Netflix Sandman Palace of the Dreaming early concept dev
ڪيرت ٻاٻاڻي هڪ مها ديش ڀڳت رکيل مورائي هڪ مها ديش ڀڳت سنڌي، ترقي پسند اديب، برطانوي سامراج خلاف وڙهندڙ هڪ بهادر شاگرد، سنڌ کي ڪڏهن به نه ڇڏڻ جو وچن ڪندڙ، گرفتار ڪري زوري جلاوطن ڪيو ويندڙ وطن دوست ليکڪ، هند ۾ سنڌيت جي هلچل جو هڪ اهم اڳواڻ، ورهاڱي کي ساهه جي آخري هڏڪيءَ تائين نه قبوليندڙ ذهين شخص، هند جي سنڌين کي گڏ ڪرڻ لاءِ سموري حياتي قربان ڪندڙ، هند جي ترقي پسند ادب جي ٽه مورتي جي آخري مورت، ڪيرت ٻاٻاڻي ٽي ڏينهن اڳ، سنڌ کي ستهٺ سال نه ڏسي سگهڻ جو درد دل ۾ سانڍي، آڌيءَ رات هن جهان مان اڏاڻو، ان جهان ڏانهن جيڪو اسان سڀني ٻڌو ته آهي پر ڏٺو نه آهي، اهڙو جهان جنهن کي نه قبوليندي به قبولڻو پوي ٿو. ساهتي پرڳڻي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ مورو لاکو ۾ ٽين جنوري اوڻيهه سئو ٻاويهن تي جنم وٺندڙ، ٽن سالن ۾ يتيم ٿيندڙ ۽ گهر جي اٺن ٻارن چئن ڀائرن ۽ چئن ڀينرن جو آخري ڀاءُ ڪيرت ٻاٻاڻي، وقت جي ڊوڙ ۾ ايترو تيز ڊوڙندو ۽ ايترو اهم مرتبو ماڻيندو، اهو احساس شايد سندس خاندان کي نه هجي. هو هند جي سنڌين جو هڪ بيمثال اڳواڻ ٿيندو، هند ۾ سنڌي ٻولي کي بچائڻ جي ضمانت بڻبو، هند جهڙي وڏي ۽ گهڻ ٻوليائي ملڪ ۾ هو پنهنجي ساٿين سان گڏجي سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏياريندو، اهو سڀ شايد هن لاءِ هن ملڪ ۾ ممڪن نه بڻجي ها! برطانوي سامراج خلاف وڙهندي هن هڪ اڳواڻ کان وڌيڪ وڪيل ٿيڻ پسند ڪيو هئو پر حالتن هن کي هڪ استاد بنائي ڇڏيو، هڪ اهڙو ڪامل استاد، جنهن کي پنهنجي هزارين سالن جي تهذيب يافته ڌرتيءَ تان اکوڙجي ويل هڪ جاتيءَ جي رهبري ڪرڻي هئي ۽ اها رهبري هن پنهنجي سموري ايمانداريءَ سان ڪئي ۽ زندگي جي آخري گهڙيءَ تائين ڪئي. هُن نوجوانيءَ ۾ سنڌ ڇڏي نه پر سنڌ هن کان ڇڏائي وئي۽ تاحيات هن لاءِ سنڌ منع ٿيل ميوو بڻجي وئي. ڪيترن موقعن تي هن سنڌ ڏسڻ جي سڌ ڪئي پر هو هن ملڪ جي سرڪار لاءِ سدائين بليڪ لسٽ تي رهيو. ساڻس گڏ ڪجهه ٻيا شخص به ان لسٽ ۾ شامل رهيا. هو سڄي عمر مهاراشٽر صوبي جي راڄڌاني واري شهر ممبئي ۾ رهيو، گهر جو گاڏو هلائڻ لاءِ ماستري ڪيائين ۽ پوءِ بلڊر بڻيو، سنڌي جاتيءَ کي بچائڻ لاءِ اکل ڀارت ساهت سڀا جوڙيائين، سنڌين کي شعور ڏيڻ لاءِ هڪ اخبار ”سنڌ سجاڳ“ ڪڍيائين ۽ ٻولي کي بچائڻ لاءِ ڊگهي تحريڪ هلايائين. ادب جي خدمت ڪرڻ لاءِ ٻه درجن ڪتاب لکيائين ۽ سنڌ کي هڪ ڀيرو ڏسڻ لاءِ ڪيترائي ڀيرا ڳوڙها ڳاڙيائين، پراهو سڀ سندس زندگيءَ ۾ ئي هئو، هاڻ هو ان سڀ کان گهڻو پري هليو ويو آهي. ورهاڱي کانپوءِ هند لڏي ويندڙ اديبن جي هڪ ٽه مورتي هئي، جنهن الڳ الڳ فورمن تان سنڌين جي جنگ وڙهي ۽ سنڌيت کي بچايو، ان ٽه مورتيءَ ۾ شامل هئا، گوبند مالهي، اي جي اتم ۽ ڪيرت ٻاٻاڻي، جن گڏجي اکل ڀارت ساهت سڀا جوڙي، جنهن جي فورم تان هنن سڄي هند جي سنڌين کي، خاص طور اديبن، شاعرن ۽ عالمن کي گڏيو، ساهت سڀا جي تاريخ تي لکيل ڪيرت ٻاٻاڻي صاحب جو ڪتاب ”سنڌيت جو سفر“ پڙهڻ وٽان آهي، جنهن ۾ سنڌيت جي ويڙهه جو داستان آهي، هي ڪتاب شايد سندس زندگيءَ جو آخري ڪتاب به آهي. ٻئي طرف سندس هر ڪتاب ڄاڻ جو ڀنڊار آهي. دادا ڪيرت ڪهاڻيون به لکيون ته نئين ڪوتا جو ڪتاب به سنڌي ادب کي ڏنائين. تنقيد تي ڪتاب به لکيائين ته هڪ نهايت سٺي آتم ڪٿا پڻ لکيائين، جيڪا چئن جلدن ۾ سنڌي ٽائيمز جي سرواڻ ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتيءَ ڇپائي پڌري ڪئي، جنهن جو نالو آهي، ”ڪجهه ٻڌايم ڪجهه لڪايم“ سندس ٻين ڪتابن جا ڪجهه نالا هن طرح آهن. لڪيو لياڪا پائين (ڪوتائون) نه ليلا نه مجنون (ڪهاڻيون) چونڊ سنڌي مضمون (چونڊ) لينن دنيا جي عظيم انقلابي شخصيت (جيوني) پيهي منجهه پاتار (تنقيدي مضمون) مالوا (ناول ترجمو) اوک ڊوک (تنقيدي مضمون) سنڌي ڪهاڻي ورهاڱي بعد (تنقيدي اڀياس) سو سڏ سو پڙاڏو (خط) ڌرتي جو سڏ (ناٽڪ) سوريءَ سڏ ڪيو (ناٽڪ) ڪولي (ترجمو ناول) اوهين سڀ ننگا آهيو (ڪهاڻيون) جيئي سنڌ – سدا جيئي (ڪهاڻيون) جيڪي ڏٺو مون (روس جو سفر نامو) امن جي اُفق ڏانهن (مضمون) ادب ۾ قدرن جو سوال (تنقيد) اٻول راڻي (ٻاراڻيون ڪهاڻيون) سنڌي لوڪ ڪهاڻيون (لوڪ ادب) درد جو دل ۾ سمائجي نه سگهيو (ڪهاڻيون) مراٺي ادب جي تاريخ (ترجمو) سنڌيت جو سفر (تاريخ) ٻيا به ڪي ڪتاب هوندا جيڪي تڪڙا ياد ۾ نه اچي رهيا آهن، سندس ناٽڪ ”ڌرتيءَ جو سڏ“ تي کيس هند جي وڏي ادبي اداري مرڪزي ساهتيه اڪيڊمي جو ايوارڊ ڏنو ويو. ساڳيءَ طرح کيس سوويت لينڊ نهرو ايوارڊ پڻ ڏنو ويو. جنهن بنياد تي هو روس جو چڪر هڻي آيو، هيءُ اهو در هئو جڏهن سوويت روس مظلوم قومن ۽ مظلوم طبقن جو آئيڊيل ملڪ هئو. مرڪزي ساهتيه اڪيڊمي جا ادبي ايوارڊ سندس سفارش سان ڪيترن کي مليا پر کيس اهو ايوارڊ ٻه هزار ڇهه ۾ مليو، شايد اهوئي ڪتاب هئو، جنهن ۾ سندس آئيڊيا تڪميل تي پهتي هئي. يا هن محسوس ڪيو هئو ته هاڻ ڌرتي سڏي رهي آهي. هو آخري گهڙي تائين وڏي عمر هوندي به چهري مان نوجوان ۽ باهمت لڳندو هو. دادا ڪيرت ٻاٻاڻي وطن دوستيءَ جا سبق سنڌ ۾ پڙهيا ۽ کيس ترقي پسند نظريي ۽ ادب ڏانهن آڻيندڙ ڪامريڊ سوڀو گيانچداڻي هو. جنهن جو ذڪر هن پنهنجي آتم ڪٿا ۾ پڻ ڪيو آهي. هند ۾ ويهي به هو سنڌ جي سنڌين جي حالت تي ڏکوئبو هئو. هن سائين جي ايم سيد جا ڪيترائي ڪتاب هند ۾ ڇپرايا، جيڪي سنڌ ۾ ڇپجڻ ڏکيا هئا. خاص طور ”سنڌوءَ جي ساڃاهه“ سنڌي ٻوليءَ جي مها ڪوي شيخ اياز پنهنجي ڪنهن ڪتاب ۾ لکيو هئو ته ”منهنجي خواهش آهي ته جڏهن هاڻ مان هند وڃان ته منهنجي آجيان لاءِ اتم، مالهي ۽ ڪيرت جي ٽمور تي موجود هجي، “ شيخ صاحب هن کي دانشور ليکڪ پڻ ڪوٺيو آهي. سنڌ جي قوم پرست حلقن پاران کيس اهو اعزاز به حاصل رهيو ته کيس هند جي سنڌين جو جي ايم سيد سڏيو ويو، مورو لاکو ۽ ممبئي جي وچ ۾ ڏيڍ ڪلاڪ جو هوائي رستو آهي، پرهو اهو وقت ستهٺ سالن ۾ به طئي ڪري نه سگهيو ۽ پنهنجي زندگيءَ جو سفر پورو ڪري ويو. ساهتيءَ جو هيءُ بهادر پٽ سڄي عمر آدرشي رهيو ۽ پنهنجي نظرئي کان پري نه ٿيو، هو سڄي عمر اهڙي عالمگيريت جي امن ۽ سلامتيءَ جو پرچارڪ هئو، جنهن عالمگيريت جي وچ ۾ سنڌ موجود هئي، جنهن ڪري کيس ديش ڀڳت ڪميونسٽ چيو ويندو هئو، ٻئي طرف هو ڪنهن به تعصب کان پاڪ هڪ اهڙو شخص هئو، جنهن جو انسان جي چڱائي ۾ مڪمل ويساهه هئو. هند ۾ کيس جيڪو مرتبو مليو اهو ٿور هن کي مليو آهي. ادب ۾ الڳ نظريو رکندڙ ڪاڪي هري موٽواڻي سندس شخصيت ۽ جدوجهد توڻي ادبي پورهئي ۽ سنڌيت لاءِ سندس ڪيل خدمتن تي هڪ بيمثال ڪونج جو پرچو شايع ڪيو هئو، تازوئي ممبئي رهندڙ هڪ ٻئي سنڌي اديب هولا رام هنس، سندس فن ۽ شخصيت تي هڪ ڪتاب لکيو آهي ”ڪيرت ٻاٻاڻي“ هونئن سندس ادب بابت اڪيچار مقالا مضمون ۽ ليک لکيا ويا آهن. هو پنهنجي نظريي سان ايتري حد تائين جڙيل رهيو جو هن پنهنجو آئيڊيل ڪامريڊ لينن کي بڻائيندي لينن ڪٽ ڏاڙهي ۽ مڇون رکرايون. پڪ سان لينن سندس عمر ۾ وفات ڪري ها ته تصوير مان هو ٻئي جاڙا ڀائر لڳن ها. ڪيئن به سنڌ پنهنجي هڪ عاشق دانشور کان محروم ته ستيتاليهن ۾ ئي ٿي وئي هئي پر اڄ هو جسماني طور به نه رهيو آهي ته خاڪي جوئي صاحب جو هڪ شعر ياد ٿو اچي ته سنڌ ڏني اوڇنگار ڀري، ڪنهن مرد خدا منهن موڙيو آ. اڄ هو جيئرن جي جهان کان منهن موڙي ڪنهن ڏورانهين ڏيهه هليو ويو آهي. سندس رک کي سنڌوءَ جو پاڻي نصيب ٿيندو يا نه؟ ڇا چئجي پر سنڌ ڏکاري ٿي آهي، سنڌي اديب،شاعر، عالم ۽ ڏاها ڏکارا ٿيا آهن، شايد اسان کي ڏک ڀانءِ پئجي ويا آهن. تڏهن ئي ته هن ديس کي ڏکويل ماٿري چوندا آهن. هند جي سڀني سنڌين سان دادا ڪيرت جي ديهانت تي پرچاڻي ڪن ٿا سنڌ جا سڀ ساڃاهه وند، جن ڪڏهن به هن کي ڌار نه سمجهيو پڪ سان ڪي به لڪيرون روحن کي ۽ دلين کي ڌار نه ڪري سگهنديون آهن. ايئن دادا ڪيرت ٻاٻاڻي به ڌرتي کان ٿئي ڌار، اهو ڪيئن ٿيندو؟. هاڻ ته هو اڃا به ڌرتي کي ويجهو ٿيو آهي، هاڻ ته کيس ڪابه حڪومت بليڪ لسٽ نٿي ڪري سگهي، نه هاڻ هن کي ڪنهن ويزا جي ضرورت آهي. ۽ بس! سنڌ جو اڇو اُجرو انسان پروفيسر اعجاز احمد قريشي سنڌ ڪيترا ئي اڇا اُجرا انسان پيدا ڪيا آهن. اهڙن ماڻهن مان سنڌ جو هڪ دادلو انسان دادا ڪيرت ٻاٻاڻي پڻ هو. هو هڪ تمام سچو، ڪارائتو، اڇو اجرو انسان ٿي گذريو آهي. پاڻ تازو ئي گذريل مهيني ۾ هندستان جي ممبئي شهر ۾ ۹۲ ورهين جي عمر ۾ ديهانت ڪري چڪو آهي. اڄ سندس ارٿيون جيڪي هندستان مان هتي موڪليون ويون آهن اُهي سنڌوءَ جي حوالي ڪيون پيون وڃن. جس آهي انهن دوستن کي جيڪي هن ڪم ۾ اڳيان اڳيان آهن. انهن ۾ شوڪت شورو ۽ تاج جويو اڳيان آهن. دادا ڪيرت جي اِهائي وصيعت هئي ته سندس رک سنڌوءَ جي حوالي ڪئي وڃي. ڪيرت ٻاٻاڻي سنڌ جو هڪ ٻهگڻو عالم ۽ اديب هو جيڪو پڇاڙي عمر تائين لکڻ، پڙهڻ ۽ سنڌيت جي پرچار سان لڳو رهيو. دادا ڪيرت ٻاٻاڻي ۳ جنوري ۱۹۲۲ع تي هڪ ننڍڙي ڳوٺ مورو لاکو ۾ پيدا ٿيو. سندس اِهو ڳوٺ تڏهن ضلعي نوابشاهه ۾ هو. انهيءَ دور ۾ سندس انهيءَ ڳوٺ ۾ اسڪول ڪو نه هو ڇو ته اُن دور ۾ سنڌ جي ننڍن ڳوٺن ۾ اسڪول ڪونه هوندا هئا. ڪيرت صاحب پنهنجي انهيءَ ڳوٺ ۾ اسڪول ۽ ماستر نه هوندي به ڳوٺ جي مسجد جي ملان وٽ سنڌي ٻولي جي تعليم حاصل ڪئي ۽ اڳيان هلي هو سنڌي ٻوليءَ جو هڪ سٺو ليکڪ بڻيو. هو گريجوئيٽ هو. سندس وڏا اُتي يعني پنهنجي ڳوٺ ۾ دڪانداري ڪندا هئا، وٽن ٿوري زمين پڻ هوندي هئي جنهن تي هو پنهنجي لاءِ ڀاڄيون ۽ ميوا وغيره پوکندا هئا. نوابشاهه ۽ مورو انهيءَ زماني کان وٺي اڄ تائين زرعي طور تي هڪ بهترين علائقو آهي ۽ بهترين فصل اُتي پوکجن ۽ اپجن ٿا. ڪيرت ٻاٻاڻي جو خاندان مورو لاکو ڳوٺ ۾ رهندو هو، اتي سندس ٻن چاچن جو قتل ٿي ويو. هڪ رات سندن ڳوٺ ۾ ڪي ڌاڙيل آيا جن انهن جي دڪان جي ڦرلٽ ڪئي ۽ دڪان کي ساڙي هليا ويا جنهن جي ڪري هنن کي پنهنجو ڳوٺ ڇڏڻو پيو. حالانڪ ڳوٺ جو وڏيرو وٽن آيو ۽ انهن کي چيائين ته ڳوٺ نه ڇڏيو، اسان بدمعاشن کي پڪڙي سزا ڏيارينداسين. پر هو پنهنجو ڳوٺ ڇڏي صابو راهو ۽ پوءِ نوابشاهه لڏي آيا. ڪيرت صاحب پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ اها ڳالهه ڪندي اهو ٻڌايو ته اها ڳالهه ورهاڱي کان گهڻو اڳ جي آهي. ڪيرت ٻاٻاڻي پندرهن ورهين جي عمر کان آزادي جي تحريڪ ۾ حصو ورتو ۽ ساڳئي وقت ۱۹۴۲ع ۾ Quit انڊيا Movement ۾ تمام گهڻو بهرو ورتو، ان سان گڏ انگريزن جي خلاف تحريڪ ۾ لوڪو هيمرا جاراڻي، سجان راوتاڻي، گلاب ڀڳواناڻي، گڏ هئا. اڳيان هلي اها تحريڪ زورن شورن سان شروع ٿي جنهن ۾ هندن ۽ مسلمان گڏيل طور تي ڀاڳ ورتو. ڪيرت صاحب انهي تحريڪ دوران ۱۹۴۲ع هڪ سال لاءِ جيل هليو ويو ۽ وري پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ هڪ سال لاءِ جيل هليو ويو. ۱۹۴۲ع ۾ محترم سوڀو گيانچنداڻي جي پڻ ساڻس جيل ۾ ملاقات ٿي. محترم ڪيرت ٻاٻاڻي هڪ سنڌيت پرست هيو ۽ خيالن ۾ Communist هو. هن ڪڏهن به سنڌ نه پئي ڇڏڻ چاهي پر پوءِ ۱۹۴۹ع ۾ جيئن جيل مان آزاد ٿيو کيس هندستان روانو ڪيو ويو. ڪيرت صاحب هندستان پهچڻ کانپوءِ هڪدم هندستان ۾ پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت بچائڻ ۾ لڳي ويو. پاڻ شروع شروع ۾ دوستن سان گڏ سنڌي ساهتيه منڊل ٺاهيو. کائنس اڳ ۾ اها تحريڪ سندس دوست جهڙوڪر شروع ڪري چڪا هئا. ساڻس گڏ گوبند مالهي پڻ هيو جيڪو سنڌ ۾ سنڌي ٻولي، سنڌي ادب ۽ سنڌي ادبي سنگت سان جڙيل هو. ورهاڱي کان اڳ ڪراچي ۾ گوبند مالهي نئين دنيا مخزن جو پڻ پايو وڌو. هندستان ۾ سنڌين پنهنجي دنيا ٺاهي هئي ۽ اُتي سنڌي ادب، ثقافت ۽ ٻوليءَ لاءِ ڪم ڪندا هئا.۽ هنن گڏجي ‘اکل ڀارتي سنڌي ٻولي ۽ ساهتيه سڀا’ ٺاهي. ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي سان هن سلسلي ۾ جيڪي ٻيا صاحب گڏ هئا انهن ۾ پروفيسر رام پنجواڻي، پروفيسر ڀوڄراج ناگراڻي، پروفيسر لالچند امر ڏنو مل جڳتياڻي شامل هئا. هن جي سربراهي پروفيسر منگهارام ملڪاڻي ڪندو هو. پروفيسر ملڪاڻي پڻ هڪ تمام وڏو ۽ اعليٰ اديب ۽ دانشور ٿي گذريو آهي. بقول ڪيرت صاحب جي ته هن تنظيم جو مطلب اهو هو ته هندستان ۾ رهندڙ سڀني سنڌين کي گڏ ڪجي ته جيئن هو شعوري طور سنڌي ٻولي ۽ ادب لاءِ ڪم ڪري سگهن. انهي دور ۾ ئي اتي ٽي اهم نالا چٽي طرح اڀريا يعني ڪيرت-مالهي-اتم، انهن ٽنهي کي گڏي ٽي مورتي ڪري سڏيو ويندو هو. هندستان جيڪو هڪ گهڻ قومي ملڪ آهي ۽ جنهن ۾ ڪيتريون ئي ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون، انهن ٻولين مان سنڌي ٻولي به هڪ آهي جنهن کي سرڪاري ٻولي قرار ڏيڻ لاءِ ڪيرت ۽ سندس دوست پيش پيش رهيا پر هتي اهو چوڻ مناسب ٿيندو ته ڪيرت هندستان ۾ سنڌي ٻولي کي ملڪ جي سرڪاري ٻولي کي ڪرڻ ۾ مڃارائڻ ۾ سڀ کان اڳڀرو هو. ڪيرت سان گڏ انهيءَ تحريڪ ۾ جيڪي ٻيا دوست گڏ هئا ان ۾ مکي طور گوبند مالهي، اتم، آسن، پوپٽي هيراننداڻي هئا. خاص طور تي هندستان جو مشهور قانوندان رام ڄيٺملاڻي به ساڻن گڏ هو. جيئن هن وقت به رام ۽ آشا چاند هندستان جي سرڪاري ٽي وي چئنل دور درشن ۾ هڪ چوويهه ڪلاڪن لاءِ سنڌي پروگرام لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهن. سڀ کان وڏو ڪم جيڪو ڪيرت ۽ سندس دوستن ڪيو جن ۾ رام ڄيٺلاڻي به گڏ هو ته سنڌي ٻولي جي لپيءَ کي عربي ئي رهڻ ڏنو وڃي ۽ ديوناگري ۾ تبديل نه ڪيو وڃي. ڪيرت ٻاٻاڻي ته پڇاڙي تائين عربي لپيءَ ۾ لکندو رهيو. سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري حيثيت لاءِ هنن دوستن پارليامينٽ اڳيان هڙتال پڻ ڪئي. هن وقت به هندستان ۾ عربي لپيءَ سان گڏ ديوناگري لپي به هلي رهي آهي. سنڌي ٻوليءَ کي زنده رکڻ لاءِ ڪوششون هلي رهيون آهن. ڪيرت ٻاٻاڻي هڪ وڏو ڪهاڻيڪار ۽ نثر نويس رهيو آهي. ڪيرت اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهتيه سڀا طرفان ڪيترا ئي سيمينار ۽ ڪانفرنسون ڪوٺايون خاص طور تي شاهه عبداللطيف ڀٽائي تي، ان ۾ سنڌ سميت سڄي دنيا مان ڪيترائي سنڌي اچي شريڪ ٿيندا هُئا. ڪيرت جي ڪهاڻين مان هميشه ڪونه ڪو مقصد ضرور نڪرندو آهي. سندس ڪي به لکڻيون بنا مقصد جي ناهن، اِهي سڀ بامقصد آهن. ڪيرت ٻاٻاڻي جا ڪل ۱۵ ڪتاب شايع ٿيل آهن جن ۾ مضمون، ڪهاڻيون، لوڪ ڪهاڻيون، مختصر ڪهاڻيون ۽ آتم ڪٿا آهي. (ڪجهه ٻڌايم، ڪجهه لڪايم) ۽ هڪ سندس شاعري ڪيرت شاعري به ڪئي. ڪيرت، هڪ ڪتاب سنڌي چونڊ مضمون، هڪ ڪتاب سنڌي لوڪ ڪهاڻيون پڻ ڇپايون. هي ٻئي ڪتاب ساهتيه اڪيڊمي ڇپايا آهن. ڪيرت ٻاٻاڻي ڪيترن ئي رسالن ۽ ڪتابن جو ايڊيٽر پڻ رهيو آهي. ڪيرت ٻاٻاڻي ڪيترن ئي سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن جو ميمبر پڻ رهيو. ڪيرت ٻاٻاڻي کي ڪيترائي ايوارڊ پڻ ملي چڪا آهن. ڪيرت ٻاٻاڻي تعليم يافته، سچو، ڪميٽيڊ ۽ اڇو اجرو انسان هيو ۽ سڄي عمر سنڌيت جي هلچل جو روح روان رهيو. ڪيرت ٻاٻاڻي ...۽ هُن جي ڌرتيءَ کي چُمي اڌ ۾ رهجي وئي! جمع ۰۸ مئي ۲۰۱۵ع تاج جويو الا! سنڌ کي هيءَ ڪهڙي بدنظر لڳي آهي، جو ۳ مئي ۲۰۱۵ع تي اَسر ويل سائين جي ايم سيد جي فڪر جو سچو شارحُ ۽ سنڌ جي آجپي واري قافلي جو سرواڻ عبدالواحد آريسر سنڌ کان وڇڙي ويو ۽ ٺيڪ چئن ڏينهن کان پوءِ ۷ مئي تي صُبح جو سوير، سائين جي ايم سيد، حشو ڪيولراماڻي ۽ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جي ساٿيءَ ۽ هِند ۾ سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏياريندڙ، سنڌي قوم جي ديومالائي ڪردار، ڪِيرت ٻاٻاڻيءَ، جلاوطنيءَ دوران ممبئيءَ ۾ ۹۳ سالن جي ڄمار ۾ پَساهه پورا ڪيا. هڪ ڀيرو وري سنڌڙيءَ جي پَلڪن مان ڳوڙها ڳڙي پيا ۽ ڪي لمحا سندس دل ڌڙڪڻ ڇڏي ڏنو ۽ نوجوان شاعر حليم باغيءَ، روحل واءِ (امرڪوٽ) مان رڙ ڪندي چيو ته: ڪا نظر لڳي ويئي، هن گهر جي بهارن کي، ڪو نانگ سراپي ويو، اڄ نينهن نظارن کي! مون مهينو اڳ ”ڪاوش دنيا“ ۾ لکيو هو ته: ”ڪيرت ٻاٻاڻي هن وقت علالت جي بستري تي آهي....سندس آخري خواهش هئي ته ڪاش! کيس اجازت (visa) ملي ته هو ويل چيئر تي به جهاز جو سفر ڪري، ڪراچيءَ پهچي ۽ ماتر ڀومي سنڌ کي چُمي ڏيڻ جي سعادت حاصل ڪري....پر شايد سندس اها خواهش پوري نه ٿئي ۽ ڌرتيءَ کي سندس چُمي اڌ ۾ رهجي وڃي!“ ها، آخر ائين ئي ٿيو، زميني ۽ هوائي سرحدن جون لڪيرون ۽ نقشا منع ٿيا ۽ هو ڌرتيءَ جو حلالي پُٽ، وطن جي سرحد ڏسڻ ۽ ماتر ڀوميءَ جي مٽيءَ کي چُمي ڏيڻ کان محروم رهجي ويو. سندس هڪ ساٿي نارائڻ شيام سرد آهون ڀريندي چيو هو ته: الائي ڪهڙي گهڙيءَ اُن مان شيام نڪتاسين، وطن ورڻ ته ڇا، سرحد ڏسڻ نصيب نه ٿي! ۽ سندس ٻئي ساٿي شيخ اياز، شايد ڪيرت ٻاٻاڻيءَ کي تصور ۾ آڻيندي، هيٺيون نظم چيو هو: ڌرتي! توکي منهنجي چُمي اڌ ۾ رهجي ويندي ڏينهن لٿو آ، رٿُ کڙو آ، ڇا ٿو سوچي سارٿي! من ۾ اُن آ ڇا رٿي؟ ڌرتي! تنهنجي ڀاڪُر ۾، مهڪ چنبيليءَ ول جي، پو به سُڳنڌن، ڪهڙا ٻنڌن؟ ڏينهن لٿو آ، رٿُ کڙو آ، ڇا ٿو سوچي سارٿي! من ۾ اُن آ ڇا رٿي؟ ڏور ڏسائن ۾ او ڌرتي! ڇا تون ويندينءَ وسري؟ مون سان رهندينءَ؟ مون ۾ ڪَهندينءَ؟ ڏينهن لٿو آ، رٿ کڙو آ، ڇا ٿو سوچي سارٿي! من ۾ اُن آ ڇا رٿي؟ ها، جيئن ئي ڇهين مئي جو ڏينهن لٿو ته ”مرتيو ڪال“ مان رَٿُ ۽ سارٿي اچي پهتا ۽ ستين مئي جي صُبح جو ڪيرت جي ڪايا اهڙي سفر تي رواني ٿي وئي، جتان ڪو به نه موٽيو آهي. ڪيرت ٻاٻاڻي جلاوطنيءَ جي لڳ ڀڳ مني صدي سنڌڙيءَ جي سارَ دل ۾ سمائي زندهه رهيو ۽ هڪ پَل به سنڌي قوم، سنڌي ادب ۽ سنڌي سڀيتا جي ترقيءَ، سلامتيءَ ۽ زندگيءَ کان غافل نه رهيو ۽ سوين ادبي ۽ سڀيتائي سيمينار ڪيائين. ”سنڌي ساهت منڊل“ ۽ ”اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا“ جي مورچن تان ”سنڌيت“ کي سلامت رکڻ لاءِ جاکوڙيندو رهيو. اهو ڪيرت ٻاٻاڻي ئي هو، جنهن گوبند مالهي، اتم، موهن گيهاڻي، ڪرشن کٽواڻي، رام پنجواڻي، ارجن شاد، ڪرشن راهي، پوپٽي هيراننداڻيءَ، ڪلا پرڪاش، موتي پرڪاش، سندري اتمچنداڻي، موهن ڪلپنا، ٽيڪچند مست، لڇمڻ ڪومل، لکمي کلاڻي ۽ ٻين سان گڏجي، ۱۹۵۰ع کان ۱۹۶۶ع تائين ”سنڌي ٻوليءَ جي تسليميءَ“ لاءِ مسلسل جدوجهد ڪئي ۽ ۱۰ اپريل ۱۹۶۷ع تي، ڀارت جي آئين جي اٺين شيڊيول ۾ سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي تسليم ڪرايو. ڪيرت ٻاٻاڻيءَ سائين جي ايم سيد جا ”پاڪستان جو ماضي، حال ۽ مستقبل“ ۽ ”ڇو، ۽ ڇا لاءِ؟“ ڇپايا هئا ۽ ذوالفقار علي ڀُٽي جي شهادت بابت ظفر اڄڻ جي ڇپايل ڪتاب: ‘Bhutto speaks from the grave’ جو مقدمو لکيو هو. ڪيرت ٻاٻاڻي خود وڏو اسڪالر، اديب، ڪهاڻيڪار، نقاد، ناٽڪ نويس، لوڪ ادب جو ڄاڻو، شاعر ۽ ترجمي نگار هو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: (۱) هوءَ (ڪهاڻيون)، (۲) جو درد دل ۾ نه سمائجي سگهيو (ڪهاڻيون)، (۳) نه ليليٰ نه مجنون (ڪهاڻيون)، (۴) اوهين سڀ ننگا نڪتا آهيو (ڪهاڻيون)، (۵) سوريءَ سڏ ڪيو (ناٽڪ)، (۶) ڌرتيءَ جو سڏ (ناٽڪ)، (۷) ادب ۾ قدرن جو سوال (تنقيد)، (۸) اوک ڊوک (تنقيد)، (۹) امن جي افق ڏانهن (مضمون)، (۱۰) پيهي منجهه پاتال (مضمون)، (۱۱) چونڊ سنڌي مضمون (ترتيب)، (۱۲) ورهاڱي کانپوءِ سنڌي ڪهاڻيءَ جو جائزو، (۱۳) اٻول راڻي (لوڪ ڪهاڻي)، (۱۴) چونڊ سنڌي ڪهاڻيون (ترتيب)،(۱۵) جيڪي ڏٺو هو مون (روس جو سفرنامو)، (۱۶) ڪجهه ٻڌايم ڪجهه لڪايم (آتم ڪٿا: چار حصا)، (۱۷) لِڪيو لياڪا پائين (شاعري)، (۱۸) سو سڏ سو پڙاڏو (اڌ صديءَ جا خط)، (۲۰) سنڌيت جو سفر (سنڌي ٻولي هلچل جو دستاويز)، (۲۱) مراٺي ادب جي تاريخ (ترجمو)، (۲۲) مالوا (ميڪسم گورڪيءَ جي ناول جو ترجمو)، (۲۳) ڪُولي (ملڪ راج آنند جي ناول جو ترجمو) اچي وڃن ٿا. سڪرنڊ تعلقي جي ڳوٺ موريي لاکي جو رهاڪو ڪيرت ٻاٻاڻي ۱۹۲۲ع ۾ ڄائو هو ۽ ۹۳ سالن جي ڄمار تائين هند ۾ ”سنڌيت“ جو جهنڊو جهولائيندو رهيو. سموري سنڌ جون اکيون آبديده آهن ۽ هن وطن پرست سنڌيءَ کي سلام پيش ڪن ٿيون: وڌو مَ وڻاهه، اونچا ڏونگر مَ ٿيو، ٽِمو مَ نيڻاهه، ته پير نهاريان پرينءَ جو! (شاهه) ڪيرت ٻاٻاڻي سنڌ ھنڌ جي سنڌي ادب جو امر ڪردار - ۰۷ مئي اٺين ورسي تي خاص ڀيٽا جھانگير عباسي سنڌ ۽ ھند جي ادبي سياسي سماجي حوالن سان پنھنجي سڃاڻپ جا ڪئي حوالا رکندڙ غير معمولي ڪردار جو مالڪ ڪھاڻيڪار ڪيرت ٻاٻاڻي جو جنم ۰۳ جنوري ۱۹۲۲ ڳوٺ مورو لکو تعلقو سڪرنڊ ضلعو نواب شاھ موجوده بينظير آباد ۾ ٿيو. ڪيرت پرائمري کان مئٽرڪ تائين جي تعليم لوڪل بورڊ ھاءِ اسڪول جي شاخ ولس اسڪول (ب) نواب شاھ مان پرائي جنھن کي ھاڻ ايم. اڇ. خواجه اسڪول جي نالي سان سڏجي ٿو. ھن انٽرميڊيٽ ۽ بي اي، ڊي جي ڪاليج سنڌ مان ڪري شاھاڻي لا ڪاليج ڪراچي مان ايل ايل بي جي پھرين سال وارو امتحان ڏنو ھيو ته ننڊي کنڊ جي سياسي سماجي افراتفري وارين حالتن کي ڏسي ھي سياسي سرگرمين ۾ شامل ٿي ويو. ڪيرت ٻاٻاڻي پنھنجي ننڍي وھي کان ھڪ لوچيندڙ ۽ سوچيندڙ ذھن رکندڙ متحرڪ ۽ انقلابي خيالن جو مالڪ رھيو سندس فڪر ي علمي ۽ عملي تربيت وري ھن جي آدرشي استاد روچي رام ٽانواڻي ڪندو آيو. اھو ئي سبب رھيو ته ڪيرت شاگرد دور ۾ ئي آزادي جي ھلچل واري تحريڪ منجھ شامل پورھيتن، مزدورن، سياسي ڪارندن سان رلي ڪانگريس جماعت ۾ شامل ٿي ساڻن گڏ جاکوڙ ڪندي ڪميونسٽ پارٽي جو رڪن به بڻيو. پوءِ اڳتي وک وڌائيندي ھن “سنڌ اسٽوڊنٽس ڪانگريس“ جماعت ٺاھي جنھن جو وري کيس سيڪريٽري به چونڊيو ويو سندس انھي شروعاتي سفر ۾ حشو ڪيولراماڻي، گوبند مالھي ۽ سوڀو گيانچنداڻي ساڻ رھيا. تنظيمي سرگرمين ڪري کيس ڪئي ڀيرا جيل به نيو ويو. ھڪ لکاري طور متحرڪ رھندي ڪيرت ٻاٻاڻي ڪراچي ۾ نئين دنيا ڪتاب گھر “کي تنظيمي طور ڳڙھ بڻايو ۽ ترقي پسند فڪر سوچ ۽ ادب جي فروغ لاءِ ھن گوبند پنجابي شيخ اياز، اي جي اتم ۽ سوڀو گيان چنداڻي سان ملي تحرڪ ورتو پر جلد ئي ننڊي کنڊ جو ورھاڱو ٿيڻ ڪري حالتون ھڪدم بدلجي ويون. سنڌ مان سوين ھندو خاندان ھندوستان لڏ پلاڻ ڪري ويا پر ڪيرت جو خاندان سنڌ ۾ ئي ترسيو. پوءِ ھن وري جي ايم سيد، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، قاضي فيض محمد سان ملي ھارين جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙڻ شروع ڪيو ته ھڪدم سي آءِ ڊي وارن جي نظرن ۾ اچڻ تي ڪجھ وقت انڊر گرائونڊ بڻجي ڪم ڪيو ماحول بھتر ٿيڻ تي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي کيس پنھنجي اخبار `ھاري حقدار“ جو ايڊيٽر مقرر ڪيو جتي ڪم ڪندي سي آء ڊي وارن جي رپوٽن تحت پھريان يارنھن مھينا نظر بندي پوءِ ملڪ دشمن ۽ باغي سرگرمين جي الزامن تحت کيس زبردستي سنڌ نيڪالي جو حڪم ڏنو ويو. پر ڪيرت سنڌ ڇڏڻ لاءِ ھرگز به تيار نه ھيو. مگر حالتون ھن جي حق نه ھيون ۽ پھچ کان به ٻاھر ھيون ۽ ھو اندر ۾ پڄرندو رڙندو سنڌ کان دربدر ٿي وڃي ھند پھتو. ھندوستان ايندي ئي ڪيرت ساڳي جوش ۽ جذبي سان عملي طور تي وري متحرڪ ٿيو. ھدوستان جي باقي علاقائي زبانن جيان سنڌي زبان کي به سڪاري زبان جو درجو ڏيارڻ لاءِ ڪيرت اڳ موجود سنڌي اديبن سان ملي سنڌي زبان کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ خاطر ۱۹۵۵ ڌارا جدوجھد جو اعلان ڪيو. ٻئي پاس ليڪچرز، سيمنارن ۽ پروگرامن وسيلي “سنڌي ساھت منڊل“ ۽ “اکل ڀارت سنڌي ٻولي“ پوءِ ساھت سڀيتا جھڙن پليٽ فارمن تان سنڌي ٻولي جي پرچار سان گڏ سنڌي ادب جي اوسر لاءِ ھن ھر ھنڌ وسان نه گھٽايو ۽ سندس ارڙھن سالن جي اڻٿڪ جدوجھد رنگ لاتو ۱۰ اپريل ۱۹۶۷ تي ھندوستان سرڪار سرڪاري طور “سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي” جي درجي واري مڃتا ڏني. ائين ڪيرت يارھن سالن تائين “اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساھت سڀيتا“ جو صدر ٿي رھيو. ادبي ساھت ۾ ڪيرت ٻاٻاڻي جي بنيادي سڃاڻپ ھڪ ڪھاڻيڪار واري آھي. ھي آزادي کان اڳ وارن ترقي پسند سوچ فڪر رکندڙ ڪھاڻيڪارن ۽ ليکڪن ۾ ڳڻجي ٿو. عملي طور تي مارڪسي خيالن جي پوءِ واري ڪندڙ ھڪ اصول پرست ۽ آدرشن مطابق زندگي گذاريندڙ انسان ٿي رھيو آھي. ڪيرت جي ڪھاڻين ۾ روزانو جي موضوعن سان گڏ المياتي حادثن، محروم ڪردارن جي ڪٿائن، سماجي واقعن سان گڏ معاشري جي مدي خارج ريتن رسمن، طور طريقن خلاف به لکيو آھي ته وري ڏاڍ، جبر ۽ ظلم کي به ننديو آھي جنھن جو مثال ڪيرت جون ھي ڪھاڻيون “سانوري ڪنوار”، گود ڀريل، دل ويران“، ”ھڪ ڪھاڻي ٻه ڪردار“، ”جيئي سنڌ سدا جيئي“ جھڙيون لازوال ۽ شاھڪار ڪھاڻيون آھن. ھڪ سچيت ڪھاڻيڪار سان گڏ ڪيرت نثر نگار، ڪالم نگار، مضمون نگار، مرتب نگار، ناٽڪ نويس، مترجم، محقق، نقاد، صحافي، شاعر، ايڊيٽر، لوڪ ادب جو پارکو ۽ مڃيل اسڪالر ٿي رھيو آھي. نون فڪرن جو موجد به آھي جنھن جو مثال ھن جي ادارت ۾ نڪرندڙ رسالو “سنڌ سجاڳ“ ۽ انگريزي ۾ Sindh Writers” آھن. ڪيرت ٻاٻاڻي جو سرجيل ادبي پورھيو ڪتابن جي صورت ھن طرح آھي (۱) ڪھاڻي ڪتاب “ھوء “ ۱۹۵۶ (۲) ترجمو نال “ مالوا “ ناولنگار. مئڪسم گوڪي. ۱۹۵۸ (۳) ترجمو ناول “ڪولي “ ناولنگار. ملڪ راج نند. ۱۹۶۰ (۴) شعري مجموعو”ليڪو ليڪا پائين “، ۱۹۶۱ (۵) نثري ترجمو. مراٺي ادب جي تاريخ”. ۱۹۶۴. (۶) ڪھاڻي ڪتاب `جو درد دل ۾ سمائي نه سگھيو ` ۱۹۶۶ (۷) رپورتار “سنڌيت جو سفر”۱۹۶۸. (سنڌي ٻولي جي ھلچل ۽ سرڪاري قومي ٻولي جي درجي وارو دستاويز. ) (۸) تنقيد”ادب ۾ قدرن جو سوال “۱۹۷۴ (۹) تحقيق “ٽين دنيا جن عظيم انقلابي شخصتون “۱۹۸۰ (۱۰ تنقيدي مضمون “اوک ڊوک “ ۱۹۸۱ (۱۱) ترتيب “چونڊ سنڌيمضمون “. ۱۹۸۱ (۱۲) سفرنامو روس`جيڪي ڏٺو ھو مون “. ۱۹۸۲ (۱۳) خط “سو سڏ پڙاڏو `(اڌ صديء جا خط) ۱۹۸۴ (۱۴) تحقيق `ورھاڱي بعد سنڌي ڪھاڻي جو جائزو. ۱۹۸۶ (۱۵) مضمون “امن جي افق ڏانھن “۱۹۸۷. (۱۶) مضمون `پيھيء منجھ پاتال `۱۸۸ (۱۷) ڪھاڻي ڪتاب `جيئي سنڌ صدا جيئي `۱۹۸۹ (۱۸) ترتيب`چونڊ سنڌيمضمون. جلد. ۲ ۱۹۸۹ (۱۹) ناٽڪ `سوريء سڏ ڪيو *۱۹۹۲ (۲۰) ڪھاڻي ڪتاب `اوھين سڀ ننگا آھيو “۱۹۹۳ (۲۱. ) لوڪ ادب “اڀول راڻي` ۱۹۹۴ (۲۲) ڪھاڻي ڪتاب “نه ليلي نه مجنون `. ۱۹۹۵ (۲۳) نقٽڪ `ڌرتيء جوسڏ `. ۱۹۹۶ (۲۴) آتم ڪٿا “ڪجھ ٻڌايم ڪجھ لڪايم “ چار جلد. ۱۹۹۷. ۹۸ ڪيرت ٻاٻاڻي دنيا جي ڪيترن ملڪن جو سيروسفر به ڪيو جن ۾ روس، آمريڪا، چين، انگلينڊ، برطانيه ۽ بنگلا ديش شامل آھن. ھن ڄي ڪيل خدمتن عيوض ڪيترائي مڃتا ايوارڊ، سرٽيفڪٽس، اعزازي سندون، ميڊلز به ڏنا ويا جن ۾ ھي خاص آھن. ۱ روس جو `سویت لینڊ نھرو امن ايوارڊ. ۱۹۸۰ ۲ اعلي خدمتن تي دھلي تعليم کاتي پاران `مڃتا ايوارڊ. ۱۹۸۶ ۳ مھا راشٽريا ساھتيه سنڌي پاران سول ايوارڊ. ۱۹۸۹ ۴ ڀارتيه ڀرشيا ڀاشا پاران `مڃتا ايوارڊ `. ۱۹۹۳. (۵) ورلڊ سنڌي ڪانگريس پاران جي ايم سيد ايوارڊ. ۱۹۹۸. ڪيرت ٻاٻاڻي ھڪ ئي وقت سنڌ ۽ ھنڌ جي اديبن ۽ پڙھندڙن ۾ غير معمولي طور مقبول ليکڪ ٿي رھيو جيڪو سنڌ مان زوري جلاوطن ڪيو ويو ۽ ھو پوءِ عمر ڀر ھڪ ڀيري جي سنڌ ياترا ۽ پنھنجي جنم ڀومي لاءِ بيماري ۽ معذوري حالت ۾ به لڇندو رھيو پر آخري پساھن تائين کيس اجازت نه ڏني وئي ھو سنڌ ياترا آس اندر ۾ کڻي ۹۳ سالن جي ڄمار ۾ ۰۷مئي ۲۰۱۵ ۾ ھي لوڪ ڇڏي سڀني کان ھميشه لاءِ وڇڙي ويو ويو پر ھي سچ آھي ته ڪيرت پنھنجن ڪارنامن ۽ ڪردار سان جيڪا تاريخ جوڙي آھي اھا اڄ ادب، ٻولي جي به تاريخ ٿي چڪي آھي ۽ ھن ڀونءِ تي جيسيتائين ان تاريخ جا پڙھندڙ رھندا ڪيرت ٻه زنده رھندو. (جھانگير عباسيءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۷ مئي ۲۰۲۳ع تي رکيل/ کنيل) دادا ڪيرت چوئٿرام ٻاٻاڻي اسد ڪيريو سنڌي ٻوليءَ جي برک عالم، اديب ۽ ليکڪ دادا ڪيرت چوئٿرام ٻاٻاڻي ۳- جنوري ۱۹۲۲ع تي تعلقي سڪرنڊ جي ڳوٺ موريو لاکو ۾ جنم ورتو، دادا ڪيرت ٻاٻاڻي جديد ترقي پسند لکاري ھو، جنھن ھند ۾ رهندڙ ٻين سنڌي اديبن ۽ ليکڪن سان ملي ھڪ ڊگھي جدوجھد کان پوءِ ڀارت اندر سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري ٻولي جو درجو ڏياريو، صابو راهو ۽ بعد ۾ ڊي سي اسڪول جي ولس برانچ مان تعليم حاصل ڪندڙ دادا ڪيرت چوئٿرام ٻاٻاڻي ساھتيه اڪيڊمي دھليءَ ۾ سنڌ ٻوليءَ بابت صلاحڪاري ڪائونسل جو ميمبر پڻ رھيو، دادا ڪيرت چوئٿرام ٻاٻاڻي جا ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن پر سندس آتم ڪهاڻيءَ جي ڪتاب " ڪجھ ٻڌايم ڪجھ لڪايم " کي سرحد جي ٻنھي پاسي سنڌي ٻوليءَ جي پاٺڪن گھڻو ساراهيو، اڄ پنھنجي سڪرنڊ سان تعلق رکندڙ عظيم ليکڪ ۽ ڏاھي دادا ڪيرت ٻاٻاڻي جي وڇوڙي کي ۸- سال ٿي ويا آھن دادا ڪيرت ٻاٻاڻي اڄوڪي تاريخ ۷- مئي ۲۰۱۵ع تي ۹۳- ورهين جي ڄمار ۾ ڀارت جي شھر ممبئيءَ ۾ ديهانت ڪئي، اچو ته ڌرتيءَ جي ھن لائق فرزند کي سندس وڇوڙي واري ڏينھن تي ياد ڪريون. (اسد ڪيريو جي فيسبڪ پوسٽ تان کنيل)
سندري اتم چنداڻي سنڌي ناول جي خاتون اول رکيل مورائي اڄ منهنجي آڏو لکت ۾ اهڙو پروف موجود آهي، جو مان سنڌي ٻوليءَ جي نهايت آبرودار ڪهاڻيڪار ۽ بيحد تخليقي ناول ”ڪرندڙ ديوارون“ ۽ ”پريت پراڻي ريت نرالي“ جهڙن ناولن جي ليکڪا محترمه سندري اتم چنداڻيءَ کي ”سنڌي ناول جي خاتون اول چوان“ ڇاڪاڻ ته اها منهنجي درستي نامياري ليکڪا ۽ سنڌي ادب کي گهڻي کان گهڻا ناول ڏيندڙ ۽ سنڌي ناول کي هڪ مرتبو عطا ڪندڙ، ڪلا پرڪاش ڪئي هئي، جڏهن مون سندس اڄ تائين ڇپيل آخري ناول ”اوکا پنڌ پيار جا“ جو مهاڳ لکندي کيس ”سنڌي ناول جي خاتون اول ڪوٺيو هئو ۽ پوءِ هن پنهنجي خط ۾ لکيو هئو ته ”سندري ئي سنڌي ناول جي خاتون اول آهي ۽ اهڙي اهميت هن کي ملڻ گهرجي“. حيدرآباد جي ڄاول سندري اتمچنداڻيءَ ورهاڱي جي واءَ ۾ اڏامي ممبئيءَ وڃي وسائي، ۽ هند ۾سنڌيت جي جوت کي آخري ساهه تائين سلامت رکندڙ اي جي اتم سان شادي ڪيائين. سنڌي ادب جي مان ڀايان ٿو ته هيءُ پهرين جوڙي آهي، جنهن هند ۾سنڌي ادب لاءِ لاڳيتو پاڻ پتوڙيو. اي جي اتم، سنڌيت لاءِ وڙهندڙ ان ٽمورتيءَ جي هڪ مورت هئو، جنهن جون ٻه مورتيون گوبند مالهي ۽ ڪيرت ٻاٻاڻي آهن. اتم نظرياتي طور ترقي پسند رهيو ۽ آخري گهڙي تائين، سندري پڻ ذهني طور ترقي پسنديءَ کي ويجهو رهي، پر هن پنهنجي تخليقن ۾ نظرئي کي داخل ٿيڻ گهٽ ڏنو ۽ ائين سنڌي ادب ۾ اهو مشهور ٿيو ته سندري ۽ اتم ريل جون ٻه پٽڙيون آهن جيڪي گڏوگڏ هلي رهيون آهن. سندريءَ جون تخليقي صلاحيتون سندس شروعاتي لکڻين ۾ ئي ظاهر ٿيڻ لڳيون هيون ۽ ڏسندي ڏسندي هوءَ سنڌي ادب جي آڪاس تي اڏامڻ لڳي. ان ڳالهه کان سنڌي ادب پڙهندڙ توڻي سنڌي ادب جا سنجيده نقاد، ساڳئي وقت سندريءَ جي لکڻين جا نقاد ڪڏهن به انڪار نه ڪري سگهندا، ته سندريءَ کي ادب ۾ اهم جڳهه ڏيارڻ ۾ ڪامريڊ اتم جو گهڻو هٿ هيو. هن کيس مڪمل سهڪار ڏنو ۽ اڳتي آڻڻ ۾ ٻانهن ٻيلي رهيو. هند ۾ پهريون ۽ شايد آخري به ترقي پسند ادب کي ڇپيندڙ رسالو ”نئين دنيا“ رسالو آهي، جنهن ۾ سندريءَ جون لکڻيون لڳاتار شايع ٿينديون هيون، سندس ڪهاڻين ۾ سنڌي ٻوليءَ جي محاوري جو استعمال ايترو سهڻو آهي جو سندس ڪهاڻيون پڙهي گمان ئي نه ٿيندو ته اهي ممبئيءَ ۾ ويهي لکيل آهن، آخر تائين دادي سندريءَ جي ڪهاڻين مان حيدرآباد جو هڳاءُ ايندو رهيو ۽ هيرا آباد جي عاملياڻين جي سندرتا نظر ايندي هئي، ساڳئي وقت سنڌوءَ جي مٺي پاڻيءَ جو ساءُ به محسوس ٿيندو هئو. سندريءَ ڪهاڻين سان گڏ به ناول به لکيا آهن، جنهن مان هڪ جو نالو آهي ”ڪرندڙ ديوارون ۱۹۵۳ع“ ۽ ٻئي نالو آهي ”پريت پراڻي ريت نرالي ۱۹۶۱ع“. ورهاڱي کان پوءِ هند ۾ لکيل ”ڪرندڙ ديوارون“ اهم سنڌي ناول آهي، جيڪوهڪ عورت ليکڪا جو آهي، هيءُ اهڙو ناول آهي جيڪو الڳ الڳ نظريو رکندڙ سڀني اديبن ۾ تخليقي طور اهميت ڀريو ڄاتو ويو آهي. ۽ هاڻ مان بنا ڪنهن تهميد جي سڌو ناول ”ڪرندڙ ديوارون“ تي اچان ٿو، سندريءَ اتمچنداڻي جو هيءُ ناول ورهاڱي کان اڳ ۽ پوءِ وارين تڪڙين بدلجندڙ حالتن تي لکيل آهي. ۽ ورهاڱي کان پوءِ شايد سنڌي ڪنهن به ليکڪا جو هي پهرين ڪجهه ناولن مان هڪ ناول پڻ! هيءُ ناول ايتري وضاحت به لهڻي ٿو جو چوان ته هن ناول کي انهن ادب جي الڳ الڳ ڌارائن سان تعلق رکندڙ سنڌي اديبن به ساراهيو آهي جيڪي سندري اتمچنداڻيءَ کي ترقي پسند ليکڪا مڃيندا رهيا. انهن مان ٽي نالا مان اوس ڏيڻ چاهيندس. جيڪي ٽئي ترقي پسند ادب جا وروڌي/مخالف هئا، هڪ لعل پشپ ٻيون گنو سامتاڻي ۽ ٽيون موهن ڪلپنا، مان قبول ڪيان ٿو، ته هن ناول کي اهم ناول قبول ڪرڻ لاءِ مٿين ليکڪن جي راءِ سند جي حيثيت رکي ٿي. ڪرندڙ ديوارون ناول ڇا هي، اڄ جي ادب ۾ هن جي اهميت ڇا بڻجندي، ان بحث کي ڇڏي، مان ناول جي هڪ ڪردار ريکا کي کڻان ٿو جيڪو هن ناول جو مرڪزي ڪردار آهي. سندري اتمچنداڻي هن کي ڪيئن پيش ڪيو آهي، سندس زباني ” رڪمڻي ! هيءَ ڌيءَ ته کير پي ڄڻي اٿئي“ ۽ هن سٽ مان ريکا جي سموري سونهن ظاهر ٿي پوي ٿي. ناول جي هن اهم ڪردار ريکا ڪجهه عمر سنڌ ۾ گذاري آهي ۽ ورهاڱي کان پوءِ ممبئي جي هڪ غريب وسنديءَ ۾ پنهنجي زندگي، مڙس سان نهايت سک ۾ گذاري رهي آهي. چندر نالي نوجوان ريکا جو مڙس آهي ۽ مارڪسوادي آهي. ريکا جي ذهني اوسر کي مخصوص سماجي حقيقت نگاريءَ جي نقطي نظر کان چٽيو ويو آهي جيڪو تخليقي آهي. سنڌ جي ماحول ۾ پليل ريکا شاديءَ کان پوءِ پنهنجي مڙس چندر جي ويجهڙائپ ۾ جنهن طرح بدلجندي ڏيکاري وئي آهي اتي ريکا جو ڪردار گورڪيءَ جي جڳ مشهور ناول ماءُ جي مرڪزي ”ڪردار پاويل ماءُ“ سان ملي ٿو، پنهنجي دور جي ادب تي سموري دنيا ۾ اثر انداز ٿيندڙ هن ويچار ڌارا جي اثر هيٺ لکيل هيءُ ناول پنجن ڪردارن تي ٻڌل آهي. ٻه ڀائر، ٻه انهن جون زالون ۽ هڪ ماءُ آهي جيڪا سنڌ ۾ هوندي هڪ سکيئي ستابي گهر جي مالڪياڻي هئي. پر ورهاڱي کان پوءِ ممبئيءَ ۾ اچي هڪ ننڍي گهر ۾ ٻن پٽن ۽ انهن جي زالن سان گڏ گهاري ٿي. کيس ٻه ننڍڙا پٽ به آهن. گلاب ۽ چندر ٻه ڀائر آهن، وڏو گلاب پيسا ڪمائي گهڻي حد تائين ماڻهپو ڇڏي ڏئي ٿو ۽ ننڍو چندر ماڻهپي کي بچائڻ لاءِ پيسن جي پٺيان نٿو لڳي، هن جو مڃڻ آهي ته جڏهن طبقاتي انقلاب ايندو ته ڪو به غريب نه رهندو، ائين اسين به غريب نه رهنداسين. سندس بيحد سهڻي زال ريکا جيڪا هڪ چڱي موچاري گهر مان پرڻجي غريب گهر ۾ آيل آهي، ۽ جڏهن ان گهر جو وڏو گلاب آفريقا مان جهجو ناڻو ڪمائي ٿو اچي تڏهن پنهنجي تکي سڀاءُ واري زال ديوي سان گڏ ننڍي ڀاءُ کان الڳ ٿي رهڻ ٿو لڳي ۽ آخر ۾ ڀڏن ڪمن سبب سندس پيسو توڙي فليٽ هليا وڃن ٿا ۽ هو موٽي پنهنجي ڀاءَ چندر وٽ اچي ٿو رهي. گهر کي پاڻ ڀرو ڪرڻ لاءِ ريکا نوڪري ڪرڻ لاءِ گهران نڪري ٿي ۽ چندر کي پڪ ڏياري ٿي ته هن سماج کي بدلائڻ لاءِ گڏجي جدوجهد ڪنداسين ۽ ريکا جي اهڙي ارادي آڏو طبقاتي سماج جون ديوارون ڪرڻ لڳن ٿيون وغير وغيره. سندريءَ جو هيءَ ناول، جيڪو ويچار جي سطح تي مارڪسوادي ويچارڌارا کي کڻي اڳتي وڌي ٿو. پر ادب ۾ ان جي اهميت ڪيتري جڙي ٿي ان لاءِ منهنجي جاچنا انهن ليکن تي بيهي ٿي جيڪي شڌ/تخليقي ليکڪ آهن مثال طور، هريش واسواڻي، موهن ڪلپنا، گنو سامتاڻي، لعل پشپ، هيرو شيوڪاڻي، جيڪي تخليقڪارن سان گڏ اعليٰ نقاد پڻ آهن ۽ اهي نالا کڻي مون کي حيرت جي حد تائين عجيب لڳي ٿو ۽ سندن ادبي ايمانداريءَ ثبوت ملي ٿو ته ڪامريڊ اتم سان وڏي جنگ وڙهندي به ادب جي هن اهم ٽمورتي ۽ هريش واسواڻيءَ جهڙي ليجنڊ اديب هن ناول کي بيحد ساراهيو آهي، ساڳئي وقت هيري شيوڪاڻيءَ جهڙي سخت نقاد پڻ هن ناول کي تخليقي ناول سڏيو آهي ۽ منهنجي نظر ۾ هيءَ ناول پنهنجي هڪ هڪ پيرا ۾ جنهن تخليقي سطح تي اڀري آيو آهي، اهو ان دور جي ترقي پسند ادب جو معجزو آهي. ريکا، چندر، گلاب، گلاب جي ماءُ ۽ ديوي، اهي ڪردار سڀ مختلف سوچيندڙ آهن انهن کي سندريءَ جهڙي بيمثال ليکڪا جنهن ترتيب سان پنهنجي ناول ۾ اڻيو آهي اهو پنهنجو مٽ پاڻ آهي. سندري اتمچنداڻيءَ جي ٻولي محاوريدار ۽ نج تخليقي ٻولي آهي، جنهن هن کي ادب ۾ بيحد مڃتا ڏني آهي. ها اڄ به مون کي هڪ ڳالهه ضرور کٽڪي ٿي ته هيءَ بيحد تخليقي ناول پنهنجي پڄاڻي تي تبليغي سطح تي اچي ٿو بيهي، جنهن ڪري وري به هيءُ ناول نظرياتي ادب جي ور چڙهي وڃڻ جو امڪان رکي ٿو. جڏهن ته هن کي نج تخليقي مڃتا تي پورو لهڻ گهربو هئو، ۽ هاڻ سندري اتمچنداڻيءَ جو ٻيون ناول، ”پريت پراڻي ريت نرالي“. هيءُ ناول ۱۹۶۱ع ۾ ڇپيو آهي، ۽ سندريءَ جو ٻيون نمبر ناول آهي، هن سماجي ناول تي گهڻي حد تائين رومانوي، ويچارڌارا جو اثر آهي. ناول ۾ هڪ ننڍڙي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ پيار به آهي، وڇوڙو به آهي ۽ اميد به آهي. ناول ۾ مکيه ڪردار ٽي آهن، موتي، سولا ۽ جمنا، ٻيا ننڍا ڪردار سندن خاندان وارا آهن، ناول، سنڌي سماج کي ڪجهه ڏئي ٿو، هڪ اعتماد، اعتبار ۽ نيڪي، جيڪا دراصل، ليکڪا جي پنهنجي اندر ۾ موجود آهي. هي ناول سنڌي ناول کي ڪي وکون اڳتي وٺي اچي اهڙو منجهيس گهٽ آهي، جيڪو گهڻي ۾ گهڻو هن ناول ۾ آهي، اهو آهي سندري اتمچنداڻيءَ جي بيحد خوبصورت ۽ محاوريدار ٻولي جيڪا ڪردار ڳالهائين ٿا، هڪ ڏکوئيندڙ پيار ڀريو قصو، ۽ ڪردارن پاران پنهنجي اندر جو نج اظهار موتي ۽ سرلا، ڪلاس فيلو آهن، هڪ ٻئي سان پيار ڪن ٿا، پر موتيءَ جي شادي مائٽن جي پسند تي جمنا سان ٿئي ٿي جيڪا هڪ ڳوٺائي ڇوڪري آهي. موتي دکي آهي، سرلا پنهنجي ليکي دکي آهي، ٻئي ڪردار پنهنجي پنهنجي اندر کي اظهارين ٿا، هنن جا پنهنجا پنهنجا ويچار آهن، سرلا، آفيس ۾ هڪ ٻئي نوجوان نارايڻ سان شادي ڪرڻ جو سوچي ٿي، وچ ۾ وري موتي اچي ٿو پر سرلا بهادريءَ سان پنهنجي موقف تي بيٺل آهي. سڀ ڪردار پنهنجي پنهنجي اندر ۾ دکي آهن، پر هڪ موهه ۾ جڙيل آهن جيڪو ئي کين ڳنڍي ٿو. سندن آس پاس ٻيا ڪردار به آهن، سرلا جا ماءُ، پيءُ، موتي جا دوست وغيره وغيره. پر ناول ٽن مکيه ڪردارن موتي، سرلا ۽ جمنا تي آڌارت آهي. هنن جي پنهنجي نفسياتي ۽ ذهني ايپروج آهي، هن ناول سان گڏ جيڪڏهن همعصر ادب جو مطالعو ڪبو ته هند جا ٻه ٻيا ناول ناول سامهون اچي ويندا جيڪي ساڳيو گهاڙيٽو کڻي اچن ٿا. ڀڳوان اٽلاڻيءَ جو هندي ناول اپني اپني مريچڪا، پنهنجي پنهنجي رڃ ۽ گجراتي ناول نگار خاتون ڪندنيڪا ڪاپڙيا جو اعليٰ ترين ناول. ”ست قدم آڪاش“ ۾ هنن ٻنهي ناولن ۽ ”ريت پراڻي ريت نرالي“ جا موضوع الڳ هوندو به گهاڙيٽو ساڳيو آهي، جنهن مان اها ڳالهه چٽي ٿي پئي ته هند جي لکندڙن کي هند ۾ هڪ وسيع تجربو حاصل ٿيو آهي، جنهن ڪري سندن ناول اڄ سنڌ جي ناول کان گهڻو مٿي بيٺو آهي، سندريءَ جي هن ناول جو ڪردار موتي، پنهنجي دوستن جا پنهنجي گهروارين ڏانهن رويا ڏسي، پنهنجي گهرواريءَ ڏانهن موٽي ٿو، جيڪا سندس وڇوڙي، ۾ ڪنهن مرض سبب آخري پساهن ۾ آهي، هوءَ موتيءَ کي ڏسي دم ڌڻيءَ حوالي ڪير ٿي ۽ موتي پنهنجي پراڻي پريت کي ساري، نئين ريت نڀائڻ واري جمنا لاءِ غمگين ٿي وڃي ٿو. ائين جيئن ڪنهن انڊين فلم ۾ ٿيندو آهي. مون کي احساس آهي ته ناول تي هن طرح لکڻ سان لکڻ جو رواج هند جي مختلف ٻولين ۾ عام آهي، خود سنڌيءَ ۾ به عام جام آهي. بهرحال هن ڪجهه حقيقت نگاري ڪجهه رومانوي، ڪجهه سماجي ۽ ڪجهه ترقي پسند ويچار کي گڏيل نموني کڻي هلندڙ ناول سندري اتمچنداڻي ان دور ۾ لکيو جڏهن سنڌي ٻوليءَ کي ناول جي گهڻي گهرج هئي، جيتوڻيڪ سنڌي ٻوليءَ کي اڄ به ناول جي گهرج آهي، تنهن هوندي به خاص طور هند جو سنڌي ناول ۽ عام طور سنڌ جو سنڌي ناول اڄ گهڻو اڳتي نڪري آيو آهي، ايترو اڳتي جو ان کي کڻي ادب ۾ چڱو موچارو، اڀياس لکي سگهجي ٿو، ٻيءَ طرح سنڌي ناول کي اڃا گهڻو پنڌ ڪرڻو آهي، اهو طئه آهي ته هند توڻي سنڌ جي ناول بابت ۽ ان جي ترقيءَ بابت جڏهن به ڪو اڀياس لکيو ويندو ته سندريءَ جو ناول ”ڪرندڙ ديوارون“ ان ترقيءَ واري سفر جي هڪ اهم اڳتي وڌايل وک طور ضرور ڳڻايو ويندو ۽ ”پريت پراڻي ريت نرالي“ ان فهرست ۾ ڳڻايو ويندو جنهن ۾ ٻه سؤ کن ناولن جا نالا درج هوندا ۽ بس!. سندري اتم چنداڻي سڄڻ سونيءَ تند جئن! تاج جويو ”تاج! اڄ تاريخ جو هڪ دؤر پورو ٿي ويو، اسان جي ادبي ساٿاري سندري اتمچنداڻي به موڪلائي وئي.“ هي هو موتي پرڪاش، جيڪو آديپور، ڪڇ مان موبائيل فون تي ڳالهائي رهيو هو، ۽ گڏوگڏ اوڇنگارون به ڏئي رهيو هو. خبر ٻُڌندي مون کان به هڪ وڏي اوڇنگار نڪري وئي. الا! سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب ڇورا ڇنا ٿيندا پيا وڃن. هر سال ڪيترا ساڃهه وند اديب ۽ اديبائون اسان کان دؤر ٿيندا پيا وڃن ۽ شيخ اياز پُڪاري پيو چوي: ڏور ٿيندا وڃن، روز جوڳيئڙا، تون اڃا پيو جيئين، هاءِ ڙي جيئڙا. سُندري، سنڌ ۽ هند جي اوچي پد جي ليکڪائن ۾ شمار ٿيندي هئي. هوءَ ۲۸ سيپٽمبر ۱۹۲۴ع تي حيدرآباد سنڌ جي سُرهين هوائن ۾ ڄائي هئي. هوءَ نه رڳو نامياري ليکڪا، ڪهاڻيڪار، ناول نگار، ناٽڪ نگار ۽ شاعر هئي، پر ريڊيو، ٽي. وي ۽ اسٽيج جي به هڪ سٺي اداڪار هئي. گذريل ساٺيڪو سالن کان سنڌي ادب جي لاڳيتو خدمت ڪندي پئي آئي. هن جو وَر سنڌي زبان جو ترقي پسند، روشن خيال اديب ۽ انقلابي، اي. جي. اتم هو، جيڪو پڻ ٻه ٽي سال اڳ اسان کان وڇڙي ويو هو. سُندريءَ پرائمري تعليم شوقيرام چانڊو مل ميونسپل اسڪول حيدرآباد ۽ مئٽرڪ تولارام گرلس هاءِ اسڪول حيدرآباد مان حاصل ڪئي. هن بنارس هندو يونيورسٽيءَ مان انٽر سائنس ڪئي، کيس ڊاڪٽر ٿيڻ جو ڏاڍو شوق هو، پر ان زماني ۾ ڪراچيءَ ۾ ڪو ميڊيڪل ڪاليج نه هو ۽ هن جو اهو شوق پورو نه ٿي سگهيو. هن ورهاڱي کانپوءِ ۱۹۴۹ع ۾ بنارس يونيورسٽيءَ مان بي. اي ڪئي ۽ ايس. اين. ڊي. ٽي يونيورسٽيءَ مان سنڌي ۽ انگريزي ادب ۾ ايم. اي ڪئي. سندري اسڪولي جيون ۾ پنهنجي استاد جمنا لکاڻيءَ کان ڏاڍي متاثر هئي ۽ کيس ماسترياڻي ٿيڻ جو شوق هو. تعليمي اڀياس پوري ڪرڻ کانپوءِ هن ڪجهه وقت لئبررين، ڪلرڪ ۽ ماسترياڻيءَ طور فرض سرانجام ڏنا ۽ اڳتي هلي بمبئيءَ جي ڪي. جي. کلناڻي ڪاليج مان ليڪچرار طور رٽائر ڪيو. سندريءَ کي ننڍپڻ کان وٺي ادبي ڪتابن پڙهڻ جو وڏو چاهه هو. ڪراچيءَ ۾ پڙهڻ دوران هوءَ ڪجهه وقت لاءِ عورتن جي رسالي ’ساٿيءَ‘ جي ايڊيٽر به رهي ۽ ان ۾ هڪ روسي ڪهاڻي ترجمو ڪري ڇپائي هئائين. هن جي ترقي پسند ويچار ڌارا تي ٻَڌل پهرين لکڻي، ’منهنجي ڌيءَ‘ ۴۷-۱۹۴۶ع ڌاري ’ساٿي‘ رسالي ۾ شايع ٿي هئي. جڏهن ۱۹۴۹ع ۾ ممبئيءَ ۾ سنڌي ساهت منڊل (سنڌي ادبي سنگت) قائم ٿي، ته سندري اُن جي هفتيوار ڪلاسن ۾ باقاعدي شريڪ ٿيندي هئي. سندري ورهاڱي کان اڳي ’سنڌي سرڪل‘ ۽ ’سنڌي ادبي سنگت‘ جي ڪراچيءَ ۾ ٿيندڙ ڪلاسن ۾ به شريڪ ٿيندي هئي، جن ۾ منگهارام ملڪاڻي، رام پنجواڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي، بهاري لال ڇاٻڙيا، موتي رام رامواڻي، شيخ اياز ۽ سوڀو گيانچنداڻي شريڪ ٿيندا هئا، ان ڪري جديد ترقي پسند ادب سان هن جا لاڳاپا منڍ کان ئي قائم هئا، جيڪي اتم سان گهر گرهستي ٻنڌڻ ۾ لاڳاپجڻ کانپوءِ وڌيڪ پڪا ۽ پختا ٿي ويا. سندري، ڀارت ۽ يورپ جي ڪلاسيڪي ۽ جديد ترقي پسند اديبن- ڪاليداس، ٽئگور، شرت چندر، پريم چند، يشپال، ڪرشن چندر، شيڪسپيئر، وڪٽر هيوگو، مئڪسم گورڪي، ٽالسٽاءِ، ٿامس هارڊي، اوهينري ۽ ٻين کان متاثر هئي. هن مئڪسم گورڪيءَ جو ناول ’ٽُٽل ساز‘ ۽ ڪرشن چندر جو ناول ’پياسي ڌرتي، پياسي دلڙيون‘ ترجمو ڪري ڇپرايا. ان کانسواءِ هن امرتا پريتم جي ناول جو ترجمو ’هڪ سسئي، سئو سُور‘ جي نالي سان ۽ مليالم ٻوليءَ جي ليکڪ تڪشي شنڪر جو ناول ’ساگر جي سنتان‘ (اولاد) عنوان سان ترجمو ڪري ڇپايا. ان کانسواءِ هن شولوخوف جي چونڊ ادب جو ترجمو ’شولوخوف جي جهلڪ‘ عنوان سان پڻ ترجمو ڪري ڇپايو هو. سندري هڪ سٺي شاعر به هئي. سندس شاعريءَ جا ٻه ڪتاب: ’هڳاءُ‘ ۽ ’ڏات بڻي لات‘ ڇپيل آهن، جڏهن ته هن ۹۵ روسي شاعرن جي شاعري، سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري، ’امن سڏي پيو‘ (۱۹۶۵ع) نالي ڪتاب ۾ شامل ڪئي. ان کانسواءِ هن روسي صدر ليونڊ برزنيف جي يادگيرين تي ٻَڌل ٽي ڪتابڙا: ’ملايازيمليا‘، ’نئون جنم‘ ۽ ’ڪنواري ڌرتي‘ به ترجمو ڪيا، جن تي کيس ۱۹۷۹ع ۾ سوويت لئنڊ نهرو ايوارڊ مليو ۽ هن ۱۴ ڏينهن جو روس جو مهماني دؤرو به ڪيو. ان دوري کانپوءِ هن ’نئين سڀيتا درشن‘ عنوان سان روس جو سفرنامو پڻ لکي ڇپايو هو، جنهن کي وڏي مقبوليت ملي. سندري، نامور ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار به هئي. سندس ڪهاڻين جا ڏهه مجموعا، ٻه ناول ۽ هڪ ناٽڪن جو مجموعو شايع ٿيل آهن، جيڪي سنڌي جديد ادب ۾ اهم مقام رکن ٿا. ان کانسواءِ سندس مضمونن جا به ڪيترا ڪتاب ڇپيل آهن. سندريءَ کي ڀارت سرڪار جي تعليم کاتي، مرڪزي ساهتيه اڪيڊمي ۽ اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا ۽ ٻين ادارن پاران ڪيترا ادبي انعام ۽ اوارڊ به مليا. سندريءَ جو سنڌي ٻوليءَ کي هندستاني آئين جي اٺين شيڊول ۾، ’قومي ٻوليءَ‘ طور مڃائڻ واري تحريڪ ۾ به وڏو ڪردار رهيو آهي، جنهن سفر ۾ سندس گهر وارو اي. جي. اتم، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي، موتي پرڪاش، ڪرشن راهي، پوپٽي هيراننداڻي، مايا راهي، هري دلگير، گورڌن ڀارتي، ٽيڪچند مست، لڇمڻ ڪومل ۽ ٻيا به شامل هئا. اهو ڪيڏو نه روح پرور منظر هو، جڏهن سندري اتمچنداڻيءَ، پنهنجن ۵۱ ساٿين سان گڏ سنڌي الف- ب جي ۵۲ اکرن جا ڪارڊ سيني تي سجائي، ’انڊين پارليامينٽ‘ آڏو هڙتال ڪئي هئي ۽ نعرا هنيا هئا. اڄ هندستان ۾ سنڌي ٻولي جيڪڏهن زنده آهي، ته اُن ۾ پوپٽي هيراننداڻي، مايا راهي ۽ سندري اتمچنداڻيءَ جهڙين ليکڪائن جو وڏو ڪردار آهي. سندري نهايت سٻاجهي عورت هئي، سندس لهجي ۽ رويي ۾ مامتا واري محبت جا مڻ ڀريل هئا. منهنجون ساڻس ۸۶-۸۷، ۲۰۰۸ع، ۽ ۲۰۱۱ع ۾ ڪيتريون ئي ملاقاتون ٿيل هيون. مون هن جهڙي ٻاجهاري ليکڪا صرف پوپٽي هيراننداڻيءَ کي ئي پاتو هو. هن جي آشا چاند جهڙي سڀاڳي ڌيءُ، دبئيءَ ۾ ’سنڌيت‘ جي جوت جلايو ويٺي آهي ۽ اُن دنيا جو پهريون سنڌي سکيا سافٽ ويئر ’اچو ته سنڌي سکون‘ (Lets’ Learn Sindhi) پڌرو ڪيو آهي ۽ KTN سان گڏ ڪيترا ثقافتي ۽ سنگيت جا پروگرام به ڪرايا آهن. سندريءَ سان آخري ملاقات ۾ مون سان شوڪت شورو ۽ اياز گل به گڏ هئا، اڄ جڏهن سندري هن دنيا ۾ نه رهي آهي، تڏهن سندس چهرو ۽ سڀاءُ اکين آڏو ڦري اچن ٿا ته هڪ نامعلوم سنڌي شاعر جو هي بيت ذهن تي تري اچي ٿو: وساريان نه وسرن، نه وسارڻ جيها، ريکون ٿي رهيا، سڄڻ سونيءَ تند جئن! (اڱارو ۰۹ جولاءِ ۲۰۱۳ع) سندري اتم چنداڻي سنڌي ادب جي واڌاري ۾ سندس ڪردار صعيم علي ڀيلار سِنڌي ادبَ جو گُلشنُ مھِڪائڻَ ۾ جتي سِنڌي هندو اديبن پاڻ موکيو آهي، اُتي سنڌي هندو عورت ليکڪائون پڻ ڪُلھو ڪُلِھي سان ملائي اَدبي سفرَ ڪيا آهن. سنڌ جو شھر حيدرآباد ڳچ عرصي کان علم، ادبَ ۽ اَملھه ليکڪ ۽ ليکڪائن جو شھر رهيو آهي. هنَ تاريخي شھرَ، ٽنِ وڏين بَرک ليکڪائن کي جنم ڏنو، جن ۾ پوپٽي هيراننداڻي، ريٽا شھاڻي ۽ سُندري اُتم چنداڻي شامل آهن. هنن ٽنِ ليکڪائن پنھنجي علمي ڏاهپَ، ادراڪَ ۽ بھترين لکڻين جي ڪري سنڌ توڙي هند ۾ هڪَ جيتري عزت، مانُ ۽ مرتبو حاصل ڪيو آهي. هن مضمون ۾ سُندري اتم چنداڻي جي تحريرن کي تنقيدي زاويي سان پيش ڪرڻ مقصود آهي. سندري اتم چنداڻي جو جنم سنڌ جي شهر حيدرآباد ۾ ۲۸ سيپٽمبر ۱۹۲۴ع تي ٿيو. ميٽرڪ تائين تعليم حيدرآباد مان حاصل ڪيائين. شروع کان ئي ذهين. سُلڇڻي ۽ اَدب سان چاهه رکندڙ سُندريءَ بنارس مان ٻارنهن درجا پاس ڪيا. ورهاڱي جي ڪيترن ئي سالن کانپوءِ ايس. اين. ڊي. ٽي يونيورسٽين مان سنڌي ۽ انگريزي ادب ۾ ايم اي ڪيائين. ورهاڱي کان پھرين وارن ليکڪن ۽ ليکڪائن جيان سُندري اتم چنداڻي به گهڻ پاسائين ليکڪا هئي، پاڻ هڪ ئي وقت ڪھاڻيڪارہ، ناول نگار، ناٽڪ نويس، شاعره ۽ ان کان علاوه ريديو ۽ ٽي وي تي بھترين رهنما پڻ رهي آهي. هن مھان ليکڪا مڙني شعبن ۾ وڏي ايمانداري سان نڀايو آهي، سندس تحريرن جي اڀياس مان ترقي پسند سوچ جو اولڙو نظر اچي ٿو ۽ ڪيترين ئي ڪَھاڻين ۾ سَماج جي تعميري سوچ جا چٽا عڪِس پسي سگهجن ٿا. مضمون کي طوالت کان بچائيندي سندس چند تصنيفن جو مختصر جائزو پيش ڪجي ٿو. اڇا وار، ڳاڙها گل ۽ ٻيون ڪھاڻيون: مٿي ڄاڻايل ڪتاب سال ۱۹۶۵ع ۾ ممبئي مان شايع ٿيو، جنھن ۾ جملي ۱۰ ڪھاڻيون شامل آهن، جن ۾ ڪتاب جي عنوان واري ڪھاڻي آخر ۾ درج ڪيل آهي. ٻين ڪهاڻين ۾ “پھريدار”، “زهر جي پڙي”، “ڪاڪ محل” وغيره اهميت جون حامل آھن. ڪھاڻين ۾ سماجي عڪاسي وڏي عرق ريزيءَ سان بيان ڪيل آھي. تو جنين جي تات: سُندري اتم چنداڻي جي لکيل ڪھاڻين ھي جو ڪتاب جيڪو سنڌ ۾ ۱۹۸۳ع ۾ شايع ٿيو، هي ڪتابُ ان کان پَھرين هندستان ۾ ٻه ڀيرا شايع ٿي چڪو هو. هن ڪتاب ۾ جملي ۱۱ ڪھاڻيون شامل آهن. هن ڪتاب جو مھاڳُ عمر ميمڻ جو لکيل آهي. ڪتاب جي عنوان واري ڪَھاڻي شروع ۾ ڏني ويئي آهِي. ڪھاڻين ۾ سندس ٻولي سپڪ، سوادي ۽ سادي ڪتب آندل آهي. سندس موضوع سنڌي سماج جي ھر طبقي سان واسطو رکن ٿا. وڇوڙو (سنڌي ڪَھاڻيون): سُندري اتم چنداڻيءَ جي هن بھترين ڪھاڻين جي ڪتاب ۾ جملي نوَ ڪھاڻيون شامل آهن. جن ۾ “ڪارو گهوٽ”، “ڪنوارو پيءُ”، “سنڌوءَ جو روپ” ۽ “سوريءَ سچ چڙهيو” وغيره اهميت جون حامل آهن. هنن ڪھاڻين ۾ پيار، محبت، سماجي اڻ برابري، ڏيتي ليتي، هندستان لڏي ويل سندرين جي پنھنجي اباڻي وطن لاءِ اڪير ۽ سڪ جا چٽا عڪس پسي سگهجن ٿا. سندس ڪتاب ڪيترائي ڀيرا شايع ٿيندا رهيا آهن. ان مان سندس شھرت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. هن ڪھاڻين جي ڪتاب کي ساهتيه اڪادمي طرفان سال ۱۹۸۶ع ۾ ادبي انعام پڻ مليو هو. سنڌو ناٽڪ (ڏهه ننڍا ناٽڪ): سنڌي ادب ۾ ننڍي ناٽڪ جو باني منگهارام ملڪاڻي کي چيو ويندو آهي. سُندري اتم چنداڻي کي شروع کان ناٽڪ ڏسڻ، پڙهڻ ۽ انهن ۾ ڪم جو شوق هوندو هو. هن ٽئگور جي هندي ناٽڪ “مالني” ۾ ماءُ جو ڪردار ادا ڪيو هو. ان ڪري سندس لکيل ننڍن ناٽڪن جي مڪالمن ۾ جان آهي. ڇاڪاڻ جو ليکڪا ناٽڪ لکڻ کان پھرين پاڻ مختلف ناٽڪن ۾ ڪيترائي ڪردار ادا ڪري چڪي آهي. هن ڪتاب ۾ شامل ناٽڪَ سماج جي مختلف زاوين جي ڀرپور عڪاسي ڪن ٿا. مٿي بيان ڪيل ڪتاب جي عنوان ۾ هڪ ننڍو ناٽڪ “وڻجارو” پڻ ملي ٿو. هي ننڍو ناٽڪ شاهه لطيف جي “سر سامونڊي” تي ٺاهيل ناٽڪ آهي، جنھن ۾ شاهه لطيف جا بيت پڻ ڪتب آندل آهن. کيڙيل ڌرتي: هن ڪتاب ۾ جملي اٺ (۸) ڪھاڻيون شامل آهن جن ۾ ٽئين نمبر تي درج ڪيل ڪھاڻي ڪتاب جي عنوان واري ڪھاڻي آهي. هنن ڪھاڻين ۾ سنڌي سماج جي گهرو ماحول ۽ سنڌيت کي ڀرپور انداز سان پيش ڪيو ويو آهي. پنھنجي وطن سان قائم اٽوٽ رشتي کي وڏي حساسيت سان پيش ڪيو اٿس. آتم وشواس: هي ڪتاب به ٻين ڪتابن جيان سندري اتم چنداڻي جو بھترين ڪتاب آهي. هن مجموعي ۾ “ولر کان وڇڙيل”، “سنڌيءَ جي سڪ”، “قرباني” بھترين ڪھاڻيون آهن. سندري اتم چنداڻي جي ڪھاڻين مان اها پرک پوي ٿي ته وقت گذرڻ ۽ پنھنجي ڌرتي کان ڪٽجڻ جي باوجود به مادري ٻولي ۾ اها ئي نمايان اورچائي ۽ ٺيٺ سنڌي لفظن جو استعمال عام جام ملي ٿو. سنڌي ادب ۾ ڪھاڻين جي ڀيٽ ۾ ناول تمام گهٽ لکيو ويو آهي، ان جو سبب طويل پلاٽ کي يڪسوئيءَ سان نڀائڻ جو سوال پيدا ٿئي ٿو. سندري اتم چنداڻي جا لکيل ناول “ڪرندڙ ديوارون” ۽ “پريت پراڻي ريت نرالي” سندس شاهڪار ڪھاڻين وانگر بھترين جڳھه والارين ٿا. ترجما: ادب جي دنيا ۾ ترجمو به هڪ خاص اهميت رکي ٿو. ڪنهن به ڌاري ٻوليءَ جي تصنيف جو ترجمو ڪرڻ کان پھرين مترجم ان کي مڪمل طور تي سمجهي موضوع، خيال ۽ فڪر کي هضم ڪرڻ کانپوءِ پنھنجي سماجي، مذهبي ۽ ثقافتي اصولن پٽاندڙ آسان انداز ۾ پنھنجي مادري ٻوليءَ جو ويس ڍڪائي ٿو. سندري اتم چنداڻي به هن اوکي ڪم ۾ پاڻ موکيو آهي. هن تڪشي شو شنڪر جو ناول سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي. هن مھان ليکڪا روس جي ترقي پسند سوچ وارن هڪ شعرن ۾ سنڌيءَ ٻولي ۾ ترجمو ڪيو آهي. ان عمل سان هند جي سماج ۾ وهمن، وسوسن ۽ انڌي تقليد جي جوڙيل بتن ۾ ڏاريون پئجي ويون هيون. هند جي جيجيءَ، ميڪسم گورڪيءَ جي ناول کي ترجمو ڪري “ٽٽل ساز” جي نالي سان شايع ڪرايو هو. ان کان علاوه ڪرشن چندر جي ناول جو ترجمو “پياسي ڌرتي پياسي دلڙيون” پڻ وڏي اهميت رکي ٿو. سندري اتم چنداڻي، امرتا پريتم جي ناول کي “هڪ سسئي سو سور” جي نالي سان پڻ ترجمو ڪري سنڌي ادب ۾ اضافو ڪيو آهي. نتيجا: * سندري اتم چنداڻيءَ جي ٻوليءَ سنڌ ڌرتيءَ جي اها نج نبار سپڪ، سادي ۽ سلوڻي ٻولي آهي، جنھن ۾ ڪڙمي، ڪوري، لوهار، هاري ناري ۽ ميربحر وغيره عام روز مرهجي ڪمن ۾ ڪتب آڻين ٿا. * سندري اتم چنداڻي سنڌي ادب جي دنيا ۾ ناٽڪ نويس، مترجم، ناول نگار جھڙين زاوين تي وڏي مھارت لکي چڪي آهي، ادبي حلقن ۾ سندس سڃاڻپ ڪھاڻيون بڻيون. * سندري اتم چنداڻي جي مڙني ڪھاڻين ۾ ٻين سنڌي هندو لکارين جيان پنھنجي وطن جي لاءِ بي انتها سڪ، پيار ۽ اڪير ملي ٿي. * سُندريءَ جي ٻوليءَ ۾ اها رواني آهي جيڪا سنڌوءَ جي ڇولين ۾ نظر اچي ٿي. * سندريءَ جي ڪھاڻين جا موضوع اوپرا نه آهن هن مٽي جي ماڻهن جون درد ڪھاڻيون احساس سان پيش ڪيل آهن. * موجوده دور جي سنڌي ادب جي گهڻ گهرن کي گهرجي ته سندري اتم چنداڻيءَ جي مڙني تحريرن کي مختلف رسالن مان ميڙي چونڊي گڏ ڪري ٻيهر شايع ڪرائڻ گهرجي. هيءَ ليکڪا پنھنجي دور ۽ موجوده دور جي ليکڪائن کان وڏي بيباڪ ليکڪا آهي، سندس ادبي ڪمن تي سائنسي بنيادن ۾ تحقيق ڪرائي وڃي ته جيئن نئين نسل کي پنهنجي ڌرتيءَ جي ليکڪائن جي علمي ۽ ادبي قد ڪاٺ جي صحيح نموني خبر پئجي سگهي. *** (ماھوار ھمسري حيدرآباد آن لائين جي ڊسمبر ۲۰۲۴ع واري شماري ۾ ڇپيل)
Explore tohimo's 879 photos on Flickr!
You searched for: CeliaLauDesigns! Discover the unique items that CeliaLauDesigns creates. At Etsy, we pride ourselves on our global community of sellers. Each Etsy seller helps contribute to a global marketplace of creative goods. By supporting CeliaLauDesigns, you’re supporting a small business, and, in turn, Etsy!
One of the things I picked up at last week's estate sale was a case full of doll clothes. I have done pretty good with vintage dolls, doll ...
Blogue de receitas, dicas de culinária, artigos de opinião, musica, fotografia e muito boa disposição!
Um recheio ligeiramente adocicado com frutos e vinho do Porto faz deste peru um prato delicioso e uma excelente opção para o Natal.
curry de dinde light
La viande la moins chère du marché prend un parfum d'Italie.
I have been in a "too much doll stuff, gotta get rid of some of it" mode for the last few weeks (this seems to always strike when winter day...
Create a stable for your foals, ponies and horses in your Internet browser thanks to Howrse.
Wyniki wyszukiwania "zmysły" - Edu-Grafika pomoce dydaktyczne, karty pracy i ćwiczenia - przedszkole
Mods that will take your MXR Distortion Plus to a bigger, meaner level
Download this Premium AI-generated vector about Monkey hanging on a tree branch watercolor paint, and discover more than 15 million professional graphic resources on Freepik
Graphic Design,Adobe Illustrator,Adobe Photoshop