد کي چيم ته هل ته ڏيپلائي صاحب وٽ ٿا هلون. سرهائيءَ سان چيائين ته يار وارو ڪر! ڏيپلائي صاحب وٽ وياسون ته کلي کيڪاريائين. جڏهن احوال ٻڌايوسونس ۽ مدد لاءِ چيوسونس ته بنا للي چپيءَ جي صاف انڪار ڪيائين. چي: اهو بلڪل غير قانوني ڪم آهي، اخبار رڳو اتي ڇپجي سگهي ٿي، جتان سرڪاري طرح ڇپائي Publish ڪئي ويندي هجي. تاج محمد مون ڏي منهن ڪري چيو: ابا ٻڌو؟ چيومانس: ڏيپلائي صاحب! ڪا واٽ ڪڍي ڏيو. گنڀير ٿي چيائين ته: توهان کي اها خبر به ڪانهي ته هاري حقدار پريس توڙي هاري حقدار اخبار تي بندش پيل آهي. اول ته اها بندش لهرايو، پوءِ ڇپائڻ جي ڳالهه ڪيو. مون پڇيو ته بندش ڪير لاهيندو؟ چيائين ته ڊي.سي جنهن کي ڊي.ايم يعني ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ چئبو هو. چيم واهه! واٽ ته نڪري آئي. پڇيم ته ڏيپلائي صاحب! ٻڌاءِ ته ڇا اي.ڊي.ايم (ائڊيشنل ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ) کي به اهي اختيار آهن؟ چيائين: ساڳي ڳالهه آهي، جهڙو هو تهڙو هو. مون کي خبر پئي ته اي ڊي ايم هئو نذير محمد ٽڳڙ جو تمام يار گهاٽو ۽ فيض وارو ماڻهو هو. مان ۽ منهنجو ننڍو ڀاءُ ڪمال ڄڻ ته سندس گهر ڀاتي هئاسين. آياسين ٽڳڙ صاحب وٽ. سڄي ڳالهه چڱيءَ طرح پڇي پڪ ڪيائين. چيائين ته ڪم آهي ته ڏکيو، پر جمال! توکي ڪونه موٽائيندس. چيائين: بندش ڪونه لاهيندس، پر رڳو پرچو ڪڍڻ ڏيندس، سو به بندش پوڻ واري تاريخ کان هڪ ڏينهن اڳ واريءَ تاريخ ۾، پر حڪومت خلاف ڪجهه به نه لکندؤ. اهڙي خاطري ڏياريسونس. مون چيومانس ته هفتيوار اخبار آهي، سو تاريخ ڪابه نه لکنداسون. ٽڳڙ صاحب به دير ئي ڪانه ڪئي، ڪلارڪ گهرائي هڪ ۽ آخري پرچو ڪڍڻ جو اجازت نامو ٽائيپ ڪرائي صحيح ڪري مهر هڻي ڏنائين. تاج محمد ڏس ته بهار بهار پيو ٿئي. آياسون محمد عثمان ڏيپلائيءَ وٽ. کيس اجازت نامو ڏيکاريوسون. حيران ٿي چيائين ته ڪهڙو جادو ڪيوَ؟ پوءِ به اخبار ڇپڻ کان صاف انڪار ڪيائين. ڏيپلائي صاحب! هيءَ ته زور آوري آهي. چيائين ته: نه، قاعدو آهي ته اخبار رڳو اتي ئي ڇپبي، جتان شايع ٿئي ٿي. ڳالهه ته سچي هئي. منٿ ڪئي سونس ته ڪو ڳٿو ڪڍ. اٿيو وڃي هاري حقدار اخبار جو پرچو کڻي آيو. وري انهيءَ ماپ ۽ رنگ جو خالي پنو کڻي آيو. چيائين ته هن خالي پني تي هاري حقدار اخبار جي ڪنهن به سب ايڊيٽر، ڪمپوزر يا ڪارندي کان لکرائي اچو ته هي پرچو هاري حقدار پريس ۾ ڇاپيو ويو. اهو ڪم ڪري اچو ته مان ٿو اخبار ڇاپي ڏيان. تاج محمد ٽڙي پيو، چيائين ته فلاڻو ڪارڪن منهنجو دوست آهي، ان کان بيٺي پير لکرائي ٿو اچان. تاج محمد هڪدم ٽانگو روڪائي حڪم ڏنو ته هل الهداد چنڊ ڳوٺ. جڏهن تلڪ چاڙي مارڪيٽ چونڪ اوريان پهتاسون ته مون ٽانگي واري کي چيو ته هلُ ٽنڊي ولي محمد. تاج محمد جوشيلو ۽ جذباتي ماڻهو هو، سو خار باز اکين سان مون ڏانهن نهاريائين. چيومانس ته ڀائو! خار نه کاءُ، هن مهل ڌرتتيءَ جو ناواقف گهٽين ۾ ڪيترو رلنداسين؟ هلي ٿا آرام ڪريون، ڪم ته ائين ئي سڀاڻي صبح جو ٿيندو. تاج محمد تمام ذهين، سمجهدار ۽ خبردار ماڻهو هو، جهٽ ڳالهه ڀانپي ورتائين. سندس ڪاوڙ ڪافور ٿي وئي. اسان به ننڊ آرام ڪري پوياڙيءَ جو گهربل ماڻهوءَ جي در تي پهتاسون. تاج محمد در کڙڪائي نالو وٺي سڏ ڪيو. اندران ئي ڪنهن پڇيو ڪير؟ تاج محمد نالو ٻڌايو ته هڪ ماڻهو چمڪدار اکين سان، وڏي اڪير سان اچي تاج محمد کي ٻک وڌو. تاج محمد جو واقعي عقيدتمند ٿي ڏٺو. ڇو ڪينَ، نيٺ ته پارٽيءَ جو ڪارڪن هو. تاج محمد کيس ڪم ٻڌايو ته ڇاتيءَ تي هٿ هڻي چيائين ته سرُ به حاضر آهي. خالي پني تي اتي ئي لکي ڏيڻ لاءِ تيار هو، پر چيوسونس ته بهتر اهو آهي ته ڏيپلائي صاحب جي روبرو لکي ڏي. چيائين حاضر، سڀاڻي صبح جو ڏهين وڳي توهان کان به اڳ ۾ عبرت پريس پهچي ويندس. ٻئي ڏينهن عبرت آفيس پهتاسون ته هو شخص (نالو وسري ويو اٿم) اڳ ۾ ئي اتي بيٺو هو. لنگهي وياسون ڏيپلائي صاحب وٽ، جنهن هڪدم ان ماڻهوءَ کي سڃاتو. اخباري دنيا جا ماڻهو هڪٻئي جا واقف ٿين ٿا. ڏيپلائي صاحب هن کان خالي پني تي لکرائي ورتو ته هي پرچو هاري حقدار پريس مان ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. ڏيپلائي صاحب چيو ته شام تائين جيترا به پرچا چئو ڏيان. چيوسونس: پنج سؤ. چيائين: هيترا پيسا لڳندا. پئسا ته اسان وٽ هئا ڪونه، سو مون ۽ تاج محمد صلاح ڪري چيو ته ٻه سؤ پرچا. ڏيپلائي صاحب چيو ته ڪو خاص فرق ڪونه پوندو، توهان کان رڳو پني جا پئسا ٿو وٺان، مزدوري ۽ منافعو ڪونه ٿو وٺان. شام جو کانئس ٻه سؤ پرچا وٺي اسان جو ڳاٽ اونچو ٿي ويو. ڪجهه پرچا حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ نوابشاهه لاءِ پنهنجي دوست هاري ڪارڪن جي حوالي ڪياسون ۽ کين تاڪيد ڪيوسون ته هڪدم ورهائي ڇڏين. دادو، لاڙڪاڻي، سکر، جيڪب آباد لاءِ سؤ کن پرچا پاڻ کڻي روانا ٿياسون. ڏيپلائي صاحب جي صدقي سستي ۾ ڇٽاسون. لاڙڪاڻي پهچي چپ چاپ ۾ راتئون رات پرچا اهم ماڻهن جي گهر پهچائي ڇڏياسون ۽ هڪ مخلص ڪارڪن سکر موڪليوسون، جنهن ڏينهن وچ ۾ پرچا سکر، شڪارپور ۽ جيڪب آباد هٿيڪن ماڻهن هٿان ورهائي ڇڏيا. مزو ٿيو، ٻئي ڏينهن مولوي نذير حسين جتوئي ڳاڙهو پيلو ٿيندو دفتر ۾ گاريون ڏيندو اچي اوطاق تي نڪتو. کيس سمڪ ئي ڪونه هئي ته اهو ڪم تاج محمد ۽ مون جهڙي ڳوڀ جو ڪيل هو. تاج محمد معصوم بڻجندي مولوي صاحب کي پرچو ڏيکاري پڇيو ته: ڪامريڊ! هي هاري حقدار جو پرچو پڙهيو اٿوَ؟ مولوي صاحب جو بند ٽٽي پيو. چي: مٺا! ڏس ته هي سنئين سڌي ڀيڻچوتائي، اهو سڄو ڪارنامو انهن ڀيڻ (....) مادر (....) ڪميونسٽن جو آهي. ظاهر ظهور ڪوڙ، حرامپائيءَ جي به ڪا حد ٿيندي آهي. تاج محمد سان سندس ٻٽيهه دليون هيون ۽ کيس لينن ثاني سڏيندو هو. تاج محمد به کيس کٿ ڪرڻ لاءِ چوڪيون ڏيندو رهيو ته؛ ڪامريڊ! سڄي ڪاروائي تفصيل سان لکي پئي آهي، توهان جي تقرير ۽ دليل به لکيا پيا آهن. مولوي صاحب وهلور پيو وڃي، اهي ههڙا تهڙا (ڪچيون گاريون) ڪميونسٽ ائين ئي ڪوڙ کي سچ ڪندا آهن. ڀلا ڏس حيدر بخش جتوئي ته جيل ۾ پيو آهي، اهو ڪيئن چونڊيو؟ اهو عبدالقادر ڏنڊي، (ڪامريڊ عبدالقادر کوکر پريس وارن جهڙي ننڍي ڏنڊي ڪڇ ۾ کڻندو هو، سو مولوي صاحب کيس سڏيندو ئي ڏنڊي هو) اهو ته هٿ کڻي ويو هو، اهو ڪيئن صدر چونڊجي ويو؟ تاج محمد اطمينان سان چيس ته ڪامريڊ! اخبار ائين ٿي چوي. مولوي صاحب آپي کان ٻاهر نڪري ويو. چي: کوهه ۾ پوي اخبار، هن تي چڙهي اخبار، ڏسي وٺنداسون. تاج محمد ڪمال صبر سان چيس: مرضي جا مالڪ آهيو. وڏو چوٻول ٿيو، پر ڳالهه اها ئي بيٺي جا تاج محمد سوچي هئي. حيدر بخش جتوئي جيل مان نڪتو ته کيس هار پارائي، جلوس ڪڍي اچي هاري حقدار آفيس ۾ صدارت جي ڪرسيءَ تي ويهاريائون. نفسيات جو به وڏو عمل دخل آهي هر ڳالهه ۾. پارٽيءَ جو حڪم مليو ته حيدر بخش جتوئي کان ههڙو بيان ڏيارڻو آهي. ڪم وري به سونپيو ويو تاج محمد کي. تاج محمد هئو واچوڙو، ڪنهن ڪم پٺيان پوندو هو ته مڇڏو ٿي لڳندو هو. مون کي چيائين ته جمال! هل حيدرآباد، حيدر بخش کان هي ڪم وٺڻو آهي. مون جهٽ چيو هائو، پر چيم ته مون کي ڇو ٿو پنڌ وجهين. تنهنجو هم خيال، دوست ۽ پارٽي ميمبر اٿئي، مون کي ڇو ٿو هروڀرو وچ ۾ آڻين؟ چيائين: هڪ کان ٻه چڱا، ٻن جو وڌيڪ دٻاءُ پوندس ۽ يقين به ايندس. بس ائين بيٺي پير تيار ٿي وياسين. پوءِ به ڏٺم ته تاج محمد هڪ ڪتاب کولي وري ٻيو پيو ڪڍي! مون چيو: ڇا ٿو ڪرين؟ وقت ٿو وڃائين. چي: اهڙو ڪتاب ٿو ڳوليان، جنهن ۾ لينن جو صاف، سٺو ۽ وڏو فوٽو هجي! انهيءَ جو ڀلا ڪهڙو سود؟ اها حيدر بخش جتوئيءَ جي ڪمزوري آ. ڏسجانءِ ڪيئن ٿو ڪم وٺانس. سڄي رات ريل جو سفر ڪري صبح جو پهتاسين حيدرآباد. سڌو وياسون هاري آفيس، جتي حيدر بخش جتوئي قرب سان مليو. ڏاڍو معصوم ۽ پيارو ماڻهو هو. تاج محمد جلد ئي مدعا بيان ڪئي ۽ لکيل بيان کيس هٿ ۾ ڏئي چيو ته: ڪامريڊ! صحيح ڪري ڏي. حيدر بخش عينڪ چاڙهي سڄو بيان غور سان پڙهيو ۽ پوءِ ڪجهه بحث مباحثو ڪرڻ لڳو. تاج محمد ڪو به جواب ڏيڻ بجاءِ لينن جو فوٽو سندس اڳيان ڪري چيو ته ڪامريڊ پارٽيءَ جو آهي. حيدر بخش جتوئيءَ جا سڀ دليل ختم ٿي ويا. کاٻي هٿ جي مٺ ڀڪوڙي مٿي ڪري لينن کي سلام ڪيائين ۽ بيان تي صحيح ڪري ڇڏيائين. هي هئو نفسيات جو جادو، جنهن لاءِ تاج محمد ابڙو پنهنجي ذهانت سان اڳواٽ اهتمام ڪري آيو هو. هي ٻه واقعا مون تفصيل سان بيان ڪيا آهن، جن جي تاريخي اهميت آهي. ٻيو به هڪ اهڙو واقعو ٿيو. منهنجو پٽ بدر، دائود پٺاڻ کان هڪ بس قسطن تي وٺي حيدرآباد کان ڪراچي هلائيندو هو. هيءَ ۷۰-۱۹۷۱ع جي ڳالهه آهي. اسين ناظم آباد ۴ ۾ رهندا هئاسين. بدر رڪشا مان ترقي ڪري بس جو مالڪ ٿي ويو هو. ويهه هزار روپيه وڏي پڦيءَ کان قرض طور ورتا هئائين. بدر جي ماءُ ڏاڍي خوش هئي، جو کيس روزانو سؤ روپيا روڪ ملندا هئا. اسين غريب پگهار تي گذر ڪرڻ وارا، تن لاءِ روڪ سؤ روپيا روز وڏي ڳالهه هئي. پر ٿيو ائين جو دائود پٺاڻ کي ڪجهه قسطون نه ڏئي سگهياسون ۽ هن بس ضبط ڪري پنهنجي اڏي تي گانڌي گارڊن راڻي باغ يا چڙيا گهر وٽ بيهاري ڇڏي. بدر پاڻ پنهنجي سر گاڏيءَ ۾ هلندو هو ۽ ڊرائيوري سندس ماسات ڪوٽڙيءَ جو آفتاب شاهه ڪندو هو. ٻئي هٿ مليندي رهجي ويا. ڀلا ڪير دائود پٺاڻ سان مهاڏو اٽڪائي؟ سڀني ٻڌو هوندو، هو اهڙو مڙس هو جو پوليس تي به گوليون هلائي نڪري ويندو هو. مون ساڻس فون تي ڳالهايو ۽ تکا مٺا به ٿياسون، پر هُو ڪونه مڙيو ۽ بس حيدرآباد جي مزدور يونين جي صدر کي هلائڻ لاءِ ڏئي ڇڏيائين. اسان جا بس تي چاليهه پنجاهه هزار خرچ ٿي چڪا هئا. مون مزدور ليڊرن سان به ڳالهايو ۽ دائود پٺاڻ سان به تيز پيس، پر حق جي ڳالهه ڪيائين ته جيسين کيس سڀ قسطون نه ملنديون، تيسين هو بس واپس نه ڪندو. مان چوان ته اول بس موٽاءِ ته پوءِ ڪمائي توکي پئسا ڏيندا وڃون، پر هن نه مڃيو. مون فيصلو ڪري ورتو ته بس اڏي تان کڻي پنهنجي قبضي ۾ ڪجي، پوءِ پاڻهي ڪا واٽ نڪري ايندي. هاڻي سوال هو ته دائود پٺاڻ جي اڏي تان بس ڪير کڻي اچي. نه بدر کي همٿ ٿئي، نه آفتاب شاهه کي. ائين اوچتو تاج محمد ابڙو اچي نڪتو. مٺ جيترو مڙس پر وڄ جا پاڻي هئس. ڏاڍو دل گڙدي ۽ جگر وارو مڙس هو، شينهن جي دل هيس. پاڻ مرادو چيائين ته چاٻي ڪنهن وٽ آهي؟ آفتاب شاهه چيو ته وٽس. چيائين ته: هلو، مان ٿو بس کڻي اچان. آفتاب شاه ۽ بدر ساڻس گڏ ويا ۽ هُو رات جو يارهين ٻارهين بجي بس اڏي تان کڻائي آيو. بدر سياڻپ ڪئي جو بس کڻائي ويو نارٿ ناظم آباد، جتي رئيس روشن علي خان اسراڻ گرمين ۾ بنگلو مسواڙ تي وٺي باقبائل اچي رهندو هو. ٻئي ڏينهن دائود پٺاڻ وٺ پڪڙ ڪئي، پر خبر ڪانه پيس. هفتو کن ڪراچي، حيدرآباد ۾ ڳولا ڦولها ڪيائين، پر بس کي ڄڻ ڪو راڪاس ڳهي ويو هو، سو خبر ڪانه پيس. نيٺ مون کي فون ڪيائين. مون ٺڪ چيومانس ته بس مون کڻائي آهي، مون وٽ آهي ۽ ڏيندس ڪونه. مڙس مٿير هو، چيائين: ”شير ڪا بچا هو، اب مين ڪيا ڪهون؟“ اهو به چيائين ته بس ۽ پئسا ته وصول ڪري ويندس، رڳو اهو ٻڌاءِ ته کنئي ڪنهن ۽ بيهاري ڪٿي اٿئي؟ چيم: اهو ڪونه ٻڌائيندس، باقي پئسا تنهنجا موٽائيندس. چيائين ته: پئسا وصول ڪرڻ پٺاڻ ڄاڻي ٿو، باقي پٺاڻ جي عزت جو مسئلو آهي. مون به چار چڱا اکر ڳالهايا ۽ چيو ته: لالا! تنهنجي عزت منهنجي عزت آهي، سڏ ۾ سڏ ڏيندس، پٺتي نه پوندس. سلام دعا تي فون بند ڪيم. مون هٿان جيڪي مرحوم تاج محمد ابڙي جا ڪم ڪاريون ٿيا ۽ مددگاريون ٿيون، سي مرحوم پاڻ سان قبر ۾ کڻي ويو. (”ڏسي ڏوهه اکين سين“، ”اونهي ڳالهه اسرار جي“، ”ٿوهر ۾ ڳاڙها گل“ ۽ ”ايندو نه وري هي وڻجارو“ تان ورتل) (روزانه سچ، هلچل) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سنڌ جي ناليواري سياسي ۽ ادبي شخصيت رسول بخش پليجو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو تمام گهڻو پڙهيل لکيل ماڻهو هو ۽ مختلف تنظيمن ۽ ليڊرشپ جي ويجهو رهيو. سنڌ هاري ڪميٽي کان سواءِ ڪميونسٽ پارٽي، سنڌي ادبي سنگت، عوامي نيشنل پارٽي، جيئي سنڌ، پيپلز پارٽي، سڀني جي نقطه نظر سان ڪنهن نه ڪنهن حد تائين ويجهو رهيو. ان ڪري ئي سندس جڳ مشهور ڪچهريءَ ۾ هر قسم جي سياسي عقيدي، ذوق ۽ سطح جي ماڻهن کي انتهائي گهڻو مزو ايندو هو. سنڌ اندر سندس مقبوليت ۾ ان ڳالهه کي ڪافي وڏو دخل هو. ۵۲-۱۹۵۱ع ڌاري (سال پورو ياد ناهي) ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي قمبر، شهدادڪوٽ تڪ مان سنڌ اسيمبليءَ جو اميدوار بيٺو. تن ڏينهن ۾ ڪراچيءَ ۾ علم دوست، ادب دوست، روشن خيال ۽ ترقي پسند خيالن وارن دوستن جو هڪڙو وڏو حلقو هوندو هو. آءٌ انهن جو هم خيال هوندو هوس. صبح شام سرگرم ادبي، علمي ۽ نظرياتي بحث مباحثن ۾ گذرندو رهندو هو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي ۽ دوستن چيو ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ترقي پسند هاري اڳواڻ آهي، ان جي اليڪشن ۾ ڀرپور مدد ڪرڻ کپي. جيڪي هلن، سي نالا لکائين. ان اليڪشن ۾ ڇا ڇا نه ڏٺوسين، ٻڌوسين ۽ ڪيوسين! اسان اليڪشن هارائي پر کٽيوسون جهڙو ڪر! اسان سبق سکيو ته ڌانڌليءَ سان ته ڪنهن کي به کٽائي سگهجي ٿو! آءٌ سنڌ هاري ڪميٽيءَ ۾ شامل ٿيس ۽ ان جي ورڪنگ ڪميٽيءَ جو ميمبر ٿيس. اتي ڪامريڊ تاج محمد ابڙي سان ملاقات ۽ ساٿ ٿيو ۽ توڙ تائين دوستي قائم رهي. چوندا آهن ته جيڪو سڀني جو دوست هوندو، اهو ڪنهن جو به دوست ڪونه هوندو. تاج محمد ابڙي جي روشن خياليءَ ۽ ترقي پسنديءَ ۾ مضبوطيءَ سان گڏ لچڪ جي ڪا حد ئي نه هئي. جي ايم سيد، ذوالفقار علي ڀٽي سميت هر طبقي جي ماڻهن سان سندس دعا سلام، رهائي سهائي ۽ گهري ويجهڙائي هئي. پر اسين جيڪي سندس شروعاتي دؤر وارو ڪامريڊي لڏو هئاسون، تن سان سندس هلت مجموعي طور سدائين ساڳي اصلوڪي رهي. يارن جهڙو يار رهيو. سيشن ججيءَ واري دؤر ۾ آءٌ ساڻس نوابشاهه ۽ سکر ۾ مليس. عوامي تحريڪ جي چندي جي باقاعدي وصولي ڪبي هئي. حيدرآباد ۽ ٺٽي ۾ پڻ ساڻس ملاقاتون ۽ ڪچهريون رهيون. هڪڙا ساٿي سندن گهڻي عوامي سرگرميءَ يا نظرياتي جدوجهد ڪري ياد رهندا آهن ته ٻيا وري ذاتي قرب ۽ ياري باشيءَ ڪري ياد رهندا آهن. منهنجي لاءِ تاج محمد ابڙي جي مکيه سڃاڻپ سندس ذاتي قرب ۽ دوستي هئي. (روزانه سنڌ،مهراڻ، مقدمو، سوڀ، هلال پاڪستان، عبرت، سچ، عوامي آواز، هلچل) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو صاف گو ۽ صاف دل انسان شيخ اياز تاج محمد ابڙو، جمال ابڙي جو گهرو دوست ۽ شايد مائٽ به هو. هُو ڪامريڊ ماڻهو هو ۽ ڪامريڊ نذير جتوئي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جو دوست هو. منهنجي به هن سان ڪافي گهرائپ هوندي هئي. هُو لاڙڪاڻي ۾ وڪالت ڪندو هو ۽ جڏهن به مان لاڙڪاڻي ويو هوس ته هن فراخدليءَ سان ٻه ٽي ڀيرا منهنجي ماني ڪئي هئي. مانيءَ تي جمال ابڙي جو وڏو ڀاءُ شمس الدين ابڙو به آيو هو، جو ڪجهه سال پوءِ گذاري جمال ابڙي کي ڏاڍي غم ۾ ڇڏي ويو. في الحال مون تاج محمد ابڙي جي ڳالهه ٿي ڪئي. جڏهن ڀٽو صاحب چيف مارشل لا ائڊمنسٽريٽر ٿي آيو، تڏهن تاج محمد ابڙي کي سيشن جج ڪيو هئائين ۽ تاج محمد جي پهرين تقرري سکر ۾ ٿي هئي. هو ته اڳي ئي مون سان گهايل مايل هوندو هو، تن ڏينهن ۾ مون وٽ ٻه موٽرون هونديون هيون، ٽويوٽا ڪارونا ۽ ٽويوٽا ڪرولا. تقرريءَ کان ڏهه پندرهن ڏينهن پوءِ تاج محمد لاڙڪاڻي وڃڻ لاءِ مون کان هڪ ڏينهن لاءِ ڪار گهري، جيتوڻيڪ مون کان ڪار گهرندي ڪنهن کي ورلي همٿ ٿيندي هئي. مون خوشيءَ سان تاج محمد ابڙي کي پنهنجي ٽويوٽا ڪرونا ڏني، فقط ان ڪري جو هُو مون لاءِ ”ڪامريڊ“ هيو ۽ ان ڪري نه ته هو سکر جو سيشن جج هو. تاج محمد ٽي چار ڏينهن لاڙڪاڻي بنا اطلاع جي ڪار روڪي ڇڏي ۽ جڏهن موٽي آيو ته ڪار کي وڏو چٻ هو. مون ڊرائيور کي چيو ته ڪار ڌوئاري ڪارخاني ۾ ٺهرائڻ لاءِ ڏئي اچي. پندرهن ڏينهن پوءِ تاج محمد مون کان وري لاڙڪاڻي لاءِ ڪار گهري. مون کيس چيو ته: ”ڪرولا ۾ ڪجهه خرابي آهي ۽ ان جي ٺيڪ ٿيڻ ۾ ٻه ٽي ڏينهن لڳندا، باقي ڪارونا تي آءٌ پاڻ ڪورٽن ۾ ويندس.“ تاج محمد سمجهيو ته مان کيس ڄاڻي واڻي انڪار ٿو ڪريان. بهر صورت جڏهن لاڙڪاڻي مان موٽي آيو ته مان هن جي چيمبر ۾ ويس ته هن تڙي ڏئي چيو: ”منهنجي چيمبر ۾ اچين ته اطلاع ڏئي ايندو ڪر!“ مون به غصي ۾ کيس چيو: ” تاج محمد صاحب! تون يقين ڪر ته مان نه رڳو تنهنجي چيمبر ۾ بنا اطلاع جي نه ايندس، پر اطلاع سان به نه ايندس ۽ تنهنجي ڪورٽ ۾ نئون ڪيس به نه کڻندس ۽ جيڪي تو وٽ پراڻا ڪيس آهن، اهي به ڪوشش ڪري منهنجو جونيئر تو وٽ هلائيندو يا ٻئي ڪنهن وڪيل کي سپرد ڪندس.“ ڪجهه مهينن کان پوءِ جمال ابڙي مون کي فون ڪيو ته هُو سکر آيو آهي. هُو غالباََ ان وقت سنڌ پراونشل اسيمبليءَ جو سيڪريٽري هو. مون هن کان پڇيو: ”ڪٿان ٿو ڳالهائين؟“ جواب ڏنائين ته: ”هتي تاج محمد جي بنگلي تي لٿل آهيان.“ مون کيس چيو ته: ”رات جي ماني تاج محمد سوڌو مون وٽ کائجانءِ.“ رات جو هُو مون وٽ تاج محمد سان گڏجي پراڻي سکر آيو. هن کي خبر نه هئي ته تاج محمد ۽ منهنجي وچ ۾ ڪائي به رنجش آهي. رات جو اٽڪل هڪ بجي هو مون وٽان کل خوشيءَ سان ويا. ڪجهه مهينن کان پوءِ مون ٻڌو ته تاج محمد جو ٽرانسفر ٿيو آهي. هن جي پٽيوالي مون کي اچي چيو ته: ” تاج محمد صاحب اوهان کي سڏي ٿو.“ مون کي دل ۾ آيو ته هن کي انڪار ڪيان، پر مان هن وٽ چيمبر ۾ هليو ويس. هو اٿي بيٺو ۽ مون سان هٿ ملائي چيائين: ”اياز! تون مون سان ناراض آهين؟“ مون کيس چيو ته: ”هائو!“ ان تي چيائين: ”معاف ڪجانءِ جو مان توسان ٽرڙائپ سان پيش آيو هوس.“ مون سندس ڪلهي تي هٿ رکي چيو: ”وڌيڪ ڪجهه نه چئجانءِ! اهو ڪافي آهي. تون منهنجي لاءِ ساڳيو ڪامريڊ تاجو آهين، مون کي ڪابه غلط فهمي نه آهي.“ تاج محمد پوءِ خيرپور ۾ سيشن جج مقرر ٿيو ۽ غالبًا ٺٽي ۾ سيشن جج هو ته هن رٽائر ڪيو ۽ پوءِ جلد ئي گذاري ويو. اِنَّا لِلہ وَ اِنَّا اِلَيْهِ رٰجِعُوْنَ تاج محمد ابڙي جهڙا صاف گو ۽ صاف دل انسان مون زندگيءَ ۾ ٿورا ڏٺا آهن. (”ڪٿي ته ڀڃبو ٿَڪُ مسافر“ تان ورتل) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو روشنيءَ جو پهريون ڪرڻو تنوير عباسي تاج محمد ابڙو کلڻو ملڻو، جڏهن ملوس ته ٽهڪ ڏيندو، دوست کي ڏسي خوش ٿيندو. پهريون دفعو مون سان هو ۱۹۵۶ع ۾ مليو. سنڌي ادبي سنگت سنڌ جون شاخون مختلف شهرن ۾ قائم ٿيل هيون، پر انهن جو رابطو نه هو. مون، مقبول ڀٽيءَ ۽ رشيد ڀٽيءَ فيصلو ڪيو ته سڀني سنگتين کي هڪ لڙيءَ ۾ پوئجي ۽ پوءِ سڄيءَ سنڌ ۾ وڌيڪ سنگتون قائم ڪجن، جيئن سنڌين جو پيغام ادب ذريعي سڄيءَ سنڌ ۾ ڦهلائي سگهجي. ون يونٽ جو اونداهو دؤر هو. ادب ذريعي انقلاب جي ان تحريڪ جي روشنيءَ جو پهريون ڪرڻو لاڙڪاڻي ۾ تاج محمد ابڙي جي اوطاق مان اُسريو ۽ سڄيءَ سنڌ ۾ ڦهلجي ويو. ٿيو ائين جو لاڙڪاڻي ۾ ان سال ۱۹۵۶ع ۾ جمعيت الشعرا جي سالياني ادبي ڪانفرنس ٿي هئي. ان ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ سڄيءَ سنڌ جي شاعرن ۽ اديبن کي سڏ هو (پر دعوت نامي ۾ موسم آهر بستري آڻڻ جي هدايت ڪيل هئي). ان ڪانفرنس ۾ اسان جي گهڻن هم خيال اديبن ۽ شاعرن کي دعوت مليل هئي. ان ڪري ”هڪ ڪم ٻه ڪاڄ.“ اسان سنڌي ادبي سنگتن کي هڪ مرڪز تي گڏ ٿيڻ جي تياريءَ لاءِ پهرين ميٽنگ به لاڙڪاڻي ۾، ان ڪانفرنس جي موقعي تي رکي ۽ تاج محمد ابڙي ميزبانيءَ جا فرائض انجام ڏنا. ائين لاڙڪاڻي مان اياز قادري ۽ جمال ابڙو، حيدرآباد مان مقبول ڀٽي، سکر مان رشيد ڀٽي، ڪراچيءَ مان عبدالغفور انصاري، دادوءَ مان تاج صحرائي، ٻيا ڪجهه دوست، جن جا نالا ياد نٿا اچن، سڀئي لاڙڪاڻي ۾ تاج محمد جي اوطاق تي گڏ ٿيا ۽ فيصلو ڪيو ويو ته ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادبي سنگت جو ڪنوينشن سڏائجي، جنهن ۾ سنڌ جي سڀني ادبي سنگتن کي گڏ ڪري، سنڌ سنگت کي زور وٺائجي ۽ ان جو دستور وغيره منظور ڪرائجي. اهو روشنيءَ جو پهريون ڪرڻو هو، جيڪو ون يونٽ جي اونداهي دؤر ۾ تاج محمد ابڙي جي اوطاق مان ڦُٽو ۽ سڄيءَ سنڌ کي جرڪائي ڇڏيائين. تاج محمد ابڙو وڪيل هو، پر وڪيل کان وڌيڪ دانشور هو. ادب، تاريخ، فلسفو سڀ پڙهندو هو، دوستن سان بحث ڪندو هو. لکيائين هڪ لفظ به ڪونه، پر پڙهيو به گهڻو ته ڪڙهيو به گهڻو. هُو نه رڳو پڙهڻ وارو هو، پر ڪڙهڻ وارو به هو. هاري تحريڪ، نيشنل عوامي پارٽي، سنڌ عوامي محاذ ۽ بعد ۾ پي پي ۾، مطلب ته جيڪا به تحريڪ سنڌ جي پيڙهيل طبقن جي ڀلائيءَ ۽ آجپي جي لاءِ هئي، ان ۾ ڀرپور حصو ورتائين. اڳتي هلي وڪالت ڇڏي جج ٿيو، پر سنگت سان اها ئي محبت ٽائم رکيائين. جڏهن دوست آڏو آيو ته ڇا جي ججي ڇا جي وڏائي، ساڳيا ٽهڪ، ساڳيون ڪتابن جون ڳالهيون، ساڳيون هاري تحريڪ ۽ ترقي پسنديءَ جون صلاحون ۽ مشورا. ائين لڳندو هو ته ڄڻ نوڪريءَ ۾ آهي ئي ڪونه. ساڳيو آزاد منش، ترقي پسند ۽ انسان دوست تاج محمد ابڙو آهي، جيڪو نوڪريءَ ۾ اچڻ کان اڳ هئو. اهڙن دلبرن کي وساري نه ٿو سگهجي. هن جي ياد ۾ منهنجا هي ڪجهه جملا ڪافي نه آهن، پر تڏهن به هن جي ياد ته تازي ڪن ٿا. (روزانه عبرت، پڪار، آفتاب، بخت ور، جاڳو، هلال پاڪستان، خادم وطن، سنڌ نيوز، برسات ۽ سنڌو) تاج محمد ابڙو لاڙڪاڻي ۾ جديد ادب جي سجاڳي آڻيندڙ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ادب جي اوسر ۾ ڪي اهڙيون شخصيتون به اهم ڪردار ادا ڪنديون آهن، جيڪي پاڻ ته نه لکندڙ هونديون آهن، پر لکندڙ پيدا ڪنديون رهنديون آهن. هو ادب جي آبياري ڪنديون آهن ۽ اديبن ۽ شاعرن کي پنهنجيون صلاحيتون ظاهر ڪرڻ لاءِ ميدان مهيا ڪري ڏينديون آهن. اهڙيءَ طرح هو پسمنظر ۾ رهي اديبن جي صلاحيتن کي نکيرڻ ۽ اڀارڻ ۾ بنيادي خدمت سرانجام ڏينديون آهن. ادبي تنظيمون انهن جي ئي دم سان قائم هونديون آهن ۽ انهن جي ئي ڪوشش جو نتيجو هونديون آهن. اهڙين شخصيتن مان لاڙڪاڻي جو هڪ باصلاحيت ۽ وسيع مطالعي جو مالڪ تاج محمد ابڙو مرحوم به هو. تاج محمد ابڙي سان جنهن زماني ۾ منهنجي واقفيت ٿي، ان زماني ۾ هُو لاڙڪاڻي ۾ وڪيل هو ۽ سندس اوطاق شام جي وقت ۾ اديبن، سياستدانن ۽ سماجي ڪارڪنن جو خاص مرڪز هوندي هئي. ابڙو صاحب وڏي مطالعي جو مالڪ هو ۽ سندس لئبريريءَ ۾ قانون جي ڪتابن سان گڏ هر علم جي شاخ تي ڪتاب موجود هوندا هئا. هُو سياست، فلسفي، ادب ۽ ٻين لاڳاپو رکندڙ علمن تي ڪتاب پڙهندو رهندو هو. خاص طرح سان انگريزي ٻوليءَ ۾ ڪيترا ئي ڪتاب پڙهيا هئائين ۽ هميشه پڙهندو رهندو هو. لاڙڪاڻي جا شاعر ۽ اديب، خاص طرح سان اهي اديب جيڪي جديد لاڙن موجب ادب تخليق ڪري رهيا هئا، انهن سان سندس دوستي هئي. منهنجو اشارو جمال ابڙي ۽ اياز قادريءَ ڏانهن آهي. هن پاڻ ته سنڌي ادب جي سلسلي ۾ قلم کان ڪم ڪونه ورتو، پر پنهنجي تنظيمي صلاحيتن سان سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي جي ذريعي جديد سنڌي ادب جي لاڙن جي جاڳرتا پيدا ڪيائين. مطلب ته تاج محمد ابڙي مرحوم سنڌي ادب جي خدمت هڪ تحريڪ جي ذريعي ڪئي. اها تحريڪ آهي سنڌي ادبي سنگت، جنهن اڳتي هلي سنڌي زبان ۽ ادب جي سلسلي ۾ اهم خدمتون سرانجام ڏنيون. يعني سنڌي جديد ادب جي آبياري تاج محمد مرحوم ڪئي، جنهن جي سڳنڌ ۽ سرهاڻ هينئر سڄيءَ سنڌ کي واسي ڇڏيو آهي. تاج محمد مرحوم سان منهنجي ڄاڻ سڃاڻ اياز قادريءَ ۽ خادم حسين شاهه مرحوم جي ذريعي ٿي. محترم ڊاڪٽر اياز قادري صاحب جي تمام گهري دوستي تاج محمد ابڙي مرحوم سان هئي. ساڻس گڏجي آءٌ ڪيترا ڀيرا تاج محمد ابڙي مرحوم سان ملڻ ويس ۽ انهن ڪچهرين کي ٻڌندو رهيس، جيڪي تاج محمد مرحوم جي اوطاق تي ٿينديون هيون. انهن ڏينهن ۾ يعني ۱۹۵۰ع جي ڏهاڪي ۾ تاج محمد ابڙي مرحوم جي اوطاق علمي، ادبي ۽ سياسي شخصيتن جو مرڪز هئي. لاڙڪاڻي ضلعي جون شخصيتون جهڙوڪ مولوي نذير حسين، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ علي محمد عباسي ۽ ٻيون ڪيتريون شخصيتون اتي اوطاق تي اينديون هيون ۽ وڏيون ڪچهريون ٿينديون هيون. سياسي بحث ٿيندا هئا، ملڪ جي حالتن تي ويچار ٿيندو هو ۽ علمي ادبي مجلسون منعقد ٿينديون هيون. جمال ابڙي صاحب سان به اتي ئي ملاقات ٿي ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ کي به ابڙي صاحب جي اوطاق تي ئي گفتگو ڪندي مون ٻڌو. حيدر بخش جتوئي مرحوم مون کي ڏاڍو سچو، مخلص ۽ پنهنجي نظريي سان وفادار انسان نظر آيو. ڪڏهن ڪڏهن آءٌ اتي ويندو هيس ۽ انهن شخصيتن کي ٻڌندو هيس. اهڙيءَ طرح منهنجي ذهني اوسر ٿي ۽ سنڌي ادب ۽ سنڌي ادب جي لاڙن کان واقف ٿيس. جيئن ته محفل ۾ شرڪت ڪندڙ گهڻا دوست اشتراڪي فلسفي جي سياسي، تاريخي ۽ ادبي لاڙن تي گفتگو ڪندا هئا، انهيءَ ڪري مون کي به سياسي ڳالهين جي واقفيت حاصل ٿي ۽ ادب جي جديد لاڙن کان متعارف ٿيس. بهرحال، تاج محمد ابڙي مرحوم جي اوطاق هڪ اهم مرڪز هو، جنهن سياستدانن، اديبن ۽ سماجي ڪارڪنن کي هڪ ميدان مهيا ڪري ڏنو. مون ڏٺو ته هُو پاڻ جيتوڻيڪ اشتراڪي نظريي جو قائل هو، پر هن ڪڏهن به بحث ۾ سخت رويو اختيار نه ڪيو، بلڪه گهڻي قدر بحث ۾ الجهندو ئي نه هو. ذاتي شرافت، خلوص ۽ هر انسان لاءِ محبت جو جذبو سندس طبيعت مان نمايان هوندو هو. سندس ملڻ جي انداز ۽ ٻهڪندڙ چهري مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو ۽ چاهيندو هئس ته ابڙي صاحب جي محفل ۾ وڃجي ۽ ان سان ڪجهه گهڙيون گذارجن. لاڙڪاڻو علم، ادب جو مرڪز رهيو آهي. هتان ئي ادبي ڪانفرنسن ۽ شاعرن جي ابتدا ٿي. هتان ئي ”اديبِ سنڌ“ رسالو نڪرندو هو، جنهن سنڌي عروضي شاعريءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. انهيءَ تحريڪ جو باني ۽ جمعيت الشعراءَ جو هلائيندڙ حاجي محمود خادم هن ئي شهر ۾ رهندو هو. ان سان به منهنجيون ادبي ڪچهريون ٿيون. البت جنهن دؤر جو آءٌ ذڪر ڪري رهيو آهيان، يعني ۵۰ع جو ڏهاڪو، انهن ڏنهن ۾ حاجي محمود مرحوم وٽ ٿيندڙ ڪچهريون ماٺيون ٿي ويون هيون. اهو خال تاج محمد ابڙي جي جاءِ تي ٿيندڙ محفلن ڀري ورتو. انهيءَ ئي دؤر ۾ لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت جو بنياد پيو، جنهن جي بانين ۾ تاج محمد ابڙي مرحوم، جمال ابڙي ۽ اياز قادريءَ جا نالا اچي وڃن ٿا. پهريون محرڪ ان جو تاج محمد ابڙو مرحوم هو، ڇاڪاڻ ته اهو ئي لاڙڪاڻي ۾ رهندو هو. انهيءَ لحاظ کان صحيح معنيٰ ۾ سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي جو باني تاج محمد ابڙو هو. سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري به تاج محمد ابڙو ئي هو. هُو جيتوڻيڪ پاڻ اهلِ قلم يا سنڌي زبان جو ليکڪ نه هو، پر سنڌي ادب جو پرستار ۽ سٺو ادبي ذوق رکندڙ هو. هو ادب جي ترقي پسندانه لاڙن جو قائل هو ۽ انهن کي عام ڪرڻ لاءِ سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي جي ذريعي اهم خدمت سرانجام ڏنائين. کيس سنڌي ادب جو خاموش خدمتگار سڏجي ته صحيح ٿيندو. هن ڪڏهن به پنهنجي نالي ڪڍرائڻ جي ضرورت محسوس نه ڪئي، پر خاموشيءَ سان سنڌي جديد ادب کي رواج ڏيڻ لاءِ ڪم ڪندو رهيو. انهن ڏينهن ۾ سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي هر هفتي شام جو مدرسه هاءِ اسڪول واريءَ بلڊنگ ۾ ٿيندي هئي، جتي هينئر گورنمينٽ گرلس ڪاليج آهي. انهن گڏجاڻين ۾ آءٌ به شريڪ ٿيندو هيس. تاج محمد صاحب مرحوم باقاعدگيءَ سان انتظام ڪندو هو. سندس ذاتي دلچسپيءَ جي ڪري ئي لاڙڪاڻي جا ڪيترا ئي اديب ۽ شاعر انهن گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيندا هئا. انهن ڏينهن ۾ جيتوڻيڪ آءٌ ملازمت ڪري لاڙڪاڻي کان ٻاهر هوندو هئس، پر گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ لاڙڪاڻي ايندو هئس. مون انهن ئي گڏجاڻين ۾ جمال ابڙي جا سنڌي افسانا زباني ٻڌا، جيڪي پوءِ سه ماهي ”مهراڻ“ ۾ ڇپيا. بعد ۾ اهي ڪتابي صورت ۾ ”پشو پاشا“ جي نالي سان ڇپيا. ٿيو ائين جو انهن ڏينهن ۾ جمال ابڙو موڪل تي هو ۽ لاڙڪاڻي ۾ رهندو هو. مون به پنهنجي ادبي سفر جي ابتدا انهن گڏجاڻين کان ڪئي. مون پنهنجا ڪجهه تحقيقي مقالا انهن گڏجاڻين ۾ پڙهيا، جيڪي پوءِ سه ماهي ”مهراڻ“ مان ڇپيا. خاص طرح سان سنڌ ۽ بلوچستان مقالو انهن محفلن ۾ پڙهيو هيم. سڀني دوستن جو انهيءَ ڪري به هن مقالي توجه ڇڪرايو، ڇاڪاڻ جو ان مقالي ۾ بلوچستان جي مشهور اهلِ قلم گُل خان نصير جي تاريخ کي بحث هيٺ آندو ويو هو. مطلب ته تاج محمد ابڙي مرحوم لاڙڪاڻي ۾ ادبي سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ وڏي جدوجهد ڪئي ۽ لاڙڪاڻي جي اديبن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ بنيادي ڪم ڪيو. سندس شمار جيتوڻيڪ سنڌي اديبن ۾ نٿو ٿئي، پر سندس شمار اهڙن ماڻهن ۾ ڪري سگهجي ٿو، جن اديبن کي ميدان تي آندو ۽ جديد سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ بنيادي ڪم ڪيو. تاج محمد ابڙو مرحوم هڪ مخلص انسان هو ۽ انسانيت جو عملي نمونو هو. هن کي ڪنهن سان نفرت ڪندي نه ڏٺم، پر هرهڪ سان خلوص ۽ محبت سان ملندي ڏٺم. منهنجا عزيز ۽ دوست سندس دوست هئا، جيڪي سندس محبت، اخلاص ۽ شرافت جون ڳالهيون ٻڌائيندا هئا ۽ سندس بي داغ ڪردار جي تعريف ڪندا هئا. گهڻي وقت کان پوءِ ساڻس ملاقاتون ۱۹۷۲ع ۾ سکر ۾ ٿيون، جڏهن هو سکر ۾ سيشن جج هو. سندس بنگلو اسلامڪ ڪاليج جي استادن جي گهرن جي لڳ هوندو هو. مان به انهن گهرن مان هڪ گهر ۾ رهندو هئس. شام جو وٽس ويندو هئس ۽ ڪيترو وقت ويهي ڪچهريون ڪندا هئاسون، پر اهي ڪچهريون به گهڻو وقت نه هليون، ڇاڪاڻ جو ۱۹۷۲ع جي آخر ۾ منهنجي سکر مان بدلي ٿي وئي. دنيا ۾ هونءَ ته ڪيترن ئي ماڻهن سان انسان جو ملڻ ٿئي ٿو، پر انهن مان تمام ٿوريون شخصيتون هونديون آهن، جيڪي ٻين کي متاثر ڪنديون آهن ۽ ٻين کي پاڻ ڏانهن ڇڪينديون آهن. انهن جي گفتگو ۾ اهڙو ته تاثير ٿئي ٿو، جو ماڻهو ان ڏانهن ڇڪجي اچي ٿو. اهڙين ئي شخصيتن مان هڪ شخصيت تاج محمد ابڙو مرحوم به هو. جن شخصيتن مون کي متاثر ڪيو ۽ انهن کي وساري نه سگهيو آهيان، انهن مان تاج محمد ابڙو مرحوم به هو. جيتوڻيڪ ساڻس ملاقاتون وقفي کان پوءِ ٿينديون رهيون، تڏهن به کيس وساري نه سگهيو آهيان. شاهه صاحب جي لفظن ۾: ڪي اوڏا ئي ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين، ڪي چڙهن نه چت تي، ڪي وسرن نه مور، جيئن مينهن ڪنڍيءَ پور، تيئن دوست وراڪو دل سين. تاج محمد مرحوم اهڙو ئي شخص هو، جيڪو وسري نه سگهندو آهي. اهو فقط منهنجو رايو نه آهي، پر انهن سڀني ماڻهن جو رايو آهي، جن جا تعلقات تاج محمد مرحوم سان هئا. تاج محمد ابڙي مرحوم جا تعلقات نه فقط آزاد خيال ۽ اشتراڪي نظريو رکندڙ ماڻهن سان هئا، پر هُو ڪن ٺيٺ مذهبي ماڻهن جو دوست به هو. انهن مان هڪ منهنجو عزيز، دوست، شاگرد ۽ سيڻ حاجي قادر بخش مرحوم به هو. هُو ٺيٺ مذهبي ماڻهو هو، پر تاج محمد مرحوم سان هن جي بي انتها محبت هئي. هو جڏهن به مون سان ملندو هو ته تاج محمد مرحوم جون ڳالهيون ٻڌائيندو هو ۽ ان جو ذڪر ڏاڍي سهڻي انداز ۾ ڪندو هو. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته تاج محمد مرحوم کي انسان ذات سان محبت هئي ۽ دوستن سان تمام گهڻو خلوص ۽ محبت جو رستو هو. ان مان اهو به ظاهر ٿئي ٿو ته هو فراخ دل انسان هو ۽ وسيع قلب جو مالڪ هو. هُو انهن آزاد خيال ماڻهن مان نه هو، جيڪي مذهبي ڳالهيون ڇيڙي، مذهبي ماڻهن جي دل آزاري ڪندا آهن. مطلب ته هو هڪ سچو، کرو ۽ شريف النفس انسان هو، جنهن کي پنهنجي وطن سان، پنهنجي زبان ۽ ادب سان ، پنهنجي وطن جي مسڪين ۽ پيڙيل طبقي سان محبت هئي، جنهن جي پنهنجي دوستن سان بي انتها محبت هئي ۽ جنهن کي پنهنجي ٻارڙن سان مشفقانه پيار هو. هُو بحيثيت هڪ انسان جي به هڪ عظيم انسان هو ته وفادار دوست به هو. پنهنجي نظريي سان به سچو هو ته پنهنجي ثقافت ۽ قديم روايتن سان به مخلص هو. بحيثيت جج جي به ڏاڍو سخت قسم جو منصف هو. جڏهن هُو عدالت جي ڪرسيءَ تي ويهندو هو ته ان وقت ڪنهن جو به رياءُ نه رکندو هو. حق ۽ سچ جو فيصلو ڪندو هو. انهيءَ ڪري سندس ڪوبه دوست يا وڪيل کانئس ناجائز فائدي حاصل ڪرڻ جي سڌ به نه ڪري سگهندو هو. عدل جي سلسلي ۾ هُو نه ڪنهن جي سفارش ٻڌندو هو، نه ڪنهن لالچ ۾ اچي سگهندو هو. انهيءَ لحاظ کان به هو صحيح معنيٰ ۾ انصاف ڪندڙ منصف هو. اهڙيون شخصيتون سنڌ لاءِ فخر جو باعث آهن ۽ اسان سنڌ واسين لاءِ هڪ مثالي نمونو آهن. (هلال پاڪستان، ڪاوش، عوامي آواز، جاڳو، الوحيد، پڪار) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو هڪ عظيم انسان انيس انصاري منهنجي واقفيت ساڻس پهريائين ۱۹۳۹ع ۾ ٿي. مان مدرسي هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي جي والي بال ٽيم سان قمبر ۾ ٽورنامينٽ ۾ حصو وٺڻ ويو هيس. راند ڏسڻ لاءِ قمبر جا ماڻهو وڏي تعداد ۾ ايندا رهيا، جن جي ويهڻ لاءِ گرائونڊ تي ڪرسيون ۽ بينچون رکيون ويون هيون. راند جي پوري ٿيڻ بعد هڪ شرميلي مسڪرائيندڙ ڇوڪري اچي سڀني کي هٿ ڏنو ۽ پڇيائين: ”ٽيم سان محمد مقيم ڪونه آيو آهي ڇا؟“ ۽ جواب مليو ته پنهنجي والده جي بيماريءَ سبب هو اچي نه سگهيو! ان شرميلي ڇوڪري اکيون زمين ۾ کپائيندي اسان جي ٽيم جي ڪئپٽن کي چيو: ”اوهين محمد مقيم جي اسڪول ۾ پڙهندا آهيو. هو منهنجو دوست آهي، ان ڪري اوهان به منهنجا دوست آهيو. هلو ته گڏجي چانهه پيئون.“ پهرئين ڏينهن ئي واقفيت دوستيءَ ۾ تبديل ٿي وئي. اهو لڄاڙو، دل جو درياهه ۽ مُنهن جو ملوڪ ڇوڪرو تاج محمد ابڙو هو، جنهن اسڪول جي هاسٽل ۾ مٺائي سان گڏ پنهنجي ڳالهائڻ جي مٺاڻ سان دل کي موهي ڇڏيو. تاج محمد جا وڏا شهدادڪوٽ جا ويٺل هئا. ننڍپڻ ۾ ئي سندس والد قادر بخش خان گذاري ويو. باوجود پنهنجي زمين هوندي به کيس مهر ۽ شفقت جي ضرورت هئي، جا سندس وڏي ڀيڻويي محمد عثمان ميمڻ پوري ڪئي، جو پوليس کاتي ۾ هڪ آفيسر هو. محمد عثمان کي پنهنجي اولاد ڪانه هئي، ان ڪري سندس محبت ۽ توجه جو مرڪز تاج محمد ئي رهيو. تاج محمد پنهنجي تعليم جي ابتدا اهڙي مڪتب ۾ ڪئي، جتي ٻار جي صحيح يا غلط تربيت ڪري سندس ايندڙ زندگي اثر وٺندي آهي. اهو مڪتب هو سندس گهر، جتي سندس تعليم ۽ تربيت سندس عالم فاضل همشيره ڪئي، جا نه رڳو پڙهيل هئي، پر فارسيءَ تي به سٺو عبور هيس. گهرو مڪتب بعد پرائمري تعليم قمبر ۾ حاصل ڪيائين، جتي باوجود ميان محمد عثمان جي بدلين جي، هاسٽل ۾ رهي يڪسوئيءَ سان تعليم حاصل ڪندو رهيو ۽ سيڪنڊري تعليم مدرسه هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو ۾ پڙهيو. ان بعد هو ڪراچي ويو، جتي ڊي.جي سنڌ ڪاليج ۾ تعليم وٺڻ لڳو. اهو ٻڌڻ تي ته ڪراچي ريڊيو تي نيوز ڪاسٽر جي مقرريءَ لاءِ آڊيشن ٿي رهي آهي، هو ويو ۽ شامل ٿيو. سندس صاف ۽ گونجدار آواز جي ڪري هو چونڊيو ويو ۽ ڪافي وقت ڪراچي ريڊيو تي نيوز ڪاسٽر جي حيثيت ۾ ڪم ڪندو رهيو. سندس خبرن پڙهڻ جو انداز وڻندڙ ۽ اثر انگيز هوندو هو. خبرن جي مناسبت سان آواز ۾ لچڪ پيدا ڪري، هو ٻڌندڙ جي دلين تي خبر جي اهميت جي ڇاپ ڇاپي ڇڏيندو هو. باوجود ٻاهرين سرگرمين جي، هو پنهنجي پڙهڻ سان سچو رهيو. ڪراچيءَ ۾ رهڻ دوران سندس واقفيت هڪ اهڙي ڪٽنب سان ٿي، جنهن وٽ هو اچڻ وڃڻ لڳو. ان گهر جي هڪ ڇوڪريءَ تاج محمد سان محبت جو اظهار ڪيو، پر خانداني شرافت، گهرو تربيت ۽ وڏيءَ ڀيڻ جي مشورن هن کي سنڀالي ورتو ۽ هن باوجود ان گهراڻي سان ڪافي وقت تعلقات هوندي به پنهنجي قدم کي ٿڙڪڻ ڪونه ڏنو. تاج محمد جي اها خصوصيت هئي، جو باوجود موقعن ملڻ جي ۽ سٺين نوڪرين تي رهڻ جي، براين جي ويجهو ڪونه ويو. نه ڪڏهن سگريٽ پيتائين ۽ نه شراب، دڳ سير ڪنهن ڌاريءَ عورت کي ڏسندو هو ته اکيون زمين ۾ کُپائي ڇڏيندو هو. ايل.ايل.بي ڪرڻ بعد تاج محمد ڪراچيءَ کي خيرباد ڪيو. ڪجهه وقت اچي قمبر ۾ ميونسپل هاءِ اسڪول ۾ انگلش ٽيچر ٿيو، پر سندس طبيعت کي اهو ميدان راس نه آيو. ايل.ايل.بي ڪري وڃي شمس الدين ابڙي وڪيل سان جونيئر پليڊر جي حيثيت سان ڪم سکڻ لڳو، جو ٿورڙي وقت ۾ حاصل ڪري ورتائين. ٻنهي جي هڪٻئي سان محبت ۽ لاڳاپي کي ڏسي ماڻهو کين ڀائر سمجهندا هيا. شمس الدين سان گڏ وڪالت جي دوران ئي سندس دوستي جمال ابڙي سان ٿي. ان وقت تائين هلندي رهي، جيسين تاج محمد جي ساهه جو سڳو پئي سُريو. تاج محمد جهڙو ڪرمنل ڪيسن (Criminal Cases) جي ڪاميابين ۾ مشهور هو، اهڙي ئي سول لا (Civil Law) جي کيس ڄاڻ هئي. گهڻو ڪري هو ڪرمنل ڪيسن کي ترجيح ڏيندو رهيو ۽ جرح ۾ شاهدن جون متيون منجهائي ڇڏيندو هو. ڪرمنل ۽ سول لا جي ڄاڻ ڪري کيس پهريائين اسسٽنٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر بنايو ويو ۽ بعد ۾ ڊسٽرڪٽ پبلڪ پراسڪيوٽر. ان نوڪريءَ دوران سنڌ جي اڪثر ۽ بلوچستان جي ڪن شهرن ۾ مقرر ڪيو ويو. جتي به مقرر ڪيو ويو، اتي پنهنجي قانون جي ڄاڻ جي ڌاڪ ڇڏيائين. ان قاعدي ۽ قانون جي ڄاڻ سبب قدر ڪري کيس سڌو سنئون ائڊيشنل ڊسٽرڪٽ جج بڻايو ويو ۽ بعد ۾ سيشن جج. سال ۱۹۷۲ع ۾ کيس سکر ۾ پهريون دفعو ائڊيشنل سيشن جج مقرر ڪيو ويو. بعد ۾ ڪراچي، نوابشاهه، حيدرآباد ۽ جيڪب آباد وغيره ۾ به ان پوسٽ تي رهيو. سال ۱۹۷۸ع ڌاري کيس ڊسٽرڪٽ سيشن جج بنايو ويو. ڊسٽرڪٽ سيشن جج جي نوڪريءَ دوران ابڙو صاحب خيرپور، نوابشاهه، حيدرآباد ۽ ٺٽي ۾ رهيو. ٺٽي جي آبهوا ۽ ماحول کان هو ايترو ته متاثر ٿيو، جو خواهش ڏيکاريائين ته پينشن تي وڃڻ بعد هو مستقل طور اتي رهندو. شروع کان وٺي تاج محمد غريبن جي پيڙا ۽ ڏک کي پنهنجو ڏک ڪري سمجهندو هو. ان سبب ڪري هن هڙئون ۽ وڙئون غريبن جي پئي مدد ڪئي. سندس همٿائڻ ۽ مالي مدد ڏيڻ تي ڪافي غريب پڙهي وڃي چڱين نوڪرين کي لڳا. ابڙي صاحب کي پنهنجن نوڪرن ۽ پٽيوالن جي گهرجن ۽ ضرورتن تي هميشه نظر هوندي هئي. ان ڪري هُو کين وقت بوقت مالي ۽ ٻي مدد پيو پهچائيندو هو. پنهنجي در تي ڪم ڪندڙن جي پيو پرگهور لهندو هو. کين سٺي کاڌي سان گڏ سٺا ڪپڙا وٺي ڏيندو هو. کين سواريءَ لاءِ سائيڪلون ۽ وقت ڏسڻ لاءِ واچون به وٺي ڏيندو هو. البت ڌنڌي طور پنندڙ فقيرن کي هُـو ڪونه ڀائيندو هو. چوندو هو ته اهڙيءَ طرح پني نه رڳو هُو معاشري تي بوجهه بڻجن ٿا، پر ساڳئي وقت هو حقدارن جو حق به مارين ٿا. ان غريبن جي همدرديءَ ڪري مسٽر تاج محمد هاري موومينٽ ۾ فعال حصو ورتو. هن جا ان سلسلي ۾ دوست ۽ همراهه هيا، ڪامريڊ نذير حسين جتوئي، حاجي محمد پيرزادو ۽ بعد ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي. ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ سان سندس صحبتون ۽ ملاقاتون به ان سلسلي جون ڪڙيون هيون. مرحوم تاج محمد ابڙو نيمن ۽ اصولن جو پابند هو. صبح سوير هُو پنهنجي جاءِ جي نم مان ۽ جي ٻئي هنڌ هوندو هيو ته ڀرواريءَ نم مان تازو ڏندڻ پٽائي ڏندن کي هڻندو هو. ان ڪري سندس ڏند موتين وانگر پيا جرڪندا هئا ۽ پڇاڙيءَ تائين سلامت رهيا. ان کان سواءِ صبح جو پنهنجي بدن جي صفائي، ڪپڙن جي صفائي ۽ بوٽ جي پالش جو خاص خيال رکندو هو. گهر ۾ سلوار قميص استعمال ڪندو هو ۽ آفيس ۾ ڪوٽ، پتلون ۽ ٽاءِ سان ويندو هو. تاج محمد پنهنجي شخصي ڊائري پڻ بنا ناغي لکندو رهندو هو. سندس ڊائريون سال ۱۹۴۶ع کان وٺي ۱۹۸۶ع تائين سندس ڪٽنب وٽ محفوظ آهن. سندس نيمن مان B.B.C ٻڌڻ به هوندو هو، جنهن لاءِ صبح جو پنجين وڳي جاڳڻو پوندو هيس. بي.بي.سي ٻڌڻ کان سواءِ هو صاحب شيوَ وقت پنهنجي گراموفون تي پراڻا گانا پڻ ٻڌندو هو. وٽس رڪارڊ ڪافي انداز ۾ موجود هئا. تاج محمد صاحب جي نيمن ۾ وقت تي دوا جو استعمال پڻ هوندو هو. وڪالت جي دوران مسلسل دماغي ڪم ڪرڻ سبب هو ڪن بيمارين جو شڪار ٿي پيو، جن مان هڪ هئي دم جي بيماري ۽ ٻي ذيابيطس (Diabetes). پوئين مرض جي سبب سندس خوراڪ تي خاص نظر هوندي هئي. باوجود ترغيبن ملڻ جي هن ڪڏهن پرهيز ڪانه ٽوڙي. انسولن (Insulin) جي انجيڪشن پڻ بنا ناغي پاڻ هڻندو هو. هڪ دفعي بيماريءَ دوران ڊاڪٽر حيران رهجي ويا، جڏهن کين ٽيهه سالن جي عرصي جا بيمارين جا نسخا هٿ ۾ ڏنا ويا. هڪ اهڙي مجلس جتي ڪافي معزز ماڻهو هڪ وڏي هستيءَ جي محفل ۾ اچي گڏ ٿيا هئا، کيس شراب پيئڻ جي آڇ ڪئي وئي، پر هن ان کي واپرائڻ کان بنهه انڪار ڪيو ۽ چيو ته هُو شراب استعمال ڪري پنهنجو اصول نه ٽوڙيندو. منجهند جي ننڊ مسٽر تاج محمد کي ڏاڍي عزيز هئي. ان جو سبب هو رات جو دير تائين مطالعو ڪرڻ، جو صبح جو ٻين ٽين وڳي تائين هلندو هو. منجهند جي ننڊ دوران ڪنهن به صورت ۾ کيس سجاڳ ڪونه ڪيو ويندو هو ۽ نه ڪنهن کي اهڙي همٿ ٿيندي هئي، سواءِ هڪ محترم هستيءَ جي، جا وٽس محترم به هئي ۽ پياري به. اها هئي سندس والده! جا به اهڙين حالتن ۾، جن ۾ سندس جاڳائڻ ضروري سمجهيو ويندو هو، کيس بيدار ڪندي هئي. دوستن سان بنا ناغي ڪچهري به سندس اصول هوندو هو. شام جو سندس دوست مقرر وقت تي اچي سندس اوطاق ۾ ڪٺا ٿيندا هئا، جتي ڪافي وقت چانهه جي پيالن تي ساڻن روح رهاڻ ڪندو رهندو هو. پنهنجن دوستن بابت جو خيال تاج محمد پنهنجي وصيت نامي ۾ ڪيو آهي، سو هيٺ ڏجي ٿو: ”منهنجا دوست ڪافي آهن، مگر هرڪنهن کي پنهنجا مسئلا درپيش آهن، تنهنڪري انهن کي ڪا تڪليف نه ڏيندا. البت پاڻ ۾ اختلاف يا ڪنهن منجهيل مسئلي تي سندن صلاح ضرور وٺندا. انهن جي هر وقت عزت ڪرڻ اوهان جو فرض آهي ۽ سندن اولاد سان پڻ تعلق رکڻ جي ڪوشش ڪندا. کانئن ڪڏهن به مالي مدد جي طلب نه ڪندا. ها البته ضرورت وقت اخلاقي مدد ضرور وٺندا ۽ مون کي يقين آهي ته ان ۾ هو پوئتي پير نه ڏيندا. مون تي منهنجا محسن ۽ دوست سدائين مهربان رهيا آهن، جنهن لاءِ آءٌ سندس شڪرگذار آهيان.“ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جي لکڻ مطابق سندس ئي چوڻ تي تاج محمد علمي ۽ ادبي ڪتابن ڏانهن راغب ٿيو. بعد ۾ ان جو اهڙو چسڪو آيس، جو پنهنجي آفيس جي ڪم ۽ دوستن جي ڪچهريءَ بعد ٽين ترجيح سندس ادبي ڪتاب هوندا هئا. رات جو جيڪو ڪتابن جو مطالعو ڪندو هو، ان ۾ علمي ادبي ڪتابن جو به حصو هو. علم ۽ ادب جي ان شوق ڪري تاج محمد ئي لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت قائم ڪئي، جن جا سرگرم ڪارڪن جمال ابڙو، هري درياني دلگير، انيس انصاري ۽ وڏيرو علي محمد عباسي هئا. هيءَ سنگت ڪافي وقت فعال رهي. تنوير عباسيءَ لکيو آهي: ”تاج محمد ابڙو وڪيل هو، پر وڪيل کان وڌيڪ دانشور. ادب، تاريخ، فلسفو سڀ پڙهندو هو. دوستن سان بحث ڪندو هو. لکيائين هڪ لفظ به ڪونه، پر پڙهيو به گهڻو ته ڪڙهيو به گهڻو.“ تاج محمد ابڙي جي ڪمزوري دوست هئا، جن کان سواءِ پاڻ کي اڌورو سمجهندو هو. ياري باشيءَ ۾ سندس ڪچهري مشهور هوندي هئي، جتي علم ادب کان سواءِ سياست تي به وڏا بحث پيا ٿيندا هئا. وڪالت جي عرصي ۾ ته ٺهيو، خود جج هئڻ دوران به اهي ڪچهريون قائم رهيون. باوجود ايماندار ۽ سچي هئڻ جي، ڪن ماڻهن سندس نالي بد ڪرڻ ۾ به ڪين گهٽايو، پر سندس آئيني جهڙي صاف شخصيت اجري جي اجري رهي. تاج محمد دوستن کي ڪافي ڪم آيو. انهن کي هڙئون وڙئون گهرج وقت مدد ڏيندو رهيو. هڪ اهڙي دوست کي (جنهن جو نالو کڻڻ مناسب نٿو سمجهان) بيماريءَ جي حالت ۾ اسپتال ۾ داخل ٿيڻ بعد هڪ ئي وقت سندس علاج لاءِ ويهه هزار روپيا ڏنائين. تاج محمد عيالدار هو. کيس پنج پٽ ۽ چار نياڻيون آهن. نياڻين ۽ پٽن جي تعليم تي خاص ڌيان ڏيندو هو. انهن کي همٿائڻ لاءِ سٺن نمبرن کڻڻ تي انعام ڏيندو هو. پنهنجين نياڻين کي گربخشاڻيءَ جا شاهه جا رسالا سندن پوزيشن حاصل ڪرڻ تي ڏنائين ۽ انهن تي رسالي کي تحفي طور ڏيڻ جو سبب به لکي ڏيندو هو. هُو پٽن سان گڏ نياڻين کي اعليٰ تعليم ڏيڻ جي حق ۾ هو. ٻارن کي دنوي تعليم سان گڏ ديني تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ همٿائيندو رهندو هو ۽ کين قرآن مجيد پڙهڻ لاءِ جتي جتي بدلي ٿيندي هيس، هڪ ملان رکي ڏيندو هو. پاڻ به مولانا تاج محمد امروٽيءَ جو قرآن مجيد جو ترجمو ۽ بائيبل مطالعي هيٺ رکندو ايندو هو. سندس هڪ پٽ سندس نئين ڪار جو ايڪسيڊنٽ (Accident) ڪيو. ڪار کي ڪافي نقصان پهتو، پر سندس پٽ کي ڪو زخم ڪونه آيو. تاج محمد پُٽ کي هڪ حرف به ڪونه چيو. هُو ان تي خوش هو ته سندس فرزند ايڪسيڊنٽ مان بنا ڌڪ لڳڻ جي بچي نڪتو. پنهنجي گهرواريءَ سان ڪافي پيار هوندو هئس. کيس ڏک سک جو ساٿي سمجهندو هو، پر پنهنجي والده ۽ وڏيءَ ڀيڻ سان سندس ڪافي عقيدت هوندي هئي. ذوالفقار علي ڀٽي صاحب جو به گهڻو مداح هو. ساڻس سندس ڪافي ڪچهريون ٿيون. تاج محمد جي اکين ۾ پاڻي ٽن وقتن تي ڏٺو ويو. اهي وقت هئا: سندس والده، ڀيڻ ۽ ڀٽي صاحب جي فوت ٿيڻ جا ڏينهن. تاج محمد ابڙو سير شڪار جو شوقين هو. هُو ميلن جا ميل پنڌ گهمندو هو. ان کان سواءِ وٽس بيلجم (Belgium) جي ٺهيل دو نالي بندوق هئي، جنهن سان شڪار ڪندو هو. ان بندوق کي صاف به پاڻ ڪندو هو ۽ پاڻ ئي حفاظت سان رکندو هيس. ان بندوق جو ڪنداڪُ هڪ نانگ کي مارڻ دوران لٺ طور استعمال ڪرڻ سان ٽُٽي پيو. مرمت جي باوجود ان بندوق ۾ اها اڳين ڳالهه نه آئي. تاج محمد کي بندوق جي خراب ٿيڻ جو احساس ته هو ئي، پر ان کان وڌيڪ خوشي ان ڳالهه جي هيس ته ان بندوق سان ئي نانگ ماري سندس پٽ کي بچايو ويو هو. تاج محمد ڪڏهن ڪڏهن خيالن ۾ اهڙو ته گُم ٿي ويندو هو، جو پنهنجو پتو ڪونه پوندو هيس. هڪ دفعي پنهنجي فرزند سان گڏ ادبيات حيدرآباد ۾ ڪتاب وٺڻ ويو. ڪتاب وٺي ڪار تي چڙهڻ وقت پٽ جي بجاءِ هڪ ٻئي ڇوڪري کي ٻانهن کان وٺي گاڏيءَ ۾ چاڙهڻ لڳو. پُٽ جي آواز تي پنهنجي غلطي محسوس ڪيائين ۽ پنهنجي بي خياليءَ تي ڏاڍو کِليو. اهڙيءَ طرح ٻئي وقت هو ساڳئي نموني پنهنجي چپل جو هڪ پادر ڇڏي وڃي گاڏيءَ ۾ چڙهيو. ٿيو ائين جو سفر دوران هڪ هوٽل ڀرسان گاڏي بيهاري، ٻاهر ڪرسيءَ تي چانهه پيئڻ وقت هن چپل جي هڪ پادر مان پير ڪڍي ڇڏيو. وڃڻ وقت چپل جي ان پادر ڏي ڌيان ئي نه ويس ۽ اچي گاڏيءَ ۾ چڙهيو، پر ڪجهه وقت کان پوءِ هن محسوس ڪيو ته سندس هڪ پير ۾ چپل ڪانه آهي ۽ وري گاڏي واپس ورائي اچي چپل کنيائين. قانون جي ڪتابن کان سواءِ ٻيا ڪتابَ به شوق سان پڙهندو هو. وٽس ڪتابن جو وڏو ذخيرو موجود هو، جنهن مان ڪجهه ته سندس ٻاهر نوڪريءَ جي دوران گهر ۾ بند هئڻ سبب اڏوهيءَ جو شڪار ٿيا ۽ ڪافي ڪتاب سندس ڪٽنب سر شاهنواز ميموريل لئبرريءَ (Sir Shah Nawaz Memorial Library) کي عام ماڻهن جي فائدي لاءِ ڏنا ۽ ڪي ڪتاب سندس دوستن کي تحفي طور پڻ ڏنا ويا آهن. ڪجهه ڪتاب جن کي مصنفن پنهنجن دستخطن سان تحفي طور تاج محمد کي ڏنا هئا، سي ڪٽنب وٽ موجود آهن. اهي ڪتاب محترم جويي، شيخ اياز، رشيد ڀٽي، جمال ابڙي، رسول بخش پليجي ۽ ڪافي ٻين جا آهن. هن وقت به گهر ۾ ڪافي تعداد ۾ ڪتاب موجود آهن، جن مان ڪجهه قاعدي قانون جا آهن ۽ باقي علم ادب، تاريخ، مذهب ۽ ٻين علمن بابت ڪتاب آهن. انهن ڪتابن مان اڃا تائين گهرجائو پنهنجو ڪم حاصل ڪندا رهن ٿا. اهي ڪتاب يادگيريءَ طور گهر جي ڀاتين پاڻ وٽ رکيل آهن. تاج محمد جا پويان ڪتابن ڏيکارڻ ۽ مطالع ۾ ڏيڻ ۾ بخل ڪونه ڪندا آهن. سال ۱۹۸۵ع ۾ پينشن تي اچڻ بعد هن پنهنجي آئندي جي پروگرام تي عمل ڪرڻ لاءِ اچي ٺٽو وسايو، جتي پنهنجي رهڻ لاءِ بنگلو ۽ گذر سفر لاءِ هڪ سروس اسٽيشن ٺهرائي هئائين. ٺٽي جي آبهوا ۽ کليل فضا ته کيس راس آئي، پر اهي دوست جن سان دل جون ڳنڍيون هيس، سي ته هئا لاڙڪاڻي ۾. ان طرح هو هفتي ۾ ڪجهه ڏينهن لاڙڪاڻي پنهنجي دوستن سان ملڻ ايندو هو. اهڙيءَ طرح هڪ دفعي موٽندي ڌاڙيلن سندس گاڏي بيهاري ۽ ڦر ڪري ويا، پر هن اها ڳالهه پنهنجن گهروارن سان نه ڪئي. ڪجهه ڏينهن بعد جڏهن مسٽر غلام محمد راجپوت ڊسٽرڪٽ سيشن جج دادو چوري ٿيل سامان هٿ ڪري کيس پهچائڻ آيو ته گهر وارن کي ان ڳالهه جو پتو پيو. ڦر جو ذڪر نڪتو آهي ته هيءَ ڳالهه ٻڌائڻ مناسب ٿيندي ته سکر ۾ ابڙي صاحب جي گهر مان چوري ٿي وئي. چور سڄو گهر ٻهاري ويا. چوريءَ ۾ تاج محمد جي گهرواري، والده ۽ ڀيڻ جا سونا زيور به شامل هئا. اها چوري پڪڙجي نه سگهي، البته پوليس جڏهن ڪجهه پڪڙيل چورين جا زيور سڃاڻپ لاءِ سندس گهر آندا ته تاج محمد پنهنجي گهر تاڪيد سان چيو ته هُو صرف پنهنجا زيور پنهنجا ڪن، پراون تي هٿ نه رکن. انهن زيورن ۾ سندن ڪوبه زيور ڪونه هو، ان ڪري ڪوبه زيور پنهنجو نه ڪيائون. ڦر جي واقعي ۽ تاج محمد جي لاڙڪاڻي ۽ ٺٽي جي وچ ۾ اچڻ وڃڻ سبب سندس گهر جي ڀاتين اهو فيصلو ڪيو ته هُو سڀ لاڙڪاڻي وڃي رهندا، حالانڪه ٺٽو سندن طبيعت ۽ تندرستيءَ لاءِ بهتر هو. ان بعد سڀ گهر جا ڀاتي ابڙي صاحب جي خوشيءَ خاطر لاڙڪاڻي اچي رهيا. باوجود نيمن ۽ اصولن جي پالنا ۽ دوائن جي بلا ناغي استعمال ۽ پرهيزي کاڌي جي، ذيابيطس جي بيماري سندس اندر کوکلو ڪري ڇڏيو. کيس دل جو سور (Angina Pectoris) به ٿي پئي. فيبروريءَ ۱۹۸۶ع ۾ سندس بيماري وڌي وئي. پهريائين مقامي ڊاڪٽرن کان علاج ڪرايائين ۽ آخر جڏهن ڳالهه وڌي وئي ته جمال ابڙي ڪراچيءَ مان فون ڪري کيس اتي اچڻ لاءِ چيو. کيس جناح اسپتال جي Cardio Vascular ۾ داخل ڪيو ويو، جتي باوجود علاج جي هو تاريخ ۱۰ مارچ ۱۹۸۶ع تي الله کي پيارو ٿي ويو. سندس لاش لاڙڪاڻي آندو ويو، جتي ابوبڪر مقام ۾ پنهنجن عزيزن جي قبرن ڀرسان کيس دفنايو ويو. (هلال پاڪستان، عوامي آواز، عبرت، جاڳو، ڪاوش، سرواڻ، پڪار) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ۽ مچ ڪچهريون مير نادر علي ابڙو لطيف سائين جي ڌرتي سنڌ جيڪا مختلف روايتن ڪهاوتن ڪارڻ هر وقت ڪنهن لاءِ ڪنهن حد تائين پر ڪشش رهي آهي. ان سر زمين تي هميشه محبت جا ميلا متل رهيا آهن، اهي ميلا مختلف روين ۾ سجندا رهندا آيا. ميلن ملاکڙن کان ويندي اوطاق ڪچهريون سنڌ جون پراڻيون روايتون ۽ هڪ ٻئي جا سور سٽڻ جو جتي مرڪز بڻيل رهيون آهن ته اتي وري سياري جي سرد هوائن ۾ سنڌ اندر ٿيندڙ مچ ڪچهريون مشهور آهن. توڙي جو اتي اڄوڪي دؤر ۾ اهو رواج گهٽ ٿيندو وڃي پر تنهن باوجود سنڌ ۾ اڃا تائين مچ ڪچهريون ٿيندو اچن. انهن ڪچهرين ۾ ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن کان ويندي دوستن تائين باهه جي چوطرف محبتن جا ميلا مچايا ويندا آهن. هڪ ٻئي سان جتي گلائو ۽ شڪوائون هجتن جا پل پسڻ لاءِ ملن ٿا. لاڙڪاڻو ضلعو انهيءَ حوالي سان تمام گهڻو زرخيز رهيو آهي. اتي مچ ڪچهرين جي روايت ۽ سلسلو تمام آڳاٽي زماني کان هلندو اچي ۽ اڃا تائين اهوئي مچ ڪچهرين جو جوڀن جاري آهي. هتي جڏهن به مچ ڪچهرين جو تذڪرو ٿيندو ته اتي ڀلا ڪيئن مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي لاڙڪاڻي واري اوطاق کي وساري ٿو سگهجي، جتي سموري سنڌ جا ڏاها اچي مچ تي محبتن جا ميلا مچائيندا هئا. اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀُٽو کان ويندي سوڀي گيانچنداڻي تائين هر مڪتبه فڪر جو ماڻهو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي مچ ڪچهريءَ جو روح روان هوندو هو. انهن ڪچهرين ۾ جتي باهه جي شعلن تي عظيم اراده سرجيا ويندا هئا ته هتي وري ايندڙ صبح جي ڀليڪار جا جتن ڪيا ويندا هئا ۽ هڪ ٻئي جا لڙڪ اگهي کين آٿت ڏني ويندي هئي. انهيءَ مچ ڪچهري ۾ جيڪو شرڪت ڪندو هو تنهن جي اٿڻ لاءِ دل نه ڪندي هئي. اهي مچ ڪچهريون ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سجائي انهن وسيلن علم ادب جو درس ڏيندو هو ۽ سموري سنڌ کان سواءِ بلوچستان، سرحد ۽ پنجاب جا سلجهيل اديب ۽ سماج سڌارڪ انهن مچ ڪچهرين ۾ اچي ڪجهه پرائڻ جي ڪوشش ڪندا هئا ۽ اتي تمام وڏو سياسي سماجي ۽ادبي بحث ٿيندا هئا، پر اڄ سيٽلائيٽ دؤر جا ڪجهه آثار ضرور هن مچ ڪچهرين تي اثر انداز ٿيا آهن ۽ ماڻهن ۾ انهيءَ حوالي سان اڳيون چاهه ناهي رهيو ۽ سماجي قيد خاني ۾ بند ٿي رهجي ويا آهن پر تنهن پڄاڻا به ڪي آهن جيڪي انهن مچ ڪچهرين کي آباد رکيو اچن ۽ هر ڪنهن کي سڏي گڏ ڪري مچ مچائيندا اچن. انهن مچ ڪچهرين کي لاڙڪاڻي ۾ آباد رکڻ ۾ جتي ٻيا طبقا سرگرم آهن، اتي وري لاڙڪاڻي ضلعي ۾ مچ ڪچهرين جو رواج وجهندڙ مرحوم تاج محمد ابڙو جو فرزند ايڊووڪيٽ مظهر علي تاج ابڙو به ڪنهن کان پٺتي ڪونهي ساڳيو علم هٿ ۾ کڻي لاڙڪاڻي ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جو درس ڏيندو ۽ ادبي سماجي ميلا مچائيندو اچي. اهوئي ڪارڻ آهي جو اڄ لاڙڪاڻي جي عوام ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي لاڏاڻي کانپوءِ سندس جي سڪ مظهر علي تاج ابڙو مان لاهي ٿي جيڪو انهن مچ ڪچهرين ۾ پاڻ ملهائيندو اچي، جيڪا ڳالهه انتهائي ڀلوڙ آهي. سنڌ جي سمورن نوجوانن کي اهي مچ ڪچهريون ۽ پراڻن جي ڇڏيل روايتن کي پاڻي ڏئي اڳتي وڌائڻ گهرجي، ڇو جو پراڻن جون ڇڏيل انهن روايتن ۾ اسان جي سماج لاءِ هڪ محبتن جو سنديسو سمايل آهي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو اڪثر اها ڳالهه ڪندو هو ته جن به قومن پنهنجن وڏن جو ڏنل درس ڇڏيو ته اهي تباهه برباد ۽ نقصان ۾ ويون آهن. انهي لاءِ اسان ماڻهن کي هن وقت تائين انهن مامرن کي ويجهائي کان وٺي ڪم ڪري پنهنجو پاڻ ۾ ڪنهن حد تائين متحرڪ ٿيڻ جي قوت پيدا ڪرڻ کپي ته جيئن اسان وڏن جي ڇڏيل روايتن کي قائم ۽ دائم رکي سگهون. اڪثر طور تي وقت نه هجڻ واري عام ۽ غيرذميواري ڪارڻ انهي جا اثرات اسان تي ڀاري نموني اثرانداز ٿيندا رهندا آهن. هاڻ جڏهن سياري جا پڇاڙڪا پل ماضي بڻجي گذري رهيا آهن، ته مچ ڪچهريون به پڄاڻي تي پهچي چڪيون آهن. (خبرون، سنڌو ڊائجسٽ، هلچل، سنڌ، مهراڻ، عوامي آواز، مقدمو، فيصلو، عبرت، سڪار، تعمير سنڌ، هلال پاڪستان، نوائي وقت، خبرين، وکٽوريه) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جج، اديب، وڪيل، سياستدان ۽ سماجي شخصيت ڊاڪٽر اياز قادري هڪ پارسي زبان جي شاعر چيو آهي: ”تون اسان وٽان هليو وئين، مگر تنهنجي ياد اسان جي دلين ۾ سمايل آهي.“ تاج محمد ابڙي کي اسان کان جدا ٿئي ڏينهن، ڏينهن مان مهينا ۽ مهينن مان سالَ ٿي ويا آهن، پر هُو اسان کان جدا نه ٿيو آهي. هن جون يادگيريون، هن جون ڳالهيون، ائين تازيون آهن، جيئن بهار ۾ ٽڙندڙ تازا گل. تاج محمد ابڙو منهنجو هاءِ اسڪول کان وٺي ڪاليج تائين ڪلاس فيلو، هاسٽل ۾ روم ميٽ ۽ زندگيءَ ۾ پيارو دوست هو. اسين هڪٻئي جي ويجهو رهياسين. ڏک سک جا ساٿي، حال ڀائي ۽ همدرد، اسان ۾ ڪڏهن به هڪٻئي سان ڪاوڙ پيدا نه ٿي، نه جهيڙو ئي ٿيو. هڪ ڀيري مون کي هن جي ڪنهن ڳالهه جو ڏُک ٿيو ۽ مان ٽي چار ڏينهن ناراض رهيس. تڏهن مون ڏانهن چٺي لکيائين: Make new friends but keep the old ones; for one is silver another is gold. ناراضپو ختم ٿي ويو ۽ اسين کير کنڊ ٿي وياسين. تاج محمد ابڙي کي ننڍپڻ کان ئي سياست سان دلچسپي هئي. اسين جڏهن مدرسه هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ پڙهندا هئاسين ته ڪڏهن ڪڏهن سياست تي به ڳالهائيندا هئاسين. اهو ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جو دؤر هو، هندو مسلم ڇڪتاڻ جا ڏينهن هئا. هندن جو لاڙو ڪانگريس ڏانهن ۽ مسلمانن جو مسلم ليگ ڏانهن هو. ڪٽر هندو جماعت ”هندو مهاسڀا“ سنڌ جي صوفي ماحول کي بگاڙي، هندو مسلمانن ۾ وڏا ويڇا وجهي رهي هئي. هندن ۾ مسلمانن خلاف ان جماعت نفرت جو وڌيڪ زهر وڌو. مسلمان شاگردن جو لاڙو مسلم ليگ ڏانهن هو. اهو زمانو ۱۹۴۲ع وارو زمانو هو، مگر تاج محمد ابڙو ان وقت به هارين ۽ غريبن جي ڳالهه ڪندو هو. ننڍپڻ ۾ سندس گهرو تربيت اعليٰ نموني ٿي هئي. سمجهه ۾ ائين ٿو اچي ته سندس گهر جي ماحول جو هن تي گهرو اثر هو. انهن ڏينهن ۾ سنڌ جون مکيه روزانه اخبارون هيون : (۱) ”هندو“ جنهن جو پوءِ نالو مٽائي ”هندستان“ رکيو ويو. هيءَ ڪانگريس جي اخبار هئي. (۲) ”سنسار سماچار“ هيءَ مهاسڀاين (ڪٽر هندن) جي اخبار هئي ۽ (۳) ”الوحيد“ هيءَ مسلم ليگ جي خيالن جي اخبار هئي. انهن کان سواءِ ڪيتريون هفتيوار اخبارون نڪرنديون هيون. تاج محمد ابڙو ۽ مان اخبارون وڏي چاهه سان پڙهندا هئاسين. پوءِ سياسي حالتن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي هئي. ۱۹۴۳ع ۾ مئٽرڪ ۾ پاس ٿياسين. ان وقت مسلمانن جي تعليم جو هي حال هو، جو مان لاڙڪاڻي شهر جو واحد مسلمان شاگرد هوس، جو مئٽرڪ ۾ پاس ٿيو هوس. اسين گهڻو ڪري سڀ سنگتي پاس ٿياسين. انهيءَ زماني ۾ ۱۹۴۳ع ۾ پير الاهي بخش سنڌ جي تعليم جي وزير جي ڪوشش سان سنڌ مسلم ڪاليج کليو هو. مسلمان شاگردن لاءِ ان ڪاليج ۾ في، هاسٽل جي رهائش، کاڌي ۽ اسڪالرشپ جون وڏيون سهوليتون هيون. انهيءَ ڪري تاج محمد ابڙو ۽ مون به ايس.ايم ڪاليج ۾ داخلا ورتي ۽ گڏ هاسٽل جي روم ۾ رهڻ لڳاسين. تاج محمد ابڙي کي ڪراچيءَ ۾ پنهنجي سوشلسٽ خيالن وارن ماڻهن سان ملڻ ۽ سوشلزم کي سمجهڻ جو وڏو موقعو مليو. لائيٽ هائوس سئنيما سامهون (جا هينئر ڊهي وئي آهي) ڪچهري روڊ جي شروعات تي ٽريڊ يونين ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي آفيس هئي. تاج محمد ابڙي باقاعده اُتي وڃڻ شروع ڪيو. ڪميونسٽ پارٽي سنڌ جو سيڪريٽري ڪامريڊ جمال الدين بخاري هو ۽ سرگرم ڪارڪنن ۾ سوڀو گيانچنداڻي، پوهو، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي، قادر بخش نظاماڻي ۽ ٻيا هندو مسلمان جوشيلا جوان هئا. ڪميونسٽ پارٽيءَ طرفان سوشلزم ۽ ڪميونزم کي سمجهڻ لاءِ ڪلاس ٿيندا هئا. تاج محمد ابڙو انهن ڪلاسن ۾ باقاعدي ويندو رهندو هو. سياسي طرح هُو ڪامريڊ قادر بخش نظاماڻيءَ کي ئي پنهنجو استاد سمجهندو هو. قادر بخش نظاماڻيءَ پهريان سنڌين ۾، پوءِ بلوچن ۾ نئشنلزم ۽ سوشلزم جي تربيت جو ڪم شروع ڪيو. ڪجهه سالن کان هاڻي هو لنڊن ۾ مقيم آهي. اسين جڏهن ڪراچيءَ ۾ تعليم لاءِ پهتاسين ته ورلڊ وار سيڪنڊ (Scond World war) جي خاتمي جا ڏينهن هئا. ته به انگريز سپاهي ڪارين ڪرسچن ڇوڪرين کي ڀاڪر پايو صدر جي بازارين ۾ عام جام گهمندا ڏسڻ ۾ ايندا هئا. ايس.ايم ڪاليج، سنڌ مدرسه هاءِ اسڪول جي احاطي اندر قائم ڪيو ويو هو. مدرسه هاءِ اسڪول جي بورڊنگ هائوس جو هڪ حصو ڪلاسن لاءِ، باقي حصو ڪاليج جي شاگردن جي رهائش لاءِ مخصوص ڪيو ويو هو. ڪاليج ڇا هو؟ ان وقت ته ڪنهن ننڍي هاءِ اسڪول جي ئي برابر هو. مدرسه هاءِ اسڪول جي ٻاهرئين وڏي دروازي جي مٿان، جيڪو ڪاليج جو به دروازو هو، وڏن اکرن ۾ لکيل هو: Enter to learn, go forth to serve! تڏهن شاگرد نوڪريون به ڪندا هئا ۽ پڙهندا به هئا. ان زماني ۾ نوڪريون جام هيون. مسلمان ڇوڪرا تمام گهٽ پڙهيل هئا. سنڌ سرڪار نوڪرين ۾ هندن ۽ مسلمانن جي ڪوٽا مقرر ڪئي هئي: ۶۰ سيڪڙو مسلمان ۽ چاليهه سيڪڙو هندو. مسلمان ڇوڪرا هڪ نوڪري ڇڏي ٻي نوڪري ڪندا هئا. تاج محمد ابڙي به مختلف هنڌن تي نوڪري ڪئي. ڪجهه عرصو ان وقت جي مشهور اخبار ”الوحيد“ ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر ٿي ڪم ڪيائين. پوءِ ريڊيو پاڪستان ۾ سنڌي خبرن جو انائونسر (Announcer) ٿي رهيو. ڪاليج لائيف ۾ هن اسٽوڊنٽ تحريڪن ۾ پس پرده وڏو ۽ اهم حصو ورتو. محمود هارون (پوءِ جو اڳواڻ سنڌ جو گورنر)، سندس ڀاءُ سعيد هارون، قاضي عبدالمنان (پوءِ جو سنڌ جو روينيو منسٽر) علي گوهر کهڙو، سڀ مسلم ليگي ۽ مسلم شاگردن ۾ پنهنجي ليڊري قائم ڪرڻ گهرندا هئا. تاج محمد کي شاگرديءَ واري زماني ۾ اخبار ڪڍڻ جو ڏاڍو چاهه هو. ان بابت مون سان صلاح ڪندو هو. مان هميشه چوندو هومانس: ”تيل کان سواءِ ڏيئو نه ٻرندو.“ پاڻ تڪڙا ماڻهو آهيون، پيٽ ئي مشڪل ٿا پاليون، پوءِ اخبار جي عياشي ڪيئن ڪري سگهنداسين؟ ۽ هن ڪجهه پئسا پاڻ ۽ ڪجهه پئسا ٻين دوستن کان هٿ ڪري ”نوجوان“ نالي سان هفتيوار اخبار شروع ڪئي. ان جو ايڊيٽر مون کي مقرر ڪيائين. ان وقت نه سنڌي مسلمانن ۾ هو مڊل ڪلاس نه تعليم، نه وري اخبار پڙهڻ جو چاهه، تنهنڪري ”نوجوان“ جا فقط ڪجهه پرچا نڪتا، پوءِ اخبار مالي مشڪلاتن سبب بند ٿي وئي. تاج محمد ابڙو ۴۸-۱۹۴۷ع ڌاران وڪالت پاس ڪري لاڙڪاڻي هليو آيو. ان وقت قاضي فضل الله، حنيف صديقي، خانبهادر يار محمد جوڻيجو، شمس الدين ابڙو، عبدالوحيد ڪٽپر، عبدالفتاح ميمڻ ۽ ٻيا لاڙڪاڻي جا برک وڪيل هئا. هن پهريان عبدالفتاح ميمڻ سان گڏ وڪالت شروع ڪئي، پر طبيعت جي فرق سبب ان کي ڇڏي شمس الدين ابڙي جي چوڻ تي ان جو پارٽنر ٿي وڪالت ڪيائين. مان هر روز شام جو چانهه تاج محمد وٽ سندس اوطاق ۾ وڃي پيئندو هوس. شام جو تاج محمد ابڙو پنهنجي اوطاق تي ڪچهريءَ ۾ مست رهندو هو. مون هن کي بلڪل ويجهائيءَ کان ڏٺو. هن جو دامن دنيا جي آلودگين کان بلڪل صاف ۽ شفاف رهيو. لاڙڪاڻي جون ڪچهريون ايامن کان مشهور هيون. لاڙڪاڻو وڏيرن، وزيرن ۽ وڪيلن جو شهر هو. شهر ۾ ڪيتريون ڪچهريون قائم هيون: لاهورين ۾ نواب حاجي امير عليءَ جي ڪچهري، پوسٽ آفيس سامهون عبدالغفور ڀرڳڙيءَ جي ڪچهري، اسٽيشن جي ڦاٽڪ لڳ قاضي فضل الله جي ڪچهري، ٿورو هيٺ عبدالفتاح ميمڻ جي ڪچهري، ٽائون ٿاڻي (اڳيون) لڳ تاج محمد ابڙي جي ڪچهري، مارڪيٽ لڳ ميان غلام عباس قادري جي ڪچهري، قافله سراءِ ۾ خان صاحب فقير محمد انڙ جي ڪچهري، اهي ڪچهريون سڀ بلي بلي هيون. پر انهن سڀني مان تاج محمد ابڙي جي ڪچهريءَ جي ڪهڙي ڳالهه ڪري ڪهڙي ڪجي. هن جي ڪچهريءَ جو رنگ ئي پنهنجو هو. هن ڪچهريءَ ۾ مختلف قسمن، طبيعتن، سياسي پارٽين، ادبي گروهن، زميندارن ۽ هارين سان واسطو رکندڙ ۽ مذهبي طبقي سان واسطو رکندڙ ماڻهو ايندا هئا، جن ۾ ڪامريڊ علي محمد عباسي (بيگم اشرف عباسي جو وڏو ڀاءُ)، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، عبدالخالق آزاد (نوابشاهه)، ڪامريڊ عبدالقادر جوڻيجو، مولوي نذير حسين جتوئي، حاجي محمد پيرزادو، ڪامريڊ جمال الدين بخاري، جمال ابڙو، مان ۽ ٻيا ڪيترا حباب شريڪ ٿيندا هئا. هر ماڻهوءَ جو آڌرڀاءُ چانهه سان ٿيندو هو. چانهه جي ديڳڙي هميشه گرم رهندي هئي. تاج محمد ابڙي جو دسترخانو نهايت ئي ڪشادو هوندو هو. سنڌ توڙي پاڪستان جي مختلف حصن مان مختلف قسمن جا ماڻهو وٽس اچي مهمان ٿيندا هئا، جن ۾ وڏو تعداد سياسي ماڻهن جو هوندو هو. شيخ اياز سکر مان جڏهن به ڪنهن ڪيس جي سلسلي ۾ لاڙڪاڻي ايندو هو، ته وٽس اچي مهمان ٿيندو هو. ڀارت مان اتم ۽ سندري اتمچنداڻي جڏهن لاڙڪاڻي آيا، ته تاج محمد ابڙي انهن جي دعوت ۽ ميزباني ڪئي. سياست تاج محمد ابڙي جي رڳ رڳ ۾ سمايل هئي. هُو سوشلزم ۽ ڪميونزم سان ڪميٽڊ (Committed) هو. جيئن ته لاڙڪاڻي ۾ ڪوبه ڪارخانو ۽ فيڪٽري ڪانه هئي، تنهنڪري هتي مزدور طبقو ڪونه هو. هن سنڌ جي وڌ ۾ وڌ ڏتڙيل ۽ پٺتي پيل طبقي هارين لاءِ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. هارين جي بيداريءَ جي ڪم جي شروعات ڪجهه سال اڳ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ڪري چڪو هو. تاج محمد ابڙو، مولوي نذير حسين جتوئي، عبدالواحد سومرو (رتيديري وارو)، ڪامريڊ علي محمد عباسي، عبدالخالق آزاد (نوابشاهه)، ڪامريڊ غلام محمد لغاري، قاضي فيض محمد، شمس الدين شاهه وڪيل (سکر)، ڪامريڊ عبدالقادر جوڻيجو (ڌامراه) ۽ ٻين ڪيترن دوستن ”هاري پارٽيءَ“ جي نالي تنظيم قائم ڪئي ۽ هارين جي بهبود لاءِ ڪم شروع ڪيو. لاڙڪاڻي ۾ تاج محمد ابڙي ان ڏس ۾ پاڻ چڱو موکيو. هڪ ڀيري مشهور ڪميونسٽ ليڊر ۽ شاعر ناصر زيدي، تاج محمد ابڙي وٽ لاڙڪاڻي اچي نڪتو. ايوب جو آمر شاهي دؤر هو. هن جي پٺيان سي.آءِ.ڊيءَ وارا لڳل هئا. تاج محمد ابڙي جي اوطاق عام ماڻهن لاءِ کليل هوندي هئي. خطرو اهو هو ته سي.آءِ.ڊيءَ وارن کي سندس لاڙڪاڻي ۾ آمد جو پتو نه پوي ۽ کيس گرفتار نه ڪري وڃن، ان ڪري هن کي تاج محمد ابڙي منهنجي اوطاق ۾ رهايو، جتي هڪ اڌ ڏينهن رهي، هو خير سلامتيءَ سان روانو ٿي ويو. ڪجهه وقت کان پوءِ کيس گرفتار ڪري لاهور جي قلعي ۾ بند ڪيو ويو، جتي مٿس گهڻيون سختيون ڪيون ويون ۽ هُو مري ويو. تاج محمد ابڙي کي ڪتابن پڙهڻ ۽ ڪٺي ڪرڻ جو بي انتها گهڻو چاهه هو. هو زياده تر سياسي، بايوگرافي (سوانح حيات) ۽ تاريخي ڪتاب پڙهندو هو. سواءِ ڪنهن اعتماد واري دوست جي، ٻئي کي ڪتاب نه ڏيندو هو. مون کانئس جو ڪتاب گهريو، سو ڏيندو هو. مون ”ڪنفيشنس آف روسو“، ”تاريخ بلوچستان (هوتورام)“، ”ٿنڪ اينڊ گرو رچ“، ٻيا ڪيترائي ڪتاب سندس لائبريريءَ مان وٺي پڙهيا. هن کي هفتيوار ”ٽائيم“ ۽ رسالي پڙهڻ جو نه صرف شوق هو، پر هو باقاعدگيءَ سان انهن کي سنڀالي رکندو هو ۽ جلدَ چاڙهائي ڇڏيندو هو. جيڪڏهن ڪو پرچو پوسٽ وارا گُم ڪري ڇڏيندا هئا ته پوءِ مان اهو پرچو کيس ڪراچيءَ جي اسٽالن يا فوٽ پاٿن تان هٿ ڪري ڏيندو هوس. تاج محمد ابڙي کي انگريزيءَ ۾ هڪ هفتيوار اخبار View and Review نالي ڪڍڻ جو ڏاڍو شوق هو. هو چوندو هو: ”جيستائين سنڌ جي ماڻهن ۾ سياسي حالتن تي تنقيدي جائزي وارو مواد نه پهچندو، انهن ۾ سياسي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ جي سمجهه نه پيدا ٿيندي.“ تاج محمد ابڙي جا سنڌ، بلوچستان، پنجاب ۽ سرحد جي ڪيترن ئي سياستدانن سان انتهائي گهرا تعلقات هئا، جن سان هن جون شخصي ۽ سياسي ملاقاتون ٿينديون هيون. سنڌ جي سياستدانن ۾ جي ايم سيد، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، محمد امين کوسو، شيخ عبدالمجيد سنڌي، قاضي فيض محمد، غلام محمد لغاري ۽ بي شمار ٻين سان هن جا گهرا تعلقات هئا. لاڙڪاڻي جي سياستدانن مان قاضي فضل الله ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي سان نه فقط هن جا گهرا تعلقات هئا، پر اهي ٻئي هن جي سياست ۽ ضلعي جي ماڻهن جي نفسيات جي ڄاڻ سبب ضلعي جي ڪيترن مسئلن بابت هن کان هميشه مشورا وٺندا رهندا هئا. مون کي ياد آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو خاص طرح اليڪشن واري زماني ۾ هن وٽ ايندو هو يا هن کي پاڻ وٽ گهرائيندو هو ۽ ضلعي جي ماڻهن ۽ ضلعي جي وڏيرن بابت جن جو ماڻهن تي اثر هوندو هو، هن سان صلاح مصلحت ڪندو هو. ڀٽو صاحب تاج محمد ابڙي تي ايترو ته مهربان هو، جو هن کي بقا پور واري تڪ مان نه صرف بي ڊي ميمبر چونڊرايائين، پر اتي جو چيئرمين پڻ مقرر ڪيائين. تاج محمد ابڙي کي سنڌي ادب ۽ زبان سان بيحد گهڻي دلچسپي هئي. اسان جڏهن ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادبي سنگت قائم ڪئي ته ڏاڍو خوش ٿيو ۽ اسان سان پيش پيش رهيو. هُو چاهيندو هو ته سنڌي ادب کي پراڻي پيچري تان هٽائي نون ترقي پسند راهن ۽ رستن تي هلائجي. هو سنڌي ادبي سنگت جي ميڙن ۾ پيش ٿيندڙ نئين روشنيءَ واري ادب کان ايترو متاثر ٿيو، جو هن پاڻ لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت جي شاخ قائم ڪئي. سنگت جو سيڪريٽري پاڻ هو. سنگت جي ميڙن ۾ لاڙڪاڻي جا پراڻا ۽ نوان اديب سڀ شريڪ ٿيندا هئا، جن ۾ حاجي محمود خادم، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ، انيس انصاري، جمال الدين بخاري، جمال ابڙو ۽ مان گهري دلچسپي وٺندا هئاسين. تاج محمد ابڙي جي ڪوششن سان سال ۱۹۵۶ع ۾ لاڙڪاڻي جي تجر باغ ۾ شاهه عبداللطيف جي شاندار ورسي ملهائي وئي. ان وقت عبدالله چنو لاڙڪاڻي جو ڪليڪٽر هو. هن کي شاهه جي ڪلام سان گهڻي دلچسپي هئي. ان ڪري صدارت ان کان ڪرائي وئي. ورسيءَ جي خرچ جو بار سڄو تاج محمد ابڙي برداشت ڪيو. جيتوڻيڪ ورسيءَ جو سمورو بندوبست هُن پنهنجي هڙون توڙي وڙون ڪيو، پر جيڪي دعوت ناما جاري ڪيا ويا، اهي منهنجي نالي سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت جي حيثيت سان ويا. ورسي نهايت ڪامياب رهي. مان سمجهان ٿو ته لاڙڪاڻي جي تاريخ ۾ ڀٽائيءَ جي اهڙي شاندار ورسي اڳ ڪڏهن نه ٿي هئي. تاج محمد ابڙي کي ۱۹۷۰ع ڌاران نوڪري ڪرڻ جو خيال پيدا ٿيو. سڀني دوستن ان ڳالهه جي مخالفت ڪئي، مگر هُو پنهنجي ڳالهه تي قائم رهيو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي زور ۽ اسرار تي هو ۱۹۷۲ع ۾ سيشن جج مقرر ٿيو. نوڪريءَ واري زماني ۾ به هو ساڳيو يار ويس ۽ مهمان نواز رهيو ۽ سندس اهي ئي ڪچهريون رهيون. سال ۱۹۸۵ع ۾ نوڪريءَ تان رٽائر ٿي لاڙڪاڻي آيو، ته بلڪل کيسين خالي آيو. اهڙي سادي، ايماندار ۽ هيري جهڙي ماڻهوءَ وٽ پئسي جو ڪٺو ٿيڻ ڏکيو هو. هُو جڏهن لاڙڪاڻي واپس آيو ته پاڻ سان دل جو مرض به کڻي آيو. ۱۰ مارچ ۱۹۸۶ع تي ڪارڊيو ويسڪيولر اسپتال ڪراچيءَ ۾ سندس انتقال ٿيو ۽ اسان کان هميشه هميشه لاءِ دور ٿي ويو ۽ اڪيلو ڪري ويو. هن جي وفات سان لاڙڪاڻي ۾ ڪچهرين جو دؤر ختم ٿي ويو، ڄڻ هي آخري ڏئيو هو، جو گُل ٿي ويو. ** (هلال پاڪستان، بختاور، برسات، عوامي آواز، عبرت، سنڌو، جاڳو، آفتاب، پُڪار، مهراڻ ۽ الوحيد) مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو منهنجو دوست ڪامريڊ روچي رام ڪامريڊ تاج محمد تاج محمد ابڙو سياست صحافت ۽ ادب جو هڪ جاکوڙي ڪردار هو پر زاتي طور جنهن کي تاج محمد جي محبت جي سِکِ لڳل هوندي سو کيس کيس ڪنهن به صورت ۾ وساري ڪين سگهندو. هو منهنجو پيارو دوست محسن ۽ استاد هو. اها شمع ۱۰ مارچ ۱۹۸۶ تي اُجهامي ويئي پر منهنجي دل ۽ دماغ ۾ انجي جوت اڃان تائين روشن آهي. تاج محمد ابڙو جي قابليت مطالع عمل جي صلاحيت مهمانوازي ۽ پيار هر وقت هر دور ۾ مقدر رهندي آئي آهي. ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي چوندو هو ته تاج محمد ابڙو بذات خود هڪڙي انجمن هو ان وٽ سياسي، ليڊرن روپوش ڪارڪنن ۽ اديبن جي هميشه امدرفت رهندي هئي سنڌ جي چوٽي جي سياست دانن ورڪرن ۽ اديبن جو مرڪز ڪامريڊ تاج محمد جي اوطاق هوندي هئي جيڪا سندس آفيس ۽ ميل ميلاپ، سياسي عمل ۽ گفتگو جو مرڪز به هئي جنهن جو سمورو خرچ تاج محمد ابڙو زاتي طور ڀريندو هو. مون ۱۹۵۲ع ۾ ايل ايل بي پاس ڪئي هئي ۽ حيدرآباد ۾ ديوان ڌرمداس مولچند هيراننداڻي سينئر وڪيل جي فورم ۾ جونيئر وڪيل طور شامل ٿيو هوس. ان وقت وڪيلن جي پيشي ۾ هڪ نئون نمونو شروع ٿيو هو. رجسٽريشن ۽ ڪسٽوڊين جا کاتا کوليا ويا هئا جتي گهڻو ڪري هندوستان مان لڏي آيل مسلمان آفيسر رکيا هئا جيڪي هتان سنڌ مان نه لڏي ويندڙ هندوئن کي تنگ ڪندا هئا جيڪو هندو لڏي ويا هئا تن تي به هتي سنڌ ۾ ڪو ڪيس نه هلي سگهندو هو پر هتي ويٺلن پاڪستان جي شهري ٿيلن کي به تنگ ڪندا هئا ته توهان لڏي ويا هئا وري آيا آهيو انهن جا ڪيئي ڪيس ديوان ڌرمداس وڪيل وٽ هئا. اهڙن ڪيسن ۾ هو مونکي لاڙڪاڻي ڪسٽوڊين جي ڪورٽ ۾ موڪليندو هو اتي ان دور ۾ لاڙڪاڻي جو ڀلوڙ وڪيل ڪٽپر صاحب هو جو مونکي پنهنجي اوطاق ۾ رهائيندو هو اها اوطاق سندس آفيس به هئي ۽ مهمانوازي ڪرڻ جي جڳهه به. لاڙڪاڻي ۾ وڪيلن جي آفيس جي خاص خصوصيت هوندي هئي ته اها آفيس به هئي، اوطاق به ۽ مهمانوازي ڪرڻ جي جڳهه به ائين هڪ آفيس اوطاق تاج محمد ابڙي صاحب جي به هئي اهو وڪيل جي اوطاق جو رواج اسان وٽ حيدرآباد، ڪراچي ۽ ميرپورخاص ۾ ڪين هو. ۱۹۷۲ع ڌاري جڏهن تاج محمد ابڙو صاحب سيشن جج مقرر ٿيو ته شايد پهرين نوڪري حيدرآباد کان شروع ڪيائين اسان وٽ ميرپورخاص بار روم ۾ اها ڳالهه هلي ته تاج محمد ابڙو صاحب وڏي شخصيت آهي اها نوڪري نه وٺڻ کپيس ها. تاج محمد ابڙو صاحب جي آفيس جيڪا اوطاق وانگيان هئي جيڪا سندس سموري مشغولين جو مرڪز هئي اتي سنڌ دوست وڪيل ڪيسن وارا اسير سياستدان ۽ سياسي ورڪر ۽ ڪامورا ۽ سندس لاڳاپيل شخص گڏبا هئا ڪچهريون ٿينديون هيون جنهن جو زڪر مختلف دوستن پنهنجي لکڻين ۾ ڪيو آهي اهو ڏيکاري ٿو ته لاڙڪاڻي جو وڪيل ۽ سياستدان باقي سنڌ جي شهرن جي وڪيلن کان مختلف ۽ الگ هو. تاج محمد ابڙو کي سندس ڪرم فرمائن زور ڏئي جج ٿيڻ تي مجبور ڪيو ۽ هو سڌو سيشن جج ٿيو پنهنجي پهرين مقرري جي دور ۾ هو حيدرآباد مان پنهنجي موٽر ۾ چڙهي مون وٽ ميرپورخاص آيو جو عمل هڪ سيشن جج لاءِ عام نه هو هو ته وڪيل جي گهر وڃي تاج محمد ابڙو جي اها خصوصيت هئي ۽ ان جي ذهن ۾ اهو ڊپ بنجيو ڪين هو ته ان جي هن عمل تي ڪو اعتراض ٿيندو هو سنگت ۽ دوستي ۽ ذاتي تعلق کي پروٽوڪول کان مٿانهون سمجهندو هو. سيشن جج تاج محمد ابڙو ساڳيو ئي ڪامريڊ دوست ۽ سياسي ساٿي هو. ايئن هو پنهنجي سڀني لاڳاپن ۽ دوستن سان تعلق قائم رکندو آيو انهيءَ ڳالهه کان انڪار ڪونهي تنهن جي انهي عمل تي ڪنهن به ڪا ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ جي همت نه ٿيندي هئي. جڏهن ڪو دوست ڪنهن غلط فهمي سبب ناراض ٿيندو هو ته انهيءَ کي پاڻ لنگهي وڃي پرچائيندو هو. ايتري غير معمولي زندگي جي تجربن کان پوءِ به هو حياتي کي سونهن ۽ سوڀيا جو ويس سمجهندو هو ڪنهن ماڻهو سان شڪايت نه هوندي هئي هو هر ماڻهو کي سونهن ۽ ديا وارو سمجهي پيار ڪندو هو. هن ڪڏهن به ڪنهن سان شڪايت نه ڪئي هن زاتي طرح ايمانداري سان گڏ سچائي، سبتازي، سپتائي ۽ سٺائي سان پنهنجي جيئڻ جي ڍنگ سان شامل ڪري پاڻ کي مثالي بنايو. منهنجو ساٿ سدائين سندس مشغولين سان رهيو. تاج محمد ابڙو سچو سوشلسٽ ۽ سنڌ پرست هو. هن جو ڪردار هڪ مثالي ڪردار هو. هن جي هڪ جج طور حيثيت به Up to the Mark هئي هن جا فيصلا انصاف جي معيار تي پورا لهندا هئا. تاج محمد جي ڪيل فيصلن جي ايپيليٽ ڪورٽن به سدائين قبوليت ڪئي ۽ ڪي به ريمارڪ نه ڏنا هئا هن جي انصاف ۽ عدل ۾ يقينن ساراهه جوڳو آهي. اسانجو دوست تاج محمد ابڙو هڪ سخي مرد، وطن دوست اوطاق هلائيندڙ مهمانواز، پڙهڻ لکڻ ۽ ڪتابن جي شوقين، قلم جي اهميت سمجهڻ وارو، روشن خيال پڙهيو لکيو وڪيل ۽ هڪ انصاف پسند جج هو. (ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۰ مارچ ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)
سراج ميمڻ سنڌي لسانيات جي ماھر کي سلام ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو انگريزي ٻوليءَ جي لفظن Language ۽ Linguistics جي سنڌيءَ ۾ معنيٰ عام طور تي هڪ ئي يعني ”ٻولي“ ڪئي ويندي آهي، جڏهن ته انهن لفظن جون ڌار ڌار معنائون آهن، لينگئيج جي معنيٰ ٻولي زبان، ڀاشا، ۱: ماڻهن جي وچ ۾ صوتي ۽ تحريري اشارن ۽ آوازن ذريعي رابطو ۲: رابطي جي ڪا به صورت، نشانن جو ڪمپيوٽر ۽ خاص طرح وارو استعمال ٿيندڙ لاڙو يا طريقو ۳: ڪنهن قوم جي مخصوص ٻولي، ۴ ڪنهن ماڻهو، گروهه يا ڪنهن ڌنڌي جي خاص ٻولي يا لهجو وغيره “ لنگسٽڪس جي معنيٰ آهي ”لسانيت ۱: ٻوليءَ جو علم يا سائنس، ۲: ڪنهن خاص ٻوليءَ جو اڀياس (سنڌيڪا ڊڪشنري) سنڌي ٻولي تمام گهڻي شاهوڪار آهي، ٻوليءَ جي ماهرن ۾ به شاهوڪار آهي، پر لسانيات جي ماهرن ۾ ڏاڍي غريب آهي، آڱرين تي ڳڻڻ جيترا لسانيات جا ماهر آهن، انهن ماهرن جي جيڪڏهن تاريخ ڏسنداسين ته گهڻي ڀاڱي انگريزن کان شروع ٿيندي، انگريزن کان جيڪڏهن ڳڻپ ڪجي ٿي ته انگريز عالمن کان سواءِ مرزا قليچ بيگ، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سراج الحق ميمڻ، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو، آفتاب ابڙو ۽ شايد ڪجهه ٻيا شامل آهن، انهن سڀني ۾ رڳو ٽي عالم اهڙا آهن، جن سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد بابت پنهنجا نظريا ڏنا آهن، انهن عالمن ۾ پيرومل مهر چند آڏواڻي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ سراج الحق ميمڻ اچي وڃن ٿا. سراج الحق ميمڻ کان اڳ ۾ جيڪي نظريا آيا اهي هئا؛ ۱. سنڌي ٻولي سنسڪرت جي لهجي وراچد، اپڀرنش مان ڦٽي نڪتي، ٻين لفظن ۾ سنسڪرت ڄائي آهي، (ڀيرومل مهر چند آڏواڻي) ۲. سنڌي ٻولي سامي سٿ جي ٻولين مان ڦٽي نڪتي، ٻين لفظن ۾ سنڌي ٻولي عربي، عبراني ۽ ٻين ٻولين مان ڄائي، (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ) انهن ٻنهن نظرين جي حق ۾ مختلف عالمن جا رايا دليل ۽ حوالا ڏنا ويا آهن، سراج صاحب اهو پهريون ماڻهو هو، جنهن انهن ٻنهي نظرين سان اختلاف ڪندي پنهنجي تحقيق وسيلي ثابت ڪيو ته سنڌي ڪنهن ٻيءَ ٻوليءَ جي ڄائي ناهي، اها پاڻ هڪ مڪمل ٻولي آهي، ان تي سامي سٿ، سنسڪرتي ٻولين ۽ ٻين ٻولين جا گهرا اثر آهن، هنن ٻولين هڪ ٻئي کي لفظ ڏنا ۽ ورتا آهن، ان حوالي سان هن وڏي کوجنا ڪري مختلف مثال ڏنا آهن. سراج صاحب جي ان نظريي کي تمام گهڻي پذيرائي ۽ مڃتا ملي، خاص طور تي جڏهن اسان دعوا ڪندا آهيون ته هزارين سال قديم تهذيب جا وارث آهيون، ماضيءَ ۾ سنڌي قوم تمام گهڻي قابل، مهذب، ترقي يافته ۽ عظيم هئي، وغيره وغيره ثابتيءَ لاءِ موهن جي دڙي جو مثال ڏيندا آهيون، موهن جي دڙي جي آثارن هئي، وغيره وغيره ثابتيءَ لاءِ موهن جي دڙي جو مثال ڏيندا آهيون، موهن جي دڙي جي آثارن مان اسان کي جديد نظام جون اهي سموريون سهولتون ۽ رٿا بنديون مليون آهن، جيڪي اسريل ملڪن ۾ هن وقت رائج آهن، ڊرينج سسٽم، آبهوا مطابق اڏاوت، مارڪيٽ، تعليمي ادارا، عبادتگاهون، ڦيٿو (گاڏي) وغيره وغيره پنج ڇهه هزار سال پهريان سنڌ جي دنيا ۾ اها حيثيت هئي ته سنڌي ٻوليءَ جو ڪيڏو عروج هوندو؟ ان لاءِ تاريخون خاموش آهن، موهن جي دڙي مان مليل نشانيون، مهرون، ٺپا وغيره پنڊ پهڻ لڳا پيا آهن، انهن کي دنيا وارا پڙهي نه پيا سگهن. سرجان مارشل موهن جي دڙي جي کوٽائي ڪري اسان جي تهذيب کي مڃتا ڏياري، جڏهن ته سراج ميمڻ ٻوليءَ جي بڻ بنياد بابت پنهنجو نظريو ڏئي، سنڌي ٻوليءَ کي اها مڃتا بخشي ته جيئن سنڌو تهذيب ڪنهن ٻيءَ تهذيب مان ڦٽي نه نڪتي آهي، تيئن سنڌي ٻولي به ڪنهن ٻيءَ ٻوليءَ جي ڪک مان نه نڪتي آهي. هن موهن جي دڙي مان مليل مهرن کي پڙهڻ جي به وڏي ڪوشش ڪئي، لڌل نشانين جون پڙهڻيون به مقرر ڪيون، هو سڄي زندگي سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ ۽ واڌاري لاءِ جاکوڙيندو رهيو، هڪ طرف ته هو تحقيقي ڪم ڪندو رهيو، جيڪو مختلف ڪتابن ۽ مقالن جي صورت ۾ عوام تائين پهچندو رهيو، سندس اهو پورهيو ادب جي مختلف صفحن جهڙوڪ: تحقيق، ناول، ڪهاڻي، مضمون، مقالي ۽ شاعريءَ جي صورت ۾ آهي. ٻئي طرف هو نوجوانن کي خاص طور تي لسانيات جي شعبي ۾ تحقيق لاءِ همٿائيندو رهيو، مون کي ياد آهي ته سراج صاحب هڪ ڪچهريءَ ۾ ٻڌايو ته جيڪڏهن ڪو نوجوان سنڌي لسانيات ۽ موهن جي دڙي جي ٻوليءَ کي پڙهڻ لاءِ تحقيق جو ڪم شروع ڪندو ته آءُ ان کي اسڪالرشپ ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، پر بدقسمتيءَ سان نوجوان انهن موضوعن کان پري ڀڄن ٿا، اسان جي تعليمي ادارن جهڙوڪ: سنڌ يونيورسٽي، ڪراچي يونيورسٽي، وفاقي اردو يونيورسٽي ۽ شاهه لطيف يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي لسانيات ۾ ايم اي نه ڪرائي ويندي آهي، لسانيات هڪ سائنسي علم آهي، جنهن لاءِ ليبارٽري به ضروري هوندي آهي، يونيورسٽين جي سنڌي شعبن وٽ ان قسم جي ڪا به سهولت ناهي، نتيجي ۾ لسانيات تي جيڪو ٿورو ڪم ٿئي به ٿو ته اهو گهڻي ڀاڱي غير سائنسي بنيادن تي ٿئي ٿو، تنهن کان سواءِ يونيورسٽين ۾ لسانيات جي ماهرن جي به کوٽ آهي. سراج صاحب جي ڪيل ڪم مان سکڻ ۽ وڌيڪ تحقيق ڪرڻ لاءِ سڀني ادارن کي جنگي بنيادن تي ڪم ڪرڻو پوندو، سراج صاحب جو وڇوڙو سنڌي لسانيات لاءِ ڪاپاري ڌڪ آهي، خدا ڪري ته اسان سراج صاحب کي خراج پيش ڪرڻ ۽ افسوس ڪرڻ کان سواءِ سنڌي لسانيات لاءِ به ڪجهه ڪري سگهون. سراج منھنجو بھترين دوست سوڀو گيانچنداڻي سراج الحق ميمڻ وڏي پائي جو اديب هو، هن جيڪي به ناول لکيا، اهي سنڌي ادب جو وڏو سرمايو آهن. هن ڪيترن ئي ڪارائتن ڪتابن جو سنڌي ۾ ترجمو ڪري سنڌي ادب کي گهڻو مالا مال ڪيو. ڪهاڻي جي ميدان ۾ پڻ سراج جو مقام تمام گهڻو مٿانهون آهي. ائين جيئن جمال ابڙي جي ڪهاڻي ”پيراڻي“ اسان جي ادب جي ڪلاسڪ ۾ شمار ڪئي ويندي آهي، ائين ئي سراج جي ڪهاڻي ”ٻهڻي“ کي به ساڳيو ئي درجو ڏئي سگهجي ٿو. سنڌ جي تاريخ کي ناولن ۾ سولو ڪري ۽ فڪشنائيز ڪري هن سنڌ جي اڌ پڙهيل ماڻهن کي تاريخي شعور سان روشناس ڪرايو. هن جون صحافتي دنيا ۾ پڻ خدمتون وسارڻ جهڙيون نه آهن. ۱۹۷۰ع وارو ڏهاڪو “هلال پاڪستان” جي حوالي سان سنڌي صحافت ۾ مان سراج جو ڏهاڪو شمار ڪندو آهيان ۽ ان سموري عرصي ۾ هن سنڌ ۾ جيڪا روشن خيالي جي لهر پکيڙي، اسان اڄ سوڌو ان جو ئي کٽيو کائي رهيا آهيون. هينئر پاڪستان جي سڀني ٻولين جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ صحافتي سجاڳي جون پاڙون جيڪي وڌيڪ مضبوط نظر اچن ٿيون، ان جو سڄو سارو ڪريڊٽ سراج ڏانهن ئي وڃي ٿو ۽ هن جي طفيل ئي اها جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ ترقي ڪندي نظر اچي ٿي. سنڌي ٻوليءَ بابت سراج جيڪو ”سنڌي ٻولي“ نالي سان ڪتاب لکيو، ان کي مان مثالي انڪري چوندو آهيان، جو ان کان اڳ ۾ اهڙو حقيقت پسند ٿي ڪنهن به محقق تحقيق نه ڪئي هئي. ان جو اعتراف اڄ هر باشعور ۽ روشن خيال ماڻهن سان گڏ محقق پڻ ڪري رهيا آهن ۽ ان سلسلي ۾ جيڪو به محقق قلم کڻي ٿو، اهو سراج جي تحقيق مان استفادو ضرور حاصل ڪري ٿو. هن سنڌ جي علمي ۽ ادبي ميدان ۾ ڀرپور نموني سان پنهنجو نالو ڪمايو. منهنجي هن سان سنگت اڌ صدي تائين رهي.جڏهن مان سال ۱۹۵۳ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي ۾ ايم اي ۽ لا ۾ داخلا ورتي هئي ته ان وقت سراج محمد ابراهيم جويو جي سربراهي هيٺ سنڌي ادبي بورڊ جي اسسٽنٽ سيڪريٽريءَ طور پنهنجا فرائض نڀائي رهيو هو. سراج ڪجهه عرصو سياسي تحريڪن ۾ به حصو ورتو، مونکي ياد ٿو اچي ته هو سنڌي ادبي سنگت جي جلسن ۾ پڻ شريڪ ٿيندو رهندو هو.منهنجون هن سان تمام گهڻيون ملاقاتيون ٿيون جن جون ڪيتريون ئي ساروڻيون آهن. جيڪي اڄ سراج کي ياد ڪندي منهنجي ذهن ۾ گردش ڪري رهيون آهن. جيڪي ڪڏهن تفصيل سان ڪنهن مضمون ۾ ساربيون. هڪ ڀيري سراج بيمار ٿي پيو هو ته مان ان جي گهر وڃي سندس عيادت ڪئي هئي. هڪ دفعو وري هندوستان کان جڏهن هتي سنڌي اديب آيا هئا ته مان انهن کي سراج سان ملائڻ لاءِ هن جي گهر وٺي ويو هيس. سراج جي ثقافتي ماڳن ۾ پڻ گهري دلچسپي هوندي هئي ۽ مون سان جڏهن به ملندو هو ته اڪثر ڪري اڳ ۾ موهن جي دڙي جي سلامتيءَ بابت پڇندو هو. سال ۱۹۹۰ع جي ڏهاڪي جي اڌ ڌاران سنڌي ادبي سنگت مرڪز پاران منٺار سولنگي ۽ ادل سومري جي ڪوششن سان مون سان جناح باغ لاڙڪاڻي ۾ جيڪا سنڌ سطح تي رهاڻ رچائي وئي هئي، ان موقعي لاءِ سراج جيڪو جاڳو اخبار ۾ مونکي وڏو مان ڏيندي ڪالم لکيو هو، اهو اڄ به منهنجي اکين اڳيان گذرندو آهي ته مان پنهنجا لڙڪ روڪي نه سگهندو آهيان. هن جو وڇوڙو مون لاءِ هن عمر ۾ وڏي صدمي جو باعث بڻيو آهي ۽ هن جي وڃڻ واري نقصان جي تلافي ناممڪن آهي. سون جھڙو سراج غلام نبي مغل سنڌي علم ۽ ادب جي هڪ ٻي مشعل اجهامي وئي، فيبروري جي ۲ تاريخ تي جيڪو سج لٿو ۽ اُڀ ۽ ڌرتي تي جيڪا اوندهه ڦهلجي وئي سا اسان سنڌ وارن لاءِ ۽ سندن مجموئي ڏاهپ لاءِ اهڙو نقصان آهي جيڪو شايد صدين ۾ به پورو ٿئي ته وڏي ڳالهه آهي.سراج الحق ميمڻ اسان منجهان ويو هليو. هو سائين جو سائين هو. علم ادب جو مخدوم هو ڏاهپ جو ڏيئو هو-روشن ڏيئو! سراج سائين ويهين صدي جو پوئين اڌ جو اهو اُسريل انسان هو، جنهن کي پنهنجي زماني ۽ مستقبل جي علمي ۽ ادبي گھرجن جي ڄاڻ هئي.سراج سائين نئين ۽ جديد سنڌي ڪهاڻي جي ابتدا ڪندڙن ۾ شامل هو.سندس ڪهاڻيون جديد سنڌ جي ادبي اڏاوت ۾ پيڙهه جو پٿر هيون. سندس ڪهاڻيون نه رڳو جديد پر بين الاقوامي ادب جي معيار مطابق هيون.ڪي مسخرا ۽ ٽوٽڪائي ڪردار نظر نه آيا ۽ سراج سائين جو تخليق ڪيل ادب، وقت جي گھرج هو ۽ سنجيده هو. سندس پهريون ناول پڙاڏو سوئي سڏ تي جيتوڻيڪ ڪجهه حلقن طرفان تنقيد ٿي پر اِهو ناول نه رڳو Larger than life هو پر وقت جي هلندڙ قومي تحريڪن لاءِ هٿي هو. سندس ٻيا ناول پڻ سنڌي ادب جا شاهڪار ناول هئا. سراج سائين جي سنڌي ٻولي جي بنياد ۽ ارتقا پڻ، علم جي شاگردن لاءِ هڪ نئون فڪر ۽ املهه کوجنا هئي ۽ عالمن لاءِ سنڌي ٻولي بابت وڌيڪ کوجنا ۽ جاکوڙ ڪرڻ جي دعوت هئي. سراج سائين سنڌي ٻولي جي بڻ بنياد جي باري ۾ هڪ نئون معيار مقرر ڪيو، جيڪو ٻين عالمن لاءِ پڻ هڪ سوچ جو گس آهي. هلال پاڪستان اخبار سنڌي زبان جي اڌ مئي صحافت جي نشان هئي. پر سال ۱۹۷۳-۱۹۷۲ع ۾ جڏهن سراج سائين انهيءَ اخبار جو ايڊيٽر طور مقرر ٿيو ته سنڌي صحافت ۾ جديد دنيا جو ساهه پيو ۽ سنڌي صحافت جو هڪ نئون دور شروع ٿيو، جيڪو اڃا تائين ترقي ڪندو اچي. اخبار ۾ خبرون ۽ تجزيا نئين دور جي طور طريقي ۾ اچڻ لڳا. سراج سائين جڏهن سياسي تجزيا نگاري ڪئي ۽ سياسي منظرنامو لکڻ شروع ڪيو ته اسان جي اخباري طريقن ۾ نئين جدت ۽ زماني مطابق معاملا شروع ٿيا، جيڪا جديد صحافت جي تقاضا هئي. جي اين مغل اسان جي صحافت جو وڏو نالو آهي، ۱۹۷۳ع ۾ مون مغل کي هلال پاڪستان جي آفيس ۾ سراج سائين سان ملايو ۽ ٻڌايم ته هن ۾ سٺي صحافي ٿيڻ جا اهڃاڻ موجود آهن.سراج سائين جي اين مغل جي ٿورڙي پرک ڪئي ۽ پوءِ پاڻ وٽ سب ايڊيٽر ڪري رکيائين.قابليت پاڻ ڳالهائيندي آهي ۽ اڄ مغل پاڪستان جي سينيئر اعليٰ صحافين منجهان آهي. سراج صاحب ٿور-ڳالهائو ۽ نهايت سنجيده شخص هو، جنهن پلازا ۾ آئون رهندو هئس اُت ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي ڪنهن دوست سان ملڻ ايندو هو، پر مون وٽ اچڻ لاءِ تيار نه هو، مون هڪ دفعي چيو مانس ته ڪڏهن مون وٽ به ايندا ڪريو. جواب مليو ته تو ڪڏهن سڏيو ئي ڪونه. پوءِ هر هفتي ايندو هو. وڏيون ڪچهريون ٿينديون هيون. شيخ اياز، علي احمد بروهي، سليمان شيخ به انهيءَ پلازه ۾ رهندا هيا. اهي ڪچهريون مون کي ياد آهن. سندس شخصيت کي به مون کي ويجهو ٿي پرکڻ جو موقعو مليو.آءٌ سراج سائين جو ادب جي ميدان ۾ همعصر ته هئس پر گھڻو جونيئر هئس. سراج صاحب سنڌي ٻولي ۽ ادب جو عالم هو، سراج صاحب وچولي طبقي جو وڏو ۽ اعليٰ شخص هو. سراج صاحب پنهنجين عادتن ۽ رهڻي ڪهڻي ۾ پختو شخص هو. هن صدي ۾ اسان ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ کانپوءِ ڪهڙي نه املهه ماڻڪ شخص وڃائي ويٺا آهيون. آخر ۾ مون کي سندس هڪ جملو هميشه ياد ايندو رهندو آهي ته ”غلام نبي تنهنجو ناول اوڙاهه پڙهي مون کي خواهش ٿي ته اهو ناول آئون لکان ها !“ اهو جملو ۽ اُهو شخص مون کي هميشه ياد رهندو. سراج جون ڪجھ ڳالھيون ڪجھ يادون شيخ عزيز هيءَ تن ڏينهن جي ڳالهه آهي، جڏهن ون يونٽ جي خلاف سڄي سنڌ ۾ ڪاوڙ ۽ نفرت هئي. هر ماڻهو، ڀلي اهو ڪنهن وستيءَ واهڻ جو رهاڪو هجي يا وڏن شهرن ۾ وڏي تقرير جو مالڪ هجي، هن کي اها ڳالهه سهڻ ۾ ڪا نه پئي آئي ته ڪيئن سنڌ جي نابلد ليڊرن، اڳ پٺ سوچڻ بنا، انڌ جي گهوڙي تي سوار ٿي سنڌ جي قسمت سوين ڪوهه پري وڃي اڇلي. سنڌ ۾ پڙهيل طبقو، خص ڪري نوجوان انهي مامري کان ڀليءَ ڀت واقف ئي نه هو پر هن چاهيو ٿي ته اهو غلاميءَ جو طوق لاهي ڦٽي ڪري، اها ڳالهه هن ڪري وڌيڪ قيمتي هئي جو نوجوان ڏاڍو سجاڳ ٿي چڪو هئو، اهو ڏسي اڳوڻي نسل کي اطمينان ٿيندو هئو ته هڪ ڏينهن اها پاڃاري لاهي ڦٽي ڪندا. انهيءَ ئي نسل جو هڪ نوجوان سراج هو، جنهن جي خاندان ٽنڊي ڄام مان لڏي اچي حيدرآباد وسايو هو ۽ تعليم جي زيور سان آراسته ٿي ڪنهن سڦلي ڪم سان لڳڻ ٿي گهريو. محمد عثمان ڏيپلائي تن ڏينهن م نه صرف پاڻ ڪامريڊن وانگيان ڪم ڪندو هو پر پرعزم نوجوانن لاءِ همت جو ذريعو به هُئو، هيءُ اهو زمانو هو جڏهن سنڌي ادبي سنگت نوجوان نسل جي ذهني آبياري ڪرڻ لاءِ هڪ آزاد ماحول مهيا ڪندي هئي ته ٻئي طرف ڏيپلائي، غلام محمد گرمي جهڙا ماڻهو هنن ۾ اتساهه پيدا ڪندا هئا. تنوير عباسي ڊاڪٽري جو شاگرد هو، نياز همايونيءَ اچي حيدرآباد ۾ خيما کوڙيا هئا. شاعريءَ سان گڏ حڪمت به هلائيندو هو، محمد ابراهيم جوئي، تعليم کان سنڌي ادبي بورڊ اچي وسايو هو. ادبي بورڊ ابتدائي مرحلن مان مس مس نڪري آيو هو ته ابراهيم جويي جهڙي ماڻهو اچي پرجهلو ٿيو. سراج جهڙي محنتي نوجوان کي ڏسي کڻي پاڻ سان کيائينس. اچي سنڌي ادبي بورڊ ۾ وهاريائينس جتي غلام رباني آگرو، اڳئي ڪَرُ کنيو ويٺو هو، ٿورو بعد ۾ شمشير الحيدري به اچي گڏين. سراج ۽ آگري گڏجي انگريزي ادب کي سنڌي ۾ آڻڻ جو طئي ڪيو ۽ ڏسندي ڏسندي چونڊ آمريڪي افسانا جهڙو ڪتاب تيار ٿي ويو. سراج بورڊ ۾ اچڻ کان اڳ ڏکڻ مان ٿو سج اڀري جهڙو ڪتاب لکي ورتو هو. سو بورڊ ۾ ساراهه ملڻ سان ويتر وڌيڪ محنت سان ڪم ڪرڻ لڳو. اتي ئي کيس سنڌي ٻولي جي پڻ بنياد بابت معلومات حاصل ڪرڻ جو شوق جاڳيو، سوکڙي پيو. لسانيات جهڙي ڳوڙهي مضمون ۾، ان وقت جرمن اسڪالر ٽرمپ جو نظريو گهڻو هلي رهيو هو. ڪاڪي پيرو مل به گهڻو ڪجهه لکيو. سراج به پنهنجي مٿاڪٽ کانپوءِ ”سنڌي ٻولي“ نالي ڪتاب ۾ سنڌي ٻولي جي ممڪن بنياد ۽ ٻين ٻولين سان لهه وچڙ بابت چڱو بحث ٿيو هو. انهي ڪتاب سنڌي ٻولي وارن ماهرن ۽ ڄاڻن ۾ گهڻي چوپچو پيدا ڪئي. بورڊ ۾ ويٺي ئي سراج چٽا ڀيٽيءَ واري امتحان ۾ ويٺو ۽ پاس ٿيو سو انڪم ٽيڪس جهڙي کاتي ۾ هنيائونس. اتي به ڏاڍو نالو ڪمايائين پر لکڻ جي پچر ڪو نه ڦٽي ڪيائين. سو ويو ڪتاب لکندو. سنڌ تي ارغونن وارو دور حڪومت ڏاڍو ظالماڻو دور هو. هن دور ۾ ٿيل هاڃن کي هن پنهنجو موضوع بڻائي ناول ”پڙاڏو سو سڏ“ لکي پنهنجي تاريخي معلومات کي افسانوي رنگ ۾ اهڙو رنڱي ڇڏيو جو اهو ناول ڏاڍو مقبول ٿيو. سراج جي لکڻ واري شوق آڏو سرڪاري نوڪري به ڪا رڪاوٽ ڪانه بڻي ۽ هو لکندو ويو. سندس انهي لکڻ جي پاداش ۾ هن ڀوڳيو به جڏهن فوجي حڪمران جنرل يحيٰ ملڪ جون واڳون سنڀاليون ته اچڻ شرط تطهير جي نالي ۾ هن ۳۰۳ آفيسرن کي سرسري اعلان ذريعي نوڪري مان ڪڍي ڇڏيو. سراج به انهيءَ انڌ واري چڪيءَ ۾ پيسجي ويو. پر سچ هيءُ آهي ته سراج، انهي جي انجام کان بي نياز ٿي انڪم ٽيڪس جي وڪالت شروع ڪري ڏني. جنهن ۾ هن گهڻو ناماچار ڪمايو. انهيءَ عرصي دوران ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي پارٽي سميت ميدان تي لٿو. ڀٽي جي شخصيت اهڙي هئي جو هن جي پارٽي ملڪ جي مقبول ترين پارٽي بڻجي وئي. پارٽي کڻي حيدرآباد جي منشي برادران واري اخبار هلال پاڪستان خريد ڪري ان کي پارٽي جي اخبار بڻايو. سراج کي ايڊيٽر مقرر ڪيائين ٿورن ئي ڏينهن ۾ اخبار ملڪ جي مشهور ۽ مقبول اخبار بڻجي وئي. هن اخبار ذريعي هن نون نون لکندڙن کي آندو پر سندن صلاحيتن کي پوريءَ ريت ڪتب آندو. پنهنجي ڀيڻ انيس، مشهور ڪهاڻي ڪار امر جليل، فقير محمد لاشاري ۽ ٻيا ڪيئي کڻي گڏ ڪيائين. نيون ڳالهيون، نوان موضوع ۽ نت نوان لاڙا، اخبار هلال پاڪستان جديد صحافت ۾ ڪيئي سٺيون ڳالهيون ميدان ۾ آنديون. خود سراج جو پنهنجو قلم ڪنهن کان ڊڄڻ وارو ڪو نه هو. تنهن ادارتي تحريرن جو ڏاڍو مڻيادار لاڙو ڏنو. سندس ڪتابن ۾ ”سنڌي ٻولي“، ”ڏکڻ مان ٿو سج اڀري“، ”چونڊ آمريڪي افسانا“، ”سنڌ جي اقتصادي تاريخ“، ”اي درد هلي آءُ“، ”منهنجي دنيا هيڪل وياڪل“، ”تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول“، ”منهنجي دنيا مرگه ترشنا“ جهڙا قابل تعريف ڪتاب ڏنا. سراج تمام ٿورو ڳالهائڻ وارو ۽ ملنسار ماڻهو هو. هن ۾ نهٺائي گهڻي ۽ مسئلن کي سمجهڻ جي خصلت تمام گهڻي هئي. اهائي سندس شخصيت جو خاصو هئي. سراج ھليو ويو ڊاڪٽر سليمان شيخ سٺ وارو ڏهاڪو پرجوش سمون هو. شاگرديءَ وارو زمانو سڄي حياتيءَ جو سڀ کان پيارو دور هوندو آهي. منهنجي سانڀر ۾ ملڪ ۾ ون يونٽ هو ۽ سنڌڙي سورن ۾ هئي. اسان جونسل جيئن سِرجيو ته سنڌي ٻوليءَ جي تعليمي حيثيت کي للڪاريو ويو. ون يونٽ خلاف دستخط مهم هجي يا وري سنڌي شام جي نالي ۾ ادبي ثقافتي ميڙاڪا هجن سڀني جو بنياد سنڌ جي سرهاڻ کي واپس وارئڻ جو وچن ڪرڻ هو. مشاعرا ادبي ميڙاڪا ٿيندا هئا. جشن روح رهاڻ اسان لاءِ روحاني تسڪين جو هڪ اهڙو ميڙاڪو هوندو هو. جنهن جو انتظار ڪبو هو. اهڙي ئي ڪنهن ميڙاڪي ۾ سائين سراج الحق ميمڻ صاحب جن سان ساڃاهه ٿي. سائين ان وقت سنڌي ٻولي جي بڻ بنياد تي تحقيق ڪري هڪ نامور ليکڪ طور سڃاتو ويندو هو. ان کانپوءِ باقاعده سڃاڻپ تڏهين ٿي جڏهين سراج صاحب روزانه هلال پاڪستان ۱۹۷۲ع ۾ ڪراچيءَ مان شايع ڪرڻ شروع ڪئي. ڪورٽ ويو بلڊنگ جي ٻي منزل تي سندن آفيس اسان لاءِ رهنمائي جو مرڪز هئي. پنجاهه واري ڏهاڪي ۾ الوحيد ڪراچيءَ مان بند ٿيڻ کانپوءِ سنڌي اخبار ڪراچيءَ مان ڪڍڻ هڪ وڏي للڪار هئي. ۱۹۷۰ع جولاءِ تائين سنڌ جو نالو وٺڻ به ڏوهه هو ان کانپوءِ سنڌ صوبو وري قائم ٿيو ۽ ڪراچي ۱۹۴۷ع کانپوءِ پهريون ڀيرو سنڌ جو گاديءَ وارو هنڌ بڻيو. ان ڊگهي عرصي ڪراچيءَ جي سماج کي اوپرو بڻائي وڌو هو. ان ماحول ۾ سنڌي صحافت کي پنهنجي جاءِ ۽ رتبو وٺي ڏيڻ هڪ ڪٺن مرحلو هلو. هن ڏکئي منزل کي سراج صاحب جي بردباريءَ، اڳواڻ واري صلاحيت ڪامياب تجربو بنايو. جنهن جو نتيجو اڄ جي ڪراچيءَ جي صحافتي دنيا آهي. ذاتي طور سراج صاحب مونکي اخباري ڪالم لکڻ تي همٿايو ۽ مون پهريون ڀيرو ۱۹۷۲ع کان هلال پاڪستان ۾ جزوقتي ڪالم لکڻ شروع ڪيا. ”انسان جا پراسرار دشمن“ لکڻ وقت مون کي ميڊيڪل سائنس جي لفظن کي سولي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ جي ڏکئي مرحلي ۾ پڻ سائين رهنمائي ڪئي. سگا جي بنياد وجهڻ وقت پڻ سائين سراج صاحب جي رهنمائي حاصل رهي. ۱۹۸۰ع جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي خادمن جي جماعت سرونٽس آف سنڌ جو بنياد پيو سائين غلام مصطفيٰ شاهه، محمد ابراهيم جويو ۽ سراج صاحب بنياد وجهندڙ بانيڪار هئا. سراج صاحب هن سوسائٽيءَ جو بنيادي خيال “VISION” لکيو جيڪو هتي جيئن جو تيئن نقل ڪريان ٿو. We, as human beings, believe that Sindh is our home, Pakistan is our country and earth is mankind’s only habitat in the Universe. We believe it is our natural duty to love our home, and expect those who live in it and consider it their home, also to love it. We believe that it is our human duty to build life-assets, physical as well as spiritual, of our home, and to protect them from misuse and from suppression and usurpation. We believe that with continuous supplanting of democracy and repeated subversion of constitutions of the country, and the resultant ethical impoverishment of society all around – social, economic, and political – the question of the reordering of our national and intra-national affairs has assumed fresh relevance and urgency to be squarely met and settled de-settled de-novo within the frame-work of the Foundation Resolution of March, 1940. We believe that a society based on justice, including economic justice, and rule of law in which might as determinant of right is eliminated, are essential pre-requisites for man in modern society to evolve into a better human being. We believe that man has no commitment in life higher and nobler than service of man. With the above beliefs, convictions and ideals, we, who have subscribed the following Memorandum of Association have joined together as Founder Members, and formed our-selves into a Society, called “The Servants of Sindh Society,” for the service of Sindh and its people. هن سوسائٽي اٽڪل ۲۵ سال بيحد سرگرميءَ سان سنڌ جي سياسي سماجي، معاشي، ثقافتي حقن تي پنهنجي وزندار راءِ جو برملا اظهار ڪيو جيڪو بجا طور تي سنڌ جي ساڃاهه جو روشن ستارو هو سنڌ جي سينڌ سنوارڻ جي سَڌ ڪرڻ وارن لاءِ اڄ به ان سوسائٽي جا ٺهراءَ ۽ بيان مشعل راهه آهن. انهن سڀني بيانن ۾ علمي پورهيو اسان جي ٽن معزز رهنمائن جو هو جن هن جو بنياد وڌو هو. سراج صاحب اها خدمت بيحد خاموشيءَ سان سنڌ جي عشق نڀائڻ لاءِ ڪئي. ان سوسائٽيءَ جي روئداد ڇپيل صورت ۾ موجود آهي. سائين سراج صاحب، هڪ ناميارو قانوندان هو. ان حيثيت ۾ به سائين قانوني طور ڪيترن نوڪرين ۽ ڪوٽا جي مسئلن ۾ رهنمائي ڪئي. شريعت بينچ ڪوٽا سسٽم خلاف هڪ ”شرعي“ فيصلو ڏنو جنهن مطابق ڪوٽا سسٽم کي غير شرعي قرار ڏئي ان کي ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ان حڪم جي خلاف سنڌ جي مجاهد علماء ڪرام جو هڪ وفد ڪراچيءَ آيو. سائين سراج صاحب جي صلاح سان ان فيصلي خلاف شرعي بنيادن تي سپريم ڪورٽ جي سامهون اپيل داخل ڪئي وئي ان ڪري في الحال شرعي ڪورٽ جو فيصلو رڪجي ويو. پر ڪيس جو اڃان به فيصلو نه ٿيو آهي. سراج صاحب ذاتي زندگيءَ ۾ هڪ شفيق مهربان دوست ۽ پرجوش سنڌ جو عاشق هو. سندن قلمي پورهيو ايندڙ نسلن لاءِ هميشه مشعل راهه رهندو پر اڄ جي دور ۾ پڻ سندس لکڻين کي وري پڙهڻ سان سنڌ جي محبتن جو هڪ نئون حوالو جاڳي سگهي ٿو. سندن سماجي-قانوني ڪردار پڻ قابلِ تحسين آهي. انسان مختصر حياتي ماڻي ٿو پر سندس حياتي جي ڪيل هن جدوجهد جو لاڀ پويان ماڻين ٿا. سراج صاحب جي محبتن ۽ محنتن جي سڳنڌ سدا سنڌ کي سرهاڻ بخشيندي رهندي. عشق سلامت سنڌ سلامت سدا اڀريا سنڌ ۾ آنڌيءَ جيان انسان مدد علي سنڌي سنڌي ٻوليءَ جو مشهور ڪهاڻيڪار، ناولسٽ، محقق، صحافي ۽ ”سنڌي ٻولي“ جهڙي شاندار ڪتاب جو ليکڪ محترم سراج الحق ميمڻ، اسان جي لاءِ سدائين سراج صاحب ئي رهيو، سندس طبيعت ۾ انتهائي ڳنڀيرتا شامل هئي، شايد اهو ئي ڪارڻ هو، جو هو گهڻن ماڻهن سان ويجهڙائپ نه رکي سگهيو، پر ان ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته سراج صاحب کي سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان هڪ عشق هو، اهو عشق هن ۾ شروع کان وٺي هو، ٿي سگهي ٿو ان عشق جي وڻ کي مٿي اڀارڻ ۾ سائين محمد ابراهيم جويي جهڙي بڙ جي گهاٽي وڻ جي ڇانو نصيب ٿي، جنهن جي ڪري سندس سنڌ جو عشق وڌي وڻ ٿيو هجي، پر ادب جي خوشبو ته سراج صاحب کي پنهنجي والد مرحوم محمد يعقوب ”نياز ميمڻ“ کان حاصل ٿي، مرحوم محمد يعقوب پاڻ هڪ وڏو تعليمدان، ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ڄاڻو هو، حافظ شيرازيءَ جي ”ديوان جا خط“ جو سنڌي ۾ سندس ڪل ترجمو ثابت ڪري ٿو، ته کيس سنڌي فارسيءَ تي هڪ ئي وقت مڪمل عبور حاصل هو، اهڙي علم پرور ۽ علم دوست والد جو ساٿ کيس سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب ڏانهن ڇڪي آيو، سال ۱۹۳۳ جي ۲۴ آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ سراج صاحب جو اسٽار لبرا هو، يعني ميزان، اهو اسٽار رکندڙ شخص انتهائي ماٺيڻو ۽ انصاف پنسد پر شرميلو به هوندو آهي، حيدرآباد جي مشهور نور محمد هاءِ اسڪول مان جڏهن هن ميٽرڪ پاس ڪئي ته ان وقت ساڻس گڏ مظهر الحق صديقي ۽ اڳوڻو نگران وڏو وزير رٽائرڊ جسٽس عبدالقادر هاليپوٽو سندس هم ڪلاسي هوندا هئا، ان وقت ميٽرڪ جو امتحان سنڌ يونيورسٽي وٺندي هئي، جتان هن ميٽرڪ جي امتحان ۾ ٽين پوزيشن حاصل ڪئي، ۱۹۵۳۾ هن ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادبي بورڊ جهڙي علمي اداري ۾ اچي ملازمت ڪئي، ۱۹۵۵ ۾ محمد ابراهيم جويي کيس بورڊ ۾ اسسٽنٽ سيڪريٽري جي عهدي تي مقرر ڪيو، ان وقت سنڌي ادبي بورڊ سائين جي ايم سيد، سيد ميران محمد شاهه، ڊاڪٽر شمس العلماءِ عمر دائود پوٽي، پير علي محمد شاهه راشدي، پير صاحب حسام الدين شاهه راشدي، جهڙن عالمن جي سهڪار سان هلندڙ هو، ۱۹۵۷ ۾ هن سي ايس پي جو امتحان ڏنو، ۽ بورڊ کي خير آباد چئي انڪم ٽيڪس کاتي ۾ نوڪري ڪرڻ شروع ڪئي، پر ان نوڪريءَ دوران به هن سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ساٿ ڪڏهن به نه ڇڏيو، سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ تي هن هڪ شاندار ڪتاب سنڌي ٻولي لکي ۱۹۶۴ ۾ شايع ڪرايو، هن جو موقف هو ته سنڌي ٻولي ڪنهن ٻي ٻوليءَ جي ڄائي ڪونهي، بلڪ سنڌي ٻولي ننڍي کنڊ جي پراڻي ٻولي آهي، جنهن جي هڪ جداگانه حيثيت آهي، اهو وقت ڏاڍو ڏکيو هو، ڇاڪاڻ ته ڪن ماهرن جو چوڻ هو ته سنڌي ٻولي سنسڪرت جي ڄائي آهي ته ٻيا واري ان کي ڇڪي وڃي عربن سان ملائيندا هئا، هڪ ئي وقت ان ڪتاب جي حمايت ۽ مخالفت شروع ٿي ويئي، خصوصي طور تي ڀارت ۾ رهندڙ هڪ سنڌي اديب ۽ لسانيات جي ماهر گنگارام سمراٽ ان ڪتاب تي ڏاڍي ڇتي ۽ بيرحماڻي تنقيد ڪئي، اهو مضمون حيدرآباد جي مشهور سهڻي مئگزين ۾ محترم طارق اشرف شايع ڪيو، نتيجي ۾ سراج الحق ميمڻ، مشهور قومي رسالي روح رهاڻ ۾ ان جو مدلل جواب ڏنو، ٻئي طرف سنڌ جي ترقي پسند فڪر سان تعلق رکندڙ هيءُ اديب سراج صاحب جي حمايت ۾ ميدان ۾ لهي آيا، گنگارام سمراٽ ڇاڪاڻ اصل سن جو رهواسي هو، ان ڪري سائين جي ايم سيد پنهنجي ڳوٺاڻي کي هڪ خط لکي ميار ڏني، ته سراج سنڌي ٻولي جو نوجوان محقق آهي، اوهان کي ان تي ان قسم جي تنقيد کان پاسو ڪرڻ کپندو هو، گنگارام سمراٽ جواب ۾ جيڪو خط لکيو آهي، اهو سيد صاحب جي خطن واري ڪتاب ۾ شامل آهي، ان مان اوهين اندازو لڳائي سگهو ٿا ته سائين جي ايم سيد جهڙا ماڻهو سراج سان ڪيڏي نه محبت ڪندا هئا. ساڳئي وقت هن ۱۹۶۹ ڌاري هڪ ناول پڙا ڏوسوئي سڏ لکيو، اهو ناول سنڌ جي تاريخ جي پس منظر ۾ لکيو ويو هو، ان وقت سنڌ ون يونٽ جي زنجير ۾ جڪڙيل هئي، ان ناول کي جيتوڻيڪ ڪن ليکڪن نعريبازي قرار ڏنو، پر سنڌ جي نوجوان نسل ۾ اهو ناول ڏاڍو مشهور ٿيو. ۱۹۷۲ ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سراج صاحب کي سيد قمر الزمان شاه جي صلاح سان روزاني هلال پاڪستان ڪراچيءَ جو ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو، پهرين مئي ۱۹۷۲ کان ڪراچيءَ مان نئين رنگ ۽ ڍنگ سان هڪ جديد سنڌي اخبار هلال پاڪستان جو بنياد سراج صاحب جي هٿن سان پيو، يقينن ان ڳالهه کان ڪوئي شخص انڪار نه ڪري سگهندو ته سراج صاحب، جي ايڊيٽر شپ ۾ نڪتل روزاني هلال پاڪستان ڪراچي، سنڌي صحافت ۾ هڪ انداز، هڪ نئون موڙ هئي، ان اخبار سنڌي ٻوليءَ جا اصولڪا لفظ ڪتب آندا، گرامر جو خصوصي طور خيال رکيو ويندو هو، تنهن کان سواءِ اعليٰ قسم جي پروف ريڊنگ جو رواج به سراج صاحب هلال پاڪستان ۾ وڌو ساڳئي وقت ان وقت جي مشهور اديبن جهڙوڪ امر جليل ۽ قمر شهباز کان ڪالم لکرائي، کين معاوضو ڏيڻ جو رواج به سراج صاحب وڌو، نه رڳو اهو بل ان وقت کان وٺي اخبار جي وڪرو ٿيڻ تائين هلال پاڪستان واحد اخبار هئي، جنهن ۾ ورڪرس کي ويج بورڊ پگهارون ملنديون هيون، ۱۹۷۷ جي مارشل لا کان پوءِ علي احمد بروهيءَ هلال پاڪستان ۽ ان جي پيپلز فائونڊيشن کي مارشل لا وارن جي حڪومت جي حوالي ڪرائي ڇڏيو ۽ پاڻ شيخ سلطان ٽرسٽ (پيپلز فائونڊيشن جو ايڊيشنل ايڊمنسٽريٽر ٿي سراج صاحب کي مجبور ڪيو ته هو مارشل لا جي فرمانبرداري ڪري. پر سراج صاحب استعيفيٰ ڏني ۽ اخبار کي الوداع ڪري ويو، شايد گهٽ ماڻهن کي ان ڳالهه جي خبر هوندي ته هلال پاڪستان کي ان وقت جيڪا جديد آفيسٽ پرنٽنگ مشين هئي، اها جنگ اخبار وٽ به بعد ۾ آئي، اهو ڪم سمورو ڪم سراج صاحب جي صلاح سان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سر انجام ڏنو هو، ساڳئي وقت شهيد ڀٽو، پيپلز فائونڊيشن کي سول لائينس ۾، پي آءِ ڊي سي بلڊنگ ڪراچيءَ وٽ به شاهي پلاٽ به ڏنا، جن ۾ اها جديد پريس لڳل هئي، ٻن بلڊنگن جي ان وقت به مسواڙ اداري کي لکين رپيا ملندي هئي، پر بروهي صاحب آخري ۱۹۹۲ جي آخر ڌاري اها جديد مشين وڪڻي، اخبار کي ورڪرس کي وڪڻي ڇڏي.ان سموري ڳالهه تي سراج صاحب ڏاڍو ڏک ظاهر ڪندو هو. سراج صاحب بنيادي طور تي هڪ اصول پرست اديب هو، شيخ اياز سان سندس دلي قرب هوندو هو، منهنجي ذاتي ڏيٺ ويٺ سراج صاحب سان نومبر ۱۹۷۰ ۾ ٿي، شيخ اياز وٽ، اياز، فاران هوٽل ۾ رهيل هجي، اتي اوچتو سراج صاحب اچي نڪتو سندس بهترين پوشاڪ يعني ٿري پيس فل سوٽ ۾ هو وڏي رعب ۽ تاب وارو شخص ٿي اچي اسان جي سامهون بيٺو وات ۾ خوشبودار تماڪ سان پريل پائيپ، اياز منهنجي واقفيت ساڻس ڪرائي يڪدم چوڻ لڳو، نوجوان اڳتي قدم بند ڪري ڇڏيئي ڇا ؟ ته سمجهي ويس ته هن منهنجو رسالو اڳتي قدم جو پهريون پرچو پڙهيو آهي، وڌيڪ مون سان ڪو نه ڳالهايائين اياز سان ڪچهري ڪري رهيو. بعد ۾ ساڻس جڏهن به ملاقات ٿيندي هئي، ته عزت ۽ محبت سان ملندو هو، ۱۹۹۰ ۾ آئون جڏهن روزاني هلال پاڪستان جو چيف ايڊيٽر ٿيس ته پاڻ مون کي فون ڪري مبارڪ ڏيندي چوڻ لڳو ته خبرداري سان اخبار کي هلائجان محسوس ڪرايو آهي ! پوءِ هو مون کي لائونج ۾ ٺهيل هالپسدي ان اسلام آباد هوٽل جي جيسمين ڪافي شاپ ۾ وٺي ويو، اتي ڪافيءَ جو آرڊر ڏيئي پاڻ پائيپ ڇڪڻ لڳو. مون کي ان وقت هو ڏاڍو اداس لڳو، ٻاره شيشي جي دري مان شام جي مهل ان مهل وسندڙ برسات کي ڏاڍي غور سان ڏسي رهيو هو. جڏهن ڪافي پي اسان اٿياسين ته هن بل جي پيمينٽ ڪري ڇڏي. اها ٻي ڳالهه هئي ته اسان هوٽل ۾ حڪومت جا گيسٽ هئاسين. پر سندس خوددار طبيعت جي ڪري هن بل تي صحيح ڪرڻ بدران، پنهنجي کيسي مان بل ڀري ڇڏيو ۽ مون کي خدا حافظ چئي، واپس پنهنجي روم ۾ هليو ويو. ساڻس آخري ملاقات پاڪستان آرٽس ڪائونسل ۾ گذريل سال ٿي هئي. ڪراچي يونيورسٽي طرفان سڏايل شاهه لطيف ڪانفرنس جي هڪ سيشن ۾ پاڻ آيو هو، ملاقات ٿي، ته مان پاڻ ساڻس جهڪي وڃي مليس، چوڻ لڳو، مدد! تو ربانيءَ تي ڏاڍو سٺو مضمون لکيو آهي، در اصل لکڻ ته مون کي کپندو هو، پر تو سٺو نڀايو آهي، تو منهنجي ادبي بورڊ مان ڇڏڻ واري تاريخ ۽ سال لکي ڇڏيو، مون کي ڏاڍي حيرت ٿي ته تو اهو مواد ڪٿان هٿ ڪيو؟ مون سندس ٿورو مڃيندي محسوس ڪيو ته سراج صاحب سنڌي ادب کي باقائدگي سان پڙهي رهيو آهي، هن ڌرتي هن ٻولي ۽ هن مظلوم قوم سان ڪيل پنهنجو وچن آخري دم تائين قائم رکيائين وفات کان اڳ ۾ سندس ٻه لکيل انگريزي ڪتاب History of Sindhi Language Biography Of an unknown Sindhi سندس انهيءَ وچن ۽ ڪمٽمينٽ جو اظهار آهي، سنڌي ادب ۽ سنڌ جي آسمان تي، هو ٻين ڪيترن ستارن وانگر چمڪنڪدو رهندو، سندس ٻيا تارا مرڻ مون سين آءُ، منهنجي دنيا مرگهه ترشنا، منهنجي دنيا هيکل وياڪل، سندس لکيل ڪهاڻيون، مضمون، ۽ سنڌي ٻولي ڪتاب سنڌ جي تاريخ جو هڪ اهم باب آهن، اڄ شيخ اياز جي هنن لفظن ۾ اسين کيس ياد ڪري رهيا آهيون. سدا اڀريا سنڌ ۾ آنڌي جيئن انسان، وڙهندي مڙس مهان، مٽيءَ منجهه سمايا (اياز) سراج يارن جو يار محمد ابراهيم جويو سراج الحق ميمڻ منهنجو جگري دوست هو، هن صحافتي دنيا توڙي ادب جي دائري ۽ علمي ميدان ۾ هڪ ئي وقت ڪم ڪيو آهي، سراج الحق ميمڻ نماڻي قسم جو انسان پڻ هو، سراج جو مون سان ڀائرن وارو ناتو هوندو هو، سراج الحق ميمڻ علم ۽ ادب جي ميدان ۾ ايترو ته ڄاڻو انسان هو جو جيڪڏهن ادب ۽ علم جي ميدان ۾ ساڻس ڪا ڳالهه ڪبي هئي ته سندس ردعمل دل پسند ۽ علمي لحاظ کان لاجواب هوندو هو، سراج الحق ميمڻ ۽ مون سڄي زندگي گڏجي گذاريو ۽ علم ۽ ادب جي خدمت ڪئي، توڙي جو سراج الحق کانئس عمر ۾ ننڍو هو پر کيس وڏي ڄاڻ هوندي هئي، تنهن ڪري ڪنهن وقت هو سندس استاد به بڻجي ويندو هو، افسوس ته آءُ وڏي عمر وارو زنده رهجي ويس ۽ هو ننڍي عمر وارو اسان کان الڳ ٿي ويو، سندس وڇوڙي ته تمام گهڻو صدمو پهتو آهي، هو وڏي همٿ ۽ حوصلي وارو انسان هو، هن ادب ۽ علم جي دائري ۾ وڏي قابليت، همٿ ۽ حوصلي سان ڪم ڪيو، جنهن وقت آءُ سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري هيس، تنهن وقت سراج ميمڻ پهرين اسسٽنٽ طور مون سان گڏجي ڪم ڪيو ۽ ان دور ۾ بورڊ اندر جيترو ڪم ٿيو، ان ڪم ۾ سراج ميمڻ جو ڀرپور ڪردار هو، سراج ميمڻ صحافتي دنيا ۾ اچي وڏي مقبوليت ماڻي ۽ صحافت ۾ نوان لاڙا پيدا ڪيا ۽ پنهنجي دور ۾ صحافتي دنيا ۾ اڀار آندو، سراج الحق ٻن دلين وارو انسان هو ۽ يار جو يار هو. جديد ادب جو وڏو ماڻهو رسول بخش پليجو سراج الحق ميمڻ هڪ ماڊرن ماڻهو هو، هو هڪ انسان، انقلابي، اديب ۽ دانشور هو، هو جديد ادب ۽ علم ۾ وڏو ماڻهو هو، هو وزن دار شخصيت جو مالڪ هو، سراج الحق ميمڻ ڪمزور ڳالهيون نه ڪندو هو. هو سوچيندو هو ته سنڌي قوم ۾ تبديلي ڪيئن آڻجي ۽ انقلابي لاڙا ڪيئن آڻجن، سراج ڪڏهن به پنهنجي لياقتن جو فائدو وٺي پاڻ وڌائڻ وارو ڪو به ڌنڌو نه ڪيو، هو ان خيال جو ماڻهو هو ته سنڌي ماڻهو سجاڳ ٿين پنهنجي وطن جا مالڪ بڻجي تعليم حاصل ڪن، هو پاڪستان جو حامي ضرور هو ته سنڌ پاڪستان ۾ هجي، پر غلام نه هجي نه مرڪز، نه وڏيرن جي غلامي ۾ هجي، هو هوائي ڳالهيون ڪندڙن مان بيزار هوندو هو، هن جي وڃڻ سان جيڪو نقصان ٿيو آهي، ان نقصان جو پورائو ٿي نٿو سگهي، اهڙا ماڻهو گهٽ هوندا آهن، جيڪي توڙ نڀائين ٿا، جيڪي پلٽا نٿا هڻن، وڏيرن جا چمچا نه ٿيندا آهن، سراج انهن ماڻهن مان هڪ شخصيت هو، سراج جهڙا ماڻهو روز پيدا نه ٿيندا آهن. سراج سندس جديد سنڌي صحافت ۾ ڪردار جي اين مغل سائين سراج الحق ميمڻ اديب هو، بيورو ڪريٽ هو، زبان جو ماهر هو ۽ صحافي به هو. اڄوڪي مضمون ۾ اسين گهڻو ڪري سنڌي صحافت ۾ سندس ڪردار جو ذڪر ڪنداسين. سراج صاحب صحافت پيپلزپارٽي طرفان ڪراچي مان شايع ٿيندڙ ترجمان اختيار ”هلال پاڪستان“ جي ايڊيٽر جي حيثيت ۾ شروع ڪئي، هلال پاڪستان جي ايڊيٽر طور ڪم ڪرڻ کان اڳ سراج صاحب جو شايد باقائدي صحافت جي پيشي سان ڪو تعلق نهر هيو هو، پر جنهن ڏينهن کان هن هلال پاڪستان جي ايڊيٽري سنڀالي ڪڏهن به ڪنهن کي به اهو احساس نه ٿيو ته هلال پاڪستان جي چارج ڪنهن اڌو گابري صحافي وٽ آهي. ان جي برعڪس جنهن به هلال پاڪستان پڙهي ته محسوس ڪيائين ته سندس هٿن ۾ سنڌي زبان جي هڪ اهڙي اخباري آهي جنهن ۾ صحافت جي مڙني معيارن جو خيال رکيو ويو آهي. سراج صاحب جيترو وقت به هلال پاڪستان جو ايڊيٽر رهيو هلال پاڪستان نه فقط پاڪستان جي بهترين اخبارن ۾ شمار ٿيندي آهي پر سندس ايڊيٽر شپ ۾ هلال پاڪستان سنڌ جي زبردست خدمت ڪئي. سنڌ جو اهڙو ڪهڙو اشو هوندو جنهن تي هلال پاڪستان ملڪ جامع حقيقت ... ۽ بي پاڪ موقف نه پيش ڪيو هجي. حالانڪه هلال پاڪستان حڪمران پارٽي جي ترجمان اخبار هئي پر ان سموري عرصي ۾ نه هلال پاڪستان سنڌ جي مفادن کي نظرانداز ڪيو ۽ نه حڪمران پارٽيءَ ڪڏهن ان قسم جي ادارين، خبرن، سرويز ۽ ٻئي مواد تي اعتراض ڪيو. جن به سراج صاحب سان هلال پاڪستان ۾ ڪم ڪيو آهي اهي ان ڳالهه جي شاهدي ڏيندا ته هو هڪ انتهائي سنجيده شخصيت هو. نه هن جي لکڻين مان ۽ نه هن جي رويي مان ڪڏهن غير سنجيدگي لڳندي هئي. هلال پاڪستان جو ايڊيٽوريل سراج صاحب پاڻ لڳندو هو. اهي ايڊيٽوريل جتي سنڌ جي اشوز تي هوندا هئا ته اتي ٻين قومي اشوز، بين الاقوامي اشوز ۽ اقتصادي اشوز تي هوندا هئا. اها ڳالهه به پوري ذميداريءَ مان چئي سگهجي ٿي ته سراج صاحب جو لکيل ڪو به ايڊيٽوريل ... نه هوندو هو. ان ۾ ..... انداز ۾ موقف به رکيو هوندو هو ته ان ۾ واسطيدار انگ اکر به هوندا هئا. شايد تمام گهٽ ماڻهن کي خبر هجي ته سراج صاحب اقتصاديات جو به ماهر هو. اقتصاديات هن جو پسنديده مضمون هو. سراج جي ادارن ۾ نڪرندڙ اخبار هلال پاڪستان هر لحاظ کان مڪمل اخبار هئي. اخبارن ۾ خبرون، ايڊيٽوريل ۾ قطعي، مزاحيه ڪالم، سياسي ۽ اقتصادي موضوعن وارن ڪالم کان سواءِ هفتي دوران ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن ڪو نه ڪو خاص صفحو به شايع ٿيندو هو. انهن ۾ خاص .... جو صفحو تمام مشهور هوندو هو جيڪو سندس مشير ادي فهميده حسين جي ادارت ۾ نڪرندو هو. ان کان سواءِ پورهيتن، هارين ۽ شاگردن جا صفحا به هر هفتي شايع ٿيندا هئا. ان ۾ به ڪو شڪ نه آهي ته هر صفحو پنهنجن پڙهندڙن ۾ ڏاڍو مقبول هوندو هو. اها ڳالهه به ڪانهن کان لڪل نه آهي ته سراج صاحب زبان جو به ماهر هو. سراج صاحب جي ان صلاحيت جو هلال پاڪستان ۽ ان ۾ استعمال ٿيندڙ زبان تي تمام زبردست اثر پيو. سراج صاحب جون هدايتون هونديون ته هروڀرو انگريزي اردو ۽... لفظ استعمال نه ڪيا وڃن جن جا نعم البدل سنڌي لفظ موجود آهن. اهڙن طرح، هلال پاڪستان ۾ استعمال ٿيندڙ سنڌي ٻين سنڌي اخبارن ۾ به استعمال ٿيڻ لڳي. ان جو هڪ سٺو اثر پي ٽي وي تان نشر ٿيندڙ سنڌي خبرن جي معيار تي به پيو. ڪجهه هيئن ٿيو ته جيڪا ٽيم ڪراچي ٽيليويزن سينٽر تي سنڌي خبرون لکڻ جي انچارج هئي اها هلال پاڪستان جي تيار ڪيل ٽيم هئي جنهن ۾ خاص طور محترم انور پيرزادي محمد خان سيال ۽ ٻين اهڙن دوستن جا نالا وٺي سگهجن ٿا. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته جڏهن سراج صاحب هلال پاڪستان کان ڌار ٿيو ته نه فقط ٻين سنڌي اخبارن پر خود هلال پاڪستان مان به سراج صاحب واري سنڌي گهڻي حد تائين ناپيد ٿي وئي. اهو سراج صاحب جو ڪريڊٽ آهي ته هن ڪجهه ممتاز بين الاقوامي سياسي ٽرمنالاجي ۽ معاشي ٽرمس جا اهڙا نعم البدل ٺيٺ سنڌي لفظ ... ڪيا جن کي نه فقط سنڌي اخبارن ۽ سنڌ اخبارن جي قارئين پر سنڌي زبان جي ماهرن به قبول ڪيو. ان سلسلي ۾ مون کي هن وقت هڪ، ٻه مثال ياد اچن ٿا. مثال ياد اچن ٿا. مثال طور، ان وقت فرانس جو صدر ڊيگال هو. ڊيگال ڪيئن اهم بين الاقوامي ... سامهون آندا. ان وقت بين الاقوامي ٽڪراءُ کي ختم ڪرڻ يا گهٽائڻ لاءِ هن جيڪي .... تن کي هو ديتان چيو ويندو هو. .... لفظ هو پر انگريزي زبان کي اهو فرينچ لفظ پنهنجو ڪرڻو پيو. اهڙي طرح اردو پريس به لفظ ديتان استعمال ڪندي هئي پر سراج صاحب فرينج نقشو اديتان لاءِ نج سنڌي لفظ سرچاءُ استعمال ڪيو ۽ ڪيتري عرصي تائين نه فقط هلال پاڪستان مگر اڪثر سنڌي اخبارون ديتان لاءِ سرچاءُ استعمال ڪنديون هيون. اهڙي طرح اقتصاديات جو هڪ ٽرم آهي جنهن لاءِ پڻ سراج صاحب ٽرم ناڻي جي واڌ استعمال ڪيو ۽ ڪيتري حد تائين اهو ٽرم سنڌي اخبارن ۾ استعمال ٿيندو رهيو. سراج صاحب، زبان جي ماهر هئڻ جي حيثيت ۾ ان راءِ جو هو ته سنڌي زبان موجوده رسم الفظ بدران رومن رسم الفظ ۾ لکي وڃي. ان سلسلي ۾ هن هلال پاڪستان ۾ ڪيئن حوالي سان ڪيئن جامع ڪالم لکيا. پر آخرڪار سراج صاحب کي اهو موو ... ڪرڻو پيو. شايدع ان جو هڪ سبب اهو هو ته سندس ڪيترن همعصر سنڌي دانشورن ۽ زبان جي ماهرن به سراج صاحب سان اتفاق نه ڪيو. هنن جي موقف هو ته موجوده رسم الحظ ۾ ايترو سندن لٽريچر جو خزانو ڦهليل آهي جيڪو سڄي جو سڄو رومن اسم الحظ ۾ منتقل نه ٿي سگهندو ۽ اهڙي طرح سنڌي زبان کي نقصان پهچي سگهي ٿو. منهنجو خيال آهي ته رومن رسم ان جو ۾ سنڌي لکڻ واري سراج صاحب .... جي حق خاص طور اهو موقف هو ته جيڪڏهن سڀ سنڌي پوءِ ڀلي دنيا جي ڪنهن به علائقي ۾ هجي رومن رسم الحفظ استعمال ڪرڻ سنڌي زبان به ختم نه ٿيندي ۽ پاڪستان هندستان توڙي دنيا جي هر حصي ۾ رهندڙ سنڌي قوم متحده ٿي سگهي ٿي. سراج صاحب جي هوالي کان منهنجون ڪجهه ذاتي ساروڻيون ڪنهن حد تائين دلچسپ آهن جن مان هن جي وڏائي لکي ٿي هلال پاڪستان ۾ رپورٽرن ۽ ايڊيٽرن جي ڀرتي لاءِ هلال ۾ اشتهار شايع ٿيا. مون به رپورٽر بڻجڻ لاءِ درخواست ڏني، سراج صاحب مڙني درخواست ڏيندڙن کان لکت ۾ ٽيسٽ ورتي جيڪا سي ايس پي واري معيار واري هئي. جيڪي ان ۾ پاس ٿيا انهن کان زباني امتحان ورتو ويو. زباني امتحان ڏيڻ لاءِ جڏهن آئون سراج صاحب جي ڪمري ۾ داخل ٿيس ته سراج صاحب مون کي سامهون صوفه سيٽ تي ويهڻ جي لاءِ چيو. مون ڏٺو ته سندس مٿس ۾ مون وارو ٽيسٽ جو لکيل پيپر هو. سراج صاحب چيو ته تو سٺيو لکيو آهي پر مون کي يقين آهي ته تون گهڻو وقت صحافين ۾ نه رهندي، تو جهڙا ماڻهو جلد سٺي جاب ملڻ تي صحافت ڇڏي ويندا جڏهن ته صحافت کي توجهڙي سنڌي صحافين جي ضرورت آهي مون چيو ته نه سائين آئون صحافت نه ڇڏيندس، چيائين وعدو ته صحافت نه ڇڏيندي به مون چيو وعدو مون هلال پاڪستان ۾ سب ايڊيٽر طور ڊيسڪ تي ڪم ڪرڻ شروع هلال پاڪستان ۾ انٽرويو ڏيڻ کان ۴ مهين اڳ مون زرعي ترقياتي بئنڪ جي آفيسر جي لاءِ انٽرويو ڏنو هو. مون کي اها ڳالهه وسري وئي هڪ ڏينهن مون ليٽر مليو جنهن ۾ چيو ويو ته توکي زرعي ترقياتي بئنڪ ۾ آفيسر طور مقرر ڪيو ويو آهي تون ٻن هفتن اندر فيصل آباد واري تربيتي اداري ۾ رپورٽ ... جتي توکي ڪجهه مهينن لاءِ ٽريننگ ڏني ويندي، آئون ڏاڍو خوش ٿيس. مون کي اها ڳالهه وسري وئي ته هلال پاڪستان ۾ مقرري وقت سراج صاحب سان ڪهڙو وعدو ڪيو هو. آئون سراج صاحب جي ڪمري ۾ ويس ۽ مقرريءَ واري ليٽر سندس پٽيل تي رکندي چيم ته منهنجي زرعي ترقياتي بئنڪ ۾ بطور آفيسر مقرري ٿي وئي آهي. هاڻ مون کي اجازت ڏيو ته توهان کان موڪلايان. سراج صاحب مون ڏانهن گهوريندي چيو ته تون وڃڻ چاهين ٿو ته ڀلي وڃ پر پنهنجو وعدو ياد اٿئي. مون کي سچ پچ پهرين ڪا به ڳالهه ياد نه آئي پر پوءِ فوري طور سڄي ڳالهه ياد اچي وئي. آئون شرمسار ٿيندي اٿيس ۽ سندس ٽيبل تي رکيل مون وارو مقرري وارو ليٽر لفافي سوڌو کڻي سندس اڳيان ڦاڙي سندس ڀر ۾ پيل ڪچري واري دٻي ۾ وجهندي چيم ته سائني وعدو بلڪل ياد آهي. صحافت نه ڇڏيندس. آئون اڄ ڏينهن تائين جهڙو تهڙ صحافت سان جيڪو نڀائيندو اڃا ۽ ان جو ڪريڊٽ سراج صاحب کي ڏيان ٿو. هڪڙي مرحلي تي اسان هلال پاڪستان جي ڪارڪنن يونين ٺاهي. ساڳئي وقت آئون ڪراچي يونين آف جرنلسٽ جو جنرل سيڪريٽري به هيس. هلال واري يونين جو جيتوڻيڪ آئون سينيئر وائيس پريزيڊنٽ هوس پر يونين جي پويان جيڪي وڌيڪ متحرڪ هئا شايد انهن ۾ آئون پيش پيش هوس. اسان ۱۰۰ مطالبن تي مشتمل چارٽر آف ڊمانڊس ٺاهيو جنهن تي انتظاميا سان مذاڪرات ٿيا. انتظاميا جي نمائندي سراج صاحب ڪري رهيو. ٻئي طرف يونين جي مذاڪراتي ٽيم منهنجو اهم ڪردار هو. ان دور ۾ شايد سراج صاحب ۽ ان ۾ ڪي ناراضگيون به پيدا ٿيون، پر بعد ۾ جڏهن جنرل ضياءَ مارشل لڳائي، ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت ختم ڪئي ته هلال پاڪستان کي به ڪراچي جي آرمي ڪورٽيڪ اوور ڪيو. ان دوران هڪ مرحلي تي اسان پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽ ۽ ..... جي پليٽ فارمن تان سڄي ملڪ ۾ مارشل لا خلاف تحريڪ هلائي ۽ ڪراچي ۾ صحافين طرفان گرفتاريون شروع ٿي ويون. پريس ڪلب ۾ جيڪي بک هڙتال تي ويٺا انهن ۾ آئون به شامل هوس. رات جو اسين گرفتار ٿي وياسين. پر ڪجهه ڏينهن دوران اسان کي ... ڪيو ويو ۽ مساوات ۽ هلال پاڪستان جي اشاعت بحال ٿي وئي. جيل مان به ...ٿيڻ کان پوءِ مون کي ساٿين ٻڌايو ته توهان جي جيل ۾ هئڻ دوران ڪراچي پريس ڪلب ۾ ٿيندڙ احتجاجي ميڙاڪي روزانو سراج صاحب خود شرڪت ڪندو هو ۽ چوندو هو ته مغل ۽ ٻيا ساٿي ... هليا ويا آهن ته هنن جي اڪري حد تائين اخلاقي حمايت ڪرڻ لازمي آهي. سراج صاحب اصول پرست هو. هن سڄي زندگي پنهنجي اصولن تي مفاهمت ڪئي. سراج صاحب صحافت ۾ منهنجو استاد آهي ۽ جيسين جان ۾ جان آهي سندس احترام ۾ ڪڏهن به ڪمي نه ايندي. ڪاش سنڌ ۾ سئو، ٻه سئو سراج پيدا ٿي پون ته سنڌ ڪهڙن ڏکن کان آجي ٿي پوي ۽ روج واري زندگي گذرڻ لڳي. سراج سان لاڳاپيل يادگيريون عبدالحميد آخوند جن کيس سڃاتو، مٿس موهت ٿي پيا. جن هن بابت ڄاتو، تن تي سندس شخصيت جو روپ ڇانئجي ويو. سراج هڪ نهايت متا ثر ڪندڙ شخصيت هو، هو اکين جو ٺار ۽ ذهنن کي تازو توانو ڪندڙ هو. پڪي پختي توريل تڪيل ڳالھ ڪرڻ وارو ۽ عملياتي شخصيت هو، سندس حقيقي قد ڪاٺ ۽ وزن سندس خيالن ۾ آهي هن ڪڏهن به غير معقول جذبات نه ڌاريا. سنڌ، سنڌ جي ماڻهن ۽ ٻوليءَ لاءِ سندس پيار لفاظي نه هو، پر هن سنڌي ٻولي تي پنهنجي ڪتاب جي صورت ۾ ان کي سدا بهار ياد گار ڏنو، سراج انهيءَ مشن کي پنهنجي وطن جي هڪ ذميواري ڪري هٿن ۾ کنيو، انهي ميدان ۾ان جي باني واري حيثيت رکندي، هو نوجوان نسل لاءِ اتساھ جو ذريعو هيو، ڪراچي جي سنڌ فري ميسن لارج جي هڪ ڪمري ۾ ”سنڌ صدين کان“ سيمينار دوران سراج مون کي تقرير پويان تقرير ٺاهيندي نظر آيو . اهي تقريرون انهن ڪيترن ماڻهن کي ڪرڻيون هيون، جيڪي مختلف سيشن جي صدارت لاءِ آيل هيا، پر ڪيئن موضوع بابت ڄاڻ گھٽ هئي، مون کيس اهڙي ڪمانڊ سان تقريرون ٺاهيندي ڏٺو جيڪا مون ٻين ۾ تمام گھٽ ڏٺي آهي. اسان مان گھڻن جي ابتڙ هو جهڙو تهڙو اجايو ڳالھائڻ، يا منافقت ۾ وقت ضايع نه ڪندو هو، پر سدائين هاڪاري ۽ همٿائيندڙ هوندو هو، سراج ڪنهن جي گلا ۾ يقين نه رکندو هو، ڪنهن جي بدنامي ۾ دلچسپي نه وٺندو هو، اسان سڀ کيس سندس سڄڻائپ، عقلمندي ۽ علم سبب عزت ڏيون ٿا. جيتوڻيڪ سنڌي ٻولي تي سندس بنيادي ڪم ۴۰ سال اڳ لکيل ڪتاب آهي، هن وقت تائين ان ميدان ۾گھڻي تحقيق نه ڪئي وئي آهي، سندس دل ۾ ابراهيم جويو لاءِ گھڻي نرمي هئي ۽ هو سندس سڄي زندگي عزت ڪندو هو. مون کي ياد آهي ته هن هڪ ڀيري هڪ عجيب درخواست ڪئي ۽ جڏهن مون سندس ڌيان ڇڪايو، هن ٻڌايو ته هو مون کي اهو ڪجهه ڪرڻ لاءِ جوئي جي احترام جي ڪري چئي رهيو آهي، اها ڳالھ مان ۱۹۹۰ جي وچ جي هڪ ڳالھ ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته تنهن وقت سنڌ جي گورنر، سراج کي سنڌ يونيورسٽيءَ جو وي سي ٿيڻ جي آڇ ڪئي جيڪا هن تنهن وقت جي علمي ادارن جي ماحول سبب قبول نه ڪئي. الائي ڪڏهن اسان انهيءَ اداري کي امن سان هلائينداسين. سراج مهتا پيلس ميوزم لاءِ ”ٽرسٽ ڊيڊ“ جو مسودو ٺاهڻ ۾ حيلو وسيلو هو ۽ هو ان جي باني ٽرسٽيز مان هڪ هو. سندس بيماريءَ دوران جيڪا کيس دهليءَ وٺي وئي، سندس جذبا جوان هئا ۽ هو هي صورتحال لاءِ تيار هو. ڇو ته هن هڪ ڀرپور زندگي گهاري هئي ۽ مطمئن هو. هو پنهنجي ڊگهي بيماريءَ دوران به پر اميد هو. پر آخرڪار لڳو پئي ته هو (زندگيءَ جي ) قيد کان ٿڪجي پيو هو ۽ اميد جو ڪرڻو گم ٿي چڪو هو. ساڻس آخري گفتگوءَ ۾ هن مون کي چيو هو ته امر جليل کي سندس تازي ڪتاب جي مهاڳ لاءِ ياد ڏياريان ۽ ساڳئي وقت افسوس ڪيائين ته سندس صحت وڃي ٿي ڪرندي. سراج هيءَ دنيا ان حالت ۾ ڇڏي جو هن پنهنجي ڌرتي، عوام ۽ پنهنجي ڪٽنب جي خدمت ڪئي هئي ۽ کيس اطمينان هو. سندس روانگي شخصي نقصان آهي ۽ مون کي اميد آهي ته سندس خاندان ۽ دوست ريسرچ اسٽڊيز جو هڪ انسٽيٽيوٽ قائم ڪري کيس ڦل ڏيندا. رڳو نانءُ جي صورت ۾ نه پر آدرشن کي بلند ڪرڻ جي صورت ۾ به. سراج سنڌ جو عاشق ليکڪ آفتاب ابڙو سراج الحق ميمڻ سنڌ جي انهن اهم شخصيتن مان هڪ آهي جن لاءِ لطيف سائين چيو آهي ته ”مون سي ڏٺا ماءِ، جنين ڏٺو پرينءَ کي، تنين سنڌي ڪا، ڪري نه سگهان ڳالڙي“. سراج سنڌ جو اهو سپوت هو، جنهن جو هر عمل سنڌ جي ترقي ۽ سُڌاري سان واڳيل هو، هو جنهن به شعبي ۾ رهيو انتهائي متحرڪ ۽ باخبر رهيو. کيس پنهنجن ۽ پراون جي چڱي پَر خبر هئي. ڪهڙي رٿا سنڌ جي ڀلائي ۾ آهي ۽ ڪنهن منصوبي (هو منصوبي کي منفي انداز ۾ وٺندو هو) مان سنڌ کي ڪهڙو ممڪن خطرو ٿي سگهي ٿو، ان جو کيس چڱي ريت ادراڪ هو. پيپلز پارٽيءَ جي پهرين دور ۾ جيڪي چڱا فيصلا ٿيا، انهن ۾ سراج صاحب جو ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان صلاح مشورو شامل هو. سراج صاحب جي دلي خواهش هئي ته ”شاهه جي رسالي“ جي معياري ۽ جامع لغت جوڙجي، جنهن ۾ هر لفظ جو رومن لپيءَ ۾ تلفظ (Transliteration) ان جو ڌاتو (Root)ته اهو لفظ ڪهڙي ٻوليءَ سان تعلق رکي ٿو. ڌاتوءَ مطابق ان جي معنيٰ: مثلاً شمشير (Shamsher) شم= نهن+ شير= شينهن. اهو لفظ عربي ٻوليءَ جو آهي. جنهن کي تيغ، تلوار ۽ ذوالفقار به چوندا آهن. شاهه سائين ان کي ’ترار‘ طور به استعمال ڪيو آهي. انگريزيءَ ۾ sword، فارسيءَ ۾ به شمشير چوندا آهن. ان لفظ جي عام رواجي سنڌي لغت مطابق معنيٰ ۽ شاهه سائين جي مخصوص معنيٰ ڏجي ۽ حوالي طور بيتن ۾ ان جو استعمال سمجهائجي. ان ڪم لاءِ مون کي اسٽنٽ طور مقرر ڪيائون. ڪجهه وقت سندن نگراني ۾ ڪم ڪيم ۽ ڏاڍو پرايم، پر پوءِ هڪ ته سندن مصروفيتون وڌي ويون، ٻيو ته ڪم جي نوعيت تمام مٿاهين هئي، جنهن تائين مان پُڄي نه ٿي سگهيس! هر لفظ جو ڌاتو ڪڍڻ آسان ڪم نه هو، ٻيو ته سراج سائين جو ٻوليءَ بابت پنهنجو نظريو هو، جيڪو بلڪل حقيقت تي مبني هو. مثلاً اصل لفظ ’اک‘ آهي. ان مان پوءِ ’آنکهه‘ ٿيو. بنيادي لفظ ’ڀت‘ آهي. هندي ۾ اهو ’بهيت‘ ٿيو وغيره. انکان پوءِ ساڳي ڊڪشنريءَ بابت فقير محمد لاشاري کي به آڇ ڪيائون، پر هو به هام ڀري نه سگهيو. آخر ۾ پاڻ ويهي ڪارڊ تي ڪم ڪيائون، بقول ميڊم فهميده جي ته ڪافي ڪم اڪلائي ويا هئا. جيڪڏهن اها لغت شايع ٿئي ته شاهه لطيف کي سمجهڻ ۾ تمام گهڻي آساني ٿيندي. سراج سائين سنگت ساٿ ۽ نوجوانن کي همٿائيندي، هميشه اها صلاح ڏيندو هو ته وقت جي رفتار کي سمجهو، جيئن سڌريل سماجن ۾ ٿي رهيو آهي. اهڙا طريقا اختيار ڪريو، هڪ ڀيري مونکي سمجهايائون ته ”آفتاب شاهه لطيف تي ڪم ڪرڻ بنهه آسان ٿي پيو آهي، جو سائين جو سڄو رسالو اڌ انچ جي USB ۾ اچي وڃي ٿو. انکي جتان گهرون آساني سان ڪلڪ (Click) ڪري ڳولي سگهون ٿا. سڄي رسالي کي ڦولهڻ جي هاڻي ضرورت نه آهي.“ هي اهو دور هو، جڏهن هت ملٽي نيشنل ڪمپنين ۾ به ڪمپيوٽر مشڪل سان متعارف ٿيو هو. سراج الحق ميمڻ بنيادي طور افسانوي ادب جو ماڻهو هو، سندس پهرين تخليق مهان اديب ڪرشن چندر جي ناول ”جنوب سي سورج طلاع هو رها هي“ ’ڏکڻ مان سج اڀري ٿو، ترجمو آهي، جيڪو عثمان ڏيپلائي ۱۹۵۲ ڌاري شايع ڪيو هو. سنڌ ۾، هي ترقي پسند سوچ جي پهرين اهم ڪتابن ۾ شمار ٿئي ٿو. ان سان گڏ هن يورپ ۽ روس جي مهان ليکڪن جي اهم ڪهاڻين جو به سنڌي ۾ ترجمو ڪيو. سندس فهم ۽ فڪر ۾ رومانيت رچيل بسيل هئي. جنهن جو اظهار هن پنهنجن ناولن ”پڙاڏو سوئي سڏ“، ”مرڻ مون سين آءُ“، ”پياسي ڌرتي رمندا بادل“، ”منهنجي دنيا هيڪل ويا ڪل“ ۽ ”تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول“ ۾ ڪيو آهي. ڪهاڻي جي ڪردار سازيءَ تي کيس قدرت حاصل هئي، جنهن جو ذڪر سنڌ جي ڪيترن ئي ناليوارن افسانا نگارن: جمال رند، نسيم کرل، غلام رباني آگري، جمال ابڙي ۽ امر جليل به ڪيو آهي. سراج صاحب کي سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ثقافت سان ايمان جي حد تائين پيار هو. هن جيڪو لکيو، پڙهيو ۽ ڳالهايو ان جو محور سنڌ ۽ صرف سنڌ هئي. سراج صاحب ناولن سان گڏ درسي ڪتاب انگريزيءَ مان ترجمو ڪري، ڪي اصول ۽ ضابطا جوڙيا ته سنڌي ۾ ترجما هن ريت ڪبا آهن. سراج صاحب جڏهن سنڌي ادبي بورڊ ۾ هو ته هن سنڌي ٻوليءَ جي درست استعمال، جوڙجڪ ۽ بيهڪ جي نشانين جي قاعدن ضابطن بابت اهم ۽ مثالي ڪم ڪيو، جيڪي سنڌي ٻولي ۾ رهنما اصول مڃيا وڃن ٿا. سنڌي ٻوليءَ جي بنياد بابت، سندس لکڻ هڪ عجيب حادثو هو. ۱۹۵۹ع ڌاري ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو هڪ تفصيلي مضمون ”سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ“ مهراڻ ۾ ڇپيو، جنهن جو مول متن اهو هوته ”سنڌي ٻولي پنهنجي تاڃي پيٽي ۽ جوڙجڪ جي حوالي سان سامي ٻولين: عربي، عبراني ۽ توراني مان نسري نروار ٿي آهي ۽ سنڌي ٻوليءَ جو صوتياتي سرشتو عربي مان ورتل آهي“. اهڙي موقف سنڌ سان اَٿاهه پيار ڪندڙ ترقي پسند ليکڪن کي ڇرڪائي ڇڏيو. سنڌ ۾ هلچل پيدا ٿي، پر ان جو جواب لکڻ لاءِ ڪو تيار ڪونه هو. پوءِ سائين ابراهيم جو ئي، ڊاڪٽر تنوير عباسي ۽ مولانا غلام محمد گرامي جي حد کان وڌيڪ اصرار تي سراج کي سندرو ٻڌڻو پيو. هن لاڳاتار پنج ورهيه گوڏو ڀڃي، ان موضوع تي مطالعو ڪيو. ڇهه ست ڀيرا موهن جي دڙي جا ڀيرا ڀڳا، راتين جو راتيون رهي مختلف اهڃاڻن تي ڪم ڪندو رهيو. سندس عشق جي حد اها هئي، جو رات جو خواب ۾ به موهن جي ديس جا مٽي هاڻا، چاپهين ڏاڙهيءَ وارا ماڻهو ساڻس ڪچهريون ڪندا هئا. ايئن جيئن سسئي کي وندر جي واٽ وڻن ٿي ڏسي! سراج صاحب آڏو سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بڻياد وارو ڪيس انتهائي ڳنڀير بڻجي ويو. نه صرف کيس هتي جي روايتي عالمن کي جواب ڏيڻو پيو، پر انگريز محققن موهن جي دڙي جي کوٽائي وقت جيڪي انومان ڪڍيا هئا ۽ جيڪي غلطيون ڪيون هيون، انهن کي به درست ڪرڻو پيو. اها سڄي وارتا سندس ڪتاب ”سنڌي ٻولي“ ۾ ڏسي سگهجي ٿي. سراج صاحب تاريخي حوالن سان اهو ثابت ڪيو ته ’سنڌي ٻولي‘ هن ڌرتيءَ جي پيداوار آهي. سنسڪرت ۽ ٻيون پراڪرتون هن مان ڦٽي نڪتيون آهن. سنڌو لکت (Indus Script) مان ’براهمي خط‘ وجود ۾ آيو ۽ جنهن مان پوءِ ’سنسڪرت لپي‘ جڙي. جڳ مشهور قديم آثارن ۽ لسانيات جا ماهر جي-آر هنٽر، سي جي گئڊ ۽ مسٽر سڊني سمٿ به ان راءِ جا هئا. سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد بابت سراج صاحب پنهنجي راءِ بلڪ ايئن چئجي ته مڪمل ٿيسز (Thesis) تحقيق جي مڃيل اصولن مطابق ڪتابي صورت ۾ ”سنڌي ٻولي“ جي نالي سان ۱۹۶۴ع ۾ شايع ڪرائي، جنهن جا موضوع آهن: سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، سنڌي تمدن، موهن جي دڙي جي سنڌي ٻولي. سندس اسلوب ۽ پيشڪش جو انداز بنهه نرالو آهي: هڪ وڪيل وارو! سنڌ جي ادبي عدالت ۾ ڪيس هلي رهيو آهي ته: “سنڌ جي ثقافت اصل آهي يا ڌارين! موهن جي دڙي وارو خط (لپي) هتان جو آهي يا ڪن ٻين لوڪن جو!!”. سراج صاحب ڪيس جي سڀني پهلوئن تي تاريخي حوالن سان بحث ڪيو. سندس سامهون وڪيلن جو هڪ وڏو ۽ اثرائتو گروپ هو، جنهن کي سول سوسائٽي، ڪتابي دنيا جي اديبن ۽ مذهبي پيشوائن جي سپورٽ حاصل هئي ۽ هيڏانهن هي تن تنها ادبي عدالت ۾ ڪيس وڙهي رهيو هو. سندس شاهديون اولهه، اوڀر جي ملڪن ۽ مڪاني ڪورٽن ۽ ماحول مان ورتل آهن. سندس ڪيس لڳاتار پنج ورهيه هليو. آخر جيت حق جي ٿي ۽ سڀني ساڃهه وندن اعتراف ڪيو ته سراج صاحب جا دليل وزنائتا ۽ ٺوس ثبوتن تي ٻڌل آهن، ڪو به ذي فهم انسان انهن کان انڪار ڪري نه سگهندو. سراج صاحب موهن جي دڙي جي ٻوليءَ تي تحقيق هڪ عاشق محقق جي حيثيت ۾ ڪئي آهي، ڏونگر ڏورڻ سڌائتن ماڻهن جو ڪم نه آهي، ان لاءِ اندر ۾ جهير هئڻ لازمي آهن! اهو ڪم پروفيشنل محققن کان گهڻو مٿي آهي. مصري، سميري، فينيشن وغيره قديم لپين جي انگڙين کي هڪٻئي سان ڀيٽي، ڪي مفروضا يا هٿ ٺوڪيا لفظ ٺاهڻ سان، اصل نتيجا ڪو نه نڪرندا آهن، انڊن ڀرڻ سان آلجبرا جا ڏکيا حساب حل ڪري ڪونه سگهبا آهن. موهن جي دڙي جي ٻوليءَ جو ڀورو اهو ڀڃندو، جنهن کي سنڌي ٻوليءَ جي صوتياتي اصولن، نحوي ترڪيبن، اڳياڙين (Prefixes، پڇاڙين (Suffixes) لڳائڻ جي بنيادي اصولن جي مڪمل ڄاڻ هوندي. ان کان سواءِ ان محقق لاءِ بنهه ضروري آهي ته کيس سنڌ جي تمدني اهڃاڻن ۽ لاڙن جي چڱي پر ڄاڻ هجي، ڇاڪاڻ ته تاريخي طور سنڌ پنهنجي تمدني روايتن کي هر حال ۾ برقرار رکيو آهي. اهڙو ڪو به سمو نه آيو آهي جو اسان جي تمدني ڌارا ۾ ڪا وڏي وٿي آئي هجي. اسانجي کائڻ پيئڻ ڄمڻ مرڻ، ڪچهريون ڪرڻ، هڪٻئي سان ساٿ ڏيڻ جو سلسلو اڄ به تقريباً اهو ئي آهي. دلن ، مٽن، دکين، چاڏين، پارن، تونرن، ڪونرن وغيره جي گهڙت تقريباً ساڳي آهي، جيڪا موهن جي دڙي مان لڌل مٽيءَ جي ٿانون جي آهي. انهن تي اڄ سوڌو ساڳيا چٽ چٽيا وڃن ٿا. ڏاندن جي جهلن، اٺن جي مهارن وغيره جي گهاڙ پڻ اها ئي آهي. شهري عالم توڙي ٻاهريان اسڪالر سنڌ جي انهن نرالين وٿن کي آساني سان نه سمجهي سگهندا. ان لاءِ تمام ضروري آهي ته سنڌ جي انهن ثقافتي اهڃاڻن کي انهن جي اصلي ماهيت مطابق سڃاڻجي. سراج صاحب ان کان به وڌيڪ نشانين جو ملهه ڪٿيو آهي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي صوتياتي سرشتي کي سامهون رکندي، مهرن توڙي تائٿن تي اڪريل/ لکيل لفظن جون بامعنيٰ پڙهڻيون به ٻڌايون آهن. جيڪي هنئي سان هرڻ جهڙيون آهن. سراج صاحب انهن ۾ تاريخي تسلسل علم لسانيات جي Philology مطابق ڏيکاريو آهي. ساڳئي وقت علم اشتقاق (Etymology) جي علمي ۽ عقلي بنيادن تي انهن لفظن جو ڇيد ڪيو به آهي. ان ڏس ۾ ٻين عالمن به ڪافي لاڀائتيون ڪوشش ڪيون آهن، پر سراج صاحب جو دڳ سڌو آهي. ڪاش! سراج صاحب جي اها ٿيسز (Thesis) ۷۰-۸۰ع واري ڏهاڪي ۾ انگريزيءَ ۾ پيش ڪئي وڃي ها ته هوند سنڌو لکت بابت تحقيق ۾ بين الاقوامي سطح تي ڪافي اڳ ڀرائي ٿي چڪي هجي ها. اوندهه ۾ لـٺيون هڻڻ وارن کي سهائي ملي وڃي ها! وري به چڱي خبر اها آهي ته گذريل سال ان جو انگريزي ترجمو “The Story of Sindhi Language” جي نالي سان شايع ٿي چڪو آهي.اها هڪ تاريخي حقيقت آهي ته سنڌ ۾ اهڙا سپوت حادثاتي طور جنم وٺندا آهن ۽ پنهنجي صلاحيتن سان اهڙو مقام حاصل ڪندا آهن، جتي رسڻ عام ۽ خاص جي وس کان مٿي هوندو آهي. سندن ڪردار ۽ اصول ايندڙ وقت لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندا آهن، جهڙوڪ ريت شهيد ذوالفقار علي ڀٽي پنهنجو رتبو جوڙيو. سچ پچ ته سنڌ هڪ مؤرخ ، محقق، عاشق، عظيم ليکڪ ۽ صحافي کان محروم ٿي ويئي. اهڙي گهڻ رخي شخصيت جي پيدا ٿيڻ ۾ وقت لڳندو، تيسين علم ادب جا گهڻ گهرا کيس پيا ياد ڪندا. بقول شيخ اياز جي: ”واڪا ڪندي ووءِ صديون تولاءِ سنڌڙي“ سراج صاحب سنڌ ھيو محمد روشن عيساڻي مون کي اڄ ارشد سراج جو حڪم ٿيو ته پنهنجا تاثر لکان. آئون اُها ئي وائي ورجائيندس ته سراج صاحب سنڌ هو، آهي، ۽ رهندو. سندس بين الاقواميت ۽ ڄاڻ اُنهيءَ چنڊ نه پر سج مثل هئي جنهن جا ڪرڻا تاريڪ ڪنڊن ڪڙڇن ۾ پهچندا هجن. مون کي اُهو فخر حاصل آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ زندگي جي پهرين تاريخي پٽيشن ۾ سراج صاحب عبدالحفيظ لاکو صاحب ۽ عبدالرشيد آخوند صاحب سان گڏ نه رڳو پيش ٿيڻ پر سکڻ جو موقعو مليو، ڇا لکي ڇا لکان. سندس شخصيت علم جو ڀنڊار هئي. سنجيدگي ۽ مذاح جو به هڪ مخصوص انداز هو. آئون دعاگو آهيان ته ڌڻي پاڪ سندس پوين ۾ برڪت وجهي ۽ شال اُهي سِڪون لاهين، ڀلوڙ اولاد آهي. سنڌ ۾ چوڻي آهي ته ڀاڳين جا وٿاڻ وسندا رهندا آهن. ڌڻي در دعا آهي ته هي وٿاڻ سدائين سائو ستابو ۽ آباد رهي. وري به ورجائيندس ته سراج سنڌ هو ۽ سنڌ سراج آهي ۽ رهندو. سراج صاحب جي شخصيت تي لکڻ سج کي ڏيئو ڏيکارڻ جي برابر آهي. هزار صفحا به ٿورا آهن سراج صاحب تي لکڻ لاءِ. اکين ۾ پاڻي ٿو اچي جڏهن سندس تصور ۾ پرتو ٿو پسان. انشاءُ الله جنت جي حورن هنج هوندو. منهنجو ويساهه آهي ته اُن دنيا ۾ به هو سنڌ کي نه وساريندو. سوچيان ٿو ته هيڏي وڏي شخصيت تي وڌيڪ ڇا لکان. جذبات ۾ خبر ناهه ڇا لکي ويو آهيان. چُڪ ٿي هجي ته معافي. سراج صاحب مٿاهون هو ۽ مٿاهون رهندو. جنت جي حقدارن ۾ هوندو.... مري ٿيا نه مات قاضي علي اطهر سراج صاحب هڪ گهڻ رخي شخصيت رکندڙ انسان هئا، منهنجي زندگي جا بهترين ڏينهن سراج صاحب جي چيمبر ۾ ايسوسيئيٽ جي حيثيت ۾ گذريا کيس انتهائي شفيق پيءُ ۽ استاد جي حيثيت ۾ پاتو سنڌ سان Self Conviction جي حد تائين رشتو سندن شخصيت جو نمايان رخ هيو. سراج صاحب هڪ صحافي، اديب، دانشور، ٻولي جي ماهر سان گڏوگڏ پروفيشنل وڪيل جي حيثيت ۾ پاڻ موکيو ۽ هر ڪردار ۾ سندن رول انتهائي جاندار رهيو، سندن هڪڙو ئي سلوگن/ مشن هيو ته پڙهو ۽ سنڌ جي خدمت ڪريو، سماجي ۽ مذهبي مت ڀيد کان ڌرتي جي عام لوڪ کي آجو ڪريو. سراج صاحب جهڙيون شخصيتون مرنديون ناهن. لطيف سائين چواڻي: مرڻا اڳي جي مئا سي مري ٿيا نه مات. سراج صاحب جي سنڌ جو پڙاڏو سندن سوچون ۽ ويچار، جيڪي هن پنهنجي لکڻين ۾ عام لوڪ سان ونڊيا سي هميشه ٻڌبا رهبا. موهن جي دڙي جي پرسيٽ، جيان ڳاٽ اوچو ڪري گهمدڙ سراج جي صورت هميشه اسان جي سامهون رهندي. سراج صاحب پاڻ کي هميشه سنڌ جو خادم سمجهيو انهيءَ جو ثبوت سندس جوڙيل Servants of sindh سوسائٽي جو بنياد ۽ پاڻ کي سنڌي ٻوليءَ لاءِ ارپڻ سندس هڪ وڏو ڪارنامو هيو. پاڻ سنڌي ٻوليءَ کي نج هن ڌرتيءَ مان جنم وٺندڙ ٻولي جو پرچارڪ رهيو، نه صرف پرچارڪ رهيو بلڪ پاڻ انهيءَ کي ثابت به ڪري ڏيکاريو. رَتِيَ جي رهاڻ کان وٺي، قانون جي سخت زبان تائين سراج صاحب جهڪڻ نه سکيو نه ئي وري مون جهڙن شاگردن کي جهڪڻ ڏنو. سراج منھنجو دوست منھنجو ڀاءُ امر جليل مونکي ٺيڪ سان ياد ناهي ته اپريل ۱۹۷۲ع جي اها ڪهڙي تاريخ هئي، سراج مونکي چورائي موڪليو هو ته سڀاڻي شام جو ستين لڳي شيزان ۾ اچ، چانهه پئينداسين ۽ لکڻ پڙهڻ بابت ڪجهه ڳالهائينداسين. مونکي اچرج ٿيو هو، اچرج ان ڪري ٿيو هو جو دوستن هُلائي ڇڏيو هو ته سراج مخصوص دوستن جي دائري کان ٻاهر نه ڪنهن سان ملندو آهي ۽ نه ڳالهائيندو آهي. ڪنهن سان به ڊيگهه نه ڪندو آهي، سندن دوستيءَ جي دائري ۾ شامل هوندا هئا، گڙنگ ليکڪ ۽ شاعر- رشيد ڀٽي، جمال ابڙو، شيخ اياز، غلام رباني آگرو، رشيد آخوند، ابراهيم جويو، غلام محمد گرامي، سوڀو گيانچنداڻي، تنوير عباسي، نياز همايوني، اياز قادري ۽ نورالدين سرڪي وغيره. تنهنڪري منهنجو اچرج اجايو نه هو. ادب ۾ منهنجو نالو معتبر نه هو. يارن دوستن مشهور ڪري ڇڏيو ته مان ملحد هوس، منڪر هوس، نظريه پاڪستان جي بنيادي ٻه قومي ٿيئري جو مخالف هوس، دين ڌرم کان آجو هوس. سندن رائي ۾ ڪنهن قسم جو وڌاءُ نه هو. ان وقت تائين مون نج تصوف جي تڏي تي هميشه لاءِ سر جهڪائي ڇڏيو هو....... مون پهرين ڪهاڻي ۱۹۵۶ع ۾ لکي هئي ۽ ان کان پوءِ لاڳيتو چار پنج سال وساري ڇڏيو هيم ته ڪڏهن ڪا ڪهاڻي به لکي هيم. اندر ۾ ڏاڍي اڻتڻ هئي. بيچيني هئي. زندگي، موت، مجبوري، بيوسي، بغاوت، ويڙهه ۽ حالتن سان ٺاهه نه ڪرڻ جهڙا انيڪ ويچار ۽ رويا مونکي اڪيلو ڪري ڇڏڻ لاءِ ڪافي هئا. ورهين جا ورهيه اڪيلائين ۾ ڀٽڪندي هڪ انوکي دڳ جا در منهنجي لاءِ کلندا ويا. هڪ راهه مان هزارين نڪرندڙ راهن مونکي نه مُنجهايو. هڪ راهه تي اڳتي نڪري وڃڻ کان پوءِ موٽڻ ممڪن لڳندو آهي. پر راهن مان نڪرندڙ انيڪ راهن جي راهي ٿيڻ کان پوءِ موٽڻ امڪان کان ٻاهر هوندو آهي. انهن راهن تي هلندي مون موٽي وڃڻ جي امڪان بابت ڪڏهن ڪونه سوچيو ۽ نه اڄ تائين سوچيو آهي. مونکي موٽي اچڻو ناهي، مان موٽي نه ايندس. راهن مان ڦٽي نڪرندڙ راهن تي هلندي مان لاڳيتو لکندو رهيس. مسلسل لکندو رهيس. جيڪي وڻيو، جيئن وڻيو تيئن لکندو رهيس. اندر جي اظهار لاءِ اهڙي قسم جو رويو مونکي راهن مان ڦٽي نڪرندڙ راهن تي هلندي مليو آهي. امان جي اسهڻ کان پوءِ مان لاڳيتو لکندو رهيس. ڪنهن کي وڻيس، ڪنهن کي نه وڻيس. ڪنهن دعا ڏني، ڪنهن بددعا ڏني. ڪنهن گاريون ڏنيون، ڪنهن گل ڏنا. ڪنهن کڏ کوٽي ڪنهن مان ڏنو. ڪنهن ڀر ۾ ويهاريو، ڪنهن ڀر مان اٿاري ڇڏيو. اهڙي نيم پاڳل ليکڪ کي سراج چوائي موڪليو، ته فلاڻي تاريخ شام جو صدر واري شيزان ۾ ملنداسين، لکڻ پڙهڻ بابت ڪجهه ڳالهائينداسين. تاريخ مون کي ياد ناهي. مهينو اپريل جو هو ۽ سال هو ۱۹۷۲ع . ان دور ۾ سنڌي ادب تي اياز، جمال، سراج، رباني ۽ رشيد جي هيبت ويٺل هوندي هئي. انهن مان ڪنهن سان به منهنجي ڪا خاص ڏيٺ ويٺ نه هوندي هئي. بس اوچتو ڪٿي ڪٿي عليڪ سليڪ ٿي ويندي هئي. سراج جي باري ۾ مشهور هو ۽ اڃا به اهو ساڳيو تاثر برقرار آهي ته تمام سختگير طبيعت جو مالڪ آهي. کلندو ته اصل ڪونهي. مرڪي پوي ته وڏي ڳالهه. سپيرئر سروسز جي چٽا ڀيٽيءَ ۾ اڳ نڪري ويو هو ۽ وڃي انڪم ٽيڪس کاتي ۾ آفيسر ٿيو هو. ٻڌائيندا آهن ته آفيسريءَ دوران منسٽرن ۽ اسيمبلي ميمبرن کي ڪٿ ۾ نه آڻيندو هو. سندس رعب تعاب اهڙو جو ڪو به جهڙو تهڙو، اثر رسوخ وارو شخص ساڻس کشٽ ڪري نه سگهندو هو. ملڪ ۾ سياسي ڏڦيڙ پيو. اهڙا ته لاها چاڙها آيا جو لکپتي ڀنواٽيون کائي ڪکپتي ٿي ويا ۽ ڪي ڪکپتي ڦري گهري لکپتي ٿي پيا. سرڪاري ڪامورن لاءِ رڻ ٻري پيو. پڪڙ ٿي. ڇنڊڇاڻ ٿي. سراج واند ٿي وڃي وڪالت سان لڳو. انڪم ٽيڪس جي ڪيسن ۾ اسپيشلائيز ڪيائين. ذهين بي انتها هو. وڃي سپريم ڪورٽ جي ايوانن تائين پهتو. الاءِ ڪٿي ۽ ڪيئن ذوالفقار علي ڀُٽي جي دوربين نگاهن ۾ اچي ويو ۽ هو پيپلز پارٽيءَ جو ٿي ويو. سن هو ۱۹۷۲ع. مولانا ابوالڪلام آزاد جي پيشنگوئيءَ مطابق وجود ۾ اچڻ کان چوويهين سال پاڪستان ۱۹۷۱ع ۾ اڌ ٿي چڪو هو.مشرقي پاڪستان ٿي پيو هو. بنگلاديش ۽ رهيل حصي مغربي پاڪستان کي ذوالفقار علي ڀٽي ڦيرائي پاڪستان ڪيو. هن وقت اوهين جنهن پاڪستان ۾ ساهه کڻي رهيا آهيو سو پاڪستان ۱۹۷۱ع کان اڳ مغربي پاڪستان هو. موجوده پاڪستان جو ڪو وجود نه هيو. موجوده پاڪستان ۱۹۷۱ع ۾ ٺاهيو ويو. اصل ۾ پاڪستان نالو هو پنجن صوبن جي فيڊريشن جو. سنڌ، پنجاب، سرحد، بلوچستان ۽ مشرقي پاڪستان. ۱۹۷۱ع ۾ مشرقي پاڪستان علحيدگي اختيار ڪئي ۽ مشرقي پاڪستان مان ڦري بنگلاديش ٿي پيو. مشرقي پاڪستانين وانگر مغربي پاڪستان کي نئون نالو ڏيڻ بدران ذوالفقار علي ڀٽي ۱۹۴۷ع ۾ پنجن صوبن جي فيڊريشن واري ملڪ کي پاڪستان جو نالو ڏنو. اصل ۾ چئن صوبن واري موجوده پاڪستان جي عمر ۳۷ سال آهي. ۶۱ سال ناهي. ها! پنجن صوبن وارو پاڪستان وجود ۾ هجي ها ته ان جي عمر ۶۱ ورهيه هجي ها. ۱۹۷۱ع ۾ وجود ۾ آيل چئن صوبن واري پاڪستان کي شاڪ مان ڪڍڻ لاءِ، وري پيرن تي بيهارڻ لاءِ ذوالفقار علي ڀٽو ويو فيصلن مٿان انقلابي فيصلا ڪندو. انهن فيصلن جو وڏي ۾ وڏو مقصد هيو ماڻهن ۾ سجاڳي آڻڻ، آگاهي آڻڻ ۽ پاڻ سڃاڻڻ جو جذبو پيدا ڪرڻ. ملڪ فقط تڏهن ابتر حالتن مان اڀري سگهندو آهي، جڏهن ماڻهن ۾ خودداريءَ جو احساس پيدا ٿي پوندو آهي. ذوالفقار علي ڀُٽي جي انيڪ فيصلن مان هڪ فيصلو هو سنڌيءَ ۾ انگريزي اخبار ڊان جهڙي اخبار ڪڍڻ. مقصد ساڳيو هو. سنڌ جي ماڻهن ۾آگاهي آڻي، چٽا ڀيٽيءَ واري دور ۾ اڳتي وڌي اچڻ جو جذبو جاڳائڻ لاءِ ٽرسٽ ٺاهيائين. پاڻ سربراهه ٿيو. اخبار جو نالو هلال پاڪستان رکيائين. تجربيڪار ۽ پراڻا ايڊيٽر ڇڏي، سراج کي اخبار جو ايڊيٽر مقرر ڪيائين. سراج سنڌي ٻوليءَ جو ماهر، ڪهاڻيڪار ۽ ناولسٽ هو. هڪدم ها ڪرڻ بدران هن ڪجهه شرط ٽرسٽ آڏو رکيا. انهن شرطن ۾ هڪ شرط هو اخبار هلائڻ ۾ سندس مڪمل آزادي ۽ وزيرن، ميمبرن، ڪارڪنن ۽ ڪامورن طرفان اخبار هلائڻ ۾ ڪنهن به قسم جي دخل اندازي نه ڪرڻ جي ضمانت. سراج جا سمورا شرط مڃيا ويا. سراج اخبار لاءِ ٽيم گڏ ڪرڻ شروع ڪئي. ويو ماڻهن سان ملندو. چونڊي چونڊي ماڻهو کڻندو، اسٽنٽ ايڊيٽر، سب ايڊيٽر، رپورٽر۽ نمائندا کڻندو ويو. جڏهن مونکي ملڻ جو سڏ موڪليائين تڏهن ڳالهه مونکي بنهه سمجهه ۾ نه آئي هئي. هڪ ته صحافي ٿيڻ جو مون ۾ ڏانءُ نه هو، نه اڄ تائين پيدا ٿيو آهي. ٻيو ته پبلڪ سروس ڪميشن جي چٽا ڀيٽيءَ ۾ چونڊجي مان ريڊيو پاڪستان ۾ نوڪري ڪري رهيو هوس. بهرحال، منهنجي لاءِ وڏو اعزاز هو. جو سراج مونکي چانهن جي دعوت ڏيئي لکڻ پڙهڻ جهڙي موضوع تي ڳالهائڻ لاءِ گهرايو هو. صدر ۾شيزان ريسٽورينٽ عبدالله هارون روڊ تي بي وي ايس پارسي اسڪول جي سامهون هوندي هئي. هينئر اتي اليڪٽرانڪ سامان ۽ موبائيل فونن جا دڪان آهن. پيهه ايڏي ڄڻ مال مفت ۾ پيو وراهجي. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ به اهو پاڪستان ۱۹۴۷ وارو هجي يا ۱۹۷۱ع وارو، سنڌ پنهنجي سڃاڻپ کان، شناخت کان محروم ٿي ويئي آهي، ڪاڏي ويئي ٻولي! ڪاڏي ويئي تهذيب! ڪاڏي ويو تمدن؟ آئيني ۾ ڏسون، ته ڪنهن اوپري، اجنبيءَ جي بگڙيل شڪل ٿي نظر اچي. علم ۽ آگاهيءَ جا ڀنڊار هوندا آهن ڪتاب. يارن ڪتابن جي جنس مٽائي، ڪتابن کي مذڪر مان ڦيرائي مونث ڪري ڇڏيو آهي. اڳ ڪتاب منهنجو هوندو هو، هينئر منهنجي ڪتاب ٿي پيو آهي. بدنيتيءَ واري سياسي، سماجي ۽ ثقافتي ڦير گهير ۾ ايئن ٿيندو آهي. وڏيون مڇيون ننڍين مڇين کي کائي ڇڏينديون آهن. مان شيزان ريسٽورينٽ ۾ داخل ٿيس. ايڪڙ ٻيڪڙ هيڏانهن هوڏانهن ويٺا هئا. آخريءَ دري وٽ سراج ويٺو، هميشه وانگر وهنتل سهنتل ۽ هينڊسم. هڪ ته شخصيت ۾ نمايان، مٿان جو ٺهڪندڙ ڪپڙا پائيندو هو ته هزارن ۾ هڪ لڳندو هو. جيتوڻيڪ هن ڳالهه کي چاليهارو ورهيه گذري ويا آهن، پر سراج سان پهرين ملاقات پهرين تجربي ۽ پهرين آزمائش وانگر مونکي اڄ به ياد آهي. سراج ريسٽورينٽ جي سڀ کان پرئين دريءَ وٽ ٽنگ ٽنگ تي رکي وٺيو هو. هڪ هٿ ۾ ڪو انگريزي ڪتاب ۽ ٻئي ۾ پائيپ هوس. ڪتاب پڙهندي پائيپ مان سوٽو هڻي پئي ورتائين. مان وڃي سامهون بيٺومانس. ڪنڌ مٿي ڪري مون ڏانهن ڏٺائين. مُنهن تي مرڪ تري آيس. ڪتاب رکي، اُٿي مونکي هڪ ٻانهن سان ڀاڪر پاتائين، ٻئي هٿ ۾ پائيپ هوس، کلي چيائين، ”وقت جو ڏاڍو پابند ٿو لڳين.“ چيم، ”ريڊيو پاڪستان ۾ نوڪري جو ڪريان ٿو.“ ”ويهه“ مونکي پنهنجي سامهون صوفي تي ويهڻ لاءِ چيائين. اڳوڻي وڪٽوريا روڊ ۽ هاڻوڪي عبدالله هارون روڊ طرف کلندڙ شيزان ريسٽورينٽ جي درين ڀرسان صوفا رکيل هوندا هئا، مان ويهي رهيس. پڇيائين، ”ڇا پيئندين؟“ چيم، ”چانهن.“ منهنجي لاءِ چانهن ۽ پنهنجي لاءِ ڪافي گهرايائين. ان وچ ۾ ويٽر پيٽيس، پيسٽريز ۽ سينڊوچز جي ٽري رکي هليو ويو. پُڇيائين، ”ڇا پيو پڙهين، اڄ ڪلهه؟“ ٻڌائيندي هٻڪ ٿي. پر ٻڌائي ڇڏيومانس، ”پنج ڇهه ڪتاب پيو پڙهان.“ ”پنج ڇهه ڪتاب!“ منهن تي مرڪ اچي ويس. الاءِ ڪيئن ۽ ڪڏهن کان مونکي هڪ مهل چار پنج ڪتاب پڙهڻ جي عادت پئجي ويئي هئي ۽ هن عمر تائين هلندي اچي. ٻڌائيندي مونکي پشيماني محسوس ٿيندي آهي. چانهن آئي، ڪافي آئي. سراج کي مون اجائي سجائي ڳالهه ڪندي ڪڏهن ڪو نه ڏٺو. سپريئر سروسز جي آفيسر ۽ وڏي وڪيل وانگر ٽودي پوائنٽ to the point سڌي سنئين ڳالهه ڪندو آهي. مقصد جي ڳالهه ڦيرائي گهيرائي نه ڪندو آهي. ”اخبار پيا ڪڍون“ پڇيائين، ”خبر اٿئي؟“ چيم، ”ها.“ هڪدم چيائين، ”تون اخبار لاءِ ڪالم لک.“ ”ڪالم!“ مان هٻڪيس. چيائين، ”ڊيلي ڪالم روزانو هڪ، هفتي ۾ ڇهه دفعا، هڪ ڏينهن موڪل.“ مونکي تعجب ٿيو. ڪالم لکڻ منهنجي وس جي ڳالهه نه هئي ۽ سو به روزانو ۽ هفتي ۾ ڇهه دفعا!“ ان کان اڳ جو مان ڪجهه چوان، چيائين ”ته پوءِ فيصلو ٿيو ته هفتي ۾ ڇهه ڪالم لکندين، ايئن؟“ هٻڪندي هٻڪندي منجهندي، ”پر“ مس چيم جو فيصلو ڪندڙ لهجي ۾ چيائين ”ڪهاڻيون لکجانءِ، گشا لکجانءِ، جيڪي وڻِئي لکجان، توتي ڪا پابندي ڪونهي.“ پهرئين مئي ۱۹۷۲ تي اخبار جو افتتاحي اجراءُ ٿيو ۽ منهنجي لکڻ لاءِ هڪ بلڪل نئين تجربي جو. سراج پنهنجي واعدي کي توڙ تائين نڀايو. مون طارق اشرف وٽ به مڪمل آزادي ۽ بنا ڪنهن جهل پل جي لکيو هو. پر هي آزادي ان کان به ڪجهه سرس هئي. سرس ان ڪري هئي جو هلال پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي اخبار هئي ۽ پيپلز پارٽيءَ جي ميمبرن جي روپ ۾ وڏيرن، جاگيردارن، پيرن، ميرن، سيدن ۽ سردارن جي يلغار هئي. اسيمبلين جا ميمبر هئا، وزير هئا، صلاحڪار هئا، اتحاد ٺاهڻ ۽ ڊاهڻ وارا هئا. مان وڏيرن، پيرن، ميرن، سردارن ۽ جاگيردان کي سنڌ جو ويري سمجهندو آهيان. هو علم، آگاهي، سائنس، سجاڳي، اسڪولن ۽ ڪاليجن جا دشمن آهن. اڻپڙهيل ۽ نادان، هاري ناري ۽ ڳوٺاڻن جي رعيت سندن مضبوط ووٽ بينڪ آهي. جيڪا کين اسيمبلين تائين پهچائيندي آهي ۽ اسيمبلين ۾ پهچڻ کان پوءِ اقتدار جي ايوان ۾ حاڪمن آڏو هٿ ٻڌي بيهي رهندا آهن. هلال پاڪستان لاءِ ڪالمن ۾ لکيل ڪهاڻيون اهڙن ڪردارن کي واڙي کڻي اينديون هيون ۽ سندن روين ۽ نيتن جو ايڪسري ۽ الٽرا سائونڊ ڪنديون هيون. سندن ڪاوڙ ۽ ڪروڌ وڃي ذوالفقار علي ڀٽي تائين پهچندو هو. ٻاهرين ملڪن جي دوري لاءِ ذوالفقار علي ڀٽو پاڻ سان چونڊ ايڊيٽرن جو جٿو کڻي نڪرندو هو. ان ڊيليگيشن ۾ سراج ضرور شامل هوندو هو. سفر دوران هوائي جهاز ۾ ذوالفقار علي ڀٽو کيس سڏائي پاڻ وٽ ويهاريندو هو ۽ اخبار جي باري ۾ حال احوال وٺندو هو. کيس خبر هئي ته هلال پاڪستان سنڌ ۾ هڻي وڃي هنڌ ڪيو هو. ڳالهين ٻولهين دوران ڀٽو صاحب سراج سان پيرن، ميرن ۽ سردارن جي شڪايتن ۽ احتجاجن جو ذڪر ڪندي منهنجي باري ۾ پڇندو هو: ڪير آهي جنهن کي تو ڇوٽ ڇڏي ڏنو آهي؟ سراج کيس سمجهائيندو هو، قبلا پهرين اکر کان آخري اکر تائين اخبار پارٽي ۽ پارٽي ميمبرن جي خبرن ۽ ڪارنامن سان ڀريل هوندي آهي. ان ۾ جيڪڏهن هڪ شخص کي اختلاف راءِ جو حق ڏجي ته اخبار جا جمهوري حق پورا ٿيندا. سراج جا اهڙا وضاحتي جواب ٻڌي ذوالفقار علي ڀٽو کِلي چپ ٿي ويندو هو. هلال پاڪستان لاءِ لکندي منهنجو سڌو سنئون رابطو سراج سان هوندو هو. پهرين شماري کان ضيا الحق جي مارشلا۽ ذوالفقار علي ڀٽيءَ جي گرفتاريءَ تائين، سراج مون سان توڙ نڀايو. اهڙي ڏکئي وقت ۾ منهنجو ساٿ ڏنو هئائين، جنهن جو فقط تصور ڪري سگهجي ٿو. منهنجي خلاف اسلام آباد ۾ ملڪ دروهي ۽ بلاسفيميءَ جون انڪوائريون هليون، تڏهن به سراج مونکي اخبار مان نه ڪڍيو. بلڪه اڃا به وڌيڪ پذيرائيءَ سان منهنجيون ڪهاڻيون شايع ڪندو هو۽ پارٽيءَ جو ڏمر سهندو هو. هلال پاڪستان ۾ شامل قصا ۽ ڪهاڻيون ۱۹۷۲ کان ۱۹۷۷ واري دور جون آهن. سمجهو کڻي ته پنجٽيهه سال پراڻا قصا ۽ پنجٽيهه سال پراڻيون ڪهاڻيون آهن. پر پروف پڙهندي مون محسوس ڪيو ته ڄڻ اڄ جون ڪهاڻيون آهن. سواءِ قيمتن جي واڌ جي. توهان کي هاڻي اهو سڀ ڪجهه پڙهندي ڳالهه اوپري اتي محسوس ٿيندي، جڏهن ڏهين رپئي واري سٺي قميص ۽ پنجويهين رپئي واري عاليشان بوٽ جو ذڪر ايندو. سٺي هوٽل ۾ ماني کائڻ کان پوءِ ويهه رپيا بل ۽ بيري کي هڪ رپيو ٽپِ ڏيئي ڄڻ حاتم جي قبر کي لت هڻبي هئي. باقي معاشري جي زوال پذيريءَ ۾ ڪو فرق نه آيو آهي. سياسي پيداگيري اڳ وانگر عام آهي. راڄ ۽ ڪاڄ ۾ داداگيري اڳ وانگر جام آهي. قدر اڳ وانگر بيقدرن جي ور چڙهي ويا آهن. اڳ وانگر چور ڀاڳيا ۽ ڀاڳيا چور ٿي پيا آهن. نه کوٽي جي خبر، نه کري جي خبر!. اڳ وانگر سڪي جا ٻيئي پاسا هڪجهڙا ٿي پيا آهن. پاڪستان ۾ انڊر ورلڊ ان لاءِ ڪونهي جو انڊر ورلڊ جا ڊان اپر ورلڊ تي حاوي ٿي ويا آهن ۽ ملڪ جو وهنوار ۽ ڪاروبار بندوق جي زور تي يتيم حڪمرانن جي سامهون روبرو هلائي رهيا آهن. سموري ملڪ جو اقتصادي ڍانچو هٿيار، هيروئن ۽ قيمتي گاڏين جا سمگلر ٿوڻيون ٿنڀا ڏيئي سنڀالي بيٺا آهن. هنن جي ڪاروبار ۾ شامل آهن بينڪر ۽ غير ملڪي ناڻي جا واپاري. اهڙي ملڪ ۽ معاشري کان علم، آگاهي ۽ روحانيت رُسي ويندي آهي. اهڙي ملڪ ۾ معاشري ۾ ذلت جهڙي زندگي گذارڻ اسان جي مقدر ۾ لکجي ويئي آهي. اهڙي ملڪ ۽ معاشري ۾ مون فقط توائي ڪهاڻيون لکيون آهن، گذريل پنجاهه سالن کان. سراج سنڌي ادب جو ديو مالائي ڪردار نصير سومرو هن رڳو ”سراج“ نالي لکيو، پورو نالو نه لکڻ به سندس طرفان نا ديده بدعتن خلاف احتجاج هو. شڪايتن، ڏوراين ۽ ميارن ڏيڻ بدران پنهنجي تخليقي ڏات کي ادب جو روپ ڏنائين. هن ادب ۾ ”تخيلاتي تحقيق“ جو رخ اجاگر ڪيو. تخليق ۽ تحقيق جي دائري جون ٽيهٺ ئي ڊگريون سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي ٻوليءَ ڏانهن وٺي ويندڙ آهن. انقلاب فرانس کان پوءِ ادب ۽ آرٽ جي دنيا ۾ ڪيترا ئي اصطلاح متعارف ٿيا. پارليامينٽ ۾ ساڄي پاسي ويٺل ”ساڄي ڌر“ ۽ کاٻي پاسي ويٺل ”کاٻي ڌر“ طور سڃاتا ويا. سنڌي ادب ۾ ترقي پسند ۽ رجعت پسند ڌريون رهنديون آيون آهن. خاص طور، انهن ڏينهن جون باقيات سمجهيون وينديون آهن. جڏهن دنيا ٻن بلاڪن جي پاور ۾ ورهايل هئي. سرمائيداراڻو سماج ۽ سوشلسٽ سماج جيڪو طرز حڪومت ۾ هينئر يوني پولر آهي ۽ جو هر ۾ الڳ الڳ فڪري ڌارائن وارو آهي. ون يونٽ خلاف اديبن ۽ شاگردن جي جدوجهد هجي، يا ايم آر ڊي تحريڪ جا اثرات هجن ، ڪهاڻين، ناولن ۽ شاعري ۾ انهن جا چٽا عڪس ملن ٿا، هي زور اسي جي ڏهاڪي تائين شدت وارو رهيو. سراج کاٻي ڌر جي اهڃاڻن جو علمبردار هو. تحقيق هر دور جو ادب آهي. لسانيات يعني سنڌي ٻولي جي کوجنا ۾ سراج الحق پنهنجو گهڻو تڻو وقت صرف ڪيو. تحقيق ۾ سندس رويو ” غير روايتي“ هو. سازن کان آواز رسي ويا روايت آهي ته ”ميمڻ“ لفظ مومن مان ماخوز آهي ۽ پاڻ تحقيق ڪري ٻڌايائين ته ان ج ڌاتو مئيندڙ يعني ماپڻ تورڻ وارو آهي. هيءَ دريافت ميمڻي لوڪ ادب جي متن ۾ ڄاڻايل آهي. ميمڻ اصل ۾ سنڌي آهن. واپار، ڌنڌي ۽ ڪرت سان سڃاڻپ هتان جي روايت رهي آهي. ٺيڪ آهي ته سنڌي پنهنجي جهوني تاريخ سانڍي نه سگهيا پر هنن جي مڪاني ۽ ڌرتيءَ ڌڻي هجڻ جو ثبوت اهو آهي ته سنڌي ٻولي لاڏائو ۽ تاريخي اٿل پٿل وارين حالتن ۾ برقرار رکي اٿائون. سنڌي ٻوليءَ کي ٻن ودوانن سنسڪرت جي ڌيءُ ڪوٺيو ته سراج چيو نه سنسڪرت سنڌيءَ مان نڪتل زبان آهي. مروج آهي ته ”شاعري پيغمبري جو جزو آهي.“ پاڻ چيائين، ” پيغمبري شاعريءَ جو جزو آهي.“ هو تخيلاتي تحقيق جو وڏو نالو هو. هو روشن دماغ ۽ چٽي بصيرت وارو ليکڪ هو. ورهاڱي کان پوءِ هوقليچ ثاني هو. لسانيات ۾ يادگار ڪم ڪيائين. وڌ کان وڌ ناول لکيائين. پرڏيهي ادب مان افسانا ترجمو ڪيائين ۽ انگريزي ۾ به ترجما ڪيائين. سنڌي ٻوليءَ تي انگريزي ۾ سنڌي لئنگويج اٿارٽي طرفان سندس ڪتاب ڪي ڇپيا ۽ ڪي اشاعت هيٺ آهن. ڏيپلائي پريس ۾ پروف ليڊر طور علمي سفر جو آغاز ڪيائين. محمد ابراهيم جويي جي اک کيس سڃاڻي ورتو ۽ سنڌي ادبي بورڊ ۾ کيس نوڪري ۾ رکيائين هن اقتصاديات بابت ڪتاب به ترجمو ڪيو. جيڪو بورڊ طرفان ڇاپيو ويو. سراج الحق جي ناولن جي ڪردارن تي تفصيلي لکڻ جي ۽ تنقيدي تجزيي ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن جي سوچ ڌارائن جو احاطو ڪرڻ هن بنهه ننڍڙي ليک ذريعي نٿو ڪري سگهجي.هن جي آخري ڏينهن وارين تصويرن مان لڳي ٿو ته هن جي ٻڌيمان ۾ وڏي ڪاوڙ ۽ ”گهڻو چوڻ “ جي دٻايل قوت بي چين آهي. هن جي فرزند امجد چواڻي ته سراج صاحب آخري ڏينهن ۾ سنڌ جي هاڻوڪين حالتن بابت متفڪر ۽ مايوس ڏسڻ ۾ آيو. سراج صاحب وڏن وڏن عهدن تي فائز رهيو، هو طرز فڪر ۾ اڳتي طرف ڏسندڙ ۽ سچائيءَ جو متلاشي هو. قوم، ٻولي ۽ ڌرتيءَ جي قلم ذريعي مثالي خدمت ڪيائين. هو ورچي ڪو نه ويٺو. اورچ قسم جو ديومالائي ”ڪردار“ کيس امرتا ڏيندو. دلبر هن دنيا ۾ وڃي رهندو واس هن پنهنجن نظرين جي قيمت چڪائي پر دڳ ڪو نه مٽيائين. سنڌي قومي ۽ مزاحمتي ادب لکڻ جي باداش ۾ کيس انڪم ٽيڪس جي نوڪريءَ تان هٿ ڌوئڻا پيا. صحافت جو سفر شروع ڪيائين. روزاني هلال پاڪستان جو ايڊيٽر مقرر ٿيو. ضياءُ الحق جي مارشل لا جي دور ۾ سرڪاري پاليسين سان مطابقت ۾اچڻ بدران ايڊيٽر جي عهدي تان استعيفا ڏنائين. سراج الحق ميمڻ ۲۴ آڪٽوبر سن ۱۹۳۳ تي ٽنڊي ڄام ضلعي حيدرآباد ۾ محمد يعقوب ميمڻ سنڌيڪار ” ديوان حافظ شيرازيءَ“ جي گهر ۾ جنم ورتو. ايم اي- ايل ايل بي ڪيائين وهندڙ درياهه جي پاڻيءَ وانگر متحرڪ ذهن وارو رهيو. پنهنجو رستو پاڻ ٺاهي ڪاميابيون ماڻيائين. ۲ فيبروري، سن ۲۰۱۳ع تي فاني جهان ڇڏيائين. ڪراچي، سنڌ جي راڄڌاني شهر ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. آخر ۾ علامه اقبال جو شعر ڏئي اجازت وٺندس ؛ تيري آزاد بندون کي نه يه دنيا نه وه دنيا، يهان مرني ڪي پابندي وهان جيني ڪي پابندي. سراج سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جو خدمتگار وزير فرهاد سولنگي ٻين فيبروري ڇنڇر جي رات جو سوا ٽين وڳي اهو اڀاڳو وقت جنهن اسان کان ۽ سنڌ کان هڪ تمام ڏاهو ۽ وڏو ماڻهو کسيو. صبح جو سوير ٽي وي کولي تازيون خبرون پڙهڻ لاءِ ڳاڙهيءَ پٽيءَ تي نظر ڊوڙايم ته ”سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو اديب سراج الحق ميمڻ ۷۹ سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.“ مون کي انهيءَ وقت محسوس ٿيو ته هي ڪهڙي قسم جي ادبي کيپ هئي. جن سڄي سنڌ جي ادب ٻولي سياست، صحافت، تحقيق، شاعري، ثقافت وغيره تي ايترو ته وڏو ڪم ڪيو. هي هيڏا سارا ماڻهو ڪهڙن استادن تيار ڪيا. جن ۱۹۵۰ع کان هن وقت تائين واندڪائيءَ کان رسي مسلسل قلم کڻي ٻولي لاءِ، سنڌ لاءِ سنڌي ماڻهن لاءِ لکيو، ۽ ايترو لکيو جو پاڻ به تاريخ ٿي ويا. مهنجو انهن ماڻهن ڏانهن اشارو آهي جن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي، محمد عثمان ڏيپلائي، شيخ اياز، رشيد ڀٽي، الهداد ٻوهيو، ابراهيم منشي، تنوير عباسي، استاد بخاري، نجم عباسي، تاجل بيوس، شمشير الحيدري ۽ هاڻي وري سراج الحق ميمڻ. هيءَ اها لسٽ آهي. جن تي مان سوچيندو آهيان ته ڇا سنڌ جي مستقبل ۾ اهڙي قسم جا ماڻهو سنڌ کي ملي سگهندا؟ ڇو ته مذڪوره ماڻهو ۱۹ صديءَ جي نظام جي پيدائش هئا. ۽ ويهين صديءَ جي نسل کي اهڙي قسم جي تربيت، تعليم ۽ ماحول ملي سگهيو آهي يا نه. مذڪوره مٿي ڏنل انهن سنڌ جي گهڻ گهرن اديبن، شاعرن ۽ قلم ڌڻين جي ڇڏيل خال کي ڪير ڀريندو؟ ڇا موجوده حالتن ۾ اهڙا سگهارا نالا جڙي سگهن ٿا؟ ۽ اهي سوال منهنجي اندر ۾ هلچل مچائي رهيا هئا. ۽ سنڌ جي هن ڏاهي سراج جي وڇوڙي تي کن پل لاءِ منهنجو ذهن اهو سوچيندو رهيو. ۽ وري آچر ۳ فيبروري جي اخبارن ۾ وڏا وڏا آرٽيڪل سراج بابت ڇپيا. جن جو مرڪزي موضوع سراج هيو. ها! مونکي چٽيءَ طرح ياد آهي ته جڏهن مان پي ٽي وي تي نشر ٿيندڙ هفتيوار ٻارڙن جي پروگرام “روشن تارا” جي پروڊيوسر عبدالحق عظيم سان ڪراچي ٽي وي سينٽر تي ملڻ ويو هوس. ۽ مون ساڻس سان ڊگهي ڪچهري ڪئي هئي ۽ پوءِ روشن تارا پروگرام جي تاريخ لکي هڪ هفتيوار مئگزين ۾ ڇپرائي هيم. ۽ انهي ڊگهيءَ ڪچهري ۾ پهريون دفعو منهنجي ڪنن سراج الحق ميمڻ جو نالو ٻڌو. ۽ جنهن جو تذڪرو عبدالحق عظيم پاڻ مون سان ڪيو ته منهنجو وڏو ڀاءُ سراج الحق ميمڻ هلال پاڪستان اخبار جو ايڊيٽر به رهي چڪو آهي. ۽ ان کان پوءِ محترم سراج الحق ميمڻ جي شخصيت ۽ ادب کي ۾ ويجهڙائي کان جهاتي پائڻ جو موقعو مليو ته خبر پئي ته هي تمام وڏين ۽ گهڻين خوبين جو مالڪ هيو، ادب، تاريخ، تحقيق، ٻولي ۽ صحافت جهڙا شعبه سندس قلم هيٺ آيا. ادب ۾ سندس ناولن ۽ ترجمي هيٺ آيل ڪتابن کي سڄيءَ سنڌ ۾ تمام گهڻي پذيرائي ملي چڪي هئي. ان کان علاوه سنڌي ٻوليءَ جي تحقيق تي سندس آيل ڪتاب ”سنڌي ٻولي” قابل تعريف آهي، جنهن ۾ هن سنڌي ٻوليءَ جي پنهنجي وجود جو مڪمل دليل ڏئي اهو ثابت ڪيو ته سنڌي ٻولي ڪنهن ٻاهرين يا ڌاري ٻولي جي نه پر خالص پنهنجي وجود جي پاڻ پيداوار آهي. تاريخ جي حوالي سان پاڻ سنڌ تي ڌارين جي چڙهاين، حملن ۽ ڪاهن بابت تفصيلي تاريخ ناولن جي روپ ۾ ڏني جيڪا سندس لکڻين ۾ انفراديت جو اهڃاڻ آهي. صحافت ۾ سندس ڪيل خدمتن کي به نٿو وساري سگهجي سندس ئي دور ۾ روزنامه اخبار هلال پاڪستان سنڌي ماڻهن جي توجهه جو مرڪز ٿي. سندس ڪالم، اقتصاديات تي لکيل آرٽيڪل، حالات حاضرا ۽ ان وقت جي سنڌ جي سياسي پس منظر ۾ لکيل ڪالم سنڌي صحافت ۾ پنهنجو منفرد مقام رکن ٿا. مٿين سڀني خوبين ۽ صلاحيتن سان سرشار ذهن جي تربيت، تعليم ڪنهن ڪئي؟ يقينا هڪ ڪامل استاد جو ئي هٿ ٿي سگهي ٿو. ۽ ها اهو استاد محمد يعقوب ميمڻ ئي هيو. جنهن پنهنجي ٻچن جي اهڙي تربيت ڪئي. جو کين سڄي سنڌ پيار ۽ قدر جي نگاھ سان ڏٺو. استاد محمد يعقوب ميمڻ جي گهر ۾ ۲۴ آڪٽومبر ۱۹۳۳ع ۾ پيدا ٿيندڙ سراج الحق جيڪو اڳتي هلي استاد، انڪم ٽيڪس آفيسر، صحافي، ناولسٽ، تاريخدان، ايڊيٽر، محقق ۽ سنڌي ادب جو وڏو خدمتگار ثابت ٿيو. اڄ سندس يادگار ڪتابن ۾ پڙاڏو سو ئي سڏ، پياسي ڌرتي رمندا بادل، علم معاشيات، سنڌي ٻولي، اٺون گهر، منهنجي دنيا هيڪل وياڪل، تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول ۽ منهنجي دنيا مرگ ترشنا، ڏکڻ مان ٿو سج اڀري، چونڊ آمريڪي افسانه ۽ مرڻ مون سين آءُ آهن جيڪي سندس سنڌ، سنڌين ۽ پنهنجي ٻوليءَ لاءِ ناياب سوکڙيون آهن، هو ۽ پنهنجون يادگار لکڻيون ڇڏي پنهنجي مٽيءَ ماءُ جي هنج ۾ هميشه لاءِ آرامي ٿيو ۽ هڪ دفعو ٻيهر سنڌ ۽ سنڌي اُٻاڻڪائي محسوس ڪرڻ لڳا. شال اسان جو ايندڙ نسل به اڳتي هلي سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي اهڙي طرح خدمت ڪري جيئن سراج پنهنجي قلمي پورهئي ذريعي ٻولي جي خدمت ڪري ويو. سنڌ جو محافظ سسئي پليجو چاچا سراج ميمڻ جي گهر ۾ هن نوٽ بوڪ تي تعزيتي جملا لکندي به اڃا يقين نٿو اچي ته چاچا سراج ميمڻ هاڻ اسان ۾ ناهي رهيو ۽ اڃان به مرحوم لفظ سندس نالي سان گڏ لکي نٿي سگهان. اهو پوري يقين ۽ عزم سان چئي سگهجي ٿو ته جديدسنڌ کي ادبي، سماجي ۽ ڏاهپ جي ٻين حوالي سان جديد مزاح متعارف ڪرائڻ، نيون شيون نئين رخ ۽ زاويي سان ڏيکارڻ وارن ۾ سراج الحق ميمڻ جهڙن ماڻهن جو شاندار ۽ بيباڪ ڪردار رهيو آهي. امان اختر جو ڪتاب قيدياڻي جي ڊائري ۾ لکيل ان برجستي پر سادي مهاڳ کي ڪيئن ٿي وساري سگهان، اسڪول جي آخري سالن ۾ جيجي زرينه جي ڏنل ڪتاب پڙاڏو سوئي سڏ جي مزاحمت ڪردارن جي بهادر سوچ ۽ سندن آزادي واري ويڙهه جي هر اکر ۾ ”سراج“ جي خود پنهنجي دل جو عزم محسوس ٿيو ته ”مرسون مرسون پر سنڌ نه ڏيسون“ ۽ پوءِ ٻيا ناول جن ۾ ڪو ڪردار پنهنجي ڌرتيءَ لاءِ؟ يلغار تي آگ ۽ باهه پئي وسائي ته ڪي ڪردار انتهائي اميراڻي ٺاٺ باٺ سان وڏن شهرن جي بال رومز ۾ حسينائن جي چيلهه ۾ هٿ وجهي عظيم موسيقارن جي ڌنن تي رقص ڪري رهيا هئا پر هڪڙي شيءِ جيڪا هر ڪردار منجهان ڪنهن نه ڪنهن طريقي عيان هئي ته ناول جو بنيادي خيال پنهنجي ڌرتيءَ جي بقا لاءِ ان جي دفاع لاءِ سڀ ڪجهه ڪري گذرڻ واري ڳالهه هئي، جيڪا چاچا سراج جي پنهنجي سوچ هئي، خيال هو، خواب هو ۽ جنهن جي تعبير لاءِ هڪ روشن ۽ لبرل سنڌ لاءِ اها ڳالهه هن سنڌ واسين کان وٺي گهروارن ۾ به منتقل ڪئي. سنڌ جو عظيم ماڻهو گل محمد جکراڻي نهايت ڏک ۽ افسوس جهڙي ڳالهه آهي جو سنڌ جو بيباڪ اديب، دانشور جناب سراج الحق ميمڻ اسان کان هميشه لاءِ جدا ٿي ويو. سائين سراج ميمڻ صاحب جهڙا عظيم ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن ڪن خوش نصيب قومن ۾ پئدا ٿيندا آهن. افسوس جو هو جسماني طور اسان کان ڌار ٿي ويو پر سندن عمل، ڪردار ۽ سنڌ ڌرتي جي لا ءِ خدمتون تاريخ جي اهم باب طور ياد رهنديون ۽ سنڌي قوم جي رهبري ڪنديون رهنديون. اڄ سراج صاحب جي وڇوڙي تي پوري سنڌ غم ۽ ڏک ۾ سندن پونئرن سان گڏ آهي، دعاگو آهيان ته رب تعالي سائين کي جنت الفردوس ۾ جڳهه ڏئي ۽ پونئرن کي سندن نقشي قدم تي هلندي سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي قوم هي خدمت ڪرڻ جي توفيق ڏئي. آمين. اهڙا مانجهي مرڻا نه آهن. ويس مٽائي ورڻا آهن. سنڌ ۾ قومي جاڳرتا پيدا ڪندڙ ڪردار خالق جوڻيجو ۱۹۷۰ واري ڏهاڪي دوران سنڌ جي قومي جاڳرتا جو جيڪو دور هئو ان ۾ سائين جي ايم سيد کانپوءِ جن چند مکيه ماڻهن جو ڪردار آهي انهن ۾ سراج الحق ميمڻ صاحب جو نالو نمايان آهي. اسان جڏهن ڪاليج مان نڪري يونيورسٽيءَ ۾ حيدرآباد آياسين ته جن ڪتابن سڀ کان پهرين اسانجو آدرڀاءُ ڪيو انهن ۾”پڙاڏو سو ئي سڏ“ به هئو، سنڌ جي تاريخ کي هلندڙ وقت جي قومي جدوجهد سان ڳنڍڻ جو اهو اعلٰي نمونو هئو جنهن نوجوان قومي ڪارڪنن کي تمام گهڻو متاثر ڪيو. ان کان علاوه سنڌي ٻوليءَ جي مطالعي کي نئون ۽ سائنسي رخ ڏيڻ ۾ پڻ سراج الحق صاحب جي جاکوڙ بي مثال آهي. ان کانپوءِ اخبارن ۾ لکيل نمونن ذريعي به محترم سراج سنڌ جي قومي شعور کي اڳتي وڌائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهيو. نوڪري ڇڏڻ کانپوءِ جڏهن مون وڪالت شروع ڪئي ته سراج صاحب سان نياز منديءَ جو نئون سلسلو شروع ٿيو. ملاقات گهٽ ٿيندي هئي پر جڏهن به ٿيندي هئي ته مونکان سنڌ جي قومي جدوجهد بابت پڇندو هئو ۽ پنهنجي طرفان ڪجهه ٻڌائيندو هئو ۽ سنڌ ۾ تمام ڏکين حالتن جي باوجود هو پراميد هئو. اها منهنجي خوشقسمتي ٿي ته منهنجي ويجهڙائيءَ ۾ ڇپيل ڪتاب ”سنڌ جي سياسي جدوجهد“ جو مهاڳ سراج ميمڻ صاحب لکيو. سنڌي افساني کي نئون روپ ڏيندڙ مختيار ملڪ سنڌ جڏهن ادبي کيتر ۾ ابتدائي وکون پئي کنيون تڏهن نثري ادب کي سگهه ڏيڻ لاءِ جن ادبي شخصيتن پنهنجو ڪردار نڀايو انهن ۾ سراج الحق ميمڻ جون ڪوششون ڪڏهن به نٿيون وساري سگهجن، سنڌي افساني کي نئون رنگ ۽ روپ ڏيڻ ۾ ”اي درد هلي آءُ“ اهم ڪوشش آهي. ان کانسواءِ سراج جا ناول نرالي وک هئا. سراج ”پڙاڏو سو ئي سڏ“ سنڌ تي ترخان حڪمرانن ۱۵۵۵ کان جيڪي ويل وهايا، انهن کي تاريخي پسمنظر ۾ بيان ڪرڻ ادب ۾ هڪ ڇرڪائيندڙ واڌارو رهندو. ان کانسواءِ ”مرڻ مون سين آءُ“ به سندس سهڻي ڪاوش آهي. ساڳيءَ طرح پياسي ڌرتي رمندا بادل جي سري سان لڳاتار هر سال ٽي ناول ۱۹۸۸ع، ۱۹۸۹ع ۽ ۱۹۹۰ تائين منهنجي دنيا هيڪل وياڪل، پنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول ۽ منهنجي دنيا مرگهه ترشنا، لکيا. هن پهريون ڀيرو سڃاڻپ سنڌي افسانوي ادب ۾ متعارف ڪرائي. سراج جا سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان وڏا وڙ آهن، سنڌي ٻولي، ڪتاب اپريل ۱۹۶۴ ۾ آڻي، سنڌ ۾ سنڌي ٻولي بابت منجهيل روايتن ۽ مفروضن کي رٽي ڇڏيو. ۽ سنڌي ٻولي کي سنڌ جي اگاٽي زندگيءَ سان سلهاڙي ڪجهه نئين حقيقتن کي نروار ڪيو. ابراهيم جويو صاحب، غلام رباني آگرو، تنوير عباسي، غلام محمد گرامي، شمشير الحيدري جي حوصله افزائي تي اڳواڻن ٻولي جي نظرين سان اختلاف راءِ رکندي نئون نظريو ڏنو ته سنڌين کي هڪ اصلوڪي ٻولي آهي نه ڪي سامي صفت يا سنسڪرت جي ڄائي، هن تحقيق ۾ ثابت ڪيو آهي ته سنڌي اڻ سڌي طرح سنسڪرت تي اثر انداز ٿي، بهر حال سنڌ پنهنجي هڪ محسن/ سڄڻ کان محروم ٿي وئي. رهجي وياڳڻ امان الله شيخ سراج، سنڌ جي ساڃاهه وند ٽهي جو اُهوڪردار هو جنهن کي ديومالائي چئبو ته واڌارو نه ٿيندو، دنيا ۾ جيڪي ماڻهو وقت جي ڌاراسان هلڻ کان انڪار ڪن ۽ پنهنجو رستو ۽ رند جوڙڻ جي ڪوشش ڪن ته انهن کي تواريخ جي ورقن م دائمي ۽ لا زوال درجو حاصل ٿيندو. سراج پنهنجي لکڻين ۽ وابستگيءَ سان سنڌ جي ٽن پيڙهين تي اثر انداز ٿيو. هن ادب کي محض ادب سمجهڻ کان نابري واريندي ادب کي قومن جي تقدير بدلائڻ ۾اهم ڪارج طور ڪتب آندو. جنهن ڪري سندس لکڻين کي مهانتا حاصل ٿي سراج با اصول ۽ وطن پرست روچي رام سراج الحق جهڙا مضبوط ارادي وارا سنڌ سان اٿاهه محبت ڪندڙ سنڌي تمام ورلي پيدا ٿيا آهن. اسان لاءِ هي وڏو الميو آهي هر ڪنهن کي هلڻو آهي پر هيتري ڀرپور، بااصول ۽ وطن دوستيءَ جي زندگي ڪنهن کي وري نصيب ٿئي ٿي؟ ساريم رات سنگهار، ماروئڙا ملير جا دستگير ڀٽي هيڏي وڏي جهان ۾ جتي قسمين قسمين جا ماڻهو ايندا ويندا رهن ٿا، تتي تمام ٿورڙا انسان ڄائي ڄم کان وطن پرست پئدا ٿيندا آهن، جن جي انگ انگ ۾، رَڳ رَڳ ۾ ۽ پور پور ۾، پنهنجي ڌرتيءَ جو عشق رت سان گڏ ڊوڙندو آهي. سراج اهڙن ئي ناياب سپوتن مان هو، جنهن ڳالهين بدران عمل، يعني پنهنجي لکڻين وسيلي، سنڌي سماج کي ڌوڏيو، ته جيئن سندس علم ۽ تجربي منجهان نئون نسل جاڳرتا ۽ وطن دوستيءَ بابت سبق پرائي سگهي. سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي تابناڪ مستقبل واسطي سُهڻا سُهڻا سپنا سرجيندڙ، آزاد فضائن ۾ پرواز ڪندڙ پکيئڙن جيان خوبصورت خوابن جا آکيرا اُڻيندڙ، پوئتي پيل سنڌي سماج ۾ رونقون ۽ روشنيون، پکيڙيندڙ، ترقي ۽ سجاڳيءَ لاءِ قلم کي هٿيار بڻائي ساندهه جنگ جوٽيندڙ، هيءُ علم پرور ۽ ادب دوست قافلي جو مهندار، گذريل هفتي پنهنجن مارو ماڻهن کي وڇوڙي جا وَڍ وجهي، موڪلائي ته ويو آهي، پر جنهن چاهه ۽ پاٻوهه وچان سالن جا سال علمي پورهيو ڪري تخليقون، ڳاٽ اوچو رکڻ واريون جيڪي بي مثال تخليقون، ورثي طور ايندڙ نسلن لاءِ محفوظ ڪري ڇڏيون اٿس، انهن وسيلي سنڌ جي سماجي، ادبي، صحافتي ۽ لسانياتي اُفق تي سراج جو نانءُ اَبد تائين هڪ چمڪندڙ تارو بڻجي روشن رهندو. مرحوم سان منهنجي پهرين ملاقات، ۱۹۷۰ع ڌاري ڪراچيءَ ۾ تنهن زماني جي نامياري شاگرد اڳواڻ لالا قادر ڪرائي هئي. ”پڙاڏو سوئي سڏ“ ڇپجڻ کانپوءِ، سنڌ جي شهر شهر، ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ سراج نالي هڪ تخليقڪار جو نالو هر پڙهيل ڳڙهيل سنڌيءَ جي واتان ٻڌبو هو، نيو چاليءَ لڳ يوسف پلازه ۾ واقع سندس وڪالت واري آفيس ۾ ٽائيم وٺڻ بنا پهتاسين. اسان کي وڏي پنهنجائپ سان مليو. سنڌي ٻوليءَ ۾ ووٽر لسٽون ڇپرائڻ واري لالا قادر جي قيادت ۾ هليل ڪامياب ٿيل تحريڪ تي ڏاڍو خوش نظر آيو. ڪجهه مهينن کانپوءِ جڏهن پاڪستان ٽُٽي ٽڪرا ٿيو، بنگلاديش آزادي ماڻي ته، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، ملڪ جو سربراهه بڻيو، جنهن ڪراچيءَ مان پنهنجي اخبار هلالِ پاڪستان شايع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ اخبار جي ادارت لاءِ سندس نظرِ انتخاب سراج تي پيئي، جنهن کي ايڊيٽر مقرر ڪيائين. آئون ان زماني ۾ هلال پاڪستان حيدرآباد سان وابسته هئس، جيڪا منهنجي پهرئين استاد ۽ سنڌي صحافت جي سرواڻ شيخ علي محمد مرحوم جي نگرانيءَ هيٺ جنرل يحى خان واري مارشل لا دور ۾ ۱۴ آگسٽ ۱۹۶۹ع تي، ڀٽو صاحب ئي شروع ڪرائي هئي. اسان جي ساٿي ۽ برک صحافي اسلم آزاد، وسيلي سراج صاحب مون کي ڪراچي گهرايو ۽ هلال پاڪستان جو چيف رپورٽر بنجڻ جي آڇ ڪيائين، جيڪا مون هڪدم قبول ڪئي. جيتوڻيڪ ان زماني ۾ ٻين لکين سنڌين وانگر ڪراچيءَ ۾ مون وٽ به نه گهر نه گهاٽ، تڏهن به سنڌ جي گاديءَ واري شهر ۾ صحافت ڪرڻ جو شوق من اندر موجزن هو. يقيناً اسان سڀني جو اصل ٽارگيٽ اهو ئي هو ته، ۱۹۴۸ع ۾ جنهن بيدردي ۽ سان سنڌ جي سِسيءَ ڪراچيءَ کي باقي ڌَڙَ کان ڌار ڪري، وفاقي گادي بڻائي، سنڌي ٻوليءَ کي مورڙئي جهڙن مٿير ميربحرن جي نگريءَ مان لڏائڻ لاءِ، ويرين جيڪي سنڌ دشمن فيصلا ڪيا هئا، تن جي نه رڳو رستا روڪ ڪريون پر پنهنجي مادري ٻوليءَ جي گلابن سان ڪلاچيءَ جي جهوليءَ کي ڀرڻ سان گڏوگڏ، زوريءَ کسيل پنهنجو مورڙي وارو ماڳ به موٽائي وٺون. ڪراچيءَ جو سهڻو شهر، جيڪو ورهاڱي کان گهڻو اڳ ۾ ئي سنڌ جي علم و ادب، واپار ۽ سياست جو مرڪز بڻيل هو، اتي پوءِ به سوين سنڌي ميڊيم اسڪول قائم هئا. سنڌيءَ ۾ اخبارون، رسالا ۽ ڪتاب جام ڇپيا هئا، پر نئين ٺهيل ملڪ جي ”نون مالڪن“ کي بنگال جيان هتي به پنهنجي ٻوليءَ کي زوريءَ مڙهڻ جو جيڪو جُنون چڙهيل هو، تنهن جي آبياري ڪندي تمام تيزيءَ سان سنڌي اسڪول کي بند ڪرڻ ۽ ماڳهين سنڌين کي ڪراچيءَ منجهان تَڙڻ جون سازشون، اهڙي خطرناڪ چالاڪيءَ ۽ تيز رفتاريءَ سان سَٽيون ويون، جن جو شڪار بڻجي، لکين تعليم يافته هندو استاد، ليکڪ ۽ واپاري مجبور ٿي، پنهنجي ڌرتي ماءُ کي الوداع چئي، نئين سرحد جي پرئين پار لڏي ويا. ٿوري وقت اندر اوچتو ئي اوچتو سنڌ جو مڊل ڪلاس ئي ڪجهه سالن اندر پنهنجو وجود وڃائي ويٺو. سراج نه رڳو ڪراچيءَ جي مرڪز پاران ڪيل Annexation تي ڏکوئجي درد ڀريو گيت لکيو، پر پَتنگن جيان پڪو پهه ڪيائين ته، هن هيڏي وڏي هاڃي ڪارڻ پئدا ٿيل سماجي خال کي ڀرڻ لاءِ سنڌين کي نه رڳو سجاڳ ڪجي، پر ڪراچيءَ ۾ وڌ ۾ وڌ انگ ۾ آباد ڪري، پنهنجي سُڃاڻپ ورائي وٺجي. ڪراچيءَ مان سنڌي اخبار شايع ڪرڻ بابت، ڀٽو صاحب جي انهيءَ فيصلي کي تاريخ جو اهڙو شاندار تحفو به قرار ڏيئي سگهجي ٿو، جنهن سنڌين جي ڏکن سورن ۽ سماجي توڙي معاشي مسئلن کي پرنٽ ميڊيا وسيلي اجاگر ڪري، کين شعوري طور ڪراچيءَ ۾ آباد ٿيڻ تي اتساهيو. هيءَ ان دور جي ڳالهه آهي، جڏهن بنگلاديش ٺهڻ کانپوءِ، هزارين بنگالي آفيسر، ڪراچيءَ جي مارٽن ڪوارٽرز، پاڪستان ڪواٽرز، جمشيد ڪواٽرز ۽ فيڊرل ڪئپيٽل ڪواٽرز ۾ کين سرڪاري طرح مليل گَهر خالي ڪري، پنهنجي آزاد وطن ڏانهن ورڻ لاءِ ماندا هئا. تعصب جي عينڪ پاتل آفيسر، اهڙا خالي گهر نون ڀرتي ٿيل سنڌي آفيسرن يا ڪلارڪن کي ڏيڻ کان لنوائين هئا. اهڙين حالتن ۾ ئي سراج، هلال پاڪستان کي هٿيار بڻائي تعصبي آفيسرن جي ناجائز عمل کي ايڪسپوز ڪيو. نتيجي طور پيپلز پارٽيءَ جي پهرين سرڪار، خاص ڪري چيف منسٽر ممتاز علي ڀٽو پنهنجي وڏ وزارت جو جلوو ڏيکاريو. نيٺ سنڌين کي بنگالين جا خالي ڪيل گهر تمام وڏي تعداد ۾ رهڻ لاءِ ملي ويا. آئون، منظور قريشي، اسلم آزاد،راز ناٿن شاهي، محمود يوسفاڻي ۽ ٻيا ڪيترا ساٿي به تين هٽيءَ ڀرسان اهڙي ئي هڪ ڪوارٽر ۾ رهڻ لڳاسين، جيڪو هڪ سرڪاري عملدار دوست کي الاٽ ٿيو هو. هيءُ دور ون يونٽ ٽُٽڻ جي ڪري، سنڌ جي گاديءَ واري شهر ۾ سنڌين جي ٻيهر وسڻ جو سنهرو دور هو. پهرين ٽِڪي کير ڀريءَ جي برڪتن سان ٿي، ڪراچيءَ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ هزارين سنڌين جي روزگار ۽ رهائش جو بندوبست ٿيو. سراج صاحب جي ذاتي محنت ۽ ڪوششن سان سنڌين کي ڪراچيءَ ۾ نوڪريون ۽ پلاٽ به جام مليا. ڪِن وڪڻي ڇڏيا ته ڪن پنهنجا گهر اَڏيا. پلاٽن جي عام جام ونڊ ورڇ واري هن ماحول ۾ ئي تڏهوڪي بلدياتي وزير مرحوم ڄام صادق عليءَ جي سخاوت به هنڌين ماڳين مشهور ٿي. سراج ۽ هلال پاڪستان جو سنڌين کي سرڪاري کاتن ۾ پنهنجي حصي جي ڪوٽا مطابق روزگار ڏيارڻ ۾ مکيه ڪردار هو. اسين هر هڪ ڊپارٽمينٽ جا انگ اکر ۽ تفصيل گڏ ڪري، روزانو خبرون هلائيندا هئاسين ته، فلاڻي کاتي ۾ سنڌي آفيسر اٽي ۾ لوڻ جيترا به ناهن ۽ فلاڻي بئنڪ ۾ سنڌين سان ناانصافي ۽ بي واجبي آهي. ساڳيءَ ريت واپڊا، پي آءِ ڊي سي، ڪي ايم سي، ڪي ڊي اي، بئنڪن توڙي ٻين وفاقي کاتن جا سچا انگ اکر سرڪار جي ڌيان تي آڻبا هئا ۽ ناانصافين جو ازالو به ٿيندو هو. ڪراچيءَ جو ترقياتي ادارو (ڪي ڊي اي)، جڏهن به ترقيءَ جي نالي ۾ ڪراچيءَ اندر سنڌين جا ڳوٺ بلڊوز ڪندو هو. ته سراج تڙپي ويندو هو. بلدياتي وزير ڄام صادق علي ته تعصبي ڪامورن جي انهن سنڌي دشمن ڪارروائين تي خاموش هوندو هو، پر سراج مون کي ۽ فوٽو گرافر ظفر کي يڪدم متاثر ٿيل ڳوٺن مان مڪمل تفصيل ۽ تصويرون آڻڻ لاءِ روانو ڪري ڇڏيندو هو. ان کانپوءِ سنڌين جي بيدخلين خلاف سخت لهجي ۾ ايڊيٽوريل لکندو هو. اهڙيءَ ريت هلال پاڪستان سوين سنڌي ڳوٺ بچايا. سراج صاحب ان وقت به شديد احتجاج ڪيو، جڏهن غلام مصطفى جتوئيءَ جي وڏ وزارت ۾، مقبول سنڌي رسالن، سهڻي، تحريڪ ۽ سوجهرو تي پابندي مڙهي ويئي. انهيءَ فيصلي خلاف سنڌ ۾ باهه ٻري ويئي هئي. رسول بخش پليجو سنڌي رسالن پاران وڪيل بڻيو ۽ ڀٽو صاحب جي ٺاهيل ڪميشن آڏو شاندار نموني ڪيس وڙهيو. آئون سوچيان ٿو ته، جيڪڏهن ثقافت کاتو منهنجي تجويز تي عمل ڪري سراج صاحب جي حياتيءَ ۾ ئي کيس مان ڏيڻ لاءِ ڪلفٽن تي ڪو يادگار Monument اَڏي ها ۽ سمورا سنڌي دانشور، سراج صاحب کي جيئري ئي سندس خدمتن عيوض خراج تحسين پيش ڪن ها ته اسان سنڌي ماڻهن تان اها تهمت به لهي سگهي ها ته، پنهنجن قومي هيرن جو سندن حياتيءَ ۾ قدر ئي ڪونه ٿا ڪريون. مون کي اهو به فخر آهي ته، ايم آر ڊي واري تاريخي جدوجهد واري ڏکين ڏينهن ۾ ”برسات“ رسالي اندر ئي سراج صاحب جي ڪهاڻي ”اٺون ماڻهو“ ۽ ان کانپوءِ سندن ٽراءِ لاجي ”پياسي ڌرتي، رمندا بادل“ کي به قسطوار شايع ڪيم ۽ جيسين رسالو ڇپجندو رهيو، آئون سراج صاحب سان رابطي ۾ رهيس، مرحوم هلال پاڪستان ۾ هڪ عدد ايڊيٽوريل انگريزي ٻوليءَ ۾ پڻ لکندو هو ته، جيئن دُنيا جا سفير، وڏا وڏا عملدار ۽ خود ڀٽو صاحب پاڻ به سنڌي عوام جي جائز حقن ۽ مطالبن کان باخبر هجي. سنڌ جي اهم معاشي توڙي سماجي مسئلن تي سراج صاحب انگريزيءَ ۾ ايڊيٽوريل لکڻ جو جيڪو نئون سلسلو شروع ڪيو، تنهن جو اثر ايتري قدر ٿيندو هو، جو نه رڳو غير سنڌي بيورو ڪريسي، پر خود وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو، انهن ايڊيٽوريلس جي جواب ۾ حڪم جاري ڪندو هو، جنهن تي عمل به ترت ٿي ويندو هو. جنرل ايوب خان ۽ جنرل يحى جي ڊگهي فوجي آمريت کانپوءِ، يعني پندرهن سالن کانپوءِ چونڊيل حڪومت ٺهي هئي، جنهن ۾ سنڌي چيف منسٽر ۽ ڪابينا ۾ اڪثريت پڻ سنڌي وزيرن جي هوندي هئي، جن جي ڪارڪردگيءَ تي ڀٽو صاحب ڪرڙي اک رکندو هو، منهنجو ڪالم ”سنڌ اسيمبليءَ جي پريس گئلري مان“ ۽ امر جليل جو ”تنهنجون منهنجون ڳالهيون“ هلال جا قاري، وڏي شوق سان پڙهندا هئا. بعد ۾ سراج صاحب جو ڪالم، ”رتيءَ جي رهاڻ“ ته سڀني کان سرس ثابت ٿيو، سنڌ جي خودمختياري ۽ محصولن ۾ جائز حصو وٺرائڻ بابت ته سراج صاحب دليلن سان ڀريل ايڊيٽوريل لکندو هو، ڇاڪاڻ ته، پاڻ ذهين ۽ هوشيار قانوندان ۽ ٽئڪسيشن واري شعبي ۾ مهارت رکندڙ هو. وزير اعظم ذوالفقار ڀٽي جڏهن نيشنل فنانس ڪميشن پاران آباديءَ جي بنياد تي صوبن کي رقمون ورهائڻ لاءِ نا نصافيءَ تي ٻڌل اين ايف سي ايوارڊ عمل ۾ آندو ته، سراج وڏي سچائي ۽ دليريءَ سان ڀٽو صاحب جي انهيءَ فيصلي جي سخت مخالفت ۾ تاريخي ايڊيٽوريل لکيا ته، وزير اعظم جي ناراضگيءَ جي به ڪاڻ نه ڪڍيائين. جنهن مهل ڀٽو صاحب پنجاب ۾ پنهنجن ووٽرن ۽ جيالن کي خوش رکڻ ۾ رڌل هو، ان اوکيءَ ويل سراج سنڌ ۽ سنڌين سان وفاداري ۽ حق جي ڳالهه لکڻ ۾ پنهنجي وسان ڪين گهٽايو، سراج جو هڪ ٻيو تاريخي ڪارنامو آهي ”سنڌ صدين کان“ جهڙو شاندار بين الاقوامي سيمينار ڪرائڻ. سنڌ جي تڏهوڪي وزير تعليم مرحوم پيار علي الانه کي تيار ڪرڻ ۽ ان مذاڪري ۾ سڄي دنيا مان چوٽيءَ جا تاريخدان، لسانياتي ماهر، قديم آثارن بابت اونهي ڄاڻ رکندڙ آرڪيالاجيسٽ، اسڪالر، اديب، شاعر ۽ دانشور دعوت ڏيئي گهرايا ويا، جن لڳاتار ٽي ڏينهن مُهين جي دڙي واري قديم ترين سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب کان وٺي، پاڪستان ۾ سنڌ جي شامل ٿيڻ تائين، هزارين سالن جي تاريخ ۽ ثقافت بابت تحقيقي مقالا پڙهيا ۽ سنڌين جي عظمت جي واکاڻ ڪئي. هن سيمينار ۾ پيش ٿيل مقالن کي سهيڙي سنڌ سرڪار Sind Through the centuries جي سِري هيٺ جيڪو مخزن ڇپرايو، اهو پنهنجو مَٽ پاڻ آهي. سراج، جنهن کي مُهين جي دڙي واري ٻوليءَ جو مُنجهيل سُٽ سنوارڻ واسطي هر دم اونو رهندو هو. هن موقعي تي فِنلينڊ مان آيل لسانياتي ماهر مسٽر پرپولا جي سربراهيءَ ۾ انهيءَ راز کي پروڙڻ واسطي تحقيق ڪرڻ لاءِ هڪ ڪاميٽي ٺهرائي ۽ مسٽر پرپولا وڏي محنت باوجود هن سلسلي ۾ ڪنهن نتيجي تي نه پهچي سگهيو. اچو ته سراج جي زندگيءَ کي ملھايون ڊاڪٽر ايوب شيخ ۲۴ آڪٽوبر ۱۹۳۳ع کان ۰۲ فبروري ۲۰۱۳ع تائين جا ۷۹ ورهيه جيڪي سنڌ جي محنتي، سڄاڻ ۽ سنڌ دوست دانشور ۽ ٻولي جي ماهر ۽ ايڊيٽر محترم سراج الحق ميمڻ گذاريا آهن ،سي قيمتي ۽ املهه آهن، انهن ۾ ندامت ۽ پريشاني ڪانهي، انهن ۾ اورچائي۽ مڙس ٿي بيهڻ جي ڳالهه موجود آهي. انهن ورهين ۾ سندن پاران جيڪا محنت ڪئي ويئي، جيڪي ڪتاب لکيا ويا، جيڪي ڪتاب ترجمو ڪيا ويا، جيئن ”هلالِ پاڪستان“ جي ايڊيٽري ڪئي، ڪالم لکيا، ڪيئي اديب پيدا ڪيا، ڪيترن کي سهارو ڏنو ۽ انهن ڳالهين سان گڏ وڏي ڳالهه ته روشن خيال، ترقي پسند ۽ سنڌ دوست ۽ جمهوريت پسند دانشور طور پنهنجي زندگي گذاري ۽ آخري دم تائين ايمان جي حد تائين روشن خيالي کي پُٺي نه ڏني ته اهڙي املهه ماڻڪ جي حياتي کانپوءِ ڏُک بدران اهڙي حياتي گذارڻ تي خوشي ڪجي ۽ اهڙي سورمي جي حياتيءَ کي ملهائڻ گهرجي. سراج صاحب ٽنڊي ڄام ۾ ڄائو ته وقت جي جوتشين ان دور جي پوليس وارن، ميرن ۽ پيرن کي خبردار ڪيو هيو ته سندن علائقي ۾ اهڙو شخص پيدا ٿيو آهي جيڪو عورتن جي تعليم جو حامي آهي، جيڪو سندن ڪُند ذهن روايتن جو مخالف آهي، جيڪو انگريزن ۽ انهن جي آپيشاهين جي خلاف آهي. اهڙي دور ۾ جڏهن سنڌ انگريزن توڙي بمبئي وٽ گروي ٿيل هئي، ٽندوڄام هڪڙو ڳوٺ هيو. جناب سراج اهڙي ماحول ۾ پيدا ٿيو هيو جتي علم بدران جوتشين وسيلي زندگيءَ جا دڳ ڳوليا ويندا هيا. پر هن جي لاءِ وڏو سهارو سندس والد جناب محمد يعقوب ميمڻ جيڪو پاڻ تعليمي شعبي سان واڳيل هجڻ ڪري فارسي جو ماهر هيو ۽ هن پاڻ ايران جي مشهور شاعر خواجه شمس دين محمد حافظ شيرازي (ڄم: ۱۳۲۵ ۽ وفات ۱۳۸۹) جيڪو ”حافظ شيرازي“ جي نالي سان مشهور هيو تنهن جي ڪُل دانش مايا ” ديوانِ حافظ“ جو ترجمو ڪيو هيو. سراج صاحب ننڍي هوندي والد جي تربيت ۾ لکڻ شروع ڪيو. هن پنهنجو تخلص رکيو ”بسمل“ (مئل) ان تخلص يا قلمي نالي مان ئي ان زماني جي تصوير جا نقش سندس ذهن تي موجود ڏسي سگهجن ٿا. سراج صاحب ۱۹ ورهين جي ڄمار ۾ ننڍي کنڊ جي مشهور ناولسٽ ڪرشن چندر جو ناول ”ڏکڻ مان ٿو سج اُڀري“ جو ترجمو جناب محمد عثمان ڏيپلائي صاحب جي چوڻ تي ڪيو هيو. ان ڪتاب تي پڻ سنڌيڪار جو نالو ”سراج الحق ”بسمل“ لکيل آهي. هڪ ڏينهن سراج صاحب جي تخلص تي سندس والد صاحب اعتراض واريندي چيو هيو ته ”جيئرن کي مئل نه هجڻ گهرجي“. مسٽر يعقوب ميمڻ صاحب کي ڇهه پٽ ۽ پنج نياڻيون ٿيون. گهر ۾ مسئلو پٽن جو نه پر نياڻين جي تعليم جو پيدا ٿيو. مائٽن ۾ شور اٿيو. راويتن جا ”امين“ ۽ ”روايت شڪن“ اٽڪي پيا. محمد يعقوب ميمڻ سراج صاحب جي تعليم کي ڳوٺ ۾ پورو ڪرائي پنهنجي پنجن نياڻين جي تعليم جو جهنڊو اوچو ڪيو. چوڌاري رڙ پئجي ويئي. هڪ ڏينهن سراج صاحب پنهنجين ڀينرن سان گڏجي نياڻين ۾ تعليم جي واڌاري لاءِ پنهنجي جنم ڀومي ، ڳوٺ ۽ لڳ لاڳاپا ٽوڙي حيدرآباد پهتو. انهن نياڻين مان ٻن کان اوهان واقف آهيو جن ۾ هڪ ادي ڊاڪٽر فهميده حسين ۽ ٻي انيسه حسين آهن. نور محمد هاءِ اسڪول مان ميٽرڪ، بمبئي يونيورسٽيءَ مان بي. اي (آنرس)، ايم. اي ۽ ايل. ايل. بي ڪيائين. اها تعليم پڙهي هن سنڌي ادبي بورڊ ۾ پهرين نوڪري ۱۹۵۳ع ۾ ڪئي. اتي ئي ٻن سالن کانپوءِ ۱۹۵۵ع ۾ ادبي بورڊ جو اسسٽنٽ سيڪريٽري مقرر ٿيو. ”ون يونٽ“ جي ڪري سنڌ جو هاڪارو رسالو ”مهراڻ“ وڏي ڏچي ۾ اچي ويو . اهڙين حالتن ۾ هن وڌيڪ پڙهڻ جو خيال ڪيو . ۱۹۵۷ع ۾ سي ايس ايس جي امتحان ۾ سندس زباني امتحان دوارن هڪ ڄڻي کانئس پڇيو هيو ته ” سرڪار ماڻهن کي ڪنهن جلوس خلاف ٽڙوڇڙ ڪري ته هو انهن تي ايڪشن کڻندو؟“ تنهن جي جواب ۾ هن چيو هيو ته ”سنڌ خلاف ڪوبه ڪم ڪري نه سگهندو“ سي. ايس. ايس. جو چٽاڀيٽيءَ جو امتحان پاس ڪري انڪم ٽئڪس جي کاتي ۾ آفيسر مقرر ٿيو. جنرل يحيا جي زماني ۾ هن جي ”سراسري هلت“ ون يونٽ انتظاميا جي حق ۾ نه هئي تنهن ڪري هو ۳۰۳ آفيسرن جي لاٽ ۾ جبري طور رٽائر ڪيو ويو. سنڌ جا آفيسر مختلف ڪچهرين ۾ ان ايڪشن کي آفيسر Three knot Three (۳۰۳) جي اصطلاح سان ياد ڪندا آهن. وري اچي ساڳي ڊگري سان انڪم ٽئڪس جي وڪالت شروع ڪيائين. سراج صاحب جي زبردست زندگيءَ جو هڪ نئون باب جناب ذوالفقار علي ڀٽو پاران جاري ڪيل اخبار”هلال پاڪستان“ سان شروع ٿيو، جنهن ۾ هو پاڻ ايڊيٽر هيو. صحافت جي ان دور ۾ هن ”اخبار“ کي ”عوام“ سان ڳنڍي عوام جي حالتن، فتحن، شڪستن، ترقين ۽ شعور جي زبردست تصوير پيش ڪئي. هن پنهنجي ڀائٽي ( اڄڪلهه آفيسر) غفران ميمڻ جيڪو ننڍي هوندي ”غفران عاقلاڻي“ سڏائيندو هيو تنهن سنڌي ٻارڙن لاءِ شاندار رسالو ” گلن جهڙا ٻارڙا“ جاري ڪيو هيو. ان رسالي جي ڪري سنڌ ۾ قومي ۽ سياسي ڪارڪنن جو هڪ وڏو لشڪر تيار ٿيو هيو. ڪتابن پڙهڻ، تقريرن ڪرڻ ۽ مقابلي جو لاڙو وڌيو هيو. ۱۹۷۷ع ۾ جنرل ضيا پنهنجي پوري آب تاب سان ڪاهي آيو. جمهوريت جا تختا اونڌا ڪري هن جناب ڀٽي پاران جيڪا به شعوري واڌ ٿي هئي، جيڪو به درسي ۽ غيرتدريسي علم وڌيو هيو تنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ اخبارن، يونيورسٽين، سياست ۽ سوچڻ تي بندش وجهي ڇڏي. جنرل ضياالحق اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ پنهنجي حمايت ۾ اهي جٿا تيار ڪيا جيڪي جمهوريت، يونيورسٽين، سياست ۽ سوچڻ جي خلاف هيا. ڏسندي ڏسندي سڄي سنڌ جي شاگرد تنظيمن جتي ”مقابلي ۽ دليل“ جو ميدان هاوي هوندو هيو اتي ”جهيڙن“ ۽ ”غنڊه گردي“ واسو ڪيو. عوام پاڻ ۾ وڙهيل هجي ته آمريت جي ان کان وڏي ٻي ڪهڙي خدمت ٿي سگهي ٿي. اهري حالت ۾ سراج صاحب فوجي حڪومت کان ڊڪٽيشن وٺڻ کان انڪار ڪندي هلال پاڪستان مان استعيفا ڏني ۽ وري ساڳي ڊگري سان واپس وڪالت جي شعبي سان لاڳاپجي آخري دم تائين ان سان واڳيل رهيو. ادبي خدمتون سراج صاحب جي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ۱۹۶۱ع ۾ ’اي درد هلي آءُ‘ جي نالي سان شايع ٿيو ۽ ٻيو مجموعو ’اٺون ماڻهو‘ ۱۹۸۵ع ۾ شايع ٿيو. ”اٺون ماڻهو“ ايم آرڊي جي پس منظر ۾ هڪ شاندار ليکي ويندڙ ڪهاڻي آهي. هن جو پهريون ناول ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ ۱۹۷۹ع ۾ ڇپيو. اهو ناول ضيا دور ۾ اچڻ ڪري پرڏيهي قبضن جي ڳالهه هوندي به ان جو اثر مڪاني پيو هيو. اصل ۾ ناول سنڌ تي ارغونن ۽ ترخانن جي قهري دور جي تاريخ کي ناول ۾ لکڻ آهي. ٻيو ناول ’مرڻ مون سين آءُ‘ ۱۹۸۸ع ۾ ڇيپو، ان کانسواءِ ’منهنجي دنيا مرگھه ترشنا‘، ’منهنجي دنيا هيڪل وياڪل‘، ’تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول‘ سندس اهم ناول آهن. ٻولي جي حوالي سان سندس اهم ڪتاب ’سنڌي ٻولي‘ ۱۹۶۴ع ۾ ڇپيو. جديد سنڌي ادب ۾ سراج صاحب سنڌي ٻوليءَ جو پهريون سنڌي ليکڪ آهي، جنهن ٽن ناولن تي ٻڌل ’پياسي ڌرتي رمندا بادل‘ جي نالي سان سنڌي ادب جي پهرين ٽريالاجي لکي. هڪ سنڌيڪار جي حيثيت ۾ مٿي ڪرشن چندر جي ناول جو ذڪر آيو آهي. ان کانسواءِ ترجمن ۾ ’چونڊ آمريڪي افسانا‘، ۽ ’سنڌ جي اقتصادي تاريخ‘ ڪتاب پڻ ترجمو ڪيا. هن جي ڪالمن ۾ ’رتيءَ جي رهاڻ“ ۽ ”ملان جي ڊوڙ“‘ ۽ جاڳو اخبار ۾ ’سياسي منظرنامو‘ جي سري سان سوين مضمون ۽ ڪالم لکيا. هن شاعري به ڪئي ۽ ڪراچيءَ جي سنڌ کان ڌار ڪري وفاق حوالي ڪرڻ جي موقعي تي ’ڪراچي‘ نالي سان تاريخي ۽ اهم نظم لکيو. سندس اڻڇپيل ڪتابن ۾ ٻه ڪتاب: (۱) History of Sindhi Language ۽ (۲) پنهنجي آٽوگرافي Biography of an unknown Sindhi لکي مڪمل ڪيا. ڪجهه يادون: اسان سراج صاحب کي ۱۹۸۰ع ۾ روبرو ڏٺو هيو، جڏهن هن قمبر ۾ ”جشن لطيف“ جي پروگرام ۾ صدارت ڪئي هئي. هن شاهه لطيف تي پنهنجي عاليشان تقرير ڪئي هئي. هن عورتن جي سجاڳي تي خاص ڳالهيون ڪيون هيون. محترما بينظير ڀٽو صاحبه (پنهنجي آخري جلاوطني کان اڳ) آخري اجلاس سراج صاحب جي گهر ۾ ڪيو هيو جنهن ۾ ناميارا ماڻهو موجود هيا. انهن ۾، جناب ايم ايڇ پنهور، پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاهه، آپا شمس، محترم محمد ابراهيم جويو، سيد نويد قمر، سراج صاحب، اعجاز قريشي، مشتاق ميراڻي ۽ ٻيا موجود هيا. محترما مونکي حاضرين ۾ موجود سڀ کان ننڍي عمر وارو هجڻ جي ڪري هدايت ڪئي هئي ته سنڌ جي مسئلن جو ٻن جملن ۾ حل ٻڌايان. مون هڪ جملي ۾ چيو هيو ” تعليم، تعليم ۽ تعليم“ محترما اهو ٻڌي سيد غلام مصطفيٰ شاهه مرحوم کان پڇيو ته ” اوهان ان جواب ڪي ڪيئن ٿا سمجهيو؟“ تنهن تي شاهه صاحب چيو هيو ” سنڌ جو اهم ۽ اصل مسئلو اهو آهي، باقي سڀ اتان نڪرن ٿا ۽ ان وسيلي دفن ٿي ويندا“ سراج صاحب پنهنجي ڄمار جي آخري شرڪت آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ ۳۱ جولاءِ ۲۰۱۲ع تي سنڌ جي هڪ ٻئي يگاني شمشيرالحيدري جي مرتئي تي ”ادبي ريفرنس“ ۾ صدارت طور ڪئي هئي. هن کي صدارتي خطبو ڏيڻو هيو، پر شمشير جي ياد ۾ هن جي هانءَ هن سان گڏ نه هلي سگهيو. مونکي اسٽيج تي سڏيندي چيائين: ” آئون ڳالهائي نه سگهندس، ڳالهائيندس ته روئي پوندس، روئڻ نه ٿو چاهيان، آئون بس شمشير تي ماڻهن جا رايا ٻڌي رهيو آهيان“ گذريل سال فبروري ۲۰۱۲ع ۾ جاويد سومرو ۽ مان سراج صاحب جي آفيس ۾ وياسين. جاويد کين پنهنجو نالو ”فاتح مرڪ“ ڏيئي عرض ڪيو ته هو اچن ۽ ان تي پنهنجي راءِ ڏين. ان وچ ۾ ڦڦڙ جي ڪئنسر سبب سراج صاحب کي انڊيا وڃڻو پيو جنهن ڪري هو نه اچي سگهيا. ٻه مهينا اڳ، آئون سندن گهر ملڻ ويس. مونکي ڪرشن چندر جو اهو ساڳيو ۱۹۵۲ع ۾ شايع ٿيل ناول ”ڏکڻ مان ٿو سج اڀري“ جي فوٽوڪاپي ڏنائون. ان ۾ سنڌيڪار جو نالو ”سراج الحق بسمل“ لکيل هيو. ايشيا جي ڏکڻ ۾، پاڪستان جي ڏاکڻين علائقي سنڌ ۾ سراج صاحب پنهنجي سڄي زندگي ”بسمل“ جي خلاف گذاري. هن محنت، علم، تعليم ۽ جمهوريت توڙي روشن خيالي جو جهنڊو بلند ڪيو. مون کين آرٽس ڪائونسل ۾ سندن جيئري مڃتا جي پروگرام ڪرڻ لاءِ اجازت ۽ ٽائيم گهريو. هن چيو ته ڪجهه ٻين اديبن جي مڃتا به ضروري آهي. انهن کي گهرج نه به هجي پر انهن جي عزت وڌيڪ ٿيڻ گهرجي. هن انتهائي گهري سوچ منجهان چيو ته ”امر جليل، مهتاب محبوب، نورالهُديٰ شاهه ۽ ڪجهه ٻين سان ڏينهن ضرور ملهايو“ آرٽس ڪائونسل ڪراچي سندن عزيزن، پٽن، ڀيڻن، ڀائٽن، سوٽن جي گڏيل صلاح سان ايندڙ آچر ۱۰ فبروري تي ٻنپهرن جو ٻارهين وڳي هڪ شاندار ”مڃتا پروگرام“ رٿيو آهي. جنهن جو عنوان آهي : سراج صاحب جي موت تي ڏکويل رهڻ بدران ان جي حياتي کي ملهائڻ ضروري آهي“ سراج جو وڇوڙو سوڳوار بڻيل سنڌ ساجد چانڊيو سنڌ جو ناميارو اديب، دانشور، ناول نويس، ماهرِ لسانيات سراج الحق ميمڻ دل جي دوري سبب ڪالهه ڪراچيءَ جي هڪ اسپتال ۾ وفات ڪري ويو آهي، سراج جي وفات جي خبر سنڌ جي ادبي ماحول کي سوڳوار ڪري ڇڏيو آهي. سراج ميمڻ جو وڇوڙو سنڌ کان هڪ دور جو وڇوڙو آهي اهو دور جنهن جي ڪري سنڌي ڪهاڻي ۽ ناول وڌي مهانتا ماڻي آهي. سراج نه صرف ڪهاڻيڪار ۽ ناول نويس به ڀلوڙ هو پر هڪ خوبصورت ماڻهو پڻ هو جنهن ۾ ماڻهپي جون سموريون خوبيون موجود هيون. سڄي سنڌ سراج جي وڇوڙي تي ڏک ۾ آهي. سراج جو شمار ويهين صديءَ جي ذهين ترين ليکڪن ۾ ٿئي ٿو، هُن سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ کي جيڪا سُونهن ۽ سُندرتا بخشي اُها سنڌي ادب ۾ هڪ تاريخي حيثيت رکي ٿي، سراج سنڌي ادب توڙي سنڌ کي نوان خيال، نوان لهجا، نوان لاڙا، نوان فڪري ۽ بنياد فراهم ڪيا، سندس لکيل ناول ٻولي، اسلوب، رواني ۽ عڪاسي جي لحاظ کان بيمثال آهن، سندس ناول پڙهندي پڙهندڙ تي عجيب و غريب ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي ۽ پڙهندڙ پنهنجو پاڻ کي پوري طرح ناول جي ڪهاڻي، خيال، ماحول ۽ ڪردارن جي حوالي ڪري ڇڏي ٿو. سراج جا لکيل ناول سنڌ جي پسِ منظر ۾ ئي سرجيل آهن، جنهن ۾ هُن سنڌ تي ڪاهي ايندڙن کي ننديو آهي، سراج ادب براءِ ادب جو قائل نه هو، هُن هڪ واضع مقصد تحت ئي لکيو، اهو مقصد سنڌ ئي هو، سنڌ جا مارو ماڻهو ئي هُئا، هُن سنڌ جي ڏکن جي تصوير پنهنجي ناولن ۾ چٽي طرح عڪاسي. هُن پنهنجي لکڻين ۾ سنڌ جي مسئلن، نفسياتي پهلوئن کي زيربحث آندو، هُو سنڌ سان ٿيندڙ هر زيادتيءَ تي لُڇي پوندو هو ۽ سندس قلم جُنبش ۾ اچي ويندو هو، هُن هر زيادتي ڪندڙ کي پنهنجي تحريرن ۾ ننديو، پوءِ اُهي ڌاريا حڪمران هُجن يا پنهنجا وڏيرا. سراج سنڌي مُجاهدن جي قربانيءَ جا داستان پنهنجي هڪ ناول ”پڙاڏو سوئي سڏ“ ۾ نهايت پُراثر انداز سان بيان ڪيا، سندس هي ناول سنڌي ادب هڪ شاهڪار حيثيت رکي ٿو، جنهن ۾ تُرخانن جي زماني جي تاريخ کي پس منظر ۾ رکي سنڌي جوڌن جي بهادري جا ڪارناما نهايت فخر سان ٻُڌايا ۽ تُرخان حڪمرانن جي پَتِ وائکي ڪندي سندن مٽي پليد ڪئي آهي. سراج لسانيات جو به هڪ وڏو ڄاڻو عالم هو، هُن ۶۰ واري ڏهاڪي ۾ سنڌي ٻولي جي حوالي سان هڪ نظريو پيش ڪيو ته سنڌي ٻولي سنسڪرت تان هرگز ورتل ناهي البت سنڌي ٻولي ڪيترين ئي ٻولين جي ماءُ آهي، سندس اهو نظريو اڄ سچ ثابت ٿي چُڪو آهي، سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان سندس هڪ ڪتاب ”سنڌي ٻولي“ هڪ تاريخي حيثيت رکي ٿو، جنهن ۾ هُن سنڌي ٻولي جي باري ۾ اهو به نظريو پيش ڪيو ته سنڌي آريائي ۽ ويدن جي دور کان اڳ جي زبان آهي، جيتوڻيڪ لسانيات سندس شعبو ڪونه هو پر هُن دنيا کي سنڌي ٻولي جي اصلي مڃتا کان آگاهه ڪرڻ واري ذميواري بخوبي نڀاهي.ان کان علاوه سنڌي ٻولي جي باري ۾ هُن جا ڪيترائي جامع مضمون، مقالا ۽ ڪالم سنڌ توڙي هند جي مختلف رسالن، مخزنن، اخبارن ۾ ڇپيا، جن کي هڪ ڪتابي صورت ۾ آڻڻ جي اشد ضرورت آهي. ۲۴ آڪٽوبر ۱۹۳۳ع تي ٽنڊو ڄام ۾ هڪ استاد محمد يعقوب ميمڻ جي گهر ۾ جنم وٺندڙ سراج الحق ميمڻ مان ڦري ”سراج“ جي نالي سان ادبي دنيا ۾ پير پاتو، هُو ايم.اي، ايل ايل بي پاس هو، هُن ۱۹۵۳ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ کان پنهنجي عملي زندگيءَ جي ابتدا ڪئي، ۱۹۵۵ع ۾ ادبي بورڊ جو اسسٽنٽ سيڪريٽري مقرر ٿيو، ۱۹۵۷ع ۾ ڪميشن پاس ڪري انڪم ٽيڪس آفيسر مقرر ٿيو. سراج ڪيترو ئي وقت روزاني هلال پاڪستان جو ايڊيٽر پڻ رهيو، جنهن دوران هُن صحافت کي نوان موڙ ڏنا. سراج سنڌ جو اُهو گهڻگهرو ليکڪ هو جنهن سنڌ جي مفادن خاطر سي.ايس.پي تان به استعيفا ڏني، هُن سنڌ جي حقن لاءِ هميشه پاڻ پتوڙيو. هُن سنڌي ادب جي جهول ۾ ڪيترائي ڪتاب ارپڻ ڪيا، جن ۾”ڏکڻ مان سج ٿو اُڀري (ترجمو ناول ۱۹۵۳)، سنڌ جي اقتصادي تاريخ (ترجمو ۱۹۵۸ع)، چونڊ آمريڪي افسانا (۱۹۵۸)، اي درد هلي آءُ (ڪهاڻيون ۱۹۶۲)، سنڌي ٻولي (لسانيات ۱۹۶۴ع)، علمِ معاشيات ۱۹۶۴ع)، پڙاڏو سوئي سڏ (ناول ۱۹۷۰ع)، اٺون ماڻهو (ڪهاڻيون ۱۹۸۵)، مرڻ مُون سين آءُ (ناول)، منهمجي دنيا هيڪل وياڪل (ناول)، تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول (ناول)، منهنجي دنيا مرگهه ترشنا (ناول)، پياسي ڌرتي رمندا بادل سميت ڪيترائي ڪتاب قابل ذڪر آهن. سراج جو وڇوڙو يقينن سنڌي ادب لاءِ هڪ نه ڀرجندڙ وڏو خال آهي، سنڌ ۽ سنڌي ماڻهو سراج کي ڪڏهن به وساري نه سگهندا. سنڌي ادب جي صحن ۾ سندس وڇوڙي تي تڏو وڇايل آهي. سراج ميمڻ کي سنڌو ماتا پنھنجي ھنج ۾ سمھاري ڇڏيو ڪراچي (رپورٽ: شبير لاشاري) سنڌي ٻولي جي برک دانشور، ناول نگر ۽ صحافي سراج ميمڻ جو مڙهه گزري قبرستان ۾ سوين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. ڪالهه ٻن پهري جي نماز کانپوءِ سنڌي ٻولي جي ماهر ۽ جديد سنڌي صحافت جي باني سراج الحق ميمڻ جي جنازي نماز ڊفينس جي سلطان مسجد ۾ ادا ڪئي وئي. جنهن ۾ سنڌ اٿلي پئي. اديبن، ليکڪن، صحافين، تعليمي ماهرن، سياستدانن، قانون دانن ۽ شاعرن توڙي ٻي مڪتبه فڪر سان تعلق رکندڙ نالي وارين شخصيتن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪري ڪلهي ڪانڌي ٿي سندس مڙهه کي هميشه لا۳ ڌرتي امڙ جي هنج ۾ سمهاريو. سندس جنازي نماز ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر فخر الدين جي ابراهيم، شرجيل انعام ميمڻ، راشد رباني، مجيب پيرزادو، عوامي آواز جي چيف ايڊيٽر ڊاڪٽر جبار خٽڪ، ڪراچي جي اڳوڻي ناظم نعمت الله خان، تاج حيدر، عبدالعزيز عقيلي، محمد علي مانجهي، وفاقي وزير نثار ميمڻ، مدد علي سنڌي، غلام قادر پليجو، جلال محمود شاهه، نالي وارن اديبن امر جليل، بدر ابڙو، عبدالقادر منگي، ڊاڪٽر ايوب شيخ، تاج جويو، تعليمي ماهر مظهر الحق صديقي، غلام نبي مغل، جاويد جبار، سنڌي ادبي سنگت گلشن حديد جي اڳواڻن اصغر باغي، ڊاڪٽر غفور ميمڻ، منان بروهي، سليم حيدري، جسٽس عبدالقادر هاليپوٽو، سبحان ميمڻ، خالد پنهور، مصطفيٰ ملاح، ڪامريڊ روچي رام، ايم پي اي امداد پتافي، ايم پي اي فياض ٻٽ، جاويد قاضي، ڊاڪٽر ايس ايم قريشي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. تدفين کانپوءِ سراج الحق ميمڻ جو تڏو ڪراچي جي ڪلفٽن واري رهائش گاهه تي وڇايو ويو. وطن! تنهنجي مٽي اوڍي سُتاسين نصير مرزا وقت ڪنهن ريشمي ٿانَ وانگر منهنجي ذهن ۾ کلي رهيو آهي ۽ مون کي پنهنجي ڳوٺ ٽنڊي ٺوڙهي جو اُهو وقت ياد اچي رهيو آهي، جڏهن سٺ واري ڏهاڪي ۾ سراج صاحب جو خاندان عارضي طور ٽنڊي ڄام مان لَڏي اچي اسان جي ڳوٺ ۾ رهيو هو. استاد محمد يعقوب ميمڻ، ادي فهميده (حسين)، عبدالحق عظيم، ادا انعام ميمڻ ۽ ادي انيسه وغيره..... هي ٽنڊو ٺوڙهو، جنهن جو ٻيو نالو، قليچ آباد به آهي.... انهيءَ ۾ هي خاندان سچل سائينءَ جي پهرئين مولف مرزا علي قليچ بيگ ۽ سنڌ جي پهرئين مسلمان ايڊووڪيٽ جنرل، خانبهادر سڪندر بيگ مرزا وارن جي عين هاويلي آڏو اچي رهائش پذير ٿيو هو. تڏهن ٽنڊي ٺوڙهي ۾ ڪيڏو نه علمي ادبي ماحول هوندو هو ۽ هڪ پاسي ڪتب خانهءِ قليچ....بابِ قليچ....سامهون باغ ئي باغ، پريان پڃاري واهه ۽ ٻئي پاسي ڦُليلي واهه ۽ ان جي ڪناري سان وڻ ئي وڻ ۽ انهن جي ڀرسان تعليمي ادارا..... ۽ انهن ئي درسگاهن منجهان مرزا قليچ بيگ پرائمري اسڪول ۾، سائين محمد يعقوب ميمڻ صاحب جن پرائمري استاد هوندا هئا ۽ هيڏانهن سراج صاحب بوڪ اسٽال جو مئنيجر ۽ پوءِ اسسٽنٽ سيڪريٽري بنايو ويو..... جتان نهايت جلد ٽه ماهي ”مهراڻ“ ۽ ”گُل ڦُل“ جهڙا رسالا جاري ٿيا ۽ سنڌ اندر سنڌي ادب روشن خياليءَ سان روشن ٿيڻ شروع ٿي ويو. ۽ اتي جويي صاحب جي ئي صحبت طفيل سراج صاحب کي شيخ اياز..... جمال ابڙي ۽ رسول بخش پليجي صاحب جهڙن سجاڳ دماغن سان شناسائي ٿي ۽ ائين هڪ ٻئي جي صحبت ۽ ساٿ سان هي سڀ رچي ريٽا ۽ رت و رت رتول ٿيندا ويا. تڏهن تنوير عباسي صاحب پنهنجو هي شعر به ته، ان ئي زماني ۾ لکيو هو: پيار ڇُهي ويو اسان سڀن کي سونا ٿي ويا آهيون. ۱۹۶۲ع ڌاري سراج صاحب جي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو، ”اي درد هلي آءُ.....“ ظاهر ٿيو، تڏهن مجموعي ۾ آيل هڪ ڪهاڻي....”ٻهڻيءَ“ سبب ته خاص طرح سان ته هن جي ادبي شهرت کي چار چنڊ لڳي ويا. ان مجموعي کانپوءِ، سندس نظريا ساز تحقيقي ڪتاب ”سنڌي ٻولي“ شايع ٿيو ته، هند سنڌ ۾ انهيءَ حيرت انگيز تحقيق آڌار، سراج صاحب جو شمار، عين ڦوهه جوانيءَ ۾ ئي، لسانايات جي ماهرن ۾ ٿيڻ شروع ٿي ويو ۽ اهو ئي ته اهو دور هو، جڏهن سنڌ جا وارث قلمڪار سجاڳ ٿي چُڪا هئا ۽ سنڌ سان ٿيندڙ هاڃن جي تدارڪ لاءِ سڀني قلم ڌڻين جا قلم، تحرڪ ۾ اچي چُڪا هئا، اهو سن سٺ وارو ڏهاڪو، ڀينرن منجهان ادي انيسه ته منهنجي ڀيڻن سان گڏ ۽ بنهه اسانجي گهر جي ڀرسان واري ئي اسڪول ۾ پڙهندي ۽ اسان جي گهر ايندي ويندي هئي ۽ مون کي ياد آهي.... هي سڀ ڀيڻ ڀائر مون کي چنڊ ستارن وانگر ئي ڀائيندا هئا ۽ انهن ۾ هي سراج الحق ميمڻ صاحب، ته جهڙوڪر ننڍڙو ديوتا پيو نظر ايندو هو. ڀائيان ٿو..... ذهين ۽ حسين سراج صاحب جو هي اهو ئي دور هو، جڏهن پاڻ حيدرآباد ۾ محمد عثمان ڏيپلائي صاحب جي ”ڏيپلائي پريس“ ۾ رُپئي روز تي، ڪتابن جا پروف پڙهندا هئا ۽ ان ئي زماني ۾ ڏيپلائي صاحب کي ٻه ڪتاب ”چين ۾ هارين کي زمين ڪيئن ملي؟“ ۽ ٻيو ڪتاب ”ڏکڻ مان ٿو سج اُڀري“ ترجمو ڪري به ڏنا هئائين. چون ٿا ان ئي ڏيپلائي پريس جي ڪنهن ڪرسيءَ تي ڪم ۾، ”منهمڪ ويٺل هن خوبرو سراج تي، محمد ابراهيم جويي صاحب جي جيئن ئي پارس نگاهه پئي هئي، هن نوخيز پروف ريڊر ۽ مترجم سراج صاحب جون سڀئي راهون سون جون ٿي ويون هيون. تڏهن ڏيپلائي صاحب جي پريس مان جويي صاحب هن هيري کي کڻي سنڌي ادبي بورڊ جي مُنڊيءَ ۾ وڃي جڙي ڇڏيو هو. جتي پهرين ته هُن کي هوءِ ون يونٽ لاڳو ٿي چُڪو هو ۽ شريف ڪميشن سبب دلين ۾ نفرت جون باهيون ڀڙڪي چُڪيون هيون. اجهو نياز همايوني صاحب، پنهنجو هي بي پناهه طاقتور شعر ان ئي زماني ۾ ته لکيو هو: روئيندي روئيندي نيرَ کٽي ويا، لَهُو اچي ويو لڙڪن ۾، آئون ڪيئن کِلندي کير پيئان، منهنجي سنڌڙي آهي سُڏڪن ۾. هيڏانهن ٻئي پاسي وري شيخ اياز صاحب سنڌ ۾ آواز اُڀاريو: “مون شعلا شعلا گيت، جيئن تنهنجو چارو روشن ٿئي.“ تڏهن نثر ۾، پنهنجي شعلا بيانيءَ سان سنڌ جي جوڌن، دودن ۽ سوڍن لاءِ هڪ زبردست جنگ نامو.... ناول جي اسلوب ۾ سڀ کان اول سراج صاحب ئي تحرير ڪيو ۽ نالو رکيائينس، ”پڙاڏو سوئي سڏ“ جيڪو اصل ۾ ته ترخانن جي بدترين دور ۾ سنڌ سان ٿيل هاڃن جو تذڪرو آهي، پر درپده هر دور ۾ سنڌ ۾ آيل ڌارين جي لوڌ، يلغار ۽ پنهنجن کي، اکين پٽي رکڻ جو زبردست درس به ان ۾ آهي ۽ هاڻي ڇا حرج آهي ته.... ڪهاڻي ڪتابن....اي درد هلي آءُ.... اٺون ماڻهو.... مرڻ مون سين آءُ ۽ ”سنڌي ٻولي“. سنڌي ٻوليءَ ۾ ناولن جي ٽرالا جيءَ جو بنياد رکندڙ سراج سان، پنهنجي ذاتي تعلق بابت به ڪجهه لکندا هلون.... ۽ اها ڳالهه به ڪيترائي سال پراڻي آهي، جڏهن ڪراچيءَ ۾ هو ڪنهن ادبي محفل ۾ موجود هو، جو مون اڳيان وڌي زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو ساڻس هٿ ملائي کيس پنهنجو تعارف ڪرايو هو. تڏهن منهنجي حيرت جي انتها نه رهي، جڏهن پنهنجي ڳنڀير آواز ۾ منهنجي چهري ڏانهن ڏسي بي اختيار چيو هئائون: ”اڇا! ته تون آهين نصير مرزا.....“ تڏهن دل ۾ خوش ٿي چيو هئم، ”واهه!.... معنى ته سراج صاحب جهڙي هستي منهنجي نالي ۽ ڪم کان اڳي ئي آگاهه آهي“! بعد ۾ نوي واري ڏهاڪي ۾ شيخ اياز فائونڊيشن جي هڪ ميٽنگ ۾ لکڻ وارو قلم..... مون پاڻ وانگر ئي سندن کاٻي هٿ ۾ ڏٺو ۽ پوءِ ميٽنگ بعد رات جي مانيءَ وقت سندن ئي رهائشگاهه تي اسين ڊائننگ ٽيبل تي ويٺاسين، ته جويي صاحب، مهتاب راشدي آپا، رباني، آگري صاحب ۽ جمال رند موجودگيءَ ۾، مون کي سراج صاحب جي ئي ڀر ۾ ويهڻ لاءِ ڪرسي نصيب ٿي هئي، اڙي واهه......ڏٺم اتي به هنن ڪنهن به ڊش مان ڪجهه به ڪڍڻ لاءِ، مون وانگر ئي، کاٻي هٿ کي پئي گهڻو استعمال ڪيو. تڏهن رهي نه سگهيو هئس ۽ چئي ڏنو هئو مان، سائين! آئون به توهان وانگر کاٻڙيل آهيان. تڏهن فورن مِٺي مُرڪ سان وراڻيائون، ”نصير!..... هي آئون ئي ڇا بابا...، منهنجي گهر جا سڀ ڀاتي ئي کاٻڙيل اٿئي.“ تازو....رباني صاحب جي ڪهاڻي ڪليات، آبيعات“ تي مهاڳ لکرائڻ لاءِ، ادي فهميده حسين معرفت کيس مسودو موڪليم، ته اُن تحرير ۾، رباني صاحب جو تذڪرو پوءِ...... اول مون ئي بابت ههڙا شاندار ۽ سون ۾ تورڻ جهڙا لفظ لکيائون: ”نصير مرزا جو حڪم آهي ته ربانيءَ جي ڪهاڻين تي ڪجهه لکي موڪليان. سو هاڻي نصير جهڙي پياري شخص کي ڪيئن نااميد ڪريان. جنهن منهنجي نظر ۾، ادب ۽ فن ۾ اهڙو نانءُ ۽ مرتبو حاصل ڪري ورتو آهي. جنهن جو هو لائق به آهي ۽ مستحق به!“ سراج صاحب جا پاڻ بابت اهي لکيل لفظ پڙهي خوشيءَ ۾ ان وقت، جيئن لڙڪ لاڙڻ شروع ڪري ڏنا هئم، اجهو ائين ئي.... سندن لاڏاڻي جي خبر ٻڌڻ سان اکيون اشڪ بار ٿي ويون هئم..... تڏهن مون کي سندس پهرئين ڪهاڻي مجموعي جي سرنامي تي درج نياز همايونيءَ جي هيءَ سٽ يڪدم اکين جي آڏو اُڀري آئي: اي درد هلي آءُ ته يادن جي جزيري ۾ هلون! سراج صاحب، سنڌ جا نهايت اميد پرست ۽ وطن جي روشن آئندي تي ويساهه رکندڙ عظيم قلمڪار هئا، جن پنهنجي ناول پڙاڏو سوئي سڏ جي انتساب ۾ لکيو هو ته: ”سنڌ جي اڳوڻن، هاڻوڪن ۽ ايندڙ وقت جي سورهيه سوڍن جي نالي“ ۽ اڄ ان انت سان پڙهڻ بعد مون کي پڪ آهي ته..... سنڌ جي سنڌي سمونڊ ڪناري.... مائي ڪولاچيءَ واري شهر ۾ ڪالهه..... لحد ۾ جڏهن پاڻ لهي چُڪا هوندا..... تڏهن سنڌ جي ماضي وارا سڀ سورهيه دودا.... جوڌا ۽ سورما.... .”پڙاڏو سوئي سڏ“ واري هن بهادر ليکڪ سراج صاحب جي اعزاز ۽ آجيان ۾، يڪدم ئي..... اُٿي بيهي رهيا هوندا. ۽ احترام سان کين سلامي ڏيڻ لڳا هوندا. سراج جي تحريرن جو فڪري پسمنظر ڊاڪٽر غفور ميمڻ سراج جي ڪهاڻين ۾ جديد دور جي ڪهاڻين جي عالمگير سوچ جو احساس سمايل آهي، جنهن ۾ اهڙي معاشري جي شديد خواهش آهي، جنهن ۾ استحصال نه هجي ناانصافي نه هجي، ضمير ۽ ذهن جي آزادي هجي. سراج جي ڪهاڻين ۾ مقامي رنگ سان گڏ جديد دور جي بدلجندڙ فڪر مطابق نوجوانن جو اهو شديد اظهار به موجود آهي جيڪي ڪائنات تسخير ڪرڻ چاهين ٿا. ڪهاڻين ۾ نوان رنگ ۽ نوان ڍنگ موجود آهن، سندس ڪهاڻي ”اي درد هلي آ“ اهڙو احساس رکي ٿي جنهن ۾ جديد تهذيب ۽ قدرن وچ ۾ جاگيرداريءَ وارا رويا زيربحث اچن ٿا. ڪهاڻيءَ ۾ هڪ طويل بحث ڇڙيل آهي ته وقت جي تقاضا ۽ مذهب جو رويو ڪيترو هڪ ٻئي سان ٺهڪي اچن ٿا. ڪهاڻيءَ جي شروعات هڪ پارٽيءَ سان ٿئي ٿي، جنهن ۾ شفيق ۽ شمي ٻه مرڪزي ڪردار آهن جن جو پارٽيءَ ۾ عورت ۽ مرد بابت بحث ڇڙيل آهي. ڪهاڻيءَ ۾ الميو ان وقت شروع ٿئي ٿو. جڏهن شمي محفل ۾ وڄندڙ موسيقي تي بي اختيار ٿي پنهنجا ماضيءَ جا ورق اٿلائي ٿي، ان وقت شفيق جنهن جي پارٽيءَ ۾ انا جي تعمير ٿي رهي هئي، انهي کي ڌڪ لڳي ٿو ۽ کيس خبر پوي ٿي ته سندس زال جو ڪو ٻيو چاهيندڙ هو، جنهن ان جي محبت ۾ جان قربان ڪري ڇڏي، ان وقت سندس ذهن، شعور ۽ جذبات جي ڪيفيت کي ڌڪ لڳي ٿو ۽ پوءِ هو آفاقي قدرن ۾ انسانيت ڏانهن موٽ کائي ٿو ۽ شمي کي پيار ڪري ٿو. مجموعي طور هن ڪهاڻيءَ ۾ مٿئين طبقي ۾ بدلجندڙ قدرن جي ٽوڙ ڦوڙ جو فڪر موجود آهي جنهن تي روشن خياليءَ جو اثر آهي. سنڌي ڪهاڻيءَ تي مغربي فن۽ موضوعن جا تجربا ۽ ديومالائن کي علامت طور کڻي انساني الميي کي پيش ڪرڻ جو تجربو سراج شروع ڪيو، جنهن ۾ سندس ٻه ڪهاڻيون قابل ذڪر آهن. هڪ ”پاتال“ ۽ ٻي ”انسان ۽ ديوتا“. ڪهاڻي ”پاتال“ ۾ سراج طبقاتي سماج جي حقيقت کي علامتي انداز سان پيش ڪيو آهي، جنهن ۾ محسوس ٿئي ٿو ته ديوتائن جو عذاب ۽ ڏک سندن اذيت ايتري ناهي جيتري انساني طبقاتي سماج ۾ انسان پل پل ۾ ڀوڳي ٿو. تمثيلي انداز ۾ ديوتائن جي واتان غير طبقاتي سماج جي نظرئي جو پرچار ڏاڍي خوبصورت انداز سان ٿيل آهي. سراج هڪ ئي وقت جديد دور جي گهڻن پاسن کي کڻي ٿو، جنهن ۾ سرمائيداريءَ جي بدلجندڙ قدرن ۾ انساني رويا ۽ انهن جو نفسياتي اثر، روشن خياليءَ جي بنياد تي جديد علمي بحث ۽ انهن جا اثر ۽ ساڳئي وقت سرمائيداريءَ ۾ پيدا ٿيندڙ معاشي گهوٽالو، پورهيت جي زندگيءَ جو الميو، ساڻس ٿيندڙ غير انساني سلوڪ ۽ سماج کي تبديل ڪندڙ فڪر، پورهيتن جي جدوجهد سڀئي موضوعن سراج ڏاڍي فنڪاريءَ سان ۽ فڪري گهرائي سان کڻي ٿو. مجموعي طور هنن ڪهاڻين جي جائزي مان معلوم ٿئي ٿو ته سراج سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ روشن خيال فڪر ۽ ترقي پسنديءَ جي تقاضائن کي ڏاڍو فني ۽ پيرائتي ۽ جديد انداز سان پيش ڪيو آهي، جنهن ۾ ڪردار نه ته نعري بازي ڪن ٿا، نه نظرئي جو پرچار بلڪ سندن معاشرتي ۽ نفسياتي زندگيءَ جا پهلو اهڙي طرح پيش ڪيل آهن جو پڙهندڙ خود بخود طبقاتي سماج جي روپ کان نفرت ڪرڻ لڳي ٿو. پراڻين روايتن، قدرن ۽ جديد دور جي تقاضائن کي سمجهڻ لڳي ٿو. سراج ميمڻ سنڌي علم وادب ۽ زبان جو پارکو (۲۴ آڪٽوبر ۱۹۳۳ ــ ۲ فبروري ۲۰۱۳ع) ارشاد ڪاغذي سنڌي علم وادب جا جيڪي بـ ڄاڻو ۽ ماهر ٿي گذريا آهن سراج ميمڻ تن ۾ سرفهرست آهي. هو سنڌي علم وادب، تحقيق ۽ تخليق، پرک، دانش، سياست، لسانيات، صحافت، ناول ۽ ٻولي جو ماهر هو. هو گھڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ هو، هو هڪ ئي وقت عالم، ڏاهو، اديب، ناول نويس، ڪهاڻيڪار، شاعر، ترجمو ڪندڙ، صحافي، سياست جو ڄاڻو ۽ لسانيات جو پارکو هو، ماڻهو هِڪڙو پر لک گھڻو هو. سراج الحق ميمڻ ٽنڊوڄام ۾ محمد يعقوب ميمڻ جي گھر ۾ اک کولي، جيئن تـ سندس والد صاحب تعليمي ماهر هو ۽ علم وادب سان شوق، شغف ۽ چاه رکندڙ هو تنهن ڪري سراج کي علمي ۽ ادبي ماحول مليو ۽ هن ان مان ڀرپور لاڀ حاصل ڪيو. سنڌ جي اتهاس ۾ سنڌي جديد ادب جي آبياري ڪرڻ ۾ سراج جو حصو ٻين کان سرس آهي. هن جيئن مضمون، تحقيق ۽ تخليق جو ڪم ڪيو ان نموني سان فنڪشن ۾ نالو ڪمايو. جيڪڏهن هو هڪ ئي ڪتاب ”سنڌي ٻولي“ لکي ها ۽ ٻيا ڪتاب ۽ ناول نـ لکي ها تڏهن بـ هن جي مڃتا، مڻيادا ۽ قد بت ٻين کان وترو هجي ها! ۱۹۵۹ع ۾ ڊاڪٽر نبي بلوچ صاحب جن جو هڪ مضمون “ سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ“ جي سِري هيٺ ٽـ ـ ماهي ”مهراڻ“ ۾ ڇپيو هو، تنهن سراج ميمڻ جي دل ودماغ ۾ طوفان مچائي ڇڏيو. ڊاڪٽر صاحب جي ان مضمون متعلق سراج جو خيال هو تـ ”... ڊاڪٽر صاحب جن جو مضمون، ماڻهن ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ تمدن لاءِ بنهـ غير علمي روايتون ۽ مفروضا عام ڪري ڇڏيندو، ۽ ٻاهريان تـ سنڌي ٻوليءَ ۽ تمدن کي هڪ خيرات ٿيل ۽ اڌارو سمجهندا.“ (سراج ميمڻ جو ”سنڌي ٻولي“ ڪتاب تي لکيل پيش لفظ) سراج ميمڻ صاحب ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جو مقابلو ۽ موازنو ڪجي تـ ڪٿي ڊاڪٽر صاحب ۽ ڪٿي سراج! سراج بـ پريشان ٿي پيو هو. هو لکي ٿو ”... آءٌ پشيمان ۽ پريشان، تـ ڇا لڳي سراج، ۽ ڇا لڳي سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڊين آف آرٽس، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جهڙي عالم فاضل جي جواب ۾ مضمون!“ هو وڌيڪ ساڳئي ڪتاب جي پيش لفظ ۾ لکن ٿا ”جڏهن مضمون شايع ٿيو تـ هڪ هنگامو مچي ويو: ڪن شابس ڏني، ته ڪن ڪچيون گاريون. ايترو ته احساس ٿيم تـ جيڪڏهن منهنجي مضمون ماڻهن کي سوچڻ تي مجبور ڪيو آهي، سندن ذهنن کي لوڏي وڌو آهي، تـ ضرور منجهس ڪا ڳالهـ آهي.“ ۽ اهڙي ريت ٻنهي سنڌي ادب جي پارکن پنهنجي ليکن ۾ هڪٻئي کي جواب در جواب ڏنا. سراج ان دور ۾ سنڌي ادب جي اُفق تي اڀري آيو. سنڌ جا ماڻهو، عالم فاضل، اديب ۽ ليکڪن کي سراج جي حيثيت جي پرک پئجي وئي. جارج برنارڊ شا هڪ ناول لکيو هو،The Adventure of the Black Girl in Her Search for God ان جي جواب ۾ علامـ آءِ آءِ قاضي هڪ ڪتابThe Adventure of Brown Girl in Her Search for God لکيو هو. جڏهن ڪتاب شايع ٿيو ۽ ماڻهن پڙهيو تـ ڪيترا ئي ماڻهو علامـ قاضي صاحب کي ڏسڻ آيا تـ ڪهڙي شخصيت آهي جنهن برنارڊ شا جهڙي مهان اديب سان مقابلو ڪيو آهي. سو اهڙي طرح جڏهن سراج اهي مضمون لکيا ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان کي جواب ڏنا تـ سراج جو علمي ۽ ادبي قد ڪاٺ وڌي ويو ۽ هو اڃا وڏي محنت، جاکوڙ، تحقيق سان علمي پورهئي ۾ جنبي پيو ۽ ”سنڌي ٻولي“ جهڙو شاهڪار ڪتاب پڌرو ڪري هڪ عالم ۽ فاضل جي حيثيت سان نروار ٿيو. سراج جن لکن ٿا : ”۱۹۵۹ع کان سنڌي ٻولي ۽ تمدن بابت منهنجي ذهن ۾ ڪجهـ اهڙو هيجان پيدا ڪيو، جو بيان کان ٻاهر اوهين ان مان اندازو لڳايو تـ رڳو ۱۹۶۰ع جي سياري ۾ پنج ڇهـ دفعا، موهن جي دڙي جي ويرانين ۾، وڇائتن وانگر، مٽي ڇاڻيندو رهيس. مون کي خواب ۾ بـ موهن جي دڙي جا ماڻهو ــ چاپئين ڏاڙهي، ٻٽون ڪٽ وار، وچان سينڌ نڪتل ــ، ۽ زالون ــ عاج جي ٻانهينءَ سان ڪلهي تائين ڍڪيل ٻانهون، نڪ ۾ بولو، وارن ۾ ڪاٺ جي ڦڻي وڌل ــ مون سان سنڌي ڳالهائيندا نظر ايندا هئا. ان سپني جي عالم ۾ ئي، ان کان پوءِ وارا ٽي سال گذاريم ۽ ان وقت ۾ مختلف ٻولين، قديم رسم الخطن ۽ ٻين اهڙين موضوعن تي ڪتاب چٽيندو رهيس.“ (سنڌي ٻولي تي لکيل پيش لفظ) سراج جن ڊاڪٽر نبي بخش خان کي جواب ۾ ڪيئي مضمون لکيا پر هو وڏي ڌيان ۽ گيان سان موهن جي دڙي جي ٻولي کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ هو موهن جي دڙي جي ٻوليءَ کي پڙهڻ ۾ ڪامياب ٿيو هو ۽ پوءِ ”سنڌي ٻولي“ جهڙو زبردست ڪتاب عالمانا انداز سان لکيو. جيڪو ڪم ادارا ڪونـ ڪري سگھيان سو هن ڪري ڏيکاريو. جيتوڻيڪ هو افسانوي ادب جو شهزور هو پر هن اهو ڪتاب لکي هڪ اهڙو ڪارنامو سرانجام ڏنو جنهن جي جيتري تعريف ڪجي گھٽ ٿيندي. سراج ”پڙاڌو سوئي سڏ“ لکي سنڌ جي نئين نسل کي گھڻو متاثر ڪيو، هن هي ناول سنڌ جي تاريخ جي پسمنظر ۾ لکيو هو جيتوڻيڪ هن ناول تي نعري بازي جا بهتان مڙهيا ويا پر نوجوان نسل هن ناول کي پنهنجي جيءَ ۾ جايون ڏنيون ۽ هينئن سان هنڊايو. سراج جو هي غير معمولي تاريخي ناول ”پڙاڏو سوئي سڏ“ نوجوان نسل ۾ هڪ اهڙو جذبو جاڳايو جنهن ون يونٽ جي تحريڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ هڪ سپر مين جو عملي ڪردار ادا ڪندي هرهڪ سنڌي نوجوان پنهنجي عمل جي ميدان ۾ ڪيئي ڪارناما ڪري ڏيکاريا. سراج ميمڻ بـ پنهنجي ناول جي ڪردار جيان سپر مين هو، هو ذوالفقار علي ڀٽو جو ويجهو ساٿي هو پر هن ڪڏهن بـ ان مان ڪو فائدو ڪونـ ورتو هو هڪ اعليٰ آفيسر هو ۽ جيئن انهن آفيسرن جي ڪنڌ ۾ ڪلي هوندي آهي تيئن سراج جي ادب ۽ شخصيت ۾ اڏول پڻو هيو ۽ ڪڏهن بـ ڪنهن جي اڳيان ڪنڌ ڪونـ نمايو. جاذب نظر شخصيت ۽ لکڻي ۾ شيرين بياني ۽ ويساه ۾ نـ ايندڙ ڪارناما جيڪي هو پنهنجي ڪردارن جي واتان چوررائيندو هو اهڙا ڪم جيڪو ڪوبـ ڪري نـ سگھي سي سندس ناول ڪري ڏيکارين ٿا. هو هڪ اهڙو بي مثل انسان هو جنهن جو تعلق حڪومت جي سربراهن سان بـ هو پر اصولي طرح سنڌ جي ماڻهن سان هن جا پيچ پيل هئا، هو ڪنهن جو ڌر ڀر نـ هو پر پوءِ بـ هن بابت اهو چئي سگھجي ٿو تـ شهيد ڀٽو سان هن جو واسطو هو. هو يگانو انسان هو جنهن پنهنجي ادبي ۽ صحافتي دنيا ۾ هڪ اهڙي هلچل مچائي جنهن کيس ٻين کان منفرد بنائي ڇڏيو. هو جديد ادب جو جديد انسان ۽ اديب هو. استاد رسول بخش پليجو صاحب جن سراج جي باري ۾ لکن ٿا ”اهڙا ماڻهو گھٽ هوندا آهن، جيڪي توڙ نڀائين ٿا، جيڪي پلٽا نٿا هڻن، وڏيرن جا چمچا نـ ٿيندا آهن، سراج انهن ماڻهن مان هڪ شخصيت هو، سراج جهڙا ماڻهو روزروز پيدا نـ ٿيندا آهن.“ (ورسي جي موقعي ۽ مناسبت سان ڀيٽا) سراج ميمڻ هڪ تاريخ ساز شخصيت تاج جويو ۲ فيبروري ۲۰۱۳ع تي سنڌ جي ارڏي اديب، عالم ۽ محقق ’سراج‘ جي لاڏاڻي جي خبر علمي ادبي لڏي سميت سندس چاهيندڙن کي صدمو ڏنو. سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان سچو عشق رکندڙ، ڏاهي دانشور، ڪهاڻيڪار، ناول نگار، محقق ۽ ماهر لسانيات ’سراج‘ جو پورو نالو سراج الحق ولد محمد يعقوب ميمڻ هو، هن ۲۴آڪٽوبر ۱۹۳۳ع تي ٽنڊي ڄام، ضلعي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. سندس والد محمد يعقوب ميمڻ وقت جو بهترين تعليمدان ۽ علم ۽ ادب سان چاهه رکندڙ هو. سندس ترجمو ڪيل ’ديوان حافظ‘ سنڌي ادب ۾ يادگار حيثيت رکي ٿو. سراج تي پنهنجي والد جي مزاج جو اثر ٿيو ۽ شروع کان ئي لکڻ، پڙهڻ سان واسطو رهيس. ابتدائي تعليم ڳوٺ مان وٺڻ کانپوءِ نور محمد هاءِ اسڪول مان ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين ۽ سموري بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ ٽين پوزيشن کنيائين. سندس تعليم بي. اي (آنرس)، ايم. اي ۽ ايل. ايل. بي هئي. پيشي جي لحاظ کان ۱۹۵۳ع ۾ ’سنڌي ادبي بورڊ‘ ۾ نوڪري شروع ڪيائين ۽۱۹۵۵ع ۾ ادبي بورڊ جو اسسٽنٽ سيڪريٽري مقرر ٿيو. ۱۹۵۷ع ۾ سي. ايس. ايس. جو چٽاڀيٽيءَ جو امتحان پاس ڪري انڪم ٽئڪس جي کاتي ۾ آفيسر مقرر ٿيو، جتان ۱۹۶۹ع ۾ جبري رٽائرمينٽ ٿيس. سندس خلاف الزامن مان مکيه سرڪاري ملازمت ۾ هوندي قومپرست ۽ ترقي پسند ادبي تحريڪن ۾ حصو وٺڻ ۽ قوميت جي موضوع تي لکڻ هو. ان کانپوءِ ڪجهه وقت وڪالت ڪيائين. ۱۹۷۱ع ۾ ڪراچيءَ مان هلال پاڪستان اخبار جو اجراء ٿيو، جنهن ۾ کيس ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو. هن اخبار ذريعي سراج، جديد صحافت ۾ نوان ۽ اڇوتا لاڙا آندا. ان تي کيس سنڌي جديد صحافت کي نئون جنم ڏياريندڙ چيو وڃي ٿو. ۱۹۷۷ع ۾ ضياءُ الحق جي دور ۾ هن فوجي حڪومت کان ڊڪٽيشن وٺڻ کان انڪار ڪندي هلال پاڪستان مان استعيفا ڏني ۽ واپس وڪالت جي شعبي سان لاڳاپجي ويو ۽ عمر جي آخري عرصي تائين سپريم ڪورٽ جو سينيئر وڪيل رهيو. انڪم ٽيڪس قانون تي سندس مهارت سبب کيس ان مضمون جي ميدان ۾ ’انسائيڪلوپيڊيا‘ چيو ويندو هو. سراج سنڌي ادب جي هڪ گھڻ پاسائين شخصيت رهيو، سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو۱۹۶۱ع ۾ ’اي درد هلي آءُ‘ جي نالي سان شايع ٿيو ۽ ٻيو مجموعو ’اٺون ماڻهو‘ ۱۹۸۵ع ۾ شايع ٿيو. جديد سنڌي ادب ۾ سراج سڀ کان وڌيڪ تخليقي ناول لکيا ۽ هي اهو پهريون سنڌي ليکڪ آهي، جنهن ٽن ناولن تي ٻڌل ’پياسي ڌرتي رمندا بادل‘ جي نالي سان سنڌي ادب جي پهرين ٽريالاجي لکي. سراج، سنڌ جي تاريخ کي افسانوي انداز ۾ پڙهڻ جو شوق پيدا ڪيو، جن سنڌ جي تاريخ اڳ ۾ ڪانه پڙهي هئي، تن سراج جا ناول پڙهي پوءِ سنڌ جي تاريخ ۾ دلچسپي ورتي. سراج جو پهريون جڳ مشهور ناول ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ ۱۹۷۹ع ۾ ڇپيو، هي ناول سنڌ تي ارغونن ۽ ترخانن جي قهري دور جي تاريخ کي افسانوي انداز ۾ پيش ڪري ٿو. سندس ٻيو ناول ’مرڻ مون سين آءُ، سال ۱۹۸۸ع ۾ ڇيپو، ان کانسواءِ ’منهنجي دنيا مرگھه ترشنا‘، ’منهنجي دنيا هيڪل وياڪل‘، ’تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول‘ سندس اهم ناول آهن. سراج ڪيترا ئي ڊراما پڻ لکيا. هڪ مترجم جي حيثيت سان هن ’چين جي هارين کي زمين ڪيئن ملي‘، ’چونڊ آمريڪي افسانا‘، ’ڏکڻ مان ٿو سج اڀري‘، ’سنڌ جي اقتصادي تاريخ‘ ڪتاب پڻ ترجمو ڪيا. سندس ناول ۽ افسانن جا مجموعا، افسانوي ادب ۾ تمام گھڻي اهميت جا حامل آهن. سراج پنهنجي صحافتي زندگيءَ ۾ روزاني هلال پاڪستان جو ايڊيٽر رهڻ دوران اهم مسئلن تي ايڊيٽوريل لکڻ کانسواءِ ’رتيءَ جي رهاڻ ۽ ملان جي ڊوڙ‘ ۽ جاڳو اخبار ۾ ’سياسي منظرنامو‘ جي سري سان سوين مضمون ۽ ڪالم لکيا. سراج شاعري به ڪئي ۽ ڪراچيءَ جي سنڌ کان ڌار ڪري وفاق حوالي ڪرڻ جي موقعي تي ’ڪراچي‘ نالي سان تاريخي ۽ اهم نظم لکيو. لسانيات جي حوالي سان سندس اهم تصنيف ’سنڌي ٻولي‘ ۱۹۶۴ع ۾ ڇپي، جنهن سنڌي ادب ۾ ٻوليءَ جي ارتقا جي حوالي سان نوان بحث ڇيڙيا. هن ڪتاب ۾ پهريون ڀيرو هن سنڌ جي ٻين عالمن سان اختلاف ڪندي سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ جي اصلوڪي ۽ بنيادي ٻولي قرار ڏنو، جنهن کي شروع ۾ جن قبول نه ڪيو، انهن به تحقيق بعد آخر ۾ اچي ساڳي ڳالهه ڪئي. هن ڪتاب کي ’پاڪستان رائيٽرس گلڊ‘ پاران انعام پڻ مليو ۽ ۲۰۰۹ع ۾ هن ڪتاب جو انگريزي ترجمو پڻ شايع ٿيو، جيڪو سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ڇپيو آهي. هن زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ انگريزيءَ ۾ ٻه ڪتاب: (۱) History of Sindhi Language ۽ (۲) پنهنجي آٽوگرافي Biography of an unknown Sindhi لکي مڪمل ڪيا. انهن مان پهريون ڪتاب هيٺ اشاعت هيٺ آهي. سنڌ جي هن نامور عالم ۽ اديب، ۲ فيبروري ۲۰۱۳ع، رات جو ساڍي ٽين وڳي، لياقت نيشنل اسپتال، ڪراچيءَ ۾، دل جي عارضي سبب وفات ڪئي. سراج سنڌي ادب، صحافت ۽ تحقيق جو ھڪ باب طارق عزيز شيخ سراج حيدرآباد جي ڀر ۾ ٽنڊي ڄام سرسبز ۽ ننڍڙي ڳوٺ ۾ ۲۴ آڪٽوبر ۱۹۳۳ع ۾ پيدا ٿيو. سندس والد محمد يعقوب ميمڻ تعليم جي شعبي سان وابسته هو. سراج صاحب جو والد جي اثر جي ڪري توڙي پنهنجي ادبي مزاج سبب شروع کان لکڻ پڙهڻ سان گهاٽو واسطو رهيو. ادبي ماحول ۾ اڳتي وڌڻ سان گڏوگڏ هن وڪالت ۾ به ڪاميابيون ماڻيون ۽ ملڪ جي مايه ناز قانوني ماهرن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. ناول نگاريءَ ۾ سراج سنڌي ادب کي معياري ۽ تاريخي شيون ڏنيون. ڪهاڻين لکڻ کان به اڳي هن ناول نگاريءَ ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪري ڇڏي هئي. جڏهن ته ارتقائي تحريرن ۾ هن ترجما ڪيا هئا. ۱۹۵۳ع ۾ ”ڏکڻ مان ٿو سج اڀري” نالي انگريزي ناول هن ترجمو ڪيو، ان کان پوءِ ”چونڊ آمريڪي افسانا“ ۱۹۵۸ع ۾ ترجمو ڪيائين ۽ انهيءَ سال يعني ۱۹۵۸ع ۾ ئي ”سنڌ جي اقتصادي تاريخ“ جو ترجمو ڪيائين. سندس طبعزاد لکڻين جي شروعات سٺ واري ڏهاڪي کان شروع ٿئي ٿي. سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ۱۹۶۱ع ۾ ”اي درد هلي آءُ“ جي نالي سان شايع ٿيو. ان کان پوءِ ٻوليءَ جي حوالي سان مختلف بحث رونما ٿيا. سنڌي ٻوليءَ کي ڪنهن محقق سنسڪرت جي ڌيءَ ٿي چيو ته ڪنهن وري ان کي سميري ٻولين مان نڪتل ٿي چيو پر سراج وڏي محنت سان تحقيق ڪري عالمي ماهرن جي دليلن ۽ پختي يقين سان ثابت ڪري ڏيکاريو ته سنڌي ٻولي سنڌ جي اصلوڪي ٻولي آهي، ان جا وارث سنڌ جا قديم باشندا ئي آهن. انهيءَ بحث تي هن ”مهراڻ“ ۽ ”نئين زندگي“ رسالن ۾ مضمون پڻ لکيا، جڏهن ته لسانيا جي بين الاقوامي اصولن ۽ ماهرن جي نتيجن کي آڏو رکندي هن ”سنڌي ٻولي“ ڪتاب لکي پنهنجو نظريو پيش ڪيو. هيءُ ڪتاب ۱۹۶۴ع ۾ شايع ٿيو جڏهن ٻوليءَ جي حوالي سان ماحول ۾ گهما گهمي هئي. انهيءَ سال سراج ”علم معاشيات“ ڪتاب پڻ لکيو جنهن ۾ معاشي مسئلن تي نظرثاني ٿيل آهي. سراج سنڌ جي تاريخ کي افسانوي انداز ۾ پڙهڻ جو شوق ڏياريو. جن سنڌ جي تاريخ اڳي ڪونه پڙهي هئي تن سراج جا ناول پڙهي پوءِ سنڌ جي تاريخ کي پڙهيو. سنڌ جي هن بي مثال ناول نگار ارغونن ۽ ترخانن جي زماني جي تاريخ کي ”پڙاڏو سوئي سڏ“ ناول ۾ پيش ڪيو. جنهن ۾ سنڌي قوم، سنڌ جي صورتحال ۽ ڌارين جا ظلم سئنما جي پردي تي فلم جيان نظر اچن ٿا. وڏي خوبي سان هن تاريخي ناولن جي شروعات ڪئي. سراج کان اڳي عثمان ڏيپلائي ۽ ڊاڪٽر گربخشاڻي تاريخي ناولن ۾ طبع آزمائي ڪئي هئي پر اهڙي ڪاميابي ڪونه ماڻي سگهيا جهڙي سراج کي ملي. سراج انهيءَ ناول جو ٻيو حصو ”مرڻ مون سين آءُ“ جي نالي سان لکيو جنهن جي ڪاميابي پڻ اڳوڻي ناول جيتري ٿي. ان کان پوءِ سنڌ ۾ ڌارين جي مختلف دورن تي هن ٽي وڌيڪ ناول ”منهنجي دنيا هيڪل وياڪل“، ”تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول“ ۽ ”منهنجي دنيا مرگهه ترشنا“ لکيا. سراج جي ناولن جو سلسلو سنڌ جي تاريخ جي ترتيبوار بابن جيان آهي. هن ناولن سان گڏوگڏ ڪهاڻين جو هڪ ٻيو مجموعو ”اٺون گهر“ ۱۹۸۵ع ڌاري پڻ لکيو، جڏهن ته مختلف موضوعن تي سندس مضمون ۽ مقالا پڻ اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رهيا. هن ”هلال پاڪستان“ اخبار جي ايڊيٽر طور پڻ فرض انجام ڏنا ۽ پنهنجي صحافتي ڪردار کي به مڃرايو، جڏهن ته ڪيترين ئي اخبارن ۾ ڪالم پڻ لکندو رهيو. سراج، شاهه لطيف جي حوالي سان پڻ مقالا لکيا خاص طور تي شاهه جي سياسي ۽ مذاحمتي شاعري تي هن آمريتي ڏينهن ۾ به جرئت سان قلم کڻي شاهه جي ٻوليءَ ۾ سنڌي قوم کي پيغام ڏنو. سنڌ جو هي نثر نويس نه فقط ڪهاڻيڪار، ناول نگار، ٻولي جو ماهر ۽ ڪالم نگار آهي پر نثر جي حوالي سان آل رائونڊر رهيو آهي. سنڌ جو سراج جامي چانڊيو اوڻيهين ۽ ويهين صدين ۾ سنڌ ۾ وڏا ماڻهو پئدا ٿيا، جن زندگيءَ جي هر ميدان ۾ سنڌ جي وڏي خدمت ڪئي، ۽ ان جي حسناڪ آئيندي جا نه رڳو خواب ڏٺا، پر انهن جي ساڀيان لاءِ سموري زندگي وِرچي به نه ويٺا. سراج الحق ميمڻ جو ڳاڻيٽو به سنڌ جي اهڙن ماڻِڪ موتين ۾ ٿيندو. پنهنجي شخصيت ۾ باوقار ۽ حسين ماڻهو، علميت ۾ گهرو ۽ گهڻ-طرفو ڄاڻو ماڻهو، هڪ بيحد سچو اديب ۽ پارکو، سُڀاوَ جو شانائتو، حساسيت ۾ گلن جهڙو نرم، ۽ فن ۾ ڳالهه جي اُڻت جو منفرد ڏانءُ رکندڙ ليکڪ، سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻولي هن جي محبت جا محور ۽ مرڪز هئا. سراج جهڙن ماڻهن جو وجود ئي سڀاڳ جي علامت هجي ٿو، سندن خاندان، دوستن، ۽ ويندي ٻولي، ادب ۽ پوري سماج لاءِ. ٽنڊي ڄام ۾ هڪ روشن خيال ۽ ترقي پسند پرائمري استاد محمد يعقوب نياز جي گهر ۾ چويهين آڪٽوبر ۱۹۳۳ع تي جنم وٺندڙ سراج الحق ميمڻ اسان کي پنهنجيءَ پوريءَ حياتيءَ ۾ هڪ آدرشي، محنتي، سچو، ٻوليءَ، وطن ۽ قومَ جو عاشقُ نظر اچي ٿو. ڄڻ ته هڪ پارس هو، جنهن جنهن سندس ساٿ ۾ گذاريو ڄڻ ته سون ٿي ويو. سراج صاحب سان منهنجو قرب جو ادبي ۽ علمي لاڳاپو هو، ۽ ساڻس اهو لاڳاپو پهرين سائين محمد ابراهيم جويي، رسول بخش پليجي ۽ ف م لاشاريءَ معرفت، ۽ پوءِ سڌيءَ ريت پنهنجين لکڻين ذريعي ٿو، جيڪو آخر تائين قائم رهيو. منهنجي خوشبختي آهي جو هو مونکي بيحد ڀائيندو هو، ۽ منهنجين لکڻين کي پسند ڪندو هو، ۽ جيڪي لفظ چوندو هو اها هن جي ادبي وضع داري ۽ شفقت هئي. سراج صاحب سان منهنجي پهرين ملاقات پليجي صاحب سان گڏ ڪراچيءَ ۾ سندس آفيس ۾ ۱۹۹۱ع ۾ ٿي. مون ٻنهي کي هڪٻئي سان بيحد حجائتو ڏٺو. پليجي صاحب جي حجت مٿس وڌيڪ هئي. ويهڻ شرط سراج تي ڏاڪا ٻڌي چڙهي ويو، چئي، ”ڪجهه نٿو ڪرين، سڄو ڏينهن آفيس ۾ ٿڌيءَ ڇانوَ ۾ ويٺو آهين، عوام کان ڪٽيل آهين، ۽ ڪنهن نه ڪم جو آهين! حساب ڏي ته ڇا ٿو ڪرين!“ موٽ ۾ سراج صاحب جي چپن تي هميشه جيان اطمينان بخش مرڪ، ۽ نهٺائيءَ وارو اعتراف. هن جو جواب عجيب هو. چئي، ”پليجا! جنهن خاڪ کي ڦُوڪون ڏئي باهِه ٿو ٻارڻ چاهين، ان ۾ تپش رهي ئي نه آهي“! مون ٻڌو هو ته سراج تمام مغرور ماڻهو آهي، پر هي ته ڪو ٻيو ماڻهو هو، بيحد ماٺيڻو، محبتي، نهٺو ۽ مرڪڻو. ف م لاشاري به سراج صاحب وٽ ويٺو هو، پليجي صاحب مٿس پنهنجي سخت تنقيد جڏهن پوري ڪئي ته ف م لاشاري ۽ مون ڏي نهاري چيائين، ”پليجو سدائين ائين ڪندو آهي، ۽ صحيح ڪندو آهي، ڇو ته اسان سنڌي ڪم جا وڏا ڪاهل آهيون، ۽ خاص طور مان“. مون دل ۾ سوچيو ته جيڪڏهن ۱۹۵۷ع ۾ سي ايس ايس پاس ڪري ملڪ جو چوٽيءَ جو ڪامورو ٿيڻ، ڏيپلائي پريس ۽ سنڌي ادبي بورڊ ۾ ڇٻلاڻي صاحب جي لکيل سنڌ جي اقتصادي تاريخ ۽ ٽي ايس ايليٽ جي لکڻين سميت انيڪ ڪتابن جا ترجما ڪندڙ، ۱۹۶۴ع ۾ ”سنڌي ٻولي“ جهڙو شاندار تحقيقي ڪتاب لکندڙ، هلالِ پاڪستان جهڙي سرڪاري اخبار کي سنڌ جي شعور جي مهندار آواز ۾ تبديل ڪندڙ، ”پڙاڏو سوئي سڏ“، ”مرڻ مون سين آءُ“، ”منهنجي دنيا هيڪل وياڪل“، ”تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول“، ۽ ”منهنجي دنيا مرگ ترشنا“ جهڙا ناول سرجيندڙ، ”آءُ درد هلي آءُ“ جهڙيون ڪهاڻيون لکندڙ ۽ ملڪ جو چوٽيءَ جو انڪم ٽيڪس جو وڪيل سراج به جيڪڏهن ڪاهل آهي ته پوءِ سنڌ جي باقي پڙهيل لکيل ماڻهن يا عام اديبن کي ڇا چئجي؟ پوءِ مون ڄاتو ته دراصل هنن ماڻهن جي مٽي ئي ٻي آهي. هنن وٽ ڪم جا معيار ۽ سندن آدرش ايترا ته وڏا ۽ غير معمولي آهن، جو هو پنهنجي زندگيءَ جي ڪيل ڪمن کي وڏو ڪم سمجهن ئي نٿا. دراصل اهو رويو ۽ سوچ ئي کين پنهنجي ڪردار ۽ عمل ۾ وڏو ماڻهو بڻائي ٿي. دنيا جو ڪو به وڏو ماڻهو پنهنجي ڪم مان مطمئن ناهي هوندو، جو سندن ڪمن جي فهرست آڏو حياتي کٽي پوندي آهي، وقت هار کائي ويندو آهي. هونئن ته سراج صاحب جو والد به هڪ روشن خيال ۽ ترقي پسند استاد هو، پر سراج صاحب جي زندگيءَ تي پنهنجي والد کان پوءِ گهڻي ۾ گهڻو اثر سائين محمد ابراهيم جويي جي فڪري تربيت جو به هو. سراج صاحب مونکي پاڻ ٻڌايو ته محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي پريس تي ڪم ڪرڻ ۽ ان کان پوءِ جويي صاحب جي نگرانيءَ هيٺ سنڌي ادبي بورڊ ۾ ڪم ڪرڻ سندس زندگيءَ جا اهم ابتدائي دور هئا، جن سندس شعور ۽ صلاحيت جي آبياري ڪئي. ڏيپلائي صاحب کيس روپئي ڏهاڙيءَ تي ترجما ڏيندو هو ۽ ڪم به ڇڪي وٺندو هو، سراج صاحب ڀوڳ ۾ چوندو هو ته، ”ڏيپلائي صاحب جي کُوري مان پچي نڪتاسين ته پوءِ دنيا ۾ ڪو به ڪم ڏکيو نه لڳو“. ان کان پوءِ سنڌي ادبي بورڊ ۾ ڪم ڪندي، نه رڳو هن جي سنڌي ۽ انگريزي ٻولين تي مهارت وڌي پر هو پاڻ به هڪ اديب طور اڀري آيو. اهو ئي سبب آهي جو مون سراج صاحب وٽ ڪنهن ماڻهوءَ جو وڌيڪ احترام ڏٺو ته اهو سائين جويو صاحب آهي. هو جويي صاحب کي هڪ شفيق دوست سان گڏ هڪ استاد جو درجو ڏيندو هو. سراج صاحب وٽ سائين جويو صاحب ۽ مان ڪافي ڀيرا گڏجي وياسين ۽ جويي صاحب لاءِ سندس احترام ۽ پيار ڏسڻ وٽان هوندو هو. هونئن سراج صاحب جو شهيد ڀُٽي صاحب ۽ سائين جي ايم سيد سان به گهرو سُٻنڌ رهيو. ۱۹۵۰ع ۾ هن ميٽرڪ جو امتحان ڊي جي نيشنل ڪاليج ڪراچيءَ مان پاس ڪيو ۽ هو پنهنجي تعليم جو خرچ جناح ڪورٽس ۾ پارٽ ٽائيم ملازمت ڪري پورو ڪندو هو. ۱۹۵۷ع ۾ جڏهن هو سي ايس ايس جو امتحان پاس ڪري سول سروس ۾ ويو ته ان ئي دور ۾ هن جي ڪراچيءَ جي ايس ايم لا ڪاليج ۾ شهيد ڀُٽي سان ملاقات ٿي ۽ سندن اهو دوستيءَ جو تعلق آخر تائين قائم رهيو، اهو ئي سبب آهي جو جڏهن شهيد ڀٽو اقتدار ۾ آيو ته هن هلال پاڪستان جو ايڊيٽر سراج کي بڻايو، ۽ سراج هلال پاڪستان جي صورت ۾ جديد ترقي پسند سنڌي صحافت جا بنياد رکيا، ۽ روشن خيال صحافين جي هڪ وڏي کيپ تيار ڪئي. ڇهن سالن جي مختصر دور ۾ سراج هلال پاڪستان کي وڏي اوج تي پڄايو. جڏهن ۱۹۷۷ع ۾ ضياءُ الحق مارشل لا هنئي ته سراج هلال پاڪستان مان استعيفا ڏئي پنهنجي وڪالت جي ٻيهر شروعات ڪئي. هو انهن ۳۰۳ سرڪار جي ناپسنديده آفيسرن مان هڪ هو، جن کي جبري طور ملازمت مان فارغ ڪيو ويو هو. سراج جو اهو ڪمال هو جو هو شهيد ڀُٽي جو ويجهو دوست هوندي به جتي هن جي مثبت ڳُڻن کي واکاڻيندو هو، اتي هن ڪڏهن به هن جي غلط فيصلن جي تائيد نه ڪئي. ائين ئي سائين جي ايم سيد پڻ سراج جو وڏو احترام ڪندو هو، ۽ سندس اها هر دلعزيز حيثيت دراصل سندس معتبر شخصيت جو مظهر هئي. سراج صاحب جو علمي ۽ تخليقي پورهيو نه رڳو گهڻ رخو آهي، پر ساڳئي وقت تمام معياري پڻ آهي. سنڌي ۽ انگريزي ٻولين تي هن جي مهارت باڪمال هئي. هڪ ڀيري حميد هارون کي مون سراج صاحب جي روبرو ڪراچي جم خانه ۾ پاڻ اهو چوندي ٻڌو ته جيڪڏهن احمد علي خان کان پوءِ پاڪستان ۾ ڊان اخبار جي ايڊيٽر ٿيڻ جو ڪو اهل آهي ته اهو سراج آهي. پر سراج صاحب صحافت کي عملي طرح ڇڏي چڪو هو، ۽ هن واپس صحافت ڏي ورڻ نٿي چاهيو. ڪراچيءَ مان روزاني جاڳو جيتوڻيڪ ف م لاشاريءَ شروع ڪئي پر ان ۾ سراج صاحب جو بنيادي هٿ هو ۽ ان دور ۾ سراج صاحب جا ”سياسي منظرنامو“ جي عنوان سان لکيل تجزياتي مضمون شاندار هئا، جيڪي ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيڻ گهرجن. هلال پاڪستان ۾ لکيل سراج صاحب جا اداريا پڻ ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيڻ گهرجن، جو اها ان دور جي تاريخ آهي. سندن ڪتاب ”سنڌي ٻولي“ پڻ سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد بابت لکيل اهم ڪتابن مان هڪ آهي. سراج جون چند خوبيون اهڙيون آهن، جيڪي هن کي سنڌي سماج ۽ ادب ۾ هڪ منفرد حيثيت ڏين ٿيون. هن سموري زندگي ڪا به دعوى نه ڪئي، نه سنڌ سان عشق جي، نه سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي خدمت جي، ۽ نه پنهنجي ڪارنامن جي. اهو نهٺو سُڀاءُ هن جي اندر جي وڏ-ماڻهپي جو آئينو هو. اُڀامندِي ته سکڻي ڪُنِي آهي، هيءُ ته سنڌ جو سراج هو، جيڪو سنڌي ادب ۾ ناول نگاريءَ جو امتياز هو. مون سراج کي ڪڏهن به ماڻهن تي ڳالهائيندي نه ڏٺو، هڪ مڪمل انگريز ماڻهو هو. رڳو ڪم جي ڳالهه، روايتي اجائي ڊيگهه سراج جي مزاج ۾ ئي نه هئي. مڪمل طور سيلف-ميڊ يعني پنهنجي پورهئي ۽ قابليت جي بنياد تي ٺهيل ماڻهو هو، ان ڪري هميشه قابليت ۽ ادارن جي اهميت جو قائل هوندو هو. ان لاءِ رڳو ڪي سَڌُون نه ڪيائين پر پنهنجو حيدرآباد وارو اباڻو گهر سنڌ ايجوڪيشن ٽرسٽ کي ڏئي مثال پڻ قائم ڪيائين، پر افسوس جو اهو ادارو ڪو ٻوٽو ٻاري نه سگهيو. جڏهن ته سراج صاحب جو اهو خواب هو ته اهو ادارو اڳتي هلي هڪ يونيورسٽيءَ ۾ تبديل ٿئي. منهنجي لاءِ اها ڳالهه ڪنهن اعزاز کان گهٽ ناهي ته هو عمر توڙي ادبي ۽ علمي لحاظ کان وڏو هوندي به مونکي پنهنجي دوستن ۾ شمار ڪندو هو. ۲۰۰۶ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي ادب تي ڪانفرنس ۾ کيس مقالو پڙهڻ لاءِ چيو ويو، طبيعت ناساز هئڻ سبب پنهنجيءَ جاءِ تي کين منهنجو نالو تجويز ڪيائين. سائين جويي صاحب جي ڪتاب ”ادب، ٻولي ۽ تعليم“، ۽ پليجي صاحب جي ڪتاب ”سياسي ادب“ تي لکيل منهنجا تفصيلي مهاڳ پڙهيائين ته ٻنهي ڀيري فون ڪري جيڪي مهربان لفظ چيائين، اهي منهنجي لاءِ ڪنهن اعزاز کان گهٽ نه آهن. ساڳيا رايا جويي صاحب ۽ پليجي صاحب کي به ڏنائين. زندگي تمام مختصر آهي، ۽ ڪو به ماڻهو زندگيءَ ۾ سڀ ڪم پورا نٿو/نٿي ڪري سگهي. سو سراج کان به گهڻا ڪم رهجي ويا هوندا پر هن زندگيءَ ۾ جيڪي ڪجهه ڪيو، اهو به گهٽ نه هو. هر ڪم بيحد معياري ۽ منفرد! لکڻ، ڳالهائڻ، اظهار ڪرڻ، خوش ٿيڻ، ڪاوڙ ڪرڻ، رنجُ ٿيڻ، ڏوراپو ڏيڻ، ۽ راءِ ڏيڻ جو سليقو ته ڪو سراج صاحب کان سکي. خوش ٿيو ته حَسين ۽ شانائتي مرڪ چپن تي، ۽ جي ارهو ٿيو ته منهن ۾ گُهنڊ وجهي بس رڳو نهاريندو، ۽ اهو به هڪ لمحو ۽ بس! وڏا ماڻهو پنهنجي وڏائيءَ جو اظهار رڳو علميت، فڪر، فن يا ادب ذريعي ئي نه پر پنهنجن روين ذريعي به ڪندا آهن. سراج سچ پچ ته سنڌ جو وڏو ماڻهو هو. ٻاهر ماڻهو هن کي پٿر جو ٺهيل سخت مزاج سمجهندا هئا، اندر ۾ ته هو گلن تي پيل ماڪ جهڙو ملائم ماڻهو هو. آخري ڏهن سالن ۾ سنڌ جي ڳالهه نڪرندي هئي ته بي اختيار جُهري پوندو هو ۽ هن جون آدرشي اکيون تشنه خوابن سبب بي اختيار ڀرجي اينديون هيون. خود اعتمادي ۽ خودداريءَ ۾ به سراج جو ڪو مَٽُ نه هو. هاءِ ڪورٽ جي جج ٿيڻ ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ٿيڻ جي آڇَ هن کي انيڪ ڀيرا ٿي، هن هميشه جواب ڏنو. هن جي مثالي خودداريءَ ۽ خوداعتماديءَ جو سبب دراصل هن جي قابليت ۽ هن جي خودشناسي هئي. گهڻن ماڻهن کي زماني جي شناس ته هوندي آهي پر هو خودشناسيءَ کان وانجهيل هوندا آهن، سراج کي خبر هئي ته هو ڪير هو. سراج صاحب ڪو عوامي ماڻهو نه هو، هو مٿئين وچولي طبقي سان واسطو رکندڙ، وچولي ۽ مٿئين طبقي سان رابطي ۾ رهندڙ اسڪالر، اديب ۽ وڪيل هو. مان سمجهان ٿو ته هو وچولي طبقي لاءِ هڪ رول ماڊل به هو ته ڪو ماڻهو هڪ ڪامياب زندگي ۽ ڪيريئر باوجود پنهنجيءَ ٻوليءَ، ادب ۽ قوم لاءِ ڇا ڇا نه ٿو ڪري سگهي. اڪثر وڏن ماڻهن جو اولاد يا گهر جا ڀاتي سندن ڇڏيل دڳ تي ناهن هلندا، پر سراج صاحب پنهنجي اولاد ۽ گهر ڀاتين ۾ سنڌيت جو اهڙو ته روح ڦُوڪيو، جو اڄ سندس ننڍي ڀاءَ اعجاز ميمڻ، سندس ڀيڻ ڊاڪٽر فهميده حسين، ۽ پٽن ڊاڪٽر امجد سراج ۽ ارشد سراج کي ڏسي جيڪا تصوير جُڙندي، اُها هوبهو سراج جي تصوير آهي. ساڳيو سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ پيار، خدمت جو جذبو، علميت ۽ فضيلت. ٻين فيبروريءَ ۲۰۱۳ع تي سنڌ جي هن باوقار اديب، دانشور، محقق، پارکو ۽ عاشق آخري ڀيرو سنڌ ۽ هن سنسار ڏانهن پنهنجي شانائتي مرڪ سان نهاري پنهنجون تشنه خوابن واريون اکيون هميشه لاءِ ٻُوٽي ڇڏيون، ۽ ڪراچيءَ جي گِذري قبرستان ۾ ان مٽيءَ سان وڃي مليو، جنهن جي علمي ۽ ادبي هُڳاءَ جو نالو سراج هو. سراج سنڌي ادب ۽ صحافت جو املهه ماڻڪ - ۲ فيبروري ٻي ورسي جي مناسبت سان زاهد ڪاڪا سنڌي ادب جي جرڪندڙ ستاري سراج کي قدرت ناول نگاري، لسانيات، ڪهاڻي کيتر، ترجمي، تحقيق ، ۽ صحافت ۾ هڪ ئي وقت پاڻ موکي سنڌي ادب جي آبياري ڪري ان کي ميوي دار وڻ بنائڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جو اعزاز بخشيو. سراج ۲۴ آڪٽومبر ۱۹۳۳ع تي ٽنڊي ڄام ۾ محمد يعقوب ”نياز“ ميمڻ جي گهر ۾ اک کولي. سندس والد بهترين استاد، علم ادب سان لنئون لڳل ۽ فارسي زبان جو وڏو ڄاڻو حافظ شيزازيءَ جي ديوان حافظ کي سنڌي ۾ ترجمون ڪرڻ سندس قابليت تي دلالت ڪري ٿو. سراج ۱۸ سالن جي ڄمار ۾ برک اديب ۽ بيباڪ صحافي محمد عثمان ڏيپلائي جي اداره انسانيت ۾ پررف ريڊرنگ ۽ ترجمن جواجرت آغاز ڪيو ۽ ائين کيس ڏيپلائي جي بٺيءَ مان پچي راس ٿيڻ جو موقعو مليو محمد ابراهيم جويي سان سندس ڏيٺ ويٺ ڏيپلائي صاحب جي ڪري ئي ٿي. سندس ادبي سفر جي شروعات ترجمن سان ٿي جنهن ۾ سڀ کان پهرين هن ڪرشن چندر جي ناول جب صبح هوتي هي. جو ترجمو ”ڏکڻ مان ٿو سج اڀري“ نالي سان کان علاوه ”چين جي هارين کي زمين ڪيئن ملي“، ”انسان ۽ انسانيت جي تاريخ“ ترجما ڪيا. سراج انتهائي باصلاحيت ۽ ذهين نوجوان هو ادبي بورڊ ۾ هوندي ئي ۱۹۵۷ع ۾ سي ايس ايس جو امتحان پاس ڪري انڪم ٽيڪم آفيسر بڻيو. ان عرصي ۾ سندس ٻه ترجما پي ايس ڇپلاڻي. جي ڪتاب جو سنڌي اقتصادي تاريخ ٻيو ”چونڊ آمريڪي افسانا“ غلام رباني آگري سان گڏ ڪيا. ون يونٽ واري ان زماني ۾ جڏهن سنڌ جو نالو کڻڻ به ڪاريهر تي پير رکڻ برابر هو. سراج سرڪاري ملازم هئڻ جي باوجود پنهنجو قلمي پورهيو دليريءَ سان جاري رکيو. (جنهن جي پاداش ۾ اڳتي هلي ۱۹۷۰ع ۾ کيس نوڪري مان نيڪالي ڏني وئي). انھن ڏينهن ۾ ۱۹۵۹ع سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد بابت سنڌ جي برک عالم ۽ گهڻ رخي شخصيت ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سنڌ ٻوليءَ جي قدامت بابت ارنيسٽ ٽرمپ ۽ سرگريئرسن پاران سنڌيءَ کي سنسڪرت ڄائي قرار ڏيڻ واري نظريي کي رد ڪري ان کي سامي صفت زبان يعني سنسڪرت جي ڀيڻ قرار ڏنو. ۲۶ سالن جي نوجوان سراج، ڊاڪٽر بلوچ توري ٽرمپ وارن نظرين کي آمريڪي آرڪيلاجسٽ نوح ڪريمر جي کوجنا ۽ پنهنجي تحقيق جي آڌارتي رد ڪري ادب ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو. سراج جو نظريو آهي ته سنڌي سنسڪرت جي ڌيءُ يا ڀيڻ نه پر ماءُ آهي. سميري تهذيب جو سنڌي تهذيب تي اثر نه ٿيو آهي پر بابل ۽ سمير جي تهذيب تي سڌو تهذيب جا اثر نمايان نظر اچن ٿا. سراج کي شهرت جي آسمان تي پهچائيندڙ اهو نظريو هو. سنڌ جي ٻنهي عالمن ۾ ٻوليءَ جي بڻ بڻياد بابت، مهراڻ رسالي ۾ علمي بحث (۱۹۵۹ع کان ۱۹۶۱ع ) تائين هلندو رهيو. جنهن بعد ٻنهي ٻولي جي ماهرن جا پنهنجي نظرين جي دليلن تي ٻڌل ڪتاب ”سنڌي ٻولي“ ۱۹۶۴ع، سراج ۽ ”سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ“ ڊاڪٽر بلوچ منظر عام تي آيا. سراج سنڌي ناول جو پڻ سگهارونانءُ آهي. ارغون تر خان جي قهري ڪارروائين تي سندس پهريون ناول ”پراڏو سو سڏ“ شاهڪار ناول آهي. جيڪو ۱۹۷۰ع ۾ ڇپيو ”مرڻ مون سين آءُ“ کان علاوه سنڌي ناولن ۾ ٽريالاجي ڏيندڙ پهريون ناول نگارهو. سندس ٽريا لاجي پياسي ڌرتي رمندا بادل جا ٽئي ناول ”منهنجي دنيا هيڪل ويا ڪل“ ، ”تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول“ ۽ ”منهنجي دنيا مرگهه ترشنا“ بهترين ناول آهن. سندس ناولن تي تبصرو ڪندي مختيار احمد ملاح لکي ٿو ته” سراج جا ناول سنڌ جي تاريخي، سماجي، معاشي ۽ رومانوي حالتن جي عڪاسي ڪن ٿا. انهن جي ٻولي، اسلوب ۽ رواني بهتر هوندي آهي. سراج پنهنجي ناولن ۾ سنڌ جي اوائلي تاريخ کي اجاگر ڪيو آهي هن جي ناول ۾ جذبات نگاري جو عنصر غالب آهي. هو پڙهندڙ جي جذبات کي اڀاري ٿو. هوائين محسوس ٿا ڪن ته سندن ئي جذبن جي عڪاسي ٿي رهي آهي“. سراج صحافت ميدان ۾ جدت آڻيندي هر سياسي، سماجي عوامي اهم مسئلي کي پنهنجي قلم جو موضوع بڻائي وائکو ڪيو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي هلال پاڪستان اخبار عبدالشڪور منشيءَ کان خريد ڪرڻ کانپوءِ سراج کي ان جو ايڊيٽر مقرر ڪيو. جتي هن صحافت ۾ نوان لاڙا آندا. هو جديد سنڌي صحافت جو بانيڪار رهو سندس جاڳو اخبار ۾ ”سياسي منظر نامو“ جي سري هيٺ لکيل ڪالم پنهنجو مٽ پاڻ آهن. سراج ڪهاڻي کيتر ۾ به پاڻ ملهايو، ”اي درد هلي آءُ“ ۽ ”اٺون ماڻهو“ سندس ڪهاڻين جا ڳٽڪا آهن ۲۰۱۱ع ۾ سندس خدمتن جي مڃتا طور کيس ستاره امتياز اعزاز ڏنو ويو. سندس ڪتاب سنڌي ٻولي تازو سندس پٽ ڊاڪٽر امجد سراج انگريزي ۾ ترجمو ڪري بين الاقوامي سطح تي سندس تحقيق کي پهچائڻ جي راهه هموار ڪئي آهي. سندس اڻڇپيل ڪتابن ۾ ٻه انگريزي ڪتاب جيڪي سراج زندگيءُ جي آخري سالن ۾ لکيا هئا. ”آٽو بانيوگرافي آف ائن ان نون سنڌي“ ۽ ”هسٽري آف سنڌي لئنگويج“ کان علاوه سندس اخبارن ۾ لکيل ڪالم پڻ ڪتابي صورت ۾ پڌرانه ٿيا آهن. سندس وڇوڙي بعد سنڌي ادبي بورڊ اينٿالاجي ڇپائي آهي، جنهن کي نامياري محقق شاعر ليکڪ ۽ اديب سائين تاج جويو وڏي محنت سان ”سراج: سنڌ جو ديومالائي ڪردار“ جي عنوان هيٺ ترتيب ڏني آهي ان ۾ واقعي به مون لاءِ انڪشاف هو ته سراج هڪ سٺو شاعر به هو. تاج جويي صاحب پنهنجي مقالي ۾ سراج جو هڪ نظم ڪراچي ڏنو آهي جيڪو نه صرف هڪ شاهڪار نظم آهي. پر ڪيترا ئي سال اڳ سراج ڪراچي جي تاريخي حالتن جي جيڪا تصوير ڪشي ڪئي آهي، اڄ جي حالتن جي به ڀرپور عڪاسي ڪري پئي. اي ڪراچي، جانِ سنڌ، روح وطن. اڳ به تون سوداگرن جو شهر هئين. اڄ به تون سوداگرن جو آن وطن. پر ٻنهي سوداگرن ۾ فرق آهه ! اڳ جا سوداگر ڪندا صرف هڪ سوداگري. سر ڏئي پنهنجي وطن کي غيرکان ڳنهنذا ها. اڄ جا سوداگر ته پيا نيلام ڪن پنهنجو وطن. ڪڻڪ جي مٺ تي وڪامي ٿو بهشت ! اي ڪراچي، جانِ سنڌ، روح وطن. تنهنجو ئي ماحول ڏس ڪيڏو آهي! اجنبي! تنهنجو ساگر ڪيترو مايوس آهه! هر گهٽيءَ ۾ لٽجي پيو آد ميت جو سهاڳ. سون چانديءَ جي سجايل جانڊهن ۾ اندران ئي اندران ڏس زندگي پسجي پئي آبرو لٽجي پئي. امن و آزاديءَ سندي ظاهر ظهور! غير ڏس ڪيڏو نه آهي سر بلند ڪيترو مضبوط آهي سامراج! ڊرامانگار طور سندس سنگيت ناٽڪ ”تنهنجي تند تنوار“ ۽ هڪ ترجمو ڪيل ”اڪبر جي حياتي وارو هڪ ڏينهن“ شامل آهن. سراج جي ناولن تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول، تنهنجي دنيا هيڪل ويا ڪل، منهنجي دنيا مرگهه ترشنا ۽ ڪهاڻين جي ڳٽڪي اي درد هلي آءُ جي نالن مان ظاهر ٿئي ٿوته سراج سنڌ جي ناليواري شاعر نياز همايوني جي شاعري کان متاثر هو سنڌ جو هي سرموڙ اديب ۲ فيبروري ۲۰۱۳ع تي اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو سندس شاندار علمي ادبي خدمتن جي ڪري پاڻ هميشه عزت ۽ احترام سان ياد ڪيو ويندو ٻي ورسي جي موقعي تي سندس گرانقندر شخصيت کي لطيف سرڪار جي هنن سٽن سان ياد ڪيون ٿا: اڄ نه اوطاقن ۾ سندي جوڳين ذات ساري سنياسين کي، رنم ساري رات مون تنين جي تات، سي لاهوتي لڏي ويا. سنڌ جو سراج ڊاڪٽر فهميده حسين سنڌ جي ناليواري دانشور، اديب، صحافي ۽ وڪيل سراج الحق ميمڻ جي ڪالهه ۲ فيبروري تي ۳ ورسيءَ هُئي. اسان کان جڏهن اسان جو ڪو پيارو، دل گهريو دوست، عزيز يا مائٽ وڇڙندو آهي ته ائين لڳندو آهي ڄڻ ته دل ڌڙڪڻ ڇڏي ڏيندي، ذهن ڪم ڪرڻ وساري ويهندو ۽ لڱ بي ست ۽ بيجان بڻجي ويندا، پر وقت وڏو مرهم آهي، جيڪو دل دماغ ۽ بدن کي مليل گهاون کي ڀريِ ڇڏيندو آهي، خاص ڪري ان وقت جڏهن ان شخص جي ياد ۾ ڏکوئجڻ ۽ روئڻ بدران ان کي ملهائجي ۽ ماڻجي، سو ادا سراج جي پهرين ورسيءَ تي اسان وچن ڪيو هو ته اسين سندس يادن کي ملهائينداسين ۽ سندس سنڌ سان الستي عشق کي ڳائينداسين ۽ ان جو مانُ وڌائينداسين. سنڌ هن جي محبوبه هئي، سندس دل پنهنجي ڌرتيءَ لاءِ ڌڙڪندي هئي، ان جو هر ڏک ۽ درد هن کي روئاڙي وجهندو هو، هُن پنهنجي هن ڪنوار ڌرتيءَ جي سلطانيءَ سهاڳ جا سپنا سرجيا هئا ۽ انهن جي ساڀيان جي لاءِ ڏينهن رات پاڻ پتوڙيو هو، پنهنجي قلم جي پورهيي سان ان کي سينگاريو ۽ سنواريو هو. هو پنهنجي سپنن جي ساڀيان جو انتظار ڪندي ڪندي ابدي ننڊ ڪرڻ لاءِ ڌرتيءَ جي هنج ۾ وڃي ستو آهي پر ويندي ويندي هو اسان کان پنهنجن پونيرن کان سنڌ سان نينهن نڀائڻ جو وچن وٺي ويو ۽ پنهنجي لاءِ روئڻ کان منع ڪري سنڌ جي سُورن تي ڏکوئجي انهن کي دور ڪرڻ جو درس ڏئي ويو هو. ان ڪري جڏهن سندس پهرين ورسي آئي هئي ته سندس پٽن ان کي ورسي نه پر celebration ڪري ملهائڻ جو رواج وڌو ۽ سندس ياد ۾ اسان سڀني گڏجي سراج انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽيڊيز قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو، ۽ سنڌ سان لاڳاپيل سندس دلپسند موضوعن تي تحقيق ڪرڻ ۽ ڪرائڻ جو وچن ڪيو. انهيءَ وچن تي سندس ٻي ورسيءَ تي پورو لهندي اهو انسٽيٽيوٽ قائم ڪيو ويو، جنهن جي طرفان پهرئين مرحلي تي سندس ٽي ڪتاب پڌرا ڪيا ويا، جن مان ٻه سنڌيءَ ۾ ۽ هڪ انگريزيءَ ۾ آهي. پهريون ڪتاب ”ڏاهپ ۽ ڏات جي لاٽ“ آهي جنهن ۾ سنڌ جي اهڙن ڏات ڌڻين جي ذات جي باري ۾ سندس لکيل ڪالم آهن. جن جي ڏات سنڌ ۾ ساڃهه ۽ ڏاهپ جي لاٽ سان سوجهرو ڪيو ۽ دنيا کي ڏيکاريو ته سنڌين وٽ پنهنجي علم ۽ دانش جا ڪهڙا ڪهڙا گوهر موجود رهيا آهن. ادا سراج جو ٻيو ڪتاب جيڪو ان موقعي تي پڌرو ڪيو ويو، سو هو سندس ڪالمن جو مجموعو. اسي ۽ نوي جي ڏهاڪي ۾ لکيل سندس اهي ڪالم ”سياسي منظر نامو“ جي عنوان سان باقاعدي ڇپيا هئا، جن ۾ سموري دنيا جي سياسي تناظر ۾ سنڌ جو منظر نامو پڙهي ائين ٿو لڳي ته وقت کي گذرڻ وسري ويو آهي، ورهين جا ورهيه لنگهي وڃڻ کانپوءِ به اهو اتي ئي بيٺو آهي ۽ سنڌ جو منظر نامو صفا ساڳيو آهي. اهو اڄ جي سياسيات جي شاگردن لاءِ اهم مطالعو پيش ڪري ٿو، جنهن سان هو سنڌ، پاڪستان ۽ سموري دنيا ۾ هلندڙ سياسي شعبن کي سمجهي سگهن ٿا. سراج جو ٽيون ڪتاب سندس دماغ ۽ دل جي بنهه ويجهي موضوع بابت آهي، جيڪو آهي ”سنڌي ٻولي“، سن ۱۹۶۴ ۾ ڇپيل سندس ڪتاب ”سنڌي ٻولي“ جيڪا بيٺل تلاءَ ۾ اڇلايل پٿر واري ڪيفيت پيدا ڪئي هئي، ان کي اڃا وڌيڪ دليلن جي ضرورت هئي، جيڪي هن گڏ ڪري رکيا هئا، پر زندگيءَ هن کي مهلت نه ڏني ۽ هو اهي ڇپائي نه سگهيو. گهڻي وقت کان هن محسوس ڪري ورتو هو ته اهو موضوع اهڙو هو جنهن تي عالمي سطح تي تحقيق هلندڙ آهي، ان ۾ سنڌ جو نڪته نظر اڻلڀ آهي، تنهن ڪري ضروري آهي ته اسان جو مؤقف انگريزيءَ ۾ پيش ٿيڻ گهرجي. اهو ئي سبب هو جو هن پنهنجو اهو ڪتاب پنهنجي پٽ ڊاڪٽر امجد سراج کان انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪرائي ڇپرايو، ان کانپوءِ ان بابت ڪيل وڌيڪ تحقيق پڻ انگريزيءَ ۾ لکي ۽ سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ بابت تاريخ جي نالي ۾ ڪيل ڪتاب جو نالو ئي رکيائين: Story of Sindh (Hi) and Sindhi Language اهو ڪتاب پڻ سندس ٻي ورسيءَ تي پڌرو ٿيو، سراج جي دل کي ويجهو هڪ اهم موضوع ”شاهه لطيف“ به هو. پاڻ شاهه تي جديد انداز ۾ ڪيترا تنقيدي مضمون به لکيائين، سندس انهيءَ پهلوءَ کي سامهون رکي سراج انسٽيٽيوٽ طرفان ٽماهي ليڪچر سيريز شروع ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ شاهه جا پارکو شاهه شناسيءَ جي عنوان هيٺ نت نون پهلوئن کي اجاگر ڪندا آهن، هن وقت تائين ٽي ليڪچر ٿي چڪا آهن، جيڪي محترم جامي چانڊيي، تاج جويي ۽ منهنجي طرفان ڏنا ويا. گهٽ ۾ گهٽ ڏهه اهڙا ليڪچر مڪمل ٿيڻ کانپوءِ انهن کي پڻ سهيڙي شايع ڪيو ويندو. هن سال ادا سراج جي ٽين ورسيءَ جو پروگرام رٿڻ ويٺاسين ته سراج انسٽيٽيوٽ جي بورڊ جي هڪ ساٿي محترم مظهر جميل ڏاڍي دلچسپ ڳالهه ڪئي، چيائين ته سراج صاحب مدي خارج روايتن جي خلاف هو، ان ڪري سندس ورسيءَ جو پروگرام به ايصال ثواب کان اڳتي ۽ غير روايتي هئڻ گهرجي. ايصال ثواب خالص ذاتي معاملو آهي، اهو سندس گهر ڀاتين تي ڇڏيو ته جيئن کپين تيئن ڪن پر هڪ اديب ۽ دانشور جي حيثيت ۾ سندس ورسي ڪجهه نئين انداز ۾ ملهائڻ گهرجي“ – سوهن دفعي آچر ۷ فيبروريءَ تي ادا جي ورسي ڪجهه نئين انداز سان ملهائڻ جو پروگرام رٿيو ويو آهي، ڪتابن جي پڌرائيءَ جي حوالي سان ٽن نون ڪتابن جو مهورت ڪرايو ويندو. سراج سنڌي ٻوليءَ جو بهترين نثر نگار هو پر اها ڳالهه تمام گهٽ ماڻهن کي معلوم هوندي ته سراج هڪ سٺو شاعر به هو. هن ٽيِن ورسيءَ جي موقعي تي سندس هڪ ڪتاب شاعريءَ ۽ منظوم ڊرامن تي مشتمل ڇاپيو ويو آهي، جنهن ۾ سندس مشهور نظم ”ڪراچي“ به آهي، جيڪو ۱۹۵۷ جو لکيل آهي، جنهن ۾ ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جو نوحو آهي، جيڪو پڙهي ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ اهو اڄ ۲۰۱۶ ۾ لکيو ويو آهي، هن ڪتاب جو نالو آهي ”تنهنجي تند تنوار“. ٻيو ڪتاب سراج جي جڳ مشهور ناول ”پڙاڏو سوئي سڏ“ جو انگريزي ترجمو Echo is the call نالي آهي، جيڪو ڊاڪٽر امجد سراج ڪيو آهي، جنهن نوجوانن ۾ سنڌ جي تارخ جو رومانس اجاگر ڪيو هو، هاڻي ان جو ساءُ سنڌ کان ٻاهر به ضرور محسوس ڪيو ويندو. هن موقعي تي پڌرو ٿيندڙ ٽيون ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جو اصل نسل“ اهو مضمونن ۽ مقالن جي سهيڙ آهي، جيڪي سراج جي سنڌي ٻوليءَ جي باري ۾ قائم ڪيل نظريي جي پَس منظر ۽ پيش منظر ۾ لکيا ويا. سراج جو اهو نظريو هو ته سنڌي ٻولي سنڌ جي اصلوڪي بنيادي ۽ بڻائتي ٻولي آهي نه اها ڪٿان ٻاهران آئي، نه ئي اها ڪنهن ٻي ٻوليءَ مان نڪتي آهي، مختلف دورن ۾ ساڻس رابطي ۾ ايندڙ ٻولين مٿس اثر ضرور ڪيو آهي، پر پنهنجي بنيادي ساخت ۾ اها اڄ به نج پج ساڳي آهي، هنن مضمونن کي پڙهڻ کانپوءِ بهتر انداز ۾ سمجهه ۾ اچي ٿو: هن ڪتاب ۾ پنجاهه جي ڏهاڪي کان ۲۱ صديءَ تائين ڇپجندڙ ڪيترائي بحث مباحثا ۽ اختلافي رايا شامل آهن، جيڪي سنڌي ٻوليءَ ۽ لسانيات جي شاگردن کي يقيناً متاثر ڪندا. اهڙي نموني سنڌ جي سراج، سراج الحق ميمڻ کي غير روايتي انداز ۾ ڀيٽا ڏئي سندس ورسي ملهائيندي اڄ اسين فخر مند آهيون ته اسان کان جسماني طور وڇڙي ويل اسان جو موڀي ڀاءُ، ڪيئن نه اسان جي دلين ۾ يادن ۾، ڪتابن جي ورقن ۾ ۽ اهڙين گڏجاڻين ۾ زندهه آهي ۽ رهندو. اڄ سندس پٽ پوٽا ۽ پوٽيون سندس نقش قدم تي هلي سنڌي ادب، ٻوليءَ ۽ سماج جي دامن کي وسيع ڪندي انهن جي ترقيءَ ۾ اڳڀرا آهن. جهوريان جهونا ڪوڙ الو ميان، ڪوٽ سوين ڪيرايان، ڌرتي منهنجو ديس مگر، مان سنڌڙي جندڙيءَ لايان. سراج سنڌوءَ جي ساڃاهه علي نواز آريسر سراج، سنڌي ٻوليءَ جو اُهو سگهارو قلمڪار آهي، جنهن سنڌي ٻوليءَ سان انتها جي حد تائين عشق ڪيو، هن سنڌي ادب ۾ جيڪي نوان لاڙا آندا، سي تاريخ جو هڪ مثال بڻجي ويا، ڇاڪاڻ ته هن سڄي زندگي اُهو ادب تخليق ڪيو، جنهن جي سنڌ کي ضرورت هُئي. هن سنڌي ٻوليءَ بابت نج سنڌيت جي جذبي هيٺ جڏهن پنهنجو منفرد نظريو قائم ڪيو، اُن وقت سندس منهن تي مُڇن جي ساول به نه آئي هُئي، هو ان وقت جيتوڻيڪ ٻوليءَ جي وصفن ۽ گهراين کان به ايترو واقف نه هوندو، پر سندس اندر ۾ ويٺل سنڌ جي عشق، نه رُڳو کيس ٻوليءَ جي سڀني وصفن کان آگاهه ڪيو، پر هن ان وقت بيٺل پاڻيءَ ۾ ڄڻ ته پٿر اُڇلايو هو. اُن جو پسمنظر هي آهي ته: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۱۹۵۹ع ڌاري ٽه ماهي مهراڻ ۾ ’سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ‘ جي عنوان سان هڪ مضمون لکي، سنڌي ٻوليءَ بابت پنهنجي راءِ قائم ڪئي، ته ’سنڌي ٻولي، سامي صفت زبانن مان هڪ آهي.‘ اُن وقت سراج جي ذهن ۾ مانڌاڻ مچي پيو، هن انهيءَ مانڌاڻ جو ذڪر جڏهن سنڌي ٻوليءَ جي عالم محمد ابراهيم جويي سان ڪيو ته جويي صاحب کيس چيو: ”جواب ڇو نه ٿو لکين؟“. سراج اُن وقت هڪو ٻڪو ٿي ويو هو ته ڪٿي ڊاڪٽر بلوچ جهڙو جيد عالم ۽ ڪٿي سراج جهڙو شاگرد ۽ الهڙ جوان! وقت پنهنجي رفتار سان گذرندو رهيو، سراج جي دل ۾ ٻوليءَ جو درد قرض بڻجي دُکندو رهيو ۽ ذهن ۾ سنڌ جي عشق جا اُلا ڀڀڙ بڻجي ڀڙڪندا رهيا. سنڌي ٻوليءَ جا عاشق- محمد ابراهيم جويو، شيخ اياز، مولانا غلام محمد گرامي، شمشيرالحيدري، غلام رباني آگرو ۽ نياز همايوني کانئس بار بار پُڇندا رهيا ته جواب جو ڇا ڪيئي؟ اهڙيءَ ريت هُو پنهنجي دل ۽ ذهن جي انهيءَ آڙاهه کي جهڪو ڪرڻ خاطر سياري جي سرد راتين ۾ نڪري پيو موهن جي دڙي جي کنڊرن کي ڦلهورڻ. اُهو موهن جو دڙو، جيڪو پنهنجي اندر ۾ ڪيتريون تاريخي ڪٿائون دفن ڪري ويٺو هو، اُهو موهن جو دڙو، جيڪو سنڌ جي آڳاٽي تاريخ جو اهم ۽ انوکو مثال هو. انهيءَ موهن جي دڙي جي کنڊرن ۾ راتين جون ننڊون ڦٽائي، سراج سنڌي ٻوليءَ جي آڳاٽي تاريخ جو تت ڳولي ڪڍيو. مسلسل جفاڪشي ۽ جاکوڙ کانپوءِ، هن ۱۹۶۱ع ۾ هڪ طويل مضمون لکيو. جنهن جي جواب ۾ وري ڊاڪٽر صاحب هڪ مضمون لکيو ۽ پوءِ ۱۹۶۴ع ۾ سراج ’سنڌي ٻولي‘ نالي هڪ ڪتاب لکي، سنڌي ادب جي جهول ۾ وڌو. جيتوڻيڪ اُن وقت هن ڪتاب تي مختلف اديبن پاران سخت تنقيدون ٿيون، بحث مباحثا ٿيا، ڪتاب ۾ قائم نظريي کي غلط ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر چوندا آهن ته ڪڏهن ڪڏهن تاريخ پنهنجو پاڻ کي ورجائيندي آهي ۽ اُهو ورجاءُ اهو آهي جو اڄ سنڌي ٻوليءَ جا سمورا محافظ ’سراج جي نظريي‘ آڏو مٿو ٽيڪي بيٺل نظر اچي رهيا آهن. خود ڊاڪٽر بلوچ هڪ پروگرام ۾ سراج جي پُٺي ٺپري چيو هو ته: ’نوجوان! اڄ آءٌ به تنهنجي راءِ سان متفق آهيان.‘ سراج جيتوڻيڪ اُن وقت ڪو ايڏو وڏو محقق نقاد نه هو، پر هُو سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جو عاشق هو، جنهن سنڌ سان سسئيءَ جهڙو عشق ڪيو هو ۽ سسئيءَ جيان جهنگ جبل جهاڳڻ شروع ڪيا هئا. سراج رُڳو محقق هجي ها ته ڪنهن پراڻي طئه ٿيل نظريي تي بيهي رهي ها، پر هُو ته تخليقڪار هو ۽ تخليقڪار ئي انتها جي حد تائين عشق ڪري سگهي ٿو. سراج عاشق نه هجي ها ته ٻاروتڻ ۾ پڙهيل الف- ب واري پٽي، سندس ذهن تي اُڪريل نه هجي ها! – ۽ ها، اُهو ٻوليءَ جو عشق، کيس پنهنجي والد صاحب محمد يعقوب ’نياز‘ کان وِرثي ۾ مليو هو. سراج، ٻيو جيڪو وڏو ڪم ڪيو، اُهو ڪم هو ’سنڌ جي تاريخي پسمنظر ۾ ناول لکڻ،‘ سراج جو پهريون ناول ‘پڙاڏو سوئي سڏ’ تاريخي پسمنظر ۾ لکيل سنڌيءَ جو پهريون اهم ناول آهي، جنهن جا هن وقت تائين ڏهن کان وڌيڪ ڇاپا پڌرا ٿي چُڪا آهن ۽ هيءَ ناول، سنڌي ادب جي شاگردن کي ايم. اي ۾ سبجيڪٽ طور پڙهايو ويندو آهي. هن ناول جي ٻولي، جيتوڻيڪ سادي آهي، پر ناول ۾ جيڪو انقلابي نُڪتو کنيو ويو آهي، تنهن سنڌ جي قومي هلچل ۾ چڱو خاصو اُڀار آندو. هي ناول ترخانن جي سنڌ سان ڪيل ڏاڍاين خلاف آهي. سراج صاحب جي مٿين راءِ اهو ثابت ڪري ٿي ته سنڌي ماڻهو ويڙهه جو عمل ۽ منظم جدوجهد هن دور ۾ سکيا. سراج هن ناول ۾ ’جيئي سنڌ‘ جو نعرو به متعارف ڪرايو آهي، جنهن سنڌ جي قومي هلچل ۾ تمام گهڻي مقبوليت ماڻي. اهڙيءَ طرح سراج هن ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو به لکيو، جيڪو ’مرڻ مون سين آءُ‘ جي نالي سان گهڻو پوءِ ڇپيو. اهڙيءَ طرح سراج وقت جي نبض تي هٿ رکي ادب تخليق ڪندو رهيو ۽ ان سلسلي تحت هن سنڌي ناولن ۾ ’ٽريالاجي‘ به متعارف ڪرائي، هن ٽريالاجيءَ ۾ سندس ٽي ناول: ’منهنجي دنيا هيڪل وياڪل‘، ’تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول‘ ۽ ’منهنجي دنيا مِرگهه ترشنا‘، شامل ڪيا، جيڪي ٽريالاجيءَ طور ’پياسي ڌرتي رمندا بادل‘ نالي سان ڇپيا. هن کان اڳ ڪنهن سنڌي مصنف سنڌي ناول جي ٽريالاجي نه لکي هُئي. مجموعي طور سراج هر دور ۾ متحرڪ قلمڪار رهيو آهي. هن ڪهاڻيون به لکيون ته شاعري به ڪئي. منظوم ناٽڪ به لکيا ته لاتعداد ڪالم به لکيا. هو جڏهن هلال پاڪستان اخبار جو ايڊيٽر هو، تڏهن’ملان جي ڊوڙ‘، ’سياسي منظر نامو‘ ۽ ‘رتيءَ جي رهاڻ‘سِري هيٺ لاتعداد مضمون ۽ تجزيا لکيائين، سندس اهي ڪالم اڄ به پڙهجن ٿا ته ايئن پيو محسوس ٿئي، ڄڻ اڄ جي حالتن تي لکيا ويا آهن، ڇاڪاڻ ته سنڌ جون حالتون اڃا تائين ساڳئي پسمنظر ۾ ساهه کڻي رهيون آهن. سراج جي ٻين ڪتابن ۾: ’سج ڏکڻ مان ٿو اُڀري‘ (ڪرشنچندر جي ناول جو ترجمو:۱۹۵۳ع)، ’سنڌ جي اقتصادي تاريخ‘ (ايس. پي ڇٻلاڻيءَ جي ڪتاب جو ترجمو (۱۹۵۸ع)، ’چونڊ آمريڪي افسانا‘ (ترجمو:۱۹۵۸ع)، ’اي درد هلي آءُ‘ (ڪهاڻيون:۱۹۶۲ع)، ’اٺون ماڻهو (ڪهاڻيون‘:۱۹۸۵ع)، ’سياسي منظر نامو‘ (۲۰۱۵ع) ’ڏات ۽ ڏاهپ جي لاٽ‘ (۲۰۱۵ع) شامل آهن. منهنجي سراج صاحب سان صرف هڪ ملاقات ٿي هُئي، اُن وقت آءٌ عمر ۾ ڪافي ننڍو هئس، هڪ ڀيري آريسر صاحب [عبدالواحد آريسر] سان گڏجي ڪراچيءَ ويو هئس ۽ پوءِ اسان شمشيرالحيدريءَ سان گڏجي، سراج صاحب سان مليا هُئاسين. نهايت ئي سنجيده انسان، ضرورت وقت ڳالهائي رهيو هو، نه ته مسلسل خاموش، پر هن جيڪو به ڳالهايو پئي، ان ۾ سنڌ جو ذڪر هو، سنڌ جي شعور جي ٽمورتيءَ سان گڏ ويٺي مون پنهنجي پاڻ کي خوش نصيب ڀانئيو هو ۽ اُن رات ڪيتري دير تائين ٽنهي جي ڪچهريءَ مان مون علم جا ڪيئي ڪڻا ميڙيا هئا، جيڪي اڄ تائين منهنجي ذهن ۾ سانڍيل آهي. سراج سان منهنجي شناسائي هونئن ته گهڻي پراڻي هئي، ڇاڪاڻ ته مون جيڪو پهريون ناول پڙهيو هو، اُهو سراج جو ناول ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ هو جيڪو اُن وقت ته منهنجي سمجهه ۾ نه آيو هو، پر اڳتي هلي انهيءَ ناول منهنجي ايتري ته رهنمائي ڪئي، جو آءٌ به ’ساڳئي پنڌ جو پانڌيئڙو‘ بڻيو هئس. اهڙيءَ طرح انهي شُناسائيءَ کي عملي صورت اُن رات ملي هئي، جڏهن آءٌ هن جي سامهون خاموش ويٺو کيس ڏسندو رهيو هئس. هماليه جهڙي هن اڏول انسان جي ذهن ۾ ان وقت به سنڌ جي سوچ هُئي. سراج، بابت هڪڙي ٻي اهم ڳالهه آءٌ رڪارڊ تي آڻڻ چاهيان ٿو، جيڪا هن وقت تائين سامهون اچي نه سگهي آهي ۽ اُها ڳالهه مون کي آريسر صاحب، ۲۲ اپريل ۲۰۱۵ع تي راجپوتانا اسپتال جي ڪمري نمبر ۱۲۲ ۾ ٻڌائي هُئي ته: جڏهن بينظير صاحبه پاڪستان ۾ اپوزيشن اڳواڻ هئي، اُن وقت هن ڏکڻ ايشيا جي اپوزيشن اڳواڻن جي ميٽنگ ڪوٺائي هئي، جنهن ميٽنگ ۾ شيخ حسينه واجد کان مختلف صحافي انٽرويو وٺڻ آيا هئا ته حسينه واجد انهن کي وراڻيو هو ته: آءٌ انٽرويو صرف بنگالي ٻوليءَ ۾ ڏيڻ پسند ڪنديس، ظاهر ڳالهه آهي ته هِتان جي صحافين کي بنگالي ٻولي ڪانه ٿي آئي، اُن وقت سراج ميمڻ، حسينه واجد سان مليو ۽ پنهنجو تعارف ڪرائيندي چيائين ته آءٌ توهان جي بابا جو دوست آهيان ۽ ڊاڪا مان به ٿي آيو آهيان، تڏهن هن وراڻيو ته: ’ها، مون اوهان جو ذڪر بابا جي ڊائريءَ ۾ پڙهيو آهي- ۽ پوءِ هن سراج صاحب کي انٽرويو ڏيڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي. اُن وقت پاڪستان ۾ بينظير، بنگلاديش ۾ شيخ حسينه واجد ۽ نيپال ۾ ڪُماري ٽنگا اپوزيشن جون عورت اڳواڻ هُيون. ان مان واضح ٿئي ٿو هو ڪيڏو وڏو ماڻهو هو ۽ ڪيڏو ڪميٽيڊ ۽ واسطا ڳنڍيندڙ انسان هو. سراج صاحب تي وقت جي نقادن ڪيتريون ئي تنقيدون ڪيون، پر هن ڪڏهن مُڙي به انهن کي جواب نه ڏنو ۽ نه هن ڪڏهن ان جي ضرورت محسوس ڪئي، ڇاڪاڻ ته هن ڄاتو ٿي ته تنقيدن جي ور چڙهي پنهنجو وقت وڃائڻ کان بهتر آهي ته عملي ڪم ڪجي ۽ هو سڄي زندگي ڪم ڪندو رهيو. اڄ تاريخ سندس انهن مخالفن جي منهن تي سراج جي تخليقن جي اهڙي ته مُهر هڻي ڇڏي آهي، جو وٽن سندس ادبي تخليقن جي ’اعترافي قبوليت‘ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو بچيو ئي ناهي. سراج، جيڪو سنڌوءَ جي ساڃاهه هو، سو سنڌ کان ۲ فيبروري ۲۰۱۳ع تي جدا ٿي ويو، پر سندس ڏنل نظريو سنڌ ۾ اڄ به شعور جي چڻنگ کي روشن رکيو اچي. سراج پڙاڏو سو ئي سڏ جو خلقيندڙ رکيل مورائي سنڌ جي تاريخ کي، سنڌين جي ڌارين هٿان ٿيل قتلن کي، ۽ مسلسل سنڌ جي آجپي لاءِ وڙهندڙ سنڌي سورمن کي، پنهنجي سنڌي تاريخ تي لکيل پهرئين ڪتاب ”پڙاڏو سوئي سڏ ۾“، فڪشنائيز ڪندڙ سنڌ جي محب وطن، سنڌ جي حقن لاءِ الڳ محاذن تان پنهنجو آواز سنڌي توڻي انگريزيءَ ۾ اٿاريندڙ، سراج الحق ميمڻ، ۽ ادبي دنيا ۾ فقط ” سراج“ لکندڙ اديب، ڪهاڻيڪار، ناول نويس، سنڌي ٻوليءَ کي پهريون ڀيرو سنسڪرت کان به قديم ٻولي سمجهندڙ ۽ ”سنڌي ٻولي“ جهڙو جديد ڪتاب لکندڙ سراج اوڻاسي روهين جي ڄمار ۾ پنهنجو سڀ ڪجهه سنڌ جي حوالي ڪري پاڻ مٽيءَ ماءُ جي هنج ۾ وڃي آرامي ٿيو، ۽ اهو آرام، اهڙو آهي، جيڪو هر ان شيءَ لاءِ ضروري طئه ڪيل آهي، جيڪا ساهه کڻي ٿي. ائين سراج صاحب به سنڌ جي راڄڌان ڪراچيءَ ۾ پنهنجو آخري ساهه کنيو، جو سندس دل شايد ساڻس ان ڪري بيوفائي ڪري وئي، جو هن اها دل ڪنهن آفاقي قوت جي بجاءِ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن. سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ادب سان لڳائي هئي. دلين جون ادائون به عجيب آهن. شايد سراج صاحب جي دل اهو قبول نه ڪيو هوندو، ۽ سندس ساٿ ڇڏي ڏنو. عملي طور سراج صاحب، سنڌي ادبي بورڊ جي پهرئين نوڪريءَ کان شروعات ڪئي جنهن کان پوءِ سي ايس ايس آفيسر ٿيو. جڏهن اها نوڪري کائنس کسي وئي ته ڀٽي صاحب کيس هلال پاڪستان جو ايڊيٽر ڪيو. جيڪو وري سندس زندگيءَ جو الڳ باب آهي ۽ ڀٽي صاحب جي حڪومت ختم ٿيڻ کان پوءِ سراج صاحب هڪ اعليٰ قانوندان طور ملڪ ۾ پنهنجو نالو پيدا ڪيو. ادب، صحافت ۽ وڪالت، هن جي زندگيءَ جا ٽي الڳ الڳ پهلو آهن، جن مان هر هڪ پهلوءَ تي ڪتاب لکي سگهجن ٿا ۽ لکيا به ويندا، هلال پاڪستان اخبار سندس ذڪر کان سواءِ اڻ پوري رهندي، ائين ڪيئي ادارا سندس ذڪر کان سواءِ اڻ پورا رهندا، ۽ اڄ کان پوءِ شايد ميڊم فهميده حسين، ڊاڪٽر امجد سراج، ارشد سراج ۽ نويد سراج به دلي طور اڻپورا آهن، ڇو ته منجهن هاڻ سراج صاحب موجود نه رهيو آهي، ٻيءَ طرح سنڌي ادب پڻ سندس کوٽ محسوس ڪندو، جيتوڻيڪ هو پوئين عمر ۾ سنڌيءَ ۾ ڪجهه لکي نه سگهيو هئو،پر سنڌ جي مسئلن بابت گهڻي عرصي کان هو انگريزي ۾ لکندو رهندو هئو، سرونٽ آف سنڌ سوسائٽي پاران نڪرندڙ انگريزي ڪواٽرلي مئگزين ۾ سندس اهي لکڻيون پڙهي سگهجن ٿيون، نه رڳو پڙهي سگهجن ٿيون پر انهن کي گڏ ڪري ڪتاب جي صورت ۾ به آڻڻ کپي. سراج صاحب انگريزيءَ توڻي سنڌيءَ ۾ ڪجهه به لکڻ کان سواءِ پاڻ کي اڻپورو محسوس ڪندو هئو، ڇاڪاڻ ته سنڌ به اڃا اڻ پوري آهي جنهن کي پورو ٿيڻو آهي. سراج صاحب ۲۴ آڪٽوبر ۱۹۳۳ع تي هڪ تعليمي ماهر محمد يعقوب ميمڻ جي گهر ۾ ٽنڊي ڄام ۾ جنم ورتو ۽ ۲ فيبروري ۲۰۱۳ع تي سنڌ جي راڄڌاني واري شهر ڪراچيءَ ۾ لاڏاڻوڪيو. هن تخليقي طور پڙاڏو سوئي سڏ – ناول، مرڻ مون سين آءُ – ناول، سنڌي ٻولي – تحقيق سنڌي ۽ انگريزي ءَ ۾ ”اي درد هلي آءُ“ ڪهاڻيون، اٺون ماڻهو – ڪهاڻيون، پياسي ڌرتي رمندا بادل – ناول ٽريالاجي لکيا، ترجمي ۾ ”چين جي هارين کي زمين ڪيئن ملي“ ”ڏکڻ مان ٿو سج اڀري“ ”سنڌ جي اقتصادي تاريخ“ ۽ چونڊ آمريڪي افسانا نالي ڪتاب هن سنڌي ٻولي کي ڏنا. ۽ ڄاڻايل ڪتابن کان سواءِ هن اڻ ڳڻيا مضمون، مقالا ۽ ليک سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ لکيا آهن. سراج سندس شخصيت ۽ سنڌ شناسي رکيل مورائي ڳالهه شايد ورجايل آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن پنهنجو ورجاءُ به لکڻ وقت ٿي ويندو آهي، سنڌي ٻوليءَ جي بيمثال لکندڙ سراج صاحب جي حوالي ۾ به شايد ائين ٿئي، ڪيئن به سراج صاحب اهڙو لکندڙ هئو. جنهن جي لکڻين جو اوسيئڙو پڙهندڙ ڪندو ئي هئو، ڊاڪٽر فهميده حسين صاحبه اهو سچ لکيو آهي. سراج صاحب جي هلال اخبار وارو دور اسان جي شعوري عمر واري دور کان اڳ جو آهي، پر جاڳو وارو دور اسان ڏٺو، ان کان اول مون کي برسات جا اهي جهازي سائيز جا پرچا ياد اچن ٿا. جن ۾ سراج صاحب جو ناول ”پياسي ڌرتي رمندا بادل“ قسطن ۾ ڇپبو هئو، سراج صاحب جي هڪ لا جواب تصوير ناول سان ڇپجي هئي، جڏهن ناول جي قسط پڙهي پوري ڪندا هئاسين ته ڪي پل من ۾ ماٺ واسو ڪري ويندي هئي، ڇا ته هن ناول جي ٻولي ۽ منظر نگاري هوندي هئي، تصور ڪبو هئو ته ڪراچي جهڙي شهر ۾ ويهي، اهڙي ٻهراڙي جي حسن سان ڀرپور ٻولي به لکي سگهجي ٿي ڇا؟ ان کان اڳ سراج صاحب جا ناول خاص طور ”پڙاڌو سو ئي سڏ“ ستر جي پڇاڙي ۽ اسيءَ جي شروعات ۾ پڙهيو. حيرت جي حد اها آهي ته ٽياسيءَ جي تحريڪ ۾ سنڌي ماڻهوءَ بلڪل ساڳيءَ طرح ويڙهه ڪئي جيئن سراج صاحب ”پڙادو سو ئي سڏ“ ۾ ڏيکاري آهي، منهنجو ايمان تازو ٿي ويو هئو ته اهم ڪتاب ماڻهن تي، پڙهندڙن تي پنهنجا اثر ائين ڇڏيندا آهن خير. عوامي آواز ۽ جاڳو ۾ ڇپيل سراج صاحب جو ڪالم ”رتيءَ جي رهاڻ“ هر هفتي انهيءَ اتساهه سان پڙهڻ جو موقعو مليو، ڪالمن جي اهائي لاجواب ٻولي، جيتوڻيڪ ٻاهر جو ماحول انهن جي ابتڙ هئو. انهن ڪالمن پڙهڻ وقت اسين ڪراچي جي ڪربلا ۾ هئاسين ۽ سراج صاحب جا ڪالم سچ ته فرات جي پاڻيءَ جيان اسان جي روح جي اڃ اجهائيندا هئا. گذريل صديءَ جي آخري ڏهاڪي جي قيد ۾ پيل سنڌ جو اهو ڪهڙو مسئلو هئو، جيڪو سراج صاحب جي ڪالمن ۾ نه هئو؟ پر سندس ڪالمن جي ٻولي وري به ناول جهڙي وڻندڙ، ڪهڙي به خشڪ موضوع تي ڪالم پڙهڻ لاءِ ملي پر پڙهجي ته ڪهاڻي يا ناول جي باب جون سڪون لهن. کانئس پوءِ آيل سنڌ جي اڪثر تخليقي غربت ۾ مبتلا ڪهاڻيڪارن وانگر هن پنهنجي ڪالم کي هٿرادو نالو ”ڪالم ڪهاڻي“ نه ڏنو، ان کي ڪالم ئي ڪوٺيو ۽ جڏهن هاڻ انهن ڪالمن جو چگو حصو هڪ ڪتابي شڪل ۾ آيو آهي. تڏهن به انهن کي ڪالمن جو سرو ئي ڏنل آهي، ڇاڪاڻ ته سراج صاحب جن به مسئلن تي پنهنجا ڪالم لکيا اهي ان ئي صنف جا گهرجائو هئا. پر ڇاڪاڻ ته هو تخليڪار هئو ان ڪري سندس ٻولي خشڪ هجڻ جي بجاءِ اها ئي تخليقي رهجي وئي آهي، جنهن سبب اڄ به جڏهن ٻيهر، ٽيهر سراج صاحب جا ڪالم پڙهجن ٿا، تڏهن جيتوڻيڪ ڪي موضوع گذريل وقت جا آهن پوءِ اهي تازا توانا ۽ تخليقي محسوس ٿين ٿا. صحافتي لکڻي ۾ تخليقي ٻوليءَ جو ميلاپ سراج صاحب جي ڪالمن کي الڳ سونهن ڏئي ٿو. اهڙو اندازو ڪتاب جي ڪالمن جا سرا پڙهي به ڪري سگهجي ٿو. هنن ڪالمن مان به اهو اندازو لڳائڻ ڪو گهڻو ڏکيو نه آهي ته سراج صاحب ڪجهه به لکڻ وقت پنهنجي تخليڪار واري حيثيت برقرار رکي آهي. سندس ٻولي، لفظن جي چونڊ، شاهه سائين جي شعرن يا شعرن جي ڪن اهم سٽن جو مناسب استعمال، مهاوريدار اظهار، سڀ گڏ جي هن جي هڪ بيمثال تخليقڪار هجڻ جي ساک ڀرين ٿا. سچ ته اهو آهي ته اسان جي نسل سراج صاحب جا ناول ئي پڙهيا، ان ڪري انهن جو اثر پوءِ سندس سڀني لکڻين پڙهڻ وقت ذهن ۾ رهندو آيو. هاڻ جڏهن هو نه رهيو آهي ۽ ڀيڻ فهميده حسين جي ڪوششن ۽ دوست تاج جوئي جي محنتن سان سندس سمورو ڪم سهيڙ جي رهيو آهي ۽ اهو گڏيل ڪتابن جي صورت ۾ اچي رهيو آهي ته نوجوان نسل آڏو سندس ڪيترائي پهلو ظاهر ٿي رهيا آهن، جيڪي اڳ ايترا چٽا نه هئا، هاڻ اسين ڏسي رهيا آهيون ته سراج صاحب ڪهاڻيڪار ، ناول نگار، ناٽڪ نگار، مضمون نگار، شاعر، ٻوليءَ جو ڄاڻو، شاهه جو پارکو، هڪ ئي وقت سنڌي توڻي انگريزي ۾ لکندڙ هئو. ايترن الڳ الڳ حوالن ۾ هڪ اهڙو لکندڙ جنهن جي هر لکڻي پنهنجو نجو تاثر کڻي پرهندڙ وٽ اچي، سنڌي ادب لاءِ ڀاڳ ۽ فخر جي علامت آهي ۽ سچ پچ سراج صاحب سنڌ، سنڌي ادب ۽ ٻولي لاءِ ڀاڳ ئي آهي ”آهي“ مان ان ڪري استعمال ڪريان ٿو جو اسان وٽ اهڙو ئي احساس آهي، ٻيءَ طرح هو پنهنجي ادب جي حوالي سان اسان ۾ اڄ به موجود آهي. ان ڪري کيس لاءِ ”هئو“ لفظ منهنجو قلم لکڻ کان قاصر رهجي وڃي ٿو. ممڪن آهي ته منهنجي دل ۽ دماغ پڻ ائين قبول ڪري ورتو هجي، جيتوڻيڪ هن سال فيبروريءَ ۾ سندس چوٿين ورسي هئي ۽ سندس هن ورسيءَ تي جيڪي ڪتاب شايع ڪرايا ويا آهن رتيءَ جي رهاڻ به انهن ۾ شامل آهي، جيڪو نالو به سندس ئي لکيل ڪالمن جو هئو، جنهن جو تفصيل مٿي اچي چڪو آهي ۽ وڌيڪ ڪتاب جي مرتب تاج جوئي صاحب جي نوٽ ۾ ڏنل آهي. سراج اسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز، پاران ڇپايل هيءُ ستون ڪتاب آهي، ائين سندس سمورو ڪيل پورهيو، جيڪو سمورو سنڌ شناسي بابت آهي ڪتابي صورت ۾ سهيڙجي رهيو آهي. ٻه سئو ستيتاليهن صفحن تي ٻڌل هيءُ بيحد سهڻي پني تي، پڪي جلد سان ڇپيل ڪتاب جو ملهه ساڍا ٽي سئو ريپا آهي. سراج انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز پاران اٺين نمبر ڇپيل ڪتاب جو نالو آهي شاهه لطيف جي آفاقيت جيئن پنهنجي نالي مان ظاهر آهي ته هيءُ ڪتاب شاهه سائين بابت آهي، جنهن کي لطيف شناسي ڪوٺجي ٿو. شاهه سائين جي بيتن جو جيڪو استعمال سراج صاحب جي نثر جي الڳ الڳ صنفن ۾ ڪيل آهي، ان مان ئي سندسن لطيف شناس هجڻ جو پتو پوي ٿو. پر شاهه سائين بابت سندس لکيل مقالا، مضمون ۽ ڪي ليک پڻ سندس هڪ عالم توڻي نقاد واري حيثيت کي اڀاري بيٺا آهن. شاهه سائينءَ بابت لکيل سراج صاحب جا ليک ظاهر آهي ته الڳ وقتن ۽ الڳ الڳ موضوعن تي لکيل آهن، جن مان شاهه سائين جي شاعريءَ جا ڪي نوان پهلو طاهر ٿيڻ لڳن ٿا. ”شاهه لطيف جي آفاقيت“ ڪتاب ۾ سراج صاحب جا نون مضمون، هڪ سرگها توءَ تي رچيل ناٽڪ، هڪ مو کي متارا- لوڪ ڪهاڻي ۽ هڪ ليک شاهه سائين جي بيتن جي انگريزي ترجمي تي آهي، جيڪي ترجما سراج صاحب جا ڪيل آهن، آخري مضمون تاج جوئي صاحب جو آهي، جيڪو هن ڪتاب جو سهيڙيندڙ پڻ آهي، مضمون جو عنوان آهي ” سراج ! شاهه جو شارح“ ائين هڪ بيمثال ڪتاب لطيف شناسيءَ بابت سنڌي ٻوليءَ کي ڏيڻ پڻ سراج صاحب جي سنڌي ٻولي ۽ شاهه سائينءَ سان اٿاهه محبت جي نشاني آهي. شاهه سائين جي فن ۽ فڪر بابت هن ڪتاب جا مضمون موجوده شاهه بابت لکجندڙ لڪير کان الڳ آهن. انهن مان شاهه سائينءَ جي شاعريءَ بابت وڌيڪ ڄاڻ پوي ٿي ۽ ڪجهه ڪجهه نئين ڄاڻ ملي ٿي ، ڇاڪاڻ ته سراج صاحب جي سوچڻ جو انداز نئون هئو. هن جي اظهار جو انداز نئون هئو، ان ڪري هو سنڌي ادب کي گهڻو ڪجهه نئون ڏئي ويو آهي. ”شاهه لطيف جي آفاقيت“ ڪتاب ۾ هڪ سئو نوي صفحا آهن پڪي جلد ۽ سهڻي پني تي ڇپيل لطيف شناسيءَ بابت هن اهم ڪتاب جو ملهه ٻه سئو ريپا آهي، ڪتاب لطيف شناسيءَ سان واسطو رکندڙن لاءِ بيحد اهم آهي. اداري جي نائين نمبر ڪتاب جو نالو آهي مون جاسِر جي سِٽ آهي. سراج صاحب جي هن اهم ڪتاب ۾ چئين موضوعن تي ليک ڏنل آهن، اهي موضوع آهن. ” ادب، شخصيات، تاريخ ۽ آرڪيالاجي“ چئين بابن ۾ ورهايل هن ڪتاب مان پڻ سراج صاحب جا الڳ الڳ پهلو ظاهر ٿين ٿا. هڪ ليکڪ طور ايترن گهڻن موضوعن تي ايترو سٺو لکڻ وارو سراج صاحب ئي سگهي ٿو. ظاهر آهي ته مٿين موضوعن تي گهڻو ئي لکيو ويو آهي، لکجي رهيو آهي ۽ لکبو رهيو پر سراج صاحب جي لکڻ جو ڏانءُ ۽ سوچڻ جو ڏانءُ الڳ آهي، يا چوڻ گهرجي ته هو لکندڙن جي عام ڀيڙ کان پري آهي، هن ڪتاب ۾ بابن جا عنوان هن طرح ڏنا ويا آهن. ۱ - مون جا سر جي سٽ ۲ - مون سي ڏٺا ماءِ ۳ - قديم سنڌ: دڙا ۽ کنڊر ۴ - ڪتابن جا مهاڳ هنن سڀني عنوانن کانپوءِ ڏنل آهن ٽي تبصرا، جيڪي سراج صاحب جي جڳ مشهور ناول ” پڙاڏو سوئي سڏ“ تي لکيل آهن، جن جا لکندڙ آهن. جمال ابڙو صاحب، مراد علي مرزا صاحب ۽ رسول بخش پليجو صاحب ، ائين هيءُ ڪتاب ڪيترن ئي موضوعن جي ترجماني ڪندڙ ڪتاب آهي ۽ ان مان الڳ الڳ پڙهندڙ لاڀ پرائي سگهندا. ساڳئي وقت سراج صاحب جو ڇڙوڇڙ ٿيل ڪم پڻ هڪ هنڌ محفوط ٿي رهيو آهي، سچ پچ هن ڪتاب جا ڪي اهم ليک انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ جهڙا آهن. خاص طور قديم سنڌ: دڙا ۽ کنڊر“ جي سري هيٺ آيل مضمون ته سڀ جا سڀ ترجمو ڪرڻ کپن، ممڪن آهي ته ادارو اهڙي سوچ رکندو هجي. ڪيئن به سراج صاحب جو ڪم گهڻ رخو آهي، جيڪو اڄ جي نسل آڏو ظاهر ٿي رهيو آهي، اسان جو فڪشن رائيٽر ڪيترن محاذن تي سنڌ لاءِ، سنڌي ٻوليءَ لاءِ ۽ سنڌي ادب لاءِ هڪ ئي وقت وڙهي رهيو هئو، اهو اسان جي نيئن نسل آڏو مثال هجڻ گهرجي ۽ پڪ سان سراج صاحب هڪ مثال آهي، جنهن کي کڻي اڄ جو نوجوان اڳتي سفر جاري رکندو. ” مون جا سرجي سٽ“ ڪتاب ، سنڌي ادب ۾ اهڙو واڌارو آهي، جيڪو وساري نه سگهبو، ٻه سئو ٽيونجاهه صفحن جو هيءُ ڪتاب به سانڍڻ جهڙو آهي، ان کان وڌيڪ پڙهي لاڀ پرائڻ جهڙو ڪتاب آهي. جنهن جو ملهه ٽي سئو پنجاهه رپيا آهي.مٿين ٽنهي ڪتابن پڙهڻ کان پوءِ سراج صاحب لاءِ هڪ مناسب لفظ ”سنڌ شناس“ لکڻ ئي ڪافي آهي. هنن ڪتابن کي سهيڙڻ ۽ ڇپرائڻ لاءِ پڪ سان اسان جي مانواري ڀيڻ ڊاڪٽر فهميده حسين ۽ جاکوڙي اديب اسان جو دوست تاج جويو گهڻي تعريف لهڻن. ساڳئي وقت مالي سهڪار لاءِ اسان جو سنڌ دوست، علم دوست ۽ ادب دوست سائين حميد آخوند به اوتري ئي تعريف لهڻي پر ڇا ڪجي اسان گلا ۽ غيبت تي هريل سنڌي ڪنهن سٺي ڪم ڪرڻ واري جي تعريف ڪريون به ته ڪيئن ڪريون؟ سراج سنڌ جو غيرتمند پٽ! نصرت لاشاري گهوڙن ۽ گهوٽن جيئڻ ٿورا ڏينهڙا ڪڏهن منجهه ڪوٽن ڪڏهن راهي رڻ جا. هي زندگي جيڪا ٿوري آهي، پر هن ڪائنات ۾ جتي ڪا به شئي بي معنيٰ ناهي، بي مقصد ناهي، اُتي انسان ته وري اشرف المخلوقات آهي، ان جو ذهن ۽ ذهني اوسر کيس اهم بڻائي ٿي، اهو ڊاڪٽر آهي ته کيس قدرتي ڏات شفا طور مليل آهي، انجنيئر آهي ته ماڻا ماپا ڪري وڏيون شاهڪار عمارتون کڙيون ڪيو وڃي، ۽ جي ڪو اديب، صحافي، ناول نگار، ٻولي جو ڄاڻو ۽ علم سان سندس ذهني ۽ روحاني اوسر ٿيل آهي، ته هو پنهنجي سماج جي اهنجن جو طبيب ٿيو وڃي، سنڌ کي خوشقمستيءَ سان اهڙا باشعور، باعلم ۽ روشن ضمير اديب صحافي ۽ ليکڪ مليا جن جي ضمير ۾ ڀٽائي جو ڌرتيءَ سان عشق سفر ڪندو. ڪيترين پيڙهين تائين پنهنجي ماءُ سان محبت جو ناتو نڀائيندو آيو، اهڙن غيرتمند پٽن مان هڪ پٽ سراج ميمڻ به هيو، جنهن جي شخصيت گهڻ پا سائين هئي، جنهن پنهنجو ۽ پنهن جي ٻچن جو پيٽ پالڻ لاءِ ڪارپوريٽ وڪيل جو پيشو اختيار ڪيو، پر سندس اندر ۾ مچيل طوفان کيس رڳو هڪ عام وڪيل ڪٿي پيو رهڻ ڏئي. سڄڻ ۽ ساڻيهه، ڪنهن اڻاسيءَ وسري! سنڌ جو سڄڻ جنهن شاهه جي هن بيت ۽ ٻين ڪيترن بيتن کي هنيئن سان هنڊايو ۽ قلم کڻي صحافت ذريعي ادب جي دنيا ۾ قدم رکيو ۽ هو ڌرتيءَ جو ساڻيهه بڻجي ويو، سراج صاحب جنهن کي اسان کان وڇڙي اڄ چوٿون سال آهي، پر مونکي اڄ به اها صبح ياد آهي، جڏهن ٻين فيبروري ۲۰۱۳ع جي صبح منهنجي ڀاءُ سارنگ مونکي فون تي ٻڌايو ته ادي اڄ سراج صاحب اسان کان موڪلائي ويو، مون کان رڙ نڪري وئي وڌيڪ ڳالهائي نه سگهيس بس نير هئا جن سڀ بند ڀڃي ڇڏيا هئا، پوءِ ياد آيم ته مان ڪيترن ڏينهن کان رات جو سمهي نه سگهي هيس، ائين ٻه دفعا اڳ به مونسان ٿيو هيو، هڪ بابا جي وڇوڙي کانپوءِ پورو مهينو منهنجي ماءُ ۽ مان سڄي رات هڪ عجيب بيچيني هئي جنهن ننڊون ڦٽائي ڇڏيون هيون، ۽ ٻيو ڀيرو محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کان اڳ ۾ هي ٽيون ڀيرو هو جو آنءُ خوف ۾ وڪوڙيل هيس. سراج الحق ميمڻ صاحب ڊاڪٽر فهميده حُسين جو ڀاءُ جيجي انيس ۽ جميلا جو ڀاءُ ادا ارشد، امجد ۽ نويد جو والد اسان جي آنٽي جو ور ۽ ٻين ڪٽنب جي ميمبرن جو هر دل عزيز ته هو ئي پر سنڌي ادب جي اُفق تي چمڪندڙ چنڊ هو، هڪ تحريڪ هو جهالت خلاف، ظلم جبر ۽ ڏاڍ خلاف سراج صاحب هڪ روشن دور هو، سنڌ لاءِ جنهن جي وڇوڙي نيڻن نير واها جو هر اک آلي هئي، اداسي سنڌ جي ڪلاچي کان ڪينجهر ۽ ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين ڦهلجي وئي. سنڌ هن ڌرتيءَ تي اهڙي سڀاڳي ماءُ آهي، جنهن اهڙا پٽ ڄڻيا جن جي ضمير ۾ غيرت جي مٽي شامل آهي، جو سندس پٽن ڪڏهن به ويل نه وڃائي. مون ڏاڍو ذهن تي زور ڏنو ته پهريون ڀيرو مان سراج صاحب سان ڪڏهن ۽ ڪيئن ملي هئيس پر ياد نه آيو. ياد آيو ته گهر ۾ هر روز ٿيندڙ سراج صاحب جو ذڪر، ڪڏهن امان ۽ بابا کي پاڻ ۾ صلاح ڪندي ڏٺم ته امجد جي شاديءَ ۾ ٻارن کي نه وٺي هلنداسين ته ڪڏهن بابا گهران جلدي نڪري ويندا هئا ته اڄ سراج صاحب وٽ وڃڻو آهي.اهڙو ڪو به ڏينهن نه هيو جو سراج صاحب جو ذڪر اسان جي گهر ۾ نه ٿيندو هجي. مطالعي جو شوق بابا جي پنن کي سنڀالڻ ڪري مون ۾ شروع کان هيو، اڃان ڇهين ڪلاس ۾ هيس ته مون بابا کان ڪيترائي سياسي سوال پڇڻ شروع ڪيا، هڪ ڀيرو بابا کان پُڇيم ته بينڪ ۾ ماڻهو پئسا ڇو رکندا آهن، ان مان بئنڪ کي ڪهڙو فائدو ۽ ماڻهن کي ڪهڙو؟ مرڪندي مونکي چيائون ته سڀاڻي جي اخبار ۾ سراج صاحب جو مضمون ”بينڪنگ سسٽم“ تي لکيل آهي، ان ۾ تنهنجي هر سوال جو جواب آهي، ٻئي ڏينهن جي عوامي آواز ۾ مون سراج صاحب جو مضمون پڙهيو ۽ منهنجي بي علمي دور ٿي، اڄ سوچان ٿي ته اهڙي علم جي روشني پنهنجو فرض سمجهي سراج صاحب گهر گهر پهچائي، اتان مون سراج صاحب کي ريگيولر پڙهڻ شروع ڪيو. سراج صاحب جا ناول ”مرڻ مونسين آءُ“، ”تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول“، ”منهنجي دنيا مرگهه ترشنا“، ”پڙاڏو سوئي سڏ“، مون ننڍي عمر ۾ پڙهيا تنهن ڪري منهنجي مٿان گذري ويا، جڏهن سمجهه پُختي ٿي ته وري پڙهيم، تڏهن خبر پئي ته سنڌ جي سماجي، فڪري، روايتي، ريتن، رسمن جو حال ۽ سنڌ اصل ۾ آهي ڇا؟ ان اوائلي سبق مون جهڙن نون سوچڻ وارن کي سراج صاحب ڏنا، سراج صاحب صحافتي توڙي ادبي لکڻين ذريعي انتهائي ذميداري۽ سنجيدگي سان پنهنجي قوم جي ذهني، علمي ۽ فڪري اوسر ڪرڻ ئي سندن اول ذميداري هئي، اهو ئي سبب هو جو هلال پاڪستان واري ايڊيٽرشپ واري دور ۾ جيڪي ليک لکيائون انهن مان ڪيترائي نوان لکاري پيدا ٿيا، جنهن ۾ منهنجو بابا فقير محمد لاشاري (جنهن لاءِ سائين ابراهيم جوئي صاحب فخر سان مونکي ٻڌايو ته ادب جي دنيا ۾ مون سراج کي آندو ۽ سراج فقير کي). سراج هلال پاڪستان ۾ پنهنجي ايڊيٽر شپ دوران صحافين جي هڪ وڏي کيپ تيار ڪئي، جنهن ۾ اسلم آزاد، انور پيرزادو، جي اين مغل، نصير اعجاز ۽ فقير محمد لاشاري شامل آهن، ان کان علاوه ڊاڪٽر فهميده حسين، بدر ابڙو، حسين شاهه راشدي، قمر شهباز وغيره سراج صاحب کان متاثر ٿيا. هڪ ڀيرو مون ڪنهن ماڻهوءَ جو ليک پڙهيو ته سراج صاحب ڏاڍو سخت مزاج شخص آهي ۽ نوجوانن سان سندس ورتاءَ ڪو چڱو ڪونهي، ڪافي پراڻي ڳالهه آهي ان ڪري ان ليکڪ جو نالو ياد ڪو نه اٿم، پر مان جنهن سراج صاحب سان مان مليس اهو چهري تي سخت تاثر ضرور رکندڙ هو، پر سندس من موتي جهڙو اُجرو ۽ ڪومل هو، مون سندس اندر ۾ درد جون ڇوليون اکرن ۾ اوتيندي ڏٺيون جڏهن هنن بابا جي وڇوڙي تي طويل نظم لکيو، جنهن مان چند سٽون آءُ لکان ٿي. هو جو هڪ ماڻهو هو، جنهن سچ پلئه پاتو هو جنهن سچ ورهايو هو جنهن سچ ڳولهيو هو جنهن سچ سنواريو هو جنهن پاڻ اوجاڳا ڪڍي ٻين کي جاڳايو هو جنهن پاڻ هيڻو هوندي ٻين کي حوصلا ڏنا جنهن قلم هلائيندي پنهنجا هٿ زخمي ڪيا ها ته جيئن پنهنجن جا ڦٽ ڇُٽائي سگهي جيڪو گاجي کهاوڙ جي چيڪي مٽيءَ جو قرض لاهڻ ڪراچيءَ آيو هو.. جنهن پنهنجي بنهه مختصر زندگيءَ ۾ سنڌ کي صداقت جو سڏ ڏنو هو سراج صاحب درياهه دل باس هيو، هن ڪڏهن به پنهنجي سب آرڊيننٽ تي تنقيد نه ڪئي، منهنجي بابا جو ذڪر ڪندي مون سندن اکيون ڀنل ڏٺيون، مونکي پاڻ ٻڌايو هئائون ته جڏهن فقير ڪيترا ڀيرا مون وٽ نوڪري جو انٽرويو ڏيڻ آيو هو هلال پاڪستان جي آفيس ۾ ته مون چيومانس تون ايڏو سهڻو اڇو اجرو گاجي کهاوڙ مان آيو آهين توکي نوڪري ته ملي ويندي پر تون ڪراچي جي دونهاٽيل ماحول ۾ ميرو نه ٿي وڃين، هلال ۾ سراج صاحب سان ڪم ڪندي بابا ۽ سراج صاحب جو باس ۽ سب آرڊيننٽ وارو رشتو نه جڙيو پر هڪ استاد ۽ شاگرد وارو جيڪو ٻنهي آخري دم تائين هڪ ٻئي سان نڀايو. جڏهن ٻنهي گڏجي جاڳو اخبار ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو جنهن ۾ ٻيا به ڪيترا دوست اچي شامل ٿيا هئا، پر سراج صاحب کي جيڪا ڳالهه ڪو چوندو هو، پوءِ اها ڪو وڏو فيصلو ڇو نه هجي ته سندن پهريون سوال اهو هوندو هو ته فقير جو ڇا خيال آهي؟ يا جيئن فقير چوندو ٿيندو هو، اهو اعتماد بابا جي قلم ۾ اتساهه اوتيندو هو. جڏهن سراج صاحب سان گڏجي بابا ”جاڳو جاڙيجا سَما! سُک ۾ سمهو“ جي سئين هئين ته اهو سنڌي صحافت لاءِ انتهائي ڏکين حالتن ۾ وڏو اعزاز هو جو سنڌيءَ ۾ ڊان اخبار کان وڌيڪ سگهارو آواز صحافي دنيا ۾ اڀريو، جاڳو اخبار جو پهريون پرچو جيڪو سائين محمد ابرهيم جوئي صاحب جي نئين سال جي دعا ۽ سراج صاحب جو انگريزيءَ ۾ لکيل سنڌ سان وچن the pledge to the people of Sindh يا سنڌ هو. What does one do when darkness engulfs a community, a nation and there is no visible light at the end of the tunnel? What does one do, when the very existence of a community and a nation is threatened from within and from without, by forces of treachery, deceit tyranny and terrorism? What must Sindh and her people do when they are faced with a horrifying scenario described by shah latif in these soul shaking words: ”مڙيا مَڇ هزار، ڀاڱا ٿيندي سهڻي!“ ڀٽائي جي هن سٽ ۾ جيڪو چتاءُ ڏنل آهي، ان کان پنهنجي قوم کي وقتائتو سڏ ڪري جاڳايو، ساڳي ئي وچن ۾ هڪ پيراگراف جون چند ستون آءُ هتي ڪاپي ڪيان ٿي. We shall strive to make “Jaago” the torch bearer of independent, un-biased, clean and enlightened journalism in Pakistan. ۽ آخري پيراگراف به آنءُ توهان سان ونڊڻ چاهيان ٿي. On behalf of the signatories, the sponsors of “Jaago” have solemnly affirmed that they shall stand or fall with Sindh and her people and shall fulfil their pledge and promise, and on my own behalf, give my solemn pledge- which has been capable or making such a pledge to the people of Sindh that we shall safeguard the integrity, solidarity and inviolability of Sindh and her people as a nation, all we ask of the people of Sindh is their trust, support and encouragement if we so deserve Siraj ul Haque. هي ته وچن هو سراج صاحب جو جنهن جي لفظ لفظ ۾ سنجيدگي ۽ ڌرتيءَ لاءِ درد جي جهلڪ چٽي نظر اچي ٿي. سراج صاحب جاڳو جي ذريعي سنڌ سان هفتي ۾ ٻه ڀيرا مخاطب ٿيندا هئا، هڪ دنيا جي سياسي صورتحال تي تفصيل سان مضمون ”سياسي منظرنامو“ هر جمع تي ڇپجندو هو، ۽ ٻيو ڪالم هر اربع تي ”رتيءَ جي رهاڻ“ جنهن ۾ سنڌ جو سماجي درد ونڊبوهو. رتيءَ جي رهاڻ ۲ جنوري ۱۹۹۱ع واري اخبار ۾ ڇپيل ڪالم ۾ سراج صاحب لکن ٿا ته ”منهنجي ڪل خوشي ڪيڏانهن هلي وئي؟... . توکي ته ياد هوندو ته تو ئي مون کي دنيا جي بهترين ڪهاڻين جو ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڏنو هو، جنهن ۾ هڪڙي فرانسيسي ڪهاڻي جو ڪردار ٿو چوي ته ”والاريل“ ڌرتيون پنهنجي کل ۽ خوشي وڃائي ويهنديون آهن، ماڻهن کان ٽهڪ موڪلائي ويندا آهن، محبوبائن جي چپن تان ڄڻ ته ڪو مرڪ روڙي پٽي وٺندو آهي، ائين ڀائنبو آهي، ڄڻ ته ماڻهن جي اندر ۾ کل خوشيءَ جا چشما خشڪ ٿي، سُڪي ٺوٺ ٿي ويندا آهن. ۽ آنءُ اڃان تائين فيصلو نه ڪري سگهيو آهيان ته هن جي ياد ڏيارڻ لاءِ آءُ سندس ٿورائتو ٿيان، يا هن جي ڏنل درد تي اکين ۾ ايندڙ ڳوڙهن کي پنهنجي چپن جي گهنجن ۾ جذب ڪري ڇڏيان!” هي ته سراج صاحب جي شخصيت جي ۽ سندن دل دماغ ۽ قلم مان نڪتل علم هيو ان جي جهلڪ هئي، پر سراج صاحب جي شخصيت کي جيڪڏهن مختصر جملي ۾ لکجي ته هو سنڌ جو غيرتمند پٽ هو جنهن پنهنجي قلم ذريعي ماءُ جي لڄ بچائڻ جي جنگ وڙهي، اهڙن جوڌن پٽن لاءِ ئي شاهه سائين چوي ٿو. ”هوندا سي حيات، جيئڻا اڳي جي جيا.“ (سراج الحق ميمڻ جي ياد ۾ آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ ٿيل پروگرام ۾ پڙهيل مقالو) سراج ميمڻ جن جر جي جهاڳ مٿان ديپ جلايو آغا نور محمد پٺاڻ گذريل سال ۲۰۱۶ع کان اسلام آباد ۾ ادبي سرگرمين جو هڪ نئين سري سان سلسلو شروع ٿيو. جنهن ۾ انڊس ڪاٽيج لائبرريز نيٽ ورڪ پاران اسلام آباد ۾ سنڌ جي ادبي اڪابرين جي ياد ۾ انهن جي ورسين، سالگرهن ۽ ڪتابن جي تعارفي تقريبن جي مناسبت سان هڪ درجن کان وڌيڪ پروگرام ٿيا آهن جن ۾ مولائي شيدائي، آغا سليم، محمد عثمان ڏيپلائي، ڊاڪٽر دائود پوٽو، علي بابا، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ياد ۾ پروگرام ڪيا ويا ۽ ۲۰۱۷ع جي شروعات ۾ سائين غلام رباني آگرو ۽ ڪالهه سائين سراج ميمڻ جي ياد ۾ پروگرام ٿي گذريو سنڌ جي انهن ادبي اڪابرن ۽ ڏاهن کي ياد ڪندي شيخ اياز جو هي شعر به ياد اچي ٿو. ڪنهن ڪاريءَ چڳ تي رات کٽي، ڪنهن ڳاڙهي ڳل تي باک ڦٽي، ايئن وقت ڪٽيو، ايئن عمر لٽي، سڀ سانگ سجايو آ پيارا! هي ڪارو ڪارونڀار ته ڏس، هو ڏوراهن هون ڏهڪار ته ڏس، مون ڪيڏي جر جي جهاڳ مٿان، هي ديپ جلايو آ پيارا! انهن ادبي هيرن ۽ جواهرن کي شيخ اياز هن طرح ڀيٽا پيش ئي آهي ته: هيرا ته ڏسو، ڪنڪر نه هڻو، ايندو نه وري هي وڻجارو، ڪجهه ڏات ڏسو، پو بات ڪريو، هي شور اجايو آ پيارا! ۱۸ جنوري ۲۰۱۶ع تي سنڌ جي معتبر، برک اديب ۽ ڪهاڻيڪار سائين غلام رباني آگري جي ياد ۾ پروگرام ٿيو هن پروگرام ۾ پاڪستان جي تقريباً سڀني زبانن جي اديبن خراج تحسين يش ڪيو ڇاڪاڻ ته پاڻ اڪادمي ادبيات پاڪستان جا چيئرمين رهيو ۽ اسلام آباد ۾ رهڻ جي دوران پوري پاڪستان جي اديبن سان ان جا ميلا ملاکڙا ٿيندا رهيا. اسلام آباد ۾ هڪ قومي سطح جي اداري ۾ رهڻ ۽ ڪاميابي سان وقت گذارڻ ڪو سولو ڪم نه آهي. منهنجو جيئن ته سائين غلام رباني آگري سان يونيورسٽي ۾ شاگردي جي زماني کان واسطو رهيو آهي جڏهن عظيم شاعر شيخ اياز ان يونيورسٽي جو وائس چانسلر ۽ آگرو صاحب پرو وائس چانسلر هيو. شيخ صاحب تي شڪارپور جي حوالي سان به اسان فخر محسوس ڪندا آهيون انڪري هن جي وائس چانسلري واري دؤر ۾ هڪڙو وقت اهڙو به آيو جو ان وقت جي قوم پرست دوستن ان جي مخالفت شروع ڪئي پر ان موقعي تي اسان شيخ اياز سان تعلق وڌايو ۽ ان سان ان جي گھر وي سي هائوس ۾ ملندا هياسين ۽ غلام رباني آگرو صاحب به شيخ اياز جو دوست ۽ ساٿي هيو جنهن آخري وقت تائين هن سان ساٿ نڀايو. يونيورسٽيءَ کانپوءِ رباني صاحب سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري ٿي آيو ۽ وري ان سان اتي ميل ملاقاتون جاري رهيون. سنڌ جي هن ڏاهي اسان جي من کي موهي وڌو، مان ۽ اسانجي ٻين دوستن جو رباني صاحب سان دوستي جو تعلق ايترو وڌيو جو اسان گھر جا ڀاتي ٿي وياسين، رباني صاحب سنڌي ثقافت جي هڪ خوبصورت شخصيت هئي جنهن جي گفتگو، تحرير، تقرير، ڪچهري سؤ سيڪڙو مڪمل طور سنڌي ثقافت جي امين هئي ۽ پوءِ اهو تعلق اڪادمي ادبيات پاڪستان جي ملازمت دوران اڃا وڌيڪ گھرو ٿيو جو رباني صاحب اڪادمي ادبيات پاڪستان ۾ جڏهن آيو تڏهن سنڌ جي ماڻهن کي هن قومي اداري جي سرگرمين جي خبر پئي ۽ ڄاڻ ملي ڇو ته ان وقت اسلام آباد ۾ سنڌ جا ماڻهو تمام گھٽ هيا ۽ رباني صاحب جو گھر انهن جي لاءِ ڄڻ مهمان خانو هيو ۽ ان جي آفيس سنڌ جي ماڻهن جي ڄڻ اوطاق سمجهي ويندي هئي، هن جي اچڻ کانپوءِ چئني صوبن ۾ اڪادمي جون شاخون قائم ٿيون ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ترجمو پاڪستان جي ٻين ٻولين پشتو، بلوچي، پنجابي ۽ اردو ۾ ڪرائڻ جي لاءِ پروگرام رٿيو ويو. سنڌ ۾ پروفيسر اياز قادري ۽ ڊاڪٽر وقار احمد رضوي کي اردو ۾ نثري ترجمو ڪرڻ جي لاءِ چيو ويو، بلوچي ۾ گلزار احمد مري ۽ ان وقت ملير جي رهائشي هڪ سنڌي زبان جي استاد پروفيسر شير محمد بلوچ جيڪو اسلاميه ڪاليج سکر ۾ پرنسپل به رهيو ان کي اها اسائنمنٽ ڏني وئي جيڪا هنن خوش اسلوبي سان مڪمل ڪئي. پروفيسر اياز قادري ۽ ڊاڪٽر وقار احمد رضوي واري اردو ترجمي جي ڇپائي جي سموري ذميواري رباني صاحب منهنجي حوالي ڪئي ۽ ڪراچي ۾ اهو رسالو حافظ محمد صديق صاحب علمي پرنٽرس جي معرفت ڪمپوز ٿيو ۽ بعد ۾ اسلام آباد مان ڇپيو پر بلوچي ۽ پشتو وارو ترجمو رباني صاحب جي وڃڻ کانپوءِ اڃا تائين ڪو نه ڇپيو آهي. رباني صاحب جي زماني ۾ ان جو ٻيو وڏو ڪارنامو اهو آهي ته قومي ادبي ڪانفرنسز ۾ سنڌ جي ماڻهن کي مناسب نمائندگي ڏني وئي نه ته ان کان پهريون اڪادمي ادبيات پاڪستان کي به فقط مقتدره قومي زبان سمجهيو ويندو هيو پر رباني صاحب جي اچڻ کانپوءِ هو پاڪستان جي ٻولين جو نمائنده ادارو ٿي اڀريو ۽ سنڌي، بلوچي، پشتو، پنجابي، براهوي، گلگتي اديبن جي پذيرائي قومي سطح تي شروع ٿي. مون ۱۹۸۵ع کان اڪادمي جون قومي ادبي ڪانفرنسون اٽينڊ ڪيون آهن پر ۱۹۸۸ع کانپوءِ ادبيات پاڪستان صحيح معنيٰ ۾ قومي ادارو نظر ايندو هيو ۽ اديبن جا ملڪي سطح تي هڪ ٻئي سان ادبي رشتا وڌيا. رباني صاحب جو ٽيون وڏو ڪارنامو اهو آهي ته ان کان پهريان اردو کي قومي ۽ ٻين زبانن کي علائقائي زبان جو درجو مليل هيو پر رباني صاحب هڪ قومي ادبي ڪانفرنس ۾ ان کي پاڪستاني ٻولين جو لقب ڏياريو. ان کانپوءِ انهن سڀني پاڪستاني زبانن جا ادبي انعام برابري جي بنياد تي ڏنا ويندا آهن. جڏهن ته پهريون قومي ۽ علائقائي زبانن جي انعامن ۾ به فرق هيو ۽ رباني صاحب کانپوءِ اڪيڊمي جي هڪ ٻئي چيئرمين محترم فخرالزمان جيڪو پاڻ به پنجابي ٻوليءَ جو هڪ اديب آهي ان به ان موقف کي هٿي ڏني. رباني صاحب جو چوٿون ڪارنامو اهو آهي جو هن شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي نالي تي ٻه ايوارڊ جاري ڪرايا هڪ سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان شاهه عبداللطيف ڀٽائي ادبي ايوارڊ ۽ ٻيو شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ تصوف ايوارڊ جيڪو لطيفيات جي حوالي سان ٿيل ڪم تي هر سال ڏنو ويندو آهي جنهن تي اسانجي ڪجھه اديب حضرات کي حيرت ۽ حسرت به ٿيندي رهي پر شاهه سائين جو هي ايوارڊ جاري آهي. مون رباني صاحب کي هڪ سچو، هڏ ڏوکي ۽ همدرد انسان ڏٺو. هن جو مشهور ڪتاب ”جهڙا گل گلاب جا“ ڪراچي مان سنڌيڪا اڪيڊمي جي پاران منهنجي نگراني ۾ پرنٽ ٿيو، جنهن جو اکر اکر منهنجي نظر مان گذريو ۽ بعد ۾ ان ڪتاب متعلق ماڻهن پنهنجا ايڏا تعريفي خط لکيا جو انهن تي هڪ ٻيو ڪتاب تيار ٿي ويو ۽ اسان ان کي ڇپيو. ايڏي وڏي اديب هوندي به هن جي اها عظمت هئي جو هو مونسان لکڻ پڙهڻ جي هر مرحلي ۾ مشورو ڪندو هيو. مونکي ياد آهي ته منهنجي چوڻ تي هن پنهنجن ڪيترين تحريرن ۾ ردوبدل ڪئي. سائين رباني صاحب جي شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ترجمي جو مقدمو به هڪ شاهڪار تخليق آهي ۽ سندس ڪتاب ”جهڙا گل گلاب جا“ جو مقدمو جيڪو سؤ صفحن تي مشتمل آهي اهو هن جي ادبي تجربن جو هڪ نچوڙ آهي ڇاڪاڻ ته هن سَوَن ۽ هزارن جي تعداد ۾ ڪتاب پڙهيا، ڇپرايا، ايترن اديبن کي ڏٺو ۽ انهن سان ڪچهريون ڪيون، هي مقدمو ۽ ”ماڻهو شهر ڀنڀور جا“ ڪتاب به ان جو شاهد آهي. رباني صاحب پنهنجي والد محترم ۽ پير حسام الدين راشدي کان متاثر هيو ۽ آخري وقت تائين انهن جو نالو کڻڻ تي ان جي اکين ۾ پاڻي تري ايندو هيو جيڪو مون بار بار ڏٺو. آگرو صاحب سائين جي.ايم.سيد ۽ علامه آءِ.آءِ قاضي کان به متاثر هيو ۽ مذهبي ۽ سياسي ماڻهن ۾ ابوالڪلام آزاد ۽ مولانا عبيدالله سنڌي کان متاثر هيو، هن جو مشهور جرمن مستشرق ڊاڪٽر اين ميري شمل سان به پير صاحب جي حوالي سان دوستاڻا تعلقات رهيا ۽ هر سال هو پاڪستان ايندي هئي ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ تصوف جي موضوع تي ليڪچر ڏيندي هئي. هڪڙو دفعو هن رباني صاحب سان ان خواهش جو اظهار ڪيو ته مونکي اهي ماڳ مقام ڏسڻا آهن جن جو ڀٽائي ڀيرو ڪيو آهي ۽ ان لاءِ هن هنگلاج جو پروگرام تجويز ڪيو. ان زماني ۾ رباني صاحب اڪادمي ادبيات پاڪستان جو ڊائريڪٽر جنرل هيو هن محمد خان جوڻيجي کان خصوصي هيليڪاپٽر هٿ ڪري ڪوئٽا کان هنگلاج تائين هن کي وٺي ويو ۽ پهاڙن جي وچ ۾ جوڳين جي جهان ۾ وڃي هن کي چانهه پياري ۽ ان تي هڪ سفر نامو ”هنگلاج ۾ چانهه“ تخليق ٿيو جيڪو سنڌيالاجي پاران محمد قاسم ماڪا ڇپرايو. مونکي اهو منظر به ياد آهي جو جرمن سفير سان گڏ اين.ميري شمل جي آخري وصيعت جنهن ۾ هن مڪلي ۾ دفن ٿيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو هيو اها پٿر تي لکرائي مڪليءَ جي قبرستان لڳرائي هئي. سائين سراج ميمڻ سان منهنجي ملاقات فقط اڪيڊمي جي ڪانفرنسز جون دعوت پهچائڻ جي حوالي سان ٿيندي رهي ۽ اڪيڊمي جي قومي ادبي ڪانفرنسز ۾ هن جي حصي ۾ ڪنهن نه ڪنهن سيشن جي صدارت هوندي هئي ۽ آخري صدارت هن غلام رباني آگري صاحب جي ادبي ريفرنس جي ڪئي جيڪو ڪراچي ۾ لياقت لائبرري جي آڊيٽوريم ۾ منهنجي انتظام هيٺ منعقد ٿيو هيو. سراج ميمڻ صاحب سان آخري ملاقات ٺٽي شهر ۾ قادر بخش ڀٽو جي قائم ڪيل هڪ ميڊيڪل سينٽر ۾ مريضن ۾ فروٽ تقسيم ڪرڻ واري عمل ۾ ٿي جنهن ۾ ساڻس تفصيلي ڪچهري ٿي. سراج صاحب جو وڏو ڪارنامو جديد سنڌي صحافت جو بنياد وجھڻ آهي، ان کان اڳ سنڌ جي وڏي اخبار عبرت هوندي هئي پر سراج صاحب جي ايڊيٽري ۾ هلال پاڪستان اخبار نئون جنم ورتو، اهو فقط اخبار جو نئون جنم نه هيو پر سنڌي صحافت جو به نئون جنم هيو، هن ئي اخبار امر جليل، فقير محمد لاشاري، دستگير ڀٽي، سلطانه وقاصي ۽ فهميده حسين جهڙا اديب پيدا ڪيا ۽ گلن جهڙا ٻارڙا سنگت جو بنياد وڌو. اڳتي هلي عوامي آواز ۽ جاڳو اخبار به هنن ئي اديبن جي سهڪار سان هلي ۽ ان اخبار جو فقير محمد لاشاري کي ايڊيٽر بڻايو ويو. اهي ادارتي نوٽ اڄ به ماڻهن کان وسرن نٿا. سراج ميمڻ صاحب پيشي جي لحاظ کان ته وڪيل هيو پر هن جي تحقيق ۽ ڪالم نگاري سنڌي ٻوليءَ کي نئون مان ڏنو. خاص طور تي سنڌي ادبي بورڊ کان هلال پاڪستان تائين هن جي سفر روشن سج وانگر سنڌ جي ادبي ماحول کي تابناڪ بڻايو ۽ آخر ۾ حيدرآباد ۾ هن سنڌ جي تعليم جي ترقي لاءِ هڪ انسٽيٽيوٽ به قائم ڪيو جنهن لاءِ ٺٽي ۾ مونسان پنهنجي ڪچهري دوران پنهنجن دوستن جي عدم دلچسپي تي مايوسي جو اظهار ڪيو. سراج ميمڻ سنڌ جو عاشق ھميشه لاءِ وڇڙي ويو ڪراچي (رپورٽ: ذوالفقار واهوچو) سنڌ جو ناميارو ليکڪ، اديب، مصنف، ٻوليءَ جو ماهر، صحافي، دانشور سراج ميمڻ لاڏاڻو ڪري ويو. سراج کي جديد سنڌي صحافت جو بانيڪار به چيو وڃي ٿو، سراج ميمڻ ۱۹۳۳ع ۾ ٽنڊوڄام ۾ هيڊ ماستر محمديعقوب نياز ميمڻ جي گھر ۾ جنم ورتو، کيس ۲ ڀائر ۽ ۴ ڀينر آهن جڏهن ته کيس ۳ پٽ آهن، سراج الحق ميمڻ جي ايڊيٽرشپ هيٺ، مئي ۱۹۷۲ ۾ هلال پاڪستان، ڪراچيءَ مان ڇپجڻ شروع ٿي هئي، سراج ميمڻ ڪيترا ئي ڪتاب لکيا جن ۾ سنڌي ٻولي، سنڌي لينگويج انگريزي، پڙاڏو سوئي سڏ، مرڻ مون سين آءُ“ ناول ان کان علاوءِ ٽن ناولن تي ٻڌل ڪتاب سڀ رنگ سانول ٻه ڪهاڻين جا ڪتاب، اي درد هلي آ، اٺون ماڻهو شامل آهن ، جڏهن ته سراج الحق ميمڻ جاڳو، عوامي آواز اخبارن ۾ رهاڻ ۽ سياسي منظر نامي جي عنوان سان ڪيترا ئي ڪالم به لکيا آمر يحيى خان جڏهن ۳۰۳ انڪم ٽيڪس آفيسرن کي نوڪري مان ڪڍيو هو ان ۾ سراج الحق ميمڻ به شامل هو، هي سنڌ جو پهريون عالم آهي، جنهن ان نظريي جي مخالفت ڪئي ته سنڌي ٻولي سنسڪرت يا سامي صفت زبانن مان جنم ورتو آهي هن چيو ته سنڌي ٻولي انهن ٻنهي زبانن کان قديم زبان آهي، هن جو چوڻ هو ته سنڌي هن خطي جي اصلوڪي ٻولي آهي ۽ هي پهريون ماڻهو هو، جنهن موهن جي دڙي جي لکڻي جو ملھه مقرر ڪيو يعني پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي ،هن تحقيق ڪري ميمڻن جي تاريخ تي به ڪتاب لکيو هو. ڪجھه ڏينهن کان اسپتال ۾ علاج هيٺ هو جتي ڪالهه صبح ۴ وڳي دم ڏنائين، سندس عمر ۷۹ سال هئي سندس جنازي نماز اڄ سلطان مسجد ڊفينس ۾ ادا ڪئي ويندي، جنهن کان پوءِ ڊفينس قبرستان ۾ مڙھ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويندو، لاڏاڻي جو اطلاع ملندي سندس تڏي تي مظهرالحق صديقي، امداد حسيني، قلندرشاھ لڪياري، بدر ابڙو، مدد علي سنڌي، اعجاز قريشي، عبدالحميد آخوند، صوبائي وزير ڄام مهتاب ڏهر، ڊاڪٽرعبدالستار راڄپر، ايم اين اي ظفر علي شاھ، صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، سبحان ميمڻ، عبدالحق عظيم سميت ڪيتريون ئي سياسي، سماجي ۽ ادبي شخصيتون پهتيون. سراج الحق ميمڻ سندس علمي ادبي خدمتون - ستين ورسيءَ جي مناسبت سان ڊاڪٽر فهميده حسين اڄ سنڌ جي سراج کي اسان کان وڇڙئي ڀريا ست ورهيه گذري ويا آهن. (اڄ سندس ورسي آهي) پر هو اسان جي اداس دلين ۾ ايئن ئي موجود آهي جيئن سنڌ ڌرتيءَ جي مٽيءَ ۾ سندس مٽي موجود آهي. هن جو جيئڻ ۽ مرڻ سنڌ سان هو، جسماني طور هن جنم ته ٽنڊي ڄام جي امڙ ”حوا“ جي ڪک مان ورتو هو جنهن کيس سنڌ سان سنيهه جي ستي پياري هئي پر سندس ذهني اوسر ڪري لافاني ڪردار سندس والد محمد يعقوب نياز جوڙيو، جنهن سندس هٿ ۾ قلم ڏئي انهيءَ محبت کي ملهائڻ سيکاريو ۽ سراج محض ۱۹ سالن جي عمر کان انهيءَ قلم کي سنڌ، سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ماڻهن کي ارپي ڇڏيو ۽ سنڌ سان سندس روح جو رشتو به ان ئي دور ۾ جڙيو ۽ ۲ فيبروري ۲۰۱۳ تي سندس وفات تائين رهيو پر هن جي سدا حيات لکڻين جي ڪري اهو اڄ تائين قائم آهي ۽ قيامت تائين رهندو.! سراج ۱۹۵۲ع کان مرڻ گهڙيءَ تائين لفظ جي حرمت کي قائم رکيو ۽ سنڌي ادب جي شاهوڪاريءَ ۾ پنهنجي پتي وڌي ۽ هزارين لکين پنا پنهنجي کاٻي هٿ سان لکيا، هو کاٻڙيل به هو ته کاٻي ڌر جي آدرشن سان سلهاڙيل به هو ۽ انسان ذات جي مجموعي ڀلائيءَ واري آدرش سان نينهن نڀائيندي، پنهنجي ڌرتيءَ، پنهنجي سنڌ وطن ۾ به ترقي پسندي، روشن خيالي، سماجي انصاف ۽ برابريءَ جي لاءِ ڏينهن رات پاڻ پتوڙيندو رهيو، عملي طور به ته قلمي حوالي سان به. هن ڪڏهن ڪهاڻيون لکيون، ڪڏهن ناول لکيا، ڪڏهن ڊراما ته ڪڏهن وري شاعري ڪئي ۽ پنهنجي تخليقي صلاحيتن جو انهن تخليقي صنفن ۾ ڀرپور استعمال ڪيو، وري جڏهن سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي وجود تي وار ٿيا ۽ انهن جي عظمت جي اهڃاڻن کي مڃڻ کان انڪار ڪيو ويو ته هن جي اندر جو محقق جاڳي پيو. هڪ طرف هن سنڌ جي تاريخ جا پيرا کنيا ته ٻئي طرف سنڌ ڌرتيءَ، سنڌي ٻوليءَ جي اصليت، قدامت، عظمت ۽ آزاد توڙي خودمختيار حيثيت کي ثابت ڪرڻ لاءِ علم لسانيات جي اٿاهه سمنڊ ۾ ڪنهن غواص وانگر غوطا هڻي تاريخي لسانيات جي مدد سان ڪيئي اُملهه ماڻڪن جهڙا اهڃاڻ سوجهي ڪڍيا، جيڪي سندس ان دعويٰ جو ثبوت هئا ته سنڌ ۾ سنڌو سڀينا ڪيتري قديم ۽ مهان آهي ۽ سنڌي ٻولي قديم دور کان هتان جي اصلوڪي، آڳاٽي، آزاد ۽ خودمختيار ٻولي هئي جنهن جي لکت، ان جي قدامت جو ثبوت پيش ڪري ٿي. نه صرف ايترو بلڪ موجوده سنڌي ٻولي ان جي ڄائي هئڻ ناتي، برصغير جي ٻين ٻولين کان منفرد ۽ انوکيون خوبيون ۽ خصوصيتون رکي ٿي، ان لاءِ سنڌي گرامر جي مدد سان اهڙين نرالين خصوصيتن کي پڌرو ڪري ڏيکاريائين ۽ سنڌي ادب ۽ شاعريءَ جي قدامت ثابت ڪرڻ لاءِ شاهه لطيف کان ٻه سئو سال اڳ جي اوائلي شاعري، بنهه ساڳي روايت واري، برٽش ميوزيم لائبريريءَ مان هٿ ڪري ان بابت ۱۹۶۷ع ۾ ”نئين زندگيءَ“ ۾ ليک لکيائين. هو سنڌي ٻوليءَ جو سچو پچو عاشق هو ۽ جيئن ڪنهن به عاشق کي پنهنجي معشوق جي هر هڪ انگ ۾ سونهن نظر ايندي آهي ۽ هو ان سان غير مشروط محبت ڪندو آهي تيئن سراج به سنڌي ٻوليءَ جي هڪ هڪ انگ سان عشق ڪيو هو. هن ڀٽائيءَ کي سنڌي ٻوليءَ جو معمار ۽ محافظ سمجهندي ان جي ٻوليءَ جي لغت پئي جوڙي جنهن ۾ به هن جو مقصد صرف لفظن جون معنائون ڏيڻ ڪونه هو بلڪ هن دراوڙي ٻولين جي لغت، آريائي ٻولين جي توڙي عربي ۽ فارسيءَ جي لغتن ۽ سنڌو ماٿريءَ جي ٻين ٻولين سرائڪي، پنجابي، هندڪو ۽ ڪشميري وغيره ۾ موجود لفظن سان سنڌي ٻوليءَ جي لفظن جي ڀيٽ ڪري انهن جي اصل نسل کي پڌرو ڪرڻ ٿي چاهيو ته جيئن سنڌيءَ جي اصلوڪن لفظن ۽ اڌارن ورتل لفظن کي ڌار ڪري نج سنڌيءَ جي قدامت ثابت ڪري سگهي. اهو ڪم هلندڙ هو ۽ انهيءَ کي ڪنهن دور ۾ شاھ لطيف چيئر جي طرفان ڇپائڻ جون مون ڪوششون ڪيون هيون پر پوءِ ڪجهه ماڻهن جي تنقيدن سبب مون جڏهن ان تان هٿ کنيو هو ته اهو ڪم جهڙوڪر رلي ويو، جي ان جي ڇپائي شروع ٿئي ها ته ادا کي ٻيا سڀ ڪم ڇڏي ان کي پورو ڪرڻو پوي ها، پر هو گهڻن ڪمن وارو ماڻهو هو، سو ان ڪم ۾ ڍرائي اچڻ سبب سندس زندگيءَ ۾ پورو نه ٿي سگهيو. آخري ڏينهن ۾ مون کي چوندو هو ته جڏهن تون رٽائر ٿيندينءَ ته پوءِ تون ئي ان کي پورو ڪجانءِ اهو آءٌ ڪري ڪانه سگهيس جنهن جو ڏک اٿم! ادا سراج وڏي پائي جو مڃيل اديب، دانشور ۽ محقق ته هو ئي پر جڏهن اتفاقي يا حادثاتي طور هن کي هڪ سنڌي اخبار جي ادارت جي ذميواري ملي ته هن سنڌي صحافت ۾ نوان لاڙا ۽ نيون روايتون وڌيون ۽ کيس جديد سنڌي صحافت جو باني هئڻ جو لقب مليو. انهيءَ ذميواريءَ دوران هڪ طرف هن سنڌ جي عوام جي حقن لاءِ آواز اٿاريو ته ٻئي طرف سنڌي ٻوليءَ کي صحافت جي ٻوليءَ طور به ڪيترا ئي نوان لفظ ۽ اصطلاح ڏنا ۽ محض اردوءَ جي لفظن جي ورجاءَ يا لفظي ترجمي بدران سنڌي ٻوليءَ جا ڪيترا ئي متروڪ لفظ جياريا ۽ نوان لفظ جوڙيا. ايئن سندس تخليقي ٻوليءَ جو اثر سندس صحافتي ٻوليءَ تي پيو ۽ ان جو مجموعي تاثر سنڌي سماج جي فردن تي به پيو جيڪي بگڙيل اخباري ٻوليءَ جي اهل ڪندي پاڻ به پيا غلط ٻولي ڳالهائيندا ۽ لکندا هئا. (هاڻي وري ايئن ئي ٿي رهيو آهي). هن هڪ ڪامياب ايڊيٽر هئڻ سان گڏ ايڊيٽوريلن کانسواءِ بهترين ڪالم به لکيا. ”هلال پاڪستان“ اخبار کانپوءِ ”جاڳو“ ۽ ”عوامي آواز“ اخبارن ۾ سوين ڪالم لکيائين جن مان ڪن جا عنوان هئا: ”رتيءَ جي رهاڻ“، ”ملان جي ڊوڙ“ ۽ ”سياسي منظرنامو“ وغيره.. سندس ايڊيوٽوريلن وانگر ڪالمن جو محور به ”سنڌ“ هئي، ان جي ماڻهن، ٻوليءَ، ادب ۽ سماج جا معاملا ۽ مسئلا هئا. اهڙي هڪ سڄاڻ عالم، اديب، دانشور ۽ صحافيءَ جا لکيل اهي لکين ڪروڙين لفظ ڪتابي صورت ۾ نه هئڻ جي ڪري تاريخ جي ڌنڌ ۾ وڃائجي نه وڃن، اهو سوچي سندس وفات کانپوءِ ”سراج انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز“ قائم ڪيوسين ته جيئن نه صرف سندس ٽڙيل پکڙيل لکڻين کي سهيڙي ڇپائجي پر سندس دلچسپيءَ وارن دل گهرين موضوعن تي تحقيق ڪرائي شايع ڪجي جن ۾ سنڌ، ان جي تاريخ، ٻولي، ڪلچر ۽ ادب جا موضوع شامل آهن. ادا سراج جي حياتيءَ ۾ سندس افسانن جا ٻه مجموعا، پنج ناول، هڪ ٻوليءَ تي لکيل ڪتاب ۽ ڪي ترجمو ٿيل ڪتاب ڇپيل هئا، سندس وڃڻ کانپوءِ اسان سندس انهن سمورن لکيل لفظن کي سهيڙڻ شروع ڪيو ۽ هن وقت تائين ارڙنهن (۱۸) ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪري چڪا آهيون، ۽ ٻه ڪتاب هن ستين ورسيءَ تي رٿيل پروگرام ۾ پڌرا ڪنداسين جيڪو هن جي دل گهرئي عظيم شاعر شاه لطيف بابت انٽرنيشنل ڪانفرنس جي صورت ۾ ۲۰-۲۱ مارچ ۲۰۲۰ع تي ڪراچيءَ ۾ رٿيل آهي. ڏٺو وڃي ته ادا سراج جي اڻ ڇپيل آتم ڪهاڻيءَ کان سواءِ اڃا به ڪيترا ئي مضمون، مقالا، ايڊيٽوريل، ڪالم سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ موجود آهن، جن مان ڪي هٿ آيا آهن ته ڪن جي ڳولا جاري آهي، ايئن اميد ته ايندڙ سالن ۾ اڃا به سندس ڪيئي ڪتاب سهيڙي ڇاپيا ويندا. سراج انسٽيٽيوٽ پاران سراج جي علمي ادبي ۽ سماجي خدمتن تي ايم فل يا پي ايڇ ڊيءَ لاءِ تحقيق ڪندڙ ڪنهن به ضرورتمند نوجوان ڇوڪري يا ڇوڪريءَ کي اسڪالر شپ ڏيڻ جو به ارادو آهي، ڏسجي ته ڪير ٿو ان ڏس ۾ اڳتي اچي. ان کانسواءِ سنڌي ٻوليءَ، تاريخ ۽ ڪلچر بابت ڪابه نئين تحقيق سامهون اچڻ جي صورت ۾ ان سان ڀرپور سهڪار ڪيو ويندو ۽ تحقيق ڪرڻ کان وٺي ان جي اشاعت لاءِ پڻ هي ادارو سهڪار ڪرڻ جو مقصد رکي ٿو. آئون ڀانيان ٿي ته ادا سراج جهڙي سنڌ جي عاشق جن جن موضوعن تي لکيو اهي سڀئي تمام اهم آهن ۽ جيڪڏهن ڪو اديب انهن تي لکي ٿو ته ان سان سهڪار ڪرڻ به سنڌ سان سڄڻپائي آهي. هڪ اهڙو ماڻهو جنهن سدائين سنڌ جي روشن آئيندي جا خواب ڏٺا ان کي خراج پيش ڪرڻ جو سڀ کان مانائتو طريقو به اهو ئي آهي جنهن کي جيستائين ممڪن ٿي سگهيو جاري رکي اسين سندس يادگيرين کي ملهائيندا رهنداسين. ايئن سندس ڳالهيون، سندس سارون جيءَ کي جيارڻ جو سبب بڻجنديون ۽ هنيون سڄو ٿيندو. مون کي جياريو، پرين جي ڳالهه ڪري، ڊٺو اڄ اڏيو، هينئڙو ڪوٽ برج جيئن. سراج ميمڻ هڪ تاريخ ساز شخصيت - جنم ڏينهن جي حوالي سان تاج جويو سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان سچو عشق رکندڙ، ڏاهي دانشور، ڪهاڻيڪار، ناول نگار، محقق ۽ ماهر لسانيات ’سراج‘ جو پورو نالو سراج الحق ولد محمد يعقوب ميمڻ هو، هن ۲۴ آڪٽوبر ۱۹۳۳ع تي ٽنڊي ڄام، ضلعي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. سندس والد محمد يعقوب ميمڻ وقت جو بهترين تعليمدان ۽ علم ۽ ادب سان چاهه رکندڙ هو. سندس ترجمو ڪيل ’ديوان حافظ‘ سنڌي ادب ۾ يادگار حيثيت رکي ٿو. سراج تي پنهنجي والد جي مزاج جو اثر ٿيو ۽ شروع کان ئي لکڻ، پڙهڻ سان واسطو رهيس. ابتدائي تعليم ڳوٺ مان وٺڻ کانپوءِ نور محمد هاءِ اسڪول مان ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين ۽ سموري بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ ٽين پوزيشن کنيائين. سندس تعليم بي. اي (آنرس)، ايم. اي ۽ ايل. ايل. بي هئي. پيشي جي لحاظ کان ۱۹۵۳ع ۾ ’سنڌي ادبي بورڊ‘ ۾ نوڪري شروع ڪيائين ۽ ۱۹۵۵ع ۾ ادبي بورڊ جو اسسٽنٽ سيڪريٽري مقرر ٿيو. ۱۹۵۷ع ۾ سي. ايس. ايس. جو چٽاڀيٽيءَ جو امتحان پاس ڪري انڪم ٽئڪس جي کاتي ۾ آفيسر مقرر ٿيو، جتان ۱۹۶۹ع ۾ جبري رٽائرمينٽ ٿيس. سندس خلاف الزامن مان مکيه سرڪاري ملازمت ۾ هوندي قومپرست ۽ ترقي پسند ادبي تحريڪن ۾ حصو وٺڻ ۽ قوميت جي موضوع تي لکڻ هو. ان کانپوءِ ڪجهه وقت وڪالت ڪيائين. ۱۹۷۱ع ۾ ڪراچيءَ مان هلال پاڪستان اخبار جو اجراء ٿيو، جنهن ۾ کيس ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو. هن اخبار ذريعي سراج، جديد صحافت ۾ نوان ۽ اڇوتا لاڙا آندا. ان تي کيس سنڌي جديد صحافت کي نئون جنم ڏياريندڙ چيو وڃي ٿو. ۱۹۷۷ع ۾ ضياءُ الحق جي دور ۾ هن فوجي حڪومت کان ڊڪٽيشن وٺڻ کان انڪار ڪندي هلال پاڪستان مان استعيفا ڏني ۽ واپس وڪالت جي شعبي سان لاڳاپجي ويو ۽ عمر جي آخري عرصي تائين سپريم ڪورٽ جو سينيئر وڪيل رهيو. انڪم ٽيڪس قانون تي سندس مهارت سبب کيس ان مضمون جي ميدان ۾ ’انسائيڪلوپيڊيا‘ چيو ويندو هو. سراج سنڌي ادب جي هڪ گھڻ پاسائين شخصيت رهيو، سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ۱۹۶۱ع ۾ ’اي درد هلي آءُ‘ جي نالي سان شايع ٿيو ۽ ٻيو مجموعو ’اٺون ماڻهو‘ ۱۹۸۵ع ۾ شايع ٿيو. جديد سنڌي ادب ۾ سراج سڀ کان وڌيڪ تخليقي ناول لکيا ۽ هي اهو پهريون سنڌي ليکڪ آهي، جنهن ٽن ناولن تي ٻڌل ’پياسي ڌرتي رمندا بادل‘ جي نالي سان سنڌي ادب جي پهرين ٽريالاجي لکي. سراج، سنڌ جي تاريخ کي افسانوي انداز ۾ پڙهڻ جو شوق پيدا ڪيو، جن سنڌ جي تاريخ اڳ ۾ ڪانه پڙهي هئي، تن سراج جا ناول پڙهي پوءِ سنڌ جي تاريخ ۾ دلچسپي ورتي. سراج جو پهريون جڳ مشهور ناول ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ ۱۹۷۹ع ۾ ڇپيو، هي ناول سنڌ تي ارغونن ۽ ترخانن جي قهري دور جي تاريخ کي افسانوي انداز ۾ پيش ڪري ٿو. سندس ٻيو ناول ’مرڻ مون سين آءُ، سال ۱۹۸۸ع ۾ ڇيپو، ان کانسواءِ ’منهنجي دنيا مرگھه ترشنا‘، ’منهنجي دنيا هيڪل وياڪل‘، ’تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول‘ سندس اهم ناول آهن. سراج ڪيترا ئي ڊراما پڻ لکيا. هڪ مترجم جي حيثيت سان هن ’چين جي هارين کي زمين ڪيئن ملي‘، ’چونڊ آمريڪي افسانا‘، ’ڏکڻ مان ٿو سج اڀري‘، ’سنڌ جي اقتصادي تاريخ‘ ڪتاب پڻ ترجمو ڪيا. سندس ناول ۽ افسانن جا مجموعا، افسانوي ادب ۾ تمام گھڻي اهميت جا حامل آهن. سراج پنهنجي صحافتي زندگيءَ ۾ روزاني هلال پاڪستان جو ايڊيٽر رهڻ دوران اهم مسئلن تي ايڊيٽوريل لکڻ کانسواءِ ’رتيءَ جي رهاڻ ۽ ملان جي ڊوڙ‘ ۽ جاڳو اخبار ۾ ’سياسي منظرنامو‘ جي سري سان سوين مضمون ۽ ڪالم لکيا. سراج شاعري به ڪئي ۽ ڪراچيءَ جي سنڌ کان ڌار ڪري وفاق حوالي ڪرڻ جي موقعي تي ’ڪراچي‘ نالي سان تاريخي ۽ اهم نظم لکيو. لسانيات جي حوالي سان سندس اهم تصنيف ’سنڌي ٻولي‘ ۱۹۶۴ع ۾ ڇپي، جنهن سنڌي ادب ۾ ٻوليءَ جي ارتقا جي حوالي سان نوان بحث ڇيڙيا. هن ڪتاب ۾ پهريون ڀيرو هن سنڌ جي ٻين عالمن سان اختلاف ڪندي سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ جي اصلوڪي ۽ بنيادي ٻولي قرار ڏنو، جنهن کي شروع ۾ جن قبول نه ڪيو، انهن به تحقيق بعد آخر ۾ اچي ساڳي ڳالهه ڪئي. هن ڪتاب کي ’پاڪستان رائيٽرس گلڊ‘ پاران انعام پڻ مليو ۽ ۲۰۰۹ع ۾ هن ڪتاب جو انگريزي ترجمو پڻ شايع ٿيو، جيڪو سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ڇپيو آهي. سنڌ جي هن نامور عالم ۽ اديب، ۲ فيبروري ۲۰۱۳ع، رات جو ساڍي ٽئين وڳي، لياقت نيشنل اسپتال، ڪراچيءَ ۾، دل جي عارضي سبب وفات ڪئي. سنڌ جو سراج زبير عاقلاڻي ميمڻ مون کي ياد آھي ته اياز ھن دنيا مان لاڏاڻو ڪيو ھو، صبح جو جيئن ئي اٿيس ته نظر اخبار تي پيم ته اھي سٽون فرنٽ تي ھيون؛ “ڀونءِ نه آئي ڀانءِ، الا مان اڏري ويندوسانءِ.” ۽ ڏٺو ھيم ته بابا سائين اخبار تي لکيل سٽن کي ڏسي اوڇنگارون ڏئي روئي رھيو ھو، تڏھن اچرج مان معصوم نگاھن سان بابا کي ڏٺم ته ھڪ اجنبي ماڻھو لاءِ بابا ڪيئن ٿو روئي، ڄڻ بابا جو ھن ماڻھو سان خون جو رشتو ھجي، منھنجو ٻاراڻو ذھن ان ڳالھه کي سمجھڻ کان قاصر ھيو ته ھو ماڻھو سنڌ جو اياز ھو. وڏو ٿي جڏھن شعور جون منزلون طئي ڪري سنڌ جي سراج کي پڙھيم ھن جي آدرشن صفا ششدر ڪري ڇڏيو، پياسي ڌرتي رمندا بادل، دل جي ويران بنجر کي سيراب ڪري ڇڏيو، پڙاڏو سوئي سڏ دل جو پڙاڏو بڻجي ويو , آئون سوچيندو ھوس سراج سنڌ جو سراج ڪيئن ٿيو ؟ پر پوءِ سوچيم ھن کي سنڌ جو سور ھو، سنڌ جي محبت جو سرور ھو، جنھن ھن کي مسرور ته ڪيو پر محصور به ڪري سنڌ جو سراج ڪري ڇڏيو. ھن جي خاندان کي جڏھن ٽنڊو ڄام شھر ڇڏڻو پيو تڏھن ھن جيون جي جوت جلائڻ لاءِ الاھي مشعلون ٻاريون ھيون ته جنھن ھن جي روح کي ھڪ نئون اتساھه بخشيو ھو.ھن جلاوطني جو سور پيتو ھو، ھن پنھنجن جي بيوفائي سٺي ھئي، ھن پنھنجي بابا يعقوب ميمڻ جي ھڪ ڏيئي مان ڪيئي ڏيئا ٻاريا ھيا، ھو خود ته ٽنڊو ڄام مان ھليو ويو ھو پر پنھنجي ڪلپائن جي ڇانو کي ٽنڊي ڄام ۾ ڇڏي ويو ھو ، جنھن جي ھيٺيان ويھي گھڻن ئي پنھنجي روح جي آڪسيجن ورتي . بھرحال سندس وڇوڙو تڏھن ٿيو جڏھن مون ھن کي سڃاڻڻ شروع ڪيو ھو، ھن جي ھڪ ملاقات منھنجي دل جي درد کي وڌائي ڇڏيو ھيو، ھن جي محبت مونکي محنت ڪرڻ تي مجبور ڪيو ھو، ھن جي شخصيت من اندر طوفان مچائي ڇڏيو ھو . وڌيڪ درد ته اھو به آھي ڪمپيوٽر کان اڳتي موبائيل وارو دور آھي، اڳي ته وقت نه ھجڻ جي ڪري به سفر ۾ ڪتاب ھٿ ۾ ھوندو ھو، ھاڻي ڪتاب جي جڳھه موبائيل والاري آھي، تڏھن ان دور ۾ اڃان به وڌيڪ اھڙن ماڻھن جو خلا شايد ڪابه صدي پورو نه ڪري سگھي. سراج الحق ميمڻ جو ڄم ٽنڊي ڄام جي عاقلاڻي ميمڻ پاڙي۾ سن ۱۹۳۳ع ۾ ٿيو سراج ميمڻ جي بابا محمد يعقوب پنھنجي ٻچڙن سان گڏ حيدرآباد ۾ اچي آباد ٿيا، ڪجھه مٽ مائٽ ٽنڊي ڄام ۾ ئي رھيا، ٽنڊو ڄام کي پياسي نگاھن سان تڪيندي چوندا رھيا. اس دل ڪي ٽڪڙي هزار هوئي ڪوئي يهان گرا ڪوئي وهان گرا. سراج ميمڻ پھرين ته ٽنڊو ڄام مان ھليو ويو جنھن لاءِ ھڪ مشھور چوڻي آھي ته ٽنڊو ڄام نه آھي ٽنڊو جام آھي اتي اچي ماڻھن جي دل جام ٿي وڃي ٿي ھن شھر جي محبت جو جام مسرور ڪندڙ آھي آھي سراج ميمڻ ۲ فيبروري تي دنيا مان لاڏاڻو ڪيو، ۲ فيبروري ڄڻ ھن لمحي جي ئي ڳالھه ھجي ۹ سال گذري ويا پر سراج جي خوشبو اڄ به سنڌ ۾ واسجي ٿي، جڏھن بھارن جي تياري آھي، جڏھن ماڪ ڳلن تي ٿي ڪري تڏھن اکين جي به ماڪ ڳلن تي پئي ڪري ڇو ته اھي اکيون ھاڻي سراج جو ديدار ڪڏھن به نه ڪري سگھنديون . آھه سراج واھه سراج سنڌ جو سراج (ڏھاڙي پنھنجي اخبار ۲ فيبروري ۲۰۲۱ع تي ڇپيل) سراج ميمڻ روايت مخالف اھم سنڌي دانشور ڊاڪٽر ايوب شيخ ڪجهه ڏينهن اڳ منهنجي ذهن ۾ اهو هيو ته سراج صاحب خير سان نوبنو ٿي ويندو ته ساڻس الاهي ڪچهريون ڪبيون، هن مون کي هڪڙو تفصيلي انٽرويو جو وعدو ڪيو هو، ان سلسلي ۾ مون ڪيئي ڀيرا سندس ڳالهيون نوٽ ڪري ڪيئي سوال ٺاهيا هئا. سوال بنا جواب جي تنهن ڏينهن رهجي ويا جڏهن سندس ٻئين نمبر پٽ سرجن ڊاڪٽر امجد سراج جو فون آيو. “بابا اسان کي ڇڏي ويو” هن جي دل سندس گذاري وڃڻ يا فوت ٿيڻ جي ڳالهه ٻڌائڻ لاءِ تيار نه هئي. ۲ فيبروري ۲۰۱۳ع تي ملڪ جي نامياري دانشور، ارڏي شخص، ٻوليءَ جي ماهر، ۽ محقق “سراج” جي لاڏاڻي جي خبر علمي ادبي لڏي سميت سندس چاهيندڙن کي صدمو ڏنو. سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان سچو عشق رکندڙ، ڏاهي دانشور، ڪهاڻيڪار، ناول نگار، محقق ۽ ماهر لسانيات ’سراج‘ جو پورو نالو سراج الحق ولد محمد يعقوب ميمڻ هو، هن ۲۴ آڪٽوبر ۱۹۳۳ع تي ٽنڊي ڄام، ضلعي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. سندس والد محمد يعقوب ميمڻ وقت جو بهترين تعليمدان ۽ علم ۽ ادب سان چاهه رکندڙ هو. جنهن سبب هن جو شروع کان ئي لکڻ، پڙهڻ سان واسطو رهيو. ابتدائي تعليم ڳوٺ مان وٺڻ کانپوءِ نور محمد هاءِ اسڪول مان ميٽرڪ جو امتحان بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ ٽين پوزيشن سان پاس ڪري ايم اي ايل ايل بي ڪيائين. ۱۹۵۳ع ۾ ’سنڌي ادبي بورڊ‘ ۾ نوڪري شروع ڪيائين ۱۹۵۷ع ۾ سي. ايس. ايس. جو چٽاڀيٽيءَ جو امتحان پاس ڪري انڪم ٽئڪس جي کاتي ۾ آفيسر مقرر ٿيو، جتان ۱۹۶۹ع ۾ جبري رٽائرمينٽ ٿيس. ان کانپوءِ ڪجهه وقت وڪالت ڪيائين. ۱۹۷۱ع ۾ ڪراچيءَ مان هلال پاڪستان اخبار جو ايڊيٽر ٿيو. هن اخبار ذريعي سراج ماڊرن صحافت جو پايو وڌو. ان جديد صحافت نه رڳو سنڌ کي وڏا وڏا اديب روز جي بنياد تي اخبار جي شڪل ۾ ڏنا پر هن پنهنجي ڀائٽي غفران ميمڻ کي “گلن جهڙا ٻارڙا” تنظيم ٺهرائي ان جي سڄي سنڌ ۾ تنظيم سازي ڪرائي. ٻارن جو ڪنهن به اخبار سان ايڏو وڏو چاهه سراج صاحب جي ان ڪوشش سان پيو ۽ سنڌ جي سماج کي پڙهيل نوجوانن جو هڪ وڏو انگ مليو هو. ۱۹۷۷ع ۾ ضياءُ الحق جي دور ۾ هن فوجي حڪومت کان ڊڪٽيشن وٺڻ کان انڪار ڪندي هلال پاڪستان مان استعيفا ڏني ۽ واپس وڪالت جي شعبي سان لاڳاپجي ويو ۽ عمر جي آخري عرصي تائين سپريم ڪورٽ جو سينيئر وڪيل رهيو. انڪم ٽيڪس قانون تي سندس مهارت سبب کيس ان مضمون جي ميدان ۾ “انسائيڪلوپيڊيا” چيو ويندو هو. هڪ نامياري اديب طور، سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ۱۹۶۱ع ۾ “اي درد هلي آءُ” جي نالي سان شايع ٿيو ۽ ٻيو مجموعو “اٺون ماڻهو” ۱۹۸۵ع ۾ شايع ٿيو. ٽن ناولن تي ٻڌل “پياسي ڌرتي رمندا بادل” جي نالي سان سنڌي ادب جي پهرين ٽريالاجي لکي. سراج، سنڌ جي تاريخ کي افسانوي انداز ۾ پڙهڻ جو شوق پيدا ڪيو، جن سنڌ جي تاريخ اڳ ۾ ڪانه پڙهي هئي، تن سراج جا ناول پڙهي پوءِ سنڌ جي تاريخ ۾ دلچسپي ورتي. سراج جو پهريون جڳ مشهور ناول “پڙاڏو سوئي سڏ” ۱۹۷۹ع ۾ ڇپيو، هي ناول سنڌ تي ارغونن ۽ ترخانن جي ڪاري دور جي ڪهاڻي پيش ڪري ٿو هڪ سنڌيڪار جي حيثيت سان هن “چين جي هارين کي زمين ڪيئن ملي”، “چونڊ آمريڪي افسانا”، “ڏکڻ مان ٿو سج اڀري”، “سنڌ جي اقتصادي تاريخ” ڪتاب پڻ ترجمو ڪيا. سندس ناول ۽ افسانن جا مجموعا، افسانوي ادب ۾ تمام وڏي اهميت وارا آهن. سراج صاحب پنهنجي صحافتي زندگيءَ ۾ روزاني هلال پاڪستان جو ايڊيٽر رهڻ کانسواءِ “رتيءَ جي رهاڻ ۽ ملان جي ڊوڙ” ۽ جاڳو اخبار ۾ “سياسي منظرنامو” جي سري سان سوين مضمون ۽ ڪالم لکيا. سراج شاعري به ڪئي ۽ ڪراچيءَ جي سنڌ کان ڌار ڪري وفاق حوالي ڪرڻ جي موقعي تي “ڪراچي” نالي سان تاريخي ۽ اهم نظم لکيو. لسانيات جي حوالي سان سندس اهم تصنيف “سنڌي ٻولي” ۱۹۶۴ع ۾ ڇپي، جنهن سنڌي ادب ۾ ٻوليءَ جي ارتقا جي حوالي سان نوان بحث ڇيڙيا. هن ڪتاب ۾ پهريون ڀيرو هن سنڌ جي ٻين عالمن سان اختلاف ڪندي سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ جي اصلوڪي ۽ بنيادي ٻولي قرار ڏنو پنهنجي زندگي جي آخري ڏينهن ۾ هڪ ڏينهن هو “پارڪلين اسپتال”۾ داخل هڪ ٻئي ارڏي شمشير الحيدري سان ملڻ آيو. هن پنهنجي ڪڙڪ آواز ۾ شمشير کي چيو ته “جلدي تيار ٿي ته وڏيون ڪچهريون ڪيون” آئون موجود هوس. مون کي چيائين ته شمشير جي حالت بهتر ناهي. هن جي خيال ڪجو. مون سندن گهر ۾ سندس ٻولي جي حوالي سان لکيل ڪتاب تي پڇيو ته هن چيو ته “هاڻي سندس سوچ ٻي آهي، ارتقا ۽ تحقيق پڙهڻ کانپوءِ مون کي پنهنجي ڪتاب کي ٻيهر لکڻ جو خيال ٿيو آهي، رڳو خوش ٿي وٺان. هن مون کي ڪرشن چندر جو ترجمو ٿيل ڪتاب “ڏکڻ مان ٿو سج اڀري” جو اوائلي ڪاپي ڏيندي چيو ته “ايوب هي ڪتاب ٻيهر ڇاپڻ جي گهرج آهي” مون کين ٻڌايو ته ٻن هفتن ۾ اچي ويندو. پوءِ اهو ڪتاب ته آيو پر ان جو سنڌيڪار هن جهان ۾ موجود ڪونه هو. محترما بينظير ڀٽو سان آخري ملاقات: ۱۹۹۸ع ۾ جلاوطن ٿيڻ کان اڳ محترما بينظير ڀٽو آخري ملاقات سنڌ جي دانشورن ۽ اديبن سان ڪئي هئي. جنهن ۾ سيد غلام مصطفي شاه، محمد ابراهيم جويو، ايم ايچ پنهور، اعجاز قريشي، نثار احمد کهڙو، ناهيد عباسي، نويد قمر، مشتاق ميراڻي ۽ ٻيا موجود هئا. ان ملاقات ۾ محترما کي سنڌ جي دانشورن تعليم جي باري ۾ الاهي ڳالهيون ڪيون، کوٽون ٿي سگهڻ جهڙا پر نه ٿي سگهندڙ ڪم ٻڌايا. اها سراج صاحب جي ميزباني ۾ سنڌ جي دانشورن سان محترما جي آخري ملاقات هئي. محترما دبئي هلي ويئي ۽ ان کانپوءِ وري سندس سراج صاحب سان ملاقات ٿي نه سگهي. سراج صاحب جو خيال هو ته پنهنجي روايتن سان ايئن بغاوت ڪرڻي پوندي، جيئن پنهنجي ڀيڻن جي تعليم لاءِ هو ڳوٺ ڇڏي هليو ويو ۽ وري روايتن جي پاسي نه موٽيو. (ڏھاڙي پنھنجي اخبار ۲ فيبروري ۲۰۲۱ع تي ڇپيل) سراج سنڌوءَ جي ساڃاهه علي نواز آريسر سراج، سنڌي ٻوليءَ جو اُهو سگهارو قلمڪار آهي، جنهن سنڌي ٻوليءَ سان انتها جي حد تائين عشق ڪيو، هن سنڌي ادب ۾ جيڪي نوان لاڙا آندا، سي تاريخ جو هڪ مثال بڻجي ويا، ڇاڪاڻ ته هن سڄي زندگي اُهو ادب تخليق ڪيو، جنهن جي سنڌ کي ضرورت هُئي. هن سنڌي ٻوليءَ بابت نج سنڌيت جي جذبي هيٺ جڏهن پنهنجو منفرد نظريو قائم ڪيو، اُن وقت سندس منهن تي مُڇن جي ساول به نه آئي هُئي، هو ان وقت جيتوڻيڪ ٻوليءَ جي وصفن ۽ گهراين کان به ايترو واقف نه هوندو، پر سندس اندر ۾ ويٺل سنڌ جي عشق، نه رُڳو کيس ٻوليءَ جي سڀني وصفن کان آگاهه ڪيو، پر هن ان وقت بيٺل پاڻيءَ ۾ ڄڻ ته پٿر اُڇلايو هو. اُن جو پسمنظر هي آهي ته: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۱۹۵۹ع ڌاري ٽه ماهي مهراڻ ۾ ’سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ‘ جي عنوان سان هڪ مضمون لکي، سنڌي ٻوليءَ بابت پنهنجي راءِ قائم ڪئي، ته ’سنڌي ٻولي، سامي صفت زبانن مان هڪ آهي.‘ اُن وقت سراج جي ذهن ۾ مانڌاڻ مچي پيو، هن انهيءَ مانڌاڻ جو ذڪر جڏهن سنڌي ٻوليءَ جي عالم محمد ابراهيم جويي سان ڪيو ته جويي صاحب کيس چيو: ”جواب ڇو نه ٿو لکين؟“. سراج اُن وقت هڪو ٻڪو ٿي ويو هو ته ڪٿي ڊاڪٽر بلوچ جهڙو جيد عالم ۽ ڪٿي سراج جهڙو شاگرد ۽ الهڙ جوان! وقت پنهنجي رفتار سان گذرندو رهيو، سراج جي دل ۾ ٻوليءَ جو درد قرض بڻجي دُکندو رهيو ۽ ذهن ۾ سنڌ جي عشق جا اُلا ڀڀڙ بڻجي ڀڙڪندا رهيا. سنڌي ٻوليءَ جا عاشق- محمد ابراهيم جويو، شيخ اياز، مولانا غلام محمد گرامي، شمشيرالحيدري، غلام رباني آگرو ۽ نياز همايوني کانئس بار بار پُڇندا رهيا ته جواب جو ڇا ڪيئي؟ اهڙيءَ ريت هُو پنهنجي دل ۽ ذهن جي انهيءَ آڙاهه کي جهڪو ڪرڻ خاطر سياري جي سرد راتين ۾ نڪري پيو موهن جي دڙي جي کنڊرن کي ڦلهورڻ. اُهو موهن جو دڙو، جيڪو پنهنجي اندر ۾ ڪيتريون تاريخي ڪٿائون دفن ڪري ويٺو هو، اُهو موهن جو دڙو، جيڪو سنڌ جي آڳاٽي تاريخ جو اهم ۽ انوکو مثال هو. انهيءَ موهن جي دڙي جي کنڊرن ۾ راتين جون ننڊون ڦٽائي، سراج سنڌي ٻوليءَ جي آڳاٽي تاريخ جو تت ڳولي ڪڍيو. مسلسل جفاڪشي ۽ جاکوڙ کانپوءِ، هن ۱۹۶۱ع ۾ هڪ طويل مضمون لکيو. جنهن جي جواب ۾ وري ڊاڪٽر صاحب هڪ مضمون لکيو ۽ پوءِ ۱۹۶۴ع ۾ سراج ’سنڌي ٻولي‘ نالي هڪ ڪتاب لکي، سنڌي ادب جي جهول ۾ وڌو. جيتوڻيڪ اُن وقت هن ڪتاب تي مختلف اديبن پاران سخت تنقيدون ٿيون، بحث مباحثا ٿيا، ڪتاب ۾ قائم نظريي کي غلط ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر چوندا آهن ته ڪڏهن ڪڏهن تاريخ پنهنجو پاڻ کي ورجائيندي آهي ۽ اُهو ورجاءُ اهو آهي جو اڄ سنڌي ٻوليءَ جا سمورا محافظ ’سراج جي نظريي‘ آڏو مٿو ٽيڪي بيٺل نظر اچي رهيا آهن. خود ڊاڪٽر بلوچ هڪ پروگرام ۾ سراج جي پُٺي ٺپري چيو هو ته: ’نوجوان! اڄ آءٌ به تنهنجي راءِ سان متفق آهيان.‘ سراج جيتوڻيڪ اُن وقت ڪو ايڏو وڏو محقق نقاد نه هو، پر هُو سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جو عاشق هو، جنهن سنڌ سان سسئيءَ جهڙو عشق ڪيو هو ۽ سسئيءَ جيان جهنگ جبل جهاڳڻ شروع ڪيا هئا. سراج رُڳو محقق هجي ها ته ڪنهن پراڻي طئه ٿيل نظريي تي بيهي رهي ها، پر هُو ته تخليقڪار هو ۽ تخليقڪار ئي انتها جي حد تائين عشق ڪري سگهي ٿو. سراج عاشق نه هجي ها ته ٻاروتڻ ۾ پڙهيل الف- ب واري پٽي، سندس ذهن تي اُڪريل نه هجي ها! – ۽ ها، اُهو ٻوليءَ جو عشق، کيس پنهنجي والد صاحب محمد يعقوب ’نياز‘ کان وِرثي ۾ مليو هو. سراج، ٻيو جيڪو وڏو ڪم ڪيو، اُهو ڪم هو ’سنڌ جي تاريخي پسمنظر ۾ ناول لکڻ،‘ سراج جو پهريون ناول ‘پڙاڏو سوئي سڏ’ تاريخي پسمنظر ۾ لکيل سنڌيءَ جو پهريون اهم ناول آهي، جنهن جا هن وقت تائين ڏهن کان وڌيڪ ڇاپا پڌرا ٿي چُڪا آهن ۽ هيءَ ناول، سنڌي ادب جي شاگردن کي ايم. اي ۾ سبجيڪٽ طور پڙهايو ويندو آهي. هن ناول جي ٻولي، جيتوڻيڪ سادي آهي، پر ناول ۾ جيڪو انقلابي نُڪتو کنيو ويو آهي، تنهن سنڌ جي قومي هلچل ۾ چڱو خاصو اُڀار آندو. هي ناول ترخانن جي سنڌ سان ڪيل ڏاڍاين خلاف آهي. سراج صاحب جي مٿين راءِ اهو ثابت ڪري ٿي ته سنڌي ماڻهو ويڙهه جو عمل ۽ منظم جدوجهد هن دور ۾ سکيا. سراج هن ناول ۾ ’جيئي سنڌ‘ جو نعرو به متعارف ڪرايو آهي، جنهن سنڌ جي قومي هلچل ۾ تمام گهڻي مقبوليت ماڻي. اهڙيءَ طرح سراج هن ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو به لکيو، جيڪو ’مرڻ مون سين آءُ‘ جي نالي سان گهڻو پوءِ ڇپيو. اهڙيءَ طرح سراج وقت جي نبض تي هٿ رکي ادب تخليق ڪندو رهيو ۽ ان سلسلي تحت هن سنڌي ناولن ۾ ’ٽريالاجي‘ به متعارف ڪرائي، هن ٽريالاجيءَ ۾ سندس ٽي ناول: ’منهنجي دنيا هيڪل وياڪل‘، ’تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول‘ ۽ ’منهنجي دنيا مِرگهه ترشنا‘، شامل ڪيا، جيڪي ٽريالاجيءَ طور ’پياسي ڌرتي رمندا بادل‘ نالي سان ڇپيا. هن کان اڳ ڪنهن سنڌي مصنف سنڌي ناول جي ٽريالاجي نه لکي هُئي. مجموعي طور سراج هر دور ۾ متحرڪ قلمڪار رهيو آهي. هن ڪهاڻيون به لکيون ته شاعري به ڪئي. منظوم ناٽڪ به لکيا ته لاتعداد ڪالم به لکيا. هو جڏهن هلال پاڪستان اخبار جو ايڊيٽر هو، تڏهن’ملان جي ڊوڙ‘، ’سياسي منظر نامو‘ ۽ ‘رتيءَ جي رهاڻ‘سِري هيٺ لاتعداد مضمون ۽ تجزيا لکيائين، سندس اهي ڪالم اڄ به پڙهجن ٿا ته ايئن پيو محسوس ٿئي، ڄڻ اڄ جي حالتن تي لکيا ويا آهن، ڇاڪاڻ ته سنڌ جون حالتون اڃا تائين ساڳئي پسمنظر ۾ ساهه کڻي رهيون آهن. سراج جي ٻين ڪتابن ۾: ’سج ڏکڻ مان ٿو اُڀري‘ (ڪرشنچندر جي ناول جو ترجمو:۱۹۵۳ع)، ’سنڌ جي اقتصادي تاريخ‘ (ايس. پي ڇٻلاڻيءَ جي ڪتاب جو ترجمو (۱۹۵۸ع)، ’چونڊ آمريڪي افسانا‘ (ترجمو:۱۹۵۸ع)، ’اي درد هلي آءُ‘ (ڪهاڻيون:۱۹۶۲ع)، ’اٺون ماڻهو (ڪهاڻيون‘:۱۹۸۵ع)، ’سياسي منظر نامو‘ (۲۰۱۵ع) ’ڏات ۽ ڏاهپ جي لاٽ‘ (۲۰۱۵ع) شامل آهن. منهنجي سراج صاحب سان صرف هڪ ملاقات ٿي هُئي، اُن وقت آءٌ عمر ۾ ڪافي ننڍو هئس، هڪ ڀيري آريسر صاحب [عبدالواحد آريسر] سان گڏجي ڪراچيءَ ويو هئس ۽ پوءِ اسان شمشيرالحيدريءَ سان گڏجي، سراج صاحب سان مليا هُئاسين. نهايت ئي سنجيده انسان، ضرورت وقت ڳالهائي رهيو هو، نه ته مسلسل خاموش، پر هن جيڪو به ڳالهايو پئي، ان ۾ سنڌ جو ذڪر هو، سنڌ جي شعور جي ٽمورتيءَ سان گڏ ويٺي مون پنهنجي پاڻ کي خوش نصيب ڀانئيو هو ۽ اُن رات ڪيتري دير تائين ٽنهي جي ڪچهريءَ مان مون علم جا ڪيئي ڪڻا ميڙيا هئا، جيڪي اڄ تائين منهنجي ذهن ۾ سانڍيل آهي. سراج سان منهنجي شناسائي هونئن ته گهڻي پراڻي هئي، ڇاڪاڻ ته مون جيڪو پهريون ناول پڙهيو هو، اُهو سراج جو ناول ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ هو جيڪو اُن وقت ته منهنجي سمجهه ۾ نه آيو هو، پر اڳتي هلي انهيءَ ناول منهنجي ايتري ته رهنمائي ڪئي، جو آءٌ به ’ساڳئي پنڌ جو پانڌيئڙو‘ بڻيو هئس. اهڙيءَ طرح انهي شُناسائيءَ کي عملي صورت اُن رات ملي هئي، جڏهن آءٌ هن جي سامهون خاموش ويٺو کيس ڏسندو رهيو هئس. هماليه جهڙي هن اڏول انسان جي ذهن ۾ ان وقت به سنڌ جي سوچ هُئي. سراج، بابت هڪڙي ٻي اهم ڳالهه آءٌ رڪارڊ تي آڻڻ چاهيان ٿو، جيڪا هن وقت تائين سامهون اچي نه سگهي آهي ۽ اُها ڳالهه مون کي آريسر صاحب، ۲۲ اپريل ۲۰۱۵ع تي راجپوتانا اسپتال جي ڪمري نمبر ۱۲۲ ۾ ٻڌائي هُئي ته: جڏهن بينظير صاحبه پاڪستان ۾ اپوزيشن اڳواڻ هئي، اُن وقت هن ڏکڻ ايشيا جي اپوزيشن اڳواڻن جي ميٽنگ ڪوٺائي هئي، جنهن ميٽنگ ۾ شيخ حسينه واجد کان مختلف صحافي انٽرويو وٺڻ آيا هئا ته حسينه واجد انهن کي وراڻيو هو ته: آءٌ انٽرويو صرف بنگالي ٻوليءَ ۾ ڏيڻ پسند ڪنديس، ظاهر ڳالهه آهي ته هِتان جي صحافين کي بنگالي ٻولي ڪانه ٿي آئي، اُن وقت سراج ميمڻ، حسينه واجد سان مليو ۽ پنهنجو تعارف ڪرائيندي چيائين ته آءٌ توهان جي بابا جو دوست آهيان ۽ ڊاڪا مان به ٿي آيو آهيان، تڏهن هن وراڻيو ته: ’ها، مون اوهان جو ذڪر بابا جي ڊائريءَ ۾ پڙهيو آهي- ۽ پوءِ هن سراج صاحب کي انٽرويو ڏيڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي. اُن وقت پاڪستان ۾ بينظير، بنگلاديش ۾ شيخ حسينه واجد ۽ نيپال ۾ ڪُماري ٽنگا اپوزيشن جون عورت اڳواڻ هُيون. ان مان واضح ٿئي ٿو هو ڪيڏو وڏو ماڻهو هو ۽ ڪيڏو ڪميٽيڊ ۽ واسطا ڳنڍيندڙ انسان هو. سراج صاحب تي وقت جي نقادن ڪيتريون ئي تنقيدون ڪيون، پر هن ڪڏهن مُڙي به انهن کي جواب نه ڏنو ۽ نه هن ڪڏهن ان جي ضرورت محسوس ڪئي، ڇاڪاڻ ته هن ڄاتو ٿي ته تنقيدن جي ور چڙهي پنهنجو وقت وڃائڻ کان بهتر آهي ته عملي ڪم ڪجي ۽ هو سڄي زندگي ڪم ڪندو رهيو. اڄ تاريخ سندس انهن مخالفن جي منهن تي سراج جي تخليقن جي اهڙي ته مُهر هڻي ڇڏي آهي، جو وٽن سندس ادبي تخليقن جي ’اعترافي قبوليت‘ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو بچيو ئي ناهي. سراج، جيڪو سنڌوءَ جي ساڃاهه هو، سو سنڌ کان ۲ فيبروري ۲۰۱۳ع تي جدا ٿي ويو، پر سندس ڏنل نظريو سنڌ ۾ اڄ به شعور جي چڻنگ کي روشن رکيو اچي. سراج سنڌوءَ جي ساڃاهه علي نواز آريسر سراج، سنڌي ٻوليءَ جو اُهو سگهارو قلمڪار آهي، جنهن سنڌي ٻوليءَ سان انتها جي حد تائين عشق ڪيو، هن سنڌي ادب ۾ جيڪي نوان لاڙا آندا، سي تاريخ جو هڪ مثال بڻجي ويا، ڇاڪاڻ ته هن سڄي زندگي اُهو ادب تخليق ڪيو، جنهن جي سنڌ کي ضرورت هُئي. هن سنڌي ٻوليءَ بابت نج سنڌيت جي جذبي هيٺ جڏهن پنهنجو منفرد نظريو قائم ڪيو، اُن وقت سندس منهن تي مُڇن جي ساول به نه آئي هُئي، هو ان وقت جيتوڻيڪ ٻوليءَ جي وصفن ۽ گهراين کان به ايترو واقف نه هوندو، پر سندس اندر ۾ ويٺل سنڌ جي عشق، نه رُڳو کيس ٻوليءَ جي سڀني وصفن کان آگاهه ڪيو، پر هن ان وقت بيٺل پاڻيءَ ۾ ڄڻ ته پٿر اُڇلايو هو. ۱۹۶۴ع ۾ سراج ’سنڌي ٻولي‘ نالي هڪ ڪتاب لکي، سنڌي ادب جي جهول ۾ وڌو. جيتوڻيڪ اُن وقت هن ڪتاب تي مختلف اديبن پاران سخت تنقيدون ٿيون، بحث مباحثا ٿيا، ڪتاب ۾ قائم نظريي کي غلط ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر چوندا آهن ته ڪڏهن ڪڏهن تاريخ پنهنجو پاڻ کي ورجائيندي آهي ۽ اُهو ورجاءُ اهو آهي جو اڄ سنڌي ٻوليءَ جا سمورا محافظ ’سراج جي نظريي‘ آڏو مٿو ٽيڪي بيٺل نظر اچي رهيا آهن. سراج، ٻيو جيڪو وڏو ڪم ڪيو، اُهو ڪم هو ’سنڌ جي تاريخي پسمنظر ۾ ناول لکڻ،‘ سراج جو پهريون ناول ‘پڙاڏو سوئي سڏ’ تاريخي پسمنظر ۾ لکيل سنڌيءَ جو پهريون اهم ناول آهي، جنهن جا هن وقت تائين ڏهن کان وڌيڪ ڇاپا پڌرا ٿي چُڪا آهن ۽ هيءَ ناول، سنڌي ادب جي شاگردن کي ايم. اي ۾ سبجيڪٽ طور پڙهايو ويندو آهي. هن ناول جي ٻولي، جيتوڻيڪ سادي آهي، پر ناول ۾ جيڪو انقلابي نُڪتو کنيو ويو آهي، تنهن سنڌ جي قومي هلچل ۾ چڱو خاصو اُڀار آندو. هي ناول ترخانن جي سنڌ سان ڪيل ڏاڍاين خلاف آهياهڙيءَ طرح سراج هن ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو به لکيو، جيڪو ’مرڻ مون سين آءُ‘ جي نالي سان گهڻو پوءِ ڇپيو. اهڙيءَ طرح سراج وقت جي نبض تي هٿ رکي ادب تخليق ڪندو رهيو ۽ ان سلسلي تحت هن سنڌي ناولن ۾ ’ٽريالاجي‘ به متعارف ڪرائي، هن ٽريالاجيءَ ۾ سندس ٽي ناول: ’منهنجي دنيا هيڪل وياڪل‘، ’تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول‘ ۽ ’منهنجي دنيا مِرگهه ترشنا‘، شامل ڪيا، جيڪي ٽريالاجيءَ طور ’پياسي ڌرتي رمندا بادل‘ نالي سان ڇپيا. هن کان اڳ ڪنهن سنڌي مصنف سنڌي ناول جي ٽريالاجي نه لکي هُئي. مجموعي طور سراج هر دور ۾ متحرڪ قلمڪار رهيو آهي. هن ڪهاڻيون به لکيون ته شاعري به ڪئي. منظوم ناٽڪ به لکيا ته لاتعداد ڪالم به لکيا. هو جڏهن هلال پاڪستان اخبار جو ايڊيٽر هو، تڏهن’ملان جي ڊوڙ‘، ’سياسي منظر نامو‘ ۽ ‘رتيءَ جي رهاڻ‘سِري هيٺ لاتعداد مضمون ۽ تجزيا لکيائين، سندس اهي ڪالم اڄ به پڙهجن ٿا ته ايئن پيو محسوس ٿئي، ڄڻ اڄ جي حالتن تي لکيا ويا آهن، ڇاڪاڻ ته سنڌ جون حالتون اڃا تائين ساڳئي پسمنظر ۾ ساهه کڻي رهيون آهن. سراج جي ٻين ڪتابن ۾: ’سج ڏکڻ مان ٿو اُڀري‘ (ڪرشن چندر جي ناول جو ترجمو: ۱۹۵۳ع)، ’سنڌ جي اقتصادي تاريخ‘ (ايس. پي ڇٻلاڻيءَ جي ڪتاب جو ترجمو (۱۹۵۸ع)، ’چونڊ آمريڪي افسانا‘ (ترجمو:۱۹۵۸ع)، ’اي درد هلي آءُ‘ (ڪهاڻيون:۱۹۶۲ع)، ’اٺون ماڻهو (ڪهاڻيون‘ : ۱۹۸۵ع)، ’سياسي منظر نامو‘ (۲۰۱۵ع) ’ڏات ۽ ڏاهپ جي لاٽ‘ (۲۰۱۵ع) شامل آهن. سراج، جيڪو سنڌوءَ جي ساڃاهه هو، سو سنڌ کان ۲ فيبروري ۲۰۱۳ع تي جدا ٿي ويو، پر سندس ڏنل نظريو سنڌ ۾ اڄ به شعور جي چڻنگ کي روشن رکيو اچي. (ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲ فيبروري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
سائين جي ايم سيد سنڌ جو سائين ممتاز علي وگهيو هي جو پوڙهو جهور، وڙهندي ٿيو ويڙھ ۾ اڃا ڏمر ڏاڍ تــــــي، آڻ نه مـــڃي مــــــور، سوچي ڏسي ڏور، آڏو آرڻ ڏينهڙا. (اياز) سنڌ جي سيد سائين جي ايم سيد تي لکڻ لاء علم دانائي ۽ وڏو دماغ گهرجي، جيڪو مون جهڙي منڊي ماڪوڙي وٽ ڪونهي. سيد تي لکڻ لاء وڏو وقت گهرجي، ڇاڪاڻ ته سائين جي زندگي جا ايترا ته پهلو آهن جو هر هڪ پهلو ته هڪ وڏو ڪتاب لکجي سگهجي ٿو، ۽ هر هڪ پهلو تي ڊاڪٽريٽ ڪري سگهجي ٿي، ۽ اميد آهي ته ڪي سنڌ جا اهڙا نوجوان پيدا ٿيندا جيڪي سائين جي زندگي جي هر پهلو تي ڊاڪٽريٽ ڪندا، سائين سنڌ جي گهمندڙ ڦرندڙ ثقافت ۽ تاريخ هئا، ان سان گڏ وڏا ليکڪ ۽ دانشور ۽ وڏا عالم ۽ وڏي ضرف وارا وڏا ماڻهون هئا، بقول منهنجي دوست جناب حافظ خليل صاحب ته سائين عربي، فارسي جي گرامر صرف و نحو جا وڏا ڄاڻو ۽ ماهر هئا، عربي گرامر توڙي قرآن جي علم تي کين وڏو عبور هو، جڏهن شاه سائين جا بيت يا وري مولانه جلالالدين رومي جي مثنوي ۽ حافظ شيرازي جي شاعري پڙهي ڪري انهن جي معني ۽ تشريح ڪندا هئا ته مٿن هڪ عجيب ڪيفيت طاري ٿئي ويندي هئن. ۽ پاڻ به روئڻ ۾ پئجي ويندا هئا ۽ اتي ويٺلن کي به روئاري ڇڏيندا هئا. سنڌ جي سيد سائين جي ايم سيد جو مختصر احوال سائين جو خانداني احوال ــــ سائيم جي ايم سيد صاحب مٽياري سيدن جي خاندان سان تعلق رکن ٿا، سندن وڏڙن مان سيد حيدر نالي هڪ شخص امير تيمور جي هندستان اچڻ وقت ۸۰۱ هجري ۾ پنهنجي والد سيد امير علي سان هرات کان ملتان تائين آيو ۽ پوء سير سفر جي رستي انهن کان ڇڄي سنڌ جي شهر هالن ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾ اچي رهيو ۽هتي ارباب شاه محمد وٽان شادي ڪيائين، ،۽ سندس اولاد پهرين هالن ۾ رهندو هو پر ڪجهه وقت کانپوء مٽيارن ۾ اچي رهڻ لڳو، جتي سندس اولاد چئن پاڙن ۾ ورهائجي ويو، (۱) جرار پوٽا (۲) موسه پوٽا (۳) باقيل پوٽا (۴) ميان پوٽا. پوئين پاڙي مان سيد سخي ابراهيم شاه جو فرزند سيد بدرالدين ڄام نظامالدين جي حڪومت ۾ لڪيء کان موجوده ڪوٽڙيء جي حصي واري ملڪ مان هڪ سرڪش چانگ قبيلي جي سرڪشي ٽوڙڻ ۾مدد ڏيڻ جي عيوض مليل جاگير جي سنڀال لاء سن جي ڳوٺ ۾ ۹ صدي هجريء جي آخر ۾ رهڻ لڳو. ۽ ان کي ست پٽ ٿيا، (۱) سيد معروف شاه (۲) موج شاه (۳) سيد ڌڻي شاه (۴)سيد حاجي شاه (۵)سيد داد شاه (۶)سيد جهنڊو شاه (۷) سيد جيو شاه (ضياء الدين شاه )جيو شاه صاحب کي وري ٻه پٽ ٿيا، (۱) سيد جرارشاه (۲) سيد حيدر شاه ۽ سائين سيد حيدر شاه جي پيڙهي مان آهن. سائين جو والد صاحب ــــــ سائين جي والد صاحب جو نالو ـــ سيد ميان محمد شاه هو جنهن کي پهرين نومبر ۱۹۰۵ع ۾(جنهن وقت سائين اڃان مس هڪ سال جو هو) رمضان شريف جي ٽئين رات جو جامع مسجد سن ڏانهن ويندي رستي تي خانداني اختلافن جي عيوض قتل ڪيو ويو هو. سيد جو پورو نالو ــــ سيد غلام مرتضه شاه سنائي سائين جي پيدائش ــــ ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ع ۾ سن شهر ۾ سائين جي پيدائش ٿي. تعليم ــــ محترم سائين جي ايم سيد صاحب شروعاتي تعليم ماستر جان محمد عباسي صاحب کان حاصل ڪئي. جيڪو اصل ٻورڙي تعلقي ڪڪڙ ضلعي دادو جو هو. ۽ ۱۹۰۹ع ڌاري سن ۾ استاد ٿئي آيو هو. تنهن کانپوء ماستر حامد علي ميمڻ ولد مولوي ميان عبدالله ميمڻ کان ڪجهه انگريزي پڙهيو، هي صاحب ۵ جنوري ۱۹۱۸ع ڌاري سن پهتو هو ۽ سيد صاحب وٽس ڏيڍ سال تائين انگريزي پڙهيو، هي صاحب اصل هالن جو رهاڪو هو، ياد رهي ته سيد صاحب باقائده ڪنهن اسڪول يا مدرسي مان سند يافته نه آهن مگر ان جي باوجود سيد صاحب هڪ ئي وقت سنڌي، علم ادب جا، يگانه عالم ۽ اديب هئا، پر ان سان گڏ اردو ، انگريزي فارسي ۽ عربي جا وڏا ڄاڻون ۽ ليکڪ هئا، ۽ سيد صاحب سنڌي ادب تاريخ، ثقافت ۽ مذهب تي تمام وڏا ڪتاب لکيا آهن جنهن جو ذڪر اڳتي ايندو انشاءَالله. سائين جا ڀائر ـــ سائين جو هڪ ڀاء هو جنهن جو نالو احمد شاه هو جيڪو ننڍپڻ ۾ ئي وفات ڪري ويو هو. شادي ـــ سيد صاحب جي شادي پنهنجي خاندان مان ۲۰اپريل ۱۹۱۰ع ۾ جناب سيد مير حسن ولد حاجي نور شاه ڀاڻوٺيء جي نياڻي بيبي مريم سان ڀاڻوٺ جي ڳوٺ ۾ ٿي. مذاج ــــ سائين هڪ صوفي ۽ عاشق مذاج شخص هو کيس مٺو آواز، سهڻيون شيون، سهڻا ماڻهون تمام گهڻا وڻندا هئا. سيد صاحب هڪ حساس دل ۽ آزاد خيال جا مالڪ هئا، ۽ هر ڪنهن کي آزاد ڏسڻ چاهيندا هئا، سنڌ سنڌي عوام ۽ سنڌي ثقافت جا ته عاشق هئا، سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي محبت ته سندن رڳ رڳ م شامل هئي، سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي محبت ۾ عمر تڪليف ۾ گذاري ڇڏيائون، مگر سنڌ جي خلاف هڪ لفط به بردائش نه ڪيائون. عشق محبت ـــ سائين جڏهن تعليم جا وزير هوا ان وقت هندستان جي هڪ عورت سيد صاحب سان محبت ڪرڻ لڳي هئي، جنهن جو ذڪر سائين پنهنجي ڪتاب ديارِ دل ۽ داستان محبت ۾ تفصيل سان ڪيو آهي، ۽ ان ڪتاب ۾ انهيِء عشق محبت جي قصي وارا خط پڻ ڏنا آهن، ذاتي زندگي ۽ مذهبي اثرات ــــ سيد صاحب ذاتي زندگي ۾ هڪ انتهائي شريف ، سچو، پرهيزگار، ۽ عبادت گذار شخص هو، شروعاتي زندگي ۾ ته نماز، روزي جو پڻ پابند، هو ۽ تهجد گذار هو. مگر پوء ڪنهن جي صحبت ۾ مذهب کان بيزاري ڏيکاريائين، مگر تقريبًا ۱۲،۱۳ سال پهرين مون هن رسالي ۾ سندس نياڻي محترمه ڊاڪٽر درشهوار سيد جي لکيل الفاظ ڏٺا هئا، جنهن ۾ هن اهيو چيو هو ته بابا عمر جي آخر ۾ وري نماز پڙهڻ شروع ڪئي هئي. ۽ بابا چوندو هو ته نماز ۾ مون کي سڪون ٿو ملي. سيد صاحب جي لکيل ڪجهه ڪتابن جا نالا (۱) پنهنجي ڪهاڻي پنهنجي زباني ــــــ هن ڪتاب ۾ سيد صاحب پنهنجي آتم ڪهاڻي لکي آهي مگر اها ڪهاڻي مڪمل ناهي. (۲) جنب گذاريم جن سين ــــ هن ڪتاب ۾ سيد صاحب پنهنجي هم عصر سياستدانن، عالمن، اديبن ويجهن زميدارن، ۽ پنهنجي دوستن جو تفصيلي ذڪر ڪيو آهي. تمام معلوماتي ۽ تاريخي ڪتاب آهي، اگر اهيو ڪتاب توهان نيٽ تي پڙهڻ چاهيو ته ان لاء پڻ هيٺ هڪ لنڪ ڏيان ٿو، توهان اتان اهيو ڪتاب پڙهي سگهو ٿا۔ (۳) سنڌ جا سورما ـــــ هن ڪتاب ۾ سيد صاحب سنڌ جي بهادر سورمن جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن جي لنڪ پڻ مون هيٺ ڏني آهي ۽ توهان اتان پڙهي سگهو تا، (۴)سنڌي ڪلچر ــــ هن ڪتاب ۾ سيد صاحب سنڌ جي رهڻي ڪهڻي طور طريقن ۽ رسمن جو ذڪر ڪيو آهي، جنهنجي پڻ لنڪ هيٺ ڏنل آهي. (۵) ون يونٽ جي ڪهاڻي ــــ ايوب دور ۾ سنڌ جو نالو ختم ڪري ون يونٽ قائم ڪيو ويو هو ، هن لتاب ۾ ان ون يونٽ جو ذڪر آهي.(۶) خطبات سيد ــــ هن ۾ سيد صاحب جون تقريرون ڏنل آهن. (۷) پيغام لطيف ــــ هن ڪتاب ۾ سيد صاحب شاه صاحب جي شاعري جي روشني ۾ حبالوطني جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن جي لنڪ پڻ هيٺ ڏنل آهي توهان لنڪ ڪلڪ ڪري اهو ڪتاب پڙهي سگهو ٿا.(۸) ديارِدل ۽ داستان محبت ــــ هن ڪتاب ۾ سيد صاحب پنهنجي محبت جا قصا ۽ ڪهاڻيون لکيون آهن سيد صاحب جي بقول ته ٽن عورتن سان محبت جا قصا ٿيا، ۽ انهن جو ذڪر به هن ڪتاب ۾ موجود آهي، ۽ ان کان علاوه هن ڪتاب ۾ اهي محبت وارا خط پڻ ڏنا ويا آهن، ۽ تمام سهڻي نموني سان هن ڪتاب کي لکيو ويو آهي، محبت جو داستان لڱندي لکندي سيد صاحب شاه سائين جا شعر،۽ بيت اهڙا ته فٽ ڪيا آهن جو پڙهندين پڙهندي پڙهندڙ جي ڪيفيت به عجيب ٿئو وڃي، توهان کي ڪڏهن موقعو مليو ته اهيو ڪتاب ضرور پڙهجو. (۰۹) سنڌ جي بمبئيء کان آزادي ـــ ۱۹۳۶ع ڌاري سنڌ کي آزاد ڪيو ويو، ۽ ان آزادي جو ذڪر سيد صاحب هن ڪتاب ۾ ڪيو آهي. (۱۰)نئين سنڌ لاء جدوجهد ــ......................................... (۱۱)سنڌوء جي ساڃاه ـــ ٻن جلدن ــــ .............................. (۱۲) موجوده سياسي مسئلا ـــــ ........................................ (۱۳) سنڌو ديش ڇو ۽ ڇالاء ؟ ـــ ....................................... (۱۴) جديد سياست جا نورتن ــــــ ...................................... (۱۴) چونڊ سياسي مضمون ـــــ ......................................... (۱۵) ههڙا هاڃا ٿين ـــــ........................................................ (۱۶) تحريرون ـــــ..................................................................... (۱۷) ساهڙ جا سينگار ــ هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ماياناز عالم اديب جناب سائين علامه آء آء قاضي صاحب جن جا خط سهيڙيل آهن. (۱۸) خط۽ مضمون ـــ هن ڪتاب ۾ سنڌ جي عالم، اديب، ۽ سياستدان جناب علي محمد راشدي صاحب جن جا خط سهيڙيل آهن (۱۹) سنڌ ڳالهائي ٿي ــــ محترم جناب سيد صاحب جن پنهنجا عدالتي بيان هڪ هنڌ گڏ ڪري هي ڪتاب ترتيب ڏنو آهي، هي ڪتاب پڻ پڙهڻ وٽان آهي. (۲۰) جيئن ڏ ٺو آه مون ـــ هي ڪتاب مذهبن تي بلڪه خاص اسلام تي تنقيد ٿيل آهي، هن ڪتاب ۾ سيد صاحب مذهب اسلام تي بردائش نه ڪرڻ وارا الزام لڳايا آهن ۽ هن ڪتاب جي ڪري مذهبي حلقن ۾ پڻ سيد جي سخت مخالفت ٿي، پر هڪ عام مسلمان به سيد کان منهن موڙيو، ۽ بقول حافظ خليل صاحب ته سائين جي ايم سيد صاحب هڪ ڏينهن اهيو خود مڃيو هو ته هن ڪتاب منهنجي سياسي ڪردار کي وڏو ڌڪ هنيو آهي، ۽ هن عمر ۾ اهيا منهنجي وڏي غلطي آهي. (۲۱) واڄٽ ويراڳين جا ـــ هن ڪتاب ۾ سائين جي ايم سيد ۽ محمد امين کوسي جا لکيل خط سهيڙيل آهن، هن ڪتاب کي محترم جناب عبدالواحد آريسر صاحب جن ترتيب ڏنو آهي. (۲۲) شاه جون ڪافيون ـــ ..................................................... (۲۳)چونڊ ادبي مضمون ـــ............................................................ سيد صاحب جا اهم ڪارنامه ۽ تاريخي ڳالهيون چوڏهن سالن جي ننڍڙي ڄمار ۾ سائينءَ پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات ڪئي ... کيس ۱۹۱۹ع ۾ پنهنجي تعلقي جي اسڪولن جي بورڊ جو چئرمين منتخب ڪيو ويو ... ۱۹۲۹ع ۾ ڪراچي ضلع جي لوڪل بورڊ جو ڄونڊيو ويو۔ ۱۹۳۰ع ۾ ، سنڌ هاري ڪاميٽي سيڪريٽري چونڊيو ويو ۱۹۳۷ع ۾ سنڌ بمبئي کان الڳ ٿي ته سنڌ ۾ اليڪشن ٿي ۽ ان اليڪن ۾ سائين جي ايم سيد صاحب پهريون دفعو سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊجي آيو ... ۱۹۳۸ع ۾ آل انڊيا مسلم ليگ ۾ شموليت اختيار ڪيائين۔ ۱۹۴۰ع ۾ سنڌ جي تعليم جو وزير مقرر ٿيو ۽ سنڌ يونيورسٽي ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي قيام لاء اپاء ورتا ويا۔ ۱۹۴۱ع ۾ مسلم ليگ جي مرڪزي ڪاميٽي جو ميمبر چونڊيو ويو ... ۱۹۴۳ع سنڌ مسلم ليگ جو صدر منتخب ٿيو ... ۱۹۴۴ع ۾ قرداد پاڪستان جي قرارداد پاس ڪرايائين پر پوء پوري زندگي انهيء ملڪ جي مخالفت ڪيائين ۽ پوري زندگي دنيا ڇڏڻ تائين مخالفت جي ڪري تڪليفون ڪاٽيندو رهيو۔ ۱۹۴۶ع ۾ مسلم ليگ سان اختلافن جي شروعات ٿي، جنهنجي نتيجي ۾ هڪ الڳ پارٽي ”پروگريسو مسلم ليگ“ جي نالي سان بنياد رکيو ويو ... ساڳي سال سائين جي ايم کي سنڌ اسيمبلي جي گڏيل پارٽين جو اڳواڻ مقرر ڪيو ويو ۱۹۵۴ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي چئرمين جا چيئرمين ٿيا، ۽ سنڌي ٻولي ۽ لغت تي ڪم جي شروعات ٿي۔ ۱۹۵۵ع ۾ پاڪستان نيشنل پارٽي ٺاهڻ ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو ... ۱۹۶۶ع ۾ ”بزم صوفياء سنڌ “ جو بنياد وڌائين ۱۹۶۹ع ۾ ”سنڌ يونائيٽيڊ فرنٽ“ جو بنياد رکيائين سائين محترم جي ايم ”سنڌ عوامي آواز“ پارٽيءَ جو بنياد ۱۹۰۶ع ۾ سندس زمين محترم مرزا قليچ بيگ (جيڪو ان وقت ڊپٽي ڪليڪٽر هو) جي ڪوشش سان ڪورٽ آف وارڊس جي سنڀال هيٺ آئي۔ ڇاڪاڻ جو سيد صحب ننڍو هو ۽ سندس خاندان ۾ ٻيو ڪو مرد ماڻهون ڪو نه هو جيڪو زمينون سنڀالي۔ ۱۹۲۱ع ۾ مهاتما گنڌي سان ملاقت ٿي ۽ ان ملاقات کان پوء سيد صاحب کاڌي جا ڪپڙا پائڻ شروع ڪيا۔ ۱۹۲۴ع ۾ سيد صاحب مٽياري سادات جي ڪانفرنس ڪوٺائي جنهن ۾ تقريبن ۳۰۰ ماڻهو شريڪ ٿيا۔ ۱۹۲۴ع ڌاري مشهور مسجد لڪي جي مسجد جو ڪم ڪرايو ۱۹۱۹ع ۾ سيد صاحب کي ماتا جي بيماري ٿئي جنهن ڪري کيس ٻه مهينا بستري تي رهڻو پيو۔ جي ايم سيد پاڪستان کان سنڌ ديس تائين عاجز جمالي جي ايم سيد سنڌ جي تاريخ جو هر رخ کان هڪ انوکو ۽ منفرد ڪردار آهي. غلام مرتضيٰ شاهه سنائي (جي ايم سيد) جيتوڻيڪ سياسي تاريخ پاڪستان جي حمايت کان وٺي سنڌو ديش جي نعري تائين سيد جي شخصيت ۾ وڏيون تبديليون نظر اچن ٿيون. سندس ان سياسي تبديليءَ سنڌ ۾ هميشه پاڪستان ۽ سنڌوديش جي سوچ تي ٻه اهم سوال اٿاريا آهن ”ڇا پاڪستان جي حمايت ڪرڻ گهرجي ها؟“ ”ڇا پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سنڌوديش ۾ مسئلن جو حل آهي؟“ ڇا ٻه قومي نظريو درست هو؟ آل انڊيا مسلم ليگ ۾ سيد جو شامل ٿيڻ ٺيڪ هو يا سنڌ هاري ڪميٽي ۽ سنڌ عوامي محاذ جي پليٽ فارم تي سنڌين جي حقن لاءِ جدوجهد ٺيڪ هئي؟ سنڌ آئين ساز اسيمبليءَ جو ميمبر بڻجي سنڌ اسيمبليءَ ۾ پاڪستان ٺاهڻ جي حق ۾ قرارداد منظور ڪرڻ ٺيڪ هو يا سنڌي قومپرستي ٺيڪ هئي؟ جي ايم سيد جي شخصيت ۽ سياست ۾ لڪل اهم تاريخي واقعن ۽ تضادن سان گڏ سنڌي ادب ۾ سندس خدمتن جو اعليٰ مثال رڳو ”سنڌي ادبي بورڊ“ قائم ڪرڻ ناهي پر ۵۰ کن املهه ڪتاب لکڻ به وڏو ڪم آهي. ۱۷ هين جنوري ۱۹۰۴ع ۾ سنڌو درياهه جي ڪناري تي شهر سن ۾ جنم وٺندڙ جي ايم سيد پنهنجي حياتيءَ جي آخري ڏينهن ۲۵ اپريل ۱۹۹۵ع تائين سياسي تڪرارن ۽ تضادن سان گڏ سنڌ جو عاشق رهيو ۽ پنهنجي سياسي نظرئي سان ڳنڍيل رهيو. جي ايم سيد آل انڊيا مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ کان اڳ به سياسي طور قدبت رکندڙ سياستدان هو. هڪ خيال اهو آهي ته جيڪڏهن جي ايم سيد آل انڊيا مسلم ليگ ۾ نه هجي ها ته شايد ۱۹۴۴ع ۾ سنڌ جي آئين ساز اسيمبليءَ مان پاڪستان جي حمايت ۾ قرارداد به منظور نه ٿئي ها. سنڌ ڄائي قائداعظم محمد علي جناح ۽ عبدالله هارون جي دوستيءَ سيد کي سنڌي قومپرستيءَ مان پاڪستان ٺهڻ يا تحريڪ پاڪستان ڏانهن موڙيو. جيتوڻيڪ جي ايم سيد ان کان اڳ به سياسي طور انتهائي متحرڪ سياستدان هو. ۱۹۳۷ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجڻ کان اڳ به هو ننڍي ڄمار ۾ لوڪل بورڊ ڪراچيءَ جو صدر چونڊيو. ان کان اڳ سيد پنهنجي جوانيءَ ۾ سنڌ عوامي محاذ، سنڌ هاري ڪميٽي، سنڌ ۾ صوفي تحريڪ جهڙين تحريڪن ۾ سرگرم رهيو. سندس سياسي ناقدين مٿس اها تنقيد ڪن ٿا ته ”سيد“ قائداعظم جي ڳالهين ۾ اچي ويو هو. جيڪڏهن هو تحريڪ پاڪستان جي حمايت نه ڪري ها ته سنڌ سان اڄ اهڙي صورتحال نه هجي ها ڇو ته پاڪستان ٺهڻ جو سڀ کان وڏو نقصان سنڌ کي پيو. ڇو ته پاڪستان هڪ ته جنهن پيريٽي (برابري) جي بنياد تي ٺهيو ان تي ۱۹۴۷ع ۾ ئي عمل ڪو نه ٿيو. ۱۹۴۰ع جي ٺهراءُ ۽ بعد ۾ ۱۹۴۴ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ ۾ منظور ڪرايل جي ايم سيد جي ٺهراءُ جي ڀيٽ ۾ ۱۹۴۷ع ۾ بلڪل الڳ تصوير جو پاڪستان ٺهيو. پاڪستان جون پاڙون ئي ڪمزور سياسي نظرئي تي رکيون ويون. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ ان جو پهريون شڪار سندس باني قائداعظم محمد علي جناح بڻيو ۽ ان کانپوءِ راولپنڊي ۾ پهرين وزيراعظم لياقت علي خان جي قتل پاڪستان جي ٻه قومي نظرئي کي لوڏي ڇڏيو هو. تازو حاجي مظفر شجره جي گهر تي گلگت بلتستان جي وڏي وزير سيد مهدي شاهه سان غير رسمي ڪچهري ٿي. سندس چوڻ هو ته گلگت بلتستان ڏيڍ سال تائين پاڪستان جو حصو نه هو. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ به آزاد رياست هو. اهڙي ساڳي صورتحال بلوچستان جي آهي. جڏهن خان آف قتلات ۱۹۴۸ع ۾ جنهن ڏينهن پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو ان ئي ڏينهن قلات ۾ بغاوت شروع ٿي. پاڪستان ٺهيو ته سڄي هندوستان مان مسلمان مهاجرن جي آمد شروع ٿي پر سڀ کان وڏي صوبي پنجاب انڊيا مان ايندڙ مسلمان ڀائرن جو بار کڻڻ کان انڪار ڪيو ۽ لاهور مان ٽرينون ڀري سنڌ ڏانهن روانيون ڪيون. مسلمان ڀائرن کي پنجاب جي عظيم مسلمان چيو ته پاڪستان اڳيان آهي. ان پناهه گيرن جو سڄو بوجهه ڪراچي ۽ سنڌ جي ٻين شهرن تي وڌو ويو ۽ سنڌ مان قابل هندو ڀارت لڏي ويا. ان کانپوءِ ۱۹۴۷ع کان وٺي اڄ تائين ڏسون پيا ته پاڪستان جو سڄو ازالو سنڌ ڀوڳي رهي آهي. جي ايم سيد ۱۹۷۰ع ڌاري تڏهن صورتحال کي سمجهيو جڏهن پاڪستان مان بنگالين الڳ ٿيڻ جو فيصلو ڪيو. پر سيد سنڌو ديش جو نعرو بنگلاديش ٺهڻ کانپوءِ ۱۹۷۲ع ۾ هنيو، جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو وزيراعظم بڻيو. ڏٺو وڃي ته سيد گهڻو اڳ پاڪستان کان بيزار ٿي چڪو هو. ۱۹۶۹ع ۾ هن سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ٺاهي هئي، جيڪا پڻ سنڌ سطح تائين سياست ڪرڻ ڏانهن اشارو هو. پاڪستان جي بنيادي نظريي سان ته ٻن سالن کانپوءِ ٺاهڻ وارا ڦري ويا، پوءِ جيڪو پاڪستان ٺهيو، جنهن ۾ اڄ تائين ڀارت کان مهاجرين جي آمد جو سلسلو جاري آهي. منهنجو ذاتي خيال آهي جيڪڏهن قائداعظم محمد علي جناح جيئرو هجي ها ته شايد ۱۰ سالن کانپوءِ هن پاڪستان کان لاتعلقي جو اعلان ڪري ٻئي پاڪستان ٺاهڻ لاءِ ٻيهر جدوجهد شروع ڪري ها. مون کي هن ڳالهه تي ڏاڍي حيرت آهي ته هن ملڪ ۾ پنجاب ۽ فوج کانسواءِ ڪير به پاڪستان جي هاڻوڪي ڍانچي مان خوش ناهي جن قوميتن برابري جي بنياد تي وفاق ۾ يونٽ طور صوبن کي شامل ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي حمايت ڪئي هئي اُهي سڀ بعد ۾ پاڪستان جا مخالف بڻجي ويا. سڀ کان پهرين بنگالي مخالف بڻيا. ۱۹۷۱ع کانپوءِ باقي رهيل پاڪستان مان بلوچ، سنڌي ۽ پٺاڻ بيزار آهن. جهڙي هن وقت پاڪستان جي صورتحال آهي ان مان لڳي نه ٿو ته هي ملڪ هن صديءَ تائين هلندو. سنڌ ۾ سيد جي حياتيءَ ۾ ئي سندس ”جيئي سنڌ“ يا سنڌو ديش جي تحريڪ به مسلم ليگ وانگر ڪيترن ئي ٽڪرن ۾ ورهائجي وئي هئي. اڄ ته شايد سيد جي سياسي پوئلڳن جون سنڌ ۾ هڪ درجن کان وڏيون پارٽيون آهن. جي ايم سيد بنيادي طور صوفي فڪر ۽ عدم تشدد جو پيروڪار هو. بعد ۾ سياست اندر ”دهشت“ ۽ هٿيارن جي سياست سندس عدم تشدد جي سياست کي لتاڙي ڇڏيو. جي ايم سيد جو سنڌي ادب ۾ تاريخي ڪردار ڪڏهن به وساري نه سگهبو، جنهن مان سندس ڏاهپ، علم دوستي ۽ سنڌ دوستيءَ جو اعليٰ مثال ملي ٿو. سنڌ جي سياست ۾ اهڙا گهٽ سياستدان ملندا جيڪي ساڳي وقت ايڏا وڏا ليکڪ به هُجن. هو نه رڳو سنڌي قومپرست سياست جو باني آهي بلڪه سنڌي ادبي بورڊ جي قيام ۾ سندس هٿ ۽ ۱۹۵۴ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين بڻجڻ سندس علم ۽ ڏاهپ جو وڏو مثال آهي. سيد گهراڻي جي وڏيرڪي ڪلاس جو جي ايم سيد قومپرست سياست جو باني بڻيو. جي ايم سيد روشن خيال، ترقي پسند ۽ جديد سائنس جي علم جو واقف اڳواڻ هو پر سنڌو ديش جو نظريو اڻ ڳڻين خامين ۽ ڪيترن ئي سوالن جو محور هو. جيئي سنڌ تحريڪ اندر به سياسي ۽ نظرياتي ڪارڪنن کي انهن سوالن جو جواب ملي نه سگهندو هو. جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (جساف) جي ايم سيد جي پوئلڳن جي مضبوط شاگرد تنظيم هُئي ترقي پسند ۽ قومپرست فڪر جا هي دوست يونيورسٽين ۾ لکڻ پڙهڻ بدران ٻين شغلن ۾ لڳا پيا هوندا هئا. جساف جهڙي تنظيم جي ڪارڪنن جو نشانو ٻين ترقي پسند تنظيمن جا ڪارڪن بڻجندا هئا. شهيد نذير عباسيءَ تي تشدد جا واقعا هُجن يا يونيورسٽيءَ جي هاسٽلن ۾ هٿيار گڏ ڪرڻ جهڙيون ڳالهيون. تعليمي ادارا بند ڪرائڻا هجن يا شاگرد تنظيمن وچ ۾ ڦڏا ڪرائڻا هجن، هي سڀ ڪم سيد جي فڪر جا پوئلڳ ڪندا هئا، جنهن سبب جي ايم سيد جي عدم تشدد يا سهپ وارو فلسفو سندس سياسي پوئلڳن آڏو ئي تڪراري بڻيل رهيو. هاڻوڪي سنڌ جي ويجهي ماضيءَ ۾ وري جي ايم سيد يا سندس تنظيم تي سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ ايم ڪيو ايم کي تحفظ ڏيڻ يا سنڌي مهاجر ڀائي ڀائي جي نعري تحت ايم ڪيو ايم جي همٿ افزائي ڪرڻ سان پڻ سنڌي عوام کي نقصان پهتو. اڄ سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم جي ايم سيد جي ان دوستيءَ جي وارثي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي نه ڪي جيئي سنڌ اڄ ان پوزيشن ۾ آهي جو ايم ڪيو ايم سان کُليل ڳالهه ڪري. هن راءِ مان عبدالواحد آريسر کي ڀلي مائنس ڪري پڙهيو وڃي. جي ايم سيد ۲۰ هين صديءَ جو تمام وڏو ماڻهو هو. سنڌ ۾ وڏن ماڻهن جو قدر گهٽ ٿيندو آهي. گانڌي ۽ شاهه عنايت جي فلسفي کي پاڪستان کان ڌار ڪري سنڌو ديش سان ملائيندڙ جي ايم سيد زندگيءَ جي آخري ڏينهن تائين پنهنجي گهر ۾ نظربند رهيو. ساڻس ٻه ڀيرا ملاقات باوجود ساڻس گڏ ڪنهن تصوير جو مون وٽ نه هُجڻ مون لاءِ افسوس جو مقام آهي پر مون کي ڪتابن ڏانهن مائل ڪرڻ ۽ سياست جو دڳ ڏيکارڻ ۾ جي ايم سيد جي لکڻين جو به هٿ هوندو. ”سيد ۽ سنڌ“ هن ڌرتيءَ جي نوجون نسل لاءِ هر دور ۾ اهميت جوڳو موضوع رهندو سيد جي فڪر کي خطرا عبدالخالق جوڻيجو سائين جي ايم سيد جي انگريزيءَ ۾ ڪيل تاريخي تقريرن جي اردو ترجمي تي ٻڌل ڪتاب ”فڪر جي ايم سيد اور آج ڪا پاڪستان“ جي مهاڳ ۾ مون لکيو هو ته ”هر غير معمولي ماڻهو متنازعه هوندو آهي ۽ هر غير متنازعه ماڻهو معمولي هوندو آهي.“ سمورا غير معمولي ماڻهو متنازعه ان ڪري ٿيندا آهن ته اُهي نوان خيال کڻي ايندا آهن، اُهي تبديليءَ جي ڳالهه ڪندا آهن. انساني سماج هر وقت تبديليءَ جي عمل مان گذرندو ٿو رهي. جيئن وقت هڪ هنڌ بيهي نٿو، تيئن انساني سماج به تبديل ٿيندو اڳتي وڌندو ٿو رهي. جيڪي ماڻهو، جيڪي گروهه ۽ جيڪي قومون تبديليءَ جي عمل کي سمجهن ٿيون ۽ وقت سان گڏ پاڻ ۾ تبديلي آڻين ٿيون، اُهي زنده به رهن ٿيون ۽ ترقي به ڪن ٿيون. پر جيڪي تبديل نه ٿيون ٿين، انهن جي ترقيءَ جو عمل رُڪجي وڃي ٿو ۽ آخر اُهي ختم ٿي وڃن ٿيون. غير معمولي انسانن جو وقت جي نبض تي هٿ هوندو آهي. تنهن ڪري اهي تبديل ٿيندڙ وقت جي گهرجن سان مطابقت رکندڙ نوان خيال ڏيندا آهن. پراڻا خيال ۽ زندگيءَ بابت پراڻا تصور هلندي هلندي ماڻهن لاءِ عقيدي جي حيثيت اختيار ڪري ويندا آهن. ان ڪري جڏهن نوان خيال ايندا آهن ۽ انهن ماڻهن جي عقيدن سان ٽڪرائبا آهن ته اُهي عقيدي پرست ماڻهو نون خيالن جي ۽ نوان خيال ڏيندڙ ماڻهن جي مخالفت ڪندا آهن. اهڙيءَ طرح اُهي سماج جي واڌاري ۽ ترقيءَ بابت نوان خيال، نيون سوچون ۽ نوان تصور ڏيندڙ ماڻهو، متنازعه بڻجي ويندا آهن. اڄ انساني تاريخ جا عظيم ۽ غير معمولي سمجهيا ۽ مڃيا ويندڙ سمورا شخص، پنهنجي دور جا انتهائي متنازعه ماڻهو هئا، پوءِ اُهي مفڪر هجن، مذهبي مهندار/ پيغمبر هجن يا سائنسدان هجن، ڪنفيوشس، گوتم ٻڌ، سقراط، حضرت عيسيٰ، ڪارل مارڪس، گئليلو، آئنسٽائين، اهي سڀ پنهنجي پنهنجي وقت ۾ متنازعه رهيا. اهي سڀ، اُهي ماڻهو هئا جن عام ماڻهن ۾ عقيدي جي حيثيت اختيار ڪري ويل پراڻن خيالن کي چئلينج ڪيو ۽ رد ڪيو. انهن جي ڀيٽ ۾ ٻيا اهڙا به ماڻهو هئا جن ماڻهن کي خوش ڪرڻ خاطر، انهن سان ها ۾ ها ملائي. اُهي وقتي طور ته وڏا مقبول به ٿيا ۽ ماڻهن جا ليڊر ۽ حڪمران به ٿيا پر انساني سماج جي ترقيءَ ۾ انهن ڪو ڪردار ادا ڪو نه ڪيو. جي ايم سيد بلاشبه سنڌ جو، پاڪستان جو ۽ شايد ننڍي کنڊ جو سڀ کان وڌيڪ متنازعه ماڻهو هو. هُن عقيدي پرستيءَ جي خلاف جنگ ڪئي. هُن پراڻن ۽ فرسوده خيالن کي رد ڪيو. هُن مقدس ۽ متبرڪ بڻيل خيالن، نظرين ۽ شخصيتن کي چئلينج ڪيو. هُن پنهنجي دؤر جي حساب سان سياست ۾، ادب ۾، تاريخ ۾ ۽ مذهب جي معاملي ۾ نوان خيال ۽ نوان لاڙا ڏنا. جي ايم سيد کي سڀ کان وڌيڪ متنازعه بنائيندڙ سندس ڪتاب ’جيئن ڏٺو آ مون‘ هو، جنهن ۾ هُن مذهب بابت پراڻن، روايتن تي ٻڌل ۽ گمراهه ڪندڙ خيالن جو سائنسي طريقي سان ڇيد ڪري انهن کي رد ڪيو. ان ڪتاب تي اُٿيل تنازعي، ان وقت سيد کي جهڙوڪ اڪيلو ڪري ڇڏيو. پر اڄ پاڪستان ۾ هوندي به سنڌ جيڪا اڃا تائين مذهبي بنيادپرستيءَ جي باهه کان بچيل آهي ته ان ۾ ٻين ڳالهين سان گڏ ان ڪتاب جو به حصو آهي. شاهه لطيف هاڻي نه رڳو سنڌ جي شاعري ۽ ادب، پر سنڌ جي ڪلچر ۽ سنڌ جي سڃاڻپ جو هڪ اهم اهڃاڻ بڻجي چڪو آهي. نه رڳو ايترو پر سنڌ جي قومي نجات جي جدوجهد ۾ به سندس شاعري هڪ روشني ۽ هڪ هٿيار طور استعمال ٿي رهي آهي. شاهه لطيف کي اها حيثيت ڏيارڻ ۾ به جي ايم سيد جي ڪتاب ’پيغامِ لطيف‘ جو اهم ڪردار آهي. غلام ملڪن ۽ پٺتي پيل سماجن ۾ تاريخ کي عقيدي پرستيءَ جي بنياد تي لکيو ويندو آهي ۽ ان کي جابر قوتن جي بالادستي جاري رکڻ ۽ سماج ۾ ماٺار يا اسٽيٽسڪو برقرار رکڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. جي ايم سيد تاريخ جو روشن خيال، تبديلي پسند ۽ بالادستي مخالف پاسو پيش ڪيو. ان لاءِ ننڍي کنڊ جي وڏي تاريخدان ڊاڪٽر مبارڪ عليءَ جو چوڻ آهي ته ”پاڪستان ۾ تاريخ، حڪمرانن جي نقطئه نظر کان لکي ويندي رهي آهي. جي ايم سيد اهو پهريون شخص آهي، جنهن تاريخ کي عوام جي نقطه نگاهه کان لکيو.“ اهو تاريخ بابت جي ايم سيد جي خيالن جو نتيجو آهي ته اڄ محمد بن قاسم کي غاصب ۽ راجا ڏاهر کي محبِ وطن طور مڃيو وڃي ٿو ۽ محمد بن قاسم جي ڪيل حملي کي توسيع پسنديءَ جي مهم سمجهڻ وارو خيال، هاڻي سنڌ کان نڪري خطي جي ٻين حصن ۾ به پختو ٿي رهيو آهي. غير معمولي انسانن کي، نوان خيال پيش ڪرڻ جي پاداش ۾، انهن ماڻهن جي طرفان مخالفتون، مشڪلاتون ۽ سزائون ملڻ هڪ سمجهه ۾ اچڻ واري ڳالهه آهي جن جي عقيدن کي ۽ جن جي مستقل مفادن کي اُهي چئلينج ڪندا آهن. انهن مخالفتون ڪندڙن ۽ فتوائون ۽ سزائون ڏيندڙن ۾، وقت جا حڪمران ۽ ملان، پوپ ۽ پنڊت شامل هوندا آهن. مٿي ذڪر ڪيل غير معمولي ماڻهن ۽ انهن جي قافلي جي ٻين انسانن سان وقت وارن جي ڪيل اهڙي ورتاءَ جي مثالن سان انساني تاريخ ڀري پئي آهي. وڌيڪ حيرت، افسوس ۽ تڪليف جي ڳالهه اها هوندي آهي ته انهن جا معتقد، پوئلڳ ۽ پنهنجا چورائيندڙن طرفان سندن مشن کي نقصان پهچايو ويندو آهي. اهي چوڻ ۾ ته انهن عظيم انسانن جا پوئلڳ ۽ پيروڪار هوندا آهن پر عمل انهن جي ابتڙ ڪندا آهن. اهي غير معمولي انسان سماج جي تبديلي ۽ بهتريءَ لاءِ هڪڙو فڪر، هڪڙي تعليم ۽ هڪڙو ڪردار پيش ڪندا آهن. انهن جي مخالف حڪمرانن ۽ ملن جي مخالفت سان انهن کي ذاتي ۽ جسماني طور ته تڪليفون اينديون آهن پر عام ماڻهن جي توجه ۽ همدردي انهن ڏانهن وڌندي آهي ۽ انهن جي ڏنل فڪر ۽ تعليم کي فائدو پهچندو آهي. ان جي ابتڙ پوئلڳ ۽ پيروڪار، شخصي ۽ جسماني طور ته، انهن جي ’پوڄا‘ ڪندا آهن، پر انهن جي فڪر، تعليم ۽ ڪردار جي نفي ڪندا آهن. اهڙيءَ طرح عام ماڻهن ڏانهن منفي پيغام ويندو آهي ۽ نتيجي ۾ انهن جي مِشن کي نقصان پهچندو آهي ۽ اهو نقصان مخالفن طرفان ملندڙ مخالفتن ۽ تڪليفن کان وڌيڪ تڪليف ڏيندڙ هوندو آهي. مهاتما ٻڌ جي تعليم ۾ خدا جو تصور ڪونهي. هُن وٽ سڀ ڪجهه انسان ۽ انساني سماج آهي ۽ انهيءَ سماج جي بهتري ئي سندس مشن آهي. پر ان جي پوئلڳن خود مهاتما ٻڌ کي خدا جو درجو ڏيئي ڇڏيو آهي ۽ انساني برابري ۽ ڀائيچاري واري سندس تعليم تي عمل ڪرڻ بجاءِ، ويٺا سندس پوڄا ڪن. تازو تڏهن دنيا کي حيرت ٿي جڏهن برما ۾ ٻُڌن، مسلمانن کي مذهبي فرق ڪري قتل ڪيو ۽ مسجدن کي ساڙيو. مذهب جي تعليم ۽ ڪردار جا مکيه ۽ بنيادي نقطا سچ، ايمانداري، امانت، انساني برابري ۽ بهتر سماجي رشتا ۽ رويا آهن. سندس پوئلڳن جي اڪثريت انهن اصولن ۽ آدرشن مان ڪنهن تي به عمل ناهن ڪندا. البته ان بنياد تي انساني رت جا درياهه وهائي ڇڏيندا آهن ته ڪير ڪپڙا ڪهڙا ٿو پائي ۽ ڪير نماز ڪيئن ٿو پڙهي. ڪارل مارڪس سمورن عقيدن کي ڀڃي هر شيءِ ۽ هر ڳالهه کي عقل جي بنياد تي پرکڻ جو درس ڏنو ۽ سندس تعليم جو مرڪزي نقطو اهو هو ته ڪائنات ۽ ان ۾ موجود هر شيءِ هر وقت تبديليءَ جي عمل مان گذري رهي آهي. پر سندس ڪيترن پيروڪارن خود مارڪس جي لکيل لفظن کي ئي عقيدو بڻائي ڇڏيو ۽ تبديليءَ کي حرام قرار ڏيئي ڇڏيو. جي ايم سيد سان به ڪجهه اهڙي وارتا ٿي آهي. سيد جي شخصيت ۽ ڪردار جا ٻه حصا يا ٻه پاسا آهن؛ هڪڙو عملي سياستدان وارو ۽ ٻيو هڪ دانشور، مفڪر ۽ مدبر وارو. منهنجي خيال ۾ هن کان جيڪي به غلطيون ۽ ڪوتاهيون ٿيون آهن يا ناڪاميون ڏٺيون آهن اُهي سياستدان جي ايم سيد کان ٿيون آهن. بحيثيت مفڪر ۽ مدبر هُن سنڌي قوم ۽ سنڌي سماج بابت خاص طرح ۽ انسان ذات بابت عام طرح جيڪي خيال ۽ تجزيا ۽ رهنما اصول پيش ڪيا انهن کي وقت جي وهڪري صحيح ثابت ڪيو آهي ۽ اُهي اڄ جي حالتن ۾ اڳي کان وڌيڪ درست ۽ ڪارائتا نظر اچي رهيا آهن. ان ڪري ئي ڪيترا ڪالهه جا، سيد جا مخالف، اڄ هُن جا موافق بڻجي رهيا آهن. پر افسوس ته سندس ڪيترا ئي ’پيروڪار ۽ پوئلڳ‘ سندس ڏاهپ وارن ڏسن، عقلي دليلن وارين ڳالهين ۽ فهم فڪر وارن نقطن کي نه رڳو پٺي ڏيئي ٿا هلن پر انهن جي ابتڙ عمل ٿا ڪن. سڀ کان اهم ڳالهه ته هُن عقيدي پرستيءَ جي بت کي ڀڃي ڀورا ڪيو ۽ دنيا جي هر ڳالهه، خيال ۽ هر ڪردار جو، عقل، دليل ۽ ثبوتن جي بنياد تي تجزيو ڪيو ۽ ان مان حاصل ٿيندڙ نتيجن کي دهل جي ڏونڪي تي دنيا آڏو آندو ۽ ڪنهن به پنهنجي پرائي، رشتي تعلق ۽ دوست دشمن جي پرواهه نه ڪئي. سندس مشهور جملو هوندو هو ته ”سڌي راند سوٽي جي، ٻيڙي ٻڏي کوٽي جي.“ هُن ڪيترن ئي ’مقدس‘ بڻيل صدين جي تصورن کي عقل ۽ دليل جي ذريعي رد ڪيو پر سندس ڪيترن پوئلڳن خود سيد جي ڳالهين کي ئي عقيدو بڻائي ڇڏيو ۽ چوڻ لڳا ته سيد جي چيل ڳالهين کان وڌيڪ يا مختلف ٻي ڪا ڳالهه ٿي نٿي سگهي. جي ايم سيد چيو ته؛ ’هر انسان غلطيون ڪري ٿو ۽ مون به غلطيون ڪيون آهن.‘ پر سندس ’معتقدن‘ جو چوڻ آهي ته؛ ’جي ايم سيد غلطين کان پاڪ آهي ۽ جيڪو ماڻهو سندس غلطين جو ذڪر ٿو ڪري اهو منحرف آهي.‘ سيد پنهنجي تعليم ذريعي اسان کي انسانن آڏو نه جهُڪڻ ۽ پيرن جي قبرن کي سجدو نه ڪرڻ جو سبق ڏنو. پر ڪيترا سندس پڪا پوئلڳ چوائيندڙ، خود سيد کي پير بڻائي، ان جي قبر جي مجاوري ٿا ڪن. سيد جي ڏنل فڪر جو هڪ نهايت اهم نقطو اهو آهي ته پير، مير، وڏيرا، جاگيردار ۽ ملا انساني سماج جي ترقيءَ جا دشمن آهن ۽ سنڌ جي قومي نجات ۽ خوشحاليءَ جي جنگ ۾ انهن مان چڱائيءَ جي اُميد رکڻ اجائي آهي. جڏهن ته ڪيترا سندس سچا سپاهي سڏرائيندڙ وڏيرن ۽ قبائلي سردارن جي اوطاقن تي سلاميون ٿا ڀرين، جاگيردارن کي جهڪي سلام ٿا ڪن، ڪنهن بنيادپرست ملان کي جي ايم سيد جو همسر قرار ٿا ڏين ته ڪنهن رجعت پسند پير کي سنڌ جو هم معنيٰ ٿا چون. جي ايم سيد جو سنڌ لاءِ ڪيل سڀ کان وڏو ڪارنامو ۽ اسان تي ڪيل سڀ کان وڏو احسان اهو آهي ته هن اسان کي ذاتين جي تفريق ۽ قبائلي سڃاڻپ مان ڪڍي هڪ جديد قومي شناخت جو احساس ڏياريو. ڪيڏي نه ستم ظريفي آهي ته اسان جي ايم سيد جي نالي ۾ ذاتين جي تفريق جي بنيادن تي ٺاهيل ۽ قبائلي شناخت رکندڙ تنظيمن ۽ گروهن کي مضبوط ٿا ڪريون ۽ انهن تنظيمن ۽ گروهن جي اڳواڻن سان گڏ جي ايم سيد جي فڪر کي ڪامياب ڪرڻ جا اعلان ٿا ڪريون. سيد ڄاتو ۽ سمجهيو پئي ته جاگيرداري، ترقيءَ جي دشمن ۽ پسماندگيءَ جي علامت آهي ۽ ترقيءَ لاءِ صنعت ۽ واپار ضروري آهي. ان ڪري اڄ کان ۸۰ سال اڳ ۾ هن ڪوششون ورتيون ته سنڌي قوم جو تمام وڏو حصو (سنڌي مسلمان) جيڪي جاگيرداريءَ ۾ جڪڙيا پيا آهن ۽ زراعت کي ئي پنهنجي قسمت جو لکيو سمجهيو ويٺا آهن، اُهي شهرن ڏانهن اچن ۽ واپار ڪاروبار جي ميدان ۾ مقابلو ڪن. اڄ جيڪي سنڌي مختلف حالتن ۽ سببن جي ڪري ٻهراڙي ڇڏي شهرن ڏانهن اچن ٿا ۽ ڪاروبار جي ميدان ۾ اڳتي وڌڻ چاهين ٿا ته ’سيد جا سپاهي‘ سڏرائيندڙ اڳ ۾ ئي ڏنڊا ۽ بندوقون کنيو انهن جي رستا روڪ ڪرڻ لاءِ بيٺا آهن. حق جو هوڪو ڏيڻ، سچ جو سودو ڪرڻ ۽ مقدس عقيدن کي چئلينج ڪرڻ جي پاداش ۾ سيد جي خلاف غدار، ملڪ دشمن، عوام دشمن ۽ ڪافر هجڻ واريون فتوائون جاري ڪيون ويون. اهي فتوائون ۽ تعزير جاري ڪندڙن ۾ وقت جا حڪمران ۽ انهن جا ساٿاري ملان شامل رهيا آهن. اها ڪا نئين يا عجب جهڙي ڳالهه ناهي. سقراط کان وٺي نيلسن منڊيلا تائين، سڀني غير معمولي ۽ انقلابي انسانن سان اهڙو ورتاءُ ٿيندو رهيو آهي. عجب جي ڳالهه اها آهي ته اڄ اهو فتوائون جاري ڪرڻ وارو ڪم جي ايم سيد جي ’معتقدن‘ پنهنجي ذمي کنيو آهي. جيڪو ماڻهو سندن مخصوص ۽ محدود سوچ سان اختلاف ڪري ٿو، ان لاءِ فورًا فتويٰ اچيو وڃي ته اهو ’سيد جو انڪاري‘ ۽ ’سنڌ جو غدار‘ آهي. انهن منجهان ڪهڙا ۽ ڪيترا، علم ۽ ڄاڻ جي غربت جي ڪري، اهڙا عمل ڪن ٿا ۽ ڪيترا ذاتي مفادن خاطر ائين ڪن ٿا. ان جو تعين ته ايندڙ وقت ڪندو. باقي اهڙي ئي صورتحال لاءِ، ڪنهن سياڻي چيو آهي ته؛ ’مون کي منهنجي دوستن کان بچايو، پنهنجي دشمنن سان مان پاڻهيئي پڄي پوندس.‘ مان اهڙن دوستن لاءِ هتي انساني تاريخ جي تمام وڏي ۽ غير معمولي انسان، مهاتما ٻڌ جو هي قول پيش ڪريان ٿو ته؛ ”ڪنهن ڳالهه ۾ ان ڪري يقين نه ڪريو ته ٻڌ ڪري ٿو، ان ڪري ڪا سوچ نه ڪريو ته ٻڌ ڪري ٿو، ان ڪري ڪا ڳالهه نه چئو ته ٻڌ چئي ٿو، پر تڏهن ڪنهن ڳالهه تي يقين ڪريو، ڪجهه چئو ۽ ڪجهه سوچيو جڏهن توهان جو ذهن ضمير توهان کي چوي.“ سائين جي ايم سيد جي ٻاريل شعور جي لاٽ دولت رام کتري/بدين اڄوڪو ڏينهن سنڌ جي عظيم قومي رهبر سائين جي ايم سيد جو جنم ڏڻ آهي. اڄوڪي ڏينهن تي سنڌ ۾ شعور جو سج اُڀريو هو ۽ اُنهيءَ جي روشني سنڌ جي هر واهڻ وستيءَ کي واسي ڇڏيو هو. سن ۾ جنم وٺندڙ سائين جي ايم سيد سنڌ جي تاريخ جي اها گهڻ پاسائي شخصيت هئي جنهن سنڌ جي ماڻهن کي علمي، ادبي، سياسي ۽ قومي شعور ڏنو. پنهنجي ڌرتي سان بي انتها عشق رکندڙ هن قومي رهبر سنڌ جي ماڻهن کي جاڳايو ۽ ”سنڌ“ کي هڪ نئين سڃاڻپ ڏني. سيد پنهنجي فڪر ذريعي جهر جهنگ ۾ اهو پيغام پهچايو ته: ”اسان ملير جي مِٽي آهيون، اسان موهن جي دڙي جي دانهن آهيون، اسان ڀٽائي جي ڀِٽ جو ڀنڀٽ آهيون، اسان سنڌ جي ماضيءَ جا عڪاس ۽ مستقبل جا مصور آهيون“ سيد پنهنجو فڪر ڏيندي ايئن به چيو هو ”سنڌي هڪ مهذب ۽ ترقي يافته قوم آهي، جنهن کي پنهنجي شاهوڪار ٻولي آهي ۽ اها سنڌي ٻولي آهي، جيڪا دنيا جي امير ترين ٻولين ۾ ليکي وڃي ٿي“. سنڌي ماڻهن هميشه انسانيت، امن، عشق، محبت ۽ آزادي جا گيت ڳائي دنيا کي امن، ڀائپي ۽ رواداريءَ جا ڏس ڏنا آهن. پنهنجي ڏاهپ ذريعي سنڌ ۾ شعور جي جوت جاڳائيندڙ هن قومي رهبر سنڌ جي ادب، تاريخ، ٻولي ۽ سياست کي نوان گس ڏنا. ”جديد سنڌ“ جو تصور سائين جي ايم سيد ڏنو. سائين جي ايم سيد سنڌ جي قومپرست سياست کي هڪ نئين سڃاڻپ ڏني ۽ سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ شاگرد سياست کي متعارف ڪرائيندڙ سائين جي ايم سيد سنڌ جي نوجوانن کي سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ مثبت سياست ڪرڻ لاءِ اتساهيو نوجوانن کي حقن جي حاصلات لاءِ هڪ نئون گس ڏنو. سائين جي ايم سيد سنڌ جي تاريخ جي حقيقي روپ کي منظر عام تي آندو. هن عظيم شخص ۵۰ کان وڌيڪ ڪتاب لکي ”فڪر سنڌ“ جهڙو انمول تحفو پڻ سنڌين کي ڏنو. جنميو سنڌ لطيف ۽ سيد جهڙو سچ، ٻنهي ٻاريو مچ، سجاڳي جو سنڌ ۾ رهبر جو جنم ڏينهن نشا نهال/ حيدرآباد تاريخ ۱۷ جنوري اهو ڏينهن آهي، جنهن ڏهاڙي تي ۱۹۰۴ع ۾ سنڌ جي ڌرتي تي سنڌ ۽ سنڌ ڌرتي سان پيار ڪندڙ ۽ سنڌين سان لازوال محبت ڪندڙ رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جنم ورتو هو. سندس اڄ ۱۱۰هون جنم ڏينهن آهي، اڄ سڄي سنڌ ۾ سندس جنم ڏهاڙي جي مناسبت سان ننڍن وڏن شهرن، ڳوٺن، واهڻن ۽ وستين ۾پروگرام ملهائي سندس ولادت جون تقريبون وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايون پيون وڃن، جڏهن ته سندس جنم ڏهاڙي جون خاص تقريبون سن ۾ رٿيل آهن، جتي سنڌ جي عاشق ۽ ڌرتي سان پيار ڪندڙ سائين جي ايم سيد جي جنم ڏينهن کي قومي ڪارڪن عيد جي ڏهاڙي وانگر ملهائين ٿا ۽ سنڌ جي نجات واري جدوجهد لاءِ عزم ورجائين ٿا. قومي ڪارڪنن جا هجوم گڏ ٿي سيد جي خواب کي حقيقت جو روپ ڏيڻ لاءِ وچن ڪن ٿا. جنهن دور ۾ ملڪ جا جاگيردار، وڏيرا ۽ ڀوتار جتي ڀڳڙن مُٺ وڪامجي ويا هئا، اتي سائين جي ايم سيد سنڌ دشمن ڌارين خلاف ديوار بڻجي بيهي رهيو، سختيون برداشت ڪيون ۽ نظر بنديون سندس جدوجهد کي روڪي نه سگهيون کيس وقت جي حڪمرانن سخت تڪليفون ڏنيون پر پاڻ بهادري سان برداشت ڪندا رهيا، ڪڏهن به پنهنجي اصولن تي سوديبازي نه ڪئي، اڄ اهو ضرور سوچڻ گهرجي ته اسين ڪهڙين راهن تي هلي رهيا آهيون ۽ اسان سائين جي ايم سيد جي ڏنل فڪر تي ڪيترو عمل ڪيو آهي. اسان کي گهرجي ته اسان سڀ هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿيون ٻي صورت ۾ اسين محڪوميءَ جي چڪيءَ ۾ پيسجندا رهنداسين. سيد کانپوءِ سنڌ ۽ جيئي سنڌ ڊاڪٽر مير عالم مري سائين جي ايم سيد ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ع ۾ سَن ۾ پيدا ٿيو، ان لحاظ سان اڄ سيد جو ۱۱۰هون جنم ڏينهن سَن ۾ روايتي قومي جذبي سان ملهايو پيو وڃي. هي مضمون انهي ڏهاڙي جي نسبت سان آهي. منهنجي خوشنصيبي آهي، جو مون هڪ سياسي ڪارڪن جي حيثيت ۾ مختلف مرحلن تي سيد کان مختلف سياسي معاملن تي رهنمائي حاصل ڪئي. آئون سيد جي شخصيت ۽ قومپرستي جي جديد نظريي سان متاثر ٿي اتفاق رکندڙ نظرياتي پوئلڳ هئس. سال ۱۹۸۷ع ۾ ٿيل سيد سان پهرين ملاقات کان وٺي ۲۵ اپريل ۱۹۹۵ع ۾ سيد کي ڌرتيءَ جي سيني ۾ لاهڻ وقت ٿيل آخري ديدار تائين يا ان کان پوءِ اڄ ڏينهن تائين سيد جي شخصيت ۽ ان جي فڪر جي اثر پنهنجي رنگ ۾ ائين رڱي ڇڏيو جيئن ڀٽائي چيو؛ توڻي ڌوٻي ڌوءِ، ته به لالائي نه له سيد شفيق ۽ مهربان، خوش مزاج، ملنسار، سادگي پسند هو، سندس گفتگو عالماڻي، رويو دوستاڻو ۽ دليل ناقابلِ شڪست هئا. هو ڪارڪنن لاءِ اتساهيندڙ، اڳواڻن لاءِ همٿائيندڙ، سوچيندڙن لاءِ رهنمائي ڪندڙ ۽ مخالفن لاءِ ڏهڪائيندڙ هو. هو علم جو گهرو سمنڊ هو. سائين جي ايم سيد اڪيلو فرد بمقابلا جبر ۽ استبداد هو ۽ اسين سندس نگراني ۽ رهنمائيءَ ۾ تيار ٿيل نوجوان باغي هئاسين، جن جي آڏو آرامده زندگي ۽ اڻ مئي دولت جو تصور نه هو پر آزاد ۽ خوشحال سنڌ جي منزل هئي. ان منزل ڏانهن ويندڙ پُر خطر پيچرا هئا ۽ اسين ڄڻ ته سسئي هئاسين، جنهن کي اڪيلي سر ڏونگر به ڏارڻو هو ته پنهونءَ جا پيرا کڻي ڪيچ ڏانهن ڪَهڻ جي تڙپ هئي. تنهن ڪري اسان پنهنجي ان سفر ۾ ڪئين پريشانيون ضرور ڏٺيون پر ۴۷ سالن جي ڪل ڄمار مان ۳۰ سالن تي مشتمل هن طويل پنڌ تي ڪو به پڇتاءُ ڪونهي، ضمير مطمئن ۽ ذهن واضح آهي. پر اڄ جڏهن سيد کان پوءِ آئون سنڌ ۽ جيئي سنڌ هلچل جي هزارين ڪارڪنن تي نظر ڦيرايان ٿو ته ڀٽائيءَ جي لفظن ۾ ائين ٿو لڳي؛ ڪا مون هي ۾ گهٽ، نه ته سڄڻ ٻاجهيندڙ گهڻو سنڌ اڄ به نه رڳو سورن ۾ آهي پر ان جا سور وڌيڪ سوايا ٿيا آهن. محڪوميءَ جون سنگهرون سوڙهيون ٿيون آهن، استحصال جو آزار وڌيو آهي. اڳي فقط پنجاب استحصال ڪندو هو ۽ ان سان ڀاڱي ڀائيوار مهاجر هئا، جنهن لاءِ سيد پنهنجن ڪتابن ۾ پنجابي- مهاجر مستقل مفاد جو اصطلاح استعمال ڪيو، اڄ ان مستقل مفاد ۾ پٺاڻ به گڏجي پيا آهن. جمهوريت جي بحالي جي نعري هيٺ پنجاب جي آئيني اڪثريت کي هضم ڪرايو ويو آهي. جيتوڻيڪ سنڌ ۾ غربت ۾ اضافو ٿيو آهي پر طبقاتي شعور ۽ تضاد مُڏو ۽ ماٺو پيو نظر اچي. قومي استحصال ۾ شدت ته وڌيڪ پيدا ٿي آهي پر قومي محڪوميءَ خلاف قومي تحريڪ سگهارو بند ٻڌي نه سگهي آهي. قومي تحريڪ پاڻ ۾ نه رڳو ورهايل آهي پر وڙهيل به آهي. اڳي سيد جي مرڪزي شخصيت جي ڇڪ هئي، جيڪا سڀني کي سَن ۽ سيد جي مرڪز تي ڳنڍيو بيٺي هئي پر هاڻي سيد کان پوءِ سيد جي مرڪزي شخصيت به ناهي رهي ۽ سن جي مرڪزيت به آجپي پسند قومپرستن ۽ اليڪشن پسند قومپرستن ۾ ورهائجي چڪي آهي ۽ جيئي سنڌ هلچل ٽولين ۽ ٽڪرين ۾ ائين ورهائجي ويئي آهي، جو خبر ئي نٿي پوي ته هي ورهايا ۽ وڙهيا ڪهڙي ڳالهه تي آهن؟ هڪ نظرياتي ڪارڪن جي حيثيت ۾ جڏهن اسين جيئي سنڌ هلچل جي موجوده گروهه بنديءَ جو جائزو وٺون ٿا ته ڳالهائيندي به ندامت محسوس ٿا ڪريون. اڳي ٽوڙ ڦوڙ جي دوران مال تي جهيڙي، عهدي تي جهيڙي ۽ ايجنسين جي سازشن جهڙا الزام ٻڌندا هئاسين پر هاڻي سون تي سهاڳو اهو آهي ته ريپ ڪيس جا الزام به لڳڻ شروع ٿي ويا آهن. ممڪن آهي ته اهي سمورا الزام دُرست هجن يا محض اختلافِ راءِ رکندڙ ڪارڪنن کي خوار ڪرڻ جي ميڪاولين ادا هجي، پر ڇا به هجي صورتِحال انتهائي ڏکوئيندڙ آهي. جيئي سنڌ جي جهنڊي هيٺ ڪم ڪندڙ پارٽيون مسلم ليگ، پيپلز پارٽي، ايم ڪيو ايم، جماعتِ اسلامي، عوامي نيشنل پارٽي جهڙن ڪٽر نظرياتي طور مخالف پارٽين سان ته گڏجي ويهڻ ۽ گڏيل جدوجهد ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو پون پر پاڻ ۾ گڏجي پنهنجي رهبر جي سالگرهه يا ورسي جو گڏيل جلسو يا قومي آجپي، ڌاري آبادڪاري، سنڌ جي وسيلن جي ڦُرلٽ ۽ سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ڪلچر جي استحڪام توڙي دهشتگردي خلاف قومپرستي ۽ سيڪيولرزم جهڙي سونهري نظريي جي بنياد تي گڏجي ويهڻ يا گڏجي جدوجهد ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. اهو صحيح آهي ته سيد جي زندگيءَ ۾ سيد جا پوئلڳ چند هزار هئا ۽ هاڻي انهن جو تعداد هزارن کان وڌي لکن تائين پهتو آهي پر انهن مان تمام وڏي اڪثريت نظرياتي طور باشعور نه آهي، جن کي سمجهائڻ، سيکارڻ ۽ سنوارڻ جي ضرورت آهي. ڪارڪنن جو مقدار جيترو وڌيو آهي، انهن جو معيار اوترو ئي ڪريو آهي ۽ ان صورتحال جون ذميوار سياسي قيادتون آهن. منهنجي نظر ۾ جيئي سنڌ هلچل ۾ اختلافن جا بنيادي سبب ٽي آهن، باقي سڀ بي بنياد الزام تراشيون آهن. 1. قومي آجپي لاءِ جدوجهد جي حڪمتِ عملي تي اختلاف يعني جدوجهد جو طريقو پُرامن هجي يا پُر تشدد، پارلياماني هجي يا غير پارلياماني هجي. 2. اَسهپ جو غير جمهوري رويو يعني ڪارڪن، ڪارڪن کي نٿو سهي ۽ هڪ اڳواڻ ٻئي اڳواڻ کي نٿو سهي. 3. منفي رجحان يعني جدوجهد لاءِ گهربل وسيلا غلط طريقن سان هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ۽ غلط طريقن سان حاصل ٿيل وسيلن کي تحريڪ يا تنظيم جي اجتماعي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ جي بجاءِ فردن ۽ شخصن جي ذاتي ملڪيت ٺاهڻ جو رجحان، وغيره. اختلافِ راءِ کي برداشت به ڪري سگهجي ٿو ته تنظيمي ادارن ۾ اڪثريتي راءِ سان حل به ڪري سگهجي ٿو پر جيڪڏهن شخصي مفاد سامهون هجن ته پوءِ اڪثريت راءِ، جمهوريت ۽ ٺوس دليل، پوءِ چاهي اُهي دليل سيد جي ڪتابن مان هجن، يا ڪنهن ٻئي مقدس ڪتاب مان، سڀ پنهنجي معنيٰ وڃائي ويهي رهندا آهن ۽ منظم تحريڪون غير منظم، ڇُڙواڳ، پيداگير ٽولين ۾ ورهائجي وينديون آهن. موجوده سياسي حالتن ۾ سيد جي فڪري تحريڪ کي نون بنيادن تي بيهارڻ جي ضرورت آهي. نون بنيادن مان مطلب آهي ته قومپرستي، جمهوريت، سيڪيولرزم ۽ سوشلزم جي بنيادن تي نئين سري سان ۽ نون طريقن سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. اڄ جي جديد دور ۾ ڪم جا قديم ۽ پُراڻا طريقا نتيجا نه ڏيندا. ڪم جي نون طريقن ۾ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال اڻ ٽر آهي. نظرياتي پُختگي ۽ سياسي سنجيدگيءَ لاءِ هڪ دفعو ٻيهر سياسي تعليم جي رجحان کي مضبوط بنائڻو آهي ۽ ڪَک پتي مان لک پتي ٿيڻ جهڙي زهريلي رجحان کي سختيءَ سان چٿڻ جي ضرورت آهي. تمام تر ڪوتاهين جي باوجود جيڪڏهن جيئي سنڌ هلچل اڄ به سنڌ جي عوام جي اُميد جو ڪرڻو آهي ته ان جو وڏو سبب جيئي سنڌ هلچل جي ڪارڪنن جو تعداد ۽ ڪم جو طريقو نه پر سنڌ جو قومي تضاد آهي، جيڪو سائين جي ايم سيد جي نظريي کي هر روز نئين حوالي سان صحيح ثابت ڪندو رهي ٿو ۽ جيئي سنڌ هلچل ۾ اُميد جو ڪرڻو برقرار رکي ٿو. موجوده حالتن ۾ سيد جي فڪر کي عملي شڪل ڏيڻ جي لاءِ ۽ تحريڪ کي وسيع ۽ منظم ڪرڻ جي لاءِ سنڌ جي مظلوم هاري ۽ پورهيت جي سوال، سنڌ جي گونگي، مظلوم، ڌڪيل حوا جي ڌيءَ عورت جي سوال، رياستي توڙي غير رياستي قوتن جي ظلم جو شڪار انسانيت جي حقن جو سوال ۽ پنجاب ۽ ان جي جوڙيوال ۽ وڏيرا شاهي جي عوام دشمني کي چٽو ۽ نروار ڪرڻ سان گڏو گڏ سنڌ جي قومي سوال کي علائقائي توڙي عالمي سطح تي پنهنجا حمايتي ۽ اتحادي ڳولهڻ ۽ ٺاهڻ جي ضرورت آهي. سائين جي ايم سيد حياتي ۽ جدوجهد ايم حنيف لاشاري سائين جي ايم سيد جو خاندان شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي مٽياري سيدن جي سنائيءَ شاخ سان واسطو رکي ٿو. پاڻ سيد صاحب شاهه حيدر رحمته الله عليه جي اولاد ۽ نسبت هئڻ سبب ان گاديءَ جا چوڏهون نمبر سجاده نشين ٿيا، پاڻ سيد محمد شاهه سنائيءَ جي گهر ۾، ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ع تي ڇنڇر جي ڏينهن پيدا ٿيا ۽ سندن نالو سيد غلام مرتضيٰ شاهه رکيو ويو ۽ بعد ۾ جي. ايم. سيد جي نالي سان سڏجڻ لڳا. سال ۱۹۱۵ع ۾ پاڻ سنڌي پرائمري تعليم پرائي، انهي کانپوءِ انگريزي ۽ فارسي تعليم شروع ڪيائون.پاڻ تعليم خانگي طور حاصل ڪيائون ۽ سمورو وقت گهر جي حويليءَ اندر کيس محفوظ انتظام هيٺ رهڻو پيو، ان جو سبب ڪٽنبي تڪرار ۽ سندن والد صاحب جي شهادت هو. ننڍپڻ کان ئي ذهين هجڻ سبب سنڌي سماج جو ويجهڙائي کان جائزو ورتائون ۽ مدي خارج رسمن خلاف ۱۴ ورهين جي ننڍي عمر ۾ سن شهر ۾ ”انجمنِ مسلمين سن“ قائم ڪري، تحريڪ هلائي، ڳوٺ جي ماڻهن ۾ سماجي شعور پيدا ڪيائون. ته جيئن غريب طبقي ۾ اهڙين سماجي رسمن جي موقعي تي پنهنجن وسيلن کان وڌيڪ خرچ ڪرڻ ۾ ڪمي اچي ۽ ان طبقي مٿان معاشي بار گهٽجي سگهي ۱۷ مارچ ۱۹۲۰ع تي سن شهر ۾ خلافت ڪانفرنس جو اجلاس سڏائي، پنهنجي سياسي زندگيءَ جي شروعات ڪيائون. پاڻ ۲۶ اپريل ۱۹۲۰ع ۾ مخدوم بلاول جي درگاهه تي ميز تي چڙهي جلسي ۾ پهرين تقرير ڪيائون، ڇو ته ننڍي عمر هئڻ سبب سندن قد ننڍو هو. سائين جي. ايم. سيد پنهنجي ننڍڙي عمر جي سياسي زندگيءَ ۾ برک سياستدانن سان ملاقاتون شروع ڪيون. کيس مهاتما گانڌيءَ جي شخصيت ۽ سياست کين گهڻو متاثر ڪيو. انهيءَ ڪري ۲۷ اپريل ۱۹۲۱ع تي سن اسٽيشن تي وڃي گانڌيءَ سان ملاقات ڪري، ساڻس سياسي ڳالهين جي ڏي وٺ ڪيائون ۽ گانڌيءَ پاران کين کاڌيءَ جي ڪپڙن پائڻ جي هدايت ملي. جنهن کان متاثر ٿي، پاڻ کاڌيءَ جا ڪپڙا پائڻ شروع ڪيائون. سيد صاحب کي اهو پڪو ويساهه هو ته سماج ۾ سڌارن ۽ ترقيءَ وسيلي انقلاب اچي سگهي ٿو، ۽ اهڙي تبديليءَ جي عملي شروعات پنهنجي برادريءَ کان ڪيائون. تنهن ڪري پاڻ مارچ ۱۹۲۴ع ۾ سنڌ ۾ سيدن جي تعليم ۽ تنظيم لاءِ سَنَ ۾ پهرين ”انجمن سادات مٽياري“ قائم ڪيائون، جنهن سنڌ جي سيدن ۾ تعليمي، معاشي ۽ سماجي جاڳرتا جو ڪردار نڀايو. سيد صاحب جيئن ته هڪ روشن خيال آبادگار به هو، تنهن ڪري سال ۱۹۲۵ع ۾ سيٺ محمد جعفر خواجه سان گڏجي آبادگارن جي ايسوسيئيشن ٺاهيائون: جنهن سنڌ ۾ زرعي سڌارن ۽ اُپت جي نون طريقن وسيلي زراعت سان لاڳاپيل طبقن ۾ معاشي تبديلي آندي. ان کان پوءِ پاڻ ڪراچي ضلعي لوڪل بورڊ جو ميمبر ٿيا. ۽ سڀ کان اڳ ۾ تعليمي سڌارا پنهنجي اباڻي ڳوٺ سن کان ابتدا ڪندي، انگريزيءَ جا اي. وي ڪلاس شروع ڪرايائون، ۱۹۲۶ع ۾ نياڻين جي تعليم پرائڻ لاءِ نياڻين لاءِ اسڪول ۽ ان سان گڏ هارين، نارين ۽ پورهيتن لاءِ رات جا اسڪول قائم ڪيائون، ۽ اهڙيءَ ريت پنهنجي ڳوٺ ۽ آسپاس جي ماڻهن ۾ تعليمي شعور وڌائڻ لاءِ پاڻ پتوڙيائون. پاڻ پوءِ ۱۹۲۸ع ۾ ڪراچي ضلعي لوڪل بورڊ جي صدر طور ”ڳوٺ سڌار تحريڪ“ جو بنياد وڌائون. اُن کان اڳ سال ۱۹۲۶ع کان وٺي سيد حيدر سنائيءَ جي درگاهه تي سالياني عرس جي موقعي تي ”محال مانجهندن جي تعليمي ترقي ۽ معاشرتي اصلاح“ لاءِ ڪانفرنس سڏايائون. ۱۹۲۸ع ۾ سنڌ ۾ بمبئي پرڳڻي کان آزاديءَ جي تحريڪ هلي ته شروعات ۾ ٽي اهم ڪانفرنسون ٿيون، جن ۾ پاڻ سنڌ جي چوٽيءَ جي اڳواڻن سان گڏجي برطانوي سامراج اڳيان انگن اکرن سان ثابت ڪيائون ته سنڌ جو بمبئيءَ سان ڳانڍاپو غير قانوني ۽ غير اخلاقي فيصلو هو. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ميلي جي موقعي تي اڄ به ادبي ۽ ثقافتي ڪانفرنس جو دستور قائم آهي، حقيقت ۾ ان سلسلي جي شروعات ۽ رواج به پاڻ ميران محمد شاهه سان گڏجي سال ۱۹۳۰ع ۾ وڌائون. سنڌ جي مفڪر سائين جي. ايم. سيد پنهنجي دور رس نظر سان اهو محسوس ڪيو ته جيستائين سنڌ جي هارين ۾ شعور پيدا نه ٿيندو، تيستائين کين جائز حق نه ملي سگهندا ۽ سنڌ جي زراعت ۾ بهتر تبديليءَ کان سواءِ معاشرتي تبديلي ناممڪن هئي، ان ڏس ۾ پاڻ سال ۱۹۳۰ع ۾ جمشيد مهتا سان گڏجي ميرپورخاص ۾ ”سنڌ هاري ڪانفرنس“ سڏايائون. هي هاري تحريڪ اڳتي هلي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ هارين کي پنهنجا حق وٺي ڏيڻ ۾ ڀرپور سرگرم رهي. پاڻ هاري ڪاميٽيءَ ۾ سال ۱۹۵۴ع تائين ميمبر طور ڪم ڪندا آيا. ”سنڌ هاري ڪميٽي“ جو بنياد رکڻ حقيقت ۾ هڪ روشن خيال ۽ ترقي پسند سوچ جو نتيجو هو، جيڪو سندن ڪيترن ڪارنامن مان هڪ بي مثال ڪارنامو آهي. ۱۹۲۸ع کان عظيم الشان تعليمي اداري سنڌ مدرسي جي جنرل باڊيءَ ۽ ان جي ورڪنگ ڪميٽيءَ جو ميمبر ٿي، مدرسي جي تعليمي معيار ۽ ان جي سڌاري لاءِ ڏينهن رات محنت ڪيائون. سال ۱۹۲۹ع ۾ ڪراچي ضلعي جي عورتن ۾ تعليم لاءِ دلچسپي پيدا ڪرڻ، عورتن جي هنرن جي ترقي ۽ تيار ڪيل شين جي وڪري لاءِ هڪ جٿو تيار ڪيائون، جنهن کي ”رورل وومين ويلفيئر ايسوسيئيشن“ نالو ڏنائون. ۱۹۳۲ع ۾ سنڌي ساهت ادب ۽ سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽين جو ميمبر ٿي، گهڻي سرگرميءَ سان حصو وٺندا رهيا. ۱۹۳۷ع ۾ هو پهريون ڀيرو سنڌ قانونسازي اسيمبليء جو ميمبر چونڊجي آيو ۱۹۳۸ع ۾ مسلم ليگ جي مرڪزي صدر محمد علي جناح کي حاجي عبدالله هارون دعوت ڏئي سنڌ ۾ گهرايو جنهن ۾ سيد صاحب هڪ مبصر جي حيثيت ۾ شامل ٿيو جناح صاحب سائين جي ايم سيد جي شخصيت کان متاثر ٿي کيس مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني جيڪا پاڻ قبول ڪيائون ۽ مسلم ليگ جوائن ڪيائون ۱۹۴۰ع ۾ سائين جي ايم سيد سنڌ جي تعليم کاتي جو وزير ٿيو ۱۹۴۱ع ۾ هوُ آل انڊيا مسلم ليگ سينٽرل ڪاميٽي جو ميمبر بڻيو ۱۹۴۲ع ۾ سنڌ مسلم ليگ جو صدر چونڊجي ويو ۽ صدر چونڊجڻ جي هڪ سال کانپوءِ ۱۹۴۳ع ۾ هوُ سنڌ اسيمبليء کان پاڪستان جي حق ۾ ٺهراء پاس ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو سنڌ جي تاريخ جي هڪ اهم باهدر ڪردار حيدر سنائيء جي خاندان جي چشمو چراخ جي ايم سيد جي سياست جو ٻيو دور تڏهن شروع ٿيو جڏهن هن ۱۹۴۶ع ۾ مسلم ليگ تان استعيفا ڏيئي پنهنجي الڳ پارٽي جوڙي جنهن جو نالو پروگريسو مسلم ليگ رکيائين ساڳئي سال هُو سنڌ مخلوق پارٽي جو ليڊر پڻ چونڊجي ويو ۱۹۵۴ع ۾ سنڌ ادبي بورڊ جو چيئرمين چونڊجي ويو ۱۹۵۵ع ۾ هن پاڪستان نيشنل پارٽيء واري عمل ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو ۱۹۶۶ع ۾ هن بزم صوفيائي سنڌ جو قيام عمل ۾ آندو ۱۹۶۹ع ۾ سنڌ يونائيٽيڊ فرنٽ جوڙيو ۱۹۷۱ع ۾ هُو ملڪ جي وفاقي سياست کان بلڪل مايوس ٿي ويو ۽ هن سنڌ جي ماڻهن جي لاءِ حق خودراديت جو اعلان ڪيو ۽ ان لاءِ هن ۱۹۷۳ع ۾ جيئي سنڌ تحريڪ نالي پارٽي جوڙي سياست جيڪو جنگ ۽ جدُل جو ميدان آهي ان ۾ ڀرپور ۽ سرگرم ڪردار ادا ڪرڻ کانپوءِ ب هن قومپرست سياستدان ۶۵ اميق ۽ زخيم ڪتاب پڻ لکيا ان ڪتاب جو موضوع ادب کان وٺي سياست ۽ مذهب کان وٺي ثقافت ۽ ڪلچر تي پکڙيل آهن راڳ، شاعري ۽ موسيقيء سان گهرو شُگفت رکندڙ ۽ ۳۰هن سالن کان وڌيڪ عرصي تائين عدم تشدد جي سياست ۽ فلسفي ۾ يقين رکندڙ هن صوفي منش ۽ سنڌ جي عاشق سياستدان کي جيلن ۾ قيد ڪرڻ ۽ نظربنديء دوران سنڌ جي عاشق رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد ۲۵ اپريل ۱۹۹۵ع تي جناح اسپتال ڪراچيء ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو ۳۰هن سالن کان وڌيڪ ڊگهين جيلا تريات ۽ نظربنديء دوران ئي فوت ٿي وڃڻ سبب Mnstem انٽرنيشل پاران کيس ضمير جي قيديء جي اعزاز سان نوازيو ويو ۱۷ جنوري ۲۰۱۴ تي سنڌ جي هڪ ننڍڙي شهر سان تعلق رکندڙ سياستدان، صوفي ۽ سنڌ جي عاشق سائين جي ايم سيد جي ۱۱۰ سالگرهه آهي. سنڌ جي هن عظيم رهبر سائين جي ايم سيد کي سنڌ اڄ هن جي ۱۱۰ سالگرهه تي دل جي گهرائين سان ياد ڪري ٿي. سيد کي حساب ڏيڻ جو ڏينهن ۱۷ جنوري سجاد شر اڄ ان عظيم هستيءَ جو جنم ڏهاڙو آهي، جنهن اتحادِ انساني، امن عالم ۽ ترقي بني آدم جي نعري هيٺ، انسان جي آزادي ۽ تشڪيل نو جي ڳالهه ڪئي. اهو جي ايم سيد جيڪو ٻاروتڻ ۾ يتيمي جو احساس کڻي پليو، ان لڪيءَ جي لاون جي اوٻر کي اوپرو محسوس ڪرڻ بجاءِ، سموري سنڌ جو درد سيني ۾ سمائي هلڻ جو وچن ڪيو. اهو سائين جي ايم سيد، جيڪو نه صرف پنهنجي لکڻين ۾، پر پنهنجي عمل ۾ به انتهائي وسيع هو. ان جڏهن کان گانڌي کي ڌارين ۽ ان جي شين سان نفرت سان سرشار ڏٺو ته انگريزي يا وديشي لباس کان کاڌيءَ کي ترجيح ڏيئي پهرڻ لڳو. اهو سائين جي ايم سيد جڏهن ڪراچي لوڪل بورڊ جو صدر بڻيو ته شهري ۽ ٻهراڙي جي آبادين جي بنا فرق جي خدمت ڪرڻ لڳو ۽ جديد ڪراچي جا بنياد رکيائين. سائين جي ايم سيد جڏهن تعليم جو وزير بڻيو ته سنڌ يونيورسٽي جهڙو ادارو ڏيڻ جو عزم ڪيائين ته، ان کي عملي جامو به پارائي ڏيکاريائين. پورهيتن ۽ هارين جي حوالي سان قانون سازي ۾ به سيد جو وڏو هٿ رهيو. سائين جي ايم سيد تي مخالف ڀلي ته منزل گاهه مسجد واري واقعي تي تنقيد ڪندا هجن، تاريخ ائين به چئي ٿي ته پاڪستان جو پهريون ٺهراءُ پاس ڪرائيندڙ به جي ايم سيد هو، ته ساڳئي اسيمبلي جڏهن انگريز سامراج جي ونگار وهندي وطن يا ڪفن، آزادي يا موت جو نعرو هڻندڙ سورهيه بادشاهه، ان جي ساٿين ۽ سنڌ جي سرويچن خلاف حُر ايڪٽ پاس ڪيو ته ان جي عملي مخالفت به سائين جي ايم سيد جي کاتي ۾ وڃي ٿي. سائين جي ايم سيد جنوري ۾ جنم وٺڻ باوجود به مزاج ۾ گرم ئي رهيو. هن مسلم ليگي اڳواڻن کي به منهن تي سچ چوندي مسلم ليگ جي صدارت ڇڏي ڏني. پاڪستان ٺهڻ بعد جڏهن ڪراچي سنڌ کان کسي وئي، شهر کي وسائيندڙ هندو سنڌي دربدري جي عذاب ۾ مبتلا ڪيا ويا ته جي ايم سيد سنڌ سان عشق جي ڳالهه ڪرڻ تي پاڪستان جو پهريون سياسي قيدي بڻيو. سائين جي ايم سيد سان ڪنهن کي لک اختلاف ڀلي هجن پر اهي ان ڳالهه کان ڪڏهن به انڪاري نه ٿيندا ته سنڌ جا حڪمران برهمڻ، سومرا، سما، ۽ ٽالپر هئا يا محڪوم سنڌ ۾ ماڻهو ڪانگريسي، ليگي هئا، انهن کي سنڌين جهڙي خوبصورت شناخت جي ايم سيد ڏني، ان کان پهرين سنڌي ٿي ڪڏهن انهن سوچيو ئي ڪو نه هو! سائين جي ايم سيد لوڪل بورڊ جي سياست کان پارلياماني سياست جا سڀ دڳ آزمايا هئا پر جيئن ته سنڌ جي قومي محڪوميءَ وارو مرض پراڻو يا ناسور ٿي چڪو هو، تنهن ڪري ان جو علاج لهي نه سگھيو ته پاڻ بزمِ صوفياءِ سنڌ جهڙي الهه لوڪ تنظيم ٺاهي عام ماڻهو سان ملڻ لاءِ ميلن، ملاکڙن ۽ ڪچهرين ذريعي انهن ڏانهن رجوع ڪيائين. تاريخ جي ڄاڻو شخص انهن تجربن کي بار بار ان جي ڪري ٿي دهرايو، ڇو ته سڀني قاعدن ۽ ضابطن يا پارٽين کان مٿي سنڌ ۽ سنڌ ڪاز هو، پر باوجود ان جي پاڻ تصنيف ۽ تاليف يعني لکڻ پڙهڻ جي عمل کي پڻ جاري رکندو آيو. سائين جي ايم سيد جڏهن پيغامِ لطيف لکيو ته شاهه لطيف جي حقيقي عشق ۽ انداز جي اهڙي ته تشريح ڪيائين، جو سيد جو استاد علام آءِ آءِ قاضي شاهه لطيف کي دنيا جو وڏي ۾ وڏو شاعر چئي ويٺو. شاهه لطيف جي راڳ ۽ ويراڳ، جوڳين ۽ سناسين، کاهوڙين ۽ سورمين جي ڪردار ۾ حقيقي معنيٰ ڳولي لهڻ وارو به صرف جي ايم سيد هو. پاڻ جڏهن ”سنڌوءَ جي ساڃاهه“ لکيائين ته مهراڻ جي ماٿريءَ تي اهڙو انمول موقف پيش ڪيائين، جنهن ۾ ڄڻ موهن جي دڙي جي سمبارا ۽ ڪنگ پريسٽ پاڻ ڳالهائي سنڌ جي تشريح ڪري رهيا هجن. سائين جي ايم سيد جڏهن ڏٺو ته ووٽن واري سياست آشيروادي ۽ انجنيئرنگ جو ڪمال هجي ٿي (ڌانڌلي ذريعي نتيجا ڦريا وڃن ٿا) جنهن ۾ سنڌين کي ڪي به حق ناهن ملڻا ته پاڻ سنڌ جي مادرِ علمي سنڌ يونيورسٽي جو رخ ڪيائين، اتي نوجوانن سان جهور پوڙهي، موهن جي دڙي کان وٺي هيل تائين ٿيل سڀني ڪهرن ۽ ڪلورن جو ذڪر ڪندي، ”سنڌ هڪ ملڪ رهيو آهي، سنڌي هڪ قوم آهي ۽ آجپو سندن حق آهي“، وارو نظريو ڏنو. (شايد ان ڪري ئي ڪنهن چيو ته سنڌ جو شعور سائين جي ايم سيد سان ۽ عام ماڻهو ڀُٽي سان گڏ آهن). سائين جي ايم سيد جڏهن ”رهبر“ ڪتاب لکيو ته ان کي اڄ به پڙهندي محسوس ٿيندو ته ڄڻ ڪو جرنيل يا سپهه سالار ساٿين سان جنگ جي ميدان ۾ مخاطب آهي. سائين جي ايم سيد هميشه عدم تشدد جي ڳالهه ڪئي. سائين جي ايم سيد ”سنڌ ڳالهائي ٿي“ جهڙو شاهڪار، ڀلي جو عدالتي بيان جي صورت ۾ لکيو هجي پر سنڌ جي تاريخ ۾ ان ڪتاب جي تمام وڏي اهميت آهي. پارس جهڙي پوڙهي جنهن هر دور ۾ ويڙهه وڙهي، جيڪو ڪڏهن به نه جهڪيو ۽ ڏاڍ تي ڏمرجندو رهيو، جنهن ساهه به قيد ۽ نظربندي جي حالت ۾ ڏنو ان جي ايم سيد جا وارث ”پرهه جي پيغام“ کي هنيانءُ سان هنڊائي نه سگھيا!!. پر اتي ئي تاريخ جي ايم سيد جي ڪريڊٽ ۾ اهي لکين انسان به ڇڏيا، جن انداهه ۽ انڌوڪار کي نه مڃيندي آڻ ناهي مڃي. اڄ به فڪرِ جي ايم سيد قائم ۽ دائم آهي، جيئي سنڌ جي جهنڊي کي ٺاهيندڙ اقبال ترين دنيا جي ڪهڙي ڪنڊ ۾ به هجي پر اڄ سائين جي ايم سيد جو فڪر ۽ جهنڊو هر سنڌي تائين پهتل آهي. اڄ ڀلي سائين جي ايم سيد اسان وٽ جسماني طرح موجود نه هجي پر ان پوڙهي شينهن جنهن ۳۲ سال ۱۰ مهينا ۽ ۲۳ ڏينهن قيد ۾ ڪٽيا، جنهن لاءِ نياز همايوني چيو ته: ڪنهن لاءِ سوچين، ڪنهن لاءِ لوچين، ڪنهن لاءِ گھنگھر گهارين ٿو، پوڙها پورهيت پارس جهڙا، ڪنهن لاءِ لوهه پگھارين ويٺو. چارڻ ويڪو، چنگ به ويڪو، نگري هن ۾ ننگ به ويڪو، پوءِ ڀلا او منهنجا سائين! ڪنهن لاءِ لوهه پگهارين ويٺو. پر ان جي محنت رائيگان ناهي وئي ۽ ان جو فڪر اسان وٽ موجود آهي. سائين جي ايم سيد سان ساٿ نڀائڻ لاءِ اڄ به لکين عاشق سن ۾ گڏجندا ۽ سائين جي ايم سيد سان تجديدِ عهد وفا ڪندا، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ جا سمورا سنڌ پرست ۽ فڪر جي ايم سيد کي نصب العين سمجهندڙ دوست سيد جي مزار آڏو ان کي ساکي بڻائيندي پنهنجو پنهنجو احتساب ڪن ته، گذريل ۱۷ جنوري کان هيل تائين انهن سنڌ جي اشوز تي ڇا ڪيو؟ انهن جي جهوليءَ ۾ سائينءَ کي ڏيڻ جي لاءِ ڇا آهي؟ اگر اسين سڀ ائين خود تنقيدي جائزو وٺون ته منزل ڏور ناهي، نيٺ ته بهتر حڪمت عملين جوڙڻ سان سوڀارا ٿينداسين. سائين جي ايم سيد سٻاجهو ۽ سچو انسان لالا طاهر ميمڻ سنڌ سدائين سرويچ، پنهنجي پاڪ پويتر مٽيءَ مان سچا ۽ سُهڻا، سُلڇڻا، سٻاجها، اُتم ۽ اعليٰ انسان پيدا ڪيا آهن. هِنَ سرهاڻ جي ڌرتيءَ، جنهن جي مهڪ ايتري ته مِٺي آهي، جنهن جو ماپو ۽ مُلهه اَمُلهه آهي، جنهن جي جرڪ هميشه شاد ۽ آباد رهندي اچي پئي. هن سنڌ کي جڏهن به ڪنهن اُجاڙڻ جا سانباها ڪيا، تن کي نابوت ٿيڻو پيو ۽ اُنهن جو نالو ۽ نشان تاريخ پنهنجي لفظن ۾ اُجاڙ ڪوٽن ۽ کنڊراتن جي ڏيک جيان ڪتابن ۾ خاموش قبرن جيان چٽي ڇڏيا آهن ۽ جن سنڌوءَ جي سينڌ سنوارڻ لاءِ پنهنجين جانين جو نظرانو ڏئي، پاڪ ڌرتي جي هنج ۾ آرامي ٿي پنهنجي ڇڏيل ۽ ڪيل جدوجهد ۽ ڏنل سبق سُنهري لفظن سان هميشه پوري دنيا لاءِ آزاديءَ جو پيغام مشعل راهه ٿي روشنيءَ جي لاٽ روشن ڪندو ظالمن کي زير ڪندو سڀني کي سگهه ڏيندو اسان جي سنڌ کي جيئاريندو رهندو. سنڌ اُن عاشق جو عشق آهي، جنهن جي حد جي سرحد ڪائي ناهي، اهڙي ئي هن سنڌ جو نالو جي ايم سيد آهي، جنهن جي سنڌ ۽ سنڌين سميت انسانيت لاءِ ڪيل جدوجهد مثالي عشق جي منزل ڏانهن ويندڙ هڪ اهڙي منزل آهي، جنهن پنهنجي سڄي حياتي ڏونگر کان به ڏاڍين تڪليفن کي منهن ڏيندي مٽيءَ مٿان گهور ٿيندو رهيو. سائين جي ايم سيد اُها هستي آهي، جنهن جو نالو سنڌ دشمن ٻُڌي ڏڪي ويندا آهن، ڇوته سائين جي ايم سيد سنڌ هو ته اهڙي طرح اهڙن اڙٻُنگ انسانن لاءِ استاد بخاري فرمايو آهي ته: اسان کي فلسفو سائين، خوشيءَ غم جو نه سمجهايو، کلڻ آيو ته کلنداسين، روئڻ آيو ته روئينداسين، حيات ۽ موت جي ڇيڙي مسئلن کي نه ڊيڄاريو، حياتي آ ته جيئنداسين، موت آيو ته مرنداسين. (بخاري) سائين جي ايم سيد اها شخصيت هئي، جنهن سنڌ عشق خاطر ڦوهه جوانيءَ کان آخري دم تائين سنڌ لاءِ پنهنجا ذاتي سڀئي خواب سهائي ڇڏيا. سنڌ تي ڪهڙي به قسم جي ڏاڍائي يا بي واجبي ٿيندي ڏسندا هئا ته پاڻ کي بيچين ڪندي سنڌ کي بچائڻ لاءِ روڊن رستن، جيل يا نظربند آهن ته قلم جي ذريعي سامراجي قوتن سان مهاڏو اٽڪائيندا رهيا. سندس جُستجو هميشه سنڌ ۽ سنڌ واسين انسانيت جي پرچار ۽ اُنهن جي حقن خاطر دشمنن آڏو رُڪ جي ديوار بڻجي ظالمن جي اک ۾ ڪنڊو بڻجندو رهندو هو. سائين جي ايم سيد سنڌ جي اُها سرهاڻ هئي، جڏهن به پاڻ گهڙي پل آزاد ٿيندا هئا ته سندس اُن سرهاڻ جي خوشبوءَ ايتري ته مهڪي پوندي هئي جو هزارن جي تعداد ۾ سندس واس وٺڻ لاءِ پتنگا کيس آجيان لاءِ سندس گاڏيءَ ۾ گهيرو ڪندي واس وٺندا هئا ۽ گهر ويهڻ بجاءِ سنڌ جي ڪنڊ ڪُڙڇ ۾ ماروئڙن جي تانگ کيس ويهڻ نه ڏيندي هئي، پاڻ روڊن رستن، ڳوٺن شهرن، جهرجهنگ سنڌ گهري ٿي حق ۽ خودمختياري جو نعرو هڻي ڪهاڙي واري جهنڊي ساڻ ڌرتيءَ جي حقن خاطر ڌرتي ڌڻين کي آگاهه ڪندو رهندو هو ته اوهان سنڌ جا اصل وارث آهيو، اوهان پنهنجي سنڌ جي وارثي ڪريو. پنجاب سامراج اسان جو اصل ويري آهي، پنجاب اسان جي حقن تي ڌاڙا هنيو ويٺو آهي، اوهان سجاڳ ٿيو، سنڌ اوهان جي جاگير آهي. اوهان سنڌ واسي پنهنجي سنڌ جي دشمن کي سڃاڻو، ڌاريو ۽ غير سنڌ کي گهيرو ڪري ويٺا آهن، انهن ڌارين، غيرن ۽ غاصبن کي سنڌ مان ڪڍڻو آهي، سائين جي ايم سيد بخاري جي هن بيت جيان چوندو رهي پيو ته: ڪيترن ڪمزور هٿڙن جي شڪست، ڏاڍ کي چٿڙيون ڪري ڦاڙي ڇڏيان! ڪيترن شهزور جُنبن جي گرفت، ظلم کي ذرڙيون ڪري ساڙي ڇڏيان! (بخاري) سائين جي ايم سيد اهو روشن عقل انسان عشق سنڌ جو سرواڻ سچ ۽ صوفيت جو پيغام هو، جنهن نيٺ ۽ نوڙت محبت جو درس ڏئي پاڻ پڻ هڪ مثال بڻجي ويو، جنهن جي مثالن جو بيان ڪهڙن لفظن سان ڪريان. سائين جي ايم سيد سنڌ سان عشق جي ڪري وقت جي جابر حڪمرانن مٿس ڪيترائي ڪيس ڪيا. ان سلسلي ۾ ڪورٽن ۾ ٽائيم تي اچڻ ۽ وري هزارن جي تعداد ۾ اُتي سندس چاهيندڙ جوان ويندا هئا. ڪڏهن به سيد تي تاريخ کان اڳ جلوس يا ريلي ڪڍي ويندي هئي ته ظالم حڪمران ۽ سامراجي عنصر ڪوڙا ڪيس مڙهيندا هئا ۽ رستا روڪ ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن روايت مطابق کيس جڙتو ڪيسن ۾ گرفتار ڪندا هئا، جنهن جي سيد کي ڪابه پرواهه نه هوندي هئي، ان جاءِ تي بخاري چئي ٿو ته: جي جهنگ ڪندو تنگ ته ساڙي اچبو، هوندو جي بيابان ته لتاڙي اچبو، اي منزل مقصود، هي واعدو آ، آيو جي اڳيان اُڀ ته به ڦاڙي ڇڏبو. (بخاري) سائين جي ايم جيل جي قيد کي ڀاڪر پائي چمندو هو، ڇو ته هميشه چوندو هو ته مٺڙي سنڌ جي محبت جيل جون هي اوچتون ديوارون ۽ پهرا حقن ۽ خودمختياري جي علم کان اوچا ناهن. سنڌ جي آزاديءَ ۾ هي قيد ڪجهه به ناهي، اسان جو هي قيد اميد جي شمع آهي، جنهن جي روشني جي لاٽ پوري دنيا ڏسندي رهندي، اسان کي ظالمن جون سختيون ڪڏهن به جهڪائي نه ٿيون سگهن. لوڀ ۽ لالچون اسان کي خريد نه ٿيون ڪري سگهن، اسان اُهي انسان آهيون جنهن جو محور محبت، انسانيت ۽ امن آهي، جنهن لاءِ هي جنگ اسان جوٽي آهي. ڀٽائي، سچل، سامي هن پاڪ پويتر ڌرتي تي جن به هن ڌرتي تي جنم ورتو ۽ مخدوم بلاول، صوفي شاهه عنايت، بختاور، هيمون ڪالاڻي، پنهنجي جيون جي امن محبت انسانيت ۾ زنده رهندا. سائين جي ايم سيد ساڻن ملاقات جو احوال ذوالفقار قادري سياسي وابستگي پنهنجي جاءِ تي پر ڪوشش رهيم ته برک سياسي اڳواڻن سان روبرو ملي ڪچهري جو شرف حاصل ڪجي، هن مختصر حياتي ۾ مون کي ذوالفقار علي ڀٽو، سائين جي ايم سيد، بينظير ڀٽو صاحبه، مير مرتضيٰ، نواب اڪبر بگٽي، ولي خان، نواب خير بخش مري، مير شير محمد مري عرف جنرل شيروف، سردار عطاءُ الله مينگل، فاضل راهو جهڙين ڪيترين ئي قدآور شخصيتن سان ملڻ جو شرف حاصل رهيو، سائين جي ايم سيد سان به ملڻ جي اڪير رهي، اهو ۱۹۸۱ع جو سال هو مان مارشل لا ريگيوليشن ۱۳ ۽ ۳۳ ھيٺ گرفتار هئس، ڪيس سمري ملٽري ڪورٽ لاڙڪاڻي ۾ زير سماعت هو، ڪڏھن سينٽرل جيل سکر ته ڪڏھن لاڙڪاڻي جيل ۾ ڪيس جي سماعت دوران ڪڏھن ڪڏھن پوليس عارضي حوالگي طور تعلقي ٿاڻي لاڙڪاڻي جي لاڪ اپ ۾ به رکندي هئي، اهو تعلقي ٿاڻي جو لاڪ اپ ئي هيو منهنجو بسترو لاڪ اپ جي دروازي سان ئي هئو انهن ڏينهن ۾ تعلقي ٿاڻي جو ايس ايڇ او شاهه محمد سنجراڻي هو هڪ رات پوليس هڪ قدآور سهڻي نوجوان کي گرفتار ڪري کڻي آئي ۽ کيس لاڪ اپ حوالي ڪيائون، جيئن ته منهنجو بسترو لاڪ اپ جي دروازي سان ئي لڳل هو سو ان نو وارد نوجوان جي آجيان ڪرڻ وارو به مان ئي هئس، هٿ ڏئي کيس بستري تي ويهڻ لاءِ چيو مانس حالي احوالي ٿياسين ته نوجوان ٻڌايو منهنجو نالو بشير قريشي آھي، زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام جو شاگرد آھيان، پوليس چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج مان گرفتار ڪري آئي آھي، جيئي سنڌ سان تعلق آھي، بس پوءِ بشير خان ۽ مان جيل جي ٻولي مطابق هنڊي وال ٿي وياسين، بشير خان جلد ئي سيشن ڪورٽ مان ضمانت ٿيڻ بعد آزاد ٿي ويو پر اسان جو پاڻ ۾ جيڪو محبت، عزت، احترام ۽ دوستي وارو تعلق جڙيو، اهو سندس شھادت تائين برقرار رهيو. مون بشير خان سان اسيري وارن ڏينهن ۾ ئي سائين جي ايم سيد سان ملڻ جي خواهش جو اظھار ڪيو هو، چيائين خير سان آزاد ٿيو ته پوءِ سن هلنداسين، خير سان بشير خان ته جلد آزاد ٿي ويو مون کي وري سمري ملٽري ڪورٽ طرفان سخت پورهئي ۽ ڪوڙن جي سزا ٻڌائي وئي، مان ڊسٽرڪٽ جيل لاڙڪاڻو، سينٽرل جيل سکر ۽ لانڍي جيل ڪراچي جي ياترا ڪري مارچ ۱۹۸۳ع ۾ آزاد ٿيس، اهو جون ۱۹۸۳ع جو سال هيو مان ڄامشورو اسٽيشن تان پسينجر ريل گاڏي ۾ چڙھي لاڙڪاڻي پئي ويس، ٽرين جڏھن ”سن “ ريلوي اسٽيشن تي بيٺي ته اوچتو مون کي سائين جي ايم سيد سان ملڻ جو خيال آيو، سو فوراً ريل مان لهي پيس انهن ڏينهن ۾ سائين جي ايم سيد ”سن“ ۾ نظربند هو، پر ساڻس سان ملڻ لاءِ اچڻ وارن مهمانن، ملاقاتين ۽ دوستن تي پابندي نه هئي البته ”سن“ کان ٻاهر وڃڻ لاءِ سنڌ جي هوم ڊپارٽمنٽ کي آگاهه ڪرڻ ۽ اجازت ضروري هئي، مان ريل تان لهي هڪ ٽانگي وارو کي چيو سائين جي ايم سيد ڏي وڃڻو آھي، ٽانگي واري ٻڌايو ته سائين سنڌو درياهه واري اوطاق تي به ايندو آھي پر جيئن ته منجهند ٽاڪ ۽ گرمي آھي، سو سائين حويلي واري اوطاق تي هوندو، مون چيو جتي اوهان کڻي هلو سو اسٽيشن تان ٽانگي تي چڙھي ”سن“ شهر روانو ٿيس هڪ منجهند ٽاڪ مٿان ڇتي گرمي جو گهوڙي کان به پگهر پئي هليو، خير سان ٽانگي واري حويلي وٽ اچي لاٿو ۽ چيائين اها سامهون سائين جي اوطاق اٿئي، مان زندگي ۾ پهريون دفعو ”سن“ آيو هئس پر ان ڏينهن ايڏي گرمي هئي جو الامان مان خير سان سائين جي ايم سيد جي حويلي سان لڳو لڳ اوطاق ۾ آيس ته ڪوئي ڪونه هيو هڪ همراهه ورانڊي ۾ رکيل کٽ تي ليٽيو پيو هو، مون کي ڏسي چيائين ڪنهن سان ملندؤ مون کيس ٻڌايو ته سائين جي ايم سيد سان ملڻو آھي، همراهه اٿي هٿ ڏنو ۽ ٻڌايائين ته سائين اوطاق ۾ ھئا ڪجهه ملاقاتي آيا هيس سائين جن صبح کان اتي اوطاق تي ئي هئا ملاقاتين جي وڃڻ کان بعد ڪجهه دير اڳ سائين اٿي اندر حويلي طرف هليا ويا آھن. باقي اوهان کي ملڻو آ ته ڪمري اندر هلي ويهو، جهڙي مهل به سائين جن آيا ته ملاقات ٿي ويندي، مان سائين جي اوطاق جي ان ڪمري ۾ آيس جتي سائين اڪثر مهمانن سان ملندو هو ڪمري ۾ جيئن ئي اندر داخل ٿيس سامهون ديوار تي پينٽنگ ٿيل سنڌ جو نقشو لڳل نظر آيو، جنهن ۾ سنڌ جي نقشي جي مين بائونڊري کي زنجيرن سان جڪڙيل ڏيکاريو ويو هو ۽ نقشي اندر انگريزي ۾ “A Nation in Chains“ لکيل هو، ڪمري جي هڪ ڪنڊ تي رکيل ٽيبل تي ڪنهن آرٽسٽ جي هٿن سان پلاسٽڪ آف پيرس جو ٺھيل سائين جي ايم سيد جو مجسمو پيو هو، ڪمري ۾ سائيڊ سان ڪتابن جي ريڪ پئي هئي، جنهن تي ڪافي تاريخي ڪتاب نظر آيم ڀر ۾ ڪجهه ڪرسيون به رکيل هيون، ڪمري جي وچ تي نصرپور جي جنڊي تي ٺھيل ٻه کٽون رکيل جنهن تي سنڌي ٽڪ تي ٺھيل رلهيون وڇايل هيون، ڇتي گرمي مٿان ٿڪل هئس سو هڪ کٽ تي ويٺس ته ڪا خبر ئي نه پئي، ننڊ اچي وئي ڪا مهل ٿي ته جاڳ ٿيم ڏٺم ته ڀر واري کٽ تي هڪ جهور پوڙھو اگهور ننڊ ۾ ستو پيو هو، غور سان ڏٺم ته سائين جي ايم سيد ستو پيو هو، مان اٿي اچي ورانڊي ۾ ويٺل همراهه کان پڇا ڪئي جنهن ٻڌايو ته تون ستو پيو هئين ته اوچتو سائين حويلي کان اوطاق تي آيو، توکي ستل ڏٺائين مون کيس ٻڌايو ته آھي ته الائي ڪير پر اوهان سان ملڻ آيو آهي، همراهه وڌيڪ ٻڌايو ته مون سائين کي چيو ننڊ مان اٿاريانس ته سائين سختي سان منع ڪئي ته گرمي ۾ خبر ناهي الائي ڪٿان ٿڪل آيو هوندو، ڀل آرام ڪرڻ ڏيوس پوءِ سائين تنهنجي اٿڻ جي انتظار ۾ پاڻ به ڀر واري کٽ تي مهي پيا اسان پاڻ ۾ ڪچهري پئي ڪئي ته سائين کي جاڳ ٿي، مان اٿي وڃي سائين سان نوڙي ادب احترام سان مليم، سائين جي پڇڻ کان اڳ ئي جيڪو سچ هئو، مون سائين کي ٻڌايو ته منهنجو ڪوبه تعلق اوهان جي فڪر هيٺ ڪم ڪندڙ تنظيم سان ڪونهي مون کي صرف اوهان سان ملڻ جي سڪ ضرور هئي، سو اچي حاضر ٿيو آھيان، سائين مرڪي چيو ته مون کي ان ڳالهه سان ڪو به سروڪار ڪونهي ته ڪو منهنجي نظرئي جو پوئلڳ آھي يا ناهي، منهنجي لاءِ اوهان سڀ منهنجا ٻچا آھيو، سائين سڀ کان پهرين مون کان پڇا ڪئي ته ماني کاڌي اٿئي مون کيس ٻڌايو ته ماني ناهي کاڌي سو سائين نوڪر کي سڏيو ۽ کيس چيائين حويلي نياپو ڏيو ته اوطاق ڏي هڪ مهمان جي ماني موڪليو، اهو همراهه سائين جو حڪم ٻڌي روانو ٿي ويو. هاڻي اوطاق ۾ سائين جي ايم سيد ۽ مون کان سواءِ ٻيو ڪو به نه هو سو موقعي جو فائدو وٺندي مون سائين کان سڀ کان پهرين سوال ڪيو ته “ڀُٽي صاحب جي باري ۾ اوهان ڇا چوندا؟ (ياد رهي ته ڀُٽي صاحب کي ڦاسي اچي چڪي هئي) هيترن سالن گذرڻ بعد به مون کي اهو لمحو اڄ به ياد آھي ته جڏھن مون اوچتو سائين جي ايم سيد کان ڀُٽي صاحب جي باري ۾ سوال ڪيو ته سائين جي چهري تي مون کي ڪروڌ نظر آيو ۽ سائين پنهجي چپن کي خاص طور هيٺين چپ کي ڏندن ۾ ڀڪوڙي هڪ لمحي لاءِ خاموش ٿي ويو ۽ پوءِ پنهنجي خاموشي کي ٽوڙيندي چيائين“ ذوالفقار علي ڀُٽي جو پيءُ شاهنواز منهنجو دوست هو، ڀٽو مون کي چاچا ڪري سڏيندو هو، شاهنواز ۽ اسان گڏجي ڪافي تحريڪن ۾ حصو به ورتو اسان جو هڪ ٻئي سان مرڻي پرڻي اٿڻ ويهڻ ھو، شاهنواز جڏھن ڀُٽي جي طوهر جي تقريب ڪئي هئي ته مون کي به دعوت جو ڪارڊ موڪليو هئائين ۽ مان شرڪت به ڪئي هئي، سنڌ پنهنجي ويجهڙ واري تاريخ ۾ ٽي ذھين ماڻھو پيدا ڪيا، محمد علي جناح، پير علي محمد شاهه راشدي ۽ ذوالفقار علي ڀٽو، پر ٽنهي ماڻھن سنڌ لاءِ اهو ڪجهه نه ڪيو جيڪو کين ڪرڻ کپندو هو، تاريخ کين موقعو به ڏنو پر هنن اهو ڪردار ادا نه ڪيو جناح سميت سڀني کي پنجابين پنهنجي مفادن لاءِ استعمال ڪيو پنجابين وٽ ته راڻا رنجيت سنگهه کان پوءِ ڪو اڳواڻ ئي پيدا نه ٿيو آھي پنجابين هميشه ٻين جي ڪلهي تي بندوق رکي هلائي آھي، جنهن پاڪستان لاءِ اسان ڪشالا ڪڍيا اهو ته پنجابستان بڻجي ويو، پنجابين وٽ ڪو ماڻھو نه هو، هنن سدائين اسلام، نظريا پاڪستان ۽ ھندستان جي خوف جا ڊپ ڏئي ڏنڊي جي زور تي حاڪميت ڪئي آھي، ڀُٽي کان به هنن ڪم ڪڍيا. ۱۹۷۲ع جي عبوري آئين جي منظوري وقت ولي خان ۽ ٻروچن عطاءُ الله مينگل، غوث بخش بزنجي ۽ نواب خير بخش مري وارن عبوري آئين تي صحيحون نه پئي ڪيون، ڀٽو مون سان مليو ۽ مون کان مدد گهريائين مون کيس سڌيون ٻڌايون چيائين چاچا اوهان مون کي موقعو ته ڏيو مون ولي خان ۽ ٻروچن سان ڳالهايو ولي خان جو پيءُ غفار خان منهنجو دوست هو مون کي ولي خان ۽ ٻروچن چيو پنجابين سدائين ڌوڪا ڪيا آھن هن دفعي ڀٽي کي اڳيان ڪري ڌوڪو پيا ڏين مون کين چيو اسان سدائين ڌوڪا کاڌا آھن هڪ ڌوڪو ٻيو سهي منهجي چوڻ تي ولي خان ۽ ٻروچن ۱۹۷۲ع جي آئين تي صحيحون ڪيون، اڳتي هلي ۱۹۷۲ع واري عبوري آئين ۾ اسان جي پڇڻ بنا ترميمون ڪري ان کي ۱۹۷۳ع جي آئين ۾ تبديل ڪيو ويو، ۱۹۷۳ع آئين جي منظوري کان پوءِ سڀ کان پهريون مان نظربند ٿيس، ڪجهه عرصي گذرڻ کان پوءِ ولي خان، مير غوث بخش بزنجو، سردار عطاءُ الله مينگل، نواب خير بخش مري، مير شير محمد مري وارا غداري الزام ۾ گرفتار ٿي حيدرآباد سينٽرل جيل پهتا ۽ مون ڏي ميار موڪليائون، ڀٽي مون کي هنن آڏو مياري ڪيو، سائين ڳالهائيندا رهيا مان غور سان سائين کي ٻڌندو رهيس سائين پنهنجي ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي چيو “ ڀُٽي کان پنجابين ڪم ورتا جڏھن هنن ڏٺو ته ڀٽو هاڻي اسان جي ڪم جو ناهي رهيو ته ڀُٽي کي ڦاهي ڏئي ڇڏين، فريادي به اهي شاهد به اهي جج به اهي ۽ ڦاهي ڏيڻ وارا به اهي ئي هئا. اتي ڪجهه ساهي بعد مون سائين جي ايم سيد کان بينظير صاحبه بابت پڇيو (واضح رهي ته بينظير صاحبه انهن ڏينهن ۾ ۷۰ ڪلفٽن ۾ نظربند هئي) سائين بينظير صاحبه لاءِ چيو “هو اسان جي نياڻي آھي، هن لاءِ عزت آھي، هو لکيل پڙھيل ۽ بهادر به آھي هن مان ماڻھن کي اميدون به آھن پر اڃا هو سياست جي ميدان ۾ نئين آھي. پيءُ جي نقش قدم تي هلي ته اهي ساڳيون قوتون جن هن جي پيءُ کي نه بخشيو اهي هن کي به نه ڇڏيندا. مون سائين کان جڏھن بلوچن جي باري ۾ پڇيو ته سائين ورندي ڏني ته “هن وقت تائين جيترا بلوچ مئا آھن، ان جي اڌ جيتري به سنڌي قرباني ڏين ها ته پاڪستان جي جاگرافيائي صورتحال تبديل ٿيل هجي ها، آزاد ٿيڻ کان بعد عطاءُ الله مينگل، مير غوث بخش بزنجو، نواب خير بخش مري ۽ مير شير محمد مري وارا مون سان ملڻ آيا هئا، مون کين چيو اوهان بهادر به آھيو ۽ ويڙھاڪ به ماڻھو به جام مئا اٿو پر جيسين اوهان سردارن جون پنهنجون پنهنجيون الڳ چڙھيل ڪنيون ۽ انائون ختم نه ٿينديون بلوچ ايئن مرندا رهندا، مون کائنس جڏھن سنڌين بابت پڇيو ته سائين چيو “سنڌين اڃا پنهنجي دوست دشمن کي ئي ناهي سڃاتو، ڏاڍو پڇتائيندا“ ايتري ۾ ماني اچي وئي سائين نوڪر کي چيو هيٺ دسترخوان وڇاءِ دسترخوان لڳو مان ته ماني ڏسي حيران ٿي ويس، ٻاڪري گوشت جو ٻوڙ، تريل مڇي، فرائي ٿيل ڀينڊيون، ڪڻڪ ۽ چانورن جي مکڻ سان مکيل ماني، اڇا چانور ۽ لسي موجود هئا. سائين مون سان هيٺ اچي دسترخوان تي ويٺا ۽ چيائين ماني کاءُ مون چيو سائين هي ته مون کان گهڻي آهي، اوهان به وٺو تنهن تي سائين چيو مان تمام گهٽ کائيندو آھيان، تنهن جي اچڻ کان ڪجهه دير اڳ مون ماني کاڌي آهي، مون به گهٽ نه ڪئي ڍؤ ڪري ماني کاڌي ماني کائي بس ڪيم ته سائين چيو گرمي آهي، شربت پيءُ، ٺٽي جي حڪيم درس جو شربت به سائين پياريو، ٽرين جو ٽائيم پئي ٿيو سو مون سائين کان نوڙي موڪلايو ته سائين نوڪر کي چيو هن کي ٽانگي تي چاڙھي اچ ان سان گڏ سائين ڪجهه پئسا منهنجي کيسي ۾ وڌا، ته مون حجاب واري لهجي ۾ چيو سائين گهڻو ٿي ويو گنهگار ٿا ڪيو ته سائين چيو رکي ڇڏ ڪم ايندئي پوءِ مان سائين کان موڪلائي اچي ٽانگي تي ويٺس ۽ ”سن“ اسٽيشن لاءِ روانو ٿيس پر اڄ تائين سائين جي ايم سيد سان گذاريل اهي چند گهڙيون وساري نه سگهيو آهيان. سائين جي ايم سيد منهنجو محسن منهنجو رهبر محمد ابراهيم جويو سائين جي ايم سيد سان منهنجو سڄيءَ زندگيءَ جو سنٻنڌ رهيو آهي. مون کي پاليو ۽ نپايو منهنجن مائٽن، پر مون جو ڪجهه پرايو ۽ ان پراپت مان آئون جيڪي ڪجهه بنيس، تنهن لاءِ آئون سائين جي ايم سيد جو شڪر گذار آهيان. سائين جي ايم سيد جو ڳوٺ سن آهي، ۽ آئون ان کان ويهارو ميل پري هڪڙي ننڍڙي واهڻ ”آباد“ ۾ ڄائو هوس. منهنجو پيءُ ته منهنجي گهڻي سانڀر کان اڳ ئي گذاري ويو هو، ۽ منهنجي ماءُ به پوءِ وڇڙي ويئي، پر منهنجو ڏاڏو ۽ ڏاڏي حيات هئا، جن مون کي ماءُ پيءُ جو پيار ڏنو. منهنجو ڏاڏو هڪ جامڙد، ڏاهو ۽ خود دار شخص هو، پنهنجو راڄ توڙي آسپاس جا راڄ هن جو ڏاڍو لحاظ رکندا هئا. مون کي ياد آهي ته آئون جڏهن يارهن ورهين کن جو هوس ۽ سنڌي ڇهون درجو پڙهندو هوس، تڏهن اسان کي هر روز ٽي ميل پري، پاسي واري ڳوٺ، تيرٿ لڪيءَ جي اسڪول ۾ سنڌي پڙهڻ لاءِ وڃڻو پوندو هو. هڪ ڏينهن ڏاڏو ڪنهن ڪم سان سن ويو ۽ موٽيو ته هڪ اهڙي ڳالهه کڻي آيو، جيڪا منهنجي نئين جنم جو سبب بڻي. جيڪڏهن اڄ مون کي اهو معلوم ٿي وڃي ته اهو ڪهڙو ڏينهن هو، جڏهن ڏاڏو سن مان موٽيو هو، ۽ منهنجي نئين جنم جي اها ڳالهه کڻي آيو هو، ته اهو ڏينهن آئون هوند پنهنجي اصلي جنم جو ڏينهن ڪري هر سال ملهايان. ڳالهه هيءَ هئي ته سائين جي ايم سيد ان سال پنهنجي ڳوٺ ۾ هڪ ديني تعليم جو مدرسو، بورڊنگ هائوس سميت، ۽ سنڌي اسڪول سان گڏ انگريزي تعليم لاءِ اي وي ڪلاس کولايا هئا ۽ جڏهن خبر پيس ته ڏاڏو سن ۾ هو، تڏهن هن کي سڏائي، مدرسي ۽ انگريزي ڪلاسن ۾ پنهنجن ڇوڪرن کي داخل ڪرائڻ جو سخت تاڪيد ڪيائين. جڏهن ڏاڏي گهر ۾ سن جي نئين اسڪول جي ڳالهه ڪئي، تڏهن مان ڏاڍو خوش ٿيس. هيءُ سال ۱۹۲۷ع جو هو. پوءِ آئون سن جي انگريزي اسڪول ۾ داخل ٿيس. سائين جي ايم سيد وٽ منهنجو ڏاڏو مون کي وٺي ويو، ان وقت آئون ۱۲-۱۱ ورهين کن جو هئس. سائين جي ايم سيد جي والد سيد محمد شاهه مرحوم جي شهادت ۽ سندس وڏي حضرت ميين حيدر، جنهن جي درگاهه جا پاڻ سجاده نشين هئا، تن جون ڳالهيون سڄي تر ۾ عام پکڙيل هيون. سائين جي ايم سيد لاءِ عام اها خبر ته ننڍي وڏي جي وات هئي ته پاڻ پنهنجي والد محترم جي شهادت وقت ٻالڪ اوستا ۾ هئا ۽ سندن عام ناموس هئي ته سنِ بلوغت جي عمر تي پهتا ته عام اعلان وسيلي سڄيءَ سنڌ ۾ رهندڙ پنهنجي مريدن لاءِ اهو پڌرو ڪيو هئائون ته ڪو به کين پيرين پئي نه ملي. ٻيو ته پنهنجي مريدن مان پاڻ ڪو به نذر نياز يا ڏَن نه وصول ڪندا. ان زماني ۾ لڪيءَ تائين سڄو محال ڪوهستان به ڪراچي ضلعي سان ڳنڍيل هو ۽ سائين جن پاڻ ڪراچي ضلعي لوڪل بورڊ جي اسڪول بورڊ جا تڏهن چيئرمين هئا. مون ٽي درجا انگريزيءَ جا پاس ڪيا، ته سائين جي ايم سيد مون کي ڪراچي لوڪل بورڊ جي اسڪالرشپ وٺي ڏني ۽ پوءِ آئون ڪراچيءَ جي سنڌ مدرسي ۾ ۱۹۳۱ع ۾ داخل ٿيڻ لاءِ، پنهنجي ڏاڏي مرحوم سان گڏجي ڪراچيءَ ويس. اتي جڏهن ڏاڏو ۽ آئون ڪراچي جي سٽي اسٽيشن تي لٿا هئاسون ته اتي اسان کي وٺڻ لاءِ لڪيءَ جي سيٺ تيجو مل جو گماشتو آيو هو ۽ اسان کي بولٽن مارڪيٽ وٽ پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ وٺي وڃي رات اتي رهايائين. ٻئي ڏينهن تي بولٽن مارڪيٽ کان گانڌي گارڊن تائين ويندڙ ٽرام گاڏيءَ ۾ ويهاري، سائين جي ايم سيد جي بنگلي تي آڻي ڇڏيو هئائين. ٻئي ڏينهن سائينءَ ڪاغذ ڏيئي پنهنجي خاص ماڻهوءَ سان مون کي مدرسي جي پرنسپال، ڊاڪٽر علامھ دائود پوٽي صاحب وٽ موڪليو. علامه صاحب منهنجا اسڪول ليونگ سرٽيفڪيٽ ڏسي ۽ پوءِ سائين جي ايم سيد جو خط کولي پڙهيو. ائين آئون اتي اسڪول ۾ داخل ٿيس. مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ ڏاڏي مرحوم جي زور ڀرڻ تي، دل تي پٿر رکي، سائين جي ايم سيد وٽ حاضر ٿيس ته مون کي ڪا نوڪري وٺرائي ڏين. مون کي مئٽرڪ جي امتحان ۾ دادو ضلعي مان پهريون نمبر بيهڻ تي اسڪالرشپ ملي هئي، تنهن جي کين خبر هئي ۽ منهنجي دلي خواهش جي به کين سڌ هئي ته مون نوڪري ڪرڻ نٿي گهري، پر وڌيڪ پڙهڻ ٿي گهريو. پاڻ همت ڏياريائون ۽ چيائون ته نوڪري ڪنهن به صورت ۾ نه ڪجي، پر، ڪيئن به ڪري، پڙهڻ لاءِ ڪاليج ۾ داخلا وٺجي. پوءِ مون کي ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچي جي پرنسپال بٽاڻي صاحب ڏانهن چٺي لکي ڏنائون ۽ جيتوڻيڪ داخلا جون تاريخون گذري چڪيون هيون، پر درويش صفت پرنسپال مون کي ڪاليج ۾ داخل ڪيو ۽ اهڙيءَ طرح زندگيءَ جي راهه ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر مون کي سائين جي ايم سيد جي رهبري ۽ مدد نصيب ٿي. هڪ ياد سيد صاحب جي حوالي سان منهنجي من ۽ ذهن تي چٽيل آهي ۽ جيڪا نه رڳو ياد جي حد تائين آهي، پر ان منهنجي پوريءَ زندگيءَ تي پڻ گهرا اثر ڇڏيا آهن. اها ياد ڪجهه هن طرح ته جڏهن آئون اڃا سورهن ورهين جو هوس ته سيد صاحب مون کي شاهه لطيف ڀٽائيءَ جي درگاهه تي حاضريءَ لاءِ وٺي ويو هو. شاهه لطيف جي مزار تي پاڻ دعا گهريائون، جا خاص طرح سنڌ جي نسبت سان هئي. انهيءَ دعا ۾ ٽي شيون شامل هيون: ۱. امن جهجهائي Plenty of Peace ۲. اندر اُجار Enlightenment ۳. آزادي (Freedom) انهيءَ دعا ۾ شامل ٽنهي شين کي مون چڱيءَ طرح ياد ڪيو، اڃا به، هانءُ سان هنڊايو ۽ انهيءَ مهل، ڀٽائيءَ سائينءَ جي آڳرن تي اهو پڪو پهه ڪيم ته انهن ٽنهي شين جي حاصلات لاءِ آئون سڄي ڄمار پاڻ کي ڪاربند رکندس. اڄ به آئون انهن ٽنهي شين جي خواهش رکان ٿو. سائين جي ايم سيد سان خيالن جي ڪڏهن به منهنجي نا اتفاقي نه ٿي آهي. سواءِ ٿورڙي وقت لاءِ هڪ مسئلي جي سلسلي ۾، اهو هو مسلم ليگ جي سياست جو مسئلو. سائينءَ جو ستيه پريم ۽ ايڪتا يعني حق، محبت ۽ وحدت جي پرورش ۽ علمبرداريءَ جو ڪردار آهي، جيڪو سنڌ جي تاريخ، لافاني ادب ۽ تهذيب جو، سنڌ جي سَنتن، اوليائن ۽ درويشن جو ۽ سنڌ جي سمورن صالح ۽ سرويچ سپوتن، اڳين توڙي هاڻوڪن جو ڪردار آهي ۽ سنڌ جي انهيءَ ئي آفاقي ڪردار جي پوئواريءَ ۾ آئون ۽ مون جهڙا ٻيا ڪيئي سنڌ ۽ سنڌ سان گڏ عالم انسانيءَ جا محب ۽ فدائي اڄ به سائين جي ايم سيد جا ساٿي ۽ ٻانهن ٻيلي ٿيو بيٺا آهن ۽ ان سندم ساٿ ڌڻي سرواڻ ۽ سندس ساٿ تي اسان کي فخر رهيو آهي. سائين جي ايم سيد جي رياست لاءِ ۽ سندس سنڌي قوم لاءِ قوم دوست فڪر جي چونڊ ۽ ان جي ڦهلاءُ لاءِ باضابطا نموني عملي، قومي، توڻي سياسي اڳڀرائي، ڪي اوچتا ئي فيصلا نه هئا، جهڙِيءَ ريت عام طرح سوچيو، چيو، لکيو ۽ اظهاريو ويو آهي. اهڙن حتمي نتيجن تي پاڻ لڳاتار عملي سياست جي تلخ تجربن ۽ سنڌي قوم سان ٿيندڙ انيڪ ناانصافين، واعدي خلافين ۽ سازشي فيصلن جي عمل ۾ اچڻ کان پوءِ پهتا هئا. اسين پڻ انهن سمورن واقعن جا اکين ڏٺا شاهد آهيون. پاڻ اهي پهريان سنڌ دوست حقيقي مفڪر هئا، جن سنڌ ۾ قومي فڪر جي پنهنجين لکڻين ۽ خطابن وسيلي باقاعدي جوڙجڪ ڪئي ۽ هڪ قوم طور سنڌي ماڻهن جو ڪيس، رياست اڳيان پيش ڪيائون، جنهن جي بدلي ۾ پاڻ رڳو جيل ۽ نظربندين جا عذاب ئي نه سٺائون، پر مٿن الزام ۽ دشنام، تهمتون ۽ بهتان به رکيا ويا، انهن مڙني الزامن، دشنامن، تهمتن ۽ بهتانن کي قبول ڪيائون، جيڪي رياست پاران انهيءَ ڪري ميدان ۾ لاٿا ۽ عمل ۾ آندا ويا هئا ته جيئن پاڻ ماٺ ڪري ويهي رهن. حقيقت هيءَ آهي ته سيد صاحب جن وٽ پنهنجي سنڌ ۽ سنڌي قوم جي تاريخي تشخص جي بحالي، ان جي مڃتا ۽ ان جي حاصلات کان سواءِ ٻيون سڀ شيون معنيٰ وڃائي ويٺيون هيون. ائين چئجي ته به غلط نه ٿيندو ته پاڻ روحاني طرح عقل جي اوچي ڏاڪي يعني عقلِ سليم تائين، ٻين لفظن ۾ سنڌ سان عشق جي منزل تائين پهچي چڪا هئا، جتي پهچي صعوبتون ۽ سختيون، ڏک ۽ اهنج به پنهنجي اساسي تاثير ۾ سک ۽ راحت بڻجي پوندا آهن. جي ايم سيد جان جان ھئي جيئري، ورچي نه ويٺي لطف پيرزادو سائين! جي ايم سيد، سنڌ جو اڏول ۽ پاڻ ارپڻ وارو ورڪر ۽ اڳواڻ آهي، جنهن سنڌ جي سُرهي سينڌ کي سنوارڻ لاءِ وسان ڪين گهٽايو. هُن سياست ادب، تاريخ ۽ فلسفي جي بنياد تي سنڌ جي خوشحالي، آسودگي ۽ آزاديءَ جا نه رڳو خواب ڏٺا آهن، پر انهن خوابن کي ساڀيان ڪرڻ واسطي، سنڌي قوم کي گس ۽ پيچرا جوڙي ڏنا، جن تي قومي ٻڌيءَ جي جذبي سان پاڻ وساري قافلي کي منزل تي رسائي سگهجي ٿو. سائينءَ جي سڄي زندگي سياسي هلچل، تحريڪن ۽ تحريرن ۾گذري. اهو ئي سبب آهي جو پاڻ زندگيءَ جو وڏو عرصو جيلن، نظربندي ۽ حڪومتي عتاب هيٺ رهيو. پاڻ ڪانگريس، مسلم ليگ، عوامي ليگ، هاري ڪيٽي ۽ جيئي سنڌ جهڙن محاذن تان سنڌي قوم جي حق خود اراديت، حق حڪمراني، سنڌي ٻولي قومي ٻولي جي واڌ ويجهه ۽ سنڌي زبان جي سرڪاري سرپرستيءَ لاءِ عملي طرح جاکوڙ ڪئي، ان جدوجهد ۽ تحريڪ جو ڦل اسان کي، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو، سنڌي ادبي بورڊ ۽ ڀٽ شاهه ڪلچر سينٽر جهڙن ادارن جي صورت ۾ مليا، جيڪي اڄ سوڌو سنڌي قوم کي فيضياب ڪري رهيا آهن، سنڌ يونيورسٽي جتي اسان کي تعليمدانن، قانوندانن، سماج سڌارڪن ۽ سياسي اڳواڻن، بي لوث ڪارڪنن جي فوج عطا ڪئي آهي، جيڪا وقت به وقت سنڌ تي ٿيندڙ هر وار آڏو ڍال بڻي بچاءُ ڪري رهي آهي ۽ سنڌ دشمن قوتن جا ڏند کٽا ڪري رهي آهي، سائينءَ جي ڪتابن کي آڏو رکي پڙهي، پرجهي اسان پنهنجي لاءِ هڪ منشور جوڙي ٿا سگهون، جنهن جي آڌار تي سنڌ جي آجپي واري ويڙهه وڙهي ٿا سگهون، سائينءَ جي ڪتابن کي سياست ادب، تاريخ ۽ فلسفي ۾ ورهائي سگهجي ٿو، ”ديار دل، داستان محبت“ ۽ ”جيئن ڏٺو آ مون“ ۾ انسان جي ارتقائي تاريخ، مذهب، ٻولي ۽ ڪلچر کي مرحلي وار بيان ڪيو ويو آهي، سياست تي ”سنڌو ديش، ڇو ۽ ڇا لاءِ“ ”پاڪستان جو ماضي حال مستقبل“ سنڌ ڳالهائي ٿي ۽ سنڌيءَ جي ساڃاهه ۾ قديم سنڌ جي تاريخ، جاگرافي، سنڌي قوم جي ڪلچر جو اتقائي سفر تمام آسان زبان ۾ سمجهايو آهي. سنڌي قوم سان ۱۹۴۷ع ۾ جيڪا ويساهه گهاتي ڪئي وئي، هن جي وسيلن تي ڌاڙو هنيو ويو، سنڌي هنڌن جي ڇڏيل ملڪيت تي هندستان کان آيل مسلمان مهاجرن حوالي ڪئي وئي، سنڌ سرڪار جي خزاني مان پاڪستان ايمپلائيز ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي جوڙي ڇهن بلاڪن ۾ سوين ايڪڙ زمين ڏيڻ سان گڏ سنڌ گورنمينٽ جي فنانس کاتي پاران انهن کي گهر ۽ بنگلا ٺهرائي ڏنا ويا، جهڙي طرح اڄوڪي حڪومت نواب شاهه ايئربيس تي سنڌ سرڪار جا ڪروڙين رپيا خرچ ڪري رهي آهي. هندوءَ جي زمين تي سنڌي هاري پيڙهين کان هر ڪاهي رهيو هو، ان کي ان زمين کان محروم ڪري هندستان کان آيل مهاجرن کي بغير سَندَ ۽ کاتي جي صرف قسم نامي تي گهر، دڪان ۽ زرعي زمينون الاٽ ڪيون ويون، نوڪريون پڻ تعليمي سرٽيفڪيٽن کانسوءِ انهن کي ڏئي، حڪومت انهن کي ورسايو، اهڙي زيادتيءَ تي جڏهن سائين! جي ايم سيد تڏهوڪي وزيراعظم لياقت علي خان وٽ احتجاج ڪيو ته ان کيس جواب ڏيندي چيو ته سنڌي گڏهه ۽ اٺ هڪلڻ واري قوم آهي، جن کي بنگلن ۽ آسائش جي ڪا ضرورت ناهي، هي جواب ٻڌي سائينءَ جي دل آزاري ٿي، اهو ئي سبب هيو جو سائينءَ مسلم ليگ کي خير آباد چيو ۽ پنهنجي هر لکڻيءَ ۾ مهاجر پنجابي مستقل مفاد جو محلورو استعمال ڪيو، هي اهي قوتون ٿي اڀريون جن سنڌي، بلوچ ۽ پٺاڻ جو استحصال ڪيو جيڪو اڃا تائين جاري آهي. وفاقي ادارن جا دروازا ننڍين قومن لاءِ بند ڪيا ويا آهن، پاڪستان جون ننڍيون قومون مشروط طور تي هن رياست سان شامل ٿيون هيون ۽ قرارداد پاڪستان ۾ اهو پڻ لکيل آهي ته اهي ڪڏهن به وفاق کان الڳ ٿي سگهن ٿيون، پر بندوق جي زور تي سنڌي، بلوچن ۽ پٺاڻن کي شامل رکيو ٿو وڃي، عليحدگيءَ جو مطالبو ڪندڙن کي غدار سڏي انهن کي ڦاهيون، ڪوڙا ۽ جيل جون سزائون ڏنيون پيون وڃن. انهن قومن جي جائز حقن کان منهن موڙ ڪئي پئي وڃي، ايتري تائين جو انهن جي زبانن کي قومي ٻوليءَ جو درجو نٿو ڏنو وڃي، هنن ننڍين قومن کي غلام بڻائڻ لاءِ وسان ڪين گهٽايو، ون يونٽ مڙهي، پنجاب جي بالادستي قائم رکي مارشلائون لڳايون ويون ۽ جمهوريت کي هلڻ نه ڏنو ويو، بنگالين جي مينڊيٽ جي نفي ڪئي وئي ، جنهن جي نتيجي ۾ بنگلاديش وجود ۾ آيو، باقي قومن لاءِ هڪ شاهراهه تعمير ڪئي وئي ته اهي منظم تحريڪ هلائي، خودمختيار ٿي پنهنجون حڪومتون قائم ڪن. مروج پاڪستاني قانون ۽ آئين جي لتاڙ ڪندي سنڌي ماڻهن کان تعليم ۽ روزگار جو حق کسيو ٿو وڃي، هنن کي پنهنجي ئي ملڪ ۾ اڪيلو ڪري هن قوم کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جا سانباها ڪيا پيا وڃن، باوجود ان جي ته سنڌ پاڪستان کي بهترين سياستدان، قائد اعظم کان بينظير تائين ڏنا، قانوندان، تعليمدان، انجنيئر ۽ فلاسافر ڏنا. حد ته اها آهي ته پاڪستان جي آئين جو خالق پڻ هڪ سنڌي قانون دان آهي، ۱۹۷۳ع جو آئين سنڌ جي ليڊر شپ متفقه طور تي چئن ئي صوبن کان منظور ڪرائي ڏنو. سائين! جي ايم سيد سنڌي ادب جي آبياري ڪندي پيغام لطيف لکي سنڌي قوم کي اهو ويساهه ڏنو ته لطيف ئي سنڌي قوم جو قومي شاعر آهي ۽ آزاديءَ جو علمبردار هيرو آهي. جيڪو انسان جي آزاديءَ کي هر شيءَ تي مقدم ٿو سمجهي، فرد کي اظهار جي آزاديءَ جو ايتري تائين حق ٿو ڏئي ته هو ڪهڙو به مذهب اختياري ڪري ۽ ان جي پرچار ڪري، پنهنجي نظر ئي ۾ سائين انتها پسند ناهي، پر هڪ سيڪيولر جمهوريت پسند مزدور، هاري طبقي جو حامي ۽ ٻانهن ٻيلي آهي، هُن هر موڙ تي سنڌ جي ڏتڙيل طبقن لاءِ آواز اٿاريو، جنهن جي پاداشت ۾ هُن، جيل نظربنديون ۽ روپوشيون ڏٺيون، ضعيفيءَ ۾ پڻ هن کي سنڌ سان عشق ڪرڻ جي ڏوهه ۾ سن ۾ نظر بند ڪيو ويو. سائينءَ جو اهو ايمان هيو ته رهندي دنيا تائين سنڌي قوم ۽ زبان قائم ۽ دائم رهڻيون آهن، صرف سنڌين کي پاڻ سڃاڻن کپي ته پاڻ شاهه لطيف، شاهه عنايت شهيد، دولهه دريا خان، شهيد مخدوم بلاول ۽ سچل سرمست جهڙن اڳواڻن ۽ رهبرن جي راهه جا راهگير آهن، سنڌي قوم کي پنهنجن دشمنن کي سڃاڻي انهن جي ناپاڪ ارادن جو سيدبابڪرڻ لاءِ جرئت، همٿ ۽ انقلابي جدوجهد ذريعي پنهنجي مقصد کي چٽو ڪري، سنڌي قوم کي قائل ڪري قومي ٻڌيءَ کي وجود ڏيئڻو پوندو. پوءِ ملڪ مڙوئي منصور ٿي پوندو، ڌرتي ماتا تان سرگهور ڪرڻ لاءِ هر ڪو تيار ٿي پوندو، ان کان وڌيڪ سعادت اسان جي سنڌي ماڻهوءَ لاءِ ڪهڙي ٿي سگهي ٿي، ته هو سنڌ ماتا جو قرض چڪائڻ لاءِ پنهنجو ڪنڌ ڪپائي، شانتي ۽ سک ماڻي. سڀت پچار پرين جي، سڀت هوت حضور، ملڪ مڙوئي منصور، ڪهڙا چاڙهيو چاڙهئين. (شاهه) جي ايم سيد سنڌ جو سائين، جيئي سدائين جي ايم سيد (سيد غلام مرتضيٰ شاهه) ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ع تي ضلعي دادوءَ جي ننڍڙي ڳوٺ سن ۾ جنم ورتو، سيد صاحب جي والد محمد شاهه کي جڏهن سائين سال جو هو ته خانداني دشمنيءَ سبب شهيد ڪيو ويو ۽ يارنهن مهينن بعد سندس وڏو ڀاءُ سيد احمد شاهه پڻ وفات ڪري ويو ۽ ائين هو گهر جو اڪيلو نرينو اولاد هو. سندس ابتدائي تعليم سن ۾ ٿي، هن جي استادن ۾ ڌرمداس، ماستر ريوا چند ۽ ماستر وسڻمل هئا، قرآن پاڪ مولوي محمد صالح سيال ۽ آخوند محبوب ميمڻ وٽ ۽ انگريزي تعليم گهر ۾ استاد حامد علي هالائيءَ کان ورتائين. ۱۶ سالن جي عمر ۾ هن سياسي ميدان ۾ پير پاتو، هو لاڙڪاڻي واري خلافت ڪانفرنس جي ميڙ ۾ ۱۹۲۰ع ۾ شريڪ ٿيو، ان کانپوءِ مٽياريءَ جي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪيائين، ۱۹۲۵ع ۾ تعلقي لوڪل بورڊ مانجهند جو ميمبر ۽ پوءِ اڳيان هلي پريزيڊنٽ چونڊيو ويو، شاهه صاحب ۱۹۳۰ع ۾ ”هاري ڪاميٽي“ ميرپورخاص ۾ قائم ڪرڻ ۾ پنهنجي دوستن سان گڏ هو، هن سنڌ جي ممبئيءَ کان آزاد ڪرڻ جي لاءِ تحريڪ جو پورو ساٿ ڏنو، ۱۹۳۷ع ۾ سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊاڻو قائداعظم کين مسلم ليگ کي منظم ڪرڻ جو ڪم سونپيو، جنهن ۾ وڏي محنت ڪري ميمبر شپ ۾ گهڻو واڌارو آندائون، پر ۱۹۴۶ع ۾ کين مسلم ليگ طرفان ٽڪيٽ نه ڏني وئي، ان کانپوءِ پاڪستان ٺهڻ بعد ون يونٽ لڳڻ، ۱۹۵۸ع جي ايوبي مارشل لاءِ ۽ ٻين ڪيترن واقعن بعد دلبر داشته ٿي کين سنڌ جي حقن لاءِ الڳ جماعت ٺاهڻي پيئي، ۱۸ جون ۱۹۷۲ع تي هن حيدر منزل تي ”جيئي سنڌ محاذ“ نالي نئين پارٽيءَ جو بنياد وڌو. سائين جي ايم سيد سنڌ جي انهن معتبر ماڻهن ۾ شمار ٿئي ٿو، جن حقيقي معنيٰ ۾ سنڌ لاءِ ڪجهه ڪيو ۽ نئين سنڌ کي قومي سڃاڻپ سان اڏڻ جي خواب کي ساڀيان ڏيڻ لاءِ انيڪ ڪوششون عمل ۾ آنديون، هو سنڌ جو معمار هو، جنهن سنڌ يونيورسٽي قائم ڪرائي، سنڌي ادبي بورڊ ٺهرايو ۽ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز قائم ڪيو، سندس ڪتاب ”پيغام لطيف“ سنڌي قوم لاءِ سنڌ کي قومي تشخص ڏيڻ لاءِ هڪ بنيادي ڪوشش آهي، جنهن ۾ هن لطيفي فن ۽ فروغ لاءِ پڻ جيڪي ڇهه نقطا ڏسيا آهن، سي قوم جي مفڪر طرفان سنڌ جي عملي، ادبي، سياسي ۽ سماجي تاريخ ۾ اهميت جوڳا ثابت ٿيندا. سيد صاحب پوريءَ دنيا ۾ ڪيترائي ملڪ گهميا، جيئن فرانس، ترڪي، چين، جرمني، برطانيه، روس، اسڪاٽ لينڊ، سئٽزرلينڊ ۽ ڪيترن ئي ملڪن جي عالمن اديبن ۽ سياستدانن سان سندن گڏجاڻيون ٿيون، اهڙيءَ ريت سنڌ جي هن قومي اڳواڻ جو ذهن روشن خيال ۽ ترقيءَ ڏي وڌندڙ هو، کيس دنياوي سياست، تاريخ، تمدن ۽ تهذيبن جي مڪمل ڄاڻ هئي، سندس مطالعو وسيع هو، هن اصولن کي هميشه اهميت ڏني ۽ ڪڏهن نه جهڪيو. جمال ابڙو لکي ٿو ته: سائين جي ايم سيد جهڙو پختو، چيڙهالو سياستدان مون نه ڏٺو، ڀلي زمين آسمان هيٺ مٿي ٿي وڃي، سائين جي ايم ذرو به نه هٽندو هو. سڄيءَ سنڌ ۾ نعرو ٿي گونجيو ”سنڌ جو سائين، جيئي سدائين“. سائين جي ايم سيد کي سنڌ جي حقن جو هميشه اونو هوندو هو، پاڻ سياسي پليٽ فارم تان پاڪستان جي حمايت جي تحريڪ هلائيائين، پر حڪومت مان پٺڀرائيءَ جي بجاءِ کيس جيلن ۾ نظربند ڪيو ويو، مختلف دورن ۾ کيس تقريباً ۳۰ سال گهر ۾ يا جيل ۾ نظربنديءَ جي حالت ۾ رکيو ويو، انهيءَ سبب ڪري ئي ۱۹۷۲ع ۾ هن ”سنڌ جي حقن“ جو نعرو هڻي الڳ پليٽ فارم قائم ڪيو. هڪ تاريخ ساز شخصيت ۽ سياسي رهنما هئڻ سان گڏ سائين جي ايم سيد سنڌي ادب جي حوالي سان هڪ وڏي وٿ قرار ڏنو ويو آهي، هو هڪ عالم، اديب ۽ محقق هو، هن پنجاهه کن ڪتاب لکيا ۽ سندس سوانح ۽ شخصي خوبين تي ڪئين ڪتاب لکجي چڪا آهن، سيد صاحب جي ڪتابن ۾ ”نئين سنڌ لاءِ جدوجهد“، ”پيغام لطيف“، ”جيئن ڏٺو آ مون“، ”جديد سياست جا نورتن“، ”سنڌ جا سورما“، ”موجوده سياسي مسئلا“، ”جنب گذارين جن سين“، (ٻه ڀاڳا) ”رهاڻ“، (ميران محمد شاهه جا خط) ”شاهه لطيف جون ڪافيون“، ”ساهڙ جا سينگار“، ”علامه آءِ آءِ قاضي جا خط“، ”ديارِ دل ۽ داستان محبت“، ”پنهنجي ڪهاڻي پنهنجي زباني“، ”سنڌوءَ جي ساڃاهه“ (ٻه جلد) ۽ ٻيا ڪتاب آهن، سائين جي ايم سيد جا لکيل ڪتاب سندن تحريرون، تقريرون، مضمون ۽ مقالا، سنڌي قوم لاءِ، ٻولي ۽ ادب لاءِ هڪ گر انقدر اثاثو آهن. سلام انڙ لکي ٿو ته، ”جي ايم سيد جي لکيل سموري مواد جو تجزيو جيڪڏهن ترتيب وار ڪجي ته ان جا چار مکيه تفصيلي نڪتا آهن، (۱) سنڌ جي تاريخ ۽ تمدن جو جائزو، (۲) سنڌ جي تاريخ ۽ تمدن جي پسمنظر ۾ سنڌي قوميت جو نظريو، (۳) جي ايم سيد جي نجي شخصي زندگي، انهن نڪتن ۾ جدلياتي گردش نظر اچي ٿي، چار ئي نڪتا هڪٻئي تي نه رڳو اثرانداز ٿين ٿا، پر هڪٻئي کي واري واري تي سڏين به ٿا، انهن چئن نڪتن جو رشتو (تاريخ ۾ پهريون ڀيرو) سنڌ جي نيشنلزم جي تشڪيل ڪري ٿو، نظريا کڻي ڀلي سماجي هجن ۽ اجتماعي مفاد لاءِ هجن، پر انهن جي جوڙجڪ انفرادي شخصيتن ذريعي ٿئي ٿي، ٻڌمت جو ذڪر گوتم ٻڌ کانسواءِ ناممڪن آهي، مارڪسزم جو ذڪر ڪارل مارڪس کانسواءِ ممڪن ناهي، تيئن سنڌي قوميت جي نظرئي کي جي ايم سيد کانسواءِ ڏسڻ تاريخ سان ڏنگايون ڪرڻ برابر آهي. سائين جي ايم سيد جي ڪتابن ۾ هن جي سياسي زندگيءَ جا تجربا آهن، ملڪي حالتون ۽ پاڪستان جي سياست جي باري ۾ جيڪو ڪجهه هن مشاهدو ڪيو آهي، سو لکيو آهي. ثقافت، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي موضوعن تي پڻ سندن ڪتاب جو آڌار آهي. در حقيقت سندس لکيل هڪ هڪ حرف، هڪ هڪ پنو، سنڌ ۽ سنڌ جي ٻولي ۽ سنڌي قوم جي ترقيءَ جي لاءِ آهي، ”سنڌ جهنگ جبل نديون، نالا ميدان ۽ کيت يا رڳو جاگرافيائي ليڪن جي مادي وجود جو نالو نه آهي، پر سنڌ جو هڪ ازلي روح آهي، سائين جي ايم سيد کي سمجهڻو آهي ته پوءِ سنڌ جي ازلي روح کي سمجهڻو پوندو، جتان لطيف ۽ سچل، سامي ۽ بيدل جي فڪر جا آبشار ڦٽن ٿا، رڳو سکڻي سياسي نعريبازيءَ سان تبديلي ناهي اچڻي، تبديليءَ لاءِ پنهنجي پاڻ کان ابتدا ڪرڻي پوندي، پاڻ کي هڪ نئين انسان، سجاڳ انسان، باشعور انسان ۾ تبديل ڪرڻو پوندو.“ سائين جي ايم سيد سنڌي قوم کي پنهنجي تحريرن معرفت وطن دوستيءَ جو سچائي ۽ ايمانداريءَ جو، صداقت ۽ محبت جو، سبق ڏنو، سندن حوصلا بلند ڪيا، کين اٿاهه مايوسين ۽ نااميدين جي ڪُنن مان ڪڍيو، اديبن ۽ ادبي سنگت کي ڪم ڪرڻ لاءِ شوق پيدا ڪيو، ماڻهن ۾ اتحاد، ٻڌي ۽ محبت جي جذبي جا سبق ڏنا ته کين غفلت ۽ گمراهيءَ مان ڪڍڻ جا جتن ڪيا. هو شاهه جو وڏو شيدائي هو، شاهه جي شاعريءَ معرفت هُن سندس پيغام کي ماڻهن تائين منفرد نموني پهچايو آهي، جنهن ۾ هن سنڌ واسين کي پنهنجي هر شيءِ تي فخر ڪرڻ جي تلقين ڪئي ۽ ساراهيو آهي، کيس معلوم هو ته جيستائين قوم ۾ خوف شناسي ۽ خود داري پيدا نه ٿيندي تيستائين پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي طاقت نه پيدا ٿيندي، لکي ٿو ته، ”منهنجو اهو پڪو ويساهه آهي ته شاهه عبداللطيف سنڌ جو قومي شاعر آهي، شاهه جي ڪلام ۾ جيڪا نمايان ڳالهه ڏسڻ ۾ ايندي سا سنڌ جي اڪير ۽ محبت آهي، سنڌين جي خانا جنگي، آرام طلبي کيس ڏک ٿي ڏئي ۽ هو کين وڳر ڪري محبت ميٺ سان رهڻ لاءِ وطنيت جا سبق ٿو ڏئي، غافل غفلت ڇوڙ جون تنبيهون ٿو ڪري.“ پاڻ شاهه جي ڪلام مان منتخب واين ۽ ڪافين جو مجموعو پڻ ترتيب ڏنائون، اهڙيءَ ريت سندن ادبي ۽ علمي ڪوششون اعليٰ پائي جون آهن، سندن هر تحرير هر ڪتاب ۾ مقصدي ادب آهي چاهي “جيئن ڏنو آهي مون“ هجي يا ”نئين سنڌ لاءِ جدوجهد“، ”سنڌ ڳالهائي ٿي“ هجي يا ”سنڌوءَ جي ساڃهه“ هن هر هنڌ پنهنجائپ جو ثبوت ڏنو آهي. سيد صاحب جو حياتيءَ ۾ انيڪ سياستدانن، عالمن، اڪابرن، مفڪرن، اديبن، شاعرن، آفيسرن، وزيرن، اميرن، ملڪ جي سربراهن ۽ ٻين شخصيتن سان واسطو رهيو ۽ انهن سان ڪيترن سان اڪثر خط و ڪتابت پڻ رهي، جنهن مان سندن حياتيءَ جي مختلف رخن تي روشني پوي ٿي. ساڻس وڏيون سنڌ جون شخصيتون واسطي ۾ هيون، جيئن سر شاهنواز ڀٽو، خان بهار ايوب کهڙو، پير حسام الدين راشدي، ميران محمد شاهه، محمد صديق ميمڻ، ميان امين کوسو ۽ ٻيا ڪيترا اهم ماڻهو هئا. ميان امين کوسي ۽ ميران محمد شاهه سان خط و ڪتابت تي مشتمل ڪتاب رهاڻ ڇپيل آهي. سنڌ صاحب جي حياتيءَ ۾ خط و ڪتابت جي تحرير کي خاص اهميت هئي، پاڻ پنهنجي نياڻيءَ ڊاڪٽر در شهوار کي سندس لنڊن ۽ ڪراچيءَ جي تعليم واري دور ۾ گهڻا خط لکيائون، جن مان ڪجهه خطن جو ڪتاب ”ڏونگر سي ڏورينديون“ جي عنوان سان ڇپيل آهي، ان کانسواءِ سندن ڪتاب ”جديد سياست جا نو رتن“ ۾ جي ايم سيد ۽ پير علي محمد راشديءَ جا خط آهن، هن ڪتاب ۾ راشدي صاحب کين هن ريت مخاطب ڪيو آهي. ”منهنجا پيارا سيد، زندگيءَ جو لطف ئي وڃي هليو، جڏهن ان کي ماڻهن جي ٺاهيل قانونن جي تابع بڻائجي ٿو، دستورن جي متابعت ڪڏهن به زندگيءَ ۾ موج نه آندي آهي، اهو انقلاب ئي آهي جو ان ۾ دائمي تازگي کي پيدا ڪري ٿو، پاڻ کي انقلاب جي ڪُن ۾ اڇلي ڇڏ، زندگي چرپر جو ٻيو نالو آهي“. سيد صاحب خود پنهنجي حياتي بابت لکي ٿو ته، ”مون کي جي ڪا به ڳالهه آٿت ڏيندڙ رهي هئي ته اها هيءُ هُئي ته منهنجي ساري ڪارڪردگي، هر موقعي تي، خود مطلبيءَ، چاهه طلبيءَ، بزدليءَ ۽ خريد ٿي وڃڻ جي آلائشن کان ڪجهه مڙيو ئي پري هئي. سائين جي ايم سيد سنڌ جو عظيم اڳواڻ سوڀو گيانچنداڻي سائين جي ايم سيد سان منهنجي پهرين ملاقات، جيستائين ياد اچيم ٿو ۱۹۴۵ع ۾ ٿي. ڪامريڊ جمال الدين بخاري، جيڪو ان وقت سنڌ ڪميونسٽ پارٽيءَ جو سيڪريٽري هيو، اهو مون کي شاهه صاحب جي جاءِ ساڳي حيدر منزل تي وٺي هليو ۽ منهنجي واقفيت شاهه صاحب سان ڪرايائين. اها مون کي خبر هئي ته شاهه صاحب ڳچ دفعا بمبئيءَ ۾ ڪميونسٽ هيڊ ڪوارٽرس جا چڪر هڻي آيو هو ۽ پاڪستان کي جنهن طريقي سان انڊين ڪميونسٽ پارٽيءَ پيش پئي ڪيو، ان لحاظ کان سيد صاحب کي اها ڳالهه خاصو متاثر پئي ڪري. اها ڳالهه شايد اڄڪلهه جي پيڙهيءَ کي عجيب لڳي، ته ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا CPI پاڪستان کي مسلم گهڻائيءَ وارن علائقن جي حق خود اختياريءَ سان تشبيهه ڏني هئي ۽ گانڌيءَ ۽ جناح جي ملڻ ۽ ٺاهه ڪرڻ لاءِ سخت ڪوششون ڪيون هيون، جنهن ڪري گانڌي ۽ جناح ٽي چار دور ملاقاتن جا ڪري چڪا هئا ۽ آخر تائين انهن ٻنهي ۾ ٺاهه ٿي نه سگهيو هو. شاهه صاحب اٿندي ئي مون کي چيو هو ته؛ توهان ڪميونسٽ عوام جي دماغ کي اپيل ڪيو ٿا ۽ مان عوام جي جذبات کي اپيل ڪيان ٿو. منزل اسان جي ساڳي آهي. مون کي ياد آهي ته مون کيس اهو ئي چيو هو ته؛ اسان ڪميونسٽ نه صرف ماڻهن جي دماغ کي اپيل ڪيون ٿا، پر انهن جي پيٽ کي به اپيل ڪريون ٿا، ڇو ته اڪثر انسان پنهنجي پيٽ جي مسئلن جي حوالن سان سوچين ٿا. ان کان پوءِ منهنجو رابطو شاهه صاحب سان ۱۹۵۲ع ۾ مارچ جي ٽين تاريخ ٿيو، جڏهن مان جيل مان ڇُٽي، پنهنجي سنگت سان مليس ۽ جيئن ته اهو امڪان هو ته مان ٻئي ڏينهن يعني چوٿين مارچ تي وري گرفتار ٿي وڃان، تنهن ڪري ڪامريڊ پوهوءَ جو چوڻ هو ته پنهنجي وڌ ۾ وڌ دوستن سان مون کي رات جي پيٽ ۾ ملڻ گهرجي. سو رات جو يارهين وڳي وڃي شاهه صاحب جو دروازو کڙڪايوسون. شاهه صاحب پاڻ اٿي آجيان ڪئي. ان ملاقات ۾ مون کي پهريون دفعو معلوم ٿيو ته شاهه صاحب مون کي چئن سالن جي نظربندي مان ڇڏائڻ لاءِ ڪيڏي ڪوشش ڪئي هئي. تنهن کان پوءِ مارچ ۱۹۵۷ع تائين عوامي محاذ، هاري ڪاميٽي، نيشنل پارٽي ۽ بعد ۾ نيپ جي پليٽ فارمن تي، سائين جي ايم سيد سان لاڳاپيل رهيس. ان دور ۾ اردو اخبارن کي سيد خلاف زهر ڦهلائڻو هوندو هو ته لکنديون هيون. ”جي ايم سيد جي دماغ تي ٻه هندو ڪميونسٽ ڇانيل آهن، سوڀو ۽ پوهو.“ حقيقت اها آهي ته شاهه صاحب سان اسان جو ساٿ ذهني ۽ سياسي بنيادن تي رهيو ۽ آهي. شاهه صاحب سنڌ جي پراڻن سياستدانن مان اڪيلو ماڻهو هو، جنهن اسان کي پنهنجو سمجهيو ۽ پنهنجي ڇٽيءَ جي ڇانو هيٺ جاءِ ڏني، جنهن وقت اسان ڪامريڊن لاءِ سنڌ جي ڌرتي گرم ٿي چڪي هئي يا تائڙي ٿي چڪي هئي. جولاءِ ۱۹۵۴ع ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ تي پابندي پئي ته سيد صاحب پيرزادي عبدالستار تي زور رکي، باقي سمورن ڪميونسٽن کي جيل ۾ پوڻ کان بچائي ورتو. البت پيرزادي عبدالستار کي اها همت نه ٿي جو مون کي گرفتار ڪرڻ کان انڪار ڪري. ڇو ته ان وقت مان سنڌ ۾ سڀني کان وڌيڪ نالي چڙهيو ڪميونسٽ هوس ۽ جي ايم سيد ۽ اسان جي کاٻي ڌر جي تنظيمن وچ ۾ رابطي جو ذريعو سمجهيو پئي ويس. ان ۾ شڪ نه آهي ته سائين جي ايم سيد ۽ مان ساڳي Wave Length تي سوچيندا رهيا آهيون ۽ اڪثر مسئلن تي پنهنجي پنهنجي نقطه نگاهه کان سوچيندي ساڳي حل تي پهتا آهيون. سائين جي ايم سيد منهنجي نظرن ۾ هڪ عظيم قوت، سنڌ جي سڃاڻپ، آزاديءَ ۽ ڏاهپ جو علمبردار ۽ روشنيءَ جو منارو رهيو آهي. ۱۹۵۵ع ۾ ون يونٽ ٿيو ته سيد کي گرفتار ڪري حيدرآباد جيل ۾ وٺي آيا، هو ڪجهه وقت مون سان گڏ هيو. منهنجي وهم گمان ۾ به ڪو نه هو ته ٽن سالن جي جوڙ توڙ جي جدوجهد بعد سائين جي ايم سيد اسان جي پنجابي ڀائرن کي ون يونٽ ٽوڙڻ لاءِ قائل ڪري وجهندو. ون يونٽ جو هيڊ ڪوارٽر لاهور ۾ ان لاءِ قائم ڪيو ويو هو ته سنڌ جي ڦرڻي گهرڻي سياست کي پنجاب جي مستحڪم گهڻائي ۾ ٺهراءُ ۽ مضبوطي پيدا ٿيندي پر سيد صاحب جڏهن ون يونٽ جي اسيمبليءَ ۾ لاهور پهتو ته سندس پارٽيءَ جي اٺن ميمبرن ون يونٽ جي سؤ ميمبرن کي چڪر ۾ آڻي ڇڏيو. هر ڪو سندس سلامي ٿيو. هن ريپبليڪن پارٽيءَ جي سردار رشيد خلاف آوشواس جو ووٽ پيش ڪيو. جنهن جي نتيجي ۾ دولتانه جي مسلم ليگ مخالف پارٽيءَ ون يونٽ کي ڊاهڻ لاءِ اسمبليءَ ۾ ٺهراءُ پيش ڪيو ۽ ان جي تائيد سردار رشيد جي ريپبلڪن پارٽيءَ به ڪئي. پوءِ ون يونٽ کي ڊاهڻ جو ٺهراءُ يڪراءِ سان اولهه پاڪستان يعني ون يونٽ جي اسيمبليءَ ۾ پاس ٿيو ۽ ان جي تائيد، اوڀر پاڪستان جي اسيمبليءَ پڻ ڪئي. اهو سيد صاحب جو ڪارنامو هو جو قانوني ۽ آئيني جدوجهد ذريعي، ٽن سالن جي مختصر عرصي اندر، ون يونٽ جي بنياد وجهندڙن کان اهڙو ٺهراءُ پراس ڪرايائين، جو هو پنهنجي ٿُڪ چٽڻ تي آماده ٿيا! ان دور ۾ منهنجا شاهه صاحب سان ڪجهه اختلاف، مسلم ليگ سان ٺاهه ڪرڻ جي حوالي سان ٿيا هئا، پر مان سيد کي شاباس ڏيندس، جو هن ۽ منهنجي وچ ۾ ڪڏهن به اختلافن، شدت اختيار نه ڪئي آهي ۽ ڪميونسٽن جي سخت لاک لاهيندي به سيد صاحب هميشه مون کي پنهنجي محبت ۽ عزت سان نوازيو آهي. نه رڳو ايترو پر پنهنجي مريدن کي به روڪيندو آهي ۽ مون کي ”صالحين“ ۾ شمار ڪندو آهي. سيد صاحب سنڌ جي تاريخ ۾ وڏو اضافو ڪيو آهي. نه صرف هن عملي جدوجهد ذريعي ”نئين سنڌ“ پر پنهنجي قربانين سان سنڌ اندر جدوجهد جي لاٽ روشن رکي آهي. پنهنجي ڪتابن ذريعي جيڪا هن علمي جدوجهد ڪئي آهي، تنهن جي نتيجي ۾ سٺ ۽ اسيءَ وارن ڏهاڪن ۾ جيڪي سياسي ورڪرن جا پنج ڇهه فصل تيار ڪيا آهن، انهن ذريعي سنڌ جي وجود ۽ پاڪستان اندر جمهوريت جي جدوجهد قائم ۽ دائم رکي آهي. ان ۾ شڪ نه آهي ته جيڪڏهن سيد نه هجي ها ته شايد سنڌ جي وجود لاءِ جيڪو تاڃي پيٽو تيار ٿيو آهي، تنهن ۾ ممڪن آهي ته اڃا به وڌيڪ سال لڳي وڃن ها. سيد جي تعريف يا ساراهه ڪندي اهو نه وسارڻو آهي ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، جي هاري ڪاميٽيءَ ۽ ڪميونسٽ پارٽي، سنڌ جي وجود ۽ پاڪستان اندر رهندڙ ٻين قومن جي وجود ۽ آزاديءَ لاءِ جدوجهد به جس لائق آهي. سيد ۽ اسان جون عوامي جماعتون، ٻنهي ملي ڪري پاڪستان اندر عوامي جدوجهد جي لاٽ ٻرندي رکي آهي. سيد جي ذريعي، اسان خان عبدالغفار خان ۽ سرحد جي عوامي تحريڪن، بلوچستان جي عوامي تحريڪن ۽ اوڀر پاڪستان جي عوامي تحريڪن سان مسلسل لاڳاپو قائم ڪيو. ان مان نه صرف قومي تحريڪن کي فائدو پهتو، پر ساڳئي وقت ٽڙيل پکڙيل ڪميونسٽ ۽ سوشلسٽ پليٽ فارمن کي گڏي، قومي ليول تي هڪ فعال رول ادا ڪرڻ ۾ مدد ملي. سيد صاحب پنهنجي مسلسل نظربنديءَ ۽ وڏي عمر جي باوجود پنهنجو ”قبلو“ درست رکيو آهي. اڄ هو سنڌ، جمهوريت ۽ عوام جي ڀلي لاءِ جدوجهد ڪندڙ هزارين نوجوانن جو عظيم رهنما ۽ محبوب ليڊر آهي. ساڻس جزوي طرح ڪن پاليسين تي اختلاف ڪري سگهجي ٿو، پر اهو مڃڻ ۾ مون کي ذرو به شڪ نه آهي ته سيد صاحب کان سواءِ سنڌ ايترو جلد سياسي طرح اڳتي نه وڌي ها ۽ نه مظلوم قومن جي رهنمائي جو رول ادا ڪري ها، جهڙو تمام مشڪل حالتن ۾ سنڌ جي نوجوانن ادا ڪيو آهي. بلوچستان جي عوامي ليڊرن بزنجي، مريءَ، بگٽيءَ ۽ مينگل جيڪو انقلابي ۽ هٿياربند مزاحمتي تحريڪن جو رستو ڏيکاريو آهي ۽ سنڌ پنهنجي مخصوص حالتن ۾ سيد جي اڳواڻيءَ هيٺ آئيني ۽ قانوني طريقن سان جدوجهد جو رستو ڏيکاريو آهي. اهڙا به ڪي آهن، جيڪي سيد جي غلطين کي معاف ڪري نه سگهيا آهن، جن جو ذڪر هو پنهنجي خلاصين محفلن ۾ وڏي فراخدليءَ سان ڪندو آهي، پر مان ان راءِ جو آهيان ته سيد جو ڏاڻ هن جي غلطين کان تمام گهڻو وڌيڪ آهي. جي ايم سيد مدبر سياستدان ۽ سنڌ جو سچو عاشق ايم ايڇ پنهور مون پهريون ڀيرو شيخ عبدالمجيد سنڌي، جي ايم سيد ايوب کهڙي، علي محمد شاهه راشدي، سر شاهنواز ڀُٽي ۽ سر عبدالله هارون جا نالا پنهنجي وڏڙن کان ٻڌا، ان وقت آئون ڇوڪرو هئس، مون کي ڄاڻ ملي ته اهي سمورا اڳواڻ سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسي کان ڌار ڪرڻ جي تحريڪ هلائي رهيا آهن. سنڌي ٻوليءَ ۾ سنڌ تي پهريون ڪتاب ”الوحيد آزاد نمبر“ هو جيڪو ۱۹۳۶ع ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ سنڌ ۾ خدمت ڪندڙ شخصيتن جون تصويرون هيون، جي ايم سيد کي پهريون ڀيرو باغبان ويجهو مخدوم بلاول جي مسجد ۾ خطاب ڪندي ڏٺم، سمجهه ۾ ته تمام ٿورو آيو پر چاچا ڳوٺ واپس اچي ٻڌايو ته هو هندن وٽ مسلمانن جي گروي پيل زمين ڇڏائڻ، مسلمانن جي کنيل قرض جي وياج کي ختم ڪرائڻ، زمين جي منتقلي، ۵۰۰ کان وڌيڪ آبادي واري هر ڳوٺ ۾ اسڪول کولڻ ۽ اهڙين ٻين شين جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي. ۱۹۴۰ع ۾ جي ايم سيد سنڌ جي تعليم جو وزير بڻيو ته هن حڪم جاري ڪيو ته سيڪنڊري هاءِ يا اينگلو ورناڪيولر اسڪول جو هر شاگرد کي خاڪي شرٽ ۽ نيڪر (چڍي) پائي ايندو، جنهن تي مسلمانن خاص طور سخت مخالفت ڪئي. مخالفت ۾ نظم به لکيا ويا. جي ايم سيد جي استعيفيٰ کان پوءِ پير الاهي بخش تعليم جو وزير بڻيو. هو خاڪي يونيفارم پويان سماجي رتبي ۽ سماجي سرگرمين جي اهميت کي نه سمجهي سگهيو ۽ يونيفارم تي پابندي هڻي ڇڏي. جي ايم سيد موسيقي کي هٿي وٺرائڻ جو به حڪم ڏنو ۽ اسڪولن ۾ ڪلاس هليا ۽ فنڪارن کي استاد طور ڀرتي ڪيو ويو پر مسلمان شاگرد ان جي اهميت نه سمجهي سگهيا، کين اها ڳالهه ريڊيو ۽ ٽي وي جي اچڻ کان پوءِ سمجهه ۾ آئي جڏهن سنڌي اتي موجود ئي نه هئا. ڪجهه خاڪسارن جڏهن قائداعظم تي حملو ڪيو ته ان جو جي ايم سيد کي ڏاڍو صدمو رسيو ۽ اهو سڀ ڪجهه ٻڌي هو بيهوش ٿي ويو. آئون ۽ ڊاڪٽر نورحسن انصاري گڏجي کيس ڏسڻ اسپتال وياسين. جي ايم سيد هوش ۾ هو، هن ڊاڪٽر انصاري (جيڪو اڳوڻو خاڪسار هو) کي چيو ته ڇا خاڪسار اهڙا هوندا آهن، مون کي يقين نه ٿو اچي ته ڪو سنڌي به انتهاپسند ٿي سگهي ٿو، مون کي جناح سان اختلاف آهي پر سندس حياتي کسڻ جو سوچي به نه ٿو سگهان. مون ۲۰ سالن کان پوءِ افواهه ٻڌو ته قائداعظم تي حملو ڪندڙ خاڪسار غلام نبي سومرو هو جيڪو حيدرآباد جو رهواسي هو ۽ ڪنگ جارج زرعي ڪاليج سڪرنڊ ۾ پڙهندو هو پر کيس پرنسپل ڊاڪٽر اي ايم شيخ ڪاليج ۾ حاضر ڄاڻائي بچايو. جي ايم سيد کي بعد ۾ مسلم ليگ مان نيڪالي ڏني وئي، پر پوءِ به کيس پارٽي ۾ قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو. هن ”قرباني“ اخبار شروع ڪئي ته اها مسلم ليگ مخالف هوندي به مسلمان شاگردن ۾ تمام گهڻو مقبول ٿي. ان جي مضمونن ۾ سچ شامل هوندو هو. ۱۹۴۶ع ۾ گورنر سرفرانسز مودي اسيمبلي ٽوڙي چونڊون ڪرايون ته قائداعظم ڪراچي جي عيدگاهه ميدان ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته توهان هڪ لک ماڻهو آهيو ۽ جي ايم سيد اڪيلو آهي، وڃو ۽ وڃي کيس شڪست ڏيو. اهو ٻڌي ڪجهه شاگرد ته سن روانا ٿيا پر ٻين ان کي نظرانداز ڪيو. قائداعظم ۱۱ آگسٽ ۱۹۴۷ع واري جڳ مشهور تقرير ڪئي ته اسان هندو، مسلمان، سک نه پر رڳو پاڪستاني آهيون. فيبروري ۱۹۴۸ع ۾ آئون ۽ منهنجو دوست محمد شفيع جي ايم سيد سان ملياسين (آئون سنڌ مسلم اسٽوڊنٽس جو وائيس چيئرمين ۽ محمد شفيع جنرل سيڪريٽري هو). جي ايم سيد چيو ته هندو ۽ سک شاگرد وڃي رهيا آهن ۽ تنظيم ختم ٿي ويندي توهان پارسين ۽ عيسائين سميت سڀني شاگردن کي پاڻ سان کڻو ۽ فيڊريشن جي صوبائي ورڪنگ ڪميٽي جو اجلاس سڏائي تنظيم مان لفظ ڪڍي ڇڏيو. جنهن سان سنڌ جي سڀني شاگردن کي هڪ پليٽ فارم ملندو. اسان اجلاس ڪوٺايو ته حيرت انگيز طور سمورن سنڌي شاگردن يڪراءِ ان قدم جي حمايت ڪئي پر ۵۰-۱۹۴۹ع ۾ سنڌي شاگردن کي ڪراچي مان ڪڍيو ويو جنهن کان پوءِ تنظيم جي اهميت ختم ٿي وئي. جي ايم سيد کي مسلم ليگ مان نيڪالي ملڻ کان پوءِ سنڌ مسلم اسٽوڊنٽس جي اڪثريت سندس دشمن ٿي پئي پر هن ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي ۱۵ ڊسمبر ۱۹۴۷ع تي اسان سان ملاقات ڪئي. جي ايم سيد جو چوڻ هو ته افواهه آهن ته خان آف قلات آزادي جو اعلان ڪرڻ وارو آهي ۽ مير غلام علي ٽالپر جي قيادت ۾ سنڌ جا بلوچ قبيلا ساڻس گڏجڻ ۽ سنڌو درياهه جي اولهه ڪناري وارا علائقا بلوچستان ۾ شامل ڪرڻ چاهين ٿا اثررسوخ سبب مير بنده علي ٽالپر ۽ ٻيا مير حيدرآباد ۽ ٿرپارڪر ضلعا به ان ۾ شامل ڪرڻ جا خواهش مند آهن. ٻين علائقن تي يا ته وڏيرن جو قبضو هوندو يا وري هندستان جي اثر هيٺ ويندا. اسان کي سنڌ کي متحد رکڻو آهي. خان آف قلات ناڪام ويندو ۽ پاڪستاني فوج کيس چيڀاٽي ڇڏيندي پر ان تحريڪ جو سنڌ جي مستقبل تي به اثر پوندو. مير ۽ بلوچ ڪامياب نه ٿي سگهندا ۽ پنهنجي ٻرن ۾ لڪي ويندا ۽ هي افواهه ڪجهه ڏينهن ۾ ختم ٿي ويندا. لياقت علي خان پاڪستان جي ڪنهن به حصي مان چونڊجي نه ٿو سگهي ان لاءِ هو سڄي هندستان جي مسلمانن کي ڪراچي ۾ آباد ڪري رهيو آهي. ايوب کهڙي سندن کوکراپار کان داخلا بند ڪئي آهي پر هو کين بندرگاهه ۽ لاهور وسيلي گهرائي رهيو آهي. خان عبدالغفار خان قائداعظم کي پاڪستان پيپلز پارٽي يا ليگ ٺاهڻ جي صلاح ڏيڻ وارو آهي کيس اسان کي ۽ ملڪ کي هڪ سيڪيولر پارٽي جي ضرورت آهي. پاڪستان ٺهڻ جو نتيجو سنڌ جي فتح جي صورت ۾ نڪتو آهي. ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪيو پيو وڃي ايوب کهڙو انڪاري آهي پر پيرالاهي بخش حوالي ڪري ڇڏيندو. جلد اسلام، قائداعظم ۽ پاڪستان جي نالي ۾ اسان جو مستقبل تباهه ڪيو ويندو. ۱۹۵۰ع ۾ جي ايم سيد منهنجي اسڪالرشپ تي آمريڪا وڃي زراعت ۽ سائنس جي تعليم ۽ سکيا وٺڻ جي حمايت ڪئي. مون اتان ”ماڊرن نيشنلٽيز“ نالي ڪتاب آندو جيڪو جي ايم سيد جي سوالن جو جواب ثابت ٿيو. سندس ڪتاب ”موجوده سنڌ جا مسئلا“ هن ڪتاب جي بنياد تي ئي لکيل آهي. ۱۹۴۸ع جي شروع ۾ ايوب کهڙي ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جي مخالفت ڪئي ۽ سنڌ اسيمبلي اهڙو ٺهراءُ يڪراءِ منظور ڪيو. جي ايم سيد کي ۶ مهينن لاءِ نظربند، ايوب کهڙي کي برطرف ڪيو ويو ۽ پيرالاهي بخش وڏو وزير بڻجي ڪراچي جي سنڌ کان عليحدگي قبول ڪئي. جي ايم سيد جي نه هوندي شاگردن جي پويان ڪابه طاقت نه رهي پر نفرتون موجود رهيون ۽ ايتريون وڌي ويون جو قائداعظم جون تصويرون به دڪانن تان لاهڻيون پئجي ويون. آزاد ٿيڻ تي جي ايم سيد جو شاندار آڌر ڀاءُ ڪيو ويو. جي ايم سيد ۱۹۵۳ع جي چونڊن ۾ ڪامياب ٿي سنڌ اسيمبلي پهتو ۽ سندس حمايت سان عبدالستار پيرزادو وڏو وزير بڻيو. سنڌ زرعي ڪميشن جوڙي وئي. جي ايم سيد کي سنڌ جي زراعت ۽ ان کي جديد بڻائڻ جو تمام گهڻو اونو هو. هن زرعي سڌارا ۽ ٽريڪٽر سنڌ آڻڻ چاهيان پئي پر وفاقي حڪومت سرحد ۽ پنجاب ۾ ته ڪم ڪيو پر سنڌ ۾ ڪم ڪرڻ نه ڏنو. جي ايم سيد جي صلاح تي ئي ڀٽ شاهه ۾ ريسرچ سينٽر قائم ٿيو. گورک هل اسٽيشن به سندس ئي آئيڊيا هو. منهنجي خيال ۾ گورک تي هل اسٽيشن بڻجي نه ٿي سگهي. صوبائي حڪومت جي صلاح تي وفاق اترين علائقن کي اوليت ڏيندي گورک وارو منصوبو رد ڪيو. ون يونٽ آڪٽوبر ۱۹۵۵ع کان ۱۹۵۸ع تائين جي ايم سيد لاهور ۾ ۶ حمايتين سان گڏجي ون يونٽ خلاف مهم هلائي. ايتري ٿورن ماڻهن سان گڏ شروع ڪيل تحريڪ ايتري ڪامياب ٿي جو سيپٽمبر ۱۹۵۸ع ۾ اولهه پاڪستان اسيمبلي جي ۳۱۱ ميمبرن واري ايوان ۾ اڳوڻن صوبن جي بحالي وارو ٺهراءُ آندائين. ۷ آڪٽوبر ۱۹۵۸ع تي مارشل لا لڳائي جي ايم سيد کي گرفتار ڪيو ويو ۽ ٽن سالن بعد آزاد ٿيو. سندس چوڻ هو ته مارشل لا رڳو ون يونٽ بچائڻ ۽ ڪوٽڙي ۽ گڊو بئراج جي ۲۷ لک ايڪڙ زمين تي قبضي لاءِ لڳايو ويو هو. سکر بئراج جي ۵ ڪروڙ ۴۰ لک ايڪڙ زمين تي قبضو ٿيو آهي جي ايم سيد ۲ لک ايڪڙن تي ٿيڻو آهي ان لاءِ ۱۹۶۰ع واري ڏهاڪي ۾ جمهوريت نه ايندي. جي ايم سيد بهترين آبادگار به هو، وٽس سن ۾ ۶۰۰ ايڪڙ باراني زمين هئي جيڪا شاهه اويس پمپنگ ڪئنال وسيلي سيراب ٿيندي هئي. کيس هميشه پوکي جي جديد طريقن ۾ دلچسپي رهي. کيس ڄاڻ هئي ته درياهه سن کي ڪڏهن به نه ٿو پائي يا ٻوڙي سگهي پر سن واهه شهر کي کائي سگهي ٿو. هن ان کان بچاءَ جا طريقا به پڇيا جيڪي مون کيس ٻڌايا. هن فيبروري ۱۹۶۱ع مون کي محمد ابراهيم جويي، حسام الدين شاهه راشدي، غلام رباني آگري ۽ ڪرنل راشد کي رني ڪوٽ تائين پهچڻ جي سهولت فراهم ڪئي. هن مون کي ٻڌايو ته ذوالفقار ڀٽو مون وٽ آيو هو ۽ چيائين ته ايوب خان پاڻ ووٽن لاءِ هلي اچڻ لاءِ تيار آهي مون حمايت کان انڪار ڪندي کيس ٻڌايو ته تو وڏيون ڪاميابيون ماڻيون آهن ۽ جنهن تي اسان کي فخر آهي پر ايوب توکي گهڻو وقت برداشت نه ڪندو ۽ توکي فارغ ڪندو ان لاءِ خبردار رهجان، سيد مون کي سندس ۽ قائداعظم وچ ۾ ٿيل رابطن جا ثبوت به ڏيکاريا ۽ هن ان جو ذڪر پنهنجي ڪتاب ”اسٽرگل فار نيو سنڌ“ ۾ به ڪيو آهي. جي ايم سيد کي رني ڪوٽ جي تاريخ جي به مڪمل ڄاڻ هئي ۽ هن اسان کي ڪوٽ جي دروازن جا نالا به ٻڌايا. ڪرنل راشد جو رني ڪوٽ تي آرٽيڪل اقبال رويو ۾ ڇپيو. کيس مڃتا ملي ۽ هن جي ايم سيد جي دعوت جناح اسپتال ۾ ڪئي جتي هو ايم ايس هو، هن سيد جي ساراهه ڪئي پر جڏهن سيد کي ان اسپتال مان علاج ڪرائڻ جي ضرورت پئي ته هن اهو چئي انڪار ڪيو ته هو ڪنهن ملڪ دشمن جو علاج نه ٿو ڪري سگهي جنهن جو سڀ کان وڌيڪ ڏک حسام الدين راشدي کي ٿيو جنهن ڪرنل کي سيد سان متعارف ڪرايو هو. سيد جي اڳ ڪٿي موجب جنوري ۱۹۶۶ع ۾ تاشقند ٺاهه بعد ايوب خان ذوالفقار ڀُٽي ۽ نواب آف ڪالاباغ کي حڪومت مان ڪڍي ڇڏيو ڇو ته ٻنهي کي تمام گهڻي اهميت ملي هئي. ۱۹۶۵ع ۾ جي ايم سيد سان ملاقات ٿي ته ايوب خان جي زميني سڌارن جي حمايت ڪيائين جنهن مون کي حيران ڪري ڇڏيو. سندس موقف هو ته زميني سڌارن سان جاگيردارن جو زور ٽٽندو ۽ نئون وچولو طبقو جڙندو، زمين توڙي جو ڌارين کي ملندي پر يا ته اهي سنڌ ۾ ضم ٿيندا يا وري زمين سنڌي وچولي طبقي کي وڪڻي واپس هليا ويندا ۽ ڪجهه سالن بعد سيد جو اهو موقف به درست ثابت ٿيو. ايوب دور جي ڪرپشن لاءِ هن ملڪي ساخت کي ذميوار قرار ڏنو. آزادي کان اڳ ڪرپشن ڏوهه هو پر پاڪستان ۾ ان کي جائز سڏيو ويندو آهي. جي ايم سيد کي ٻه قومي نظريي ۽ پاڪستان مخالف قرار ڏئي ٻه سال قيد ڪيو ويو ۽ ۱۹۶۸ع ۾ آزاد ٿيو. کيس ٻڌايم ته حڪومت علي محمد شاهه راشدي کي سندس ڪتاب ”جنب گذاريم جن سين“ جو جواب لکڻ لاءِ چيو آهي. سيد چيو ته مون ڪتاب تي محنت ڪئي آهي پر ان جي نتيجي ۾ هاڻ سنڌي ادبي بورڊ تي ڏکيا ڏينهن ايندا. ٻيو ڇاپو نه ايندو ۽ بورڊ هاڻ رڳو ٻئي درجي جا ڪتاب شايع ڪندو. سندس ڪتاب ”موجوده سياست جا نَوَ رتن“ ۽ ”جيڪي ڏٺو مون“ انگريزي ۾ ترجمو ڪري سيڪريٽري اطلاعات کي ڏنا ويا پر انهن تي اهو چئي پابندي نه هنئي وئي ته پهريون ڪتاب قائداعظم، علامه اقبال ۽ سرسيد احمد خان ۽ ٻيو مذهب خلاف آهي جنهن سان سندس ئي ساک خراب ٿيندي. هن سنڌ جي بمبئي کان ڌار ٿيڻ بابت ڪتاب ۾ سنڌ کي پنجاب جو حصو بڻائڻ جي ڪوششن بابت ذڪر شايع نه ڪيو. هڪ ٻئي ڪتاب ۾ هن ون يونٽ بابت راشدي جو ۱۰ صفحن وارو بيان به ڪڍي ڇڏيو جنهن ۾ ون يونٽ دوران ڪلاس ٿري جون نوڪريون سنڌين کي ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي وئي هئي. جي ايم سيد پنهنجي پئسن مان سياست ڪئي، ۱۹۷۰ع ۾ مجيب الرحمان جي مان ۾ هوٽل انٽرڪانٽينينٽل ڪراچي ۾ دعوت ڪيائين جنهن جو خرچ ڀرڻ لاءِ کيس زمين وڪڻڻي پئي. هن شيخ مجيب جي ڇهن نڪتن جي به حمايت ڪئي. سيد جي چونڊن جو خرچ سيد حسن بخش شاهه ڀريندو هو پر ڀٽو دور ۾ هن اهو چئي خرچ ڏيڻ کان انڪار ڪيو ته حضور جن سندس خواب ۾ اچي کيس مدد ڪرڻ کان روڪيو آهي. سيد سمجهي ويو ته حسن بخش شاهه ذوالفقار ڀُٽي کان ڊڄي ويو آهي. ڀُٽي مخدوم طالب الموليٰ کي اماڻي ملڪ سڪندر جي حق ۾ هٿ کڻڻ جي صورت ۾ ٺٽي مان بنامقابلي ڪامياب ڪرائڻ ۽ پير علي محمد شاهه راشدي کي سيد جي پارٽي سنڌ يونائيٽيڊ فرنٽ جي ٽڪيٽ نه ڏيڻ جي آڇ ڪئي جيڪا هن رد ڪري ڇڏي ۽ چيائين ته مون کي خبر آهي ته آڇ رد ڪري هارائيندس پر منهنجو فيصلو اٽل آهي. هڪ ڀيري هڪ شخص سيد جي ڍڳي چوري ڪئي ماڻهو کيس پڪڙي وٺي آيا ته چور قرآن پاڪ جو قسم کنيو آهي ته هن ڍڳي نه چورائي آهي. سيد کيس ڇڏي ڏنو. ڪجهه وقت بعد ماڻهو ڍڳي پڪڙي آيا ۽ سيد چيو ته هي ڍڳي منهنجي نه آهي هن قسم کنيو آهي، ان لاءِ ڍڳي کيس الله ڏني آهي. سندس موقف هو ته ۹۹ سيڪڙو ماڻهو قسم تي اعتبار ڪن ٿا ۽ ان جو معاشري ۾ بهترين ڪردار آهي ۽ آئون ان کي جاري رکڻ چاهيان ٿو. (ايم ايڇ پنهور جي تاريخي مقالي مان چونڊ ٽڪرا) سنڌيڪار: جاويد بوزدار جي ايم سيد واديءَ مهراڻ جو عظيم قومپرست اڳواڻ حيدري چانڊيو ڄام نظام الدين سنڌ جو هاڪارو حاڪم ٿي گذريو آهي ۽ ان وقت دولهه دريا خان سنڌ جو وزيراعظم هو، جيڪو سندس ڀروسي جوڳو ماڻهو هو. پنهنجي گڏيل حڪمت عملي سان سنڌ تمام گهڻي ترقي ڪئي هئي ۽ امن امان جي حالت تمام بهتر هئي، مجال هئي ڪنهن ڌارئي ڌاڙيل جي جو سنڌ ڏي ميري اک ڪري نهاري! هن ڳالهه ۾ ڪو وڌاءُ ڪونه ٿيندو ته ڄام نظام الدين سنڌي قوم جي ماڻهن جي دلين جو شهنشاهه ۽ سندس وزيراعظم دولهه دريا خان سنڌي قوم جي دلين جو هيرو هو ۽ ٻنهي سڄي عمر سنڌ ۽ سنڌي قوم سان ساٿ نڀايو، آخر ٻئي مڪليءَ جي مقام کي محلات بنائي وڃي اصل لاءِ آرامي ٿيا، انهيءَ ڳالهه کي اٽڪل پنج سؤ سال ٿيندا، مون نه سنڌ جي انهيءَ بادشاهه کي ڏٺو نه وري سندس وزيراعظم دولهه دريا خان کي ڏٺو، مون رڳو تاريخ جي ورقن ۾ پنهنجون سنڌ ۽ سنڌي قوم سان ناتي نڀائڻ جون ڳالهيون پڙهيون ۽ ٻڌيون! پر مون هڪ اهڙو لکن جو مٽ رانجهو ۽ ٻيو سندس عملي پيروڪار خليفي ٻنهين کي ضرور ڏٺو، جيڪي سڄي عمر سنڌ جا فدائي ۽ سنڌي قوم جي ڀلائي لاءِ پاڻ پتوڙيندا رهيا، انهيءَ ۾ پهريون نمبر آهي جي ايم سيد ۽ ٻيو نمبر اچي ٿو سندس خليفي عبدالواحد آريسر جو، تاريخ جي نسبت سان آئون هت ذڪر ڪندس جي ايم سيد جو، جيڪو ضلعي دادو جي قديم شهر سن ۾ ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ع تي سيد خاندان جي پشت مان محمد شاهه جي حويليءَ ۾ پيدا ٿيو، جيڪو اڳتي هلي تاريخ ساز انسان ثابت ٿيو. اهڙا عظيم انسان جيڪي سال جي ڪن مهينن ۽ مهينن جي ڪن ڏينهن ۽ تاريخن ۾ جنم وٺندا آهن ته اهي سال، مهينا ۽ اهي تاريخون سندن امر نالن سان سڃاتا ويندا آهن. اهڙي طرح ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ع کي جي ايم سيد جي ماکيان مٺي نالي جي جنم ڏينهن سان سڃاتو وڃي ٿو، جيڪو سنڌي قوم لاءِ وڏي اهميت وارو ڏينهن آهي. سندس جنم ڏينهن جي نسبت سان آئون مختصر اهو چوندس ته جي ايم سيد جي رڳن ۾ رت سان گڏ سنڌ جي محبت به گردش ڪندي رهي. هن پنهنجي سڄي زندگي سنڌي قوم جي ستل نصيب کي جاڳائڻ لاءِ لڳاتار جدوجهد ڪندو رهيو. سنڌ ۽ سنڌي قوم سان سندس وفاداريون ايتريون ته مضبوطي سان ثابت ٿيل آهن جو جڏهن به سنڌ ۽ سنڌي قوم جي مٿان ڪا مصيبت اچي ٿي ڪڙڪي ته هر پارٽي وارو ماڻهو کيس ياد ڪري هي چوڻ تي مجبور ٿو ٿئي ته، ”يار جي ايم سيد سچو هو!“ هي هڪ حقيقت آهي ته سنڌ ۽ سنڌي قوم جي ڀلائي ۽ رهنمائي لاءِ قدرت هڪ هيرو عطا ڪيو هو، جنهن جي روشن خيالي ۽ وسيع النظري هيٺ سنڌي قوم کي انقلابي سياسي سوچ ملي، جنهن سان سنڌ جي حقن حاصل ڪرڻ جو سبق مليو. سنڌي قوم کي سياسي، اقتصادي، ثقافتي ۽ خودمختياري جو احساس مليو، هن ڪڏهن به ”سون تي سيڻ مٽائڻ جي ڳالهه ڪانه ڪئي، سندس ساري توجهه سنڌي قوم جي اخلاقي اصلاح ۽ تربيت طرف رهي، سندس هر تقرير، هر تحرير ۾ نوجوانن لاءِ اهو پيغام هوندو هو ته پنهنجا اخلاق سڌاري بلند اخلاق بڻجو، جنهن ۾ اوهان جي ڀلائي جو راز سمايل آهي، پاڻ اجائي ڏيک ويک کان قطعي پري نهايت ئي اعليٰ اخلاقي جا مالڪ صوفي منش جا مالڪ هئا. مون پنهنجي عمر جا اٽڪل ۳۰ سال سندس نيازمندي ۾ گذاريا، هن وقت منهنجي عمر ۸۱ سال آهي، انهن ۸۱ سالن مان سائين جي ايم سيد سان گذاريل ۳۰ سالن کي ئي سجايو سمجهان ٿو، باقي عمر ڄڻ اجائي گذري! مون جي ايم سيد جهڙي عظيم انسان جي ڪچهرين ۾ ويهي، ماکيءَ کان به وڌيڪ مٺن گفتن ۽ سچائي جي شفاف چشمن مان مون جيڪي چڪيون چکيون، انهن جي روحاني لذت کي پنهنجي سيني اندر سانڍي رکيو آهي. ساڻس گڏ گهاريل گهڙيون منهنجي زندگيءَ جو اهم سرمايو آهن، هي هڪ حقيقت آهي ته سائين جي ايم سيد جن کي به سنڌي قوميت جو پيالو، پنهنجي هٿن سان تيار ڪري اکيون اکين ۾ ملائي هڪ انداز سان اچي چئي پياري پُر ڪيو، انهن کان اڃا تائين خمار نه لٿا آهن، جيڪي زماني مان لڏي ويا آهن ته اهي خمار کنيون ويا آهن، جيڪي جيئرا آهن، سي قوميت جي مئي جا متولا جهومندي نظر اچن ٿا. چون ٿا توڙي لک ڏيو بيان هي دل ڪا نه ڦرندي ڪانه، لالچي ليڊرن جا مسئلا مطلب وارا آهن، مطلب جا مروان، هي دل ڪانه ڦرندي ڪانه! هو جي ايم سيد جي ڏنل فڪر ۽ اصولن تي ڪاربند بڻجي پنهنجي حال آهر، جستجو ۾ مصروف آهن ۽ شيخ اياز جا لفظ ورجائي پيا ٿا پڇن ته: ”ڪڏهن ڪرندي ڪاڪ، ڪڏهن ملندو مينڌرو، پڇان وڏي واڪ، سڏ به ڏئي ڪو سنڌ مان!“ انهيءَ سڏ جو جواب اڄڪلهه نه جاگيردار ڀوتار ڏيندا نه رئيس وڏيرا ڏيندا ۽ نه وري مير پير ڏيندا. انهيءَ سڏ کي ورجائڻ وارا هن زماني مان ڪي لڏي ويا، ڪي لڏيندا پيا وڃن! پر پوءِ به سنڌ خالي ڪانهي ٿي! هن چوڻي جي ته: ”اڃان رڻ مان رڙ، اچي پئي اچي پئي، متان سمجهو ته، مئا مور سارا.“ سائين جي ايم سيد حقن جي حاصلات جي شمع اڃان اجهائي ناهي، جيڪا اڃا ٻري پئي ۽ ٻرندي رهندي! جي ايم سيد وٽ يونيورسٽين، ڪاليجن، اسڪولن جا وفد ايندا هئا ته سائين آيل نوجوان شاگردن سان مخاطب ٿيندي چوندو هو ته شاگردؤ! دنيا ۾ ڪيئي قومون عاد، ثمود وغيره جهڙيون آيون ۽ صالح نه هئڻ ڪري صفحه هستي تان مٽجي ويون، قدرت ڪنهن جي طرفداري نه ٿي ڪري، اوهان سنڌي نوجوان پاڻ ۾ صلاحيت پيدا نه ڪندا ته اوهان کي نئين مقابلي ۾ ڪو به بچائي نه سگهندو، ذهني صلاحيت ۽ اخلاق جي درستگي، زندگيءَ جي مقابلي ۾ تمام ڪارآمد شيون آهن، پنهنجي ڌرتي سنڌ سان وابستگي، پنهنجي ٻولي سان محبت، قديم روايات ۽ ڪلچر سان دلچسپي اوهان جا مشعل راهه هئڻ گهرجن. سنڌ کي اتحاد انساني، امن عالم، ترقي نوع، انسان لاءِ پيغام آهي، اوهان کي ان پيغام جو مشينري ٿي ڪم ڪرڻو آهي. سنڌ دنيا لاءِ محبت ۽ امن جو پيغامبر سنڌ حُب الوطني وفا، قرباني ۽ مهمان نوازي رواداري، غيرت، شرافت ۽ عزت جي صفات جو مخزن آهي، سندس مٽي اسان لاءِ مقدس ۽ خاڪ شفا آهي! هن جي هر شيءِ اسان لاءِ باعث رحمت آهي، پيغمبر خدا کي سرزمين سنڌ کان جنت جهڙي ٿڌڙي هير لڳي هئي، ان ڪري ان جون دعوائون وسن پيون ٿيون. سنڌ جا دوست اسان جا دوست آهن، سنڌ جا دشمن اسان جا دشمن آهن! اسلام بابت جي ايم سيد جو چوڻ هو ته اسلام کي مڃڻ وارن جا ٻه گروهه رهيا آهن (۱) هڪ گروهه جو چوڻ آهي ته اسلام ماڻهن جي وچ ۾ مذهبي گروهن نسلن، قومن ۽ رنگن جي نالي ۾ کڙي ڪيل ديوارن کي ڊاهي انسان ذات ۾ اتحاد امن، فلاح ۽ بهبودي پکيڙڻ لاءِ آيو هو، اهو دين فطرت هو، جنهن جي ابتدا کان سڀني پيغمبرن پيغام ڏنو هو، اهو نئون دين ڪو نه هو، بلڪه ان مطابق سڀني مختلف مذهبن جي ظاهري ڪثرت پويان بنيادي وحدت سمايل هئي، اهڙي تعليم جو فروغ صحيح سمجهاڻي اخلاقي درستي ۽ نفسياتي اصلاح ذريعي تاليف قلوب، رواداري ۽ باهمي گفتگو وسيلي ٿيڻ هو. شدت، نفرت، نفاق، خود مطلبي، ان جي راهه ۾ رڪاوٽون هيون، دين جي معاملي ۾ زور زبردستي بلڪل ناجائز هئي، پيغمبر خدا رحمة العالمين ٿي آيل هو، هو غلامن کي آزاد ڪرائڻ، اجائي ڦرلٽ کي بند ڪرائڻ، انصاف جو دؤر قائم ڪرڻ ۽ دنيا ۾ امن امان ڪرڻ لاءِ آيل هو، نه ان ڪمن کي ئي مروج ڪرڻ لاءِ جي پوءِ ڪن ماڻهن، اسلام جي نالي ۾ ڌارين ملڪن کي غلام بنائڻ، ڦرلٽ، مار ڌاڙ ڪرڻ، آزاد ماڻهن کي غلام بڻائڻ جا ڪم ڪيا هئا! (۲) ٻئي گروهه جو چوڻ هو ته اسلام هڪ نئون مڪمل عالمگير مذهب ٿي آيل هو، ان جي اچڻ سان، ٻيا سڀ دين رد ٿي ويا هئا، هن جا مکيه متا هئا، توحيد، حج، زڪوات، روزو، نماز هئا، انهن متن ۽ ان دين جي شريعت (دستور العمل) کي زوري دنيا جي ماڻهن مٿان مسلط ڪرڻ هو، جنهن عمل کي جهاد جي نالي سان سڏيائون ٿي، ان ۾ ٻين ملڪن تي چڙهايون ڪري بي گناهه خونريزي ڪرڻ، ان تي قبضو ڪرڻ، ڦرلٽ ڪرڻ، مردن عورتن کي غلام ڪري رڍن ٻڪرين وانگر وڪڻڻ کي جائز ٿي سمجهو، اڃا تائين مسلمان، ساڳي طرح ٻن گروهن ۾ ورهايل آهن، جن ۾ پهريون گروهه جي مڃيندڙن کي بزرگن درويشن جو گروهه چيو وڃي ٿو، هنن جو چوڻ آهي ته اسلام جو فروغ تلوار ۽ تشدد جي ذريعي ڪو نه ٿيو هو، بلڪه تاليف قلوب ۽ بهترين اصولن ڪري ٿيو. اهو ماڻهن قبول ڪيو هو، مسلمان حاڪمن طرفان جي ملڪ گيري، ڦرلٽ ۽ ٻيا ڪيترائي ظلم ٿيا هئا، انهن جو اسلام سان ڪو تعلق ڪو نه هو، ٻئي گروهه جي پوئلڳي ڪندڙن کي مولوي چيو وڃي ٿو. هڪ طرف مذهب اسلام، امن ۽ سڪون جي خواهش ڏيکاري ٿو ۽ اهڙي تلقين ڪري ٿو، ٻئي طرف ڏسبو ته دنيا ۾ سڀ کان زياده بدامني ۽ خونريزي مذهب جي نالي ۾ ٿي رهي آهي، جنهن سبب خوني ديوَ ناچ پيو ڪري، ڪڏهن ڪٿي، ڪڏهن ڪٿي ناحق خون پيو وهائي، شدت پسندي جو وڌي وڃڻ، عذاب الاهي کان گهٽ نه آهي! سائين جي ايم سيد صدين کانپوءِ سنڌي قوم کي هڪ اهڙي رهنما ۽ مفڪر جي حيثيت ۾ مليو، جنهن وٽ عملي طرح پنهنجي فڪر جو تفسير موجود هو، جيڪو مرشد لطيف جي شاعري ۾ موجود هو، پر ان فڪر جو عملي پيروڪار جي ايم سيد ٿي ڏيکاريو. اهڙن عظيم انسانن لاءِ ئي مرشد لطيف کي چوڻو پيو ته، ڪاڪ نه جهليا ڪاپڙي، موهيا ڪنهن نه مال، جي ڇورين ڏنا ڇال، ته به لاهوتي لنگهي ويا. (شاهه) ڏٺو وڃي ته مرشد لطيف جي شاعري اسان جي اونداهي اندر ۾ سج وانگر سوجهرو پيدا ڪري ٿي ته جي ايم سيد وري ان فڪر جو تفسير بڻجي قومي اڳواڻ جي حيثيت سان اسان جي منزل کي اجاگر ڪيو، هن کي سنڌ ۽ سنڌي قوم جي عشق ۾ نظربنديون ۽ جيل جون مصيبتون ۽ پراون سان گڏ پنهنجن جون عقوبتون سهندي پنهنجي اصول کان نه هٽيو، هن تي اهي فتوائون به لڳيون ته هي سنڌي قوم جي ماڻهن خاص طرح نوجوانن کي ڪفر جون ڳالهيون ٻڌائي سندن ايمان جو ٻيڙو ٻوڙي رهيو آهي، مطلب ته هن جي راهه ۾ ڪٿي رڪاوٽون وجهي کيس جهُڪائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر هو ڪنهن جي اڳيان نه جهڪيو. آئون سمجهان ٿو ته سائين جي ايم سيد جابرن اڳيان جهُڪڻ نه پر جهُڪائڻ يا مهاڏي اٽڪائڻ لاءِ آيو هو، ڪنهن لٽيري سنڌي قوم جي حقن تي ڌاڙي هڻڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي ته جي ايم کيس هڪل ڪري ٿي چيس ته خبردار متان ائين ڪيو اٿئي! سائين جي ايم سيد برصغير پاڪ- هند جي اختلافي شخصيت هجڻ سان گڏ نهايت انقلابي شخصيت جو مالڪ هو، هو سنڌ جي سياست جا سمورا گر گس ڄاڻڻ سان گڏ هڪ اهڙي دل به رکندو هو، جيڪا قوميت سان گڏ انساني جذبن سان سرشار هئي، عملي سياستدان هجڻ سان گڏ وڏو سياسي مفڪر هو، هن سنڌي قوم جي اصلاح توڙي آزاديءَ جي جدوجهد جي سلسلي ۾ حال آهر اڀرندڙ سج جي پوڄارين جي وچ ۾ ويهي ڪري گهڻو ڪجهه ڪيو، پنهنجي علم، عقل جي وسعت ۽ گهرائي، پنهنجي غور فڪر جي روشني، پنهنجي عمل ۽ ڪردار جي بلندي، پنهنجي سچائي، پنهنجي سياسي، سماجي سگهه ۽ سمجهه سان سنڌي قوم جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو، هن سياسي سماجي ميدان ۾ رهندي سندس سارو توجهه سنڌي قوم جي اخلاقي اصلاح ۽ تربيت طرف رهيو. سندس هر تقرير هر تحرير ۾ نوجوانن لاءِ اهو پيغام هوندو هو ته اخلاق سڌاري، بلند اخلاق بڻجو، انهيءَ ۾ اوهان جي ڀلائي جو راز سمايل آهي! کين اها هدايت به ڪندو رهندو هو ته اوهان خوف ۽ لالچ کان پري رهو. پاڻ اجائي ڏيک ويک کان پري ۽ قطعي پري، نهايت ئي اعليٰ اخلاق جا مالڪ ۽ صوفي منش انسان هئا ۽ مهمان نوازي ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئا، هن جو چوڻ هو ته کائڻ جو مزو ته سڀڪو وٺي ٿو، پر کارائڻ جو مزو اڃا ڪو ٻيو آهي. مون سي ڏٺا ماءُ، جني ڏٺو پرين کي، تِني سندي ڪاءِ، ڪري سگهان نه ڳالهڙي! (شاهه) جي ايم سيد جون ڳالهيون ارباب ڇڄڙو انسان به گوشت پوشت جو هڪ ٺهيل مجسمو آهي، جنهن ۾ سڀ اهي نشانيون پڻ شامل آهن. جن جو مرڪب آهي. باهه، لوهه، هوا، مٽي ۽ پاڻي ۽ سڄي عمر ان جي دائري کان ٻاهر ڪو نه ٿو نڪري سگهي. ان لاءِ گيتا کان فرقان تائين سڀ ڪتاب شاهد آهن. ان ڪري ڪڏهن ماڻهو باهه آهي، ڪڏهن پاڻي، ڪڏهن مٽي ۽ ڪاوڙ ۾ باهه، رحم ۾. مٽي ۽ پاڻي. جڏهن هن ۾ لوهه جو عنصر اچي ٿو ته، هو پنهنجي قول ۽ فعل تي پڪو ٿي بيهي رهي ٿو. اسان مان ڪيترن ڏٺو هو ته، سائين جي ايم سيد محبت ۾ ماکيءَ ۽ ڪاوڙ ۾ لوهه هيو. وقت کان ڪڙو هيو، نرم وري ايترو جو ڳالهين هلندي ڪنهن ساٿيءَ جي بيوفائي ياد ايندي هيس ته روئي ويهندو هو. جهڙو انسان مٽيءَ وانگر ڀور ڀور ٿي پوندو هو. سچ چوڻ جو اهو عالم هيو جو جناح کان پير صاحب پاڳاري تائين هر هڪ کي منهن تي سچ چوڻ کان ڪو نه لهرائيندو هو. جڏهن ڪو ٻڌائيندو هوس ته توهان جو فلاڻو ڪارڪن ڀتا خوري ٿو ڪري تڏهن روئي ويهندو هو ۽ پوءِ ان کي ڪچيون پڪيون سڀ گاريون ڏيندو هو. ڪنهن صحافيءَ جي پڇيل جواب ۾ چيو هئائين ته، ها، مان گاريون ڏيندو آهيان، پٽيندو ان ڪري نه آهيان ته متان ڪو پاراتو لڳي نه وڃي. جڏهن ڪو پيءُ پٽ تي ڪاوڙجندو آهي. تڏهن هو پٽ کي پاراتا ڏيندو آهي پر جي ايم سيد ائين ڪڏهن به ڪو نه ڪيو هو. مهاتما گانڌيءَ لاءِ مشهور آهي ته، هن ڪڏهن به ڪنهن کي جھڙڪيو نه هو. پر هڪ ڀيري هڪ ڪارڪن کي بک لڳي ۽ بي وقتي ماني گهري هئائين ته گانڌي جي ان کي ڌڪو ڏئي چيو هو وقت جو انتظار ڪر. پر جي ايم سيد وت ڪنهن وقت به مهمان آيو ماني حاضر هوندي هئي. ڪي ڪارڪن ته، فرمائشون ڪندا هئا. هي کپي هو کپي، سيد اها شئي ان وقت حاضر ڪئي هوندي. جڏهن سيد هليو ويو. تڏهن چاچي غلام قادر مون کي ۽ حاجي سڪندر ڪورائيءَ کي چيو هو ته هاڻي توهان جون فرمائشون پوريون ڪرڻ وارو ڪو نه رهيو آهي. تڏهن اسان جون اکيون عشق بار ٿي ويون هيون هڪ ڀيري سيد جي اندرين اوطاق تي ويٺا هئاسين. اتي هڪ کٽ تي ٻلو ننڊ پيو هو. ڪنهن دوست ان کٽ تي ويهڻ جي ڪئي ته سيد چيس. بابا هيڏانهن اچي ويهه. ٻلي جي ننڊ خراب ٿيندي. انسان ته ڇا پر هڪ جانور جي ننڊ جو به خيال ٿي رکيائين. هڪ ڀيري هڪ چور سيد جي ڳئون چوري ڪري ويو، ڌنار خبر چار وٺي. اچي سيد کي ٻڌايو ته فلاڻو ڳئون چوري ڪري ويو آهي پاڻ ان چور کي گهرائي چيائين بابا جي ڳئون تو وٽ آهي ته، اسان کي ڏئي وڃ. ڪا به ٻي سزا نه آهي. همراهه ڀري ڪچهريءَ ۾ چيو. نه سائين مون ڳئون ناهي چو ري ڪئي. چور هليو ويو، ٿورن ڏينهن کانپوءِ ڪجهه ماڻهو ڳئون سميت ان چور کي ٻڌي وٺي آيا. ان وقت به ڀري ڪچهري جاري هئي. سيد چيو بابا اها ڳئون منهنجي نه آهي ۽ چور کي ڳئون سميت ڇڏي ڏنائين.پڇڻ تي پوءِ ٻڌايائين ته، هيترن ماڻهن ۾ هن جو من مجروح ٿئي ها. انسانيت جو علم بردار جي ايم سيد هوندو هو. موري جو ڪارڪن. ڪامريڊ مٺل حيدري چانڊيو. سان سيد چرچا ڀوڳ ڪندو هو ۽ مٺل به سائينءَ سان چرچا ڪندو هو. اهڙا چرچا جو اسان جي کل بند ڪا نه ٿيندي هئي. ڀٽ ڌڻي وڳند جت سان چرچا ڪندو هو. هت به ساڳيو نمونو هوندو هو. اڄ به اسان پنهنجي جھوني ڪامريڊ مٺل چانڊيي کان اهي چرچا ٻڌي کلي ويهندا آهيون ۽ پوءِ اداس!؟ جي ايم سيد ۽ ڀٽ ڌڻيءَ ۾ بس هي فرق آهي. جو شاهه لطيف رح سنڌي قوم کي شاعري ڪري سجاڳ ڪيو ته، سائين جي ايم سيد نثر لکي سنڌي قوم کي پنهنجي ماضي، حال ۽ مستقبل جون ڳالهيون ٻڌايون ۽ ان کي پنهنجو شاندار ماضي ٻڌايو ۽ سيد جي هيرا ڏنا. جھڙوڪه راجا ڏاهر،دودو سومرو، دولهه درياهه خان، هوشو شيدي، مخدوم بلاول ۽ ٻيا. هن ٻڌايو ته لٽيرا ڪڏهن به هيرا نه هوندا آهن. هو ڌاڙيل ۽ ڦورو هوندا آهن. توڙي جو هو ڪهڙو به چوغاپائي اچن. ڦورو بس ڦورو آهي. ان جي ايم سيد پاڪستان لاءِ پوري سنڌ جي ماڻهن کي مسلم ليگ ۾ آندو ۽ ۱۹۴۳ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ مان پاڪستان لاءِ قرارداد پيش ڪئي ۽ پاس ڪرائي جڏهن پاڪستان ٺهيو ته، هڪ به سنڌي حڪومت ۾ نه کنيو ويو، پوءِ ايوب کهڙي جي ڀرپور جدوجهد کان پوءِ هڪ وزارت ملي جيڪا عبدالستار پيرزادي کي ڏني وئي، سنڌين سان هي پهرين جٺ هئي ۽ پوءِ سنڌين کي طرحين طرحين جا طعنا سهڻا پيا. ڪنهن چيو. سنڌي گڏهن چارڻ وارا آهن، ڪنهن چيو. ننڍي صوبن وارا ننڍي دماغ جا مالڪ آهن. توڙي جو. سر آغا خان جنهن مسلم ليگ ڍاڪا ۾ جوڙي هئي. جناح صاحب، شيخ عبدالمجيد سنڌي جنهن ۱۹۳۸ع ۾ پاڪستان لاءِ پهريون ڀيرو قرارداد پيش ڪئي ۽ پاس ڪرائي ۽ سائين جي ايم سيد سميت سڀ جو سڀ سنڌي ليڊر هئا. جن پاڪستان جوڙيو هو. انهن کي اهڙا القاب ٿي مليا ۽ سنڌ جي زمين، سنڌ جون نوڪريون سڀ غير سنڌين لاءِ مال غنيمت هيون. ڌارين تي فضل ربي رهيو. جي ايم سيد ته هر هر جيل موڪليو ٿي ويو. خدا هن تي ناراض هيو، زمين هن لاءِ تتل هئي. حڪمران ان تي ڏمريل هئا. جڏهن اسان جو هڪ سنڌي جناب ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جو وزيراعظم ٿيو ۽ سنڌ کي ڪو به حق نه مليو، رهندو رهيو کهيو مال به ڌارين جي حوالي ٿي ويو هو. حيدرآباد ۽ نواب شاهه ۾ سيد تي خوني حملا ٿيا.تڏهن سيد تجربي جي بنياد تي اعلان ڪيو ته، هاڻي سواءِ سنڌ جي آزاديءَ جي ٻيو ڪو به رستو نه رهيو آهي.ان اعلان کي سنڌ جي وڏيرن، پيرن ۽ ملن ڪا به موٽ ڪا نه ڏني ڇو ته، هو مفت خور آهن. پر سنڌ يونيورسٽيءَ جي روشن خيال نوجوان شاگردن کيس اکين تي رکيو ۽ جدوجهد جو اعلان ڪيو. ائين ڏسندي ڏسندي حق راهه تي سر ڏيڻ وارن جي هڪ فوج تيار ٿي وئي. ۽ پوءِ انهن کي بنا موت جي ماريو ويو ۽ اهي اڄ تائين موت کي ڀاڪر پايو بيٺا آهن، پر سنڌ امڙ ڪنهن ايري غيري کي ڏيڻ لاءِ تيار ئي نه آهن. دنيا جا سمورا غير معمولي ماڻهو متنازعه رهيا آهن. يسوع مسيح هجي يا آئزڪ نيوٽن، حضرف محمد صه هجي يا گئليلو، سقراط هجي يا مارٽن لوٿرڪنگ، ڪارل مارڪس هجي يا مهاتما گانڌي، ابوالڪلام هجي يا غفار خان، انهن سڀني جي متنازعه هجڻ جو مکيه سبب هڪڙو ۽ ساڳيو آهي. اهو اهو ته انهن سڀني غير معمولي شخصن معمول مطابق هلندڙ زندگيءَ ۾ طلاطم پيدا ڪيو. پنهنجي پنهنجي وقت جي مروجه سوچن ۽ عقيدن، ريتن، قاعدن ۽ قانون کي چئلينج ڪيو. وقت جي غالب ۽ ناڪاري قوتن سان سرچاءُ ڪرڻ جي بجاءِ انهن سماج جي ڍڪيل ۽ ڪمزور محسوس ٿيندڙ هاڪاري قوتن کي نمايان ڪيو ۽ ناڪاري قوتن سان ويڙهه ۾ انهن جي قيادت ڪئي. اڄ سائين جي ايم سيد جو نظريو عام ٿي رهيو آهي، پر سندس ڪارڪن ٽولن ۾ ورهائجي ويا آهن. سن جي شهر ۾ هر سال الڳ الڳ ڪيترائي جلسا ٿي رهيا آهن. هر هڪ اديب ۽ دانشور کين صلاح ڏئي رهيو آهي ته ٻڌي ڪريو پر اڃا اٺ بيٺو آهي. اڄ سيد جي ۱۱۷ هين سالگرهه آهي، ان لاءِ آزادي پسند سڀني قومن کي ان جي مبارڪ ڏجي ٿي، جيڪي آزاديءَ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهن. جھونا ڳڙه جُهرندو، پوندي جھانءِ، جھروڪ ۾. (شاهه) جي ايم سيد ۽ قومي تحريڪ جو مستقبل عبدالخالق جوڻيجو سنڌ جي قومي تحريڪ تي اڄڪلهه هڪ نئين ۽ مختلف پاسي کان گفتگو ٿيڻ شروع ٿي آهي. هڪڙن ماڻهن جو چوڻ آهي ته ”قومي تحريڪ اڳي جي ڀيٽ ۾ ڪمزور ٿي آهي“. ٻيو خيال اهو آهي ته ”قومي تحريڪ سوچ جي لحاظ کان وڌيڪ وسيع ۽ طاقتور ٿي آهي پر عملي طور اڳي جي ڀيٽ ۾ ڪمزور ٿي آهي“. اڃا ٽيان ماڻهو ته سواليه نشان لڳائيندي پڇن ٿا ته ”قومي تحريڪ آهي به ڇا“، يا اهو ته ”سنڌي قوم اڳتي نڪري ويئي آهي، قومپرست ليڊر پوئتي رهجي ويا آهن“. انهن سوالن ۾ جزوي سچائي ضرور آهي. هڪڙا ته قومي تحريڪ جا دشمن آهن (ڌاريا حڪمران توڙي مقامي سنڌي) جيڪي قومي تحريڪ کي ڪمزور ڪرڻ ۽ هڪڙو منفي مايوسيءَ وارو ماحول پيدا ڪرڻ خاطر اهڙا سوال اٿارين ٿا پر اها به حقيقت آهي ته انهن تبصرن ۽ تجزين کي رڳو ”سنڌ دشمنن جي سازش“ چئي رد نٿو ڪري سگهجي. انهن ۾ ڪجهه سچائي بلڪل آهي. فڪري طور قومي تحريڪ جي طاقت ۽ وسعت جو ثبوت اهو آهي ته پيپلز پارٽي، مسلم ليگ ۽ جماعت اسلامي جهڙيون پارٽيون جيڪي پيدائشي ۽ فطري طور سنڌ جي قومي وجود جون مخالف آهن ۽ سنڌ جي قومي تحريڪ کي ”اسلام ۽ نظريه پاڪستان“ جي خلاف قرار ڏينديون رهيون آهن اهي به اڄ پاڻ کي سنڌ ۾ سياسي طور زندهه رکڻ خاطر سنڌ ۽ سنڌين جي حقن جي ۽ انهن سان ٿيندڙ ناانصافين جي ڳالهه ڪرڻ تي مجبور آهن ۽ ڪمزوريءَ جو اظهار تڏهن ٿئي ٿو جڏهن انهن پارٽين سان واڳيل قومپرستيءَ جا ازلي دشمن پير، مير، وڏيرا ۽ ڪرپٽ وزير، مشير ۽ اسيمبلي ميمبر اها لٻاڙ هڻندا آهن ته ”اسان کان وڌيڪ قومپرست ڪوئي ناهي“. ماضيءَ ۾ جيڪڏهن غلطيءَ سان به انهن جي نالي سان قومپرست جو لفظ اچي ويندو هئو ته اهي ”قسم قرآن“ کڻي رڙيون ڪندي چوندا هئا ته ”اسان قومپرست ناهيون“. صحيح ۽ غلط، سچ ۽ ڪوڙ کي ڌار ڪرڻ ۽ حقيقتن کي سامهون آڻڻ لاءِ ضروري آهي ته اسان سنڌ جي قومي تحريڪ جو ۽ قومپرست پارٽين ۽ ليڊرن جي ڪردار جو ڇيد ڪريون ڇاڪاڻ ته ”مرض جو علاج ڪرڻ لاءِ ان جي ڪارڻن جي تشخيص ڪرڻ لازمي عمل آهي“. اتي ٻه رايا آهن. هڪڙن دوستن جو چوڻ آهي ته ”جيئن ته سنڌ مشڪل صورتحال مان لنگهي رهي آهي تنهن ڪري اختلاف ۽ تنقيد کان پاسو ڪرڻ کپي“ جڏهن ته مان ان راءِ جو آهيان ته ”جيئن ته سنڌ مشڪل صورتحال کي منهن ڏيئي رهي آهي تنهن ڪري لازمي آهي ته پنهنجو تنقيدي جائزو وٺون ۽ صورتحال تي گهڻ طرفو بحث ڪريون“. سنڌ ۾ قومپرستي ۽ قومي تحريڪ جو سڀ کان وڏو حوالو سائين جي.ايم.سيد آهي. صحيح ٿيندو ته اسان موجوده صورتحال جو جائزو سندس حوالي سان وٺون. سائينءَ جنهن ”جديد قومپرستي“ جي ڳالهه ڪئي ان يورپ ۾ سماجي ارتقا جي هڪڙي مخصوص مرحلي تي وجود ورتو. مذهب (چرچ)، جاگيرداري، ۽ فوجي سلطنتن جي بالادستيءَ ۽ ڳٺ جوڙ تي مشتمل ”اونداهي دور“ (Dark Ages) واري يورپ ۾ جڏهن ”سجاڳي“ (Renaissance) جي لهر اٿي ته نيون قوتون اڀريون جن اونداهيءَ جي علمبردار عنصرن کي چئلينج ڪيو، انهن سان ڊگهي ۽ خطرناڪ جنگ ڪئي ۽ انهن کي شڪست ڏني، تڏهن نئين يورپ جنم ورتو جيڪو گذريل اٽڪل پنج سئو سالن کان دنيا جي اڳواڻي ۽ ان تي حڪمراني ڪري رهيو آهي. اهي نوان ۽ ترقي پسند عنصر هئا سيڪيولرزم، واپار ۽ صنعت ۽ قومي رياستون. سائين جي.ايم.سيد جو ڪارنامو اهو هئو ته هن سنڌ جي ماڻهن ۾ لاشعوري طور موجود حب الوطنيءَ جي جذبي کي شعوري شڪل ڏني. يورپ جي تجربي مان فائدو وٺندي اتي سرجندڙ جديد علم کي هن سنڌ جي حالتن تي لاڳو ڪيو. سنڌ جي تاريخ جي مطالعي، سنڌي سماج جي جائزي ۽ سياسي جدوجهد ۾ پنهنجي تجربن کي سموهي هن سنڌ جي قومپرستيءَ کي واضح ۽ مضبوط بنيادن تي بيهاريو ۽ ان لاءِ اقرار به ڪيائين ته ”مان تجربا ڪري، هٿ ساڙائي هنن نتيجن تي پهتو آهيان“. اهي نتيجا اهي هئا ته مذهب جي نالي تي ۽ فوجي طاقت جي بنياد تي بيٺل رياست سنڌ جي قومي نجات ۽ انسان ذات جي ڀلائيءَ ۾ رڪاوٽ آهي ۽ سنڌ جي سياسي، ثقافتي ۽ اقتصادي آزاديءَ خاطر جدوجهد ۾ پيرن، ميرن ۽ جاگيردارن مان ڪا اميد نه رکڻ گهرجي. ۽ پوءِ بنگلا ديش واري سڀ کان وڏي ۽ فيصلائتي تجربي کان پوءِ جڏهن هُن آزاد، خودمختار ۽ خوشحال سنڌ لاءِ جدوجهد جي نئين مرحلي جي شروعات ڪئي ته ڪوبه وڏيرو، جاگيردار، مير، پير يا ملا ان جدوجهد ۾ نه رهيو. تحريڪ ۽ تنظيم جو مکيه ڪم سائينءَ اڀرندڙ مڊل ڪلاس جي نئين نسل تي رکيو جيتوڻيڪ ان ۾ تمام گهڻيون اوڻايون، ڪچايون، ڪوتاهيون هيون ۽ اهي غلطيون به ڪري رهيا هئا جن جو ذڪر به سائين پنهنجي تقريرن ۽ تحريرن ۾ ڪندو رهيو. ان کان علاوه فيصلائتي قوت سنڌي عوام کي سمجهندو هئو جنهن لاءِ نه رڳو ائين چوندو هئو ته ”قومي تحريڪ تڏهن ڪامياب ٿي سگهندي جڏهن سنڌي ماڻهن جي اڪثريت ان ۾ حصو وٺندي“ پر مختلف حڪومتن طرفان مليل ڊگهي قيد ۽ نظربنديءَ کان جڏهن به ۽ جيئن ئي آزادي ملندي هئس ته عوامي رابطي جي دوري تي نڪري پوندو هئو. ان لاءِ نه موسم جي سردي گرميءَ کي ڏسندو هئو ۽ نه ئي عمر جو يا صحت جو خيال ڪندو هئو. انهن بنيادن تي قومي تحريڪ جو جائزو وٺبو ته ٿلهي ليکي ان جا ٻه پاسا ٿيندا؛ هڪڙو نظرياتي ۽ ٻيو عملي. ۽ ان جائزي ۾ يقيني طور وڌيڪ خبر انهن ماڻهن جي وٺڻي پوندي جيڪي نه رڳو قومي تحريڪ جا سرگرم ڪردار هئا پر سيد جا به ”حامي ۽ پوئلڳ“ هئا. هر باشعور ماڻهو بغير ڪنهن دوربيني يا سرچ لائيٽ جي ڏسي سگهي ٿو ته هتي گذريل چوٿائي صديءَ دوران ”هر ڪم“ سيد جي سوچ ۽ عمل جي ابتڙ ڪيو ويو آهي خاص ڪري انهن ماڻهن جي طرفان جيڪي پاڻ کي ”سيد جو سچو سپاهي“ چورائيندا هئا جن کي ميڊيا وارن جي اڪثريت اڳتي وڌائيندي يا پروموٽ (Promote) ڪندي رهي آهي. اهو چوڻ جي ڪا ضرورت ڪانهي ته ان ميڊيا جي اڪثريت جي اولين ترجيح سندن مالي مفاد هوندا آهن ۽ ان لاءِ اهي رياستي پاليسين کي سامهون رکي پنهنجون پاليسيون ٺاهيندا آهن. مزي جي ڳالهه ته انهن جي اڪثريت جي ايم سيد خلاف سدائين منفي رويو اختيار ڪندي آهي ۽ سندس گلا ۽ گهٽتائي ڪرڻ خاطر ڪوڙيون ڪهاڻيون گهڙڻ کان به نه ڪيٻائيندي آهي. نيشنلزم جي تاريخي پس منظر ۽ سيد جي تعليم جي روشنيءَ ۾ قومي تحريڪ لاءِ لازمي آهي ته اها سيڪيولر هجي، اها جاگيردار مخالف هجي ۽ اها سامراج دشمن هجي. جتي تاريخ ٻڌائي ٿي ته يورپ ۾ نيشنلزم جي جنگ چرچ سان رهي اتي جي.ايم.سيد ڏيکاريو ته سنڌ ۾ قومپرستيءَ جو مقابلو پئن-اسلام ازم سان رهيو آهي. پر ماضي قريب ۾ قومپرستيءَ جو نعرو هڻندڙ ۽ سيد جي نالي ۾ سياست ڪندڙ ڪيترن همراهن نيشنلزم ۽ پئن-اسلام ازم جي فرق کي ئي مٽائي ڇڏيو. انهن اڄوڪن پئن-اسلام ازم جي سنڌ ۾ سرپرستن کي ”عظيم قومپرست“ قرار ڏيئي ڇڏيو. اهو ته ايئن ٿيو ته ڪير چوي ته نريندر مودي اسلام جو سچو سپاهي آهي يا بنجمن نيتن ياهو فلسطين جو وڏو خيرخواهه آهي. جن مذهبي انتها پسندن کي ”سيد جا سپاهي“ عظيم قومپرست ٿا چون انهن ته ڪڏهن پاڻ کي سنڌي قوم جو حصو نه چيو. اهي ته سنڌين کي قوم ئي ناهن مڃيندا. اهي ته اهي انتها پسند آهن جن جي خطري کان دنيا کي خبردار ڪرڻ لاءِ جي.ايم.سيد ۵۵ سال پهرين يورپ جو سفر ڪيو هئو. ساڳيو حشر نيشنلزم جي ٻئي جز جاگيردار مخالف جو ڪيو ويو. تاريخي طور جاگيردار وقت جي اسٽيبلشمينٽ ۽ بالادست قوتن جو ساٿاري رهيو آهي. سنڌ جي جاگيردار، پير مير کي ڏسجي ته اهو مغلن جو به ساٿاري رهيو ته انگريزن جو به ايجنٽ رهيو ۽ پاڪستان ۾ فوجي حڪومت هجي ته ان سان گڏ، جيڪڏهن پيپلز پارٽي اقتدار ۾ هجي ته ان سان، جي مسلم ليگ هجي ته ان سان گڏ. ڪن ته اهڙا به مثال قائم ڪيا جو هڪ ئي وقت حڪومت ۾ به ته مخالف ڌر ۾ به يا هڪڙو ڀاءُ هڪڙي پارٽيءَ سان ته ٻيو ٻيءَ سان پوءِ جيڪا اقتدار ۾ آئي. ماضيءَ جي شاندار ون يونٽ مخالف تحريڪ جي خوبي اها هئي ته اسٽيبلشمينٽ جي وفادار وڏيرن، پيرن، ميرن ۽ محب وطن ماڻهن جي وچ ۾ ليڪ چٽي نڪتل هئي. ان ڪري تعداد ۾ گهٽ هجڻ جي باوجود ان تحريڪ ۾ ايتري طاقت هئي جو اقتدار پرستن کي ليڪ جي ٻئي پاسي ڏسڻ جي به همٿ نه ٿيندي هئي جڏهن ته وطن دوست سياسي ڪارڪن، اديب، شاگرد يا هاري وڏيرن وٽ وڃڻ جو سوچيندا به نه هئا. جيڪڏهن اتفاق سان ڪنهن اها ليڪ پار ڪئي ته اهو ڪُڙم جو ڪوڙهيو ليکيو ويندو هئو. وري جڏهن قومي تحريڪ جو نئون مرحلو شروع ڪندي سائين جي.ايم.سيد سنڌ جي قومي آزاديءَ خاطر جدوجهد ڪرڻ لاءِ جيئي سنڌ محاذ قائم ڪيو ته ان ۾ سڀ هيٺئين طبقي جا ڪارڪن شامل هئا. اهي بسن ۾، بسن جي ڇتين تي ۽ ڏاند گاڏين تي چڙهي يا پيدل سفر ڪري قومي ۽ سياسي ڪم ڪندا هئا. انهن جي ڪم جو ميدان ڳوٺ، واهڻ وستيون، ان جا ديرا، ڪارخانا ۽ مزدورن جون ڪالونيون هوندو هئو. اهي ڇنن ۾، جهوپڙين ۾ تڏن تي يا مسجد جي فرش تي ويهي، باغن ۾ وڻ جي ڇانوَ هيٺان يا پارڪن جي ڇٻر تي ويهي ماڻهن تائين پنهنجو پيغام پهچائيندا هئا. ۽ سندن مخاطب به سڀئي مسڪين ماڻهو، هاري، مزدور، ننڍا دڪاندار، استاد، ڪلارڪ، پوليس وارا، ڊرائيور، ملاح وغيره هوندا هئا. اهڙو ڪم جو طريقو ۽ سلسلو ۱۹۸۰ جي ڏهاڪي تائين جاري رهيو. ۱۹۹۰ جو ڏهاڪو ايندي قومي جدوجهد جي ميدان ۾ نوان ”شهسوار“ داخل ٿيا هئا، اهي به غريب جا ٻار پر اڳ وارا ڪارڪن پنهنجي غريب ۽ غريبن جي ساٿي هجڻ تي فخر ڪندا هئا جڏهن ته نوان آيل غربت کي شرمندگيءَ جو باعث سمجهڻ لڳا تنهن ڪري پهريون ڪم انهن پنهنجي لاءِ دولت گڏ ڪرڻ جو ڪيو. ان لاءِ انهن هر ”جائز ناجائز“ طريقي کي جائز ۽ لازمي قرار ڏنو. ان ڪم ۾ انهن کي جيئي سنڌ محاذ، ان جون پاليسيون ۽ ان جا ڪارڪن رڪاوٽ نظر آيا، تنهن ڪري انهن پنهنجون الڳ الڳ پارٽيون ٺاهڻ شروع ڪيون. پئسي گڏ ڪرڻ ۽ ان جي حفاظت ۽ واڌاري لاءِ انهن کي ڪرپٽ ڪامورن ۽ وڏيرن، جاگيردارن جي ساٿ جي ضرورت پئي. اهڙيءَ طرح انهن جو پنهنجو ۽ انهن جي سياست جو ڪيريڪٽر تبديل ٿيڻ لڳو. هڪ طرف اهي اسٽيبلشمينٽ جي ساٿاري وڏيرن، پيرن ميرن کي ويجها ٿيڻ لڳا ته ٻئي طرف پاڻ جاگيرداراڻا رنگ ڍنگ اختيار ڪرڻ لڳا. جاگيرداراڻي روايت مطابق پاڻ کان طاقتور جي آڏو اهي پاڻ جهڪندا هئا ته ڪمزور وري انهن جي آڏو جهڪندا هئا. هڪ طرف اهي جاگيردارن جي جرڳن ۾ ويهڻ تي فخر ڪرڻ لڳا ته ٻئي پاسي پاڻ جرڳا ڪرڻ لڳا. انهيءَ چوڻ جي ته ڪا ضرورت ئي ڪانهي ته جرڳن ۾ فيصلا سدائين طاقتور جي فائدي ۾ ۽ غريب جي خلاف ٿيندا آهن. ائين ئي عوام دشمن ۽ انصاف دشمن ”ميڙ منٿ ڪافلن“ جي روايت کي جيئاري انهن ايڪويهين صديءَ ۾ داخل ٿيندڙ دنيا ۾ سنڌ کي قبيلائي دور ۾ وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي. محاذ جي ڪارڪنن جي ڪم جو مقصد عام ماڻهن کي باشعور بڻائي قومي جدوجهد ۾ حصيدار بنائڻ هوندو هئو جڏهن هي نوان همراهه وڏيرن ۽ پيرن وانگر پنهنجا ”ماڻهو“ ۽ ”عقيدتمند“ ٺاهڻ ۽ پيدا ڪرڻ لڳا. جلسن جلوسن ۾ به ماڻهن کي وڏيرڪي ونگار وانگر شامل ڪيو ويو. عوام کي مالڪيءَ جو شعور ۽ پنهنجي طاقت جو احساس ڏياري انهن کي منظم ڪرڻ جي ڪوشش بجاءِ انهن جي تعداد کي سوديبازيءَ لاءِ استعمال ڪيو ويو ۽ اهو تعداد وڌائڻ ۾ وڏيرا جاگيردار انهن جا مددگار هوندا هئا. جاگيردار، پير، مير ۽ ڪرپٽ ڪامورا انهن جي مدد ان لاءِ ڪندا هئا ته جيئن عوام کي باشعور بڻائي هن استحصالي ۽ بدبودار نظام کي تبديل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪندڙ ڪارڪنن لاءِ ڪم ڪرڻ مشڪل ٿي پوي. عوام ته عوام خود پنهنجي ڪارڪنن کي شعور کان وانجهيل رکڻ لاءِ انهن ڪتابن کي بزدليءَ جي علامت قرار ڏيندي انهن کي ساڙيو جڏهن ته سيد پنهنجي سڄي جدوجهد قلم ۽ ڪتاب ذريعي ڪئي. هاڻي جڏهن هر ڪم، هر عمل جديد قومي تحريڪ جي تقاضائن جي خلاف ۽ جي ايم سيد جي تعليم جي منافي هجي ته پوءِ قومي تحريڪ جو حشر اهڙو ئي ٿيندو. اڳي ملا سنڌي سماج ۾ ڪنڊ پاسا ڳوليندو هئو ۽ سماج جي همدرديءَ جو طالبو هوندو هئو. اڄ اهو اسان کي ڊڪٽيٽ ٿو ڪري. جاگيردار ۽ پيرمير اڳي قومي ڪارڪنن جي دٻاءَ ۾ دفاعي پوزيشن اختيار ڪندو هئو اڄ اهو قومي ڪارڪنن تي ٺٺوليون ٿو ڪري. اڳي جيڪي سنڌ دشمن ڪم هو لڪي ڪندو هئو اڄ اهي وڏي واڪَ ڪري رهيو آهي. ”قومپرست“ ليڊرن جي اهڙي ڪردار جي نتيجي ۾ ڪجهه وقت اڳ ۾ قومي تحريڪ جي ڪردار بابت سوال اٿاريا ويندا هئا، هاڻي قومي تحريڪ جي وجود تي سوال ڪيا ٿا وڃن. پر ڪنهن کي به اهو نه وسارڻ گهرجي ته قومن جي نجات واري جدوجهد ڪا سڌي ليڪ وانگر ڪانه هلندي آهي. ان ۾ لاها چاڙها ايندا آهن. اهو هڪڙو مرحلو هئو جيڪو پنهنجي مثبت ۽ منفي پاسن سان گڏ پورو ٿيو. هاڻي نئين مرحلي جي ضرورت آهي. حقيقت اها آهي ته معروضي حالتن جي حساب سان اهو نئون مرحلو شروع ٿي چڪو آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ان کي صحيح رخ ڏيڻ ۽ گهربل رستي تي هلائڻ لاءِ شعوري ڪوششون ڪيو وڃن. ھڪڙو ھو سائين جي ايم سيد عبدالحي پليجو سن شهر جو نقشو جيڪو اڄ آهي، سو ۱۹۵۸ع ۾ بلڪل نه هو. سن بلڪل هڪ ننڍو ڳوٺڙو هو، جنهن ۾ چند دُڪان، ٻه ٽي سرڪاري جڳهيون، چند پڪا گهر، ٻيو سڄو شهر ڪچن گهرن تي قائم هو. ذوالفقار علي ڀُٽو جي ڪري ڳڙهي خدابخش جي اهميت آهي، ايئن ئي سن جي اهميت سائين جي ايم سيد جي ڪري آهي. سنڌ جا صرف اهي ٻه اهڙا ڳوٺ آهن، جتي سنڌ جا هزارين ماڻهو سڄيءَ سنڌ جي مان ڪهي اچي جي ايم سيد ۽ شهيد ڀٽي جي ورسي تي گڏ ٿيندا آهن. انهن ڏينهن ۾ آئون بابا سان گڏجي سائين جي ايم سيد سان ملڻ ويو هئس. رات جو اتي ترسياسين، بابا ۽ سائينءَ رات دير تائين ڪچهري ڪئي. بابا ۽ سائين جو واسطو بابا جي ننڍپڻ کان وفات تائين سڄي زندگي قائم رهيو ۽ اهو واسطو سائينءَ جو سندس وفات تائين مونسان به رهيو. بابا جي وفات کانپوءِ به سائين جڏهن به ٺٽي ضلعي ۾ ايندو هو ته ٻني ۾ مون وٽ اچي ترسندو هو، پوءِ اڳيان ٽنڊو محمد خان، ماتلي، بدين يا حيدرآباد ويندو هو. بابا جي وفات کانپوءِ سائين سان ملڻ وقت مون کي پنهنجي ڪنهن بزرگ سان ملڻ جو احساس ٿيندو هو. بابا، سائينءَ جا ڪيترا ئي ڪتاب ڇپايا، جن ۾ ”جيئن ڏٺو آهه مون“ به شامل هو. ان ڪتاب ڪري سائين سان گڏ بابا تي به ڪفر جي فتويٰ نڪتي ۽ ڪيترو وقت مقامي ۽ جنهاڻ جا مذهبي ماڻهو ان ڪتاب کي بنياد بڻائي اسان سان ڇڪتاڻ ۾ رهندا آيا. جڏهن ۱۹۶۹ع ۾ ملڪ سڪندر ۽ سائين جي ايم سيد جي اليڪشن ٿي ته بابا، سائين جي ايم سيد جو چيف اليڪشن ايجنٽ هو، ۽ پاڻ ٻني مان پنجاهه کن ماڻهو سائين جي اليڪشن ورڪ لاءِ وٺي ويو هو. جنرل ايوب جي مارشل لا ۾ سائين تي سخت پهرو هوندو هو، گهر ڀاتين کانسواءِ ساڻس ڪنهن کي به ملڻ نه ڏيندا هئا، پر بابا ان دور ۾ به ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان سائين سان ملي وٺندو هو. مون کي ياد آهي ته هڪ دفعي اسان سن وياسين ته سائين جي جڳهه تي مزورن ڪم پئي ڪيو ۽ بابا هڪڙي مزور جا ڪپڙا پائي مٿي تي تغاري رکي اندر وڃي سائين سان ملي آيو، ڪنهن به ڊيوٽي عملدار کي خبر ئي ڪا نه پئي. اها هئي سيد سان اسان جي محبت جي انتها. جهرڪن ۽ ميرپور بٺوري ۾ ته بزمِ صوفياءِ سنڌ جون ٻئي ڪانفرنسون بابا جي ڪوششن سان ٿيون. جڏهن مسلم ڪاليج ۾ سائين مٿان بم اڇلايو ويو ته ان وقت به بابا سائين ۽ منهنجا ٻه ڀائر مرحوم مير نصير ۽ شمشير سائين سان گڏ هئا. اڄ به تقريبن سئو کن خط سائينءَ جا بابا ڏانهن لکيل اسان وٽ محفوظ آهن، پر زياده تر خط ذاتي نوعيت جا آهن، نه ته اهي خط آئون ضرور ڇپايان ها. سائين سنڌ جو اهو پهريون سياستدان هو، جنهن سنڌ جي حقن نه، پر آجپي جي ڳالهه ڪئي. مون ڏٺو آهي ته سنڌ جا اڪثر سيد گهڻو ڪري پنهنجن پٽن ۽ پوٽن کي به سڏ ڪرڻ مهل ”سائين“ ڪري سڏيندا آهن، جيئن ٻيا ماڻهو به کين سائين ڪري مخاطب ٿين. اهو هڪ طرح سان ٻين کي ٻڌائيندا آهن ته اسان کي سائين سائين ڪري سڏيو- پر سائين جي ايم سيد ڪڏهن به پنهنجن پٽن کي سائين ڪري ڪو نه سڏيو. کين هميشه ڏاڍي قرب ۽ پيار سان امير ۽ امداد ڪري سڏيندو هو. سائين جي ايم سيد جهڙا ماڻهو صدين کانپوءِ پيدا ٿيند آهن. سائين جڏهن بابا جي وفات تي ٻني آيو ته مونکان پڇيائين ته: گهڻو اولاد اٿئي؟ مون چيس ته، هڪ پٽ آهي. سائين چيو ته: نالو ڇا اٿس؟ مون کيس ٻڌايو ته، رُخسار حسنين نالو اٿس. سائين پاڻ ان وقت منهنجي پُٽ کي گهرائي اسان جي خانداني مرشد سائين گُلي شاهه کي سڏي (اهو به اسان وٽ آيل هو) کيس چيائين ته ٻانگ ڏئي هن جو نالو نور محمد رک ۽ ائين منهنجي پٽ جو نالو رُخسار حسنين مان نور محمد ٿي ويو. شيڪسپئر جو قول آهي ته، ”ڪي ماڻهو پيدائش کان عظيم هوندا آهن، ڪي پنهنجي محنت سان عظيم ٿيندا آهن ته ڪن تي عظمت رکي ويندي آهي.“ سو واقعي سائين جي ايم سيد جهڙا ماڻهو صدين پڄاڻان پيدا ٿيندا آهن. خدا تعاليٰ جي ايم سيد جي شخصيت ۾ ايڏو پيار ۽ پنهنجائپ پيدا ڪئي، جو سندس هر ماڻهو سمجهندو هو ته سائين جي ايم سيد کيس ئي وڌيڪ ڀائين ٿو. مهمان نوازي ته ڪو سائين جي ايم سيد کان سکي. سندس ذاتي دوستن ۾ هر عمر ۽ طبقي وارا ماڻهو هوندا هئا، پر سڀني سان هڪجهڙو هوندو هو. مونسان به اهڙو ته بابا سائين سان به اهڙو. ان جو هڪ مثال خان عبدالغفار خان ۽ مومن ليرائي هوندا هئا، کيس ٻئي هڪجهڙا عزيز هئا. ٻنهي جي غم ۽ خوشين ۾ شريڪ ٿيندا هئا. سائين جي ايم سيد هر ڪم ننڍپڻ ۾ ڪيو، مثلن ننڍپڻ يعني فقط ڇهن سالن جي عمر ۾ شادي ۽ پندرهن سالن جي عمر ۾ سياست جي شروعات ڪئي. سورهن سالن جي عمر ۾ لاڙڪاڻي ۾ مولانا آزاد، مولانا شوڪت علي ۽ ٻين ڪيترن عالمن ۽ مدبرن سان ملاقاتون ڪيون ۽ سترهن سالن جي عمر ۾ سن ۾ اعليٰ پئماني جي خلافت ڪانفرنس ڪوٺايائين، جنهن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي، فتح محمد سيوهاڻي ۽ نور محمد شيخ شريڪ ٿيا. ارڙهن سالن جي عمر ۾ گانڌي سان ملاقات ڪئي ۽ صرف ايڪيهن سالن جي ننڍڙي عمر ۾ ڪراچي ضلعي (ان وقت ڪراچي ضلعي ۾ ڪراچي، ٺٽو ۽ دادو ضلعو شامل هوندا هئا) ڪائونسل جو ميمبر ۽ ضلعي ڪائونسل جو نائب صدر ٿيو. هڪ دفعي مٿس حيدرآباد ۾ خوني حملو ٿيو، جنهن ۾ لڪل خنجر سان هڪ ماڻهو کي سندن ڏانهن وڌندي پڪڙيو ويو هو. اها حيدرآباد واري واقعي کان به اڳ جي ڳالهه آهي، ٻيو کيس مارائڻ جي منصوبي جو احوال پاڻ هڪ خط ۾ بابا سان ڪيو آهي. بزم صوفياءِ سنڌ ڪانفرنس، پنهنجون سالگرهه جون تقريبون منعقد ڪرڻ توڙي ڀٽ شاهه تي ادبي ڪانفرنسون ڪرائڻ وارين سڀني سرگرمين جو مقصد سنڌ ۾ سياسي، ادبي، علمي شعور پيدا ڪرڻ هو، جنهن ۾ هو نئين ٽهيءَ کي بيدار ڪرڻ ۾ بلڪل ڪامياب ويو ۽ اڄ به سنڌ جي نئين ٽهيءَ جو وڏو تعداد انهيءَ راهه تي گامزن آهي. سائين جي ايم سيد جن ماڻهو کان زندگيءَ ۾ گهڻو متاثر ٿيو، انهن مان علامه آءِ آءِ قاضي سڀني کان اڳڀرو نظر اچي ٿو. مثال طور پنهنجي ڪتاب ”ساهڙ جا سينگار“ جي صفحي ۲۰ تي لکي ٿو ته ”سندن (علامه آءِ آءِ قاضي) سان ملاقاتن مان جيڪا معلومات ميسر ٿي، سا مشڪل سان سوين ڪتاب پڙهڻ مان حاصل ٿي سگهي ها. مون ۾ جيڪو به تخيل، محبت ۽ انساني همدرديءَ جو ذرو موجود آهي، ان ۾ قاضي صاحب جي ملاقاتن ۽ صحبت جو وڏو عمل دخل آهي.“ جي ايم سيد علامه صاحب کان ايترو ته متاثر هو، جو پنهنجا ٻئي پٽ امير حيدر ۽ امداد محمد تربيت لاءِ ننڍي هوندي کان سندس حوالي ڪيا. ان ڳالهه جي تصديق غلام رباني پنهنجي ڪتاب ”جهڙا گل گلاب جا“ جي صفحي ۱۱۹ تي به ڪئي آهي. سائين جي ايم سيد جي پنهنجي وڏي پٽ امير حيدر شاهه ۽ ننڍي نياڻي دُرشهوار کي پڙهڻ لاءِ انگلينڊ موڪليو. سائين جي ايم سيد سڄي زندگي سنڌ ۽ سنڌين جي ڳالهه ڪئي. پاڻ ڪيئي دفعا اسيمبلي ميمبر ۽ هڪ دفعو وزير ٿيو، سندس ٻئي پٽ اسيمبلي ميمبر ٿيا ۽ سندس پوٽو جلال محمود شاهه سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر ٿيو. مون وٽ سائين جي ايم سيد، سندس ٻن پٽن ۽ ٻن پوٽن جلال محمود شاهه ۽ بدر شاهه جا مون ڏانهن لکيل خط اڄ به محفوظ آهن، يعني ٽن نسلن جا قرب ۽ پيار جا پيغام ۽ سينها. جڏهن سائين جي ايم سيد وفات ڪئي، تڏهن به پاڻ هو ته اسپتال ۾، پر هو حڪومتِ وقت جو قيدي- سڄي ملڪي تاريخ ۾ مان سمجهان ٿو ته سائين جي ايم سيد، نواب نوروز خان ۽ شهيد ڀٽو ٽئي اهڙا ليڊر هئا، جن جيل يا نظربنديءَ هيٺ وفات ڪئي. سنڌ جا ٻه اڳواڻ ته تاريخ ۾ قربانيءَ جو هڪ اهڙو مثال بڻجي ويا آهن، جو هر سال هزارن جي انگ ۾ ماڻهو اچي سندن قبرن تي سلامي ٿين ٿا. جي ايم سيد هڪ عظيم درسگاه منظور ڪوهيار سال ۱۹۷۹ع جو هيو. پوريءَ طرح ياد ناهي ته مهينو جُـون جو هيو يا جولاءِ جو. بشير شاهاڻي جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن جي صدر جي حيثيت سان، اڃان ڀڳل پسٽل رکڻ جي الزام ۾ جيل ياترا نه ڪئي هئي. مان ۽ بشير شاهاڻي ذاتي دوست ۽ ڳوٺائي هياسين. اِن ڪري لاڙڪاڻي کان سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو اچڻ وڃڻ گڏ ٿيندو هو. بشير شاهاڻي ايندي ويندي عمومن ”سن جي سائين“ جي ديدار درشن لاءِ لهي پوندو هيو. ۽ مون کي به صلاح هڻندو هيو. پر مان نٽائي ويندو هيس. هن هڪ دفعي لاڙڪاڻي کان يونيورسٽي ايندي زوري سن لاهي وڌو ۽ چيائين : ”هر ڀيري حرامپائي ڪري نٽائين ٿو. اڄ نه ڇڏيندو سانءِ!“ اسٽاپ تي لٿاسين ته ڪو بگيءَ وارو به نظر ڪو نه آيو. ڏنڊا ڏوٽا هياسين، سو ڪنهن بگيءَ جي انتظار ڪرڻ بجاءِ گوڏي گاڏي ڪئي سين. ائين پئي لڳو ته سنڌ وارو سن ۽ انگريزيءَ وارو SUN پاڻ ۾ ٻکجي ويا آهن. هلندي هلندي ٻنهي جو وات ال ڪانؤ وانگر پٽجي ويو هو. تيز روشنيءَ جي ڪري اکيون چنجهيون ٿي ويون هيون. سن ڳوٺ جي گهٽين مان مڙندي، هڪ جڳهه جي دروازي ۾ داخل ٿي ٿلهي تي چڙهياسين. پوءِ دالان ۾ اچي جوتا لاٿاسين. بشير شاهاڻي ٻليءَ پير هلندي سامهون واري ڪوٺيءَ جو دروازو احتياط سان کوليو ۽ اندر داخل ٿيو. دروازي به ڄڻ آرام ۾ خلل محسوس ڪندي احتجاجن چيڪٽ ڪيو. اندر دريءَ جي سامهون هڪ جُنگ پوڙهو مڙس ڏير جي وڇايل تڏي تي رلهي مٿان گهري ننڊ ۾ ستل هيو، مٿن کان ۱۵ سالن جو هڪ ڇوڪرو وڃڻو هڻي رهيو هيس ۽ پيرن کان اڌ وهي همراهه زور ڏئي رهيو هيس. بشير شاهاڻي سڙٻاٽين ۾ ٻڌائيندي چيو: ”اهو ئي هيٺ ستل سائين جي ايم سيد اٿئي!“ مون هڪ نظر سائين تي وڌي، جيڪو محو خواب هيو. ضرور اِهو خواب سنڌ جي آجپي جو ئي هوندو، اسان ٻنهي ڄڻن پنهنجا ٿيلها ڪمري جي هڪ ڪنڊ ۾ رکيا.پوءِ سامهون رکيل ڪرسين تي ڦانءِ ٿي ڪري پياسين. جو گهڻي پگهر وهڻ ڪري جسم ساڻو ٿي چڪو هيو. منهنجين اکين ڪمري جو جائزو وٺڻ شروع ڪيو. جيتري قدر ياد آهي ته ڪمري جي ڏاکڻين پاسي ڀت تي اوني ٽوپ ۽ سويئٽر سان، سائين جي ايم سيد جي قد آدم ٺاهوڪي تصوير لڳل هئي. اُن جي ڀر ۾ پر ٿورو مٿيرڪو ڪنهن مصور جي منظرڪشي واري تصوير ٺهيل هئي، جنهن ۾ نه کٽندڙ ساون کيتن جو سلسلو، کيتن ۾ بيٺل متارا ڍڳا، وٽر سٽر هاري ۽ چيلهه چهبڪ ناريون ڏيکاريل هيون. ائين پئي لڳو ڄڻ مصور سائين جي ايم سيد جي اکين ۾ پيهي سنڌ جي روشن مستقبل جي تصوير ڪشي ڪئي هجي . اولهائين ڀت تي ڳاڙهي سنڌي ٽوپ ۽ ريشمي اجرڪ سان سائين جو پورٽريٽ ٺهيل هو. جنهن ۾ جي ايم سيد جي لازوال مرڪ شامل هئي. جنهن ۾ مون کي موناليزا جي مرڪ کان وڌيڪ گهرائي ۽ گيرائي نظر آئي. (بهرحال هرهڪ جي پنهنجي اک آهي.) اولهه ــ اتر واري ڀتين جي ڪنڊ ۾ ڪارنر ٽيبل مٿان پلاسٽر آف پيرس جو سندس ئي سفيد رنگ جو بت رکيل هو. ڪمري ۾ ٻه اولهه ۽ ٻه اوڀر کان کٽون پيل هيون. ڪمري جي اتر ۽ ڏکڻ پاسن کان چار چار ڪرسيون رکيل هيون، جن تي سفيد چادرن جا گاديلا پيا هيا. بشير شاهاڻي جَهلي ڇڪڻ شروع ڪئي، جهليءَ جي جُهلڪن ڪجهه پگهر سڪايو ته اُٿي مَٽ مان پاڻيءَ جا ٻه ٽي گلاس ڀري ڏوگهياسين. هڪ ننڍي ٽيبل تي ٽري Tray رکيل هيو. جنهن ۾ قسمين قسمين ميوا پيل هيا. خاص ڪري مشهدي صوف، چتري ڪيلا ۽ لاڙڪاڻي جا ڳاڙهه سرا چيها ۽ ٻاوا زيتون (زيتونن جا قسم) وغيره. دل ڪڍيو ته جيڪر هڪ اڌ شيءِ کڻي کائجي. پر سڄو ڪم زيتونن خراب ڪري وڌو جو منجهن سياري جي مند ۾ پڪل زيتونن واري لالاڻ هئي جڏهن ته لاڙڪاڻي جي گرمين واري زيتونن ۾ ڳاڙهاڻ ناهي هوندي. بشيرشاهاڻي منهنجي گهور کي سمجهي ويو ۽ ڏاڍي مهمانوازي واري انداز ۾ چيائين: ”ڀلي کاءُ، سائين جي ايم سيد مهمانن لاءِ گهرائي رکيا آهن. چتري ڪيلا ته زبردست ٿي.“ مون وراڻيو، ”ڪيلا کائيندا اُهي، جن سڄي عمر ڪيلن تي گذارو ڪيو هجي.“ ”پوءِ ڀلا صوف ؟“ هن صوفن ڏانهن اشارو ڪندي چيو. ”سنڌ يونيورسٽي جي صوفن، سان، مشهدي صوفن جي ڪهڙي ڀيٽ ... جن اُهي صوف چکيا هوندا ته اُنهن کي هي صوف ڪٿان وڻندا؟“ ”وڏو لاهه آن ... سمجهين وئين!“ بشير مشڪندي وراڻيو. پوءِ بشير شاهاڻي ويهي ڪيترن دوستن جا قصا ٻڌايا، جن ڀل ۾ اچي اِنهن مٽي مان ٺهيل ميون کي چڪ هنيا هيا. خاص ڪري مرتضيٰ مهيسر جو قصو ٻڌائي ڏاڍو کلايائين. سائين جي ايم سيد ايڏي گهري ننڊ ۾ هيو جو ڄڻ کيس ڪنهن به شيءِ جي پرواهه نه هئي، نه گرمي جي، نه جهولي جي، جيڪو در جي وٿين مان زوڪاٽ ڪندي پئي آيو، نه وري اسان جي سڙٻاٽن ۽ کک کک جي. سائين جي ايم سيد اندازن ڏيڍ ڪلاڪ کانپوءِ اکيون پٽي رڙ ڪئي: ”ڇوڪرا پاڻي!؟“ ڇوڪرو اُٿيو ۽ مٽ مان پاڻي ڀري آيو. سائين اُٿي پاڻي پيتو ۽ پوءِ اسان ڏانهن ڏٺائين. اسان اٿي سائين سان ملياسين. سائين آهستگيءَ سان خوش وخير عافيت ڪئي. اُن کان پوءِ اسان ٻنهي کي گهوريندو ۽ مشڪندو رهيو ۽ آخر ۾ بشير شاهاڻي سان مخاطب ٿيندي چيائين: ”آءٌ سمجهان ٿو ته هاڻ منهنجو حافظو ختم ٿيندو ٿو وڃي. ڇوڪرا! مون توکي چاليهه دفعا ڏٺو آهي. پر ڪوشش جي باوجود به نالو ياد ڪري نه سگهيس.“ ”سائين، مان بشير شاهاڻي،“ بشير باادب ٿي چيو. ”ها،ها، هاڻ ياد اچي ويو... ۽ هن جو؟“ مون ڏانهن اشارو ڪندي چيائين ”منظور حسين...! سائين منهنجو ذاتي دوست ۽ ڳوٺائي آهي.“ ”اڇا، لاڙڪاڻي جو آهي... هاڻي اوهان ڇا پڙهندا آهيو ؟“ ”مان جاگرافيءَ جو فائنل سيمسٽر ڏنو آهي ۽ هن سوشيالاجي جو.“ بشير جواب ڏنو پوءِ ٻنهي کان جاگرافي ۽ سوشيالاجي جا سبجيڪٽ پڇيائين. اسان واري وٽي ٻڌاياسين ۽ پوءِ بشير ڏانهن منهن ڪري چيائين: ”ها تون جاگرافي پڙهندو آهين نه ... ٻڌ، مون هڪ ڪتاب لکيو آهي. جنهن ۾ سنڌ جي جاگرافي تي بحث ٿيل آهي. جنهن ۾ انگن اکرن سان آبادي، مٺي پاڻي، جابلو علائقن، ڍنڍن ڍورن جي باري ۾ ڄاڻ ڏني آهي. هر سال ڪيتري مٽي سمونڊ ۾ پئي ٿي ۽ ڊيلٽا ٺهي ٿي.اُن جا انگ اکر شامل آهن...توکي ڊيلٽا جي خبر آهي؟“ ”نه سائين،“ بشير لڄي ٿي وراڻيو. ”ڊيلٽا چئبو آهي، اُن زمين کي، جنهن جو ڪجهه حصو پاڻي ۾ هجي ۽ ڪجهه ٻاهر... ڀلا هڪ ايڪڙ ۾ چورس فوٽ گهڻا؟“ ”۶۶۶۶ فوٽ “ بشير شاهاڻي ڌڪو هنيو، اِهو سوچي ته ڦٻي ويندو. اِهو جواب ٻڌي، سائين ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو: ”خدا جو غضب پويـوَ... سمجهائي سمجهائي بيٺو آهيانؤ ته پڙهو... پڙهو پر پڙهو ئي نٿا.“ مون هڪدم وراڻيو: ”سائين ۴۳۵۶۰“ ”شاباس، توکان عهدو کسي هن کي ٿا ڏيون.“ سائين بشير تي ڪاوڙجندي چيو. ”پر سائين هي ته ميمبر ئي ناهي.“ ”باقي ڪنهن کي ٿا ميمبر ڪيو. لوفرن ۽ اڻ پڙهيلن کي .... خدا جو غضب پويو!“ ”سائين هن کي ته چوان ٿو ته ميمبر ٿيءُ، پر ٿي ئي نه ٿو.“ بشير کي اڃا وڌيڪ ڇنڊ پٽڻ جو ارادو هيس ته هڪ نوجوان اندر آيو. سائين سان مليو، جنهن ڏانهن سائين جو ڌيان ٿي ويو. لڳي پيو ته خاص ڪارڪن ۽ گهڻ گهريو هو. سائين اُن کي پئي ٻڌايو ته ناز سنائيءَ جو خط آيوآهي، جنهن ۾ لکيو اٿائين: سائين دعا ڪجو...آءٌ توهان جي رستي تي قائم رهان ۽ اِنهيءَ امتحان ۾ پار پوان، جيڪو سر تي اچي پيو آهي. اوهان کي منهنجي جرئتمندي جي پوري ڄاڻ آهي. مهرباني ڪري هيٺين سوالن جا جواب ڏيندا ته مهرباني ٿيندي ۱. اوهان جناح ڪيپ ڇو پائيندا آهيو؟ ۲. رسول بخش پليجو چوي ٿو ته ماڻهوءَ جي شخصي ڪردار کي ڇڏي، سندس قومي ڪردار کي پرکڻ گهرجي. ۳. ٻڌئون ٿا ته اوهان ڀٽي جي موت تي رُنا هيئه؟ سائين جواب ڏيڻ لڳو: ’پهريان ته آءٌ اِن ڪيپ کي جناح ڪيپ مڃڻ لاءِ تيار ناهيان. ڇو ته اها ڪيپ اسان وٽ ايران ۽ افغانستان کان پهتي آهي. جيڪا بنيادي طور تي قراقلي ڪيپ يا ٽوپي سڏبي آهي. جيڪا فارس جي ڪاري رڍ جي ليلي جي کل مان ٺاهي ويندي آهي. ٻيو جنهن جو شخصي ڪردار نه هوندو، اُن جو قومي ڪردار نه هوندو. ان جو وڏو مثال حضرت محمد ﷺآهي. جنهن جو عربن وٽ پهريان شخصي ڪردار اڀريو ۽ پوءِ قومي ڪردار. يعني رسول عربي. ٽيون ڀٽو ڪهڙو به هيو، پر هيو ته سنڌي ڳالهائيندڙ نه ... شڪايتون به پنهنجن سان ڪبيون آهن ۽ روئبو به پنهنجن لاءِ آهي. مون هڪڙو ڪتاب لکيو آهي. جنهن ۾ هڪ خواب جو ذڪر آهي ته خدا وٽ سنڌ فريادي آهي. ۽ جوابدار ذوالفقار علي ڀٽو آهي. سنڌ جي طرف کان وڪيل آءٌ آهيان ۽ ڀٽائي ذوالفقار علي ڀٽي جو وڪيلِ صفائي بڻيو آهي.“ انهيءَ دؤران هڪڙو ٻيو همراه به اِن گفتگوءَ جي دؤران اچي چڪو هيو. جيڪو سائين جي گفتگو ڌيان سان ٻڌي رهيو هيو، تنهن ڪنڌ ڌوڻيندي چيو: ”هڪڙي طرف وڪيل شاه عبدالطيف ڀٽائي ۽ ٻيءَ طرف سيد غلام مرتضيٰ، وڏي ڳالهه آ، وڏي ڳالهه آ، سائين اِهو ڪتاب جلد از جلد اچڻ گهرجي.“ سائين جي ايم سيد ٻڌائڻ لڳو: ”ڪتاب ته پورو ٿي ويو آهي. پر منهنجو خيال آهي ته ان ڪتاب کي مختصر ڪري ٻارنهن سوالن ۾ ورهائجي پوءِ اُنهن سوالن جا جواب ڏجن. اِهي سوال ۽ جواب رڪارڊ ڪيا وڃن تنهن کان پوءِ ڪئسٽ جي ذريعي تشهير ڪئي وڃي ته جيئن سنڌ جا ماڻهو سجاڳ ٿين. ائين جيئن آيت الله خميني ايران ۾ ماڻهن سان رابطو رکيو هو.“ اِنهيءَ گفتگو دؤران شربت آيو، جيڪو سڀني واري وٽيءَ سان پيتو. مون هڪ ڳالهه نوٽ پئي ڪئي ته اُهو همراه وڏو غلم جو توبچي هيو هيڏانهن هوڏانهن جا اجايا سجايا گفتا پئي ڪيائين. مثلن اِهو پئي چيائين ته بيگم ڀٽو، اڄڪلهه جنرل ٽڪا خان جي ڪڍ لڳي آهي. جنهن تي سائين جي ايم سيد جو رد عمل ڏاڍو سخت ٿي پئي ويو. غصي ۾ پئي چيائين: ”خدا جو غضب پوين... اڃا اِنهن جي ڪڍ.“ مون کي اِهو احساس شدت سان پئي ٿيو، ته اهي غلم جا توبچي ۽ خوشامندي ماڻهو ڪيڏا نه خطرناڪ آهن، جيڪي هروڀرو ماڻهن جي وچ ۾ وٿيون ۽ گمان پيدا ڪندا آهن. اُن وقت حضرت سليمان جي چوڻي ياد آئي، ته ”چغل خور ۽ خوشامندي ماڻهن جون ڳالهيون لذيذ لقمن جهڙيون هونديون آهن ۽ اهي پيٽ جي تمام اندرين ڀاڱن ۾ لهيو وڃن ٿيون.“ ۳ وڳي ڌارا ماني آئي. ورانڊي ۾ گلم تي ٿي ويٺاسين. ڀاڄيءَ ۾ پلو، گوشت ۽ واڱڻن جو ٻوڙ هو. بصر، انب جي کٽاڻ، ڏوڏيون ۽ سنڌڙي انب به رڪابين ۽ ٿالهين ۾ سجايل هيا. ڪڻڪ جي ماني ۽ چانور به دسترخوان ۾ شامل هئا. جيڪا ڳالهه نوٽ ڪرڻ جي هئي، سا اِها هئي ته سائين کي وڃڻو هڻندڙ ڇوڪرو ۽ زور ڏيندڙ اڌ وهي همراه به اسان سان گڏ ماني پئي کاڌي. ڳالهين مان معلوم ٿيو ته اُهو اڌ وهي همراه سائين جو مريد ۽ هاري هيو، ۽ ڇوڪرو هاريءَ جو پٽ هيو. اِهو منظر زندگي ۾ مون پهريون دفعو ڏٺو هو ته مريد ۽ مرشد، هاري ۽ وڏيري گڏ ويٺي ماني پئي کاڌي. نتيجي ۾ سائين جي ايم سيد لاءِ اِهو تاثر جڙيو ته سائين روايتي پيرن مرشدن يا وڏيرن منجهان نه هيو، منجهنس نه ڇوت ڇات هئي ۽ نه وري ڪا احساس برتري ۽ گهمنڊ. کائڻ جي دؤران مون اِهو به ڏٺو ته سائين پلي کي هٿ نه پئي لاتو. البت گوشت ۽ انب واپريائين پئي. بشير ۽ مان نه ڇڏيو سين پلي کي، نه گوشت کي ۽ نه وري واڱڻن کي.انبن ۽ ڏوڏين سان به ڏاڍي ڪئي سين. ماني کائڻ کان پوءِ سائين چيو: ”بابا هاڻي ڪجهه آرام ڪيو.“ سائين، اُتي ورانڊي ۾ ڏير جي مخصوص تڏي تي، وهاڻي تي مٿو رکي آهلجي پيو. ۽ اسان ٻئي وري ٻئي ڪمري ۾ وڃي ستاسين. ڏاڍي ڪوشش جي باوجود به ننڊ نه آئي. نيٺ ۵ وڳي ڌارا ٻاهر نڪتاسين ته سائين جاڳي رهيو هيو. ڪو همراه کائنس اسلام جي باري ۾ پڇي رهيو هيو . سائين ٻڌائي رهيو هيو: ”ملان جي اسلام ۽ اسان جي اسلام ۾ فرق آهي. ملي وٽ رب رڳو مسلمانن جو ۽ ڏاڍو قهار آهي. اسان وٽ رب سڄي عالم جو ۽ راحمين آهي. ملو چوي ٿو ته هڪڙو جهان هت آهي ۽ ٻيو جهان قيامت کان پوءِ آهي. پر آءٌ چوان ٿو ته هڪڙو جهان هيءُ آهي، جيڪو هلي ٿو ۽ ٻيو جهان ايندڙ مستقبل آهي، بهشت ۽ دوزخ قومن کي هتي ئي ملندو. جيڪا قوم سست ۽ جاهل رهندي اُها عذاب ۾ هوندي. جيڪا چست ۽ ڄاڻ واري هوندي، اُها سڪون سان زندگي گذاريندي.“ ”سائين هندو ته الله کي نه ٿا مڃن، اُهي بتن جي يا غير الله جي پوڄا ڪن ٿا؟“ اُن همراه جو ٻيو سوال هيو. ”هندن جي پراڻن مذهبي ڪتابن ۾ به وحدت الوجود جو نظريو ڏنل آهي. اهڙي ڪا به ڳالهه ڪونهي ته وحدت الوجود جو نظريو رڳو مسلمانن وٽ آهي. هر مذهب وارا الله کي مڃن ٿا. اُن هستيءَ جا صرف نالا الڳ الڳ آهن. ڪو ايشور چوي، ڪو گاڊ چوي، ڪو خدا سڏيس ٿو. هرڪو سڌيءَ طرح يا اڻ سڌيءَ طرح مڃي ٿو. پر الله کي اُهو سمجهي، جيڪو پهريان زمين وارن کي ته سمجهي نه؟ ٻڌ کان ڪنهن پڇيو، ”خدا ڇا آهي؟“ ته اُن جواب ۾ چيو، ته هڪڙو ستارن جو علم رکندڙ شخص اُڀ کي ڏسندي ڏسندي کوهه ۾ وڃي ڪريو. ماڻهن جڏهن پڇيس ته کوهه ۾ ڪيئن ڪرين ته چيائين زمين ماپڻ کان اڳ هليو هيس اُڀ ڪڇڻ. اِها ڳالهه قاضي قادن به پنهنجي شعر ۾ چئي آهي. ڪنز قدوري قافيه، پڙهي پروڙين سڀ ته ڪر منڊي ماڪوڙي، کوه ۾ پئي ڪڇي اُڀ جيڪو ماڻهو دنيا جي سڀني مذهبن کي نه ٿو پڙهي، اُهو الله، خدا ،گاڊ ۽ ايشور کي نه ٿو سمجهي سگهي.“ سائين ائين چئي خاموش ٿي ويو. ته سڄو ماحول سانت ٿي ويو. ٿوري دير کان پوءِ سائين ڪرسيون ٻاهر اڱڻ تي ڪڍايون. ٻاهر ٿي ويٺاسي ته ڪجهه ماڻهو ٻيا به آيا. سڀني لاءِ چانهه آئي. سائين نون آيلن کان حال احوال وٺڻ شروع ڪيا. اُنهن مان هڪڙي همراه سائين سان نويڪلائي ۾ ڳالهائڻ لاءِ چيو. ٻيو ڪو اسان کي تخليه لاءِ چئي، ان کان اڳ بشير شاهاڻي مون کي اٿڻ جو اشارو ڪيو. اسان ٻاهر نڪري وياسي. سن جي گهٽين مان گهمي ڦري موٽياسي ته سائين، بشير کان پڇيو: ”بابا! جميعت طلبه جي ڪنهن شاگرد کان، سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي ڪن ڇوڪرن ڦــر ڪئي آهي ڇا؟“ ”خبر ڪونهي،“ بشير وراڻيو. ”اِها جلدي خبر وٺ ۽ پوءِ جلدي تدارڪ ڪري، اِنهن کي فيڊريشن مان ڪڍي ڇڏيو. خدا جو ڪو غضب ڪِـرين. مون کي علڻ خان ٿيٻي به لسٽ ڏني آهي. اُها لسٽ ڏسي، تحقيق ڪري اُنهن کي به ٻي ميٽنگ ۾ ڪڍي ڇڏيو.“ بشير شاهاڻي اُن همراه کان نالو پڇيو، جنهن دانهيو هيو ته ٻڌايائين: ”محمد خان پٺاڻ!“ ”چڱو مان هاڻي حويلي ڏانهن وڃان ٿو، وري رات جو ملنداسي.“ سائين سڀن کان موڪلائي هليو ويو. اسان ٻئي ڄڻا ٻاهر نڪتاسين ته جيئن ڪا هوا جهٽيون. ٻاهر به هوا گرم پئي لڳي. پر منهنجي من ۾ ٿڌڪار هئي، هڪ اهڙي عظيم هستي سان ملندي دل ٺري پئي هئي، جنهن جي لاءِ تمام گهڻو ڪجهه هُلايل هيو. ته سيد سنڌ جي شاگردن کي کاري خراب ڪيو آهي. پر حقيقت اها هئي ته هو اُنهن کي سڌارڻ لاءِ ڪوشان هيو ته سنڌ جو مستقبل سپورنج ۽ ساڃاهوند جوانن جي هٿن ۾ اچي. پر ڪجهه شاگردن سندس رقيق القلبي مان ناجائز فائدو ورتو هو يا وري سائين جي مسلسل نظر بندي جي ڪري مٿائن نظرداري نه پئي ٿي سگهي. رات جو جڏهن سيد سان ملاقات ٿي ته اُن وقت گلم تي ويٺي هٿ بتيءَ جي روشنيءَ ۾ تاريخ طبري پئي پڙهيائين. اسان کي ڏسي چيائين، ”ڪيڏانهن ويا هيئه؟“ بشير وراڻيو؛ ”چڪر تي!“ ”مان اوهان جو انتظار پئي ڪيو، جو منهنجي ماني کائڻ جو وقت ٿي ويو آهي. ڇوڪرا ماني آڻ.“ سائين اتي بيٺل هڪ ڇوڪري کي چيو. ٿوريءَ دير کان پوءِ ڇوڪرو کير، چانور ، دال ۽ انب کڻي آيو. ماني کائڻ وقت اُهي ٻئي همراه هڻ کڻ به موجود هيا. جن اجايا سجايا سماچار پئي سڻايا. سائين ڪن کي اڻ ٻڌو ۽ ڪن کي ٻڌو پئي ڪيو. جن کي ٻڌو پئي ڪيو، اُن تي ڪاوڙ وچان پئي چيائين: ”خدا جو ڪو غضب پوين“ ماني کائڻ کان پوءِ ، بشير شاهاڻي ۽ مون ڏانهن منهن ڪري چيائين: ” ٻِيو ڪو علمي حوالي سان سوال يا مونجهارو هجي ته پڇو؟“ مون کي ڄڻ وارو ملي ويو: ” سائين، ڇا شاه عبداللطيف ڀٽائي شري ڪرشن کان متاثر هيو؟“ ”ڪيئن نه متاثر هوندو. هيڏو سارو گيتا جو گيان شري ڪرشن ڏنو آهي. هندو ڌرم ۾ گيتا جي وڏي اهميت آهي.“ مون چيو، ”سائين شري ڪرشن ته ڇل ڪپٽ جو ماهر هيو، مها ڀارت ۾ جڏهن ڌريوڌن زخمي حالت ۾ هيو ته هن ڪرشن کي چيو، ته ’اڙي ڪنس داس جا پتر! ڇا تو ۾ ذرو به شرم ڪونهي. تنهنجي چوڻ تي مون ڀيم کي اڌرم ۽ انيتي سان ماريو. هن سنگرام کي ڌرم يد ڄاڻي گهڻا ئي راجا هن ۾ شريڪ ٿيا. پر اُهي اڌرم ۽ دغابازي سان ماريا ويا آهن .... ڇا توهان کان وڌيڪ مها پاپي، نٺر ۽ نرلڄو به ڪو ٿي سگهي ٿو؟‘ ڪرشن چيو، ’مترو! هن دشمن جي وڦلڻ تي ڪو ڌيان نه ڏيو. دروڻ ۽ ڪرڻ ڏاڍا پراڪرمي وير هئا. سڌي سنواٽي نموني جيتڻ ناممڪن هو. اُن لاءِ ڪا نه ڪا رمز رکي کين ماريو ويو. پنهنجي بچاءَ لاءِ ڌرم، نيتي جي رکيا لاءِ ڇل ڪپٽ ڪرڻ ۾ ڪو وهم ڪونهي.‘ ۽ ٻيو ته هن سنڌ جي راجا جئدرٿ کي به چوڏهين ڏينهن تي ڇل ڪپٽ سان ماريو هو.“ ”تون اهو ڪٿان پڙهيو؟“ سائين سوال ڪيو. مون وراڻيو: ”شري مها ڀارت، لوڪ رام پيسو مل ڏوڏيجا جو ڪتاب.“ ”اڇا، گهڻو ڪري ته اهو ۱۹۶۷ع جو ڇپيل آهي!؟“ سائين سوچيندي چيو . ”جي سائين!“ ”تو نالو ڇا ٻڌايو پنهنجو؟“ ”منظور حسين“، مون جواب ڏنو. سائين سمجهائيندي چيو،” منظور...! توهان هن زماني جي اخلاقيات کي اُن زماني جي اخلاقيات سان ڇو ٿا ڀيٽيو؟ جي اوهان ڀيٽيندءُ ته پوءِ دنيا جي مڙني شخصيتن جا اخلاقي قدر اڄوڪي اخلاقي قدرن سان نه ٺهڪندا. ان ڪري ڪنهن به شخصيت کي اُن زماني جي اخلاقي قدرن جي تحت ڏسو .... تو گيتا پڙهي آهي؟“ ”پڙهي آهي!“ ”ڪيئن لڳي؟“ ”روحانيت جا سڀ مارڳ بيان ٿيل اٿس، جن ۾ گيان، ڌيان، يوگ ڪرم ۽ ڀڳتي بابت زور ڏنل آهي.“ ”ان جو مطلب ته تو گيتا به پڙهي آهي. لطيف به سر رامڪلي ۾ جڏهن پورب جو ذڪر ڪري ٿو ته شري ڪرشن جي ڏنل گيتا واري فلاسافيءَ طرف اشارو ڪري ٿو. پوڄا ڪرم پاڻ کي، پل پوڄا کان پاڻ لاهوتي لطيف چئي، سڌ نه کڻن ساڻ تعلق ڇڏڻ تڪيا، ايءُ آديسين اهڃاڻ ڄاڻي ڇڏي ڄاڻ، پريا پورب پنڌ ڏي“ اِهو پورب پنڌ دوراڪا جي طرف هوندو هيو. يا ٻيو به شعر به اُنهن نانگن فقيرن جي حوالي سان آهي. جيڪي شري ڪرشن جي شهر دوراڪا کي پنهنجو مرڪز ۽ منزل سمجهندا هيا. ڪڇي ڪاڇوٽي، نانگن ٻڌي نيهن جي سُک نه ستا ڪڏهن، لاهي لانگوٽي جهڙا آئيا جڳ ۾، تهڙا ويا موٽي تنين جي چوٽي، پورب ٿيندي پڌري. ڇوڪرا، تو منهنجو ڪتاب ’پيغام لطيف‘ پڙهيو آهي؟“ ”جي سائين!“ مون وراڻيو. ”ڇا سمجهيو ٿي؟“ ”توهان لطيف کي هڪ نئين رخ يعني قومي شاعر جي حوالي سان پيش ڪيو آهي.“ ”پوءِ ان ۾ ڪامياب ويو آهيان يا نه؟“ ”بالڪل اوهان شاه جي بيتن جي حوالي سان ثابت ڪيو آهي ته شاهه قومي شاعر آهي.“ ”خدا جو شڪر آهي ... ٻيو ڪو سوال؟“ مون وري ٻيو سوال ڪيو، ”سائين شاه عبداللطيف جو آئيڊيل يا مرشد ڪير هيو؟“ سائين جي ايم سيد ٻڌايو: ”حضرت علي...! شاه صاحب اهل تشيح صوفي هيو. پر اِهو ذهن ۾ رکو ته اڄوڪن شيعن جهڙو نه هيو. صوفي لاڪوفي هيو. سر رامڪليءَ ۾ جنهن انداز ۾ تعريف ۽ توصيف ڪري ٿو. جن ۾ ويراڳي، نانگا، جوڳي، بيکاري، آديسي، ڪاپڙي، سامي وغيره اچي وڃن ٿا. پر جڏهن حضرت عليءَ جي ڳالهه ڪري ٿو ته اُن کي پنهنجو رهبر سمجهي ٿو: ” نانگا نانيءَ هليا، هنگلا جان هلي ديکي تن دوارڪا، مهيسن ملهي آڳهه جن علي، آءٌ نه جئندي ان ري“ يا ”گذر گئي گذران ڪين قبولج ڪاپڙي عليءَ جو ميدان سڳر سنياسين کي.“ يا وري ”عليءَ جي ميدان ۾ ويٺا ڌوڻ ڌُڻي ترڪ ڪيائون تڪيا، پريون پنڌ سڻي ڪندي ڪوه ڌڻي، طعنا ڏيئي تن کي.“ ٻيو ته شاهه عبدالطيف محرم ۾ ڪارا ڪپڙا پهريندو هيو ۽ سر ڪيڏارو ڪربلا جي واقعي جي حوالي سان ڄڻ سنڌيءَ ۾ لکيل عظيم نوحو آهي. هاڻي توهان ڀلي وڃي آرام ڪيو!“ اسان اٿياسين ته سائين وري چيو: ”منظور توسان ملي خوشي ٿي. بشير هن کي ميمبر ضرور ڪجانءِ!“ ”ها سائين ها“، بشير زور سان وراڻيو، ۽ پوءِ آهستگي سان چيائين، ”مان ته ڏاڍو زور ٿو ڀريانس، پر حرامي ٿي ئي نه ٿو. پر هاڻي ميمبر ضرور ڪندومانس.“ بشير ۽ مان اُتان نڪري اوطاق جي اڱڻ تي جڏهن کٽن تي آهلياسي ته مون وٽ “سن جي سائين“ لاءِ مجموعي طور تي اهو تاثر جڙيو ته لاشڪ سائين جي ايم سيد هڪ عظيم علمي درسگاهه آهي. جنهن جي قدر ۽ قيمت جو اسان کي اڃا احساس ڪونهي. تڏهن ته ڪيترائي هن عظيم درسگاهه جي حاضري ڀريندي به ڪجهه ناهن سکيا. بقول ڀٽ ڌڻيءَ جي: محروم ئي مري ويا، ماهر ٿي نه مئا چڙيءَ جي چنهج جيان، لڏيائون لئا حباب ئي هئا، انهيءُ وادي وچ ۾. سائين جي ايم سيد ويهين صديءَ جو عظيم سياستدان ڊاڪٽر مير عالم مري گذريل صدي يعني ويهين صديءَ ۾ سنڌ اندر سياسي نظرين جي لحاظ سان وڏي اٿل پٿل رهي. پر وطن ۽ قوم جي بنياد يا انڪار جي حوالي سان ٽي فڪر رهيا ۽ ٽنهي جو پاڻ ۾ ٽڪراءُ رهيو. (۱) اکنڊ ڀارت جو نظريو (۲) مذهبي قومي تصور ۽ ڀارت جي ورهاڱي جو نظريو (۳) سنڌ جي آزاد رياست جو نظريو. (۱) اکنڊ ڀارت جو نظريو، جيتوڻيڪ برطانوي سامراج مخالف هو، پر ڀارت اندر تاريخي قومن جي وجود ۽ انهن جي آزاد رياستن جي حق کان انڪاري هو. انڊين نيشنل ڪانگريس ۽ مهاتما گانڌي ان جا وڏا حامي ۽ پرچارڪ هئا. (۲) مذهبي قومي تصور ۽ ورهاڱي جي نظريي جا حامي، برطانوي راڄ جا اڻ سڌا حامي ۽ انهن جي معرفت پاڪستان جي قيام لاءِ راهه هموار ڪري رهيا هئا. مسلم ليگ ۽ قائد اعظم ان جا وڏا حامي ۽ پرچارڪ هئا. (۳) آزاد سنڌ جو نظريو: هي ڳالهه سڀ کان پهرين، سنڌ مان مولانا عبيدالله سنڌي ڪئي. ٻي عالمي جنگ کانپوءِ جي عالمي ۽ علائقائي حالتن ۽ بغاوت جي پسمنظر ۾ مٿي بيان ڪيل سياسي نظرين مان فقط مذهبي قومي تصور تحت پاڪستان جي قيام جو ماحول ٺهيو، نه اکنڊ ڀارت رهيو ۽ نه سنڌ سميت ٻين ملڪن آجپو ماڻيو. جيتوڻيڪ برطانوي تسلط جو دور پورو ٿيو. ان کانپوءِ مختصر عرصي اوڀر پاڪستان بنگلاديش بنجي ويو. سائين جي ايم سيد ويهين صديءَ جي اهم سياسي شخصيت آهي. سيد پنهنجي حياتيءَ ۾ ۷۵ سال سياسي، ادبي ۽ عملي جدوجهد ڪئي. سندس پنجونجاهه ڪتاب لکيل آهن، جن مان اڪثر ڇپيل آهن ۽ مختلف ٻولين ۾ ترجما ٿي چڪا آهن. ڪل ملائي ۳۲ سال قيد ۽ نظربندي ڀوڳيائين. سڀني بااثر وڏن ماڻهن وانگر سائين جي ايم سيد جا مداح به آهن ته ڪٽر مخالف به. پر ڪجهه بنيادي ڳالهيون، جيڪي جي ايم سيد جا مخالف به تسليم ڪن ٿا، اهي هي آهن ته سيد سڄي زندگي سنڌ ۽ سنڌين جي ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪيو. پنهنجي خيالن ۽ نظرين تي اٽل رهيو ۽ هن ڪڏهن به سوديبازي ڪري رعايتون نه ورتيون. هو قومپرستيءَ جي جديد نظريي جو باني ۽ سنڌين ۽ سنڌ جي سڃاڻپ آهي. آئون جي ايم سيد جي سڄي حياتيءَ جي جدوجهد کي ٽن حصن ۾ ورهايان ٿو: پهريون دور ۱۹۱۷ع کان ۱۹۴۶ع تائين. ٻيو دور ۱۹۴۶ع کان ۱۷۷۱ع تائين ۽ ٽيون دور ۱۹۷۲ع کان وفات تائين. ٽنهي دورن ۾ سيد جا نظريا، خيال ۽ پارٽيون تبديل ٿيون. تجربن ۽ غلطين مان بهتر نتيجا ڪڍندو رهيو، پر ٽنهي دورن ۾ هڪڙي ڳالهه مشترڪ آهي ته جي ايم سيد وٽ شروع کان آخر تائين، اوليت ۽ اهميت هميشه سنڌ ۽ سنڌي قوم جي مفادن جي رهي. تنهن ڪري سيد، سنڌ جي سياست جو بنيادي حوالو آهي. ڪالم جي شروع ۾ مون ننڍي کنڊ ۾ ٽن سياسي جماعتن جي ڳالهه به ان ڪري ڪئي، جو جي ايم سيد جي سڃاڻپ ته سنڌ آهي، پر هو ننڍي کنڊ جو اهم سياستدان به هو. جيڪي به ماڻهو ننڍي کنڊ جي سياست کي، ڀارت ۽ پاڪستان کي يا سنڌ ۽ سنڌي قوم کي سمجهڻ ۽ پرکڻ چاهين ٿا، انهن لاءِ جي ايم سيد کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ لازمي آهي، ڇاڪاڻ ته جي ايم سيد جي راءِ گهٽ ۾ گهٽ سنڌ جي حوالي سان Authority آهي. ننڍي کنڊ جي سياسي نظرين جي لحاظ کان ڪالم جي شروعات ڪرڻ جو ٻيو سبب اها تنقيد آهي، جيڪا سيد جا مخالف ڪندا آيا آهن ته سيد سنڌ جي آجپي جو نعرو (۱۹۷۲ع) وقت کان اڳ ڏنو آهي. ننڍي کنڊ جي ان وقت جي سياسي نظرين جو حوالو ڏيئي، منهنجو مقصد انهن مخالفن کي اهو ياد ڏيارڻ آهي ته آزاد سنڌ جو نعرو ۱۹۷۲ع ۾ وقت کان اڳ جو نه آهي، پر جي ايم سيد جي سياسي تجربن کانپوءِ جو آهي، نه ته مولانا عبيدالله سنڌي ۱۹۴۰ع ڌاري اهو نظريو ڏئي چڪو هو ۽ ۱۹۴۳ع ڌاري شهيد سورهيه بادشاهه آزادي يا موت، وطن يا ڪفن جي نعري تحت گوريلا جنگ ڪري تختهء دار تي به چڙهي چڪو هو. دراصل نظريا جنم ئي تڏهن وٺندا آهن، جڏهن معاشري کي انهن جي ضرورت هوندي آهي. جيئن سرمائيداري جي ارتقا ۾ مارڪسزم جو نظريو، وقت جي ضرورت هئي يا انتهاپسنديءَ خلاف زرعي معاشرن ۾ تصوف ۽ پاپائيت خلاف سرمائيدار معاشرن ۾ سيڪيولر ازم جي نظريي جي ضرورت هئي، ڇاڪاڻ ته نظريو ڏيندڙ صرف پنهنجي ذهني اختراع وسيلي ذهني عياشي نه ڪندو آهي، پر اهو انساني معاشري جي تاريخ، حالتن ۽ ضرورت کي گهڻ پاسائون ڏسي، اهڙا نتيجا ڪڍندو آهي، ان لاءِ ۽ ڪو هڪڙو واقعو نه، پر ڪيئي واقعا سبب بڻبا آهن. ۱۹۷۲ع ۾ چند نوجوانن تي مشتمل پنهنجي نظريي جي شروعات ڪندڙ جي ايم سيد جي هلچل، ’جيئي سنڌ‘، اڄ سنڌ جي لکين ماڻهن جي دلين جي ڌڙڪن، ۽ زبان تي نعري جي صورت وٺي رهي آهي، کڻي جو ڪيترائي ٿاڻا، ٽارچر سيل، جيل ۽ قبرون اها ڳالهه ثابت ڪن پيون ته سنڌ جي ويرين سيد جي فڪر ۽ تحريڪ کي ڪچلڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي، پر پوءِ به تحريڪ ۾ واڌ آئي آهي، جنهن سان به ثابت ٿئي ٿو ته هي نظريو ڪو اوچتو يا وقت کان اڳ جو ناهي. اڄ به سنڌ ۾ ڀلي کڻي ڪيتريون ئي سياسي جماعتون هجن، پر سياسي حوالي سان ٻه صرف ڪيمپون آهن، هڪ سنڌ دوست ڪيمپ ۽ ٻي سنڌ دشمن ڪيمپ. اهو جي ايم سيد ۽ جيئي سنڌ هلچل جي جدوجهد جو ڪمال ۽ وقت جي ضرورت آهي ته وفاق پرست جماعتون (جن مان اڪثر پنهنجي فڪر و عمل ۽ جوهر ۾ سنڌ دشمن آهن) پاڻ لاءِ سنڌ دوست تاثر ڏيڻ تي مجبور آهن ۽ اها اسان جي ڪمزوري آهي ته سنڌ دوستيءَ جون دعويدار ڌريون، وفاق پرستن سان هٿ ملائين ٿيون. اهي سنڌ دشمن ڌريون، جيڪي پاڻ کي سنڌ دوست سڏائين ٿيون، ۽ ڌارين ۽ انتهاپسندن سان گڏجي سنڌ جي حقن جي حاصلات لاءِ پارليماني واٽ وٺن ٿيون. انهن جا نتيجا ته ۱۱ مئي وارين چونڊن بعد پڌرا ٿيندا، پر آئون اڄ ئي چئي ڏيان ٿو ته قومپرست سياسي پارٽيءَ جي حيثيت ۾ يا قومپرست اتحاد جي حيثيت ۾ اهي سوڀارا نه ٿيندا، ڇاڪاڻ جو اهي جي ايم سيد جي تحريڪ کي ڌَڪين ۽ ڌِڪين ٿا ۽ رياست جي دوستن جي ڪيمپ ۾ انهن جي شرطن ۽ طريقن سبب داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪن پيا، جن کي سنڌ جو عوام رد ڪندو، ڇاڪاڻ جو سنڌ جي عوام جي نظرن ۾ قومپرستي، جيئي سنڌ سان مشروط آهي ۽ جي ايم سيد سان ڳنڍيل آهي. آخري ڳالهه ته جيتوڻيڪ سيد جي فڪر واري تحريڪ، چند نوجوانن کان شروع ٿي لکين ماڻهن تائين پهتي آهي، پر ان ۾ ٻه اوڻايون آهن، هڪ ته اها ٽڪرن ٽڪرن ۾ ورهايل آهي ۽ ٻيو فڪري لحاظ سان، ڪارڪنن جي تربيت ناهي. آدمشماري ۾ واڌ، تعليم جي شرح ۾ اضافي، ميڊيا جي ذريعن ۽ ترقي ۽ ٻين سببن جيتوڻيڪ هلچل ۾ مقداري واڌ آئي آهي، پر اها واڌ غير معياري آهي. اڄ جڏهن اسين، سن ۾ رهبرِ سنڌ جي ورسيءَ جي موقعي تي ڪارڪنن سان مخاطب آهيون ته ان وقت اسان جي سامهون جيڪي وڏا چئلينج آهن ۽ جيڪي اڄ جون ضرورتون به آهن، اهي هي آهن: . جيئي هلچل، جيڪا مختلف تنظيمن ۽گروهن ۾ ورهايل آهي، انهن گروهن جو تعداد گهٽائي منتشر طاقت کي منظم ڪريون. ڪارڪنن ۽ حامين جي فڪري تربيت ڪريون. ۱۹۷۳جي ايم سيد جي فڪر جي بنياد تي پنهنجي طاقت کي گڏ ڪريون ۽ پنهنجي فڪر ۽ طاقت جي بنياد تي سياست ڪريون. انتهاپسندي ۽ دهشتگرديءَ کان خوفزده ٿيڻ ۽ انهن جو ساٿ حاصل ڪرڻ جون سڀ ڪوششون رد ڪري، جي ايم سيد جي تصوف، مذهبي رواداري ۽ سيڪيولرزم جي مورچي کي منظم، مضبوط ۽ وسيع ڪريون. .ڪارڪن ته هزارين/لکين پيدا ٿي چڪا آهن، پر هاڻي پنهنجي تحريڪ ۾ چند سُلجهيل ۽ هم آهنگ سياستدانن جي ٽيم به تيار ڪريون، ته پوءِ بيشڪ سيد جو خواب، ساڀيان حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندو. سيد، اڪيلو هو، پر رياستي ادارن ۽ ان جي حامين تي حاوي هو. پر اسين تعداد ۾ کڻي جو وڌيا آهيون، پر مقابلي جو معيار اهو ناهي. مقابلي جو معيار وڌائڻ ۽ ميدان جي چونڊ اسان کي ڪرڻي آهي. طريقو پنهنجي سگهه، حالتن آهر اختيار ڪبو ۽ فيصلو ايندڙ وقت ئي ڪندو. سائين جي ايم سيد جنهن سنڌين کي سنڌ ارپي هيمون ڪالاڻي/حيدرآباد سنڌ جي هِنئين ۾ هرندڙ هي اپريل جا ڪوسا ڏينهن ۽ دردن جي دونهين ۾ دزجندڙ ڏيهن لاءِ امن عالم جو پيغام رکندڙ هيءَ ڌرتي، جنهن جي وجود تي دشمن گھات هڻڻ لاءِ آتو آهي. اتي سيد جون اکيون جل ٿل بڻجي اندر ۾ اوتبيون ٿيون اچن. سائين جي ايم سيد، جنهن نئين سنڌ جي تخليق ڪندي، ان جو شاندار ماضي ورائڻ لاءِ جيڪي جتن ڪيا، قيد ۽ نظربندين جون عقوبتون سَٺيون، انهن لمحن سميت هن قافلي جي هر هڪ شهيد جي ساهه جي آخري هڏڪيءَ جو قرض ۽ ان جو احتساب پڻ سن ۾ ٿيڻو هوندو آهي ته اڄ هن پٿرائين ڌرتيءَ تي جتي سنڌ جي آئيندي جا خواب سهيڙجن ٿا، اتان بيهي اگر سن جي سائينءَ جي سپنن جي ساڀيائن کي سمجھي، سندس ڪم ۽ رفتار کي جاچي لڌوسين ته هوند سنڌ جي ميرانجھڙي سينڌ، ڌارين جي ڪٽڪن، سنڌ جي وجود مٿان لٽڪندڙ تلوار، معاشي، سماجي ۽ سياسي ڦرلٽ، ذهني ۽ جسماني نسل ڪشيءَ سميت ٿيندڙ سڀئي ڌارين جون ارهه زورايون ۽ درپيش خطرا ڏسي سگھبا ۽ انهن حالتن ۾ قومي تحريڪ جي مزاج، ڪردار، اڳواڻن جي صلاحيتن ۽ پاليسين کي به جاچي لهڻ سهنجو هوندو. سائين جي ايم سيد، جنهن چيو هو ته: ”سنڌ کي درپيش خطرن کي جيئن مون ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي، تيئن جيڪڏهن اوهين محسوس به ڪيو ته، هوند ننڊ سمهي نه سگھو.“ اڄ تاريخ جي هن دور ۾ سنڌ جي جاگرافيائي حيثيت وري اهنج ۽ ايذاءَ جي تلوار هيٺ هئڻ سميت ’طاقت سان اڳتي وڌيو يا مرڻ لاءِ تيار ٿيو‘ واري حالت کي پهتل آهي، اتي پنهنجو احتساب ڪرڻ سميت ليڊرشپ ۽ ان جي عمل توڙي ڪردار جو احتساب ڪرڻ ضروري آهي، نه ته شينهن جي اڳواڻي ڪندڙ رڍون ڀلا دشمن کان انهن جو ڪهڙو تحفظ ڪري سگهنديون! اهو ڪارڪنن توڙي قومي تحريڪ جي اڳواڻن کي وقت سر سمجهڻو پوندو. سلام سن جي ان سائينءَ جي هر هڪ ساهس کي، جنهن سنڌ جو شعور ڏنو ۽ اڄ سنڌ سنڌين جي ماتر ڀوميءَ طور انهن جي عقيدت جو پهريون ۽ اولين نقطو آهي، جتي انگ اگھاڙا، توڙي انگوڇن ۾ ملبوس مارو گڏجي ڌرتيءَ جي سلامتيءَ لاءِ مڙي مٺ ٿين ٿا. جي ايم سيد آزاديءَ جي احساس جـهڙو شخص مولائي ملاح معصوميت ۾ ئي يتيميءَ جو بار پنـهـنجن ڪلـهـن تي کڻي جواني ماڻيندڙ، سيد گھراڻي جي هن سلڇڻي ٻار لاءِ اهو ڪنـهـن ٿي ڄاتو ته هو اڳتي هلي سنڌ جو اهڙو يگانو عاشق بڻبو جو ان جي عشق ۾ پنـهـنجي سموري حياتي داءَ تي لڳائي ڇڏيندو. هن جو ڌرتيءَ سان نينـهـن جي ناتي جو انداز به نرالو آهي. هن پـهـريون پيار پنـهـنجي ڌرتيءَ سان ڪيو. ائين ئي هن جو ڪيل عشق، عشق جي بلندين کي ڇـهـڻ لڳو جنـهـن کيس امر بڻائي ڇڏيو. هن جو عشق اتاهون هيو هر جابر جي ذات اڳيان، جنـهـن کي وقت، رياست جا لوهي هٿ به جھڪائي نه سگھيا. هن مشڪل گھڙين ۾ به امرت جو جام پيتو جنـهـن سندس عشق کي سگھارو بڻائي ڇڏيو. نياز همايونيءَ چواڻي ته: تنـهـنجو عشق اتاهون سيد، هر جابر جي ذات اڳيان، تنـهـنجو ڪنڌ جھڪڻ جو ناهي، ڪنـهـن ڀي لات منات اڳيان. سيد، سنڌي قوم کي پنـهـنجي سڃاڻپ ڏيڻ کانپوءِ، سنڌ مٿان پنـهـنجي عشق جا ساگر اٿلائي ڇڏيا. سنڌي قوم جڏهن سندس سنڌ شناسائيءَ واري پيغام کي سمجھڻ لڳي ته مٿس موهت ٿي، مداح بڻجي وئي. سنڌ جي ماڻـهـن جڏهن سيد جي ڏنل قومي فڪر ۾ پاڻ کي سڃاڻي ورتو ته سندن ۾ لطيف جي ٻوليءَ ۽ ڌرتيءَ جي وارثي ڪرڻ جو وشواس وڌڻ لڳو. جيڏي ڌرتي ديس جي، جيڏو هي آڪاس، جيڏو ماڻـهـوءَ منجھ آ، جيئڻ جو احساس، ايڏو ئي وشواس، منـهـنجو سيد سنڌ ۾. سنڌ سان سيد جي عشق جو ناتو ائين هيو جيئن ڪائي ٻڍڙي ماءُ پنـهـنجي جوان پٽ سان پيار ڪندي آهي. ان عشق ۾ کيس سڄي حياتي آزاد فضا ۾ ساهه کڻڻ جي اجازت نه رهي. هن جڏهن به پنـهـنجي محبوب قوم کي پنـهـنجي سيني سان لائڻ جي ڪوشش ڪئي ته رياست جي مـهـندارن جھنڊي جي جرم ۾ کيس قيد ڪري ڇڏيو. کيس قيد، نظر بند ته هر آمريتي دور ۾ ڪيو ويندو هيو. پر جمـهـوريت ۾ به سندس قيد سندس قيدي تاريخ جو انوکو باب بڻيو. هت هونءَ ته هر قسم جي قيديءَ کي ڪنـهـن نه ڪنـهـن طرح سان ڪائي سـهـوليت، آزادي مليل هوندي آهي پر سنڌي قوم کي سياسي قومي شعور ڏيڻ جي جرم ۾ سنائي سيد کي سدائين ڪارن قانونن هيٺ نظر بندين جي لوهي ڪوٽن ۾ بي گناهه بند ڪيو ويو. نظر بندين ۾ رهندي به سيد سندن اڳيان آڻ نه مڃي ۽ هو پنـهـنجي عمل ۾ مصروف رهيو، نظر بنديءَ جي اهڙي ماحول ۾ به هي قومي جاڳرتا لاءِ لوچيندو ۽ سوچيندو رهيو. هن اتي قلمي پورهيو جاري رکيو جنـهـن سان هي وقت جي حاڪمن جي بنيادن کي لوڏيندو رهيو. سيد، پنـهـنجي قوم کي شعور ڏيڻ لاءِ ڪيترائي ڪتاب لکيا جن تي وقت جي غاصب قوتن، پابنديون مڙهي ڇڏيون. سيد سندن قيد ۾ رهڻ کانپوءِ به کين عوامي محبت، قوت کان بي هٿيار ڪندو رهيو قيد، بند ۾ سندس ڏات ئي وڏو هٿيار رهي جئين اياز چواڻي ته: مون ڏات انوکي آندي آ، ٿي تند وڙهي تلوارن سان، ٿا ڀاري تنـهـنجا برج لڏن، تون هيڻو آن، هٿيارن سان. وقت جي آمر قوتن جڏهن سنڌ جي حقن کي ڦٻائڻ لاءِ سنڌ تي ون يونٽ جـهـڙو وار ڪيو ته سيد جي فڪر، ئي سستيءَ جي ننڊ ستل ماڻـهـن کي اکيون مـهـٽي اٿڻ تي مجبور ڪيو ۽ پوءِ سنڌ هڪ آواز ٿي ڪَرَ موڙي اُٿي پئي. جنـهـن جي گونج سنڌ جي گلي گلي ۾ اياز جي گيتن ۾ ٻرڻ لڳي. سيد پنـهـنجي سڄي حياتي ڌرتيءَ جي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجـهـد ڪندي گذاري ڇڏي. سندس زندگيءَ جا آخري ساهه پساهه به قيد، بند واري ڪيفيت، حالت ۾ ئي گذريا. اهڙي قيد تي کيس “ضمير جو قيدي” وارو اعزاز به مليو. سيد اعظم پنـهـنجي قوم کي جيڪو فڪر ڏنو ان تان هن ارڏي عاشق زندگيءَ جي آخري گھڙين تائين هٿ نه کنيو؛ ان عشق ۾ هو سڄي حياتي رمندو رهيو ۽ سنڌ جي آزاديءَ، خوشحاليءَ جي پرهه ڦٽيءَ جـهـڙي باک جي ساک جو پيغام ڏيندو رهيو. جنـهـن پيغام کي اياز پنـهـنجن لفظن ۾ عوام تائين هيئن پـهـچايو ته: جوت ٻرندي رهي رات ٺرندي رهي باک جي ساک اڄ مان ڏئي ٿو وڃان! اڄ چئي ٿو وڃان مڌ ريٽي جيان نيٺ سنڌوءَ مٿان اڀرندو ساٿيو! مان چئي ٿو وڃان. سيد کي سڄي حياتي صرف ان جرم ۾ قيد، نظر بندين ۾ رکيو ويو جو هن سياست ۾ سچ ٿي ڳالـهـايو.!! هو هن سياست جي گدلي سينور ۾ اهو اُجرو نيل ڪنول هيو، جنـهـن جي پاڙ پاتال تائين هوندي آهي ۽ ڍنڍ جو پاڻي جيترو مٿي هوندو آهي هو ان جي مٿان پيو ترندو آهي. هن سياست جي واديءَ جي بي داغ ستاري من جي اُجري، صوفي منش ماڻـهـونءَ جو عالم انسانيت لاءِ ڏنل پيغام شاهه جي هن شعر جي تشريح آهي.ته: سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار، دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪـرين. سيد جو ڏنل پيغام دنيا جي مڙني مظلوم، محڪوم قومن لاءِ آهي؛ جنـهـن جي پالوٽ مان امن ۽ آزاديءَ جون، سڪايل ۽ اُڃايل قومون سيراب ٿي سگھن ٿيون. سيد چواڻي ته: ”سنڌ صدين کان آزاد ڌرتي رهي آهي، جنـهـن تي ڪنـهـن کي به قابض ٿيڻ، ان جي وسيلن کي ڦٻائڻ ۽ ان جي تاريخي، جاگرافيائي حدن، حقن سان هٿ چراند ڪرڻ جي ڪنـهـن کي به اجازت نه ڏبي. سنڌي هڪ قوم آهي جنـهـن کي پنـهـنجي ڌرتي آزاد گھرجي ٿي.“ اڄ سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي قوم، جنـهـن سياسي، معاشي انتشار ۽ فڪري سوڪـهـڙي جو شڪار آهن اهڙي سمي سنڌ وري به اهڙي ئي پاڻيءَ جـهـڙي پياري ماڻـهـونءَ کي ساري ٿي جيڪو سندس اڃ اُجھائي سگھي. اڄ سيد جي پيروڪارن جون، ”واٽون ويـهه ٿيون، ڪهه ڄاڻا ڪـهـڙا پرين!“ واري ڪيفيت آهي. اهڙين مايوس ڪن حالتن ۾ ئي سنڌ پاڻيءَ جـهـڙي پياري ماڻـهـونءَ جي ضرورت کي محسوس ڪري رهي آهي. جنـهـن جي سچن جذبن سان ئي سندس ترقي، امن ۽ خوشحالي سلـهـاڙيل هئي. اڄ سن کي سنڌ تي سوچڻ گھرجي. اڄ ڌرتي ڌڻين جي هڪ هنڌ گڏجڻ جو ڏينهن آهي. اڄوڪو ڏينهن سڀني قومي ڪارڪنن کان تقاضا ٿو ڪري ته پاڻ ۾ پيدا ٿيل رنجشون ويڇا وساري سنڌ جي امن ۽ سلامتيءَ خاطر هڪ ٿي سيد جي ڏنل پيغام کي اڳيان وڌايون. سائين جي ايم سيد جو ميران محمد شاھ کي لکيل يادگار خط سنڌ جي بمبئيءَ کان آزادي جو ڏينهن ور تو زين دست مرا بي سرو سامان داري، من بسه آهِ سحرت زلف مشوش دارم برادرم عزيز، تسليم اڄ اوهان جي سمع خراشي ان ڪم لاءِ ڪريان ٿو، جنهن لاءِ شايد اوهين تيار نه هجو: حديث دوست نگويم مگر بحضرت دوست، ڪه آشنا سخن آشنا نگهه دارد. سنڌ جدا ٿي، نهايت خوشيءَ جي ڳالهه آهي، پر ان سنڌڙيءَ جي مٿان مون کي نهايت پريشان ڪندڙ ڪارا ڪڪر نظر اچي رهيا آهن. سبزيءَ ۽ باد بهاريءَ جي بدلي، مون کي خزان جا آثار نظر پيا اچن. سنڌ آزاد ٿي سو ته چڱو ٿيو، پر چئوطرف کان ماڻهو ان کي مال غنيمت سمجهي هضم ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويا آهن. خود مطلب ماڻهو صرف پئسي يا اثر جي سبب ان جي دامن عصمت کي ٽوڙڻ لاءِ ڳجهن وانگر اکيون کوڙيو بيٺا آهن ته ڪڏهين ٿيون اليڪشنون ٿين ته اسين ٿا چونڊجون. انهن مان هر هڪ کي پنهنجي لاءِ سبز باغ نظر اچي رهيا آهن. ڪن جو خيال آهي ته ميمبر ٿيڻ ڪري هو ووٽ جي اثر هيٺ، وزيرن معرفت ڪامورن کي پنهنجي قبضي ۾ رکي، آسپاس جي ملڪ ۽ ماڻهن تي اقتدار حاصل ڪندا. ڪي وري ان طمع ۾ گرفتار آهن ته پنهنجيءَ وسيع جائداد ۽ ملڪيت جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ هيءُ هڪ ڪارگر هٿيار ٿيندن. ڪي ائين پيا سمجهن ته هينئر ڪو پڇين به ڪو نه ٿو، سو پوءِ وڏا وڏا ماڻهو سندن درن تي ڌڪا جهليندا ڪن کي وري لقبن حاصل ڪرڻ جون لالچون آهن. لٿي به، چاچي ولي محمد شاهه وانگر، وقف ائڪٽ رد ڪرائڻ جو مقصد کنيو بيٺا هوندا. اهي ارادا آهن اڻپڙهيل يا نيم خوانده، وڏيرن جا، هاڻ هلو ته پڙهيل طبقي جي ارادن ۽ اميدن کي نظر مان ڪڍون سر غلام حسين پيو سمجهي ته سنڌ ۾ هن جهڙو قابل ۽ تجربيڪار ٻيو ڪو به ڪو نه آهي، تنهنڪري چيف منسٽر ٿيڻ لاءِ هن کان سواءِ ٻيو ڪوبه لائق ڪونه آهي. اهو وڏو گناهه ٿيندو جي ٻيو ڪوبه چونڊجي وڃي تنهنڪري، ان ڪار خير ۾ هو پنهنجي اڳين ڪمايل ملڪيت ۽ اثر صرف ڪري، ضرور انهيءَ گديءَ کي هٿ ڪندو. هن کان سواءِ سنڌ جي ستياناس ٿي ويندي، ان لاءِ هو هرڪا مناسب ۽ نامناسب ڪوشش ڪرڻ ضروري ٿو سمجهي. جنگ ۾ ڪاميابي مراد اٿس. ٻئي طرف سنڌ جي امير النسل ماڻهن جو عيوضي، سر شاهنواز ڀٽو، جو سنڌ سرڪار جو صلاحڪار آهي، سو سنڌ جي حڪومت جي واڳ سر غلام حسين يا ٻئي ڪنهن جي هٿ ۾ ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي. ٻيا سڀ سندس نظر ۾ دغاباز ۽ خود مطلب آهن. هي اخلاق جو علمبردار آهي ان ڪري سڀ طريقا اختيار ڪري حڪومت جي واڳ پنهنجي هٿ ۾ آڻڻ جي پٺيان پيل آهي. اڳتي هلندا ته ڏسڻ ۾ ايندو ته ميان کهڙو خان بلند آواز سان ماڻهن کي پڙهو ڏيئي رهيو آهي ته سنڌ آزاد ڪرڻ، ڇٻلائيءَ سان مقابلا ڪرڻ ۽ مسلمانن جي حقن لاءِ لڙڻ ۾ هن ڪثر ڪانه ڇڏي آهي. ان ڪري هن کي به ڪجهه نه ڪجهه ملڻ گهرجي، نه ته هو پنهنجو گروپ مير بنده علي خان وغيره سان ٺاهي، زوريءَ به ڪا جاءِ وٺندو. انهيءَ وچ ۾ سنڌ جي الهندي گوشي کان هڪ سنهي، چالاڪ نوجوان جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، جنهن جو نالو خانبهادر الهه بخش هو. ان سندس بمبئي ڪائونسل ۾ مختلف ڪميٽين تي ڪم ڪرڻ، تجربي، هندو. مسلم لاڳاپي ۽ سر شاهنواز ڀٽي جي دوستيءَ جو حوالو ڏيندي. پنهنجو ڪليم پيش ڪيو، سنڌ جي ڪنهن به جوڙجڪ ۾ هن جي حق کي ريٽڻ ٺيڪ نه ٿيندو. هن انهيءَ نقطه نگاهه کان اپر، سنڌ ۾ اڳي ئي اثر وڌائڻ شروع ڪيو هو، بلڪ نواب شاهه ۾ لاڳاپا قائم ڪرڻ شروع ڪيا هئا. ان کان پوءِ هڪ سيد نوجوان چڱيءَ طرح ڊريس پاتل، بي اي ايل ايل بي اٿي کڙو ٿيو. ان سندس ساداتيءَ فوور سنڌ جي نالي خدمت خلق جي آڌار تي، حق طلبي ڪرڻ شروع ڪئي: ان جو نالو سيد ميران محمد شاهه هو. ان به سنڌ جي جدائيءَ بمبئيءَ ۾ مسلم بلاڪ جي سيڪريٽريءَ هجڻ ۽ پنهنجيءَ لياقت جو حوالو ڏيئي تقاضا ڪئي ته کيس ضرور ڪجهه نه ڪجهه ملڻ گهرجي. ان کان پوءِ، گزدر صاحب پنهنجو انجنيري تجربو، سکر براج جو هلائڻ ۽ پنهنجي بمبئي ڪائونسل جي ڪار گذاري پيش ڪندي چيو ته کيس وسارڻ سراسر غلطي ٿيندي. ان کان پوءِ شيخ عبدالمجيد سنڌي اٿي، مٿين سڀني خواهشمندن کي مخالف ٿي چوڻ لڳو ته اوهين سڀ سرمائيدار گڏ ٿي، ڀانئيو ٿا سنڌ جي مال غنيمت کي ورهائي کڻندو. اوهان کي ائين ڪرڻ نه ڏبو. هن سندس خلافت، ڪانگريس، مسلم ليگ تحريڪن ۽ جيل ۾ وڃڻ جا حوالا ڏنا ۽ ”الوحيد“ اخبار ذريعي ماڻهن ۾ سجاڳي آڻڻ جو ذڪر ڪيو. اوهان سڀني کي گڏجي، سنڌ جي ڀلائيءَ خاطر، خودمطلبيءَ کي ڇڏي، باهمي سمجهوتي سان ڪم ڪرڻ گهرجي نه ته اوهان جا ماڻهن اڳيان پول پڌرا ڪبا ان کان پوءِ ٻه ٽي هندو ڪارڪن اٿيا، جن چيو ته سنڌ جدا ٿي ته ائين نه سمجهو ته سموري طاقت اوهان جي هٿن ۾ اچي ويئي. اسان جا ميمبر اسيمبليءَ ۾ ٽيون حصو آهن. اوهين وڏيرا پاڻ ۾ عهدن تان لڙي اسان جا محتاج ٿيندا، تنهنڪري حڪومت جي واڳ اسان جي هٿ ۾ رهندي، سو اوهان کي اسان سان فيصلو ڪري پوءِ ڪو ڪم ڪرڻو پوندو. اهي حالتون ڏسي مون کي هڪ هاتفي آواز ڪن پيو، جو چئي رهيو هو ته اي سنڌ جا ڪارڪن، خودمطلبي ڇڏي، ملڪ ۽ ماڻهن جي ڀلي لاءِ ڪو پروگرام ٺاهي، سنڌ جي خدمت ڪرڻ شروع ڪريو، نه ته اوهان مان گهڻن جو حشر نهايت عبرتناڪ نڪرڻ وارو آهي. ڪي اليڪشن ۾ ناڪامياب ٿي، کٽي وڃي گوشه تنهائي ۾ ويهندا. ڪي هڪٻئي جي خلاف سازش ڪري، سنڌ جي سياست کي خودمطلبيءَ جو آکاڙو بنائيندا. ڪي باوجود خدمت ڪرڻ جي ، عوام جي خواب غفلت جون دانهون ڪري، وقت گذاريندا. هندو مسلمانن جي خلاف سازشون ڪندا، ته انهن جي ردعمل ۾ مسلمانن جو هڪ فرقو فرقيوار نفرت ڦهلائيندو. نتيجو اهو نڪرندو ته اها ورهين جي محنت کان پوءِ ڪيل آزادي، ملڪ لاءِ آباديءَ جي عيوض بربادي آڻيندي. تاريخ شاهد آهي ته جيڪي ماڻهو اتفاق ۽ خدمت خلق جي راهه کي ڇڏي، خودمطلبين ڪري ورهائجي. خانه جنگيءَ ۾ مشغول ٿي ويا، انهن کان اها مليل امانت کسجي ويندي ۽ وري عبرت ۽ سزا لاءِ کين گهڻو وقت مصيبتن ۾ مبتلا ٿيڻو پوندو. ان آواز کان متاثر ٿي آءُ توکي هي خط لکي رهيو آهيان. اي ميران محمد شاهه مون کي تو ۾ گهڻيون اميدون آهن تون ان نسل جو فرد آهين، جنهن پيٽ سان پٿر ٻڌي خلق خدا جي خدمت ڪئي. جنهن جي ڏاڏي، باوجود خليفه وقت هئڻ جي، نوڪرياڻي گهر ۾ انڪري نه رکي ته متان بيت المال جو پئسو شخصي ڪم لاءِ ڪتب اچي. جنهن جو ڏاڏو حق جي آواز بلند ڪرڻ خاطر ڪربلا جي ميدان ۾ اولاد سان قتل ٿيو، پر ناحق اڳيان سر نه نمايائين ۽ تيرهن سئو ورهين تائين ان جو نسل ماڻهن جي خدا ڪارڻ خدمت ڪندو پئي آيو آهي. سياسي اقتدار حاصل ڪرڻ ۾ جڏهن به اوهان ڪوشش ڪئي آهي، اڪثري ناڪامياب ٿيا آهيو. خدا جي خواهش آهي ته جيڪڏهن اوهين پنهنجن وڏن جي روايت کي قائم ڪرڻ گهرو ته عوام جي ڀلائيءَ ۽ بهتريءَ لاءِ هر قسم جي لالچ ۽ خود مطلبي ڪڍي ڇڏيو. وزيرن ۽ گورنرن مٿان قبا ڪونه اڏبا آهن، خدا جي راهه ۾ بي لوث خدمت ڪرڻ وارن کي اهو درجو نصيب ٿئي ٿو. دنيا ۽ دين ٻيئي هڪ مُٺ ۾ نه ايندا. جيڪڏهن ڀانئين ته تنهنجي سنڌڙي سرسبز ۽ شاداب ٿئي ۽ ان ۾ تنهنجي مرضيءَ مطابق سڌارا ٿين، ته وزارت يا آمارت جي لالچ ڪڍي ڇڏ. بادشاهن کان، بادشاهه بنائڻ وارن، جو درجو وڌيڪ آهي. ”ڪانياري ٻلي، ڪُئي سندي زال“. اهو مثال مشهور آهي. خودمطلبي ٻين کي شايد ڀانءِ پوي، پر توکي نه پوندي. ان طريقي سان هلڻ ڪري، توکي وڏا مرتبا ملڻ وارا آهن. تون سمجهين ٿو ته وزير ٿيڻ سان تون وڌيڪ ملڪ جي خدمت ڪري سگهندين. پر تو کي اها خبر هئڻ گهرجي ته اوستائين تون وزير ٿيندين ئي ڪو نه، جيستائين ڪنهن گروپ سان ملي، اصولن ۽ جي بهتريءَ کي هڪ طرف رکي، ڏي وٺ نه ڪئي اٿئي. مون کي تو ۾ گهڻيون اميدون آهن. انهيءَ ڪم ۾ آءُ توسان ٻانهن ٻيلي ٿي، پويان هلڻ لاءِ تيار آهيان. تو کي الله تي توڪل رکي، ان ڪم ۾ هٿ وجهڻ گهرجي. اهو رازق آهي حال تي موهجي مستقبل کي قربان نه ڪرڻ گهرجيئي. جيئن هيترو وقت ڏکيو سکيو گذران پئي ٿيو اٿئي. تيئن آئيندي به پيو ٿيندءِ. پر قرباني جو خيال ڌاري، ميدان ۾ نڪرڻ گهر جيئي. تون سنڌ جو ”ڪمال“ بنجي سگهين ٿو. بشرطيڪ، بنا مطلب جي گروپ ٺاهي حڪومت ۾ شامل ٿيڻ کان سواءِ، وزيرن کان پنهنجيءَ ڪي پوزيشن (Key Position) جي عيوض، ملڪ ۽ قوم جا ڪم ڪرائيندين. ان حالت ۾ وزير توکان ڪبدا، تنهنجو نالو ملڪ ۾ مشهور ٿي ويندو. وڪالت مان ئي گهڻي ڪمائي ٿيندءِ. هيءَ اپيل ٻين کي ڇڏي، توکي ان لاءِ ٿو ڪريان ته تو ۾ درويشي جزو ڏسان ٿو ۽ محبت اٿم. هن وقت مالي مشڪلاتن ۾ ذرا آسودي زندگي گذاري جي شوق توکي ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي، پر اميد ته تنهنجي حميدت کي جوش ڏيارڻ ڪري تون اڳواڻيءَ جي لائق ٿي پوندي. تو باز ساعد شاهي م مگرز استخوان هماي همت خود را به بلند ده پرواز آخر ۾ خدا جي درگاهه ۾ سوال ٿو ڪريان ته اهو تنهنجي قلب مان ڪمزوري ۽ لالچ ڪوري ڪڍي ۽ توکي سندس صالح بندن جي صف ۾ کڙو ڪري. سائين جي ايم سيد سندس ورسيءَ جي حوالي سان ٿي ماڪ وسي ميخاني تي الطاف ملڪاڻي ۲۵ اپريل ۱۹۹۵ع جي نٽهڻ اُس هئي ۽ سنڌ جي پٿريلي علائقي ۾ سنڌوءَ ڪناري ڀرسان جڏهن سنڌ جي سائينءَ کي لحد ۾ لاٿو پي ويو ته ائين پي لڳو ڄڻ هڪ پل لاءِ زمين پنهنجي محور جي چوڌاري ڦرندي پنهنجي چرپر کي روڪي ڇڏيو هجي ۽ ڪائنات هڪ پل لاءِ پنهنجو ساهه روڪي ساڪت ٿي وئي هجي ۽ اها ئي هڪ گهڙي هئي جو سن جي شهر مٿان اوچتو خبر ناهي ته ڪا ڪڪري ڪٿان آئي ۽ هن به سيد جي موڪلاڻي واري ڏينهن تي پنهنجي ڪجهه لڙڪن جي ڀيٽا پيش ڪئي. اهو منظر هڪ پاسي حيرت ۾ وجهندڙ هو ٻئي پاسي اهو يقين ڏياريندڙ هو ته واقعي هن پاڻ ته ڪڏهن به پيغمبريءَ جي دعويٰ نه ڪئي پر شايد سندس جامي ۾ لڪل ڪو پيغمبري روح ضرور هو. جنهن ڪري ئي ته زندگيءَ ۾هن کي ڪافر، دهريو ۽ نوجوانن کي کاريندڙ انسان چئي ڌتڪاريندڙ ماڻهو به سندس وصال کانپوءِ پيغمبريءَ جو درجو ڏيڻ لاءِ تيار هئا. سنڌ جو سيد، جنهن کي دنيا جي ايم سيد جي نالي سان سڃاڻي ٿي سو سنڌ جي انهن ڇورن ڇنن، ارڏن ۽ ڏنگن ٻارن لاءِ بڙ جي هڪ اهڙي گهاٽي ڇانوَ هو جتي تتل ڏينهن ۾ لُڪن جا ماريل پکي اچي پناهه وٺندا آهن. سنڌ جنهن کي غلاميءَ جي سنگهرن ۾ سلهاڙيئي صديون ٿيون آهن ۽ جيڪا اداس، اٻالي، اٻاڻڪي هئي. انهيءَ کي سيد جي صورت ۾ هڪ اهڙو آئينو مليو جنهن ۾ کيس پنهنجي وڃايل حُسن جو پرتوو نظر پئي آيو ۽ سنڌ امڙ کي اها پڪ آهي ته هڪ نه هڪ ڏينهن ضرور هن کي پنهنجو وڃايل حُسن واپس ملندو. ها يقينن جيڪڏهن سنڌ جي حسن ۽ جمال کي مادي صورت ۾ ڏسڻو آهي ته پوءِ اسان کي سائين جي ايم سيد جي لکيل ڪتابن ”سنڌي ڪلچر ۽ ديارِ دل داستانِ محبت“ کي پڙهڻو پوندو جنهن ۾ سائين لفظن جي صورت ۾ سنڌ جي حقيقي حسن کي چٽيو آهي ۽ سنڌ جي انهيءَ جوت ۽ جمال کي سيد رڳو سياسي اک سان ڪو نه ڏٺو هو پر هن وٽ لطيف جي فڪر جي اها مشعل هئي جنهن جي روشنيءَ ۾ پنڌ ڪندي سيد اهو محسوس ڪيو هو ته: ”سنڌ جهنگ جبل، نديون ۽ نالا، ميدان ۽ کيت يا رڳو جاگرافيائي ليڪن جي مادي وجود جو نالو نه آهي پر سنڌ جو هڪ ازلي روح آهي ۽ اهو روح ته اُنهي ڏينهن خلقيو ويو هو، جڏهن خالقِ ڪائنات ’الست بربڪم‘ چيو هو ۽ انهيءَ روح کي چٽو ڪرڻ لاءِ جڏهن سيد جي قلم حرڪت ڪئي ته انهيءَ مان ”سنڌو جي ساڃاهه“ جهڙو شاهڪار ڪتاب تخليق ٿيو. سنڌ جي حسن کي ڏسڻ لاءِ سيد سدائين لطيف سائين جو هيءَ بيت پڙهندو هو ته: ”اُپٽيان ته انڌيون، پوريو پرين پسن، آهي اکين، عجب پر پسڻ جي.“ سو جي سنڌ جي ازلي روح جي حسن جو پرتوو پسڻو آهي ته پوءِ سنڌ کي سياست جي ڪڌي ڄار ۽ مادي فلسفن جي اُپٽار کان هٽي ڪري جي ايم سيد جي اک سان ڏسڻو پوندو. سنڌ کي جيڪڏهن ڪو ماڻهو هڪ صوفي، هڪ عاشق ۽ ديواني جي نظر سان ڏسندو ته پوءِ هن کي سنڌ جي مٽيءَ مان اهڙي خوشبوءِ اُٿندي نظر ايندي جنهن جو واس مقتلن کي به مات ٿو ڪري ۽ محبوب جي مرڪن کان به وڌيڪ مٺو آهي. اهو ئي سبب آهي جو لطيف سائينءَ جي ميخاني جي ماڪ پي جڏهن جي ايم سيد سنڌ جي حسنِ ازل جو جلوو پسيو ته هن کان رڙ نڪري وئي هئي هو اڪثر پنهنجي زندگيءَ ۾ هيءَ ٻه فارسيءَ جا شعر ورجائيندو هو ته: ”تنهنجي عشق جي ڏوهه ۾ مون کي ڪهڻ لاءِ مقتل ڏانهن وٺيو پيا وڃن. چؤڏس وڏو شور متل آهي. اي محبوب! تون به ڪوٺي تي چڙهي ڏس ته ڪيڏو نه وڻندڙ نظارو آهي“ يا وري هيءَ شعر ته: ”عرصو ٿيو آهي منصور جو آواز، گم ٿي ويو آهي مان دارورسن کي سجائي. منصوريءَ جي ريت کي ٻيهر جيئارڻ ٿو چاهيان.“ ۽ پوءِ سائين جي ايم سيد انهيءَ منصوريءَ ريت کي عمر ڀر نڀايو ۽ سيد جي ”اناالحق“ جي نعري جي اها گونج هئي جو سنڌ جا نوجوان هن پوڙهي عاشق جي سٽ تي سن جي مچ تي ائين ڳاهٽ ٿيڻ لڳا جيئن ڪنهن مچ تي پتنگا پهه ڪري گڏ ٿيندا آهن. جن لاءِ لطيف سائين فرمايو ته: پتنگن پهه ڪيو، مڙيا مٿي مچ، پسي لهس نه لچيا، سڙيا مٿي سچ سندا ڳچنين ڳچ، ويچارن وڃائيا. سن ۾ ٻاريل سيد جي لاٽ اڄ به سنڌ جي عاشقن کي ائين سڏي رهي آهي جيئن متارن کي موکيءَ جو مٽ سڏيندو هو. سنڌ جو سيد جيڪو هاڻ تاريخ جو اُهو عظيم سچ ثابت ٿي رهيو آهي جنهن کي ڪو به ڪوڙو مؤرخ هاڻ ڪچي مٽيءَ تي لکيل ڪنهن مٽجندڙ تحرير جيان ميٽي نه ٿو سگهي سيد ۽ سنڌ ته درد کي سمجهڻ لاءِ نه ته ڪنهن مارڪس کي پڙهڻ جي ضرورت آهي نه ئي ڪو جدلياتي ماديت جي فلسفي جو ماهر ٿيڻو آهي. سيد جي فلسفي کي سمجهڻ لاءِ نه ته مائوزي تنگ جي تحريرن جو حافظ ٿيڻو پوندو نه ئي فرائيڊ يا سارتر جي خيالن جو پيرو کڻي وجوديت جي بازار گهمڻي پوندي. ها بس جي، سائين جي ايم سيد کي سمجهڻو آهي ته پوءِ سنڌ جي ازلي روح کي سمجهڻو پوندو. جتان لطيف ۽ سچل، سامي ۽ بيدل جي فڪر جا آبشار ڦٽن ٿا. رڳو سکڻي سياسي نعري بازي سان تبديلي ناهي اچڻي. تبديلي لاءِ پنهنجي پاڻ کان ابتدا ڪرڻي پوندي. پاڻ کي هڪ نئين انسان، سجاڳ انسان، باشعور انسان ۾ تبديل ڪرڻو پوندو. سائين جي ايم سيد جو فڪر هڪ نئين سنڌ جي ڳالهه ڪري ٿو. انهيءَ لاءِ سائين جي ٻن ڪتابن ”نئين سنڌ لاءِ جدوجهد“ ۽ ”سنڌ ڳالهائي ٿي“ کي پڙهڻو پوندو. پر رڳو ڪتابن پڙهڻ جي ڳالهه ناهي پر ڪتابن پڙهڻ سان گڏوگڏ سچل سائين جي هنن سٽن تي به عمل ڪرڻو پوندو ته: ”جوگي جگت ڪرتا نهين ڪپڙا رنگا تو ڪيا هوا؟ اپنا اندر رنگتا نهين، ڪپڙا رنگا تو ڪيا هوا؟ قاضي ڪتابان کول ڪي مسئلا پڙهندا غور پڙهتا پر عمل ڪرتا نهين، قاضي بنا تو ڪيا هوا؟ حاجي مديني جا ڪي سجدا ڪيا تو هوا؟ دل ڪا ڪفر ٽوٽا نهين، حاجي بنا تو ڪيا هوا؟ سچل اپني مُک سي، آنسو بها تو ڪيا هوا؟ دل ڪا رونا روتا نهين، آنسو بها تو ڪيا هوا؟ سو ۲۵ اپريل جو ڏينهن ته هر سال اچي ٿو ۽ سائين جي ايم سيد کي به هر سال ياد ڪري ٻه چار لڙڪ ته هارجن ٿا پر جي سيد جي ٻڌايل واٽ تي دل سان عمل نه ٿو ڪجي ته پوءِ ڀلا سنڌ جا درد گهٽجن ته ڀلا ڪيئن گهٽجن؟ جي ايم سيد ڇا آھي؟ مولانا غلام محمد گرامي اي سنڌ جا دانشور فرزند! هن پير مرد تو کي سڀ ڪجهه ڏنو آهي، هن ته تنهنجي سر زمين کي ادب ۽ ثقافت، سنڌي زبان جي قدر قيمت ۽ حب الوطنيءَ جا سبق سيکاريا آهن. تنهنجي روشنيءَ لاءِ، ورهين جا ورهيه، نظربنديءَ ۽ جيل جي هيبتناڪ ۽ گگهه اونداهين ۾، روشنيءَ جي ڪرڻن کي ڳوليندو رهيو آهي، تنهنجي لاءِ هر محاذ تي وڙهندو آيو آهي، پنهنجي عمر جو بهترين زمانو ۽ پنهنجي دولت جو چڱو خزانو، تو لاءِ لٽائي ڇڏيو اٿس. موٽ ۾ تو وٽان مليا اٿس: ڪنڊن جو تاج، لعنت ملامت جي دستار، لعن طعن جي پاکر، ڪفر ۽ الحاد جي فتوىٰ! غداريءَ ۽ مڪاريءَ جا الزام، لادينيءَ ۽ لامذهبيءَ جو بهتان! اي دانشور فرزند! تون ور و رڪري، ان پير مرد جي غلطين کي تفصيل سان ۽ ڪڏهن اشاري ۽ ڪنايئي ۾ ورجائيندو رهين ٿو. ڀلا هن ڪنهن جو ڌاڙو هڻايو آهي، يا ڪنهن جي ملڪيت لٽي آهي؟ هن جو گناهه اهو آهي ته تنهنجي خوشحاليءَ ۽ اعلى تعليم لاءِ پئي پٽڻا پٽيا اٿس. سنڌ سائي رهي ۽ سکي ستابي رهي. سندس رهاڪو، مهذب ۽ متمدن زندگي گذاري سگھن. کين ڍورن ۽ ڍڳن ۾ شمار نه ڪيو وڃي، انسان نه پر اعلى انسان تصور ڪيو وڃي، سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت کي عالم جي امن ۽ سلامتيءَ لاءِ پيغام آهي. اهو دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچايو وڃي، ڇا اهو گناهه ڪو گھٽ آهي ڇا؟ ان گناهه جي پاداش ۾ سندس لاءِ ڇا ڇا نه ڪيو ويو آهي؟ اخبارن ۽ رسالن جا فائل موجود آهن، انهن کي ٻيهر اٿلائي ڏس، اها ڪا گار ناهي جا هن پير مرد کي نه ڏني وئي آهي. پنهنجن ۽ پراون، ڌارين ۽ اڌارن هن لاءِ گھڻو ڪجهه گند مَيو آهي. اي سنڌ جا دانشور فرزند! سياست هڪ شطرنج واري راند آهي. ان ۾ کٽڻ ۽ هارڻ، اڳتي وڌڻ ۽ پوئتي هٽڻ؛ لازمي آهي. اهو ڪهڙو سوار آهي جو گھوڙي تان نه ڪريو آهي؟ اهو ڪهڙو جنگ باز بهادر آهي جو ميدان مان سڄي لڱي موٽيو آهي. رڳو مڙسن جي مڙسيءَ کي ڏسڻو آهي، نتيجي لاءِ ٻيا اسباب به ٿين ٿا. اگر اهي اسباب مهيا نه ٿا رهن ته پوءِ هن جنگاهه ۾ جيت به نه ٿي ٿئي! ڀلا جنهن ماحول ۾ سچ ۽ ڪچ جي تميز نه هجي، ڪوڙ بدوڙ تي هر ڪو سندرو ٻڌيون وتي، عزت ۽ دولت لاءِ ضمير کي وڪڻڻ ڪو عيب نه هجي، ڪرسِيءَ لاءِ لغور، نور وانگر واجهائين. منافقيءَ، خوشامند ۽ ٻچاپڙائيءَ کان سواءِ ٻيو ڪو به اخلاقي جوهر نه رهيو هجي. سارو تلاءُ گندگي سان ڀرجي ويو هجي، اتي ڪا هڪڙي مڇي اَڇي ۽ اجري پاڻيءَ لاءِ پيئي ٻاڏائي، ته پوءِ ان کي به غنيمت سمجھڻ گھرجي. “ڀيلي سان ئي ڀيل، جيسين رتو راس ٿئي!” اي فرزند! اهو پريو مڙس، سنڌ جي هڪ تاريخي تحريڪ جو فرد جوان مرد آهي، اها تاريخ جنهن ۾ دريا خان، مخدوم بلاول، سيد حيدر جهڙا سر ڏيئي سرها ٿيا. ان پوڙهي کي تحريڪ جون خصوصيتون ورثي ۾ مليون آهن. لطيف چيو آهي ته: “پٽيندي سا ئي، جنهن کي سور ٻڌائين سندرا، ٻي هر ڪا ئي، هڻندي هٿ ميار جا.” هن کي به سورن سندرا ٻڌايا آهن، سو پيو پٽي ۽ پاڻ کي پَٽي يا “ اندر جنين اڌ، ڏونگر سي ڏورينديون.” هن جو اندر به اڌ ٿي چڪو آهي، سو ڏونگر پيو ڏوري. اي دانشور! “تو کي سنڌ جو قسم؛ ڇا جي ايم سيد ۾ رڳو عيب ئي عيب آهن؟ منجهس ڪا هڪڙي خوبي به ڪانهي، اگر ڪا هڪڙي به خوبي اٿس ته پوءِ ان تي به نظر رک!” “جي ايم سيد، سنڌ آهي ۽ سنڌ جي ايم سيد آهي.” هي چند لفظ هينئين سين هنڊاءِ. سائين جي ايم سيد اي زمانا اسان جو قبيلو ڪٺو حسن مجتبيٰ اڄ سنڌ ڌرتي جي عظيم محب وطن اڳواڻ جي ايم سيد جي ورسي آهي ۽ اهو ڪيڏو نه سٺو اتفاق آهي ته مون تازو جيڪو هڪڙو انگريزي ناول پورو ڪيو آهي، ان ۾ هڪڙو پورو باب “سائين” جي نالي سان آهي. سنڌو ڪناري هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ جو اهو جھونو جنهن کي هن جا پوئلڳ توڻي گهڻا ماڻهو “سن جو سائين” چوندا آهن. ايئن ته سنڌين جي هر گهر ۾ هر ميل تي هڪڙو سائين ضرور ويٺو هوندو آهي پر هو واقعي به سچ پچ جو سائين آهي، ڄڻ ته اهو لفظ هن کيرٿر جهڙي قديم عظيم ماڻهو لاءِ ٺهيو هو. هل ڙي سنڌي قوم. جيئن مولا بخش لغاري پنهنجي زماني ۾ چوندو هو. اهو زمانو اور هو، هي زمانو اور آ. هاڻوڪي زماني ۾ اهو انگريزي ۾ ناول بينا شاهه جو لکيل آهي. انهي جو انگريزي ۾ نالو آهي “سيزن آف مارٽيرز”. سنڌي ۾ چئبو “رُت شهيدن جي.” مون جڏهن سائين واري باب سميت اهو ناول پڙهي پورو ڪيو ته مونکي انهي ڪتاب تي بينظير جي اڌ لڪل اڌ ظاهر ڳاڙهي رئي واري تصوير ۽ ڪور ڊيزائين تي ان عنوان ڏانهن ور ور ڌيان وڃڻ وقت مونکي پياري حليم باغي جو اهو معرڪته الآرا نظم ياد آيو. بار بار چپن تي رهيو. ڇا ته نظم آ جيڪو پڻ علي الاعلان سيد ڏانهن منسوب آهي ۽ ان جون اهي سٽون ياد آيون؛ اي زمانا اسان جو قبيلو ڪٺو خون ناحق جي ڪنهن سان شڪايت نه آ جي مون کان اوهين ٿلهي ليکي سولي سنڌي ۾ ان انگريزي ناول بابت پڇيو ته منهنجو منظوم موقف حليم باغي جو اهو نظم آهي. گهڻا ڏينهن ٿيا جڏهن منهنجي هڪڙي اسڪالر دوست حليم وٽ وڃي سندس انهي نظم کي ريڪارڊ ڪيو هو، تنهن کي مون اردو ۾ ترجمو پڻ ڪيو هو. هاڻ اهو اردو ۽ انگريزي ۾ ترجمو پڻ ڪيل آهي ۽ انٽرنيٽ تي موجود آهي. پر بينا شاهه جو اهو اٽڪل ٻه سو اسي صفحن واري انگريزي فڪشن ۾ ناول رڳو سيد جي ڪهاٹی ناهي. پر اها سنڌ جي ڪھاڻي آهي. سنڌ ۽ سنڌين جي ڪهاڻي. هونئن ته ڏکڻ ايشيا ۾ انگريزي ٻولي جا فڪشن نگار، ناول ۽ ڪهاڻي گهڻو ڪري سيپٽمبر ٻه هزار هڪ کانپوءِ واري دنيا جي پس منظر ۾ لکندا آهن، (سواءِ هڪ ٻن ٽن کي ڇڏي) جو اهو ئي سرمو ٻاهر وڪامي ٿو پر بينا شاهه دل کي نه رڳو ڇهندڙ پر دل ٽوڙيندڙ موضوع کنيا آھن. سنڌ ۽ سنڌين کي انگريزي فڪشن جي وسيلي سنڌ کان ٻاهر جي پنهنجي توڻي پرائي (جيتوڻيڪ ليکڪن لاءِ پنهنجو پرائو نه هوندو آهي) پڙهندڙ وٽ پھچايا آھن. اها ڪهاڻي سنڌ ۽ سنڌ جي ڪهاڻي آهي. واقعي به. اها ڪھاڻي جيڪا هن ناول ۾ بينظير ڀٽو کان شروع ٿي بينظير ڀٽو تائين ختم ٿئي ٿي. يعني هن جي ٽائيم سيٽنگ بينظير جي آخري ڀيرو جلاوطني مان واپس اچڻ کان وٺي ڪارساز واري جلوس ۽ راولپندی لياقت باغ ۾ جلسي جي پڄاڻي تي واپسي کان جلسي گاهه مان نڪرڻ واري روٽ وٺڻ تائين آهي، جيڪا ئي اصل ۾ بينظير جي ڪهاڻي جي پڄاڻي آهي. بينظير جي پڄاڻي سان ناول جي اوچتو پڄاڻي ٿي وڃي ٿي. مون سوچيو بينظير جي پڄاڻي ئي اصل ۾ بينظير جي شروعات پڻ آهي ۽ هوءَ واپس اچڻي آهي. سنڌين جو بينظير سان جيڪو عشق آهي، انهي کي لفظن ۾ هن مهل تائين فڪشن ۾ ڪا تصوير ڏئي سگهي آهي ته اها بينا شاهه سندس ان ناول ۾ ڏني آهي. انهي ناول جو مکيه ڪردار هڪڙو ويهه ٻاويهن سالن جو نوجوان علي سڪندر آهي جيڪو هن ناول ۾ سکر جي هڪڙي پير سڪندر پيپلي وڏيري جو پٽ آهي، جنهن جون ٻه شاديون آهن، جيئن سنڌي پير وڏيرا ھاڻ ته مڊل ڪلاسيا، نام نهاد ساڃهه وند ۽ سنڌي سول سوسائٽي جا ميمبر به ڪن ٿا. ٻيو ڪردار سنيتا نالي هندو ڇوڪري آهي، جيڪا علي جي ڪراچي يونيورسٽي ۾ ڪلاس فيلو آهي، جنھن سان هو پيار ڪري ٿو. علي جو پي پيپلو وڏيرو آ، جنهن جو خاندان وڏي ڀٽي وارن زرعي سڌارن کان سندن زمينون بچائڻ ڪاڻ پي پي پي جو حمايتي ٿيو هو. جن جي گهر ۾ سر شاهنواز ڀٽو ايندو هو. جڏهن ته سر شاھنواز ڀٽي جي ٻي زال لکي ٻائي ذوالفقار علي ڀٽي جي والده جي مٿس اثر سبب غريبن جو حامي پڻ ٻڌايو ويو آ. نوجوان علي جيڪو هڪ خانگي نيوز چينل ۾ ڪم ڪندي ٻڌايو ويو آهي، تنهن جي بنيادي ڇڪتاڻ سندس پيءُ سان آهي جيڪو ٻارنهن سالن جي عمر ۾ کيس ۽ سندس ماءَ ۽ ڀاءُ ڀيڻ کي ٻي عورت سبب ڇڏي وڃي ٿو. اوهان سمجهندا ته ڪو هي ناول ڪنھن ٽي وي سوپ اوپيرا وانگر آهي. نه هر گز. ناول جي ڪهاڻي پراڻي ۽ صوفين واري سنڌ سان شروع ٿئي ٿي. اها سنڌ جيڪا جڏهن نيپيئر فتح ڪري ٿو. بينا شاهه شروعاتي باب ۾ اهڙي سنڌ جي تعريف هن ريت ٿي ڪري.. “سموري سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ جي مقبرن ۾ صوفي اوليا پوريل آهن. جن جا جسا سنڌ جي واريءَ ۾ ملي هوائن ۾ ٽڙي پکڙي ويا، جيڪي ويڙهاڪن جي دلين ۾ باهه ٻاريندا رهيا آهن، جيڪا هڪڙي ڏينهن سنڌ مٿان انگريزن جو طوق ٽوڙي ڦٽي ڪندي.” ڪهاڻي جيڪا انهي کان سٺ سال پٺيان هلندي ٽالپرن جي دور ۾ سنڌوندي مان اليگزينڊر برنس جي جاسوسي لاءِ ميرن کان اجازت گهرندي اچي ٿي. ناول جي انهي باب ۾ افسانوي طور مٽياري جو جينئدل شاهه اليگزينڊر برنس جي اچڻ کي روڪڻ لاءِ ٺٽي ويندي بيان ڪيو وڃي ٿو. دلچسپ طور انهي جينئدل شاھ کي انعام بدران ٽالپر حڪمران سندس بکي شينهن آڏو بند ڪمري ۾ اڇلرائي ٿو جو ڪهاڻي موجب جينئدل شاهه جا لاڳاپا ٽالپر حڪمران جي عورت سان آهن. ٻئي باب ۾ پير پاڳاري، جنهن کي سندس مريد ۽ سنڌ وارا سورهيه بادشاهه چون ۽ حرن کي انگريزن خلاف سرگرم ڏيکاريو ويو آهي. هڪڙي انگريزي عملدار جي بيانئي ۾ پير ۽ سندس حرن کي منفي ڪردار ڪري ٻڌايو ويو آهي. ٻيو باب “بادشاهي راند” جي عنوان سان آهي جنهن ۾ پير پاڳاري سان سندس ڦاسي واري رات جيلر شطرنج راند کيڏي پيو، جنهن کان پير سندس ڦاسي واري وقت ۾ چند ڪلاڪ هجڻ باوجود سموريون بازيون کٽيندي ٻڌايو وڃي ٿو. چين سموڪر پير سان شطرنج راند ڪندڙ افسانوي ڪردار جيلر هڪڙي هاري جو پٽ آهي، جنهن جو خاندان ٽنڊو الله يار کان لڏي اچي حيدرآباد شهر ۾ رهي ٿو. جيڪو شطرنج راند شاگردي جي زماني دوران حيدرآباد جي گهٽين ۾ هڪڙي پڙ تي ويٺل ٻن جهونن کان سکي ٿو، مونکي سرفراز چاڙهي وٽ شطرنج کيڏندي اهي جهونا ياد آيا جن وٽ ڪڏهن ڪڏهن مير رسول بخش ٽالپور به ڪار روڪي لهي شطرنج جا ٻه ٻه هٿ ڪري وٺندو هو. سول اسپتال وٽ ته مير صاحب جا روز پنڌ ها. اھو وري هڪڙي ٻئي بادشاه جو قصو آهي. اهو به بينا شاهه ڄاڻايو آهي ته انگريزن سان جنهن وقت حر وڙهي رهيا ها ته ساڻن ڪو سنڌي يعني غير حر گڏ ڪونه هو. سائين وارو باب لاڙڪاڻي جي پهرين خلافت ڪانفرنس سان شروع ٿئي ٿو جيڪا تراب علي شاهه ۽ جان محمد جوڻيجي گهرائي هئي. جنهن ۾ سنڌ ۽ هند جا مولانا آزاد، مولانا عبدالباري فرنگي محلي، شيخ عبدالمجيد سنڌي جهڙا اڳواڻ وڏن عالمن ۽ پيرن توڻي گانڌي جي پيغام کان علاوه جي. ايم سيد پندرنهن سالن جي عمر ۾ شريڪ ٿيو هو، جنهن جي تقرير وڻ وڄائي ڇڏيا هئا. ٻي خلافت ڪانفرنس سن ۾ جي ايم سيد پنهنجي ميزباني ۾ ڪوٺائي هئي. نوجوان، يتيم غلام مرتضيٰ، جنهن جو پيءُ قتل ٿي ويو، جنهن جي تربيت گهر جي عورتن هٿان ٿئي ٿي، جنهن جي گذاري لائق زمين انگريز سرڪار جي ڪورٽ آف وارڊس تحت آهي. پوءِ ڀي گورنر جي مخالت کڻندي خلافت ڪانفرنس جي ميزباني ڪري ٿو. انهي ۾ سيد پنهنجي آجياڻي واري ڳالهه ڪري ٿو ۽ آخر ۾ سندي تقرير جي پڄاڻي جيئي سنڌ سان ڪري ٿو. بينا شاھ جي ناول ۾، بينظير جو افسانوي ڪردار به بڻايو ويو آهي. جنهن ۾ ننڍڙي بينظير حد درجي جي خود سر، ضدي پر پيءُ جي لاڏلي ۽ گهر جي وڏور. ڪهاڻيءَ موجب بي بي کي ناراض ڪندڙ يا روئاريندڙ ملازمن کي سندس پيءُ (جنهن کي پڻ سائين ٻڌايو ويو آ) چهبڪ هڻائيندو هو. هڪڙي ڀيري انهيءَ بينظير کي سندس هڪڙي ملازم ڪار مان لهندي گهوري ڏٺو ته انهي جون سزا ۾ رڙيون هميشه ٻين ملازمن کي ياد رهيون. ناول جي مک ڪردار علي سڪندر جي پنھنجي پيپلي پيءُ سان ڇڪتاڻ سبب ناول جي آخري باب تائين بينظير سان پڻ نفرت رهي ٿي. پر بينظير جي پڄاڻيءَ تي ھو به بينظير سان پڄاڻي تي پهچي شهيدن جي موسم منجهه مليو. جيڪا وڏيرن سان شهري يا لبرل ڪلاس ۾ نفرت آهي، سا بينا شاھ جي بيانئي موجب، وڏيري ڪلاس کي مظلوم ظاهر ڪري ٿي. ته وڏير ايئن ناهن جيئن هنن کي پڻيو ويو آهي. اوهان مان ڪيترا اهو ناول پڙهي اها راءِ قائم ڪري سگهن ٿا ته اهو انگريزي ۾ ناول هڪڙي مٿين وڏيري ڪلاس جي پڙهيل لکيل فرد جي اکين سان جديد سنڌ بابت پنھنجو پرزم آ. بينا شاه جي ناول کي انگريزي جي هڪ ٻئي فڪشن ليکڪ عامر حسين “گريٽ سنڌي ناول” قرار ڏنو آهي. اهو ڪو گهڻو وڌاءُ به ڪونهي. سائين جي ايم سيد ڏکين حالتن ۾ رهنمائي جون راهون ڏيکاريندڙ اعظم ڀٽي تاريخ جي ورق گرداني ۾ اهڙا کوڙ سارا نالا ڳڻائي سگهجن ٿا، جيڪي استحصالي قوتن کان وٺي، سياسي سماجي بي حسي توڙي اسان جي پنهنجي هٿ جي وڍيءَ جو سبب بڻيا. توڙي جو اسان ڀلي کڻي انفرادي يا گروهي طور پنهنجو پاڻ کي آجو سمجهندا هُجون پر اُهي ڪير هئا جيڪي انهن استحصالي قوتن جي بندوق جو ڪُلهو بڻيا، مير جعفر ۽ مير صادق به انگريزن جا ڄاوا ته ڪو نه هئا. اُهي اسان جي سماج جي پيداوار هئا، جن پنهنجي انفرادي ۽ گروهي مفادن خاطر سُڌريل سماجن جو ستياناس ڪري ڇڏيو ته پنهنجي ڪردار تي به هميشه لاءِ لعنتاڻي جي مُهر هڻي ويا. ان جي برعڪس سماج جڏهن مُشڪلاتن جي وَر چڙهندا آهن، معاشرن جو ماحول جڏهن بگاڙ جو گهاڻو بڻجي ويندو آهي، هر طرف افراتفري جون هوائون گهُلڻ لڳنديون آهن، جڏهن احساس لُڇندا ٿا، جڏهن جذبن جو جيءُ جَلندو آهي، جڏهن اکيون ڪنهن مثبت راهه جون منتظر بڻجي وينديون آهن ته بهادر قومي اڳواڻن، مفڪرن، قومي هيرن، رهبرن، ڏاهن، دانشورن جون دُور رس ڳالهيون ۽ وسيع سوچ سان لبريز مقولا باشعور فردن جي ذهنن ۾ ڦِرڻ لڳندا آهن، ان وقت انهن جي وجود جي کوٽ شدت سان محسوس ٿيڻ لڳندي آهي، جيڪي نبض شناس هوندا آهن، جيڪي سماج شناس هوندا آهن، جيڪي معاشري کي درپيش ڏُکين گهڙين ۽ مُشڪل حالتن تي گهِري نظر رکندا آهن، انهن حالتن کي مدِنظر رکي پنهنجا رايا ڏيندا آهن، رهنمائي جون راهون نروار ڪري، مسئلن جي حل جون تدبيرون ڏَسيندا آهن، سماجن کي بدلائڻ لاءِ پنهنجا تجربا ۽ مُشاهدا ونڊيندا آهن، اهي ان خار زار جهنگل کي صفا صاف ڪري باغ بستان بنائڻ واري جُنبش ۾ لڳي ويندا آهن. ڪي ايماندار، اشراف قومي مجنون سياسي زندگيءَ کان بس ڪري گوشه نشينيءَ جي زندگيءَ ۾ به اهڙا گوهر ورهائيندا آهن جو پڙهيل لکيل ماڻهن کي به ڏندين آڱريون اچي وينديون آهن. برصغير جي تاريخ ۾ اهڙا آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ڪردار هوندا جن جي عملي زندگيءَ، سياسي، سماجي، اخلاقي حوالي سان عام ماڻهن لاءِ هڪ بهترين نمونو ثابت ٿيندي رهي آهي. سائين جي ايم سيد جو ڳاڻيٽو انهن رهبرن ۾ ٿئي ٿو، جيڪي پاڻ متحرڪ هوندا آهن ته سماجن جا رُخ بدلائي ڇڏيندا آهن ۽ جيڪڏهن گوشه نشيني ۾ هوندا آهن تڏهن به معاشرن جي مشڪلاتن جا حل ويٺا ڏَسيندا آهن، جڏهن سموري دنيا کي مذهبي انتهاپسنديءَ جي اڳواٽ خوف جي ڪا خبر نه هئي ته سائين جي ايم سيد ويانا ڪانفرنس ۾ سموري دنيا کي آگاهه ڪيو هو ته اهو امڪاني خوف سموري دنيا لاءِ مٿي جو سُور بڻجي ويندو ۽ پوءِ سڀ پريشاني جي عالم ۾ مٿو ڪُٽيندا رهندا ۽ دنيا ڏٺو ته سائين جي ايم سيد جي دُور رس نظر گهڻا سال اڳي ان صورتحال کي پرکي وڌو هو، هُن ته سرمائيدارانه ۽ جاگيردارانه نظام جي مجموعي نقصانن ۽ هاري ۽ مزدور طبقي جي استحصال وارن قدمن تي، سنڌي قوم جي تاريخي سڃاڻپ واري نُقطي تي راتاهي بابت پنهنجو عالمانه نقطئه نظر ڪيترا ئي سال اڳ چِٽو ڪري ڇڏيو هو. اهڙا کوڙ سارا مامرا هئا جن کي هُن پنهنجي عُقابي نظر سان نه رڳو ڏٺو پئي، محسوس ڪيو پئي پر عام آڏو ان جو کُليو کُلايو اظهار به ڪيو پئي ته پڙهيل لکيل ماڻهن کي انهن خوف خطرن کان لکت ۾ آگاهه به پئي ڪيو. جڏهن مُلڪن، معاشرن ۽ سماجن جون مجموعي حالاتون بِگڙي صفا هٿن مان نڪري ٿي ويون ته هُن اهو به پئي چيو ته؛ ”جڏهن مُلڪن جون حالتون سازگار نه هجن ته پڙهيل لکيل ماڻهن جو ڪم آهي ته گهر جي ڪنهن ڪُنڊ ۾ ويهي تصنيف ۽ تاليف جو ڪم ڪن.“ سائين جي ايم سيد جو اڪثر تصنيف ۽ تاليف جو وارو ڪم انهن ناسازگار حالتن جو نتيجو به آهي ته ان جو چِٽو ثبوت به آهي. سندس سموري سياسي، سماجي، علمي، ادبي جدوجهد مان اهو بخُوبي اندازو ٿئي ٿو ته هُو جتي به رهيو، جنهن به حالت ۾ رهيو، مٿي تي هٿ ڏئي نه خاموش ٿي ويٺو نه مايوسيءَ جي مَم کي پنهنجا گوڏا چَٽڻ جي اجازت ڏنائين. زندگيءَ جو هڪ وڏو عرصو پابندِ سلاسل رهڻ جي باوجود به هُو جڏهن به ٻاهر ٿي نڪتو ته هُن پنهنجي عملي ڪردار وسيلي پنهنجي زبان کان ڪات جو ڪم وٺي، استحصالي قوتن ۽ ڌرتيءَ جي دشمنن کي پئي للڪاريو، جڏهن به قيد ٿي ٿيو ته هُن قلم کي تلوار بڻائي ڌرتيءَ جي دشمنن جا ڇوڏا ٿي لاٿا. اهو ئي سبب هو جو سنڌ ۽ سيد جون مخالف سياسي قوتون ۽ استحصالي ڌُريون جي ايم سيد جي حياتيءَ تائين ٻٽي ڪَرب جو شڪار رهيون، سيد کي قيد ٿي رکيائون تڏهن به پريشان هُيون ته وري کيس آزاد ٿي ڇڏيائون، تڏهن به هميشه ڊپ ۽ خوف ۾ ٿي رهيون. ڪردارن جي اجتماعي ڪاميابيءَ جو ان کان وڏو ٻيو ڪهڙو ثبوت ٿي ٿو سگهي ؟ سائين جي ايم سيد جو سياسي، سماجي، علمي، ادبي ۽ اخلاقي ڪردار ڪالهه به ڪامياب هو ته اڄ به ان ڪردار تي نظرياتي پختگيءَ ۽ بقا جي مُهر لڳل آهي، ڀلي کڻي موجوده وقت ۾ حالتون سندس فڪر ۽ نظريي جي فائدي ۾ نه به هُجن، ڀلي کڻي ڊپ ۽ خوف جون آله ڪار ڌُريون اهو سمجهنديون هُجن ته هنن سيد جي فڪر ۽ نظريي تي خاموشي جي مُهر هڻي ڇڏي آهي، يا سندس نظرياتي پختگيءَ واري جدوجهد جي سفر آڏو رڪاوٽون کڙيون ڪري ڇڏيون آهن پر تاريخ گواهه آهي ته رهبرن، مفڪرن، خيالن جا واهڙ وهائيندڙن، نَوان رستا ۽ دڳ ڏَسيندڙن جي فڪر، فهم ۽ ادراڪ کي سوين سال گُذري وڃڻ کانپوءِ به امرتا ۽ مهانتا ملي آهي، جنهن جي آڏو سموريون رڪاوٽون تاريخ جو ڪچرو ثابت ٿيون آهن. سمورا هٿڪنڊا وقت جي ڌُوڙ بڻجي وِکري ويا آهن. دُولهه دريا خان کي تلوارن جا گهاءُ ڏيندڙ، مخدوم بلاول کي گهاڻي ۾ پيڙهيندڙ، صوفي شاهه عنايت شهيد جو سِر قلم ڪندڙ جو نالو ڪنهن کي به اڄ ياد ناهي پر سنڌ جا اهي سمورا سُورهيه سپُوت نه رڳو تاريخ ۾ زنده ۽ امر آهن پر اُتساهه، همت، حوصلي، جوش ۽ جذبي جو لاثاني مثال بڻيل آهن. سو هي موجوده مشڪل وقت، هي دجالي دؤر ڀلي کڻي استحصالي قوتن جي ڏند ڪڍي کِلڻ جو دؤر هجي پر سڀاڻي جي تاريخ ۾ اُن عذاب واري دؤر جي محرڪن جو نالو به ڪنهن کي ياد نه هوندو. موجوده وقت ۾ جنهن اهم ڳالهه جي ضرورت آهي سا اُها ئي آهي ته سيد جي پوئلڳن کي، سيد جي عاشقن کي، سنڌ ڌرتيءَ سان پيار ڪندڙن کي سيد جي قول تي عمل ڪندي سمورو وقت مطالعي، تصنيف ۽ تاليف تي ڏيڻ گهرجي، انهن کي پنهنجي نئين صف بنديءَ لاءِ رٿابندي ڪرڻ گهرجي. جيڪا رٿابندي مستقل ۾ سنڌ جي سُورن لاءِ مرهم به بڻجي ته سيد جي نظريي جي فتح ۽ ڪاميابيءَ جي علامت به بڻجي اُڀري. Relevance of GM Syed today By Naseer Memon The writer is Chief Executive of the Strengthening Participatory Organization Published: January 17, 2013 GM Syed, often demonized as a traitor by establishment ranks, is among the least understood and most maligned founding fathers of Pakistan. At a juncture of history when the country is in a morass of extremism, militancy and corruption, his relevance in contemporary Pakistan is of great significance. An objective study of GM Syed’s political career proffers certain solutions for the current crisis of the state. He always stood for separation of religion from state affairs and advocated greater autonomy for federating units. The Charter of the Pakistan People’s Organization, which he founded in 1948, envisioned a progressive, democratic country. The party proposed to make the country a ‘union of autonomous socialist republics’. The prescription could have stitched a tenable federation and averted its fragmentation. The party charter also emphasized the recognition of Pakistan as a multi-nation state where historic identities and rights of the constituent nations should be respected. The creation of Bangladesh and the disgruntlement of Baluchistan and Sindh signify the hitherto unresolved riddle. Another relevance of GM Syed’s work is his unambiguous proposition for separation of religion from state affairs. Although Pakistan was created on the basis of the two-nation theory, it is widely believed that, after its creation, the Quaid-e-Azam intended to make it a secular state. Vested interests, however, were reluctant to wean off from religiosity, as it offered a lucrative nexus with global powers. Besides the national leadership, GM Syed also berated superpowers for blending religion with regional politics for their strategic appetite. He delivered a spellbinding speech at the Vienna International Peace Conference in 1952. Addressing delegates from the US and Britain, he deplored American and British efforts to unite Muslims based on their faith which, he felt, engendered serious ramifications. He warned them that patronizing such forces would promote religious extremism and fascism. These words testify the prescience of a maverick. GM Syed’s intellectual contribution was enormous. He bequeathed a treasure trove of over 60 published books and a huge cache of unpublished work. Mostly in Sindhi, his books are a testimony of the history of Sindh and the subcontinent. His landmark books Paigham-e-Latif (Message of Shah Latif) and Jee’aan ditho aa moon (As I witnessed) are especially seminal works of Sindhi literature and politics. In Paigham-e-Latif, he reinterpreted Shah Abdul Latif Bhitai as an icon of the social consciousness of Sindh and not a mere reclusive dervish. His interpretation of Bhitai rediscovered him as a national poet of Sindh, whose message of humanity characterized the soul of the province as an abode of universal peace. Jee’an ditho aa moon provides an unusual comparative analysis of religions and an assault on religious extremism. The book riled clerics prompting them to issue an edict against him. It did not, however, muzzle him and he continued to proselytize his views. For his defiant views, he remained interned for over 30 years. One may repudiate his political views but certainly cannot relegate his commitment to peaceful coexistence, democratic and secular values in politics and rights of nations. All of this is very relevant for today’s Pakistan to make it a tenable state. Note: January 17 is the 109th birth anniversary of GM Syed. Published in The Express Tribune, January 17th, 2013.