Shop recommended products from Anna Mauszycki on www.amazon.com. Learn more about Anna Mauszycki's favorite products.
About this item INDUSTRIAL DECORATIVE STATUE: Designed with rugged charm and edgy allure, where metal finishes and raw materials unite to create an urban aesthetic that showcases your artistic expression POLYSTONE SCULPTURAL ACCENT: This industrial type sculpture is made from high-grade polystone materials GRAY HOME DECOR FIGURINE: Figures are painted dark gray with a light metallic gold brushed finish, the rigid rock wall is a distressed stone-like gray hue and texture PEOPLE ACCENT STATUE: Features three human figures, one climbing the cliff face, while the other two pull it with a metal string LARGE SIZE SCULPTURAL STATUE: The gray polystone sculpture measures 7L x 3W x 17H inches, and weighs 3.68 lbs
يوگا ۽ گيان ڀومي ڪھاڻي عنايت ميمڻ هو مٿان اچي بيٺو. شڪل خراب ڪري چيائين؛ ”هي اسڪول آهي! هتي نه يوگا ٿيندي نه واڪ ٿيندي. اڳنان هتي نه ايندا ڪيو. مون سڀني کي سختي سان منع ڪيو آهي۔“ مون چيو؛ ”ٽيھن سالن کان، هن پنھنجي مادر علمي ۾ ايندو رهيو آھيان. هتي ايندي مون کي پنھنجي مانوارن استادن جي دڙڪن، پيار ڀري پڙھائي جو هڳاءُ ايندو آھي. اهي پراڻا سنگتي به ياد ايندا آهن جن سان جواني جا ٽهڪ گڏجي ڏنا هيا۔هتي ئي ڪرڪيٽ کيڏي آهي. هتان جي علمي ادبي ۽ صحت جي ماحول جو ڇهاءُ اڄ به محسوس ڪندو آھيان. مون کي فخر آهي ته مان هتي اچي گيان حاصل ڪيو آھي. تون ڪيئن ٿو روڪي سگهين؟“ چيائين؛ ”تو کي خبر ناهي مان ڪير آهيان؟“ مون چيو؛ ”واقعي مون کي خبر ناهي تون ڪير آھين؟“ چيائين؛ ”مون کي رڳو هتان جو پٽيوالو نه سمجھ. مان BE پاس آهيان ۽ هتي ڪالوني ۾ رهندو آھيان. هتان جي ننڍن ملازمن جي يونين جو صدر به آهيان.“ مان هن جي خود ساخته تعارف وسيلي، هلڪڙائپ ۽ خسيسپڻي کي محسوس ڪندي، هن کان صرف اهو پڇو ته؛ ”اسڪول جي پرنسيپال ڪير آھي؟“ دٻدٻي واري انداز سان چيائين؛ ”ڀلي وڃي پرنسيپال کي دانهن ڏي ڏسون ته ڇا ٿو ڪري؟“ مون صاحب جي مائٽن کي دانهن ڏني پر واقعي ڪو کڙ تيل ڪون نڪتو؟! نتيجي ۾ سوير اٿي اسڪول نه وڃڻ ۽ يوگا نه ڪرڻ ۾ ئي پنهنجي ڀلائي سمجهي. هن عمر ۾ هر عزت واري ماڻهوءَ کي ائين ئي ڪرڻ گهرجي شايد! ڪجھ ڏينهن کان پوءِ خبر پئي ته پٽيوالي صاحب جي ڪنهن ڊاڪٽر سان، جيڪو واڪ تي ايندو هيو، ڪنهن ڳالھ تي اڻبڻت ٿي هئي. نتيجي ۾ اسان تي هن ليڊرشپ جي گند اڇلائي بدبوءِ ڦھلائي. خبر اها به پئي ت هي زوراور هستي آهي. هائوس رينٽ کڻندو آهي پر رهندو اسڪول جي ڪالونيءَ ۾ آھي ۽ هن جي آشيرواد هيٺ، ڪجھ مسلمان ڀنگي اپائنٽ ٿيل آهن، جيڪي گهر ويٺي پگهار کڻندا آهن ۽ لوڙيندو ويچارو هڪڙو هريجن آهي، جيڪو سڄي اسڪول جي ٻھاري ڏيندو آھي. اسان واري دور ۾ ھڪڙو پٽيوالو هوندو هيو، جيڪو پٽيوالي جو ڪم به ڪندو هيو ته وري سٺو اليڪٽريشن به هيو. سڄي اسيمبلي جي اليڪٽرڪ جو ڪم ڪار ۽ لائوڊ اسپيڪر جي سار سنڀال پاڻ اڪيلو لھندو هيو. مجال آ جو اسيمبلي ۾ ڪو رخنو پوي. استادن جو به خيال رکندو هيو، شاگردن سان به پيار ڀريو رويو رکندو هو. اهي سڀ ڪم ڪرڻ کان پوءِ به مجال آ جو هن جي چھري تي ڪو گھنج نظر اچي. شايد اڄڪلھ جي پٽيوالن وانگي هو ويچارو نه ليڊر هيو ۽ نه ئي وري BE پاس هيو.
ماما وشن ٿري ٿر ۾ انسانيت جو شيوڪ ڀارومل امراڻي سوٽهڙ مامي وشن ٿري تي هي لفظ لکڻ وقت آئون ڀڳتي تحريڪ جي سگھاري شاعر نرسي مهتي جو هيءُ گيت ”سانورئي را نام هزار ڪيسي لکان ڪنڪو پتري“ لوڪ ڳائڪ مهيشارام ميهگوال جي آواز ۾ گھڙي گھڙي ٻڌان ٿو. سچ اهو آهي ته، مون ڪڏهن لکڻ وقت اهڙي ٻڏتر محسوس نه ڪئي آهي جھڙي مامي تي لکڻ وقت محسوس ڪري رهيو آهيان. مامي وشن جي خدمتن جا رنگ هزار آهن، آئون هن تي خاڪو ڪيئن لکان!؟ ڪٿان شروع ڪريان!؟ مامي سان ملندي آتما کي سچي سڪون جي سڳنڌ ايندي آهي. بي چين روح آد جڳاد جي جاڳ ۾ جرڪي پوندو آهي. ماما وشن ٿري مايا موه وس ٿيڻ کان بچيل، اوديا جي ڀيدن کان آجو، انسانيت جو سانوريو آهي، جنهن جي رس ليلا دکي انسانيت جي خدمت آهي. ننگرپارڪر کان نئون ڪوٽ جي پٽي يا ناري جي طرف ويندڙ ڏڪاريل ڏوٿين کي کاڌو کارائڻ، مٺي جي اسپتالن ۾ تڙپندڙ بي پهچ مريضن کي دوا درمل وٺي ڏيڻ ۾ مدد ڪرڻ، مٺي جي سوين ساٿين جي رت گروپ کي ياد رکي وقت تي گھران وٺي اچي رت جي ڪمي وارن مريضن کي رت ڏيڻ ۽ ڏيارڻ، ڏينهن رات ڪوشش ڪري مٺي ۾ ٿرپارڪر سوشل آرگنائيزيشن جوڙي پاڻ جھڙن هم خيال ساٿين جي سهڪار سان رت بئنڪ قائم ڪرڻ، ٿر جي مارو ماڻهن کي رت چڪاس ڪرائڻ لاءِ همٿائڻ ۽ نوجوانن کي ضرورت مند جي لاءِ رت ڏيڻ تي اتساهڻ، ڳوٺن ۾ رت چڪاس جون ڪئمپون لڳائڻ مٺي ۾ ايمبولنس جي سروس جو بندوبست ڪرڻ، ڏڪاري ڏينهن ۾ مال جي چاري، پاڻي جو جوڳو انتظام ڪرائڻ تائين ڪيترا ڪم ڳڻجن؟ هن جو انسانيت سان عشق اتاهون آهي. ڪنهن ماڻ ماپي ۾ تڪي توري نٿو سگھجي. انهي ڪري هن جي انهن ڪمن عيوض “ٿر جو ايڌي” سڏيو ويندو آهي. حاجي محمد دل، اسماعيل ڪنڀر، ذوالفقار عمراڻي، نطام دين راجڙ، هوتچند سوٽهڙ، راجيش سوني ڀيشم ڪمار پرڌناڻي سميت سوين ساٿي سماجي ڪارج ۾ مامي جا ٻانهن ٻيلي ٿي رهيا آهن. چيلهار جي سپوت احمد علي چيلهاريي جي فرزند ابوبڪر ميمڻ به سدائين مامي وشن جي ڪارج ۾ سهڪار ڪيو آهي. حيدر آباد جي نامور صحافي علي حسن به مامي جي ڪم ۾ هٿ ونڊايو آهي. ۲۱ آگسٽ ۱۹۶۶ع تي مٺي جي لوهاڻه برادري جي معزز هنسراج مل جي گھر ۾ جنم وٺندڙ ماما وشن ٿري جي اندر ۾ ٻين جي مدد ڪرڻ جو جذبو ننڍپڻ ۾ هيو. مامو ڇهين جي ڪلاس ۾ پڙهندو هو ته سندس والد صاحب کي فالج ٿي ويو. گھر جي آمدني رڪجي ويئي. مالي پريشانيون وڌيون. مامي جو ڀاءُ نارائڻ داس پڙهائي اڌ ۾ ڇڏي سيٺين وٽ ملازم ٿي بيٺو. هن گھر جي لولي لوڻ جو بندوبست ڪيو. مامي پنهنجي والد کي سدائين کٽ تي ستل ڏٺو. پر هن جي جيجل پنهنجي پٽ وشن جي پڙهائي جاري رکائڻ جا جتن ڪيا. امڙ وشن کي پڙهايو ته وشن جي ٻي ڀاءُ ڊاڪٽر نند لال کي به پڙهايو. وشن پاڻ غربت جي زندگي ڏٺي ۱۹۸۷ع ۾ هن جو والد گذاري ويو. ان ڪري غريبن ۽ يتيمن جو هن کي وڏو قياس رهندو آهي. پرائمري جي پڙهائي دوران مامي ڏٺو ته هڪ غريب ڇوڪري وٽ ڪاپيون نه آهن هن ڇا ڪيو ته پنهنجي دوستن کي چيائين ته پاڻ ۾ چندو ڪيو، گڏ ٿيل چندي جي روپين سان گڏ ڪجهه اڌار تي پئسا رکائي ڪاپيون وٺي آيو، پوءِ اسڪول ۾ اعلان ڪيائين ته مارڪيٽ مان ڪاپيون وٺڻ جي بدران مون کان ورتيون وڃن. پندرنهن ڏينهن ۾ ايتريون ڪاپيون وڪاڻيون جو غريب شاگرد جون ڪاپيون ۽ ڪتاب انهن پئسن مان ٿي ويا. مامي جي سماجي شيوا اتان شروع ٿي. پوءِ بئراج ڏانهن ويندڙ ڏڪاريل قافلن جي ماني ڳڀي جي لاءِ پنهنجي هڪ جيڏن سان گڏجي مٺي جي گھر گھر مان لولا ميڙي قافلن کي ڏيڻ جو ڪم شروع ڪيو. اهو ڪم ڪندي هن کي سچي راحت ملڻ لڳي. مامي کي ڪنهن گھر مان لولي جو انڪار نه مليو. پر سماج جي ڪجهه ٺٺول باز ماڻهن وشن جي ننڍي قد سبب چيڙائڻ جي لاءِ ‘مامو’ چوڻ شروع ڪيو. پر وشن نه چڙيو، هن پنهنجي ڪردار ذريعي سڀن جو مامو ٿي ڏيکاريو. هر جيجل جو ڀاءِ آهي. هاڻي موبائيل فون جو زمانو آهي پر جڏهن اها سهوليت نه هئي ته رت جي ضرورت وارو ماڻهو ڪڏهن آڌي ته ڪڏهن اسر جو مامي جي گھر پهچندو هو در تي ٺڪا ٺڪ رهندو هو. مامو خوشي سان انهن جي لاءِ نڪري ايندو هو پر ٻيا گھر جا ڀاتي تنگ ٿي پوندا هئا. ايتري حد تائين گھر جا ڪجهه ڀاتي ناراض ٿيا. هن درويش جي لاءِ مائٽاڻو گھر سوڙهو ٿي پيو. پر هن ڪڏهن اهڙين حالتن جي پرواهه نه ڪئي هڪ پل جي لاءِ ورچي نه ويٺو، پنهنجو ڪم جاري رکيو. هن جو پراڻو گھر کتري محلي ۾ امام بارگاهه جي ڀر سان هوندو هو، هاڻي لوهاڻه پاڙي جي ريل ۾ آهي. ٻنهي هنڌن تان اسپتال پري آهي. ڪڏهن سواري ملي ته ڪڏهن پنڌ اچڻو پوي ته به ايندو آهي. جڏهن ته پاڻ به هاڻي ٻه چار بيمارين جو مريض ٿي چڪو آهي. ڪڏهن ڪڏهن رت گھرندڙ مريض وارو همراه مامي تي ڏاڪا ٻڌي چڙهي ويندو آهي ته، ماما تون اچڻ ۾ دير پيو ڪرين مريض جي حالت خراب آهي. پر مامي ڪڏهن انهن حالتن ۾ به منهن ڦٽائي ورندي نه ڏني آهي. کل ڀوڳ ۾ سنگت مامي کي رت وٺندڙ سڏيندي آهي، ڪاش مامي جھڙا رت گھرندڙ سماج ۾ گھڻا هجن. مون کي هڪڙي دوست چيو ته، مامي جي ڪم جو دائرو هاڻي ٿر جي شهرن، ڳوٺن مان نڪري عمرڪوٽ، سانگھڙ ۽ حيدرآباد تائين پهتو آهي. مون انهي دوست کي ٻڌايو ته مٺا، مامي جو ڪم اڳ به وسيع هو. هاڻي به آهي. هي جيڪي مريض مان لاعلاج ڪري ٻين اسپتالن ڏانهن موڪلجن ٿا. انهن ويچارن جو اتي به مامو سهارو رهندو آيو آهي. امرجڳديش ملاڻي جڏهن لانگ مارچ تي هو ته انهي وقت مٺي جي هڪ مريض کي حيدرآباد ۾ ۱۲ رت جون بوتلون مامي ڏياريون هيون. آئون مقامي تنظيم جو ميمبر رهيو آهيان پر فقير ماڻهو ٿر جي ٻهراڙي پنهنجو راڄ ڀاڳ ڪو واسطي وارو مريض اچي ته رت گھرجي يا دوا درمل جي مدد، اول آخر سهارو مامو وشن سُجھندو آهي. ماما وارو ڪر. هڪ دفعا ڇا ٿيو ته ننگرپارڪر جي ڳوٺ آڌيڳام جا غريب ڪولهي ڊليوري ڪيس ۾ مٺي آيل هئا. رات جو مريض جي لاءِ رت ۽ ماني ٽڪي جي مدد ڪئي سين. ٻن ڏينهن کان پوءِ پارڪر جي ڪولهي ساٿين جو فون آيو ته سائين ڊليوري ڪيس ۾ مٺي آيا هئاسين پر عورت گذاري ويئي آهي. اسان وٽ ڀاڙي جا پئسا نه آهن. لاش واپس وٺي وڃڻو آهي. مون ٽاٽ سڃائي جي ڏينهن ۾، سوچيو ته هاڻي ڇا ڪريان؟ مامي سواءِ ٻي واهه ڪهڙي...سڌو مامي وٽ پهتس پوري ڳالهه ڪري دنگ ڪئي ته مامو بندوبست ۾ لڳي ويو. سول سرجن ايمبولنس نه پيو ڏي، مامي سول سرجن کي ٻڌايو ته آئون ۽ ڀارو ٻئي گڏ وڃي رهيا آهيون. تون رڳو ايمبولنس ڏي. اسان تيل جو بلو ڪري ڪولهين سان گڏ ننگر جي لاءِ نڪتاسين. ننگر پهچي پريس ڪلب وٽ مامو جهول وڇائي ويهي رهيو. ايندڙ ويندڙ کان چندو ميڙي اٺ ڏهه هزار غريبن کي ڪفن دفن ۽ کاڌي پيتي جي لاءِ ڏنائين. اهڙيون مٺي جي هر دوست وٽ مامي جون ڪهاڻيون آهن. ماما وشن ٿري جي تربيت سياسي ڪارڪن واري به آهي. سنڌ جي قوم پرست سياست جي مارڳ ۾ پنڌ ڪندي ترم ياترا به ڪيائين. سختيون سٺيون. مامو وشن، ڪامريڊ نند لال مالهي، ڊاڪٽر اشوڪ بختاڻي ۽ لڇمڻ ٿري سان گڏ قوم پرست سياست جو حصو ٿيڻ سان گڏ امر جڳديش ملاڻي، فقير مقيم ڪنڀار، حسن پسايي جي سٿ ۾ عوامي سياست جو سبق عام ڪرڻ جي جستجو ۾ شامل رهيو آهي. ونگي جي ارباب خاندان ۽ جاگير جي راڻن جي راڄ ڀاڳ واري سياست جو ساکي به آهي. ڄام ساقي، سوڀي گيانچنداڻي جي چونڊن ۾ هن هڪ متحرڪ ڪردار وارو حصو ورتو هو. هن ٿر ۾ صحافت ۽ ادب جي قافلن سان هر گهڙي سڏ ۾ گڏ ٿي سرگرم رڪن طور نڀايو آهي. مٺي جو ڪهڙو ادبي پروگرام هوندو جنهن ۾ مامو وشن نه هجي. ۶۰ کان وڌيڪ سماجي تنظيمن جي گڏيل نيٽ ورڪ ماروئڙا ڪوآرڊيشن ڪائونسل جو ٻه ڀيرا جنرل سيڪريٽري به چونڊاڻو آهي. ماما وشن ماروئڙا جي چونڊن ۾ آيو ته ٻي پينل تي هو پر کٽڻ کان پوءِ اوڀايي جوڻيجي سان گڏجي ماروئڙا جي لاءِ هن پاڻ ملهايو. اين جي اوز جي مخصوص ماحول مان ماروئڙا کي ڪڍي عوامي اداري طور ڪڏهن قدرتي وسيلن جي مالڪي جي لاءِ اوڀايو جوڻيجو ۽ ماما وشن روڊن تي بيٺا ته ڪڏهن رڻ ڪنڌي جي ڳوٺ ۾ پيئڻ جي پاڻي جو بندوبست ڪيو. ڪڏهن اعليٰ اختيارين کي ٿر جي مسئلن تي خط و ڪتابت ڪئي ته ڪڏهن ننگر جي وانڍئي ۾ مفت طبي ڪئمپ ۾ ڪارڪن ٿي ڪم ڪيو. صادق فقير هن جو ننڍپڻ جو دوست هو، مامو هاءِ اسڪول مٺي ۾ پڙهيو، جڏهن ته صادق فقير ميرواهه گورچاڻي ۾ پڙهندو هو پر جڏهن صادق مٺي ايندو هو ته صادق جو مامو امداد فقير، حاجي محمد دل جو پٽ نياز دل ۽ مامو وشن کتري محلي جي پڙ وٽ ويهي ڳالهين جي ڳهر ۾ الوٽ ٿي ويندا هيا. صادق مئٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ ڪاليج پڙهڻ جي لاءِ مٺي آيو. مامو ۽ صادق فقير انٽر ۾ گڏ پڙهيا. انٽر کان پوءِ ڪاليج واري پاسي کان بي اي ڪري صادق فقير ايم اي سنڌي ڪئي، جڏهن ته مامي وشني ايم اي اڪنامڪس جو فارم ڀرايو. مون مامي وشن ٿري حاجي محمد دل ۽ صادق فقير کي هڪ ٻي سان ڏاڍا چرچا ڪندي ڏٺو ۽ ٻڌو آهي. ڪيڏي سهپ ۽ رواداري انهن وٽ رهي آهي. حاجي محمد ۽ تاراچند راٺي جا لکيل اسٽيج ڊراما، استاد حسين فقير، ڪريم فقير ۽ صادق فقير جي ڳائڪي، تاج جويي، سائنيداد ۽ امولک امر جي شاعري، ساٿي ٻارڙا سنگت ۽ لطيف جا ميڙاڪا، شيام داس جوشي، پرشوتم واسواڻي، ساجن داس چنداڻي جي سکيا، ڪامريڊ نند مالهي جو سنڌي ادبي سنگت ۾ سرگرم رهڻ تائين مٺي جي هڪ اهڙي ادبي تاريخ آهي. جنهن مٺي کي صبح جي سحر ۾ تبديل ڪرڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي. ماما وشن ٿري ۽ صادق فقير جون ساروڻيون انهي دور جو اثاثو آهن. صادق فقير مامي وشني جو وڏو خيال رکندو هو. سنڌ جي سمي ۽ جيساڻي جي ڀاٽي جي ڀاءِ ساهمي ۽ سير کڻندڙ لوهاڻي جو گهر مڱڻهار فقير اڀو بيهي پنهنجي نگراني ۾ ٺهرائي ڏئي ويو. صادق فقير تي سوچيندي هن جي ڪيفيت اڄ به بنگالي ٻولي جي شاعر جي انهن سٽن جهڙي آهي. بي اختياري ۾ ورلاپ ڪري ٿو ته؛ “مان ديس وديس رليو آهيان پر ڪنهن کي به پنهنجي پسند موجب پائي نه سگهيو آهيان هن سنسار ۾ ڪوئي به دوست ته جهڙو نه آهي، هاءِ منهنجا دوست آئون ڇا ڪريان؟ تو کي ڪٿي پايان..” ٻين جي ڦٽن تي مرهم رکڻ واري مامي وشني جي من جي پيڙائن کي صادق فقير کان پوءِ ڪير محسوس ڪري سگهي ٿو؟ ڪيئن تون منهنجي من ۾ پيڙا ڄاڻي سگهندين ڏس ته اکين ۾ آهن اوجاڳا ٿڪجي پيا. صادق فقير کان پوءِ لطيفن به هن کي کلائڻ ڇڏي ڏنو آهي. گهڙي گهڙي چتائن جو گهنڊ هن جي روح ۾ وڄي ٿو. مٺي جي دوستن مامي وشن کي صادق فقير جي جدائي جي غم مان ڪڍڻ ۽ مامي جي سماجي خدمتن جي مڃتا ڏيڻ جي لاءِ وڏو ميڙ مچايو پر اتي به مامو صادق فقير جي لاءِ روئي پيو ته؛ دوست بهي ملتي هين، محفل بهي جمي رهتي هي، تو نهين هوتا تو هر چيز مين ڪمي رهتي هي. داغستان جي البيلي شاعر رسول حمزا توف هڪ هنڌ لکيو آهي ته “ماڻهو ڇهه ورهين جي عمر ۾ ڳالهائڻ سکي وڃي ٿو پر اسي سالن تائين ماٺ نٿو ٿئي.” سو ماٺ نه ٿيندڙ ماڻهو ڳالهائيندو رهي ٿو مثبت يا منفي اهو هڪ الڳ پهلو آهي. منفي سڀاءِ ۾ ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ وارن ماڻهن وٽ مامي وشني جي ڪارج تي به ڪيترائي ڳالهين ۾ ليڪا پاتل آهن هڪ ڳالهه جو کلي دل سان اقرار ڪندي پاڻ به مڃون ٿا ته مامو به هڪ انسان آهي ته انساني حد تائين ڪميون ڪوتاهيون مامي جي وجود ۾ به آهن. پر اهو ٻڌايو ته بي حسي جي بارش ۾ ٻڏل سماج ۾ ائين انسانيت جي شيوا ڪرڻ جي لاءِ ساڌو ٿيڻ جي لاءِ ڪير تيار آهي.!؟ فراريت جي سرد راتين ۾ پنهنجائپ جا ڏيئا ڪير ٻاري ٿو!؟ هن جو قد کڻي ننڍو آهي پر انسانيت جي لاءِ هن جو پورهيو تمام وڏو آهي. پاڻ پڏائڻ چڱي عمل جو موت آهي. مامي وشني ڪڏهن پاڻ پڏايو نه آهي. هن سدائين عاجزي اختيار ڪري نياز نوڙت سان مسڪين جهان خان کوسي ۽ نندلال نندن جي ڇڏيل ڪم کي اڳتي وڌايو آهي. اسان جو هي دور جنهن دور ۾ ارون ڌتي راءِ جي لفظن ۾؛ “ڪجهه به غربت کان وڌيڪ وڪرو نٿو ٿئي.” پر هن ڪڏهن به ڪٿي غربت کي وڪرو نه ڪيو آهي. غربت جي غم کي گڏيل طاقت ۾ تبديل ڪري اڻ برابري واري سماج کي لوڏڻ جا وس ضرور ڪيا آهن. مامو وشنو ڪڏهن ڪتي جو ڪڪر نه ٿيو آهي، جنهن جي لاءِ لوڪ شاعر چيو آهي ته؛ ڪتي ڪڪر جر نهين، تون ڀوري ڏيکي مت ڀول، گُڻ ٿوڙو، روپ گهڻو، جيسا روهيڙي راتا ڦول. (ڀوري تون ڪتيءَ جا ڪڪر ڏسي ڀلج نه، ڇاڪاڻ ته انهن ۾ پاڻي نه آهي. انهن ۾ ڳڻ گهٽ روپ گهڻو آهي، جيئن روهيڙي جا ڳاڙها گل آهن. جن ۾ روپ ته گهڻو هوندو آهي پر خوشبوءِ نه هوندي آهي.) مامو وشنو پنهنجي ڪردار ۾ سانوڻ جو ڀريل بادل آهي. سدائين گهنگهور گهٽا ٿي ڏڪاريل ٿر تي وسيو آهي. مامي وشن سان ملهايل شام ۾ انجنيئر گيان چند سچ چيو ته؛ مامو وشن موجوده دور ۾ ٿرپارڪر جو وڏو ماڻهو آهي. لوڪ ساگر جو ڪوي چوي ٿو ته؛ مينهان اور موٽان گهران، هينئان ڇوڙي م آس، او برسي تو سرور ڀري، او ڇوڙي نا نراس. (اي منهنجا من! مينهن ۽ وڏن گهرن مان ڪڏهن آس نه پلجانءِ، مينهن وسي ته تلاءِ ڀري ڇڏي، وڏي گهر جو خانداني ماڻهو ڪڏهن مايوس ڪري نراس نه موٽائيندو). (ڀارومل امراڻي سوٽھڙ جي فيس بڪ ٽائيم وال تان کنيل)
ناد وارو امر لغاري ۽ ڪردار عبدالله نظاماڻي مان جڏهن اماوس رات ۾ ادب جي آسمان تي نظر وجهندو آهيان ته چمڪندڙ تارن ۾ هڪ روشن تارو ڪهاڻيڪار امر لغاري به لڳندو آهي. سندس ڪهاڻيون اڪثر ڪري سنڌي ادبي سنگت جي دستوري گڏجاڻين ۾ ٻڌندو رهندو آهيان. منهنجي هٿ ۾ امر لغاري جو ڪتاب “ناد وارو” آهي. جيڪو آڪٽوبر ۲۰۱۵ع ۾ ڪاڇو پبليڪيشن ڪراچي طرفان ڇپجي پڌرو ٿيو. هن ڪتاب ۾ ڪل سترهن ڪهاڻيون آهن. هن ڪتاب جو مهاڳ منوج ڪمار ۽ بيڪ ٽائيٽل منظور ملاح جو لکيل آهي. ڪتاب جي ٽائيٽل ڪهاڻي “نادوارو” آهي. جيڪا سماج ۾ معاشي تبديلي کي ظاهر ڪري ٿي. هن ڪهاڻي ۾ احمد جو مرڪزي ڪردار آهي، جيڪو ڍڳن جا کر ۽ گهوڙن سنب ڇلي، روزي ڪمائي ٿو. معاشري ۾ تبديلي ايندي رهي ٿي پر احمد کي ڪل ئي نه ٿي پوي. ڍڳن جي جاء تي ٽريڪٽر، ٽانگن جي جاء تي رڪشا اچي وڃن ٿا پر احمد انهي ڌنڌي ۾ رڌل. احمد کي تڏهن خبر پوي ٿي جڏهن سماج تبديل ٿي وڃي ٿو. هن وٽ ڪرڻ لاءِ ڪجهه به نه ٿو رهي، بس رهي ٿي، پريشاني، مايوسي ۽ لڙڪ. جيڪو ڪهاڻيءَ جي پڇاڙي ۾ محسوس ڪري سگهجي ٿو. “جوڻس ۽ وڏي ڌي پريشاني منجهان روئڻ لڳيون. ننڍڙي مومل به پريشان ٿي وئي ته آخر گهر ڀاتين ٿيو ڇا هي!!؟ جو سڀ پيا روئين. هو هلڪڙا هلڪڙا قدم کڻندي، پڻس وٽ پهتي. پنهنجو ننڍڙو هٿ وڍيل مڇين ٿي رکيائين. جيڪي هن کي عجيب پراسرار پئي لڳيون. احمد جيئن مومل جي آڱرين جي ڇهاءَ کي محسوس ڪيائين ته کڻي ڇاتي سان لاتائينس. مومل جي منهن ۾ تڪيندي بس ايترو چيائين. “امان تون هلي کيڏ، الله ڀلي ڪندو. بابهين کي ڪجهه ناهي ٿيو، بس هن پاڻ کي تبديل ڪرڻ ۾ ڪجهه دير ڪري ڇڏي آهي. هي انهي ڪوتاهي جا لڙڪ آهن.” هي ڪهاڻي رڳو پيغام نٿي ڇڏي پر انهي ڌنڌي ۽ ناد کي به امر ڪري ڇڏيو آهي. جنهن جي نئين نسل کي شايد ئي خبر هجي. احمد جو منفرد ڪردار هن ڪهاڻيءَ جو ماحول وڌيڪ سگهارو ڪري ٿو. هن ڪتاب جي ٻي ڪهاڻي “فوجيءَ جي ڏاڙهيءَ ۾ ڪک ڪيئن ڦاٿو” جي عنوان سان آهي. هي ڪهاڻي سماج ۾ ٿيندڙ عورتن سان ظلم کي وائکو ڪري ٿي. اهڙيون عورتون جيڪي ورهين تائين انتظار ڪن ٿيون ۽ گڏيل خاندان ۾ رهن ٿيون. جنهن جا مرد پري ڪم تي ويل هجن ۽ گهر ۾ جوان ڀائر ڇڏي وڃن ۽ سس جو رويو به ٺيڪ نه هجي، جيڪي پنهنجن جي هٿان ئي جنسي حوس جو شڪار ٿين جبر ۽ ڏاڍ برداشت ڪن ۽ مارجي وڃن. هي ڪهاڻي به هڪ اهڙي عورت جي عڪاسي ڪري ٿي. ڪهاڻيءَ ۾ مرڪزي ڪردار مارل جو آهي. جيڪا گهر جي ڪم ڪار کان ويندي، مال جو واڙ به هوءَ سنڀالي ٿي. سڄو بار مارل جي مٿان اهو سندس مڙس جو پهريون ۽ آخري سبق هو. سهري جي مرڻ کان پوءِ گهر جو ڌڻي وڏو ڏير. مارل جيڪو ڪم ڪري، ڏير اڳيان اڳيان. پوءِ ته ڏير مڙس ٿي ويهي رهيو. هوءَ مڙس، سس ۽ وڏي ڏير جي ظلم هيٺ. هڪ ڊائلاگ آهي؛ “ابا مارينس ته نه پاڙو ڇا چوندو.؟؟” جنهن سماج ۾ پٽ پيارا هوندا آهن. ننهن کي ڌي نه سمجھيو وڃي. اهڙي سماج ۾ مارل جهڙا ڪردار ظلم جي ور چڙهي ويندا آهن. مارل جهڙيون ناريون ماءُ سان پنهنجو حال اورينديون آهن ته هوءَ به خاموش رهڻ جي تاڪيد ڪنديون آهن. انهن کي خوف هوندو آهي. ٻن خاندانن جي ٽٽڻ جو، مردن جي مرڻ جو. مارل جهڙي ناري روز جيئي ۽ روز مري. هوءَ روز جنسي حوس جو شڪار ٿئي ٿي. جيڪو هن ڊائلاگ ۾ محسوس ڪري سگهجي ٿو. “پوءِ انڌي رک نٿي ڪرين؟؟” هڪڙي زائفان ڄاڻندي به ڇيڙڻ چاهيس. “اڙي ڪو وقت ويلو هجي ته رک ڪيان!!” شادي ٿيڻ کان پوءِ مارل جون خوشيون ختم ٿي ويون هيون پر ٻارن به خوشي ڪو نه ڏٺي. جيڪو انهن لفظن مان ظاهر ٿئي ٿو. “جوڻس پاڪي کنيل مٿو ڏسي هڪ لڱي سوچ ۾ پئجي وئي. جيئن جيئن ٿي ٻارن پيءُ کي ڏٺو. تيئن تيئن ٿي کل ڇٽن. پهريون ڀيرو ٻار پيءُ کي ڏسي ايترو کليا هئا. ائين لڳو ڄڻ صدين کان پوءِ سندس گهر ۾ ڄڻ خوشي موٽي هئي.” هن ڪهاڻيءَ ۾ ليکڪ ڏيکاريو آهي ته اها عورت گهرجي ڪم ڪار کان ويندي، مال کي به سنڀالي ٿي، جنسي حوس جو شڪار به ٿئي ٿي. موٽ ۾ ملي ٿي، مار، دڙڪا ۽ رسوائي. هوءَ مڙس هٿان قتل ٿي وڃي ٿي. فوجي ڳجهن ادارن جو فائدو وٺندي، مولوي ۽ پوليس سان ملي ڪري، قتل کي خودڪشي ڏيکارڻ ۾ ڪامياب وڃي ٿو. ڪهاڻي جي پڇاڙيء ۾ فوجي کي اڌ فٽ جي ڏاڙهي ڏيکاريل آهي. جنهن ۾ پاڙيوارن کي هر وقت ڏاڙهيءَ ۾ ڪک ڦاٿل نظر اچي ٿو. اهو علامتي ڪک مارل جي قتل جي يادگيري ڏياري ٿو. ليکڪ هن ڪهاڻي ۾ ڪردارن کان ويندي موضوع سان خوب نڀاءُ ڪيو آهي. ٻولي جي خوبصورتي ڪهاڻيءَ کي وڌيڪ سهڻو بنائي ٿي. هن ڪتاب ٽيئن ڪهاڻي “گهڙي سوا جي انارڪلي” جي عنوان سان آهي. هيءَ ڪهاڻي فرسٽ پرسن ۾ لکيل آهي. هي ڪهاڻي ان ڪردار جي آهي، جيڪو پاڻ پنهنجي ڪهاڻي بيان ڪري ٿو. اهو ڪردار گرم ساهن جي موسيقي ۽لذت مان اسريل آهي. هو هڪ ٻئي وجود سان جڙيل آهي. ٻاهر جيڪو وهي واپري ٿو. انهي کي ليکڪ سهڻي انداز سان پيش ڪيو آهي. هن جو ميزبان جنهن جو پارٽنر جيڪي حرڪتون ڪري ٿو، هن کي ان تي ڪاوڙ اچي ٿي ۽ هو پاڻ کي هڪ عذاب ۾ محسوس ڪري ٿو. هو جڏهن مرداڻي نالن تي بحث ڪن ٿا ته اهي هن کي نٿا وڻن. هي ڪهاڻي انهن روين کي ظاهر ڪري ٿي. جنهن ۾ اسان جو سماج ڌيءُ جي اولاد کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. جيڪڏهن پارٽنر نالن تي ڳالهائين ته به اهي مرداڻا جيڪڏهن همراه ڀاڄائي سان ڳالهائي ته ڪردار کي مذڪر ڪري پيش ڪري. مطلب ته گنجائش صرف پٽ لاءِ آهي. ڪهاڻي جي اينڊ ۾ هوءَ قتل ڪئي وڃي ٿي. هو بيان ڪري ٿو. “پوءِ ڪنهن مهل ميزبان جي وجود جي نيم بيهوشيءَ واري صورتحال ۾ پاڻ کي ٿوهر جي هٿن ۾ محسوس ڪيو. مونکي ڏسندي، هن جا ڀرون تاڻجي ويا. هن جي آڱرين ۾ سختي اچي وئي. مون پل کن لاءِ نئين ماحول کي محسوس ڪيو پر پوءِ ساهه ۾ گهٽ محسوس ڪئي. ٿوهر جي ڪنڊن جهڙا هٿ منهنجي ڳچي ۾ کپي ويا پوءِ هن جي منهن تي ڪاوڙ، ملال ۽ ٻيون ڪيئي تلخيون آڏيري ول جيئن پکڙجنديون پئي ويون. مون ته دنيا ۾ اچي اڃا پهرين رڙ به نه ڪئي ته ڪو منهنجي پتڪڙن چپن تي مرڪ به نه ڏسي سگهيو. افسوس دنيا ۾ مونکي ڏهن منٽن لاءِ به نه سٺوويو. !!” هي ڪهاڻي انهن روين جي اپٽار ڪري ٿي، جيڪي ڇوڪريءَ يا عورت کي برداشت نه ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. ڪهاڻي سهڻين تشبيهن سان همڪنار آهي. جيڪا ڳالهه ڪهاڻيءَ کي اثرائتو ۽ خوبصورت بنائي ٿي. هر ڪنهن وڌي، ڪونج کي هٿن ۾ کڻي، ان جي ڳچيءَ، پرن ۽ ڪنڌ کي پيار وچان چميون ڏنيون، ڪو به اهڙو نه هو، ائين ڪونج کي پري کان ڏسي سکڻو موٽي وڃي ها. هر ڪنهن ائين چميو ٿي. ڄڻ ته ڪونج نه پر بيحد پيارو ۽ مصعوم ٻارڙو هو جو مائٽن کان وڇڙي وري لڀي پيو هو. مٿيون سٽون ڪتاب جي چوٿين ڪهاڻي “ڪونج” مان ورتل آهن. هي ڪهاڻي پنهنجي موضوع جي لحاظ کان هڪ ڀلوڙ ڪهاڻي آهي. ڪهاڻيءَ جو مرڪزي ڪردار پريل جو آھي. جيڪو هڪ شڪاري آھي. جنهن سڄي عمر مصعوم پکين جا ساھ نپوڙي ڪڍيا آھن. ھن کي ڪو به پڇتاء نه آھي. جنهن جو اندازو هن مڪالمن مان ڪري سگھجي ٿو. “تو واري ڀيڻ آھي نه صبحي، خبر اٿئي ڇا ٿي چوي؟ چوي ٿي تو سڄي عمر پرايا ساھ ورتا آھن، گگدامن جو وارو وريو آھي.” “ڀلاءِ کانئس پڇ شڪار ڪرڻ کان خدا ڪو جھليو آهي ڇا؟ آڙي تتر يا ڪنهن تلور جي جان وٺڻ سان ماڻھن جا ٻار مرن ها ته اڄ اسان سڀ بي اولاد ھجون ها!” هنکي ٿريشر جي، زون زون ڳيرن جي گھو گھو من ماندو ٿئي ڪيو. هن جي اندر جي شڪاري کي جڳايو ٿئي. ڪهاڻيءَ ۾ شڪاري ڪيئن نه منصوبا بندي سان شڪار ڏانهن وڌي ٿو ۽ پنهنجو شڪار ڪري ٿو. ان کي ليکڪ سهڻي انداز سان پش ڪيو آھي. هو جڏهن زخمي ڪونج کي گھر کڻي اچي ٿو ته ماڻهن جو ميڙ گھر ۾ گڏ ٿي وڃي ٿو. جڏهن هو ڪونج کي حلال ڪري ٿو ته ماڻهو نفرت ڀريل نگاهن سان ڏانهنس ڏسن ٿا. هن کي ڪونج تي ڪو به رحم نٿو اچي. ڪهاڻيءَ جي ٽريٽمنٽ اهڙي آھي جو ليکڪ قاريءَ کي گڏ وٺي هلي ٿو. ڪھاڻيءَ جي ٻولي، ماحول ۽ منظر نگاري مطلب ته هر لحاظ کان ڪهاڻي ڀرپور اثر ڇڏي ٿي. هن ڪتاب جي پنجين ڪهاڻي “اڀ ۾ رڙيون“ هڪ خوبصورت ڪهاڻي آهي. هي ڪهاڻي چوٽياريون ڊيم کان پوءِ جيڪا مکي جي علائقي ۾ ماحولياتي تباهي آئي، انهي کي ليکڪ سهڻي انداز سان پيش ڪيو آهي. هڪ مڪالمي ۾ ليکڪ هن طرح بيان ڪري ٿو. “ تنهنجي بابي جي يادگيريء ۾ اتي هنج لهندا هئا پر اها تڏهن جي ڳالهه آهي، جڏهن هنن ڍنڍن ۾ تازو پاڻي وهندو هو ۽ چوڌاري لڪ هوندي هئي. انهن ۾ گٽر ڪو نه وهندا هئا، نه ماڻهن جا گونهن، نه ڪارخانن جا زهر شامل هوندا هئا نه فصلن جا!! هي ڪهاڻي نه رڳو مکيءَ جي تباهي کي بيان ڪري ٿي پر سنڌ ۾ جيڪا ماحولياتي تباهي اچي پئي. ان کي ليکڪ سهڻي انداز سان پيش ڪيو آهي. اهو درد اسان هيٺئين مڪالمي مان محسوس ڪري سگهون ٿا. “پکي، جانور، مڇيون ۽ ماڻهو هڪڙو ڪٽنب اٿئي پٽ” ڪاڪي مرگهه هوڙهي کي رڇن ڏانهن هاڪاريندي چيو؛ “ڍنڍون، درياءَ ۽ سمنڊ انهن جا گهرو وسيلا آهن. جي تباهيءَ جي ور چڙهي ويا ته گهر ڀاتين کي به ڪير ڪو نه بچائي سگهندو. اهي مري ويندا، ختم ٿي ويندا. اها ڳالهه سڀني کي سمجھه ۾ اچڻ کپي. تو مون سڀني کي.” ھن ڪهاڻيءَ ۾ ماحول جي تباهي جو ذميوار ماحولياتي تنظمين، مختلف اين جي اوز ۽ شهري ماڻهن کي قرار ڏي ٿو ۽ انهن جي قول ۽ فعل کي ليکڪ وائکو ڪيو آهي ۽ انهن تي هن ڪهاڻيءَ ۾ سٺي تنقيد ڪيل آهي. ليکڪ هن مڪالمي ۾ انهن جو اڇو منهن ڪيو آهي. “انهن ويچارن کي هتي جي وڻن، جانور ۽ پکين کي بچائڻ جو وڏو اونو آهي. هي هتان جو پاڻي نٿا پين پر جن پکين جانورن کي بچائڻ نڪتا آهن، سي انهن ڍنڍن جو پاڻي پين ٿا. هي انهن ڍنڍن ۽ دٻن کي زهريلو سڏين ٿا پر انهن کي زهريلو بنائڻ وارا شهري ماڻهو خد آهن. اهي شهري ماڻهو شهر جو سمورو گند ۽ گٽرن جو منهن ڍنڍن ڏانهن ڪيو آهي پر پٽ اهي پاڻ اچي تبليغ ڪندا ته ڍنڍون خراب نه ڪيو، ٿيلهيون استعمال نه ڪيو!! انهن ۾ڪپڙا نه ڌوئو!! انهن ۾ تيل ۽ پيٽرول نه هاريو پر اهي ٿيلهيون، بوتلون ۽ ٻيو گند پاڻ اڇلائي هليا ويندا.” هن ڪهاڻيءَ ۾ شهرين ۽ اين جي اوز کانسواء مسجد جي ملي تي به ليکڪ تنقيد ڪري ٿو. ملو جيڪو ٻي دنيا جي ڳالهه ڪري ٿو، جهڙو ملي جو هن دنيا سان واسطو نه آهي. هيٺئين مڪالمي ۾ ليکڪ لکيو آهي ته؛ “ملي کي سوچڻو پوندو” ڪاڪي مرگهه چيو. “ملو ڪنهن ٻي دنيا جي مخلوق نه آهي!!” وڌيڪ لکي ٿو؛ ”ملو ڪجهه به چوي پر پاڻي ماءُ آهي، جنميندڙ آهي ۽ زندگيءَ جو ڌڻي آهي پر جي هن کان انڪار ڪندو ته پنهنجو سر وڃائيندو.“ ھن ڪهاڻيءَ ۾ ماحول جي تباهيءَ کي محسوس ڪري سگهجي ٿو. ڪهاڻيءَ جو مرڪزي ڪردار ڪاڪي مرگهه جو آهي، جيڪو هن ماحول ۾ ڄائو نپنو ۽ جوان ٿيو. تنهن کي ماحول کان ويندي پکين سان بي انتها پيار آهي. اهو پيار پنهنجي پٽ اڪو ۾ به منتقل ڪري ٿو. اهو پيءُ پٽ جو فطرت سان پيار ڪهاڻي کي وڌيڪ خوبصورت ڪري ٿو. ڪاڪي مرگهه کي نه رڳو انهن پکين سان پيار آهي پر هن کي انهن جو الڪو به آهي. ڪهاڻيءَ جي آخر ۾ شڪاري پکين تي فائرنگ ڪن ٿا، ليکڪ ڪاڪي مرگهه جي ڪيفيت کي هيئن بيان ڪري ٿو. “ڪاڪي مرگهه کي الائي ڇا ٿيو جو هنن ٺڪائن تي پنهنجو اڪو بولاٽيون کائيندي نظر آيو.” مرگهه انهن کي پٽي ٿو. جيڪو هيئن بيان ڪيل آهي. “مالڪ ڪو انڌو ڪرين !!” ڪاڪي مرگهه جي واتان نڪتو. “مسين ڍنڍن جي رونق وري هئي. اها به سٺي ڪو نه ٿين !! اکين کان ته انڌا آهن پر دلئون به انڌا آهن.” مٿئين مڪالمن ۾ شڪارين لاءِ پارائتو به آهي ۽ انهي سان گڏ ڪاڪي مرگهه جي دلي ڪيفيت محسوس ڪري سگهجي ٿي. ليکڪ جو ڳوڙهو مشاهدو ۽ مطالعو ڪهاڻيءَ جي منظر نگاري ۽ ٻولي ڪهاڻيءَ کي شروع کان پڇاڙي تائين خوبصورت ۽ سگهارو ڪري ٿي. هن ڪتاب جي ڇهين ڪهاڻي “بلبل سائينء جو ڪتبو” ھي ڪهاڻي پرواني جي ڪردار جي چوڦير گهمي ٿي. جنهن کي خفت ابن ڏاڏن کان ورثي ۾ مليو آهي. هن کي زال جي مرڻ کان پوءِ پٽن بار سمجھي نظر انداز ڪري ڇڏيو. پوڙهي ٿيڻ ڪري، هو اڪيلائي جو شڪار هو. ليکڪ لکي ٿو. “اهڙي صورتحال ۾ مٽن مائٽن، سنگتين ساٿين، عام خلق طرفان عطا ٿيل ڌڪار محبت جو مريض بڻائي ڇڏيو هو. جنهن آسيس وٺڻ خاطر وتندو ولين ۽ بزرگن جون چائونٺون چمندو.” بربلن جي خفت جي جاء تي ڪڪڙن ۽ ڍڳن جاءِ ورتي هئي پر ٿورن خفتين ۾ اهو شوق باقي هو. بربلن جي بازي ڏسڻ هن تي پئسا رکڻ جو شوق باقي هو. جنهن پرواني جي هڪ هٽي ٽوڙي ته هو مايوس ٿي ويو. اڳتي هلي پرواني سکيو ته رڳو پکين کي تڪليفون ڏيڻ ۾ مزو ناهي هوندو پر اصل مزو انهن کي آزاد ڪرڻ ۾ آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ ظاهر ٿئي ٿو ته مايوسي ڪجهه به نه آهي. هڪ اهڙو شخص جنهن کي اولاد بار سمجھي ۽ سندس خفت تي ڪو ڳالهائڻ پسند نه ڪري اهو پنهنجي خفت کي هٿي ڏي. بربلن مٿان ٿيندڙ ظلم ختم ڪرائي ۽ پنهنجو اصول ٺاهي ته جيڪو بازي هارائيندو، اهو بربلي کي آزاد ڪندو. اهو نقطو ڪهاڻيءَ کي خوبصورت بنائي ٿو. اهڙي ويڙهه جنهن ۾ جيڪو هارائي، اهو بازي کٽي وڃي. جيڪو کٽي اهو بازي هارائي وڃي. ڪهاڻيءَ جا هي جملا ڏاڍا سهڻا آهن. “هار ۾ هن جي جيت هئي. اهو هن جي زندگيء جو ڪلائمڪس هو. شروع ۾ شڪاري، آخر ۾ رکوال يا جواني ۾ ماري پيريءَ ۾ راکو.” پروانو اڳتي هلي بلبل سائينء جا نالي سان مشهور ٿيو. جنهن جي باس پکين کي آزاد ڪرڻ جهڙو فڪر سٺو تاثر ڇڏي ٿو. ليکڪ پنهنجي پيغام ڏيڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. ڪهاڻيءَ جو ماحول ۽ ٻولي ڏاڍي سٺي آهي. هن ڪتاب جي ستين ڪهاڻي “هجرتن جي موسم” جي عنوان سان آھي. هي ڪهاڻي اهڙي خاندان جي عڪاسي ڪري ٿي جيڪو ٿر جي ڏڪار مان بيزار ٿي، پيٽ جي باھ وسائڻ خاطر ٿر جي علائقي مان هجرت ڪري، مکيءَ جي علائقي ۾ اچي ٿو. ڪھاڻيءَ جو مرڪزي ڪردار ڪاڪي سوڀاري جو آهي. ڪهاڻيءَ جي شروعات ۾ ڏيکاريل آھي ته سوڀاري جي گھر ۾ ننهن ٻه جاڙا ٻار ڄڻي ٿي ۽ اھي راتو رات مري وڃن ٿا. نه روڄ نه راڙو. ڳوٺ جي ماڻھن ۾ بيچيني، نيٺ ھڪ عورت راز ڳولي لهي ٿي. ڪاڪي سوڀاري جي معاشي حالت انتهائي خراب ڏيکاريل آهي. ماڻھو جڏهن تعزيت لاءِ هن وٽ وڃن ٿا ته ڪجھ سامان به کڻي وڃن ٿا. ڪاڪو ماڻهن سان پنهنجي درد ڪٿا بيان ڪري ٿو. هو ٻڌائي ٿو ته “ٿر ۾ امداد جام اچي ٿي پر هر گھر لاءِ سيڌو سامان اچي ٿو پر اهو غريبن کي نٿو ملي. سرڪار گھر گھر لاءِ سال ڀر جو ان گيھ موڪليندي آهي پر اهو اسان تائين نٿو پھچي. سيٺيون، سومرا، ارباب ۽ لاٽ ڍويو، ڀانڊا ڀرين ۽ فلورملن ۾ ان اٽو ڪري کپائين.” هو امداد جو آسرو نٿا ڪن. سنڌ لڏي اچن ٿا. ڪاڪو پٽ کي چوي ٿو. “هل ته سنڌ ھلون، سنڌ ۾ پاڻيء جون نديون آهن، واھ آھن، ٻيلا آهن ۽ ساوا گاھ آهن. هل ته هلي اتي پڙاء ڪيون.” هو ناري جي باري ۾ چئي ٿو. “ڪجھ سال اڳ نارو اسان جو ننگھ هو. اسان جي پناھ گاھ به پاڻي جي ڍنڍ اسان جو آخري سهارو هئي پر اڄ ته اسان کي نارو به ٿر جيئن کائڻ ٿو اچي. نه اٿس پاڻي، نه چراگاھ، نه ان جو کرو، نه وري ڳاھ. مشينون ئي مشينون آهن. مڪڙ جيئن سڀ ڪجھ ڳڙڪائينديون ٿيون وڃن.” هي ڪهاڻي نه رڳو ڪاڪي سوڀاري جي درد ڪٿا بيان ڪري ٿي، انهي سان گڏوگڏ ٿر جيئيان سنڌ جي سرسبز علائقن جي تباهي ڏيکاريل آھي. جڏهن پاڻي سڪي وڃن ڍنڍون ۽ واھ ويران ٿي وڃن مزدورن جي جاء تي مشينون ڪم ڪن ته ڪاڪي سوڀاري جھڙا ڪردار پنڻ تي مجبور ٿيندا آهن. هن ڪهاڻيءَ ۾ ليکڪ ڪھاڻيءَ جو سٺو ماحول جوڙيو آهي ۽ پنهنجي پيغام ڏيڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. ڪتاب جي ڪهاڻي “ڌراڙ کٿوري” اٺين ڪهاڻي آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ کٿوري کي حوصلي مان نڪرندي ڏيکاريو ويو آهي. کٿوريء جي غير معمولي حالت ۾ چاچي ۽ چاچيء جو پريشان ٿيڻ حقيقي آهي. ڇهن سالن ۾ ماءُ جي ٻي شادي ڪرڻ کان پوءِ انهي شخص کان سندس خوف، اهو ظاهر ڪري ٿو ته اهڙا ماڻهو جيڪي رشتي ۾ ويجها هوندا آهن ۽ اهي ننڍن ٻارن سان جنسي حرڪتون ڪن ٿا ۽ ان ڪردار کان کٿوريء جو ڊڄڻ حقيقي آهي. هن جي خيالن ۾ ڏاڙهي واري جو اچڻ، هن جي نفسياتي دٻاءَ کي ظاهر ڪري ٿو. ڪهاڻي ۾ چاچيءَ جو پيار، ڪهاڻيءَ کي اڃا سگهارو ڪري ٿو. ٻڪرار جيڪو کٿوريء جو سوٽ پڻ آهي. ٻڪرار جي پيرن مان ڌراڙ کٿوريء جو خوشبو جي علامت چاچيء سمجھي وڃي ٿي. هڪ عورت ڪنهن ڇوڪريءَ ۾ جوان ٿيڻ جي علامتن کي سمجھي سگهي ٿي. جيڪو ڪهاڻيءَ جو مثبت پاسو آھي. هي ڪهاڻي سٺو اثر ڇڏي ٿي. “سرابن جي ڦلواڙي“ هن ڪتاب جي نائين ڪهاڻي آهي. هي هڪ دل کي ڇهندڙ ڪهاڻي آهي. هي ڪهاڻي انهن ماڻهن جي عڪاسي ڪري ٿي، جيڪي پاڻي جي صورت ۾ نسورو زهر واپرائي رهيا آهن. ذهني پيڙاء منجهان گذري رهيا آهن. سندن پيارا اکين اڳيان جيئرا لاش آهن. اهو درد اسان انهن سٽن مان محسوس ڪري سگهون ٿا. “پاڻي پيئندس” مون چيو “پاڻي!!” ڪراڙي الائي ڇو حيرت وچان ڀڻڪيو. پوءِ پاسي ۾ رکيل هڪ تيل جي گهگهيء ڏانهن ڏسندي چيائين.” پاڻي ته ٻچا ان جو آهي، پاڻي کوڙ کوهه ڀريا پيا آهن پر اٿن الائي ڇا؟ نه اڃ ٿا لاهين نه وري رت ٿا ٺاهين !!” هن ڪهاڻيءَ ۾ ڪراڙيء جو ڪردار زندگيء جي گهاڻي ۾ پيڙهجي پيو. ڪراڙيء جي ڀوڳنا جو درد هن مڪالمي مان محسوس ڪري سگهجي پيو. “مونسان ته ڪربلا ٿيل آهي، پٽ.” اکين ۾ آب آڻيندي چيو “ پر ڌڻي طرفان آھي ڇا ڪريان!” جنهن جو اولاد اڳ سڪي هڏائون پڃرو ٿي ويو هجي، جنهن جو پٽ ويهين سالن کان زندھ لاش هجي ۽ هڪ هنڌ پيو هجي ته انهي ماءُ جي درد جي ڪٿ نٿي ڪري سگھجي. ڪھاڻيءَ ۾ ليکڪ، اين جي او ۽ سياستدانن کي پڌرو ڪيو آهي. هو ڪوڙا واعدا ۽ وچن ڪن ٿا. پنهنجي رشورت ۽ پراجيڪٽ خاطر، غريبن ۽ مسڪينن جي مجبورين کي وڪڻيو ڇڏين. هٺيون سٽيون اهڙن ماڻهون لاءِ آهن. “ڀلي ٻيو هجين.” پوڙهيء جي اکين ۾ رت تري آيو. “ تون اهو ناهين جو هفتو اڳ، اسان وٽ آيو هو ۽ منهنجي ٻچن جا ڦوٽا ڪڍي ويو هو.” مون ڪنڌ ڌوڻي انڪار ڪيو. “تون اهو ناهين جو وڏي گاڏيء ۾ چڙهي آيو هو ۽ چيو هئائين، هو انهن کي کڻي ويندو ۽ انهن جو علاج ڪرائيندو. تون اهو ناهين، جنهن چيو هو ته هو هن ٿر جي جر کي مٺو ڪري ڇڏيندو ۽ ان مان زهر ڪڍي ماکيء ڀري ڇڏيندو!” ليکڪ ڪهاڻيءَ ۾ اهڙن ڌوڪيبازن کي ڪراڙيء جي مڪالمن ۾ ظاهر ڪيو آهي. هٺين مڪالمن ۾ لکي ٿو “صورتون توهان سڀني جون هڪ جهڙيون آھن. ڳالهيون سڀ ساڳيون ٿا ڪريو لاکا هجو يا لالچند، اسان وٽ سڀ صاحب بنجي ٿا اچو. هڪ ڀيرو اچي، اسان جا کوھ مٺا ٿا ڪري وڃو. مئلن کي جيئاري، اسان جي جھوپن ٻاهريان گاڏين جي ويلن جا نشان ڇڏي هليا ٿا وڃو، اعتبار لاءِ سرابن جئين وري وري دوکي ڏيڻ لاءِ!” ڪهاڻي ۾ لاکي جو ڪردار جيڪو خد ڪهاڻي بيان ڪري ٿو ۽ پنهنجي ڪيمرا ۾ خوبصورت منظر ۽ سهڻا عڪس بند ڪري ٿو. هن ڪهاڻيءَ ۾ نه رڳو ٿر جو درد آھي پر سڄي سنڌ جو درد هن ڪهاڻيءَ ۾ سمايل آهي. سڄي سنڌ جا ماڻھوء پاڻي عيوض زهر پيا پيئن. سڄي سنڌ ۾ مختلف مرض مختلف صورتن ۾ ظاھر پيا ٿين. پر خطي جا واڳ ڌڻي اڄ به سرابن جي ڦلواڙي جيئيان دوکا پيا ڏين. “روپلو” هن ڪتاب جي ڏهين ڪهاڻي آهي. جنهن ۾ چرميءَ مڙس جي مرڻ کان پوءِ، ڏيرن جي ظلم کان بچڻ لاءِ اسلام قبول ڪري حليمان ٿي پوي ٿي. مائٽن ۾ ڇڏيل ٻارن کان رشتو ٽوڙي ڇڏي ٿي. هن ڪهاڻيءَ ۾ متڀيد کي ظاهر ڪيو ويو آهي. ملين ۽ اچي ذات جي هندو ۾ ڪو به فرق ناهي. ٺڪر، راڻي ۽ مسجد جي ملين جي نظر ۾ روپلو يا ان جهڙا انسان پليت آهن. جيڪو ڪهاڻيءَ ۾ ڏيکاريو ويو آهي هي ڪهاڻي به پنهنجو سٺو پيغام ڇڏي ٿي. هن ڪتاب جي هي يارهين ڪهاڻي آهي جنهن جو عنوان “راڌا ۽ ڪمني_هڪ ننڍڙي پيار ڪهاڻي آهي. هي ڪهاڻي ڪمني جي ڪردار جي چوڦير گهمي ٿي. ڪمني جيڪو هيٺئين طبقي سان تعلق رکي ٿو. هو ابن ڏاڏن کان هارپي جو ڪم ڪري ٿو. هو هڪ سنڌي شادي شده اوڏڻ سان پيچ اڙائي ويهي ٿو ۽ هن کي مسلمان ڪري شادي ڪري ٿو. پيار جا جام اوتي ٿو پر هيٺئين طبقي هئڻ ڪري وهانء هلي نٿو سگهي. اوڏ پوليس جو ڇاپو هڻائي راڌا کي وٺي وڃن ٿا. هو عشق جي ناڪامي کان پوءِ مستانو ٿي وڃي ٿو. چمٽو کڻي ڪلام به ڳائي ٿو. نيٺ پنهنجي محبوب کي ڳولي لهي ٿو. جڏهن اوڏ هڪ ڀت ٺاهڻ اچن ٿا ته هو هڪ وڻ هيٺيان ويهي راڌا کي مٽي ڍوئيندي ڏسي ٿو ۽ مٽيء جا ڳوڙها آڇي ٿو. جيڪي هنن جي ڪم جا ناهن. اوڏ سمجھن ٿا ته هن ۾ ڪو اوتار لٿو آهي. هڪ ڏينهن جڏهن راڌا جي ٻار کي بخار ٿئي ٿو ته هوءَ ٻار کي ڦيڻي رکائڻ لاءِ وٽس کڻي اچي ٿي. هو ٻار کي ڦيڻو به رکي ٿو ۽ محبوب جو ديدار به پسي ٿو. هن جو ڳالهائڻ بيهي وڃي ٿو. جڏهن ڀت ٺهي وڃي ٿي ته اوڏ لڏو کڻي وڃن ٿا. ڪافلي ۾ راڌا جي پويان هو مستانو به آهي، جيتوڻيڪ وار وڏا اٿس پر ڪپڙا صاف سٿرا پهريل اٿس. هي ڪهاڻي به پنهنجو سٺو اثر ڇڏي ٿي. هن ڪتاب جي ٻارهين ڪهاڻي”سيگل سمنڊ ۽ گيتا” آهي، هي هڪ احساساتي ڪهاڻي آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ سيگل ۽ گيتا جي پيار کي محسوس ڪري سگهجي ٿو. ڪهاڻي انهن جذبن تي ٻڌل آهي. جيڪي هو هڪٻئي لاءِ رکن ٿا. گيتا جون ميارون به آهن ته سيگل کي هن جو احساس به آهي. ڪهاڻي پڙهڻ کان پوءِ پڙهي سگهجي ٿو ته اهڙا لفظ ڪٿان آڻجن، جو ڪهاڻيءَ کي بيان ڪجي. ڪهاڻيءَ جي ٻولي تمام گهڻي خوبصورت آهي. مڪالما به دل کي ڇهندڙ آهن. ڪجهه سٽون هيٺ ڏجن ٿيون. “مون نٿي ڄاتو ته محبت چانڊوڪيءَ جو سفر آهي ۽ جنهن کي مستقل روشني گهرجي. مان ان سفر ۾ پوئتي ضرور هٽيو آهيان پر پنهنجي قدمن کي روشني جي رستن کان الڳ ڪري نه سگهيو آهيان. مون تو کي وساريو نه آهي گيتا!! توسان گهاريل گهڙين کان وڌ مان وڌ تو بابت سوچيندو رهيو آهيان. تنهنجي تمنا ڪندو رهيو آهيان، منهنجي ظاهريء خاموشي کي بيوفائي ڪوٺي نه ٿي سگهين.!!” هيءَ ڪهاڻي پيار جي احساس ۽ خوبصورت ٻوليءَ جي ڪري تمام سٺو اثر ڇڏي ٿي. هيءَ، هن ڪتاب جي تيرهين ڪهاڻي آهي، جنهن جو عنوان “روپ_ کيت” هيءَ ڪهاڻي انيڪ ڪهاڻين کي جنم ڏي ٿي. ڪهاڻيءَ کي جوڙيندڙ اهو مرڪزي ڪردار آهي، جيڪو ڪهاڻيءَ کي بيان ڪري ٿو. ڪهاڻيءَ جي شروعات محبوب جي خط سان ڪري ٿو. ڪهاڻيءَ ۾ يونيورسٽي ۾ انهن ڪامريڊن جو ذڪر به آهي. جن سيپٽمبر ۾ به امتحان ملتوي ڪرائي ڇڏيا. اسٽوري ۾ پيءُ جي به ڪهاڻي آهي، جنهن کي هو سهڻي انداز سان بيان ڪري ٿو. پڻس جي بيماريءَ کان ويندي، هن جي رومانس کي به خوب نڀائي ٿو. هن ڪهاڻيءَ ۾ به استاد سڀاڳي جي به پنهنجي هڪ ڪهاڻي آهي. جنهن کي هو بڙ جي ڇانو سان ڀيٽي ٿو. سڀاڳو واقعي شاگردن ۽ بيواهن لاءِ ڇپر ڇانو آهي. هن ڪهاڻيءَ جو هي هڪ آئيڊيل ڪردار آهي. هن ڪهاڻيءَ جو ٻيو ڪردار مٺان جو به آهي. جنهن جو سڀاڳي کي سدائين فڪر رهندو آهي. مٺان ٽن مردن کان طلاق وٺي چوٿين جي تلاش ۾ آهي. ٽن مردن مان هن کي لوڌ ٻارن جي آهي. هن ڪردار سان ليکڪ خوب نڀاء ڪيو آهي. مائي مٺان شاديءَ کي مذهبي رنگ ۾ نٿي ڏسي پر هوءَ حياتيات ۾ تلاش ڪري ٿي. ڪهاڻيءَ ۾ روپا جو ڪردار به آهي. جيڪو ڪهاڻيءَ کي بيان ڪندڙ سان بيحد پيار ڪري ٿي. ڪهاڻيءَ جي پڇاڙي به اثر ڇڏيندڙ آهي. امر لغاري سڀني ڪردارن ۽ ڪهاڻين کي موتين جي هار جيان پوئي هڪ خوبصورت ڪهاڻيءَ جو رنگ ڏنو آهي. هن ڪتاب جي چوڏهين ڪهاڻي “گول گول گوگول “ آهي. هي ڪهاڻي به پنهنجي لحاظ کان تمام سٺي ڪهاڻي آهي. هي ڪهاڻي سونيءَ ۽ هڪ نوجوان جي ارد گرد گهمي ٿي. جيڪو ڪهاڻيءَ کي بيان ڪري ٿو. سونيءَ کي فطرت پسند ڏيکاريل آهي. ڪهاڻيءَ ۾ وڻن ۽ پکين جو ذڪر به ڪهاڻيءَ کي حسين بنائي ٿو. سونيءَ کي فطرت سان پيار ورثي ۾ مليو آهي. جنهن جواندازو هن مڪالمي مان ڪري سگهجي ٿو. “اهي سڀ پکي بابا جا دوست آهن. اڄ هو هتي نه آهي ته توسان ملايان ها. هو رات ڏينهن انهن جي سيوا ڪندو آهي.” هن ڪهاڻيءَ ۾ درياءَ جي تباهي کي قتل سمجھي ٿو ۽ شهيدن سان ڀيٽي ٿو. لکي ٿو؛ “درياءَ اڄ جو سنڌو درياءَ نه هو. جنهن جي قتل جون خبرون شهيدن جيان پڙهندا آهيون. تڏهن درياءَ دولهي دريا خان جهڙو هو. هوشو، هيمون ۽ هالار جهڙو هو ۽ سورهيه بادشاه جي للڪار جهڙو هو.” ڪهاڻيءَ جو ٽائيٽل گول گول گوگول هڪ علامتي فروٽ جو نالو آهي. جيڪو سونيءَ هن کي چکائي ٿي. سونيءَ ۽ نوجوان جي ميلاپ کي ليکڪ سهڻي انداز سان پيش ڪيو آهي. ڪهاڻيءَ ۾ تشبيهون، استعارا ڏاڍا سهڻا آهن. ڪهاڻيءَ جي ٻولي، منظرنگاري ۽ ڪردار نگاري ڪهاڻيءَ کي حسين بنائي ڇڏيو آهي ۽ پڙهندڙ تي اثر ڇڏي ٿي. هن ڪتاب جي پندرهين ڪهاڻي “ليزبين” آهي. جيڪا هڪ مشرقي پيءُ جيڪو ٽن سالن کان ٻاهر آهي. جنهن کي زال ٻئي ٻار ڄڻڻ کان انڪار ڪري ٿي ۽ پنهنجو آپريشن ڪرائي ڇڏي ٿي. هن کي ان جو پڇتاء آهي ته هن پنهنجي نسل جي لڙي عورت واري پاسي ڪري ڇڏي آهي. ڇو جو هن کي بس هڪ ڌيءُ جو اولاد آهي. ٻاهر هوندي هن کي سدائين الڪو رهي ٿو. ڇوڪريءَ تي ماءُ جو اثر آهي، هوءَ ماڊلنگ ڪري ٿي. هن جون جيڪي خبرون اخبارن جي زينت بڻجن ٿيون. سندس پيءُ جي پريشاني جو باعث ٿين ٿيون. هوءَ جڏهن نفسيات جي پروفيسر جيڪو سندس دوست به آهي. اهو چئي ٿو ته؛ “ارتقا جي اڪيلائي تي نظر رک، ڏسينس ڪير ڪير ٿو ملڻ اچي ۽ هن جو ساڻس ڪهڙو تعلق آهي.” ان معاملي تي زال سٺي موٽ نٿي ڏي. هن کي اخبار جي هن خبر؛ ”ارتقا ڪراچي ۾ عورتن جو روحاني سينٽر کوليو آهي.“ وڌيڪ پريشاني ڪري ٿي. تصديق ڪرڻ لاءِ هو ڪراچي ۾ جگري يار کي چيو ته هن کي اها خبر وٺي ڏي ته موٽ ۾ هو ٻڌائي ٿو ته؛ ”تنهنجو گهر عورت فائونڊيشن لڳو پيو آهي.” هو جڏهن اوچتو بنا ٻڌائڻ جي گهر اچي ٿو ۽ زال کان آڏي پڇا ڪري ٿو. جيڪا زال کي نٿي وڻي. زال چئيس ٿي؛ ”هتي مرد جي داخلا بند آهي.“ “منهنجي به.” “ظاهر آهي تون به هڪ مرد آهين.” “تو کي ڪنهن چيو ته مان مرد آهيان” “ڇو!!”زال حيران ٿيندي ڏانهس ڏٺو. “جيڪو ماڻهو ٽن سالن کان ولايت ۾ ويٺو آهي ۽ زال سان نه مليو آهي. اهوڪهڙي منهن سان مرد آهي.” “پوءِ به تنهنجو ماس، تنهنجي حاڪميت ۽ تنهنجو ضابطو اهي سڀ ڳالهيون ظاهر ڪن ٿيون ته تون مرد آهين!!” مٿيان مڪالما معني خيز آهن. هو ڪافي پڙهيل ڳڙهيل هوندي جيڪو سالن کان ٻاهر آهي پر هن جي سوچ مٿانهين آهي. هن جا خيال پراڻا آهن. ڪهاڻيءَ جي پڇاڙي ۾اربيل ۽ ارتقا لوساٽيل چهرن سان سامهون ٿيون ته هن کي پروفيسر سڊني جي اها ڳالهه ياد آئي ته “تنهنجي ڇوڪريءَ ليزبين آهي. هو ڪڏهن به مرد ۾ دلچسپي نه رکي سگهندي. ان جو مطلب سمجھين ٿو ته ڇا آهي تنهنجو خاندان پنهنجو موت پاڻ مري ويو آهي.” ڪهاڻي اهو تاثر ڇڏي ٿي ته ماڻهو ڪيڏو به پڙهيل ۽ جديد ڇو نه هجي پر جي رشتن ۾ رابطي جي کوٽ هوندي ۽ هڪ ٻئي جو احترام نه هوندو ته اهو نتيجو نڪرندو. جيڪو ڪهاڻيءَ ۾ بيان ٿيل آهي. ليکڪ پنهنجي پيغام ڏيڻ ۾ پوري طرح ڪامياب ويو آهي. “هن اسڪول ۾ اسان ڏهن ماڻهن جو اسٽاف آهي. ٻه سو کن ٻار آهن، پنج استاد ويزا تي ويل آهن ۽ چئن کي هفتن جي ڇوٽ مليل آهي. ائين هڪ استاد کي مهيني ۾ فقط هڪ هفتو پڙهائڻو پوي ٿو. اهڙي طرح استاد ٻارن کي به پڙهائين ته ٻني ٻارو ۽ ننڍڙو ڪاروبار به ڪن. اوهين چاهيو ته ائين ڪري سگهو ٿا. ويزا تي وڃڻ وارو صاحب کي هڪ لڏون ٿو کارائي. مهيني ۾ هفتو يا هڪ ڏينهن وارو هڪ لڏون.” مٿيون سٽون ڪهاڻي “پر ڪٽيل ڀوت“ مان ورتل آهن. جيڪا ڪتاب جي سورهين ڪهاڻي آهي. هي ڪهاڻي گهوسٽ استاد تي لکيل آهي. ڪهاڻيءَ ۾ اهو ڪردار پنهنجي وارتا بيان ڪري ٿو. هو اهو ٻڌائي ٿو ته ائين نه هن کي ٺڪيدارن اهو عمل ڪرڻ تي مجبور ڪيو. جيڪو هن مڪالمي ۾ ظاهر آهي. “تو کي ٽنڊو آدم ان ڪري ڪو نه موڪليو اٿئون ته اتي ويهي پڙهاءِ. صاحب کي سندس آفيس مان ايم پي اي جي اوطاق جا خرچ به ڀرڻا آهن.” مٿئين جملي مان ظاهر ٿئي ٿو ته استاد کي خراب ڪرڻ وارا، هتي جا ڀوتار ۽ آفيسر آهن. استادن کي ڀوت ٿي گم ٿي وڃڻ لاءِ اهي ئي ٺيڪيدار مجبور ڪندا آهن. اهو ڏينهن هجي يا سالن لاءِ، پڇاڻو آهي ڪو نه جنهن سنڌ جي تعليم جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي. ليکڪ هن ڪهاڻيءَ ۾ انهي نا سور کي ظاهر ڪيو آهي. هي سٺو اثر ڇڏيندڙ ڪهاڻي آهي. ”ڌرتي منهنجو آسمان“ ڪتاب جي آخري ڪهاڻي آهي. هي هڪ اهڙي ڪهاڻي آهي. جيڪا ۹/۱۱ کان پوءِ، آمريڪا ۽ افغانستان جي جنگ ٿي ۽اسان وٽ جيڪا طالبانن کي هٿي ڏني وئي ۽ ماڻهن جذبن کي اڀاريو ويو، هي ڪهاڻي ان پسمنظر ۾ لکيل آهي. ڪهاڻيءَ ۾ علي سلام جيڪو ملو آهي. اهو جنهن انداز سان پنهنجي تقرير ڪري ماڻهن کي ورغلائي ۽ ڀڙڪائي ٿو، جهڙو سڄي دين اسلام جو ٺيڪو هن جي مٿان هجي. ان جو اثر پري پري تائين پهچي ٿو. عورتون ۽ مرد هن مان متاثر آهن. جڏهن ڪو نوجوان افغانستان مان زنده موٽي ٿو ته هن جا مائٽ خوش ٿيڻ بدران روئن ٿا ۽ جڏهن ڪو لاش اچي ٿو ته خوش ٿين ٿا ۽ مبارڪون وصول ڪن ٿا. اتي جنهن کي ملو خادو جي نالي سان سڏي ٿو. اهو ئي سندس پٽ جيڪو اسٽوريءَ ۾ بيان ڪيل آهي. اهي ٻئي پيءُ پٽ ڳالهين کي سمجھن ٿا ۽ جڏهن ڪو نوجوان سلامت موٽي ٿو ته هو خوشي جو اظهار ڪن ٿا. جڏهن لاش اچي ٿو ته هو غمگين ٿين ٿا. پيءُ پٽ کي هدايت ڪري ٿو ته تون ملي جي ڳالهين تي نه اچجان. ان جي راء ۾ ڪو وطن لاءِ وڙهي ان کي کڻي شهيد چئجي پر هتي ته مسلمان مسلمان سان پيو وڙهي. وڙهڻ واري کي خبر نه آهي ته هو دشمن سان وڙهي ٿو يا پنهنجي پاڻ سان. ليکڪ ڪهاڻيءَ ۾ ماحول، ٻولي ۽ ڪردارن سان سٺو نڀاء ڪيو آهي. ڪهاڻي سٺو پيغام ڇڏي ٿي. امر لغاري هن ڪتاب جي ڪهاڻين ۾ ڪردارن کان ويندي ماحول منظر نگاريء سان سٺو نڀاء ڪيو آهي. ڪتاب جي ٻولي تمام سٺي آهي. هي ڪتاب سنڌي ادب ۾ سٺي جاء والاريندو.
ملڪ نديم وطن دوست ۽ عوامي شاعر راشد شر آزاد فضا ۽ باندي رھڻ ۾ رات ڏينهن جو فرق آھي ڇو ته آزاد معاشرن جا فرد ذھني توڙي جسماني طور خوش رھي زندگي جون سموريون بهارون خوشي سان گذاري جيئن ٿا. ٻئي پاسي تنگ زنجيرن ۾ جڪڙيل غلام سماج جو ھر فرد عذاب ۾ هوندو آھي، خاص ڪري غلام سماج جو باشعور فرد عام ماڻھن جي ڀيٽ ۾ سوايو پيڙيل ھوندو آھي ايتريقدر جو غلام معاشرن ۾ ھر با شعور ماڻھو جو موت به زندگي جي اڌ پڪي اڌ ڪچي عمر ۾ يعنيٰ وقت کان گھڻو اڳي ٿيندو آھي، تنگ سماج ۾ باشعور ماڻھو جو موت ھر ھر پيو ٿيندو آھي جنهن جو سبب اهو آھي ته سمورا باشعور ذھن پوري سماج فطرت تي سوچڻ جا جدوجهد ڪندڙ فڪري دماغ ھوندا آھن، جيڪي راتين جون راتيون جاڳي دنيا جهان ۾ تبديلي جا خواب ڏسندا رهندا آھن. پيڙيل طبقن جا سمورا اجتماعي درد ۽ سور جيتريقدر ھڪ باشعور فرد ڀوڳيندو آھي ايترو درد ڀوڳيندڙ درد جو حصو بذات خود عام ماڻھو به ناھن ھوندا ڇو ته عام ماڻھو پنهنجي ڳچيءَ ۾ پاتل غلامي جي زنجيرن کي الهامي آفت سمجهي ھي لفظ اچاريندو آھي ته جيڪي رب جي رضا ٻئي پاسي ان جي ڀيٽ ۾ ھڪ باشعور ليکڪ اديب قومي غلامي کي ھٿرادو سامراجي نظام شاهي جي سازش سمجهي پنهنجي قوم کي ان سامراجي غلامي کان آزادي حاصل ڪرڻ جا جتن ڪندا رهندا آھن.باشعور انسان پراوا درد پنهنجا سمجهندا آهن ھو قوم جا ۽ قوم جي ماڻھن جا ڏک ڏوجهرا پنهنجا ڪري ايئن سمجهندا آھن ڄڻ اهي سمورا درد ھنن جي چيلھه تي وزن ھجن جن دردن ۾ ھو نه صرف پچندا پڄرندا لڇندا ۽ لوچيندا آھن بلڪه هو پنهنجي حصي جي ھڪ جاکوڙي مسلسل جدوجهد به ڪندا رھندا آھن. سرمائيداراڻي نظام جي چنبي ۾ غلام معاشرن جي باشعور فردن جي زندگي ڄڻ اذيت بڻيل ھوندي آھي جنهن ۾ ھو ھر روز مري هر روز پيا جيئندا آھن. ھا سماج جو سور ديس جي دانھن جي درد عذاب ۽ پيڙا تي رت روئڻ جا جيڪي ڳوڙھا ھڪ باشعور ماڻھو ڳاڙيندو آھي اھي ڏاڍا املھه ھوندا آھن جيڪي ان باشعور ماڻھو کي توڙي جو ظاهري طور اذيت ڏيندا رهندا آھن پر کيس تاريخ ۾ ھميشه لاءِ سرخرو به ڪري ڇڏيندا آھن. اھڙن باشعور سماج جي جينيئس ڪردارن مان اسانجي سنڌي ادب ۾ به املھه انسان پيدا ٿيندا رھيا آھن جن پنهنجون سموريون زندگيون تاريخ ادب سماج فطرت تي سوچڻ سمجهڻ ۽ دنيا کي تبديل ڪرڻ جي فڪر ۾ گذاري تاريخ ۾ محروم ٿي مرڻ کان بچي پنهنجي زندگي ماھر ڪري گذاري آھي. پاڻ، اڄ ان باشعور ماڻھن مان سنڌي ادب جي ھڪ عوامي اديب، اسڪالر جو ذڪر ڪنداسين. چھري جي ھڪ پاسي ھلڪي مرڪ جنهن مرڪ جو پيغام مايوسي کان انڪار ساڳئي چھري جي ٻي پاسي ڪاوڙ غصو جنهن جو مطلب ۽ مقصد ڄڻ وطن جا سور صدما ھن ھمراھ جي جسم مٿان ڊڪندا ڊوڙندا هجن. اھو ڪھڙي وطن ڌرتي جو عالم اديب آھي جنهنجي منهن تي مرڪ به آھي ته ساڳي منهن ۾ گھنج ۽ ڪاوڙ به آھي. يقينن ان پار پتن کان پوءِ سنڌي ادب سان چاھ رکي ادب پڙھندڙ دوست سڃاڻي ۽ سمجهي ويا ھوندا ته اھي پار پتا ته اسانجي سنڌي ادب جي سلڇڻي اديب ڌرتيءَ جي عاشق ڊاڪٽر ملڪ نديم جا آھن. ڊاڪٽر ملڪ نديم توڙي جو سماج جي سورن جا زوردار ڌڪ پنهنجي چيلھه مٿان معاشري جو وزن ويل واقعا برداشت ڪري اسانکان عمر جي پوڙھائپ واري دور کان گھڻو اڳ يعنيٰ مرڻ جي مند کان گھڻو اڳ جسماني طور تي جدا ٿي ويو پر ڊاڪٽر ملڪ نديم ان مختصر ۽ ٿوري زندگي ۾ پنهنجو اھڙو ته سھڻو فڪر ڦهلائي ويو جو ھو اڄ به تاريخ جي تارازي ۾ جيئرو جاڳرو نظر پيو اچي. پاڻ ڌرتي چمون ٿا ڇو جو سائين پنهنجي ڪرنگھي تي دنيا جون ريلون ھلن ٿيون. ڊاڪٽر ملڪ نديم پنهنجي مصروف ۽ مختصر زندگي ۾ سنڌي ٻولي ادب جي خدمت پنهنجي حصي آھر ھڪ اسڪالر اديب جي حيثيت سان ڪئي. ڊاڪٽر ملڪ نديم سنڌي شاعري ۾ نوان تجربا ڪرڻ کانسواءِ نثر ۾ به سگهارو لکيو. سندس لکڻين ۾ ڪالم ڪهاڻيون ۽ تحقيقي مقالا پڻ اچي وڃن ٿا. سندس ڪجھه ڪتاب به ڇپيل آھن جن ۾ اياز ڏوھي آھي، ڀٽائي بک ھڙتال تي، سچل جي سيني ۾ سنگرام وغيره جھڙا انمول معياري ڪتاب اچي وڃن ٿا. سنڌي شاعري جي دنيا ۾ ملڪ نديم جو تعارف ڏاڍو دلچسپ آھي. ملڪ نديم صاحب جي گفتگو ۽ اخبارن رسالن ۾ سندس ڇپيل انٽرويو به شاعراڻي انداز جا لڳن ٿا، پر اڃا به ھڪ وڏي اھم ڳالھه اھا آھي ته ملڪ نديم جي سموري شاعري جاندار به آھي ته سندس تجريدي نظمن کي اڏار جا پر به آھن جيڪي پنهنجي فني فڪري قوت ذريعي سموري سماج جي زمين تي بانبڙا پائي آسمان تي پر ھڻي اڏامي پنهنجي سماج کان ويندي سڄي دنيا سنسار جي سلامي ڪندي نظر ايندا آھن. تنھنجي سڏ تي اُڀ اورانگھي ايندس سوريءَ تي تون چوين ته اچان کوريءَ تي تون چوين ته اچان ھن ھوڏ تان ڪين مان ھٽندس تنهنجي سڏ تي اڀ اورانگھي ايندس ڪيترو ته جاندار ۽ ڪمال جو تخيل آھي جنهن ۾ شاعر اڀ اورانگھڻ يعنيٰ آسماني واٽ جي ڳالھه ڪئي آھي. خبر ناھي ته ڊاڪٽر ملڪ نديم صاحب اھو خيال ڪھڙي ڪيفيت ۾ پني تي اتاريو ھوندو پر سندس مٿئين تخيل کي غور سان پڙھڻ سان اسانکي ھڪ صاف ۽ چٽي ڳالھه نظر اچي ٿي ته دنيا جي ڊوھن ڏوھن ڪوڙن ڪوٽ قلعن کي ان وقت لتاڙڻ ۾ دير نه ڪنداسين، جڏھن ڌرتي ۽ ڌرتي جا مظلوم مسڪين ماڻھو سڏ ڪندا، جڏھن ڌرتي مٿان ڪوڙ جا ڪوٽ اڏي پيڙيل طبقي جي مظلوم ماڻھن کي غلام ڪري مسڪينن مٿان مارو ماري ڪئي ويندي ۽ ان وقت ڌرتي جي سيني مان نڪتل چيخ جو آواز ھر باشعور فرد لاءِ عام سڏ نه ھوندو اھو سڏ نه صرف ڌرتي ۽ ڌرتي جي ماڻھن جو ھوندو بلڪه ان سڏ سان تاريخ جا پَلَوَ به سلھاڙيل ھوندا پوءِ جيڪي ان سڏ کي سنجيدگي سان ورنائي پنهنجو قلم ۽ علم سستي شھرت ۾ نه وڪڻي پنهنجو فڪر ڌرتي کان ڌار نه ڪندا يقينن اھي انسان ملڪ نديم جيئن ڌرتي جا شاعر ۽ تاريخ جا باشعور املھه ماڻھو ٿي ويندا. ڊاڪٽر ملڪ نديم جھڙي وطن دوست، عوامي شاعر جي شاعري سان توڙي جو اسانجي ادبي پبلشر ادارن دوکو ڪري ملڪ نديم جي ۲۰ ڪتابن جيتري اڻڇپيل شاعري جي مواد مان سندس ھڪ ڪتاب به ناھن ڇپرائي سگھيا پر تاريخ ھن شاعر سان انصاف ضرور ڪيو آھي جو ملڪ نديم جا سنڌي سماج جي عوامي ٻولي عوام جي جذبن جي ترجماني ڪندڙ تجريدي نظم سنڌ ھند ۾ خاص ڪري سوشل ميڊيا جي ذريعي مشھور ٿيندا پيا وڃن. اسان سنڌي ادب جي هن عوامي شاعر لاءِ ادبي لڏي خاص ڪري سنڌي ادبي سنگت ۽ ٻين پبلشر ادارن کان اھا گھر ٿا ڪيون ته ھن انقلابي شاعر جي شاعري جو ڳوڙھو ۲۰ ڪتابن جيترو مواد ڊاڪٽر ملڪ نديم جي پٽ سڪندر مهراڻ کان وٺي سندس شاعري ڇپائي سنڌي ٻولي ادب ۾ معياري شاعري جي فقدان جو خاتمو آندو وڃي. توشام ملڻ جو واعدو ڪيو آ، شام تائين ته مان پوڙھو ٿي ويندس!. اڻويھين ويھين گريڊ جا ملازم سڻڀين پوسٽن لاءِ وڏيرن وزيرن پيرن ميرن جون اوطاقون زبان سان صاف ڪري رھيا آھن. ملڪ نديم جو بي تڪلف انٽرويو س. نالو سڄو؟ ج. عبدالرزاق ملڪ نديم. س. سڃاڻپ؟ ج. ملڪ نديم. س. پيدائش جي تاريخ ۽ جاءِ؟ ج. ۰۸، ۰۴، ۱۹۴۶. س. تعليم؟ ج. ايم اي سنڌي، ايل ايل بي، پي ايڇ ڊي. س. پيشو؟ ج. پروفيسر، شاه عبداللطيف يونيورسٽي. س. پهرين ملاقات ۾ ماڻهن جي ڪهڙي ڳالھ جو جائزو وٺندا آهيو؟ ج. ڪڏهن به اهو خيال نه ڪيو اٿم؟ س. توهان جي روزاني زندگيءَ جو بنيادي اصول؟ ج. مرڪي ماڻهن سان ملڻ ۽ اڌ ڪلاڪ واڪنگ. س. اداس لمحن ۾ ڇا ڪندا آهيو؟ ج. زال سان پيار، ٻارن سان راند ۽ ماءُ سان ڳالھيون. س. خوش لمحن ۾ ڇا ڪندا؟ ج. ڪٽنب ۽ دوستن ۾ خوشي ورهائيندو آهيان. س. ڪهڙي ڳالھ تي خوش ٿيندا آهيو؟ ج. چڱي شيءِّ تي، چڱي ڪم ڪرڻ تي، چڱي ڪردار ادا ڪرڻ تي. س. ڪهڙي ڳالھ تي چڙ لڳندي اٿو؟ ج. هر بري ڳالھ تي. س. ڪهڙين ڳالھين تي روئڻ ايندو اٿو؟ ج. اڳ ڪڏهن به نه رنو آهيان. تازو ڌيءُ جي شاديءَ تي موڪلاڻيءَ تي روئي پيم. س. توهان جي عادت، جنهن مان گهر وارا بيزار هجن؟ ج. اها انهن کي خبر. س. هڪ سپنو جيڪو ساڀيان ٿيو؟ ج. منهنجا سپنا خطرناڪ ۽ ڀيانڪ هوندا آهن. س. ڪو واقعو جيڪو توهان کي چڀندو هجي؟ ج. اهڙو ڪو به واقعو ڪونهي. س. زندگيءَ جي اها گهڙي، جنهن زندگي بدلائي ڇڏي؟ ج. زندگيءَ ۾ تبديلي، آهستي آهستي ايندي آهي. س. آرسي ڏسڻ سان خيال ايندو اٿو؟ ج. ها مان سهڻو آهيان. س. ڪاش زندگيءَ جا اهي ڏينهن موٽي اچن؟ ج.اها اجائي ۽ خيالي خواهش آهي، ڪو به فائدو ڪونهي. س. شاگرديءَ واري زماني ۾ ڪهڙو سبجيڪٽ نه وڻندو هيو؟ ج. انگي حساب. س. وڻندڙ شعر؟ ج. سڀ سٺا شعر. س. وڻندڙ اديب؟ ج. جمال ابڙو، امر جليل. س. وڻندڙ سياستدان؟ ج. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، سندس ڌيءُ بينظير ڀٽو ۽ رسول بخش پليجو. س. وڻندڙ شاعر؟ ج. شيخ اياز ۽ قمر شهباز. س. وڻندڙ ڪتاب؟ ج. سڀ سٺا ڪتاب. س. وڻندڙ اخبارون؟ ج.سڀ سٺيون اخبارون. س. وڻندڙ صحافي؟ ج. دستگير ڀٽي ۽ غلام نبي صوفي. س. وڻندڙ ايڊيٽر؟ ج. سابق ايڊيٽر سراج ۽ حميد سنڌي. س. وڻندڙ فلم؟ ج. تمام گهڻيون آهن. س. وڻندڙ ادڪار / اداڪارا؟ ج. سابق هيرو پريم ناٿ، دليپ ڪمار ۽ اڄوڪو ونود کنا، مصطفيٰ قريشي ۽ اميتاڀ بچن. س. وڻندڙ گلوڪار/ گلوڪارا؟ ج. محمد يوسف، عابده پروين. س. وڻندڙ لوڪ فنڪار/ فنڪاره؟ ج. زرينه بلوچ ۽ الڻ فقير. س. وڻندڙ گيت؟ ج. گهڻا آهن. س. وڻندڙ شهر؟ ج. ڪنڌڪوٽ، اباڻو شهر. س. وڻندڙ رنگ؟ ج. ڳاڙهو ۽ سائو. س. وڻندڙ ٽي وي ڊرامو؟ ج. ڪو به نه. س. وڻندڙ ريڊيو پروگرام؟ ج. ڪو به نه. س. ۲۴ ڪلاڪن ۾ وڻندڙ ڪلاڪ؟ ج. زال سان محبت ڪرڻ وارو وقت. س. وڻندڙ ڏينهن؟ ج. هر ڏينهن جو هر پهر هر مهيني جو هر ڏينهن زنده رهندي وڻندو آهي. س. وڻندڙ لباس؟ ج. سٿڻ قميص. س. وڻندڙ راند؟ ج. ڪرڪيٽ. س. وڻندڙ رانديگر؟ ج. اڳ فضل محمود هاڻ عمران خان. س. وڻندڙ سواري. ج. ڪا به نه هر هڪ ۾ خطرو آهي. س. وڻندڙ خوشبو؟ ج. ميندي جي، ميندي رتن هٿڙن جي، عورت جي. س. وڻندڙ گل؟ ج. رابيل. س. وڻندڙ کاڌو؟ ج. بک ۾ هر شيءِ، ڍؤَ ۾ چونڊ. س. وڻندڙ مشروب؟ ج. کير ۽ چانھ. س. وڻندڙ ميوو؟ ج. مهانگو آهي، جيڪو وٺبو اهو وڻندو آهي. س. وڻندڙ ڏڻ؟ ج. سڀئي. س. وڻندڙ موضوع؟ ج. ادب، آرٽ، فلم سياست ۽ تعليم. س. ڪهڙي پکي، جانور جيت کان ڊپ ٿيندو اٿو؟ ج. نانگ ۽ وڇون کان ڊپ ٿيندو آهي. س. ڪهڙي سفر کان ڊپ ٿيندو اٿو؟ ج. هر سفر کان ڊپ ٿيندو آهي، هر سفر ۾ سلامتي جي ڪا خاطري ڪونهي. س. توهان جي نظر ۾ سائنس جي بهترين ايجاد؟ ج. هر شيءِ بهترين آهي. س. هڪ وهم جو توهان کي پريشان ڪندو آهي. ج. ڪو به نه. س. هڪ شخصيت، جيڪا شدت سان ياد ايندي اٿو؟ ج. سوال واضح ناهي. زنده ته قمر شهباز. س. توهان طبيعت جي لحاظ کان ڪهڙي قسم جا ماڻهو آهيو؟ ج. پاڻ کي جاچيو نه اٿم پر دوست جذباتي چوندا آهن. س. هڪ غلطي جنهن تي پشيمان آهيو؟ ج. هن وقت تائين ڪيتريون غلطيون ڪيون اٿم. س. هڪ ڪم جنهن تي فخر اٿو؟ ج. ادب تخليق ڪرڻ تي فخر آهي. س. توهان جو مشن؟ ج. سنڌ خوشحال ۽ خوبصورت ٿئي. س. زندگي جي خواهش جنهن لاءِ زندھ رهو ٿا؟ ج. سنڌ ۽ ٻار خوشحال ٿين. (سنڌي ٻولي سان) ملڪ نديم مارچ ۾ وڇڙيل ھڪ پياري جي ياد لطيف نوناري نائين مارچ ملڪ نديم جي وڇوڙي جي ڏھين ورسي آھي. مون مارچ 1985ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جو شاھ لطيف ڪيمپس خيرپور جوائن ڪيو ته ان وقت سنڌي، انگريزي، اردو، اسلاميات ۽ پاڪستان اسٽڊيز جا شعبا مضمونن جي صورت ۾ ڪمپلسري سبجيڪٽس جي سري ھيٺ ايندا ھئا ۽ انھن سڀني مضمونن جا استاد ھڪ آفس ۾ ويھي ھڪ ٻئي کان فيض وٺندا ھئاسين. ملڪ نديم ٺيٺ اتراڌي لھجي ۾ڳالھائيندڙ سانورو سڄڻ ھو. شيخ اياز جن اديبن کي سندن ڏانءَ جي مڃتا ۾ نوڪريون ڏنيون ھيون، ملڪ نديم انھن مان ھڪ ھو. ھونئن ت مون کيس ستر جي بيل باٽم ڏھاڪي کان ڏسندو آيو ھئس پر ڪا ڄاڻ سڃاڻ ڪون ھئي. منھنجي جوائننگ وقت سائين ڪنھن ڪم سانگي موڪل تي ويل ھو. بھرحال ملاقات ٿي ت خبر پئي ت نديم سندن تخلص ھو جيڪو فلم اسٽار نديم جي ڪم کان متاثر ٿي رکيو ويو ھو. منھنجو پھريون تاثراھو ھو ت سائين فلمن جو شوقين ھوندو ۽ ڇاڪاڻ تھ سندن ڳالھائڻ جو انداز ب عوامي ۽ روزمرھ جي ٻولي ۾ ھو، تنھنڪري عوامي ماڻھو ھوندو. سنڌ جي تعليمي ادارن ۾خصوصي طور ۽ عمومي طور شھري زندگي ۾ ان وقت ھر ماڻھو پاڻکي سياست جو آڙيڪاپ ماھر شمارجڻ پسند ڪندو ھو.لوڪل سين کان بين الاقوامي منظرنامي تائين سياسي تجزيا وقت گذارڻ جو بھترين طريقو مڃبا ھئا. ھفتي جي ھڪ ڏينھن ڪيمپس جي بس استادن کي سکر جو سير ڪرائڻ ھلندي ھئي يونيورسٽي جي ٽن چئن گھرن تي مشتمل سڪيلڌي ڪالوني جا رھائشي ۽ بيچلر ھاسٽل ۾ سٿيل بقايا استادي عملوان سھولت مان فائدووٺندو ھو.ھڪ ھفتي بس جي سفر دوران ملڪ نديم صاحب اوچتو سوال ڪيو: ”نوناري، تون به اھڙا سياسي ٺڪاوَ ھڻڻ ڄاڻيندو آھين يا نھ؟“ ان لمحي تائين مون ملڪ نديم جي شاعري جا ھڪ ٻھ اسم رسالن ۾ پڙھيا ھئا۽ اثرجي ٻوڏ ۽ سيڪ ٻنھي کان محفوظ ھئس. سندن اوچتي سوال من ۾ ڪيئي سوال پيدا ڪيا. مون فورن چيو: ”سائين ٺڪاوَ ھڻڻ تھ سولو ڪم آھي جيڪڏھن ٻڌندڙ لاعلم يا جاھل ھجن.“ منھنجي جواب کين خوش ڪيو. پاڻمرادو ٻڌايائون: ”مان ذوالفقار ڀٽي جو پرستار رھيو آھيان ۽ سياسي طور رسول بخش پليجي کي پسند ڪندو آھيان.“ان وقت تائين پڙھيل سنڌين جي خاصي اڪثريت پليجي صاحب کي ڏاھو ماڻھو سمجھڻ لڳي ھئي. ”تون ڪھڙي ڌڙي کي بھتر ٿو سمجھين؟“ ان کان اڳ جو مان ڪنھن راءِ کي قائم ڪيان، ملڪ نديم سڌو سوال ڪيو. مون کلندي کين ٻڌايو تھ منھنجي خاندان جا اڌ کان مٿي فرد مرد ۽ عورتون ٺڪر پليجسٽ آھن، پر مان ذاتي طور ڪابھ وابستگي ڪنھن بھ ڌڙي سان ڪونھ ٿو رکان. منھنجي دلچسپي فقط تعليم ۽ ادب سان آھي. نديم صاحب فورن اعتماد سان ھڪ وڏو ٽھڪ ڏيندي چيو تھ ”غيرجانبداري جو ڍونگ ڪجھ پڙھيل منڪر ڪندا آھن. لڳي ٿو تھ تون بھ انھن مان ھڪ آھين. ادب ۾ بھ رجعت پرستي ۽ ترقي پسندي جا ٻھ ضدي لاڙا آھن. تنھنجي نام نھاد غيرجانبداري اتي بھ برقرار آھي يا نھ؟ مون نئون سر ڪاموڏ ۽ ڪجھ تجريدي شعر لکيا آھن. تون انھن کي پڙھي مونکي ھڪ غير جانبدار راءِ ڏجانءِ. سکر کان موٽي توڏانھن اھي ڪاوشون موڪليندس. سڪون سان پڙھي راءِ ڏجانءِ.“ ملڪ نديم ھميشھ ائين ئي سڌو۽ بيباڪ رھيو. ھن جو سڄو وجود ۽ ڪم نري مزاحمت ھو. پنھنجي تجريدي تجربن ۾ بھ ھو شاڪنگ اظھار کي مزاحمت جو ھڪ رنگ سمجھندو ھو. ھو تنقيد کي اڪثر کلي دل سان قبول ڪندو ھو، جيڪڏھن ڪا ڳالھ ڀانءِ نھ پوندي ھيس تھ پوءِ دليلن جا ڌوڙيا لائي ڏيندو ھو. مون سندس نئون سر ڪاموڏ ورائي ورائي پڙھيو ۽ پوري خلوص سان کيس ٻڌايم تھ جديد حسيت سان لکيل اھو ڪم نھايت لاجواب ھو. ٽھڪ ڏيئي چيائين تھ ھڪ موٽو تنقيدي فائيل پڙھڻ لاءِ موڪليندومانءِ. پڙھي پوءِ راءِ ڏجانءِ. ان فائيل اندر ڪا ھڪ راءِ بھ اھڙي نھ ھئي جنھنکي پڙھي تخليقڪار پنھنجي ڪم کي لاڀائتوسمجھي. ھڪ مھربان تھ کيس ”گاسليٽي اديب“ جو خطاب بھ ڏنو. سڄي تنقيد جو بنيادي دليل اھوھو تھ جن سرن کي شاھ لطيف ڳايو، تن سرن کي ڪو ٻيو ھٿ لائڻ جو ڪفر نھ ڪري. شيخ اياز بھ ساڳي ڪفر جو ڪم ڪيو آھي، پر ڪنھن ب تنقيدي ملي ڪفر جي فتوا نھ ڏني آھي. ھڪ دفعو مون ملڪ نديم کي صلاح ڏني تھ سڌي سوٽي بجاءِ مام ۾ مارئي ڳائي. فورن چيائين تھ ”اھو ڪم تھ شايد منھنجي تجريد بھ نھ ڪري!“ برابر ائين ئي ھو. سندس تجريد تي بھ اگھاڙپ جا الزام لڳا. اڄ ھر ٽيون شاعر پنھنجي تصورن ۾ تجريد جا ٻرڪا ڏئي ٿو پر شعر دلڪش شمارجن ٿا. جنھن سماجي ڪلاس جي ابتر حالتن ھن جي اظھار ۾ مزاحمت اوتي ھئي، سو ڪلاس اڄ بھ وجودي ويڙھ ۾ آھي. ملڪ نديم اڄ بھ اوترو ئي تز لڳي ٿو جيترو اڄ کان ٽيھارو سال اڳ ھو. ذائقي لاءِ سندس ھڪ پرين غزل ھيٺ رکجي ٿو. غزل ڪو اهڙو نئون جهان ملي جت ماڻهوءّ کي ڪو مان ملي مان درس ڏيان دلبري جا ڪو ڌرتي تي انسان ملي جيڪو نه ڪنهن کي بک ماري سو ڀونءّ مٿي ڀڳوان ملي ڏيکاريانس تخليق جا عيب جي رستي تي رحمان ملي ملي ته پنهنجو حق ملي غربت کي نه دان ملي۔ ملڪ نديم ملڪ عبدالرزاق المعروف ملڪ نديم منظور پرواز اڄ سنڌ جي ھڪ عظيم منفرد شاعراديب پروفيسر سائين ملڪ عبدالرزاق المعروف ملڪ نديم جي ڏھين ورسي آھي. ھو جيڪب آباد ضلعي جي ان خطي ڪنڌڪوٽ سان تعلق رکندو ھو جيڪو مالي لحاظ کان ته وڏو خوشحال علائقو ھيو پر تعليمي شعور ۾ پٺتي پيل علائقو ھوندو ھيو پوءِ جڏھن سنڌ جو عظيم شاعر اديب ڪامورو سائين قمر شھباز ۱۹٦٦ ۾ اتان جي ھڪ پرائيويٽ ڊگري ڪاليج جو پرنسيپال ٿيو ته تعليمي ۽ ثقافتي سرگرمين ۾ بي انتھا اضافو اچڻ شروع ٿي ويو ۽ سندس اتي ٻه ٽي سال رھڻ دوران ھي علائقو تعليمي ميدان ۾ تمام اڳتي نڪري ويو جو سنڌ جو ارڏو نوجوان يوسف جکراڻي به سندس زير سايه وڌيو ويجھيو جيڪو پوءِ شھادت وٺي ويو. قمر شھباز جو ملڪ نديم سان ھلڪو ڦلڪو شاعريءَ جي ڪري اڳ ۾ ئي لاڳاپو ھيو ۽ ھن کيس اتي پنھنجي ئي ڪاليج ۾ ڪلارڪي جي پوسٽ تي مامور ڪيو ۽ ھو تعليمي ميدان ۾ سندس ٻانھن ٻيلي ٿي مدد ڪندو آيو. پوءِ قمر شھباز جي سي ايس پي آفيسر ٿيڻ ۽ ڪاليج ڇڏڻ کانپوءِ ملڪ نديم به ڪاليج ڇڏي اڳتي نڪري ويو ۽ ڪراچيءَ آيو جتي ھلال پاڪستان ۾ سب ايڊيٽر جي نوڪري ڪيائين ۽ فيڊرل ڪيپيٽل ايريا ۾ رھڻ لڳو جتي به سنڌي ادبي سنگت تحت ادبي سرگرمين ۾ باقائده حصو وٺندو ھو. ان کانپوءِ وقت گذرڻ سان شيخ اياز جي نظر ڪرم سان سنڌ يونورسٽي ۾ سنڌي جو ليڪچرر ٿيو. ان وچ ۾ سندس شاعريءَ جو دور دورو ھلندو رھيو جيڪا مختلف رسالن ۾ ڇپبي رھي جيڪا زياده تر مزاحمتي شاعري ئي ھوندي ھئي. ان کان پوءِ سندس پوسٽنگ شاھ عبدالطيف يونورسٽي خيرپور ۾ ٿي جتي آخر تائين رھيو ۽ سنڌي شعبي جو چيئرمن ٿي رٽائر ڪيائين. ھن پنھنجي مزاحمتي طبيعت جي ڪري سدا ڏک ڏٺا ۽ اولاد لاء به روزگار جو ڪو خاطرخواه بندوبست ڪري نه سگھيو جيڪو سچن سنڌي اديبن جو الميو رھيو آھي. ھو ۱۹٦٦ کان اسانجو دوست ھيو ۽ اڪثر شڪارپور ايندو رھندو ھو. ھن سنڌي ادب ۽ شاعريءَ تي قوم کي ست ڪتاب ڏنا ۽ سندس نظرياتي ليڊر رسول بخش پليجو ۽ عشق ذوالفقار علي ڀٽو سان ڪندو ھو. ھو سنڌ ۾ تجريدي شاعريءَ جو موجد به ھيو ھن وقت سندس وڏو پٽ سڪندر مھراڻ سندس ادبي وارث آھي جيڪو وڏا مرحلا ڪاٽي خيرپور يونورسٽيءَ ۾ ننڍي نوڪري ڪري رھيو آھي. رب پاڪ ملڪ نديم کي جنت ۾ جاءِ ڏني ھوندي ۽ اسان سندس خاندان جي آباديءَ لاءِ سدا دعاگو آھيون. آمين. ملڪ نديم قومي انقلابي مزاحمتي ۽ عوامي شاعر قاسم ملڪ سنڌي ٻولي جو قومي، انقلابي، مزاحمتي ۽ عوامي شاعر ملڪ نديم، جنھن جي اڄ ڏھين ورسي آھي. ملڪ نديم سنڌي ادب جو ھڪ اوھو وڏو نالو آھي، جنھن پنھنجي قومي ۽ انقلابي شاعري ذريعي عوام وٽ مانُ ۽ مڃتا ماڻي چڪو آھي. ملڪ نديم جي شاعري، مظلومن، محڪومن، ھيڻن ھارين، پٺتي پيل پورھيتن جي دکن. دردن، صدمن، سورن، ناحقن، ناانصافين ۽ محرومين جي شاعري آھي ۽ محروم طبقن کي لٽيدڙن. ڦريندڙن، ايزائيندڙن، عذاب ڏيندڙن، ناحق ناانصافيون ڪندڙن، ظلم زيادتون ڪندڙن، عوام جو وات مان گرھ کسيندڙن، سرمائيدارن، سيٺين، حرام خور جاگيردارن، وڏيرن، ڀوتارن، ڪمدارن، ميرن پيرن ۽ قومي غدارن ۽ قبضا ڪندڙن ڌارين خلاف بغاوت ۽ باھ سان ڀرپو شاعري لکي آھي، ڇپرائي آھي ۽ ھزارن لکن ماڻھن جي ھجومن ۾ پڙھي آھي. نيٺ ته اُٿندا سٺ لک ڏاٽا ڏيھ اسان جي ڏاڏاڻي جا نيٺ ته ڊھندا ڌرٿيءَ تان دستور زنجير ۽ گھاڻي جا ملڪ نديم. ھر دور جي جابر ۽ ظالم حڪمرانن سان ٽڪراءَ ۾ رھيو ۽ ھر اونداھين دور جو انڪاري رھيو، ھر ڪوڙ ڪيني جو انڪاري رھيو، ھر ظلم زيادتي جو انڪاري رھيو، ھر ناحق ناانصافي جو انڪاري رھيو ۽ اُنھن خلاف شاعري ذريعي ٽڪر کائيندو رھيو، اوھي ظالم ۽ ڦورو چاھي مُلڪ جا حڪمران ھئا يا ادارن جا سربراھ ھئا. قومي جبر خلاف به سندس شاعري مذاھمت سان ڀرپور آھي. اسان ڏرتي چميون ٿا ڇوجو سائين اسان جي ڪرنگھن تي دنيا جون ريلون ھلن ٿيون. اسان ساري دنيا جي مظلومن سان پيار ڪندا آھيون، اسان انٽرنيشنل آھيون، پر جڏھن سموري دنيا جون حرامي لوڌون منھنجي ديس ۾ ڪاھي اچن ٿيون، قبضو ڪرڻ لاءِ تڏھن مان ڏرتي چميان ٿو، انتھا درجي جو پيار ڪيان ٿو قومي نيشنل ٿيان ٿو.قومي ٿيان ٿو. ملڪ نديم ھميشه نواڻ جو قائل رھيو، سچ جو ساٿي رھيو، سونھن جو قائل رھيو، قومي ۽ طبقاتي انقلاب جي لاءِ ڪوشان رھيو ۽ جدوجھد ڪندو رھيو. سياسي حوالي سان توڙي ادبي حوالي سان، پنھنجي فڪر نظريئي سان آخري دم تائين ثابت قدم رھيو. کيس ڪو به ڇوھو، آنڌي، طوفان، زلزلو يا ڪابه لوڀ، لالچ. پنھنجي اصولن ۽ آدرشن کان پري ڪري نه سگھي. اڄ ملڪ نديم اسان وٽ موجود ناھي، پر سندس فڪر سدائين موجود رھندو. ملڪ نديم شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ ڪالم نگار تعارف ۽ پيشڪش؛ احساس ميرل ڇٺيءَ جو نالو؛ عبدالرزاق ادبي؛ نالو ملڪ نديم ولد؛ موريو خان ذات؛ ملڪ جنم؛ ۸ اپريل ۱۹۴۸ع تعليم؛ ايم اي، پي ايڇ ڊي ڪرت؛ پروفيسر رهائش؛ ڪنڌ ڪوٽ لکڻ جي شروعات؛ سال ۱۹۶. ع ڇپيل مواد؛ روح رحاڻ. سهڻي، تحريڪ، اديون، سوجهرو، ڪينجهر، تقريبن سڀني رسالن ۽ اخبارن ۾. ڇپيل ڪتاب؛ 1=سچل سرمست ٻارن لاءّ ڇپائيندڙ سنڌيالوجي 2=تجريدي نظم 3=سچل جي سيني ۾ سنگرام 4=ڀٽائي بک هڙتال تي 5=اياز ڏوهي آهي 6=منهنجي جواني ڪنهن به موسم نه چورائي شاعري لکيل صنفون؛ شاعري جون سڀ صنفون، پاڻ تجريدي نظم جو خالق، نثر ۾ تحقيق، مضمون، مقالا، ريسرچ، ڪالم ۽ ڪهاڻيون. سندس شاعريء مان ڪجھ چونڊ سنڌ جو نئون قومي گيت سنڌ ناهي تصور، سنڌ ناهي عقيدو، سنڌ ناهي پرستي، سنڌ اسان جو کاڌو ۽ خوراڪ آهي، اسانجي بدن جي پوشاڪ آهي، اسانجي محبت جي ماڪ آهي، جي تون حقن جو انڪاري آهين، مان وارثن وانگي واري وٺندس_ سنڌ اسان جي مرضن جو علاج آهي، اسانجو پورهيو ڪرت ۽ ڪاج آهي، اسانجو ادب آرٽ ۽ رواج آهي، جي تون حقن جو انڪاري آهين، مان وارثن وانگي واري وٺندس_ سنڌ جنهن کي تون بڻايو سڃ آهي، بربٽ ٻيٽ ۽ رڃ آهي، اها ڪروڙين لوڪ جي اڄ آهي، جي تون حقن جو انڪاري آهين، مان وارثن وانگي واري وٺندس_ سنڌ پهاڙن ۾ سون چاندي آهي، هيرا جواهر ڀونءّ ۾ باندي، ڌاريي پاڻ سان ڪاشيءّ نه آندي، جي تون حقن جو انڪاري آهين، مان وارثن وانگي واري وٺندس_ سنڌ سمنڊ کربين قيمت وارو، اربن کان وڌ درياءّ سارو، ڪروڙن جو پاڻي کارو، جي تون حقن جو انڪاري آهين، مان وارٽن وانگي واري وٺندس_ سنڌ گئس جو ڪٿي ملھ نه ڪو ئي، ڪروڙن کان وڌ تيل سڀوئي، لکن کان وڌ ڪپھ لوئي، جي تون حقن جو انڪاري آهين، مان وارثن وانگي واري وٺندس، سنڌ ٿر ۾ آهن کوڙ خزانا، زمين اندران موتي ڌاڻا، ڳه ڳٽا ۽ سڳيون ڳانا، جي تون حقن جو انڪاري آهين، مان وارثن وانگي واري وٺندس، سنڌ ڪشمور کان ڪراچي تائين، تاريخ جاگرافي ڪلچر سائين، آه اسانجو زنده جيستائين، جي تون حقن جو انڪاري آهين، مان وارثن وانگي واري وٺندس_ ملڪ نديم گيت سڏي پنهنجي سنڌ ٻڌو سر تي ڪفن- ساٿي هلندا هلوڙي هلندا هلو راه آئي ڏکي ڀونءّ آهي بۡکي ايئن ٿئي نه الا ٿيون راه ۾ دفن- ساٿي هلندا هلوڙي هلندا هلو تاڻيو لوها سينا لڳن سال مهينا ٿيندي نيٺ ختم هي راه ڪٺن - ساٿي هلندا هلو ڙي هلندا هلو هن ڀيري گۡهري ديس رت ڦڙي ڦڙو ڦڙو ڪري رنڱيو سارو چمن- ساٿي هلندا هلو ڙي هلندا هلو جو بيٺو ڪۡٺو ڄڻ ديس رٺۡو اسين دنيا کڻي جي پرتو وطن- ساٿي هلندا هلوڙي هلندا هلو راه ڪٺن وئي منزل مرڪي پئي مانجهي مرڪي وڌو باقي ٿورو جتن -ساٿي هلندا هلو ڙي هلندا هلو۔ بيت چهرن مٿان چهرا، اسان سڀ اداڪار، ٻاهر ٻهڪون ٽهڪون ،من ۾ مڪار، سچ ڪري سهڪار، ته اندر پنهنجا اجاريون۔ نظم هوءَ مون موچي لاءِ در تي واجهائيندي هوندي ڇاڪاڻ ته هن جي ٿيل آ قرآن سان شادي هو ڪرڻ چاهي ٿي هڪ انسان سان شادي
مير محمد پيرزادو ڏي ٽهڪ ته منهنجي ڏات کِلي ياسر قاضي مير محمد پيرزادو سنڌ ادب ۾ هڪ گيت جي شاعر جي حيثيت سان سڃاتو وڃي ٿو ۽ سندس اها سڃاڻپ ڪنهن هڪ صنف ۾ مهارت هئڻ جي حوالي سان کيس محدود ڪو نه ٿي ڪري ڇاڪاڻ ته مير محمد نه رڳو گيت عمدگيءَ سان لکيو آهي پر هن سنڌي شاعريءَ جي ڪلاسيڪي توڙي جديد هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي آهي ۽ هر صنف سان اهڙو سهڻي نموني نباهه ڪيو آهي جو مان هن کي نه صرف گيتن جو بهترين شاعر چوندس بلڪ کيس آل رائونڊر شاعر ڪوٺيندس. ڇاڪاڻ ته هن جنهن به صنف تي قلم کنيو ان صنف کي امر ڪري ڇڏيو. اهڙا شاعر سنڌ ۾ گهٽ پيدا ٿيا آهن جن گيت کي پنهنجي سڃاڻپ بنايو هجي خاص طور تي اهي گيت جا ئي شاعر آهن. سنڌ ۾ گيت جي بي تاج بادشاهه بردي سنڌيءَ کان پوءِ سندس همعصر شاعرن يا کانئس پوءِ وارن شاعرن مان سواءِ سائين مير محمد جي ٻيو ڪو به اهڙو پختو شاعر ڪونه ٿو ملي جنهن گيت کي ايڏو سنجيدگيءَ سان لکيو هجي. پيرزادي صاحب جي شاعريءَ جا ٻه مجموعا “مکڙيون ماڪ ڦڙا” ۽ “ليار نيڻن ۾ ڦٽا” منظر عام تي اچي مڃتا ماڻي چڪا آهن جن ۾ ان گيت کان سواءِ دوها، بيت، وايون، نظم ۽ غزل پڻ جهجهي تعداد ۾ ڏنا آهن جيڪي پڻ گيتن جا سڀ جا سڀ ساهه ۾ سانڍڻ جهڙا آهن. اچو ته پيرزادي صاحب جي شاعريءَ جي ڪتاب “ليار نيڻن ۾ ڦٽا” جا ورڪ ورايون. هن ڪتاب جو مهاڳ سنڌ جي سينئر معروف شاعر ڊاڪٽر تنوير عباسيءِ لکيو آهي. جنهن مان هن مٿي چيل ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي، چوي ٿو ته “بردي سنڌيءَ کانپوءِ هن ئي شاعر گيت جي صنف سان لئون لاتي آهي. کانئس پوءِ مير محمد پيرزادو گيت جي صنف جو بهترين شاعر آهي.” ساڳي ڳالهه جي تصديق تاج جويو ڪتاب جي آخر ۾ سائين مير محمد جي شخصيت تي لکيل مقالي ۾ به ڪري ٿو ته مير محمد پيرزادو، هري دلگير، گورڌن محبوباڻي، شيخ اياز ۽ بردي سنڌيءَ کانپوءِ گيت جو وڏي شاعر آهي. هن جا بيت دوها ۽ وايون به آئون چوندس ته سندس گيتن توسيع آهن ته پوءِ اچو ته گيت جي ان بهترين شاعر جي گيتن کي پڙهي ڏسون. گيت ڳائجڻ واري صنف آهي، جنهن کي هرڪوئي هر وقت آسانيءَ سان جهونگاري سگهي، ان لاءِ گيت جي سڀ کان پهرين ضرورت اها لئه ۽ رڌم آهي جيڪا ڳائيندڙ لاءِ اٽڪاءَ جو باعث نه بڻجي ۽ ٻڌندڙ به ان لئه جي تسلسل تي جهومي، انهن ٻنهي شرطن کي سائين مير محمد اهڙي سهڻي انداز ۾ پورو ڪيو آهي جو سندس هر گيت پنهنجو الڳ حسن رکي ٿو ۽ سندس هر گيت وري وري ڳائڻ جهڙو آهي. جدائيءَ جي آلاپن ۽ پرينءَ جي اچڻ جي آس سان واسيل هن گيت ۾ بيقراريءَ جو بيان ڪيڏو پيارو ٿيل آهي. ڪانگ اڏايان ڦالون پايان، جوڀن ۾ ئي جيڏا سرتا پريت ڪيئي ڇو ڪانگهاري، تو سان دلڙي لائي مون آ، پيار جي پونجي هاري، آءُ جواري، پريم ڏوهاري، آهه ڪيان يا زاري، چئه ته ڀلا مان ڪهڙو تو سان، سينو ساهيان، ڦالون پايان! گيت جي صنف ۾ ڪوئي مقرر ڪيل گهاڙيٽو ناهي هوندو ۽ نه ئي بند يا ٿلهه ۾ سٽن جي تعداد يا ماترائن جي مخصوص وزن جي پابندي آهي فقط وراڻيءَ جو ورجاءُ لازمي آهي. پيرزادي صاحب انهيءَ آزاديءَ مان فائدو وٺندي، گيت کي ننڍي توڙي وڏي هر وزن تي لکيو آهي ۽ سٽن جي تعداد ۾ به مناسب ڦير ڦار آڻي اسانکي هر گيت ۾ نواڻ ڏني آهي. سندس هي گيت به ڪيڏو نه خوبصورت تاثر ٿو ڏئي. رات تارن ڀري! مڃ کڻي او چري، مونکي ڀاڪر ڀري، پنهنجي ڪر گود ۾، هير تو۾ گهلي رات سانوڻ سندي، سينڌ ۾ گل هڻي، ماڪ ۾ مهڪندي، ڪيتري آن ٺري، سچ ته او سانوري، مونکي ڀاڪر ڀري، پنهنجي ڪر گود ۾. هن گيت ۾ روايتي موضوع کان هٽي ڪري ڪيڏي پياري ڳالهه چئي آهي. گيت ٺاهيان پيو، گيت ٺاهيان پيو، گهٽا کي جڏهن گهاو کوڻيون ڏين، سندس نيڻن مان نير ٽم ٽم وهن، دکي ٿي تڏهن دوست! دانهيان پيو، گيت ٺاهيان پيو، گيت ٺاهيان پيو. گيت وانگر دوهو به هندي صنف آهي ۽ اسان جي پنهنجي صنف آهي پر اڄڪلهه دوهي کي به ايترو ڪثرت سان ڪونه ٿو لکيو وڃي جيترو اهڙيءَ سهڻيءَ صنف کي لکيو وڃڻ گهرجي. سائين مير محمد هن ڪتاب ۾ جيترا دوها ڏنا آهن سي سڀ جا سڀ پنهنجي الڳ الڳ سونهن رکن ٿا. سڳنڌ مٽيءَ جي سرهي سرهي، ساهه اندر وئي پيهي، پرڏيهيءَ جو پيار به ڪهڙو، يار هجي ڪو ڏيهي، چنڊ ڪلاسان هير ملي ٿي ڇيڙي دل جا ساز، روڪ ڀلي جي رڪجي سگهجن، اندر جا آواز دوهو ان حوالي سان مشڪل صنف آهي جو هن صنف ۾ ٻن سٽن ۾ پنهنجون سموريون محسوسات سمائجن ٿيون ۽ مختصر سٽن ۾ سڄي ڳالهه چوڻ ڪو سولو ڪم ڪونهي پر شاعر ٻن سٽن ۾ ڪٿي ڪٿي تمام وڏو خيال به انوکي انداز ۾ ماپرايو آهي. سندس ڪافي دوهن ۾ سٽن مان منظر نگاري ائين ڇلڪي ٿي ڄڻ ته اهو منظر وڊيو فلم جيان اسان جي آڏو ڦرندو هجي. سندس اهڙي سچي منظر نگاري سان ڀرپور ڪجهه دوها هيٺ ڏجن ٿا: ڇپر وٿين مان چانڊوڪيءَ جا چئاڪا ڀت تي ائين، ڪاريءَ شيدڻ رات جي منهن تي، ڪوڙهه لڳي ويو جيئن، سينو تنهنجو ڌرتي، جنهن تي جوڙي ٽڪرين جي، سوچ اسان جي پنڇي کيڏي راند انهن تي ئي. وئگن جي آ سيٽ پٺيئن تي ٽهڪن موسيقي، ڄڻ ته پهاڙي جهرڻي جي آ، لهر نئين موٽي، هتي ڇپر جي وٿين مان چانڊوڪيءَ جو ڀت تي پوڻ ڪاري شيدڻ جي منهن تي ڪوڙهه سان تشبيهه يا ٽهڪن کي مڌر موسيقي سڏڻ، اهڙيون تشبيهون آهن جيڪي اڳ پڙهڻ لاءِ نه مليون آهن. اها نواڻ ئي شاعر کي انفراديت بخشي ٿي. سائين مير محمد جا مسلسل ڪجهه دوها آهن جن مان هر هڪ ۾ ان ڪنهن نه ڪنهن جڳهه جو ذڪر ڪيو آهي. يقينن اهي دوها اتان جي سير کان پوءِ لکيا ويا آهن. جڏهن ته انهن سڀني دوهن کي ملائي هڪ منظوم سفرنامو چئجي ته ان ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونه ٿيندو. انهن دوهن ۾ ٽيڪسلا جي کنڊرن، ميوزيم، جوليان لڪ، نٿيا گلي، تڪيا محرم شاهه، ڪڇ پهاڙيءَ، ڪوهه مريءَ، راولپنڊيءَ، ايڪو جبل ۽ ٻين جاين جو ذڪر آهي. اچو ته انهيءَ منظوم سفرنامي جا ڪجهه دوها پڙهون. ميوزيم جي مون ڪنڊ ۾ ويهي مورت ڏانهن ڏٺو، مک تي سچ ڪڙو هو جن جي من پر هوس مٺو، چنڊ سندو اڌ کائي ويو آ، ڄڻ ته بکيو هي لڪ، نٿيا گليءَ جي نينگرڙيءَ جو، آڙوءَ اڌ ۾ چڪ، گيت ۽ دوهي جيان، سائين مير محمد جا بيت پڙهي ڏسبا ته انهن جي سونهن جي ساک به هر پڙهندڙ ڏيندو، بيت سنڌ جي قديم صنف آهي جنهن کي ڀٽائي ۽ سچل کان وٺي موجوده ٽهيءَ جي هر شاعر لکيو آهي ۽ هر دور ۾ بيت جي ٻوليءَ توڙي انداز ۾ واضع فرق آيو آهي. اڄڪلهه بيت کي جديد انداز ۾ لکيو ٿو وڃي پر پيرزادي صاحب جي بيتن جي خاص خوبي اها آهي ته نئين انداز ۾ به ٻولي اهائي ٻهراڙيءَ واري استعمال ڪئي اٿائين، جيڪا هاريءَ ناريءَ ۽ مزدور جي سمجهه جهڙي آهي ۽ هڪ ڪلاسيڪل صنف کي نئين انداز ۽ خاص ڳوٺاڻي ٻوليءَ ۾ لکڻ هڪ ڪمال آهي. اڇو اوڍيو آهه جو، وينگس وڳو پس، پرين اٿيو پلنگ تان، آهه ڀڃي آرس، نيريءَ ساڙهيءَ مان بکي لال بدن ٿو ائين، نير نديءَ مان لڙهندي سهڻيءَ جو تن جيئن، جر ڀلا پو ڪيئن، ڍڪي روپ رتولڙو، مٿي ڏنل بيتن ۾ نيري ساڙهيءَ مان جهاڪا پائيندڙ بدن کي سهڻيءَ جي ٻڏندڙ تن سان تشبيهه ۽ من جي ميڻ بتيءَ جيان ڳرڻ واري ڳالهه ڏاڍي سهڻي آهي ۽ بلڪل نئين آهي. وائي به سنڌ جي پنهنجي صنف آهي ۽ صدين کان لکبي پئي اچي پر اڃا تائين پنهنجي سونهن برقرار رکيو پئي اچي، سائين مير محمد ٻين ڪلاسيڪل صنفن وانگر وائي به لکي آهي ۽ ٻين صنفن وانگر هن صنف سان به باقاعدي انصاف ڪيو آهي. کيپ ۾ ڪوئي کڙو، رات جو رابيل جا، باک کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ ڳلن تان ڳوڙها ڳڙو، کيپ ۾ ڪوئي کڙو، رات جو رابيل جا، ڏات لاءِ ڳوليم ڏهر، پر نه هان پائي سگهيو، مان اڃو سنسار ۾ هان، تنهنجي نيڻن ۾ آ جر، پر نه هان پائي سگهيو، ڇيڪ رنيون ڇوريون بار دل جو ٿيو جهڪو، سو حياتيون سون جهڙيون، گهور هڪ تان گهوريون، بار دل جو ٿيو جهڪو، وائين ۾ به ٻين صنفن وانگر منظر نگاريءَ جا عڪس چٽا ۽ سهڻا بيان ٿيل آهن. جئين سندس وائين جا هيٺيان ڪجهه ٽڪرا: رنگ ڇهڻ لاءِ گل مٿان ويٺل پوپٽ پر تي، دستڪ هير ڌري ٿي، ڦٽين سندي کيت تي چمڪو چنڊ سندو، کڙ کٻيتو ٽمڪيو، شرمائي ڪنهن ڳالهه تي توجو ٽهڪ ڏنو، کڙ کٻيتو ٽمڪيو، غزل اها سهڻي ۽ سدا بهار صنف آهي جنهن کي هر دور جي جديد صنفن ۾ شمار ڪيو ويو آهي. سائين مير محمد پيرزادي جا غزل به پڙهندڙ کي مڪمل طور هڪ بهترين غزل گو شاعر طور محسوس ٿيندا پر جيڪڏهن سندس وايون، بيت گيت ۽ دوها پڙهبا ته هو مڪمل طور ڪلاسيڪي صنفن جو شاعر لڳندو، بهرحال اهو اڳ به چئي آياسين ته پيرزادو صاحب هر صنف لکي ۽ هر صنف سان سهڻو نباهه ڪيو. سندس غزلن جي ڀاڱي ۾ به هر صفحي مان نج سنڌي لفظن جي خوشبو ۽ تشبيهه جي مهڪ ملندي. خوشبو در کڙڪائي ٿي، رت بسنتي ڳائي ٿي، جڏهين جان واسو ڪري ٿي انهن ۾، هيئين جا هندورا هُلائن هوائون، نانءَ چيڙي ٿي نديءَ ٿي رس ڀريون ڪي راڳڻيون، ڄڻ ته ڇوليون ٿيو وڄائن، هارمونيم هير تي، شرم ٻوٽي جيئن وڃي ٿي هٿ لڳي شرمائجي، تيئن وڃي ڪومل جسم ڀاڪر اندر ڪومائجي. مير محمد پيرزادو هو جيڪو ڪاغان جو قصاگو آهي منور سراج هو جنهن جي سڃاڻپ هڪ شاعر طور آهي، ۽ جنهن کي گيت جو شاعر سڏيو وڃي ٿو ۽ مون وٽ به جنهن جو پهريون ۽ آخري تعارف هڪ شاعر جي حوالي سان آهي پر الائي ڇو، هو منهنجي حواسن ۾ هڪ شاعر کان وڌيڪ هڪ قصاگو طور شامل رهيو آهي! اهڙو قصاگو جنهن جي اندر جي آڪاس ۾ هزارين قصن جا ستارا جرڪندا ٿا رهن! اهڙو قصاگو جيڪو اڻٽيهين اونداهيءَ رات ۾ قصو کڻندو آهي ته هوائن جي زبان تي تالا لڳي ويندا آهن ۽ ٻڌندڙ پنهنجي وجود کان بي خبر بڻجي قصي جو حصو ٿي ويندا آهن، ممڪن آهي ته هن ڪڏهن به ڪا ڪهاڻي/ قصو نه لکيو هجي پر فطري شاعر، گائڪ، قصاگو ۽ آرٽسٽ اضافي Instruments جا محتاج نه هوندا آهن اُهي پنهنجي روح ۾ پنهنجو سنسار هوندا آهن. ان سان ڪو فرق نه ٿو پوي . ڪويل ڪوئي گيت نه لکندي آهي ته ڇا اُها سريلي نه آهي؟ درياهه جي لھر ڪائي ڌُن ڪمپوز نه ڪندي آهي ته ڇا اُها رڌم کان محروم سڏبي؟ جولئٽ جي عاشق روميو ڪوئي شعر نه لکيو ته ڇا هن جي دل شاعريءَ کان خالي هئي؟ احساس جي آڏو سَنَدنِ ۽ لقبن جا ٺپا بنهه بي معنيٰ هوندا آهن. هو منهنجي لاءِ ڪاغان جي انهن قصاگو پوڙهن جئان حسين ۽ دلنشين قصاگو آهي جيڪي ٻاهران ايندڙ مسافرن کي ڍنڍ سيف الملوڪ جي ڪنارن وٽ ويهي پنهنجي مخصوص مٺي لھجي ۽ سيف الملوڪ ڍنڍ سان منسوب قصو ٻڌائيندا آهن ته ڪنهن سهڻيءَ عورت جي سلوڻيءَ اک جھڙي ڍنڍ برفاني جبلن مان قطرو قطرو ٿي وهندڙ پاڻيءَ سان ڀرجندي آهي لڙڪ لڙڪ ٿي خالي ٿيندي آهي.... جنهنجو پاڻي چانڊوڪيءَ جھڙو اُجرو آهي، جنهن ۾ چنڊ پنهنجو عڪس ڏسي مُرڪندو آهي ۽ جنهن جي اوجل پاڻيءَ ۾ هر چوڏهينءَ جي رات پريون وهنجڻ اينديون آهن ڪاغان جي انهن قصاگو پوڙهن جي ڪهاڻيءَ ۾ ايڏو ڪجھه آهي جو دور دراز جا Tourist ڪجھه معاوضو ادا ڪري بار بار اهو ساڳيو قصو پيا ٻڌندا آهن! ۽ قصي جي مڌ مان ڍاپي نه ڍاپندا آهن. بلڪل بلڪل بلڪل ائين آهي اسان جو هي قصاگو جنهن کي اسين ۽ اوهين مير محمد پيرزادو سڏيون ٿا. هو جڏهن اڪثر ادبي محفل ۾ ڳالھائيندو آهي ته محسوس ٿيندو آهي ڄڻ مان ڪنهن ادبي محفل ۾ نه ويٺو آهيان پر ڪنهن عظيم عبادت گاهه ۾ ويٺو آهيان، مقدس مريم جي اداس مُرڪ جي گھيري ۾ آهيان ۽ مصلوب عيسيٰ جي آڏو آهيان. هو ڳالھائيندو آهي ته لڳندو آهي ڄڻ فطرت پنهنجي آس پاس سان مخاطب آهي. سچ ته کيس ٻڌندي ماڻهو سراپا سماعت بڻجي ويندو آهي! پنڊ پاهڻ ٿي ويندو آهي. در اصل دوستو! ڪجھه ماڻهو پنهنجي ڳالھين جي هيٺان هوندا آهن ۽ ڪجھه ماڻهو پنهنجي ڳالھين جي مٿان هوندا آهن! جيڪي پنهنجي ڳالھين جي هيٺان پوريل هوندا آهن اُهي ڳالھيون ته وڏيون، گھڻيون، رنگين ۽ دلڪش ڪندا آهن پر نه ڪو انهن جي ڳالھين ۾ ڪوئي اثر هوندو آهي ۽ نه سندن لھجي ۾ ڪو درد هوندو آهي انهن وٽ فنڪاراڻي ٺاهه ٺوهه ۽ ادائگيءَ جو ڍنگ ته هوندو آهي پر انهن وٽ جيءَ جو اهو جنون نه هوندو آهي جيڪو ڳالھين ۾ ڳهر پيدا ڪندو آهي ۽ لھجي ۾ لھوءَ جھڙي گرمي ڀريندو آهي! ۽ اهو اعزاز فقط انهن وٽ هوندو آهي جيڪي پنهنجي ڳالھين جي هيٺان نه پر مٿان هوندا آهن. اُهي ماڻهو هوندا آهن جن جي ڳالھه ۽ عمل ۾ وٿيSpace نه هوندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو جڏهن اهي ماڻهو ڳالھائيندا آهن ته لڳندو آهي وقت جي پيرن ۾ ڏانوڻ پئجي ويا آهن ۽ تاريخ جي رفتار ڌيمي ٿي وئي آهي. هونءَ ته اسان وٽ وات راڌن جي ڪائي ڪمي ڪانهي! (ايڪ ڍونڊو هزار ملتي هين) واري حالت آهي. سنڌ جي کوڙ المين مان هڪ وڏو الميو اها اجائي ڄاڙي بازي به آهي. منهنجو خيال آهي ته گھڻو ڳالھائڻ جو حق فقط ٻن قسمن جي ماڻهن کي هجڻ گھرجي. هڪ: ڪلاس روم ۾ بيٺل استاد کي. ۽ ٻيو: دل جي ڳالھه ڪندڙ ديواني کي. ۽ مير محمد پيرزادو دل جي ڳالھه ڪندڙ اُهو ديوانو آهي جنهن جي ديوانگي سوين سياڻپن کان مٿاهين آهي. ڇو ته اها ديوانگي درد جي دين آهي . اها ديوانگي عشق جي عطا آهي . ان ديوانگي کان محروم ماڻهو مُڏو ۽ مردار ٿي پوندو آهي، ان ديوانگي کان وانجھيل ماڻهو Pleasing culture جو ڦلترو خوشامد جو کودو Status Quo جو انڌو پيلپائو ۽ پنهنجي مخصوص ڪلاس جو نمائندو ٿي رهجي ويندو آهي هو ته ديوانگيءَ جي دهليز تي بيٺل اُهو عاشق آهي جيڪو گھر ٻاري روشني ڪندو آهي ۽ سَوَ وڃائي ساءُ بچائيندو آهي. ڪاغان جي انهن پوڙهن قصاگوئن جي قبيلي جو اهڙو قصاگو آهي جنهن جي خوابن، خيالن، يادگيرن ۽ احساسن ۾ هڪڙي اداس سيف الملوڪ ڍنڍ موجود آهي ۽ هن جي اها اداس سيف الملوڪ ڍنڍ سنڌ آهي. سنڌ جيڪا هن قصاگو جي سيني ۾ ڌڙڪندڙ دل جئان ڏکاري آهي ...... سنڌ جيڪا ڪنهن اداس ۽ زخمي عورت جي اک مان وهندڙ لڙڪن ۾ آلي آهي جيڪا سيف الملوڪ جئان مانسرور مان قطرو قطرو ٿي سيراب ٿئي ٿي ۽ لڙڪ لڙڪ ٿي لاڙ جئان بنجر ٿئي ٿي ٿر جئان ريگستان ٿئي ٿي! هن جو ڏک هر حالت ۾ Justified آهي. هُو ڪنهن ازل جي اداس قصاگو جئان اسان جھڙن Tourists کي بنا معاوضي هن ديس جي هڪ هڪ زخم جي ڪهاڻي ٻڌائي ٿو، ڪهاڻي جنهن ۾ سچ آهي، سونهن آهي، درد آهي، آرٽ آهي، محبت آهي، Wisdoms آهي . هو اهڙو قصاگو آهي جنهن لاءِ سنڌ سياستدان جئان محظ هڪڙو ڪارڊ ناهي ......... سوڪالڊ دانشورن جئان ڄاڙي ٺوڪڻ جو موضوع ناهي، اسان جھڙن اديبن جئان آڱر وڍائي شهيدن جي قطار ۾ شامل ٿيڻ جي سيڙهي ناهي، صحافين ۽ ڪالم نگارن جئان خبرن جو خاصIssue ناهي، پر هُن لاءِ سنڌ عبادت گاهه آهي ........ ڪعبه قبلو آهي...... دين ايمان آهي هن لاءِ سنڌ فيشن طور ڳالھائڻ، فيشن طور نه ڳالھائڻ، فيشن طور ڏکارو ٿيڻ، فيشن طور طنز ڪرڻ ۽ فيشن طور ان جو دفاع ۽ وڪالت ڪرڻ جو معاملو نه آهي پر سنڌ هن جي لاءِ سر جو سودو ڪرڻ جھڙي وٿ آهي، وقار آهي، اعزاز آهي عشق آهي ۽ درد جو دائرو آهي ...... دائرو جنهن ۾ سڄي سنڌ ئي سنڌ آهي ۽ سنڌ جي مٿان آڪاس ۾ چمڪندڙ سنڌ جو هڪڙو جھونو عاشق چنڊ به آهي، چنڊ جيڪو زخمي زخمي آهي ان زخمي چنڊ جو نالو “جي ايم سيد” آهي جنهن کي پَراوَنِ گھٽ پنهنجن گھڻو گھايو. انهن پنهنجن ويندي ويندي سندس پٺيءَ ۾ اهڙو خنجر کوڙيو جو ان مان اڄ تائين رت ٽمي رهيو آهي ۽ ساري سنڌ جي ڇاتي لھو لھو ٿي وئي آهي . مير محمد پيرزادي جون اکيون انهيءَ پٺيءَ ۾ کتل خنجر جون جاڙيون شاهد آهن. سو سندس اکين جي نمناڪي ۽ لھجي جي اداسي بي وجھ ناهي . درد جي انهيءَ دائري ۾ سمجھه ۽ سُرت جون اُهي ڳالھيون به ولين جئان ڦهليون پيون آهن جھڙيون ڳالھيون زهر جي پيالي لاءِ منتظر ارسطو اٿينس جي ڳلين ۾ ڪندو هو. ڳالھيون جيڪي ڳليءَ ڳليءَ ۾ هوائون بڻجي هُلنديون هيون ۽ نوجوانن جا نيڻ روشن ڪنديون هيون ته مير محمد جون ڳالھيون سمجھه جون اهي سُرڪون آهن جن جو سواد ماڻي سڪرنڊ سميت سنڌ جي انيڪ ذهنن تان زنگ لھي ويا ۽ سندن اکيون اجريون ٿي ويون، جڏهن کين ڀٽائيءَ جي ڀر ۾ ويهاري ٻڌايو ته: سُرمو سفيديءَ جو، جڏهن پاتو جن، تڏهن ڏٺي تن، اڇائي عالم جي. هي قصاگو جنهن مهل دل جي سمفني تي ڀٽائيءَ جو ذڪر ڇيڙيندو آهي ته سندس سينو سمنڊ ٿي ويندو آهي ۽ اکيون لھرون لھرون ٿي وينديون اٿس هو جنهن پل وجدان جھڙي ڪيفيت ۾ اچي اسان پرهه جي پياڪن کي ان شاعر جا اهڙا بيت ٻڌائيندو آهي. هڪ ڌرتتي ماءِ، ٻي سندي سڄڻئين، هلي ۽ واجھاءِ، ٻنهين ڄيرن وچ ۾. ۽ : “لڙيو سج لڪن ۾، راسيون رتائين، مون کي ماريائين، اديون اونداهو ڪري.” ۽ پنهنجيءَ دل جي ردم تي انهن بيتن جي حسناڪيءَ تي ڳالھائيندو آهي ته اسان جي لاءِ احساسن ۽ معنائن جا نوان در کلي پوندا آهن، ۽ ڀٽائيءَ سان اسان جي عشق جي تجديد ٿيڻ لڳندي آهي .... ۽ اسين پرهه جا پياڪ، ڀٽائيءَ جي قدمن ۾ سربسجود ٿي ويندا آهيون. هو اهڙو قصاگو آهي، جيڪو مون کي اڪثر پنهنجيءَ خاموشيءَ ۾ هڪ ڳالھه ۽ پنهنجيءَ ڳالھه ۾ هڪ خاموشي ڀاسندو آهي . اهڙي خاموشي، جيڪا پنهنجي پاڻ ۾ هڪ عظيم عبادت آهي، هن جو پنهنجو به ته هڪ شعر آهي ته : سانت به ڪڏهين ڳائيندي آ، ماڻهوءَ-من پِرِڀائيندي آ. هو جنهن جي ڳالھه ۾ انور پيرزادي کي پاتل گلابي سنڌي ٽوپيءَ ۾ پويل ٽڪن جي روشن حسناڪي به آهي، ته موهن جي دڙي جي ماڻهوءَ سوڀي جي سوچ جو سواد به آهي ! هو، جنهن جي قصي ۾ جمال ابڙي جي ڪهاڻين جي خوشبو به آهي ته مهاڪوي اياز جي شعرن جو رڌم ۽ مٺاڻ به آهي! هو، جنهن جي تربيت ۾ رسول حمزه توف واري ديس سان دلبريءَ جي سُتي به شامل آهي، ته گرو رجنيش جي گفتگوءَ جو رنگ به آهي؛ سو منهنجي لاءِ هڪڙو اهڙو منفرد ماڻهو آهي، جنهن سان منهنجو ان ڳالھه ۾ اعتبار پختو ٿي ويندو آهي ته عقل، مطق، دليل ۽ بحث ثانوي سطح جي Phenomena آهي، جڏهن ته عشق ادراڪ، جذبو ۽ وجدان اول درجي واري Phenomena آهي، هن سان ملي مون ڄاتو آهي ته عشق جن جو ايمان نه آهي، انهن جي عقل جا سڀ سرٽيفيڪيٽ ڪوڙا هوندا آهن. دوستو! هُو جيڪو هڪ ئي وقت پنهنجي ذات ۾ هڪ محفل آهي، هڪ ميلو آهي، جھميلو آهي، سو پنهنجي اندر ۾ اڪيلو به آهي. هو هڪڙو شفيق پيءُ هئڻ سان گڏ هڪڙو اداس مسافر پيءُ به آهي ... ڀيڻ جو اڪيلو ڀايڙو به آهي. تنها پٽ به آهي، پنهنجي ابي امان جو! کوڙ سارن دوستن ساٿين کان محروم رهجي ويل دوست آهي، انيڪ حادثن جو اڪيلو شاهد پنهنجي ديس جئان زخمي زخمي، وياڪل وياڪل! پر پوءِ به هن جي چپن تي سدائين معصوم ٻار جي مُرڪ محوِ رقص هوندي آهي، اهڙي مُرڪ جيڪا ڪنهن فاتح سپهه سالار جي نيڻن ۾ هوندي آهي، ڇو جو هو هن ديس جو اهڙو قصاگو آهي، جنهن جي سيني ۾ سوين ستارن جھڙا قصا جرڪندا ٿا رهن ۽ هو ڄاڻي ٿو ته قصو لازوال هوندو آهي، قصو ڪڏهن به ختم نه ٿيندو آهي، قصو سدائين قائم دائم رهندو آهي. قصو قائم آهي ته پوءِ ڏک ڪهڙو؟ هو پنهنجي لاءِ ڄڻ ڪاغان جو قصو آهي!! (سائين مير محمد پيرزادي سان ملھايل شام لاءِ لکيل تاثر) سائين مير محمد پيرزادو چوڻ ڏکيو آهي رکيل مورائي مني صديءَ جي ڄمار ماڻي، مٽيءَ جي مهانتا جا گيت لکندڙ شاعر سائين مير محمد پيرزادو اڄ پاڻ اُن مٽيءَ ماءُ جي جهوليءَ ۾ سمهي رهيو آهي، جنهن جهوليءَ کي اسان زندگيءَ ۾ ابدي آرامگاهه چوندا آهيون. چانڊوڪين جهڙي جرڪندڙ مرڪ چهري تي رکندڙ سائين مير محمد چڱي عرصي کان الڳ الڳ بيمارين سان، جهڙيندو رهيو ۽ عملي توڻي تخليقي طور زندگيءَ جي هر خوشگوار رنگ جا گيت لکي موت کي للڪاريندو رهيو، پر جنهن کي موت چئجي ٿو آخر اهو ئي زندگيءَ تي فتح حاصل ڪري ٿو ائين هر انسان حيات مان هٿ ڪڍي ڇڏي ٿو، جيئن ڪالهه ٻن پهرن جو سائين مير محمد پيرزادي پنهنجي حيات مان هٿ ڪڍي ڇڏيا. ۽ اڄ هو مٽيءَ جي جهول ۾ ابدي آرامي آهي. شخص کي هليو وڃڻو آهي، اڳ يا پوءِ، پر جيڪي شخص پوئتي رهجي وڃن ٿا انهن لاءِ پنهنجي کوٽ پوري ڪرڻ ڏاڍي ڏکي آهي. سائين مير محمد پنهنجي هڪ حياتيءَ جا سمورا ڏينهن گذاري ويندو رهيو، هن کي وڃڻو ئي هئو، پر نقصان انهن جو ٿيو آهي، جيڪي پوئتي رهجي ويا آهن. ڪيترن ئي حوالن ۾ جيڪو ڪجهه پوئتي رهجي ويو آهي ان ۾ اڄ سائين مير محمد موجود نه آهي ۽ هن جي غير موجودگي شايد گذرندڙ عمر ايندڙ عمر اسان سڀني کي تڪليف ڏيندي رهندي، اسان اهي سڀ جيڪي ڪنهن به تعلق ۾ ساڻس جڙيل رهياسين. سندس گهر ڀاتين، اولاد، عزيزن مائٽن کان ٻاهر جن شخصن کي سدائين ڏک رسندو، اهي شخص اُهي آهن جن جو ساڻس ادبي، نظرياتي ۽ هڪ عالم طور واسطو رهيو آهي، ۽ هڪ تڪليف ساهتي پرڳڻي جي آخري شهر سڪرنڊ کي به لڳاتار رهندي، جنهن شهر کيس جهڙوڪ ٻيو جنم ڏنو هئو. اهو سچ آهي ته هن جي مٽيءَ ٻلهڙيجيءَ جي هئي ۽ آخر ۾ به انهيءَ مٽيءَ ساڻ وڃي ملي. اڄ هو پنهنجن انهن پيارن سان گڏ آهي، جن سان هن رانديون رهيون، پٽي ۽ سليٽ کڻي ٻوڪي ٻڌي علم جا پهريان سبق پڙهڻ لاءِ ويندو هئو، ٻلهڙيجيءَ جي مٽيءَ تي هن پهريان قدم کنيا، پهريان سبق پڙهيو. پهرين دوستن جو حلقو جوڙيو، اهڙو حلقو جيڪو زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين اکين ۾ رهندو آهي ۽ دل ۾ ديرو ڪري ويٺل هوندو آهي. جيستائين اکيون بند ٿينديون آهن ۽ دل ڌڙڪڻ ڇڏيندي آهي، تيستائين اهي يار گڏ گڏ هوندا آهن اهي معصوم محبتن سميت شخص جي وجود جو اهڙو حصو هوندا آهن، جهڙي امڙ جي ٿڃ رت جي صورت ۾ انسان جي وجود ۾ موجود هوندي آهي. ۽ سڪرنڊ سائين مير محمد جي آخري ابدي سڃاڻپ! علم ۾ ادب ۾، سياست ۾ وطن دوستيءَ ۽ روشن خياليءَ ۾ سچ پچ جيترو سائين مير محمد سڪرنڊ کي ڏنو، اوترو ئي سڪرنڊ کيس موٽائي ڏنو.هن کيس گيت ڏنا، سڪرنڊ کيس مڃتا جي موٽ ڏني، هن شعور جي ڏياري ٻاري سڪرنڊ جي نوجوانن ان ۾ تيل بدران پنهنجو رت وجهي ان کي روشن رکيو. جنهن روشنيءَ ۾ سندس خوبصورت چهرو سدائين ٻهڪندو نظر آيو ۽ اهو ئي سندس ٻهڪندڙ چهرو جناح اسپتال جي وارڊ ستين جي بيڊ تي بيسُڌ ستل هوندي به ٻهڪندو رهيو. اهو ضرور هئو ته نوجواني کي پار ڪري ٻڍاپي جا آثار سندس چهري تي پنهنجا نشان ڇڏي ويا هئا ٻيءَ طرح اهو مرڪندڙ مهانڊو جنهن جي ۽ اندر ۾ رهجي ويل اڻ ڳڻيا گيت ٻاهر نڪرڻ لاءِ اڇلون ڏيئي رهيا هئا، پر زندگيءَ جي پويان ايندڙ ابد جي ڊوڙ ايتري تيز هئي جو کيس انهن گيت جي اظهارڻ جو موقعو ئي نه ڏنائين. ائين سائين مير محمد ڪيترائي اڻ اظهاريل گيت پنهنجي اندر ۾ سانڍي ڪالهه ٻن پهرن جو اسان سڀني اکن بنا موڪلائي پنهنجي ان زندگيءَ ۾ پير پاتو جنهن زندگيءَ کي مختلف مذهبن ۽ نظرين الڳ الڳ اظهاريو آهي ۽ جيڪا زندگي پنهنجي الڳ الڳ روپ مٽائڻ جي صورت ۾ جاري آهي ازل کان ابد تائين! ازل ۽ ابد جي وچ ۾ڪيترائي انسان پنهنجي پنهنجي عمر ڪاٽي روانا ٿي وڃن ٿا. ڳائجن اهي ٿا، ياد اهي ڪيا وڃن ٿا جيڪي پٺتي ڪجهه امرُ ڇڏي وڃن ٿا جيڪو ڪڏهن به مري نٿو، روپ نٿو بدلائي، چهرو نٿو تبديل ڪري، يقينن سائين مير محمد پيرزادو هڪ شخص جي حوالي ۾ اهڙو شخص هئو ۽ هڪ تخليقڪار طور به اهڙو تخليقار هئو جيڪو سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب ۾ به سدائين رهڻو آهي. ڀلي هو پنهنجي زندگيءَ جي هڪ روپ کي تبديل ڪري ڪنهن ٻي نئين زندگيءَ جي شروعات ڪري چڪو آهي. پوئتي رهجي ويل اسين شخص جيڪي ساڻس ڪنهن به تعلق ۾ جڙيل هئاسين ان کان ٻاهر سنڌ ۽ سنڌي ادب، سنڌي شاعريءَ جي حوالي ۾ هو سموري سنڌ کان ڪڏهن وسري سگهي. اهو چوڻ ڏکيو آهي. ڪنهن دوست کي سندس شاديءَ تي ڪو ڪتاب گفٽ ڪندي، سائين مير محمد جو هڪ شعر لکيو هوم تنهنجي شاديءَ ڪوٺ ملي، پهتس ڳوڙهن جهول ڀري. اڄ جڏهن ڏيڍ ڏينهن جي نه ملڻ کانپوءِ هو اسان کان سدائين لاءِ وڇڙي ويو آهي ۽ سندس وڇوڙي جي سُڌ پئي آهي ته سنڌي ٻوليءَ جو ڪو به شعر تڪڙ ۾ ياد نه اچي رهيو آهي ڄڻ حافظو موڪلائي ويو آهي، اهو حافظو جنهن ۾ سندس ڪيترائي شعر ۽ ٻيو گهڻو ئي ڪجهه محفوظ رهندو هئو. ۽ ڳوڙها آهن جيڪي رڪجڻ جو نالو ئي نٿا وٺن.
ڪشنچند بيوس جديد سنڌي شاعريءَ جو ”وليم ورڊس ورٿ“ ڪي ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا، اهو جملو اسان هميشه ٻڌو آهي. اهڙو ئي هڪ تاريخي ماڻهو ڪشنچند بيوس پڻ آهي، جنهن جديد سنڌي شاعري ۾ موضوع ۽ فڪر جي نواڻ آندي. ڌارين تشبيهن کان منهن موڙي ڏيهي تشبيهون ڪتب آنديون. هن شمع ۽ پرواني جو ذڪر ڪرڻ بجاءِ ٿڌڙي هير جي جهونڪن جو ذڪر ڇيڙيو. هن پنهنجي شاعري ۾ پنهنجي جنم ڀوميءَ جي جهوپڙين، پکين، جيتن ۽ وڻن جو ذڪر ڪيو، جيڪو سندس شاعريءَ جي لهجي کي عام فهم ڪرڻ لاءِ ڪافي هيو نه ته هن جا همعصر يا پهرين وارا شاعر فارسيءَ جا قصه برزبان ياد ڪيون ويٺا هيا ۽ پاڻ لکڻ ۽ پاڻ سمجهڻ جي ريت نڀايون پئي آيا. ان ماحول ۾ بيوس جي شاعري هوا جو اهو جهونڪو بڻجي آئي جنهن ان غلط رخ ۾ لڙهندڙ شاعري جي ٻيڙي کي اصل رستي طرف لاڙيو ۽ تاريخ بڻجي ويو. سنڌي شاعري ءَ ۾ جدت جو ڏيئو ٻاريو، جنهن کي اڳتي هلي شيخ اياز سج جيان روشن بڻايو. ولادت ۽ حسب نسب: سنڌ جو عوامي شاعر ۽ جديد سنڌي شاعريءَ جو باني ڪشنچند تيرٿداس کتري، تخلص ”بيوس” سن ۱۸۸۵ع ۾ لاڙڪاڻي جي زرخيز زمين تي پهرين اک کولي، سندس پڙڏاڏو ملتان مان لڏي اچي لاڙڪاڻي ۾ رهيو هو، ان ڪري ئي سندن ملتان سان ويجهڙو تعلق پڻ رهيو. بيوس کي ٻه ڀينر ۽ ٻه ننڍا ڀائر هيا۽ اولاد ۾ ٻه پٽ ۽ چار نياڻيون اٿس. تعليم ۽ پيشو: ننڍپڻ ۾ ئي سنڌي اسڪول ۾ داخل ٿيو، جتان سنڌي فائنل پاس ڪيائين، انگريزي، فارسي ۽ هندي تعليم پڻ حاصل ڪيائين، استادي پيشو اختيار ڪيائين جنهن سان مرڻ گهڙيءَ تائين نڀايائين. هو هڪ اعلى آدرشي استاد هو، هن رام پنجواڻي ۽ هري دلگير جهڙا شاعر ۽ اديب پيدا ڪيا. گهڻو وقت وليد اسڪول لاڙڪاڻي ۾ تعلقي ماستر ٿي رهيو، پوءِ شاهه محمد اسڪول لاڙڪاڻي جو هيڊ ماستر بڻيو، جتان فيبروري ۱۹۴۰ع ۾ رٽائرڊ ٿيو. طبيعت ۽ تخلص: نماڻپ ۽ نهٺائي هن جي طبيعت ۾ ننڍپڻ کان ئي شامل هئي، شرميلو ۽ حجابي رهيو، ايتري حد تائين جو جڏهن به کيس ڪنهن شاعرانه محفل ۾ شعر پڙهڻ لاءِ گهرايو ويندو هو ته پاڻ نه ويندو هو پر پنهنجو شعر موڪلي ڏيندو هو.پنهنجو تخلص ” بيوس” شايد ان ڪري به مناسب سمجهيائين جو هن سمجهيو ٿي ته انسان ڪيترو به با اختيار ڇو نه بڻجي وڃي پر فطرت جي آڏو ڪٿ نه ڪٿ بيوس بڻجي ويندو آهي.اهو ئي سبب آهي جو پاڻ کي بيوس، ويچارو، نماڻو، مسڪين ۽ نٻل ڪوٺرايو. سياسي ۽ سماجي لاڙو: بيوس مهاتما گانڌيءَ جو پوئلڳ هو ۽ ڪانگريس سان وابسطه رهيو، گانڌيءَ جي نظريئي موجب هميشه کاڌيءَ جا ڪپڙا پائيندو هو ۽ ديسي شيون استعمال ڪندو هو. گانڌيءَ لاءِ هي شعر چيو اٿس: ”سملي جي اوچائيءَ وارو، اوچو تنهنجو شان گانڌي چوٽ بلنديءَ تي پهچايو، ڪانگريس نشان گانڌي” گانڌيءَ کان پوءِ بيوس رابندرناٿ ٽئگور جي شخصيت مان متاثر هيو، ٽئگور جو ڪتاب ”ساڌنا” سمجهڻ ۽ پڙهڻ خاطر بيوس باوجود وڏيءَ عمر هجڻ جي انگريزي سکيو. هر آچر تي پنهنجي سنگت کي ٽئگور واري سکيا ڏيندو هو ته دنيا جي هر نظاري مان خوشي ۽ آنند ڪيئن حاصل ڪجي، حياتيءَ جي هر پهلوءَ مان راضپو ۽ سک ڪيئن تلاشجي. مصيبتن جو مرڪي مقابلو ڪرڻ جو درس هن طرح ڏنو اٿس: ”اک لڙڪ سان، منهن مرڪ ڀريو ياد ڪنداسين فرحت ڀري دنيا ۾ نه فرياد ڪنداسين.” شوقيه پيشو: استادي کان علاوهه بيوس حڪمت جو ڪم به ڄاڻندو هو، جيڪو کيس ورثي ۾ مليو هو، رٽائرمينٽ کان پوِءِ بيوس ” هوميو پيٿي” طريقي سان حڪمت شروع ڪئي هئي، اڄ جي ڪاسائي ڊاڪٽرن جيان نه هو، غريب غربي جو مفت علاج ڪندو هو. بيوس جو حڪمتي رايو هو ته ڳائو کير کائڻ سان ڪمزور ٿيل نظر ٻيهر تيز ٿي سگهي ٿي، ان کي نظر ۾ رکندي بيوس هڪ ” ڀاڳيا اسڪيم” ٺاهي هئي، جنهن لاءِ لاڙڪاڻي جي ويجهو پلاٽ به خريد ڪيو هئائين پر زندگي جي بي وفائي ان اسڪيم کي اڌ ئي رهيل رکيو. شاعري ڏانهن لاڙو: ڏات ته بيوس جي من اندر اوتيل هئي ۽ ڏانءَ کان روشناس ٿيندو رهيو پر سن ۱۹۰۰ع ۾ ڦوهه جواني کان شاعري جي شروعات ڪيائين، شاگردي دور ۾ هڪ رات برسات جي ڇم ڇم کان متاثر ٿي شعر لکيو هئائين ۽ لکندي لکندي ڪرسيءَ تي ئي ننڊ اچي ويس، جيڪو رات جو ئي هاسٽل سپريڊينٽ پڙهي ورتو ۽ صبح جو پنهنجي آفيس ۾ گهرائي پٺي ٺپيندي چيو هئاينس، ” بيوس! ڪنهن ڏينهن اعلى درجي جو شاعر ٿيندين.” اهو شعر هتي پيش ڪجي ٿو: ”اڄ، مڙي بادل کڙي آيا، ٽڙي ٽانگر به خوب پڻ چڙي ٺاري نڙي، گهر ۾ گهڙي ٿڌڪار ۾.” شاعريءَ جا موضوع: بيوس جي شاعري۾ هر فڪر ۽ خيال سمايل آهي، پر ان وقت جون سماجي ۽ سياسي تبديلين جو اثر پڻ هن جي شعر تي نظر اچي ٿو، هتي انهن مان ڪجهه جو مختصر ذڪر هتي پيش ڪريون ٿا. ۱. قومي جذبو: بيوس جي زماني ۾ خلافت هلچل، ڪانگريس تحريڪ، آزاديءَ جي تحريڪ، هاري حقدار هلچل، هندو مسلم ايڪتا ۽ ٻيون تحريڪون هليون پئي، ان ڪري بيوس جي شعر ۾ پڻ قومي درد جو جذبو موجود آهي. ” اهي مائرون ڀلي مرڪن، جي ٻاروتن ۾ لولي ڏين ته صدقي ديس تان تن من، ڪرڻ جهڙي نه ٻي خدمت. ڇڏي واپار ڌنڌن کي، ڏئي تالا مدرسن کي اچن گڏ ملڪ جي سڏ تي، ڦٽائي عيش ۽ عشرت” ۲. روحانيت ۽ تصوف: بيوس جي ڪافين ۽ ڪتاب ” سامونڊي سپن” ۾ صوفي فڪر تي طبع آزمائي ٿيل آهي ، ”پڃري آدم دي وچ ڪيئن آئين، هئين ته شير خدائي يار هئين ته مرغ هوائي يار” بيوس طبيعتن ڀي فقير منش هو، حقيقي يار جي ڳولا ۽ ان سان ملڻ جي تڙپ هن جي شعرن ۾ نظر اچي ٿي. ” لالڻ لقاءُ تنهنجو، هر جا نظر اچي ٿو، توکي ڏسان ٿو آڏو، دشمن اگر اچي ٿو.” ..... ” گهُر نه هرگز، گهرج اندر ناقصائي جو نشان فڪر بيوس ڪر فنا، طلب و تمنا واسطي.” ۳. جيون ڪوتا: بيوس گرونانڪ جي جيون ڪوتا پڻ رچي، ان کان علاوهه تلڪ مهراج، ڀڳت ڪنور رام، وشنداس قمبر واري، راڻي پرتاب سنگهه ۽ ٻين جي زندگيءَ تي مرثيا ۽شعر چيا اٿس. وشنداس قمبر واري جي پرلوڪ پڌارڻ تي هي: ” هو هليا هنگلاج ڏي، سامي سفر پورو ڪري، ٿو قمبر ڪيهون ڪري، اڄ ڳاٽ ڳوڙهن سان ڀري.” ۴. فطرت: فطرتي منظرن جي عڪسيت يا محاڪات بيوس جي شاعري ۾ چپي چپي نظر اچي ٿي، هتي ڪجهه مثال بيان ڪجن ٿا. ” کير ڌرتيءَ تي وهائي، ٿي سهائي راتڙي” ”سبز پوشي، مخملي تهه، آهه ڌرتيءَ تي چڙهيو.” ”واسينگ ڦڻ پٽن ٿا، هڪ ٻئي سان مڻ مٽن ٿا.””سهڻا لغڙ سدائين ٿو انڊلٺ مان ٺاهين!” ” جڏهن وڻن ۾ واءُ اچي ٿو، پن پن مان پڙلاءُ اچي ٿو.” ” ساهه اندر جو ساهه کڄي ٿو، بيوس من ۾ ناد وڄي ٿو.” ۵. موجي گيت/ٻاراڻي شاعري: حياتيءَ جا پويان ۱۰ سال بيوس ٻاراڻِي شاعري کي ارپيا، ٻارن لاءِ لکيل سندس اهي گيت ايترا ته سولا ۽ ترنم ۽ رڌم سان ڀرپور آهن جو درسي ڪتابن کان وٺي سنڌي گيتن تائين بيوس ئي بيوس نظر اچي ٿو. ”ڦوڪي ڦاڙ نه ڦوڪڻو، منهنجو اهي ملوڪڻو” ”اچو ته ننڍڙي ريل هلايون، باهه ببوءَ ۾ دود دکايون” ”آءُ لهي تون تارا آءُ، مونسان گڏجي ماني کاءُ، ڇو مچڪائين خالي وات، ٽمڪ ٽمڪ تاريلي رات.” ”تارن ۾ تولاءِ گهڙيال، وقت جو جنهن مان جاچين حال.” ”مٺڙا گهوڙا اوري آءُ، خوب خوشيءَ سان داڻو کاءُ.” ”آيو پاڻي ليٽ ڪري، ڪاغذ جي هي ٻيڙي تري، ڪاريگر جي ڪاڻ نه ڪائي، مون هيءَ پنهنجي پاڻ بنائي، ڦوڪ ڏيڻ سان لهرون ٺهنديون، ٻيڙيءَ کي سي اڳتي نينديون، ڪين ڪمائي ڀاڙو ڏيندي، مفت ۾ ايندي ، مفت ۾ ويندي.” ۶. سماجي براين خلاف شاعري: بيوس وياج، زميندار جي داداگيري، جوا، شراب، بيروزگاري، ڌيءُجنم ۽ ٻين سماجي براين کي پڻ پنهنجي شاعري جو موضوع بڻايو آهي. ”خون مسڪيني ٿي چوسيو، سَودخورن ڄور جيان، گهرج جي گهوٻي لڳي ۽ وياج جو وارو وريو.” ”جي زميندار پليا تنهنجي پگهر پورهئي تي، سي سگهيا قدر نه تنهنجو سڃاڻي ڪڙمي.” ”چار پيسا تيل کاتي، چار ڏوڪڙ تيل تي، ٿي لڳي کوٽي کڻت ۾، ٿي بڻيو کوٽو کنڌو.” ”هن طرح حاصل ڪيل، تعليم ڏيوالو ڏنو، مُور موڙيءَ جو ته ڇڏ، پر وياج جو لاهي نه بار.” ”تنهنجي ڄمڻ تي، ٿو وڃي راڪاس گهر گهمي، تنهنجو پلڻ، جيئڻ، نپڻ، جنجار استري.” ”کٽندڙ جو ٿئي، اڌ منهن ڪارو، هارائيندڙ جو سارو ڪارو.” ۷. ناصحانه شاعري: بيوس قدرت جي عام نظارن کي به اهڙي ته دلڪش منظر ۾ تبديل ٿو ڪري جو دل ٿڌڙي هير بڻجي، اسر ويلي باغ ۾ ڇٻر تي پنڌ ڪندي نظر اچي ٿي. قدرتي جيت جڻين جي تمثيل کي جيئرو ڪرڻ ته ڪو بيوس کان سکي. تڏ ۽ ماکيءَ جي تمثيل مان ڏکين ڏينهن لاءِ جمع ڪرڻ جو سبق ڏنو آهي. سندس هڪ ٻيو نظم ” آڱريون ۽ منڊي” پڻ وڏائي نه ڪرڻ جي صلاح ڏئي ٿو. دورانديشي ۽ نياز نوڙت تي لکيل بيوس جا مٿيان ٻئي نطم ناصحانه شاعري جو مثال آهن. ادبي ملڪيت/سرمايو: سندس هيٺيان ڪتاب ملن ٿا. ”شيرين شعر”، ”سامونڊي سپون”، ڦولداني”، ”شعر بيوس”، گرونانڪ جي جيون ڪوتا” جن کي گڏي سيد محمود شاهه بخاري پاران ۱۹۹۱ع ۾ سندس ڪليات ” ڪلياتِ بيوس” جي نالي سان شايع ڪرايو ويو. نثر جا موضوع: بيوس شعر سان گڏوگڏ ڪيترائي ناٽڪ پڻ لکيا. جن ۾ ”سورداس”، ”خوبصورت بلا”، ”پرت پوڄارڻ”، ”هرشچندر” ۽ پرهلادليلا قابل ذڪر آهن، بيوس جا لکيل ڊراما گهڻي قدر هندي ۽ اردو ڊرامن جو ترجمو آهن. بيوس جيڪي به ترجما ڪيا يا نثر لکيو، ان ۾ به سندس ٻولي ٺيٺ سنڌي ۽ انداز شاعراڻو هيو، ايتري حد تائين جو مڪالمن ۾ به تجنيس حرفي جو بار بار استعمال ڪري موضوع ۽ مڪالمي ۾ نئون روح ڦوڪي ڇڏيو. موڪلاڻي: جيون جي پوين سالن ۾ اڪيلائي پسند ٿي ويو، لاڙڪاڻي جو ”گيان باغ” سندس آرام ۽ سڪون جو مسڪن رهيو، پويان ڏهه سال ٻارن لاءُ گيت لکيائين. خلق خدا جو ڀلو سوچيندي آخر ۲۳ سيپٽمبر ۱۹۴۷ع تي پرلوڪ پڌاريائين. جديد سنڌي شاعري جي شروعات: بيوس جا همعصر يا اڳ وارا جيڪي به مشهور ۽ نالي چڙهيا شاعر هيا، تن ۾ سواءِ خليفي گل محمد جي، سڀني جي ترڪيبن، تمثيلن، تشبيهن، استعارن ۽ عڪسن ۾ ايراني شاعري جو رنگ ڪوٽان ڪوٽ ڀريل هو. جن ۾ قاسم، فاضل ۽ حامد ته قابل ذڪر نالاآهن. فارسي شاعريءَ کي افضل سمجهڻ کان وٺي، ان جي اثر ۾ طرحي مشاعرا ڪرڻ ۽ پاڻ کي فارسيءَ جو ڏاهو پيش ڪرڻ واسطي فارسيءَ جا ڏکيا لفظ چونڊي چونڊي پنهنجي شعر ۾ شامل ڪرڻ کي باعثِ فخر سمجهيو ويندو هو. حامد ۽ سانگي وغيرهه سسئي ۽ مارئي ءَ کي ڳائيندي ٿري ۽ لوڪ رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پر پوءِ به ان ۾ ڌرتيءَ جو رنگ شامل ٿي نه سگهيو پر ايرانيت واري ڌاريائپ جي ڌپ پئي آئي. ايراني اصطلاح جهڙوڪ، گل و بلبل، ساقي پيماني، چمن گلستان، باغ و گلشن ۽ محبوب جي خدوخال ۾ مصروف هيا. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنڌي شاعريءَ ۾ ايراني، عربي ۽ ترڪستاني شاعري مان نيون صنفون، خيال، فڪر ۽ خاص علم العروض داخل ٿيو پر ان جو مطلب اهو هرگز نه هجڻ کپي ها ته انهن شيرازي گلستانن ۽ عربي خيابانن ۾ سنڌي شاعر ايترو گم ٿي وياجو کانئن پنهنجي ڀلاري ڀونءِ جو جوڀن، ماروئڙن جا مال، غريبن جون جهوپڙيون جن مان جڏهن صبوح جو سج لڪي ليئا پائي، کوهه ۾ ٻڌل نار، وڻجارن جي ونين جو اڪيلاين سان ونواهه، انبن جي ٻور مٿان ويٺل چَتون، ڪينجهر کان ڪارونجهر جو حسن، ڀٽن تي ٽلندڙ مور پکي ۽ منڇر جي پيٽ ۾ اڏامندڙ پکين جا نظارا سڀ وسري ويا. ان دور جي بيٺل پاڻي ۾ بيوس مسلسل ڪنڪر اڇلي هڪ تحرڪ پيدا ڪيو، جيڪو اڳتي هلي سنڌي شاعري ۾ تبديليءَ جو سبب بڻيو. انگريزي ادب ۾ وليم ورڊس ورٿ ۽ سيميوئل ڪالرج جيئن بيوس به سنڌي ادب جي آبياري ڪئي ۽ ان ۾ تازگي آندي ۽ شعر ۾ قدرتي نظارن کان وٺي مٽيءَ جي خوشبو تائين پنهنجي ئي ڌرتيءَ جو رنگ رچايو. جنهن کي پوءِ شيخ اياز ۽ ان جي همعصرن عروج تي پهچايو. اسان ڪشنچند بيوس کي جديدسنڌي شاعريءَ جو وليم ورڊس ورٿ چئي سگهون ٿا. جديد سنڌي شاعري ءَ ۾ ڪشنچند بيوس جو ڪردار: بيوس سنڌ جو پهريون شاعر آهي، جنهن گل و بلبل جهڙن بي روح ايراني اصطلاحن کي پيرن هيٺان چيڀاٽي وليم ورڊس ورٿ جيان قدرت جي نظارن کي شاعريءَ جو موضوع بڻايو. هن تقليد پرستيءَ جي قطار مان ٻاهر نڪري غير مقلد ٿي ”انالحق” جو علم بلند ڪيو. بيوس جي شروعاتي شعر تي فارسي جو اثر پڻ رهيو پر هن عظيم استاد پنهنجي ڌرتيءَ جي لوڪ رنگ کي پنهنجي موزون شعر ۾ عڪسي نئين روايت قائم ڪئي. جاري روايتي راند جا وکر ٽوڙي فارسي ۽ عربيءَ جي مقلدن جي صف مان ٻاهر نڪري آيو ۽ پنهنجي سنهنجي جو اصول اپنايو. هن جي ئي نغمن کان جديد فطري ۽ قومي شاعري جو دور شروع ٿيو. ان وقت جي وڏن عالمن ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ علامه دائود پوٽي ان کي شعر جي تاريخ جو انقلاب ڪوٺيو. بيوس نقل تان اصل ڏي لاڙو ڪيو. جديد خيالات ۽ ڪي قدر ترقي پسند لاڙا متعارف ڪرايا. بيوس پنهنجي شعر ۾ ادبي خوبين/ فن/ فڪر/ صنعتن تي پڻ ڌيان ڌريو. پراڻي دور واري شاعري سڀ جي سمجهڻ جي وس جي ڳالهه نه هئي بيوس فن جي پختائي کي هلڪو رکندي به خيال جو خاص خيال رکيو، هن جو لهجو اوپرو نه پر پنهنج لڳي ٿو. هن جي شعر ج نرم نرم ڇهاءُ من اندر ۾ لهي وڃي ٿو اهو ئي سبب آهي جو اڄ جا شاعر ڀي بيوس جي ڇهيل موضوعن تي عروضي شعر لکي پنهنجو نانءُ ڪمائن پيا. ڪشنچند ”بيوس“ ميمڻ عبدالغفور سنڌي ديوان ڪشنچند ”بيوس“ پٽ تيرٿ داس کتري، ۷ ڦاڳ سنبت ۱۹۴۱ مطابق ۱۹ مارچ ۱۸۸۵ع تي لاڙڪاڻي شهر جي ”ميمڻ محله“ ۾ ڄائو. سندس پتا حڪيم هو. ننڍپڻ کان ئي هن نينگر جي تربيت نهايت ئي سليقي سان ٿي. مگر پاڻ اڃا سنڌي چوٿون درجو پڙهي رهيو هو، ته سندس پتا پرلوڪ پڌرايو؛ جنهن ڪري هندو نظريي مطابق ڪنهن کان بيک مڱڻ بجاءِ، پاڻ تي انحصار ڪري، سنڌي ورنيڪيولر (فائينل) امتحان پاس ڪرڻ بعد ماستر مقرر ٿيو. ملازمت دوران سکر دادو، جيڪب آباد ۽ لاڙڪاڻي جو چپو چپو گهميو. پڇاڙيءَ ۾ تعلقي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ وليد عباسيءَ ۾ رهي، هيڊ ماستر جي عهدي تان ۱۹۴۴ع ۾ رٽاير ڪيائين. ننڍپڻ کان ئي هن نينگر جي طبيعت موزون هئي؛ جنهن ڪري ”بيوس“ تخلص سان ٺهه پهه شعر جوڙيندو رهيو. سندس شاعري اڻامٽ اُصولن تحت ترتيب ڏنل هئي. ”بيوس“ جيتوڻيڪ لاڙڪاڻي جو رهواسي هو، مگر لاڙڪاڻي جي شاعراڻي اسڪول سان سندس وابستگي نه هئي؛ جنهن سان حاجي محمود ”خادم“، نواز علي ”نياز“ جعفري ۽ ٻيا شاعر وابسته هئا. سندس شاعري حالانڪ عروض جي فن ۾ ضرور آهي، پر مضمون ۽ مقصد جي لحاظ کان بالڪل مختلف نوعيت جي نظر اچي ٿي: عروض جي فن کان ”بيوس“ ڪي قدر اڻ واقف هو؛ انهيءَ ڪري سندس شعر ۾ عروضي قاعدن ۽ ضابطن جون اڪثر اوڻايون ڏسجن ٿيون. البته شعر ۾ مضمون جي خيال کان کيس منفرد حيثيت حاصل آهي. هن پنهنجي شعر ۾ پنهنجي وطن ۽ اُن جي مختلف شين جي جاءِ بجاءِ واکاڻ ڪئي آهي ۽ عوام کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ قومي شاعريءَ کي اوليت ڏيندي، عوام جي جذبات ۽ احساسات جي پوري پوري ترجماني ڪئي آهي. اِهوئي سبب آهي جو ”بيوس“ کي ’جديد شاعريءَ‘ جو بنيادي شاعر تسليم ڪيو وڃي ٿو. ديوان ”بيوس“، ايراني شاعريءَ جي تقليد گهٽ ڪري ٿو ۽ ان جي بدران پنهنجي وطن جي شين جون تشبيهون آڻي ٿو. سندس نظمن مان ”جهوپڙي“ هڪ شاهڪار جي حيثيت رکي ٿي. پاڻ علامه اقبال ۱۸۷۷ع – ۱۹۳۸ع) ۽ ڪن ٻين اردو شاعرن جي شعر جا سنڌي زبان ۾ ترجما به ڪيا اٿس. اُن هوندي به سندس شاعري سنڌي شعر جي تاريخ ۾ ”جديد شاعريءَ جو سنگ - ميل“ چئي سگهجي ٿي. ”بيوس“، ڪانگريس ۽ خلافت جي تحريڪن جو به سرگرم ڪارڪن ٿي رهيو. پاڻ مهاتما موهنداس ڪرمچند گانڌي (۱۸۶۹ع – ۱۹۴۸ع) جو بيحد عقيدتمند ۽ شش هجڻ سان گڏوگڏ ”هندو مسلم ايڪتا“ جو حامي پڻ هو. سندس شاگردن ۾ هوند راج ”دکايل“ ۽ پروفيسر رام پنجواڻيءَ جا نالا سر- فهرست آهن. ديس جي شين سان پيار هوس. ولايت جون ٺهيل عمديون شيون به تڇ سمان ڄاڻندو هو. پڇاڙيءَ ۾ پيءُ جي ڇڏيل ورثي (حڪمت) کي باقاعده ڪري ورتائين. مارچ ۱۹۳۳ع ۾ ”سنڌي ساهتيه سميلن“ ۾ سندس ڪارائتن خيالن کي خوب اهميت ملي. سندس ڪلام سنڌ خواهه هند مان نڪرندڙ رسالن ۾ ڪثرت سان ڇپجندو رهيو. ”سيرين ڪلام“ (۱۹۳۳ع) ۽ ”هئملٽ“ (ڊرامو) نصاب طور سنڌ ۾ پاڙهيا ويندا هئا. کيس ۲۳ سيپٽمبر ۱۹۴۷ع تي لاڙڪاڻي ۾ اگني سنسڪار ڪيو ويو. ”محبوب طبع“، ”سامونڊي سپون“، ”ڦولداني“، ”بهارستان“، ”انڊلٺ“، ”پرت پوڄارڻ“ ۽ ”گرونانڪ جيون ڪوتا“ ڪتابن کان علاوه نون ڊرامن جو ليکڪ پڻ هو. هيٺ سندس ڪلام جو نمونو ڏجي ٿو:- رام چئون رحيم چئون، مطلب ته سڌو الله سان آهه، دين چئون يا ڌرم چئون، منشا ته اُنهيءَ جي راه سان آهه، عشق چئون يا پريم چئون، اِنڇا ته اُنهيءَ جي چاه سان آهه، ساڌو بڻون، يا سالڪ ٿيون، مقصد ته دل آ گاهه سان آهه، اکرن جي اوجهڙ ۾ اڙجي مفت نه دل آزاري ڪر؛ جان وجهي بي جان- اکر ۾ ڪجهه مطلب تي ڌيان به ڌر، قومي گيتن کي جنم ڏيڻ ۽ عوامي جذبات ۽ احساسات جي ڀرپور عڪاسي ڪرڻ ۾ ”بيوس“ پيش پيش رهيو آهي. سندس خاص نظمن ۾ ”جهوپڙي“ هڪ شاهڪار جي حيثيت رکي ٿي. ڪشنچند “بيوس” جي ٻارن جي لاء ڪيل شاعري آزاد انور ڪانڌڙو ڪشنچند “بيوس” جو شمار ۲۰ هين صدي جي سنڌي ٻوليءَ جي نامور شاعرن ۾ آهي. کيس جديد سنڌي شاعريءَ جو باني سڏجي ته ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو. ڪشنچند بيوس جا پهرئين کان ڏهين ۽ انٽر تائين سنڌي نصاب ۾ شامل گيت، نظم يا ٻاراڻا ٻول هر سنڌي شاگرد کي اڄ به ياد آهن. اڪثر شاگردن کي انهن گيتن ، نظمن جي خالق شاعر ڪشنچند “بيوس” جو شايد ئي پتو هجي. ڪشنچند “بيوس” ۲۵ فيبروري ۱۸۵۸ع ۾ لاڙڪاڻي جي کتري خاندان ۾ پنهنجي دور جي مشهور حڪيم تيرٿداس کتري جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس امڙ به حڪمت جو ڪم ڪندي هئي. بيوس يارنهن سالن جو مس هو ته سندس والد وفات ڪري ويو ۽ ننڍپڻ ۾ ئي گهر جو بار مٿس پيو. فائنل پاس ڪري سنڌي ماستر ٿيو ۽ ٽريننگ ڪاليج جي تعليم مڪمل ڪري لاڙڪاڻي جي هڪ اسڪول ۾ هيڊ ماستر ٿيو. هن ۱۹۳۵ع لاڙڪاڻي ۾ بيوس شفاخانو کوليو. پاڻ به پنهنجي والد ۽ امڙ وانگر وقت جو سٺو حڪيم هيو. ۱۹۳۷ع ۾ ميونسپالٽي جي اسڪول بورڊ جو صلاحڪار بڻيو. کيس شاعريءَ جو شوق ننڍي هوندي کان هو. بيوس ورهاڱي کان اڳ ۱۹۴۰ع کان ۱۹۴۷ع تائين لاڙڪاڻي جي گيان باغ ۾ هفتيوار ادبي ڪلاس هلايا. هو بنگال جي عظيم شاعر رابيندر ناٿ ٽئگور کان تمام گهڻو متاثر هو ۽ ٽئگور جي شاعريءَ جو سنڌي ترجمو ڪري سنڌين کي ٽئگور جي شاعري ۽ شخصيت سان روشناس ڪرايو. هن ڪيترا ئي ناٽڪ به لکيا. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ شيرين شعر ۱۹۲۹ع، سامونڊي سپون ۱۹۲۹ع، گرو نانڪ جيون ڪٿا ۱۹۳۵ع، موجي گيت ۱۹۳۵ع، ڦولداڻي ۱۹۳۹ع، شعر بيوس ۱۹۵۱ع، بيوس گيتانجلي ۱۹۶۰ع ڇپيل آهن. ڪشنچند “بيوس” ۲۳ سيپٽمبر ۱۹۴۷ع تي ديهانت ڪري ويو. سندس شاگردن ۾ رام پنجواڻي ۽ هوندراج دکايل وڏي مقبوليت ماڻي. گيت ڌڻيءَ جا گڏجي ڳايون گيت ڌڻيءَ جا گڏجي ڳايون! جو ٿو ٿڌڙا مينهن وسائي، باغن ۾ جو انب پچائي، ويس گلن کي جو پهرائي، ان پچائي، گاهه اپائي، عرش ۾ جو تارا ٽمڪائي، تنهن مالڪ کي سڀ ساراهيون، گيت ڌڻيءَ جا گڏجي ڳايون! (سنڌي پهريون ڪتاب ۲۰۱۶ع ) ڌڻيءَ جي وڏائي (حمد) ڏسي دنيا ۾ عجب نظارا، سائينءَ جي سگهه سمجهه پيارا، اڀ ۽ ڌرتيءَ تي اسرار، جوڙيا سائينءَ سڀ جنسار. وڻ ٽڻ ٻوٽا ڌڻيءَ اپايا، قسمين قسمين پن بنايا، گل ڦل ميوا ڪئين گلزار، جوڙيا سائينءَ سڀ جنسار. جبل، نديون ۽ چشما، لاهه، سمنڊ ، تلاءَ ۽ ڍنڍون، واهه، برف، ڳڙا سڀ ڌارو ڌار، جوڙيا سائينءَ سڀ جنسار. اڀ ڏي ٿوري نظر ڪريو، سج چنڊ تي پڻ ڌيان ڌريو، سهڻي تارن سندي قطار، جوڙيا سائينءَ سڀ جنسار. راتين پٺيان ڏينهن اچن، جهڙن پٺيان روز روشن، ڪڏهن چانڊوڪي ڪڏهن ڪار، جوڙيا سائينءَ سڀ جنسار. جڳ جو چرخو عجب چلي، سڀڪو چئي ٿو بَلي بَلي، ڪري نه ڪوئي سگهي شمار، جوڙيا سائينءَ سڀ جنسار. (سنڌي ٽيون ڪتاب ۲۰۱۵ع ) تنهنجي ساراهه سڀ ڪن تنهنجي ساراهه ، قدرت وارا! نرمل جوتي نور نظارا، قدرت وارا! ڪوٽان ڪوٽ بڻايئه ڌرتيون ، سهسين سج چنڊ تارا، جن جو انت نه پارا ، قدرت وارا! گلن اندر سرهاڻ ڌرين ٿو ، موتين سان مهراڻ ڀرين ٿو، هيرا لعل هزارا ، قدرت وارا! جڏهن وڻن تي واءُ اچي ٿو، پن پن مان پڙلاءُ اچي ٿو، ڇم ڇم جا ڇمڪارا ، قدرت وارا! چهنب چتن ۽ چيهن کولي ، بلبل ڪوئل ٻولي ٻولي، مور نچن ناميارا ، قدرت وارا! عجب بنايا بجليون بادل ، بوندون برس برس ڪن بادل، واڄٽ ڪن وسڪارا ، قدرت وارا! ساهه اندر جو ساهه کڄي ٿو، “بيوس” سائينءَ ناد وڄي ٿو، نوبت نيهن نظارا ، قدرت وارا! ڦوڪڻو ڦوڪي ڦاڙ نه ڦوڪڻو، منهنجو آهي ملوڪڻو، ڦاٽي پوندو ، سبي نه سگهبو، کوئنر لئيءَ سان لنبي نه سگهبو، ٽنڪر ڏيندو ٽوٽڻو، ڦوڪي ڦاڙ نه ڦوڪڻو. نرم ڏسين ٿو ڪهڙو آهي، جنسي ريشم جهڙو آهي، هلي هوا ۾ ڌوڪڻو. ڦوڪي ڦاڙ نه ڦوڪڻو. خالي آهي کلڙيءَ جهڙو، منهن وٽ آهي، نلڙيءَ جهڙو، جنهن کي چئجي چوپڻو. ڦوڪي ڦاڙ نه ڦوڪڻو. ڦوڪڻ سان هي گولو بڻندو، ڇڏي ڏيڻ سان سيٽي هڻندو، ڪُوڪُو ڪندو ڪُوڪڻو. ڦوڪي ڦاڙ نه ڦوڪڻو. منهنجو آهي ملوڪڻو. ڦوڪي ڦاڙ نه ڦوڪڻو. ڪاغذ جي ٻيڙي آيو پاڻي ليٽ ڪري، ڪاغذ جي هي ٻيڙي تري، ڪاريگر جي ڪاڻ نه ڪائي، مون هيءَ پنهنجي پاڻ ٺاهي. ڳن نه ڏيندي ، ونجهه نه هڻندي، منهنجي ٻيڙي بار نه کڻندي. توڙي واءُ سڻائو گهلندو، هن ٻيڙي جو سڙهه نه کلندو. ڦوڪ ڏيڻ سان لهرون ٿينديون، ٻيڙيءَ کي سي اڳتي نينديون. بندر هاڻي اوڏو آهي، ٻيڙي کيپ ڇڏيندي آهي. ڪين ڪمائي ڀاڙو ڏيندي، مفت ۾ ايندي مفت ۾ ويندي. (بتاريخ ۱۷ جولاء ۲۰۱۹ع تي، روزاني ڪاوش حيدرآباد ۾ ڇپيل) ڪشنچند بيوس جديد سنڌيءَ جو ورڊس ورٿ صدام جوکيو جديد سنڌي شاعري ۾ قوم ۽ وطن جي تهذيبي ۽ ثقافتي سڀاءَ، ماحول ۽ مزاج جي ماهيت جي عڪاسي سادن، سودن، سولن، سندر ۽ سليس لفظن ۾ ڪندڙ. سنڌ ۽ سنڌي ماحول جا ڏيک، ڏسائون، ماڳ مڪان، ڪردار، ڪنايا، استعارا، تشبيهون ۽ ترڪيبون پنهنجي ڪلام ۾ پيش ڪندڙ، سنڌ جي تهذيب، تمدن، تاريخ ۽ موجوده ماحول منجهان موصوع چونڊي سنڌي شاعريءَ کي جدت جو رنگ ارپيندڙ ۽ جديد سنڌي شاعريءَ جي پيڙهه جو پٿر رکندڙ سنڌ جي عوامي شاعر ڪشنچند بيوس تاريخ ۲۵ فيبروري ۱۸۸۵ع تي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو هو. هن پنهنجو تخلص بيوس چونڊ ڪيو هو. بيوس جي والد جو نالو تيرٿ داس کتري هو، جيڪو پاڻ هڪ بهترين حڪيم هو. بيوس جا وڏا ملتان مان لڏي، لاڙڪاڻي شهر ۾ اچي رهيا هئا. پيءُ جي وفات کان پوءِ بيوس جي ماءُ محترمه گهر ۾ حڪمت ڪرڻ لڳي، کيس پاڙي وارا ”ڏاهي“ ڪري چوندا هئا. بيوس کي ٻه وڏيون ڀينرن ۽ ٻه ننڍا ڀائر هئا، ننڍپڻ ۾ ئي کيس سنڌي اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو، جتان سنڌي فائنل پاس ڪيائين، انگريزي، فارسي ۽ هندي تعليم پڻ حاصل ڪيائين، بيوس پورهيت ماءُ جي خرچ تي پرائمري ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج ۾ پڙهندو هو. تعليم کان پوءِ استاديءَ جو پيشو اختيار ڪيائين، هي هڪ اعلى آدرشي استاد هو. هن ڪيترائي بهترين شاعر ۽ اديب پيدا ڪيا ۽ جدت جي اهڙي لاٽ ٻاريائين جنهن جي روشني تي هلي هوند راج دکايل، هري دلگير، نارائڻ شيام ۽ شيخ اياز جهڙا اعليٰ پايي جا شاعر پيدا ٿيا. جن جديد سنڌي شاعريءَ جي ميدان کي بڻائي ڇڏيو. ڪشنچند بيوس وليد اسڪول لاڙڪاڻي ۾ ماستر جي حيثيت سان وڏو عرصو خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ پوءِ شاهه محمد اسڪول لاڙڪاڻي جو هيڊ ماستر بڻيو، جتان فيبروري ۱۹۴۰ع ۾ رٽائرڊ ٿيو. بيوس مهاتما گانڌيءَ جو پوئلڳ هو ۽ ڪانگريس سان وابسته رهيو، گانڌيءَ جي نظريي موجب هميشه کاڌيءَ جا ڪپڙا پائيندو هو ۽ ديسي شيون استعمال ڪندو هو. گانڌيءَ کان پوءِ بيوس رابندرناٿ ٽئگور جي شخصيت مان متاثر هيو، ٽئگور جو ڪتاب ”ساڌنا” سمجهڻ ۽ پڙهڻ خاطر بيوس وڏيءَ عمر هجڻ جي باوجود به انگريزي سکيو ۽ لاڙڪاڻي جي گيان باغ ۾ ۱۹۴۰ع کان ۱۹۴۷ع تائين هفتيوار ادبي ڪلاس هلائي، ٽئگور جي شخصيت ۽ شاعريءَ تي ليڪچر ڏيندو هو. استادي کان علاوه بيوس حڪمت جو ڪم به ڄاڻندو هو، جيڪو کيس ورثي ۾ مليو هو، رٽائرمينٽ کان پوِءِ بيوس ”هوميوپيٿي“ طريقي سان حڪمت شروع ڪئي هئي، سندن غريبن ۽ محتاجن جو همدرد هو مفت ۾ علاج ڪندو هو. بيوس جو حڪمتي رايو هو ته ڳائو کير کائڻ سان ڪمزور ٿيل نظر ٻيهر تيز ٿي سگهي ٿي، ان کي نظر ۾ رکندي بيوس هڪ ”ڀاڳيا اسڪيم” ٺاهي هئي، جنهن لاءِ لاڙڪاڻي جي ويجهو پلاٽ به خريد ڪيو هئائين پر زندگي جي بي وفائيءَ سبب ان کي تڪميل نه ملي سگهي. سن ۱۹۰۰ع ۾ ڦوهه جواني کان شاعري جي شروعات ڪيائين، شاگردي دور ۾ هڪ رات برسات جي ڇم ڇم کان متاثر ٿي شعر لکيو هئائين ۽ لکندي لکندي ڪرسيءَ تي ئي ننڊ اچي وئي هيس. هاسٽل جي سپرنٽنڊنٽ سندس اهو شعر پڙهي ورتو هو ۽ صبح جو پنهنجي آفيس ۾ بيوس کي گهرائي سندس ساراهه ڪندي چيائين؛ ”بيوس! تون ضرور هڪ ڏينهن اعلىٰ درجي جو شاعر ٿيندين.“ بيوس جو اهو شعر هي آهي: اڄ مڙي، بادل کڙي، آيا ٽڙي، ٽانـــــــــــــــگر به خوب، پڻ چڙي، ٺاري نڙي، گهر ۾ گهڙي، ٿـــــــــــــــڌڪار ۾. سندس مٿئين خاگرديءَ واري دور ۾ لکيل شعر ۾ فطرت جا سهڻا رنگ سمايل آهن. بيوس جي تصنيفن ۾ ڦولداني، شعر بيوس، گرونانڪ جي جيون ڪوتا، جن کي گڏي سيد محمود شاهه بخاري پاران ۱۹۹۱ع ۾ سندس ڪليات ”ڪلياتِ بيوس“ جي نالي سان شايع ڪرايو ويو آهي. بيوس شعر سان گڏوگڏ ڪيترائي ناٽڪ پڻ لکيا. جن ۾ ”سورداس“، ”خوبصورت بلا“، ”پرت پوڄارڻ“، ”هرشچندر“ ۽ پرهلادليلا قابل ذڪر آهن. بيوس جا لکيل ڊراما گهڻي قدر هندي ۽ اردو ڊرامن جا ترجما ٿيل آهن. بيوس سنڌ جو پهريون شاعر آهي، جنهن گل و بلبل جهڙن بي روح ايراني اصطلاحن جي زنجيرن مان سنڌي شاعريءَ کي آزادي ڏياري. هن وليم ورڊس ورٿ جيان قدرت ۽ فطرت جي نظارن کي شاعريءَ جو موضوع بڻايو ۽ سنڌي شاعريءَ ۾ نوان موضوع، نوان خيال سادي ۽ عام فهم ٻولي ۽ سنڌي جي ماحول کي متعارف ڪرايو. سندس شعر ۾ هارين ۽ زميندارن ۽ جاگرداري نظام جي حوالي سان مزاحمتي فڪر جي عڪاسي ڪندڙ شاعري هن طرح ملي ٿي. جــــــــي زميندار پليا تنهنجي پگهر پورهئي تـــي، ســـــــي سگهيا قدر نه تنهنجو سڃاڻي ڪــــــــڙمي. جديد سنڌي شاعريءَ جي ميدان ۾ بيوس جو تمام وڏو مقام آهي، ڇاڪاڻ ته هي پهريون شخص هو جنهن روايتي شاعريءَ کان نابري واريندي جديد سنڌي شاعريءَ جو بنياد رکيو. سندس شاعريءَ جو پهريون مجموعو ”شيرين شعر“ جيڪو ۱۹۳۶ع ۾ ڇپيو هو، اُن کي جديد سنڌي شاعريءَ جو پهريون ڪتاب تسليم ڪيو وڃي ٿو. ڪشنچند “بيوس” جديد سنڌي شاعريءَ جو بنيادي شاعر حسيب ناياب منگي ڪشنچند “بيوس” ۽ سندس ڪويتائون سنڌي شاعريءَ جي تاريخ جو نهايت اهم ۽ ڪارگر عنوان آهن. جن تي قلم کڻي پڙهندڙن کي ٻڌائي سگهجي ٿو ته ڪشنچند “بيوس” پنهنجي حياتيءَ جي ڏينهن ۾ سالن کان وٺي شاعريءَ ۾ رائج رواجن جو رخ پنهنجي ڏات سان تبديل ڪري شاعريءَ جي سج کي اڃان وڌيڪ روشني ڏني. هن پنهنجي اعليٰ لياقتن جو استعمال جن سادن لفظن ۽ عام موضوعن تي لکي ظاهر ڪيو، سا تبديلي ان وقت جي لاءِ نهايت ضروري به هئي ۽ خاص به ثابت ٿي. ڇو جو شاعريءَ کي پنهنجي رنگ ۾ آڻڻ، شاعريءَ ۾ ڌارين لفظن جي استعمال کي ختم ڪرڻ ۽ جذبن ۽ خيالن کي عام فهم ۾ پڙهندڙن تائين پيش ڪرڻ ۾ “بيوس” پاٻ ملهايو. منهنجي دل جا ديوتا! تنهنجو لهان مندر ڪٿي، عشق جو جنهن ۾ اجالو آهه سو اندر ڪٿي. ڪشنچند “بيوس” اڄ جي دور ۾ پنهنجي ڏنل پيغام سبب جنهن نموني حيات آهي ۽ سندس ذڪر ادبي تاريخن ۽ تذڪرن اندر سونهري حرفن سان لکيل آهي ان جو سبب اهو آهي ته ڪشنچند “بيوس” جي ڏات جا جوهر اهڙن موضوعن تي خيالن پيش ڪرڻ لاءِ آماده ٿيا جن جي هر دور ۾ ترجماني ٿيڻ لازمي هوندي آهي. قدرتي نظارن جي خوبصورتي کان وطن جي حب تائين، غريبن جي اَجهن جي تعريف کان سماجي براين جي نشاندهي تائين، پريم جي پٽي پڙهائڻ کان ڪنهن عام عنوان مک ۽ تڏ تائين “بيوس” لکي ڪمال ڪيو. تڏهن ته هو پنهنجي دور جو مضبوط ۽ اهم شاعر ليکيو وڃي ٿو. سدا مشهور عالم ۾ جفا تنهنجي وفا منهنجي، حقيقت ۾ مگر آهي وفا تنهنجي جفا منهنجي. ڪريو سينگار سوَ سائين، ملڻ لئه هوت هرکائين، نه پيرو پر اندر پائين ڏسي گهٽ چاهنا منهنجي. ڪشنچند “بيوس” جو ڪلام ناصحانو به آهي ته ٻارن جي حوالي سان به سرجيل آهي. درسي ڪتابن ۾ به “بيوس” ائين پيو نظر اچي جئين کير سان ڀريل وَٽِيءَ ۾ گلاب جو گل! گيت اهڙا ته سوادي ۽ رڌم سان لبريز جو ويٺو جهونگارجي! روحاني ۽ تصوف سان گڏ سياسي هلچل ۽ مختلف تحريڪن جي حوالي سان به “بيوس” جي سنڌي شاعريءَ تي بادشاهي نظر اچي ٿي. سنڀالي هوش سان سياڻا جوا کان جلد پاسو ڪر، کهائي جا ڪري کوکو ٿي ڪيري نيٺ ڳاٽي ٿي. ــــــ سوچ ڪر سياڻا ڇڏي ڏي شوق شيطاني شراب، جو ڪري ڪارو رکي اخلاق جهڙو آفتاب. ــــــ سخت ڇولي مار ساگر آهه بندر بي منار، هن انڌاري ڏوجهري ۾ روشني رهبر ڪٿي. ڪشنچند “بيوس” پنهنجي فن ۾ پختو ۽ خيال ۾ نرم نظر اچي ٿو هن جي لفظي جوڙجڪ ايتري ته پختي ۽ وڻندڙ آهي جو جلد ئي اثر ڇڏي ٿي. ميمڻ عبدالغفور سنڌي پنهنجي ڪتاب “عظيم سنڌي انسان” ۾ ڪشنچند بيوس جي حوالي سان لکي ٿو ته “شعر ۾ مضمون جي خيال کان کيس منفرد حيثيت حاصل آهي. هن پنهنجي شعر ۾ پنهنجي وطن ۽ ان جي مختلف شين جي جابجا واکاڻ ڪئي آهي ۽ عوام کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ قومي شاعريءَ کي اوليت ڏيندي، عوام جي جذبات ۽ احساسات جي پوري پوري ترجماني ڪئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو “بيوس” کي جديد شاعريءَ جو بنيادي شاعر تسليم ڪيو وڃي ٿو”. روپ نه مالڪ ٿو ڏسي، ڏسي دل جا طاق، اندر اُجالو ٿو کپي، نه “بيوس” رنگ پوشاڪ. ڪشنچند “بيوس” جي شاعريءَ ۾ مختلف عنوانن جا گهڻا ئي نظم تن ڏينهن کان اڄ تائين تمام گهڻا مشهور رهيا آهن. “قدرت وارا”، “سهائي راتڙي”، ۾“ڪاري گهٽا”، “جهوپڙي” ۽ ٻيا اڄ تائين گهڻن ماڻهن کي ياد آهن. اهڙيءَ طرح سندس ڪتاب “شيرين شعر” (آگسٽ ۱۹۲۹ع) ۾ ڇپيل هيٺين ڪويتا کي به پڙهي ڏسو: خاص کٿوري ڀانئيان وطن جي واري، مٽي مٺڙي ملڪ جي مشڪان موچاري، پنهنجي دلبر ديس جي پڻي به پياري، گاهه به گلزاري، بٺ باغيچو ڀانئيان. ـــ وڻ ڪندا ها وڙ وڏو وطن وارن تي، پختي لڙڪي پينگهه ٿي ڏاڍن ڏارن تي، هڪ هوڏ هلي ٿي لوڏ تي، ٻيو وڙهڻ وارن تي، ٻاجهو ٻارن تي، ڇٽن ڇايا سان ڪيون. ـــ جتي جيجل ٿي ڏني جهوليءَ ۾ لولي، ٽڙي ٻنڌڻن ۾ ٻُڌي طوطيلي ٻولي، مٺڙي ٿي مون تان وئي گهڙيءَ ۾ گهولي، ڇلڪي سان ڇولي، “بيوس” وهي وطن ري. ڪشنچند “بيوس” کي جتي ديس لئه اُلڪو آهي اُتي ديس جي ڪڙميءَ جي خوشحاليءَ جي لاءِ آس به آهي. هو لکي ٿو ته : تنهنجي دردن جي هنئر آهه پڄاڻي، ڪڙمي! تنهنجي سورن جي اچي ويل وهاڻي، ڪڙمي! جـــي زمــيــــنـــدار پــــلــــــيا تــنــهــنــــجي پگهر تي، سي سگهيا قدر نه ڪو تنهنجو سڃاڻي، ڪڙمي! هوندارج دکايل لکي ٿو ته “مهان ڪوي بيوس عوامي شاعر ۽ سامانيه لوڪن جو همدرد وڪيل هو. هن پنهنجي واڻي ۽ رچنا سان ماڻهو کي مٿي ۽ مٿي هلڻ جي پريرڻا ڏني توڙي منجهس ساهه ڀريو. هو عقاب وانگر آسمان ۾ اُڏامندو رهيو پر سندس نظر سدائين زمين تي رهي”. ( سڏ پڙاڏو ساڳيو ۱۹۸۴ع ص ۶) سادگيءَ ۽ عاجزيءَ ۾ گذاريندڙ ڪشنچند “بيوس” جا خيال بلنديءَ تي پهتل نظر ٿا اچن. هو ننڍ وڏائيءَ جا فرق ختم ڪرڻ لاءِ به خوب لکي ويو آهي. هن انسانيت جي ڳالهه به تمام گهڻي ڪئي آهي: ڪر دنيا ۾ دل وڏيري تون به رهه مان ڀي رهان، آڻ من ورتيءَ ۾ ڦيري تون به رهه مان ڀي رهان. تنگ مذهب ۾ نه ماپون، قوميت ۾ جاءِ ڏي، ڀائپيءَ، انسانيت، روحانيت ۾ جاءِ ڏي، ڇڏ دئيءَ جي ديد ميري، تون به رهه مان ڀي رهان. “بيوس” جي شاعريءَ ۾ نواڻ ۽ ترقي پسند خيال مان جيڪي به نظم سرجي سامهون آيا اُهي اڄ به ادبي دنيا ۾ اهميت رکن ٿا. هو غلاميءَ جي خلاف ۽ هردم قوميت جي ڳالهه ڪندڙ شاعر هو: جيسين “بيوس” پاند ۾ هوندو هڪ غلام، هڻي سگهندو هام، ڪوبه نه آزاديءَ سندي. ڪشنچند “بيوس” جي حياتيءَ جي ڏينهن ۾ جيڪي تبديليون اچي رهيو هيون ۽ سنڌ مان اتحاد ۽ ڀلائيءَ جو ڏيئو وسامڻ شروع ٿي رهيو هو، اهڙي نازڪ حالت ۾ هن ڏکايل سماج اندر آٿت جو پيغام ڏنو ۽ ايڪي ۽ اتحاد جو درس شعرن ذريعي ڦهلايو. سڌي ۽ اڻ سڌيءَ طرح هن جي ڪلام ۾ اهڙا گهڻا مثال موجود آهن: ايڪتا جا ديوتا! تنهنجو لهان مندر ڪٿي؟ جنهن ۾ اتحادي اُجالو آهه سو اندر ڪٿي؟ دربدر ٿيو دادلا تو بن اميدن جو جهاز، آس آزاديءَ لاءِ آهي بيٺڪي بندر ڪٿي؟ ڪئن فسادي خون ويندو قوميت جي قلب مان، نبض تي نشتر ڪٿي، شريان تي خنجر ڪٿي؟ جو ملائي مفردن کي مرڪبي ميلاپ ۾، سو حب الوطنيءَ جو “بيوس” جذبو ۽ جوهر ڪٿي؟ ڪشنچند تيرٿداس کتري “بيوس” ۲۵ فيبروري ۱۸۸۵ع تي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو ۽ ۲۳ سيپٽمبر ۱۹۴۷ع تي ديهانت ڪري ويو. سماج جو اعليٰ اخلاق وارو انسان ۽ فرض شناس استاد هئڻ سان گڏوگڏ هو حڪيم به هو. هو سنڌي ادب م لازوال ۽ انمول ڪردار ٿي اڀريو. سندس ڪلام جا ڏيئا هر سماجي پاسي کي روشن ڪندا رهن ٿا. اهو دور پري نه آهي جو “بيوس” جي ڪلام جو پڙاڏو هن هنڌ پوندو ۽ هر هڪ ماڻهو ان مان مثال وٺي زندگيءَ کي روشن بڻائيندو. هڪ صديءَ کان پوءِ شايد سنڌ ۾ ڪو ڪو ڪڻو، شعر خوانيءَ لاءِ گهرندو شعر “بيوس” جو ڪتاب. (ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۵ فيبروري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل) ڪشنچند بيوس جديد سنڌي شاعريءَ جي علمبردار جي شاعريءَ جو اڀياس رياض ڪلھوڙو سنڌي شاعريءَ صدين جو سفر جھاڳيو آهي. انهيءَ صدين جي سفر ۾ ان پاڻ ۾ ڪيئي لاڙا ۽ نيون روايتون پئي سمايون آهن. سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ دؤر يا هڪ موڙ اهڙو به آيو، جو فقط ايران جي سرزمين ۽ ماحول جون روايتون شعر ۾ بيان ڪيون وينديون هيون. اهڙي شاعري،فقط لفظن جو ڀنڊار ته هئي، پر ان جو سنڌ جي سرزمين سان ڪو به لاڳاپو نه هو. پوءِ اهڙو دؤر به آيو، جو سنڌ جي شاعرن انهيءَ نئين روايتن جو بنياد وڌو. ”جديد ادب جو ڪم بي رحم سچاين کي پيش ڪرڻ آهي، پر ان لاءِ فن Art کي به هٿئون ڇڏڻو نه آهي، نه ئي جمالياتي تاثر تي ڪو سودو ڪرڻو آهي. جديديت جي علمبردارن لاءِ اها هڪ ڏکي ذميواري هئي“.(۱) ان ڏکي ۽ نهايت اهم ذميواريءَ کي نڀائڻ لاءِ هونئن ته لاتعداد شاعرن جا نالا آهن، جن جدت پسند تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو، پر انهن منجهان ڪشنچند ”بيوس“ سڀني کان اڳرو ثابت ٿيو. ڌرتيءَ تي هزارين شاعر جنم وٺن ٿا، پر مڃتا واري منزل تي پهچڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ڪونهي. هر شاعر جي سوچ، ويچار ۽ فڪر ۾ فرق هوندو آهي. جيئن هر ماڻهوءَ جي پنهنجي علمي سگهه آهي، تيئن فني توڙي فڪري لحاظ کان هر شاعر جي پنهنجي اڏام آهي. فني حوالي کان شاعر ڪيترو به مضبوط هجي، پر جيڪڏهن سندس فڪر ۾ اونهائي ۽ گھرائي نه آهي، ته کيس جوڳو مقام ملي نه سگھندو. ڪشنچند بيوس پنهنجي شاعريءَ ۾ زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ موجود فطري نظارن سان گڏ سنڌي سماج جا عڪس چٽيا آهن. ڪشنچند بيوس جي شاعريءَ ۾ ڪمال جي رواني، تجربن جي نواڻ ۽ فڪري گھرائي آهي، انهيءَ ڪري ئي ته علامه دائودپوٽي چيو آهي ته: ”واقعي ڪشنچند ”بيوس“ سنڌ جو هڪ عوامي ۽ انقلابي شاعر تسليم ڪجي ٿو، ڇو ته هن ئي سنڌي شاعريءَ کي نوان اسلوب ۽ موضوع ڏيئي ”جديد سنڌي شاعريءَ“ جو بنياد رکيو“. (۲) ڪشنچند ”بيوس“ لاڙڪاڻي واسي هو. هو پرائمري استاد ٿي رهيو ۽ جڏهن لاڙڪاڻي ۽ پوري سنڌ ۾ عروضي تحريڪ جوڀن تي هئي، ته هي صاحب شاعريءَ ۾ فن ۽ فڪر جي هڪڙي نئين جدت کڻي ميدان ۾ لٿو. ڏسندي ئي ڏسندي سنڌي شعر جي تاريخ تي اڻ مٽ عڪس چٽڻ لڳو. ڪشنچند ”بيوس“ جديد شاعريءَ جو باني آهي. هن ڪيتريون ئي نيون روايتون قائم ڪيون ۽ سنڌي شاعريءَ ۾ انهن کي مروج ڪيو. بيوس جي جدت ۽ نرالي نانءَ سان سنڌي ادب جي تاريخ ۾ هڪ نئون باب ۽ نئون دؤر شروع ٿيو. بيوس شاعري ڪيئن ۽ ڪڏهن شروع ڪئي؟ تنهن بابت ”ڪُليات بيوس“ جي مرتب لکيو آهي ته: ”جڏهن اڃا سورنهن ورهين جو هو ۽ حيدرآباد ٽريننگ ڪاليج ۾ پڙهندو هو، تڏهن به شعر چوندو هو. برسات جو نظارو ڏسندي هڪ رات جو پڙهڻ بدران ”برسات“ تي شعر لکي، ميز تي رکيائين ۽ اتي ئي ڪرسيءَ تي کيس ننڊ وٺي وئي. بورڊنگ جي سپرنٽنڊنٽ چڪر هڻندي اچي هن کي ننڊ ۾ ڏٺو ۽ ميز تي رکيل شعر وارو پنو پڙهي، چُپ چاپ واپس هليو ويو. صبح جو کيس گھرائي، سندس پٺي ٺپي چيائين ته: ”بيوس، ڪنهن ڏينهن اعليٰ درجي جو شاعر ٿيندين.‘‘(۳) ڪشنچند بيوس وٽ فن به آهي ته فڪر به آهي. هن شاعريءَ ۾ فن ۽ فڪر جو اهڙو ته سنگم جوڙيو آهي، جو فن کي پرکڻ وارو به سرهو ٿيو وڃي، ته فڪر کي پرکڻ ۽ پرجھڻ وارو به خوش ٿيو وڃي، ڇاڪاڻ ته هن وٽ فن، فڪر کي ٽيڪ ڏئي کنيو بيٺو آهي ۽ فڪر وري فن کي اڀاريون بيٺو آهي. سائنسي فارمولي وانگر ٻئي ٻِٽُ ٿي، هڪ ٻئي سان ملي بيهن ٿا. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي، پنهنجي ڪتاب ”ڪٺمال“ ۾ لکيو آهي ته: ”ڪشنچند بيوس جي ٻولي آسان ۽ موضوع مقامي آهن. هن غير وطني ۽ دقيق تشبيهن ۽ سکڻي فارسي نوازيءَ کان پاڻ کي آجو ڪيو. هن سوسن سنبل، ياسمين و نسترن ۽ لاله و نرگس جا نالا کڻڻ بجاءِ فقط ”گل“ چئي پنهنجو مقصد بيان ڪيو“.(۴) شاعريءَ جي صنفن جي لحاظ کان ڪشنچند ”بيوس“ غزل، ڪافي، قصيدو، مثلث، مخمس، مسدس ۽ بيت چيا آهن. هن هڪ ماهر سائنسدان جيان مٿين صنفن ۾فني طور انيڪ تجربا ڪيا آهن. جيئن نظم کي غزل سان هم آهنگ ڪري، هڪ صنف مان ٻه مقصد ورتا اٿس. ساڳئي نموني هُن ڪافيءَ کي غزل جي گھاڙيٽي جو روپ ڏنو آهي. ڏوهيڙي ۾ وري رباعي وارو فن رکيو اٿس. بيت مسدس واري سٽاءَ ۾ لکيا اٿس. نظم ۽ غزل جي سنگم جو هڪڙو مثال پيش ڪجي ٿو. آهي مشهور عالم ۾، جفا تنهنجي، وفا تنهنجي، حقيقت ۾ مگر آهي، وفا تنهنجي، جفا تنهنجي. هزارين چشم روشن سان، اچين تان ستارن تان، تڏهن بي دل ڪدورت کان، نه ٿي آهي صفا منهنجي. نمڪ تنهنجو سدا کائي، نمت تنهنجي نه ڏيان پائي، جڳت ۾ آهه هيءَ هائي، سخا تنهنجي خطا منهنجي. ڪهان ڪهڻي گھڻي سهڻي، رهان رهڻي مگر سکڻي، وڏائي لئه وهم وهڻي، ٿي بيوس واسنا منهنجي“ (۵) ڏٺو وڃي ته هن نظم جو سٽاءُ غزل وارو آهي. مضمون مان ڪافيءَ جي مضمون جهڙو هڳاءُ ملي ٿو. ڪٿي وري نظم ۾ دوهيڙي ۽ ڪافيءَ جي ملاوٽ جو تجربو ملي ٿو. جيئن هيٺيون مثال ئي ڪافي آهي. ”ڪنهن حال تي هلين ٿو، ڪنهن چال تي چلين ٿو، مون کي نه ڳجهه سلين ٿو، پاڻان پري جھلين ٿو، اي آســمــان نــيـلا، تارن سـنـدا وسيلا. تيزي نظر نهارين، ڌرتــيءَ تــي بــاهه ٻــاريــن، ماٺي نگهه سان ٺارين، تون هيٺ کير هارين، تنهنجا ٻــه نيــڻ نيــارا، ســج چنــڊ نانو وارا‘‘.(۶) ڪشنچند ”بيوس“ جي شاعريءَ جا موضوع ، تشبيهون ۽ تمثيلون خالص ڏيهي، عام فهم ۽ سليس آهن. شعر پڙهڻ سان اوپرائپ جو احساس نه ٿو ٿئي. ها البته پنهنجائپ جو احساس هر سٽ مان بکي ٿو. سندس شاعريءَ جي موضوعن ۾ ”بهار‘‘، ”برسات‘‘، ”قدرت وارا‘‘، ”کڙکٻيتو‘‘،“سهائي راتڙي“، ”سنڌ سونهاري‘‘، ”سادگي‘‘، ”همدردي‘‘، ”سچائي‘‘، ”حياتي‘‘، ”ٻار جي سنڀال‘‘، ”غريبن جي جھوپڙي‘‘ ۽ ٻيا شامل آهن. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ادب جي تاريخ‘‘ ۾ ڪشنچند ”بيوس“ جي جدت پسند شاعريءَ بابت لکي ٿو ته: ”جڏهن سندس ڪلام جو پهريون مجموعو ۱۹۳۷ع ۾ شايع ٿيو، ته عروضين ۽ روايتي شعر وارن کيس تنقيد جو نشانو بڻايو، ڇو جو هي ڪلام روايتي وزن ۽ هيئت کان ٻيءَ طرح جو هو“.(۷) ڪشنچند ”بيوس“ جي شاعريءَ ۾ رڳو جدت ناهي، يا هن رڳو جدت کان ڪم ناهي ورتو، پر هن صوفي شاعرن جي روايتن ۽ موضوعن کي به هٿان ناهي ڇڏيو. هن جوڳين ۽ سامين جو ذڪر به ڪيو آهي. جوڳين ۽ سامين جو ذڪر سڀ کان پهرين قاضي قادن ۽ شاهه ڪريم جي ڪلام ۾ ملي ٿو. ان کان پوءِ شاهه عبداللطيف انهيءَ موضوع کي عروج تي رسايو. بيوس به پنهنجي شاعريءَ ۾ جوڳين ۽ سامين جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪو هيٺين ريت آهي: “ساميئڙن اڄ ساهُه، ساڙي منهنجو ساهه سڪايو، دونهان درد جا دم دم دکن ٿا، ڀڙ ڀڙ ڪري ٿي باهه، جوڳين جوڳ جاڳايو. اٺئي پهر اندر ۾، آديسين الله، سامين سُن لڳايو. رام رکيائون روح ۾ رميا مٿي راهه، پورب پنڌ پڇايو. ”بيوس“ بيراڳي ڏسي، گويا ٿيو گمراهه، تنهن پڻ ڪفي ڪمايو.‘‘(۸) فنا ۽ بقا جا مسئلا به اوائلي زماني کان وٺي سنڌيءَ شاعريءَ جو موضوع رهيا آهن. بيوس، فنا ۽ بقا جي موضوع کي به پنهنجي شاعريءَ ۾ سمايو آهي. بيوس جي اهڙي شاعري منجهان ڪجهه مثال هيٺ ڏجن ٿا: “نه بلبل حسب گل تي ڀل، بهاري بي بقا آهي نزاڪت، رنگ رونق جو، گھڙيءَ کن لئه لقا آهي. ڦڙي ۾ سمنڊ ٿيو ساقي، رهي فاني اندر باقي، ڦري ”بيوس“ ٿيو خاڪي، مگر ذاتي سدا آهي‘‘.(۹) جديد سنڌي شاعريءَ، پنهنجي لاءِ نه رڳو موجوده صديءَ جي تاريخي، سياسي ۽ سماجي تبديلين مان مواد حاصل ڪيو آهي، بلڪ ان پنهنجي فڪري ۽ احساساتي واڌ ويجهه لاءِ سنڌ جي زرخيز مٽيءَ ۾ گھڻي گھرائيءَ تائين، پنهنجون پاڙون پکيڙيون آهن. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ان حوالي سان لکي ٿو ته: ”سندس ڪلام جي مجموعي ”شيرين شعر“ کي سنڌي ادب ۾ اها ئي حيثيت حاصل آهي، جيڪا انگريزي ادب ۾ وليم ورڊس ورٿ ۽ سيموئل ڪالرج جي شعر جي مجموعي ”لئريڪل بئلڊس“ کي حاصل آهي.‘‘(۱۰) اساسي شاعرن جيان ڪشنچند ”بيوس“ جي شاعريءَ ۾ به نيم تاريخي داستانن جا اهڃاڻ ملن ٿا. البته هن سرن ۾ شاعريءَ ناهي ڪئي، پر نيم تاريخي داستانن جو ذڪر ضرور ڪيو آهي. نموني طور ڪجهه شعر هيٺ ڏجن ٿا: سسئـــي ســـور سمــهــڻ کان پــرايــا، جيئري ڏٺائين ڏهاڳ سمهڻ ۾ ڇاهي. (۱۱) سسئي پنهونءَ جو داستان سنڌ ۾ ڪيچ مَڪران جي وچ ۾ هلندڙ واپار ۽ قافلن جي ماحول تي ٻَڌل آهي، جيڪو عربن واري دؤر ۽ پوءِ سومرن واري دؤر ۾، ويندي پنجين صديءَ هجريءَ (يارهين صدي عيسويءَ) تائين قائم رهيو. سنڌ جي اساسي شاعرن کان وٺي عروضي شاعرن تائين ۽ عروضي شاعرن کان وٺي جديد شاعرن تائين سسئي، علامتي ڪردار طور ڳائي وڃي ٿي. سسئي علامت آهي جدوجهد جي، سسئي علامت آهي سچي محبت جي، سسئي علامت آهي ڏکن ۽ سورن جي. سسئي جو نالو کڄي ۽ سور ياد نه پون ائين ممڪن ئي ناهي. مٺي محبت مَٺي ليلان، مڻئي تي ڪيئن مٽڻ گھرجي، پرت جي پاڙ کي پاڻهي، نه پاڙان هئن پٽڻ گھرجي.(۱۲) ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو ڪشنچند ”بيوس“ جي شاعريءَ بابت راءِ ڏيندي لکي ٿو ته: ”بيوس آسان زبان ڪم آندي آهي ۽ روايتي شمع، پرواني، گل و بلبل توڙي ساقي ۽ ساغر جا موضوع ڇڏي، فطرت جي رنگينين ۽ عام انسانن جي زندگيءَ بابت لکيو آهي.‘‘(۱۳) بلڪل! اها حقيقت آهي ته بيوس فطري شاعري ڪئي آهي ۽ جدت جا نوان ۽ انوکا رنگ بيان ڪيا آهن.ڊاڪٽر سحر امداد حسيني پنهنجي ڪتاب ”شعور شاعر شاعري“ ۾ جديد ادب لاءِ لکيو آهي ته: ”نئون ۽ جديد اهو آهي جو پنهنجي فن، فڪر، مواد ۽ پيشڪش ۾ نئون ۽ نڪور آهي، جنهن جي فڪر ۾ نواڻ آهي، جنهن جي سوچ ۾ تازگي آهي، جو نئين جو ادراڪ رکي ٿو. جنهن جي پيشڪش جو انداز منفرد ۽ نيارو آهي. جو گھرو آهي، جو بلند آهي، جو نوان پر جٽاءُ دار بنياد رکي ٿو. جو پنهنجي ٻوليءَ کي نوان ۽ صحتمند خيال، خواب ۽ تصور آڇي ٿو. جو مدي خارج ۽ پاروٿو ناهي.‘‘(۱۴) جڏهن ڪشنچند بيوس جي شاعريءَ کي، ڊاڪٽر سحر امداد جي مٿين ڪسوٽيءَ تي پرکيون ٿا ته، اها ان تي پوري لهي ٿي. سندس شاعريءَ ۾ جدت جا عڪس ۽ اولڙا پَسجن ٿا. بيوس شاعريءَ کي نئين موڙ سان نروار ڪيو، پر سندس اسلوب ۾ ڪا به ڪمي نه آهي. عالمن ادائگيءَ جي طريقيڪار کي اسلوب سڏيو آهي اهم ڳالهه اها ناهي ته اسان ڇا چئي رهيا آهيون، پر اسان اهو ڪيئن چئي رهيا آهيون. اردو ادب ۾ اسلوب جو اهو ڪمال حافظ، سعدي، فردوسي، مير ۽ انيس ۽ ... جڏهن ته سنڌي ادب ۾ وري مرزا قليچ، ڀيرومل، ڊاڪٽرگربخشاڻي، پيرحسام الدين، ڏيپلائي، شيخ اياز، جمال ابڙي، شمس الدين عرساڻي، نسيم کرل، امرجليل ۽ ڪجهه ٻيا نمايان نظر اچن ٿا. اسلوب ۾ لفظن جي چونڊ، سندن آواز جو معيار ۽ تازگي ۽ جماليات تمام اھم آھن. اسلوب ۾ خيالن کي رنگين بڻائڻ جي صلاحيت هوندي آهي.غلام محمد گراميءَ پنهنجي ڪتاب ”ويا سي وينجھار“ ۾ لکيو آهي ته: ”بيوس پنهنجي سليس ۽ سلوڻي، عوامي ۽ فطرتي شاعريءَ جو موجد هو.‘‘(۱۵) جهڙيءَ طرح ڪشنچند ”بيوس“ جي سنجيده شاعري، جدت ۽ فڪر سان ڀرپور آهي، اهڙي طرح سندس ٻاراڻي شاعري به جدت جو انوکو مثال پيش ڪري ٿي. کانئس اڳ يا وري پوءِ ڪنهن به شاعر اهڙو شعر ناهي جوڙيو. بيوس جي هن نوعيت جي شاعري سنڌيءَ جي درسي ڪتابن ۾ به شامل آهي، پر ڪو زمانو اهڙو به هو، جو پهرين درجي کان پنجين درجي تائين جي درسي ڪتابن ۾، بيوس جا هن قسم جا حسين شعر پڙهڻ لاءِ ملندا هئا. سڀ ڪن تنهنجي ساراهه، قدرت وارا، نرمل جوتي نور نظارا، قدرت وارا. يا اچو ته ننڍڙي ريل هلايون، باهه ببوءَ ۾ دود دکايون، ڪري واءُ سان واهه جون وايون، ڇهه ڇهه پيسا ٻه ٻه پايون يا مٺڙا گھوڙا اوري آءُ خوب خوشيءَ سان داڻو کاءَ يا ڦوڪي ڦار نه ڦوڪڻو، منهنجو آهي ملوڪڻو. يا کهنبي رتڙي لال ڪنوار! هل ته ڀنڀوري ڀڻون هزار. مطلب ته ڪشنچند ”بيوس‘‘ جي شاعري اڄ به سنڌ ۾ وڏا توڙي ننڍا مٺاس ڀريئي منفرد ٻوليءَ ۾ آلاپيندا رهن ٿا. بيوس کان پوءِ ڪيترن ئي شاعرن اهڙي شاعري لکڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪو به سندس برميچي نه سگھيو. ڇاڪاڻ ته ٻاراڻو ادب سرجڻ لاءِ ٻار ٿيڻو پوي ٿو ۽ اهو سڀ ڪجهه هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه آهي. بيوس جي انهيءَ ڪردار بابت سندس نياڻي پورن ديوي جو چوڻ آهي ته: ”ايتريون ساريون مشغولين هوندي به اسان کي ڪڏهن نه چيائون ته مون وٽ وقت ڪونهي، جيڪا گُھر ڪندا هئاسين، سا پوري ڪندا هئا. رانديون ڪيون ته کيس گھوڙو بڻايون. کيڏندي کيڏندي گيت تيار ٿي ويندو هو.”شاباش منهنجا گھوڙا، تيار، تکي ريل هل رفتار“. ساڻس گڏ ڦوڪڻا ڦوڪي اڏايون ته راڳ تيار ”ڦوڪي نه ڦوڪڻو، منهنجو آهه ملوڪڻو“. هڪ ٻئي جي چولي جي پٺ پڪڙي ريل هلايون ته گيت تيار ”اچو ته ننڍڙي ريل هلايون، ڇهه ڇهه پيسا ٻه ٻه پايون“. پاڻيءَ جي ٿالهه ۾ ڪاغذ جي ٻيڙي تاريون ته نظم تيار ”ٿالهه پاڻيءَ جو آڻيو ڀري، ڪاغذ جي هيءَ ٻيڙي تري“ وغيره“. (۱۶) حقيقت ۾ ٻاراڻو ادب سرجڻ تمام گھڻو مشڪل آهي،پر بيوس وٽ ڪيترو نه سهنجو آهي. ڪنهن به ڪيفيت مان گذري گيت جوڙڻ ۾، بيوس پنهنجو مٽ پاڻ آهي. ڪشنچند بيوس زندگيءَ جي اهم ۽ سماج جي نهايت سنجيده موضوعن تي به قلم کنيو آهي. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌيءَ سندس شاعريءَ متعلق لکيو آهي ته: ”هن پنهنجي شعر ۾ پنهنجي وطن ۽ ان جي مختلف شين جي ساراهه ڪئي آهي ۽ عوام کي سجاڳ ڪرڻ جي لاءِ قومي شعر چيو آهي ۽ عوام جي جذبات ۽ احساسيت جي ترجماني ڪئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو کيس جديد شاعريءَ جو بنيادي شاعر تسليم ڪيو ويو آهي. هو ايراني شاعريءَ جي تقليد گھٽ ڪري ٿو، پر ان جي بدران پنهنجي وطن جون شيون آڻي ٿو“.(۱۷) ڪشنچند ”بيوس“ پنهنجي شاعريءَ ۾ جيڪي موضوع سمايا آهن، انهن ۾ آزاديءَ جي تحريڪ، هاري حقدار هلچل، هندو مسلم ايڪتا، روحانيت ۽ تصوف، گرو نانڪ، تلڪ مهراج، ڀڳت ڪنور رام، وشنداس قمبر وارو، راڻو پرتاب سنگهه، کيرٿر جبل، وڻ ٽڻ ٻوٽا، زميندار جي داداگيري، جوا، شراب، وياج، بيروزگاري، ڌيءُ جو جنم ۽ ٻيا موضوع شامل آهن. ڪشنچند بيوس جي شاعري ۾ تخيل جي اوچي اڏام ۽ فن جي مهارت، سمنڊ ۾ موجود ڇولين جيان نروار آهي. نتيجو: • بيوس پنهنجي شاعريءَ کي ايران جي اثر کان آجو رکيو آهي. پاڻ پارسي تشبيهن کي پاسي تي رکي، نج سنڌي ماحول جا عڪس چٽيا اٿس. اهو ئي سبب آهي، جو عالمن کيس ”جديد سنڌي شاعريءَ جو سنگ ميل“ سڏيو آهي. • ڪشنچند بيوس جي شاعريءَ ۾، حب الوطني جو عنصر به نمايان نظر اچي ٿو. قومي گيت لکي، سنڌ جي ماڻهن کي بيدار بڻائڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ورتيون اٿس. • ڪشنچند بيوس روايتي شاعريءَ کي موڙ ڏئي، جديد شاعريءَ جو بنياد وجھندڙ اهو شاعر آهي، جنهن جي شاعريءَ ۾ نج سنڌي ماحول جون تشبيهون، استعارا، ڪنايه، مجاز مرسل، اصطلاح، تلميحون، تمثيلون، چوڻيون ۽ پهاڪا ملن ٿا. سندس شاعري سلاست، فصاحت، بلاغت ۽ جدت سان ڀرپور گلن جو هڪ خوبصورت گلدان آهي. • ڪشنچند بيوس جي ٻارڙن لاءِ لکيل شاعري نصيحت آموز موضوعن تي مشتمل آهي. حوالا: ۱. حسيني، ڊاڪٽر سحر امداد. ”شعور شاعر شاعري“. ڄامشورو: سنڌي ادبي بورڊ، ۲۰۰۸ع، ص ۵۰ ۲. بخاري، سيد محمود شاهه، ڊاڪٽر. ”ڪليات بيوس“ لاڙڪاڻو: آزاد پبليڪيشنز، ۱۹۹۱ع، ۳۳ ۳. ساڳيو. ص ۲۰ ۴. جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر. ”ڪٺمال“ ڄامشورو: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ۲۰۰۲ع، ص ۷۶ ۵. بخاري، سيد محمود شاهه، ڊاڪٽر. ”ڪليات بيوس“ لاڙڪاڻو: آزاد پبليڪيشنز، ۱۹۹۱ع، ص ۷۸ ۶. ساڳيو، ص ۸۰ ۷. جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر. ”سنڌي ادب جي تاريخ (جلد ٻيو)“ حيدرآباد: سنڌي لينگئيج اٿارٽي، ۲۰۰۵ع، ص ۵۳۵ ۸. ساڳيو، ص ۵۷ ۹. ساڳيو، ص ۱۱۳ ۱۰. سنڌي، ميمڻ عبدالمجيد، ڊاڪٽر. ”سنڌي ادب جي تاريخ“. لاڙڪاڻو: ڪاٺياواڙ اسٽور، ۱۹۹۳ع، ص ۲۳۶ ۱۱. ساڳيو، ۱۲. ساڳيو، ص ۷۳ ۱۳. جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر. ”سنڌي ادب جي تاريخ (جلد ٻيو)“ حيدرآباد: سنڌي لينگئيج اٿارٽي، ۲۰۰۵ع، ص ۵۳۵ ۱۴. حسيني، ڊاڪٽر سحر امداد. ”شعور شاعر شاعري“. ڄاموشورو: سنڌي ادبي بورڊ، ۲۰۰۸ع، ص ۵۰ ۱۵. گرامي، غلام محمد. ”ويا سي وينجھار“. ڄامشورو: سنڌي ادبي بورڊ، ۱۹۹۵ع، ص ۰۳ ۱۶. جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر. ”سنڌي ادب جي تاريخ (جلد ٻيو)“ حيدرآباد: سنڌي لينگئيج اٿارٽي، ۲۰۰۵ع، ص ۴۴ ۱۷. سنڌي، عبدالغفور، ميمڻ. نواز علي نياز جعفريءَ جي شاعري. لاڙڪاڻو: سلاطين پبلڪيشن سولنگي ڳوٺ، ص ۱۱۴ (’لوچي لڌم لال‘ تان کنيل) ڪشنچند بيوس جديد سنڌي شاعريء جي پيڙهائتي شاعر جي ۱۶۶ هين سالگره مبارڪ. مصطفا انڙ ڪشنچند “بيوس” جو شمار ۲۰ هين صدي جي سنڌي ٻوليءَ جي نامور شاعرن ۾ آهي. کيس جديد سنڌي شاعريءَ جو باني سڏجي ته ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو. ڪشنچند بيوس جا پهرئين کان ڏهين ۽ انٽر تائين سنڌي نصاب ۾ شامل گيت، نظم يا ٻاراڻا ٻول هر سنڌي شاگرد کي اڄ به ياد آهن. اڪثر شاگردن کي انهن گيتن، نظمن جي خالق شاعر ڪشنچند “بيوس” جو شايد ئي پتو هجي. ڪشنچند “بيوس” ۲۵ فيبروري ۱۸۵۸ع ۾ لاڙڪاڻي جي کتري خاندان ۾ پنهنجي دور جي مشهور حڪيم تيرٿداس کتري جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس امڙ به حڪمت جو ڪم ڪندي هئي. بيوس يارنهن سالن جو مس هو ته سندس والد وفات ڪري ويو ۽ ننڍپڻ ۾ ئي گهر جو بار مٿس پيو. فائنل پاس ڪري سنڌي ماستر ٿيو ۽ ٽريننگ ڪاليج جي تعليم مڪمل ڪري لاڙڪاڻي جي هڪ اسڪول ۾ هيڊ ماستر ٿيو. هن ۱۹۳۵ع لاڙڪاڻي ۾ بيوس شفا خانو کوليو. پاڻ به پنهنجي والد ۽ امڙ وانگر وقت جو سٺو حڪيم هيو. ۱۹۳۷ع ۾ ميونسپالٽي جي اسڪول بورڊ جو صلاحڪار بڻيو. کيس شاعريءَ جو شوق ننڍي هوندي کان هو. بيوس ورهاڱي کان اڳ ۱۹۴۰ع کان ۱۹۴۷ع تائين لاڙڪاڻي جي گيان باغ ۾ هفتيوار ادبي ڪلاس هلايا. هو بنگال جي عظيم شاعر رابيندر ناٿ ٽئگور کان تمام گهڻو متاثر هو ۽ ٽئگور جي شاعريءَ جو سنڌي ترجمو ڪري سنڌين کي ٽئگور جي شاعري ۽ شخصيت سان روشناس ڪرايو. هن ڪيترائي ناٽڪ به لکيا. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ شيرين شعر ۱۹۲۹ع، سامونڊي سپون ۱۹۲۹ع، گرو نانڪ جيون ڪٿا ۱۹۳۵ع، موجي گيت ۱۹۳۵ع، ڦولداڻي ۱۹۳۹ع، شعر بيوس ۱۹۵۱ع، بيوس گيتانجلي ۱۹۶۰ع ڇپيل آهن. ڪشنچند “بيوس” ۲۳ سيپٽمبر ۱۹۴۷ع تي ديهانت ڪري ويو. سندس شاگردن ۾ رام پنجواڻي ۽ هوندراج دکايل. ڌڻيءَ جي وڏائي (حمد) ڏسي دنيا ۾ عجب نظارا، سائينءَ جي سگهه سمجهه پيارا، اڀ ۽ ڌرتيءَ تي اسرار، جوڙيا سائينءَ سڀ جنسار. وڻ ٽڻ ٻوٽا ڌڻيءَ اپايا، قسمين قسمين پن بنايا، گل ڦل ميوا ڪئين گلزار، جوڙيا سائينءَ سڀ جنسار. جبل، نديون ۽ چشما، لاهه، سمنڊ، تلاءَ ۽ ڍنڍون، واهه، برف، ڳڙا سڀ ڌارو ڌار، جوڙيا سائينءَ سڀ جنسار. اڀ ڏي ٿوري نظر ڪريو، سج چنڊ تي پڻ ڌيان ڌريو، سهڻي تارن سندي قطار، جوڙيا سائينءَ سڀ جنسار. راتين پٺيان ڏينهن اچن، جهڙن پٺيان روز روشن، ڪڏهن چانڊوڪي ڪڏهن ڪار، جوڙيا سائينءَ سڀ جنسار. جڳ جو چرخو عجب چلي، سڀڪو چئي ٿو بَلي بَلي، ڪري نه قُدِرَتَ وارا ڪِشِنچَندُ 'بيوس سَڀُ ڪَنِ تُنۡهِنۡجِي ساراھَ قُدِرَتَ وارا! نِرِمَلُ جوتِي نُورَ نَظارا! ڪوٽانۡ ڪوٽِ بَڻايَئي ڌَرِتِيُونۡ سَهَسينۡ سِجَ، چَنڊرَ، تارا، ڪَتِيُونۡ، جِنِجو اَنتُ نَه پارُ آ قُدِرَتَ وارا گُلَنِ اَندَرِ سُرَهاڻِ ڌَرينۡ ٿو مِوتِنِ سانۡ مَهَراڻُ ڀَرينۡ ٿو هِيرا، لالَ هَزارا قُدِرَتَ وارا! جَڏَهِنۡ وَڻَنِ کي واءُ لَڳي ٿو پَنَ پَنَ مانۡ پَرِلاءُ اَچي ٿو ڇِمِ ڇِمِ جا ڇِمِڪارا قُدِرَتَ وارا! چُهِنۡبَ چَتُنِ ۽ چِيهَنِ کولِي بُلبُل ڪويَلِ ٻولي ٻولِي مورَ نَچَنِ موچارا قُدِرَتَ وارا! عَجَبُ بَڻايَئي بِجِلِيُونۡ بادَلَ بُونۡدُونۡ بَرَس بَرَس ڪَنِ ٿاڌَلِ واڄَٽَ ڪَنِ وَسِڪارا قُدِرَتَ وارا! مُلڪُ مِڙِيوئِي مَندَرُ آھي، آڳو سَٿَجي اندَرِ آهي، ديهُنِ مَنجھِ دُئارا قُدِرَتَ وارا! ساھَ اَندَرِ جو ساھُ کَڄي ٿو، 'بيوَسِ' سائِينۡئَنۡ نادُ وَڄي ٿو، نَؤبَتِ نِينۡهَنۡ نَظارا قُدِرَتَ وارا! مٺڙا گهوڙا ﻣﭡڙﺍ ﮔﻬﻮڙﺍ ﺍﻭﺭﻱ ﺁءُ ﺧﻮﺏ ﺧﻮﺷﻲءَ سان داڻو ﮐﺎءُ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻨﻬﻦ ﺗان ﻻﻫﻪ ﻟﻐﺎﻡ ﺗﺎﺯﻭ ﮔﺎﻫﻪ ﻫﻠﻲ ﭼﺮ ﺟﺎﻡ ﺟﺘﻲ ﭼرڻ ﻻءِ ﺁﻫﻲ ﮔﺎﻫﻪ ﺍﺗﻲ ﻭﻫﻲ ﭤﻮ ﺳﻬﮣﻮ ﻭﺍﻫﻪ ان ﻭﺍﻫﻲ ﻣﺎن ﭘﺎﮢﻲ ﭘﻲءُ ﮂءُ ڪﺮﻱ ﺗﻮﻥ ﮔﺪ-ﮔﺪ ﭤﻲءُ ﺟڏﻫﻦ ﺷﺎﻡ ﺟﻮ ﻭﭴﻨﺪﺍ ﭘﻨﺞ ﺗﻮﺗﻲ ﻭﺟﻬﻨﺪﺱ ﺳﻬﮣﺎ ﺳﻨﺞ ﺳﺌڊﻝ ﺗﻲ ﻣﺎﻥ ﭤﻴﺎﻥ ﺳﻮﺍﺭ ﺗﻮﻥ ٽپ ٽپ ٽاﭘﻲءَ ﺗﻲ ﺗﻴﺎﺭ ﺗﻮڙﻱ ﻫﭣ ۾ ﭼﻬﺒڪ ﮐﮣﻨﺪﺱ ﻣﭡڙﺍ ﺗﻮﮐﻲ ﻣُﻮرُ ﻧﻪ ﻫَﮣﻨﺪﺱ ﺟڏﻫﻦ ڏﺳﻴﻦ ڪﻲ ﻧﻨﮃڙﺍ ﭔﺎﺭ ﻫﻠﻨﺪﻱ ﻫﻠﻨﺪﻱ ڪﺞِ ﻫِﮣڪﺎﺭ ﭔﺎﻟڪ ﭼﻮﻧﺪﺍ ڊﻭڙﻭ ڊﻭڙﻭ ڏﺳﻮ ڪِڪﻲ ﺟﻮ ﺳﻬﮣﻮ ﮔﻬﻮڙﻭ ﺁئون ﻧﻪ ﭘﻮءِ ﻫﻨﻲ ﺗﻲ ﻭﻫﻨﺪﺱ ﺍﭜﻮ ﺭڪﺎﺑﻦ ﺗﻲ ﭤﻲ بيهندﺱ ﻫڪﻞ ڪﺮﻱ ﭼﻮﻧﺪﺱ ﺍﻱ ﭔﺎﺭﻭ ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﮔﻬﻮڙﻭ ﺁﻫﻪ ﭜٽارو ﺍﭼﻮ ﺍﭼﻲ ﭜﻞ ﺷﺮﻁ ﭘﭵﺎﻳﻮﻥ ڊﻭڙﻱ ڊﻭڙﻱ ﺁڳ ڪﮃﺍﻳﻮﻥ ﻫﺮ ڪﻮ ڊﻭڙﻱ ﺳﺎﮢﻮ ﭤﻴﻨﺪﻭ ﮔﻬﻮڙﻭ آڳ کٽڻ نه ڏﻳﻨﺪﻭ! پکيءَ جي پُڪارَ تازو تـَري اچي ٿو دل تي اُهو زمانو، جنهن ۾ اَڏيو اَجهو مون، آزاد آشيانو، لامُن تي لوڏَ منهنجي، شاخن تي شادمانو، غُنچن گـُلن ڦـُلن تي، منهنجو هو خاص گانو، موجود ۽ مُيسر هو سيرُ آسماني، چهري تي ٿي خوشيءَ جي نروار ٿِي نشاني. سهڻو صبح سَمو مون گلزار ۾ گذاريو، مُکڙين کي هير ايندي ٿي ننڊ مان اُٿاريو، نازڪ گلن ڦلن کي مُنهن ماڪ ٿي ڌئاريو، ڌرتيءَ جي فرش کي ٿي سبزيءَ کُلي سنواريو، منهنجو اٿڻ، اڏڻ هو پنهنجي وڏي ولر سان، خوش هوس پنهنجي پر ۾ گَد گَد گذاري گهر سان. ڪافي نہ قُوت منهنجي ٿورن ڪچن ڪڻن تي، آزاد ٿي وڃي جي ويهي رهان وڻن تي، چوڳي لئه چهنب منهنجي شايد پوي مڻن تي، خوراڪ آهه خاصي گهاٽن ڇُڳن گهڻن تي، وٺندو وتان خوشيءَ سان مٺڙي هوا چمن جي، مون کي پَڻي پياري پنهنجي پرين وطن جي. وڇڙي وطن وَلَر کان هي حال ٿي رهيو آ، دل غم کي پي رهي آ، غم دل کي پي رهيو آ، جيڪس هي جسم جنسي بي جان جي رهيو آ، هيڻن هڏن بنا ٻيو باقي نه ڪي رهيو آ، پڃري جو قيد مون لئه موجن جو ماڳ ناهي، هيءَ دانهن آهي دردي، آلاپ راڳ ناهي. آجو رهي ٿو ماري ڪيئن پاڻ موج ماڻي، ليڪن نه مون پکيءَ تي ٿو ترس ڪو به آڻي، آزاد جنهن گذاريو سو قيد مان نه ڄاڻي، بانديءَ جي حال دل جو باندي رڳو پڇاڻي، آزاد مون کي ڪر تون او قيد ڪندڙ سائين! مون بي زبان جي ”بيوس“ آسيس کٽ سدائين! غريبن جي جهوُپڙي * جا آهه جائداد نه ورثي وبالَ کان، ٿيندي نه زير بار جا گرويءَ جي خيال کان، اونو نه جنهن کي آهه ڪو جوکي جنجال کان، هلڪي رهي جا هانوَ تي سولي سنڀال کان، جنهن ۾ غرور زر نه سراسر سگهي گهڙي- اَلا! جهُري مَ شالَ غريبن جي جهوپڙي! * جا ونئن وڃي ٿي چيز ڪنهن نازڪ نفيس کان، آجي رَهي جا اوچ گذاري جي ريس کان، پڻ ٿي پناهه ۾ رهي حاسد حريص کان، ڌاري نه خاص خوف ڪو خوني خبيث کان، بي ڪُرف ۽ ڪَڙي رهي سوگهي صندوقڙي- اَلا! جهُري مَ شالَ غريبن جي جهوپڙي! * ڇانگي ڇَنو اڏيائون جو لامن لکن منجهان، سارو اجهو سٽيائون، پراڻن پکن منجهان، ڪاڍو ڪڍيائون ڪڙٻ جي ڪانن ڪکن منجهان، پورهيو پٽيائون پاڻ ۽ سرتن سکن منجهان، مفتي مدد تي آيا مچي مڙس ٿي مِڙي- اَلا! جهُري مَ شالَ غريبن جي جهوپڙي! * جنهن تي نه نقشِ ساز کي ڪو ناز ٿو رهي، رازو، ڊکڻ نه جنهن تي ڪو لوهار ٿو وهي، چوني، پٿر يا سر جو نه سر بار ٿو رهي، ”محصول جاءِ“ ڳاهه جي هيٺان نه جا ڳهي، مسواڙ بي مهار جي آهي نه جا پِڙي- اَلا! جهُري مَ شالَ غريبن جي جهوپڙي! سج، چنڊ واجهه ٿو وجهي جنهن جي وٿين منجهان، تِرڪيو اچن ٿا ترورا تارن ڪتين منجهان، ڀڻڪا ڪندي ڀڄي هوا جنهن جي ڀتين منجهان، ڇڻڪار مينهن ٿو ڪري ڇٽڪي ڇتين منجهان، قدرت سندي ڪمال، صحت لاءِ سوکڙي- اَلا! جهُري مَ شالَ غريبن جي جهوپڙي! * جنهن ۾ جشن مچي، مٺي ڍوڍي جوار تي، سادو گذر وجهي نه طبيبن تنوار تي، پورهيو وجهي ٿو واڌ وڏيري ڄمار تي، غالب پوي نه حرص خوشيءَ جي خمار تي، ”بيوس” جتي جلائي نه چنتا جي چوچڙي اَلا! جهُري مَ شالَ غريبن جي جهوپڙي! (سرءُ، ۱۹۵۵ع) گيت ڌڻيءَ جا گڏجي ڳايون گيت ڌڻيءَ جا گڏجي ڳايون! جو ٿو ٿڌڙا مينهن وسائي، باغن ۾ جو انب پچائي، ويس گلن کي جو پهرائي ان پچائي، گاهه اپائي، عرش ۾ جو تارا ٽمڪائي تنهن مالڪ کي سڀ ساراهيون، گيت ڌڻيءَ جا گڏجي ڳايون! ڌڻيءَ جي وڏائي (حمد) ڏسي دنيا ۾ عجب نظارا، سائينءَ جي سگهه سمجهه پيارا، اڀ ۽ ڌرتيءَ تي اسرار، جوڙيا سائينءَ سڀ جنسار. وڻ ٽڻ ٻوٽا ڌڻيءَ اپايا، قسمين قسمين پن بنايا، گل ڦل ميوا ڪئين گلزار، جوڙيا سائينءَ سڀ جنسار. جبل، نديون ۽ چشما، لاهه، سمنڊ، تلاءَ ۽ ڍنڍون، واهه، برف، ڳڙا سڀ ڌارو ڌار، جوڙيا سائينءَ سڀ جنسار. اڀ ڏي ٿوري نظر ڪريو، سج چنڊ تي پڻ ڌيان ڌريو، سهڻي تارن سندي قطار، جوڙيا سائينءَ سڀ جنسار. راتين پٺيان ڏينهن اچن، جهڙن پٺيان روز روشن، ڪڏهن چانڊوڪي ڪڏهن ڪار، جوڙيا سائينءَ سڀ جنسار. جڳ جو چرخو عجب چلي، سڀڪو چئي ٿو بَلي بَلي، ڪري نه ڪوئي سگهي شمار، جوڙيا سائينءَ سڀ جنسار. ڦوڪڻو ڦوڪي ڦاڙ نه ڦوڪڻو منهنجو آهي ملوڪڻو ڦاٽي پوندو، سبي نه سگهبو کوئنر لئيءَ سان لنبي نه سگهبو ٽنڪر ڏيندو ٽوٽڻو ڦوڪي ڦاڙ نه ڦوڪڻو نرم ڏسين ٿو ڪهڙو آهي جنسي ريشم جهڙو آهي هلي هوا ۾ ڌوڪڻو ڦوڪي ڦاڙ نه ڦوڪڻو خالي آهي کلڙيءَ جهڙو منهن وٽ آهي، نلڙيءَ جهڙو جنهن کي چئجي چوپڻو ڦوڪي ڦاڙ نه ڦوڪڻو ڦوڪڻ سان هي گولو بڻندو ڇڏي ڏيڻ سان سيٽي هڻندو ڪُوڪُو ڪندو ڪُوڪڻو ڦوڪي ڦاڙ نه ڦوڪڻو منهنجو آهي ملوڪڻو ڦوڪي ڦاڙ نه ڦوڪڻو ڪاغذ جي ٻيڙي آيو پاڻي ليٽ ڪري ڪاغذ جي هي ٻيڙي تري ڪاريگر جي ڪاڻ نه ڪائي مون هيءَ پنهنجي پاڻ ٺاهي ڳن نه ڏيندي، ونجهه نه هڻندي منهنجي ٻيڙي بار نه کڻندي توڙي واءُ سڻائو گهلندو هن ٻيڙي جو سڙهه نه کلندو ڦوڪ ڏيڻ سان لهرون ٿينديون ٻيڙيءَ کي سي اڳتي نينديون بندر هاڻي اوڏو آهي ٻيڙي کيپ ڇڏيندي آهي ڪين ڪمائي ڀاڙو ڏيندي مفت ۾ ايندي مفت ۾ ويندي ڳوڙهو ڳوڙهن سان تنهنجي ڳانڍڙ منهنجو به خُون آهي سوداء سر ۾ تنهنجي، منهنجو جُنون آهي تنهنجي بهار کان ئي منهنجي چَمن ۾ چَهه ـ چَهه تنهنجي خزان تي منهنجي حالت زبُون آهي ويو رات کي اکين مان آرام موڪلائي! ڪنهنجو ڪچو ڪنن تي پئڙو پرون آهي هي حال دل جو ”بيوس“ تون پاڻ تان سهي ڪر! آٿت جو آهه تو لئه، مون لئه ستُون آهي!!!! (مصطفا انڙ جي فيسبڪ وال تان ۲۵ فيبروري ۲۰۲۴ع تي کنيل)
امر جليل سنڌي ڪهاڻيءَ جو امر نانءُ رضوان گل سچ امر آهي جيڪو ڪڏهن به فنا ٿي نه ٿو سگهي. دنيا جي تاريخ ان ڳالهه جي شاهد آهي ته سچ جي ٻيڙي لڏندي ضرور آهي پر ڪڏهن به ٻڏندي ناهي. سچ جو ساٿ ڏيندڙ مهان انسانن جو نالو اڄ به “امر” آهي. اسان جي معاشري ۾ جتي ظلم، ڏاڍ ۽ ناانصافي جو راڄ آهي اتي اهڙا ماڻهو به آهن جيڪي ظلم جي ان ڪاري رات کي چٽو ڏينهن چوندا رهن ٿا! انهن پنهنجي ضميرن جو سودو ڪري پنهنجي چپن تي منافقيءَ جا تالا هڻي ڇڏيا آهن! اهڙي بي حسي واري ماحول ۾ ڪيترا ئي اهڙا بيباڪ ليکڪ آهن جن قلم کي تلوار جي ڌار بڻائي هر دور ۾ بهادري ۽ برجستگيءَ سان مزاحمت ڪئي آهي. پنهنجي لکڻين ذريعي سجاڳيءَ جا سڏ ڪري ماڻهن کي متوجه ڪيو آهي. هي وقت هٿن مان ڪين وڃي، هي وقت آ وک وڌائڻ جو. ها موٽڻ مهڻو ٿا سمجهون، هي وقت آ قسمت ٺاهڻ جو. جن اديبن قلم ذريعي پنهنجو هاڪاري ڪردار نڀائيندي ماڻهن ۾ جوش ولولو جاڳرتا ۽ جذبو پيدا ڪري کين اهو احساس ڏياريو ته ظلم ۽ ڏاڍ جي ڪوٽن کي ڊاهي پٽ ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌڻ گهرجي ۽ سنڌ جي حقن جي لتاڙ ڪندڙن کي لتاڙي وڃجي. اهڙن باضمير، جرئتمند ۽ بيباڪ ليکڪن ۾ سرِ دار سچ جو جهنڊو ڦڙڪائيندڙ اديب امر جليل جو نالو انتهائي مٿاهون ۽ معتبر آهي، جنهن هن ڌرتيءَ واسين کي پنهنجي لکڻين ذريعي روشنيءَ جون راهون ڏسيون ۽ هر ڏاڍ خلاف مزاحمت ڪئي. ۸ نومبر ۱۹۳۶ تي روهڙيءَ ۾ جنم وٺندڙ قاضي عبدالجليل اڳتي هلي ادبي دنيا ۾ امر جليل جي نالي سان هڪ بلند پائي جي ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار، ناول نويس ۽ ڪالم نگار طور ڄاتو ويو، ماڻهو جنهن جي لکڻين جا ديوانه بڻجي ويا. اهي سندس لکيل ڪهاڻيون هجن، ڪالم هجن، ڊرامه هجن يا ناول. امر جليل جي لکڻين ۾ پنهنجو الڳ نَشو آهي جيڪو روح کي راحت ڏئي ٿو. جيتوڻيڪ امرجليل کي بنيادي طور هڪ ڪرڪيٽ جي ڀلوڙ رانديگر طور سڃاتو ويندو هو پر ادب ۾ سندس خاص دلچسپي هئڻ سبب هن شروعات ۾ ڪجهه ادبي پروگرامن ۾ شرڪت ڪئي جن مان کيس لکڻ جو اتساهه مليو ۽ ائين هن لکڻ شروع ڪيو. امر جون ڪهاڻيون جڏهن مختلف رسالن ۾ ڇپجڻ لڳيون ته کيس ڀرپور موٽ ملي، ڇا لاءِ ته هن جي لکڻين جو انداز ڪجهه مختلف ۽ غير روايتي هو يا کڻي ائين چئجي ته هن پنهنجو هڪ الڳ انداز متعارف ڪرايو جنهن انداز سبب ئي هو پڙهندڙن جو محبوب ليکڪ بڻجي ويو. امرجليل جي مشاهدي واري اک تمام گهري آهي جو هو هر چُرندڙ پُرندڙ شيءِ تي نظر رکي ٿو منظرنگاري کان ويندي جملن جي جوڙجڪ تائين سندس ڪهاڻي پڙهندڙ کي مڪمل طورگرفت ۾ آڻيو ڇڏي، هن پنهنجي ڪهاڻين ۾ اڪثر سماج جي پيڙهيل طبقي کي موضوع بڻايو آهي ۽ روزاني زندگيءَ جي ننڍڙن ننڍڙن واقعن کي اهڙي مهارت سان پيش ڪيو آهي جن تي اسان جو توجه گهٽ يا نه هئڻ برابر هوندو آهي. اهي ننڍڙا واقعا اسان جي زندگيءَ تي ڪيترا اثرانداز ٿين ٿا سو اندازو اهڙين ڪهاڻين کي پڙهي ئي ڪري سگهجي ٿو. هونئن به ڪنهن ليکڪ جو مشاهدو عام ماڻهن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هجي ٿو، جو هو هر شيءِ کي پرکڻ بعد ئي ان تي راءِ ڏئي ٿو، يا ان جو ڪو نئون پهلو نروار ڪري ٿو. امرجليل پنهنجي لفظن ۽ جملن کان تير ۽ خنجر جو ڪم ورتو آهي. انهن تيرن جو رُخ همشه اهو ڪلاس ئي رهيو آهي، جنهن مسڪين ۽ اٻوجهه ماڻهن جو رت چوسيو آهي. امر جي لکڻين جو انداز سڌو دل تي اثر ڪندڙ آهي. جيڪي ماڻهو دل ۽ دماغ کان خالي شيشن جي محلن ۾ ويهي سڀ ٺيڪ آهي وارو راڳ ٻڌڻ جا شوقين آهن انهن تي اهي لفظن جا بم ۽ بارود بار ضرور ڪندا آهن ڇا لاءِ ته اهي جملا دونهون ضرور دکائن ٿا جيڪو انهن واڳ ڌڻين جي اکين تائين به پهچي ٿو. امرجليل جي ڪهاڻين جا ڪردار من گهڙت يا فرضي نه آهن بلڪه اهي اسان جي ئي ارد گرد گهمندڙ ڦرندڙ آهن، جن جو ڳانڍاپو هڪ ئي وقت ماضي حال ۽ مستقبل سان آهي. امر جو انوکو انداز قاريءَ کي عجيب سحر ۾ وٺي ٿو ڇڏي، جو ماڻهو سندس مارڪيٽ ۾ ايندڙ نئون ڪتاب پهرئين ساعت ۾ ڏسندي ئي خريد ڪري ٿا وٺن. نامياري اديب غلام محمد گرامي امر جليل بابت راءِ ڏيندي لکيو آهي ته: “امر جليل جو فن هر دور جي معاصر فنڪارن ۾ انفرادي اسلوب ۽ تاثر جو هڪ عجيب انداز پيدا ڪري چڪو آهي جنهن کي محسوس ڪري سگهجي ٿو، پر بيان نه ٿو ڪري سگهجي. تاهم مختصر نموني ۾ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪرايان ٿو، امر جليل جو ڪجهه به لکيو آهي سو فنَ جو اعلى مثال آهي غير پختا ذهنن کي ڪن هنڌن تي امر جليل جي فن مان اجنبيت ضرور محسوس ٿيندي پر ان ۾ نه فن جو ڏوهه آهي، نه فنڪار جو گناهه آهي، پنهنجو ذوق ئي خام هوندو، ورنه فن پنهنجي جزالتجي حيثيت سان اعلى مقام تي آهي.” امرجليل پنهنجي اندر هڪ تحريڪ آهي هو اڄ تائين به ٿَڪيو ناهي. هن ساهه ناهي پٽيو. هو لکندو رهيو آهي مسلسل. تمام وڏيون وڏيون ۽ تلخ ڳالهيون طنز ۽ مزاح واري انداز ۾ ڪرڻ جو فن جيڪو امر وٽ آهي سو ٿورن ليکڪن ۾ ملندو. سندس پهرئين ڪهاڻي “اندرا” رسالي “ادا” نواب شاهه جي آگسٽ ۱۹۵۵ واري شماري ۾ شايع ٿي، هن ڪيترائي ڊرامه لکيا جن ۾ “انسان”، “درياهه توتي دانهن”، “سڄڻ سفر هليا”، “زخم زندگيءَ جا”، “اونڌهه ۽ روشني”، “مٽيءَ جا ماڻهو”، “هوندا سي حيات”، “عيد ٿي وئي”، “دوزخ”، “ماءُ”، “فرمانبردار” ۽ ٻيا شامل آهن. هندستان مان نڪرندڙ رسالي “ڪونج” پاران ڪرايل “هند سنڌ ڪهاڻي چٽاڀيٽيءَ” ۾ امر جي ڪهاڻي پهريون انعام ماڻيو، “روح رهاڻ” رسالي طرفان ۱۹۶۵ ۾ کيس ادبي انعام ڏنو ويو، ڪتاب “دل جي دنيا” تي پاڪستان رائيٽرس گلڊ ۽ سنڌالاجي سنڌ يونيورسٽيءَ طرفان ۷۰-۱۹۶۹ جو ادبي ايوارڊ مليو، ڪتاب “جڏهن مان نه هوندس” کي سال ۱۹۷۱ جو پاڪستان رائيٽرس گلڊ طرفان ادبي ايوارڊ مليو، مهراڻ آرٽ اڪيڊمي پاران ۱۹۷۲ جو بهترين مڪالمه نويس ايوارڊ فلم “گهونگهٽ لاهه ڪنوار” تي مليو، اهڙي ريت امر جليل کي مليل ايوارڊس جي هڪ تمام وڏي فهرست آهي جنهن تي هڪ الڳ مضمون لکي سگهجي ٿو. امرجليل جي ڇپيل ڪتابن ۾: “دل جي دنيا”، “جڏهن مان نه هوندس”، “تاريخ جو ڪفن”، “منهنجو ڏس آسمان کان پڇو”، “ٽيون وُجود”، “سنڌو منهنجي ساهه ۾”، “رڃ”، “آدم جي ماءُ”، “رني ڪوٽ جو خزانو”، “نيٺ گونگي ڳالهايو”، “جيجل ماءُ”، “لهندڙ سج جي لام” وغيره شامل آهن. ان کان علاوه پاڻ سنڌي، اردو ۽ انگريزي اخبارن ۾ سالن کان ڪالم لکندو رهيو آهي، جن کي سيهڙجي ته هوند ڪيترائي ڪتاب ٺهي پوندا. اسان جهڙن سماجن ۾ اها روايت آهي ته جيڪو سچ چوندو ۽ لکندو آهي ته ان تي وقت جا آقا ڏمرجندا آهن اهڙي ڏمر جو شڪار امرجليل به رهيو، جو هن سچ لکيو. هن رات کي ڏينهن نه لکيو جنهن ڪري سندس ڪهاڻين “هڪ لاش ۽ راتين جو رولاڪ” ۽ “سرد لاش جو سفر” تي نه فقط بندش وڌي وئي پر هن خلاف گرفتاريءَ جا وارنٽ پڻ نڪتا. امر جليل ون يونٽ خلاف شاگرد تحريڪ ۾ به تمام گهڻو سرگرم هو. سندس ڪتاب “جڏهن مان نه هوندس” تي انڪوائري به هلي پر پوءِ انهيءَ دوران يحى خان جي حڪومت جو خاتمو اچي ويو. امر جي ڪهاڻين جا مڪالما دلچسپ ۽ طنز مزاح سان ڀرپور آهن هو کل مذاق ۾ اهڙين تلخ حقيقتن تان پردو کڻي ٿو جيڪي سماج جي لاءِ ناسور بڻيل آهن. سنڌي ٻوليءَ جو ناليوارو ڪهاڻيڪار طارق اشرف ماهوار “سهڻي” جي “امر جليل نمبر” ۾ “جليل جيئن ڏٺو اٿم” ۾ لکيو آهي ته: “اڄ جليل سنڌي ادب جو سڀ کان مشهور ڪهاڻيڪار آهي، سنڌيءَ ۾ جليل کان وڌيڪ ڪوبه ڪهاڻيڪار ايڏو مشهور نه ٿيو ۽ نه ئي ڪنهن ڪهاڻيڪار جا ايڏا چاهيندڙ پيدا ٿيا آهن جيتوڻيڪ سندس هم عمر ڪهاڻيڪارن ۾ آغا سليم، نسيم احمد کرل، غلام نبي مغل، قمر شهباز ۽ عبدالقادر جوڻيجو پڻ بهترين ڪهاڻيڪار آهن، حقيقت اها آهي ته جليل اهو ئي ڪجهه لکي ٿوجيڪو پڙهندڙ جي ذهن ۾ آهي، هو جيڪو ڪجهه لکي ٿو انهيءَ سان پڙهندڙن جي جذبات جي ترجماني ٿئي ٿي، جليل سندن دل جي ڳالهه ڪري ٿو، جليل ذهن ۾ متل باهه تي تيل وجهي ٿو، پوءِ ڇونه اهي ڪهاڻيون مشهور ٿين.” امر جي ٻولي هروڀرو ڪا گهڻي ڳوڙهي يا ڌارين لفظن سان جھنجھ نه آهي، وٽس هر ڳالهه کي سمجهائڻ جو ڪمال فن آهي. پاڻ سنڌ سان عقيدت ۽ عشق جو اظهار ڪندي لکي ٿو: “ٻولي اظهار جو ذريعو آهي، مان سنڌي ۾ لکان، اردو ۾ لکان، انگريزيءَ ۾ لکان، منهنجو موضوع سنڌ هوندو آهي. منهنجي سڃاڻپ سنڌ آهي، سنڌ کان سواءِ مان ويڳاڻو، بيڪار ۽ گم نام آهيان.” هڪ ٻئي هنڌ ادب ۽ اديبن جي حوالي سان پنهنجي راءِ ڏيندي لکي ٿو: “ادب ۾ مان مڪمل اظهار جي آزاديءَ جو ڪٽر حامي آهيان، اديبن کي ننڍن وڏن خانن ۾ ورهائڻ واري ڳالهه مون کي مضحڪه خيز لڳندي آهي، هر ليکڪ جي پنهنجي فريڪوئنسي ٿيندي آهي، هر ليکڪ جي لفظ کي ڪو پڙهڻ وارو ملي ويندو آهي، هر اُچاريل لفظ کي ڪو ٻڌڻ وارو ملي ويندو آهي، هر منظر کي ڏسڻ واري ڪا نگاهه ملي ويندي آهي.” سندس سياسي تجزين ۽ سماج ۾ ناسور بڻجي ويل براين بابت لکيل ڪالمن ۾ جيڪا گهرائي ۽ گيرائي آهي سا مقصديت سان ڀرپور ۽ تجويزن سبب ڌيان ڇڪائيندڙ آهي. امر جليل هر دور جو ڪهاڻيڪار آهي جو هن جي ڪهاڻين ۾ موجود ڪردار اڄ به انهن ساڳين مسئلن ۾ ورتل ۽ مونجهارن جو شڪار آهن جهڙو ڪالهه هئا، بلڪه هاڻي انهن جو تعداد وڌي ويو آهي، جن جي ڳالهه امرجليل پنهنجي لکڻين ۾ اڄ کان چاليهه سال اڳ ڪئي آهي، زيادتيون، بد ديانتون، ناانصافيون، قتل، ڌاڙا ۽ ڦرين کان علاوه ڪارو ڪاري ۽ ٻيا هڙئي سماجي ناسور اڄ به چوٽ چڙهيل آهن ۽ اهي ئي امر جي لکڻين جا مُک موضوع آهن. امر جليل سالگرهه جي مناسبت سان ليجنڊ کي ڀيٽا محمد سليمان وساڻ سنڌ جي چوٽيءَ جي ڪهاڻيڪار، نثر نويس، ناول نگار، ڪالم نگار ۽ ڊرامه نگار امر جليل جو جنم ۸ نومبر ۱۹۳۶ تي سنڌ جي مشهور شهر روهڙيءَ ۾ ٿيو. سندس اصل نالو قاضي عبدالجليل ولد عبدالغني آهي. ابتدائي تعليم رتن تلاء پرائمري اسڪول ڪراچي ۾ حاصل ڪئي. وڌيڪ بي اي تائين نوابشاه ۽ وري ان کانپوء واپس ڪراچي اچي ايم اي اقتصاديات ۾ڪراچي يونيورسٽيء مان ڪيائون. ان کانسواء پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم اي تاريخ ۾ به ڪيائون. پاڻ آمريڪا جي فلوريڊا اسٽيٽ يونيورسٽيءَ مان ايجوڪيشن ۾ گريجوئيشن جو ڪورس به ڪيائين. پاڻ ڪرڪيٽ راند جو گهڻو شوقين ۽ اسڪول ڪاليج ۽ يونيورسٽي ۾ ٽيمن جو ڪپتان پڻ رهيو. اين جي وي اسڪول جي نمائندگي کانسواءِ فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ۾ ٿوري عرصي لاء وڪيٽ ڪيپر بئٽسمين طور حصو ورتائون. امر جليل جي ادبي سفر جي شروعات نوابشاه جي گورنمينٽ ڪاليج ۾ شاگردي واري دور کان شروع ٿي جڏهن سندس ويجهي ساٿي ۽ سنڌ جي ناليواري اديب قمر شهباز کيس ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ وٺي وڃڻ شروع ڪيو. شروع ۾ “جليل پريمي” ۽ پوءِ قمر جي هم قافيه “امر” جي نالي سان لکڻ شروع ڪيائين. ۱۹۵۶ ۾ سندس پهرين ڪهاڻي “اندرا” جي عنوان سان نوابشاه مان نڪرندڙ سنڌي رسالي ادا ۾ ڇپي. ۱۹۶۳ ۾ سندس پهريون اسٽيج ڊرامو “انسان” نيشنل ٿيٽر ڪراچي ۾ پيش ڪيو ويو. هن جو ريڊيو لاء لکيل پهريون ڊرامو “درياء تو تي دانهن” ۱۹۶۷ ۾ ريڊيو حيدرآباد تان نشر ٿيو. ۱۹۶۸ ۾ سندس لکيل پهرين فلم ڪهاڻي “نوري ڄام تماچي” هئي. انکانسواءِ امر جليل گهونگهٽ لاه ڪنوار، بادل، مٺڙا شال ملن ۽ البيلا جهڙن سنڌي فلمن جون ڪهاڻيون پڻ لکيون. تنهنجون منهنجو ڳالهيون جي عنوان سان سندس پهريون اخباري ڪالم ۴ مئي ۱۹۷۲ تي روزاني هلال پاڪستان ۾ ڇپيو. ساڳئي نالي سان سندس ڪالمن جو مجموعو پڻ ڇپيو. ان کانسوء سندس ڪالمن جو ٻيو مجموعو “سنڌو منهنجي ساھ ۾” پڻ ڇپيل آهي. سندس اردوءَ ۾ پهريون ڪالم “ڪڇ سچ ڪڇ جهوٽ” اپريل ۱۹۷۴ ۾ هفتيوار الفتح ۾ ڇپيو. سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو “دل جي دنيا” آهي جيڪو جيڪو پهريون دفعو ۱۹۶۸ ۾ ڇپيو هن ڪتاب جا ڪيترائي ايڊيشن اچي چڪا آهن ۽ هي ڪتاب ٻين ٻولين م به ترجمو ٿيو آهي. امر جليل کي هن ڪتاب تي ادبي انعام به مليل آهن. سندس ڪهاڻين جا ڪيترائي مجموعا ڇپيل آهن. ان کانسواءِ سندس لکيل ناول “نيٺ گونگي ڳالهايو” جيڪو عبرت گروپ جي سنڌو رسالي ۾ هفتيوار ڇپبو هو مقبوليت جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا. ماڻهو پورو هفتو ٻي قسط جو شدت سان انتظار ڪندا هئا. اهو ناول پوءِ ڪتابي صورت ۾ به ڇپيو ۽ ان جا ڪيترائي ايڊيشن ڇپيا. هن ڪتاب جون ۱۰ هزار کان مٿي ڪاپيون فروخت ٿيون. هي ناول اسلام آباد ۾ رهندڙ سنڌين ۽ انهن سان ٿيندڙ ويساه گهاتين سان گڏ ان وقت جي سياسي حالتن تي لکيل هو. اسلام آباد ۾ رهندڙ هر سنڌي هن کي پنهنجي ڪهاڻي سمجهندو هو. امر جليل سنڌي ادب جي افسانه نگاريءَ جو اهم ٿنڀو آهي. سندس افسانه پنهنجي وقت ۽ ماحول جي مڪمل عڪاسي ڪن ٿا. کيس جيل پڻ اماڻيو ويو ۽ ڪتاب پڻ ضبط ٿيا. سندس لکڻين ۾ مزاح ۽ چٿر جي خاصيت اهم آهي. سندس تحرير جو اسلوب بيان دلڪش ۽ بي مثال آهي. امر جا اخبارن ۾ ڇپيل ڪالم پڻ انهيءَ جي نشاندهي ڪن ٿا ته سندس لکڻيون ڇرڪائيندڙ، جذباتي ۽ مزاحيه هوندي به سنجيده ۽ پراثر آهن. جليل صاحب سنڌي افسانه نويسيءَ ۾ ڊائيلاگ ڪهاڻي متعارف ڪرائي. سندس انوکا ۽ ڇرڪائيندڙ ڊائيلاگ جن سان ڪهاڻيءَ ۾ واڌ ويجهه ٿيندي آهي منفرد آهن. سندس ڪهاڻيون حقيقت پسندي ۽ مختلف موضوعن جي ڪري مقبول آهن، جليل جا ڪردار عوامي آهن. سندن ٻولي به عوامي آهي. هو پنهنجي ڪردارن سان جيئي ۽ مري ٿو. سنڌ جي ڪنڊ ڪنڊ لاءِ محبت جو جذبو ۽ سنڌي عوام سان سندس سچي محبت کي ظاهر ڪري ٿو. پاڻ پنهنجي ڪردارن جي ذريعي سجاڳيءَ جو پيغام سنڌي عوام کي ڏنو اٿن. سادن ۽ بيوقوف ڪردارن کان عقل وارا نڪتا ۽ گفتا سمجهايا اٿن. “پل صراط” سندس عوامي ڪردار نگاريءَ جي بهترين ڪهاڻي آهي. ۲۷ سال اسلام آباد ۾ رهيو جتي علامه اقبال يونيورسٽي جو باني ڊائريڪٽر ۽ وائيس چانسلر به رهي چڪو آهي. پاڻ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ ايجوڪيشنل ٽيڪنالاجي جو وڏو ماهر آهي. ڪهاڻي “اروڙ جو مست” ڪري دوستن جي حلقي ۾ ان نالي سان مشهور آهي. پاڻ سنڌي ۽ اردو ۾ سڀ ڪوڙ جي نالي سان ڪالم لکندو رهيو آهي. ان کانسواء انگريزي اخبار ڊان لاء به ڪالم لکيا اٿس. کيس سنڌي ادبي سنگت پاران لائيف ٽائيم اچيومنٽ ايوارڊ ڏنو ويو اهي. سنڌ ٽي وي تان ڪلاس روم جي نالي سان مقبول ٽاڪ شو پيش ڪري رهيو آهي ۽ ڪيٽي اين تي پڻ مبصر طور شرڪت ڪندو رهي ٿو. سال ۲۰۰۸ ۾ امر جليل جي لکڻين جا پنجاه سال پورا ٿيڻ تي شاه عبداللطيف چيئر ڪراچي يونيورسٽي، ثقافت ۽ سياحت کاتو سنڌ حڪومت ۽ اڪيڊمي آف ادبيات پاران ۲۹ جون ۲۰۰۸ تي ڪراچيءَ ۾ امر جليل جي لکڻين جي گولڊن جوبلي ملهائي وئي. جنهن ۾ سنڌ ۽ هند سان تعلق رکندڙ اديبن سندس فن ۽ شخصيت کي ڀيٽا ڏني. مسلسل ۵۴ سالن کان لکندڙ سنڌ جي هن ليجنڊ اديب جي لاءِ اسان دعاگو آهيون ته رب پاڪ کيس سٺي صحت ڏئي جيئن هو پنهنجي قلم ۽ آواز جي ذريعي سنڌي قوم کي جاڳائڻ ۾ اڳ کان اڳرو هجي. روزانه عوامي آواز ۸ نومبر ۲۰۱۴ع امر جليل مهان ڪهاڻيڪار جي نانءِ ابراهيم لاشاري اڄ کان ۸۲ سال اڳ سنڌ ڌرتي هڪ بهترين ڏاهي امر جليل نالي شخصيت کي جنم ڏنو، جنهن هميشه پنهنجي قلم جي نب سان سچ جو ساٿ ڏنو. امر جليل ۸ نومبر آچر ڏينهن ۱۹۳۶ع ڌاري قاضي عبدالجليل جي گهر ۾ اکيون کوليون. امر جليل صاحب جڏهن پڙهڻ جي عمر جي لائق بڻيو ته سندس والدين ڪراچي شهر جي ٽيمپل روڊ تي قائم پرائمري اسڪول (رتن تلاءُ ) ۾ کيس داخلا وٺي ڏني. جتي امر جليل نهايت شوق، چاهه ۽ محنت سان سال ۱۹۴۲ع کان سال ۱۹۴۶ع تائين نصابي تعليم حاصل ڪندو رهيو، وڌيڪ نصابي تعليم هن عظيم انسان سال۱۹۵۳ع ڌاري (اين جي وي هاءِ اسڪول) ڪراچي منجهان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين، ڪراچي ڊي جي سائنس ڪاليج کي اهو شرف پڻ حاصل آهي ته هن ڪاليج سنڌ جي مختلف عظيم انسان جي نصابي تعليم حاصل ڪرڻ جو هڪ بهترين ادارو ثابت پڻ ٿيو آهي هڪ ڪاليج کي اهو اعزاز پڻ حاصل آهي ته سنڌي ادب ۾ نوجوانن کي علم ادب جو روشن راهون ڏيکاريندڙ مانواري امر جليل جي فرسٽ ييئر ڪلاس تعليم پرائڻ جو موقعو ميسر پڻ ٿيو، ارڏي طبعيت جي هن مهان اديب وڌيڪ تعليم نوابشاهه (بينظير آباد) جي گورنميٽ ڪاليج منجهان انٽر جي سند حاصل ڪئي امر جليل صاحب گريجوئيشن جي ڊگري سال ۱۹۵۸ع ڌاري وٺڻ بعد ڪراچي واري گهر ڏانهن رخ ڪيو بعد ۾ ڪراچي يونيورسٽي منجهه داخلا وٺي پوسٽ گريجوئيٽ (ايم اي اقتصاديات) سال ۱۹۶۱ع ڌاري سند حاصل ڪيائين .پاڻ اعلي تعليم جي سلسلي ۾ آمريڪا ملڪ جي فلوريڊا اسٽيٽ يونيورسٽي منجهان گريجوئيٽ پروگرام ان ايجوڪيشنل ٽيڪنالوجي جو ڪورس پڻ مڪمل ڪيائين، سنڌ جي هن برجستي اديب ادبي دنيا منجهه ننڍي هوندي پير پاتو پڙهائي واري زماني ۾ سندس جي قريبي دوست ناليواري اديب (قمرشهباز) سان ويجهڙائپ هوندي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪندو رهندو هو، امر جليل صاحب باقائدا طور پهريان (ڪهاڻي (اندرا) جليل پريمي نالي سان نوابشاهه منجهان نڪرندڙ رسالي (ادا) ۾ سال ۱۹۵۶ع لکي مڱر ٿورڙي عرصي بعد (قمرشهباز) جي نالي (قمر) جي هم قافيه نالي (امر) جو انتخاب ڪيائين پوءِ پنهنجي ڏات ۽ ڏاهپ واري قلم جي نب سان (امرجليل) جي نالي سان سنڌي ادب کي آسودو ڪندي ڪندي اڄ ڏينهن تائين روشن راهون ڏيکاريندي ڪڏهن به ٿڪو ناهي امر جليل صاحب پنهنجو نالو ادبي دنيا منجهه ڏيهان ڏيهه نشابر ڪرڻ ۾ ڪا ڪمي ناهي ڇڏي، سونهاري سنڌ جو هي پهريون مهان اديب کي اهو اعزاز حاصل آهي ته سندس لکڻين کي گهڻو کان گهڻو پڙهيو وڃي ٿو امر جليل صاحب جو پهريون اردو زبان ۾ لکيل اسٽيج ڊارمي جو نالو (انسان) هو جيڪو سال ۱۹۶۳ع ڌاري ڪراچي جي نيشنل ٿيٽر ۾ اسٽيج پڻ ٿيو، تنهن بعد امر جليل صاحب ڪهاڻي کيتر ۾ ڳالهائيندڙ ٻولهائيندڙ ڪردارن جون ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيائين سال ۱۹۶۷ع ڌاري ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي ان زماني جي پروڊيوسر محترم عبدالڪريم بلوچ سندس کان پهريون ريڊيو ڊرامو (درياهه تو تي دانهن) لکرايو تنهن کانپوءِ سنڌ جي هن ذهين ناليواري ادين سال ۱۹۶۸ع ڌاري ٽيليويزن پاڪستان تي پهريون اردو ڊرامو (سفر زندگي کا) عبدالڪريم بلوچ جي گذارش تي پڻ لکيو ٿورڙي عرصي بعد امر جليل صاحب سنڌي زبان منجهه ڊرامو (ماءُ) لکرايو جنهن نهايت وڏي مقبوليت ماڻي ان زماني منجهه اهو ڊرامو اسان جي ملڪ پياري پاڪستان جي سمورن سينٽرن تان بار بار نشر ٿيندو رهيو امر جليل صاحب سال ۱۹۶۸عهن پهريون ڀيرو لکيل فلم ڪهاڻي (نوري ڄام تماچي) پڻ هئي ان کا نسواءِ امر جليل صاحب سنڌي ٻين فلمن جا پڻ مڪالما لکيا جن ۾ گهونگهٽ لاهه ڪنوار، بادل، مٺڙا شال ملن، ۽ البيلي شامل آهن سنڌ جي هن ڏات ڌڻي پهريون ڀيرو سنڌي اخبار هلال پاڪستان لاءِ سال ۱۹۷۲ع ڌاري ڪالمن جي سلسلي (تنهنجون منهنجون ڳالهيون) عنوان سان لکي پنهنجو نالو نروار ڪرايو، سندس اردو ۾ پهريون اخباري ڪالمن جو سلسلو (ڪڇ سچ، ڪڇ جهوٽ) جي نالي سان هفتيوار الفتح ڪراچي منجهه سال ۱۹۷۴ع ڌاري ڇپيجي پڌرا ٿيا، اهڙي طرح سنڌي زبان منجهه (سڀ ڪوڙ) ۽ اردو زبان منجهه (سب جهوٽ) جي عنوان سان سنڌي توڙي اردو جي مختلف اخبارن جهڙوڪ خبرين (اردو) سنڌي اخبارن منجهه روزاني عوامي آواز، روزاني هلال پاڪستان، روزاني خبرون، روزاني ڪاوش جي زينت بڻجندا رهيا جن منجهان عام خلق زبردست لاڀ حاصل ڪيو ۽ نهايت دلچسپي سان انهن لکڻين کي پڙهيو ويو ۽ عوامي داد پڻ حاصل ڪيو جيڪو اڄ ڏينهن تائين اهو سلسلو قائم پڻ آهي سنڌي، اردو اخبارن کان علاوهه امر جليل صاحب انگريزي اخبارن ڊان، دي نيشن، دي پوسٽ ۾ پڻ تجزياتي ڪالم ڇپجندا رهن ٿا. اهڙي ريت هن مهان ڪهاڻيڪار ڪڏهن به لکڻ کان ٿڪيو ناهي سندس جو پهريون ڪهاڻين جو مجموعو (دل جي دنيا) سال ۱۹۸۶ع ڌاري ڇپجي پڌرو ٿيو سندس جو اهو ڪتاب مختلف زبانن منجهه ترجمو پڻ ٿي چڪو آهي ۽ هن ڪتاب جا ڪيترا ئي ايڊيشن پڻ بار بار ڇپجي چڪا آهن. امر جليل صاحب جي ڪهاڻين جي ڪتابن ڏانهن نظر ڊوڙائبي تي جهجي انداز منجهه هن پنهنجي ڏات فلسفي سان سنڌي ادب کي پئي آسودو ڪيو آهي سندس ڪهاڻين جي مجموعن منجهان دل جي دنيا، تاريخ جو ڪفن، جڏهن مان نه هوندس، ٽيون وجود، منهنجو ڏس آسمان کان پڇو، رني ڪوٽ جو خزانو، جيجل منهنجي ماءُ، امر جليل جون اوائلي ڪهاڻيون، چنڊ وسامي ويو، اهڙي ريت هن جا ٻيا ڪيترا ئي ڪتاب جهڙوڪ سنڌو منهنجي ساهه ۾، رني ڪوٽ جو خزانو، (نيٺ گونگي ڳالهايو سندس ناول وڪري جا رڪاڊ ٽوڙي ڇڏيا جنهن سبب ڏهه هزار کان وڌيڪ ڪتابي ڪاپيون وڪرو پڻ ٿيو) ادب ۽ سياست، سرد لاش جو سفر، لهندڙ سج جي لام، سنڌ نامو، چيني ۽ چرٻٽ جون ڪهاڻيون، آتم ڪٿا، فدا حسين ڦودني، ڌڻي بخش ڌني ۽ ڦندن جا ڪالم، امر جليل جي سنڌو، آتم ڪٿا آڏي پڇا، جمود، منهنجي نصيب ۾ تون نه آهين، زوال جو عڪس، ان کان سواءِ پڻ ٻيا ڪتاب سنڌي ادب جي سونهن ۾ وڌارو ڪندا رهيا آهن اهڙي ريت سنڌ جو هي عظيم اديب بنهه ساهي جي هميشه پنهنجي ڏات جي ڏيئي سان علم، ادب جي لاٽ ۽ مسلسل جدوجهد سان طنر، مزاح واري مزاج سان وڏيون وڏيو ڳالهيون ڪرڻ جي ادبي فن سان سرشار آهي اهڙي نموني سان سندس انداز بيان ٻئي ڪنهن به ڏاهي اديب وٽ مورڳ ناهي، سندس سوچ، فڪر ۾ ڏاهپ جو فن اعلي نموني جو پڻ آهي سندس جي مشاهدي واري نظر تمام وسيع آهي هو هرچرندڙ پرندڙ شي تي گهري نظر رکي ٿو امر جليل صاحب پنهنجن ڪهاڻي وسيلي ذات، بات، دين، ڌرم جي آڌار تي ٺاهيل طبقاتي فرق کي رد ڪري ڇڏيو آهي هو بنيادي طور تي انسان پرست آهي هو پنهنجين لکين منجهه سڄي دنيا جي ماڻهن کي هڪ محور تي گڏ ٿيڻ جي اميد ڏيکاري آهي، امر جليل صاحب هر زماني جو ڪهاڻيڪار آهي سندس سنڌي ادب ۾ چاهيندڙن جو تعدا ۾ اڻ ڳڻيو نظر اچي ٿو امر جليل صاحب هميشه پنهنجي فڪري سوچ، ڏاهپ سان معاشري جي ترجماني ڪئي آهي هن عظيم ڏاهي اديب کي فني، فڪري صلاحيتن عيوض مڃتا طور ڪيترائن ئي انعامن ۽ ايوارڊن سان پڻ نوازيو ويو آهي. جن منجهه پرائيڊ آف پرفارمنس ايوارڊ، شاهه لطيف ايوارڊ، شاهه لطيف ايڪسيلينس ايوارڊ، پاڪستان رائٽرس گلڊ ايوارڊ ٽي ڀيرا، سنڌالاجي ايوارڊ، بيسٽ پلي رائٽر آف دي ڊڪيڊ ايوارڊ ٽيليويزن اسلام آباد ايوارڊ، نشان فضيلت ڪراچي يونيورسٽي ڪيترا ئي لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊن سان پڻ نوازيو ويو اهي اهڙي ريت سال ۲۰۰۸ع منجهه لکڻين جي پنجاهه سال پورا ٿيڻ تي شاهه عبداللطيف ڀٽائي چئير ڪراچي يونيورسٽي، ثقافت سياحت کاتي حڪومت سنڌ ۽ اڪادمي ادبيات پاڪستان طرفان ڪراچي شهر منجهه گولڊن جوبلي شاندار نموني سان ملهائي وئي. جتي ملڪ جي تمام وڏن وڏن اديبن شرڪت ڪري امر جليل صاحب جي فن ۽ فڪر تي روشني وجهي ڀيٽا پڻ پيش ڪئي. سنڌ کي امر جليل جو جنم ڏينهن مبارڪ هجي رکيل مورائي جڏهن هُن جنم ورتو هُئو، تڏهن شايد هُو اپکنڊ جو اڪيلو سنڌي ٻارڙو هُئو، جنهن کي اڳتي هلي نه فقط ڪهاڻيڪار ٿيڻو هُئو پر لکڻ ۾ ان ئي اپکنڊ جو خواب به ڏسڻو هُئو، جيڪو سندس اکين جي ڇپرن کان ٻاهر هليو ويو هُئو ۽ وري هو ان خواب کي پنهنجي اکين ۾ آڻڻ لاءِ زندگيءَ جا ڪيترا ئي سال واجهائيندو رهيو پر ان خواب کي سندس اکين ۾ ساڀيا ٿيڻ لاءِ نه اچڻو هُئو، سو نه آهي ۽ هاڻ هُو ٽياسي سالن جو هڪ اهڙو بزرگ آهي، جنهن جي اکين ۾ ڏسبو آهي ته ان خواب جو اوسيئڙو سندس اکين جي ماڻڪين مان ليئا پائيندو آهي. ۽ جڏهن هو ڳالهائيندو آهي ته شروعات ان اپکنڊ کان ڪندو آهي جيڪو سندس جنم جو ديس آهي ۽ پوءِ ان ديس کي ڪيترن ئي ديسن ۾ ورهايو ويو، جيڪو هن ڪڏهن به پسند نه ڪيو ۽ اهڙو ورهاڱو جڏهن به هُن جي زبان تي آيو ته هُن جون اکيون آليون ٿي ويون. هُن پنهنجي نوجوانيءَ ۾ ڪهاڻيون لکڻ/رچڻ شروع ڪيون ۽ اڄ تائين پنهنجي ٻڍڙي هٿ سان لڳاتار لکي رهيو آهي، هاڻ فرق جيڪو تازو منهنجي گنهگار اکين ڏٺو جيڪو اڳ ڪڏهن نه ڏٺو هُئو، اهو هيءُ آهي ته سڄي عمر هن جنهن هٿ ۾ قلم کي سوگهو ڪري جهليو آهي ان ئي هٿ ۾ هُن هلڻ وقت ٽيڪ لاءِ هڪ لڪڻ کي به سوگهو جهليو آهي، جيئن اڪثر عمر جي آخري حصي ۾ ٿيندو آهي . پڪ سمجهڻ گھرجي ته هٿ ۾ ٽيڪ لاءِ لڪڻ کڻڻ ٻڍڙي جسم جو سهارو هوندو آهي. اسان جي هن ٻڍڙي جو اصل سهارو اهوئي قلم آهي، جنهن مان ڪيتريون ڪهاڻيون، ڪالم، ناٽڪ، فلمون ۽ الڳ الڳ ٻولين ۾ ليک ڦٽي نڪتا آهن جن جو انگ شايد هاڻ کيس به ياد نه رهيو آهي. هُن فقط لکيو آهي ان لکڻ جو حساب نه ڪيو آهي . هن حساب نه ڪري پنهنجا بي حساب پڙهندڙ، ٻڌندڙ ۽ چاهيندڙ الڳ الڳ ٻولين ۾ پيدا ڪيا آهن . مونکي اعتماد ۽ پڪ آهي ته اپکنڊ ۽ ان کان ٻاهر اُهي ٻوليون ڳالهائيندڙ ۽ پڙهندڙ سڀ ان تي فخر ڪندا هوندا پر سڀ کان وڌيڪ فخر سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب کي آهي، ڇو ته هو بنيادي طور سنڌي آهي، روهڙي اها ڀاڳ واري ڌرتي آهي، جنهن پنهنجي هنج ۾ هن کي جنم ڏنو، پاليو نپايو. ان ئي مٽيءَ تي هن بانبڙا پاتا، هلڻ سکيو ۽ جڏهن هلڻ سکيو ته سڌو ڪراچيءَ هليو آيو جتي ڪراچيءَ جي نهايت اهم ۽ اوائلي تعليم گھر اين جي وي اسڪول مان تعليم پرائي جنهن اسڪول کي به هو پنهنجي لکڻ ۾ پنهنجي بزرگن وانگر سدائين ياد رکندو آهي، ڪراچي يونيورسٽي هن جي يادن ۾ اڃا محفوظ آهي . ڪراچي جيڪا سنڌ جي راڄڌاني آهي ۽ سنڌ جيڪا اپکنڊ جي هڪ عظيم تهذيب کي جنم ڏيندڙ آهي، جنهن کيس به جنم ڏنو آهي ۽ هو ان تي فخر مند آهي . اها سنڌ جنهن کيس جنم ڏنو هُئو اُها هن کنڊ جو حصو هئي ۽ کيس پياري به آهي پر اڄوڪي سنڌ اها نه آهي، اهو هُن محسوس ڪيو آهي، جنهن ڪري ان تي سندس احساساتي غصو ان ڪري به جائز آهي ته ان سنڌ جيڪو هن کنڊ جي ٽٽڻ کانپوءِ اولاد ڄڻيو آهي، ان جي وڏي حصي ۾ اها تهذيب نه آهي، جيڪا هن ديس جي سڃاڻپ آهي . هن خطي جا ماڻهو اسان سنڌين سميت، کيس امر جليل جي نالي سان سڃاڻن ٿا، جيتوڻيڪ سندس لکڻين ۽ انهن جي ڪردارن جي حوالي سان ڪيتريون ئي بستيون ساڻس منسوب ڪيون ويون آهن، ڪي کيس اروڙ جو مست چوندا آهن، ڪي کيس سنڌ جو هيمگوي سمجهندا آهن ته ٻيا وري پنهنجي پيار جو اظهار پنهنجي پنهنجي نموني ڪندا آهن، منهنجي دل ۾ سندس نسبت” سنڌ جو سرمست ڪهاڻيڪار“ واري آهي . سنڌ جيڪا اسان جي خوابن واري سنڌ آهي . اهائي سنڌ جيڪا امرجليل صاحب جي به خوابن جي سنڌ آهي . اڄ هن جو جنم ڏينهن آهي. جنهن جون مبارڪون اول سنڌ کي ۽ پوءِ انهن سڀني ٻولين جي ديسن کي جن ٻولين ۾ هن پنهنجون ڪهاڻيون لکيون آهن، ڪالم لکيا آهن، مضمون لکيا آهن، ناٽڪ لکيا آهن ۽ ٻيو الائي ڇا ڇا لکيو آهي، جيڪو ايندڙ نسلن کي پاڻ وٽ سانڍي رکڻو آهي. ۱۹۳۶ع، اَٺ نومبر روهڙي ۽ اڄ ساڳيو ڏينهن ٽياسي سالن کانپوءِ سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي هن جي اکين جيڪو ڏٺو، ڪنن جيڪو ٻڌو، احساس جيڪو محسوس ڪيو اهو سڀ يا ان جو وڏو حصو هُن اسان کي ڏنو بنا حساب جي، موٽ ۾ اسان کيس جيڪو ڏنو آهي ان جو حساب به رکيو آهي . جيڪڏهن کيس ڪجهه به بي حساب مليو آهي ته اهو پڙهندڙ جو پيار آهي، احترام آهي ۽ مڃتا آهي . ڇاڪاڻ ته سنڌين وٽ ڏيڻ لاءِ اهوئي آهي ۽ بس ! چيو ويندو آهي ته سنڌ گلابن جو وطن آهي .جيڪڏهن ايئن آهي ته سموري سنڌ جا سمورا گلاب اڄ جي ڏينهن تي امر جليل صاحب جي مٿان نڇاور: سندس ڏنل سموري علم ۽ ادب جي خوشبوءَ اسان پاڻ رکون ٿا ۽ سڀني گلابن جي خوشبوءِ کيس ارپيون ٿا، ڇو ته اڄ هُن جو جنم ڏينهن آهي. آئيندي جي اپکنڊ پاران کيس اڻ ڳڻيون واڌايون.!
ڊاڪٽر خان محمد پنهور سنڌ جو هڪ خاموش خدمتگار عبدالمجيد پنهور ڊاڪٽر خان محمد پنهور کي وڇڙئي اڄ ٻارنهن سال ٿي ويا آهن. سندس محبتون ۽ گُڻَ اڄ به گلاب جي گلن وانگر تازا آهن. ڊاڪٽر خان محمد پنهور جي زندگي جو مقصد هر ماڻهو جي مدد ڪرڻ ۽ اتساهڻ هئو. محبتي ۽ همدرد انسان، سدائين ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ جي جستجو ۾ رُڌل رهندڙ ڊاڪٽر پنهور کان زندگي ۾ قدرت وڏا ڪم ورتا ۽ انهن ڪمن هن کي اَمَر ڪري ڇڏيو. سندس عام ماڻهو سان لحاظي ورتاءُ ۽ همدردي جو وڏو سبب شايد اهو به ٿي سگهي ٿو ته جنهن ماحول ۾ هن اک کولي، اهو مذهبي تعليم ۾ تمام اڳتي هئو. ڊاڪٽر خان محمد پنهور کي شروع کان زندگيءَ ۾ محنت جي سُتي پيل هئي. رات ڏينهن نه صرف علم جي تلاش ۽ ڪجهه ڪرڻ لاءِ هميشه سرگردان رهڻ سندس طبيعت جو حصو هئو. ڳوٺ مان ئي تعليم سان گڏ صحافت ۽ ادبي زندگي ۾ ٻارڙن جي ٻاري جي شاخ قائم ڪرڻ ذريعي پير پائڻ شامل آهن.اڳتي هلي سائين جي ايم سيد ۽ ان ذريعي شيخ عبدالمجيد سنڌي جهڙن هيرن سان ملاقاتن ڊاڪٽر پنهور جي ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ واري جستجو کي وڌيڪ جلا بخشي. هن کي سنڌ جي مشاهيرن سان ته ڄڻ عشق هئو ۽ ان جو وڌيڪ احساس هن کي معاشري جي بي حسي وڌيڪ احساس ڏياريندي هئي. ان جي ڪري ئي هن شيخ عبدالمجيد سنڌي سان وڌيڪ تعلق جوڙيو. شيخ صاحب برِصغير جي سياست جو سرواڻ هئو پر انتهائي سادو ۽ سٻاجهو انسان هئو. شيخ سنڌي ڊاڪٽر پنهور جو رول ماڊل چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. شيخ صاحب جي زندگي ۽ جدوجهد تي هلندي ڊاڪٽر پنهور صحافت کي ئي پنهنجو مشن بڻايو. هن سياست بجاءِ سماج سڌارڪ طور معاشري ۾ تبديلي لاءِ جاکوڙيو. سندس چوڻ هئو ته سياست اسان جهڙن ماڻهن جي پهچ کان ٻاهر آهي. هن سِگا ۾ پڻ انتهائي سرگرم ڪردار ادا ڪيو ۽ سِگا ۾ سرگرمين دوران سندس مَحور ۽ مرڪز عام ماڻهن جي تعليم ۽ انهن ۾ سجاڳي رهيو. صحافت هجي يا سماجي خدمتن جو شعبو، ڊاڪٽر پنهور ٻنهي شعبن سان ڀرپور نموني نڀايو. وسيلن جي اڻهوند، ماڻهن جي بيجا اختلافن ۽ تنقيدن جي باوجود ڊاڪٽر پنهور بنا ڪنهن سان شڪايت ڪرڻ جي خدمت واري پنهنجي ڌُن ۾ اڳ کان اڳرو رهيو. ڪامورو ٿيڻ جي بجاءِ هن استاد ٿيڻ کي ترجيح ڏني. هن سنڌ يونيورسٽي ۾ صحافت جو شعبو قائم ڪيو. صحافت جي نامياري استاد پروفيسر ذڪريا ساجد چواڻي ته سنڌ يونيورسٽي ۾ صحافت جو شعبو قائم ٿيڻ سان سنڌ جي نوجوانن کي صحافت پڙهڻ ۽ سنڌ جو موقف پيش ڪرڻ جو موقعو ملي سگهيو. اهڙي ريت سماجي شعبي ۾ ڊاڪٽر پنهور اتساهه ۽ نواڻ پيدا ڪئي. هن عام ۽ باشعور ماڻهن کي سماجي ڪمن لاءِ همٿايو. هڪ طرف هن جي تجويز تي سِگا جي پيلٽ فارم تان صحت جو سال، تعليم جو سال، ساهت سال، ڳوٺ سڌار سال ڪري ملهايو. صحت سال جي سلسلي ۾ سنڌ ۾ اکين جون مفت ڪئمپون لڳرايون. وڏن فزيشن ۽ سرجن انهن ڪئمپن ۾ ماڻهن جو مفت علاج ڪيو ۽ انهن کي دوائون ڏنيون. تعليم جو سال ملهائڻ لاءِ ڊاڪٽر پنهور سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ ۽ شهر شهر پهتو. ان سان ماڻهن ۾ تعليم لاءِ سجاڳيءَ جي تحريڪ پيدا ٿي. ڳوٺن جي ماڻهن پٽن سان گڏ نياڻين کي به تعليم ڏيارڻ شروع ڪئي. سنڌي ساهت سال ۱۹۸۱ع ۾ سنڌي اخبارن خاص نمبر شايع ڪيا، نوان ڪتاب شايع ٿيا ۽ سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ نئون اتساهه پيدا ڪيو. ۱۹۸۲ع ۾ ڊاڪٽر خان محمد پنهور ڳوٺ سڌار سنگت جو بنياد رکيو. ڳوٺ سڌار جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر پنهور هر ڳوٺ ۾ ويو. سندس ڳوٺاڻي ترقيءَ جي جذبي سنڌ جي هر ٽهيءَ کي ته اتساهيو پر سنڌ جي بزرگن هن سجاڳي واري ڪم ۾ عملي طور حصو ورتو. ڊاڪٽر پنهورپنهنجي ساٿين ڊاڪٽر حسين بخش ڪولاچي، روشن ٻگهيو، رسول بخش گچيرائي ۽ اسان جهڙن ننڍڙن ڪارڪنن کي گڏ کڻي هلڻ ۽ سماج جي ترقي واري قافلي ۾ هر شعبي جي ماڻهن کي شامل ڪرڻ سندس وڏو ڪمال هئو. ڊاڪٽر پنهور سڀني ڪمن لاءِ ٽيم ٺاهيندو هئو پر هو پاڻ به سڄي عمر هڪ ورڪر رهيو. هڪ سادو، سٻاجهو، اتساهيندڙ ۽ محنتي ماڻهو ۽ اهڙو ماڻهو جنهن جي اسان کي، اسان جي سماج کي کوٽ محسوس ٿيندي رهندي. هو سڀني جو دوست ۽ همدرد هئو ۽ سڀ کيس پنهنجو سمجهندا هئا. هن جو پنهنجي دوستن سان سدائين محبت ڀريو ورتاءُ هوند هئو، اهو ڀلي سڪندر ميمڻ هجي يا شمشير، هدايت يا تاجل هجن. دوستن سان دوستي جي حوالي سان هڪ واقعي بابت ٻڌائيندو هلان ته: ڪجهه دوستن اسلام آباد ۾ سندس ڪم بابت سخت اختلاف ڪيو ۽ ايتري تنقيد ڪئي جو هو ٻارڙن وانگر روئي پيو هئو، پر ان جي باوجود مون کي خبر آهي ته هو سدائين انهن دوستن سان ساڳي عزت ۽ محبت سان هلندو هئو. سنڌيونيورسٽي ۾ نوڪري دوران پڻ هن کي الاهي تڪليف کي منهن ڏيڻو پيو. پر ان جي باوجود هن ان تڪليف جو جواب ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ڪري ڏنو. سنڌي صحافت کي سنڌي سماج جي ترقيءَ جو اهم مورچو سمجهندو هئو. جڏهن سنڌي رسالن ۽ اخبارن جا اشتهار بند ٿي چڪا هئا ته ڊاڪٽر پنهور سنڌي اخبارن ۽ رسالن جي جماعت ٺاهي، سنڌي صحافت تي سيمينار ڪرايا. سنڌي صحافت ۾ سنڌي ڪمپيوٽر جي استعمال جي سلسلي ۾ سنڌي صحافت تي ٿيل سيمينار کان شروعات ٿي هئي. انهيءَ سيمينار لاءِ مهتاب اڪبر راشدي جي سربراهي ۾ سنڌالاجي پاران تاريخي سنڌي اخبارن جي نمائش لڳائي وئي هئي، جڏهن ته ماجد ڀرڳڙي جنهن کي سنڌي ڪمپيوٽنگ متعارف ڪرائڻ جو ڪريڊٽ وڃي ٿو، ان سنڌي ڪمپوزنگ تي پريزنٽيشن ڏني هئي . ڊاڪٽر پنهور جي ڪم ۾ سچائي هئي. هو اڪيلي سِر هڪ اداري جو ڪم ڪندو هئو. سندس ڪم مان ائين لڳندو هئو ته هو اڪيلو شخص نه پر هڪ ادارو ڪم ڪري رهيو آهي. هن ۾ ماڻهن کي سيکارڻ جو هڪ ڏانءُ هئو. ڊاڪٽر پنهور ادارن ٺاهڻ ۾ ۽ ٽيم ٺاهڻ ۽ ٽيم کي گڏجي کڻي هلڻ ۾ تمام گهڻو يقين رکندو هئو. سندس گهڻ-پهلوئي سرگرمين جو بنيادي مقصد سنڌجي ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ، ٻڌي پيدا ڪرڻ، انهن کي سماج لاءِ اتساهڻ هئو. هو هڪ عملي ماڻهو هئو. سندس هر عمل ڪنهن نه ڪنهن مثبت ڪم لاءِ ئي هوندو هئو. ڏهه سال مسلسل بيماري ۾ رهڻ جي باوجود نه هن ۾ سماج مان ڪا نا اميدي پيدا ٿي ۽ نه ئي ڪڏهن هن کي سماج سڌارڪ يا استاد هجڻ تي پاڻ کان ڪنهن قسم جي شڪايت. ڪڏهن ڪڏهن معاشري جي بي حسي جي ڳالهه نڪرندي هئي ته ڪو جواب ڏيڻ بجاءِ سندس اکين جي ڪنڊ مان ڳوڙها ڪري پوندا هئا. سنڌ ۾ ڊاڪٽر پنهور جون خدمتون سدائين ياد رهنديون هيون، هو سنڌ جو خاموش خدمتگار هو. روزانه ڪاوش جي ٿورن سان خان محمد پنهور بي لوث سماج سڌارڪ ثمينه ميمڻ سنڌي سماج جي بهتري ۽ ترقيءَ لاءِ توڙي تعليمي ميدان ۾ ويجهي ماضيءَ ۾ پاڻ پتوڙيندڙ شخصيتن ۾ سنڌ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ آراضي، تعلقي سيوهڻ ۾ جنم وٺندڙ ڊاڪٽر خان محمد پنهور جو ذڪر انتهائي سٺن لفظن ۾ ٿئي ٿو. ڊاڪٽر خان محمد پنهور ۲۷ جون ۱۹۴۹ع تي جنم ورتو، ٻالڪپڻ کان جواني تائين بنا ٿڪ ڀڃڻ جي، بنا ساهه پٽڻ جي، بنا ڪنهن ميار، پنهنجي مشن ۾ جنبيل رهيو، صحافت ۽ سماجي ڪم سندس رڳن ۽ روح ۾ سمايل هئا. ڳوٺ کان ويندي ڪراچي پوءِ حيدرآباد واري آخري سفر جي پڄاڻي ڄام شورو ۾ ڪيائين، تعليم جو سلسلو به مسافريءَ دوران طئي ڪيائين. پرائمري تعليم آراضي شهر، مڊل ڀان سعيد آباد، مئٽرڪ دادو، بي اي هالا ڪاليج، ايم اي ڪراچي يونيورسٽي مان ڪيائين. قدرت ڊاڪٽر پنهور کي پيدا هڪ غريب گهر ۾ ڪيو، پر کانئس وڏا ۽ بهترين ڪم ڪرايائين. محبت پڻ ملڪ جي ناميارن شخصيتن وٽان سکڻ جو ڏانءُ هن کي قدرت طرفان خاص عطئي طور نصيب ٿيو هو. ڪنهن سان ڪيئن ڪاوڙ ۾ ڳالهائجي اهو هن کي آيو ئي ڪونه. زندگيءَ جي شروعاتي ڏينهنِ ۾ صحافت سان پيچ اٽڪايائين ۽ آخر تائين صحافيءَ واري زندگي گذاريائين، شيخ اياز جي وائيس چانسلريءَ واري زماني ۾ شيخ صاحب طرفان سنڌ يونيورسٽي ۾ صحافت جو شعبو قائم ڪرڻ واري آڇ تي اچي سنڌ يونيورسٽي وسايائين، نوان دوست نوان ساٿي گڏجي صحافت جي شعبي کي مچايائين. انهيءَ دوران ڪيترائي رسالا ۽ ميگزين، سندس ادارت ۾ نڪتا. سرتاج، مارئي، ٻالڪ، نئون نياپو، سنڌي پبليڪيشن ۽ پارس کي آخر تائين اولاد وانگر پيار ۽ پاٻوهه سان ڏسندو ۽ ان لاءِ صلاحون ڏيندو هو، اهو ڀلي نواب شاهه ۾ نئين روشني اسڪولن واري پروجيڪٽ سان هجي يا جناح اسپتال جي آءِ سي يو ۽ ۱۶ وارڊ ۾ هجي، پر اهو ئي جملو پارس جو ڇا ٿيو. سدائين سنڌ جي تاريخ ساز شخصيتن سان رهيو ۽ انهن جي ئي واٽ تي هلندو رهيو. شيخ عبدالمجيد سنڌي ته سندس روحاني مرشد هئو، پيري مريدي جو قائل ته ڪونه هئو. پر شيخ سنڌيءَ سان جيڪا عقيدت هئي انهن جي ذڪر لاءِ ڪي لفظ مهيا ڪونه آهن. شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ سان سندس محبت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته آخري ڏينهنِ ۾ اسپتال جي بستري تي هوندي، سندس ڳالهائڻ واري سگهه جواب ڏيئي چڪي هئي، بيوسي ۽ بي حسي واري اسان جي هن سماج ۾ اسان وائڙن وانگر ڪڏهن ڊاڪٽرن، ڪڏهن انتظاميه، ڪڏهن پاڻ کي پئي پاراتو ڏنوسين، انهيءَ ڏينهن ۾ شايد اپريل مهيني جا پهريان ڏينهن هئا، اسان آزمودي خاطر پڇندا هئاسين. ڀائو شيخ صاحب جي ورسي پئي اچي ڪارڊ توهان جي نالي سان ڇپائڻا آهن، پر اسان کي شيخ صاحب جي تاريخ چڱي طرح ياد ڪونهي، پوءِ اسان کيس ڪا ٻي تاريخ ٻڌائيندا هئاسين، ڀلي کڻي ڪيڏي به غشيءَ جي حالت ۾ هجي، آهستي اکيون کولي چچريل آواز ۾ ٻڌائيندو هئو ۲۴ مئي. سندس ان ئي حالت ۾ هڪ دفعو سندس استاد پروفيسر ذڪريا ساجد کيس ايل.ايم.سي اسپتال ڏسڻ هليو، ساڳيو ئي حال بند اکيون ”خان مين ذڪريا ساجد هون“ گهڻي ڪوشش جي باوجود جڏهن آواز ساٿ ڪو نه ڏنو ته اکين مان ڳوڙها ڳاڙي پنهنجي استاد جي ڀليڪار لاءِ اٿڻ جي ڪوشش ڪيائين ۽ ائين تاج جوئي وارن سان آيل ”ڪونج“ جي ايڊيٽر سرڳواسي هري موٽواڻي سان پڻ ملي ”چچريل آواز ۾ ساڻس حال احوال ورتائين. پير حسام الدين راشدي طرفان ڏنل ڪئمرا ۽ ريڊيو سڄي عمر ياد رکيائين، سائين جي ايم سيد، رئيس ڪريم بخش نظاماڻي، حاتم علوي، قاضي فيض محمد، ڊاڪٽر غلام علي الانا، پير علي محمد شاهه راشدي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، سائين غلام مصطفيٰ شاهه، سائين ايڇ ايم خواجه، شمشيرالحيدري، ڊاڪٽر سليمان شيخ، هدايت بلوچ، تاجل بيوس، منصور عالم، سڪندر ميمڻ، رسول بخش گچيراڻي، روشن ٻگهيو، خالد شمس الحسن، خير محمد کوکر، ناز سنائي آخر تائين جيستائين سينسز ۾ هئا سندس حافظي تي رهيا. شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جو جڏهن به تذڪرو ڪندو هو ته انتهائي احترام سان. شيخ صاحب جي آخري ڏينهنِ جو تذڪرو ائين ڪندو هو ته شيخ صاحب هڪ دفعي ڀلجي پيا ۽ اسان کيس ڳولڻ لاءِ سخت پريشان هجون ۽ وري چوندو هو شيخ صاحب جڏهن سخت ضعيف ٿي پيا ته نماز به اشارن سان پڙهندا هئا. شيخ صاحب جي راهه تي هلندي آخر تائين انتهائي غريبي حال ۾ پنهور صاحب زندگي گذاري. سدائين سرڪاري گهر ۾ رهيو پڇاڙي ۾ جڏهن حافظو ڪمزور ٿي ويس ته ڪيتريون ڳالهيون ڀلجي ويندو هو. ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي نوڪري جي رٽائرمينٽ جي درخواست ٻه ٻه دفعا يونيورسٽي انتظاميه کي ڏيئي ايندو هئو. بيماريءَ جي بستري تي اشارن سان نماز ادا ڪندو هئو. سنڌ ڳوٺ سڌار سنگتن جان ساٿي پراڻا دوست سڀ کيس نالن سان ياد هوندا هئا. جڏهن به گڏجاڻي ٿيندي هئي ته سڀني نوجوانن کي انتهائي محبت سان سمجهائڻ، رهنمائي ڪرڻ اهڙي نموني جو سندس ان حڪم تي باقاعدي پيروي ڪن. شيخ عبدالمجيد سنڌي اڪيڊمي جيڪا شيخ صاحب جي زندگيءَ ۾ ئي قائم ڪيائين، ان جي پليٽ فارم تان شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي شخصيت کي اجاگر ڪرڻ، سندس ڪم کي نوجوان نسل کي روشناس ڪرائڻ، سنڌ جي تاريخ ساز شخصيتن جي ياد ۾ ميڙاڪا ڪرائڻ، سنڌي صحافت جي حوالي سان قومي ليول تي سمينار ۽ ڪانفرنسون ڪرائڻ، سنڌي ٻولي، سنڌي ساهت، سنڌي ادب، سنڌي سماج جي ڀلائيءَ جي لاءِ هر وقت تڙپ، هر وقت جستجو سندس زندگيءَ جو وڏو مقصد هئو، جيستائين صحت ساٿ ڏنس آخر تائين جتي به ويو هر دوست کي ڳولي ان سان مليو، بنا ميار جي ڪير سندس خيال ڪري ٿو نٿو ڪري، ڪير هن سان ملڻ آيو نه آيو، ’اهين دي او ڄاڻي سانون اپڻي توڙ نڀاوڻ ڏي. اسان ڪڏهن ڪڏهن کيس چوندا هئاسين ڀائو هُو ته توهان کي فون تي به ڪونه ٿا پڇن ته علامه مشرقي جو مثال ڏيندو هئو، ٻڌائيندو هو ته جڏهن علامه مشرقيءَ کان سندس سڀ ساٿي ۽ دوست پاسيرا ٿي ويا ته هو انهن کي خط لکي هدايت ڪندو هو ته فلاڻا تون فلاڻون ڪم ڪري ڇڏجان، فلاڻا تون فلاڻي کي هيئن چئجان. ڪنهن علامه صاحب کي چيو ته اهي ته هاڻي توهان کي ڇڏي ويا آهن ته جواب ڏيندو هو ته بابا انهن ڇڏيو آهي اسان ته ڪونه ڇڏيو آهي نه. تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ته ڊاڪٽر خان محمد پنهور جو خاص نعرو هوندو هئو. پڙهو اڳتي وڌو، ڪنهن کان پڇندو هئو. ”بابا ڇا پڙهيو آهين ۽ چوندو هو سائين ايم اي ڪئي آهي. هن سبجيڪٽ“ ۾، ته چوندو هوس ”بابا ايم فل ۾ داخلا وٺ، پوءِ پي ايڇ ڊي ڪري اڳتي وڌو، رڙهو ٻين کي مدد ڪيو انهن کي اڳتي وڌايو“. ڊاڪٽر خان محمد پنهور سڄي زندگي صاف ۽ سٿري نموني گذاري آخر تائين بيمار هوندي ڪنهن کي ميار نه ڏنائين، پر وري به ٻين جو خيال ڪيائين. ڊاڪٽر خان محمد پنهور گهڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ هئو، صحافت، ادب ۽ سماج، ساهت ۽ ٻين شعبن ۾ هميشه محنت سان نالو ڪمايائين ۽ انهن سان نڀايائين. ۲۷ مئي ۱۹۹۹ع تي صبح جو سوا اٺين وڳي، ايل ايم سي حيدرآباد جي آءِ سي يو وارڊ ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائين. شل نوجوانن کي سندس رهيل مشن کي پورو ڪرڻ جي توفيق ڏئي. خان محمد پنهور هڪ عملي انسان عظيم رند خان محمد پنهور دادو ضلعي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ آراضي ۾ هڪ غريب فرد جي گهر ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ آراضي ۾ حاصل ڪرڻ کانپوءِ وڌيڪ تعليم لاءِ پنهنجي وڏي ڀاءُ جان محمد پنهور جي سرپرستيءَ ھيٺ، ڀان سيدآباد هاءِ اسڪول ۽ هالا ڪاليج مان ٿيندو، حيدرآباد پهتو ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ مان بي اي ڪيائين. پنهنجي ٻالڪپڻ کان ئي ڏاڍو ايڪٽو هوندو هو. هو ٻارڙن جي ٻاري ۽ ٻيا پروگرام ترتيب ڏئي پنهنجو ۽ ساٿي ٻارڙن جون صلاحيتون وڌائيندو رهيو. هن پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات عبرت اخبار جي سب ايڊيٽر جي حيثيت سان ڪئي. پوءِ وري سرڪار جي سرپرستيءَ هيٺ نڪرندڙ ”نئين زندگي“ رسالي سان منسلڪ ٿيو. بعد ۾ سنڌ سرڪار جي اطلاعات واري کاتي ۾ انفارميشن آفيسر رهيو. ان زماني ۾ هو ذوالفقارعلي ڀٽي جي سنڌ جي دورن ۾ ڪوريج لاءِ گڏ هوندو هو. جتي هن جي مختلف شخصيتن سان لين دين ٿيندي هئي. پر هن جي ذهن جو لاڙو سماجي ۽ ادبي سرگرمين طرف هوندو هو. شايد ان ڪري ئي هن سرڪاري اداري واري نوڪري ڇڏي ۽ ڪراچي هليو ويو. جتي هو سماجي ۽ ادبي سرگرمين ۾ مشغول رهيو. اتي ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ايم اي صحافت ۾ ڪيائين، پوءِ اچي سنڌ يونيورسٽي جي ان وقت جي وائيس چانسلر شيخ اياز سان ملاقات ڪئي، جنهن کيس يونيورسٽيءَ ۾ صحافت جو شعبو کولڻ جي ترغيب ڏني. اهڙيءَ طرح هو سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ صحافت واري شعبي جو باني چيئرمين بڻيو. ان شعبي کلڻ سان سنڌي ۽ اردو اخبارن، ريڊيو ۽ ٽيليويزن تي ڪم ڪندڙ ڪارڪنن ۽ ملازمن کي وڏو فائدو پهتو. ڪيترا ئي نوجوان سنڌي صحافت ۾ داخل ٿيا. اهو سلسلو اڄ ڏينهن تائين هلندڙ آهي. مون کي به ائين لڳي ٿو ته خان محمد پنهور جي ذهن ۾ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن کي سجاڳ، باشعور ۽ ترقي يافته قوم طرف گامزن ڪرڻ جو پلان هو ۽ اهو گول حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي مسڪيني حالت، مالي وسيلن جي اڻهوند بعد پبلڪ ٽرانسپورٽ سهاري تي ڳوٺ ڳوٺ ۽ شهر شهر وڃي حاصل ڪرڻ ٿي چاهيو. خان محمد پنهور سنڌ جي هڪ وڏي سماجي ڀلائي واري تنظيم ”سگا“ جي ٽاپ ٽين باني ميمبرن مان هڪ باني ميمبر هو. هن سگا جي پليٽ فارم تان، حيدرآباد ۽ ان جي آسپاس ماهر ڊاڪٽرن جون ٽيمون وٺي مفت طبي ڪئمپون لڳائي، ماڻهن جي خدمت ڪئي. سگا جي ٻين مختلف فلاحي پروگرامن ۾ پيش پيش هوندو هو. کين ضياءَ الحق جي مارشل لا دور ۾ جڏهن سگا جي هائوسنگ سوسائٽي لاءِ گلشن شهباز واري هائوسنگ اسڪيم ۾ ۶۰ ايڪڙ زمين الاٽ ڪرائي. ان کان علاوه ضياءَ الحق جي زماني ۾ جڏهن سنڌ جا ڳوٺ ۽ شهر عتاب هيٺ هئا ڪو به ڌڻي سائين نظر ڪو نه ٿي آيو، تڏهن هن ۱۹۸۲ع ۾ سنڌ ڳوٺ سڌار سنگت جي نالي سان تنظيم رجسٽر ڪرائي ۽ ان جو باني چيئرمين بنيو. هن سنڌ جي ڳوٺن ۾ رهندڙ سجاڳ ماڻهن کي اپيل ڪئي ته هو پنهنجي ڳوٺن ۾ ڳوٺ سڌار سنگت جي نالي سان تنظيمون ٺاهي، پنهنجي مدد پاڻ ڪريو جي اصول تي، پنهنجي ڳوٺن جا مسئلا حل ڪن. پوءِ ته بسن ۽ لارين ۾ چڙهي سنڌ جي سوين ڳوٺن ۾ ويو ۽ اتي ڳوٺاڻن سان ڪچهريون ۽ سيمينار ڪري کين سجاڳ ڪيو. نتيجي ۾ سوين ڳوٺن ۾ تنظيمون ٺهي ويون ۽ ڪيترا ئي ڳوٺ ترقيءَ جي طرف گامزن ٿيا. جن ۾ بدين ضلعي ۾ ڳوٺ حاجي جاني رند، ڳوٺ عثمان ڪڇي ۽ ڳوٺ ولي محمد ملڪاڻي، ڄامشوري ۾ ڳوٺ سائينداد ملاح، نوشهروفيروز ۾ ڳوٺ گچيرو، ٿرپارڪر ۾ ڳوٺ سنڌ ڪولاچي، دادو ضلعي ۾ ڳوٺ فريدآباد ۽ ٺٽي ۾ ڳوٺ محمد ابراهيم جوکيو مثالي چئي سگهجن ٿا. هن ڳوٺاڻن کي ترغيب ڏني ته اوهان ڳوٺن کي سڌارڻ جي جستجو ۽ جاکوڙ ڪريو ته پوءِ سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارا ۽ تنظيمون اوهان جي مدد لاءِ اڳتي ضرور ايندا، باقي ماٺ ڪري ويهي رهڻ ۽ گمنامي جي گوشي ۾ رهڻ سان اوهين ۽ اوهان جا ڳوٺ فنا ٿي ويندا. جيئن ته آئون ۽ خان محمد پنهور صاحب سنڌ يونيورسٽي ڪالوني ڄامشورو ۾ رهندا هئاسين ۽ منهنجو هن سان ڏينهن رات جو واسطو هوندو هو ۽ آخر تائين رهيو. اسان کي حيرت ٿيندي هئي ته هيءُ ڪهڙي قسم جو ماڻهو آهي جيڪو سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ صحافت شعبو به هلائي ٿو ۽ ڳوٺاڻن سان به لهه وچڙ ۾ رهي ٿو. ڪراچيءَ به دوستن يارن سان ملڻ وڃي ٿو ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي اڪيڊمي به هلائي ٿو. ڊاڪٽر ائنميري شمل انسٽيٽيوٽ آف لينگويج حيدرآباد کي به سنڀالي پيو ۽ ماهوار رسالو پارس به ڪڍي پيو. سرتاج اخبار ميرپورخاص شايع ڪرائي ٿو ۽ پنهنجي ايم فل جي ٿيسز به تيار ڪري پيو. سماجي ۽ ادبي گڏجاڻيون ۽ سيمينارن ۾ شريڪ به ٿئي ٿو ۽ عبرت ۾ ويچار ڪالم به لکي ٿو. شادين غمين کي مس ڪو نه ٿو ڪري. ناصر ۽ مجيد کي رات ڏينهن ڊوڙائي ٿو. وقت ڪڍي سائين جي ايم سيد، شيخ عبدالمجيد سنڌي، بٺوري ۾ غلام فريد حيدرآباد ۾ شيخ اسماعيل ۽ ڪراچي ۾ پير حسام الدين راشدي، حسين هارون ۽ ٻين ڪيترن ئي بزرگ ۽ معتبر شخصيتن سان ملاقاتون به ڪندو رهي ٿو. اهو سڀ ڏسي ڏاڍو تعجب لڳندو هو. مطلب ته خان محمد پنهور جو سڀني ڪارڪنن کي اهو چوڻ هو ته؛ انسان جي زندگي تمام مختصر آهي، ان جو هڪ لمحو به وڏو قيمتي آهي، جنهن کي ضايع ڪرڻ نه گهرجي. آخرڪار هو برين ٽيومر جهڙي بيماري ۾ وٺجي ويو، جنهن جو لنڊن سوڌو علاج ڪرايو ويو پر هو ان بيماريءَ مان صحتياب نه ٿي سگهيو ۽ ۲۷ مئي ۱۹۹۹ع تي هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. انا لله وانا اليه راجعون. خان محمد پنهور نه وسرڻ جهڙو شخص عظيم سنڌي خان محمد پنهور صاحب ڄائو نپنو وڏو آراضي ۾ ٿيو. جتي جئندل شاھ جو راڄ مٿان وڏو دٻدٻو ۽ رعب تان به هو. ڪوڙل شاھ به سنڌ اسيمبلي جو ميمبر ۽ جيلن وارو وزير جئندل شاھ جو پٽ هو. شاھ صاحبن طرفان سندن وڏڙن جي ٻه چار ايڪڙ زمين تي قبضي کانپوءِ لڏي اچي مورو سڪونت اختيار ڪيائون. سڀ کان وڏو ڀاءُ خان محمد پنهور ايريگيشن مورو ۾ دارغو هو. اهو ئي سندس لڏي اچڻ جو سبب هو. تمام مسڪين هئا وڏن ماڻهن سان پڄڻ هنن جي وس ڪو نه هو. هي ۱۹۶۶-۶۷-۶۸ جا سال هئا. ايوب شاهي لوڏن ۾ هئي. ون يونٽ خلاف سڄي قوم ڀڙڪو کائي اٿي ۴ مارچ کانپوءِ وڌيڪ ڀڀڙ ڀڙڪي اٿيو. ۽ گدائي جو اهو شعر گونجڻ لڳو ته لاٽ ٻرندي رهي ساٿ هلندو رهي. نوجوان ساٿيو. سنڌ جا وارثو. انهيءَ اٿل پٿل ۾ خان محمد پنهور پنهنجي دوست سڪندر الزمان سڪندر مورائي سان گڏ تحريڪ کي سرگرم ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر ڪا نه ڇڏي. موري لڏي اچڻ وقت مسواڙي جاءِ به سڪندر جي پاڙي ۾ ورتائون. ٻئي هڪ ٻئي جا سچ پچ ته ڀائرن جهڙا مثالي دوست ۽ هم عمر هئا. مورو ۾ سڄي سنڌ کان اول فاطمه جناح جي حق ۾ سنڌ يونيورسٽي جي ڇاھٺ ستھٺ ۾ شاگردن سان گڏ جلوس ناصر مورائي جي اڳواڻي ۾ نڪتو جنهن کان پوءِ تمام جلد سڪندر زمان ميمڻ، خان محمد پنهور، غلام محمد مگسي، مظهر ميمڻ، محبوب مورائي جي اڳواڻيءَ ۾ جلوس نڪتو. جنهن نه رڳو مورو پر سڄي سنڌ ۾ اٿل پٿل مچائي ڇڏي. هنن ئي دوستن جي گڏيل ڪوشش سان هوشو ڊي مورو ۾ ملهايو ويو. جنهن ۾ حيدر بخش جتوئي، باقر شاھ، رسول بخش پليجو، ذوالفقار علي ڀٽو، شيخ اياز، ڄام ساقي، اختر بلوچ، رياض بلوچ وغيره شريڪ ٿيا. مورو جي هنن تحريڪن ۾ خاڪي جويو، مولانا عزيزالله ٻوهيو، هارون سومرو، غلام النبي مورائي، مٺل ڪمالاڻي، راشد مورائي، نصر الله ميمڻ (سنڌي) وغيره وغيره جي اهم ڪردار تحريڪ کي اوج ڏئي ڇڏيو آخر ون يونٽ ٽٽو تحريڪ رنگ لاتو. خان محمد پنهور کي ان سڄي عمل ۾ مون اڻٿڪ محنتي ۽ سچي ورڪرن جي حيثيت سان نه رڳو ڏنو پر تمام گهڻو متاثر به ٿيس. مورو رهڻ دوران منهنجي هن سان دوستي سڪندر الزمان، قمرالزمان ۽ عزيز شيخ جي ڪري ٿي جا مرڻ گهڙي تائين قائم ۽ دائم رهي. مون خان محمد پنهور کي هلندي به ڏٺو ته اڏامندي به ڏٺو. هو غريب هوندي به سنڌ جي گهڻ پاسائين شخصيت هيو. اها نعمت به قدرت طرفان ڪنهن ڪنهن جي نصيب ۾ ايندي آهي هر ڪنهن جي هي وس جي ڳالهه ناهي. سال ۱۹۷۳ع ۾ جڏهن پنهور صاحب عبرت اخبار ۾ نوڪري ڪندو هيو ۽ هن سان گڏ لال بتي اسپتال حيدرآباد جي ديوان مشتاق وارڊ ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي جي عيادت ڪرڻ لاءِ گڏ وياسين ته راشد مورائي به اسان سان ساٿ ۾ گڏ هيو. خان محمد پنهور جي هيءَ شيخ صاحب سان تفصلي پهرين ملاقات هئي جا شيخ صاحب ڊاڪٽرن جي منع باوجود ۾ اسان سان ڪئي ملاقات دوران محمد عثمان ڏيپلائي ظفر حسن، ڊاڪٽر قادر بخش ڪاندڙو به ايندا ويا. اها ئي منهنجي پهرين ۽ آخري شيخ عبدالمجيد سنڌي سان ملاقات هئي. سنهڙو اڇو ململ جو پهراڻ سادي هرک جي شلوار ناس جي دٻلي جا هو هر هر ڏيندو ٿي رهيو. هيءُ هند ۽ سنڌ جو وڏو دماغ هو جنهن لاءِ سائين جي ايم سيد لکيو ته آءٌ پنهنجي سياسي رهنمائي شيخ عبدالمجيد سنڌي کان وٺندو رهيس. ڪيڏو وڏو نالو ڪيڏي وڏي سادگي ڪمال اهو ته هن سڀ ڪجهه هوندي ڪجهه به نه ٺاهيو. پنهنجو شاهوڪار مذهب هن سندس چواڻي ته مسلمانن جي خدمت لاءِ اختيار ڪيو. هن اسان سڀني کي اسپتال ۾ ميار ڏيندي چيو چٽي طرح ياد اٿم. محمد عثمان ڏيپلائي ڏانهن اشارو ڪندي. اي بابا ڏيپلائي تون به ته منهنجي خلاف لکندو هيئن نه اوهان اسان شيخن کي اڃا مسلمان هجڻ لاءِ تيار ئي ناهيو. شيخ ميجب ۽ شيخ اياز تي به اڃا تائين ڪافر جون تهمتون آهن. شيخ صاحب پنهنجي مستي ۾ ڳالهائيندو رهيو ۽ چوندو رهيو ته اڄ مون سان سنڌ جا نوجوان ملڻ آيا آهن مان ڏاڍو خوش آهيان. خان محمد پنهور شيخ عبدالمجيد سنڌي جي پنهنجي وت ۽ وس آهر تمام گهڻي خدمت ڪئي سو به تڏهن جڏهن قوم شيخ صاحب کي مڪمل وساري ڇڏيو هيو. شيخ صاحب تي کوڙ ڪتاب، انٽرويو مطلب ته اٿندي ويهندي پنهور صاحب جي زبان تي رڳو شيخ عبدالمجيد سنڌي هو. هو ڄڻ ته شيخ صاحب جي گهر جو ڀاتي هجي ويندي مرڻ گهڙي تائين ڪلهي ڪانڌي ٿي شيخ صاحب کي مڪلي تي ابدي آرامي ڪري آيو. پنهور صاحب پنهنجي زندگيءَ ۾ تمام گهڻا سماجي ۽ سياسي ڪم ڪيا. جن تي ويهي ويچاربو ته کوڙ سارا ڪاغذ ڪارا نيرا ڳاڙها ساوا ٿي ويندا. ان سان گڏ پنهور صاحب کوڙ سارن رسالن ۾ نه رڳو ڪم ڪيو پر پاڻ رسالا به ڪڍيائين. کوڙ ساريون نوڪريون به ڪيائين روشني اسڪول نواب شاھ، ضلع آفيسر دوران جا ان هن سان گڏ ضلعي پوري اندر اسڪول کولڻ سان گڏ همڻ وقت به گڏ هوندو هيس. هو ننڊ جو دشمن هر وقت ڪم ئي ڪم. آخر ۾ مان هن سان گڏ هلڻ کان لنوائيندو هيس. فقير طبيعت جو تمام محبتي ماڻهو هو. هن سڄي سنڌ ۾ پيار ورهايو. اسان جي زندگي سڌارڻ سنوارڻ ۾ به خان محمد پنور جو وڏو ساٿ رهيو آهي مورو سندس گهر هو جنهن کي حيدرآباد ڪراچي ۽ دادو جيان خاص اهميت ڏيندو رهيو. هن جي صدقي سڄي سنڌ جي کوڙ سارن سڄاڻ شخصين سان ڄاڻ سڄاڻ وڌي هو ئي سنڌ جون نامور شخصيتون مورو ياترا لاءِ وٺي آيو. جن ۾ هري موٽواڻي، نند جويري، نند ڇڳاڻي، ڊاڪٽر الهواريو محمدي، محمد ابراهيم جويو، سائين جي ايم سيد، حيدر بخش جتوئي، ڄام ساقي، ڊاڪٽر حسين بخش ڪولاچي، شمشير الحيدري، تاجل بيوس، اڪبر قاضي وغيره، هو سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي باني ميمبرن مان هيو. پر سگا جي ساٿين جو هن ڏانهن رويو ڪڏهن به درست نه رهيو. اهو ئي سبب هيو جو هن ڳوٺ سڌار سنگت ٺاهي ۽ سالن دوران سگا کان سرگرمي هٽائي ڳوٺ سڌار سنگت ۾ ڪم ڪندو رهيو. سنڌ يونيورسٽي ۾ شعبي صحافت جو باني چيئرمين به رهيو. هن جي محنت همت ۽ قلم سان سچ پچ ته حيدرآباد ۾ ڪل سنڌ ملاکڙو ٿيو جنهن ۾ مير رسول بخش ٽالپور گورنر سنڌ، ايس ايم عباسي شريڪ ٿيا. هن ئي ملاکڙي ۾ پهلوان غلام سرور جتوئي، سڀني پهلوانن مٿان سرسي حاصل ڪري ملهه جي دنيا جو وڏي ۾ وڏو اعزاز ”چيمپيئن سنڌ پاڪستان“ جو اعزاز ماڻيو. ننڍي عمر ۾ گهڻي ڪم ڪرڻ ڪري، کيس برين ٽيومر ٿيو. ٽي چار دفعا آپريشن کان پوءِ به بيماري ۾ بهتري نه اچي سگهي. هر طرح جي يادداشت خان محمد پنهور کان موڪلاڻي وئي. ان هوندي هو پنهنجي موري واري گهر کان منهنجي دڪان تائين بلڪل اڪيلو صحيح سلامت ايندو رهندو هو. واپسي تي آءٌ سندس گهر وٺي ويندو هيس. آخري ملاقات پنهور صاحب سان ڄامشوري واري سندس سرڪاري گهر ۾ اسلم عباسيءَ سان گڏ ٿي. جتي بيڊ تي آءُ هن کي هٿ ۾ هٿ ڏئي ويٺو رهيس ۽ اسلم کي پنهنجي دوستي ۽ ڪم جي باري ٻڌائيندو رهيس. اکيون کولي هو مونکي گهوري گهوري ڏسندو رهيو پر هو ڪجهه چوڻ کان لاچار هو. ان کان ٻئي ڏينهن تي ادي نسيم پنهور جو اهو ڏک ڀريو ڏوراپو به آيو. ته سنڌي ماڻهو پنهور صاحب کي وساري ويٺا آهن. پنهور صاحب ته سڀ ڪجهه پنهنجي قوم لاءِ ڪيو پر اڄ کيس ٻچن جي رهڻ لاءِ گهر به ڪونهي. آخر هو ڏنل هٿ ۾ هٿ الڳ ڪري ۲۷ مئي تي هميشه لاءِ وڇڙي ويو. پنهور صاحب سنڌ لاءِ هڪ مثالي شخصيت سان گڏ محبت جو فرد نه پر ادارو هيو. هر ڏينهن پنهور سان پيار ڪندڙن جو تعداد وڌندو ٿو رهي. سڪندر زمان، ادي نسيم پنهور ۽ عبدالمجيد پنهور جي ڪوششن سان هر سال خان محمد پنهور ٽرسٽ طرفان سندس شاندار ورسي به ملهائي وڃي ٿي. ڊاڪٽر خان محمد پنهور سنڌ جو خاموش ۽ معصوم مددگار رکيل مورائي جيڪڏهن سيوهڻ جو پراڻو نالو ”شيوُ اسٿان“ آهي ته پوءِ پڪ سان جنهن شخص جو آءٌ ذڪر ڪري رهيو آهيان، اهو پڻ شيو ڀڳوان جو ڪو اوتار ٿي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته پنهنجي حصي کان شخصي طور وڌيڪ ڪم ڪرڻ وارن شخصن کي جيستائين جديد علم ماڻهن وٽ نه پهتا هئا، ديومالائي ڪردار سڏائيندا هئا. ان ڪري جو انهن جو ڪيل ڪم ايترو گهڻو هوندو هو، جو اڄ جي هن جديد دنيا ۾ اعتبار ۾ نه اچڻ جوڳو آهي. سندن مهم جو شخصيتون اڄ به انسانن لاءِ سمجهه ۾ نه ايندڙ آهن، جنهن ڪري اهي سڀ ديو مالائي بڻيل آهن، هندو مذهب ۾ اهڙين شخصيتن کي ڪنهن نه ڀڳوان جو اوتار ڪري سڏيندا آهن ۽ اسان مسلمان انهن کي وليءُ سمجهندا آهيون، پر هيءُ شخص انهن سڀني عقيدي پرستيءَ وارن اعزازن کان پري جديد دنيا جو هڪ لکيل پڙهيل شخص هو، جنهن جو جنم ته سيوهڻ ڀرسان آراضيءَ ۾ ٿيو پر اڄ به سموري سنڌ هن معصوم ۽ سنڌ جي خاموش مددگار لاءِ اعزازي طور پنهنجي جهولي جهلي بيٺي آهي ته سندس جهوليءَ ۾ وري قدرت ڪو ٻيو اهڙو پٽ وجهي. هن شخص جنهن جا ڪيترائي حوالا ڏئي سگهجن ٿا، جي کاتي ۾ شاگرديءَ واري دور ۾ سياسي خدمتون، تعلقمي خدمتون، صحافتي خدمتون، ادبي خدمتون ۽ سماجي خدمتون ۽ ٻيو ڪيتريون ئي خدمتون جيڪي پڻ ڳڻا ئي سگهجن ٿيون، هن شخص جو نالو خان محمد پنهور هئو! جنهن کي مون پهريون ڀيرو ۱۹۸۱ع جي سال ۾ ان وقت ڏٺو، جڏهن سنڌ جي عالمن، اديبن ۽ شاعرن ان سال کي ساهت سال ڪري ملهايو هو ۽ هو. ان سلسلي ۾ نوان جتوئيءَ ۾ ٿيندڙ ساهت ڪانفرنس ۾ مهمان خاص طور شريڪ ٿيو هو ۽ مون ان ۾ پنهنجو غالبن پهريون شعر پڙهيو هو، ان کان پوءِ هن سان سندس زندگيءَ جي آخري گهڙيءَ تائين تعلق رهيو، شايد ان جو ٻين سببن سان گڏ. هڪ سبب اهو به هجي ته اسين سڀ موري جا اديب، شاعر هن سان پيار ڪندا هئاسين ڇاڪاڻ جو مورائي هوندي هن جي ساهراڻي آڪهه هئاسين: دنيا جو مان ڀايان ٿو وڏو سچ اهو آهي ته ڪو به شخص يا ته پنهنجي ماءُ جي ٻوليءَ سان محبت ڪندو آهي يا محبوبه جي ٻوليءَ سان، يا ماءُ جي ڳوٺ/شهر کي پنهنجو ڪندو آهي، يا محبوبه جي ڳوٺ /شهر کي پنهنجو ڪندو آهي، ائين خان محمد آراضيءَ جو جنم ورتل، موري جو ٿي ويو جو ڄڻ سندس اهو ئي جنم هنڌ هجي. هن موري جي ان دور شاگرد سياست جي نهايت ئي اهم ۽ سنجيده نوجوان ڪردارن سڪندر الزمان ۽ قمر الزمان ميمڻ جي ڀيڻ سان وهانءُ ڪيو ۽ پوءِ هو اسان جو ئي ٿي ويو، اهو سندس شخصي لڳاءُ هو، ٻيءَ طرح هن شخص صحافت ۾ هلچل، نئون نياپو ۽ ٻين رسالن کان پوءِ آخر پارس رسالو ڪڍي، پنهنجي دور ۾ جيڪا سنڌي ادب جي رهنمائي ڪئي اها تاريخ جي صفحن ۾ محفوظ آهي. هن نه رڳو تعليمي طور پنهنجي خاندان کي قابل بڻايو پر سنڌ جا اڻ ڳڻيا شخص اهڙا هوندا جيڪي سندس مالي مدد سان تعليمي حوالي ۾ اڳتي آيا هوندا، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ماس ڪميونيڪيشن جو شعبو سندس اڻ ٿڪ محنتن جو نتيجو آهي، لاتعداد ڪتابن جي ايڊيٽنگ ۽ سهيڙ سندس نالي سان سڃاپجي ٿي، پر خاص طور تي سندس سهيڙيل شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي لکيڻن تي ٻڌل ڪتاب نعره ۽ مستانا ۽ شيخ صاحب بابت ڪتاب ”هونداسي حيات“ يادگار ڪتاب آهن. ڀلجان نٿو ته خان محمد پنهور پنهنجي ڊاڪٽريءَ جي لاءِ جيڪو موضوع چونڊيو هو، اهو به شيخ عبدالمجيد ئي هو، جيڪا ٿيسز پوءِ ”ٻري جن ٻاري“ جي نالي سان سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪئي، ائين هن نه رڳو پاڻ لکڻ پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جو ڪم ڪيو پر لاتعداد ٻين شخص کي پڻ هن الڳ الڳ شعبن ۾ اڳتي آندو. اسان جو دوست مجيد پنهور ۽ ناصر پنهور ته سندس اولاد جيان ئي آهن، مان ڀايان ٿو ته سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن (سگا) کي جوڙيندڙن ۾ به خان محمد پنهور جو ٻين سان گڏ اوترو ئي حصو آهي ۽ آخري گهڙيءَ تائين سندس ساٿ سگا سان رهندو آيو، اڄ جي حوالي ۾ هڪ نهايت اهم ڪريڊٽ خان محمد ڏانهن اهو به وڃي ٿو ته جڏهن سنڌي ماڻهن کي اين جي اوز جو تصور به نه هو، تڏهن هن شخص پنهنجي دوستن سان گڏجي ”ڳوٺ سڌار سنگت“ نالي تنظيم جوڙي، جنهن منڇر جي مهاڻن لاءِ ۽ ان کان ٻاهر سڄي سنڌ ۾ جيڪو ڪم ڪيو اهو اڄ به يادگار آهي، جڏهن ته ان دور کان پوءِ، ٻانهن ٻيلي ٺاهيندڙ جاويد جبار ڪروڙ پتي ٿي ويو. خان محمد سان ڪم ڪندڙ ٻيا ڪيئي دوست شخصي طور اڄ ڏوڪڙن ۾ پاڻ کي تورين ٿا، پر هن سنڌ جي بيحد ايماندار پٽ، شخصي طور هڪ رپيو به پنهنجي ڪتب آڻڻ کي عيب سمجهيو. شايد ان جو سبب هن جون آئيڊل اهي شخصيتون هيون، جن سان رهي هن ائين زندگي گذارڻ جو سبق سکيو هو، جيڪي شخصيتون هيون، سائين جي ايم سيد، شيخ عبدالمجيد ۽ حسام الدين شاهه راشدي. لڳندو آهي ته هيءُ ان اخلاق، خلوص، سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ جي آخري ڪڙي هو. مون کي ياد ٿو اچي ته سائين جي ايم سيد جي نياڻي ڊاڪٽر درشهوار سيد جڏهن انگلينڊ مان پي ايڇ ڊيءَ جي اعليٰ ڊگري وٺي سنڌ واپس آئي هئي ته ان سان پهرين ملاقات ۽ ان جو پهريون انٽرويو به خان محمد پنهور ئي ڪيو هو، جيڪو پارس جي هڪ پرچي ۾ شايع ٿيو هو، پنهنجي زندگي هر شخص جي خاندان لاءِ ته اهم هوندي ئي آهي، پر خان محمد جي زندگيءَ جيترين زندگين ۽ انهن جي خاندانن کي تعليمي، سماجي ۽ مالي طور پاڻ ڀرو ڪيو، شايد ئي سندس نسل ۽ همعصرن مان ڪو اهڙو شخص هجي، جيتوڻيڪ اڄ جا انهن ئي شعبن ۾ وڄندڙ نالا خود انهيءَ معيار تي شايد لهي سگهن. جن پنهنجي ڪم کان ڪيترائي ئي ڀيرا وڌيڪ سنڌ کان وصول ڪيو آهي. اسيءَ واري ڏهاڪي ۾ محمد خان جوڻيجي جي وزير اعظميٰ واري دور ۾ نئين روشني اسڪول، بالغن کي پڙهائڻ لاءِ شروع ڪيا ويا ته خان محمد نواب شاهه ڪئمپ آفيس ۾ ڪم شروع ڪيو ۽ اهڙو ڪم شروع ڪيو جنهن سندس صحت کي بنهه ڊانوانڊول ڪري ڇڏيو. مون کي ياد آهي ته هڪ رات ادو عظيم سنڌي ۽ مان کيس وٽ رهياسين، اسان ڏٺو ته هو صبح جو چئين وڳي اٿندو هو، ڇهين وڳي گهر ڇڏيندو هو، سڄو ڏينهن الڳ الڳ هنڌن تي ويندو هو ۽ سج لٿي کان پوءِ واپس گهر موٽندو هو، هن جي سنڌ سان محبت، پنهنجي ڪم سان لڳاءَ ۽ اڻٿڪ محنت ڪري، اهو ئي دور سندس صحت لاءِ گهڻو نقصانڪار ثابت ٿيو، بظاهر هو اهڙو ڪو به ڏيک نه ڏيندو هو ته هو ٿڪل آهي يا جسماني طور ڪمزور ٿي رهيو آهي پر اندران اندران هو پؤڻو پوندو ويو ۽ آخر ٻاهر وڃي هن کي هڪ ڏکوئيندڙ آپريشن ڪرائڻو پيو. جيتوڻيڪ وقتي طور علاج ڪرائي واپس ته آيو پر هو مستقل طور ٺيڪ نه ٿي سگهيو، زندگيءَ جو وقت زندگي رهڻي ئي آهي ۽ ڊاڪٽر خان محدم پنهور به پنهنجن دوستن ۽ همعصرن جي وچ ۾ موجود ته هو، پر ڄڻ اندر اندر ۾ هڪ ٽٽل شخص جيان ۽ ٻاهر ٻاهر هو ساڳيو بهادر کل مک، دوستن سان، همعصرن سان ۽ پنهنجي جدوجهد سان جڙيل، زندگيءَ جي آخري گهڙيءَ تائين، شايد ڀٽائي هيءَ سٽ خان محمد پنهور لاءِ ئي چئي هئي: جان جان دعويٰ دم، تان تان پرت پنهوار سين هن جنهن ڏينهن پنهنجن پنهوارن سان پريت ٽوڙي اهو ستاويهين مئي جو ڏينهن هو، پر هن اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ۽ پنهنجي آخري دم تائين پنهنجي پريت جو آبرو رکي. موٽ ۾ سنڌ سندس ان پريت کي پنهنجي پاند ۾ سنڀالي رکيو آهي. هڪ پل به ان جي اکين مان ۽ دل مان سندس چهرو ۽ سندس ياد نه وئي آهي. سنڌي ماڻهن اڄ تائين هن کي ائين ياد رکيو آهي، جيئن پنهنجي محبوبن کي، پنهنجي پيارن کي ياد رکبو آهي، ڇا اهو هن جي جدوجهد جو ثمر نه آهي؟ جو جڏهن به ۽ جنهن کي به سندس ياد ايندي آهي ته ان وقت اهي اکيون جُهڙ جيان جهمي پونديون آهن. خان محمد پنهور سنڌ پرست تعليم دوست شخصيت عبداش پنھور سنڌ کي تعليم شعور جي ضرورت آهي، تنهن ڪري پنهنجا ٻچڙا پڙهايو. پاڻ کي ڏکيو بُکيو رکي به انهن کي اسڪول موڪليو. اهڙيون ڳالهيون جنهن مهان ماڻهوءَ ڪيون ۽ اسان جي ٽهي ڪنن سان ٻڌيون، انهيءَ تعليم دوست سنڌ پرست شخصيت کي سنڌ جي لوڙهن ويڙهن، ڳوٺاڻي اوطاقي ٻوليءَ جو رکوالو لوڪ ڳوٺ سنڌ سڌار سنگت جي اڳواڻ سائين خان محمد پنهور جي نالي سان سڃاڻي ٿو. جيڪو پڻ غير معمولي حالتن مان گذريو آهي. جنھن پنھنجي پوري ڄمار فڪري پورهيو ڪندي گذاري آهي. ڇو ته پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ اسان ماڻهو خاص ڪري سموري سنڌ جا ماڻهو انتهائي غيرمعمولي حالتن ۾ رهيا آهيون ۽ اهڙين غيرمعمولي تنگ حالتن جو ڌرتي لوڪ داستان درد وقت جي پهرين وزيراعظم سان جُڙيل آهي، جنهن سنڌ جون زمنيون تيل وال ڪرڻ لاءِ ڪوڙا ڪليم شروع ڪرايا ۽ باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جيڪو انهن غير معمولي حالتن کان ڏهه سال اڳ سنڌ هاري ڪاميٽيءَ کي سرگرم ڪري چُڪو هو، تنهن پهرين محاذ ۽ پهرين صف ۾ اهڙي قسم جي هچائن سان مها مهاڏو اٽڪايو هو. پاڪستان ۾ غير معمولي حالتون برپا ڪرڻ ۾ تيهان پوءِ سڪندر مرزا، فيلڊ مارشل جنرل ايوب، جنرل ضيا کان پرويز مشرف جهڙا ڪردار ڳڻائي سگهجن ٿا. اهڙي تاريخ ۾ اصل ڌرتي ڌڻي لوڪ کي اڳتي وڌڻ، شعوري طور ترقي ۽ تعليم سميت زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ اڳتي اچڻ جھڙوڪ ناممڪن بڻجي پيو هو. سنڌ جا اهي ماڻهو جيڪي وائسراءِ سان گڏ هئا، اهڙو هڪڙو ئي خاص طبقو حڪمران رهندو پيو اچي. اهڙي قسم جي اڍنگي ورتاءُ سبب خاص ڪري سنڌ پنهنجي سياسي شعور جو ردعمل ڏيڻ شروع ڪيو، جيئن تازي تاريخ ۾ ڪالاباغ ڊيم مخالف ردعمل، ٻيٽن جي والار تي ردعمل، ٻٽي انتظامي مقامي نظام تي ردعمل، تيهان اڳ نه رڳو ڪوڙا ڪليم رد ڪرائي زمين هارين ۾ مفت ورهائڻ جو ردعمل ڏنو ويو پر خاص ڪري ون يونٽ مخالف تحريڪ سنڌي ٻولي بچائڻ واري تحريڪ ۾ سنڌ جو سياسي شعور بنا بندوق هلائڻ جي بئنرز جي قوت تي نعرو لڳائي لڳائي لوڪ نروار ٿيو ته نه کپي، ون يونٽ نه کپي. سنڌ واسين جيڪو اهو ردعمل ڏنو تنهن ۾ شاندار ڪاميابيون پڻ مليون آهن. ناڪام نه ٿيا آهيو ڇو ته شاعر چيو ته ٽوڙيو ڳٽ ون يونٽ ٽوڙي ڇڏيو. ان غير معمولي ڪيفيت مان ڳوٺ سڌار سنگت جي باني سرواڻ سائين خان محمد پنهور پڻ گذريو هو، سندس جوڙيوال سائين قلندر شاهه لڪياري رهيو. شعوري ٻلهه هن سن جي سائين جي ايم سيد ۽ بکوديرو جي جتوئي کان حاصل ڪيو هو. روبرو ڪچهرين ۾ ٻڌايائين ته شاگرديءَ جي زماني ۾ صحافت جو خفت هو تڏهن سائين جي ايم سيد خط لکي ڏنو ته وڃ اخباري مالڪ کي ڏي، توکي نوڪري ملي ويندي. کلي چيائين ته نوڪري ملي ۶۰ رپيا ماهوار پگهار ڏنائون. شڪر آهي توکي ۸۰۰ ٿا ڏين، مون ۸۰۰ جي رڳو ڳالهه ٻڌي هئي. جڏهن مون کي اها پگهار ۱۶۰۰ ملي هئي، اها پهرين اخباري نوڪري جي پهرين پگهار آهي. سنڌ يونيورسٽي پروفيسر سماجي شعبو ۽ ڊاڪٽري صحافت جي شعبي ۾ ڪندڙ خان محمد پنهور جي مٺڙي لهجي ۾ ڳالهائڻ جو انداز نرالو هوندو هو. سندس ٻولي ٻاجهاري هوندي هئي. ديس دنيا ۾ صحافت جو شعبو هر دور ۾ غيرمعمولي تنگ حالتن جو اڀياسي آئينو ڏيکاريندو رهندو آهي، تڏهن چوندا آهن ته صحافي ڪڏهن به رٽائر نه ٿيندو آهي. صحافت کاٻي هٿ جو کيل آهي تمام گهٽ ماڻهن کي خبر آهي ته اهو کاٻو هٿ ڇا آهي؟ کاٻڙ ۾ ڪهڙي نموني جي گڙٻڙ هوندي آهي! صحافتي شعبي ۾ ٻوٿ ڪاريون رڍون شامل ٿي ويون آهن، حرام خوري تيز رفتاريءَ سان وڌي پئي، جنهن سبب کاٻڙ ڪمزور ۽ ساڄڙ سگهارو ٿي رهيو آهي. سنڌ هاري ڪاميٽي جو ترجمان آواز هاري حقدار ته پوءِ جي ڳالهه آهي تيهان اڳ سنڌ ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي جڏهن سنڌي ٻولي واري صحافت شروع ڪئي، تنهن کي جديد صحافتي صف قرار ڏيئي سگهجي ٿو. تنهن سفر ۾ اڳتي هلي عثمان ڏيپلائي وڌيو، جنهن لفظ عبرت سان اخبار لوڪ پڌري ڪئي هئي. لڳ ڀڳ عبرت ۽ هاري حقدار جو لوڪ پڌرو ٿيڻ ساڳيو دور آهي. سنڌي صحافتي انهي دور بابت سنڌ ڳوٺ سڌار سنگت جي سرواڻ تعليم دوست شخصيت خان محمد پنهور جو ڪتاب “ٻري جن ٻاري” کان رسالو پارس جا پرچا تاريخ ساز مواد آهي. پنهنجي يادگيرين ۾ جرمني ڄائي سنڌي سڀا جو حصو ٿي ويل اينميري شمل لکيو آهي ته “مون کي سموري سنڌ جي ماڳن جو سير بشمول مڪلي ۽ موهن جو دڙو خان محمد پنهور ڪرايو آهي.” تعليم دوست شخصيت خان محمد پنهور سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ صحافتي شعبي جي باني هجڻ جو اعزاز رکي ٿو. ڇو ته جڏهن ڀٽو دور ۾ او آءِ سي اسلام آباد بيٺڪ ٿي، تڏهن ڀٽو جا گهاٽا يار ڪرنل معمر قذافي ۽ ياسر عرفات جي ميزباني جنهن آفيسر حوالي ڪئي، اهو ڪم ڀٽو طرفان تعليم دوست شخصيت خان محمد پنهور کي اهو چئي ڏنو ته سنڌي رسمن طور مهمانن جي ميزباني اوهان کي ڪرڻي آهي. جڏهن ڀٽو، خان محمد پنهور مان تمام گهڻو خوش ٿيو ته کانئس پڇيو اڄ جيڪو گهرندي اهو اوهان کي ملندو. تڏهن ھن تعليم دوست شخصيت سنڌ يونيورسٽي ۾ صحافت جو شبعو کولرائڻ جي گهر ڪئي۔ اها ڳالهه خان محمد پنهور روبرو مون کي ڪچهرين ۾ نوي جي ڏهاڪي دوران ٻڌائي هئي. هو گرمي سرديءَ جي پراوهه نه ڪندو هو. هڪڙي ڀيري اسان جي شهر دوڙ ۾ ايل ايم سي مان ڊاڪٽري پڙهي پهتل ڊاڪٽر سيد حبيب احمد شاهه جيلاني نئون نئون نجي اسپتال جو ڪم شروع ڪيو ته اسان گڏجي ڳوٺ سڌار سنگت جي پليٽ فارم ۽ سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جي سهڪارن سان گڏجي دوڙ ڀرسان ڳوٺ انڙ جتي صرف هاري پورهيت رهندا آهن، اتي باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي ورسي جي موقعي تي مفت ميڊيڪل ڪيمپ کڻي تقريب ڪئي. ۲۱ مئي نوابشاهه ضلعي واري سخت گرميءَ دوران به خان محمد پنهور پاڻ انهيءَ تقريب ۾ خاص مهمان هو ۽ شرڪت ڪئي، سموري تقريب دوران شريڪ عمل رهيو. ڳوٺ سڌار سنگت بابت ڪچهرين دوران هو چوندو رهندو هو ته جيڪڏهن ڳوٺ آباد اسڪيم سنڌ سرڪار جي وزارت بهتر انداز سان ڪم ڪرڻ شروع ڪري ته سنڌ جا سمورا ڳوٺ بنيادي سماجي مسئلن جي عذاب کان آجپو حاصل ڪري سگهن ٿا. ڳوٺن کي روڊ هجڻ گهرجن ته جيئن زرعي پيداوار سان گڏ بيمار ۽ لاچار ماڻهو به جلد شهر پهچي اسپتال ۾ ڪنهن ڊاڪٽر وٽ پنهنجو علاج ڪرائي سگهي. وڏن ڳوٺن ۾ اسڪول هئڻ کپن ته جيئن ننڍڙا ٻارڙا بنيادي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ پڙهي شهرن جي وڏن اسڪولن پهچي سگهن. جيڪڏهن سنڌي قوم جديد زماني مان ڪجهه سکڻ چاهي ۽ پرائڻ چاهي، ترقي ڪرڻ چاهي ته پوءِ تمام بهتر اوزار ۽ زيور تعليم آهي. پنهنجا ٻارڙا سڀني کي، هارين پورهتن کي ته لازمي پڙهائڻ کپن. خان محمد پنهور اهو سنيهو کڻي ڳوٺ سڌار سنگت جا ڳوٺ ڳوٺ ۾ يونٽ کولرائيندو رهيو پر جڏهن وقت جي وزيراعظم محمد خان جوڻيجو سنڌڙي واري ڳوٺ آباد پڪا ڳوٺ اسڪيمون شروع ڪيون تڏهن تعليم هن تمام زور سان اهو مطالبو ڪيو ته هاڻ دير نه ٿيڻ کپي پر سنڌ دشمن نوڪر شاهي وقت جي وزيراعظم محمد خان جوڻيجو جي رٿا رلائي ڇڏي. نئين روشني اسڪول پڻ ناڪام رٿا ثابت ٿي، جنهن جو ذميوار وقت جو وزيراعظم محمد خان جوڻيجو نه پر سنڌ دشمن سنڌ جي نوڪر شاهي آهي. تعليم دوست شخصيت خان محمد پنهور رسالو پارس انهيءَ مقصد لاءِ ڀرپور آواز بنايو هو. هو ساڳئي وقت سگا کان سنڌي ادبي سنگت تائين سرگرم جاکوڙي ڪردار رهيو. هن جي ڳوٺ آراضي ڀرسان هڪڙي واهڙ ڳوٺ هو ته ٻئي طرف سن جا سياسي اولڙا هئا. اعجاز قريشي ساڳئي دور ۾ ساماڻيو ته سنڌ جو صحافتي ارڏو ڪردار مدد علي سنڌي پڻ ساڳئي دور ۾ ساماڻيو. خان محمد پنهور صحافتي سفر ۾ روزاني عبرت حيدرآباد سان گهڻو وقت جڙيل رهيو. جڏهن مان به عبرت سان واڳيل هوس ته ڪچهرين دوران هدايتون ڪندو رهندو هو ته سنڌي صحافت سٺو عوامي مورچو آهي، تنهن کان ڪڏهن به ڌار نه ٿجاءِ. هن اها به هدايت ڪئي ته جيڪي ڪجهه ڏسين پسين ٿو اهو لک، قلم جي قوت تمام وڏي قوت آهي. جيڪو جڳت ۾ ڏسو ٿا، پسو ٿا اهو لکو. لکڻ نه ڇڏيو، پڙهڻ نه وساريو، پڙهڻ لکڻ سان ماڻهو بهتر انسان ٿئي ٿو. تنهن ڪري وڌيڪ مان انهي حوالي سان خوش قسمت آهيان ته انهيءَ سکڻ واري ڄمار دوران کانئس گهڻو ڪجهه سکڻ لکڻ پڙهڻ جو موقعو مليو. محبتون مليون، پيار مليو، انساني دوستيءَ جو وکر مليو. صحافت ادب احترام جو رستو مليو، هُن جهڙو سماجي تعليم ۾ بهترين استاد مليو، جديد سنڌي صحافت جي محقق سان گڏ شيخ عبدالمجيد سنڌي جي صحافت، دليل شخصيت کي سمجهڻ جو پڻ شاندار موقعو مليو. هڪڙي ڀيري شيخ عبدالمجيد سنڌي جي آخري آرام گاهه تي مدد علي سنڌيءَ سان گڏ حاضري ڀري ته وڏي احترام سان مدد علي سنڌي تنهن تربت کي ادب احترام جو سلام ڪندي چيو ته ڏس هي اصل سنڌ جا هيرا آهن. هي سچا کرا ماڻهو هئا. پڙهيو ضرور هو سمجهيو شيخ عبدالمجيد سنڌي کي خان محمد پنهور ۽ مدد علي سنڌيءَ جي وسيلي. ڇو ته مدد علي سنڌي جي اندر ۾ جيڪا سنڌ آهي سا آواز جي انداز ۾ سنڌ جي وقت جي وڏي وزير ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم جي رني ڪوٽ قلعي واري ڪانفرنس جي خطاب جو تاريخي حوالو آهي. مدد علي سنڌي اهو ڪمال جو ڪم ڪيو جو ونگي جي ڄام ۽ لسٻيلي جي ڄام کي تاريخ سان جوڙي ڇڏيو هو. جيڪي سنڌ جا ڄام آهن، سنڌي پنهنجي سڀاءَ ۾ وڏي رتبي واري پڳدار کي پاڳارو ۽ ڄام سڏيندا آهن، باقي لفظ آغا، خان، سردار وارا لفظ ۽ ٻيا اکر رتبا ٻين قومن جي تاريخ سان جڙيل آهن. سوڍو، ڪنور، راڻو به سنڌي رتبو آهي پر سڀني کان وڌيڪ رتبو ڄام جو آهي، تنهن ڪري لاکيڻي لطيف لفظ ڄام کي وڌيڪ رتبي سان پنهنجي شعر ۾ ڪتب آڻي ڇڏيو آهي. خان محمد پنهور پڻ تمام سٻاجهي ٻولي ڳالهائيندو هو ۽ ماڻهن کي سمجهائڻ جي جاکوڙ ڪندڙ رهيو ته سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جي سرواڻ باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جا ساٿي هاري ورڪر ٿورو سياسي لهجي ۾ ڳوٺن ۾ ڳالهيون ڪندا آهن. اسان ڳوٺ سڌار سنگت وارا سماجي طور ڳوٺاڻن سان ملندا آهيون، ڪم ساڳيو آهي صرف انداز تبديل ٿيل آهي. هاڻ اوهان سمجهو ته فڪري طور ڪيتري سگهاري انداز سان خان محمد پنهور پنهنجي پرچارڪ دوران تمام سادي طريقي سان پيغام پهچائي ڇڏيو هو. سندس يگاني ڪردار جو ٻيو اهم جوڙي ۾ شامل عبدالغفور الستي به رهيو. يوسف سنڌي جو وڏو ڀاءُ جيڪو ون يونٽ تحريڪ ۾ ضلعي ٺٽي ۾ انتهائي سگهارو انقلابي ڪردار رهيو آهي. هي سنڌ جا خاموش فڪري فقير سپاهي رهيا آهن، جيڪي ڪڏهن به اسٽيج جا محتاج نه رهيا، پر اسٽيج انهن لاءِ محتاج رهيا. اڄ تعليم دوست شخصيت خان محمد پنهور جي ورسي آهي، جيڪو ڪڏهن وسريو ئي ناهي ته انهيءَ کي ياد ڇو ڪيون؟ (ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۸ مئي ۲۰۲۱ع تي ڇپيل) ڊاڪٽر خان محمد پنهور (۲۷جون۱۹۴۹ع ــ ۲۷مئي ۱۹۹۹ع) - سيوهڻ جون ادبي شخصيتون) مير حاجن مير ڊاڪٽر خان محمد پنهور ولد محمد يعقوب پنهور ولد چنگل پنهور تعلقي سيوهڻ جي قديم ڳوٺ آراضي ۾ پيدا ٿيو، ابتدائي تعليم آراضي مان، حاصل ڪيائين، پوءِ ڀان سعيد آباد، ۽ هالا مان ۱۹۶۸ع تي انٽر جي تعليم حاصل ڪيائين ڪراچي يونيورسٽي مان جنرلزم جي ڊگري حاصل ڪيائين کيس ننڍي هوندي ئي ادبي پروگرام ۾ شرڪت ڪرڻ جو شوق هو، سماج سڌارڪ، جي ننڍي هوندئي ڪا ستي مليل هيس. سندس شخصيت کي ٽن حصن ۾ ورهائجي ٿو. (۱) سماج سڌارڪ (۲) نوڪري (۳) ادبي دنيا. سماج سڌارڪ: ڊاڪٽر خان محمد پنهور ننڍي هوندي ئي سماج ۽ سماجي تنظيمن سان لاڳاپيل رهيو. هن کي سماج جو درد هو. هو ٻين جا درد ڏسي خاموش نه ويهندو هو. هن جي ذهن ۽ دل ۾ سماج ۽ ماڻهن لاءِ هڪ الڳ دنيا ٺهيل هئي. هن جي اک الٽي نموني سماج کي ڏسندي هئي. سماج ۾ گدلاڻ کي صاف ڪرڻ لاءِ رات ڏينهن جاکوڙيندو رهيو. سندس سماج ۾ ڪردار گهرائي سچائي وارو رهيو، هن ڳوٺ سڌار سنگت جو ۱۹۸۳ع بنياد رکيو.هن ڳوٺ ڳوٺ ماڻهن کي ليڪچر ڏئي ماڻهن کي چيو ته پنهنجا ٻار پڙهايو ڳوٺن جو حالتون تبديل ڪريو، ۽ ان سان گڏ ڳوٺن ۾ وڏا وڏا سماج سڌارڪ ۽ اديب وٺي ويندو هو. جيئن ماڻهن تي اثر پئي. هو به ٻار پڙهائن ۽ ڳوٺن کي شهري ماحول مطابق تبديل ڪن. هن ڳوٺ سڌار سنگت جي پليٽ فارم تي ڪيئي اسڪول ۽ غريبن کي گهر ٺهرائي ڏنا. هن محمد خان جوڻيجي وزير اعظم پاڪستان جي دؤر ۾ روشني اسڪولن واري پروگرام ۾ به بهترين ڪم ڪيو. هن M.R.D خلاف تحريڪن ۾ شرڪت ڪئي. ۽ ضياالحق جي دؤر ۾ جڏهن سگا تي بين لڳل هو ته ان وقت به هو سگا سان لاڳاپيل هو. ڊاڪٽر سليمان شيخ لکي ٿو ته” ۱۹۶۸ع ۾ خان محمد پنهور سان پهرين ملاقات هئي. جڏهن سگا جو بنياد پيو ته خان محمد پنهور ان جي پهرين ميمبرن مان ئي هو. سگا ۾ جيڪو ميڊيڪل ڪئمپن جو رواج هاڻ عام ٿي ويو آهي. پر اهو خان محمد پنهور جي ذهن جي پيداوار آهي. (شيخ، ۲۰۰۴: ۳۷) ڊاڪٽر خان محمد پنهور کي رات ڏينهن سماج جو اونو هوندو هو. ٻهراڙين ميڊيڪل ڪئمپون لڳائڻ، ادبي پروگرام ڪرائڻ ۽ ڳوٺن جي حالتن مسئلن تي بي رياءِ ٿي ڳالهائيندو هو. غريبن جي مدد هڙان وڙان ڪندو هو “خان محمد هڪ فرد” هڪ تحريڪ، هڪ علامت ۽ هڪ اتساهه ڏياريندڙ علامت هئو. سندس ڪيترائي شاگرد ۽ ساٿي سياست، صحافت ۽ سماجي ڪم جون ڏاڪڻيون استعمال ڪري وڏن سماجي رتبن ۽ مالي فائدن حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا. اها انهن جي چونڊ هئي پر هن پنهنجي پوري شعور سان فقيري اختيار ڪئي. ۽ وقت جو اٽل فيصلو آهي ته اهائي راهه اصل فائدي ۽ وڏي عزت ۽ احترام واري آهي.”( لڪياري، ۲۰۰۴: ۲۲-۲۳) غريب شاگردن لاءِ پوئرليف فنڊ پڻ قائم ڪيائين. نوڪري پهرين ڊاڪٽر خان محمد پنهور ٽيلفور آپريٽر ٿيو. ان کان پوءِ سنڌ سرڪار جي اطلاعات واري کاتي ۾ انفارميشن آفيسر رهيو ۱۹۷۷ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ۽ نامور شاعر شيخ اياز جي دؤر ۾ جرنلزم جو ليڪچرار ٿيو. سنڌ يونيورسٽي ۾ جرنلزم ڊپارٽمينٽ قائم ڪرڻ جي سندس ئي خواهش هئي. شيخ اياز جرنلزم ڊپارٽمينٽ قائم ڪري کيس نوڪري ڏني. ڊاڪٽر صاحب جرنلزم ڊپارٽمينٽ جو انچارج ۽ چيئرمين پڻ رهيو ۱۹۹۸ع ۱۱ سال سروس ڇڏي رٽائر ٿيو. ادبي دنيا ڊاڪٽر خان محمد پنهور پبلشر ايڊيٽر، ليکڪ، مرتب ۽ اسڪالر هيو. سندس لکت جو نمونو عالمانه هيو. هن شرعات ۾ ننڍا ننڍا رسالا ڪڍيا. جن ۾ بزم گلشن، منڇر ادب، ٻارن جي ٻاري، ٻالڪ نئون نياپو سنڌي پلبيڪشن ماهوار رسالو جاري ڪيائين. جنهن جا پير حسام الدين راشد نمبر ۽ شيخ عبدالمجيد نمبر صحافتي، ادبي لکڻين يادگار حيثيت رکن ٿا. سرتاج ۽ پارس نالي به رسلا ڪڍيائين هوندا سي حيات (ترتيب) ۱۹۷۸ع نعرو مستانه (ترتيب) ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جا ڪالم. Shaik Abdul Majeed Sindhi Life & Achivements. ٻري جن ٻاري ۱۹۹۵ع ٻري جن ٻاري ڊاڪٽر خان محمد پنهور جو ايم فل (M.Phil) مقالو آهي. هي مقالو “شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جون صحافتي علمي ۽ ادبي خدمتون “ تي لکيل آهي. هي مقالو ڊاڪٽر صاحب لکيو ته پهرين هو، پر سنڌي ادبي بورڊ ۱۹۹۵ع ۾ ڇپيو آهي ان کان پهرين سندس PH.D ۱۹۹۱ع ۾ ڇپجي چڪي هئي. هن ڪتاب ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ ادبي علمي، سياسي صحافتي خدمتن کي بهترين نموني بيان ڪيو ويو آهي. الوحيد جو، سنڌ جي صحافت، سياست ۽ علم ادب ۾ حصو ۱۹۹۱ع مٿيون ڪتاب ڊاڪٽر خان محمد پنهور صاحب جو PH.D مقالو آهي. الوحيد اخبار جي جاري ڪرڻ جو مقصد هيئن بيان ڪري ٿو. عام مسلمانن ۾ سياسي شعور پيدا ڪرڻ مقامات مقدس ۽ هندستان کان آزادي لاءِ مسلمانن ۾ اتحاد پيدا ڪرڻ. مسلمانن ۽ خاص طور سنڌ جي ماڻهن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ. مسلمانن جي مرڪز خلافت جي قائم ۽ دائم واسطي جدوجهد ڪرڻ. الوحيد جي تاريخ شاهد آهي ته انهن مقاصدن حاصل ڪرڻ لاءِ وڏو جدوجهد ڪئي آهي. ان ڏس ۾ الوحيد جي ايڊيٽرن، مالڪن ۽ ٻين ڪارڪن کي جيلن جون سزائون ڏنڊ ۽ ٻيا ڏکيا ڏينهن ۽ تڪليفون ڪاٽڻيون پيون.” (پنهور، ۱۹۹۵: ۱۹۳) ڊاڪٽر خان محمد جون ڪيل ادبي خدمتون ادبي تاريخ ۾ هڪ خاص جاءِ والارين ٿيون. هن جا مختلف پاسا صحافت، سماجيات، ڳوٺ سڌار سنگت ميڊيڪل ڪئمپون سماج کي شعور ڏيڻ لاءِ سڄي زندگي جا کوڙيندو رهيو طارق عالم ابڙو لکي ٿو ته: اسان سڀ اهو ڄاڻندي ته خان محمد پنهور ڪو عام انسان نه، پر هن قوم جي بهتر زندگي لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ انسان آهي. جيڪي پنهنجي سموري ڄمار ۽ جتي به رسيو “مسڪين جهان خان کوسي،” جي اڌوري خواب کي مڪمل ڪرڻ جي هر ممڪن جاکوڙ ڪندو رهيو هن عجب شخص پنهنجي علمي زندگي ۾ ڪا وڏي مسند ماڻڻ لاءِ ڪنهن جي پيرن هيٺان قالين نه ڇڪيو ڪنهن جي ڪرسي نه کسڪائي، ها پر ائين ضرور ٿيو ته جن کي هن چيچ کان وٺي هلڻ سکياريو يا جن کي هن پاڻ دعوت ڏئي پنهنجي جوڙيل جاءِ ۾ مستقبل جي تعمير ڪرڻ لاءِ وٺي اچي آباد ڪيو تن کيس اڳتي اچي لويو. خان محمد پنهور ڪنهن شخص جو نالو ناهي هڪ تحريڪ جو نالو خان محمد پنهور آهي. (عالم، ۲۰۰۴: ۸۳) سنڌ يونيورسٽي جي جرنلزم ڊپارٽمينٽ جو بنياد وجهندڙ، سماج سڌارڪ، ايڊيٽر، عالم، محقق، استاد، سوشل ورڪر ڊاڪٽر خان محمد پنهور راهه رباني ورتي کيس سنڌ يونيورسٽي جي قبرستان ريلوي اسٽيشن ڄامشورو ويجهو مدفن ڪيو ويو. سندس وڇوڙي تي امداد حسيني لکيو ته سچ ته اهو آهي ته خان محمد پنهور به هڪ “بحر” هو هن زندگي ۾ جيڪا جاکوڙ ڪئي ۽ سنڌ لاءِ جيڪو به ڪم ڪيو ان جي اهميت آهي. پوءِ اها سگا لاءِ هجي يا ڳوٺ سڌار سنگت لاءِ هر فنڪشن ۾ سندس شرڪت لازمي هوندي هئي. (حسيني، ۲۰۰۴: ۱۲۵) مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي فرمائي ٿو ته خان محمد پنهور ۽ عابد لغاري ماڻهو نه جن آهن. (قاسمي، ۲۰۰۴: ۲۱) سندس لکڻي جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو.’الحيد‘ اخبار ۱۵مارچ ۱۹۲۰ع ۾ جاري ٿي هيءَ اخبار ڪيئن جاري ٿي؟ ڇو جاري ٿي؟ ۽ سندس وجود وٺڻ ۽ جاري ڪرڻ جا مقصد ڪهڙا هئا؟ انهن سڀني معاملن تي هن ٿيسز ۾ غور ڪري انهن معاملن تي ويچاريو ويو آهي. سڀ کان پهرين اخبار جي اجراءَ تي ڪجهه بحث ڪجي ٿو. جيئن الوحيد جي ڪهاڻيءَ ۾ منڍ کان آخر تائين پهچائي سگهجي سنڌ ۾ پهرين خلافت ڪانفرنس ۱۹۱۹ع ۾ حيدرآباد علامه الحاج حافظ مفتي مخدوم غلام محمد ملڪاڻيءَ جي زير صدارت منعقد ٿي جنهن ۾ سنڌ جا علماءَ ڪرام به اڪثريت ۾ آيل هئا. انهن ليڊرن ۾ مجاهد اسلام مولانا سيد تاج محمد امروٽي، مولانا غلام عمر سوني جتوئي وارو مولانا حامدالله لاڙائي، مولانا دين محمد وفائي. مولانا حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، مولانا محمد صادق کڏي وارو ڪراچي مولانا محمد صديق مورائي پير غلام مجددم مٽياري، مولانا عبدالرحيم مگسي، راشدي ڀائر، شيخ عبدالمجيد سنڌي عبدالجبار وڪيل، ڊاڪٽر انور محمد وڪيل، ۽ ٻيا ڪيترائي ليڊر اچي شريڪ ٿيا. خان بهادر غلام محمد ڀرڳڙي سياست سبب انگريزن جي جيل مان آزاد ٿي انهيءَ ڏيرن اچي شريڪ ٿيو هو. پنهور ۱۹۹۱ع ۶۸) شيخ، محمد سليمان، ڊاڪٽر، ۲۰۰۴: خان محمد پنهور، مرتب، ناصر پنهور ،ڊاڪٽر خان محمد پنهور ميموريل ٽرسٽ، ڄام شورو. لڪياري، قلندر شاهه،۲۰۰۴: خان محمد پنهور، مرتب، ناصر پنهور ،ڊاڪٽر خان محمد پنهور ميموريل ٽرسٽ ڄام شورو. پنهور، خان محمد، ڊاڪٽر، ۱۹۹۵: ٻري جن ٻاري، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو. عالم، طارق، ابڙو، ۲۰۰۴: خان محمد پنهور، مرتب، ناصر پنهور ،ڊاڪٽر خان محمد ميموريل ٽرسٽ، ڄام شورو. حسيني، امداد، ۲۰۰۴: خان محمد پنهور، مرتب، ناصر پنهور ،ڊاڪٽر خان محمد ميموريل ٽرسٽ، ڄام شورو. قاسمي، غلام مصطفيٰ، علامه،۲۰۰۴: خان محمد پنهور،مرتب، ناصر پنهور،ڊاڪٽرخان محمد پنهور ميموريل ٽرسٽ ڄام شورو. پنهور، خان محمد ڊاڪٽر،۱۹۹۱: الوحيد جو سنڌ جي صحافت ، سياست ۽ علم ادب ۾ حصو. (مير حاجن مير جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۰ پريل ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل) Dr. Khan Muhammad Panhwar A Man of Action By: Khalid Hussain Channa A dictum “Actions speak louder than words” rightly represents when it comes to describe the life and struggle of a great social reformer Dr. Khan Muhammad Panhwar. One of his prime missions was to reform villages of Sindh. He made continuous field work in sizzling heat or biting cold from dawn to dusk for the neglected, downtrodden and poor class of people leading a miserable life in the remote areas of Sindh in an attempt to establish prosperous and well developed peaceful Sindh. His role for the promotion of girls-education in the remote areas of Sindh proved revolutionary. Dr Khan Muhammad Panhwar was an institute who enables lots people to aware poor villagers of their rights and work collaboratively for making model villages. He was born on 27 June 1949 in a small village Aarazi near Sehwan taluka. He got primary education from government school Aarazi, middle from Bhan syedabad , matric from Dadu, B.A from Hala college and M.A from Karachi university. He travelled a lot and made friends in whole Sindh. It was his quality that he knew names of most the people working with him. Dr Khan Muhammad Panhwar started practical life with journalism and remained with it till the last breath. He founded mass communication department when Shaikh Ayaz was Vice Chancellor of University of Sindh and issued magazines Sartaj, Marvie, Baalak, Naoun Niyapo. He used to bring out Paras monthly magazine. When a ban was imposed on SGA volunteers working in government, he founded Goth Sudhar Sanghat and worked with great commitment and determination for the reformation of villages in Sindh. He opened many schools and encouraged education of girls in villages of Sindh. He worked as director to Naee Roshni Schools for many years. He never complained, never cried but fought the battle of life bravely against all odds. He passed away on 27 May 1999 at ICU of LUMS Hyderabad but his selfless services and works in society are exemplary that blesses immortality to Dr Khan Muhammad Panhwar today and ever.
ساڌو واسواڻي سنڌ جو سچو خدمتگار دادا جشن واسواڻي سنڌيڪار: سنگرام ساڌو واسواڻي ۲۵ نومبر ۱۸۷۹ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائو هو. اڄ به، سندس جنم کان ۱۳۰ ورهين ۽ سنڌ مان لڏي هند ۾ اچي رهڻ کان ۵۷ سالن کان پوءِ به، پاڪستان ۾ سنڌي- هندو توڻي مسلمان- ساڌو واسواڻيءَ جو مانُ سَنمانُ ڪن ٿا، اُن جا گُڻ ڳائن ٿا، ۽ کيس ويهين صديءَ جو مهانُ سنتُ سمجِهي، پنهنجو ڪن ٿا. دنيا، سنڌ جي هِن سنتُ جهڙو وِرلي ئي ڪو ذهين، ڏاهو ۽ مهاپرتابي ماڻهو ڏٺو هوندو. آءٌ پنهنجي گُروءَ ۽ ههڙي مهان سنت کي اوهان اڳيان ڪهڙن شٻدن ۾ ۽ ڪيئن بيان ڪري سگهان ٿو؟ ڇا ڪو کُڙکُٻيتو آڌيءَ رات جو چمڪندڙ چنڊ جي جادوءَ کي بيان ڪري سگهي ٿو؟ ڇا، ڪنهن ميڻ بتيءَ مان ٻنپهرن جي سج جِي روشنيءَ جهڙِي اُميد رکي سگهجي ٿي؟ ڇا، ڪنهن رستي ڪناري ٽڙيل ڪو گُل ايران جي گُلابن جي باغن جِي سُڳنڌُ، اُنهن جي نزاڪت، اُنهن جِي سُونهنَ جون سِڪون لاهي سگهي ٿو؟ ساڌو واسواڻيءَ تي قلم کڻڻ لائق آءٌ تڏهن ئي ٿي سگهان ٿو، جڏهن منهنجن لفظن ۾ ڪو جادو هجي، منهنجي هينئين ۾ ڪو سنگيت هجي- اهڙو سنگيت، جيڪو جِيونَ جِندُ کي پريم ۽ پاٻُوههَ جو سُريلو گيتُ بڻائي سگهي ۽ منهنجي جِيءُ ۾ ڪا اهڙي جوت جلندڙ هجي، ڪا اهڙي بِرِهه جِي باهه ٻرندڙ هجي، جيڪا اُن وقت تائين لڳاتار ٻرندي رهي، جيستائين منهنجي سرِير ۾ ساههَ جو سڳو سُرندو رهي ٿو ۽ جيستائين آءٌ فنا ٿي نٿو وڃان! پر، نه ته منهنجن لفظن ۾ ڪو جادو آهي، ۽ نه ئي منهنجي هِردي ۾ ڪو سنگيت. ۽ آتمڪ جوت منهنجي من مندر ۾ اڃا تائين ڀڙڪو کاڌو ئي نه آهي. پر، اِن هوندي به، آءٌ سندس صدا جو پڙلاءُ بڻجڻ جِي آسا رکان ٿو. اُها صدا منهنجن ڪَنن ۾ مندر جي ڪنهن گهِنڊ وانگُر گُونجي ٿي. اُها ايڪانت وارين گهڙين ۾ مون سان ڀُڻڪار ڪري ٿِي. اُها منهنجن سُپنن ۾ مون سان رِهاڻيون ڪري ٿِي، اُها مون کي جِهنجهوڙي، ننڊ مان جاڳائي ٿِي. سندس آواز مون کان هر هر اِهو سوالُ پُڇندو رهندو آهي،”تون اڃا ڪيستائين سُتو رهندين؟ تون هِن ڪُوڙيءَ ۽ اَوَگُڻِي دنيا ۾ ڪيستائين ڀوڳنائون ڀوڳيندو رهندين؟ تون پاڇولن پويان، جيڪي ڇايا آهن، اچن ٿا ۽ وڃن ٿا، اڃا ڪيترو رُلندو ۽ ڀِٽڪندو رهندين؟ اُٿ، جاڳُ! اُٿ، جاڳُ! ۽ هِن دنيا جي موههَ جي پنجوڙن کي ٽوڙي، اُن راههَ ڏانهن وِکون کڻ، جتي تنهنجو ڀاڳُ توکي پُڪاري رهيو آهي. قافلو اڳتي وڌي رهيو آهي. اُٺ جي ڪنڌ ۾ ٻڌل گهِنڊ جو آواز ٻُڌ! اُهو ڪهڙو اعلان ڪري رهيو آهي؟“ پريم جي ديوتا جو هڪ اَوَتار: ”پرلوڪ جا ٻالڪ!“ اِهي لفظ اِئين ئِي مِڙيئي ڪو نه چيا ويا آهن. اِهي لفظ سندن هِردي جي نِهايت ئِي اُونهي وِشواسُ کي ظاهر ڪن ٿا. اسان مان هرڪوئي پرلوڪ جو ٻار آهي. اسان مان هر هڪ ڄڻو اِيشوَر جي ابدِي گيت جو هڪ تانُ آهي، سُرُ آهي. الا! اسين پنهنجو پاڻ کي هڏ ماس جي هڪ پڃري طور سڃاڻون ٿا، جنهن تي مايا ۽ موههَ جا پردا چڙهيل آهن، ۽ اسين پنهنجن اِڇائن ۽ ڊپ، ڪاوڙ ۽ اڀمان جِي هرهڪ لهر ۾ لُڙهي وڃون ٿا. ساڌو واسواڻيءَ جا هِيءُ شٻد وڏيءَ معنى وارا آهن، ”اِيشوَر انسان جو ڳُجهه آهي. ماڻهو اُن وقت تائين پنهنجو پاڻ کي نٿو سُڃاڻي سگهي، جيستائين هُو اِيشوَر کي پاڻ ۾ نٿو پَسي. انسان جو نِهايت ئِي اُونهون اندر، اِيشوَر آهي!“ ۽ جڏهن اسان کانئس پڇيوسون، ”جيڪڏهن اسين سچ پچ به اِيشوَر آهيون، ته پوءِ اسين پنهنجون يادگيريون سانڍي ڇو نٿا رکي سگهون؟“ هُن وراڻيو، ”جهڙيءَ رِيت تيل لڳل آئينو صحيح شبيهه نٿو ٺاهي سگهي، تهڙيءَ رِيت، اسان جو مَنُ خواهشن ۽ موههَ جي بادلن سان ڍڪيل هوندو آهي، جيڪي آتما اندر سمايل عظيم يادگيريءَ کي ڌُنڌلو يا اَڻ چِٽو بڻائي ڇڏين ٿا“. اسان وري پڇيوسون، ”مَنَ جِي آرسيءَ کي ڪامنائن ۽ فطري خواهشن کان ڪيئن صاف ڪري سگهجي ٿو؟“ ساڌو واسواڻيءَ جو جوابُ هو، ”پريم ۾ پاڻ کي پوريءَ طرح فنا ڪري ڇڏيو. پنهنجو پاڻ کي اِيشوَر جي پريم ۾ مگن ڪري ڇڏيو، اِن رِيت اُن هڪڙي کي حاصل ڪري سگهندؤ، جنهن جِي اوهان کي ڳولا آهي!“ ساڌو واسواڻي چوندو هو ته خاڪ جيئن نِهٺا ۽ نِراَهنڪاري بڻجو، پنهنجي اَهَم کي، خُوديءَ کي ۽ هر اُنهيءَ ڳالهه، جيڪا اوهان ۾ اڀمانُ، اهنڪار، يا وڏائيءَ جو احساس پيدا ڪري، تنهن کان پالها ٿي وڃو، اوهان جي مَنَ جا ڀِرم ڪافور ٿي ويندا. جيڪڏهن مون کي ساڌو واسواڻيءَ جي جِيونَ جي راز کي ٿورڙن لفظن ۾ بيان ڪرڻ لاءِ چيو وڃي، ته آءٌ اُن کي فقط ٻِن لفظن ۾ سموهيندس- نِهٺائي ۽ پريم. سندس نِهٺائي بيان ڪرڻ کان ٻاهر هئي، ۽ سندس بي انت پيار سڀني لاءِ هڪ جهڙو هو، پوءِ اُهو امير هجي يا غريب، ڪو وڏو ماڻهو هجي يا ننڍو، صاحبَ اختيار ماڻهو هجي، يا عام آدمي، جن کي دنيا هر روز ڏُکوئيندي رهندي آهي، سندن نِرآدَرُ ڪندي رهندي آهي. جيڪي ماڻهو ساڻس ملڻ ايندا هئا، سي سندس نِمرتا ۽ پريم ڏسي، دنگ رهجي ويندا هئا. جيڪو ماڻهو ساڻس پهريون ڀيرو ملڻ ايندو هو، حيرت منجهان چوندو هو: ”اهڙو پيار ته مون کي سڄيءَ ڄمار ۾ ڪڏهن به ناهي مليو!“ سندس نهٺائي هڪ اهڙي ماڻهوءَ جِي نهٺائي هئي، جنهن پنهنجو پاڻ کي فنا ڪري ڇڏيو هو. سندس زندگيءَ جِي وڏي ۾ وڏي اِڇا اِها هئي ته پاڻ ’سڀ کان ننڍي ۾ ننڍو، خسِيس خسِيسُ، نِيچ ۾ نِيچ‘ ماڻهو بڻجي. هو تمام وڏو ماڻهو هو، پر هُن پنهنجا سڀئي اَهنڪارَ ماري ماتِ ڪري ڇڏيا هئا، هُو اُنهن تي فتح پائي چُڪو هو. زندگيءَ ۾ ”وڏا“ ڪم ڪرڻ لاءِ قسمت کيس پنهنجي ايڪانت مان وري وري گِهلي ٻاهر ڪڍيو، پر پاڻ ننڍا ننڍا ڪم ڪندي سَرهائي محسوس ڪندو هو. جڏهن ڪنهن اڇُوت جي ڪمري مان ٻُهارِي ڪڍندو هو، يا ڪنهن فقير کي وِهنجاري، نوان ڪپڙا پهرائيندو هو ته اُن وقت سندس خوشيءَ جِي ڪا اِنتها نه رهندي هئي. پاڻ گَهرٽِيءَ تي غريبن لاءِ اَنُ پِيهڻ لاءِ وِهندو هو ته سندس مُک خوشيءَ وِچان ٻههَ ٻههَ ٻهڪڻ لڳندو هو. ڪراچيءَ ۾ پنهنجي گهر جِي ڇِتِ تي سَوَن جي انگ ۾ ولر ڪري ايندڙ پکين کي جڏهن پنهنجن هٿن سان چوڳو ڏيندو هو ته پنهنجو پاڻ کي اَڪَٿُ آنندُ ۾ محسوس ڪندو هو. هُن ’خسِيس مارڳ‘ جي چونڊ ڪئي: ساڌو واسواڻي ”سماجَ جي ڌِڪاڻل ماڻهن“، غريبن ۽ اٻوجهن جي صحبت ۾ رهي گدگد ٿيندو هو. سندس جَسُ جوڳا دوست کيس سدائين وڏين وڏين گڏجاڻين ۽ ڪانفرنسن ۾ ڀاشڻ ڏيڻ جون نِينڍون ڏيندا هئا، پر کين سندس اَٽَلُ جواب هوندو هو، ”موچيءَ کي پنهنجا جُوتا گهڙڻ ڏيو!“ ”فلسفين جي عالمي ڪانگريس“ ۾ شرڪت لاءِ آيل نوتي جي جواب ۾ لکيائين: ”آءٌ ڪجهه به نٿو ڄاڻان. زندگيءَ جو سڏُ ورنائڻ منهنجي نماڻي هاج آهي“. اُن عَهَدَ ۾، جتي ماڻهو ”وڏائيءَ“ جِي پوڄا ڪن ٿا، ساڌو واسواڻيءَ پنهنجي ماٺيڻي انداز ۾، گمنام زندگي گُذارڻ، ۽ ”خسِيس ماڻهو بڻجڻ“ کي ترجيح ڏني. ڪنهن اخباري خاطوءَ کانئس سوال پڇيو، ”زندگيءَ ۾ توهان جِي سڀ کان وڏي اِڇا ڪهڙي آهي؟“ ساڌو واسواڻيءَ جواب ڏنو، ”منهنجي زندگيءَ جي ڪا به وڏي آسَ ڪانهي. هر وڏي آس هڪ زنجير هوندي آهي، جيڪا اسان کي هِن دنيا سان جوڙي رکندي آهي. پر آءٌ خسِيس ٿيڻ يا بڻجڻ جو چاههُ رکان ٿو!“ سندس زندگيءَ جو سمورو زور نِهٺو ۽ ننڍڙو ماڻهو ٿيڻ تي هو. هُن اُپديشن ۽ مثالن سان اسان کي سيکاريو ته وڏائي هڪ روڳُ آهي، جنهن کان ماڻهوءَ کي وَنءُ وڃڻ کپي. خدا اسان کي وڏيون ڳالهيون ڪرڻ، وڏا ڪارناما سرانجام ڏيڻ لاءِ نٿو چوي. ربُ جِي نظر ۾ ننڍڙيون ننڍڙيون شيون اَمُلهه آهن. ”وڏخياليءَ“ جي خُمار ۾ مست ۽ ”وڏائيءَ“ کي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڳلپڻي جِي حد تائين وڃڻ واري هن عَهَدَ ۾، ساڌو واسواڻيءَ جِي زندگيءَ جو سنديسُ آهي: ”پريم جا ننڍڙا ننڍڙا ٻج پوکيو، اوهين هڪ ڀرپور قسمت جا ڌڻي بڻجندؤ. خسِيس بڻجي وڃو، هُن جي جلوي جو اولڙو- جيڪو ازليت ۽ ابديت جو پرڪاش آهي- اوهان جي وجود ۾ ظاهر ٿيندو!“ سندس نيپاڄ صوفياڻِي سنڌ ۾ ٿيو هو، ۽ هتي، سندس جنم ڀُوميءَ ۾، جنهن سان هُو بي انتُ پيار ڪندو هو. هُو، پيار جو فرشتو، ڏَيا جو مسيح ۽ رب جو ٻانهو ٿي اُڀريو، جنهن کي سڄيءَ دنيا جي هزارين، لکين سنڌي گهرن ۾ اڃا تائين سَنمانُ ڏنو وڃي ٿو، سندس آدرُ ڪيو ويندو آهي، کيس پُوڄُ سمجهيو ويندو آهي. سندن ٻالڪپڻ: ننڍڙو ٻالڪ هوندي به، هُو ٻين ٻارن کان گهڻو نيارو هوندو هو. هُو مُنهن مُهانڊي ۾ ملوڪ هوندو هو. سندس ماتا، جيڪا کيس بِنهه گهڻو ڀائيندي هئي، يڪ ٽِڪ پيئي کيس نهاريندي هئي، ۽ وَرُ وَرُ ڏيئي، پئي نهاريندي هئي، ۽ سِڪون لاهيندي هئي، ۽ پوءِ دريءَ مان، روشن، نيري گَگَنُ تي نظر وجهندي هئي. کيس اِئين لڳندو هو ڄڻ ته هُن آڪاس ۾ ڪو نظارو پَسيو آهي. هُو ڏينهنَ ۾ جيئن وڏو ٿيو، ڪا ڏُورانهين نِهار سندس نيڻن ۾ سمائجي وئي. هُو ڏينهون ڏينهن وڌيڪ هيڪلو ٿيندو ويو. پنهنجو گهڻو تڻو وقت کُڏ جي مٿئين ڪمري ۾، جيڪو ڪنهن جي به استعمال ۾ نه هوندو هو، ايڪانت ۾ گُذاريندو هو. ڪڏهن ڪڏهن، هُو جڏهن ماني کائي رهيو هوندو هو ۽ گِهٽيءَ مان گذرندڙ ڪنهن فقير جون صدائون ٻُڌندو هو، ته هڪدم ٽپ ڏيئي اٿندو هو ۽ پنهنجو ڀوڄن کڻي، اُن بُکايل فقير کي ڏيئي ڇڏيندو هو. شروع کان ئي هُو ڪَهلَ جي جذبي سان سرشار هوندو هو، جيڪو کيس مصيبت جي ماريلن ۽ ڏُکن ڏوجهرن جي ستايلن ڏانهن ڇِڪي وٺي ويندو هو. سندس هڪجيڏا ٻيا ٻار رانديون رونديون ڪندا هئا، پر هِن راندين ڪُڏڻ ۾ وقت وڃائڻ بدران اسڪولي ٻارن جِي هڪ ٽولِي ٺاهِي، جنهن ۾ شامل ٻار پنهنجي خرچيءَ منجهان ڪجهه پيسا بچائي، اٽو ڳِنهندا هئا، ۽ اُن مان روٽيون ٺهرائي، رستي ڪناري ويٺل جَڏن، پِنگلن، ۽ سُورداس ماڻهن ۾ وِرهائيندا هئا. اُن وقت هُو ڏسندو هو ته اُنهن جون اکيون خوشيءَ منجهان چمڪڻ لڳنديون هيون. هُن ڄاڻي ورتو هو ته غريبن جِي سيوا ڪرڻ، حقيقت ۾ اِيشوَر جِي بندگي ئي هئي. هُو جڏهن هاءِ اسڪول ۾ پڙهندو هو ته وٽس هڪ غريب ماڻهو آيو، سياري جا ڏينهن هئا، سو اُن ماڻهوءَ چيس ته سيءُ سبب سندس بُرو حال هو، تنهنڪري هُو پنهنجو کَٿو کيس ڏئي. اِن کان اڳ جو هُو پنهنجو کَٿو اُن غريب کي ڏئي، سندس اُستادُ کيس چيس، ”تون هِن کي پنهنجو کَٿو ڇو ڏيندين؟ هيءُ ماڻهو ته توکان کَٿو وٺي، ٻاهر وڃي، وڪڻي ڇڏيندو. هِن کي اُن جي بدران رُپئي جو سِڪو ڏينس ته هيءُ خوش ٿي ويندو“. ساڌو واسواڻيءَ پنهنجي اُستاد جو چيو مڃيندي، اُن غريب کي رُپئي جو هڪ سِڪو ڪڍي ڏنو. اُهو غريب ماڻهو سِڪو وٺي، خوش ٿي روانو ٿي ويو، پر ساڌو واسواڻيءَ ٻُڌايو ته هُو اُن سڄي رات سُمهي نه سگهيو هو. هُن ٻڌايو ته سياري جِي قهرِي ٿڌ ۾ اُن غريب ماڻهوءَ کي کَٿو نه ڏيڻ تي هُو ڏاڍو دلگير ٿيو هو. رات جي وقت هُو کُڏ تي چڙهي، ڪلاڪن جا ڪلاڪ چنڊ ۽ تارن کي حيرانيءَ وِچان گهُوري ڏسندو رهندو هو. نِرمل مَنُ، اُجرِي آتما: اسڪول ۾ پڙهائيءَ وارن ڏينهن ۾، هيءُ پنهنجِي پڙهائيءَ ۾ ڀَڙُ هوندو هو ۽ سدائين پنهنجي ڪلاس ۾ پهريون نمبر ايندو هو. ميٽرڪ جي امتحان ۾ اِسڪالرشپ حاصل ڪري، ڪاليج ۾ داخل ٿيو. ڪاليج ۾ سندس ڪِلاسِي ڇوڪرا سندس صفائي سُٿرائيءَ، ۽ نهايت صاف دِليءَ تي اڪثر دنگ رهجي ويندا هئا؛ اُهي سڀئي کيس پيار ڪندا هئا ۽ سندس عزت ڪندا هئا. هڪ ڏينهن سندس ڪي سنگتي شام جي وقت، شهر ۾ گهُمڻ جي اِرادي سان کيس ٻاهر وٺي ويا. اُنهن جي مَنَ ۾ ڪا شرارت هئي، سو اُنهن ڇا ڪيو جو کيس ڪنهن سُهڻي وئشيا جي گهر وٺي ويا ۽ کيس اُن وٽ ڇڏي، پاڻ گهڙيءَ کن لاءِ گُم ٿي ويا. ڪڃريءَ نيڻ کڻي جڏهن کيس نهاريس ته سندس سُندر رُوپُ ڏسي، ڪامڻيءَ جِي ڪام تِرشنا اَجهل اُڇلون کاڌيون، سندس اندر جِي جُوالامُکيءَ ڀڙڪو کاڌو، هُوءَ مٿس موهِت ٿِي پيئي، ڇو ته هُو سچ پچ به ڏاڍو سُهڻو هو! هُوءَ سُرڪي سندس ويجهو آئي، عِطُر عَنبِير جِي سُرهاڻ سان واسيل سندس مخملين پوشاڪ جِي سُڳنڌ هُن جِي ناڪوٽيءَ ۾ ڀرجي وئي. پر هُو ائين ئي پٿر جي ڪنهن بُت وانگي، بي حِس بڻيو، ويٺو رهيو. عورت کيس چيو، ”مون ڏي نِهار! ايمانداريءَ سان چئجانءِ، ڇا آءٌ سُهڻي ناهيان؟“ هُن اک کڻي به کيس نه ڏٺو. پنهنجي اڌ کُليل نيڻن سان کيس چيائينس، ”پياري ڀيڻ! جيڪا سُندرتا تون درسنيءَ ۾ هَر هَر ڏسين ٿِي، سا تنهنجي گُمان کان به اڳ اُٻاٽجي ويندي. تنهنجي اِها سُونهن ماس ۽ چمڙيءَ جِي سُونهنَ آهي، جيڪا وقت سان گڏ مِٽجِي ويندي. اِنهيءَ سُونهنَ سوڀيا کان علاوه ٻِي به هڪ خوبصورتي آهي، جيڪا ڪڏهن به جَهڪِي نه ٿيندي! اُها سُندرتا، اُها مَلُوڪائِي اُن اڻ ڏٺل هستيءَ جِي آهي، جيڪو تنهنجي اندر ۾ وَسي ٿو. تون اُن سُندرتا بابت سوچ! تون اُن خوبصورتيءَ کي تيستائين ڏسندي ۽ سوچيندي رهه، جيستائين تنهنجون تُڇ تِرشنائون ختم ٿي نٿيون وڃن ۽ تنهنجو تَنُ اُن عظيم آتما جو روشن مندر نٿو بڻجي وڃي“. اُن ڪامڻيءَ پنهنجي زندگيءَ ۾ ههڙو نوجوان ڪڏهن به ڪونه ڏٺو هو. هُوءَ حيرانگيءَ ۾ گُم ٿي، لاجواب بڻجي وئي. هُن پوءِ کيس چيس، ”ڀيڻ، اچ! اچ ته ٻئي گڏجي اِيشوَر جي پَوِتُر نانءُ جو ڀَڄَنُ ڳايون!“ وئشيا تي سندس ڳالهين جو اهڙو ته پرڀاوَ پيو، جو هُوءَ خوشِي، خوشيءَ ساڻس گڏجي هَرِيءَ جي نانءُ جو ڀَڄَنُ ڪرڻ لڳِي. سندس دوست پڻ اُن مهل ٽَهه ٽَهه ڪندا اُتي اچي پهتا، کين پڪ هئي ته اُهي پنهنجي نِشڪِلنڪ دوست کي ڪسبياڻيءَ جي ٻانهنَ ۾ مدهوش ڏسندا. پر سندن مشڪرِي ناڪام ثابت ٿِي. اُن ڏينهن اُنهن ڄاتو ته ساڌو واسواڻي ڪو عام رواجي ماڻهو نه هو، سندس زندگي بگڙڻ جوڳي نه هُئي، پر اُها گنگا ۽ سِنڌُوءَ جي پاڪ پَوِتُر پاڻيءَ وانگُر اڇِي، اُجرِي ۽ بي داغ هئي. اُن ڏينهن اُنهن دوستن ڄاتو ته هُو اُنهن ماڻهن جي ڪُلُ منجهان هو، جيڪي وقفي وقفي سان هن ڌرتيءَ تي ايندا رهندا آهن، پر اُهي هِن سنسار جا سنسارِي لوڪ نه هوندا آهن. هڪ مَنَ ڀائيندڙ شروعات: ساڌو واسواڻي ۲۵ نومبر ۱۸۷۹ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائو هو. سنڌ جِي ڌرتيءَ ڪيترن ئِي ساڌو، سنتن، صوفين، درويشن ۽ فقيرن کي جنم ڏنو آهي، ساڌو واسواڻي اُنهن مان هڪ هو. هُو پڙهائيءَ ۾ هوشيار هوندو هو. ماسٽرس ڊگري حاصل ڪرڻ کان سِگهو ئي پوءِ وِديا ساگر ڪاليج، ڪلڪتي ۾ تاريخ ۽ انگريزيءَ جو پروفيسر مقرر ٿيو. اڃا ٽِيهه ورهين جو مَس هو ته جرمنيءَ جي شهر برلن ۾ منعقد ٿيندڙ ”عالمي مذهبي سَڀا“ (World Congress of Religion) ۾ هندستاني نمائندن سان گڏجي، ملڪ جِي نمائندگي ڪرڻ لاءِ ويو. اُتي سندس ڪيل تقرير ۽ يورپ جي ٻين ملڪن ۾ ڏنل سندس ڀاشڻن، منجهس هندستاني فلسفي ۽ مذهب لاءِ گَهرِي دلچسپي پيدا ڪئي. يورپ ۾ ڇهه مهينا کن رهڻ دوران اُتي کيس جيڪو مانُ سنمانُ مليس، اُن عظيم کنڊ جي فلسفين ۽ ڏاهن ماڻهن ۽ اُتان جِي ثقافت سان سندس جيڪو ناتو جُڙيو، تنهن هِن ماڻهوءَ اندر ”مهانتا“ جو جذبو جاڳائي وڌو، سو جڏهن اُتان واپس وريو ته سندس خيال هو ته کيس سندس اُميدن کان گهڻو ناماچار ۽ پذيرائي ملي هئي، جنهن جو هُو پاڻ کي حقدار به نه سمجهندو هو. جتي به ڪو وڏو عوامي ميڙاڪو ٿيندو هو، يا ڪا گڏجاڻي ٿيندي هئي، ته کيس اُن جي صدارت ڪرڻ لاءِ چيو ويندو هو. پر، هُو چوندو هو ته، ”وڏي عزت افزائي ۽ شُهرت اُهي پنجوڙَ آهن، جيڪي ماڻهوءَ ۾ اَڀمانُ، آءٌ-پَڻُو يا خُودِي پيدا ڪن ٿا ۽ خُودِي، يا اَهنڪارِ حق سچ جِي راههَ تي هلندڙ ماڻهوءَ جو بدترين دشمن هوندو آهي“. ساڌو واسواڻيءَ پنهنجو پاڻ سان پِرڻُ ڪيو ته هُو هڪ سال تائين ڪنهن به گڏجاڻيءَ جِي صدارت نه ڪندو، اُن وقت تائين، سندس خيال هو ته يورپ واريءَ ياترا دوران سندس جيڪو تاثر قائم ٿيو هو، سو زائل ٿِي ويندو. يورپ کان واپسيءَ وقت وٽس اخبارن ۽ رسالن جا ڍِڳُ پيل هئا، جن ۾ سندس ڀاشڻن بابت احوال بيان ٿيل هئا ۽ سندس مضمون ڇپيل هئا. هڪ ڏينهن شام جو هُو آڳبوٽ جي عرشي تي، هيڏانهن هوڏانهن پَسار ڪري رهيو هو، ته اُنهيءَ دوران سندس مَنَ ۾ وِيچارُ آيس ته جڏهن ڪو ماڻهو پنهنجو نانءُ اخبار ۾ ڇپيل ڏسي ٿو ته اُن وقت کيس جيڪا خوشي ٿئي ٿِي، سا حقيقي خوشي ٿِي نٿِي سگهي، اُها خوشي ماڻهوءَ جِي خودپرستيءَ جِي خوشي هوندي آهي، جيڪا مغروريءَ، گُهمنڊُ، ۽ مشهورائيءَ ۾ اوج ماڻي ٿِي. اُها سَکڻي خوشي هوندي آهي، جنهن کي اُٿندي ئي ماري مات ڪرڻ گُهرجي. سو اِهو وِيچارُ مَنَ ۾ ايندي ئِي، هُو هڪ پل جِي به ٻُڏ تر يا هَٻڪَ کان سواءِ، پنهنجي ڪَئبِن (جهاز جي ڪمري) ۾ ويو، ۽ سموريون اخبارون ۽ رسالا کڻي، ساگر جي لهرن حوالي ڪري ڇڏيائين. ساڌو واسواڻي پاڻ سان گڏ ڪا به ڊائري وغيره نه رکندو هو، جنهن منجهان سندس زندگيءَ جي احوال بابت ڪا پيرائتي خبر پئجي سگهي، يا اسين سندس زندگيءَ بابت ڪجهه وڌيڪ ڄاڻي سگهون. هُو هڪ کان وڌيڪ ڪاليجن جو پرنسپال ٿي رهيو. هڪ شاندار جِيوّن مارڳُ سندس سامهون موجود هو. اڃا هُو چاليهن ورهين جو جوان هو ته سندس ماتا شِري پرلوڪ پڌاري وئي. هُن پنهنجيءَ پُوج ماتا شريءَ سان هڪ وچن ڪيو هو ته جيستائين هُوءَ جيئرِي آهي، تيستائين هُو هِن دنيا کي تياڳي، ساڌو نه بڻجندو. هاڻي جڏهن سندس ماتا جو ديهانت ٿي چُڪو هو، ته هُن محسوس ڪيو ته سندس وَچَنُ، سندس ٻنڌڻُ هاڻي ٽُٽِي چُڪو هو. هُو هاڻي ٿڌڙي هِير وانگر آزاد هو، جنهن کي جتي وڻيس، اُتي لڳي. پنهنجيءَ ماتا جو ڪِرياڪرم ڪرڻ کان پوءِ، سڀ کان پهريون ڪم، جيڪو هُن ڪيو، سو اِهو هو ته پنهنجي نوڪريءَ تان استعيفا ڏياري موڪليائين. سندس دوستن، مِترن کيس گهڻو ئي سمجهايس ته هُو اُٻهرائپ ۾ پنهنجي نوڪري نه ڇڏي. ”اوهين پنهنجي اهڙي شاندار نوڪري ڇو ڇڏي رهيا آهيو؟“ اُنهن کيس سمجهايس. ”اوهين اڃا جوان آهيو، اوهان جي آڏو هڪ شاندار مستقبل موجود آهي، اوهان جهجهو ڌَنُ، ڌَنُ دولت جا ڍِڳُ ڪمائي سگهو ٿا“. هُن کين ورندي ڏني، ”انسان کي هِيءُ جِيوّن ڌَنُ ڪمائڻ لاءِ ناهي مليو“. ”ته پوءِ، زندگيءَ جو مقصد ڇا آهي؟“ اُنهن کانئس پڇيو. ۽ هُن اُنهن کي جواب ڏنو، ”پنهنجو پاڻ کي اِيشوَرِي عشق لاءِ ارپي ڇڏيو، ماڻهن جي سيوا ڪريو...“ آزاديءَ لاءِ هلايل هلچل ۾ سندس ڪِردار: آزاديءَ جي هلچل ۾ ساڌو واسواڻيءَ جو حصو سچ پچ ته وڏيءَ اهميت وارو آهي. جيستائين سنڌ جو تعلق آهي، هيءُ اُن جو سڀ کان اڳرو، يا برک پرچارڪ هو. هُو مهاتما گانڌيءَ جِي اَسهڪاري تحريڪ (Non-Cooperation Movement) جي وڪالت ڪندڙ شروعاتي ماڻهن منجهان هڪ هو. ساڌو واسواڻيءَ جِي قداور شخصيت ۽ سندس وسيع اثر رسوخ سبب اُن تحريڪ سنڌ ۾ پنهنجو ڪافي اثر ڏيکاريو، جيتوڻيڪ ڪيترائي جهونا آزمودگار سنڌي اڳواڻ اُن جا مخالف هئا. آزاديءَ جي تحريڪن ۾ ڪي، ڪي مفادپرست ماڻهو عظيم مقصد جِي حاصلات تي سمجهوتو به ڪري وٺندا آهن. ساڌو واسواڻيءَ کي اِهو ڏسي وڏو صدمو پهچندو هو جڏهن آزاديءَ جي تحريڪ جا ڪي محب وطن ساٿي، خسِيس عهدن ۽ اختيار ۽ اقتدار جِي لالچ ۾ اچي، پنهنجو مارڳُ ڀُلجي ويندا هئا. هُن سوَراج لاءِ ڪم ڪيو هو، وطنَ جي آجپي جا گيت ڳايا هئا. پر کيس اِهو ڏسي ڏاڍو صدمو پهتو ته آزاديءَ جِي مومل ماڻڻ کان پوءِ ملڪ ۾ رڳو نوڪر شاهيءَ جي چَهرا مَٽَ، يا رُوپُ-بدل ٿِي هئي، هڪڙن عملدارن جِي جاءِ ٻين ڪامورن سنڀالي هئي ۽ بس! هُن چاهيو ٿي ته آزاديءَ جِي هلچل ۾ اسان سڀني کي ڀلمانسائيءَ جو مظاهرو ڪندي، هر صورت ۾ سچو رهڻ گهرجي. ڪنهن ماڻهوءَ کانئس سوال پڇيو، ”اوهان جِي سياست ڪهڙي آهي؟“ هُن کيس ورندي ڏيندي چيو، ”اوهين مون کان پڇو ٿا ته منهنجي سياست ڪهڙي آهي؟ منهنجو صفا ٿورڙن لفظن ۾ جواب آهي، غريبن جِي سيوا. ڪو ملڪ، ڪا رياست اُن وقت تائين آزاد ٿي نٿي سگهي، جيستائين اُن جو غريب عوام پنهنجن پيرن تي نٿو بيهي. اسين اهڙي رياست، جنهن ۾ غريب جِي سيوا ٿئي، جيڪا رياست غريب عوام جِي خدمتگذار هجي، ڪيئن ٿا ٺاهي سگهون؟ اِهو ئي سياست جو اصل مسئلو آهي“. هُو ڪيترن ئي سالن تائين اِها ڳالهه وَرُ وَرُ ڏيئي چوندو رهيو ته جيڪڏهن اسين آزاديءَ جي ٻين پهلوئن- سماجي، ثقافتي ۽ روحاني- کي نظرانداز ڪنداسون ته سياست پنهنجي ڪارج ۾ ناڪام بڻجي ويندي، ۽ قوم اونداهين جي اوڙاههَ ۾ ڀِٽڪندي رهندي. افسوس، جو ڏک سان ٿو چوڻو پوي ته آزادي ماڻڻ کان پوءِ وارن سالن ۾ اِهي ڳالهيون سچ ثابت ٿيون آهن. گُروءَ جا انيڪ رُوپ: ساڌو واسواڻيءَ تعليم ۽ انساني ڀلائيءَ جي ٻين کيترن تي پنهنجو خاص ڌيان ڏنو. سندس اِن ڳالهه تي وڏو زور هوندو هو ته ماڻهوءَ جي ڪردار جِي تعمير ئي حقيقي قومي تعمير هئي. هُن ڪيترن ئي هنڌن تي ’نوجوانن جون سڀائون‘ قائم ڪيون. هُن راجپور ۾، هندستان جي نوجوانن ۾ پنهنجي ڌرم لاءِ چاهه پيدا ڪرڻ واسطي هڪ ”شڪتي آشرم“ برپا ڪيو. هُن تعليم جي شعبي ۾ مِيران تحريڪ جو بنياد رکيو، جنهن جِي مُکيه آفيس پُوني شهر ۾ قائم ٿيل آهي. اُن تحريڪ جو مقصد ماڻهن ۾ تهذيب ۽ ثقافت بابت نئين سجاڳي پيدا ڪرڻ آهي. اِن ريت، ميران ايڊيوڪيشنل اِنسٽيٽيوشنس ۾ تعليم پرائيندڙ شاگردن کي ٽِ-گُڻِي تربيت- دماخ، هٿ ۽ دل جي تربيت- ڏني ويندي هئي. اِنهن تعليمي اِدارن ۾ سچ جي سِکيا تي وڏو زور ڏنو ويندو هو، ۽ شاگردن کي سيکاريو ويندو هو ته سموري ڄاڻ جو آخرين حاصل، سيوا آهي- غريبن جِي سيوا، پٺتي پيلن، هيڻن، بيمارن ۽ ڏکن ڏوجهرن جي ستايلن، پِيڙيل ماڻهن جِي سيوا، دُکِي انسانيت جِي سيوا. [حيدرآباد سنڌ ۾، هِيرآباد ۽ جِي.او.آر ڪالونيءَ ۾ شاندار ۽ تمام وڏا ۽ ڪشادا مِيران اسڪول قائم ٿيل آهن، جيڪي اڄ به نياڻين کي تعليم جو فيض پهچائي رهيا آهن. اِهي اسڪول اڄڪلهه سنڌ سرڪار جي ملڪيت ۾ آهن ۽ اُنهن جا نالا مَٽائي، نوان نالا ڏنا ويا آهن – سنڌيڪار] ساڌو واسواڻيءَ جي زندگي اڻٿڪ خدمت ۽ قربانيءَ جو مثالي نمونو هئي. هُو لڳاتار ڪم ڪندو رهندو هو ۽ پنهنجي لاءِ ڪجهه به نه طلبيندو هو. هُو هر وقت مسڪينن، سماجي رُتبي ۾ پُٺتي پيل ماڻهن ۽ کوهيلن جِي سيوا چاڪرِيءَ جي موقعن جي ڳولا ۾ رهندو هو. ۷۹ ورهين جِي ڄمار ۾، سندس جسم نِٻلُ ٿي چُڪو هو، پر هُو سمجهندو هو ته منجهس ڏهه ماڻهن جيترو ٻَلُ آهي، ڇو ته سندس دل غريبن ۽ اِيشور جي پريم سان ٽِمٽار هئي. ساڌو واسواڻيءَ جِي سِکيا، ٿورڙن لفظن ۾ اِها هئي ته اِيشور جي پريم ۾ ۽ اُن جي ڏُجهارن ٻچڙن (پکي ۽ پَسُون پڻ، اُن جا ٻچڙا آهن) جِي سيوا ئِي سچي پچي زندگيءَ جو راز هو. سندس ويساههَ هوندو هو ته سڀئي انسان، سڀئي نسلَ ۽ مذهب، هڪ آتما ۾ يڪ-وجود آهن. سندس دل ۾ پُورب ۽ پڇم جي سڀني سنتن، درويشن، ۽ پيغمبرن لاءِ ادب، ۽ احترام هوندو هو. هُو چوندو هو، ”اسان مان ڪيترا ئي ماڻهو اهڙا آهن جيڪي هڪ وقت ۾ هڪ شيءِ کي مڃين ٿا. آءٌ اهڙو پُتلو ٺاهيل آهيان جيڪو گهڻن ۾ خوش ٿيندو آهيان ۽ هڪڙي جِي خوبصورتي ڪيترن ئي منجهه پَسِي سگهندو آهيان. اِهو ئي ڪارڻ آهي جو منهنجو ڪيترن ئي مذهبن سان فطري سُٻنڌُ آهي. آءٌ اُنهن سڀني منجهه هڪ ئي آتما جو جلوو پَسان ٿو ۽ منهنجي هِردي جي گَهراين ۾ اِهو ايمان ڪامل آهي ته آءٌ سڀني اَوَتارن، نبين ۽ پيغمبرن جو هڪ نماڻو نوڪر آهيان“. هُو چوندو هو، ”خدا جي مخلوق هڪڙي رب جي پيرن سان سونين سنگهرن ۾ ٻڌل آهي. اُهو ربُ، اسان سڀني جو هڪڙو خدائي پِتا آهي. اسين سڀئي هڪ آهيون. ڀانت ڀانت جي مذهبن جا ماڻهو ۽ بنا دين ڌرم وارا ماڻهو. خدا جِي بادشاهت ۾ ڪو به ڌاريو يا غير ڪونهي“. ساڌو واسواڻي ۽ سنڌ: ۱۹۲۹ع کان هُن پنهنجي ڄمڻ واري شهر، حيدرآباد سنڌ، ۾ رهڻ شروع ڪيو. هُن پنهنجي سِر اِيشورِي گيان ۽ هندن جي قديم مقدس ڪتابن جي پيغام کي عام ڪرڻ جو ذُمو کنيو. حيدرآباد ۾، برهمو مندر، گُرو سنگت، ٻاوي اِيشور داس جو مندر ۽ ٿياسافيڪل سوسائٽي هال سندس روحاني روشني ڏيندڙ ۽ اُتساهيندڙ ڀاشڻن سان گونجندا هئا. هِن عورتن لاءِ بِلُو بَرڊ ڪلاس شروع ڪيا، جن ۾ اُنهن کي انگريزي ٻوليءَ جِي سِکيا ڏني ويندي هئي. اُتي اُنهن کي دنيا جي عظيم عورتن جي زندگين بابت پڻ ڄاڻ ڏني ويندي هئي. هُن، سنڌ ۾، ويدڪ ڌرم بابت ماڻهن ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون ۽ ماڻهن کي ڪِرياڪرمي رسمن ۽ ريتين، جن تي برهمڻن ۽ پنڊتن جِي هڪ هٽِي قائم هوندي هئي، کان نجات ڏيارڻ لاءِ تحرُڪ ورتو. هِيراباد جي سوڙهين گِهٽين ۾، هن ڀڳتي تحريڪ، نام سنڪِيرتن ۽ وڏيءَ اَسُرُ جي امرت ويلي مهل پِرڀات ڦيرِيءَ جهڙيون روايتون وِڌيون. شاندار سُرِيلِي سنڌي ٻوليءَ ۽ اُن جي سوڀياوانُ ساهتَ ۾ ساڌو واسواڻيءَ جو حصو پتي سچ پچ ته اَمولَڪُ آهي. بيشڪ، پُورب ۽ پڇم جي ڪنهن ٻئي ليکڪ، ڪنهن ٻئي ڌارمڪ رهبر اُن هڪڙيءَ مهانُ هستيءَ (اِيشور) بابت ايڏي وڏي پيماني تي شايد ئي ڪو لکيو هوندو. هُن نبيءَ سڳوري ۽ حضرت عيسى؛ مهاتما گوتم ٻُڌ ۽ مهاوِير؛ ڪبير ۽ چيتنيه؛ رابعه ۽ مِيران ٻائِي؛ گُرو نانڪ ۽ شري رامڪِرشن؛ آدِي شنڪر ۽ سينٽ فرانسِس؛ تُڪارام ۽ سينٽ آگسٽائن ۽ ٻين بيشمار سنتن، درويشن، رِشين، مُنين، جيڪي هر مذهب، هر نسل ۽ سڀني ملڪن سان تعلق رکندا هئا- بابت ساڳئي چاههَ سان لکيو آهي. هِن اُنهن جي زندگين جو اڀياس ڪيو، اُنهن جي بهترين ۽ اُتم تعليمات کي پنهنجي اندر ۾ جذب ڪيو، اُنهن مان سِکيو ۽ پِرايو ۽ اُنهن جِي ڏاهپَ جي جوهر کي، پنهنجِي اُتساهيندڙ ۽ دلين کي گرمائيندڙ گُفتگُوءَ ۽ پنهنجي غير معمولي ذهانت ۽ نهايت مهارت سان لکيل ڪتابن ذريعي، ماڻهن ۾ عام ڪيو. ڪتاب ”نُورِي گِرنٿ“ سندس هڪ نهايت اعلى تخليق آهي، جنهن کي ڪنهن به ادبي ڪسوٽيءَ تي پرکي سگهجي ٿو. اُن ڪتاب ۾ سندس تخليق ڪيل چار هزار کان مٿي گيت ۽ ٻه هزار کان مٿي سِلوڪ شامل ٿيل آهن. عورتازاد، عورتن جِي آزادي ۽ عورتن کي با اختيار بنائڻ جهڙا نعرا اڄڪلهه کوکلا بڻجي چُڪا آهن، جڏهن عورتازاد لفظ اڃاگهڙيو ئي نه ويو هو، تِن ڏينهن ۾، ساڌو واسواڻيءَ، پردي ۾ ويڙهيل ۽ گهرَ جي رنڌڻي تائين محدود، ٻين لفظن ۾ اُن ۾ قيد بڻيل سنڌي عورتن کي حقيقي معنى ۾ نجات ڏيارڻ لاءِ اُپاءُ ورتا. هُن ”سَکِي سَتسَنگ“ جي نالي سان نارين کي هڪ پليٽفارم تي گڏ ڪيو ۽ کين پهريون ڀيرو پنهنجي ذاتي زندگين ۾ فيصلا ڪندڙ عورتون بڻايائين. اُهي رضاڪاراڻي طور تي سماج سيوَڪ ڪمن ۾ حصو وٺنديون هيون، ۽ پنهنجا فيصلا پاڻ ڪرڻ ۾ بااختيار هونديون هيون. اِها ڳالهه چوندي ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو ته هِن سنڌي نارين کي اُنهن معاملن ۾ حصو وٺڻ ۽ فيصلا ڪرڻ لاءِ اُتساهيو، جن تي اڳ ۾ صرف مرد جِي اِجاري داري هوندي هئي. [هِيراباد، حيدرآباد ۾ قائم نارِي سَڀا (Ladies Club) اسان کي اڄ به اُنهن سونهري ڏينهن جِي يادگيري ڏياريندي رهندي آهي. پر، جنهن اعلى آدرش لاءِ اُها قائم ڪئي وئي هئي، سو اڄ سُپنو ئي بڻيل آهي. آءٌ جڏهن به اُتان لنگهندو آهيان ته اُن عاليشان عمارت کي حسرت سان ڏسندو رهندو آهيان، ۽ پنهنجو پاڻ کي ماضيءَ جي جهروڪن ۾ بيٺل ڏسندو آهيان ۽ سوچيندو آهيان ته ڇا ته اُهي ڏينهنَ هوندا، جڏهن اسان جون ماتائون، هتي اچي مِڙنديون هيون ۽ سماجَ جي ڪلياڻَ، سنڌي نارين جي روشن آئيندي بابت سوچيو ۽ لوچيو ويندو هو. آءٌ خيالن ئي خيالن ۾ سوچيندو آهيان ته جيڪڏهن اِهو روشن خياليءَ، جاڳرتا ۽ نئون سنسارَ جوڙڻ وارو سلسلو بنا رنڊڪ جي جاري ۽ ساري رهي ها، اڄ سنڌي سماج جو ڪهڙو آڪار هجي ها! پر، اُن اُجڙيل آشياني کي ڏسي، ٿڌو ساههُ کڻي، هٿ مَهٽي، اُنهن مهان آتمائُن، جن اهڙا اِدارا برپا ڪيا هئا، کي شرڌانجلي ارپڻ ڪري، سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي دُرڀاڳ تي افسوس ڪري، پنهنجي راههَ وٺندو آهيان. شاهه سائينءَ شايد اهڙين ئي ڳالهين کي ڌيان ۾ رکندي، چيو هو: ”اَڄُ نه اوطاقُن ۾ طالبَ تَنوارِين، آديسي اُٿي ويا، مڙهيون مُون مارِين، جي جِيءَ کي جيارِين، سي لاهُوتي لڏي ويا!“]. ساڌو واسواڻيءَ انڌ وِشواسيءَ ۽ تنگ نظرِيءَ جي هر اُنهيءَ پنجوڙَ، جنهن ۾ سنڌي ناريون صدين کان پابند ۽ قيد رکيون ويون هيون، کي ٽوڙڻ لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪيون. هُن پردي، گُهونگهٽ ۽ ڏيتي ليتيءَ (ڏاج) جهڙين ڪُڌين ۽ قاتل رسمن خلاف ڀَير تي ڏؤنڪو هڻي، آواز بلند ڪيو. ساڳئي وقت، هُو حد کان وڌيڪ ’جديديت‘ جي خطرن کان به سُچيت هو، تنهنڪري، نارين کي اکيون ٻُوٽي مغربي فيشن اپنائڻ کان پاسو ڪرڻ جي تاڪيد ڪندو رهندو هو. هُو عورتن کي پنهنجي روزمرهه جِي زندگيءَ ۾ سادگيءَ ۽ سچ کي اپنائڻ لاءِ همٿائيندو رهندو هو. ”سَکِي سَتسَنگ“ سنڌي نارين تي روحاني، سماجي، ثقافتي ۽ معاشي معاملن ۾ انقلابي اثر وِڌو. عورتن کي جڏهن سَکِي اِسٽورن جي سنڀال ۽ انتظام جِي ذميواري سونپي وئي ته اُنهن پنهنجي زندگين ۾ پهريون ڀيرو معاشي معاملن ۾ آزاديءَ، ذُميداريءَ ۽ ساک پَتِ بابت سِکيو. اُنهن پنهنجن محفوظ گهرن کان ٻاهر نڪري، پاڻ تي ڀاڙڻ واريءَ راههَ تي پهريون وِکون کڻڻ شروع ڪيون هيون. هُن پاران ڪوٺايا ويندڙ ”سَکِي سميلن“ هڪ اهڙو اُتسَوَ هوندو هو جنهن ۾ اِسترين کي سماجي بُراين جهڙوڪ ڏاج، ننڍيءَ عمر وارين شادي ۽ عورتن جي اِستحصال بابت پنهنجا مسئلا پاڻ بيان ڪرڻ، پاڻ ٻُڌڻ ۽ اُنهن جا حل پاڻ ڳولڻ جا موقعا ملندا هئا. ساڌو واسواڻيءَ پاران قائم ڪيل ”سيوا آشرم“ عورتن لاءِ روحاني راههَ جي نئين دنيا جا دروازا کوليا هئا. هُو عورتن منجهه موجود سندن شڪتيءَ بابت جاڳرتا پيدا ڪندو هو ۽ مردن جِي حاڪميت واري سماج ۾ وڏي واڪي چوندو هو ته، ”عظمتن جي بُلندين تائين رسڻ ۾ اِستريون اسان جِي رهنمائي ڪنديون!“ تعليم جي ميدان ۾ ساڌو واسواڻيءَ جو ڪم اوترو ئي اهميت وارو هو. هُن حيدرآباد سنڌ ۾ ”مِيران هلچل“ برپا ڪئي، جنهن پليٽفارم تان هُن تعليم جي ميدان ۾ نوان معيار قائم ڪيا. ڇوڪرين جِي تعليم جي سلسلي ۾ هُن ٽِ-رُخي تربيت- يعني ذهن، هٿ ۽ دل جي تربيت- جو هڪ نئون لاڙو شروع ڪيو. هُن جديد سنڌ جِي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڇوڪرين لاءِ هاسٽل جي سهولت مهيا ڪئي، جتي ڏُورانهن علائقن جون ڇوڪريون، جن کي پنهنجن گهرن جي ڀرپاسي ۾ سُٺي تعليم جون سهوليتون مُيسر نه هيون، اچي رهنديون هيون. هُن سنڌ ۾ نينگرين جِي تعليم لاءِ مِيران ڪاليج قائم ڪيو، جتي کين مفت تعليم ڏني ويندي هئي. اِن سوچ ۽ ويساههُ ته ”غريبن، مِسڪِينن جِي سيوا، اِيشور جِي عبادت آهي“، ساڌو واسواڻي پنهنجن رضاڪارن ۽ پريمين کي سدائين اِها سمجهاڻي ڏيندو هو ته سندن ڪوششن جو محوّر ضرورتمندن، محتاجن، مِسڪِينن ۽ محروم ماڻهن جِي حالت سُڌارڻ، سندن مدد ڪرڻ، ۽ سندن اُهنج گهٽائڻ، هئڻ گُهرجي. هُن گُرو نانڪ جِي پوئواري ڪندي، ”مودي خانو“ جي نالي سان هڪ پروگرام شروع ڪيو، جنهن تحت مِسڪِينن کي سندن ضرورت جون بُنيادي شيون مُهيا ڪري ڏنيون وينديون هيون. هُن بيمارن جِي ڀلائيءَ ۽ سهائتا وارو پروگرام پڻ شروع ڪيو، جنهن تحت هُو پاڻ اسپتالن ۾ وڃي، غريب بيمارن جِي تِيماردارِي ڪندو هو، اُنهن منجهه کاڌو وِرهائيندو هو ۽ کين ڦَل ميوا پڻ ڏيندو هو. هُن ”سَکِي سَتسَنگ“ جِي عمارت اندر هڪ دواخانو برپا ڪيو، جنهن ۾ غريب مريضن جو مُفت ۾ علاج ڪيو ويندو هو. اڄڪلهه پُوني شهر ۾، ساڌو واسواڻي ميڊيڪل ڪامپليڪس تحت چار بهترين اسپتالَ (State of the art hospitals)، جن ۾ علاج معالجي لاءِ گهربل هر قسم جون اوَل درجي جون سهوليتون- اعلى ترين فني صلاحيتون ۽ اوزار- مُيسر آهن [جيئن اسان وٽ سنڌ ۾، ڪراچيءَ ۾ آغا خان اسپتال آهي]، ماڻهن جِي خدمت ڪري رهيا آهن. اُهو ڏينهن پري ناهي جڏهن مِيران ٻائِي يونيورسٽي پڻ وجود ۾ ايندي. ”ساڌو واسواڻي مرڪز“ سڄيءَ دنيا ۾ قائم ٿيل آهن، جيڪي پنهنجي بانيڪار جِي غريب پَروَر سوچ ۽ فِڪِر کي نهايت ئي نماڻائيءَ ۽ ايمانداريءَ سان حقيقت جو رُوپ ڏيارڻ واري شاندار ڪم ۾ جُنبيل آهن. پر، ساڌو واسواڻيءَ پنهنجي وطن، سنڌ، جنهن سان هُو اَننت اَپار پيار ڪندو هو، ۾ پنهنجي جوانيءَ وارن ڏينهن ۾ جيڪي سماج سُڌار ڪمَ ڪيا، ۽ اِنسانيت جِي جيڪا سيوا ڪئي، تنهن جو ڪو به مَٽُ ثاني ٿِي نٿو سگهي. حيدرآباد سنڌ مان جيڪا روشني پِرڀات جو ڪِرڻو بڻجي نِروار ٿِي، سا هاڻي نه فقط سموري ننڍي کنڊ، هِند ۽ سنڌ، پر، دنيا جي چئن ئِي دِشائُن کي جَرڪائي رهِي آهي. ”ساڌو واسواڻي مِشِن“، جيڪو سنڌ جي هِن سنتُ جي نالي سان قائم ڪيل آهي، اڃا تائين صوفين ۽ سنتن جِي ڌرتيءَ، جنهن کي هُو ”سج جهڙي روشن سنڌ“ سڏيندو هو، جي شان شوڪت، اُن جي جَسُ ۽ اُن جِي وڏائيءَ ۽ اُن جي ناماچار ۾ چار چنڊ لڳائي رهي آهي. ساڌو واسواڻي غلام محمد گرامي سنڌ جو مشهور عالم، فيلسوف ۽ آدرشي مهاپرش، ساڌو ٽي ايل واسواڻي ۱۶ جنوري ۱۹۶۶ع تي پوني (ڀارت) ۾ گذاري ويو. ساڌو واسواڻي جي عالمانه شخصيت، بين الاقوامي شهرت حاصل ڪري چڪي هئي. سندس نام ۽ پيغام کان مشرق ۽ مغرب جا سڀئي علمي ۽ فڪري ادارا وافف هئا. ۱۹۴۰ع ۾ هڪ آمريڪي عالم ۽ سياح، پنهنجي سفرنامي ۾ لکيو آهي ته ڀارت جون ٽي جايون قابل ديد آهن؛ تاج محل، جامع مسجد ۽ اجنتا. (”اجنتا“؛ ميسور ۾، جبلن اندر غاريون آهن، جن ۾ هندن جي ديوتائن جون پٿرن تي اڪريل خواه ڪاغذن تي ليڪيل تصويرون رکيل هونديون آهن.) ان طرح ٽن ماڻهن کي ڏسڻ ڀاڳ جي نشاني آهي، رابيندرناٿ ٽيگور، گانڌي ۽ ساڌو واسواڻي. اها سنڌين لاءِ فخر جي ڳالهه آهي. ساڌو واسواڻي، ۲۵ نومبر ۱۸۷۹ع تي، حيدرآباد سنڌ ۾ پيدا ٿيو. سندس اعليٰ شخصيت ننڍي ڄمار ۾ ئي علم ۽ فڪر جي عالم ۾ مستغرق رهندي آئي. مزهب جي سلسلي ۾ سڀني مذهبن جو مطالعو ڪري انهن جي صالح ۽ تعميري خيالات کي قبول ڪيائين. سندس اسلام ۽ پيغمبر اسلام، قرآن ۽ خلفائي راشدين لاءِ ڏنل تقريرون ۽ رايا، علمي دنيا ۾ سَنَد جو درجو رکن ٿا. سندس اوائلي زندگي، تعليم ۽ اخلاقي اصلاح سان شروع ٿي. تعليم جي سلسلي ۾ پاڻ وڪٽوريا ڪاليج ڪوچ بهار، مهيندرا ڪاليج پٽيالا، ديالسنگ ڪاليج لاهور جو پرنسپال ٿي رهيو آهي. ڪلڪتي ۽ ڪراچيءَ ۾ سندس شهرت ۽ عزت، يورپ تائين پهچي چڪي هئي. ان زماني ۾ پاڻ، بين الاقوامي مذهبي ڪانفرنس برلن جي دعوت تي يورپ ويو، اتي ماديات ۽ لامذهبيت جي خلاف اخلاق ۽ روهانيت، پاڪيزگيءَ ۽ صلح پسنديءَ تي، پر اثر ۽ رقت انگيز تقريرون ڪيائين. ان وقت پاڻ ڪراچيءَ ۾ فلاسافيءَ جو پروفيسر هو. ۱۹۰۹ع ۾ يورپ جي مختلف علمي ادارن ۽ عالمي سوسائٽين پاران، مليل دعوت تي مختلف ملڪن ۾ تقريرون ڪيائين. سنس تقرير ۾ ويدانت ۽ تصوف جو عجيب سنگم هوندو هو. هو پريم ڀڳت هو، تنهنڪري سنسد ڪلام ۾ بجليءَ جهڙو تاثير هو. سنس اصلاحي تقريرن، يورپ جي وڏن وڏن عالمن کي روحانيت ڏانهن قريب آندو. ۱۹۲۰ع کان ملڪ جي آزاديءَ جي تحريڪن، ڪانگريس ۽ خلافت ۾ بهرو وٺن لڳو. خلافت جي پاران، انگريزن سان “قطع تعلقات” جي جڏهن تحريڪ شروع ٿي، تڏهن پاڻ ڏيارام ڄيٺمل ڪاليج ۾ پروفيسر هو. ان سلسلي ۾ جا وڏي ڪانفرنس ڪراچيءَ ۾ ٿي، تنهن جو پريزيڊنٽ ساڌو واسواڻي هو. ان ڪانفرنس ۾ مڪل جي سڀني ليڊرن؛ گانڌي، محمد علي، موتي لال نهرو، شوڪت علي، مولانا آزاد، شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ تقريرون ڪيون. اڳتي هلي، “ينگ انڊيا”، ۽ “هريجن” اخبارن ۾، جي گانڌيءَ جي ادارت ۾ شايع ٿينديون هيون، تن جي پهرين پيجن تي ساڌو واسواڻيءَ جا مضمون ڇپبا رهيا. ان سلسلي ۾ “الوحيد” ڪراچيءَ ۾ سندس ڪافي مضمون ڇپيا، جن ۾ قرآن ۽ حديث ۽ تاريخ جي دليلن سان ثابت ڪري ڏيکاريائين ته هن سرڪار جي خلاف قطع تعلقات تحريڪ کي زور وڍائن مسلمانن جو مذهبي فرض آهي. ۱۹۳۲ع ۾ استعفا ڏيئي “ميران” جي نالي ۾ اصلاحي ۽ تعليمي تحريڪ شروع ڪيائين. سندس خيال ۽ عقيدا، امن ۽ صلح، عبادت ۽ پريم ڀڳتيءَ وارا هئا. هو تصوف ۽ ويدانت جو وڏو ڄاڻو هو، ان هوندي به هو مدي خارج رسمن ۽ خيالن کي چنبڙي پوڻ جي خلاف هو. هن پنهنجي عمل ۽ ڪردار لاءِ، “ميران” ٻائيءَ کي مثالي ۽ آدرشي آئينو بنائي ڪم شروع ڪيو. سندس اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ به روحانيت ۽ پاڪيزگي، انسانذات جي محبت ۽ خدمت، مساوات ۽ اخوت تي هڪ روحاني رنگ ۾ رتل نصاب ۽ نظام هلايو ويو. ان سلسلي ۾ حيدرآباد جو “ميران” اسڪول هڪ آدرشي اسڪول شمار ڪيو ويو آهي، جو ساڌو واسواڻي، ورهاڱي تائين هلائيندو رهيو. ۱۹۴۹ع ۾ ساڌو واسواڻيءَ پوني ۾، سنڌ وانگر “ميران” آدرشي اسڪول کوليا. ان سلسلي ۾ ميران ٻالمندر، ميران هاءِ اسڪول، ميران اليج، ميران ناري شالا، ميران اسپتال، تعريف جي لائق آهن. ساڌو واسواڻي، علم ۽ خيال، فڪر ۽ فلاسافي، پريم ۽ شيوا جو سچو مثال هو، تنهنڪري سندس ادارن ڪڏهن به مالي مشڪلات ڪانه ڏٺي. سندس ادارن لاءِ، سندس جنم دن ۲۵ نومبر تي هر سال ڳوٿري پيش ٿيندي هئي. پهرئين ڀيري، پنجويهن هزارن جي ضرورت محسوس ڪئي ويئي، پر کين مليا ٽيتاليهه هزار: ٻئي سال پنجهٺ هزار، ۽ ٽئين سال هڪ لک کان به مٿي، چوٿين سال اڍائي لکن کان مٿي. اهي رقمون، يورپ، جپان ۽ آمريڪا مان گڏ ٿيون. سنڌين ۽ ڀارتي هندن پاران امداد ون الڳ مليون. سندس ڪيترا ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. جيئن “A Wake Young India”، جي سندس يورپ مان اپسيءَ تي مدراس جي مشهور Ganesh & Co ڇپايا. ساڌو واسواڻي، ڇهاسي ورهين جي ڄمار ۾، ۱۶ جنوري ۱۹۶۶ع تي سرڳواسي ٿي ويو. شال سندس علم ۽ خيال جي دنيا مان انسانذات، سونهن ۽ سوڀيا، پيار ۽ پريم، امن ۽ صلح جو رنگ حاصل ڪري. سندس خيال، مضمونن، تقريرن ۽ ٻولن جي اشاعت جي سلسلي ۾ ننڍڙو رسالو “سنت مالا” اڄ تائين هلندو ٿو اچي. ان ۾ سنسد لام، “نوري” ۽ “نماڻي”، تخلص سان شايع ٿيندو رهيو آهي. بيشڪ ساڌو واسواڻي هڪ آدرشي مهاپرش هو، جنهن پنهنجي ساري حياتي، خلق جي خدمت ۾ گذاري اعليٰ مثال قائم ڪيو آهي. ساڌو واسواڻي ۽ دادا جشن الطاف شيخ منهنجي خيال ۾ سنڌ جي نئين ٽهي، ساڌو واسواڻيءَ جي شخصيت ۽ سندس سماجي ۽ تعليمي خدمتن کان اڻ واقف آهي. ان ڪري هتي ساڌو واسواڻي ۽ سندس ڀائٽي دادا جشن جو مختصر احوال ڏيڻ ضروري سمجهان ٿو. ساڌو ٽي ايل واسواڻيءَ (سڄو نالو: ساڌو ٿانورداس ليلارام واسواڻي، خداآبادي) ۲۵ نومبر ۱۸۷۹ع تي حيدرآباد ۾ شري ليلارام واسواڻيءَ جي گهر ۾ ڄائو. سندن ماءُ جو نالو ورن ٻائي هو. ساڌو واسواڻي جو ننڍپڻ تمام ڌرمي ماحول ۾ گذريو، جو گهر ۾ سندس ماءُ پيءُ صبح جو سوير اٿي پوڄا پاٺ ڪندا هئا. شري ليلا رام (ساڌوءَ جو پيءُ) ديوي ماتا جو پڪو devotee هو ۽ ماءُ گرباني جو صبح جو اٿي دور ڪندي هئي.سندس وڏا خداآباد کان حيدرآباد اچي رهيا. ساڌو واسواڻي ننڍپڻ کان ئي بيحد ذهين ۽ ڏاهو هو. اسڪول جي ڏينهن ۾ هُو پنهنجي ڪلاس جو هوشيار ۽ محنتي شاگرد هو. انهن ڏينهن ۾ سنڌ ”بمبئي پريزيڊنسيءَ“ ۾ آئي ٿي ۽ هن سڄي سنڌ مان پهريون نمبر حاصل ڪيو. ايم. اي. ڪرڻ بعد ساڌو ٽي. ايل. واسواڻي ”ميٽروپوليٽن ڪاليج ڪلڪتي“ جو پروفيسر ٿي رهيو، جيڪو ڪاليج اڄڪلهه ودياساگر ڪاليج سڏجي ٿو. ان بعد هُو لاهور جي ديال سنگهه ڪاليج جو پرنسپال ٿيو. تعليمي کيتر ۾ نوڪري دوران هن هميشه پنهنجي شاگردن منجهه اخلاقيات تي زور ڏنو. هن جو هميشه اهو قول رهيو ته، Character Building is Nation Building. آءٌ پنهنجي هڪ ۳۰ سالا پراڻي سفرنامي ”سي ئي جوڀن ڏينهن“ ۾ ڪولمبو (سريلنڪا) جي شري متي ديوڪي جي ڳالهه ٻڌائي چڪو آهيان، ته ڪيئن هڪ ڏينهن سندس فليٽ تي ويٺا هئاسين ته هيٺ کيڏندڙ ٻارن مان هڪڙي ٻئي کي گار ڏني. جنهن تي هُوءَ يڪدم هيٺ لهي وئي ۽ ان ٻار کي دڙڪا ڏيئي سمجهايائين. اسان کي حيرت ٿي ته هن پرائي سنهالي ٻُڌ ٻار کي ڇو وڃي نصيحت ڪئي. موٽي اچڻ تي اسان جڏهن سبب پڇيس ته هن، حيدرآباد جي ميران ٻائي اسڪول جي پڙهيل ۽ ساڌو واسواڻيءَ جي پوئلڳ، ساڌوءَ جي مٿئين قول کي ورجائيندي چيو ته هي ٻار کڻي ڪنهن جو به هجي، پر هن ۾ اخلاق هجڻ ضروري آهي. سڀاڻي اهو اسان جو صدر به ٿي سگهي ٿو، ته وزيراعظم به ٿي سگهي ٿو. ساڌو واسواڻي مذهبن بابت اونهي مطالعي ۽ ڄاڻ ڪري ۳۰ سالن جي ڄمار ۾ برلن (جرمني) ”ورلڊ ڪانگريس آف رليجنس“ اٽينڊ ڪرڻ ويو. اتي هن جيڪي تقريرون ڪيون انهن جي ٻڌڻ سان ڪيترا ئي گورا کانئس بيحد متاثر ٿيا، جن مان پوءِ ڪجهه ساڌو واسواڻيءَ جي ”انسان ذات جي ڏکن کي مٽائڻ“ واري مشن ۾ مددگار ثابت ٿيا. پاڻ جڏهن چاليهه سالن جو ٿيو ته سندس ماءُ گذاري وئي. هي اهو وقت هو جڏهن ساڌو واسواڻي لکڻ جي ڪم ۾ مشغول هو. سندس لکڻيون ايترو ته اثر واريون ثابت ٿيون جو، Mahatma Gandhi’s Young India اخبار جي پهرئين صفحي تي هن جي آرٽيڪل ڇپبي هئي. سندس سڄي ڄمار هڪ اصول جي چوڌاري ڦرندي رهي: “Be strong, Be manly, Spend your strength in the service of poor and broken one”. ساڌو واسواڻيءَ نالي چون ٿا ته ننڍي هوندي حيدرآباد ۾ هڪ ڪاسائيءَ جي دڪان اڳيان لنگهي رهيو هو ته ٻڪرين جي رڙين تي هن جي دل کي جُهٻي آئي ۽ هن ان ڏينهن کان ڪنهن به جانور يا پکيءَ جو گوشت کائڻ ڇڏي ڏنو ۽ سڄي زندگي ٻين کي به اها ئي نصيحت ڪندو رهيو. اڄ سڄي دنيا ۾ سندس جنم ڏينهن ۲۵ نومبر کيMeatless Day طور ملهايو وڃي ٿو ۽ ڪيترا ماڻهو هن ڏينهن تي قسم کڻندا آهن ته هُو زندگيءَ جا باقي ڏينهن گوشت کي هٿ نه لائيندا. ساڌو واسواڻيءَ جي زندگيءَ جي سڀ کان وڏي خدمت ”ميران تحريڪ“Mira (Meera) Movement آهي، جيڪا هن ۱۹۳۳ع ۾ حيدرآباد ۾ شروع ڪئي. جنهن جو ڪم تعليمي ميدان ۾ جاکوڙ ڪرڻ آهي. ان تحريڪ هيٺ حيدرآباد ۾ ميران ٻائي اسڪول کوليو ويو ۽ ورهاڱي بعد ۱۹۶۲ع ۾ ”سينٽ ميران ڪاليج فار گرلس“ کوليو ويو. هي انگلش ميڊيم اسڪول پوني جي مشهور واسواڻي چؤنڪ تي آهي، جنهن ۾ ۵۰۰۰ جي لڳ ڀڳ ڇوڪريون پڙهن ٿيون. ڪاليج جي سنڌي پرنسپال ڪرن جوتواڻيءَ ٻڌايو ته هن ۾ هر ذات ۽ زبان جون ڇوڪريون آهن، جن مان ڪيترن ئي غريب ڇوڪرين جي نه فقط في معاف آهي، پر کين ڪتاب ۽ ماني به ڏني وڃي ٿي. ڪيترين کي ته کِيسي خرچي به ڏني وڃي ٿي، جنهن خرچ جو پورائو پوني ۾ رهندڙ سنڌي بزنيس ڪميونٽي ڪري ٿي. پوني ۾ منهنجي رهائش جو بندوبست به هن ڪاليج واري روڊ جي سامهون واري گيسٽ هائوس ۾ هو ۽ مون کي هن ڪاليج جي نه فقط ڪجهه فنڪشن اٽينڊ ڪرڻ جو موقعو مليو، پر مٿين ڪلاسن جي اسٽوڊنٽس کي ليڪچر به ڏنم. هڪ ڳالهه نوٽ ڪيم ته پرنسپال ۽ مڙيئي پڙهائڻ واريون ماسترياڻيون بيحد ايمانداري ۽ محنت سان پڙهائي رهيون هيون. ٻه چار سنڌي ليڪچرارياڻيون هيون، باقي مرهٺي هيون. ڇوڪريون Students به بيحد disciplined ۽ هوشيار هيون، ڇو جو منهنجي ليڪچر بعد، هنن جيڪي مون کان سوال ڪيا ٿي اهي ذهين ۽ معلوماتي هئا. ڪاليج کي وڏو گرائونڊ هجڻ ڪري شاگردياڻين کي فوٽ بال ۽ والي بال راند کيڏڻ جو موقعو به ميسر آهي. ان کان علاوه جوڊو ڪراٽي به سيکاريو ويو ٿي. پوني ۾ هن سينٽ ميران ڪاليج کان علاوه ٻيا به پنج تعليمي ادارا آهن، جيڪي ساڌو واسواڻي مشن وارا هلائين ٿا، اهي آهن: • سينٽ ميران اسڪول (انگلش ميڊيم) • سينٽ ميران اسڪول (سنڌي ميڊيم) • سينٽ ميران پرائمري اسڪول (سنڌي ميڊيم) • سينٽ ميران بال ڀون • SVM ڪنڊر گارٽن ساڌو واسواڻي مشن جي وڏڙي ديدي رتنا واسواڻيءَ کان پڇيم ته، ”هيءَ ميران ڪير آهي؟“ ”ميران ٻائي سورهين صديءَ جي مشهور اتر انڊيا جي بڪتي devotional شاعره هئي،“ ديدي رتنا ٻڌايو، ”اسان جي ڪميونٽيءَ جو ليڊر ساڌو ٿانورداس واسواڻي، ميران ٻائيءَ جو پوئلڳ devotee هو. هُو هن جي ذاتي ڪهاڻيءَ کان بيحد متاثر هو، جنهن نياڻي جي تعليم عام ڪرڻ چاهي ٿي، ان ڪري ساڌو واسواڻيءَ اسڪولن ۽ ڪاليجن جا نالا ميران ٻائي St’ Mira نالي رکيا.“ ”ساڌو واسواڻي مشن (SVM) جو تعليم کان علاوه ڳوٺن جو سڌارو، سنڌي ٻولي جي ترقي ۽ بيمار ۽ ضرورتمندن جي دوا درمل ۽ علاج ڪرائڻ پڻ آهي. پوني شهر ۾ ئي ڪيترا اهڙا صحت گهر آهن جن سان ”ساڌو واسواڻي مشن“ وارن جو واسطو آهي، جتي غريب ۽ ضرورتمند مريضن جو مفت علاج ٿئي ٿو. هنن سڀني ميڊيڪل سينٽرن جو قول (Motto) اهو ئي آهي. جنهن جي ساڌو واسواڻيءَ پرچار ڪئي ته: ‘Every patient is a picture of God To serve him is to worship God’. پوني ۾ هفتو کن رهڻ دوران هڪڙي ڏينهن SVM جي آفيسر نريش سنگهاڻي مون کي اهي اسپتالون ۽ دواخانا ڏيکاريا، جيڪي SVM طرفان موڪليل مريضن جو مفت علاج ڪن ٿا. اهي هن ريت آهن: • شانتي ڪلينڪ • منگهارام کيملاني ڊسپينسري • ساڌو هيرانند فري هوميوپئٿڪ ڊسپينسري • راڌا ڪرشنا ديا ڊسپينسري • انلئڪ ائنڊ ٻڌراني اسپتال. (هيءَ ۱۵۰ بسترن جي اسپتال ڪوريگائون پارڪ ۾ آهي) • ۱۷۵ بسترن واري ڪئنسر انسٽيٽيوٽ، وغيره ساڌو ٽي ايل واسواڻي، جيڪو هن تحريڪ جو باني هو، هن فاني دنيا مان ۱۶ جنوري ۱۹۶۶ع تي لاڏاڻو ڪري ويو. حڪومت انڊيا هن جي ياد ۾ ۲۵ نومبر ۱۹۶۹ع تي پوسٽ جي ٽڪلي به جاري ڪئي. ساڌو ٽي ايل واسواڻيءَ جي وفات بعد سندس مشن جو ڪم سندس ذهين ڀائٽيو دادا جشن خير خوبيءَ سان هلائيندو اچي. دادا جشن (سڄو نالو: جشن پهلاج راءِ واسواڻي) ۲ آگسٽ ۱۹۱۸ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ پهلاج راءِ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. سندس ماءُ جو نالو ڪرشنا ديوي هو. ساڌو واسواڻي وانگر دادا جشن پڻ ننڍپڻ کان نهايت محنتي ۽ ذهين ٻار هو. پاڻ ۱۳ سالن جي ڄمار ۾ سڀ کان گهڻين مارڪن سان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. سترنهن سالن جي عمر ۾ هن بامبي يونيورسٽيءَ مان B.Sc جي ڊگري حاصل ڪئي. M.Sc ۾ هن جي ٿيسز جو سبجيڪٽ هو: ‘The Scattering of X-Ray by Solids’ سندس هيءَ ٿيسز ان وقت جي مشهور پروفيسر ۽ اعليٰ سائنسدان، جنهن کيScientific Genius سڏيو ويو ٿي، سي وي رامائن assess ڪئي. دادا جشن ڪراچيءَ جي ڊي جي (ڏيارام ڄيٺمل) سنڌ ڪاليج ۾ فيلو پڻ ٿي رهيو، پر پوءِ هُو سگهو ئي دنيا جا ڌنڌا ڇڏي پنهنجي گرو ۽ نيڪ چاچي ساڌو ٽي ايل واسواڻيءَ جو پانڌيئڙو ٿي رهيو. دادا جشن بين الاقوامي ليول تي دانشور ۽ فلاسافر مڃيو وڃي ٿو. هن ڪيترن اهم هنڌن تي ڳالهايو آهي، جيئن ته لنڊن ۾ برٽش هائوس آف ڪامنس ۾، آڪسفورڊ ۾ گلوبل فورم آف اسپرچوئل ليڊرس ۾، شڪاگو جي ورلڊ پارليامينٽ آف رليجنز ۾، يونائيٽيڊ نئشنس ۾، وغيره وغيره. پاڻ ۷۵ کن ڪتابن جو مصنف آهي، جن مان ڪجهه هن ريت آهن: • From Hell to Heaven. • Tear Drops (Poems). • Glimpses. • How to Overcome Tensions. • The Holy Man of Hyderabad. • Burn Anger Before Anger Burns you. • Why Do Good People Suffer. دادا جشن کي سندس ادبي ۽ سماجي خدمتن ڪري ”يو- ٿانٽ“ ايوارڊ به مليو آهي. پاڻ هن وقت ۹۰ سالن جو آهي ۽ سندس هن جنم ڏينهن ملهائڻ جي سلسلي ۾ پوني ۾ رٿيل جشن تي مون کي به وڃڻ جو موقعو مليو ۽ هڪ ڏينهن (جنهن ڏينهن ”صوفيزم“ تي سيمينار هليو) صدارت لاءِ منهنجي عزت افزائي ڪئي وئي. ساڌو واسواڻي صاحب [۱۸۷۹ع – ۱۹۶۶ع] ميمڻ عبدالغفور سنڌي سنڌ جو عظيم فيلسوف، صوفي منش ۽ سپوت عالم، پروفيسر ٿانورداس پٽ ليلارام واسواڻي صاحب ۲۵ نومبر تي حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائو هو. ڌڻيءَ طرفان ذهانت عطا ٿيل هئس، جنهن ڪري مختصر مدت ۾ اسڪول ۽ ڊي جي سنڌ ڪاليج (موجوده وقت ۾ هي ڪاليج ”وديا ساگر“ نالي سان سڏجي ٿو.) جي تعليم کان مستفيض ٿي ايم اي جي ڊگري حاصل ڪري ورتائين. پوءِ ڪلڪتي جي ميٽرو پوليٽن ڪاليج ۾ تواريخ ۽ انگريزي جو ليڪچرار مقرر ٿيو. جتان ترقي وٺي، لاهور جي ديالسنگ ۽ ڪوچ بهار جي وڪٽوريا ڪاليجن ۾ پرنسيپال جي عهدي تي وڃي رسيو. انهيءَ دوران پاڻ برلن ۾ ڪوٺايل دنيا جي مذهبن جي ڪانگريس ۾ هندستان پاران نمائندگي وٺي، تقرير ڪيائين؛ جنهن نتيجي واسواڻي صاحب کي هڪ اعليٰ مقام تي وڃي رسايو. انهن غريب معمولي خوبين جي عيوض، مهاراجا پٽيالا کيس، مهندار ڪاليج جي پرنسيپال جي آڇ به ڪئي، جنهن کي پاڻ بروقت ٿڏي اچي سنڌ ۾ سهڙيو. سنڌ جي هن مهاپرش جي عالمانه شخصيت؛ بين الاقوامي شهرت حاصل ڪري چڪي هئي سندس نام ۽ پيغام کان مشرف ۽ مغرب جا سمورا علمي ۽ فڪري ادارا بخوبي واقف هئا. سچ پچ ساڌو واسواڻي صاحب جي اعليٰ شخصيت سنڌين لاءِ فخر جو باعث هئي. پاڻ نه صرف علم ۽ فڪر جي عالم ۾ محور رهيو؛ بلڪ عقيدي جي آڌار تي دنيا جي تمام مذهبن جو تقابلي مطالعو ڪندي، نهايت تعميري ۽ صحتمند خيالات جو اظهار ڪيائين. اهو ئي سبب آهي، جو ساڌو صاحب جا اسلام ۽ پيغمبر اسلام، قرآن پاڪ ۽ خود خلفاءِ راشدين لاءِ ڪيل تقريرون ۽ رايا، علمي دنيا ۾ سند جي حيثيت رکن ٿا. (پروفيسر برٿ نالي هڪ آمريڪي سياح ۱۹۴۰ع ۾ لکيل پنهنجي هڪ سفرنامي ۾ ذڪر آندو آهي، ته جتي هندستان ۾ ٽي جايون: تاج محل (آگره)، جامع مسجد (دهلي) ۽ اجنتا (ميسور)، قابل ديد آهن. اتي ٽن برک انسانن: رابيندر ناٿ ٽيگور، مهاتما گانڌي ۽ ساڌو واسواڻي صاحبن کي ڏسڻ پڻ ڀاڳ جي نشاني آهي.) سندس تقريرن خواه تحريرن ۾ وحدانيت ۽ تصوف جو جاءِ بجاءِ سنگم نظر اچي ٿو. ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي، ته ساڌو صاحب، پريم ڀڳت هو، تنهن ڪري سندس هر لکڻيءَ ۾ بجليءَ کان گهٽ تاثير نه هو، جنهن کان يورپ جا نامور عالم ۽ فيلسوف به روحانيت ڏانهن راغب ٿي پيا. ساڌو واسواڻي صاحب نه صرف عالم هو، بلڪ هڪ محب وطن سنڌي هجڻ سان گڏوگڏ، آزاديءَ جو متوالو به هو، اهو ئي سبب هو، جو ۱۹۲۰ع کان ملڪ جي آزاديءَ خاطر خلافت تحريڪن توڙي ڪانگريسي مجلسن ۾ ڀرپور حصو ورتائين. انگريزن خلاف ”قطع تعلقات“ تحريڪ کي زور وٺائڻ ۾ ساڌو صاحب سڀني جو اڳواڻ بڻيو. (ڪراچيءَ ۾ سڏايل وڏي ڪانفرنس ۾ کيس ”پريزيڊنٽ“ مقرر ڪيو ويو؛ جنهن ۾ پري پري کان آيل ملڪي مدبر: محمد علي جناح، مولانا محمد علي ”جوهر“، مولانا شوڪت علي، مهاتما گانڌي، اَبو الڪلام ”آزاد“، جواهر لعل نهرو ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي صاحبان موجود هئا.) پاڻ گانڌي صاحب جي ادارت ۾ نڪرندڙ ”ينگ انڊيا“ (young india) ۽ ”هريجن“ ۾ انقلابي لکڻ لڳو. انهيءَ سلسلي ۾ ”الوحيد“ (ڪراچي) سان به سندس ساٿ رهيو، جن ۾ قرآن پاڪ ۽ حديث جي روشنيءَ ۾ ثابت ڪري ڏيکاريائين ته ”انگريز سرڪار جي خلاف قطع تعلقات تحريڪ کي زور وٺائڻ مسلمانن جو مذهبي فرض آهي“. پاڻ سوين ڪتاب سنڌي ۽ انگريزي زبانن ۾ قلمبند ڪيائين، جنهن ۾ اپائڻهار جو جاءِ بجاءِ مفهوم سمايل آهي. (سندس ڪجهه ڪتابن جا نالا هي آهن؛ (i) Indian Arise, (ii) Awake Young India, (iii) India Adventure, (iv) Indian Chains, (v) Secret of Asia, (vi) My Mother Land. (vii) Builders of Tomorrow & (viii) Apostles of Tomorrow. جنوري ۱۶، ۱۹۶۶ع تي هندستان جي شهر پوني ۾ پرلوڪ پڌاريائين. حالانڪ ساڌو صاحب اڄ اسان وٽ موجود نه آهي، مگر سندس ڇڏيل تحريرون، اسان جي راھ ۾ روشنيءَ جو ڪم ڏين ٿيون. سنڌ جي سرتاج صوفي شاعر، حضرت عبداللطيف ڀٽائي رح لاءِ وڏي عقيدت هيس. هڪ هنڌ چوي ٿو. اسين سنڌ ۾ پنهنجي شاعر جي شان جو قدر ڪرڻ نه سکيا آهيون .... انهيءَ ۾ شڪ ٿي نه ٿو سگهي، ته شيڪسپيئر پنهنجي قوم جو مايه ناز شاعر هو، مگر شاهه سائين رح نه فقط بلندي رکي ٿو، پر هو هڪ روحاني پيشوا به آهي؛ جنهن پاڻ سڃاتو آهي.“ ساڌو صاحب اجنتائن ۾ گهٽ ۽ صوفي درويش جي درگاهن تي زياده ويندو هو. ساڌو واسواڻي عظيم شخصيت اسلم لغاري سنڌ اها مهان ڌرتي آهي جنهن وقت سان گڏوگڏ هر دور ۾ مهان شخصيت کي جنم ڏنو آهي. جن اڳتي هلي پنهنجي ڏاهپ ۽ علم ذريعي قوم جي رهنمائي ڪئي آهي. سنڌ جي مهان شخصيتن سياست، ادب ۽ سماجي خدمتن جي ميدان ۾ اعليٰ مثال قائم ڪيا آهن. ساڌو واسواڻي جو شمار به اهڙن ئي عظيم شخصيتن ۾ ٿئي جن پنهنجي وقم جي وڏي خدمت ڪئي. ساڌوواسواڻي ۲۵ نومبر ۱۸۷۹ع ۾ شري ليلا رام واسواڻي جي گهر حيدرآباد ۾ جنم ورتو. سندس سڄو نالو ساڌو ٿانور داس ليلا رام واسواڻي خدا آبادي هو. تنهن ڪري کيس ساڌو ٽي ايل واسواڻي به سڏيو وڃي ٿو. ساڌو واسواڻي هڪ مذهبي گهراڻي ۾ اک کولي هن ننڍپڻ ۾ ئي پنهنجي وڏن کي پوڄاپاٽ ڪندي ڏٺو. سندس امڙ جو نالو ورن ٻائي هو. هن جا وڏا ڪنهن زماني ۾ خدا آباد مان لڏي حيدرآباد اچي آباد ٿيا. تنهن ڪري هو پنهنجي نالي پويان خدا آباد جو لفظ به لڳائيندو هو. هو ننڍي هوندي کان اڪيلائي پسند ۽ ڏاهو هو. جڏهن کيس اسڪول موڪليو ويو تڏهن هو پڙهائي ۾ ٻين ٻارن کي اڳڀرو رهيو. سندس شمار محنتي شاگردن ۾ ٿيندو هو. استاد به مٿس وڌيڪ ئي ڌيان ڏيندو هئا هن ننڍپڻ حيدرآباد جي گهٽين ۾ عام پاران وانگر گذريو ناهن ڏينهن ۾ سنڌ ممبئي جو حصو هئي هن ايم اي ۽ بي اي جا امتحان بهترين نمبر ۾ پاس ڪيا ۽ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي. ساڌو واسواڻي ڪراچي جي ڏيارام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج جو پرنسپال ۽ ميٽرو پوليٽن ڪاليج جو ڪلڪتي پروفيسر به رهيو. سندس زندگي آخر تائين لکڻ پڙهڻ واري ماحول ۾ رهي ۽ هن جي پڙهائڻ جي شعبي ۾ دلچسپي رهي. هو هڪ بهترين ليکڪ پڻ هو. لاهور جي ديال سنگهه ڪاليج جو پرنسپال به رهيو. هن هميشه زندگي اخلاق سان گذارڻ جو درس ڏنو. سندس هميشه اهو چوڻ هوندو هو ته ماڻهو جو اخلاق قومن جا بنياد جوڙيندو آهي. ساڌو واسواڻي جو مذهبن بابت اونهو مطالعو هو. هن دنيا جي مختلف حصن ۾ ليڪچر ڏنا. تعليمي ميدان ۾ سنڌ ۽ هند جي ماڻهن لاءِ وڏيون خدمتون سرانجام ڏنيون. هن سڀ کان پهرين حيدرآباد ۾ ميران ٻائي اسڪول کوليو. ۱۹۳۳ع ۾ ”ميران تحريڪ“ شروع ڪيائين جنهن جو بنيادي مقصد تعليم لاءِ جاکوڙ ڪرڻ هو. ساڌو واسواڻي هڪ سماج سڌارڪ هو. ساڌو واسواڻي مشن جي نالي سان سندس پوئلڳن پاران فلاح ۽ بهبود جو ڪم اڃا تائين جاري آهي. جنهن جو مرڪز ڀارت جو شهر پوني آهي. ۱۹۶۲ع ۾ سينٽ ميران ڪاليج کوليو ويو، پوني ۾ هن وقت به ڪيترائي تعليمي ادارا سندس مشن پاران هلايا وڃن ٿا. جنهن ۾ مختلف اسڪول ۽ ڪاليج شامل آهن۽ حيدرآباد جي ميران اسڪول جي تسلسل ۾ قائم ڪيل ميران يونيورسٽي پڻ سنڌي ٻولي علمن جي لاءِ خدمتون ڏيئي رهي آهي. ساڌو واسواڻي هڪ نرالي شخصيت هو جنهن کي انسانيت سان پيار هو. هن بنا ڪنهن فرق جي پنهنجي سڄي زندگي انسان ذات جي ڀلي لاءِ وقف ڪري ڇڏي. ساڌو واسواڻي شاعري به ڪئي. شاعري ۾ سندس تخلص”نوري“ هو. پاڪ انڊيا جي ورهاڱي واري صورتحال ۽ وقت ۽ حالتن سان گڏوگڏ پيدا ٿيندڙ تبديلين سبب کيس سنڌ ڇڏڻي پئي، پوءِ هو هميشه لاءِ ڀارت منتقل ٿي ويو پر سندس روح جو ڳانڍاپو سنڌ ڌرتي سان ڳنڍيل رهيو. هن جي حياتي جو مقصد ئي ماڻهن جي خدمت ڪرن هو. سندس خيال هو ته دنيا هڪ خاندان وانگر آهي ۽ ان جا سڀ ماڻهو گهرجي ڀاتين وانگر آهن. هن انگريزين ۽ سنڌي ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيا، سندس شاعري جو ڪتاب ”نوري نماڻي“ جام مشهور ٿيو جنهن جو انگريزي ۾ به ترجمو ٿي چڪو آهي. هن جا ڪتاب نثر ۾ به آهن ته نظم ۾ به لکيل آهن. زندگي جي آخري سالن ۾ بيمار رهيو ٻڌايو وڃي ٿو ته هو ۶ سال بيماري جي بستري رهيو هو هڪ صابرين انسان هو سندس زبان تي آخر تائين شڪر شڪر جا لفظ هوندا هئا. هن عظيم انسان ۱۶ جنوري ۱۹۶۶ع ۾ لاڏاڻو ڪيو. ۲۵ نومبر ۱۹۶۹ع تي ڀارتي حڪومت پاران تعليمي خدمتن عيوض سندس نالي سان پوسٽ ٽڪلي جاري ڪئي وئي. ساڌوواسواڻي هڪ اهڙي شخصيت هئي جنهن تي سنڌ فخر ڪري ٿي. خدمتن سبب سندس خوشبو ۽ هڳاءُ هميشه قائم رهندو. سنڌ جي نئين نسل کي اهڙين عظيم شخصيتن بابت آگاهي ڏيڻ جي ضرورت آهي. اهڙين مهان شخصيتن جي واٽ تي هلڻ ۾ ئي سنڌي قوم جو ڇوٽڪارو آهي ۽ ان سان ئي نئين سنڌ اڏڻ جو خواب پورو ٿي سگهي ٿو. اسان جو ماضي جهڙو شاندار رهيو آهي حال ان جي ڀيٽ ۾ ڪو سٺو نه آهي رهيو ۽ مستقبل ته هڪ خواب جيان ئي آهي. ساڌو واسواڻي جهڙين شخصيتن پنهنجي خدمتن جي ميدان ۾ اعليٰ مثال قائم ڪيا، اڄ نئين سنڌ لاءِ انهن جي مشن کي جاري رکڻ جي ڪجهه وڌيڪ ئي ضرورت محسوس ٿئي ٿي. مولانا عبيدالله سنڌي، حسن علي آفندي، علامه دائودپوٽو ۽ ساڌو واسواڻي جهڙين شخصيتن هن قوم جي ڪاميابين جا بنياد رکيا. هن جو دائرو رڳو هڪ قوم تائين محدود نه رهيو پر هن جا پوري انسانيت جي خدمت ڪرڻ ٿي چاهي بنا ڪنهن فرق بنا ڪنهن پبلسٽي جي اهڙن ماڻهن پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري به ڌرتي جو قرض لاٿو. هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ کي ساڌو واسواڻي جهڙين شخصيتن جي ضرورت آهي. جيڪي گُهٽ ٻوسٽ جي ماحول ۾ قوم جي رهنمائي ڪري سگهن.
رزاق مهر ڌيرج وند دوست منظور ڪوھيار سال ۱۹۷۴ جي روح رهاڻ ادبي سنگت، جيڪا ان زماني جي وات ڳاڙهن ڇوڪرن تي مشتمل هئي. تن لاڙڪاڻي جي ادبي حلقن ۾ هلچل مچائي ڇڏي. اڃا به ائين چئو ته ڌوڙ ڌڪا مچائي ڇڏي. پوءِ ان ادبي سنگت جي ميمبرن مان سواءِ هڪ اڌ جي، هڙ جو هڙ ڀلوڙ ليکڪ ۽ صاحبِ ڪتاب ٿيا. هر هڪ جون لکڻيون منفرد ۽ انداز الڳ. جن ۾ مرحوم افضل قادري، مرحوم ڪيهر شوڪت، مرحوم ملڪ آگاڻي، مرحوم واجد، مرحوم رزاق مهر؛ مرحيات سليم ڪورائي، مرحيات زيب سنڌي، مرحيات منظور ڪوهيار ۽ مرحيات محمد علي پٺاڻ، مرحيات ممتاز ابڙو جن قابلِ ذڪر آهن. توهان هروڀرو پريشان نه ٿيو. اھا ڪن زود رنج ماڻھن ان جي معنى، اڌ-مئو، اڌ-ڪٺل يا نيم زنده لکي آھي. جڏھن ته عبدالوهاب سهتي جي ’لوڪ آ، ٻوڪ‘ ڊڪشنري مطابق مرحيات جو اشتقاق آھي؛ مر + حيات. جنھن ۾ مر معنيٰ آھي؛ سدا، ڀلي. جيئن چوندا آھن؛ سڄڻ ھجن ساڻ، پوءِ مَرُ پيا مينھن وسن. جڏھن ته حيات جي معنيٰ آھي؛ جيئرو، زندھ. ھاڻي مرحيات جي معنى ٿي؛ سدا حيات، سدا جيئرو. سندس چوڻ مطابق ته لاڙڪاڻي جي چئن اديبن جي ته جيئري ئي ورسي ٿيڻ گھرجي. جن ۾ مرحيات عنايت ميمڻ، مرحيات منظور ڪوهيار، مرحيات محمد علي پٺاڻ ۽ مرحيات سليم ڪورائي. ڇو ته مئي کان پوءِ ماڻهو هٿ جي ٿا هڻن يا مبالغي آرائي ٿا ڪن. بهرحال جڏهن سهتو صاحب ان پروگرام کي آخري شڪل ڏيندو، ته اسان کيس گذارش ڪنداسي، ته پهريائين سليم ڪورائي جي ورسي ملهائي وڃي، جو سينئر ۽ روح رهاڻ ادبي سنگت جي بانين مبانين منجھان آهي. اسان کي به پهريائين سندس تعريف ۽ توصيف ڪرڻ جو يا ڇوڏا لاهڻ جو موقعو ملندو، ته ان ۱۹۷۹ ۾ روح رهاڻ جھڙي سرگرم ادبي سنگت مٿان، تماچي هوٽل ۾، هڪ ’جن جي ڀاءُ‘ سان ويهڻ کي ڇو ترجيح ڏني؟ منهنجو اشارو سمجھڻ وارا سمجھي ويا هوندا. وڌيڪ کول ورسي تي ڪبي، حالي في الحالي ته بابا ولي؛ ڍڪي ڀلي. ان دؤر کي تصور جي اک سان ڏسجي ٿو، ته گول دائري ۾ روح رهاڻ ادبي سنگت جون گڏجاڻيون؛ لاڙڪاڻي جي علي گوهر آباد محلي ۾، افضل قادري جي گھر جي ڪوٺي تي، وڇايل تڏن مٿان ٿي رهيون آهن. وڏن وارن وارو هڪ خوبرو نوجوان رزاق مهر پنهنجو شعر پڙهي رهيو آهي: پريم نگر جو پنڇي آهيان، نفرت جي پڃري ۾ پاپي، ڇو ٿا مون کي قيد ڪيو، آزاد ڪيو، آزاد ڪيو. رزاق مهر جو هي پهريون شعر هيو ۽ اهو به ڀرپور. ادبي حوالي سان رزاق مهر پهريائين شاعر جي طور تي پنهنجي سڃاڻپ ڪرائي، پوءِ اوچتو هڪ طنز و مزاح سان ڀرپور ڪهاڻي، ”ڪرشن هاٿيءَ اڳيان“ لکي، نثر ۾ ڪهاڻيڪار جي حيثيت سان اُڀريو، ڪهاڻي کي سورنهن سينگار ڪرائيندي، ’اَجھل هوا‘ جھڙي ڪلاسيڪل ڪهاڻي لکيائين. باوجود سليم ڪورائي جي تنقيد جي، کيس نثر اهڙو رس ۽ چس ڏنو، جو ڪهاڻين سان گڏ ڊرامه لکڻ شروع ڪيائين. ڏسندي ڏسندي اسٽيج ڊرامن ۽ ٽي وي ڊرامن جي حوالي سان سنڌ جو سڄاڻ ۽ سرموڙ ليکڪ بڻجي ويو. ائين ناهي ته رزاق مهر شاعري صفا ڇڏي ڏني هئي، پر شرارتن ’نيما ڪوثر‘ جي نالي سان به ڪڏهن ڪڏهن شعر لکندو هو. جيڪي اخبارن ۽ ادبي پرچن جي زينت بڻبا هيا. جنهن کي اڳتي هلي ڊاڪٽر عبدالمجيد جھڙي محقق پنهنجي لکيل ڪتاب ’لاڙڪاڻو تاريخ جي آئيني ۾‘ لاڙڪاڻي جي سٺين شاعرائن ۾ جڳھ ڏني. اهو سلسلو هن تڏهن بند ڪيو، جڏهن هڪ وڏي اديب کيس خوبصورت ساڙهي وٺي موڪلي ۽ خط ۾ پنهنجي والهانه محبت جو اظهار ڪندي ساڻس ملڻ جي خواهش ظاهر ڪئي.تڏهن رزاق مهر چيو، ته ’يار، منظور! هاڻي اها مذاق ڳچيءَ ۾ ٿي پوي‘. منهنجي ان مذاق ۾ صرف ايترو هٿ هيو، جو ’نيما ڪوثر‘ جو نالو مون تجويز ڪيو هو. زيب سنڌيءَ جو خيال هيو، ته اها سنڌ جي انٽيلڪچوئل ٿي اُڀري. ان زماني ۾ نيما ڪوثر جا تنقيدي خط به ڏاڍا مشهور ٿيا، جن ڪيترن جون کلان لاهي وڌيون. ڪافي اديب نيما ڪوثر کي اسان جي سامهون ويهي گھٽ وڌ ڳالهائيندا هيا ۽ اسان ڪڇي نه سگھندا هياسين. ڪڏهن ڪڏهن زيب سنڌي، نيما ڪوثر جو پاسو کڻندو هيو، پر رزاق ويٺو مشڪندو هيو. تنقيد جو ذڪر هليو، ته ادبي حلقن ۾ روح رهاڻ ادبي سنگت جي تنقيد جو ڏاڍو ڊيڄاريندڙ ۽ خطرناڪ تاثر ويٺل هو. پر پٺ ان دؤر جي رقيبِ رو سياهن ڇا ڇا نه هلائي ڇڏيو، اها هڪ الڳ ڪٿا آهي. پر اها انهن جي هڪ حوالي سان مهرباني به هئي، جو ڪافي ماڻهو تجسس وچان ٻڌڻ ايندا هيا ۽ ٻڌڻ کانپوءِ ٻي دفعي اچڻ جي آرزو ڪندا هيا. برابر ڊگھا بحث ٿيندا هيا، پر حوالن ۽ دليلن سان. خلافت، ملوڪيت، جھموريت، فاشزم ۽ ڪميونزم جي حوالي سان بحث ٿيو، ته ڊاڪٽر طٰحٰه حسين مصري، مولانا مودودي، علامه مشرقي، مولانا ابوالڪلام آزاد، مارڪس، اينگلس، ولفرڊ پريٽو جا حوالا اچي ويندا هيا. جي ناولن جي اسلوب تي بحث ڇڙيو، ته ميخائل شولوخوف کان وٺي ايملي زولا تائين. جي ڪهاڻين جو موضوع ڇڙيا، ته موپاسان کان هلندي دنگ اچي منٽو تي ڪندا. شاعري جو ذڪر اذڪار هليو ته سانڊور پٽوفي کان شيخ اياز تائين. جي ادبي تنقيد جو تجزيو ٿيو، ته پلاٽو کان وٺي، رسول بخش پليجي جي ’سندي ذات هنجن جي‘ ۽ قربان علي بگٽي جي ڪتاب تائين. اهي بحث لاڙڪاڻي ۾ ايڏا مشهور ٿيا، جو مختلف نظرياتي دانشور ۽ اديب سعيو ڪري اچي ٻڌندا هيا. ان مان اندازو ڪيو، ته روح رهاڻ ادبي سنگت جي گڏجاڻي ۾ علامه مشرقي جو ننڍو فرزند ظهيرالدين اظهر اچڻ لڳو ۽ ان جي بازگشت ’پنجابي سنگت لاهور‘ جي واءِ ايم سي هال مان ٻڌڻ ۾ آئي، جو هو ان جو سيڪريٽري هيو.بحيثيت مهمان جي جيڪو ان منهنجو اتي تعارف ڪرايو، اهو منهنجو نه پر روح رهاڻ ادبي سنگت جو هيو. لاڙڪاڻي جي ترقي پسند مصنفين اردو جا اديب جن ۾ رمز شاهجھان پوري جھڙا ڪهنه مشق شاعر، محمود شرف صديقي ۽ سليم صديقي جھڙا ڪيترا ئي نوجوان اديب ايندا رهندا هيا. هاڻي ئي ويجھڙ ۾ يعني ۱۲ مارچ ۲۰۱۶ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ۾ قادري قلم قبيلي جي طرفان پارسي جي ڪلاسيڪل شاعر ’سعيد ابو الاخير‘ جي شاعري جي حوالي سان ڇپايل ڪتاب تي، مونکي به ڳالهائڻ لاءِ موقعو ڏنو ويو. مون جيڪو ڪجھ ڳالهايو، اهو پنهنجي جاءِ تي. پر جڏهن مون ڳالهائي بس ڪئي ۽ اسٽيج تان هيٺ لٿس ته هڪ همراه اچي سيني سان لڳايو ۽ چيو؛ ”منظور! يار آپ ني تو روح رهان والي جلوي دکا ديئي، ڪيا حال هئي هماري همنام ڪا اور رزاق ڪا؟“ پهريان ته مون نه سڃاتو. پوءِ مونکي اندازو ٿيو، ته هي سليم صديقي آهي. مان چيومانس؛ ”رزاق دل مين تو هئي، مگر اس دنيا مين نهين، باقي سليم ڪورائي ڪي هماري طرح سانسين چل رهي هئين.“ سليم صديقي جون اکيون آبديده ٿي ويون ۽ ’غالب‘ جو اهو مشهور شعر سندس زبان تي اچي ويس: ”سب کہاں؟ کچھ لاله و گل ميں نماياں ہو گئيں، خاک ميں کيا صورتيں ہونگيں، که پنہاں ہو گئيں ياد تھيں ہم کو بھی رنگا رنگ بزم آرائياں ليکن اب نقش و نگارِ طاقِ نسياں ہو گئيں“ نه صرف اهي دوستَ، پر بزم سچل جو باني و مشهور طنز و مزاح جو منفرد شاعر لقمان حڪيم ۽ نظرياتي دوست عطاءُالله انڙ ۽ مظفر شاھ جھڙا قوم پرست شاعر به ايندا هيا. بحث برابر جارحانه ٿيندا هيا. پر حوالي ۽ دليل کانسواءِ ڳالهائڻ کي ڇسائپ سمجھيو ويندو هيو. فرق صرف لهجي ۽ انداز جو هوندو هيو. ڪو تيز لهجي ۾ ته ڪو ڌيمي لهجي ۾ ڳالهائيندو هيو. ڳالهائيندو ڀلو هيو. پر سڀن کان وڌيڪ متوازن ۽ معتبر لهجو رزاق مهر جو هيو. سندس ڳالهائڻ ۾ ٺهراءُ، ڌيرج، سنجيدگي، بردباري مٿانهين درجي جي موجود هئي. ڪهاڻي، مضمون يا شعر جي ٻنهي پاسن تي ڳالهائيندو؛ اوڻاين پوڻاين تي به، ته خوبصورت پهلوئن تي به. نه ڪنهن کي طنز جا تيز نشتر هڻي. نه ڪنهن جي بي جا تعريف ڪري.نه بغاغو، نه هنبوشي. سچ پڇو ته لاڙڪاڻي ۾، اها طوفانِ بد تميزي تڏهن ڪاهي پئي. جڏهن ادبي حوالي سان لاڙڪاڻي ۾ برَ جون بلائون ڪاهي پيون. جن وٽ نه تميز، نه فضيلت، رڳو گھوگھ. ان حوالي سان هڪ واقعو ذهن تي تري اچي ٿو. رزاق مهر جي ٽي وي ڊرامو ”جياپو“ سنڌ اندر وڏي مشهوري ماڻي. سنڌي ادبي سنگت نئين ديرو شاخ جي سيڪريٽري ’منٺار سولنگي‘ رزاق مهر جي ان ڊرامي تي هڪ شايان شان ويهڪ ڪرائي. جنهن جي صدارت ’سهڻي‘ ميگزين جي ايڊيٽر ۽ ڪهاڻيڪارطارق اشرف پئي ڪئي، خاص مهمان ناول نگار ۽ ڪهاڻيڪار غلام نبي مغل هيو. مون کي ۽ محمد علي پٺاڻ کي اعزازي مهمان ڪري ويهاريو ويو. نئين ديري جي دوستن، خاص ڪري منٺار سولنگي پنهنجي دل سان ان ڊرامي بابت ڳالهايو ۽ چيو ته ’رزاق مهر‘ جي ان ڊرامي جو نه صرف گھرن ۾ هر هفتي انتظار ٿيندوآهي، پر ٻاهر هوٽلن تي به هشام ماڻهن جا بيٺا هوندا آهن‘ هڪ بر جي بلا اُٿي ۽ چوڻ لڳي؛ ”مان به ڳالهائيندس.“ اخلاقن کيس ڳالهائڻ ڏنو ويو. اُن گوهر افشاني ڪندي ٻڌايو، ته ”هڪ ته اهو لفظ ڊرامو نه پر ڊامو آهي. ان ڪري جن ڳالهائيندڙن به اهو لفظ ڊامي کي ڊرامو ڪري اچارن ٿا. تن کي ڪا خبر ئي ناهي. سي غلط آهن، جاهل آهن، ڄٽ آهن. مان انهن کي چيلينج ٿو ڪيان.“ سڀئي ان انڪشاف تي وائڙا ٿي ويا. منٺار سولنگي پڇيس؛ ”ڪهڙي ڊڪشنري ۾ ڄاڻايل آهي، ته اهو لفظ ڊرامو نه پر ڊامو آهي، ڪو حوالو ته ڏي؟“ وڏي نڪ جي پڪائي سان وراڻيائين؛ ”مان پاڻ ڊڪشنري آهيان.“ منٺار سولنگي کيس جواب ڏيڻ چاهيو، ته رزاق مهر کيس هٿ کان وٺي هيٺ ويهاريندي چيو، ”ڇڏيس، ايمڻان مٽيو تيل ٿي پيو ڇا؟“ خير ڊرامي تي سڀن سٺو ڳالهايو ۽ رزاق مهر کي داد مليو. ڊرامي جي حوالي سان اهو نتيجو ڪڍيو، ته هي ڊرامو سنڌ اندر نجي جيلن ۾ ٿيندڙ عقوبتن جو ڪچو چٺو آهي، جنهن ڏسندڙ جي ذهن ۽ ضمير کي جھنجھوڙيو آهي. جي هر ذي شعور ماڻهو هن زنگيل معاشري ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ته گھڻو ڪجھ تبديل ٿي سگھي ٿو. مون ’سماجي شعور جي هڪ ڪڙي‘ جي عنوان سان تبصرو پڙهيو، پوءِ اهو عوامي آواز ۾ ڇپجندڙ پنهنجي ئي هفتيوار ڪالم ”لٽ لاهيندو ڪير“ ۾ پيش ڪيو ۽ پنهنجي ۲۰۰۸ ۾ ڇپيل ڪالمن جي ڪتاب ’فڪر ڦرهي‘ ۾ به ڏنل آهي. پروگرام ختم ٿيڻ کانپوءِ مون رزاق کان پڇيو؛ ”تو منٺار کي ڇو جھليو؟“ رزاق مهر وراڻيو؛ ”اها بر جي بلا چاهي ئي اهو پئي، ته گند ٿئي. جيئن اردو جي شعر جي هڪ سٽ آهي، ته ’بدنام هونگي تو ڪيا نام نه هوگا‘ ۽ ڏسجانءِ ته جيئن جيئن اهي بر جون بلائون پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿينديون، ته لاڙڪاڻي ۾ علمي بحثن جي بجاءِ ڪج بحثي شروع ٿي ويندي. اديب دست و گريبان ٿي ويندا. “ پوءِ ٿيو به ائين؛ لاڙڪاڻي جي ادبي ڪچهرين ۾ گار گند به ٿيو ۽ ڪرسيون به اُڀيون ٿيون. اها هئي، رزاق مهر جي معامله فهمي. نه صرف معامله فهم هيو، پر جھان ديده ۽ جهان فهم به هيو. هر ڪنهن سان هر ڪنهن جي طبيعت ۽ نفسيات کي سامهون رکي پيش ايندو هو. ان ڪري هر ماڻهو اهو سمجھندو هيو، ته رزاق سندس دلي دوست، هم راز ۽ حال محرم آهي. مان جي پنهنجي ڳالھ ڪيان، ته ان مان به سندس تنقيد ڪرڻ جو ڏانءُ اوهان کي معلوم ٿي ويندو. ۱۹۸۹ ۽ ۱۹۹۰ع ۾، هلال پاڪستان اخبار ۾ منهنجي ڪالمن جو سلسلو ”فڪر ڦرهي هٿ ۾‘ جي عنوان سان هلندڙ هيو.ان ۾ ٽي ڪالم ڇپيا. انهن ڏينهن ۾ منهنجي ملاقات ساڻس ’افضل قادري‘ جي سائيڪلن واري دوڪان تي ٿي. اتي به سمجھو ته ڄڻ غير دستوري گڏجاڻي پئي هلندي رهندي هئي. ٻه اديب مليا، ته ادبي ڪچهري شروع، ’جهان دو بوتلين رک دو، وهين ميخانه هوتا هئي‘ وارو جھان ٿي ويندو هو. خير و عافيت پڇڻ کانپوءِ چيائين؛ ”يار، تنهنجيون هلال پاڪستان ۾ ڇپجندڙ ٽي ڪهاڻيون زبردست هيون. بالڪل نئين انداز ۾ لکيل. عام زندگي جي ڪردارن ۽ بين الاقوامي ڪردارن ملائي ڳالھ ڪرڻ ۾ تو خوب نڀايو آهي“ مان حيران ٿي وراڻيو؛ ”رزاق، اهي ته ڪالم هيا.“ ”اهو ته تون ٿو چئين، نه. پر مان ٿو چوان ته اهي مختصر مختصر ڪهاڻيون آهن، جن کي تو گڏائي لکيو آهي. پر لکيو تو ڪمال جو آهي.“ مون پڇيو؛ ”ڪي حوالا يا علمي دليل؟“ پوءِ هن به حوالا ۽ دليل ڏنا، مون به ڏنا. ان وقت اتي افضل قادري جا ڪجھ سياسي دوست اچي ويا. مون بحث کي مؤخر ڪندي چيو؛ ”ڪي علمي بحث ڊگھا ۽ طويل ٿيندا آهن، مان هاڻي هيئن ڪندس، جو انهن کي ڪهاڻين طور ڪهاڻين جي مجموعي ۾ شامل ڪندس ۽ ڪالمن جي ڪتاب ۾ ڪالم طور پيش ڪندس. پڙهندڙ ۽ نقاد وڏا منصف آهن، ڏسئون ته اهي ان کي شرف قبوليت ڪيئن ٿا ڏين“ رزاق مهر چيو؛ ”اها نِيتِ آ“ مان هڪڙي ڳالھ واضح ڪندو هلان ته اسان جي دؤر ۾ ڪج بحثي نه هوندي هئي. اسان علمي بحثن کي علمي بحث ڪري کڻندا هياسي ۽ علمي بحث طويل ٿيندا آهن.ان لاءِ تڪڙ يا هوڙيائپ جي ضرورت ناهي هوندي. خير، جن کي رزاق مهر ڪهاڻيون پئي سڏيو ۽ مان ڪالم، اهي ڪهاڻي طور تي اڪادمي ادبيات جي چونڊ سنڌي ڪهاڻين واري سيڪشن ۾ ڇپيل ڏٺم. مون دل ئي دل ۾ رزاق مهر جي فهم جو اعتراف ڪندي چيو؛ ”رزاق، تون صحيح هئين.“ نه صرف رزاق معياري تنقيد ڪري ڄاڻندو هيو، پر معياري تنقيد ڪندڙن جو قدردان به هو. رزاق جي ڪهاڻي هجي يا ڊرامو هجي، ڇپائڻ يا آن ايئر وڃڻ کان اڳ اهڙن دوستن کان راءِ وٺي، مطمئن ٿي پوءِ موڪليندو هو. جڏهن مان سکر نوڪري ڪندو هيس، ته هڪدفعي رزاق جي فون آئي. اتفاقن مان آفيس ۾ نه هيس، خيرپور ويل هيس. ٻي ڏينهن تي موٽي آيس، ته پي اي ٻڌايو؛ ”سائين، رزاق مهر جي حوالي سان چار فونون آيون هيون.“ ٿوري دير کانپوءِ گھران فون آئي، وڏي پٽ بالاچ ٻڌايو، ته ”ابو! چاچا رزاق مهر جي ٽي چار دفعا فون آئي آهي.“ مون پڇيو؛ ”ڪو ڪم ٻڌايائين؟“ ”نه!“ مون چيو؛ ”فون اچي ته ٻڌائجوس، ته مان شام جو پنجين وڳي گھر پهچي ويندس.“ مان اڍائي وڳي منجھند جو سرڪاري وين ڪڍي نڪتس. چئين ڌاران لاڙڪاڻي پهتس. وين ميونسپل هاءِ اسڪول ۾ بيهاريندو هيس. ان وقت ميونسپل هاءِ اسڪول ۾ سهيل مڪاني گيمس انچارج به هيو. اتي پهتم ته سهيل ماني کائي رهيو هو. ٻه گرھ مون به کنيا، چانھ پيتي. سهيل ٻڌايو، ته ڪرڪيٽ جون نيون بيٽون گھرايون آهن، ڏس ڪيئن آهن؟“ مون چيو؛ ”اڳو پوءِ ٻاهر ڪڍين، ته پچ تي آزمايون.“ پچ تي مون بيٽنگ پئي ڪئي، سهيل بالنگ. ميونسپل هاءِ اسڪول جي ڪرڪيٽ اِليون جي رانيگرن فيلڊنگ، ڳالھ ئي وسري وئي ته پنجين وڳي گھر پهچڻو آهي. ڇهين وڳي ڌاران، رزاق مهر ۽ بالاچ سهڪندي پهتا. رزاق چوڻ لڳو: ”شابس ٿي، گھر پنجين وڳي جو چئي، هتي بيٺو راند ٿي کيڏين. تو واري پٽ ٻڌايو ته ميونسپل هاءِ اسڪول ۾ گاڏي بيهاري پوءِ ايندو آ. اتي متان چاچا سهيل سان ڪچهري ڪندو هجي.“ مان شرمندو ٿي ويس، چيم؛ ”يار ڇا ڪيان، اندر جو ٻار اڃا ٽپي ڪڏي ٿو. تون ٻڌاءِ خير ته آهي، ايتريون فونيون؟“ ”ها، خير آ، هي ’ايف آءِ آر‘ جي نالي سان آرٽ ڊرامو لکيو اٿم!“ هن هٿ ۾ جھليل پنا مون ڏانهن وڌائيندي چيو. ”چانهن پاڻي پي ته پوءِ پڙهونس ٿا.“ ”پڙهڻ وارو ڪم تون ڪر، پاڻي ۽ چانهن پيئڻ وارو ڪم مان ٿو ڪيان. اهو اسڪرپٽ ممتاز ابڙي کي اڄ جو اڄ ڏيڻو آهي، جو کين ريهرسل شروع ڪرڻي آهي، تون او ڪي ڪر ته ڏيانس.“ بالاچ گھر واپس موٽيو. سهيل مڪاني ڇوڪري کي پريل هوٽل واري ڏانهن چانھن ۽ بسڪوٽ کڻي اچڻ جو چيو. پوءِ اچي سهيل مڪاني جي آفيس ۾ ويٺاسي. مون اسڪرپٽ پوري ڌيان سان پڙهيو.پڙهڻ کانپوءِ مون کيس چيو؛ ”رزاق ڪا گنجائش ڪونهي. هاڻي ته منهنجي به دل چوي ٿي، ته آرٽ ڊرامه لکان“ چيائين؛ ”وارو ڪر. مان ممتاز ابڙي کي چوان ٿو ته منظور جو ڊرامن لکڻ تي موڊ ٿيو ٿي، پٺيان لڳيس“ اهو ئي اتساه هيو جو مون ۶ آرٽ ڊرامه لکيا. جنهن جو ذڪر مون پنهنجي ڊرامن جي ڪتاب ’راج ڪرتھ‘ ۾ تفصيل سان ڪيو آهي. رزاق مهر ۾ ريس، هوس، ساڙ، حسد واري ڪا شيءِ ئي ڪو نه هئي. هو اُتساه ڏيندڙ شخصيت هئي. سندس صحبت ائين هئي جيئن مولانا روم جو مشهور شعر آهي: صحبت صالح، ترا صالح کند، صحبت طالح، ترا طالح کند. اها ئي سندس صحبت هئي، جنهن محمد علي پٺاڻ کي سڃي سون ڪري ڇڏيو. نه ته سچ پڇو ته محمد علي پٺاڻ کي ڪو رڍون چارڻ لاءِ به نه ڏي ها.جيڏو هي طبيعتن تڪڙو هيو، سڀ وڃائي اچي ها. جي مالڪ پڇنس ها، ته ڪيڏانهن ڪيئي؟، ته چوين ها، ته نڀاڳيون تڪڙيون ئي نه پيون هلن، ته مان ڇا ڪيان. واٽ تي بگھڙ کي پارت ڪري آيو آهيانِ، اُميد آ ته هڪ نه هڪ ڏينهن پهچي وينديون. ائين نه هو، ته ڪو محمد علي پٺاڻ ٽيلينٽيڊ نه هيو يا کيس ادب جي الف ب جي خبر نه هئي. پر تڪڙي ڪتي به ايڏا گلر ناهي ڄڻيندي، جيترا هي ڄڻي ڍنگھرن تي اڇلائيندو هيو. جيئن ته رزاق مهر ڌيرج وان هيو، تنهن کيس صبر سيکاريو، ته تخليق کي ڪيئن ذهني گرڀ ۾ پالجي ۽ پورا مهينا ٿين ته پوءِ ڪڍجي. ڪچا نه ڪيرائجن. هن جي طبعيت ۾ جيڪو ٿورو ٿڪو صبر جو ذرو ڏسو ٿا، سو رزاق مهر جي عنايت آهي. رزاق مهر جي متوازن تنقيد ۽ مزاج، محمد علي پٺاڻ جي طبيعت ۽ تخليق ۾ توازن آندو. باقي اردو ٻوليءَ جي مشهور ڪهاوت ته سڀني ٻڌي هوندي (سڀني سنڌي پٺاڻن کان معذرت ڪندي) ته ’پٺان ڪا پوت؛ ڪڀي ولي، ڪڀي ڀوت.‘ ائين ناهي، ته دوستي هڪ طرفي هوندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن رزاق مهر ٿڌي مٽ جھڙو به ٿي ويندو هو. پڇبو هوس ته؛ ”ڇا ٿا لکو؟“ چوندو هو ته؛ ”دل ئي نه ٿي چوي لکڻ تي؟“ وري ٻن ٽن ڏينهن کانپوءِ خبر پوندي هئي، ته ڊرامو لکي رهيو آهي. ان جو سبب سندس پٺيان، محمدعلي جو ٻاريل اهو ڍينڍو هوندو هو، ته ’لک يار، لک! وارو ڪر، دير نه ڪر!‘ جنهن رزاق مهر کي پئي گرمايو ۽ لکرايو. ان کانسواءِ رزاق مهر سان محمد علي پٺاڻ جيڪي ڳن وڍ ڏنا، مڃڻ مراد آ. آنڌي مانجھي، سردي گرمي،ڪراچي لاڙڪاڻو، ٻئي گڏ. اصلي نيبون آن دا جوڙا. رزاق مهر جو اوچتو وڇڙڻ سنگت لاءِ وڏو ڌچڪو هيو، جو هڪ متوازن شخصيت سنگت مان هلي وئي، جيڪو سڀن کي ٿڌيون ٿائيون وجھندو هيو. پر اسان ڏٺو، ته محمد علي پٺاڻ بنھ اڌ ٿي پيو. اهي هاءِ بلڊ پريشر ۽ ٻيون بيماريون سيماريون به هن کي پوءِ لڳيون؛ نه ته پريم جو پيالو هنيون، پن جي ٻيڙي سان ’باه ڀڀوءَ جا دونهان دکايون، ڇھ ڇھ پيسا ٻه ٻه پايون ڪندو، هلندو وتندو هو. ڪو پڇندو هوس؛ ’ڪاڏي؟‘ ته وراڻيندو هو، ’مراد واهڻ‘. وچ تي پنهنجي مرضيءَ سان ڪنهن اسٽيشن تي ڇنڊ ڪيائين، ته ٺيڪ، نه ته اهو ٿو وڃيوَ تيزگام لڳو. سندس آخري اسٽيشن رزاق مهر جو گھر هوندو هيو. جتي هو ويهي سندس لکيل ڊرامو پڙهندو، اتاريندو ۽ صلاحون ڏيندو ويندو هوس يا کيس پنهنجي تازي ڪوتا يا ڪهاڻي ٻڌائي راءِ به وٺندو هوس. جيتوڻيڪ رزاق مهر جي وفات کانپوءِ ۾ محمد علي پٺاڻ نيم بسمل هيو. انهيءَ حالت ۾، نفسياتي طور تي ماڻهو جي ڪم ڪرڻ جي صلاحيت تي برو اثر پوندو آهي. ماڻهو اڪثر راه فراريت اختيار ڪندا آهن. لکڻ پڙهڻ ڇڏي ڏيندا آهن. پر هن ان غم جي گھرائي کي به پنهنجي تخليقي صلاحيتن ۾ ڪتب آندو. هٿ هٿ تي رکي نه ويٺو، قلم جي گھوڙي کي، ادبي کيتر ۾ چؤتال ڀڄايائين. ڪالم، ڪهاڻي، ڊرامو، شاعري، ناول، مضمون، سفرنامه؛ مطلب ته ادب جي چُرندي رڳ نه ڇڏيائين. محمد علي پٺاڻ، اڄ نه صرف سنڌي ٻولي جو وڏو اديب آهي، پر اردو ۽ انگريزي ادب ۾ به ڪنهن جھڙي تهڙي کي وٺ ئي نه ٿو ڏي. رزاق مهر سان منهنجي آخري ڊگھي ڪچهري ۳ اپريل ۲۰۰۲ ۾ تڏهن ٿي هئي، جڏهن جنرل پرويز مشرف وارو ريفرينڊم پئي ٿيو. پرزائيڊنگ آفيسر جي حيثيت سان ايم اي کهڙو اسپورٽس ڪامپليڪس سچل ڪالوني لاڙڪاڻي ۾ عملي سان گڏ آيل هو. جتي ’اسٽنٽ ڊائريڪٽر اسپورٽس‘ ۽ ’اسٽنٽ ڊائريڪٽر ٽائون پلاننگ ڊپارٽمينٽس‘ جون آفيسون گڏهيون. نالي جو ريفرينڊم هيو. ووٽ ڏيڻ لاءِ ڪو ماڻهو ئي ظاهر نه پئي ٿيو. ٻارنهين وڳي کانپوءِ پوليس ٽريننگ سينٽر مان بسون ڀرجي آيون، پوليس وارا اچي جنرل پرويز مشرف کي وڌيڪ پنج سال صدر ٿي رهڻ جو مينڊيٽ ڏئي هليا ويا. ٻي وڳي کانپوءِ رزاق مهر واندو ٿيو، ته مون سان ڪچهري ڪرڻ آيو. مشڪندي چيائين؛ ”هي ملڪ جنرلن، وڏيرن ۽ سرمائيدارن جو آ. ڪوڙيون اليڪشنون، ڪوڙا ريفرينڊم، ڪوڙيون اسيمبليون، ڪوڙا اڳواڻ. خبر ناهي ته سچ جو وارو ڪڏهن ورندو؟“ منهنجي ۽ سهيل مڪاني جي، اڍائي وڳي پٽيوالو ماني کڻي ايندو هيو. ان سان منهنجو چئن سالن جو ننڍو پٽ شيراز به گڏيو ايندو هيو. گڏجي ماني کاڌيسين. زماني جي ٻين گفتن سان گڏ ريفرينڊم جو به ذڪر پئي هليو. شيراز ڪن ڏئي ٻڌندو رهيو ۽ پوءِ چوڻ لڳو، ته ”ابو، ريفرينڊم ڪيئن ٿيندو آ؟“ ”اڙي بابا، ريفرينڊم ڏسڻ جھڙي شيءِ ناهي“، مون کيس سمجھائيندي چيو. ”نه مان ڏسندس!“ ”ها، بابا مان ڏيکاريانءِ ٿو.“ رزاق مهر مشڪندي وراڻيو. چانھ پيئڻ کان پوءِ شيراز کي هٿ کان وٺي، هڪ بوٿ تي آيو. پولنگ آفيسر کان بيلٽ پيپر ۽ ٺپو وٺي، شيراز جي هٿ ۾ ڏنائين ۽ اِنڪ پيڊ ڏانهن اشارو ڪري چيائينس ته؛ ”ان ۾ ٺپي کي ٻوڙي ڪاغذ تي هڻ ۽ پوءِ دٻي ۾ وجھ!“ شيراز جو پيو ته ٺپو ٻوڙيندو ويو ۽ بيلٽ پيپر تي هڻندو ويو. ڀرسان اسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر به بيٺو هيو، سو پريشان ٿي چوڻ لڳو؛ ”سائين، ننڍڙي ته بيلٽ پيپر جو مهڪارو ڪري ڇڏيو. مسئلو ته نه پيدا نه ٿيندو؟“ رزاق مهر وراڻيس؛ ”ڪو ته هجي جيڪو انهن جو مهڪارو ڪري، اسان ته نوڪري جي ڪري مصلحتن جا شڪار آهيون. باقي تون پريشان نه ٿي. ووٽنگ لسٽ ۾ شيراز نالي يا منظور نالي همراه تي ٽِڪ ڪري ڇڏ. اهو نالو نه ملئي ته رزاق جي نالي کي ٽڪ ڪري ڇڏجانءِ. هڪڙو ووٽ خارج ڪري رزلٽ ٺاهي ڇڏبي.“ شام جو پنجين وڳي ريفرينڊم جو ٽائيم ختم ٿيو ۽ رزاق مهر موڪلائي هليو ويو. مون کي ان وقت ضياءُالحق جو ريفرينڊم ياد پئي آيو، جيڪو ۱۹ ڊسمبر ۱۹۸۴ تي ٿيو هيو. مان خيرپور ميرس ۾ لقمان پاڙي جي پولنگ اسٽيشن تي پرزائيڊنگ آفيسر هيس. ڪل ووٽ ۱۲ پيا هيا. جڏهن رزلٽ کڻي اليڪشن آفيس ۾ آيم، ته اتي ايس ڊي ايم ۱۲ کي ۱۲۰۰ ڪري ڇڏيو ۽ مونکي قهر آلود نظرن سان ڏسندي چيائين؛ ”مارائيندي ڇا؟“ پوءِ رات جو ٽي وي تي وڏي فخر سان ٻڌايو پئي ويو، ته ۶۲.۲ في صد ماڻهن ووٽ وڌا. جن ۾ ۹۸.۵ ماڻهن جنرل ضياالحق جي اسلامي پاليسين جي حمايت ڪئي ۽ باقين مخالفت. اهڙي طرح مشرف واري ريفرينڊم جو به نتيجو اهو نڪتو، ته ۹۷.۹۷ في صد ماڻهن روشن خيال جنرل پرويز مشرف جي حق ۾ ووٽ وڌا ۽ باقي ۲.۳ في صد ماڻهن مخالفت ۾، جن کي سرڪاري ٻولي ۾ ’مُٺي ڀر آدمي‘ سڏيو ويند آهي. سچ پڇو ته هاڻي جڏهن لکڻ ويٺو آهيان، ته رزاق مهر جي حوالي سان ذهن ۾، نه کٽڻ جيتريون ڳالهيون ۽ قصا شروع ٿي ويا آهن. جنهن مان اندازو ٿئي ٿو، ته سندس ويجھن ۽ عزيزن وٽ ڇا هوندا؟ برابر موت بر حق آهي. پر زندگي جي وچ رستي ۾ وڇڙي وڃڻ جو درد ڌوڏي ڇڏي ٿو. گھر وارن، پاڙي وارن، دلي دوستن ۽ مداحن کي وائڙو ڪري ڇڏي ٿو. اهڙي قسم جي حيرانگي وارا سوال ۽ احوال هر ڪنهن جي زبان تي هجن ٿا: ”يار ڪلھ ته مليو هو!...ٽيون ڏينهن ته ڪچهري ڪئي هيائين.... چوٿون ڏينهن ته چيائين پئي، ته وري ملنداسين!“ ۱۵ آگسٽ ۲۰۰۲ جي على الصباح رزاق مهر جي وفات جي خبر ٻڌي، مون کي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ زمين پيرن هيٺان کسڪي وئي هجي. دل مان از خود دانهن نڪتي، ته ’اهو شخص به هليو ويو، جيڪو سڄي سنگت کي پنهنجي مٺڙي مزاج سان سڳي ڌاڳي ۾ پويون ويٺو هو!؟.... سچ ته اهو ڏينهن ڏاڍو ڏکوئيندڙ ڏينهن هيو. جڏهن اسان مراد واهڻ سندس گھر جي ٻاهران ڪلهي ڪانڌي ٿيڻ جو انتظار پئي ڪيو. ذهن ۾ ڄڻ ساڻس گهاريل گھڙيون ڪنهن ڊرامه سيريل جيان هلڻ لڳيون هيون. ڪنهن کي ڏک ڪيترو ٿيو هوندو، ان جو اندازو ته نه ٿو لڳائي سگھجي. پر جيترو سندس وني ۽ ٻچڙن کي ٿيو هوندو يا سليم ڪورائي کي، بحيثيت سڳي ماسات جي؛ تنهن جي ڪٿ ڪرڻ ناممڪن آهي. پر قصو ڪوتاه، ته جيستائين زندگي آهي، ته ماڻهو بي قدرو آهي. ڪنهن سٺي دوست يا احباب جي وڃڻ کانپوءِ احساس ٿئي ٿو، ته ’هائو ٻيلي! هم راز، حال محرم ۽ حال ڀائي جي حيثيت ڇا آهي.‘ ۽ خواجه فريد جي ان شعر جي گھرائي ۽ گيرائي جي به پوءِ پروڙ پوي ٿي: ’ڪيا حال سڻاوان دل دا، ڪو ئي محرم راز نه ملدا.‘ رزاق مهر انور پيرزادو رزاق مهر لاڙڪاڻي لڳ هڪ ننڍڙي شهر مراد واهڻ جو رهندڙ آهي. هن پنهنجي مختصر زندگيءَ ۾ جاکوڙ ۽ تخليقي عمل سان لاڙڪاڻي جي ادبي زندگيءَ کي ڪافي متاثر پئي ڪيو آهي. رزاق مهر ترقي پسند سنڌي ڪهاڻيءَ جو نوجوان ليکڪ آهي. هن جي ڪهاڻين ۾ ستايل ڪردارن ۽ غريبن سان نه رڳو همدرديءَ جو اظهار ڪيل آهي پر انهن کي ”هيرو“ ڪري پڻ پيش ڪيو ويو آهي. رزاق پنهنجي ڪهاڻين ۾ غير جانبدار نه آهي. ڦورو ۽ پرماري ڪردارن کان نفرت هن جي ڪهاڻين ۾ برابر موجود آهي. رزاق سنڌي هيٺئين/ وچولي طبقي جو هڪ اهڙو فرد آهي جنهن پنهنجي زندگيءَ ۾ ڏکن ڏوجهرن، محرومين، ۽ خواهشن جي قتلام جهڙن ڪيترن ئي ظلمن جو مقابلو ڪيو آهي. ذهني دٻاء، قديم سنڌ وڏيرڪي قدرن سان جڙيل فيملي، ان جون پراڻيون روايتون ۽ هن نئين ٽهيءَ جي نوجوان جون نيون حرڪتون. ٽڪراءُ لازمي هو. سيڪس ۽ مذهب ۾ به اهڙا عنصر آهن جيڪي اڄ جي نوجوان کي ڌونڌاڙي، هن کي مصيبتن ۾ وجهي، هن جي روحاني قوت جي آزمائش ڪندا آهن. نارمل سنڌي نوجوان مذهب يا سيڪس تان ڪاوڙبو ۽ باغي ٿي ويندو. سو رزاق به مذهبي ڪٽرپڻي ۽ پابندين واري سماجي ۽ جنسي زندگيءَ کان بيزار ٿي ڪجهه سوچڻ لڳو ۽ پوءِ انهن سوچن کي لفظن جو روپ ڌارڻ واري علم يعني ادب جي تلاش ۾ لڳي ويو. رزاق جي لکڻين جي سونهن تڏهن چڱيءَ طرح محسوس ٿي سگهي ٿي جڏهن لاڙڪاڻي مان نڪرندڙ ”نئين دنيا“ رسالي ۾ لکيل هن جا ايڊيٽوريل پڙهيا ويندا. ايبسٽريڪٽ، فيلسوفانا، اُتساهه ڏيندڙ حقيقتون، اُگهاڙيون ۽ علامتي انداز سان جارحانا حملا ۽ سماجي تنقيد، بي ڊپائي، باغي ۽ جوشيلي اسٽائل. رزاق، سريش ۽ واجد وارو سٻنڌ لاڙڪاڻي جي ادبي حلقن ۾ چڱيءَ طرح ڄاتل سُڃاتل آهي. هي ۽ ڪجهه ٻيا دوست جهڙوڪ ڪيهر شوڪت، ملڪ آگاڻي، زيب سنڌي، ممتاز ابڙو ۽ امان شيخ انٽيليڪچوئل ماحول ۾ جوشيليون ۽ انتهاپسند (ڪڏهن ڪڏهن) لهرون اُڀاريندا رهيا آهن. رزاق پنهنجي زندگيءَ ۾ ٻين باشعور سنڌي نوجوانن وانگي اڄ جي دنيا ۾ رائج مڙني ادبي ۽ سياسي نظرين جي ڄاڻ رکندڙ آهي پر پنهنجي فن ۽ تخليق جي سلسلي ۾ رزاق آبجيڪٽوٽي يا معروفيت جو قائل آهي. لاڙڪاڻي جي هڪ مشهور ادبي روايت يعني اسٽيج ڊرامن ۽ ٿيٽرن لاءِ پڻ رزاق مهر ڊراما لکيا ۽ جڏهن زندگيءَ جي طرف کان ڏکايل ۽ سنجيدي اديب جي قلم مان طنز ۽ مزاح جنم ورتو ته ائين پئي لڳو ڄڻ ڏسندڙ به کلي رهيا هئا ۽ هنن جون اکيون ڳوڙهن سان تر به لڳيون پيون هيون. رزاق لاڙڪاڻي ۾ سرگرم ادبي تنظيمن جو خاص ميمبر آهي. سنڌي ادبي سنگت جيڪا سنڌي اديبن جي سڀ کان پراڻي ۽ بالغ تنظيم آهي اُن کي لاڙڪاڻي ۾ آرگنائيز ڪرڻ جي سلسلي ۾ رزاق جون خدمتون اهميت واريون آهن. هونئن به لاڙڪاڻي جي نوجوان اديبن ۽ ليکڪن کي اهو Natural Previlege آهي. اتي سوڀي گيانچنداڻيءَ، جمال الدين بخاريءَ ۽ ا ح جئسنگهاڻي جهڙا دانشور رهن ٿا. انهن جي صحبت مڪمل زندگيءَ لاءِ اُتساهه ڏياري ٿي. رزاق اڄڪلهه لاڙڪاڻي کان گهڻو ڏور لاڙ طرف پبلڪ اسڪول ميرپور خاص ۾ ليڪچرار آهي. رزاق کي اڃا تائين انٽيليڪچوئل ماحول ميسر آهي. هن ۾ لکڻ جو ڏانءُ ۽ فن موجود آهي. جاکوڙ ڪرڻ، مطالعو وسيع ڪرڻ ۽ مشاهدي سان رزاق سنڌي افساني جو بيسٽ سيلر ٿي سگهي ٿو. انور پيرزادو ۱۸هين جنوري ۱۹۸۳ع ڳوٺ ٻلهڙيجي لڳ موهن جو دڙو ڪتاب ”سڪون ڪٿي آھي“ تان ورتل.. رزاق مهر هڪ سج جيڪو الهي ويو! مير نادر علي ابڙو سال ۱۹۸۷ع ڌاري، مون ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ داخلا ورتي. خبر پئي ته؛ پاڪستان ٽيلي ويزن تي مشهور ڊرامه لکندڙ رزاق مهر هتي ليڪچرار آهي. وڏي شوق سان وڃي ساڻس مليس. طبيعتًا ماٺيڻو ماڻهو، صبر تحمل وارو، ٿڌي زبان استعمال ڪندڙ، ڪچهريءَ ۾ رڳو ادب تي پئي ڳالهايائين. ويٺس ته اٿڻ تي دل ئي ڪو نه پئي چيو. سندس مٺڙي ڪچهريءَ پيرن ۾ ڄڻ زنجير وجهي ڇڏيا. اهڙيون ڪچهريون ساڻس ڪاليج ۾ تعليم دوران ٿينديون رهيون. آخرڪار مون به تعليم مڪمل ڪري، لاڙڪاڻي ۾ ئي وڪالت شروع ڪئي ۽ پوءِ جلد ئي وري اينٽي ڪرپشن ۾ سرڪل آفيسر ٿي ويس. هڪ دفعي مون وٽ رات جو رزاق مهر اچي پهتو ۽ چيائين ته؛ ادا اسٽيٽ لائيف انشورنس ۾ ڪم ڪري رهيو آهيان. اوهان جيئن ته سرڪل آفيسر آهيو ۽ اوهان جا لاڙڪاڻي ۾ ذاتي واسطا تمام گهڻا وسيع آهن. تنهنڪري مهرباني ڪري پنهنجن دوستن يارن کي چوندا ته؛ مون کي پاليسيون ڏين. انهيءَ سلسلي ۾ مون کيس ڪجهه دوستن ڏانهن موڪليو، جن سندس مدد ڪئي. مطلب ته رزاق مهر ڏينهن رات پنهنجي حلال جي روزي ڪمائڻ ۾ رڌل رهيو. رزاق مهر، سنڌ جي سياسي، سماجي، ادبي ۽ تاريخي شهر لاڙڪاڻي ۾ ۲۰ جولاءِ ۱۹۵۴ع تي مراد واهڻ محلي ۾ ڄائو. رزاق مهر ڪنهن جاگيردار سرمائيدار گهراڻي جو ڪو نه هو، پر غريب گهراڻي سان تعلق رکندڙ هو. پنجن سالن جي عمر ۾ سندس والد فوت ٿيو، جنهن بعد سندس چاچا سندس مٿان شفقت جو هٿ رکندا آيا. پنهنجي محنت ۽ شوق ڪري ئي، هو ليڪچرار ٿيو. هن ننڍپڻ ۾ ڏاڍا ڏکيا ڏينهن به ڏٺا، انهي ڪري هن هڪ دفعي ننڍپڻ ۾ خودڪشي جي ڪوشش به ڪئي پر وڏڙن جي سمجهائڻ تي هن زندگي سان وري پيار ڪرڻ شروع ڪيو ۽ زندگي ۾ محنت ڪيائين ۽ پنهنجي محنت جي زور تي ئي هن شخص ننڍي عمر ۾ ئي وڏي شهرت حاصل ڪري ورتي. سندس ادب سان بيحد پيار هو. هن پهرين ڪهاڻي ۱۹۷۴ع ڌاري لکي. رزاق مهر کي پنهنجي ڌرتي جي غريب پيڙهيل طبقي سان وڏي محبت هئي. اهو ئي سبب هو جو هن پنهنجي ڪهاڻي ۾ سنڌ ۽ سنڌين سان ٿيندڙ ناانصافين کي پيش ڪري هڪ تاريخي ڪم ڪيو. رزاق مهر پهرين ڪهاڻي ”ڪرشن هاٿي جي اڳيان“ لکي ۽ سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ”سڪون ڪٿي آهي“ ۱۹۸۳ع ۾ ڇپيو. هن کي ننڍپڻ ۾ ئي فلمن ڏسڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو. تنهن شوق ئي هن کان اسٽيج لاءِ به ڪيترا ئي ڊراما لکرايا. ٽي وي لاءِ هن ۱۹۸۴ع کان ڊراما لکڻ شروع ڪيا. سندس لکيل ڊراما سيريل ”جياپو“ سڄي سنڌ ۾ مشهور ٿي. سندس ٻي ڊراما سيريل ”وڇوٽيون“ بادل جمالي پيش ڪئي. ٽين ڊراما سيريل ”پاتال“ هئي ۽ چوٿين ڊراما سيريل ”نبيرو“ جيڪا پڻ مشهور ٿي. هن ۵۰ جي لڳ ڀڳ ڪهاڻيون لکيون ۽ ۳۵ جي لڳ ڀڳ آرٽ پلي لکيا. ”ڏسي ڏکوئين کي“ جي عنوان تحت ڪالم پڻ لکيا. سندس هڪ ناول ”ٽارچر ڪئمپ مان نڪرندڙ دانهن“ اڻ ڇپيل آهي. سنڌي ادبي بورڊ پاران ڪهاڻي ”آڙاهه“ ڪلچر ايسوسيئيشن پاران ڊرامي ”جياپي“ تي کيس ايوارڊ ملي چڪا آهن. هن جا ٽي وي ڊراما؛ ۱. زندگي ڏانهن ڦيرو، ۲. ڇوٽڪارو ۽ ۳. راهه جو پٿر، به تمام گهڻا مقبول ٿيا. هن ئي سنڌ ۾ پهريون وڏيرن طرفان قائم ڪيل نجي جيلن کي وائکو ڪيو، جنهن کان پوءِ ئي ڪيترن وڏيرن جا نجي جيل ظاهر ٿيا. سندس ڊرامو ”فاصلو“، ڪراچي سينٽر تان رڪارڊ ٿيو آهي. اردو ڊرامو سيريل ”تاريڪ راهون ڪي مسافر“ به رڪارڊ ٿيو آهي، جيڪو پڻ جلد پيش ٿيندو. رزاق مهر جي سنگت تمام گهڻن ماڻهن سان هئي. جڏهن رزاق مهر ايندو هو ته محمد علي پٺاڻ ساڻس ضرور گڏ هوندو هو. محمد علي پٺاڻ، منهنجي والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي زندگي تي هڪ مضمون لکيو هو ۽ رزاق مهر کي به شوق هو ۽ چوندو ھيو ته؛ ”اوهان جي والد تي مان به هڪ تفصيلي مضمون لکندس.“ مگر حياتيءَ وفا نه ڪيس ۽ هيءُ سنڌ جو نوجوان اديب، شاعر، ڊراما نويس ۽ يارن جو يار، ايترو جلد اسان کان جدا ٿي ويو جو اهو وهم گمان ۾ به ڪو نه ٿو اچي. اڄ رزاق مهر اسان جي وچ ۾ ڪو نه رهيو آهي پر، هن جي ادب ۽ ٽيليويزن تي ڪيل خدمت، هميشه هن کي زنده رکندي ۽ هن جو سنڌ جي تاريخ ۾ هميشه نالو سنهري لفظن ۾ زنده رهندو. ”موت شل موت پوئي اهڙا پيارا ماڻهو سنڌ کان جلد کسيو ڇڏين.“ (سچ، تعمير سنڌ، عبرت، هلال پاڪستان، مهراڻ، هلچل، عوامي آواز، سنڌ) رزاق مهر (۲۰ جولائي ۱۹۵۴- ۱۵ آگسٽ ۲۰۰۲ع) رضوان گل موت، ڪڏهن ڪڏهن ڪي اهڙا پيارا ماڻهو کسي ويندو آهي، جن جي جدائي جيءُ جهوري وجهندي آهي. محبت، دوستي، خلوص، پنهنجائپ ۽ ڪَسُ کائڻ وارا ماڻهو ڏاڍا گھٽ هوندا آهن. دوستن تي سِرُ ڏيڻ وارن ۽ رشتن جي نزاڪتن کي ڄاڻڻ وارن اهڙن ئي محبتي انسانن مان رزاق مهر به هڪ هو. رزاق مهر ۲۰ جولاءِ ۱۹۵۴ع تي لاڙڪاڻي جي مراد واهڻ محلي ۾ رانجهو خان مهر جي گھر جنم ورتو. پرائمري تعليم مراد واهڻ جي پرائمري اسڪول ۽ مئٽرڪ گورنمينٽ ڊي سي هاءِ اسڪول مان ڪيائيـن. بي اي آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻي مان ۱۹۷۴ع ۾ ۽ ايم اي سنڌي ادب ۱۹۷۹ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. ملازمت جي شروعات، بلڊنگ ڊپارٽمينٽ لاڙڪاڻي مان، ڊرافٽسمين جي حيثيت سان ڪيائين. جنهن کان پوءِ پبلڪ اسڪول ميرپور خاص ۾ سنڌي جو ليڪچرار ٿيو ۽ ۱۹۸۹ع ڌاري ليڪچررشپ لاءِ ڪميشن جو امتحان پاس ڪيائين. جنهن بعد سندس پوسٽنگ جوهي، قمبر ۽ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور رهي. هو آخر تائين، پڙهڻ پڙهائڻ جي شعبي سان وابسته رهيو. کيس لکڻ جو شوق ۱۹۷۴ع ڌاري پيدا ٿيو. هن پهرين ڪهاڻي ”ڪرشن هاٿيءَ جي اڳيان“ لکي. جنهن بعد هن باضابطا طور ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون. جن تي کيس ڀرپور موٽ ملي ۽ انهيءَ همت افزائي جي نتيجي ۾ هن ڊرامن ڏانهن پڻ لاڙو ڪيو. رزاق مهر جو پهريون ٽي وي ڊرامو ”زندگيءَ ڏانهن“ آهي. جڏهن پي ٽي وي تي رزاق جا ڊراما هلڻ شروع ٿيا ته کيس تمام گهڻو ساراهيو ويو. سندس ڊرامو ”جياپو“ هن جي خاص سڃاڻپ بڻيو. جڏهن ”جياپو“ پي ٽي وي تان نشر ٿيندو هو ته ماڻهو دڪانن ۽ هوٽلن جي ٻاهران به ڊرامو ڏسڻ لاءِ بيهجي ويندا هئا ۽ سنڌ جي وڏيرڪي ڏاڍ ۽ ظلم خلاف روڊن تي نعرا هڻڻ لڳندا هئا. رزاق مهر ان ڊرامي ۾ پهريون ڀيرو خانگي جيلن تي قلم کڻي هڪ سماجي ناسور تان پردو کنيو، جنهن تي بعد ۾ ٻين به ڪيترن ئي ليکڪن ڪهاڻيون ۽ ڊراما لکيا. ان کان علاوه ”وڇوٽيون، ”پاتال“، ”زخم زندگيءَ جا“، ”اعتراف“، ”ڦيرو“، ”ڇوٽڪارو“، ”راهه جو پٿر“ ۽ سندس ٻيا ڊراما به تمام گهڻو مقبول ٿيا. جنهنڪري رزاق مهر جي هڪ تمام برجستي ڊرامي نگار طور به سڃاڻپ ٿيڻ لڳي. هن جا اسٽيج ڊراما ”بدحواس ڪلارڪ“، ”ٽي خانداني بي روزگار“، ”مولوءَ مت وڃائي“ ۽ ”ايف آءِ آر“ پڻ ڪافي مقبول ٿيا. سال ۱۹۸۲ع ڌاري رزاق مهر جي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ”سڪون ڪٿي آهي“ پڌرو ٿيو. جنهن ۾ موجود اڪثر ڪهاڻين جو موضوع سماجي حقيقت نگاري تي مشتمل آهي. هن فرد جي انفرادي احساسن تي به ڀرپور ڪهاڻيون سرجيون آهن. سندس اڪثر ڪردار جيئرا جاڳندا اسان جي ارد گرد گهمندڙ ڦرندڙ آهن. هن هروڀرو خيالي ڪردارن کي جنم ناهي ڏنو. سندس ڪهاڻين جو هيرو غريب ماڻھو آهي. ڪهاڻين ۽ ڊرامن کان علاوه پاڻ هڪ ناول ”ٽارچر ڪئمپ مان نڪتل دانهن“ به لکيائين، جيڪو اڃا تائين شايع ٿي ناهي سگهيو. رزاق مهر فقط ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار ۽ ناول نويس ئي نه، پر شاعر ۽ ڪالم نگار پڻ هيو. شاعريءَ ۾ اصلاح امير علي چانڊيو کان ورتائين. غزل، نظم ۽ آزاد نظم جي صنفن ۾ طبع آزمائي ڪيائين ۽ خاص طور تمام خوبصورت نظم ۽ آزاد نظم پڻ لکيائين. پاڻ ۱۹۷۶ع ۾ لاڙڪاڻي مان نڪرندڙ رسالي ماهوار ”نئين دنيا“ ۽ ماهوار ”ڪونج“ لاڙڪاڻو جي ايڊيٽر طور به ڪم ڪيائين. جنهن ۾ ڏاڍو ڪارائتو مواد ڏئي ۽ ڀرپور ايڊيٽوريل لکي، پاڻ کي هڪ سيبتي ايڊيٽر طور به مڃرايائين. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ”سڪون ڪٿي آهي“ ڪهاڻيون ۽ ”ڊهندڙ ليڪا“ ڪهاڻيون شامل آهن. رزاق مهر جي ڪهاڻي ”آڙاهه“ کي ۱۹۸۷ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران بهترين ڪهاڻيءَ جو ايوارڊ ڏنو ويو ۽ سندس ڊرامي ”جياپو“ کي سنڌ ڪلچرل ائسوسيئيشن پاران ايوارڊ ۽ ڊرامي جي مڪمل ٽيم کي آجياڻو پڻ ڏنو ويو. ڪيترين ئي ادبي، سماجي ۽ ڪلچرل تنظيمن پاران رزاق مهر سان رهاڻيون رچائي کيس مانُ ڏنو ويو. رزاق مهر جي ڪهاڻين، ڊرامن، ڪالمن ۽ ٻين لکڻين ۾ سماج جي نظر انداز ڪيل طبقي جي نمائندگي ٿيل آهي. هن غريب کي ڪنهن سِرَ ڦِريي سردار يا مير کان وڌيڪ مانائتو ڏيکاريو آهي. هن جا لکيل لفظ، ظالم ۽ جابر لاءِ باهه جا شعلا به آهن، ته ڪنهن مسڪين ۽ محتاج لاءِ آٿت به آهن. سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي لکيل سندس ڪالم، هڪ دؤر جي تاريخ ۽ سچائي پيش ڪن ٿا. سندس قلم ڌمڪي ۽ دڙڪي کان ڊڄڻ وارو نه، پر سماج لاءِ ناسور بڻجي ويل رشوت خورن ۽ بدمست وڏيرن لاءِ تلوار بڻيل رهيو. مون کي خوشي آهي ته مان سندس حياتيءَ جي آخري ٻن سالن ۾، ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾، ساڻس گڏ استاد رهيس. سندس ڀاڪر وجهي ملڻ جي انداز ۽ ڪچهرين مان، ڪڏهن به ائين محسوس نه ٿيو ته؛ آءٌ ڪو کانئس ادبي عمر ۾ ننڍو آهيان. هو دوستن جي وچ ۾ اختلافن کي اُڀرڻ نه ڏيندو هو. دوستن جي درميان، سندس ڪردار پُل جهڙو هو. هو هڪ بهترين ليکڪ سان گڏ تمام وڏو ماڻهو هو، جنهن وٽ پيار ۽ پنهنجائپ هئي. کيس اوچتو دل جي تڪليف ٿي ۽ ۱۵ آگسٽ ۲۰۰۲ع تي بي رحم موت هن کي ڇني، اسان کان ڌار ڪري ڇڏيو. پر اسان جي دلين ۾ سندس يادون ۽ محبتون هميشه تازيون آهن. رزاق مهر نامياري ڪهاڻيڪار جي ياد ۾ ابراهيم لاشاري سنڌي ادب جي تاريخ ۾ پنهنجي علمي ۽ ادبي خدمتن جي ڪري ڪي ماڻهو علم ۽ و ادب جو روشن مينار هوندا آهن. جيڪي پري کان ئي پنهنجي روشني جي وسيلي واٽون پيا ڏسيندا آهن، جيڪي وقت بوقت خوبصورت سوچن ۽ حسين منظر نگاري کي لفظن جي مالها ۾ پوئي سموئي، دلڪش لفظن کي جملن جي تريب ڏئي سماج جي عڪاسي کي دلفريب ڪهاڻين جو روپ ڏئي لاجواب ادب تخليق ڪندڙ ۾ لاڙڪاڻي جي مراد واهڻ محلي ۾ رانجهي خان مهر جي گهر ۾ ۲۰ جولاءِ ۱۹۵۴ع اڱاري ڏينهن مطابق ۱۸ شوال ۱۳۷۳هجري ۾عبدالرزاق مهر پنهنجي زندگي جو سفر شروع ڪيو. رزاق مهر کي ننڍپڻ کان پڙهڻ جو وڏو شوق هيو، سندس والد کيس ڦرهي هٿ ۾ ڏئي مراد واهڻ لاڙڪاڻي جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرايو. ابتدائي پنج درجا مراد واهڻ منجهان پاس ڪري وڌيڪ تعليم لاءِ مئٽرڪ (ڊي سي هاءِ اسڪول) لاڙڪاڻي منجهان امتيازي نمبرن ۾ پاس ڪيائين تنهن بعد انٽر سائنس جو امتحان پاس ڪري، بي اي آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻو مان سال ۱۹۷۴ع ۾ پاس ڪيائين. رزاق مهر صاحب تعليم منجهان هٿ نه ڪڍيو وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو منجهان سال ۱۹۷۹ع ڌاري ايم اي سنڌي ادب جي ڊگري به حاصل ڪري ورتي. رزاق مهر صاحب بلڊنگ ڊپارٽمينٽ لاڙڪاڻو منجهان ڊرافٽس مين جي حيثيت سان ملازمت اختيار ڪئي، ڪجهه عرصي بعد ان نوڪري مان هٿ ڪڍي هي درس ۽ تدريس جي شعبي سان سلهاڙجي ويو، ۽ رزاق مهر صاحب پبلڪ اسڪول ميرپورخاص ۾ سنڌي جو ليڪچرر مقرر ٿيو. ٿوري عرصي بعد رزاق مهر سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو سال ۱۹۸۹ع امتحان پاس ڪري سنڌي ادب جو ليڪچرر مقرر ٿي ويو. سندس سنڌ جي مختلف شهرن جي ڪا ليجز جوهي ڊگري ڪاليج، قمبر ڪاليج، ۾ ليڪچرار ٿي رهيو ۽ آخر ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور تعليم ۽ تدريس سان لاڳاپيل رهيو، رزاق مهر کي ڪهاڻين لکڻ جو شوق سال ۱۹۷۴ع ۾ ٿيو هن پهريان پهريان ڪهاڻي (ڪرشن هاٿي جي اڳيان) لکي ادبي دنيا ۾ پير پاتو، سندس ان وقت ڪهاڻين کي گهڻي موٽ ملي. هن کي وڌيڪ لکڻ جو شوق جاڳيو، ان سلسلي ۾ (سڪون ڪٿي آهي، آڙاهه، وئرٿ زندگي، ٽٽل انسان، جنم جلي، هڪ شخص جو موت، شڪست، پيڙا جي ڪوهيڙن ۾، اهم ۽ نراليون ڪهاڻيون آهن. سندس ڪهاڻين جا ڪردار سماجي بي وسي اڪيلائي جو احساس، وغيره جو شڪار هوندا آهن هن اڳتي هلي ڊراما لکڻ طرف قلم کنيو، ۽ پنهنجي دور ۾ ڪيترائي زبردست شاهڪار ڊراما لکيائين. رزاق مهر ڊراما نگاري جي شروعات اسٽيج ڊراما لکڻ سان ڪئي، جن ۾ (بدحواس هيڊ ڪلارڪ، ٽي خانداني بيروزگار، ايف آءِ آر، مولوءَ مت وڃائي جهڙا زبردست لاجواب ڊراما سنڌي ادب کي ڏنا. رزاق مهر صاحب پاڪستان ٽيليويزن لاءِ به ڪيترا ئي ڊراما لکيا جيڪي اڪثر قسطوار نشر ٿيا. رزاق مهر صاحب جي پي_ ٽي_ وي جي ڊرامن منجهان جهڙوڪ جياپو، وڇوٽيون، پاتال، زندگي ڏانهن، ڦيرو، ڇوٽڪارو، راهه جو پٿر، سفر، زخم زندگي جا، اعتراف، ڌرتي ڌڻي، ۽ درد، واقعي پنهنجو مٽ پاڻ ڊراما آهن. رزاق مهر جو پهريون ڊرامو جيڪو پي ٽي وي تي نشر ٿيو سو هو (زندگي ڏانهن) رزاق مهر جا ٽيليويزن تي جڏهن ڊراما نشر ٿيا ته سندن مقبوليت ۾ بي پناهه واڌارو ٿيو. سندس پي_ ٽي_ وي تي ڊرامي (جياپو) رزاق مهر جي سڃاڻپ ۾ بي انتها اضافو ڪيو. جياپو ڊرامي سال ۱۹۹۱ع ۾ نشر ٿيو سنڌ جي هر ننڍي وڏي ڳوٺ ۽ شهر مطلب ته جهر جهنگ ۾ مشهوري ماڻي. سندس ٻي سيريل (وڇوٽيون سال ۱۹۹۴ع ۾ ٽيليڪاسٽ ٿي، جنهن ۾ هن زندگي ۾ ملندڙ جلندڙ ڪهاڻي ڏيکاري وئي، هڪ شڪي مزاج شخص پنهنجي نوڪري ڪندڙ زال تي شڪ رکي ٿو. نتيجتن هو زال کي تمام گهڻو پريشان ڪري ٿو، ۽ خود کي به سڪون نٿو مليس. سندس ٽيئن سيريل (پاتال) جيڪا سال ۱۹۹۶ع ۾ نشر ٿي، هن ڊرامي ۾ هيروئن ڪلچر ۽ وياج خوري جهڙن سماجي مسئلن تي لکي ڪردارن کي نروار ڪيو آهي. ان کان علاوه رزاق مهر صاحب فقط ڊرامانگار، ڪهاڻيڪار، ناول نويس نه هو مگر ان سان گڏ هن شاعري به ڪئي ڪالم نگار ٿي سوين موضوعن تي سماجي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ قلم وسيلي مضمون لکڻ ۾ ڪا به ڪمي نه ڇڏي هن شاعري جي مختلف صنفن جهڙوڪ نظم، آزاد نظم، غزل ۾ پڻ طبع آزماني ڪئي، عمومن هن نظم ۽ آزاد نظم لاجواب نموني لکي سنڌي ادب جي زينت ۾ اضافو ڪيو، نموني طور سندس شاعري پيش ڪجي ٿي منهنجن گيتن ۾ آ بک، گهربا آهن توکي سک، منهنجا گيت روئاري توکي، ڏيندا رهندا هر دم ڏک. رزاق مهر صاحب سال ۱۹۷۶ع ۾ لاڙڪاڻي منجهان ماهوار شايع ٿيندڙ رسالي (نئين دنيا پبليڪيشن) ۽ ماهوار (ڪونج) رسالي لاڙڪاڻي جي ايڊيٽر طور فرض سرانجام پڻ ڏنا. رزاق مهر جي ڪهاڻي (آڙاهه) کي سال ۱۹۸۷ع ڌاري سنڌي ادبي بورڊ طرفان بهترين ڪهاڻي جي ايوارڊ سان پڻ نوازيو ويو. رزاق مهر بهترين ليکڪ ڊراما نگار ۽ ڪهاڻيڪار کان علاوه بهترين انسان پڻ هو. هي عظيم انسان ۱۵ آگسٽ ۲۰۰۳ع دل جي تڪليف سبب لاڏاڻو ڪري، هميشه هميشه لاءِ ڦوهه جوانيءَ ۴۹ ۾ سال ۲۶ ڏينهن زندگي جا گذاري جمعي جي ڀلاري ڏينهن پنج نياڻيون، هڪ پٽ، ۽ هزارين دوستن کي سوڳوار ڪري اسان کان ڌار ٿي ويو. سندس اڄ لاڙڪاڻي شهر ۾ ۱۴هين ورسي وڏي شان شوڪت سان ملهائي پئي وڃي، سنڌ جا مختلف اديب، شاعر، ڪهاڻيڪار سندس فن ۽ ڪيل ادبي پورهئي تي روشني وجهي کيس زبردست ڀيٽا پيش ڪندا. عبدالرزاق مھر انور ابڙو ادا رزاق مهر، ڏاڍا ياد اچو ٿا. اُهي ادبي ڪچهريون، محمد علي پٺاڻ سان ڀوڳ، لاڙڪاڻي جي جيلس بازار ۾ چاچا قادريءَ سان اوهان، محمد علي ۽ منٺار سولنگيءَ سان گڏجي ڪيل ڪچهريون، لاڙڪاڻي شهر ۾ عبدالحميد ابڙي سان ٿيل گڏيل ڪچهريون، ڪينجهر ڍنڍ تي اوهان جي هڪ ڊرامي جي رڪارڊنگ دوران (جنهن جو پروڊيوسر بادل جمالي صاحب هو) اوهان سان گڏجي هلي ان جي رڪارڊنگ ڏسڻ، ۽ اهڙيون بيشمار يادگيريون، ڄڻ ته ڪلهه جي ڳالهه آهن. اوهان جڏهن ۱۹۹۳ع جي هڪ ڏينهن ريگل چوڪ، ڪراچيءَ تان نئين ڪئميرا ورتي هئي ته ان وقت مِينهن وسي رهيو هو ۽ اوهان ان ۾ ڀڄِندا ۽ ڀَڄندا، ڀرسان ئي الفلاح مارڪيٽ ۾ اسان جي روح رهاڻ رسالي واري آفيس آيا هئا، جتي اوهان وڏي خوشيءَ مان اها ڪئميرا ڏيکاري هئي. ان وقت گهڻو ڪري اوهان جا ٻه ننڍڙا پٽ آصف ۽ ٻيو به اوهان سان گڏ هئا. اُتي جامي چانڊيو صاحب به اچي ويو هو، ۽ پوءِ اسان اوهان جي ان نئين ڪئميرا سان پنهنجون ڪجهه تصويرون ڪڍيون هيون. انهن مان هڪ تصوير اُها به آهي، جيڪا هِتي ڏني وئي آهي. هڪ رمضان جي مهيني ۾ سهراب ڳوٺ واري پاسي (گهڻو ڪري معمار ڪامپليڪس) اوهان، محمد علي ۽ مان اوهان جي هڪ مائٽ ڏي هليا هئاسين. پوءِ گڏجي، اُتي ڀرسان ئي ڪيهر شوڪت جي فليٽ تي هليا هئاسين، هو پاڻ ته نه هو، پر اُتي اسان بک کان آنا پچائي اهي سلائس سان کاڌا هئا. اوهان جڏهن شانتي نگر ۾ ڪا سيريئل لکڻ لاءِ صلاح الدين تنيي جي گهر ۾ اچي اسماعيل چانڊيي سان گڏ رهندا هئا ته اُتي صبح جو چانهه مون سان گڏ اچي پيئڻ پسند ڪندا هئا، ڇو ته مان به انهن ڏينهن ۾ اُتي رهندو هوس. ۽ ادا، اوهان ئي ته ۱۹۸۰ع جي ڏهاڪي جي آخر ۾ هڪ ڏينهن مون کي چيو هو ته، ”شاعري بدران ڪهاڻيون لک.“ پوءِ مون ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون هيون. پي ٽي وي تي به ڊراما لکڻ لاءِ اوهان ۽ محمد علي پٺاڻ مون کي همٿايو هو. اوهان منهنجي وڏي ڀاءُ وانگر هئا، پر جلدي هليا ويا. اڄ اوهان جو جنم ڏينهن آهي، ۽ اسان سمجهون ٿا ته اوهان اسان سان اڄ به گڏ آهيو، سو جنم ڏينهن مبارڪ ادا. رزاق مهر سنڌي ٽيلي ناٽڪ ۾ حقيقت جا رنگ ڀريندڙ - ۲۸ اپريل ۲۰۱۹ع ڊاڪٽر قاسم راڄپر پاڪستان ٽيلي ويزن لاءِ “جياپو” جهڙو سماجي ۽ مقصدي ڊرامو لکڻ واري رزاق مهر جو واسطو لاڙڪاڻي سان آهي. هن ۲۰ جولاءِ ۱۹۵۴ تي لاڙڪاڻي جي مراد واهڻ پاڙي ۾ رانجهو خان مهر جي گھر جنم ورتو. پرائمري تعليم مراد واهڻ جي پرائمري اسڪول ۽ مئٽرڪ گورنمينٽ ڊي سي هاءِ اسڪول مان ڪيائيـن. بي اي آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻي مان ۱۹۷۴ع ۾ ۽ ايم اي سنڌي ادب ۱۹۷۹ ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. نوڪري جي شروعات بلڊنگ کاتي لاڙڪاڻي ۾ ڊرافٽس مين جي حيثيت سان ڪيائين، جنهن کان پوءِ پبلڪ اسڪول ميرپور خاص ۾سنڌي جو ليڪچرار ٿيو ۽ ۱۹۸۹ ۾ ڪميشن پاس ڪري سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو. هن سنڌ جي مختلف علائقن ۾ استاد جي حيثيت سان ٻار پڙهايا. هن پنهنجي حياتيءَ جا آخري ڏهاڙا گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور گذاريا. رزاق مهر کي لکڻ جو شوق ۱۹۷۴ ڌاري پيدا ٿيو. هن پهرين ڪهاڻي “ڪرشن هاٿيءَ جي اڳيان” لکي. ۱۹۸۲ع ۾ رزاق مهر جي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو “سڪون ڪٿي آهي” پڌرو ٿيو، جنهن ۾ موجود اڪثر ڪهاڻين جو موضوع سماجي حقيقت نگاري تي مشتمل آهن.هن جي ڪهاڻين جو ٻيو مجموعو “ڊهندڙ ليڪا” جي نالي سان شايع ٿيو. رزاق جو لکيل ناول “ٽارچر ڪئمپ مان نڪتل دانهن” اڃا تائين شايع ٿي ناهي سگهيو آهي، ڪهاڻين جي مجموعي “سڪون ڪٿي آهي” ۾ سندس ڪهاڻين جو جائزو مرحوم انور پيرزادي هن ريت ورتو هو. “رزاق مهر ترقي پسند ڪهاڻيءَ جو نوجوان ليکڪ آهي. هن جي ڪهاڻين ۾ ستايل ڪردارن ۽ غريبن سان نه رڳو همدرديءَ جو اظهار ڪيل آهي، پر انهن کي هيرو ڪري پڻ پيش ڪيو آهي. ڦورو ۽ پرماري ڪردارن کان نفرت هن جي ڪهاڻين ۾ برابر موجود آهي”. رزاق مهر سنڌ جو وڏو ڪهاڻيڪار ته هو پر کيس شهرت ٽيلي ويزن ناٽڪن وسيلي ملي. هن پهريون ٽي وي ڊرامو “زندگيءَ ڏانهن” جي نالي سان لکيو. جيڪو ۱۹۸۶ع ۾ پروڊيوسر ذوالفقار نقوي پيش ڪيو. هن سماجي حقيقتن تي ڊراما لکي، سنڌي ٽي وي ناٽڪ کي نئون موڙ ڏنو. جنهن کانپوءِ گهڻن ليکن سماجي مسئلن تي قلم کنيو. هونئن ته رزاق پنهنجي سمورن ڊرامن ۾ نج عوامي مسئلن کي بحث هيٺ آندو آهي، پر “جياپو” اهو ڊرامو هو، جنهن کيس شهرت جي بلندن تائين رسايوجڏهن “جياپو” ٽي ويءَ تان نشر ٿيندو هو ته ماڻهن جا انبوهه دڪانن ۽ هوٽلن جي ٻاهران به ڊرامو ڏسڻ لاءِ بيهجي ويندا هئا ۽ سنڌ جي وڏيرڪي ڏاڍ ۽ ظلم خلاف روڊن تي نعرا هڻڻ لڳندا هئا. رزاق مهر ان ڊرامي ۾ پهريون ڀيرو خانگي جيلن تي قلم کڻي هڪ سماجي ناسور تان پردو کنيو. جبري پورهئي خلاف سنڌ ۾ اهو پهريون ناٽڪ هو. سندس لکيل ان ڊرامي سنڌي سماج ۾ هڪ تبديلي آندي ۽ ان کان پوءِ سنڌ ۾ جبري پورهئي ۽ خانگي جيلن جي خلاف جدوجهد شروع ٿي. سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ پوليس خانگي جيلن تي ڇاپا هڻي جبري پورهيو ڪندڙ هاري آزاد ڪرايا. سندس مڪالمن ۾ انسانن جو درد هو. هن وڏيرڪي سماج جا اهڙا ته ڇوڏا لاٿا، جو تنهن دور ۾ وڏيرن ان ڊرامي سخت اعتراض واريندي پريس ڪانفرنسون ڪيون. اها سندس پورهئي جي مڃتا هئي. رزاق ڪجهه مقصدي اسٽيج ڊراما به لکيا، جن ۾ “بدحواس هيڊ ڪلارڪ”، “ٽي خانداني بي روزگار”، “مولوءَ مت وڃائي” ۽ “ايف آءِ آر” گهڻو مقبول ٿيا. رزاق مهر جو ويجهو دوست ڪيهر شوڪت هڪ هنڌ لکيو آهي ته “ويجهي ڏهاڪي ۾ جيڪڏهن ڪنهن معياري اسٽيج ناٽڪ ڏنا آهن ته انهن ۾ رزاق مهر ئي شايد سنڌ جو اڪيلو اسٽيج ناٽڪ ڪار آهي. جنهن سطحي ۽ بازاري ناٽڪن کان هٽي گهرائيءَ ۽ سنجيدگيءَ سان ناٽڪ لکي پيش ڪرايا آهن. هن جو لکيل ناٽڪ (بدحواس هيڊ ڪلارڪ) اڄ جي اسٽيج جي گدلي سينور ۾ ڪنول جو گل آهي”. رازق مهر نه رڳو سٺو ڪهاڻيڪار پر سٺو شاعر ۽ ايڊيٽر هو، سندس ايڊيٽ ڪيل رسالو “نئين دنيا” پنهنجي دور جو بهترين رسالو هو. جنهن ۾ سندس لکيل ايڊيٽوريل ڪافي مشهور ٿيا.سنڌ جو هي ڀلوڙ ڪهاڻيڪار ۽ ڊراما نگار ۱۵ آگسٽ ۲۰۰۲ ع تي دل بيهڻ سبب وفات ڪري ويو. سنڌ جي هن منفرد ناٽڪ نويس جي ٽيلي ناٽڪن ۾ زندگيءَ ڏانهن، ڇوٽڪارو، راهه جو پٿر، سفر، جياپو (سيريل) زخم زندگيءَ جا، وڇوٽيون (سيريل) اعتراف شامل آهن. رزاق مهر سنڌي ٽيلي ناٽڪ ۾ حقيقت جا رنگ ڀريندڙ ڊاڪٽر قاسم راڄپر پاڪستان ٽيلي ويزن لاءِ “جياپو” جهڙو سماجي ۽ مقصدي ڊرامو لکڻ واري رزاق مهر جو واسطو لاڙڪاڻي سان آهي. هن ۲۰ جولاءِ ۱۹۵۴ تي لاڙڪاڻي جي مراد واهڻ پاڙي ۾ رانجهو خان مهر جي گھر جنم ورتو. پرائمري تعليم مراد واهڻ جي پرائمري اسڪول ۽ مئٽرڪ گورنمينٽ ڊي سي هاءِ اسڪول مان ڪيائيـن. بي اي آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻي مان ۱۹۷۴ع ۾ ۽ ايم اي سنڌي ادب ۱۹۷۹ ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. نوڪري جي شروعات بلڊنگ کاتي لاڙڪاڻي ۾ ڊرافٽس مين جي حيثيت سان ڪيائين، جنهن کان پوءِ پبلڪ اسڪول ميرپور خاص ۾سنڌي جو ليڪچرار ٿيو ۽ ۱۹۸۹ ۾ ڪميشن پاس ڪري سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو. هن سنڌ جي مختلف علائقن ۾ استاد جي حيثيت سان ٻار پڙهايا. هن پنهنجي حياتيءَ جا آخري ڏهاڙا گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور گذاريا. رزاق مهر کي لکڻ جو شوق ۱۹۷۴ ڌاري پيدا ٿيو. هن پهرين ڪهاڻي “ڪرشن هاٿيءَ جي اڳيان” لکي. ۱۹۸۲ع ۾ رزاق مهر جي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو “سڪون ڪٿي آهي” پڌرو ٿيو، جنهن ۾ موجود اڪثر ڪهاڻين جو موضوع سماجي حقيقت نگاري تي مشتمل آهن.هن جي ڪهاڻين جو ٻيو مجموعو “ڊهندڙ ليڪا” جي نالي سان شايع ٿيو. رزاق جو لکيل ناول “ٽارچر ڪئمپ مان نڪتل دانهن” اڃا تائين شايع ٿي ناهي سگهيو آهي، ڪهاڻين جي مجموعي “سڪون ڪٿي آهي” ۾ سندس ڪهاڻين جو جائزو مرحوم انور پيرزادي هن ريت ورتو هو. “رزاق مهر ترقي پسند ڪهاڻيءَ جو نوجوان ليکڪ آهي. هن جي ڪهاڻين ۾ ستايل ڪردارن ۽ غريبن سان نه رڳو همدرديءَ جو اظهار ڪيل آهي، پر انهن کي هيرو ڪري پڻ پيش ڪيو آهي. ڦورو ۽ پرماري ڪردارن کان نفرت هن جي ڪهاڻين ۾ برابر موجود آهي”. رزاق مهر سنڌ جو وڏو ڪهاڻيڪار ته هو پر کيس شهرت ٽيلي ويزن ناٽڪن وسيلي ملي. هن پهريون ٽي وي ڊرامو “زندگيءَ ڏانهن” جي نالي سان لکيو. جيڪو ۱۹۸۶ع ۾ پروڊيوسر ذوالفقار نقوي پيش ڪيو. هن سماجي حقيقتن تي ڊراما لکي، سنڌي ٽي وي ناٽڪ کي نئون موڙ ڏنو. جنهن کانپوءِ گهڻن ليکن سماجي مسئلن تي قلم کنيو. هونئن ته رزاق پنهنجي سمورن ڊرامن ۾ نج عوامي مسئلن کي بحث هيٺ آندو آهي، پر “جياپو” اهو ڊرامو هو، جنهن کيس شهرت جي بلندن تائين رسايوجڏهن “جياپو” ٽي ويءَ تان نشر ٿيندو هو ته ماڻهن جا انبوهه دڪانن ۽ هوٽلن جي ٻاهران به ڊرامو ڏسڻ لاءِ بيهجي ويندا هئا ۽ سنڌ جي وڏيرڪي ڏاڍ ۽ ظلم خلاف روڊن تي نعرا هڻڻ لڳندا هئا. رزاق مهر ان ڊرامي ۾ پهريون ڀيرو خانگي جيلن تي قلم کڻي هڪ سماجي ناسور تان پردو کنيو. جبري پورهئي خلاف سنڌ ۾ اهو پهريون ناٽڪ هو. سندس لکيل ان ڊرامي سنڌي سماج ۾ هڪ تبديلي آندي ۽ ان کان پوءِ سنڌ ۾ جبري پورهئي ۽ خانگي جيلن جي خلاف جدوجهد شروع ٿي. سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ پوليس خانگي جيلن تي ڇاپا هڻي جبري پورهيو ڪندڙ هاري آزاد ڪرايا. سندس مڪالمن ۾ انسانن جو درد هو. هن وڏيرڪي سماج جا اهڙا ته ڇوڏا لاٿا، جو تنهن دور ۾ وڏيرن ان ڊرامي سخت اعتراض واريندي پريس ڪانفرنسون ڪيون. اها سندس پورهئي جي مڃتا هئي. جياپو ڊرامي جو هڪ منظر رزاق ڪجهه مقصدي اسٽيج ڊراما به لکيا، جن ۾ “بدحواس هيڊ ڪلارڪ”، “ٽي خانداني بي روزگار”، “مولوءَ مت وڃائي” ۽ “ايف آءِ آر” گهڻو مقبول ٿيا. رزاق مهر جو ويجهو دوست ڪيهر شوڪت هڪ هنڌ لکيو آهي ته “ويجهي ڏهاڪي ۾ جيڪڏهن ڪنهن معياري اسٽيج ناٽڪ ڏنا آهن ته انهن ۾ رزاق مهر ئي شايد سنڌ جو اڪيلو اسٽيج ناٽڪ ڪار آهي. جنهن سطحي ۽ بازاري ناٽڪن کان هٽي گهرائيءَ ۽ سنجيدگيءَ سان ناٽڪ لکي پيش ڪرايا آهن. هن جو لکيل ناٽڪ (بدحواس هيڊ ڪلارڪ) اڄ جي اسٽيج جي گدلي سينور ۾ ڪنول جو گل آهي”. رازق مهر نه رڳو سٺو ڪهاڻيڪار پر سٺو شاعر ۽ ايڊيٽر هو، سندس ايڊيٽ ڪيل رسالو “نئين دنيا” پنهنجي دور جو بهترين رسالو هو. جنهن ۾ سندس لکيل ايڊيٽوريل ڪافي مشهور ٿيا.سنڌ جو هي ڀلوڙ ڪهاڻيڪار ۽ ڊراما نگار ۱۵ آگسٽ ۲۰۰۲ ع تي دل بيهڻ سبب وفات ڪري ويو. سنڌ جي هن منفرد ناٽڪ نويس جي ٽيلي ناٽڪن ۾ زندگيءَ ڏانهن، ڇوٽڪارو، راهه جو پٿر، سفر، جياپو (سيريل) زخم زندگيءَ جا، وڇوٽيون (سيريل) اعتراف شامل آهن. ناليواري ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار ۽ شاعر رزاق مهر بابت اديبن جا تاثرات سهيڙ: رضوان گل رزاق مهر ترقي پسند سنڌي ڪهاڻيءَ جو نوجوان ليکڪ آهي. هن جي ڪهاڻين ۾ ستايل ڪردارن ۽ غريبن سان نه رڳو همدرديءَ جو اظهار ڪيل آهي پر انهن کي ”هيرو“ ڪري پڻ پيش ڪيو ويو آهي. رزاق پنهنجي ڪهاڻين ۾ غير جانبدار نه آهي. ڦورو ۽ پرماري ڪردارن کان نفرت، هن جي ڪهاڻين ۾ برابر موجود آهي. رزاق سنڌي هيٺئين/ وچولي طبقي جو هڪ اهڙو فرد آهي، جنهن پنهنجي زندگيءَ ۾ ڏکن ڏوجهرن، محرومين، ۽ خواهشن جي قتلام جهڙن ڪيترن ئي ظلمن جو مقابلو ڪيو آهي. ذهني دٻاءَ، قديم سنڌ وڏيرڪي قدرن سان جڙيل فيملي، ان جون پراڻيون روايتون ۽ هن نئين ٽهيءَ جي نوجوان جون نيون حرڪتون. ٽڪراءُ لازمي هو. سيڪس ۽ مذهب ۾ به اهڙا عنصر آهن جيڪي اڄ جي نوجوان کي ڌونڌاڙي، هن کي مصيبتن ۾ وجهي، هن جي روحاني قوت جي آزمائش ڪندا آهن. نارمل سنڌي نوجوان، مذهب يا سيڪس تان ڪاوڙبو ۽ باغي ٿي ويندو. سو رزاق به مذهبي ڪٽرپڻي ۽ پابندين واري سماجي ۽ جنسي زندگيءَ کان بيزار ٿي، ڪجهه سوچڻ لڳو ۽ پوءِ انهن سوچن کي لفظن جو روپ ڌارڻ واري علم يعني ادب جي تلاش ۾ لڳي ويو. (انور پيرزادو ــ ڪتاب ”سڪون ڪٿي آهي“ تان ورتل) جيتوڻيڪ سنڌ رزاق مهر کي هڪ ڪهاڻيڪار ۽ ايڊيٽر جي روپن ۾ سڃاڻي ٿي ۽ هن پيش لفظ ۾ مون کي ڇڙو رسم ۽ روايت طور هن جي ڪهاڻين تي ئي لکڻو آهي پر هن جا ٻيا به روپ آهن. هن سٺيون ۽ خوبصورت ڪهاڻيون ۽ معياري رسالو ”نئين دنيا“ ئي نه ڏنو آهي پر هن تمام سٺي شاعري به ڪئي آهي ته ويجهي ڏهاڪي ۾ جيڪڏهن ڪنهن معياري اسٽيج ناٽڪ ڏنا آهن ته انهن ۾ رزاق ئي شايد سنڌ جو اڪيلو اسٽيج ناٽڪ ڪار آهي جنهن سطحي ۽ بازاري ناٽڪن کان هٽي گهرائيءَ ۽ سنجيدگيءَ سان ناٽڪ لکي پيش ڪرايا آهن. هن جو لکيل ناٽڪ بدحواس هيڊ ڪلارڪ اڄ جي اسٽيج جي گدلي سينور ۾ ڪنول جو گل آهي ۽ هڪ وڏو جتن پڻ جنهن سان شايد سنڌي ناٽڪ اُردو سطحي ناٽڪن ۽ فارمولائي پنجابي فلمن جي نقالي ڇڏي وري پنهنجي پراڻي شاندار روايت (ورهاڱي کان اڳ واري) تي هلڻ شروع ٿو ڪري. اوور ٽائيم رزاق مهر جي اها ڪهاڻي آهي جنهن پهريون ڀيرو ادبي پارکن جو ڌيان ڇڪائي وڌو ۽ ان ئي ڪهاڻيءَ سان رزاق پهريون ڀيرو سيکڙاٽ ڪهاڻيڪارن جي ڊگهيءَ قطار مان ٻاهر نڪري نروار ٿيو ۽ نه رڳو سجاڳ پڙهندڙن جي دل ۾ جاءِ جوڙي ورتائين پر ان ڪهاڻيءَ سان سنڌ جا سڄاڻ ڪلاڪار به هن کي عزت ۽ اُميد جي نظرن سان ڏسڻ لڳا. رزاق جي لکڻين جي سونهن تڏهن چڱيءَ طرح محسوس ٿي سگهي ٿي جڏهن لاڙڪاڻي مان نڪرندڙ ”نئين دنيا“ رسالي ۾ لکيل هن جا ايڊيٽوريل پڙهيا ويندا. ايبسٽريڪٽ، فيلسوفانا، اُتساهه ڏيندڙ حقيقتون، اُگهاڙيون ۽ علامتي انداز سان جارحانا حملا ۽ سماجي تنقيد، بي ڊپائي، باغي ۽ جوشيلي اسٽائل. رزاق، سريش ۽ واجد وارو سٻنڌ لاڙڪاڻي جي ادبي حلقن ۾ چڱيءَ طرح ڄاتل سُڃاتل آهي. هي ۽ ڪجهه ٻيا دوست جهڙوڪ ڪيهر شوڪت، ملڪ آگاڻي، زيب سنڌي، ممتاز ابڙو ۽ امان شيخ انٽيليڪچوئل ماحول ۾ جوشيليون ۽ انتهاپسند (ڪڏهن ڪڏهن) لهرون اُڀاريندا رهيا آهن. رزاق پنهنجي زندگيءَ ۾ ٻين باشعور سنڌي نوجوانن وانگي اڄ جي دنيا ۾ رائج مڙني ادبي ۽ سياسي نظرين جي ڄاڻ رکندڙ آهي پر پنهنجي فن ۽ تخليق جي سلسلي ۾ رزاق آبجيڪٽوٽي يا معروفيت جو قائل آهي. ( ڪيهر شوڪت ــ ڪتاب ”سڪون ڪٿي آهي“ تان ورتل) رزاق مهر سان منهنجو ويجھو تعلق رهيو اسان هڪ ئي ڪاليج ۾ گڏجي ڪم سين، هو هڪ محبوب شخصيت رکندڙ پيارو انسان هو، هن پنهنجي محبتي رويي جي ڪري ماڻهن جي دلين ۾ جايون جوڙيون. سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ به اسان گڏ رهيا سين جن ۾ رزاق مهر، ڪيهر شوڪت، سليم ڪورائي، واجد، افضل قادري، عنايت ميمڻ، ڪيهر شوڪت ۽ ٻيا دوست شامل ٿيندا ها. ان ئي دور ۾ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي ۽ انيس انصاري به انهن گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيندا ها. هن زندگيءَ ۾ ڏاڍا ڏک ڏٺا، سندس مزاج ۾ برداشت تمام گھڻي هئي، دوستن کي گڏ کڻي هلڻ وارو ماڻهو هو سندس شاعري به اهميت رکندڙ آهي. سندس ڪهاڻين ۾ حقيقت نگاري جو رنگ نمايان آهي هن جا ڊراما تمام گھڻا مقبول ٿيا هن بيباڪي ۽ بي ڊپائي سان لکيو. قلم سان سندس ناتو آخري ساهن تائين رهيو سنڌي ادب ۾ سندس نالو اڻ مٽ لڪير جيان آهي. (ڊاڪٽر بشير احمد شاد) رزاق مهر وڇڙي ويو آهي پر هو هر وقت اسانکي ياد آ. ستر واري ڏهاڪي ۾ منهنجي ساڻس دوستي ٿي جيڪا ڀائپي ۾ تبديل ٿي وئي. هو منهنجي وڏي ڀاءُ جيان هو، هن جيون جي تلخ حقيقتن کي تمام ويجھو کان ڏٺو يتيم هو ۽ يتيم واري زندگي گذاريندي به هو ايڪٽو رهيو. واجد، ڪيهر شوڪت، ملڪ آگاڻي ۽ رزاق مهر اسان سڀ گڏجي ڪچهريون ڪندا هئا سين. ڪيهر شوڪت جي ڳوٺ آگاڻين ۾ زيتونن جي باغن جي وچ ۾، ڍنڍن جي ڪنارن تي، لوڪ ڏاهپ تي ڳالهائيندي اسان تمام گھڻو خوبصورت وقت گذاريو. اهي سڀ تجربا رزاق مهر پنهنجي ڪهاڻين ۾ ڏنا. هو تمام وڏو ۽ شاندار ڪهاڻيڪار هو، هو سڪون جي ڳولها ۾ ئي رهيو. رزاق جڏهن ڊرامو ”جياپو“ لکيو ته ڊرامي جي حوالي سان هو تمام وڏي ڏاڪي تي پهچي ويو. هن جديد ڊرامه لکيا نون موضوعن کي ڇُهيو. (اخلاق انصاري) رزاق مهر هڪ انتهائي مهربان، شفيق ۽ پرخلوص دوست هو، هن جا ليکڪ طور ڪيترائي ئي حوالا آهن. هن لکڻ جي شروعات شاعري سان ڪئي، سندس پهريون شعر ”سهڻي“ رسالي ۾ ڇپيو. جنهن کانپوءِ هو ڪهاڻي طرف آيو، سندس پهريون ڪهاڻيون امر جليل جي رنگ ۾ لکيل آهن جنهن کانپوءِ هن پنهنجي رنگ ۾ لکڻ شروع ڪيون ”ڪرشن هاٿيءَ جي اڳيان“ سندس پهرين ڪهاڻي آهي. رزاق مهر جو پهريون ڪتاب ”سڪون ڪٿي آهي“ ۾ بهترين ڪهاڻيون شامل آهن. رزاق مهر جو ڪهاڻيڪارن ۾ قد تمام اتاهون آهي.سندس ڪهاڻيون ”سڪون ڪٿي آهي“، ”جنم جلي“، ”پيڙا جي ڪوهيڙن ۾“، ”هڪ شخص جو موت“، ”شڪست“ ۽ ٻيون ڪافي ساريون ڪهاڻيون سنڌي ادب جون بهترين ڪهاڻيون آهن، سندس ٻيو ڪتاب ”ڊهندڙ ليڪا“ مون پنهنجي ڪوششن سان ڪاڇو پبليڪيشن کان ڇپرايو، ان ۾ اٺ ڪهاڻيون شامل آهن جيڪي پڻ انتهائي شاندار ڪهاڻيون آهن. هو هڪ ٽرينڊ سيٽر ڪهاڻيڪار هو. رزاق ڊرامن جي شروعات سولو پليز کان ڪئي، هن پهريون ڊرامو ”زندگيءَ ڏانهن“ لکيو جيڪو پي ٽي وي تان نشر ٿيو هو جنهن کانپوءِ ”سهرو“، ”راهه جو پٿر“ ۽ کوڙ سارا ڊراما لکيا ”جياپو“ سندس ڊرامه سيريل هو هن جياپو لکي خانگي جيلن جي نشاندهي ڪئي. سندس ٻيو ڊرامه سيريل ”وڇوٽيون“ ٽيون سيريل ”پاتال“، چوٿون سيريل ”نبيرو“ هو. رزاق جو اڃا به ڪيترو ئي مواد موجود آهي سندس اڻ ڇپيل مواد کي ڇپرائڻ گھرجي. مان هڪ دوست جي حيثيت ۾ ساڻس ٽيهه سال گڏ گذاريا هاڻي مونکي زندگيءَ جي هر وک تي سندس ڪمي محسوس ٿيندي آهي. (محمد علي پٺاڻ) رزاق مهر منهنجو انتهائي ويجھو دوست هو، هن خاموش ٿي ڪم ڪيو هو هڪ فل ٽائيم ليکڪ هو. هن پنهنجي سموري زندگي ادب کي ارپي ڇڏي هئي. هن جي شاعر وارو حوالو پڻ اهم آهي. هن ڀرپور ڊرامه لکيا. زندگي هن سان ساٿ نه نڀايو وقت کان گھڻو اڳ ۾ هو اسان کان وڇڙي ويو. هن ڪاميابين جا سفر تيزيءَ سان طئي ڪيا هن سنجيدگيءَ ۽ محنت سان ڪم ڪري مڃتا ماڻي. اسان رزاق کي مري ويل نه ٿا سمجھون هو اسان جي دلين ۾ زنده آهي. هو بهترين ڪهاڻيڪار به هو ته تمام بهترين انسان ۽ پيارو دوست به هو. (عنايت ميمڻ) رزاق مهر خاموش طبع انسان هو، سندس اها خوبي هئي ته هر ماڻهو کيس پنهنجو ويجھو دوست سمجهندو هو، هن جي تڏي تي هر ماڻهو جي اک آلي هئي، هو هڪ مخلص ماڻهو هو. سندس ڪهاڻيون پڙهي احساس ٿيندو هو ته هو ڪيڏي بلند پايي جو ڪهاڻيڪار هو. اسان جو اسٽيج سان تعلق هو رزاق صاحب جا به اسٽيج ڊرامه ٿيندا هئا، مان پاڻ کي رزاق مهر جي پيٽرن تي هلائڻ جي ڪوشش ڪندو هيس مان کانئس متاثر هيس هو هڪ بيباڪ ليکڪ هو. سندس ڪهاڻين جا موضوع سماجي حقيقت نگاري تي مشتمل هئا. (احمد علي صابر چانڊيو) رزاق کي مان دوست جي حيثيت ۾ ائين محسوس ڪيو ته هو هڪ معصوم ٻار جيان هو، سندس مزاج ۾ حساس پڻو شدت سان موجود هو، اسان اڄ به رزاق جي ڪمي محسوس ڪريون ٿا، هو هڪ هڪ دوست هو جيڪو هر پل صلاحن مشورن ۾ شامل رهندو هو. هن هڪ ٽو ايڪٽ ڊرامو ”بد حواس ڪلارڪ“ لکيو جنهن کي مان ڊائريڪٽ ڪيو اهو ڊرامو مزاحيه انداز ۾ لکيل هو. رشين ليکڪن جا ڪتاب اسان هڪ ٻي کي پڙهائيندا هئا. اسان هڪ وڊيو فلم ”رڻ جو مسافر“ ٺاهڻ لاءِ به ڪوشش ورتي هئي جيڪا ڪن حالتن سبب اسان کان نه ٺهي سگھي. رزاق جون محبتون سڀني سان هيون پر مونسان سندس پيار بي انتها هو. واجد، انور پيرزادو، رزاق ۽ مان راتين جون راتيون ويهي ڪچهري ڪندا هئا سين جنهن جو اڪثر موضوع ادب هوندو هو. منهنجي جيون ۾ سندس ڪردار هڪ راهه ڏيکاريندڙ وارو رهيو اهو ئي سبب آهي جو مان اڄ به سندس ڪمي شدت سان محسوس ڪري رهيو آهيان. (ممتاز ابڙو) رزاق مهر جھڙا ماڻهو وڇڙندا ضرور آهن پر وسرندا ناهن، اهو ئي سبب آهي جو هيڏا سال گذرڻ باوجود به هو اسان جي دلين ۾ ڌڙڪي ٿو، هن جون يادون، هن جون لکڻيون اسان وٽ موجود آهن اهي ڪتابي صورت ۾ هجن يا ڊرامي جي صورت ۾ هجن اسان انهن کي پڙهون به ڏسون به ٿا. هو ٻاجھاري طبيعت جو انسان هو سندس اهم خوبي اها هئي ته هو دوستن جي وچ ۾ پُل وارو ڪردار ادا ڪندو هو دوستن جون رنجشون ختم ڪري محبتن سان گڏ ويهاريندو هو. سندس ڪتاب ”سڪون ڪٿي آهي“ ڇپيو ته کيس هڪ ٽرينڊ سيٽر ڪهاڻيڪار واري سڃاڻپ ملي، سندس ڪهاڻين جو بنياد سماجي حقيقت نگاري آهي. سندس ڪهاڻيون ”سڪون ڪٿي آهي“، ”تڏي تي ويٺل ماڻهو“، ”اَجھل هوا“، ”هڪ شخص جو موت“، ”ڊهندڙ ليڪا“ اهڙيون ڪهاڻيون آهن جن جا موضوع سماج جي ڪک مان جنم وٺن ٿا، هن اڇوتن موضوعن تي ڪهاڻيون ۽ ڊرامه لکي پاڻ مڃرايو. هن جيڪي اسٽيج ڊراما لکيا اهي پڻ ان زماني ۾ تمام گھڻا مقبول ٿيا بعد ۾ هن پي ٽي وي تي ڊرامه لکيا جن جو ماڻهو پورو هفتو انتظار ڪندا هئا، رزاق صاحب کي هڪ ڊرامه نگار طور سڄي سنڌ ۾ تمام گھڻي مقبوليت ملي ۽ ”جياپو“ ڊرامي کانپوءِ ساڻس سڄي سنڌ ۾ رهاڻيون ملهايون ويون هيون اسان به سچل ادبي مرڪز پاران ساڻس رهاڻ رچائي هئي. 13 آگسٽ تي ڪاليج ۾ ٿيل هڪ گڏجاڻي ۾ مان ساڻس آخري ڀيرو مليو هيس اسان هڪ ئي ڊپارٽمينٽ ۾ گڏجي ڪم ڪيو سين، رزاق مهر جڏهن گذاري ويو هو ته ائين محسوس ٿيو هو ته ڄڻ وقت بيهجي ويو آهي پر وقت ظالم آهي اهو هلندو رهي ٿو. (ڊاڪٽر احسان دانش) ڪجهه ماڻهن جي وڇڙڻ بعد به اهو احساس هوندو آهي ته اهي ڪنهن سفر تي ويل آهن ۽ وري واپس اچي اسان سان ملندا رزاق مهر جي وڇڙڻ بعد به ئين ئي محسو ٿيندو آهي ته هو اسان سان واپس اچي ملندو. هن جي شخصيت ۾ نماڻائي، صبر ۽ بردباري هئي هو جنهن سان به ملندو هو ان جو دوست ٿي ويندو هو. رزاق صاحب جونيئر لکندڙن کي اتساهه ڏيندو هو. حقيقت نگاري جي حوالي سان سندس لکيل ڪهاڻين جا ڪردار درد جي علامت آهن انهن ڪردارن جون ڪيفيتون پڙهندڙ کي محسوس ٿيڻ لڳن ٿيون هن جي قلم مان نڪتل لفظ گھرو اثر ڇڏيندڙ آهن. (ڊاڪٽر فياض لطيف) رزاق مهر جو انداز ۽ لهجو پيار ڀريو هوندو هو، سندس لکيل ڊرامي ”جياپو“ تي تما گھڻا سوال اٿيا، ماڻهن چيو ته شايد اهو تصوراتي ڪهاڻي تي مشتمل آهي پر پوءِ اهڙا ظالم وڏيرا بي نقاب ٿيا ۽ الائي ڪيترا خاندان خانگي جيلن مان آزاد ٿيا جنهن جو ڪريڊٽ رزاق مهر ڏانهن وڃي ٿو. (انور ڏنگڙائي) رزاق مهر جو ڪم ۽ ڪردار ڀرپور رهيو آهي ليکڪ جي تحرير ڳالهائيندي آهي اها تحرير ئي اصل ۾ ليکڪ جي زبان هوندي آهي هن جي ڪهاڻين جي ڪردارن جي گفتگو سماج جي مجموعي دردن جي ڪٿا آهي. رزاق صاحب پنهنجو آواز ان دور جي واحد ميڊيا پي ٽي وي تي ڊرامن ذريعي اٿاريو ۽ اهڙن موضوعن تي لکيو جيڪي ان دور جي اڀرندڙ مسئلن جي نشاندهي ڪندڙ هئا. (رياضت ٻرڙو) رزاق صاحب پنهنجي لکڻين ۾ هڪ منفرد ليکڪ هو هن پاڻ کي نکارڻ لاءِ نه لکيو پر هن سماج ۾ موجود مسئلن کي نروار ڪرڻ لاءِ لکيو. جيڪو ماڻهو دل سان ڪم ڪري ٿو ان کي موٽ به ملي ٿي هن دل سان ڪم ڪيو ۽ کيس بهترين موٽ ملي. هن جا ڪردار معصوم، نهٺا ۽ عام طبقي سان تعلق رکندڙ آهن هن پنهنجي پذيرائي نه چاهي پر هن سماجي اجتماعي ڏکن کي قلم جي ذريعي بيان ڪري پنهنجو فرض نڀايو. (عزيز منگي) موت، ڪڏهن ڪڏهن ڪي اهڙا پيارا ماڻهو کسي ويندو آهي، جن جي جدائي جيءُ جهوري وجهندي آهي. محبت، دوستي، خلوص، پنهنجائپ ۽ ڪَسُ کائڻ وارا ماڻهو ڏاڍا گھٽ هوندا آهن. دوستن تي سِرُ ڏيڻ وارن ۽ رشتن جي نزاڪتن کي ڄاڻڻ وارن اهڙن ئي محبتي انسانن مان رزاق مهر به هڪ هو. سندس ڊرامو ”جياپو“ هن جي خاص سڃاڻپ بڻيو. جڏهن ”جياپو“ پي ٽي وي تان نشر ٿيندو هو ته ماڻهو دڪانن ۽ هوٽلن جي ٻاهران به ڊرامو ڏسڻ لاءِ بيهجي ويندا هئا ۽ سنڌ جي وڏيرڪي ڏاڍ ۽ ظلم خلاف روڊن تي نعرا هڻڻ لڳندا هئا. رزاق مهر ان ڊرامي ۾ پهريون ڀيرو خانگي جيلن تي قلم کڻي هڪ سماجي ناسور تان پردو کنيو جنهن تي بعد ۾ ٻين به ڪيترن ئي ليکڪن ڪهاڻيون ۽ ڊراما لکيا. ان کان علاوه ”وڇوٽيون، ”پاتال“، ”زخم زندگيءَ جا“، ”اعتراف“، ”ڦيرو“، ”ڇوٽڪارو“، ”راهه جو پٿر“ ۽ سندس ٻيا ڊراما به تمام گهڻو مقبول ٿيا، جنهنڪري رزاق مهر جي هڪ تمام برجستي ڊرامي نگار طور به سڃاڻپ ٿيڻ لڳي. هن جا اسٽيج ڊراما ”بدحواس ڪلارڪ“ ، ”ٽي خانداني بي روزگار“، ”مولوءَ مت وڃائي“ ۽ ”ايف آءِ آر“ پڻ ڪافي مقبول ٿيا. رزاق مهر جي ڪهاڻين، ڊرامن، ڪالمن ۽ ٻين لکڻين ۾ سماج جي نظر انداز ڪيل طبقي جي نمائندگي ٿيل آهي. هن غريب کي ڪنهن سِرَ ڦِري سردار يا مير کان وڌيڪ مانائتو ڏيکاريو آهي. هن جا لکيل لفظ ظالم ۽ جابر لاءِ باهه جا شعلا به آهن، ته ڪنهن مسڪين ۽ محتاج لاءِ آٿت به آهن. سندس سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي لکيل ڪالم هڪ دؤر جي تاريخ ۽ سچائي پيش ڪن ٿا. سندس قلم ڌمڪي ۽ دڙڪي کان ڊڄڻ وارو نه، پر سماج لاءِ ناسور بڻجي ويل رشوت خورن ۽ بدمست وڏيرن لاءِ تلوار بڻيل رهيو. مون کي خوشي آهي ته مان رزاق مهر سان سندس حياتيءَ جي آخري ٻن سالن ۾ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ساڻس گڏ استاد رهيس. سندس ڀاڪر وجهي ملڻ جي انداز ۽ ڪچهرين مان ڪڏهن به ائين محسوس نه ٿيو ته آءٌ ڪو کانئس ادبي عمر ۾ ننڍو آهيان. هو دوستن جي وچ ۾ اختلافن کي اُڀرڻ نه ڏيندو هو، دوستن جي درميان سندس ڪردار پُل جهڙو هو. هو هڪ بهترين ليکڪ سان گڏ تمام وڏو ماڻهو هو، جنهن وٽ پيار ۽ پنهنجائپ هئي. (رضوان گل) سائين رزاق مهر جنهن دور ۾ لکڻ شروع ڪيو ان دور تي امر جليل جا تمام گھڻا اثرات هئا، پر جڏهن اسان رزاق مهر جا افسانا پڙهون ٿا ته سواءِ هڪ اڌ جي هن جو پنهنجو ڊڪشن ۽ پنهنجو انداز آهي سندس موضوع ۽ انهن ۾ پيش ڪيل ڪردارن جي اذيت، زندگي ۾ انهن سان پيش ايندڙ واقعا ۽ انهن ڪهاڻين جو ڪلائيميڪس جيڪو رزاق مهر ڏيکاريو آهي اهو ڏاڍو اميد ڏيندڙ ۽ اتساهه ڀريو آهي، سندس اڪثر ڪردار ڀوڳنائن ۾ ورتل آهن جيڪي زندگيءَ ۾ ويساهه گهاتين جو شڪار آهن ۽ تذليل ۾ زندگي گذارن ٿا، هن انهن ڪردارن جي اندر جو درد ايڏي مهارت سان بيان ڪيو آهي جو انهن ڪردارن سان پڙهندڙ وٽ همدردي جو جذبو پيدا ٿي پوي ٿو. رزاق جون ڪهاڻيون پنهنجي الڳ سڃاڻپ رکندڙ آهن انهن تي ڪنهن جي به ڇاپ نه آهي. رزاق صاحب جي ڊرامي ”جياپو“ کان پوءِ کيس مستقبل جي ليکڪ طور سڃاڻپ ملي جو هن انهن مسئلن تي قلم کنيون جيڪي مستقبل ۾ سامهون اچڻا آهن يا ته لڪيل آهن جن کي هن ڊرامن ۽ ڪهاڻين ذريعي اجاگر ڪيو. هن خودڪشي جي به ڪوشش ڪئي پر پنهنجي لکڻين ۾ وري به سماج کي اتساهه ڏنو. (ممتاز لوهار) جن ماڻهن زندگيءَ کي تمام ويجھڙائيءَ سان ڏٺو ۽ زندگيءَ جي تلخين ۽ شيرينين جي ڪٿ ڪئي رزاق مهر انهن ليکارين منجھان هيو. هن جي سمورين لکڻين، پوءِ اهي ڪهاڻيون هجن يا ڊراما، اخباري ڪالم هجن يا ادبي رسالي جا ايڊيٽوريل، انهن لکڻين ۾ زندگيءَ جون سموريون سچايون پنهنجي مڪمل تاثر سان ملن ٿيون. ڇو ته رزاق پنهنجي نجي زندگيءَ ۽ فن ۾ هميشه سچائيءَ ۽ حقيقت پسنديءَ سان قربت رکي. هن پنهنجي فڪشن ۾ به زندگيءَ جي ٺوس سچائين کي پنهنجي فن جي ڪمال انداز سان اهڙي طرح چٽيو آهي جو انهن منجھان تلخ حقيقتن جي ڪڙاڻ شدت سان محسوس ٿئي ٿي. جنهن جو مثال هن جا ڊراما (خاص طور اسٽيج ڊرامو ”ايف آءِ آر“ ۽ ٽي وي ڊراما سيريل ”جياپو“) ۽ سندس ڪهاڻيون آهن. رزاق مهر پنهنجي ذاتي لڳ لاڳاپن ۾ به انهيءَ ساڳي سچائيءَ ۽ حقيقت پسنديءَ جو قائل رهيو، انڪري هو اڄ ڏينهن تائين دوستن جي دلين ۾ زندھ رهي ٿو، مرشد ڀٽائيءَ جي هنن سٽن وانگر ته؛ جڏهان ڪر ٿيام، ساڃاھ سپرين سين، تڏهان ڪر تر جيترو، وير مَ وسريام، اندر روح رهيام، سڄڻ اوطاقون ڪري. (قاسم ڪيهر)
الطاف شيخ عظيم سفرناما نگار، ليکڪ ۽ مئرين انجنيئر جو ادبي ۽ سامونڊي سفر سليمان وساڻ (هو مسلسل لکي پيو، بلڪل ٿڪجي ئي نه ٿو. لکڻ ڄڻ ته هاڻ سندس مقصد بڻجي ويو آهي. هو هن وقت به سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ پڙهيو ويندڙ ليکڪ آهي. ۹۱ کان مٿي ڪتاب لکي چڪو آهي. جن مان لڳ ڀڳ ۸۰ کان مٿي سفرناما آهن. هن اسان کي دنيا گهمائي آهي. ڪي کيس سندباد سڏين ته اڪثر وري کيس سنڌ جو ڪولمبس سڏين. ڪو کڻي کيس ڪهڙي به نالي سان سڏي پر هو سفرنامن جو شهنشاهه آهي. هي مکڻ ماڻهو سان گڏ ملنسار پڻ آهي.) سرزمين هالا ۾ ۱۴ نومبر ۱۹۴۴ع تي ڄمڻ واري هن سفرناما نگار جو پورو نالو الطاف احمد شيخ ۽ قلمي نالو ’الطاف شيخ‘ آهي. الطاف شيخ جي والد جو نالو گل محمد شيخ ۽ والده جو نالو شريفان آهي. ٻنھي جو تعلق پڙهيل لکيل خاندانن سان هو. الطاف شيخ جو والد اڃا ڪلاس ٻئي ۾ هو ته سندس والد يعني الطاف شيخ جي ڏاڏي عبدالرحيم شيخ جي وفات ٿي وئي. ان بعد کين والده مريم ۽ مامي ماستر محمد وريل نپايو. هنن نور محمد هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ ۽ انٽر سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ مان پاس ڪرڻ بعد ائگريڪلچر سائنس ۾ B.Sc پوني (انڊيا جي اڄ جي رياست مهاراشٽرا جي شهر) جي يونيورسٽي مان ڪئي ۽ بعد ۾ M.Sc آمريڪا جي ڪارنيل يونيورسٽي (اٿيڪا شهر) مان ڪئي، جيڪو شهر نيويارڪ رياست ۾ آهي. B.Sc ڪرڻ بعد، الطاف جي والد ڪراچيءَ مان شيخ اياز (مشهور شاعر) سان گڏ، مسلم لا ڪاليج ڪراچي مان قانون جي ڊگري LL.B پڻ حاصل ڪئي ۽ ڪجهه عرصو جسٽس عبدالرحمان مرزا (جسٽس حامد علي مرزا جو والد ۽ الطاف جي نانيءَ جو وڏو ڀاءُ) وٽ وڪالت ڪئي. ان بعد PCS جو امتحان ڏئي، مختيارڪار ٿي رهيا. ۱۹۵۵ع ڌاري، آمريڪا طرفان ٽنڊو ڄام ۾ کوليل ’وليج ايڊ ڪاليج‘ جا هو پرنسپال ٿيا. وليج ايڊ کاتو بند ٿيڻ تي پاڻ وري روينيو کاتي ۾ آيا ۽ ڊپٽي ڪمشنر جي پوسٽ تان رٽائر ڪيائون. کيس پڙهڻ لکڻ جو تمام گهڻو شوق هو جنهن لاءِ هو پنهنجن ٻارن جي به هر وقت همت افزائي ڪندو هو. ايتريقدر جو الطاف جيتوڻيڪ اسڪول يا ڪاليج ۾ اڙدو نه پڙهيو پر کيس گهر ۾ اڙدو پڙهڻ سيکاريو ويو. پاڻ کيس هميشه اهو چوندا هئا ته؛ ”اڙدو اهم زبان آهي، جنهن ۾ تمام گهڻا اسلامي ڪتاب آهن، جن کي پڙهڻ لاءِ اڙدو سکڻ ضروري آهي.“ الطاف جي والد جا خاص سبجيڪٽ ائگريڪلچر ۽ ائنٿروپالاجي هئا ۽ پاڻ مختلف موضوعن تي ڪڏهن ڪڏهن اخبارن ۾ ڪالم به لکندو ھيو ۽ سنڌيءَ ۾ سندن چار ڪتاب پڻ ڇپيل آهن. جهڙوڪ: ماڪوڙي، ماکيءَ جي مک، ڪوريئڙو ۽ گڏهه. ”گڏهه“ ڪتاب الطاف جي والد گل محمد شيخ پنهنجن دوستن ۽ ڪلاس ميٽن: ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ اڳوڻي وائيس چانسلر، سيد غلام مصطفيٰ شاهه سابق وي سي ۽ جلباڻي صاحب سان گڏ لکيو. الطاف شيخ جو نانو، سيٺ محمد حسن سومرو، جيتوڻيڪ بزنيس مئن هو. هن حيدرآباد جي ريلوي اسٽيشن ڀرسان تاريخي هوٽل ”سنڌ زميندار“، هلائي ٿي پر کيس ادب سان به شوق هو ۽ پنهنجن ڏوهٽن پوٽن کي پنهنجي گهر جي لئبرريءَ مان ڪتاب کڻي ڏيندو هو ته هو پڙهن. الطاف سندس ڏوهٽن پوٽن ۾ وڏو آهي، جنهن تي هن گهڻو زور ڏنو. ان کان علاوه الطاف، جڏهن پنهنجي ناني جي گهر حيدرآباد ويندو هو ته هن جي اتي مشهور مزاحيه ليکڪ حليم بروهيءَ ۽ عرض محمد شيخ سان به ملاقات ۽ ادبي ڳالهه ٻولهه ٿيندي هئي، جيڪي سندس ناني جي وڏين ڀينرن غلام فاطمه بروهي ۽ زينت شيخ جا پٽ هئا. الطاف شيخ، پرائمري تعليم جا چار درجا هالا جي سرڪاري اسڪول ۾ پڙهيا. جتي جي استادن جي الطاف وقت بوقت پنهنجي ڪالمن ۾ تعريف ڪئي آهي ته اهي محنتي، ايماندار ۽ Devoted هئا ۽ هنن پنهنجن شاگردن جي تعليم سان گڏ تربيت ۽ اخلاق تي پڻ ڌيان ڏنو ٿي. انهن ۾ هڪ ته الطاف جي والد جو مامو ماستر ڄام محمد وريل ميمڻ هو ۽ ٻيا هئا سائين محمد بچل قريشي، محمد اشرف قريشي، يار محمد تورپيو، عبدالهادي شيخ وغيره..... جن لاءِ الطاف لکيو آهي ته هنن درس تدريس کي پيغمبري پيشو سمجھي نڀايو ٿي. پرائمريءَ جا چار درجا پڙهي، الطاف پنهنجي ڳوٺ هالا جي جھوني اسڪول، مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتي. انهن ڏينهن ۾ ڏهين ڪلاس بعد نه، پر يارهين ڪلاس بعد مئٽرڪ ٿيندي هئي. چار درجا پرائمريءَ جا جن ۾ صبح جو ۸ کان ۱۲ تائين ۽ وري شامَ جو ٻيھر ۲ بجي کان ۵ تائين اسڪول وڃڻو پوندو هو، ان بعد هاءِ اسڪول ۾ پهرئين درجي انگريزيءَ ۾ داخلا وٺبي هئي ۽ اتي ست سال يعني ستين درجي (مئٽرڪ) تائين پڙهڻو پوندو هو. الطاف انگريزي اسڪول جي ٻئي درجي ۾ پهتو ته ڪئڊٽ ڪاليج کلڻ جو اعلان ٿيو، جنهن ۾ چوٿين درجي ۾ داخلا لاءِ اخبارن ۾ اشتهار آيا هئا. هالا جي هن اسڪول مان الطاف کان هڪ سال سينيئر شاگرد شفيق الرحمان چنا ان ۾ داخلا ورتي جنهن کان موڪلن ۾ ڪئڊٽ ڪاليج جون ڳالهيون ٻڌي الطاف شيخ کي به شوق ٿيو ۽ ٻئي سال ٽيون درجو پاس ڪرڻ بعد ڪئڊٽ ڪاليج ۾ داخلا ورتي. انهن ڏينهن ۾ جيئن ته اڄ واري ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جي عمارت اڃا نه ٺهي هئي ان ڪري الطاف ٻه سال ڪئڊٽ ڪاليج جي ميرپورخاص واري عمارت ۾ تعليم حاصل ڪئي. جنهن بعد ۱۹۶۰ع ۾ هي ڪاليج ميرپور خاص کان پيٽارو شفٽ ٿي ويو ۽ الطاف ۱۹۶۱ع ۾ مئٽرڪ ۽ ۱۹۶۳ع ۾ انٽر پاس ڪئي. ۱۹۶۰ع تائين جيئن ته سنڌ ۾ سيڪنڊري بورڊ آف ايڊيوڪيشن وارو سسٽم اڃا شروع نه ٿيو هو ان ڪري الطاف ۽ سنڌ جي ٻين شاگردن کي ان وقت تائين مئٽرڪ جو سرٽيفڪيٽ، سنڌ يونيورسٽي طرفان ئي ملندو رهيو. انٽر پاس ڪرڻ تائين حيدرآباد ۾ بورڊ جي وجود اچڻ ڪري، ۱۹۶۳ع ۾ انٽر جو سرٽيفڪيٽ ”سيڪنڊري بورڊ آف ايڊيوڪيشن“ طرفان ڏنو ويو. سکر وارو بورڊ گهڻو گهڻو پوءِ ٺهيو. الطاف شيخ کي، هالا جي هاءِ اسڪول ۾ به بهترين استاد مليا ۽ بقول سندس جي ته ”انهن جهڙا اڄ به فقط اڌ معيار جهڙا استاد ٿي پون ته سنڌ جي قسمت بدلجي وڃي“. سائين غلام رضا ڀٽو (جيڪو هيڊ ماستر هو ۽ بعد ۾ ڊائريڪٽر ايڊيوڪيشن ۽ ٻين عهدن تي رهيو)، سائين محمود ابڙيجو، عبدالرحيم ارباب، ظفر علي ارباب، دادوءَ جو باغ علي سهاڳ ۽ سائين الله بخش انصاري انهن مان ڪجهه هئا. هالا جو هي اسڪول ۱۹۴۴ع ۾ قائم ٿيو جنهن جو تعليمي معيار اڄ به بهتر سمجهيو وڃي ٿو .... هن اسڪول مان ملڪ جا ڪيترا ئي مشهور تعليمدان (عبدالرحمان ميمڻ مهراڻ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر، عبدالقدوس علوي NED يونيورسٽي جو VC، ڊاڪٽر حسن ميمڻ لياقت ميڊيڪل ڪاليج جو پرنسپال، عبدالرزاق ميمڻ اليڪٽرانڪس ۾ Ph.D ۽ دائود انجنيئرنگ ڪاليج جو پرنسپال، ڊاڪٽر الطاف گاجڻي ميمڻ نيويارڪ جي يونيورسٽي جو ڊين ۽ ٻيا) ڊاڪٽر، انجنيئر، سائنسدان ۽ فوجي تعليم حاصل ڪري نڪتا ۽ هن شهر لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن جي هر گهٽيءَ ۾ هڪ کان وڌيڪَ Ph.D رهي ٿو. اهڙي طرح الطاف خوش نصيب آهي جو هن کي ڪئڊٽ ڪاليج ۾ به سٺا استاد مليا جن الطاف کي groom ڪيو ۽ ادبي دنيا ۾ آڻڻ لاءِ تيار ڪيو. خاص ڪري ڪاليج جي انگريز پرنسپال ڪرنل جي ايڇ ايڇ ڪومبس، ايڊجيوٽنٽ ڪئپٽن عالم جان محسود (جيڪو فوج ۾ جنرل جي پوسٽ تي پهچي رٽائرڊ ٿيو)، انگريزي جو ٽيچر عبدالله خادم حسين جيڪو اڳتي هلي تعليم کاتي جو فيڊرل سيڪريٽري ٿيو ۽ ڪمانڊر اسرار الله وغيرهه جن الطاف ۽ ٻين شاگردن کي گهڻي کان گهڻا ڪتاب پڙهڻ ۽ لکڻ لاءِ زور ڏنو. الطاف مئٽرڪ کان وٺي ان وقت هلال پاڪستان، گلستان، بادل، ڳوٺ سڌار جهڙن رسالن ۾ هلڪا ڦلڪا مضمون لکڻ شروع ڪيا ۽ ڪاليج جي مئگزين جي سنڌي سيڪشن جو ايڊيٽر ٿيو. ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان انٽر ڪرڻ بعد جتي الطاف جي ٻين ڪلاس ميٽن ’پاڪستان نيوي‘ يعني جنگي جهاز جي تربيت لاءِ ڪراچيءَ جي ”پاڪستان نيول اڪيڊميءَ“ ۾ داخلا ورتي اتي هن مرچنٽ نيويءَ (مال برادر ۽ مسافر کڻندڙ جهازن کي هلائڻ) لاءِ ان وقت چٽگانگ (چاٽگام) ۾ نئين کليل ”پاڪستان مئرين اڪيڊميءَ“ ۾ داخلا ورتي. چٽگانگ بندرگاهه بنگلاديش ۾ آهي جيڪو ان وقت مشرقي پاڪستان سڏيو ويو ٿي. الطاف کي چٽگانگ (بنگال صوبي) جي موسم ۽ ماحول سنڌ کان بيحد مختلف لڳو.... چوڌاري ساوڪ ۽ وڻ وڻڪار.... هر وقت جهڙ ۽ مينهوڳي.... جتي ڪٿي درياهه ۽ نهرون جن ۾ هلندڙ آگبوٽ ۽ ٻيڙيون. الطاف پنهنجي بنگالي دوستن کان يڪدم ٿوري گهڻي بنگالي ٻولي سکي ورتي ۽ موڪلن ۾ سندن ڳوٺن ۾ به وڃڻ لڳو. ان بابت هو دلچسپ ڳالهيون ”دريائن جي ديس مان“ هر هفتي مهراڻ اخبار ۽ هلال پاڪستان رسالي ڏي موڪلڻ لڳو. انهن ڏينهن ۾ هلال پاڪستان روزنامه اخبار نه پر ماهوار رسالو هئي. چٽگانگ ۾ الطاف کي ڪيترائي سنڌ جا سنڌي ڳالهائڻ وارا به ملي ويا. هڪ ته سندس ڳوٺائي هالا جو عبدالغفار انصاري انجنيئر هو جنهن جي ۱۹۷۱ع واري لڙائي ۾ گمشدگي اڃان تائين معمو بڻيل آهي. مٽيارين جو صابر شاهه ۽ خاص ڪري چٽگانگ ميڊيڪل ڪاليج جو شاگرد نعيم دريشاڻي جنهن ان وقت کان شاعري ڪئي ٿي ۽ سندس شاعري سهڻي ۽ روح رهاڻ رسالن ۾ ڇپبي هئي. شڪارپور جي هن ڊاڪٽر نعيم دريشاڻيءَ (جيڪو اڳتي هلي ”ڪن، نڪ ۽ گلي جو ماهر سرجن ۽ پروفيسر“ ٿيو) الطاف کي مٿين رسالن جي ايڊيٽرن طارق اشرف ۽ حميد سنڌي سان متعارف ڪرايو ۽ اڳتي هلي جڏهن الطاف جهاز هلائڻ شروع ڪيا ته سامونڊي سفرن جو احوال ۽ ڪهاڻيون عبرت اخبار کان علاوه سهڻي ۽ روح رهاڻ رسالي ۾ پڻ ڏيندو رهيو. سندس سفرنامي جو پهريون ڪتاب ”منهنجو ساگر منهنجو ساحل“ سهڻي پبليڪيشن وارن سن ۱۹۶۹ع ۾ ڇپرايو جنهن کي ”پاڪستان رائيٽرس گلڊ طرفان“ بيسٽ بڪ آف دي ييئر قرار ڏنو ويو. هن ڪتاب کان اڳ الطاف جو ”اناميڪا“ نالي بنگالي ڪهاڻين جو ترجمو ۱۹۶۵ع ۾ تڏهن ڇپيو جڏهن هو مئرين انجنيئرنگ جي ورڪ شاپ ٽريننگ ڪراچي شپ يارڊ ۾ وٺي رهيو هو. مرچنٽ نيوي جي جهازن هلائڻ ۽ ٺاهڻ جي تعليم لاءِ دنيا جي مئرين اڪيڊمين (يا ميريٽائيم اڪيڊمين) ۾ چونڊيل ڪئڊٽن (شاگردن) جون ٻه برانچون ٿين ٿيون: هڪ ناٽيڪل ۽ ٻي انجنيئرنگ. ناٽيڪل برانچ وارا ڪئڊٽ نيويگيشن، Astronomy، ڪارگو ورڪ، چارٽ ورڪ، Spherical ٽرگناميٽري، Ship Stability جهڙا سبجيڪٽ پڙهن ٿا ۽ مختلف پوسٽن تان ٿيندا آخر جهاز جا ڪئپٽن ٿين ٿا ۽ انجنيئرنگ ڪئڊٽ نيول آرڪيٽيڪٽر، شپ ڪنسٽرڪشن، فيول ٽيڪنالاجي، ٿرموڊائنامڪس، مشين ڊرائنگ جهڙا سبجيڪٽ پڙهن ٿا. تعليم ۽ ورڪ شاپ ٽريننگ بعد هو جهاز تي جونئر انجنيئر (ففٿ انجنيئر) جي رئنڪ سان چڙهن ٿا ۽ هر دفعي مختلف مدي لاءِ (اٽڪل ۲۱ مهينا) لڳاتار سمنڊ تي جهاز هلائڻ بعد ترقي لاءِ مقرر امتحان ڏين ٿا جيڪي دنيا جي ڪيترن ئي بندرگاهن ۾ ورتا وڃن ٿا ۽ هو مختلف ڏاڪا طئه ڪري آخرڪار جهاز جا چيف انجنيئر ٿين ٿا. گهڻو ڪري دنيا جي هر جهاز تي چيف انجنيئر ۽ ڪئپٽن جو ساڳيو يونيفارم ۽ پگهار آهي پر چيف انجنيئر پنهنجي انجنيئرنگ برانچ جو هيڊ آهي ۽ ڪئپٽن نه فقط پنهنجي ڊپارٽمينٽ (ناٽيڪل) جو هيڊ آهي پر هو جهاز جي مالڪ جي به نمائندگي ڪري ٿو. ناٽيڪل ڪئڊٽ ٻه سال مئرين اڪيڊمي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ بعد باقي ٻه سال کن جهاز تي ٽريننگ وٺن ٿا ۽ انجنيئرنگ ڪئڊٽ ٻه سال مئرين اڪيڊمي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ بعد باقي ٽي سال دنيا جي ڪنهن شپ يارڊ ۾ جتي جهاز ٺهندا هجن يا مرمت ٿيندا هجن، اتي پرئڪٽيڪل ڪن ٿا. چٽگانگ جي ٻن سالن جي تعليم بعد الطاف شيخ جا ڪلاس ميٽ جيڪي ناٽيڪل برانچ جا هئا انهن کي مختلف جهازن تي ”ڊيڪ ڪئڊٽ“ ڪري رکيو ويو انهن ۾ جهانگير حبيب نالي هڪ بنگالي ڪلاس ميٽ الطاف جو دوست به هو. هو تعليم دوران ترڻ جي مقابلي ۾ هميشه پهريون نمبر ايندو هو پر قدرت الاهي اها ٿي جو هن جو جهاز هڪ سفر پورو ڪري جڏهن چالنا بندرگاهه (چٽگانگ جي ويجھو) ۾ پهتو ۽ هو موڪل تي وڃڻ لاءِ جهاز جي ڏاڪڻ تان لهي رهيو هو ته هن جو پير ترڪي ويو ۽ سمنڊ ۾ ڪري پيو. هونءَ ته جهانگير تارو به سٺو هو ۽ سندس مدد لاءِ مٿان لائيف بئاءِ (Buoy) به اڇلايا ويا پر خليج بنگال جي خطرناڪ سامونڊي ڪُنن جو هو مقابلو نه ڪندي دم ڏئي ويٺو. سندس ياد خاطر الطاف شيخ ترجمو ڪيل افسانن جو هي ڪتاب ”اناميڪا“ جهانگير حبيب کي منسوب ڪيو آهي. الطاف کي پنهنجي گهر، ڳوٺ جي اسڪول، ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۽ مئرين اڪيڊمي چٽگانگ ۾ ته لکڻ پڙهڻ لاءِ سٺو ماحول مليو پر هن کي نوڪري (سمنڊ تي جهاز) هلائڻ دوران به اهـڙو ئي ڪجهه ماحول مليو.... بلڪه ان کان به بهتر. الطاف جڏهن تعليم ختم ڪري ۱۹۶۸ع ۾ جهاز Join ڪيو ته ان وقت ڪنهن ورلي جهاز تي ڪو پاڪستاني آفيسر هو. هر جهاز تي سڀ گورا (يورپي) هئا. هونءَ ته پاڻي واري جهاز هلائيندڙن کي لکڻ پڙهڻ جهڙين شين لاءِ وقت گهٽ ئي ملي ٿو جو هڪ طرف ڪراچي کان ڪولمبو، چٽگانگ، پينانگ، پورٽ ڪلانگ (ڪوالالمپور) سنگاپور، بئنڪاڪ، هانگ ڪانگ، ٽوڪيو، يوڪوهاما، اوساڪا، نگويا، موجي، پوسان ۽ سيول (يعني پاڪستان کان ڪوريا تائين) ۽ ٻئي طرف ڪراچي کان بندر عباس، عدن، دبئي، دوحا، ڪويت، جدو بندرگاهه وغيره ٻن ٻن يا ٽن ٽن ڏينهن جي سفر تي اچن ٿا ۽ بندرگاهه ۾ جهاز کڻي ٻه چار ڏينهن رهي يا هفتو ٻه.... جهاز جي اٺ ڪلاڪ ڊيوٽي بعد ماڻهو ڪناري جو ئي رخ ڪري ٿو ۽ خريداري نه ته ان بندگاهه جا روڊ رستا، پارڪ سئنيمائون ۽ مشهور جايون گهمڻ ۾ لڳو رهي ٿو.... بندرگاهه ۾ جهاز جي مکيه انجڻ جيڪا جهاز کي هلائي ٿي اها کڻي بند رهي ٿي پر جنريٽر، پمپ، بئائلر ۽ ٻيون مشينون هلنديون رهن ٿيون جن جي ڪري جهاز تي بجلي، ايئر ڪنڊيشن، پاڻي، رڌ پچاءَ لاءِ چلها ۽ سامان لاهڻ چاڙهڻ جي ڪم لاءِ جهاز جون ڊيرڪون (ڪرينون) هلن ٿيون. ان کان علاوه بندرگاهه واري ڊيوٽي ۾ مئرين انجنيئرن کي جهاز جي مقرر مرمت (Routine Maintenance) به ڪرڻي پوي ٿي. سو لکڻ پڙهڻ جهڙن ڪمن لاءِ بندرگاهه ۾ وقت ملڻ مشڪل ٿئي ٿو. سمنڊ تي جڏهن جهاز هلي ٿو ته اتي يڪا ۸ ڪلاڪ ڊيوٽي ڪرڻ بدران هر انجنيئر ۽ نيويگيشن آفيسر کي چار ڪلاڪ ڏينهن جو چار ڪلاڪ رات جو ڊيوٽي ڪرڻي پوي ٿي. سمنڊ تي ڊيوٽي بعد البت ڪجهه وقت مليو وڃي پر بندرگاهه ڇڏڻ بعد پهريان ٽي چار ڏينهن بندرگاهه وارو اهڙو ٿڪ رهي ٿو جو هر هڪ ننڊون پوريون ڪرڻ جي چڪر ۾ رهي ٿو ۽ پوءِ جيئن ٿڪ ڀڄي ٿو ته ٻيو بندرگاهه اچيو وڃي ۽ وري ساڳي هل هلان. هر جهازي (جهاز هلائڻ وارو) اهو ئي چاهي ٿو ته هن جو جهاز هر وقت بندرگاهه ۾ رهي ڇو جو سمنڊ تي جهاز هلائڻ جي ڏکي ذميواري واري ۽ جسماني ۽ ذهني طرح پريشان ڪندڙ ڊيوٽي هڪ طرف آهي ته سمنڊ جا لوڏا ۽ سي سڪنيس بيماري ٻي طرف آهي. الطاف ان معاملي ۾ خوش نصيب نه رهيو جو الطاف شروع وارا سال جنهن به جهاز تي بدلي ٿي ويو ٿي ان جهاز جي ڊگهي روٽ رهي ٿي.... ڪراچي کان لنڊن، ڪراچي کان ڪيوبا، ٽوڪيو کان لاس اينجلس جنهن ۾ هنجي جهاز کي هندي وڏي سمنڊ، ائٽلانٽڪ ۽ پئسفڪ جهڙا وڏا سمنڊ ڪراس ڪرڻا پيا ٿي.... يا وري سندس جهاز روس رومانيا مان سامان کڻي جدي يا دبئي آيو ٿي جيڪو سفر اڄ ڪلهه سئيز ڪئنال کليل هجڻ ڪري هفتي سوا جو آهي پر انهن ڏينهن ۾ يعني سٺ واري ڏهي جي آخري سالن ۽ ستر جي ڏهاڪي جي شروع وارن سالن ۾ سئيز ڪئنال بند هجڻ ڪري الطاف جي جهاز کي سڄي آفريڪا کنڊ جو ڦيرو ڪرڻو پيو ٿي ۽ هن کي هر سفر ۾ ٽيهن کان چاليهه ڏينهن سمنڊ تي گذارڻو پيو ٿي. الطاف ٻڌائي ٿو ته: ”بندرگاهه ڇڏڻ بعد پهريان ٻه ٽي ڏينهن ته ٿڪ ڀڃڻ لاءِ هر جهازي ننڊون ڪندو هو پوءِ هر هڪ منجھيل رهيو ٿي ته وقت ڪئين گذارجي. جهاز جا گورا آفيسر جيڪي اسان جا سينيئر هئا انهن جا سمنڊ تي ٻه شوق هئا. هو جهاز هلائڻ بعد واندڪائيءَ ۾ يا پتي راند کيڏندا هئا يا بيئر يا وسڪي پي سمهي رهندا هئا.“ الطاف هڪ هنڌ لکيو آهي ته هو جڏهن مئرين اڪيڊمي چٽگانگ ۾ ڪئڊٽ (شاگرد) هو ۽ بندرگاهه ۾ بيٺل جهاز تي هلندڙ ڪم ڏسڻ لاءِ هنن کي اڪيڊمي طرفان جهازن تي وٺي ويندا هئا ته اتي جي آفيسرن کي ’ٽرپل فائو‘ جي دٻي مان سگريٽ ڪڍي ڇڪيندو ڏسي يا بيئر جي بوتل پيئندو ڏسي دل چوندي هئي ته هو به جهاز جي نوڪري شروع ڪندا ته ائين ڪندا پر الطاف جي جنهن پهرين جهاز تي پوسٽنگ ٿي ان تي گوهر رحمان نالي اليڪٽريڪل انجنيئر هڪ نيڪ انسان اڳهين موجود هو جنهن کيس پهرين ڏينهن ئي نصيحت ڪئي ته ڇا به ٿي پوي ته سگريٽ يا شراب کي هٿ لائڻو نه آهي. الطاف ٻڌائي ٿو ته ان ڳالهه تان سندس يورپي آفيسرن کي ڏاڍي چڙ ايندي هئي، ايتري قدر جو سمنڊ تي هڪ رات هنن الطاف ۽ گوهر کي هڪ ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيو ته صبح تائين هي ٽي چار بوتلون بيئر جون ختم نه ڪندائو ته توهان کي سمنڊ ۾ ڦٽو ڪيو ويندو پر هي پنهنجي عزم تي اٽل رهيا.... ۽ نيٺ گورن آفيسرن هنن کي ڇڏي ڏنو. الطاف ٻڌائي ٿو ته جهاز تي جهازين (جهاز هلائڻ وارن آفيسرن) جي ٻي وندر برج نالي پتي راند هئي جيڪا الطاف کي سمجهه ۾ نٿي آئي جنهن ڪري هن کي ڪنهن به پنهنجو پارٽنر نٿي ڪيو. ٺلهو ڏسڻ لاءِ هو اچي ويٺو ٿي ته ڪنهن سينئر نيويگيشن آفيسر يا انجنيئر کيس بئري کي چانهه آڻن لاءِ ڊوڙايو ٿي يا پنو پين کڻي هنن جي راند ۾ کٽيل Points لکڻ لاءِ چيو ٿي. ان ڪري الطاف انهن ڳالهين کان بيزار ٿي وقت پاس ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڪئبن ۾ ويهي ڪتاب پڙهڻ لڳو ۽ بندرگاهن جون ڳالهيون. خطن ذريعي پهرين دوستن کي ۽ پوءِ عبرت اخبار ڏي موڪلڻ لڳو. هو ٻڌائي ٿو ته هن جي پهرين سفر جي خطن جو مجموعو جڏهن ”منهنجو ساگر منهنجو ساحل“ نالي ڪتابي صورت ۾ آيو ته ان کي پاڪستان رائيٽرس گلڊ لاهور طرفان Best Book جو ايوارڊ ڏنو ويو. ان وقت هن جي عمر ۲۸ سالَ هئي ۽ هن کي نه فقط ان جي خوشي ٿي پر هن جي همت افزائي به ٿي. پوءِ الطاف لڳاتار لکندو رهيو ۽ سمنڊ تي وقت گذارڻ لاءِ هن ان کي سٺي وندر سمجھيو. اهو ئي سبب آهي جو الطاف کي جڏهن ڪو چوندو آهي ته توهان جا سنڌي ادب تي ٿورا آهن جو توهان ايترو گهڻو لکيو آهي ته هو کلي چوندو آهي ته ”ٿورا ٻورا ڪجهه نه آهن اها منهنجي مجبوري هئي. هيڏن ڊگهن سامونڊي سفرن ۾ جي اهو ڪم نه ڪريان ها ته چريو ٿيان ها يا شرابي موالي.“ سامونڊي نوڪري جي ڪجهه سالن بعد الطاف جي ۱۹۷۱ع ۾ شادي ٿي ۽ انهن ڏينهن ۾ فئملي سان گڏ جهاز تي رهڻ جي اجازت هجڻ ڪري هن جي زال ۽ پوءِ ٻار ٿيڻ تي اهي به لڳاتار ۸ سال جهاز تي رهيا ۽ ساڳي وقت الطاف جن جن جهازن تي بدلي ٿيندو ويو انهن جي روٽ ۾ بندرگاهه گهڻا ۽ سمنڊ وارا ڏينهن گهٽ آيا ٿي پر ته به هو هر صورت ۾ لکڻ لاءِ وقت ڪڍندو رهيو ٿي ۽ اڄ ڏينهن تائين جڏهن ته هو پنهنجي عمر جا ستر سالَ ٽپي چڪو آهي، لڳاتار لکندو اچي. بقول سندس پهرين هن وقت پاس ڪرڻ جي مجبوري کان لکيو ٿي پر هاڻ هو ان ڪري لکي ٿو جو هو ان جو addicted (عادي) ٿي چڪو آهي. هن کي هن عمر ۾ نه ڪنهن سان ملڻ جلڻ وڻي ٿو نه ٽي وي ريڊيو پسند آهي..... ”هر وقت دل چوي ٿي ته ڪجهه لکندو رهان“. جهاز جي سفرن ۾ الطاف ان خيال کان ڀاڳ وارو رهيو جو هو جنهن به جهاز تي بدلي ٿيو ٿي ان جي روٽ مختلف رهي ٿي ان ڪري هن کي نه فقط ڪيترن ئي ملڪن جي بندرگاهن گهمڻ جو موقعو ملي ويو پر هن کي ڪيترن ئي ڏورانهن ٻيٽن: ائٽلانٽڪ سمنڊ جي ڪيپ وردي ۽ لاس پاماس کان ميڊيٽريئين جي مالٽا، سسلي ۽ سائپرس (قبرص) تائين.... پئسفڪ سمنڊ جي فجي، مارشل ۽ هونو لولو کان ڪئريبين سمنڊ جي ڪيوبا، برمودا، ٽرنيڊاڊ ۽ جئمئڪا ٻيٽن تائين هن جو وڃڻ ٿيو ۽ انهن بابت هن ڪيتريون ئي معلوماتي ۽ دلچسپ ڳالهيون لکيون آهن. الطاف کي سامونڊي زندگي جي شروع وارن ڏينهن ۾ جيتوڻيڪ سي سڪنيس ٿيڻ ڪري مزو نه آيو پر پوءِ جلد ئي هن جي هن زندگيءَ سان اهڙي ته دل لڳي وئي جو هن پاڻ ته جهازن جي نوڪري نٿي ڇڏڻ چاهي پر ٻارن جي وڏو ٿيڻ ۽ اسڪول ۾ داخل ڪرڻ خاطر هن کي پڻ ٻين جهاز هلائڻ وارن وانگر ڪناري جي نوڪري ڏي رخ ڪرڻو پيو. گذريل ڏهاڪو سالن کان نئين قانون موجب پاڻي جي جهازن تي جهاز هلائيندڙن کي لڳاتار جهاز تي رهڻ جي اجازت نٿي ملي پر الطاف جي ڏينهن ۾ جهاز جي سڀني سينئر آفيسرن: ڪئپٽن، چيف انجنيئر، سيڪنڊ انجنيئر ويندي ريڊيو آفيسر کي فئملي سان رهڻ جي موڪل هوندي هئي .... پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪيترين عورتن کان سي سڪنيس برداشت نه ٿيڻ تي سندن مڙسن لاءِ مسئلو ٿي پوندو هو ته هو جهاز کي ڏسن يا زالن جو خيال ڪن. الطاف جي فئملي ساڻس گڏ لڳاتار اٺ سال جهاز تي رهي پر هو ان جهنجهٽ کان بچيل رهيو جو قدرتي هن زال ۽ ٻارن کي ڪڏهن به ’سي سڪنيس‘ نه ٿي. الطاف جي شادي ۲۱ مئي ۱۹۷۱ع تي دادوءَ ۾ پنهنجي ماسات مستوران گهلوءَ سان ٿي. پاڻي جي جهاز تي سفر ڪرڻ واري هر ماڻهوءَ کي ٿورو يا گهڻو سي سڪنيس جو اثر ٿئي ٿو. اها ٻي ڳالهه آهي ته هيءَ بيماري ڪن کي قدرتن نٿي ٿئي ۽ ڪيترن کي برداشت ڪرڻ جي همت ٿئي ٿي. سي سڪنيس ۾ دل ڪچي ٿئي ٿي ۽ اٻڙاڪ ۽ الٽيون اينديون رهن ٿيون. ڪا شيءِ کائڻ تي دل نٿي چوي جيتوڻيڪ Sea Sickness جي حالت ۾ پيٽ خالي نه رکڻ کپي توڙي کڻي کاڌل شيءِ ان وقت ئي الٽي ۾ نڪري وڃي. ڇو جو خالي پيٽ تي اٻڙاڪ (الٽيون) محسوس ٿيڻ تي ڪڏهن ڪڏهن رت به اچي ٿو. گهڻو وقت سي سڪنيس ٿيڻ تي.... يعني ڏينهن ٻه هلڻ تي انسان مايوسيءَ جو به شڪار ٿئي ٿو ۽ هو چاهي ٿو ته ان زندگيءَ کان ته موت بهتر آهي. سي سڪنيس واري حالت سمنڊ تي ڪا روز روز نٿي ٿئي. جڏهن سمنڊ خراب ٿئي ٿو يا طوفاني موسم ٿئي ٿي ته جهاز جي اڳيان پويان يا ساڄي کاٻي لڏڻ ڪري جهاز ۾ سفر ڪندڙ ماڻهن جي اها حالت ٿئي ٿي.... پوءِ اها حالت ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه ڪلاڪن لاءِ رهي ٿي ته ڪڏهن ڪڏهن هڪ ٻه ڏينهن به رهي ٿي جيسين اهو سامونڊي طوفان وڃي ماٺو ٿئي. سمنڊ جي حالت سڌرڻ سان سي سڪنيس جو شڪار ٿيل ماڻهو ان گهڙي ئي نارمل ٿيو وڃي ڄڻ هن کي ڪجهه نه هو ۽ هو ساڳي صحت ۽ سمنڊ جو سهانو سفر enjoy ڪرڻ لڳي ٿو. الطاف ان عنوان تي به گهڻو ئي لکيو آهي ۽ هو ٻڌائي ٿو ته سمنڊ تي اهڙا ڏکيا ڏينهن ڪڏهن ڪڏهن اچن ٿا. ڪڏهن ته پنج ڇهه مهينن جي ڊگهي سفر ۾ ٽي چار سمنڊ لتاڙڻ دوران هڪ ڏينهن به خراب موسم يا خراب سمنڊ نٿو ملي. الطاف سامونڊي نوڪري وارن ٻارنهن تيرهن سالن ۾ چڱو خاصو لکيو، پوءِ ڪنهن سفر ۾ گهٽ ته ڪنهن ۾ وڌيڪَ ان جو مدار موسم ۽ سمنڊ جي حالت ۽ جهاز جي ڪارڪردگي تي رهيو. ايم وي چناب ۽ ايم وي پدما جهڙن پراڻن جهازن لاءِ الطاف ٻڌائي ٿو ته انهن جي انجڻين سان هر وقت اهڙو مسئلو لڳل هو جو هڪ ٿي صحيح ڪئيسين ته ٻي ٿي خراب ٿي ۽ سمنڊ تي هر روز جهڙي ايمرجنسي جي حالت لڳل هوندي هئي ۽ هر انجنيئر کي روزانو نارمل اٺن ڪلاڪن کان وڌيڪَ ڪم ڪرڻو پيو ٿي. ڪڏهن ڪڏهن ته باهه لڳڻ ڪري يا سنگاپور يا جبرالٽر جهڙن سوڙهن سامونڊي لنگهن وٽان گذرڻ وقت (جتي تمام گهڻي ٽرئفڪ رهي ٿي) ستل انجنيئرن ۽ نيويگيشن آفيسرن کي به اٿارڻو پيو ٿي جيئن هو ڊيوٽي تي مقرر جهاز هلائيندڙن جا ٻانهن ٻيلي ٿي هنن جي مدد ڪري سگهن. ساڳي حالت ايم وي شالامار ۽ ايم وي سندر بنس جهڙن نون جهازن تي به ڪنهن ڪنهن سفر ۾ رهي ٿي.... ۽ ڪنهن ڪنهن سفر ۾ جيتوڻيڪ ايم وي پسر ۽ ايم وي رنگامَٽي جهڙا پراڻا جهاز هئا پر موسم ۽ جهاز جون انجڻيون اهڙيون ته پر سڪون رهيون ٿي جو ڪراچي کان لنڊن تائين يا چٽگانگ کان ٽوڪيو تائين هڪ ڏينهن به پريشانيءَ ۾ نه گذريو.... جهاز ڄڻ آرسيءَ مٿان ترڪندو ٿي ويو. اهڙن ڏينهن تي جهاز تي سوار ماڻهن جي ڪيفيت مايوسيءَ ۽ پريشانيءَ بدران ۱۸۰ ڊگريون مخالف طرف يعني پُراميد ۽ خوشحال (Elevated) رهي ٿي ۽ الطاف ٻڌائي ٿو ته هن اهڙن ڏينهن مان ڀرپور فائدو وٺي تمام گهڻو لکيو. انهن سامونڊي سفرن جا گهڻي ڀاڱي ڪتاب تن ڏينهن جي مشهور پبلشر فيروز ميمڻ حيدرآباد مان ’نيو فيلڊس پبليڪيشن‘ طرفان ڇپرايا. جن مان ڪجهه هن ريت آهن: وايون وڻجارن جون، سي ٻيڙيون رکين ٻاجهه سين، سمونڊ جي سيوين، بندر ديسان ديس، ڇا جو ديس ڇا جو وديس، جاني ته جهاز ۾، دنيا آهي ڪاڪ محل، سانڀاهو سمونڊ جو، دنگي منجهه درياهه وغيره. الطاف ٻڌائي ٿو ته سندس شروع جي سامونڊي سفرنامن ۾ هن گهڻو ڪري گهمڻ ڦرڻ ۽ موج مزن جون ڳالهيون لکيون جيئن پڙهندڙ اهوئي سمجهي ته سمنڊ جي نوڪريءَ ۾ مزا ئي مزا آهن. ”اهو ان ڪري جيئن اسان جي سنڌ صوبي جا نوجوان جيڪي چوڌاري سمنڊ هجڻ جي باوجود هن فيلڊ ۾ نٿي آيا اهي ڪشش محسوس ڪن ۽ پاڪستان نيوي ۽ مرچنٽ نيوي جهڙن ادارن ۾ اچن“. الطاف جي اها ڪوشش رائگان نه وئي ۽ تمام گهڻا سنڌي جيڪي طبيعتن ڀر واري ڳوٺ ۾ نوڪري ڪرڻ کان به ڪيٻائيندا هئا سي هن زندگي ۾ آيا ۽ اڄ ڪيترا ئي سنڌي جهازن جا ڪئپٽن ۽ انجنيئر آهن. هونءَ حقيقت اها آهي ته اڄ جا جهاز جيتوڻيڪ تمام گهڻو ماڊرن ٿي ويا آهن. انهن تي رهائش جو به هر سک آهي .... اهي ڄڻ ته فائو اسٽار هوٽلون لڳن ٿيون پر سمنڊ جا سور اڄ به ساڳيا آهن. اڄ به سامونڊي ڪُنن ۽ ڇتين ڇولين جي مقابلي ۾ هي آفت جيڏا لوهي جهاز ڇوڏن مثال آهن ۽ ان کي هلائيندڙ سخت سي سڪنيس محسوس ڪن ٿا ۽ ڪڏهن ڪڏهن وچ سمنڊ تي بي يارو مددگار محسوس ڪن ٿا. جهازن جي ٽڪرائڻ ۽ باهين لڳڻ کان علاوه ٻيا به ڪيترا حادثا سامونڊي زندگيءَ ۾ درپيش اچن ٿا جن جو سربستو احوال الطاف سڀ کان پهرين ”موج نه سهي مڪڙي“ ڪتاب ۾ ڏنو آهي. ان کان علاوه سمنڊ جي صعوبتن جا ڪجهه قصا هن پنهنجي سفرنامن: بوتلن جو سفر، هي ٻيٽ هي ڪنارا، وغيره ۾ پڻ ڪيو آهي. الطاف ڪناري جي نوڪري لاءِ ۱۹۷۵ع ڌاري ڪوشش ڪئي. کيس ڪويت بندرگاهه ۾ چيف انجنيئر جهڙي اعليٰ نوڪري ملي وئي ۽ الطاف پنهنجي ڪمپني PNSC مان سال کن جي موڪل وٺي ڪويت پهتو پر بقول هن جي هن کي عرب دنيا ۾ ڪم ڪرڻ ۾ مزو نه آيو. پنهنجي ڪتاب ’ڪويت ڪنارا‘ ۾ لکي ٿو ته: ”جيتوڻيڪ آئون ڏسي رهيو آهيان ته هتي ڪويت ۾ اسان جا ڪيترائي پاڪستاني ننڍين نوڪرين ۾ به خوش آهن پر اهو شايد ان ڪري جو هو پاڪستان کان سڌو هتي آيا آهن پر آئون جڏهن هتي جي گهٽيل ماحول ۽ عربن جي ڄٽپڻي ۽ اجائي احساس برتري کي جپان، انگلنڊ، آمريڪا جهڙن ملڪن جي کليل ماحول۽ اتي موجود انساني حقن سان ڀيٽيان ٿو ته آئون ڪويت ۾ ذهني طرح پاڻ کي آزاد نٿو محسوس ڪريان.“ الطاف ڪويت ۾ اهي ٽي چار مهينا رهڻ دوران پڻ عبرت اخبار ۾ هفتيوار ڪالم لکندو رهيو جيڪي بعد ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي ڊپارٽمينٽ جي ورسٽي پبليڪيشن پاران ”ڪويت ڪنارا“ نالي ڪتاب ۾ شامل ڪري ڇپايا ويا. هي ڪتاب الطاف شيخ ڪئڊٽ ڪاليج جي پنهنجي استاد ۽ ائڊجيوٽنٽ ڪئپٽن (هاڻ جنرل جي پوسٽ تان رٽائرڊ ٿيل) عالم جان محسوس کي منسوب ڪيو. الطاف ٽن چئن مهينن جي نوڪري بعد ڪويت کان موٽي اچي وري پنهنجي ڪمپني جا جهاز هلايا ۱۹۷۹ع ڌاري سندس ڪمپنيءَ جپان کي آٽوميٽڪ جهاز ٺاهڻ جو آرڊر ڏنو ۽ الطاف کي ٽوڪيو (جپان) جي IHI (اشيڪاوا جيما هريما هيوي انڊسٽريز) شپ يارڊ ۾ موڪليو ويو جتي ڪمپني جو پهريون آٽوميٽڪ جهاز ”ايم وي مالا ڪنڊ“ نالي ٺهي رهيو هو. جهاز کي ٺهڻ ۾ ٽي چار مهينا لڳي ويا ان بعد ڪراچيءَ مان جهاز کي هلائڻ لاءِ ٻيو اسٽاف گهرايو ويو ۽ الطاف شيخ ان جهاز کي چيف انجنيئر جي حيثيت سان سال کن هلائيندو رهيو. ان جهاز جي ٺهڻ دوران الطاف جپان جي آئوئي شهر (اوساڪا ڀرسان) مان تيرساڪي ڪمپني طرفان آٽوميشن جو ڊپلوما ڪورس به ڪري ورتو جنهن ڪري هن کي هي جهاز هلائڻ ۾ ڪا خاص دقت پيش نه آئي ۽ بعد ۾ ملائيشيا ۽ پاڪستان جي مئرين اڪيڊمين ۾ نوجوان جهاز هلائيندڙن کي ٻين سبجيڪٽن سان گڏ اهو سبجيڪٽ “Automation & Instrumentation” پڻ پڙهائيندو رهيو. الطاف جي هر جهاز جي جپان ۾ گهڻي اچ وڃ ڪري هو ڪم هلائڻ جهڙي جپاني سکي ويو. ان کان علاوه هو شروع کان جپان جي نيول آرڪيٽيڪچر سوسائٽي ۽ جپان جي مئرين انجنيئرس انسٽيٽيوٽ جو ميمبر پڻ رهيو. سو ٽوڪيو جي شپ يارڊ (IHI) ۾ پنهنجي ملڪ جي جهاز ٺهڻ تي نگهباني دوران هن کي ان شپ يارڊ ۾ نوڪري جي آفر ڪئي وئي ۽ الطاف پاڻ به اهو چاهيو ٿي ته ”هاڻ سمنڊ تي ڌڪا کائڻ بدران هڪ هنڌ رهي پئجي جيئن صبح جو اک کلي ته ساڳي موسم هجي جيڪا سمهڻ مهل هئي ۽ ٻار ٿيلها ڳچيءَ ۾ وجھي اسڪول وڃن“. پر هن ٻڌايو ته اهو جاب هڪ ته فل ٽائيم ڪناري جو نه هو. ان ۾ پنج ڇهه مهينا ٽوڪيو ۾ رهڻو پيو ٿي جنهن دوران نئون جهاز ٺهي راس ٿيو ٿي ۽ پوءِ سال جا باقي ست مهينا گئرنٽي انجنيئر جي حيثيت سان جهاز تي رهڻو پيو ٿي. ٻي ڳالهه ته هن اهو چاهيو ٿي ته ڪنهن اهڙي ملڪ ۾ رهجي جتي اسلامي طريقي جو (حلال) کاڌو ملي ۽ ٻارن کي اسلامي ماحول ملي سگهي. بهرحال سندس ڪمپني جو جهاز ”مالا ڪنڊ“ جيئن ئي تيار ٿيو ته ان تي هن چيف انجنيئر جي حيثيت سان سال کن Sail ڪيو جنهن ۾ هن کي اهو جهاز ايشيا ۽ يورپ جي ملڪن ۾ وٺي وڃڻو پيو. هيءَ ۱۹۸۰ع جي ڳالهه آهي. هي جهاز جيتوڻيڪ ڏهه پندرهن سالن جي مدي لاءِ ٺاهيو ويو هو پر بهتر رکواليءَ ڪري پاڪستان جا انجنيئر هن کي ۲۵ سال کن هلائيندا رهيا. ان بعد هن جهاز کي اسڪريپ لاءِ ڪراچي آندو ويو. بلوچستان جو سامونڊي علائقو گڊاني جهازن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ان مان لوهه، پتل، ٽامي ۽ ڪاٺ جو سامان الڳ ڪرڻ کان مشهور آهي. اتفاق اهڙو جو جنهن ڏينهن هي جهاز جيڪو الطاف شيخ جي نظر اڳيان Keel (هيٺاهين ۽ پهرين لوهي تختي) کان وٺي سڄو مڪمل تيار ٿيو ۽ پوءِ ان کي هلايو.... ٽڪرا ٽڪرا ٿيڻ لاءِ ڪراچي بندرگاهه کان گڊاني ڏي وڃي رهيو هو. الطاف جي KPT پل وٽان ڪار هلائيندي ان تي نظر پيئي ۽ ان نظاري تي هن بيحد Touchyمضمون ”وري يادين ورايو اسان کي“ انگريزي ۽ سنڌي اخبار ۾ لکيو جيڪو بعد ۾ سندس ڪتاب ”ڏيهه پرڏيهه جو سفر“ ۾ پڻ ڏنو ويو جيڪو ڪتاب ناز سنائيءَ ”سنڌي ساهت گهر“ طرفان حيدرآباد مان ڇپرايو آهي. الطاف شيخ هونءَ ته جپان بابت احوال پنهنجن ڪيترن ئي سامونڊي سفرنامن ۾ لکندو رهيو پر هن ڀيري ٽوڪيو جي شپ يارڊ ۾ ڊگهو عرصو رهڻ ڪري هن هڪ سڄو ڪتاب ”جپان جن جي جيءَ سان“ نالي جپان بابت لکيو. ان کان علاوه جپاني گيشسا سان هڪ آمريڪن انجنيئر جي عشق جو ناول پڻ ترجمو ڪيو جيڪو بيحد پسند آيو ۽ ان ترجمي جا ڪيترائي ايڊيشن”ٽوڪيو جي گيشا گرل“ ۽ ”مس سدا بهار چنبيلي“ نالن سان ڇپجي چڪا آهن. ان کان علاوه جپاني ادب سان واسطو رکندڙ جپاني افسانن ۽ جپاني ڳالهين جا الطاف جا ٻه ڪتاب: ”جپان رس“ ۽ ”ڳالهيون تنهن جپان جون“ نيو فيلڊ پبليڪيشن ۽ ”نئين روشني“ پبليڪيشن وارن ڇپيا. ان بعد الطاف هڪ ڊگهي عرصي لاءِ جپان نه وڃي سگهيو. هو ملائيشيا ۽ سنگاپور پاسي پڙهائيندو رهيو يا پاڪستان جي مئرين اڪيڊمي يا سئيڊن ۽ ناروي پاسي رهيو. ان بعد الطاف جو هڪ دفعو وري جپان وڃڻ ٿيو جنهن سفر جو احوال هن پنهنجي ڪتاب ”جپان ۲۵ سالن بعد“ ۾ لکيو آهي. الطاف جي وڏي ڌيءَ مريم گذريل ۲۰ ويهن سالن کان اتي رهي ٿي ان ڪري هن جو اڄ تائين هن سان ۽ پنهنجن ڏوهٽن سان ملڻ لاءِ جپان وڃڻ هڪ طرف ٿيندو رهي ٿو ته ٻي طرف هو وزيٽنگ پروفيسر جي حيثيت ۾ مئرين انجنيئرنگ ۽ نيول آرڪيٽيڪچر تي ليڪچر ڏيڻ لاءِ پڻ ويندو رهي ٿو. انهن سفرن دوران هن ٽي کن ٻيا به جپان تي سفرناما لکيا آهن: ”ڪراچي کان ڪوڪورا“، ”گيشائون ڪي ديس مين“ ۽ ”جپان ڪي دن“. جيڪي ’روشني پبليڪيشن‘ حيدرآباد مان، ’ويلڪم بڪ مارٽ‘ ڪراچيءَ مان ۽ ’جهانگير بڪ ڊپو‘ وارن لاهور مان ڇپايا آهن. مالاڪنڊ جهاز تي سفر دوران هانگ ڪانگ مان نڪرندڙ آمريڪي رسالي ۾ الطاف کي ملائيشيا جي شهر ملاڪا ۾ مئرين اڪيڊمي کلڻ جي خبر پيئي جنهن لاءِ مرچنٽ نيوي جي جهازن جي چيف انجنيئرن ۽ ڪئپٽنن جي ضرورت هئي جيڪي ملائيشيا جي نوجوان ڪئڊٽن کي پڙهائين. انهن ئي ڏينهن ۾ ايران وارن به پنهنجي بندرگاهه ”ڇابهار“ ۾ اهڙي اڪيڊمي کولي. الطاف کي ڪناري جي نوڪريءَ جي ضرورت هئي ۽ هن ٽيچنگ جاب شروع کان پسند ڪيو ٿي. هن ٻنهي هنڌن تي apply ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن مان کيس نوڪري جو آفر ليٽر مليو. الطاف ملائيشيا وڃڻ کي ترجيح ڏني جو هو پاڻ ۽ سندس ٻار ملائيشيا جي بندرگاهن ۾ بار بار اچي ملئي زبان کان واقف ٿي ويا هئا. ان کان علاوه انڊونيشيا، برونائي ۽ فلپين ۽ ٿائلنڊ جي ڏکڻ وارن بندرگاهن ۾ به ملئي ٻولي هلي ٿي جتي پڻ هنن جي جهازن جو وڃڻ ٿيندو رهيو ٿي. ان ڪري هن کي ملائيشيا رهڻ وڌيڪ آسان لڳو. اتفاق اهڙو جو سڄي سامونڊي زندگي ۾ هن جي جهاز جو ڪڏهن به پاڙي واري ملڪ ايران جي ڪنهن به بندرگاهه ۾ وڃڻ نه ٿيو ۽ نه ڪڏهن اسڪول يا ڪاليج ۾ هن فارسي زبان پڙهي هئي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ملئي زبان ۾نه برابر لٽريچر آهي ۽ الطاف کي ملائيشيا ۾ رهڻ دوران ان جي کوٽ ضرور محسوس ٿي.... ۽ گهڻو گهڻو پوءِ، رٽائرڊ ٿيڻ بعد هو جڏهن هوائي جهاز رستي پهريون دفعو ايران گهمڻ ويو ته فارسي زبان ۾ بيحد گهڻو ادب ۽ شعر و شاعري ڏسي ۽ اهو پڻ معلوم ڪري ته فارسي زبان ته ڪا اهڙي ڏکي ناهي جو اسان جي سنڌي توڙي اڙدو جا اڌ کان وڌيڪَ لفظ فارسي جا آهن، هن کي افسوس ٿيو ته ملائيشيا بدران ايران ۾ نوڪري ڪريان ها ۽ ملئي بدران فارسي سکجي ها. ان ڳالهه جو اظهار هن پنهنجي سفرنامي ”ايران ڏي اڏام“ ۾ ڪيو آهي جيڪو اردوءَ ۾ پڻ ڇپيو آهي. هتي اهو به لکندو هلان ته ملائيشيا وارن طرفان الطاف جي چونڊ جيتوڻيڪ ۱۹۸۱ع ۾ ٿي وئي پر بقول الطاف جي هن کي ملائيشيا گهرائيندي گهرائيندي ڏيڍ سال کن لڳي ويو. ان سلسلي ۾ الطاف ٻڌائي ٿو ته: ”ملئي ماڻهو ان معاملي ۾ شروع کان بيحد سست ثابت ٿيا آهن ۽ اڄ جيتوڻيڪ ملائيشيا ٻي ترقيءَ ۾ يورپ ۽ آمريڪا جو مقابلو ٿو ڪري پر ڪنهن به ڳالهه ۾ فيصلو ڪرڻ ۽ ان کي پلاننگ موجب تڪڙو مڪمل ڪرڻ ۾ اڄ به هنن جي اها ئي سست چال آهي. يورپ يا جپان جهڙن ملڪن ۾ توهان نوڪري لاءِ درخواست موڪليندائو ته يڪدم ها يا نه (Regrets) ۾ جواب اچي ويندو پر ملائيشيا جي سرڪاري توڙي ڪنهن خانگي اداري کي خط لکندائو ته توهان کي موٽ ۾ هو اها به ورندي نه ڏيندا ته توهان جو خط مليل آهي اسان ان تي غور ڪري رهيا آهيون. جيڪڏهن هنن کي ڪنهن اداري ۾ ڊاڪٽر يا انجنيئر رکڻ جي ضرورت هوندي آهي ته به ڪو وقت خاموش ويٺا هوندا ۽ پوءِ جڏهن نوڪري جي پڪ (Confirmation) جو خط لکندا ته سگهوئي ٽڪيٽ موڪلي گهرائڻ بدران وري ڊگهي ڪوما ۾ هليا ويندا.... اها ٻي ڳالهه آهي ته ملائيشيا ۾ نوڪري شروع ڪرڻ بعد هنن کي ڪنهن کي نوڪريءَ مان ڪڍڻ ۾ به وقت ٿو لڳي. بهرحال وقت سان گڏ حالتون بدلجي رهيون آهن. ترقي ۽ پئسو اچڻ ڪري ملائيشيا جو ڪلچر ۽ ماڻهپو به بدلجي پهرين کان بهتر ئي رهيو آهي. ۽ ساڳي وقت هنن ۾ مغروري ۽ ملڪ ۾ بد اخلاقي ۽ بد امني وڌي رهي آهي“. ملائيشيا وڃڻ کان اڳ الطاف پنهنجي جهازران ڪمپني PNSC طرفان کوليل ”PNSC مئرين ڪاليج“ ۾ پڙهايو ۽ ان ڪاليج جو پرنسپال پڻ ٿي رهيو. جهازن جي نوڪريءَ لاءِ ٻن قسمن جي تعليم ۽ ٽريننگ ٿئي ٿي هڪ Pre-Sea جيڪا ”مئرين اڪيڊمين“ ۾ انٽر بعد ملڪ جا چونڊيل نوجوان ڪئڊٽ حاصل ڪن ٿا ۽ ٻي Post Sea ٿئي ٿي جنهن لاءِ جهاز جا آفيسر جهازن تي سامونڊي نوڪري جو مدو پورو ڪري (اهو مدو گهڻو ڪري ۲۱ مهينا سمنڊ جا ٿين) امتحان ڏيڻ کان اڳ مختلف ڪورس ڪن ٿا جن لاءِ اسان جي ملڪ جا جهازي آفيسر هن ڪاليج کلڻ کان اڳ انگلنڊ يا ٻين ملڪن ۾ ويا ٿي پر هاڻ اهي ڪورس ۽ سبجيڪٽ هن ڪاليج ۾ پڙهائڻ جو بندوبست ڪيو ويو هو. الطاف ٻڌائي ٿو ته: ”آئون هن ڪاليج ۾ پڙهائڻ دوران بيحد خوش هوس. ٻارن کي به ڪراچي جي DHA ماڊل اسڪول ۽ بعد ۾ ڪلفٽن واري سينٽ پيٽر اسڪول ۾ داخلا وٺرائي ڏني هيم ۽ ملائيشيا وڃڻ جي ڳالهه ڪڏهوڪو وسري وئي هئي ته اتي هڪ ڏينهن.... اٽڪل سال سوا بعد ملائيشيا مان خط آيو ته ٽڪيٽ موڪلي رهيا آهيون توهان ايندڙ هفتي ئي هليا اچو. مون سان گڏ منهنجي هڪ ٻئي ڪلاس ميٽ دوست مرحوم آصف غيور به اتي جي نوڪري لاءِ apply ڪيو هو جيڪو حاجين جي مشهور جهاز سفينه حجاج جو به چيف انجنيئر رهي چڪو هو. هن به ملائيشيا وڃڻ جي ڳالهه وساري سامونڊي زندگي ڇڏي ڪراچي جي مئرين اڪيڊمي (جتي Pre Sea ٽريننگ ٿي ٿي) ۾ پڙهائڻ شروع ڪري ڇڏيو هو ۽ هو به خوش هو ۽ ڪراچي جي زندگي سان Adjust ٿي چڪو هو. سو ظاهر آهي ملائيشيا پهچڻ جي خط هن کي به منجھائي رکيو. اسان ٻئي ڄڻا ان بابت سوچيندا رهياسين ته هاڻ وري ٻارن کي اسڪولن مان ڪڍرائي، لڏو پٽي ڌارئين ملڪ ۾ ڇا هلي ڪجي..... منهنجي دل سست ٿي رهي هئي پر آصف غيور چيو ته ”جي نه هلبو ته ملائيشيا وارا چوندا ته هي پاڪستاني ڪي وڏا ذليل آهن _ دوکو ڏئي ويا .... هنن کان پنهنجون ڪوتاهيون وسري وينديون، سڄو ڏوهه اسان تي ٿاڦيندا.“ آصف جي ڳالهه سمجهه ۾ ضرور آئي پر تنهن هوندي به مون پنهنجي ڪمپني PNSC جي انتظاميه سان صلاح مشورو ڪيو تن اهو سوچي اسان کي ملائيشيا وڃڻ لاءِ همٿايو ته اسان جي وڃڻ ڪري ٻين پاڪستانين لاءِ به راهون کلي وينديون.... ۽ واقعي اڳتي هلي ائين ئي ٿيو.... نه رڳو ملائيشيا جي تعليمي اداري’مئريٽائيم اڪيڊمي‘ ۾ پر سندن جهازران ڪمپني MISC ۾ به اسان جا ڪيترائي جهازي آفيسر اچڻ شروع ٿي ويا.“ بهرحال ملائيشيا ۾ نو سال کن رهڻ دوران الطاف نه رڳو ملائيشيا تي چار پنج ڪتاب (مڪلي کان ملاڪا، ڪوالالمپور ڪجهه ڪوهه، جت جر وهي ٿو جال، ڳالهيون آهن ڳچ..... وغيره) لکيا پر ڀر وارن ملڪن: سنگاپور ۽ ٿائلنڊ باءِ روڊ ڪيل سفرن تي پڻ ڪجهه ڪتاب (سنگاپور ويندي ويندي، سنگاپور ٿو سڏ ڪري، آل ابائوٽ سنگاپور ۽ اي جرني ٽو ٿائلنڊ) سفرناما لکيا. پاڪستان جي سنڌي اخبارن سان گڏ هو ملائيشيا جي انگريزي اخبار ”نيو اسٽرئٽ ٽائيمس“ ۾ به ڪالم لکڻ لڳو ۽ سندس انهن خدمتن ڪري ۱۹۸۹ع ۾ ملائيشيا جي حڪومت کيس PJK (پنگت جاسا ڪَ بَڪتيئان) ايوارڊ ڏنو. الطاف شيخ ملائيشيا تي مٿيان ڪتاب لکيا پر جيئن ته هن جو اڄ ڏينهن تائين وزٽنگ پروفيسر جي حيثيت ۾ ملائيشيا اچڻ وڃڻ لڳو رهي ٿو سو هن ملائيشيا تي بعد ۾ ڪجهه ٻيا به ڪتاب لکيا آهن جيئن: ”اوهريا جي عميق ڏي“، ”ملائيشيا منهنجي من ۾“، ”ملائيشيا ۱۲ سالن بعد“، ”جت جر وهي ٿو جال“، ”هليو آ هليو آ ملائيشيا“، ”مونکي موهيو ملائيشيا“ ۽ اڙدوءَ ۾ ”ملائيشيا ڪي دن“ وغيرهه. الطاف ملائيشيا جيڪو وقت رهيو اهو هو پنهنجي جهازران ڪمپني کان اجازت وٺي Lien تي ئي رهيو. ان ڪري ۱۹۹۱ع ۾ هن کي واپس ڪراچي آفيس ۾ رپورٽ ڪرڻي پئي جتي هن کي جهازن جي مشينري مسئلن کي منهن ڏين لاءِ پهرين ڊپٽي مئنيجر ان بعد مئنيجر جي پوسٽ تي رکيو ويو. ان دوران جهازن جي ٻين ڪئپٽنن ۽ چيف انجنيئرن وانگر الطاف شيخ کي بهM.Sc ڪرڻ لاءِ جهازين لاءِ يونائيٽيڊ نئشنز طرفان ٺهيل خاص يونيورسٽي ”ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي“ موڪليو ويو.هيءَ يونيورسٽي UN جي سمنڊ سان واسطو رکندڙ برانچ IMO (انٽرنيشنل ميريٽائيم آرگنائيزيشن) طرفان مالمو سئيڊن ۾ ٺاهي وئي آهي. الطاف جڏهن جهازن تي هو ته ان وقت به هن جا جهاز نه فقط سئيڊن جي هن ڏاکڻي بندرگاهه مالمو توڙي گادي واري شهر اسٽاڪهوم ۾ ايندا رهيا ٿي پر ڀر وارن ملڪن ناروي، ڊئنمارڪ ۽ فنلئنڊ جي بندرگاهن ۾ به ايندا رهيا ٿي. ۽ هاڻ سئيڊن جي يونيورسٽي طرفان هن کي فيلڊ ورڪ لاءِ انهن ساڳين بندرگاهن ۾ باءِ روڊ يا باءِ ايئر وڃڻو پيو ٿي. الطاف انهن ڏينهن جا قصا بيحد مزاحيه انداز ۾ لکيا آهن جيڪي سندس هنن سفرنامن ۾ ڇپيل آهن: 1. اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا. 2. ملير کان مالمو 3. يورپ جا ڏينهن، يورپ جون راتيون 4. جت برف پوي ٿي جام. 5. ڪراچيءَ کان ڪوپن هيگن ڊسمبر ۱۹۹۳ع ۾ مالمو (سئيڊن) مان موٽڻ بعد، الطاف کي سندس ڪمپني PNSC وري درس تدريس جي ڪم تي رکيو. پاڻ به اهوئي چاهيائين ٿي جو بقول هن جي ٽيچنگ جاب ۾ کيس لکڻ پڙهڻ جو شوق پورو ڪرڻ لاءِ ڪافي وقت ملي ويو ٿي. ساڳي وقت پاڪستان جي مئرين اڪيڊمي ۾ پڙهائڻ لاءِ جهازن جي ڪئپٽنن ۽ چيف انجنيئرن جي ضرورت هئي جيڪا کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ وقت بوقت قومي جهازران ڪمپني PNSC پنهنجا آفيسر موڪليا ٿي. الطاف کي ٽيچنگ جو پراڻو تجربو هجڻ ڪري کيس اتي جي مئرين انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ جو هيڊ مقرر ڪيو ويو. الطاف شيخ مئرين اڪيڊمي ڪراچي جي هن نوڪري دوران ٽن مهينن جي موڪل تي ۱۹۹۵ع ۾ پنهنجي عرب دوست ۽ سئيڊن يونيورسٽي جي ڪلاس ميٽ حسن الحاربي وٽ سندس ڳوٺ ينبوع ۾ پڻ وڃي رهيو. ينبوع سعودي عرب جو آڳاٽو بندرگاهه آهي .... بلڪه گذريل صديءَ جي شروع وارن سالن تائين جڏهن اڃان جدو صحيح طرح ماڊرن بندرگاهه نه ٿيو هو ته انڊيا جي سورت ۽ ڪلڪتي بندرگاهن کان اسان جي ننڍي کنڊ جا توڙي آفريڪا ۽ ايشيا جي ٻين ملڪن جا حاجي پاڻي جي جهازن ذريعي ينبو بندرگاهه ۾ ايندا هئا جتان مدينو ايترو سڏ پنڌ تي آهي جيترو هاڻ مڪو شريف جدي بندرگاهه کان. الطاف جي هن عرب دوست کي سئيڊن ۾ گڏ تعليم حاصل ڪرڻ دوران پنهنجي شهر ينبوع ۾ پائيپن جي فئڪٽري لڳرائڻ جو شوق هو. جنهن سلسلي ۾ هن جي ان وقت کان الطاف معرفت جرمني وارن سان ڳالهه ٻولهه جاري هئي. اها هاڻ جرمني کان سعودي عرب پهچي وئي هئي ۽ جيئن ته پاڻ انجنيئر نه پر فائننس جو ماڻهو هو سو ان ڪم ۾ مدد حاصل ڪرڻ لاءِ هن پنهنجي دوست الطاف کي پاڻ وٽ گهرايو. فئڪٽري لڳڻ بعد هن الطاف کي ينبوع ۾ پاڻ وٽ نوڪري ڪرڻ لاءِ ڏاڍو چيو پر الطاف هڪ ته پنهنجي ڪمپني PNSC نٿي ڇڏي ۽ ٻيو ته بقول سندس اتان لکيل اخباري ڪالمن موجب هن کي عربن سان ڪم ڪرڻ تي دل نٿي چاهيو جيتوڻيڪ سندس عرب دوست حسن سندس ايڏو خيال ڪيو جو هن کي پنهنجي گهر ۾ فئملي سان گڏ رهايو هئائين ۽ پگهار به دل وٽان ڏيڻ چاهيس ٿي. ان بابت الطاف جو اهو ئي چوڻ آهي ته جنهن کلئي دماغ ۽ آزادي سان ماڻهو جپان، انگلند، سئيڊن ۽ ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾ نوڪري يا ڌنڌو ڪري سگهي ٿو اهو عرب ملڪن ۾ هرگز نه. مجبوري جي ٻي ڳالهه آهي نه ته عرب ملڪن ۾ فقط عبادت لاءِ وڃجي. الطاف شيخ ينبوع جي هن ٽن مهينن جي رهائش دوران جيڪي سنڌ جي اخبارن ۽ رسالن ڏي ڪالم موڪليا اهي فيروز ميمڻ صاحب پنهنجي اداري ”نيو فيلڊس پبليڪيشن“ طرفان ”اي روڊ ٽو مدينا“ نالي ڪتاب ۾ ڏنا آهن. پاڪستان مئرين اڪيڊمي ۾ نوڪري دوران سن ۲۰۰۰ع ۾ الطاف کي حج ڪرڻ جي سعادت پڻ نصيب ٿي جنهن جو احوال هن ”ڀلي پار تان ڀيرو“ نالي سفرنامي ۾ ڏنو جيڪو ڪتاب ’روشني پبليڪيشن‘ جي علي نواز گهانگهري ۽ بعد ۾ امير ابڙو صاحب ’انڊس پبليڪيشن‘ طرفان ڇپرايو. سال ۲۰۰۴ع ۾ الطاف صاحب سٺ سالن جي ڄمار تي پهچڻ تي PNSC کان جنرل مئنيجر جي پوسٽ تان رٽائرمينٽ حاصل ڪئي. ياد رهي ته هو PNSC طرفان ڊپوٽيشن تي پاڪستان مئرين اڪيڊمي ۾ هيڊ آف مئرين انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ جي حيثيت ۾ ڪم ڪري رهيو هو. رٽائرمينٽ کان اڄ تائين ڪڏهن ڪڏهن الطاف شيخ پنهنجي ملڪ ۾ يا ملائيشيا، انڊيا ۽ سنگاپور ۾ وزٽنگ پروفيسر جي حيثيت ۾ ويندو رهي ٿو. ليڪچر ڏيڻ کان علاوه هو هڪ دفعي انڊيا پنهنجي ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جي اوڏ دوستن جي پٽن جي شادين تي دهلي، آگري، احمد آباد ۽ بڙودا وغيره ۾ اٽڪل ٻه مهينا کن رهيو. ان بعد هو ساڌو واسواڻي جي اداري SVM طرفان پوني ۽ ممبئي يونيورسٽي طرفان ممبئيءَ ۾ هفتو هفتو رهي آيو. انڊيا جي انهن مختلف سفرنامن تي هن جا چار ڪتاب: ”دهليءَ جو درشن“، ”هلي ڏسجي هندستان“، ”بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾“ ۽ ”بنارس کان برمودا“ ڇپجي چڪا آهن. رٽائرڊ ٿيڻ بعد ۲۰۰۵ع ۾ الطاف ڪجهه مهينن لاءِ آمريڪا ۾ پڻ رهيو. هو انهن ساڳين بندرگاهن ۾ ريل ۽ ڪار رستي هليو ويو جتي اڄ کان ۴۵ سال کن اڳ ۱۹۶۸ع کان ۱۹۷۳ع تائين هو پاڻيءَ جي جهازن کي وٺي ويندو هو. ان سفر جو احوال الطاف شيخ ”نيو هالا کان نيويارڪ“ ۽ ”بخشو لغاري کان بالٽيمور“ ڪتابن ۾ لکيو آهي. ان سفر جي باقي حصي جو احوال ”آمريڪا ڙي آمريڪا“ ڪتاب ۾ مڪمل ڪري رهيو آهي. الطاف جو سامونڊي ۽ ڪناري جي نوڪري دوران ڏور اوڀر جي ملڪن مان سڀ کان گهڻو رهڻ يا اچڻ وڃڻ جپان، ملائيشيا ۽ چين ۾ ٿيو. اها ٻي ڳالهه آهي ته الطاف هانگ ڪانگ بابت گهڻو ئي لکيو آهي، بلڪ هڪ ڪتاب ”وايون وڻجارن جون“ ته سڄو هانگ ڪانگ ۽ سندس ٻئي پاسي ڪولون بابت آهي پر انهن ڏينهن ۾ هانگ ڪانگ ملڪ برطانيه جي حڪومت هيٺ هو. الطاف چين جي سفر تي ايترو گهڻو نه لکيو آهي جيترو جپان ۽ ملائيشيا تي پر هن انهن ٽنهي ملڪن جي ٻولين: جپاني، ملئي ۽ چيني جي پهاڪن جا ٻه ڪتاب: هڪ انگريزيءَ ۾ “Proverbs of Far East” نالي ۽ ٻيو سنڌي ۾ ”رٺي آهي گھوٽ سان“ لکيو آهي. الطاف ٻڌائي ٿو ته هن کي ننڍي هوندي کان پهاڪن پڙهڻ جو شوق هو. هن پهاڪن جو پهريون ڪتاب ”گل شڪر“ پنهنجي والد جي لئبرري مان کڻي تڏهن پڙهيو جڏهن هو پرائمري اسڪول جي چوٿين ڪلاس ۾ هو. الطاف ٻڌائي ٿو ته هن جو اڙدو ۾ لکڻ به هڪ حادثو هو. اڄ کان ۱۵ سال کن اڳ سن ۲۰۰۰ع ڌاري سندس هڪ سنڌي اخبار جو ڪالم ڪنهن ترجمو ڪري انهن ڏينهن ۾ نئين شايع ٿيندڙ روزنامه اڙدو اخبار ’امت‘ ۾ ڏنو جنهن کي بيحد ساراهيو ويو ۽ الطاف کي ان ئي ڏينهن سندس هيڊ آفيس PNSC مان ڪيترن ئي دوستن جا فون اچي ويا. هي اهي دوست هئا جن کي سنڌي پڙهڻ نٿي آئي ۽ هو هميشه الطاف کان پڇندا رهيا ٿي ته هو ڪهڙي موضوع ۽ مواد بابت سنڌيءَ ۾ ڪالم لکي ٿو. الطاف ان بابت چيو ته: ”اڙدو اخبار ۾ مضمون ڇپجڻ تي مونکي ڏاڍي خوشي ٿي. اخبار وارن منهنجي ڪالم کي ايڊيٽوريل صفحي تي بيحد نمايان نموني سان ڏنو هو.... پر مونکي ائين لڳو ڄڻ مون جيڪي ڳالهيون هن ڪالم ۾ لکيون آهن اهي سڀ اڙدو ۾ ان ڀرپور انداز ۾ ترجمو نه ٿيون هجن. ائين محسوس ٿيو ڄڻ ترجمي واري کي سمنڊ ۽ جهازراني جي معلومات نه هجڻ ڪري هو منهنجيون ڪجهه ڳالهيون صحيح طرح سمجھائي نه سگهيو آهي. بهرحال مون ان اخبار جي ايڊيٽر رفيق افغان صاحب کي فون ڪيو ته مونکي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي جو منهنجو ڪالم اڙدو اخبار ۾ ڇپيو آهي ۽ اڙدو اخبار جي گهڻي ريڊرشپ هجڻ ڪري مونکي اڄوڪي ڏينهن ۾ ئي ڪيترا فون آيا آهن پر..... ”پر ڇا؟ چئو پليز“ رفيق افغان چيو. ” ... اهوئي ته ترجمي واري ڪجهه ڳالهيون رهائي ڇڏيون آهن“ ”ته پوءِ ڏسو نه مسٽر الطاف! توهان پاڻ سنئون سڌو کڻي اڙدو ۾ لکو“ ”پر آئون ته سنڌي جو اديب آهيان“ مون چيو. ”ڏسو سائين اديب اديب آهي پوءِ هو ڀلي کڻي ڪهڙي ٻوليءَ ۾ به لکي“ ”پر آئون اڙدو ۾ ڪمزور آهيان جو ڪاليج ۽ اسڪول ۾ فقط سنڌي ۽ انگريزي پڙهيو آهيان.“ الطاف ٻڌائي ٿو ته ان تي رفيق افغان هن جي همٿ افزائي ڪندي چيو ته هو جيئن ڳالهائي رهيو آهي ائين ڪالم لکي موڪلي درستگيون هو ڪرائيندو. ۽ پوءِ اهڙي طرح الطاف شيخ اڙدو ۾ لکڻ شروع ڪيو ته اڄ ڏينهن تائين لکندو اچي ۽ هن جا ڪالم ۽ مضمون نه فقط امت اخبار ۾ پر اڙدو ڊائجسٽ، سرگزشت ڊائجسٽ، اخبار جهان، پاڪستان پوسٽ، دستڪ ۽ ٻين رسالن ۽ اخبارن ۾ به ايندا رهن ٿا. اڄ به الطاف کِلي چوندو آهي ته ”مونکي سنڌيءَ جو اديب آفريڪا کنڊ جي ڊگهن سامونڊي سفرن ڪيو ۽ اڙدو جو اديب ’اُمت‘ اخبار جي ايڊيٽر رفيق افغان ڪيو“. الطاف جا هيستائين ڪيترا ئي اڙدو ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن، جهڙوڪ: سمندر ڪي دن، يورپ ڪي دن، ملائيشيا ڪي دن، ايران ڪي دن، ڪراچي سي ڪوپن هيگن، گيشائون ڪي ديس مين ۽ هاڻ تازو ڪتاب ’مين چلا ممباسا‘، ’جهاز چلاني ڪي دن‘، ’جپان ڪي دن‘ ۽ ’چلو چلين هندوستان‘ وغيرهه ڪراچي جي ويلڪم بڪ پورٽ طرفان ڇپجي چڪا آهن ۽ ٽي ٻيا اڙدو ۾ ۽ چار سنڌيءَ ۾ ڇپجي رهيا آهن. اُنهن مان هڪ ’برونائيءَ کان برازيل‘ خيرپور جي پوپٽ پبليڪيشن طرفان جلد اچڻ وارو آهي. سنڌي ڪتابن جي تعداد ۾ مرزا قليچ بيگ جا کڻي گهڻا ڪتاب آهن پر بقول امر جليل جي صفحن جو تعداد ٿو ڏسجي ته الطاف شيخ سڀني کان گهڻو، بلڪ تمام گهڻو لکيو آهي. الطاف شيخ اڄڪلهه سال جو وڏو حصو ڪراچي ۽ اسلام آباد ۾ گذاري ٿو. هو هر وقت واندڪائيءَ جي ڳولا ۾ رهي ٿو جيئن گهڻي کان گهڻو لکي سگهي. لکڻ کان علاوهه هن جو خاص شغل تعليمي ادارن ۾ ليڪچر ڏيڻ آهي. الطاف شيخ جي هڪ ٻي خوبي آهي فوٽوگرافي هو جتي به ويندو، جنهن سان به ملندو ته سڀ کان اڳ تصوير ڪڍندو ۽ پاڻ به بيهي تصوير ڪڍرائيندو. فيسبوڪ، سوشل ميڊيا ۽ انٽرنيٽ تي سندس گڏ ڪيل هزارين تصويرون مختلف البمس جي صورت ۾ محفوظ آهن، جنهن تائين هر ڪنهن کي آسان رسائي به حاصل آهي. الطاف شيخ جا ڇپيل ڪتاب 1. اناميڪا 2. منهنجو ساگر، منهنجو ساحل 3. پيار جي گُهٽَ 4. وايون وڻجارن جون 5. سي ٻيڙيون رکين ٻاجهه سين 6. دنيا آهي ڪاڪ محل 7. سمونڊ جن ساڻيهه 8. بندر بازاريون 9. سمونڊ جي سيوين 10. سي جوڀن ڏينهن 11. بندر ديسان ديس 12. خبرون کيڙائن جون 13. ڪويت ڪنارا 14. ڇا جو ديس ڇا جو وديس 15. جاني ته جهاز ۾ 16. جپان جن جي جيءَ ۾ 17. ڳالهيون تنهن جپان جون 18. خدا ڏي خط 19. جپان رس 20. سانڀاهو سمونڊ جو 21. موج نه سهي مَڪڙي 22. الطاف شيخ جي نوٽ بڪ تان 23. بهترين سفرناما 24. لنڊن تائين لفٽ 25. ٻارن جون آکاڻيون 26. ٽوڪيو جي گيشا گرل 27. مڪليءَ کان ملاڪا تائين 28. سنگاپور ويندي ويندي 29. ڪوالالمپور ڪجهه ڪوهه 30. ماستر هريام جو بئنڪاڪ وڃڻ 31. دُنگيءَ منجهه درياهه 32. ڏاهي جهرڪي 33. جت جر وهي ٿو جال 34. يادن جي انڊلٺ 35. ڳالهيون آهن ڳچ 36. اي جرني ٽو ٿائلينڊ 37. Proverbs Of Far East 38. اوهريا جي عميق ڏي 39. اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا 40. ملير کان مالمو 41. جت برف پئي ٿي جام 42. ڪراچيءَ کان ڪوپن هيگن 43. ارائونڊ دي ورلڊ 44. رٺي آهي گهوٽ سان 45. يورپ جا ڏينهن راتيون 46. اي روڊ ٽو مدينا 47. هيلسنڪي جي حسينا 48. سنگاپور ٿو سڏ ڪري 49. آل ابائوٽ سنگاپور 50. ملائيشيا منهنجي من ۾ 51. ڀلي ڀار تان ڀيرو 52. هي ٻيٽ هي ڪنارا 53. بوتلن جو سفر 54. سوزيءَ سان پيار 55. جل پريون 56. ملائيشيا ۱۲ سالن بعد 57. تيستائين گڊ باءِ 58. جپان پنجويهه ورهين بعد 59. ڪراچيءَ کان ڪوڪورا 60. دهليءَ جو درشن 61. نيو هالا کان نيويارڪ 62. بخشو لغاريءَ کان بالٽيمور 63. ايران ڏي اُڏام 64. چنڊ چوانءِ سچ 65. هلي ڏسجي هندستان 66. پکي اُڏاڻا پنهنجي ديس 67. ممباسا، شيدي بادشاهه همباشا 68. ڏيهه پرڏيهه جو سفر 69. بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾ 70. هليو آ، هليو آ، ملائيشيا 71. مونکي موهيو ملائيشيا 72. آمريڪا ڙي آمريڪا 73. وسي وڏ ڦڙو 74. نه سي سڙه سُکان 75. بنارس کان برمودا اردو میں 76. سمندر کے دن 77. ملائیشیا کے دن 78. یورپ کے دن 79. کراچی سے کوپن ہیگن 80. ایران کے دن 81. گيشائون کے ديس مين 82. جہاز چلانے کے دن 83. جپان کے دن 84. کنارے کے دن 85. میں چلا ممباسا 86. چلو چلیں ہندوستان الطاف شيخ جا ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي مٿي ڏنل لنڪ تان ڊائونلوڊ ڪرڻ سان گڏ آنلائين به پڙهي سگهجن ٿا. نوٽ : هي مضمون الطاف شيخ جي ڪالمن، ڪتابن، انٽرويوز ۽ ذاتي طور ساڻس ڪيل ڪيترين ئي ڪچهرين ۾ ڪيل سوالن جوابن ذريعي جوڙيو ويو آهي. الطاف شيخ سنڌ جو سيلاني (جنم ڏينهن تي ڀيٽا) محمد سليمان وساڻ جڏهن به ڪنهن سفرنامي جو ذڪر نڪرندو آهي ته مونکي الطاف شيخ ياد اچي ويندو آهي. سفرنامي جي صنف جي حوالي سان مشهور ليکڪ، سنڌي اسڪالر، مئرين انجنيئر ۽ استاد (پروفيسر) الطاف شيخ ۱۴ نومبر ۱۹۴۴ ۾ هالا ۾ ڄائو. سندس پورو نالو الطاف احمد شيخ ولد گل محمد شيخ آهي. انٽر ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان ۱۹۶۳ ۾ ڪرڻ کانپوء مئرين انجينئرنگ جي ڊگري چٽگانگ (هاڻي بنگلاديش، ان وقت اوڀر پاڪستان) مان حاسل ڪيائين. ايم ايس سي ان ميرين سيفٽي ايڊمنسٽريشن وري ورلڊ ميريٽائم يونيورسٽي مان ڪيائين. مڪينيڪل انجينئير امتحان انسٽيٽيوٽ آف انجنئير لنڊن، بي اي ايل ايل بي يونيورسٽي آف سنڌ، ڊپلوما ڊجيٽل ڪمپيوٽر ٽيڪنڪ انسٽيٽيوٽ آف ميرن انجنيئرس لنڊن اينڊ انسٽيٽيوٽ آف نيول ارڪيٽيڪٽ انگلينڊ مان ڪيائين. ان کانسواءِ دنيا جي مختلف ملڪن مان انجنيئرنگ سان لاڳاپيل ڪيترا ئي ڪورس ڪيا اٿس. پاڻ لکڻ جي شروعات ته ۱۳ سالن جي عمر کان ئي گلستان رسالي ۾ لکڻ سان ڪيائين پر باقائدي لکڻ جي شروعات چٽگانگ ۾ مئرين انجنيئرنگ ڪورس دوران هلال پاڪستان لاء لکيل ڪالم “دريائن جي ديس مان” سان ڪيائين. انکانپوء شپنگ ۾ نوڪري دوران هو جنهن به ملڪ ويو، جنهن به شهر ويو ان تي سفرنامو لکي ورتائين. سندس لکڻين خاص ڪري سفرنامن ۾ تفريح سان گڏ انيڪ معلومات پڻ هوندي آهي. دنيا جي ملڪن جي حالتن کي سمجهائڻ لاء هميشه سنڌ جي ڳوٺن، شهرن ۽ بازارن جي ان ملڪ سان ڀيٽ ڪندو آهي ته ملائيشيا جو فلاڻي ڳوٺ جون گهٽيون اسان جي ٽنڊي آدم شهر وانگر پر ويڪريون آهن. سندس لکڻين جو اهو ڏانء کيس ٻين لکندڙن کان الڳ ڪري خاص سڃاڻ بڻجي ويو آهي. سندس ۷۵ کان مٿي ڪتاب ڇپيا آهن. جن ۾ گهڻوڪري سفرنامه ۽ ٻيون ڪهاڻيون ۽ ترجمه آهن. سندس ڪتابن ۾ هيٺيان ڪتاب گهڻو مشهور آهن: بندر بازاريون ۱۹۷۱، جاني ته جهاز ۾ ۱۹۷۲، پيار جي گهُٽ ۱۹۷۳، دنيا آهي ڪاڪ محل ۱۹۷۵، وايون وڻجارن جون ۱۹۷۶، سي ئي جوڀن ڏينهن ۱۹۷۷، ارائونڊ دي ورلڊ ۱۹۷۹، ڪويت ڪنارا ۱۹۸۰، سانباهو سمونڊ جو ۱۹۸۰، هي بيت هي ڪنارا، ملير کان مالمو تائين، ڇا جو ديس ڇا جو وديس، اڇن جي ديس ۾ اسين ڪارا، ماسٽر هريام جو بئنڪاڪ وڃڻ، دهليء جو درشن، سي ٻيڙيون رکين ٻاجھ سين، منهنجو ساحل منهنجو ساگر، سمنڊ جن ساڻيھ، سي ئي جوڀن ڏينهن، بندر ديسان ديس، خبرون خيرن جون، جاني ته جهاز ۾، جپان جن جي جيءَ سين، ڳالهيون تنهن جپان جون، خدا ڏي خط، جپان رس، موج نه سهي مڪڙي، الطاف شيخ جي نوٽ بوڪ تان، بهترين سفرنامه، لنڊن تائين لفٽ، ٻارن جون آکاڻيون، ٽوڪيو جي گيشا گرل، مڪليءَ کان ملاڪا تائين، سنگاپور ويندي ويندي، ڪوللمپور ڪجهه ڪوھ، دنگي منجھ درياھ، ڏاهي جهرڪي ۽ ٻيون آکاڻيون، جِت جر وهي ٿو جال، يادن جي انڊلٺ، ڳالهيون آهن ڳچ، اي جرني ٽو ٿائيلينڊ، اوهريا جي عميق ڏي، جت برف پئي ٿي جام، ڪراچيء کان ڪوپن هيگن، رُٺي آهي گهوٽ سان، يورپ جا ڏيهن ۽ يورپ جون راتيون، اي روڊ ٽو مدينه، هيلنسڪي جي حسينه، سنگاپور ٿو سڏ ڪري، آل ابائوٽ سنگاپور، ملائيشيا منهنجي مَن ۾، سوزيءَ سان پيار، جل پريون، تيستائين گُڊ باء، جپان پنجويهن ورهين بعد، نيو هالا کان نيو يارڪ، بخشو لغاريء کان بالٽيمور، ايران ڏانهن اڏام، چنڊ چوانءِ سچ، اناميڪا، خدا ڏي خط، مس سدابهار چنبيلي، پکي اڏاڻا پنهنجي ڏيهه، ممباسا شيدي باشا هم باشا، هلي ڏسجي هندستان، بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾، ڀلي پار تان ڀيرو وغيره شامل آهن. ان کان علاوه اردو ۾ به سندس ڪجهه سفرناما ڇپيا آهن جهڙوڪ سمندر ڪي دن سمندر کي راتين، مليشيا ڪي دن، يورپ ڪي دن، ڪراچي سي ڪوپن هيگن، ايران ڪي دن. ان کان سواءِ الطاف شيخ جا ڪيترن ئي رسالن، اخبارن م آئي ڏينهن سفر جا قصا ، ڪهاڻيون پيون ڇپجن. جيڪڏهن کيس سنڌي سفرنامي جو سنڌ باد سڏجي ته ان ۾ ڪو به وڌاءُ ڪونهي. الطاف شيخ جي هڪ ٻي خوبي آهي فوٽوگرافي هو جتي به ويندو، جنهن سان به ملندو ته سڀ کان اڳ تصوير ڪڍندو ۽ پاڻ به بيهي تصوير ڪڍرائيندو. فيسبوڪ، سوشل ميڊيا ۽ انٽرنيٽ تي سندس ڪٺي ڪيل هزارين تصويرون مختلف البمس جي صورت ۾ محفوظ آهن، جنهن تائين هر ڪنهن کي آسان رسائي به حاصل آهي. مان سوچيندو آهيان هي شخص جيڪو گهڻو عرصو يا ته سفر ۾ جهازن تي رهيو، يا ملڪ کان ٻاهر رهيو يا وري گهڻو عرصو لکڻ ۾ گذاريائين ان وٽ پنهنجي علائقن ، ڳوٺن ۽ ماڻهن جي ايتري ڄاڻ ڪٿان آئي؟ ڇو ته سندس سفرنامن ۾ بيان ڪيل پنهنجي ئي سنڌ جي گهڻن ڳالهين کان اسان به واقف ناهيون هوندا. الطاف شيخ سنڌ جو اهو ليکڪ آهي جنهن کي شايد سڀ کان گهڻو پڙهيو ويندو آهي، سندس سفرنامن جا ڪيترائي ايڊيشن ڇپيا آهن. هو سنڌ جو اهو ليکڪ آهي جيڪو مسلسل لکندو رهي ٿو. الطاف شيخ هڪ سٺي ليکڪ سان گڏ بهترين ۽ ملنسار انسان پڻ آهي. هو جڏهن به ۽ جتي به مليو آهي سدائين حوصلا افزائي ۽ لکڻ جي صلاح ڏيندو رهيو آهي. دعا آهي ته سنڌ جو هي ڏاهو ڏات ڌڻي سدائين خوش رهي، زندگيءَ جون ڪيئي بهارون ڏسي ۽ دنيا گهمندي اسان کي به گهر ويٺي دنيا جو سير ڪرائيندو رهي. روزانه هلال پاڪستان ۱۴ نومبر ۲۰۱۲ الطاف شيخ سنڌين جي پهرين انٽرنيٽ رکيل مورائي نيڪ خواهشون انهن هٿن لاءِ جيڪي هڪ وقت دعا لاءِ کڄندا آهن ۽ ٻئي وقت لکڻ لاءِ اڄ ان شخص/ ليکڪ جو جنم ڏينهن آهي، جيڪو پنهنجو مثال پاڻ آهي. شايد دنيا جي ادب ۾ اهڙو ٻيو مثال اڄ جي تاريخ تائين ملي نه سگهي، ڇاڪاڻ ته ادب ۾ اڄ جنهن تيزيءَ سان واڌارو آيو آهي، اوترو ئي تيزيءَ سان سائنس جي نين ايجادن پڻ انسان کي معلومات ميسر ڪرڻ شروع ڪئي آهي. اڄ هڪ منٽ جي سٺ سيڪنڊن ۾ اسين سٺ ملڪن بابت معلومات حاصل ڪري سگهون ٿا، پر هڪ اهڙو زمانو به هئو، جنهن کي جديد زمانو ته ڪوٺي سگهجي ٿو پر ان کي ڪمپيوٽر جو زمانو ڪوٺي نه سگهبو، ان زماني ۾ معلومات ايتري تيزيءَ سان نه پهچندي هئي، جيتري اڄ ملي رهي آهي. ها ان دور ۾ دنيا جي معلومات هن جي سفر نامن مان ملندي هئي، اهي سفرناما پڙهي، اسان انهن ملڪن جي ڄاڻ حاصل ڪندا هئاسين جن ملڪن ۾ هو موجود هوندو هئو. اڄ سندس سفرنامن جو انگ هڪ سئو کان ڪجهه گهٽ هوندو ۽ ايترو انگ دنيا جي ڪنهن به ليکڪ جي سفرنامن جو شايد ئي هجي، سنڌ جي آڳاٽي معلومات اسان کي، ابن بطوطا سميت دنيا جي ٻين ڪيترن ئي سياحن جي سفرنامن مان حاصل ٿيندي هئي، ايئن دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن بابت معلومات اسان کي هن جي سفر نامن مان حاصل ٿيندي هئي. اڄ محسوس ٿي رهيو آهي ته ان دور ۾ جيڪو چاليهه سال کن اڳ جو آهي، جڏهن به ڪو سنڌي نوجوانن ٻاهر وڃڻ چاهيندو هئو ته اهو سندس سفرنامن مان گهربل معلومات حاصل ڪندو هئو، بلڪل ايئن جيئن اڄڪلهه گوگل ۽ ٻين ويب سائيٽس تان معلومات حاصل ڪجي ٿي، خود هو به چاهيندو هئو ته سندس سفرنامن ۾ ڏنل معلومات مان سنڌي گهڻي گهڻي معلومات حاصل ڪن، ان ڪري، هو اهڙي ئي نموني تفصيل ڏيندو هئو، ان شخص ليکڪ جو نالو لکڻ لاءِ مان نهايت ادب سان ۽ قلم کي اکين سان لڳائي لکڻ چاهيان ٿو جيڪو آهي، الطاف شيخ! سنڌ شايد خوش نصيب آهي ۽ سنڌي ادب ڀاڳ وارو آهي، جنهن کي شاهه کان پوءِ ٻه شيخ مليا ۽ ٻئي اهڙا آهن جن جي نالي سان ڪنهن مثال، تشبيهه ۽ تمثيل جي گهرج نه آهي. هڪ شيخ اياز آهي ۽ هڪ الطاف شيخ آهي. شيخ اياز پنهنجي شاعريءَ جي معرفت جيڪو سنڌي ادب کي سُڪار بخشيو آهي اهو پنهنجو مٽ پاڻ آهي ۽ الطاف شيخ پنهنجي نثر، خاص طور سفري نثر معرفت سنڌي ادب کي جيڪا خوشحالي ڏني اها به پنهنجو مٽ پاڻ آهي. هن ادبي طور سنڌي نثري ادب کي ته مالامال ڪيو ئي آهي پر ان ادب ۾ هن سنڌي پڙهندڙ کي جيڪا ڄاڻ ڏني آهي اها ايتري گهڻي آهي جو اها اڄ لکت ۾ شال ماپي سگهي. ڪنهن به ادب ۾ ڪي صنفون جڏهن ايجاد ٿينديون آهن ته انهن کي وڌڻ ويجهڻ ۾ چڱو وقت لڳندو آهي، پر سنڌي ادب ۾ سفر نامي کي هڪ صنف طور الطاف شيخ ايترو تيزيءَ سان مٿي کڻي آيو، جنهن جو به شايد مثال ادب ۾ ٻيو نه ملي سگهي. سفر نامو ڇاکي چئجي ٿو. اهو الطاف شيخ جي سفرنامن کي پڙهي سمجهي سگهجي ٿو. جيتوڻيڪ سفرنامن سان گڏ، اڻ سڌي نموني يا سڌي نموني، هن پنهنجون يادگيريون به ڏنيون آهن ته پنهنجا تجربا به، ساڳئي وقت هن جن ملڪن ۾ ڪجهه وقت گذاريو آهي، انهن ملڪن جي ادب/لوڪ ادب/چوڻين ۽ پهاڪن وغيره کي به نه صرف پڙهيو ۽ پروڙيو آهي، پر انهن جي ڄاڻ به سنڌي ماڻهن کي ڏني آهي. ان کان سواءِ سندس ٻيو هڪ ڪم اهو به آهي ته دنيا ۾ رهندڙ ۽ کيس موهيندڙ اديبن جي لکڻين کي ترجمو ڪري اسان کي انهن جي ادب ۽ مزاج کان به واقف ڪيو ۽ اهو سڀ جنهن وقت هن ڪيو، ان وقت اسان وٽ ٻاهران جو ايترو ادب ترجمو نه ٿيندو هئو. معلومات جا وسيلا به بنهه گهٽ هئا. ان وقت الطاف شيخ پنهنجي سفر نامن ۾ اهو به ٻڌايو ته هو جنهن ملڪ ۾ آهي ان ۽ سنڌ ۾ مختلف حوالن سان ڪهڙيون هڪ جهڙايون آهن ۽ ڪهڙيون انفراديتون آهن. جنهن مان ايئن لڳندو هئو ته هن دنيا جي ڪنهن ڪنڊ ۾ هوندي به سنڌ، سنڌي ادب ۾ سنڌي ماڻهن کي نه وساريو آهي. دنيا جي ماڻهن جي خوشحالي ۽ ڏکن سکن سان سنڌ کي ڀيٽيو ۽ ڪي نتيجا سامهون آندا آهن، جن مان سنڌي ماڻهن گهڻو ئي پرايو. ها! مٿيون سڀ ماضي هئو، جنهن جو ذڪر مان ڪري رهيو هوس، ڪڏهن ڪڏهن ماضي فخر لائق هوندو آهي، حال هيڻو هوندو آهي، قومون يا ته ماضيءَ ۾ جيئنديون آهن يا مستقبل جي خوابن ۾! ايئن شخص سان به ٿيندو آهي، پر هيءُ شخص/ليکڪ الطاف شيخ انهن شخصن/ليکڪن مان آهي جنهن ماضيءَ، حال ۽ مستقبل کي ڳنڍي رکيو آهي، هو پاڻ جڏهن کان لکڻ لڳو آهي، جيڪو اسان جو ماضي آهي، اڄ تائين اسان جي حال تائين لڳاتار لکي رهيو آهي. هاڻ هو پنهنجي اڇي سونهاريءَ ۾ نماز جي پنجن وقتن وانگر، لکڻ کي عبادت سمجهي ٿو. هو لکڻ جي معاملي ۾ سچل وانگر جو دم غافل سو دم ڪافر ٿيڻ کان ڪوهين ڏور آهي، ۽ جنهن شخص/ليکڪ لاءِ لکڻ عبادت هجي، ان کان سندس آخري ساهه تائين قلم نٿو ڇڏائجي سگهي. هونئن به اسلام ۾ واهه کوٽائڻ، وڻ پوکائڻ ۽ ڪتاب لکڻ صدقه جاريه آهي ۽ الطاف شيخ پنهنجي حصي کان وڌيڪ ڪتاب لکي پنهنجي ان عبادت کي به دوامُ بخشيو آهي، اڄ سندس جنم ڏينهن آهي ۽ جڏهن ماڻهن جي اڪثريت دعائن مان ويساهه وڃائي ويٺي آهي، ان وقت آئون سندس صحت ۽ عمردرازيءَ لاءِ دعاگو آهيان، خاص طور انهن هٿن جي سلامتيءَ لاءِ جيڪي هڪ وقت دعائن لاءِ کڄندا آهن ۽ ٻئي وقت لکڻ لاءِ تيار ٿيندا آهن. اڻ ميون نيڪ خواهشون سندس جنم ڏينهن تي،کيس مبارڪن سان گڏ ڪجهه لفظن جي ڀيٽا، اميد اٿم ته سندس بارگارهه ۾ قبول پوندي. الطاف شيخ سنڌ جو ڪولمبس ابراهيم لاشاري الطاف شيخ صاحب سنڌ جي سياسي، ثقافتي، سهڻي شهر هالا (مرتضي آباد) جي معزز شخصيت گل محمد شيخ جي گهر منجهه ۱۴ نومبر اڱاري ڏينهن سال ۱۹۴۴ع ۾ پهريون ساهه کڻي جنم ورتو الطاف شيخ صاحب جڏهن پڙهڻ جي عمر جو مس ٿيو ته والدين سندس ڦرهي هٿ منجهه ڏئي کيس اسڪول موڪليو، هن گورنمينٽ پرائمري اسڪول هالا منجهان پرائمري حاصل ڪئي. بعد ۾ هالا اسڪول جي مخدوم غلام حيدر اسڪول منجهان نصابي تعليم ورتائين هالن جي اسڪول ۾ صرف (ٽي درجا) انگريزي تعليم پڙهي ڪيڊٽ ڪاليج ۾ پڙهڻ جو شوق جاڳيس جتان مئٽرڪ ۽ انٽر جا امتحان نهايت هوشياري سان پاس ڪيائين تنهن بعد سونهاري سنڌ جو واحد سنڌي شاگرد هو جيڪو مئرين انجيئيرنگ جي تعليم پرائڻ لاءِ اوڀر پاڪستان هاڻوڪي ملڪ بنگلاديش جي (مئرين اڪيڊمي چٽگانگ) منجهان سند حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. جلدي ئي ان زماني منجهه جهازراني (پاڻي وارن جهازن) جي انجنيئير واري عهدي تي وڃي پهتو. هن نوجوان الطاف شيخ صاحب جو ان زماني ۾ شوق ويو وڌندو مئرين جي وڌيڪ علم ، تعليم حاصل ڪرڻ لاءِميريٽائيم يونيورسٽي مالمو (سويڊن ) منجهان ميريٽائيم ايڊمنسٽريشن انجنيئرنگ ۾ پوسٽ گريجوئيٽ جي ڊگري حاصل ڪيائين بس پوءِ الطاف شيخ صاحب مئرين اڪيڊمي ۾ ملائيشيا جي نوجوانن کي جهاز هلائڻ جا سڀ فن مهارت سان پيو سيکاريندو هو بس پوءِ اتي سکيا کان علاوهه انجنيئرنگ جي مختلف شعبن ۾ مختلف سبجيڪٽن جا درس پيو ڏيندو هو سنڌ جو اديب ۽ سياح صفت سال ۱۹۶۸ع کان وٺي دنيا جي ڪيترن وڏن وڏن سمنڊن ۾ جهاز هلائيندي ملائيشيا، جپان وڃي ڌنگ ڪيائين ۽ سڄي دنيا جي سمنڊن جي ڪنارن جا ديدار پسايا اٿائين، هن سونهن ڀري ڪائنات جي هر خطي کي سياحت ڪندي ڪندي ڏسڻ جو زبردست شرف حاصل آهي. الطاف شيخ کي رب سائين اهڙي ته ڏات سان نوازيو آهي جو هو دنيا جي جنهن به ملڪ ۾ سياحت ڪندي گهميو ان جا نظارا اکين سان ڏٺا آهن هن پنهنجي ڏات ۾ اضافو ڪندي قلم کنيو آهي الطاف شيخ صاحب هر ملڪ جي اتان جي سياسي، سماجي، ثقافتي، زندگي جو گهرائي سان مشاهدو ڪري جيجل سنڌ ڌرتي جي سماجي، سياسي، ثقافتي ڳالهين سان ڀيٽ ڪري سفر ناما لکيا آهن کيس پنهنجي ڌرتي سهڻي نظر اچي ٿي کيس پنهنجي ڌرتي جي ٽقافتي ورثي تي فخر محسوس ٿئي ٿو الطاف شيخ صاحب جي لکڻين سفرنامن جي تحريرن منجهان اها ڳالهه نمايا نظر ٿي اچي ته هو سنڌ جي معاشري کي دنيا جي ٻين معاشرن سان ڀيٽيندو نظر اچي ٿو انهي ڪري هن ملڪ جا ڏات ڌڻي کيس سفرنامن لکڻ جي عيوض کيس سنڌ جو ڪولمبس، سنڌ جو ابن بطوطه ۽ سفرنامن جو بادشاهه جهڙن خطابن سان ياد ڪن ٿا. سنڌ جو هي ڏاهو سياح سنڌي ادب ۾ پهرين تحرير ڪهاڻي جي صورت ۾ ارڙهن ۱۸سالن جي وهي ۾ لکي داخل ٿيو جڏهن هو چٽگانگ اڪيڊمي ۾ تعليم پرائيندو هو، سندس ڪهاڻين جي مجموعي جو نالو (اناميڪا) هو، الطاف شيخ صاحب ٻاهرين ٻولين جي ادب منجهان چونڊ ڪهاڻين جا پنهنجي سنڌي ٻولي ۾ ترجما پڻ ڪيا جن منجهه ڪهاڻي لنڊن تائين لفٽ، سوزي سان پيار، شامل آهن الطاف شيخ صاحب ادبي شروعات ته ڪهاڻيون لکي ڪئي مگر اڳتي هلي هي سهڻو ڏاهو اديب سفرنامي واري صنف جو بادشاهه بڻجي ويو ۽ پنهنجو نالو ڏيهان ڏيهه مشهور ڪرايائين، سندس سفرنامن لکڻ لاءِ هن جي قلم کي ڪڏهن به ننڊ ناهي آئي سنڌي ادب لاءِ سفرناما لکندي لکندي سنڌي ادب جي سونهن ۽ آسودگي ۾ هميشه اضافو ڪندي الطاف شيخ صاحب لڳ ڀڳ ۵۰ کان مٿي ڪتاب سنڌي ادب جي جهول ۾ ڏنا آهن جن منجهان ۴۰ کن ڪتاب سفرنامن سان سرشار لڳا پيا آهن، الطاف شيخ صاحب کي سفرنامن لکڻ جو ڪوڏيو ليکڪ مڃيو وڃي ٿو سندس لکڻي ۾ سلاست ۽ واهه جي بلاغت ۽ روانگي تمام سهڻي ۽ سهنجي لڳي ٿي، الطاف شيخ صاحب پنهنجي لکڻين ۾ نهايت دلفريب ڳالهيون بيان ڪري ٿو ٻين ملڪن جي تاريخ، جاگرافي، ثقافتي، تهذيبي، رنگ، ڳالهين جي نهايت آسان نموني سان بهترين ۽ شاندار ڄاڻ ڏئي ٿو. هن دنيا گهمندي گهمندي دنيا جون مختلف زبانن (ٻولين) جي مهارت رکي ٿو هن ڪيتريون زبانيون سکي اتان جي ملڪن جا دوست ٺاهي انهن سان سندن ئي زبان سان ڳالهائي رلي ملي وڃي ڄاڻ حاصل ڪري سنڌي ادب جي سفرنامي جي صنف کي آسودو ڪري ٿو الطاف شيخ صاحب کي اهو اعزاز پڻ حاصل آهي ته هو چيني، جپاني، ملئي، بنگالي، اردو، انگريزي ۽ سنڌي زبان ماهران طور آساني ڳالها ئي ٿو سندس ۽ دلي لڳاءُ سان سير سفر ڪري سفرنامن ذريعي پنهنجي لکڻين ۾ ڏات ڀري اسان پڙهندڙن کي پاڻ سان گڏ سير ڪرائي ٿو. الطاف شيخ صاحب جي سفرنامن جو پهريون مجھموعو سال ۱۹۷۱ع ڌاري (منهنجو ساگر منهنجو ساحل) نالي سان ڇپجي مارڪيٽ جي سونهن بڻيو تنهن بعد هن جي سفرنامن ڇپجڻ جي برسات وسي پئي، جهڙي طرح سفرنامن ۾ (بندر بازاريون سال ۱۹۷۱) جاني ته جهاز ۾سال ۱۹۷۲ع، پيار جي گهٽ سال ۱۹۷۳ع، دنيا آهي ڪاڪ محل سال ۱۹۷۵ع، سي ٻيڙيون رکين ٻاجهه سين سال ۱۹۷۶ع، وايون وڻجارن جون سال ۱۹۷۶ع، سي ئي جوڀن ڏينهن سال ۱۹۷۷ع، ارائونڊ دي ورلڊ سال ۱۹۷۹ع، ڪويت ڪنارا سال ۱۹۹۸ع، سانبا هو سمونڊ جو سال ۱۹۸۰ع، ڳالهيون تنهن جپان جون سال ۱۹۸۲ع، موج نه سهي مڪڙي سال ۱۹۸۴ع، سينگارپور ويندي ويندي سال ۱۹۸۶ع، دنگيءَ منجهه درياهه سال ۱۹۸۷ع، مڪليءَ کان ملاڪا تائين سال ۱۹۸۷ع، جت جر وهي ٿو جال سال ۱۹۸۸ع، ڳالهيون آهن ڳچ سال ۱۹۸۹ع، سينگارپور ٿو سڏ ڪري، ملائيشيا منهنجي من ۾، اي جرني ٽو ٿائلينڊ، اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا، ڀلي پار تان ڀيرو، رٺي آهي گهوٽ سان (اوڀر جي ملڪن جا پھاڪا ۽ چوڻيون)، يورپ جون راتيون، اي روڊ ٽو مدينه، ڪوالالپور ڪجهه ڪوهه تي، ايران ڏي اڏام، ملائيشيا ڪي دن، سمندر ڪي دن سمندر ڪي راتين، شامل آهن. الطاف شيخ صاحب جي ادبي پورهيي کي سنڌي ادب ۾ تمام گهڻو ساراهيو ويو آهي سندس سفرنامن کي پڙهندڙن جو تعداد به تمام گهڻو آهي الطاف شيخ لاءِ سنڌ جي ڏاهي اديب سان مدد علي سنڌي صاحب پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي لکي ٿو ته سنڌي ٻولي ۾ سفرنامن جي صنف تي جڏهن به تاريخ لکي ويندي ته مورخ جو قلم يقينن الطاف شيخ جي نانءَ تي اچي بيهي رهندو، الطاف شيخ صاحب اهو اڪيلو ليکڪ آهي جنهن سفرنامن ذريعي سنڌي ٻولي کي تمام گهڻو خزانو ڏنو آهي، سنڌ جو هي بهترين سياح هن وقت رٽائرمينٽ واري زندگي پنهنجي گهر وارن سان ڪراچي منجهه گذاري ٿو سندس ادبي قلم سفرنامن لکڻ کان رڪيو ناهي سندس اهو سلسلو اڃان تائين جاري ساري آهي سفرنامن جو هي بادشاهه ۱۴ نومبر ۲۰۱۷ع اڱاري ڏينهن پنهنجي زندگي جو ۷۳هون جنم ڏينهن ملهائي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيندو سندس ادبي لڏي جا سڀئي ساٿي کيس جنم ڏڻ جون مبارڪون پڻ چوندا منهنجي هن ڏاهي سياح اديب لاءِ رب سائين جي بارگاهه منجهه دعائون آهن ته هو وڏي ڄمار سان گڏ سٺي صحت ماڻي ته جيئين پنهنجي ادبي ڪرت سان سنڌي اديب کي آسودو ڪندو رهي. الطاف شيخ سفرنامن جو بادشاهه نسرين الطاف الله تعاليٰ دنيا ۾ جڏهن به ڪنهن انسان کي موڪلي ٿو ته ان جي ذمي ڪو نه ڪو ڪم ضرور رکي موڪلي ٿو. وقت سان گڏ اهي خوبيون ان ماڻهوءَ ۾ ظاهر ٿينديون آهن ۽ الله تعاليٰ بهتر ڄاڻي ٿو ته سندس اهو بشر ضرور سندس اميدن تي پورو لهندو. سچ ته انسان کي خدا تعاليٰ عقل ۽ دانش ڏنو ئي ان لاءِ ته هو هن دنيا جي ڳجهن، ڪائنات جي رنگن کي پسي. انسانن جي ڏکن سکن کي محسوس ڪري. ماڻهو جي دل ۾ سچائي همدرديءَ ۽ محبت جو گهر اڏيل هجي، جنهن مان هو محبتون ميڙي ڪائنات جي هر بشر ۾ ورهائي. خدا تعاليٰ عروج ۽ زوال ٻئي بڻايا آهن. عروج ملڻ تي انسان ۾ تڪبر ٿو اچي يا انڪساري؟ ۽ جنهن انسان ۾ عاجز و نياز نوڙت ۽ انڪساري آهي سچ ته اهو ماڻهو عظيم بڻجي وڃي ٿو. ڪم ڪرڻ پنهنجو پاڻ مڃائڻ انسان جي جبلت ۾ موجود آهي. انهن ماڻهن مان ڪجهه ماڻهو پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ڪندي پنهنجي سماج ۽ معاشري ۾ بهتر نموني حصو وجهندا آهن ۽ هميشه لاءِ امر بڻجي ويندا آهن. انهن امر ڪردارن مان الطاف شيخ به هڪ آهي. پنهنجي سڄي زندگي سمنڊ جا سفر ڪندي گذاريندڙ الطاف شيخ هڪ مشهور اسڪالر، پروفيسر ۽ بهترين سفرناما لکندڙ آهي. الطاف شيخ ۱۴ نومبر ۱۹۴۴ ۾ هالا شهر ۾ ڄائو. هالا جي اوڀر ۾ شهدادپور شهر آهي. پاڙيسري هجڻ جي ناتي ۽ بهترين سفرناما لکڻ ڪري الطاف شيخ سان هميشه روحاني محبت ۽ ويجهڙائپ رهي آهي. پيٽارو مان تعليم حاصل ڪندڙ الطاف شيخ هميشه سمنڊ جي لهرن ۽ موجن ۾ رهيو آهي. سندس دل به سچ ته محبتن جو سمنڊ آهي، جنهن ۾ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهوءَ لاءِ محبت سمايل آهي. سندس ۷۰ کان وڌيڪ سفرنامن کي پڙهڻ سان ڄڻ ته پڙهندڙ پاڻ کي ان سفر جو حصو ٿو سمجهي. بهترين طريقي سان سفر جون سڀئي دلچسپيون، ڏکيائيون سکيائون لفظن وسيلي سفرنامن ۾ سهيڙڻ جو فن الطاف شيخ کي تمام دلفريب ۽ دل لڀائيندڙ انداز ۾ بيان ڪرڻ اچي ٿو. سمنڊ جهاڳي جهاز هلائڻ ته سندس پيشو هو، سندس روزي هئي ۽ سخت نوڪري هئڻ باوجود سندس لکڻيون گهٽيون نه بلڪه وڌيون. سندس چوڻ آهي ته جيئن ڪو نشئي ماڻهو نشي بنا نٿو رهي سگهي، تيئن منهنجي دل هر وقت لکڻ پڙهڻ تي چوندي آهي. الطاف شيخ هڪ سائنسي سوچ رکندڙ ۽ جديد دنيا جي سڀني پئمانن کي پنهنجي سمنڊ جهڙي وسيع دل ۾ سمجهڻ ۽ قبول ڪري دنيا جي کوج ڪرڻ، ان جون جاگرافيائي حالتون پرکي پوءِ ان کي لفظن جو روپ ڏئي سفرنامن ۾ سهيڙي قاريءَ تائين پهچائڻ سندس مقصد رهيو آهي. ان سامونڊي وڻجاري ۾ سگهه آهي جيڪا تخليق جو سفر ڪري واقعن ۽ سفري حالتن جي زنجير ٺاهي خوبصورت لفظن ۽ خيالن جي ماڻڪ موتين جي مالها ۾ پروئي پڙهندڙن تائين پهچائي انهن کي فيضياب ڪري ٿو. ان ڄاڻ کان، انهن حالتن کان جن کي هو محسوس ڪري ٿو. شاهه جي سر سامونڊيءَ ۾ به ته شاهه سائين اهڙن ئي سامونڊين جو ذڪر ڪري ٿو، جيڪي سمنڊ جي خطرناڪ لهرن سان جان جوکي ۾ وجهي وڙهن ٿا. الطاف شيخ به سمنڊ جا سفر اجايا نه ڪيا، بلڪه انهن کي تخليقي روپ ڏئي سجايو ڪيو. کاري کيڙائُو، مَٿي مِٺي موٽيا؛ سَودو ڪَنِ نه سونَ جو، وَڏا وِهائُو؛ موتِي جي مَهراڻَ جا، تِن جا طاماعُو؛ سامُونڊِي سائُو، لَنڪا لوپي آئِيا. الطاف شيخ پنهنجن سفرنامن ۾ سنڌ جي ماڻهن کي سڄي دنيا جي تڏهن ڄاڻ ڏيندو هو، جڏهن انٽرنيٽ ۽ گوگل جو ڪو وجود ۽ تصور نه هو. سمنڊ جو هي وڻجارو پنهنجي طريقي سان سنڌين لاءِ عالمي ڄاڻ جي گهري سمنڊ ۾ ڄاڻ جو خزانو رکندڙ هڪ بهترين ليکڪ آهي. جنهن جي سفرنامن ۾ مثبت ۽ انداز ۾ سندس هر دليل جي شروعات ۾ ئي سنڌ ۽ دنيا جي ڀيٽ ڪيل آهي. جيئن ڪنهن به ملڪ جي لباس، کاڌي يا آبهوا جي ڳالهه ڪيل هوندي. ان جي ڀيٽ سنڌ جي انهن شين سان ڪيل هوندي، جيڪي سنڌ جي ثقافت، حالتن جي نشاندهي هوندي. الطاف شيخ جي سفرنامن جو پهريون پهلو عالمي ڄاڻ، ٻيو پهلو سنڌ سان ڀيٽ، ٽيون پهلو وري ذات نسل رنگ قوم مذهب ۽ هر قسم جي سماجي هيٺائين مٿاهين کي ڇڏي انسانيت تي اڏول رهڻ، سندس سامونڊي سفر جا تجربا سنڌ جي سامونڊي ڪنارن تي اثرانداز ٿين ٿا. سندس لکڻ جي مهارت وقت سان گڏ تمام پختي ۽ مستند آهي. الطاف شيخ جي سفرنامن کي پڙهندي سيلاني ماڻهوءَ جي تشنگي وڌي ٿي. هر ماڻهوءَ جي اندر ۾ گهمڻ ڦرڻ ۽ دنيا جا دلفريب نظارا پسڻ جي خواهش ضرور هوندي آهي پر سڄي دنيا ڏسڻ ۽ پسڻ ان جي وس ۾ نه هوندي آهي. پر الطاف شيخ جا سفرناما سڄي دنيا پسرائين ٿا. يا سفر سان چاهه ۽ نوان ماڳ مڪان ڏسڻ جو اتساهه ۽ شوق پيدا ڪن ٿا. بحري ۽ هوائي جهازن تي نوڪريون ته ڪيترا ئي ماڻهو ٿا ڪن ۽ دنيا به گهمن ٿا پر پنهنجن تجربن ۽ مشاهدن کي بيان ڪرڻ جي ڏات ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه هوندي آهي. لڳ ڀڳ پوري دنيا گهمندڙ، بن بند جهاڳيندڙ، ان جهانگيئڙي نه رڳو پنهنجن تجزين ۽ مشاهدن کي قلمبند ڪيو آهي پر سفرنامن ۾ سنڌ جي ماڻهوءَ لاءِ کوڙ نصيحتون به ڪيون آهن. الطاف شيخ جي سفرنامن جي هڪ خاص ڳالهه ته ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ وارن جو اونو، اڄ جو اونو مستقبل جو اونو، سندس سوچ ۾ اها ڳالهه ۽ جيڪو ان ملڪ ۾ آهي، سو منهنجي سنڌ ۾ ڇو نه آهي، سندس اکين ۾ اهو خواب هوندو آهي ته منهنجي سنڌ به ايئن شاد آباد هجي جيئن هيءَ سرزمين آهي. منهنجي سنڌ جي تعليم، صحت ۽ ادارن جو نظام ايئن هجي جيئن دنيا جي ٻين اسرندڙ ملڪن ۾ آهي. دنيا جو نوجوان نسل اڳتي وڌي پيو ته سنڌ جو نوجوان احساسِ محرومي ۽ بيروزگاريءَ جو شڪار ڇو؟ دنيا جا ماڳ مڪان سياحت جو سياحن لاءِ مرڪز ته پوءِ سنڌ جا ماڳ مڪان جيڪي تمام گهڻي اهميت وارا آهن سي لاوارث ڇو؟ انهن جي وارثي ڇونه آهي. سندس سفرنامن ۾ اهي سڀ بي چينيون محسوس ٿين ٿيون، جيڪي سوال پڻ ڪن ٿيون. سچ ته ان سامونڊيءَ جي دل ۾ هر وقت سنڌ وسيل آهي. سنڌ ان سامونڊيءَ جو مرڪزي نگاهه آهي. هو سنڌ سان بيحد محبت ڪري ٿو. سنڌ سندس مقصد جي حاصلات آهي. هو پنهنجي سفرنامن کي پنهنجي ڌرتي پنهنجي جنم ڀومي جي پيرائن ۽ ڀوڳنائن کي محسوس ڪندي ٻاهرين سماج ۾ فرق ۽ تضاد بابت ڄاڻ ۽ باخبر ڪيو، نه رڳو انهن اوڻائين جي نشاندهي ڪئي، جيڪي سنڌ جو ماڻهو ڀوڳي ٿو پر ان ڄاڻ جي آڌار تي انساني تبديلي ۽ نوان رستا ٺاهڻ جي واٽ به ڏسي ٿو. سنڌي ٻولي ۾ لکڻ ۽ سنڌي ادب کي هڪ نئين صنف ڏيڻ تي الطاف شيخ جس لهڻي. الطاف شيخ جا سڀئي سفرناما منهنجي لائبريريءَ ۾ موجود آهن. جيئن ته مان طبيعتن گهمڻ ڦرڻ جي شوقين آهيان پر مونکي خبر آهي مان دنيا نٿي گهمي سگهان پر الطاف شيخ جا سفرناما پڙهي ڄڻ ته دنيا گهمي ورتي آهي. سندس لفاظي ۽ منظرڪشي سچ ته مونکي انهن ماڳ مڪانن جي تصوراتي دنيا ڏانهن وٺي ٿي وڃي. دعا ته شال الله سائين الطاف شيخ کي همٿ، صحت ۽ تندرستي ڏئي ته هو سنڌ واسين لاءِ اهڙا ڪيترا ئي سفرناما لکي. الطاف شيخ سفرنامن جو برک ليکڪ ڊاڪٽر رابيعه چانڊيو جڏهن کان هي ڌرتي وجود ۾ آئي آهي، تڏهن کان هن ڌرتي جي ڇاتيءَ تي ڪي اهڙا انساني ضرور پيدا ٿيا آهن، جن هن ڌرتيءَ کي سنواريو آهي ۽ تاريخ جو اهم حصو بڻيا آهن. ڪي ماڻهو به گلن وانگر هجن ٿا، جيڪي پنهنجي خوبصورت ڪردار، صلاحيتن، ڏات ۽ ڏانءُ جي خوشبوء سان هن ڌرتيءَ کي مهڪايو آهي؛ جن کي تاريخ ۾سنهري لفظن سان لکيو وڃي ٿو. بيشڪ الطاف شيخ به انهن انمول هيرن مان هڪ آهي، جيڪو پنهنجي خوبصورت ڪردار ۽ جدوجهد سان ٻين لاءِ اتساهه بڻيل آهي. الطاف شيخ هڪ مشهور اسڪالر، وزٽنگ پروفيسر، ميرين انجنيئر، ۽ سفرنامن جو برک ليکڪ آهي. جيڪو ۱۹۴۴ع ۾ پيدا ٿيو ۽ بنيادي تعليم هالا مان ۽ پوءِ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو مان حاصل ڪئي. جنهن بعد ميرين انجنئرنگ جي سکيا ورتي، هي سدا سيلاني مختلف سامونڊي جهازن جو چيف انجنئر رهيو آهي. ان کان علاوه ادب جي دنيا ۾ ۸۰ کن ڪتاب لکيا آهن، جن ۾ سفرناما شامل آهن. الطاف شيخ هر ڪم سان سچو ۽ ڪميٽڊ رهي ٿو. سندس لکيل سفرنامن ۾ مختلف ملڪن جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي، جڳھيون، رنگ روپ، ٻولي، ثقافت بيان ڪئي آهي ۽ انهن سفرنامن ۾ اهڙي ته خوبصورتي سان منظرنگاري ٿيل آهي جو ڪو به پڙهندڙ ان سفرنامي ۾ بلڪل سمائجي وڃي ٿو ۽ ايئن محسوس ڪري ٿو جيئن واقعي هو اُن ملڪ جو سير ڪندو هجي. ڪجهه به لکڻ لاءِ ڏات ۽ ڏانءُ جي ضرورت هوندي آهي، جنهن کي ڪنهن به پڙهندڙ جي دل ۾ اتساهه ۽ ڪجهه ڪرڻ جو جوش پيدا ٿئي. اهو ڏات ۽ ڏانءُ الطاف شيخ ۾ موجود آهي، سندس لکيل سفرناما وڏي چاهه منجهان پڙهيا وڃن ٿا. بزرگ توڙي نوجوان وڏي شوق سان سفرناما خريد ڪن ۽ پڙهن ٿا. ويندي اُنهن فردن تائين جيڪي پنهنجي گهرن تائين محدود آهن ۽ جيڪي ڪيترن ئي پريشانين ۽ مايوسين کي منهن ڏين ٿا، سي به الطاف شيخ جا سفرناما پڙهي راحت محسوس ڪن ٿا ۽ ڪجهه ٽائيم لاءِ رليڪس محسوس ڪن ٿا. الطاف شيخ اهڙين خوبصورت لکڻين سان نه صرف سنڌي ادب کي سونهن بخشي آهي، بلڪه تمام وڏو احسان به ڪيو آهي. هن نئين ٽهي کي به ايترو سٺو لکڻ لاءِ همٿ افزائي ڪئي آهي. الطاف شيخ جڏهن به پرڏيهه مان ڏيهه ايندو آهي، تڏهن سنڌ جي يونيورسٽين ۾ ليڪچر ڏيندو آهي، جنهن ۾ هو شاگردن کي مسئلن جو حل ٻڌائيندي وڌ کان وڌ تعليم حاصل ڪرڻ جي نصيحت ڪندو آهي. بقول الطاف شيخ جي، تعليم ئي هر مسئلي جو حل آهي. جيڪي به قومون ڪامياب ۽ اڳيان آهن، سي سڀئي تعليم ۾ اڳيان هجڻ جي ڪري ئي ڪامياب آهن. سندس نصيحتن ۾ اها نصيحت به شامل هوندي آهي ته نوجوانن کي ملڪ کان ٻاهر جي دنيا به ڏسڻ کپي. اتان جي خوبصورتين کان واقف ٿيڻ کپي. اهڙي طرح الطاف شيخ نوجوانن جي همت افزائي ڪري خوشحال زندگي گذارڻ جا درس ڏيندو آهي. هونئن ته سنڌي ادب ۾ ڪيترائي سٺي شخصيت رکندڙ اديب آهن پر الطاف شيخ سڀن کان الڳ ۽ منفرد شخصيت جو مالڪ آهي. الطاف شيخ انيڪ ملڪن ۾ سڃاتو وڃي ٿو، سندس هزارين مداح آهن، جيڪي هن سان ملڻ لاءِ منتظر هوندا آهن ۽ نوجوانن جي لاءِ رول ماڊل آهي پر هن انسان ۾ ڪنهن به قسم جي وڏائي يا غرور ناهي. هي بلڪل سادو ۽ فقيراڻي طبعيت جو مالڪ آهي، هو هر وزٽ تي پنهنجي مداحن سان گڏجي وڏي دلچسپي سان فوٽو ڪڍرائيندو آهي. مان سمجهان ٿي ته اها اسان نوجوانن جي لاءِ خوشقسمتيءَ جي ڳالهه آهي ته اسان الطاف شيخ جهڙي شخصيت جي دور ۾ پيدا ٿياسين ۽ ساڻس ملياسين به. تنهن ڪري اسان نوجوانن کي گهرجي ته سندس ڏسيل صلاحن تي عمل ڪريون، وڌ کان وڌ تعليم حاصل ڪري نه رڳو پنهنجي زندگي خوشحال بڻايون بلڪ پنهنجي سماج ۾ موجود هر فرد لاءِ ڪارائتا ثابت ٿيون. الطاف شيخ نيڪ خواهشون انهن هٿن لاءِ جيڪي هڪ وقت دعا لاءِ کڄندا آهن ۽ ٻئي وقت لکڻ لاءِ رکيل مورائي اڄ ان شخص/ ليکڪ جو جنم ڏينهن آهي، جيڪو پنهنجو مثال پاڻ آهي. شايد دنيا جي ادب ۾ اهڙو ٻيو مثال اڄ جي تاريخ تائين ملي نه سگهي، ڇاڪاڻ ته ادب ۾ اڄ جنهن تيزيءَ سان واڌارو آيو آهي، اوترو ئي تيزيءَ سان سائنس جي نين ايجادن پڻ انسان کي معلومات ميسر ڪرڻ شروع ڪئي آهي. اڄ هڪ منٽ جي سٺ سيڪنڊن ۾ اسين سٺ ملڪن بابت معلومات حاصل ڪري سگهون ٿا، پر هڪ اهڙو زمانو به هئو، جنهن کي جديد زمانو ته ڪوٺي سگهجي ٿو پر ان کي ڪمپيوٽر جو زمانو ڪوٺي نه سگهبو، ان زماني ۾ معلومات ايتري تيزيءَ سان نه پهچندي هئي، جيتري اڄ ملي رهي آهي. ها ان دور ۾ دنيا جي معلومات هن جي سفر نامن مان ملندي هئي، اهي سفرناما پڙهي، اسان انهن ملڪن جي ڄاڻ حاصل ڪندا هئاسين جن ملڪن ۾ هو موجود هوندو هئو. اڄ سندس سفرنامن جو انگ هڪ سئو کان ڪجهه گهٽ هوندو ۽ ايترو انگ دنيا جي ڪنهن به ليکڪ جي سفرنامن جو شايد ئي هجي، سنڌ جي آڳاٽي معلومات اسان کي، ابن بطوطا سميت دنيا جي ٻين ڪيترن ئي سياحن جي سفرنامن مان حاصل ٿيندي هئي، ايئن دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن بابت معلومات اسان کي هن جي سفر نامن مان حاصل ٿيندي هئي، اڄ محسوس ٿي رهيو آهي ته ان دور ۾ جيڪو چاليهه سال کن اڳ جو آهي، جڏهن به ڪو سنڌي نوجوانن ٻاهر وڃڻ چاهيندو هئو ته اهو سندس سفرنامن مان گهربل معلومات حاصل ڪندو هئو، بلڪل ايئن جيئن اڄڪلهه گوگل ۽ ٻين ويب سائيٽس تان معلومات حاصل ڪجي ٿي، خود هو به چاهيندو هئو ته سندس سفرنامن ۾ ڏنل معلومات مان سنڌي گهڻي گهڻي معلومات حاصل ڪن، ان ڪري، هو اهڙي ئي نموني تفصيل ڏيندو هئو، ان شخص ليکڪ جو نالو لکڻ لاءِ مان نهايت ادب سان ۽ قلم کي اکين سان لڳائي لکڻ چاهيان ٿو جيڪو آهي، الطاف شيخ! سنڌ شايد خوش نصيب آهي ۽ سنڌي ادب ڀاڳ وارو آهي، جنهن کي شاهه کان پوءِ ٻه شيخ مليا ۽ ٻئي اهڙا آهن جن جي نالي سان ڪنهن مثال، تشبيهه ۽ تميل جي گهرج نه آهي. هڪ شيخ اياز آهي ۽ هڪ الطاف شيخ آهي. شيخ اياز پنهنجي شاعريءَ جي معرفت جيڪو سنڌي ادب کي سُڪار بخشيو آهي اهو پنهنجو مٽ پاڻ آهي ۽ الطاف شيخ پنهنجي نثر، خاص طور سفري نثر معرفت سنڌي ادب کي جيڪا خوشحالي ڏني اها پنهنجو مٽ پاڻ آهي. هن ادبي طور سنڌي نثري ادب کي ته مالامال ڪيو ئي آهي پر ان ادب ۾ هن سنڌي پڙهندڙ کي جيڪا ڄاڻ ڏني آهي اها ايتري گهڻي آهي جو اها اڄ لکت ۾ شال ماپي سگهي. ڪنهن به ادب ۾ ڪي صنفون جڏهن ايجاد ٿينديون آهن ته انهن کي وڌڻ ويجهڻ ۾ چڱو وقت لڳندو آهي، پر سنڌي ادب ۾ سفر نامي کي هڪ صنف طور الطاف شيخ ايترو تيزيءَ سان مٿي کڻي آيو، جنهن جو به شايد مثال ادب ۾ ٻيو نه ملي سگهي. سفر نامو ڇاکي چئجي ٿو. اهو الطاف شيخ جي سفرنامن کي پڙهي سمجهي سگهجي ٿو. جيتوڻيڪ سفرنامن سان گڏ، اڻ سڌي نموني يا سڌي نموني، هن پنهنجون يادگيريون به ڏنيون آهن ته پنهنجا تجربا به، ساڳئي وقت هن جن ملڪن ۾ ڪجهه وقت گذاريو آهي، انهن ملڪن جي ادب/لوڪ ادب/چوڻين ۽ پهاڪن وغيره کي به نه صرف پڙهيو ۽ پروڙيو آهي، پر انهن جي ڄاڻ به سنڌي ماڻهن کي ڏني آهي، ان کان سواءِ سندس بيو هڪ ڪم اهو به آهي ته دنيا ۾ رهندڙ ۽ کيس موهيندڙ اديبن جي لکڻين کي ترجمو ڪري اسان کي انهن جي ادب ۽ مزاج کان به واقف ڪيو ۽ اهو سڀ جنهن وقت هن ڪيو، ان وقت اسان وٽ ٻاهران جو ايترو ادب ترجمو نه ٿيندو هئو. معلومات جا وسيلا به بنهه گهٽ هئا. ان وقت الطاف شيخ پنهنجي سفر نامن ۾ اهو به ٻڌايو ته هو جنهن ملڪ ۾ آهي ان ۽ سنڌ ۾ مختلف حوالن سان ڪهڙيون هڪ جهڙايون آهن ۽ ڪهڙيون انفرادتيون آهن. جنهن مان ايئن لڳندو هئو ته هن دنيا جي ڪنهن ڪنڊ ۾ هوندي به سنڌ، سنڌي ادب ۾ سنڌي ماڻهن کي نه وساريو. دنيا جي ماڻهن جي خوشحالي ۽ ڏکن سکن سان سنڌ کي ڀيٽيو ۽ ڪي نتيجا سامهون آندا، جن مان سنڌي ماڻهن گهڻو ئي پرايو. ها! مٿيون سڀ ماضي هئو، جنهن جو ذڪر مان ڪري رهيو هوس، ڪڏهن ڪڏهن ماضي فخر لائق هوندو آهي، حال هيڻو هوندو آهي، قومون يا ته ماضيءَ ۾ جيئنديون آهن يا مستقبل جي خوابن ۾! ايئن شخص سان به ٿيندو آهي، پر هيءُ شخص/ليکڪ الطاف شيخ انهن شخصن/ليکڪن مان آهي جنهن ماضيءَ، حال ۽ مستقبل کي ڳنڍي رکيو آهي، هو پاڻ جڏهن کان لکڻ لڳو آهي، جيڪو اسان جو ماضي آهي، اڄ تائين اسان جي حال تائين لڳاتار لکي رهيو آهي، هاڻ هو پنهنجي اڇي سونهاريءَ ۾ نماز جي پنجن وقتن وانگر، لکڻ کي عبادت سمجهي ٿو. هو لکڻ جي معاملي ۾ سچل وانگر جو دم غافل سو دم ڪافر ٿيڻ کان ڪوهين ڏور آهي، ۽ جنهن شخص/ليکڪ لاءِ لکڻ عبادت هجي، ان کان سندس آخري ساهه تائين قلم نٿو ڇڏائجي سگهي. هونئن به اسلام ۾ واهه کوٽائڻ، وڻ پوکائڻ ۽ ڪتاب لکڻ صدقه جاريه آهي ۽ الطاف شيخ پنهنجي حصي کان وڌيڪ ڪتاب لکي پنهنجي ان عبادت کي دوامُ بخشيو آهي، اڄ سندس جنم ڏينهن آهي ۽ جڏهن ماڻهن جي اڪثريت دعائن مان ويساهه وڃائي ويٺي آهي، ان وقت آئون سندس صحت ۽ عمردرازيءَ لاءِ دعاگو آهيان، خاص طور انهن هٿن جي سلامتيءَ لاءِ جيڪي هڪ وقت دعائن لاءِ کڄندا آهن ۽ ٻئي وقت لکڻ لاءِ تيار ٿيندا آهن. اڻ ميون نيڪ خواهشون سندس جنم ڏينهن تي،کيس مبارڪن سان گڏ ڪجهه لفظن جي ڀيٽا، اميد اٿم ته سندس بارگارهه ۾ قبول پوندي. الطاف شيخ دنيا جو وڻجارو اڄ سنڌ جي سپوت، سنڌين کي سڄي جڳ کان سنڌيءَ ۾ واقف ڪرائيندڙ، پاڪستان جي پهرين خودڪار جهاز کي هلائيندڙ مئرين انجنيئر، مليشيا، جپان ۽ ٻين ملڪن ۾ پڙهائيندڙ مانواري الطاف شيخ جو جنم ڏينهن آهي. پنهنجي ذاتي حوالي سان هن سان گڏ سندس وني ۽ ٻه نياڻيون آهن پر قوم کي هن ۷۰ ورهين ۾ ۷۸ ڪتاب ڏئي جيڪو ڪم ڪيو آهي، اهو بي مثل آهي. ان جي پوروڇوٽ ٻيو ڪير به ڪونهي. سنڌ ۾ جڏهن گليور، مارڪو پولو، ابنِ بطوطه، ابن انشا، جي الانا ۽ ٻين جي سفرنامن جي هاڪ هئي، سنڌ دنيا کي انهن سفرناما لکندڙن جي اکين سان پئي ڏٺو، تڏهن حيدرآباد جي پسگردائي جي سڀ کان مشهور شهر ”هالا نوان“ ۾ الطاف شيخ جهڙو املهه ماڻڪ پيدا ٿيو هيو جنهن ”بندر ديسان ديس“ کان پنهنجي جهازي سفر کي شروع ڪري، سنڌ کي پنهنجي دل جي محراب ۾ رکي، انسانيت ۽ فضيلت کي ساڻ کڻي محنت ۽ اورچائي سان دنيا جي گهاٽ گهاٽ جا پاڻي پي اتي جي انسانن، شهر، ماڳن ۽ مڪانن، علم ۽ صحت ۽ ڪهاڻين توڙي چوڻين ۽ سفر جي تڪليفن ۽ لذتن جي باري ۾ لکڻ شروع ڪيو هيو. سنڌ جي نوجوانن ۾ ۷۰ ۽ ۸۰ جي ڏهاڪن ۾ غيرسياسي ادب ۾ فڪشن ۾ جيڪو ڪم امر جليل ۽ نجم عباسي جو سامهون آيو، ٻهراڙي جي ٺيٺ روايتن ۽ سماج کي جنهن نموني نسيم کرل لکيو، استاد بخاري جي عوامي اظهار جا نوان نوان مظهر سامهون آيا هيا، تيئن الطاف شيخ پنهنجي مسلسل محنت سان هڪ وڻجاري، هڪ سائل، هڪ سيکڙاٽ، هڪ چاهيندڙ، هڪ ٻاڏائيندڙ مسافر جيئان در در وڃي، وطن وطن جي ولين جا واس وٺي، سٺي ۽ خراب کي جيئن ڏٺو تيئن قلمبند ڪري ڇڏيو. سفرناما لکندڙ جيڪڏهن ڪنهن ملڪ جو ايجنٽ يا عيوضي ناهي ته پوءِ هو جيڪي ڪجهه ڏسي ٿو، ان جي ”ايئن هجڻ“ جا سبب ڳولڻ بدران جيڪي ڪجهه نظر اچي ٿو، اهو لکي ٿو. مسٽر الطاف شيخ کي پڻ اها سهولت ميسر رهي آهي ته هو پاڪستان مئرين انجنيئر جي حيثيت سان سڄي دنيا ۾ ويو، دنيا کي ڏٺو، گهميو ڦريو، ماڻهن سان رلي ملي ويو. سڄي دنيا جي تهذيبن جي چڱاين جو عرق پنهنجي دماغ ۾ اوتي، ان جو تولو ساڻ کڻي، ان جي خوشبو جا وڻ سنڌين کي سونگهايا، ڏيکاريا ۽ ٻڌايا. هو سياح وانگر سياحت ڪندڙ به آهي ۽ سفر ڪندڙ جيئان مسافر به آهي. هن اها ڳالهه برمودا جي ٽڪنڊي تي به ڪانه ڏٺي هئي ته سندس ڇا ٿيندو ۽ هن آفريقا ۽ آمريڪا ۾ وڃي به نه ڏٺو هيو ته هو ڪٿي پهتو آهي. سڄي دنيا جا عالم ان ڳالهه تي سهمت آهن ته گڏ رهڻ، ساڻ گهمڻ، ڪتاب پڙهڻ سان انساني قدرن جي پروڙ به پئي ٿي ۽ انهن مان جيڪي بهتر آهن سي پاڻ تي لاڳو ڪرڻ جي عادت به پئي ٿي. الطاف شيخ سنڌين کي رڳو دنيا نه ڏيکاري آهي، رڳو دنيا جا قدر نه ڏيکاريا آهن، رڳو دنيا جي عوامن جي محنت باري ۾ نه ٻڌايو آهي، رڳو جپان، چين، مليشيا جي محنتي عوام بابت ئي نه ٻڌايو آهي پر انهن محنتي قومن جي ملڪن وٽ پاڻ کي پڻ مڃايو آهي. هو سنڌ جو اهو سفرناما لکندڙ ۽ مئرين انجنيئر آهي جيڪو ۷۰ ورهين ۾ ڪنهن وقت به جپان طلب ڪيو وڃي ٿو ته ”اسان کي اچي پڙهاءِ“ ۽ اهڙا سڏ پڙاڏا کيس مليشيا ۽ چين مان به اچي سندس ڪنن تي ٻُرن ٿا. انگريز چون ٿا ته ”جيڪو گهمي نه ٿو سگهي اهو سکي نه ٿو سگهي“. چين ۾ چوندا آهن ته ”سفر جون ڏنگايون ۽ چڱايون گهر واپس اچڻ تي پراڻي وهاڻي تي ٽيڪ ڏيڻ واري گهڙيءَ وڌيڪ فرحت بخشين ٿيون“ آمريڪي چون ٿا ته ”جنهن بهتر ملڪ گهميا ته اهو بهتر سکندو پر جنهن جي ڀاڳ ۾ خراب ملڪ گهمڻ ۾ اچي ويا ته مسافر انهن مان لطف وٺي سگهن ٿا.“ جرمني ۾ چوندا آهن ته ”دنيا ۾ پنهنجي وطن کان پري، اڻ واقف شهر ۾ صبح جو اڪيلو اٿڻ جهڙو مزو، ٻيو ڪٿي به ڪونهي.“ الطاف شيخ پنهنجي سڄي ڄمار جيئرو رهڻ جو انتظار ڪرڻ بدران زندگيءَ جي هر گهڙيءَ، هر لحظي ۽ هر لمحي مان مزو به ورتو آهي ۽ جيڪي سکي سگهيو آهي، اهو سنڌين کي لکي ڏنو آهي. هن کي اها خبر آهي ته ويهه ورهيه ڪجهه نه ڪرڻ ۽ ويهه ورهيه پوءِ ان تي پڇتائڻ بدران سڀ ڪجهه اڄ کان ئي شروع ڪرڻو آهي. سنڌ لاءِ الطاف شيخ ”دنيا جو سونهون آهي.“ سنڌي ادب ۾ هو ”سفرنامن جو قليچ بيگ“ آهي. هن ڏيهه ڏيهه جي وڻ وڻ منجهان واسُ وٺي سنڌ کي عطا ڪيو آهي. غربت ماري سنڌ جي زمين جا لکين پڙهيل سندس ٿورائتا آهن، جنهن جي لکڻين جي ڪري اهي نوجوان ۽ هر عمر جا انسان دنيا جي باري ۾ ڄاڻ رکن ٿا. سنڌ، الطاف شيخ جي ڪري اڻ ڄاتي دنيا کي ڄاڻڻ شروع ڪيو آهي. هن جي ڪيل لکين ميلن جي مسافري ۽ سندس هٿن سان لکيل لکين اکرن جا ڪتاب سندس محنت ۽ عظمت جي جيئري گواهي آهن. روزاني ”عوامي آواز“ پاران سنڌ جي سرجڻهار، سامونڊي انجنيئر، پروفيسر، ۷۸ سنڌي، اردو ۽ انگريزي سفرنامن لکندڙ مانواري الطاف شيخ جي ۷۰ سال شروع ٿيڻ تي، سندس جيئري ڀيٽا پيش ڪندي سندس جنم ڏينهن تي لک لک واڌايون ڏيندي پاڻ کي وڌيڪ باعزت سمجهئون ٿا. شال سدا خوش ۽ آباد هجي. ايڊيٽوريل؛ روزاني ”عوامي آواز“ خميس ۱۴ نومبر ۲۰۱۳ع / ۹ محرم ۱۴۳۵ھ الطاف شيخَ کان انٽرويو پروفيسر ڪوثر ميمڻ پاڻي جا جهاز هلائيندڙ ۽ سفرناما لکندڙ مـشهور شخصيت الطاف شيخ هڪ ٽيچر پڻ آهي. هن نوڪريءَ جا آخري ويهه سالَ باقاعدگي سان پڙهايو ۽ مختلف نيول اڪيڊمين ۾ ”مئرين انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ“ جو هيڊ ٿي رهيو. رٽائرمينٽ کانپوءِ به هو اڄ تائين وزٽنگ پروفيسر جي حيثيت سان دنيا جي مختلف يونيورسٽين ۽ تعليمي ادارن ۾ نه فقط جهاز سازي تي پر سنڌي سفرنامي تي به ليڪچر ڏيندو رهي ٿو. الطاف شيخ ۱۴ نومبر ۱۹۴۴ع تي هالا ۾ ڄائو. مئٽرڪ ۽ انٽر ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان ڪرڻ بعد هن مئرين انجنيئرنگ (جهازن جي انجنيري) چٽاگانگ، بنگلاديش (ان وقت مشرقي پاڪستان) مان ڪئي ۽ پوءِ پوسٽ گرئجوئيشن WMU يونيورسٽي، مالمو (سئيڊن) مان ڪئي. ۱۵ سال کن لڳاتار دنيا جي سمنڊن تي، مختلف قسمن جا جهاز هلائڻ بعد هن ملائيشيا ۾ ڪناري جي نوڪري اختيار ڪئي. پاڻ ۷۵ کان مٿي ڪتابن جو مصنف آهي سندس ڪالم پاڪستان ملائيشيا ۽ جپان جي اخبارن ۾ ايندا رهن ٿا. سندس زال مستوران گهلو دادو جي آهي ۽ کين ٻه ٻار مريم (جيجل) ۽ مارئي آهن. هتي گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج نواب شاهه جي ليڪچرر مئڊم ڪوثر ميمڻ جي ڪراچيءَ ۾ساڻن ٿيل ڳالهه ٻولهه جو احوال ڏجي ٿو. (ادارو) ڪوثر:- ڇوڪرين جي تعليم بابت توهان جا ڇا ويچار آهن؟ الطاف:- تعليم هر انسان لاءِ ضروري آهي. تعليم يافته ڇوڪري سٺي ماءُ ٿي ٻارن جي صحت، اخلاق ۽ تعليم جو خيال ڪري ٿي، سٺي زال بنجي مڙس جي ڪمائيءَ موجب سٺي نموني گهر هلائي ٿي ۽ گهر جي ماحول کي خوشگوار بنائي ٿي. ۽ منهنجي تعليم مان اها مراد هرگز نه آهي ته نه ڪاليج اٽينڊ ڪجي نه يونيورسٽي وڃجي، رڳو ڪاپي ڪري ڊگري حاصل ڪجي... جيڪا ڳالهه اسان وٽ عام ٿي پئي آهي. ڪوثر:- ڇا ڇوڪرين کي نوڪري ڪرڻ کپي؟ الطاف:- ضرور ڪرڻ کپي. ان سان هن ۾ اعتماد به اچي ٿو. هن مهانگائيءَ جي دؤر ۾ هوءَ پئسي ڏوڪڙ جي معاملي ۾ به مڙس جي مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي ۽ نوڪري ڪندڙ عورت جي، گهر ۾ توڙي ٻاهر عزت رهي ٿي. پر اسان وٽ اها افسوس جي ڳالهه آهي ته ڪيترون ڇوڪريون ڊاڪٽر ۽ انجنيئر ٿيڻ بعد به نوڪري نٿيون ڪن. هو پنهنجو به نقصان ڪن ٿيون ته غريبن سان به ظلم ڪن ٿيون. اهو هن ريت جو ان کان بهتر هو ته ڪنهن ٻي ڇوڪريءَ کي پڙهڻ ڏين ها جيڪا ڊاڪٽر يا انجنيئر ٿي ملڪ جي خدمت ڪري ها. ڪوثر:- ڪيتريون ڇوڪريون پاڻ ته نوڪري ڪرڻ چاهين ٿيون پر سندن مڱيندا يا مڙس کين نوڪري ڪرڻ کان جھلين ٿا. الطاف:- آئون اهو هرگز نه چوندس ته پنهنجي مڙس جي ڳالهه نه مڃجي يا ان سان ضد ڪجي. پر ايترو آهي ته هو پاڻ يا خاندان جي ڪنهن سلجھيل فرد معرفت هن کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سگهي ٿي. ڪيترا اهڙا قصا به عام آهن ته شاديءَ مهل مڙس وڏا قرب جتائي زال کي چوندو آهي ته تون گهر ۾ راڻي ٿي رهه ۽ توکي نوڪري ڪرڻ جا ڪا ضرورت ناهي. پوءِ اهو ئي مڙس ڪجهه سالن بعد زال کي ڀنگياڻي به نه سمجھندو آهي. ۽ پوءِ زال پنهنجي ۽ پنهنجي ٻارن جي جياپي لاءِ دربدر ٿيو وڃي. پنج ڇهه سالن جي Gap ڪري کيس نوڪري به نٿي ملي جيڪا هڪ فريش گرئجوئيٽ کي ته سولائيءَ سان مليو وڃي. ڪوثر:- بيروزگاري جو زمانو آهي اسان وٽ ته نوڪري به ڏکي ٿي ملي؟ الطاف:- بلڪل صحيح ٿا چئو. نه رڳو پنهنجي ملڪ ۾ پر ٻاهر ولايت ۾ به اهو حال آهي. جپان، ڪوريا، ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾ به انهن جا پنهنجا نوجوان نوڪرين خاطر واجھائيندا وتن. ان هوندي به آئون ڏسان پيو ته اسان جي ملڪ جا پڙهيل ڳڙهيل ولائت ۾ به سٺين سٺين نوڪرين ۾ آهن. انڊيا ۽ بنگلاديش جون ته ڪيتريون ئي ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا ملائيشيا، جپان سنگاپور ويندي عرب ملڪن ۽ آمريڪا ۽ يورپ ۾ سٺن Jobs ۾ آهن. ڪوثر:- ڇو ڀلا اسان جي گرئجوئيٽ کي سٺي ۽ سولائيءَ سان نوڪري نٿي ملي؟ الطاف:- اهو ان ڪري جو اسان جي اسٽوڊنٽ وٽ ڊگري جو ڪاڳر ته آهي پر هن کي ان سبجيڪٽ ۾ نه دسترس آهي ۽ نه تجربو ۽ ڄاڻ. مونکي ياد آهي ته اسي واري ڏهي ۾ جڏهن آئون ملائيشيا ۾ هوس ۽ ملائيشيا تيزي سان وڌي رهيو هو ته هنن ڪيترن ئي اسان جي ڊاڪٽرن کي نوڪريون ڏنيون پر نوي فيصد کان به مٿي موٽي آيا جو هنن کان ڳوٺن ۾ رهي اڪيلي سر ڪم نٿي پڳو. ڊاڪٽري جي ڊگري ۽ هائوس جاب ڪرڻ جو سرٽيفڪيٽ هجڻ جي باوجود هنن کي ڊاڪٽري جي صحيح ڄاڻ نه هئي. نتيجي ۾ هو پاڻ ئي ڀڄي ويا. سندن ان ڪوتاهيءَ ڪري اڄ به ڪيترن ملڪن ۾ رهندڙ اسان جي ملڪ جا بزنيس مان ۽ ڪارخانن جا مالڪ پنهنجن هم وطنين کي نوڪري نٿا ڏين. هو انهن کان وڌيڪ بنگلاديش، انڊيا، سري لنڪا، فلپين ۽ ڪوريا وغيره جي نوجوانن کي ترجيح ڏين ٿا، جيڪي پنهنجي پنهنجي فيلڊ جا ڄاڻو آهن، گهٽ پگهار تي به راضي رهن ٿا، محنتي آهن ۽ ڳالهه ڳالهه تي ڦڏو يا موڪل نٿا ڪن. جنهن ڪري کين نوڪري ڏيڻ وارو مالڪ يا ادارو به خوش ۽ سُڪون ۾ رهي ٿو. ڪوثر:- پنهنجي فيلڊ ۾ سٺو ٿيڻ لاءِ هڪ شاگرد کي ڇا ڪرڻ کپي؟ الطاف:- هن کي پنهنجي پنهنجي سبجيڪٽ ڊاڪٽري، انجنيري، سائنس، I.T، مئٿس يا جيڪو به هجي ان جي تات هجڻ کپي. ان ۾ ماهر ٿيڻ کپي. رڳو ڊاڪٽري يا انجينري پاس ڪرڻ ۽ ڊگري حاصل ڪرڻ ضروري ناهي پر مٿانهين پوزيشن حاصل ڪرڻ اهم آهي. ان لاءِ هن کي سال جو هڪ هڪ ڏينهن محنت ڪرڻ کپي. هڪ مثال ٿو ياد اچيم: ملائيشيا ۾ نوڪرين جي چونـڊ لاءِ اتي جي مڪاني ملئي آفيسرن سان گڏ ڪجهه سال آئون به انٽرويو جي پئنل تي رهيس. ڊاڪٽري ۽ انجنيئري جي نوڪري لاءِ اسان جي ملڪ جا آيل ڪجهه اهڙا به اميدوار ڏٺم جن وٽ ڊاڪٽري يا انجنيئري جي ڊگري ته هئي پر ان سان گڏ M.A انگريزي، هسٽري يا ايڪانامڪس جي ڊگري به هئي.... سا به ساڳي سال ۾ حاصل ڪيل! مون سان گڏ منهنجا ملئي آفيسر دوست به ان ڳالهه تي تعجب کائيندا هئا. مزي جي ڳالهه ته هنن کان کڻي ڊاڪٽري يا انجنيري جو سوال ڪر ته ان جو به بهتر جواب نه ڏئي سگهن! پڇ کڻي هسٽري، انگريزي يا ايڪانامڪس بابت ته ان کان به هو اڻ ڄاڻ. هنن جو سڄو زور حاصل ڪيل ڊگرين جا ڪاڳر ڏيکارڻ تي رهيو ٿي. ياد رکو ته اڄ ڪلهه ڪو به ٺلهين ڊگرين تي نوڪري نٿو ڏئي، هو دلي جي خريدار وانگر ٺوڪي ٺوڪي پوءِ پنهنجي اداري يا ڪارخاني ۾ نوڪري ڏئي ٿو. مالڪ اهو ئي ڏسي ٿو ته فلاڻي يا فلاڻي ماڻهوءَ کي رکڻ سان هو مونکي ڪيترو ڪمائي ڏيندو؟ هن کي ڪم ڪرڻ جي صلاحيت به آهي يا نه؟ ڪوثر:- تنهنجي معنيٰ ته ڪا ڇوڪري ڊاڪٽري پڙهي رهي آهي ته هوءَ فقط ان سان تعلق رکندڙ ڪتابن کي پڙهي؟ الطاف:- بلڪل صحيح ٿيون چئو. مونکي LUMS جي هڪ شاگرد، غلط سلط انگريزيءَ ۾ اي ميل ڪيو ته؛ ”سائين توهان کي خوشي ٿيندي ته آئون توهان جو فئن (پرستار) آهيان ۽ مون توهان جا سڀ ڪتاب پڙهيا آهن.“ جواب ۾ لکيومانس ته پُٽ مونکي خوشيءَ بدران افسوس ٿيو آهي. منهنجي ڪتابن پڙهڻ پٺيان وقت وڃائڻ بدران پنهنجا ميڊيڪل جا ڪتاب پڙهه ۽ انهن ۾ ڀڙ ٿي ته اها سٺي ڳالهه آهي. فائنل ييئر تائين پهچي ويو آهين پر انگريزيءَ جون ٽي سٽون به صحيح نٿو لکي سگهين. ڪوثر:- دراصل اهو به پرابلم آهي ته اسان وٽ هر ڳالهه انگريزيءَ ۾ هلي ٿي. الطاف:- نه رڳو اسان وٽ پر جتي ڪٿي انگريزي هلي ٿي. ترڪيءَ کان وٺي جپان تائين انگريزيءَ کي مانُ ڏنو وڃي ٿو. اسان اجايو سنڌي سنڌي يا اڙدو اڙدو جي تسبيح پڙهون ٿا. اهي زبانون ته هونءَ به هر ڪو سکيو وڃي. حقيقت اها آهي ته اڄ به ڪورٽ ۾ درخواست ڏيڻي هجي يا ايئر لائن جي هوسٽس يا اسٽيورڊ جو انٽرويو... هر ڪارروائي انگريزيءَ ۾ٿئي ٿي. ڪجهه سالَ اڳ ملائيشيا وارن اسڪولن ۾ پڙهائي جو ميڊيم ملئي زبان ڪيو. ٻن سالن بعد توبهه ڪري وري انگلش ڪيائون ته اها بين الاقوامي زبان آهي. ان جي ڄاڻ ڪري ته ملائيشيا جا ماڻهو دنيا ۾نوڪري ۽ تعليم وٺن ۽ ڏين ٿا نه ته انڊونيشيا به ساڳيو ملڪ آهي جتي انگريزي بدران ڊچ آهي ته هو فقط ۽ فقط هالنڊ وڃي سگهن ٿا جتي ڊچ ڳالهائي وڃي ٿي. ڪوثر:- توهانجو مطلب آهي ته اسان وٽ هر اسٽوڊنٽ کي چاهي هو ميڊيڪل جو هجي يا انجنيئرنگ جو ته پنهنجي بهتر مستقبل لاءِ انگريزي سڌارڻ کپي. الطاف:- جي ها! ڇو جو انٽرويو وٺڻ دوران مون ڪيترا پنهنجي وطن جا اميدوار ڏٺا جيڪي هوشيار هوندي به اها نوڪري حاصل ڪري نه سگهيا جو انٽرويو ۾ پڇيل سوالن جا ڦڙ ڦڙ (Fluent) انگريزي ۾ جواب نه ڏيڻ ڪري انٽرويو وٺندڙن کي متاثر نه ڪري سگهيا. ساڳي وقت سٺي انگريزيءَ ڪري ڪڏهن ڪڏهن بيوقوف ۽ ڇسا فلپيني ۽ سري لنڪن به چونڊجي ويا ٿي. هونءَ اڄ جي اسٽوڊنٽ کي آئون اها نصيحت ڪندس ته ڪمپيوٽر تي وقت نه وڃائين. ڪوثر:- پر ڪمپيوٽر ته اڄ جي دؤر جي اهم شيءِ آهي. الطاف:- بلڪل اهم ۽ ضروري شيءِ آهي جيڪا هر هڪ کي اسڪول جي ڏينهن کان ئي سکڻ کپي. پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اسان وٽ ڪمپيوٽر جي معنيٰ چئٽ ۽ معاشقو ڪرڻ ٿي پئي آهي، فيس بڪ کولي وهڻ يا خراب ويب سائيٽون ڏسي پنهنجو اخلاق برباد ڪرڻ عام ڳالهه ٿي پيو آهي. رحم جوڳي ڳالهه اها آهي ته اسان وٽ والدين کي نه وقت آهي نه ڪمپيوٽرن جي سٺاين خرابين جي ڄاڻ... ۽ نه پنهنجي اولاد کي Monitor ڪرڻ جي توفيقَ ته هو ڪمپيوٽر کولي ڇا ويٺو ڪري. ڳوٺن ۾ جنهن گهر ويندو آهيان ته گهر جي وڏڙي وڏي فخر سان ٻڌائيندي آهي ته هن جي ٻارن کي ڪمپيوٽر هلائڻ اچي ٿو ۽ پوءِ ويب سائيٽ هسٽري کي Check ڪري ڏسندو آهيان ته شرم ايندو آهي. ٻين ملڪن ۾، ويندي انڊيا ۾ اسان کان وڌيڪ Awareness آهي. اتي جي ٻارن حوالي به ڪمپيوٽر آهن پر ان تي هو تعليمي ۽ ڪم جون ويب سائيٽ ڏي ڌيان ڏين ٿا، فوٽو شآپ جهڙا مختلف پروگرام سکن ٿا، جيئن اهي سندن روزگار جا به ذريعا ثابت ٿي سگهن. محنت ڪري ڏهن ئي آڱرين سان ٽائيپنگ سکن ٿا. سري لنڪا ۽ بنگلاديش ۾ ته ڪيتريون ئي ڇوڪريون اخبارن، رسالن ۽ ڪتابن لاءِ گهر ويٺي، روزانو ڪيترا ئي صفحا ڪمپوز ڪري گهر جو يا پنهنجي پڙهائيءَ جو خرچ ڪڍن ٿيون. ڪوثر:- توهان جو درس تدريس سان وڏو عرصو واسطو رهيو آهي. توهان جي خيال ۾ سٺي شاگرد لاءِ ڇا ضروري آهي؟ الطاف:- سڀ کان اهم شيءِ آهي ڪلاس ۾ ڌيان سان ليڪچر ٻڌڻ ۽ پوءِ گهر ۾ صحيح وقت تي ان کي پڙهڻ يا ياد رکڻ ۽ اهو ڪم روز جو روز هجڻ کپي. پر اسان وٽ ائين ناهي. ڪيترا ئي اسٽوڊنٽس سڄو سالُ وقت برباد ڪندا رهندا ۽ پوءِ امتحانن کان مهينو اڌ اڳ هڻ وٺ ڪندا. تازو هڪ گهر ۾ وڃڻ ٿيو. امتحان ۾ فيل ٿيندڙ ڇوڪريءَ لاءِ مائٽن کي چيم ته هن پڙهيو نه هوندو. ان تي ڇوڪريءَ جي ڏاڏيءَ امتحان وٺندڙن کي پِٽون ڏيندي ٻڌايو ته امتحانن جي ڏينهن ۾ هوءَ سڄي سڄي رات ويهي پڙهندي هُئي. ”آئون جنهن وقت فجر نماز لاءِ اٿندي هيس ته ان وقت هوءَ ڪتاب ٺپي سمهڻ ويندي هئي.“ هاڻ ان قسم جي اسٽوڊنٽس کي ڪير سمجھائي ته سڄي رات جاڳي پڙهڻ کان بهتر آهي ته سوير سمهي رهجي ۽ فجر مهل اٿي فريش دماغ سان پڙهجي ته بهتر آهي. آئون پنهنجن نيوي جي شاگردن کي هميشه طوطي جو مثال ڏيندو آهيان ته ان کي ڪجهه ياد ڪرائڻ لاءِ فجر مهل پڙهايو ويندو آهي ۽ ٻي ڳالهه ته هن جي دماغ ۾ ڳالهه تڏهن ويهندي آهي جڏهن سندس پيٽ خالي هوندو آهي. هڪ دفعي ڄام شوري ڦاٽڪ واري هوٽل تي رات جي وقت ڪجهه شاگردن کي اڦراٽا تيار ڪرائي کائيندو ڏٺم، هنن ٻڌايو ته ”امتحان جا ڏينهن ويجھا آهن سو هو رات جو دير تائين پڙهن ٿا ۽ بک لڳڻ تي ماني کائڻ اچن ٿا.“ هاڻ ههـڙي ڳري ماني کائڻ وارا ڇا پڙهندا! هو رڳو مائٽن کي دوکو ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿين ٿا ته هو وڏي محنت پيا ڪن. هوشيار ۽ نمبر کڻڻ وارا شاگرد امتحانن جي ڏينهن ۾ آرام ڪن ٿا باقي سڄو سال مقرر وقت روزانو پڙهن ٿا. ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾ ته روزانو شام جو ساڍي ستين کان ٽي وي تي پَٽي هلائي ويندي آهي ته رات جا اٺ ٿيڻ وارا آهن ٻارن کي سمهاري ڇڏيو. ملائيشيا ۾ هر هنڌ صبح جو ستين بجي اسڪول کلن ٿا ۽ ٻار سج اڀرڻ کان اڳ ننڊ مان سجاڳ ٿين ٿا. جپان ۾ وڏن شهرن ۾ به رهائشي علائقن جي گهٽين جون بتيون نائين بجي بند ٿيو وڃن ۽ ٻار ان کان اڳ سمهيو رهن. هو نه فقط سڄو هفتو سج اڀرڻ کان اڳ اٿن پر آچر ڏينهن ۽ موڪلن ۾ به سوير اٿن ۽ گهٽيءَ ۾ بيهي ڏهن منٽن لاءِ PT ڪن ۽ پنهنجي ڊائري تي گهٽي جي انچارج کان صحيح وٺن ته هو سوير ئي اٿيا. پر اسان مسلمانن جي گهرن ۾ ڇا ٿي رهيو آهي؟ سج مٿي چڙهي ايندو، مکيون پيون پٽينديون پر ٻار موالين وانگر سُتا پيا هوندا. اسڪول وارن ڏينهن ۾ به مائرون رات جو دير تائين ٽي وي ڏسنديون. ٻارن کي به جاڳائي رکنديون، ۽ پوءِ ننڊ پوري نه ٿيڻ ڪري ٻار صبح جو اوٻاسيون ڏيندا اسڪول ويندا آهن ۽ جھوٽا کائيندا گهر موٽندا آهن. هاڻ ٻڌايو ته اهڙين حالتن ۾ هو موڳا نه ٿيندا ته ٻيو ڇا ٿيندا؟ ۽ اهڙين ڳالهين ڏي ڌيان ڌرڻ مائرن جو ڪم آهي. پر هر ماءُ ٻارن جي نڪمي پڻي جو ڏوهه اڪثر مسين (ماسترياڻين) تي ٿاڦيندي نظر اينديون آهن. الطاف شيخَ جي ڳالهين مان ورتل ڪجهه وڌيڪ ٽڪرا، جيڪي اسان جي ملڪ جي مائرن لاءِ سوچڻ جي خوراڪ مهيا ڪن ٿا. · اسان وٽ مائرون ٻارن جي تعليم ۽ سڌاري تي نه ڌيان ڏين ٿيون نه محنت ڪن ٿيون. هنن جي هر وقت اها ڪوشش رهي ٿي ته هوم ورڪ به آفيس مان موٽڻ تي پيءُ اچي ڪرائي. ڪيترن گهرن جا ٻار ٽيوشن لاءِ ماسترياڻيءَ وٽ وڃن ٿا جيڪا اڪثر سندن اسڪول جي مِس هوندي آهي. ٽيوشن تي ٻارن کي سمجھائڻ بدران هنن کي سوالن جا جواب (خاص ڪري مئٿس ۽ سائنس جا) ٻڌائي هوم ورڪ جي آنگ لاٿي ويندي آهي. · اسان وٽ مائرن جو زور رڳو ٻارن کي اوچا ڪپڙا پهرڻ تي آهي. ڪيترن جي گهرن ۾ ويندو آهيان ته حيرت ٿيندي آهي ته مائرون وڏي خرچ تي ورتل اوچا ”برانڊيڊ“ ڪپڙا ٻارن کي پارائي، گد گد پيون ٿينديون آهن ته هنن جا ٻار ڪيڏا ته سهڻا ۽ سمارٽ پيا لڳن! اڙي بابا هنن کي لکڻ پڙهڻ ته سيکاريو. ڪلاس ٽو يا ٿري تائين پهچي ويا آهن پر p کي q پيا لکن... ننڍيون دعائون يا قرآن جون سُورتون به ياد نه اٿن... اها فضيلت نه اٿن ته ويهي کائجي... آرام سان پاڻي پيئجي ۽ وڏن سان ڪيئن ڳالهائجي! ٻار جي سنگهه وهي وات ۾ پئي ويندي، وڏن سان تون تون ڪري پيو ڳالهائيندو پر ان تي مائرون نه ڌيان ڏينديون، نه محنت ڪنديون! باقي رڳو زور جاگر جوتا ۽ اوچا ولائتي ڪپڙا پهرائڻ تي.. ڇو جو انهن ڳالهين تي کين محنت نٿي ڪرڻي پوي، جو مڙس جي حرام جي ڪمائيءَ مان هر شيءِ اچيو وڃي. · اسان وٽ عورتن کي ڪچهري ۽ پرائي پچارن کان فرصت ئي نٿي ملي جو ٻارن کي پاڻ وٽ ويهاري اسڪول ۾ پڙهيل سبق کي ڀيرو ڏيارين ۽ لکرائين، جيئن هنن جي هئنڊ رائيٽنگ به سٺي ٿئي. بلڪ ٻارن کي دڙڪو ڏئي ٻاهر ڪڍي ڇڏينديون ته وڃي گهٽي ۾ ٻين ٻارن سان راند ڪريو. ۽ پوءِ ٻار ٻاهر وڃي ڪنهن ڪوچ جي نظر هيٺ ڪرڪيٽ، والي بال يا ڪا اسپورٽ ڪونه ٿا سکن پر هڪ ٻئي کان گنديون ڳالهيون ۽ گاريون ٿا سکن. سڌريل ملڪن ۾ توهان کي ائين گهٽين ۾ ٻار نظر نه ايندا. هو موڪل واري ڏينهن تي مائرن سان گڏ گڏ نظر ايندا جيڪي هنن کي قدم قدم تي معلومات جون ڳالهيون ٻڌائيندي نظر اينديون. · اسان وٽ جنهن به گهر ۾ وڃ ته مهمان جي آڌر ڀاءَ ڪوڪا ڪولا، پيپسي يا ڪنهن ٻئي ايئريٽيڊ مشروب سان ڪئي وڃي ٿي. خبر ناهي هيءَ وبا سنڌ ۾ ڪيئن آئي. گهر گهر ۾ ڊاڪٽر ٿي ويا آهن پر ڪنهن کي به اهو هوش ناهي ته هي مشروب ڪيڏو خطرناڪ آهي جنهن ۾ هيڪاندي شگر آهي ۽ جنهن جا ٻيا ڪيميڪل انسان جي جسم جو ڪئلشيم ڳاريو ڇڏين. وڏا ته وڏا ننڍا به سڄي سڄي بوتل چٽ ڪريو وڃن. ڪوڪا ڪولا جو يهودي مالڪ سئيڊن جو آهي پر سئيڊن ۾ ان جي قيمت سڀ کان گهڻي رکي وئي آهي جيئن ماڻهو گهٽ واپرائين. سئيڊن جي ماڻهن کان پڇندائو ته هو اهو ئي ٻڌائيندا ته هو سال ۾ هڪ يا ٻه دفعا ٿا پين. آئون جنهن اداري سان سئيڊن ۾ وابسته هوس اتي جي ميس ۾ فقط ڪرسمس ڊي تي ڊنر تي منو گلاس ڪوڪا ڪولا يا سيون اپ جو Serve ٿيندو هو! · پڙهڻ ۾ رڌل رهڻ سان منهنجو مطلب اهو هرگز ناهي ته شاگرد هر وقت ڪتاب کڻيو ويٺا هجن. هنن لاءِ صحتمند راند روند ۽ جسماني ورزش به ضروري آهي پوءِ کڻي اها ڊگهي واڪ هجي يا جاگنگ. ڇوڪريون اها کوٽ گهر ۾ ڪم ڪار ڪري پوري ڪري سگهن ٿيون. ملائيشيا ۾ اسان جي ڳوٺ جي هڪ ڊاڪٽرياڻيءَ کي تمام سٺي نوڪري ملي پر هوءَ جلدي ئي واپس موٽِي آئي! ڇو؟ ڇو جو هن کي ماني پچائڻ نٿي آئي ۽ ملائيشيا جي حڪومت هن کي بورچياڻي آڻڻ جي ويزا نٿي ڏئي سگهي! ڪيڏي حيرت جي ڳالهه آهي! ٻيا ملڪ ته ڇڏيو پر سئيڊن، ناروي، ڊئنمارڪ جهڙن ملڪن جون وڏن عهدن تي فائز عورتون به رڌ پچاءُ پاڻ پيون ڪن. دادو شهر جي هڪ گهر ۾ ويس. ماءُ ۽ پوڙهي ڏاڏي منهنجي اچڻ جي خوشيءَ ۾ ڪڏهن پڪوڙا پيون ٺاهين ته ڪڏهن چانهه وغيره. ۽ سندن فرسٽ ايئر جي ڇوڪري صوفي تي اڌ گابرو ليٽي، لڳاتار ڪنهن کي SMS ڪري رهي هئي ۽ آيل جواب پڙهي خوش ٿي رهي هئي. مون ڇوڪريءَ جو نالو وٺي هن جي ماءُ کي چيو توهان ڇو پيون تڪليف ڪريو پنهنجي ڌيءَ کي اٿاريو ته اٿي چانهه ٺاهي ۽ پاڻي پياري. ”نه سائين اسان نٿا چاهيون ته هن جو پڙهائيءَ کانسواءِ ڪنهن ٻي ڳالهه تي وقت ضايع ٿئي.“ هن وراڻيو. ”ٺهيو! اڄ ڪلهه دنيا جي ملڪن جا ڇوڪرا به پيا رڌ پچاءُ سکن، جو خبر ناهي ته ڪٿي نوڪري ڪرڻي پوي ۽ ڇا حالتون هجن!“ مون دل ئي دل ۾ سوچيو. پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اسانجي ڇوڪرين کي ڪو هنر سکڻ يا سخت جان ٿيڻ کان روڪيو پيو وڃي! ۽ اسانجي ڇوڪرن جي وري ڪهڙي ڳالهه ڪجي! اهي ته وري اتر ٿا لهن. هنن کان ڇوڪرين جيتري به پڙهائي نٿي پڄي. نه وري ٿا ڪا ذميواري محسوس ڪن. هنن جو هر وقت ڌيان اوچي موبائيل فون رکڻ ۽ ڪَلفُ لڳل ڪپڙا پائي خوابن جي دنيا ۾ رهڻ تي آهي. ڪاش اسانجا اسٽوڊنٽس ترقي يافته ملڪن جپان وغيره، يا ترقي ڪندڙ ملڪن ملائيشيا وغيره، يا ويندي ايران ۽ انڊيا جي ئي شاگردن کي ڏسي ڪجهه سکي سگهن ۽ هو اهو محسوس ڪن ته مقابلي جو دؤر آهي جنهن ۾ ڪاميابي فقط اهي ماڻي سگهندا جيڪي صحيح معنيٰ ۾ تعليم حاصل ڪري امتحان پاس ڪندا سو به مٿانهين پوزيشن ۾، ۽ زندگي ۾ درپيش ايندڙ Challenges کي منهن ڏئي سگهندا. الطاف شيخ جو انٽرويو ڪاوش اخبار طرفان انٽرويو وٺندڙ: رشيد ميمڻ بتاريخ ۲۱ جون ۲۰۱۲ع ادب، تاريخ، ثقافت ۽ تهذيب جي حوالي سان دنيا ۾ سڃاتي ويندڙ سنڌ ڪن اهڙن شخصيتن کي به جنم ڏنو آهي، جن پنهنجي فن، لکڻين، ادب ۽ ڏات ذريعي پوري دنيا ۾ پنهنجو نالو منورڪيو آهي. اهڙين ئي شخصيتن مان هڪ نالو الطاف شيخ جو به آهي، جيڪو سنڌي ٻولي جو سڀ کان وڌيڪ سفر ناما لکندڙ ۽ سنڌ جو درد رکندڙ آهي. ڪاوش اخبار کي انٽرويو ڏيندي هن چيو آهي ته سنڌ ۾ تعليم جو معيار ڏينهون ڏينهن ڪِري رهيو آهي، نوجوانن کي صحيح تعليم ئي نٿي ملي، ان ڪري سنڌ سميت سڄي ملڪ جي نوجوانن جي اهليت ۽ قابيلت تمام گهٽ آهي. ملائيشيا ۾ سنڌ کان به گهڻي وڏيراشاهي هوندي به اُهو ملڪ ترقي ڪري رهيو آهي، ڇو جو اتي جو هر وڏيرو پنهنجي ڳوٺ ۾ تعليم ۽ صحت جو اعليٰ معيار قائم رکڻ کي پنهنجو شانُ ۽ مانُ سمجهي ٿو، هو پنهنجي ڳوٺ جي ماڻهن کي خوشحال ڏسڻ چاهي ٿو پر هتي اسان وٽ سنڌ ۾ ائين نه آهي. ڪاوش پاران پڇيل سوال ته توهان ڇا ٿا سمجهو ته سنڌ جي نوجوانن ۾ ادب يا لکڻ سان اهو چاهه آهي جيڪو هئڻ گهرجي؟ جي جواب ۾ هن چيو ته بلڪل ناهي، اها ٻي ڳالهه آهي ته اڄ تمام گهڻا ئي سٺا اديب، شاعر، صحافي ۽ پڙهيل ڳڙهيل نظر اچن ٿا پر جيڪا اڄ سنڌ جي آدمشماري آهي ۽ جيترا تعليمي ادارا آهن، ان جي مقابلي ۾ اهو تعداد بنهه گهٽ آهي. اسان جي گهڻي ڀاڱي نوجوان کي لکڻ ته ڇا پر پڙهڻ جو به شوق ناهي، هن کي صحيح تعليم ئي ڪانه پئي ملي ۽ نه ڪو صحيح پڙهڻ جو ماحول اٿن. نه استادن کي احساس آهي ۽ نه مائٽن کي الڪو آهي. اهو ڀلا ڪيئن؟ جي جواب ۾ هن چيو ته ٻين ملڪن کي ته ڇڏيو توهان رڳو ممبئي يونيورسٽي ۾ هفتو کن رهي ڏسو ته احساس ٿيندو ته اتي جي شاگردن ۽ تعليمي ماحول ۽ اسان ۾ ڪيڏو فرق آهي. اسان وٽ به ڪنهن زماني ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ اهو ماحول هو، جيڪو مون ۶۰ع جي شروع وارن سالن ۾ به ڏٺو، جڏهن منهنجا ڪلاس ميٽ پيٽارو مان انٽر ڪري سنڌ يونيورسٽي ۾ آيا هئا. آئون دنيا جي مخلتف ملڪن ۾ پڙهائڻ لاءِ ويندو رهان ٿو. ممبئي يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچر ڏيڻ دوران منهنجي دل ۾ هميشه اها خواهش پيدا ٿيندي آهي ته ٻين ملڪن ۾ وڃڻ ۽ رهڻ ته مهانگو آهي پر ڪاش هر مهيني سنڌ يونيورسٽي جي ڪجهه استادن ۽ شاگردن کي هفتي جي ٻن ٽن ڏينهن لاءِ ممبئي يونيورسٽي ۾ مهمان طور رهايو وڃي جيئن هو ڏسي سگهن ته اتي ڪيئن پڙهائي ٿي رهي آهي، صبح شام ڪلاس پيا هلن، ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون رات جو ڏهين تائين لائبريري ۾ ويٺا آهن، ڪو هنگامو ناهي، ڪو جهيڙو ناهي... ته جيئن اسان کي پنهنجين ڪوتاهين جو احساس ٿئي. کوکرا پار کان ممبئي پهچڻ ۽ ممبئي يونيورسٽي جي گيسٽ هائوس ۾ رهڻ جو ڪو خاص خرچ به نه آهي. سفر ناما لکڻ جو شوق توهان کي ڪيئن ۽ ڪڏهن ٿيو، توهان ڪهڙي شيءِ کي ڏسي ان جي شروعات ڪئي؟ واري سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سفرنامن لکڻ کان اڳ مون کي ڪهاڻيون، افسانا ۽ مضمون لکڻ جو شوق هو. ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ جيتوڻيڪ انگريزي ۾ تعليم ڏني ٿي وئي پر ٻين وانگر آئون به اٺين ڪلاس کان انگريزي ناولن ۽ رسالن سان گڏ اڙدو ۽ سنڌي به تمام گهڻا پڙهندو هئس ۽ ڪجهه ڪجهه لکندو به هئس. جهاز جي نوڪري شروع ڪرڻ بعد مون وڌيڪ لکڻ شروع ڪيو، جو انهن ڏينهن ۾ سوئيز ڪئنال بند هو. انگلينڊ، يورپ، آمريڪا يا ڪئناڊا پهچڻ لاءِ اسان کي جهاز کي آفريڪا کنڊ جي چوڌاري ڦيرائي وٺي وڃڻو پيو ٿي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ٽيهه چاليهه ڏينهن به سمنڊ تي هلڻو پيو ٿي. وقت پاس ڪرڻ لاءِ مون پڙهڻ ۽ لکڻ تي زور ڏنو ۽ سمنڊ ۽ بندرگاهه تي جيڪي ڳالهيون ٻڌڻ ۽ ڏسڻ لڳس انهن جو احوال لکڻ لڳس. توهان سنڌ جي تاريخي ماڳن، تاريخ جي مسئلن تي ڪهڙي طرح پنهنجي سفرنامن ۾ لکيو آهي يا نه؟ سوال جي جواب ۾ الطاف شيخ چيو ته افسوس جو مون سنڌ جي تاريخي ماڳن، تاريخ يا مسئلن تي نه لکيو آهي، ان ڪري جو مون تعليم به سنڌ کان ٻاهر بنگال ۽ سئيڊن ۾ ورتي ۽ نوڪري به ٻاهر ڪئي، هاڻ جڏهن پوڙهو ٿيو آهيان ته سنڌ جا تاريخي ماڳ ڏسڻ جو شوق ٿيو آهي. جواني جي ڏينهن ۾ جيتوڻيڪ منهنجو خيرپور، سکر، لاڙڪاڻي وغيره تمام گهڻو وڃڻ ٿيو ٿي پر ان وقت ڪوٽڏيجي قلعو، معصوم شاهه جو منارو يا موهن جو دڙو ڏسڻ بدران اتي پنهنجن ڪلاس ميٽن؛ شوڪت جماڻي، نجم قاضي، عاشق شاهه، اختر عباسي وغيره جن سان ملڻ، ڪچهري ڪرڻ يا ڪرڪيٽ کيڏڻ هوندو هو. توهان کي سفرناما لکڻ ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون پريشانيون پيش آيون يا اچن ٿيون؟ جي جواب ۾ سندس چوڻ هو ته هڪ ليکڪ ۽ خاص ڪري هڪ فوٽو جرنلسٽ جي حيثيت ۾ آئون تڏهن ئي صحيح ۽ بهتر لکي ۽ ڄاڻ مهيا ڪري سگهان ٿو جڏهن آئون هر قسم جي ماڻهن ۽ ماڳن تي وڃي پاڻ مشاهدو ڪريان. مون کي سفرنامو لکڻ لاءِ نه فقط مولوين ۽ عالمن سان ملڻو پوي ٿو ۽ نه فقط مسجدون ۽ يونيورسٽيون ڏسڻيون پون ٿيون پر چورن، ڌاڙيلن، سياستدانن، ٻاون، پنڊتن، سدا سهاڳڻين، گيشائن ۽ ماماسانن سان به ملڻو پوي ٿو ۽ پوءِ ڪنهن سدا سهاڳڻ جي ڳالهه ٻڌي ماڻهو مون کي Play Boy سمجهن ٿا. سنڌي ادبي بورڊ وارا ته منهنجو اهڙو سڄو پئراگراف ئي ڪٽيو ڇڏين، جنهن ۾ لفظ سدا سهاڳڻ ٿو اچي ۽ پوءِ ڀلي کڻي ان جي ڪا نصيحت واري ڳالهه هجي. پير پاڳاري سان ملڻ تي ماڻهن کي اهو اعترض ٿيندو هو ته آئون هالا جي مخدومن بدران پير پاڳاري جو مريد ٿيو آهيان. ايران وڃي سفرنامو لکڻ تي ڳوٺ جي هڪ مولوي مون لاءِ اهو مشهور ڪيو ته آئون شيعو ٿيو آهيان ۽ متعي جي شادي کي Justify پيو ڪريان. مون جڏهن کانئس پڇيو ته ڇا هن منهنجي ڪتاب ”ايران ڏي اڏام“ ۾ اهو مضمون ”متعي جي شادي“ پڙهيو آهي ته هن وراڻيو ته ”نه! ڳوٺ جا ماڻهو ٿا چون“. سو بهرحال اسان جهڙو ملڪ جنهن ۾ رڳو نفرتون ئي نفرتون آهن، جتي تعليم ۽ سهپ گهٽ آهي، اتي هر لکڻي تي ڪونه ڪو ناراض ٿئي ٿو ۽ لکندڙ جي پريشاني جو سبب بڻجي ٿو. هڪ پڙهندڙ چيو ته تون جماعت اسلامي جو ماڻهو آهين. وراڻيومانس ته منهنجو ته ڪنهن به سياسي پارٽي سان تعلق ناهي ۽ نه ئي هڪ ليکڪ يا صحافي کي واسطو رکڻ کپي، توهان کي ڪيئن لڳو ته آئون جماعت اسلامي جو ماڻهو آهيان؟ جنهن تي هن چيو ته توهان انهن جي اخبار ۾ لکو ٿا. وراڻيومانس ته آئون پڙهندڙن لاءِ لکان ٿو، ان کان وڌيڪ هلندڙ ڪا اخبار مضمون ڇپي ته آئون ان ۾ به ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. ڪاوش طرفان پڇيل سوال ته سنڌي نوجوانن جي اهليت ۽ قابليت جي ٻين ملڪن جي نوجوانن سان ڀيٽ ڪيئن ٿا ڪريو؟ جي جواب ۾ الطاف شيخ چيو ته سچي ڳالهه اها آهي ته اسان جي سنڌي نوجوانن جي اهليت ۽ قابليت تمام گهٽ آهي. نه صرف سنڌ جي پر اسان جي سڄي ملڪ جي نوجوانن جو اهو حال آهي. ان جي خبر ٻاهرين ملڪن ۾ اچي پوي ٿي، جتي اسان جو نوجوان سريلنڪا ۽ بنگلاديش جي نوجوان کان تعليمي مقابلي ۾ ته هيٺانهون شمار ڪيو وڃي ٿو پر جسماني پورهئي ۾ به سست قرار ڏنو وڃي ٿو. اسان وٽ اڻپڙهيلن ۽ ڪاپي ڪري مٿانهون مارڪون کڻڻ وارن کي نوڪري ملڻ ۽ No Work ڪلچر هجڻ ڪري، اسان جو نوجوان ٻين ملڪن جي نوجوانن جو مقابلو ڪري نٿو سگهي. اهو ئي سبب آهي جو ٻين ملڪن ۾ جيڪي پاڪستانين جا ڪارخانا ۽ فيڪٽريون آهن يا جهاز ران ڪمپنيون آهن، انهن جا مالڪ ۾ به بنگالين ۽ ڀارتين کي ته شوق سان رکن ٿا پر پنهنجي ملڪ جي ماڻهن کي نوڪري ڏيڻ ۾ گريز ڪن ٿا. بهرحال پنج ئي آڱريون برابر به نه آهن. ڪيترائي اسان جا ماڻهو ولايت ۾ سٺين نوڪرين ۾ به آهن ۽ هنن نالو روشن ڪيو آهي پر اهڙن ماڻهن جو تعداد اٽي ۾ لوڻ برابر آهي. ان کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ اسان جي نوجوان کي کپي ته يونيورسٽي جون فقط ڊگريون حاصل ڪرڻ بدران صحيح طرح تعليم حاصل ڪن ۽ پاڻ ۾ محنت جي پڻ عادت وجهن. جاپان جهڙن ملڪن ۾ ته فقط صبح جو آفيس ۾ وڃڻ جو ٽائيم مقرر آهي ۽ موڪل تڏهن ٿي ٿئي جڏهن ڪم پورو ٿئي ٿو ۽ ڪيترا دفعا گهر ايندي رات ٿيو وڃي. سنڌ ۾ تعليم جو معيار ڏينهون ڏينهن ڪِري رهيو آهي، ان کي ڪيئن بهتر ٿو ڪري سگهجي؟ واري سوال جي جواب ۾ الطاف چيو ته اها ڳالهه توهان ائين ڪري رهيا آهيو جيئن جهازن جو مالڪ ڪنهن جهاز تي هڪ ڄٽ ۽ شرابي ڪئپٽن رکي، پوءِ اُهو يا جهاز جا مسافر چون ته جهاز منزل کان ڇو ڀٽڪي رهيو آهي؟ جهاز جي ٻُڏڻ جا ڇو آثار آهن؟ منهنجي خيال ۾ تعليم جو معيار بهتر ڪرڻ لاءِ هر تعليمي اداري جو ڪئپٽن يعني ”سربراهه“ (هيڊ ماستر، پرنسپال، وائيس چانسلر، سيڪريٽري يا وزير تعليم) اهو مقرر ڪيو وڃي، جيڪو تعليمي ماهر، محنتي، ڊسيپلين رکڻ وارو ۽ پنهنجي وطن جي نوجوانن جوهڏڏوکي هجي. سنڌ ۽ ٻي دنيا جي تعليم جي معيار ۾ ڪهڙو فرق آهي، جي جواب ۾ هن چيو ته ڇا توهان سمجهو ٿا ته سنڌ ۾ ڪو تعليم جو معيار آهي؟ هن ڪمپيوٽر ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي دور ۾ ڪنهن کي خبر ناهي ته اسان جي ملڪ جي تعليم جو معيار ڇا وڃي رهيو آهي، خاص ڪري اندروني سنڌ ۾ جتي ڳوٺن جي اسڪولن ۾ گڏهه ۽ ڪتا ٻڌا پيا آهن، جتي کلئي عام ڪاپي پئي ٿئي، جتي جي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ شاگرد رڳو داخلا وٺن ٿا پر باقاعدگي سان ڪلاس نٿا هلن، جتي جي يونيورسٽين ۾ جهيڙن جهٽن ڪري خوف ۽ هراس هجي ٿو! ان سلسلي ۾ الطاف صاحب ٻڌايو: ممبئي يونيورسٽي جي سنڌي ڊپارٽمينٽ وارن ”سنڌي سوسائٽي“ تي مون کي جنهن ڏينهن ليڪچر ڏيڻ لاءِ گهرايو هو، ان ڏينهن اتي جي مرهٺي ۽ انگريزي اخبار ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪنهن ٽيچر جي قتل جي خبر ڏنل هئي. ليڪچر بعد سوال جواب واري ڪلاڪ ۾ آئون هر وقت اهو سوچيندو رهيس ته ڪو شاگرد مون کان سنڌ يونيورسٽي بابت سوال نه ڪري ته اها يونيورسٽي جنهن جو وائيس چانسلر سنڌي آهي، انتظاميا سنڌي آهي، پڙهائڻ وارن ۽ شاگردن جي اڪثريت به سنڌي آهي، اتي ڇو هر وقت مار ماران ۽ بدامني لڳي پئي آهي؟ انگريزي اخبار ۾ ڏنل خبر جو هڪ جملو جيڪو هن وقت به منهنجي دل ۾ چڀي رهيو آهي جيڪو هنگامن بابت ۽ يونيورسٽي کي في الحال بند رکڻ بابت هو ته It is nothing uncommon with this university? ڪاوش طرفان پڇيل سوال ته ”هڪ ليکڪ نوجوانن جي يا معاشري جي ڪيئن رهنمائي ڪري ٿو سگهي” جي جواب ۾ الطاف شيخ چيو ته هڪ ليکڪ معاشري ۾ موجود خرابين بابت نشاندهي ئي ڪري سگهي ٿو، باقي ان کي صحيح ڪرڻ لاءِ ته هن وٽ ڪو پوليس فورس ناهي. سنڌ ۾ سفرناما نگار نه هئڻ برابر آهي، ان جو سبب ڇا آهي؟ جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ جي ڪيترن ئي نوجوانن سفرناما لکيا آهن پر اسان وٽ ڇپائڻ جو بندوبست نه هجڻ ڪري ڪيترائي سفرناما اڻڇپيل حالت ۾ آهن. اهو ان ڪري چئي رهيو آهيان، جو مهاڳ ۽ پيش لفظ لکڻ لاءِ ڪيترائي سفرناما منهنجين نظرن مان نڪتا آهن. سفرنامن يا لکڻ ذريعي ڇا مسئلن کي اجاگر ڪري سگهجي ٿو؟ جي جواب ۾ هن چيو ته بلڪل ڪري سگهجي ٿو. ڪاوش طرفان پڇيل ان سوال ته توهان جي نظر ۾ سنڌ جا اهم مسئلا ڪهڙا ڪهڙا آهن؟ جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ جا مسئلا ڪيترائي آهن ۽ تمام ڳنڀير قسم جا آهن پر جي توهان فقط ٻه چار اهم مسئلا پڇڻ ٿا چاهيو ته منهنجي نظر ۾ تعليم، عدل انصاف، امن امان ۽ روزگار آهن. سنڌ ۾ هينئر بلوچستان جهڙي صورتحال پيدا ٿي رهي آهي، ان کي توهان ڪيئن ٿا ڏسو ۽ ان جا نتيجا ڪهڙا نڪرندا؟ جي جواب ۾ هن چيو ته افسوس جو مون کي گهڻي سياسي ڄاڻ نه آهي، ان بابت ڪو سلجهيل سياستدان ئي ٻڌائي سگهي، اسان جي ڄاڻ ٽي وي جي خبرن تائين محدود آهي. ڪراچي جون حالتون بار بار خراب ڇو ٿيون ٿين، جي جواب ۾ هن چيو ته حڪومت جي چاهي ته ان لاءِ امن امان قائم رکڻ ڪو ڏکيو ڪم ناهي. سنڌ جي ورهاڱي جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي، ان کي ڪيئن ٿا ڏسو؟ جي جواب ۾ هن چيو ته منهنجي خيال ۾ اهو اسان جي چونڊيل نمائندن تي Depend ٿو ڪري ته هنن کي سنڌ ۽ عوام لاءِ ڪيترو درد آهي ۽ سنڌي ماڻهن جي جذبن جو ڪيڏو خيال آهي. اسان جي پڇيل سوال ته سنڌ جا وڏا وڏا آرٽسٽ يا اديب بيماري ۾ بيوس ڇو ٿي وڃن ٿا؟ حڪومت توڙي معاشرو سندن ڪا مدد نٿو ڪري. ڇو؟ الطاف وراڻيو؛ آئون ان خيال جو آهيان ته نه رڳو وڏن آرٽسٽن ۽ فنڪارن جي پر حڪومت کي اهڙو بندو بست ڪرڻ کپي جو هر غريب غربي جي بيماري جو علاج ٿي سگهي جيئن ٻين فلاحي رياستن ۾ ٿئي ٿو. سنڌ جي تاريخ تي تحقيق نٿي ٿئي، ان ۾ تضاد ڇو آهي؟ جي جواب ۾ هن چيو ته اهڙن سوالن جا جواب ته پروفيسر مبارڪ ۽ ڊاڪٽر الانا ئي ٻڌائي سگهندو، آئون ته فقط جهازن ۽ سمنڊ بابت ٻڌائي سگهان ٿو. ڪاوش طرفان پڇيل سوال ته ڇا توهان پوري دنيا گهمي ڏٺي آهي يا ڪو ملڪ رهيل آهي، جي جواب ۾ سندس چوڻ هو ته اسان لاءِ دنيا گهمڻ ائين آهي جيئن هڪ ٽرڪ ڊرائيور لاءِ جيڪو سڄو ڏينهن پيو ٽرڪ هلائي، هن لاءِ ڇا حيدرآباد، سکر يا ڇا ملتان لاهور! اهڙي طرح اسان به ۱۵ سال کن دنيا جي مختلف سمنڊن تي مخلتف جهاز، ڏينهن رات هلائيندا رهياسين. ڪن بندرگاهن ۾ ته هفتن جا هفتا گهمندا رهياسين، ڪن ۾ ته سستي، ٿڪ ۽ بيزاري ڪري جهاز تان هيٺ لهي بندرگاهه جي جيٽي تي واڪ به نه ڪيوسين. ملائيشيا ملڪ سڀ ۾ گهڻو ان ڪري پسند آيو جو اتي سنڌ کان گهڻي وڏيراشاهي هوندي به ملڪ ترقي ڪري رهيو آهي. ان جو سبب؟ جي جواب ۾ الطاف چيو ته ڇو جو اتي جي هر ڳوٺ جو وڏيرو پنهنجي ڳوٺ ۾ تعليم ۽ صحت جو اعليٰ معيار قائم رکڻ ۾ پنهنجو شان ۽ مان سمجهي ٿو. هو پنهنجي ڳوٺ ۾ ڪارخانا ۽ فيڪٽريون هڻي پنهنجي ڳوٺ جي ماڻهن لاءِ روزگار مهيا ڪري ٿو ۽ هو پنهنجي ڳوٺ جي ماڻهن کي امير ۽ خوشحال ڏسڻ چاهي ٿو. ملائيشيا جو هر سياستدان عام سرڪاري بسن ۾ سواري ڪري ٿو، ولايت وڃڻ بدران ڳوٺ جي اسپتال مان علاج ڪرائي ٿو، نتيجي ۾ ملائيشيا جون بسون ۽ اسپتالون بهتر کان بهتر ٿينديون وڃن. دنيا ۽ ملڪ ۾ سڀ کان سٺا سفرناما نگار توهان جي نظر ۾ ڪير آهن؟ جي جواب ۾ الطاف چيو ته مون کي ڪيترائي پسند آهن. پنهنجن مان آغا سليم، تنوير عباسي، بيگم اختر رياض الدين، ابن انشا، اختر ممونڪا وغيره ۽ ڌارين ۾ جيمس مچنر، طاهر شاهه، وڪرم سيٺ، پال ٿيروڪس، يوني نو گچي، مڪيرو ساساڪي وغيره آهن. توهان سنڌ جي ماڻهن سان ايڏو ڪٽيل ڇو آهيو، تقريبن ۾ نٿا اچو ۽ نه ئي پاڻ ڪو پروگرام ڪرايو ٿا؟ جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ جي ماڻهن کان آئون ڪٽيل هرگز نه آهيان، خط و ڪتابت، اي ميل ۽ فيس بڪ ذريعي منهنجو جيترن سان رابطو رهي ٿو، اوترو شايد ئي ڪنهن جو هجي، هر مهيني اٽڪل ڏهه هزار پڙهندڙن سان منهنجي لفظن جي ڏي وٺ رهي ٿي، جنهن ۾ منهنجا سنڌي ۽ اردو ڪالم پڙهڻ وارن سان گڏِ ملائيشيا ۽ سنگاپور جا دوست، شاگرد ۽ پڙهندڙ پڻ اچي وڃن ٿا، جيڪي منهنجا انگريزي مضمون اتي جي اخبار ۾ پڙهن ٿا. باقي فنڪشن يا شادين مرادين ۾ گهٽ پير ڀريان ٿو، جو هڪ ته ان کي وقت جو زيان سمجهان ٿو ۽ ٻيو ڪجهه سست به آهيان. هونءَ به مون کي تنهائي وڌيڪ پسند آهي. موڊي ماڻهو آهيان، ڪچهري ۱۵ منٽ به مشڪل سان ڪري سگهندس، باقي لکڻ پڙهڻ جو ڪم فقط چانهه جي ڪوپ تي لڳاتار ۱۵ ڪلاڪ به ڪري ويندس. بهرحال اهي منهنجون مجبوريون آهن، آئون اهو نٿو چوان ته اهي ڪي سٺيون ڳالهيون آهن. ڪيترن عالمن جو اِهو رايو آهي ته ڪتاب پڙهڻ کان بهتر ڪچهري آهي. بهرحال ڇا سٺي ڳالهه آهي ڇا خراب، هاڻ ستر ورهين جي ڄمار ۾ آئون پنهنجيون عادتون بدلائي نٿو سگهان. توهان کي متاثر ڪندڙ شخصيتون ڪهڙيون آهن، جي جواب ۾ هن چيو ته ڪيترين ئي شخصيتن سان ملاقات ٿي جن بيحد متاثر ڪيو ۽ منهنجا سفرناما ۽ انهن جا انتساب اهڙن ماڻهن سان ڀريا پيا آهن. توهان کي پنهنجي ڪيريئر ۾ ڪهڙا ڪهڙا وڏا چئلينج درپيش آيا آهن، جي جواب ۾ هن چيو ته منهنجو جيڪو ڪيريئر آهي يعني سمنڊ تي جهاز هلائڻ هميشهه چئلينجن سان ڀريل رهي ٿو. هر وقت مصيبتن ۽ مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، جن جو ڪجهه تفصيل سان احوال ”موج نه سهي مڪڙي“ ۽ اردو ڪتاب ”سمندر ڪي دن“ ۾ ڏئي چڪو آهيان. اسان جا اديب يا ليکڪ سنڌ جي حقن لاءِ ڪو خاص ڪردار ڇو ادا نٿا ڪن؟ جي جواب ۾ الطاف چيو ته ماڻهن جي حقن جو بار نمائندن يعني سياستدانن تي هوندو آهي، اسان وٽ خبر ناهي ڇو هر ڳالهه ۾ اديب ۽ شاعر کي سوگهو ڪيو وڃي ٿو. توهان ادبي سنگت جي ڪردار کي ڪيئن ٿا ڏسو؟ واري سوال جي جواب ۾ الطاف شيخ چيو ته ادا مون کي ڪا ادبي سنگت جي ڪردار جي ڄاڻ نه آهي، منهنجي ته زندگي جو وڏو حصو سمنڊ تي گذري ويو. اڄ کان ۴۵ سال کن اڳ امرجليل ۽ قمر شهباز سان گڏ سائين نوردين سرڪي وڪيل صاحب جي آفيس ۾ سنڌي ادبي سنگت جون ٻه ٽي ادبي ميٽنگون اٽينڊ ڪيون هئم، هاڻ ان جي آڌار تي موجوده سنڌي ادبي سنگت جو ڪاروبار هلائيندڙ ميمبرن تي ويهي ٽيڪا ٽپڻي ڪريان ته اها هڪ چريائپ ٿيندي. الطاف شيخ جو انٽرويو انٽرويو: ڊاڪٽر رام جواهراڻي رام جواهراڻي: توهانجو سنڌ جي ڪهڙي ڳوٺ سان واسطو آهي؟ الطاف شيخ: منهنجو مٽياري ضلعي جي ڳوٺ هالا نوان ۾ ۱۴ نومبر ۱۹۴۴ع تي جنم ٿيو جِتي منهنجو والد ۽ ڏاڏو پڻ ڄائو. هالا نوان جيڪو هاڻ هڪ شهر جي حيثيت رکي ٿو حيدرآباد کان ۶۵ کن ڪلوميٽر اتر ۾ نئشنل هاءِ وي تي آهي. سندس اولهه ۾ ۳ ڪلوميٽر پري سنڌو ندي جي ڪناري تي هالا پراڻا آهي. رام جواهراڻي: منهنجي خيال ۾ توهان جو ڳوٺ هالانوان ٽوئرزم ۽ تعليمي ادارن کان مشهور آهي. الطاف شيخ: جي ها. صحيح ٿا چئو. هالا تاريخي شهر آهي جِتي سنڌ جي مشهور بزرگ ۽ شاعر مخدوم نوح عليه جي درگاهه آهي. هالا دلڪش جنڊي، سوسي، ڀرت ۽ هٿ جي ٺهيل ڪپڙي کان به مشهور آهي. سنڌ جو هي واحد شهر آهي جِتي انگريزن جي ڏينهن کان خانگي هاءِ اسڪول شروع ٿيو. ان ڪري هن شهر ۾ پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن جو تعداد تمام گهڻو آهي. رام جواهراڻي: پوءِ توهان جي ڪراچيءَ ۾ ڪيئن رهائش ٿي؟ الطاف شيخ: دراصل آئون ڪراچيءَ گهڻو گهڻو پوءِ اچي رهيس. تيرهن سالن جو هوس ته مون تعليم لاءِ هالا ڇڏيو ۽ ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان انٽر ڪري چٽگانگ مشرقي پاڪستان (هاڻ بنگلاديش) پهتس جِتي مئرين انجنيئرنگ (پاڻي جا جهاز هلائڻ جي انجنيئري) پڙهي. ان بعد دنيا جي سمنڊن تي مختلف جهاز هلائيندو رهيس. ان دوران ڪڏهن ڪڏهن جهاز ڪراچي ايندو هو ته به منهنجي رهائش جهاز تي هوندي هئي. بعد ۾ سامونڊي نوڪري ڇڏڻ بعد جڏهن مونکي پاڪستان مئرين اڪيڊمي ۾ رکيو ويو ته منهنجي رهائش ڪراچيءَ ۾ ٿي. رام جواهراڻي: توهان بنيادي تعليم هالا بدران ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان ڇو ورتي؟ الطاف شيخ: انهن ڏينهن ۾ ۱۹۵۰ع واري ڏهاڪي جي آخري سالن ۾ هي پنهنجي نوعيت جو ڪاليج سنڌ ۾ کليو هو جِتي عام تعليم سان گڏ فوجي سکيا، گهوڙي سواري، ترڻ، باڪسنگ، رانديون ۽ تقريرن جو پڻ بندوبست هو. هنن هر سال سڄي پاڪستان مان ۳۰ ڪئڊٽ چونڊيا ٿي. مون به ٽيسٽ ۽ انٽرويو ڏنو ۽ چونڊجي ويس. ۱۹۵۸ع کان ۱۹۶۳ع تائين آئون پيٽارو ۾ پڙهيس. رام جواهراڻي: ان وقت جا ڪجهه ساٿي جيڪي نامور ٿيا؟ الطاف شيخ: لياقت جتوئي سنڌ جو وزير اعليٰ ۽ فيڊرل منسٽر، ايس پي شاهد فوجي جنرل، فاروق رشيد، اظهر حسين، انيس الرحمان سڀ ائڊمرل ٿيا، انبن جو شهنشاهه رفيع ڪاڇيلو، پيٽرول پمپن جو بادشاهه شوڪت جماڻي، ماڊرن ائگريڪلچر رسالي جو ايڊيٽر نور احمد نظاماڻي، مشهور ڊراما ائڪٽر اورنگزيب لغاري ۽ اڪبر بگٽي جيڪو انڪم ٽئڪس ڪمشنر به رهيو، ڪولوراڊو يونيورسٽي جو ڊين ڊاڪٽر رامچند اوڏ وغيره وغيره منهنجا ڪلاس ميٽ هئا يا سال ٻه جونئر. رام جواهراڻي: توهان ڇا ۾ گرئجوئيشن ڪئي؟ الطاف شيخ: منهنجو اهم ۽ پروفيشنل سبجيڪٽ مئرين انجنيئرنگ هو جنهن ۾ چٽگانگ مان گرئجوئيشن ڪرڻ بعد ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي، مالمو (سئيڊن) مان پوسٽ گرئجوئيشن ڪئي. ان کان علاوه سنڌ يونيورسٽي مان ايم اي سنڌي ۾ ۽ LL.B پڻ ڪئي. رام جواهراڻي: توهان مئرين انجيئرنگ جي چونڊ ڇو ڪئي؟ الطاف شيخ: ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جي ڏينهن ۾ اسان کي موڪلن ۾ ڪياماڙي ۽ منهوڙو گهمائڻ وٺي ويندا هئا. ڪياماڙي ڪراچي جي، بلڪه سڄي پاڪستان جي آخري ڪنڊ آهي. ان بعد عربي سمنڊ شروع ٿئي ٿو. منهوڙو ڪياماڙيءَ کي ٽي چار ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ ٻيٽ آهي. اتي بيٺل دنيا جا سهڻن رنگن وارا جهاز ۽ انهن تي موجود سفيد يونيفارم ۾ سمارٽ نيويگيٽر ۽ مئرين انجنيئر ڏسي آئون بيحد متاثر ٿيس ۽ دنيا ڏسڻ جي شوق ۾ مئرين انجنيئرنگ ۾ آيس. انهن ڏينهن ۾ (۱۹۶۳ع) ۾ چٽگانگ ۾ ممبئي جي ڊفرن مئريٽائيم اڪيڊمي جي طرز جي اڪيڊمي کلي هئي. برٽش راڄ ۾ بمبئي ۾ ڊفرن اڪيڊمي ۱۹۲۷ع ۾ کلي هئي جيڪا پوءِ ۱۹۷۲ع ۾ راجندر جهاز تي شفٽ ڪئي وئي ۽ هاڻ ۱۹۹۳ع کان انڊيا وارن هڪ ٻيو وڏو جهاز ”ٽي ايس ڇناڪيا“ کي ڪناري تي هميشه لاءِ رکي ان تي اها اڪيڊمي قائم ڪئي آهي. اهو ممبئي جي بيچ روڊ وٽ آهي. جڏهن آئون چٽگانگ ۾ پڙهندو هوس ته منهنجا ان وقت جا سڀ پاڪستاني نيول آفيسر ڊفرن اڪيڊمي جا پڙهيل هئا جِتان هنن پاڪستان ٿيڻ کان اڳ گرئجوئيشن ڪئي هئي. هِتي اهو به ٻڌائيندو هلان ته ڊفرن اڪيڊمي کان اڳ انڊيا جا نوجوان جهازراني ۽ جهاز سازي جي سکيا ۽ تعليم لاءِ انگلنڊ ويندا هئا. پوءِ هڪ عظيم انڊين دور انديش سر پي. ايس (Pazhamaneri Sundaram) سواسوامي جي ڪوشش سان ممبئي ۾ اها ڊفرن اڪيڊمي کولي وئي. سر سواسوامي ۱۸۶۴ع ۾ ڄائو. هو هڪ ناليرو وڪيل، ائڊمنسٽريٽر ۽ Statesman هو جيڪو ۱۹۰۷ع کان ۱۹۱۱ع تائين مدراس پريزيڊنسي جو ”ائڊوڪيٽ جنرل“ ٿي رهيو. رام جواهراڻي: پنهنجي پهرين نوڪري بابت ٻڌائجو. الطاف شيخ: ۱۹۶۸ع ۾ گرئجوئيشن مڪمل ڪرڻ بعد مونکي پنهنجي ملڪ جي جهازران ڪمپني ”پاڪستان نئشنل شپنگ ڪارپوريشن“ ۾ نوڪري ملي. ان وقت هن ڪمپنيءَ کي ويهارو کن جهاز هئا. مونکي ۴۰۰ رپيا ماهوار پگهار تي ايم. وي اباسين نالي جهاز تي ”ففٿ انجنيئر“ طور رکيو ويو. رهائش ۽ کاڌو پيتو هر جهاز تي مفت آهي ان ڪري منهنجي لاءِ اهو پگهار تمام گهڻو هو جڏهن ته ان وقت سون جو اگهه هڪ هزار رپيا تولو هو ۽ ڊالر جو اگهه چار رپيا هو. هر جهاز تي ”ڊيوٽي فري شاپ“ هو جنهن دڪان تي ڪيتريون ئي شيون: سگريٽ، چاڪليٽ، عطر، بسڪيٽ ۽ هر قسم جي ڊرنڪ فئڪٽري جي اگهه تي ملي ٿي. انهن ڏينهن ۾ ڪوڪ ۽ پيپسي جا دٻا نڪتا هئا جن جو هڪ درجن وارو پئڪ ساڍي ڇهين رپئي (ڏيڍ ڊالر) ۾ مليو ٿي ۽ ڏهين رپئي ۾ بيئر جو ڪريٽ يعني ۲۴ بوتلون هونديون هيون. ۸ رپئي (ٻن ڊالرن) جي بليڪ ليبل وسڪي جي بوتل هئي. رام جواهراڻي: پر مونکي خبر آهي ته توهان ڪنهن به قسم جي شراب کي هٿ نٿا لاهيو. هڪ Sailor لاءِ اها ڳالهه حيرت انگيز نه آهي؟ الطاف شيخ: سائين بلڪل صحيح ٿا چئو. انهن ڏينهن ۾ هن نوڪريءَ ۾ ماڻهو ورلڊ (دنيا گهمڻ) کان وڌيڪَ سستي وائين (شراب) لاءِ آيا ٿي. تعليم دوران جڏهن هر هفتي ڇنڇر ڏينهن چٽگانگ جي بندرگاهه ۾ بيٺل ڪنهن جهاز جي Visit تي ويندا هئاسين ته ان جهاز جي آفيسرن کي ڏسي اسان به دل ئي دل ۾ سَڌون ڪندا هئاسين ته اسان به هنن وانگر ٽرپل فائو سگريٽن جو گول دٻو هٿ ۾ کڻي جهاز جي اَنديءَ (Gunwale) تي بيهي سگريٽ جا ڪش هڻنداسين، يا جهاز جي ڊرائنگ روم ۾ ويهي ٿڌي بيئر جون چشڪيون ڀرينداسين. پر تعليم بعد پهرين ئي جهاز تي منهنجا جيڪي ٻه ڪئبن ميٽ مونکان هڪ سال سينيئر ففٿ انجنيئر هئا اهي صوفي قسم جا هئا. انهن اجائي سجائي چانهه پيئڻ کان به گريز ڪئي ٿي. منهنجي دلچسپي ڏيکارڻ تي هنن مونکي سمجھايو ته سگريٽ ڇڪڻ توڙي ڪنهن قسم جو شراب پيئڻ ۾ نقصان گهڻا آهن ۽ اهي شيون صحت ۽ اخلاق لاءِ هاڃيڪار آهن. دنيا جي ڪا به سڌريل سوسائٽي ان کي سٺو نٿي سمجھي .... وغيره. پهرين ته مونکي سندن ڳالهيون عجيب لڳيون ۽ اهو ئي دماغ ۾ آيو ته پوءِ ماڻهو سامونڊي نوڪري ۾ اچن ئي ڇو ٿا! پر پوءِ آهستي آهستي مونکي هنن جي ليڪچرن ۾ Sense نظر آيو. بهرحال هِتي ڪو آئون Preacher بنجڻ جي ڪوشش نٿو ڪريان ته نشي جي شين کان پري رهو ۽ شراب جهڙين شين کي هٿ نه لايو. اهو هر هڪ جو پنهنجو عمل آهي جنهن لاءِ هو آزاد آهي ته جنهن کي جيڪي بهتر لڳي اهو ڪري. هڪ خوبصورت شعر ياد اچي رهيو آهي: کون ہے جس نے مئہ نہیں چھوئی کون جھوٹی قسم اٹھاتا ہے مئخانے سے جو بچ نکلتا ہے تیری آنکھوں میں ڈوب جاتا ہے رام جواهراڻي: ڀلا لکڻ پڙهڻ جي ”ڪِينئين“ توهان کي ڪيئن ڏنگيو جنهن جي نتيجي ۾ توهان هيڏا ويهي سفرناما لکيا آهن؟ الطاف شيخ: مطالعي جو مونکي ننڍپڻ کان شوق هو. منهنجي ماءُ پي کي به ڪِتابن رسالن پڙهڻ جي عادت هئي ۽ هو مون تي پڙهڻ لاءِ زور ڀريندا رهندا هئا. منهنجو پيءُ جنهن پوني (انڊيا) جي ائگريڪلچر ڪاليج (هاڻ يونيورسٽي) مان B.Sc ڪئي ۽ اٿاڪا (نيويارڪ) جي ڪارنيل يونيورسٽي مان M.Sc ڪئي ۽ جنهن جو ائنٿراپالاجي ۽ Insects دلپسند سبجيڪٽ هئو، اهو پڻ ڪجهه ڪِتابن جو مصنف هو، جهڙوڪ: ماکيءَ جي مک، ماڪوڙي، ڪوريئڙو وغيره. ان کان علاوه هڪ مزاحيه ڪتاب ”گڏهه“ پاڻ ۽ سندس ٽن دوستن: ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، سيد غلام مصطفيٰ شاهه ۽ جلباڻي صاحب گڏجي لکيو هو. منهنجو والد مونکي هر وقت سمجھائيندو هو ته: ”فرصت جون گهڙيون لکڻ پڙهڻ ۾ لڳائجن ۽ ان جهڙي ٻي بهتر هابي (وندر) آهي ئي ڪونه.“ سچ اهو آهي ته انهن ڏينهن ۱۹۴۰، ۵۰ ۽ ويندي ۶۰ واري ڏهاڪي ۾، نه هيون ٽي ويون ۽ نه ڪمپيوٽر. اسانجي سڄي شهر ۾ فقط هڪ مهاڻن جي گهٽيءَ ۾ خدا ڏني ميربحر جو ٻيڙيون ٻڌڻ جو دڪان هوندو هو جنهن تي پهريون دفعو چاٻيءَ تي هلندڙ ”فونو“ (گرامو فون) ڏٺوسين جنهن تي اڪثر چندر، جيوڻي ٻائي، الهڏني نوناري، ڀڳت ڪنور رام ۽ ڀڳت جاڙو مل جا رڪارڊ پيا هلندا هئا. پوءِ جڏهن آئون ٻارهن کن سالن جو ٿيس ته اسانجي گهر ۾ ريڊيو آيو جيڪو ڪار جي بيٽري تي هليو ٿي. منهنجو هي سڀ ٻڌائڻ جو مطلب اهو آهي ته اسان جي ننڍپڻ جي ڏينهن ۾ ٻارن جو وقت ڪِتاب ۽ رسالا پڙهڻ ۾ گذريو ٿي. رام جواهراڻي: پوءِ ڀلا توهان لکڻ ڪڏهن کان شروع ڪيو؟ الطاف شيخ: ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ جڏهن آئون مئٽرڪ ۾ پهتس ته پنهنجي ڪاليج جي مئگزين ۽ سنڌي اخبارن جي ٻارن جي صفحي ۽ حيدرآباد مان مقبول ڀٽيءَ جي رسالي ”گلستان“ ۾ ننڍا ننڍا مضمون لکڻ لڳس. انٽر ۾ پهچي آئون پنهنجي ڪاليج جي مئگزين جو ايڊيٽر به ٿيس. سچي ڳالهه اها آهي ته اسانجي ڪاليج جي پرنسپال جو به ان ۾ وڏو هٿ هو. هو (ڪرنل J.H.H ڪومبس) برٽش آرمي جو رٽائرڊ ڪرنل ۽ ٻي جنگ عظيم جو جپاني قيدي (P.O.W) رهيو هو. هو اسان کي هر وقت اها ئي نصيحت ڪندو هو، بلڪه سختيءَ سان ان تي عمل ڪرائيندو هو ته اسان گهڻي کان گهڻا ڪِتابَ پڙهون. هو چوندو هو ته: ”مطالعو ئي هڪ اهڙي هابي آهي جيڪا ماڻهو پيريءَ ۾ به قائم رکي ٿو.“ هو اهو به چوندو هو ته جنهن ماڻهوءَ کي پڙهڻ سان چاهه آهي اهو جنگل ۾ به اڪيلو محسوس نه ڪندو Books are best companions”. رام جواهراڻي: ڀلا اهو ته ٻڌايو ته توهانکي جهاز تي لکڻ لاءِ وقت ڪيئن مليو؟ الطاف شيخ: توهان بلڪل صحيح ٿا چئو. جهاز تي واندڪائي ملڻ ڏاڍو مشڪل آهي ۽ نه وري لڳاتار سڪون جي زندگي ملي ٿي. روز هڪ جهڙي زندگي ۽ روٽين هجڻ بدران ڪڏهن ماڻهو سمنڊ تي جهاز جي انجڻين جي جهنجھٽن ۾ ورتل رهي ٿو ته ڪڏهن ڪناري جي رونقن ۽ پُر سحر نظارن ۾ ڦاٿل رهي ٿو. بندرگاهه جي مشغول زندگي بعد سمنڊ تي اڃان ٻه چار ڏينهن ٿڪ ٿو ڀڃجي ته ٻيو بندرگاهه اچيو وڃي. مونکي سامونڊي نوڪري ۾ لکڻ جو ڪو ارادو نه هو پر مونسان مختلف ڳالهه درپيش آئي. مون جڏهن سامونڊي نوڪري جي شروعات ڪئي ته منهنجي ڪلاس ميٽ ساٿين کي ته ”گلف“ ۽ ”ڏور اوڀر“ جي روٽ جا جهاز مليا جن ۾ بندرگاهه سگها سگها اچن ٿا .... ٻن ٽن ڏينهن ۾. مثال طور ڪراچي کان ڪوريا وڃڻ دوران ڏيڍ ڏينهن بعد ممبئي ٿو اچي پر جي ممبئي ناهي وڃڻو ته وڌ ۾ وڌ ٽن ڏينهن بعد ڪولمبو (سري لنڪا جو بندرگاهه) اچيو ٿو وڃي. ۽ پوءِ اهڙن ٽن ڏينهن بعد ڪولڪتا يا چٽگانگ ، ۽ پوءِ ٽن چئن ڏينهن بعد پينانگ. ان بعد هڪ ڏيڍ ڏينهن بعد پورٽ ڪلانگ (ڪوالالمپور) ۽ اهڙن ٻن ڏينهن بعد سنگاپور .... پوءِ هڪ ٻئي پويان بئنڪاڪ، هانگ ڪانگ، شنگھائي، دائرين (چين)، ٽوڪيو، نگويا ۽ ڪوريا جا بندرگاهه: پوسان ۽ سيول وغيره. پر شروع وارا سال مونکي U.K ۽ يورپ روٽ تي رکيو ويو ٿي يا USA ڪئناڊا روٽ تي .... اهي ٻئي ڊگهن سامونڊي سفرن واريون routes آهن. ويتر انهن ڏينهن ۾ سئيز ڪئنال (جنهن اسان جي ايشيائي سمنڊ بحر احمر (Red Sea) کي يورپ جي ڀؤنچ سمنڊ (Mediterranean Sea) سان ڳنڍيو ٿي، اهو ڪئنال) اسرائيل ۽ مصرين جي لڙائيءَ ڪري پاڻي جي جهازن لاءِ بند ڪيو ويو هو. ۽ اسان کي ڪراچيءَ مان يورپ يا آمريڪا ڏي هلڻ لاءِ سڄي آفريڪا کنڊ جو ڦيرو ڪرڻو پيو ٿي. ان ۾ اسان کي ۱۵ ڏينهن کن وڌيڪَ سامونڊي سفر ڪرڻ ۾ لڳي ويا ٿي. يعني ڪراچي کان ڪوپن هيگن ۾ ۳۰ کن ته ڪراچي کان ڪئناڊا ۴۰ ڏينهن راتيون سمنڊ تي جهاز هلائڻو پيو ٿي. جهاز تي وقت پاس ڪرڻ لاءِ مون به ٻين ساٿين سان برج پتي راند کيڏڻ شروع ڪئي پر جيئن ته آئون ان ۾ هوشيار نه هوس ان ڪري ڪو به مونکي پنهنجو پارٽنر ٺاهڻ لاءِ راضي نٿي ٿيو. سو جهاز هلائڻ بعد مون پنهنجو پاڻ کي پنهنجي ڪئبن تائين محدود رکيو ۽ وقت پاس ڪرڻ لاءِ ناول پڙهڻ لڳس يا پنهنجن دوستن کي پنهنجي ۽ ٻين جي سفر جا مشاهدا ۽ تجربا لکڻ لڳس. منهنجو پهريون سفرنامو ”منهنجو ساگر منهنجو ساحل“ اهڙن خطن جو مجموعو آهي جيڪو ان ئي سال ۱۹۶۹ع ۾ پاڪستان جي رائيٽرس گلڊ طرفان “Best Book of the year” قرار ڏنو ويو. ان ايوارڊ ۽ عبرت اخبار ۾ ڇپجندڙ ڪالمن جي موٽ ۾ ايندڙ خطن مونکي وڌيڪَ لکڻ لاءِ همٿايو ۽ سمنڊ جي ڊگهن سفرن دوران وقت پاس ڪرڻ لا ءِ اها منهنجي مجبوري به هئي. رام جواهراڻي: ۽ پوءِ ڪجهه سالن بعد توهانکي ڏور اوڀر ۽ گلف جي route تي رکيو ويو. ان بعد ڪناري جي نوڪري شروع ڪيانوَ ته به توهان لکندا رهيائو. الطاف شيخ: دراصل ڪيترائي سال ڏينهن رات لڳاتار لکڻ مونکي لکڻ جو عادي بڻائي ڇڏيو. آمريڪا روٽ تي وقت پاس ڪرڻ خاطر لکڻ منهنجي مجبوري هئي. جپان روٽ تي مشغول هجڻ ۽ وقت جي کوٽ باوجود لکڻ عادت کان مجبوري هئي جو بنا لکڻ جي مزو نٿي آيو. جپان، چين، ڪوريا، سنگاپور، ٿائلنڊ پاسي قصا ڪهاڻيون به کوڙ هيون جن مان ڪجهه جيستائين لکيم نٿي تيستائين مزو نٿي آيو. لکڻ لاءِ وقت نٿي مليو ته گهٽ سمهي به لکڻ جي هابي پوري ڪيم ٿي. ۽ هاڻ ته لکڻ جي عادت اهڙو اونهو گهر ڪري وئي آهي جو جيئن ڪو موالي بنا نشي جي رهي نه سگهي تيئن اسان بنا لکڻ جي رهي نٿا سگهون. اڄ جڏهن آئون ستر سالن جو ڏاڪو به ٽپي ويو آهيان ته به لکڻ خاطر وقت ڪڍڻ لاءِ ماڻهن سان ملڻ جلڻ، دعوتون اٽينڊ ڪرڻ ۽ ٽي وي ڏسڻ جهڙا ڪم به ڇڏي ڏنا اٿم. رام جواهراڻي: توهان جا دلپسند ليکڪ ڪير آهن؟ الطاف شيخ: مختلف دورن ۾ مختلف ليکڪ فئوريٽ رهيا آهن. ڪاليج وارن ڏينهن ۾ ۽ سامونڊي نوڪري دوران سمنڊ تي مونکي گهڻي کان گهڻا ڪِتاب پڙهڻ جو موقعو مليو ۽ ڪيترن اديبن جا ته مون سمورا سيٽ پڙهيا. جيئن ته: رچرڊ گارڊن (ڊاڪٽر سيريز)، ارنيسٽ هيمنگوي، سمرسيٽ ماهم، گرهام گريني، وي ايس. نائپال، جان اپڊائيڪ، البرٽ ڪاموز، وغيره وغيره. رام جواهراڻي: ڪو اهڙو ڪتاب جنهن جون يادگيريون توهانجي دماغ ۾ اڄ به تازيون هجن؟ الطاف شيخ: اوه! رام ڪيترائي ڪِتاب ..... جيڪي مون شاگردي جي ڏينهن ۾ پڙهيا انهن جي سڳنڌ مون کي اڄ به محسوس ٿئي ٿي. دل چوندي آهي ته انهن کي هڪ دفعو وري پڙهان. دل چوندي آهي ته اڄ جا شاگرد يا مطالعي جا شوقين اهي ڪتاب ضرور پڙهن ..... خبر ناهي انهن کي به ايترو مزو ايندو يا نه. انهن ڪتابن مان ڪجهه هن ريت آهن: پرلس ايس بڪ جو Good Earth، والاد مير نبوڪو جو Lolita، بورس پاسٽرناڪ جو ”ڊاڪٽر زهواگو“، ايملي برونٽي جو ”ودرنگ هائيٽس“، هرمن جو ”موبي ڊِڪ“، چارلس ڊڪنس جو ”گريٽ ايڪس پيڪٽيشن“، جين آسٽين جو ”پرائيڊ ائنڊ پريجوڊائس“، ايرڪا جونگ جو Fear of Flight، ۽ خاص ڪري ”باواني جنڪشن“ جيڪو ۱۹۵۴ع ۾ جان ماسٽرس لکيو جنهن جي بنياد تي ۱۹۵۶ع ۾ ڪامياب فلم ٺهي. اها فلم ان هنگاما خيز دور ۾ ٺهي جڏهن انگريز ننڍي کنڊ کي ڇڏي رهيا هئا. ان ۾ يوريشين (Anglo – Indians) جي پريشاني قابلِ ديد آهي. انهن جون وفاداريون هڪ طرف ڇڏي ويندڙ انگريز سان هيون ته ٻئي طرف انڊيا جي اڪثريت آدم شماري سان هيون. فلم ۾ ان وقت جي مشهور ائڪٽريس ”ائوا گارڊنر“ ائنگلو انڊين عورت ”وڪٽوريا“ ٿي آهي جيڪا انڊين آرمي ۾ نوڪري ڪري رهي هئي ۽ فلم ائڪٽر ”اسٽيو وارٽ گرانگر“ ڪرنل روڊني ٿيو آهي. هن فلم جي ڪجهه حصي جي شوٽنگ لاهور ۾ به ٿي هئي جِتي جي هڪ ٻارهن سالن جي ڇوڪريءَ پڻ ان فلم ۾ حصو ورتو هو. بعد ۾ اها ڇوڪري پاڪستان فلم انڊسٽري جي ”نِيلو“ نالي مشهور فلم ائڪٽريس ٿي. نيلو جو اصل نالو ”سنٿيا“ هو جنهن بعد ۾ هڪ پاڪستاني فلمون ٺاهيندڙ ۽ جرنلسٽ رياض شاهد سان شادي ڪئي ۽ پنهنجو اسلامي نالو ”عابده رياض“ رکرايو. ۱۹۶۵ع جي ڳالهه آهي ته شهنشاهه ايران جي پاڪستان ۾ وزٽ تي ان وقت جي مغربي پاڪستان جي گورنر امير محمد خان نيلو کي خاص مهمان اڳيان ڊانس ڪرڻ لاءِ گهرايو. نيلو جي انڪار تي هن کي threat ڏئي ڊيڄاريو ويو ۽ کيس گورنر هائوس ۾ پهچائڻ دوران هن رستي تي خوش ڪشي جي ڪوشش ڪئي ۽ کيس يڪدم اسپتال آندو ويو جِتي ڊاڪٽرن هن جي جان بچائي ورتي. کاٻي ڌر جي مشهور شاعر حبيب جالب ان ظلم تي پنهنجي غم ۽ غصي جو اظهار هن شعر ذريعي ڪيو: تو کہ نا واقفِ آدابِ غلامی ہے ابھی رقص زنجیر پہن کر بھی کیا جاتا ہے بعد ۾ هن جو هي شعر ڪجهه معمولي تبديلين سان فلم ”زرقا“ ۾ استعمال ڪيو ويو. رام جواهراڻي: ڀلا انهن انڊين ليکڪن بابت ٻڌايو جيڪي انگريزيءَ ۾ لکن ٿا؟ توهان کي ڪهڙو پسند آهي؟ الطاف شيخ: حقيقت اها آهي ته ڪاليج جي ڏينهن کان وٺي اڄ تائين مون لاءِ بهترين افسانوي يا غير افسانوي انگريزي ناول اهي آهن جيڪي ننڍي کنڊ جي ماڻهن لکيا آهن يا انهن انگريزن جيڪي انڊيا ۾ ڄاوا يا اتي وڏو عرصو گذاريائون. جيئن ته E.M Foster (ايڊورڊ مورگن فاسٽر) جنهن جو ناول A Passage to India آهي، يا رڊيارڊ ڪپلنگ آهي جنهن جا ڪتاب. منڊالي، ڪِم، گنگادين ۽ Plain Tales from the hill آهن.... جان ماسٽرس جو ڀاواني جنڪشن، وئلري جو ”زميندار“ يا J.G Farrell جو The Siege of Krishanapur آهي. انڊيا جي رهاڪن مان ڪجهه جن جا ناول مونکي تمام گهڻا وڻيا، هن ريت آهن: انيتا ڊيسائي ۽ سندس ڌيءَ ڪرن ڊيسائي، وڪرم سيٺ (A Suitable Boy)، روهنٽن مستري (ٽيلس فرام فيروز شاهه باغ) ۽ (Such a Long Journey) ان کان علاوه ارونڌاتي راءِ جنهن جا سنڌي ترجما سنڌ ۾ تمام مشهور آهن.... مون سندس فقط هڪ ڪتاب The God of Small Things پڙهيو آهي، آر. ڪي ناراين ـــ منهنجو تمام گهڻو دلپسند ليکڪ آهي جنهن جو ڏکڻ هندستان جي شهر ”مال گودي“ جي پس منظر ۾ ناول بيحد مشهور آهي.... نراد چوڌري جنهن جي لکيل هڪ اڻ ڄاتل انڊين جي آتم ڪهاڻي the Autobiography of an Unknown Indian جنهن ۾ دراصل سندس ذات جا ئي تجربا ۽ مشاهدا آهن. رام جواهراڻي: ڀلا انڊين انگريزي شاعرن بابت ڇا خيال آهي؟ الطاف شيخ: منهنجي شاعريءَ ۾ شروع کان ڪا گهڻي دلچسپي نه رهي آهي. بس ڪڏهن ڪڏهن، خاص ڪري سمنڊ تي جڏهن مون وٽ پڙهڻ لاءِ ٻيو ڪجهه نه هوندو هو ته پوءِ شاعري تي به نظر ڦيريندو رهيس ٿي ..... ڪجهه انڊين شاعر جن جي مون انگريزي شاعري پڙهي ۽ ٿوري سمجھڻ جي ڪوشش ڪئي هن ريت آهن: آرون ڪولاتڪار، Nissim Ezekiel، ڪملا داس، دليپ چتري ۽ انهن ۾ توهان رابندر ناٿ ٽئگور کي به شامل ڪري سگهو ٿا. رام جواهراڻي: منهنجي خيال ۾ توهان ملئي ۽ جپاني ادب به ڪافي پڙهيو آهي. الطاف شيخ: آئون ملائيشيا ۾ تمام وڏو عرصو رهيو آهيان پر افسوس جو ملئي ادب انگريزي، اڙدو يا فارسي وانگر ڪو مالا مال ناهي. ملئي شاعريPantuns پڙهڻ جوڳيون آهن. ۽ جيڪڏهن توهان ملئي ٻولي کان واقف آهيو ته وڌيڪَ Enjoy ڪري سگهو ٿا. پنتون ملئي شاعريءَ جو قسم آهي جيئن رباعي يا چؤسٽو. هن ۾ چار سٽون ٿين ٿيون جن جو رديف قافيوabab فارم ۾ ٿئي ٿو. مثال طور Singapura negri baharu, Tuan Raffles menjadi raja, Bunga melur, Cempaka biru, Kembang sekuntum di mulult naga. سنگاپور هڪ نئون ملڪ آهي جنهن جو حاڪم جناب رئفلز بڻيو جاسمين جو گل ۽ فرنگي پاني ازدها جي منهن ۾ مکڙي مان گل ٿيو. رام جواهراڻي: ۽ جپاني ادب بابت ڇا خيال آهي؟ الطاف شيخ: جي ها. جپاني ٻولي ادب ۾ تمام امير آهي. جپان سان واسطو قائم ٿيڻ کان پهرين آئون اهو ئي سمجھندو هوس ته جپاني ماڻهو Robots وانگر آهن جيڪي فقط ڪَلَ جو سامان ٺاهي سگهن ٿا. هنن کي ڪي به لطيف جذبات يا احساسات نه آهن. پر هاڻ آئون ادب جي شاگردن کي اها ئي صلاح ڏيندو رهان ٿو ته هو جپاني نثر توڙي نظمَ جا ترجما پڙهن. مون پهرين جپاني ناول جو انگريزي ترجمو “A Sailor who fell from Grace with the Sea” پڙهيو هو. مشيما يوڪيو جي هن ناول منهنجي اندر ۾ سندس ۽ ٻين جپاني ليکڪن جي ڪِتاب پڙهڻ جي تانگهه پئدا ڪئي. رام جواهراڻي: توهان جا favorite جپاني ليکڪ ڪير آهن جن لاـءِ ٻين کي به پڙهڻ لاءِ Suggest ڪندائو؟ الطاف شيخ: ”مشيما يوڪيو“ سميت منهنجا ڪيترائي دلپسند جپاني ليکڪ آهن. مشيما جا ڪجهه ٻيا انگريزيءَ ۾ ٽاپ ڪلاس ناول آهن: فاربڊن ڪلرس، “The Temple of the Golden Pavilion”، دي سائونڊ ويوز وغيره. اهڙي طرح نتسومي سوسيڪي (۱۸۶۸-۱۹۱۲) به جپان جو بهترين ناول نِگار آهي جنهن جا ناول ”ڪوڪورو“ (Heart)، ڪُوساما ڪُورا (Three Cornered wall) ۽ خاص ڪري ۹۰۰ کن صفحن جو ناول واگاهائي وا نيڪو دي اَرُو (I am a Cat) جپاني سوسائٽي تي طنز وارو ناول پڙهڻ وٽان آهي. ڪجهه ٻين جپاني ليکڪن جا انگريزي ۾ ترجما ٿيل ناول جن کي پڙهڻ جي صلاح ڏيندس، هن ريت آهن جپان جي نوبل پرائيز جيتڻ واري ياسوناري ڪواباتا ليکڪ جا ناول: سين با زورو (Thousand Cranes)، ياما نو اوتو (The Sound of the Mountain)، ڪيوٽو (The Old Capital)، جوني چيرو تاني زاڪي ليکڪ جا ڪِتاب:The Key ۽ Diary of Old Man ، تيتسو مِي يورا جا ڪِتابَ: Kafka on Shore، نارويجن ووڊ، اي وائلڊ شيپ چيس، The Elephant Vanishes...... وغيره وغيره. رام جواهراڻي: ۽ جپاني شاعري بابت ڇا خيالُ آهي؟ الطاف شيخ: جپاني شاعري وري به مونکي پسند آهي خاص ڪري ”هائيڪو“. هائيڪو (haiku)جپاني شاعريءَ جو مختصر فارم آهي جيڪو اسانجي ٽيڙو يا ٽه سٽو جيئن ٽن سٽن جو ٿئي ٿو پر هائيڪو ۾ مقرر ۱۷ ماترائون ٿين ٿيون. پهرين سِٽَ ۾ ۵، ٻيءَ ۾ ۷ ۽ ٽينءَ ۾ ۵. مثال طور ماتسو باشو جو هڪ مشهور هائيڪو آهي ته: Furuike Ya (فُو ـــ رُو ـــ اِي ـــ ڪي ـــ يا) = ۵ Kawazu tobi Komu (ڪا ـــ وا ـــ زو ـــ تو ـــ بي ـــ ڪو ـــ مو) =۷ Mizu no oto (مي ـــ زو ـــ نو ـــ او ـــ تو) = ۵ ماترائون (هڪ جھونو حوض هڪ ڏيڏر ان ۾ ٽٻي ٿو هڻي پاڻيءَ جي ڇلڪڻ جو آوازُ) رام جواهراڻي: ڪجهه اهم جپاني شاعر جن جي شاعري انگريزيءَ ۾ به ترجمو ٿي هُجي؟ الطاف شيخ: توهان کي ڪيترن ئي شاعرن جا ترجما ملندا. متسو باشو، ڪوباياشي اِسما ۽ يوسا بُوسن .... اهي ٽي جيڪي ايڊو دور جا شاعر آهن بيحد مشهور آهن. انهن جي شاعري اسان وٽ سنڌي ۽ اڙدو ۾ به ترجمو ٿي آهي ۽ انڊيا ۾ ته ڪيترن ئي ٻولين ۾. انهن کان علاوه ڪجهه ٻيا جپاني شاعر جن جو مون انگريزي ترجمو پڙهيو آهي، هن ريت آهي: فُوڪُودا چِيو ني ـــ هائيڪو جي مشهور شاعره تاڪاموري اتسو ـــ هيءَ خاتون شاعره سان گڏ ترقي پسند ليکڪا، تاريخدان ۽ عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙ ڪندڙ به آهي. سائيگيو هوشي، مورا ڪامي ڪيجو ۽ هڪ عورت شاعره جنهن کي جپاني توڙي ڌاريان تمام گهڻو پسند ڪن ٿا اها آهي ”اونو نو ڪوماچي“. مون پنهنجن جپان جي سفرنامن ۾ ڪوماچي ۽ ان جي شاعريءَ بابت تمام گهڻو لکيو آهي. هوءَ ”وَڪا“ جي شاعره هئي. وَڪا (Waka)سيدوڪا، تانڪا، چوڪا، ڪاتا اوتا جپاني شاعري جا قسم آهن جيئن اسان وٽ بيت، ٽيڙو، غزل، ڪافي، رباعي وغيره. وَڪا شعر ۾ ۵ سٽون ٿين ٿيون. جن ۾ ۵،۷،۵،۷ ۽ ۷ ماترائون (Syllables) ٿين. مثال طور: Omoitsutse هن جو ئي سوچي رهي آهيان. Nureba Ya Hito no هن سان ملڻ ڪارڻ، مون ننڊ ڪئي. Meitsuramu هو منهنجي اڳيان ظاهر ٿيو. Yume to Shiriseba منهنجي ڌيان مان نڪري ويو ته اهو خوابُ آهي. Samezara mashi wo نه ته آئون ننڊ مان هرگز سجاڳ نه ٿيان ها.... جپاني معاشرو مائي ڪوماچي جي محبت جي قصن سان ڀريو پيو آهي. سڀ کان عام قصو سندس فوڪا ڪوسا نالي هڪ شهنشاهي درٻار جي ڪاموري سان عشق جو آهي. ڪوماچيءَ هن سان وعدو ڪيو ته جيڪڏهن هو ساڻس لڳاتار سؤ راتين تائين هم بستري جاري رکندو ته پوءِ هوءَ هن کي سچو عاشق مڃيندي. فوڪا ڪوسو هن وٽ باقاعدگيءَ سان هر رات ايندو رهيو پر اچي اچي آخري راتين ۾ همت هاري ويٺو. ان جي ڏک ۾ هو اهـڙو بيمار ٿيو جو وڃي کٽ تي داخل ٿيو ۽ هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. هن جي جواني جي موت تي، چون ٿا ته ڪوماچيءَ به ٽي ڏينهن کن سوڳ ملهايو ۽ اهي ٽي ڏينهن هن ٻي ڪنهن مرد جي ويجھو وڃڻ کان گريز ڪئي. ڪوماچيءَ جو شاعريءَ جي دنيا ۾ وڏو مقام آهي ۽ کيس عزت بخشڻ لاءِ جپاني حڪومت جپاني چانورن جي هڪ خاص جنس جو نالو سندس نالي پٺيان ”اڪيٽا ڪوماچي“ رکيو آهي. ساڳي وقت جپان جي اڪيٽا شنڪانسين (بليٽ ٽرين) کي پڻ پيار مان ”ڪوماچي“ سڏيو وڃي ٿو. رام جواهراڻي: انڊو پاڪ کان علاوه توهان ٻيا ڪهڙا ملڪ ڏٺا آهن. الطاف شيخ: اڄ ڪلهه جهاز هلائيندڙن کي بندرگاهه ۾ رهڻ جا تمام گهٽ موقعا ملن ٿا. اهو ان ڪري جو جتي جهاز ماڊرن ٿي ويا آهن اتي بندرگاهن ۾ ڪارگو لاهڻ ۽ چاڙهڻ جو طور طريقا به ايڏو تيز رفتار ۽ ماڊرن ٿي ويا آهن جو سڄي ڀريل جهاز کي هڪ يا ٻن ڏينهن ۾ خالي ڪريو وٺن ۽ جهاز اهو بندرگاهه ڇڏي ٻي منزل ڏي روانو ٿيو وڃي. ان نتيجي ۾ جهاز هلائڻ وارن کي بندرگاهه گهمڻ جو موقعو ئي نٿو ملي. اسان جي ڏينهن ۾ يعني ۱۹۶۰ع ۽ ۱۹۷۰ع وارن ڏهاڪن تائين جهاز ته ماڊرن ٿي چڪا هئا پر بندرگاهن جا حالَ پورا سارا هئا. ڪنٽينر سروس شروع ٿي رهي هئي پر جِتي ڪٿي خاص ڪري آمريڪا ۽ ڪئناڊا ۾ ڊاڪ لئبر (مزدور) ان جي مخالفت ڪري رهيا هئا جو ٽرڪن مان سامان لاهڻ چاڙهڻ ۾ هنن کي ڏينهن ٿي لڳا ۽ اوور ٽائيم ٺهيو ٿي. ان کان علاوه هنن کاڌي پيتي جي شين جي چوري الڳ ڪئي ٿي. ڪنٽينر بند بند هجڻ ڪري سامان جي چوري نٿي ٿئي ۽ جهاز تي جلد ئي چڙهيو وڃن. سو اسان جي ڏينهن ۾ جهاز کي بندرگاهن ۾ هفتا ڇا ڪڏهن ته جدي، ڊڪار، دبئي، لاگوس جهڙن بندرگاهن ۾ مهينو ڏيڍ به لڳي ويو ٿي ۽ اسان جهاز هلائڻ وارن کي اهو بندرگاهه وارو شهر ۽ ڀر وارا شهر گهمڻ لاءِ ملي ويا ٿي. جيئن جهاز يوڪوهاما ۾ بيٺو هوندو هو ته باءِ بس يا ٽرين ٽوڪيو هليا ويندا هئاسين. يا ڪوبي ۾ هوندو هو ته ٽرين ذريعي اوساڪا ۽ ڪيوٽو به پهچي ويندا هئاسين. سو اسان جهاز هلائڻ وارن کي انهن ڏينهن ۾ گهمڻ ڦرڻ جا خوب مزا هئا ۽ اها چوڻي صحيح ثابت ٿيندي هئي ته Join the Navy, See the World. آئون ان معاملي ۾ به خوش نصيب رهيس جو مون سڄي نوڪري هڪ روٽ تي نه گذاري. سال ٻه آمريڪا ڪئناڊا روٽ تي هوس ته سال ٻه يورپ ۽ يوڪي روٽ تي. ڪڏهن گلف مڊل ايسٽ ۽ آفريڪا روٽ تي ته ڪڏهن پئسفڪ ۽ فار ايسٽ (جپان، چين، ڪوريا، فلپين ملائيشيا وغيره) تي. اهڙي طرح مونکي هر سمنڊ جا گهڻي کان گهڻا بندرگاهه ڏسڻ جو موقعو مليو ۽ ان سان گڏ ننڍڙا ننڍڙا ٻيٽ پڻ، جيئن ته برمودا، بهاما، مالديپ، ٽرنيڊاڊ، توباگو، ڪيپ وردي، لاس پاماس (ڪَناري) وغيره. اهڙي ريت مونکي لکڻ لاءِ گهڻي کان گهڻو مواد ملندو رهيو. رام جواهراڻي: اڄ تائين توهان ڪيترا سفرناما لکيا هوندا؟ الطاف شيخ: هيستائين منهنجا ۸۲ ڪِتابَ ڇپجي چڪا آهن جن مان ۷۰ کن سفرناما آهن باقي مضمون ۽ ترجما آهن. ٻه ڪِتابَ پهاڪن جا آهن. هڪ انگريزي ۾ Proverbs of Far –East ۽ ٻيو سنڌيءَ ۾ ”رٺي آهي گھوٽَ سان“ انهن ۾ سنڌ ۾ استعمال ٿيندڙ پهاڪن سان گڏ ملئي، چيني ۽ جپاني ٻولين جا به پهاڪا آهن. انهن ٻولين وارا ملڪ: ملائيشيا، چين، هانگ ڪانگ ۽ جپان اهي آهن جِتي منهنجو تمام گهڻو وڃڻ ٿيو. رام جواهراڻي: توهان جي نظرن ۾ توهان جو سڀ کان بهترين ڪِتاب ڪهڙو آهي ۽ ڇو؟ الطاف شيخ: هر ليکڪ کي پنهنجا سڀ ڪِتابَ پنهنجي ٻارن وانگر سٺا لڳن ٿا. پر منهنجي خيالَ ۾ ايران جو سفرنامو، سعودي عرب جا ٻه سفرناما (”اي روڊ ٽه مدينه“ ۽ ”ڀلي پار تان ڀيرو“) ۽ انڊيا جا ٽي سفرناما (”دهلي جو درشن“، ”هلي ڏسجي هندستان“ ۽ ”بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾“) شايد بهترين هجن جو انهن جا ڪيترائي ڇاپا اچي چڪا آهن. مون ملائيشيا ۽ جپان تي به ڪيترائي سفرناما لکيا آهن... گهٽ ۾ گهٽ پنج پنج هر ملڪ تي .... اهي شايد ان ڪري پسند ڪيا وڃن ٿا جو اسانجي ماڻهن جو انهن ملڪن ڏي وڃڻ جو گهڻو رجحان آهي. منهنجي ڪجهه ڪِتابن جون گهڻيون ايڊيشنون شايد ان ڪري به نڪرن ٿيون جو اهي مختلف يونيورسٽين جي B.A ۽ M.A ڪورسن لاءِ رکيل آهن. جيئن ته ”دنگي منجهه درياهه“ ڪراچي يونيورسٽي ۾، ”هي ٻيٽ هي ڪنارا“ سنڌ يونيورسٽي ۾ ۽ ”منهنجو ساگر منهنجو ساحل“ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾. منهنجو ڪِتاب ”موج نه سهي مڪڙي“ انهن سامونڊي سفرن جو آهي جن ۾ طوفان آيا، خراب سمنڊ مليو، جهازن جا حادثا ٿيا، راهه ڀٽڪي وياسين ۽ ٻيون Tragedies آهن. ٻه سفرناما جن تي مونکي ڪافي محنت ڪرڻي پئي اهي آمريڪا جا آهن: ”نيو هالا کان نيويارڪ“ ۽ ”بخشو لغاري کان بالٽيمور“. هنن ۾ مون انهن بندرگاهن ۽ شهرن جو احوال لکيو آهي جن ۾ ۳۵ سال اڳ آئون جهاز ذريعي ايندو هوس. هنن سفرنامن ۾ ماضي جي حالتن ۽ ماڻهن سان حال جي ڀيٽ ڪئي اٿم. رام جواهراڻي: انهن مهماتي حادثن بابت ٻڌايو جيڪي توهان کي سامونڊي زندگي ۾ پيش آيا. الطاف شيخ: سامونڊي زندگي اڄ به گلن جي سيڄ ناهي. جهاز کڻي ڪهڙا به ماڊرن ٿي ويا آهن پر ته به سامونڊي طوفانن ۽ حادثن جي سَٽ نٿا جھليو سگهن. ۽ جڏهن توهان ڏينهن رات لڳاتار ٻارهن سال دنيا جي مختلف سمنڊن تي جهاز هلائيندا رهو ۽ اهو ئي سوچيو ته توهان کي هر وقت Smooth Sailing ملندي، نا ممڪن ڳالهه آهي. سمنڊ تي جِتي بَهاري وارا ڏينهن ملن ٿا ۽ دل باغ باغ ٿيو وڃي اتي سخت ڏکيا ڏينهن ۽ مايوسيءَ واريون حالتون به اچن ٿيون. ڏٺو وڃي ته اسانکي پگهار اهڙن مشڪلن کي دليري، عقلمندي ۽ تجربي جي آڌار تي منهن ڏيڻ جو ئي ملي ٿو. منهنجا سڀ سفرناما اهڙن کٽن مٺن تجربن جو مجموعو آهن. هاڻ جيتوڻيڪ آئون رٽائرڊ زندگي گذاري رهيو آهيان ۽ جهاز هلائڻ ڇڏي ڏنو اٿم پر پراڻن ڏينهن جون ڳالهيون هر وقت ياد اينديون رهن ٿيون جن کي مختلف رسالن ۽ اخبارن لاءِ لکندو رهان ٿو. رام جواهراڻي: انسانيت جي لحاظ کان توهان کي ڪهڙي ملڪ جا ماڻهو بهترين لڳا؟ الطاف شيخ: هون! ترسو ته ان بابت سوچيان! دراصل اسان ايشين، خاص ڪري ننڍي کنڊ جا رهاڪو هر ڳالهه ۾ بيحد حساس آهيون .... هر ڳالهه ۾ اسان پنهنجو پاڻ کي اعليٰ سمجھون ٿا. اسان کي بنا ڪنهن سبب جي هروڀرو مغرب وارن سان ساڙ ۽ چڙ آهي. هر وقت هنن تي ڏمريا وتون. پر منهنجي خيال ۾ سچائي اها آهي ته مغرب جا گهڻا ماڻهو بهترين آهن. ٻئي جو خيال ڪرڻ ۽ انسان ذات لاءِ عزت ڪرڻ هنن جي اولين ترجيح آهي. ايترقدر جو اسان جهڙا ايشيائي يا آفريڪن ملڪن جا سياح يا پناهه گزين مغرب جي ملڪن ۾ پاڻ کي با حفاظت ۽ آزاد سمجھن ٿا. انهن ملڪن جي امن امان جي حالت توڙي انصاف هر هڪ لاءِ آهي ... ويندي جانورن لاءِ به آهي. ڌارين ملڪن ۾ رهائش دوران سئيڊن، ناروي، ڊئنمارڪ، فنلنڊ .... ۽ ويندي انگلنڊ، هالنڊ ۽ بيلجم جهڙن ملڪن ۾، مون بيحد گهڻو سڪون ۽ شانتي محسوس ڪئي. ان خيال کان اسانجو ايشيائي ملڪ ”جپان“ به هڪ بهترين ملڪ آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته اڄ ڪلهه نسل پرستي جو ڀوت جِتي ڪٿي پنهنجو ڳاٽ مٿي ڪري رهيو آهي. پر ان ۾ به آئون ڏسان پيو ته اسان ايشين ۽ آفريڪن جو ڏوهه آهي جنهن ڪري مڪاني ماڻهو اسان سان نفرت ڪن ٿا. اسان جي غير قانوني حرڪتن ۽ منفي سوچن ميزبان ملڪن کي ڊسٽرب ڪري رکيو آهي. اسان جڏهن مغرب جي ملڪن ۾ رهڻ لاءِ پهچون ٿا ته ان وقت اهو ئي بهانو ڪريون ٿا ته اسان پنهنجي ملڪ جي سسٽم ۽ ڪلچر مان خوش نه آهيون .... ٻئي جي ملڪ ۾ رهائش حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترا ته ويندي پنهنجي دين ڌرم جي به شڪايت ڪن ٿا پر پوءِ ڌارئين ملڪ جي شهريت/پاسپورٽ ۽ بنيادي حق حاصل ڪرڻ بعد اسان پنهنجو ڪلچر، رسم و رواج ۽ سوچون مقامي ماڻهن تي ٿاڦڻ شروع ڪريون ٿا. رام جواهراڻي: هڪ دفعي توهان اسپين جي هڪ سنڌي دڪاندار جو احوال لکيو هو ته هن ڪيئن توهان کي بيوقوف ٿي بڻايو. اها ڳالهه وري ٻڌائجو. الطاف شيخ: منهنجي خيال ۾ اهو ڪَناري (Canary) ٻيٽن جي هڪ مشهور ٻيٽ لاس پاماس (Las Palmas)جو واقعو هو. اسپين ۽ پورچوگال بعد اتر ائٽلانٽڪ سمنڊ شروع ٿئي ٿو جيڪو نيويارڪ ۽ ڪئناڊا تائين هليو وڃي ٿو. ڪَناري ٻيٽن جو جھڳٽو هن سمنڊ ۾ آهي جِتي جي سٺي موسم ۽ هر شيءِ ٽئڪس فري هجڻ ڪري ٻارهوئي سياح (ٽوئرسٽ) ايندا رهن ٿا .... خاص ڪري لاس پاماس ٻيٽ تي جيڪو سڀ ۾ وڏو ٻيٽ ۽ بندرگاهه پڻ آهي. اسان به يورپ کان واپس ڪراچي ايندي يا اڳتي آمريڪا ۽ ڪئناڊا ڏي ويندي سفر جو سيڌو سامان ۽ جهاز لاءِ تيل ۽ پاڻي وٺڻ لاءِ پنهنجي جهاز کي لاس پاماس ۾ ضرور لنگر انداز ڪندا آهيون. هن پاسي اچڻ کان اسان پنهنجن سينئر جهازين کان هن بندرگاهه بابت ٻڌو هو ته لاس پاماس خريدارن لاءِ جنت آهي جيئن ڪنهن زماني ۾ (جڏهن اسان اسٽوڊنٽ هئاسين) ته يمن جي بندرگاهه عدن لاءِ اهي جملا ٻڌبا هئا. لاس پاماس گهمڻ مهل مون ۽ منهنجي دوستن سڀ کان پهريون ڪپڙو خريد ڪرڻ ٿي چاهيو. Esclaeritas ايوينيو تي ”ڪُئين وڪٽوريا“ اسپتال جي ڀرسان جيڪو پهريون وڏو دڪان هو ان ۾ گهڙياسين. دڪاندار اسان کي دڪان ۾ ويلڪم ڪندي پڇيو ته آيا اسين ٽوئرسٽ آهيون ياSailor (جهازي)؟ هن اسان کي اسٽولن تي وهاري ڪول ڊرنڪ آفر ڪئي جيئن اسان آرام سان ويهي ڪپڙي جي چونڊ ڪريون. اسان جي گفتگو انگريزي ۾ هلي رهي هئي ۽ اسان ٿڌي ٿڌي ڪولڊ ڊرنڪ ۽ دڪندار جون مٺيون مٺيون ڳالهيون ٻڌي ٺري رهيا هئاسين. ائين ٿي لڳو ته دنيا جي تختي تي هن جهڙو ڪو ٻيو اسان جو همدرد ٿي نٿو سگهي. اسان ڪجهه ساڙهين ۽ ڪچي ڪپڙي جي چونڊ ڪئي ۽ هاڻ جڏهن اسان اگهه کي فائنل ٿي ڪيو ته دڪان جو مالڪ جيڪو اسان کي منهن ڏئي رهيو هو, ٽيليفون جي گهنٽي وڄڻ تي ڪائونٽر تي رکيل فون کي کڻڻ لاءِ اٿيو. ان دوران هن پنهنجي هڪ سيلز مئن کي اشارو ڪيو ته اسان کي ڏسي ۽ پاڻ اسپيني زبان ۾ فون تي پنهنجي ڪنهن پراڻي دوست سان ڪچهريءَ ۾ مَحو ٿي ويو. اسان کي دل ۾ اهو ئي آيو ته هن سيلز مئن کي اسان سان ڪهڙي همدردي .... اهو ته مالڪ هئو جيڪو اسان سان مِٺو مِٺو ڳالهائي رهيو هو ۽ اسان کي اميد هئي ته هو اسان کي ضرور ڊسڪائونٽ اگهه تي بل ڏيندو. اسان هن سيلز مئن مان بلڪل غير مطمئن هئاسين ۽ اسان مان هڪ دوست ته رڙ ڪري باس کي چيو ته “It will be nice if you let us know the final price” (بهتر اهو ٿيندو جي آخري اگهه جو تون ئي فيصلو ڪر.) اها اسان لاءِ بلڪه فقط مون لاءِ بيحد حيرت انگيز ڳالهه ٿي جڏهن دڪان جو مالڪ جيڪو اسان سان صاف انگريزي لهجي ۾ ڳالهائي رهيو هو ۽ پنهنجي دوست يا ساهيڙيءَ سان فون تي اسپيني ۾ گفتگو ڪري رهيو هو تنهن فون تي هٿ رکي اسان جي خذمت ۾ بيٺل سيلز مئن کي نج سنڌيءَ ۾ چيو: ”اڙي لڇو! هي چريا سيلر (Sailors) اٿئي. پئسو جام هوندن ٻه چار پسيتا (اسپيني رپيا) وڌيڪَ ئي هڻجان.“ پنهنجي سيلزمئن کي اهو چوڻ بعد اسان کي انگريزيءَ ۾ چيو: Sir you don’t worry. I have instructed my man to charge you the lowest possible. هن جي اهو چوڻ تي مونکان ٽهڪ نڪري ويو ۽ کيس سنڌيءَ ۾ چيم ته ”سرڪار مون توهان جا راز وارا ڳجھا انسٽرڪشن decipher ڪري ورتا.“ اهو ٻڌي هو تمام گهڻو پريشان ٿي ويو. آخر منٿون ميڙيون ۽ بهانا گهڙي معافيون وٺي اسان کي جنهن آخري اگهه تي وڪيائين اهو واقعي discount اگهه هو. ساڳي وقت هن پنهنجي خوشيءَ جو اظهار ڪيو ته آئون سنڌ کان آيو آهيان. هو ڪا دير مونکان پنهنجي ڏاڏاڻي ڏيهه سکر ۽ شڪارپور جون خبرون پڇندو رهيو. هن ٻڌايو ته هي پهريون دفعو آهي جو هن جي ڪنهن سنڌي جهازي آفيسر سان ملاقات ٿي آهي. دراصل اها مون لاءِ به خوشگوار حيرت هئي ته سنڌ جا ماڻهو واپار خاطر ڏورانهن ڏيهن کان اچي نڪتا آهن. لاس پاماس جهڙي هڪ ڏورانهين ٻيٽ تي پنهنجو ڌنڌو ڄمائڻ ڪا سولي ڳالهه ته نه آهي. بعد ۾ ان ساڳي سفر (Sea Voyage) جي واپسي تي ائٽلانٽڪ سمنڊ جي هڪ ٻئي ڏورانهين ٻيٽ ”ڪيپ وردي“ تي پڻ منهنجي هڪ سنڌي دڪاندار سان ملاقات ٿي. هي هڪ پورچو گالي ٻيٽ آهي يعني پورچوگال جي قبضي ۾ آهي جيڪو ائٽلانٽڪ سمنڊ جي بالڪل خطرناڪ هنڌ تي آهي جنهن جي ائپروچ به ڏکي آهي يعني بندرگاهه ۾ گهڙڻ واري هنڌ تي سمنڊ اندر ٽڪريون آهن جن سان بيخياليءَ ۾ جهاز ٽڪرائي پرزا پرزا ٿي سگهي ٿو. اسان به امرجنسي جي حالت ۾ هن ٻيٽ ۾ اچي لنگر انداز ٿياسين. اتي جي هڪ سنڌي دڪاندار کان اهو ٻڌي حيرت ٿي ته هن جا وڏا ۱۹۳۰ع ڌاري هن ٻيٽ تي اچي رهيا. انهن ڏينهن ۾ ڪاٺ جي ٻيڙن ۾ هن هنڌ تي پهچڻ وڏي دل گردي جي ڳالهه آهي .... ڇو جو هتي پهچڻ اڄ به خطرناڪ ۽ جوکم جو ڪم سمجھيو وڃي ٿو. بهرحال مٿيان ٻئي ٻيٽ لاس پاماس ۽ ڪيپ وردي وري به يورپ جي ويجھو آهن. انگريزن جي انڊيا تي حڪومت هجڻ ڪري انگلينڊ ۽ يورپ ڏي جهازراني عام هئي. پر حيرت ٿي ٿئي ته ان دور ۾ ڪيترا سنڌي هندو دڪاندار بزنيس خاطر سڄو ائٽلانٽڪ سمنڊ لتاڙي آمريڪا ۽ ڪئريبين سمنڊ جي ٻيٽن تي اچي نڪتا هئا. ان ساڳي سفر دوران نيو اورلينس (آمريڪا) کان برازيل ڏي ويندي اسانجو جهاز برمودا واري ٽڪنڊي ۾ خراب ٿي پيو ۽ اسان ان کي برمودا ٻيٽ جي بندرگاهه هئملٽن ۾ وٺي ويا هئاسين. اتي هڪ سنڌي فئملي سان ملاقات ٿيڻ تي مون اچرج جو اظهار ڪيو ته هو واپار خاطر ڪيترو ته پري کان اچي نڪتا آهن. بصرو ۽ بخارا ته وري به ويجھا آهن پر برمودا ۽ بهاما جهڙا ٻيٽ ته ڄڻ دنيا جي ٻي ڪنڊ تي ٿيا! ان تي هن فئملي جي ڪراڙي چيو ته: ”بابا! سنڌي هندو واپاري توهانکي جتي ڪٿي ملندا. هو سمنڊ جي ڇولين ۽ طوفانن کان نٿا ڊڄن.“. ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪجهه سالن اندر مختلف جهازن ۽ مختلف سمنڊن تي رهڻ بعد مون ڏٺو ته ڪولمبو، هانگ ڪانگ، پينانگ ۽ سنگاپور ۾ ڪراچيءَ کان به وڌيڪَ سنڌي دڪاندار نظر آيا. سامونڊي نوڪري دوران منهنجي ڪيترن ئي وڏن وڏن واپارين: هردراني، قيمتراءِ، پوهومل برادرس، چوٽڙمل، چيلارام، واتو مل ۽ ٻين سان جاوا، جپان، جبرالٽر، سوٽا، قبرص، فجي، بالي ۽ برما ۾ ملاقاتون ٿيون. رام جواهراڻي: توهان ان وقت جي اهم سنڌي واپارين جا انٽرويو نه ورتا؟ الطاف شيخ: نه ان وقت اهڙي ڳالهه ڌيان ۾ نه آئي. هينئر توهانجو سنڌي اهم شخصيتن جي انٽرويوئن جو ڪتاب Global Sindhisپڙهي سوچيان پيو ته ان وقت جي همت ڪري ويهه پنجويهه اهم واپارين جا انٽرويو وٺان ها ته اڄ اها Collection بيحد دلچسيپ ۽ تاريخي ثابت ٿئي ها. بهرحال ائين مختلف سفرنامن ۾ ڪجهه جو احوال ضرور اچي ويو آهي جيئن هانگ ڪانگ جي ”ڪي ـــ سيتل“ ۽ ”هري نارومل هريليلا“ جو، ملاڪا جي ”پارواڻي“ ۽ ڪوالالمپور جي ”تان سري ڪِشو“ جو، سنگاپور جي ”هرڪشن ڀوڄواڻي“ ۽ يوڪوهاما (جپان) جي ڪپڙي جي واپاري ”پمو مل“ جو. رام جواهراڻي: توهانجا ڪيترائي دوست مختلف ملڪن ۾ سفير ٿي رهيا آهن. ڇا توهان کي ڪڏهن اهو شوق نه ٿيو ته توهان به مختلف ملڪن ۾ سفير ٿي رهو ها. الطاف شيخ: نه آئون اڄ به Sailor جي حيثيت ۾ دنيا جا ملڪ گهمڻ کي ترجيح ڏيان ٿو. اهو ان ڪري جو سرڪاري نوڪريءَ ۾ گهمڻ ڦرڻ ۽ لکڻ جي آزادي نٿي رهي. اڳتي هلي مون ٽيچنگ اختيار ڪئي .... ان ۾ ته مونکي لکڻ پڙهڻ لاءِ اڃان به وڌيڪ وقت ۽ موقعا مليا. رام جواهراڻي: توهان جڏهن به سفر تي نڪرو ٿا ته سفرنامو لکڻ تي محنت ڪريو ٿو. ڪڏهن توهان سفر دوران آرام ۽ Enjoy ڪرڻ لاءِ به وقت ڪڍيو؟ الطاف شيخ: سچ پڇو ته سفر دوران مون لاءِ اها ئي مزيدار ڳالهه آهي ۽ ان کي enjoyment ٿو سمجھان ته مختلف ماڻهن کان خبر چار پڇندو رهان، تاريخي جاين ۽ مقامي ڪلچر بابت ڄاڻ وٺندو رهان جيئن وطن پهچي سفرنامو لکڻ لاءِ مون وٽ گهڻي کان گهڻو مواد هجي. هڪ دفعي آئون بيمار ٿي پيس ته ڊاڪٽر مونکي مڪمل آرام ڪرڻ لاءِ چيو .... ايتريقدر جو هن مونکي لکڻ پڙهڻ کان به منع ڪئي. پر پوءِ مون ڏٺو ته ائين ڪرڻ سان مونکي وڌيڪَ تڪليف ۽ بيچيني محسوس ٿيڻ لڳي. سو لکڻ پڙهڻ مون لاءِ سزا نه پر خوشي ۽ فرحت آهي. رام جواهراڻي: توهانجي خيالَ ۾ دنيا جا ڪهڙا ملڪ آهن جيڪي رهائش لاءِ بهترين آهن؟ الطاف شيخ: ۱۹۶۳ع ۾ ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان انٽر ڪرڻ بعد مون پنهنجو سنڌ صوبو ڇڏيو ته اڄ تائين آئون مختلف ملڪن ۾ رهندو اچان يا گهمڻ لاءِ ويندو رهان ٿو. منهنجي تجربي ۽ سوچ مطابق اُهي ملڪ بهترين آهن جِتي قانون جي بالادستي آهي جِتي هڪ امير توڙي غريب کي انصاف يڪدم مليو وڃي. ڪئناڊا، آمريڪا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾، خاص ڪري Scandinavian ملڪن: جهڙوڪ ناروي، سئيڊن، ڊئنمارڪ ۾ رهندڙ، اسانجي ايشيائي ملڪن جا رهاڪو immigrants توڙي کڻي هنن جو ڪهڙي به مذهب، ٻولي يا ڪلچر سان واسطو هجي، هو پنهنجي ملڪ کان وڌيڪَ پُرسڪون زندگي گذارين ٿا. هو آزاد محسوس ڪن ٿا. ائين ته ڏٺو وڃي ته سخت قانونن ڪري ڪيترن ئي عرب ملڪن جهڙوڪ دبئي، سعودي عرب، ڪويت وغيره ۾ اسان جا ماڻهو خوف بنا زندگي بسر ڪن ٿا. رستي هلندي ڪو هنن جو پرس نٿو ڦري، رات جو ڪو ڀت ٽپي گهر کي صاف نٿو ڪري، اغوائن ۽ قتلن جون وارداتون ائين عام نه آهن جيئن اسان وٽ آهن .... ان ڪري اسانجي ملڪ جو پورهيت توڙي واپاري پنهنجي ملڪ کان وڌيڪَ عرب ملڪن ۾ سڪون محسوس ڪري ٿو. پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اعليٰ قسمَ جو انصاف نه آهي. عرب ملڪن ۾ اسان جا ايشيائي ماڻهو ..... خاص ڪري ننڍي کنڊ جا مقامي عربن کان نيچ سمجھيا وڃن ٿا. عربن لاءِ اڇي کل وارا يورپي، انگريز، آمريڪن وري به اتم آهن .... بلڪه ڪجهه زياده ئي اتم آهن. ايشيا جا ٻيا ملڪ: جپان، ملائيشيا، سنگاپور ۽ وڌيڪَ ڏکڻ ۾ آسٽريليا ۽ نيوزيلئنڊ رهائش لاءِ بهتر ملڪ آهن. پر اڄ ڪلهه جِتي ڪٿي وڌندڙ دهشتگردي بيروزگاري، مهانگائي ۽ ثقافتي تعصب ڪري هنن ملڪن ۾ نسل پرستي ڪَرَ کڻي رهي آهي ۽ ننڍي کنڊ جي ماڻهن کي گهٽ سَٺو وڃي ٿو. اڄ کان اڌ صدي اڳ ڪيترن ئي يورپي ملڪن ويندي آمريڪا ۽ انگلنڊ ۾ هميشه لاءِ رهائش اختيار ڪرڻ پاڪستان ۽ هندوستان جي ماڻهن لاءِ آسان ڪم هو. پر هاڻ ته اسان جي ماڻهن کي بنگلاديش ۽ نيپال وارا به رهڻ نٿا ڏين. گهمڻ لاءِ به اڳواٽ ويزا وٺڻي پوي ٿي. ڪيترا ملڪ ته اها به تڏهن ڏين ٿا جڏهن هنن جو پنهنجو ماڻهو اسانکي اسپانسر ڪري .... يعني ذمو کڻي ته هو اسانجي هر ڳالهه لاءِ جوابدار رهندو. هونءَ اسان ماڻهن لاءِ گهمڻ توڙي بزنيس لاءِ وري به ايران ۽ ڪجهه حد تائين انڊيا بهترين ۽ سستا ملڪ آهن. انهن ملڪن ۾ تعليم ۽ ميڊيڪل جو معيار به تمام اتاهون آهي. کاڌي پيتي ۽ سواريءَ جا اگهه به تمام گهٽ آهن. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته انڊيا ۾ ڪجهه علائقا آهن جِتي بدامني آهي ۽ هندو مسلم فسادن جون خبرون اچن ٿيون، سرڪاري ڪامورا خاص ڪري پوليس رشوت به وٺي ٿي پر گذريل ڪجهه سالن کان هندستان جي حڪومت انهن براين کي گهٽائڻ جي ڪوشش ۾ لڳل آهي ۽ ڪافي حد تائين ڪاميابي به حاصل ڪئي آهي. مون جهڙو هڪڙو سياح ان جي شاهدي ڏئي سگهي ٿو ته انڊيا گذريل ڏهاڪي اندر تمام گهڻي معاشي ۽ سماجي ترقي ڪئي آهي. دهلي، ممبئي، بنارس، آگره، لکنؤ، امرتسر، پوني ۽ بڙودا جهڙن شهرن ۾ ان ترقي ۽ جديدپڻي جي جھلڪ صاف نظر اچي ٿي. رام جواهراڻي: توهان ويجھڙائيءَ ۾ پوني ۽ ممبئي ۾ رهي چڪا آهيو. توهان جو ان بابت ڇا تجربو آهي؟ الطاف شيخ: آئون پوني واري ٽرپ ڪڏهن به وساري نه سگهندس. ننڍپڻ کان وٺي اسان هن شهر (پوني) جو نالو پنهنجي ڏاڏيءَ کان ٻڌوسين جنهن پنهنجو اڪيلو پٽ (منهنجو والد گل محمد شيخ) پوني جي ائگريڪلچر ڪاليج (هاڻ يونيورسٽي) مانB.Sc ڪرڻ لاءِ موڪليو هو. مونکي خوشي آهي ته مونکي پوني جهڙو تاريخي ۽ تعليمي شهر ڏسڻ جو موقعو مليو .... ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پوني کي Oxford of the East يا ”آڪسفورڊ آف انڊيا“ سڏجي ٿو ڇو جو هِتي تمام گهڻا تعليمي ادارا آهن جن جو تعليمي معيار تمام بلند آهي. آٽو موبائيل ڪارخانن ڪري هي شهر (پوني) Detroit of India پڻ سڏجي ٿو. ۽ هاڻ وڌندڙ انفارميشن ٽيڪنالاجي ڪري پوني شهر کيQueen of Deccan به سڏجي ٿو. منهنجي لاءِ اها به خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته پوني شهر ۾ دادا جشن جو مهمان ٿي رهيس جنهن جا ليڪچر آئون اڪثر سوني T.V تان ٻڌندو آهيان. انهن ڏينهن ۾ پوني ۾ ”صوفي ازم“ تي سيمينار هلي رهيو هو جنهن جي صدارت لاءِ مونکي عزت بخشي وئي. هي پهريون موقعو هو جِتي منهنجي گهڻي کان گهڻن سنڌي اديبن ۽ شاعرن سان ملاقات ٿي جيڪي انڊيا ۾ رهن ٿا ..... جيئن ته: مئڊم ريٽا شاهاڻي، ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي، نند ڇڳاڻي، تارا ميراچنداڻي، مڌن جماڻي، ڪملا بوٽاڻي، ڪيولرام گلراجاڻي، وينا شرنگي، اندرا شبنم، نند لال خوبچنداڻي، ڀڳوان بابلاڻي، هري پنکج، گوبند خوشحالاڻي، ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتي، دادي ساوتري آڏواڻي (مشهور وڪيل هوتچند آڏواڻي جي زال)، ٽيڪچند مست، پروفيسر ايشوري جوتاڻي، ڊاڪٽر لڇمڻ خوبچنداڻي .... ويندي رام ڄيٺملاڻي صاحب سان ملاقات ٿي. ممبئي ۾ هفتو کن رهڻ دوران آئون پروفيسر ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي ۽ جئه موتياڻي طرفان وڏي دل سان پيش ڪيل ميزباني وساري نٿو سگهان. ممبئي يونيورسٽي ۾ هڪ ڏينهن منهنجو ”گلوبل سوسائٽي ائنڊ سنڌي“ عنوان تي ليڪچر جو پڻ بندوبست ڪيو ويو هو. ممبئي ۾ رهڻ دوران مونکي ڪيتريون تاريخي جايون ڏسڻ جو موقعو مليو جيئن ته گيٽ وي آف انڊيا، چرچ گيٽ ريلوي اسٽيسن ڀرسان ڪرافرڊ مارڪيٽ، مٽن روڊ تي شافي مسجد جي سامهون هِتي جي مشهور ”چور بازار“، جُوهو ۽ مئرين ڊرائيو چوپاٽي جا سامونڊي ڪناراBeaches ، مهالڪشمي ڌوٻي گھاٽ، داٻا والا (جيڪي هزارين ماڻهن کي آفيسن ۾ سندن گهران آندل لنچ پهچائين ٿا)، وورلي ڪوسٽ تي حاجي علي جي درگاهه، ايليفنٽا ٻيٽ، فلورا ڦوهارو (دادا ڀائي نائوروجي روڊ تي)، راجا ٻائي ڪلاڪ ٽاور ۽ ڪجهه ٻيون انگريزن جي دور جون آڳاٽيون ۽ تاريخي عمارتون جيئن ته پرنس آف ويلس ميوزيم، ساسون لئبرري، مشهور وڪٽوريا ٽرمينس (V.T) جيڪو اڄ ڪلهه CST يعني چتراپتي شيواجي ٽرمينس سڏجي ٿو، بمبئي هاءِ ڪورٽ وغيره. هي اهي عمارتون، جايون ۽ روڊ رستا آهن جن جا نالا آئون هميشه انگريزي ناولن ۾ پڙهندو هوس يا اڄ به بالي وڊ جي فلمن ۾ ٻڌجن ٿا. منهنجا انڊيا جي سفر تي تازا لکيل ٻه ڪِتاب: ”هلي ڏسجي هندوستان“ ۽ ”بمبئي منهنجي ڀاڪُرَ ۾“ اهڙين جاين بابت تفصيلي احوال آهن. رام جواهراڻي: سنڌ اندر جيڪو وڏيرا راڄ هو، ان ۾ پاڪستان ٿيڻ بعد ڪا تبديلي آئي آهي؟ الطاف شيخ: آئون نٿو سمجھان ته ڪا بهتري آئي آهي. اڄ به عام ماڻهو سورن ۾ آهي ۽ وڏيرن جي رحم ڪرم تي آهي .... ويتر وڏيرا شاهي پهرين کان مضبوط ۽ هاڃيڪار ٿي پئي آهي. هونءَ ته وڏيرا شاهي ايڏو خراب شيءِ به نه آهي .... آخر جپان ۽ ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾ به فيوڊلز آهي .... اسان کان به وڌيڪَ .... پر اتي جا وڏيرا پنهنجي ڳوٺ ۽ پنهنجي ماڻهن جو خيال ڪن ٿا. سندن ٻار اعليٰ تعليم يافته ٿين ٿا ۽ هو عوام جي به تعليم، صحت، امن امان جو خيال رکن ٿا. اسيمبلين جا ميمبر وڏيرا پنهنجي تر جي ماڻهن جي سک ۽ سهولت لاءِ هر وقت آواز اٿاريندا رهن ٿا. پر هيڏانهن اسان وٽ سنڌ ۾ اسان جي بدنصيبي آهي جو اسان جي لالچي وڏيرن کي فقط پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان جو فڪر رهي ٿو. هو هر سک پنهنجي لاءِ چاهين ٿا. هو اهو ئي چاهين ٿا ته سندن ٻار بنا ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ جي يونيورسٽين جون ڊگريون حاصل ڪن، هو اهو چاهين ٿا ته هنن جا ٻار بنا قابليت جي اعليٰ نوڪريون حاصل ڪن .... ۽ ڪامورا شاهي ۾ به سندن ٻار هجن، اسيمبلين جا ميمبر به اهي هجن، ڪارخانن جا مالڪ به اهي هجن باقي عوام ڀلي بکيو، بيروزگار ۽ بيمار پيو هلي .... هو ڏينهون ڏينهن غربت جي گھاڻي ۾ پيو پيڙهجي .... اهو ئي سبب آهي جو اڄ سنڌ جهڙي جاهليت، غربت ۽ بدحالي آفريڪا جي گئمبيا، ڪانگو، ملاوي ۽ برقينا فاسو جهڙن ملڪن ۾ به نه هوندي. رام جواهراڻي: انگريز راڄ ۾ سنڌ جي سرڪاري ٻولي سنڌي هئي. ورهاڱي بعد اڙدو ٿاڦي وئي آهي. ڇا ان خلاف سنڌين ڪا مخافت ڪئي؟ الطاف شيخ: اڙدو پاڪستان جي سڀني صوبن جي ڪامن ٻولي آهي ويندي چترال، اسڪردو يا گلگت ۾ ڪو پٺاڻ ۽ هزاروي ملي ٿو ته هڪ ٻئي سان اڙدو ۾ گفتگو ڪن ٿا. بلڪه اڙدو جيڪا انڊيا ۾ هندي سڏي وڃي ٿي سڄي ننڍي کنڊ بنگال کان راجستان تائين ۽ تامل نادو کان ڪشمير تائين ته عام طرح ڳالهائي وڃي ٿي پر دبئي، ايران جي ڪنارن وارن شهرن، مالديپ ۽ نيپال ۾ به ڳالهائي وڃي ٿي. سنڌي سنڌ صوبي جي صوبائي ٻولي ليکي وڃي ٿي ۽ اسان وٽ نه رڳو توهان کان پر اسانجي باقي صوبن جي ٻين ٻولين پنجابي، پشتو ۽ بلوچي کان به وڌيڪَ سنڌيءَ ترقي ڪئي آهي جنهن جي Idea سنڌ مان شايع ٿيندڙ سنڌي رسالن، ڪِتابن ۽ ٽي وي چئنلن مان لڳائي سگهجي ٿي. ڪجهه سال اڳ تائين سنڌ ۾ اڙدو ۽ سنڌي جي وچ ۾ رساڪشي لڳي رهي ٿي ته اسڪولن ۾ فقط سنڌي پڙهائي وڃي يا اڙدو پڙهائي وڃي جيئن گذريل صديءَ جي سٺ واري ڏهاڪي ۾ سنگاپور ۾ رهندڙ ملئي، تامل ۽ چيني وڙهندا رهيا ٿي ته سنگاپور جي اسڪولن ۾ فقط ملئي پڙهائي وڃي.... تامل پڙهائي وڃي.... چيني پڙهائي وڃي.... وغيره. پوءِ سنگاپور جي وزير اعظم ’لي ڪُئان يُو‘ چيو ته توهان سڀني جون ڳالهيون اکين تي چيني، ملئي، تامل ۽ انگريزي ميڊيم جا اسڪول کوليا وڃن جنهن کي جيڪا ٻولي وڻي پنهنجي ٻارن کي ان اسڪول ۾ داخل ڪري ..... ۽ پوءِ ڏٺو ويو ته هر هڪ کي پياري ته پنهنجي مادري زبان هئي پر ان کان وڌيڪَ هنن کي پنهنجي ٻارن جو مستقبل هو. انگريزي ٻوليءَ جي اهميت سمجهي هنن سڀني پنهنجن ٻارن کي کڻي انگريزي اسڪولن ۾ داخل ڪرايو .... ويندي انهن تاملن ۽ چينين جيڪي ٻهراڙي ۽ جنگلن ۾ رهيا ٿي .... انهن ڏٺو ته پنهنجي ملڪ توڙي دنيا ۾ نوڪريون يا پورهيا انهن کي ٿا ملن جن کي انگريزي جي ڄاڻَ آهي. سو اڄ ڪلهه آئون ڏسان پيو ته سنڌ جي ننڍن ننڍن ڳوٺن ۾ به مينهن جي کنڀين وانگر جِتي ڪٿي ٽاين وارا (يعني انگريزي) اسڪول اڀري پيا آهن ۽ هرڪو غريب غربو اهو ٿو چاهي ته هن جا ٻار به اهـڙن اسڪولن مان پڙهي پروفيشنل ڪاليجن ۾ داخلا وٺي سگهن .... ولايت ۾ نوڪريون حاصل ڪري سگهن. رام جواهراڻي: جي ايم سيد جي تحريڪ آزادي بابت ڇا چوندائو؟ الطاف شيخ: افسوس جو مون ’جي ايم سيد‘ بابت گهڻو نه پڙهيو آهي ۽ نه هن جون تقريرون ۽ جلسا اٽينڊ ڪيا آهن. مون مئٽرڪ ۽ انٽر ۱۹۶۳ع ۾ ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان ڪري سنڌ ڇڏي. وچ ۾ هڪ دفعو ۱۹۸۷ع ۾ ٽن مهينن جي موڪل تي سنڌ آيو هوس ته ٻين سياستدانن، اديبن شاعرن ۽ اهم ماڻهن کان انٽرويو وٺڻ لاءِ مليو هوس ته سائينءَ سان به ملاقات ڪيم. پر خبر ناهي ڇو آئون گهڻو متاثر نه ٿي سگهيس .... يا شايد منهنجي expectation گهڻي هئي. اسان سڪرنڊ موري پاسي کان درياهه ٽپي سائينءَ جي ڳوٺ سَن پهتاسين. سن پهچڻ کان اڳ منهنجي دماغَ ۾ اهو هو ته جيئن ته سائين هڪ طاقتور پير جو درجو رکي ٿو، باعزت ۽ اعليٰ ذات مان آهي، تر جو وڏو ۽ پئسي وارو زميندار آهي، سياست ۾ سندن درجو مٿڀرو آهي ۽ ملڪ جا اهم ماڻهو سياستدانن کان فوجين تائين، سرڪاري ڪامورن کان ڪارخانيدارن تائين سندن عزت ڪن ٿا سو سندن ڳوٺ ”سن“ هڪ مثالي ۽ خوشحال هوندو جِتي گهڙڻ سان انگلنڊ جي شهر مانچسٽر يا ملائيشيا جي شهر ملاڪا وانگر ڪارخانن جون چمنيون نظر اينديون جن مان ڪارو دونهون نڪري رهيو هوندو. ملائيشيا جي وڏيرن وانگر سيد صاحب جي هن ڳوٺ ۾ به اسڪولن، ڪاليجن ۽ اسپتالن جون عمارتون هونديون. ماڻهن جي چهرن تي مرڪ هوندي. پر مونکي اهو ڏسي ڏک ٿيو ته ويجھڙائيءَ ۾ گهمي آيل غريب آفريڪي ملڪن: سوماليا، جبوتي، لائبيريا جهڙي اداسي ۽ لاچاري هئي .... آئون اهو ئي سوچيندو رهيس ته جڏهن اسان جي صوبي جو ڳوٺ سَن ئي اهو اوج نه ماڻي سگهيو آهي ته ٻين ڳوٺن جو ڇا حال هوندو جن جا وڏيرا ۽ ڪرتا ڌرتا ظالم ۽ جاهل آهن. مون ان جو اظهار سائينءَ سان به ڪيو. هن دل ۾ ڪرڻ بدران وڏي دل سان منهنجيون ڳالهيون ٻڌيون. هو مونکي بيحد سخي انسان ۽ عوام لاءِ درد رکندڙ لڳو. ٻين وڏيرن ۽ سردارن وانگر سخت مزاج نه پر بيحد سافٽ اسپوڪن هو. رام جواهراڻي: سنڌ ۾ ايتري بدامني ڇو آهي؟ جو ڪو عزت وارو ماڻهو رات جو اڪيلو گهمڻ لاءِ نٿو نڪري سگهي. هر وقت ڦر ۽ اغوا ٿيڻ جو خوف رهي ٿو. الطاف شيخ: بدامني جو اهو ئي سبب آهي جو قانون جي بالادستي ناهي ۽ ڪجهه حڪومت جي خراب governance ڪري به آهي. سنڌ جي مقابلي ۾ پنجاب صوبي ۾ حالتون بهتر آهن. اتي آئون ڏسان پيو ته ٽوئرسٽ رات جو به لاهور، اسلام آباد، ڪوهه مري، راولپنڊي، فيصل آباد ۾ هلن چلن پيا جيئن انڊيا ۾ ممبئي، دهلي، لکنؤ، آگرو، پوني مدراس آهي. باقي اسان وٽ گھوٽڪي، قمبر، شهدادڪوٽ، ڪشمور، جيڪب آباد ائين آهن جيئن توهان وٽ منيپور، ميزورام، ميگھاليا ۽ ناگا لئنڊ _ جيڏانهن ورلي ڪو ٽوئرسٽ رخ ڪري ٿو. رام جواهراڻي: وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي ڏينهن کان شاگرد امتحان ڪاپي ڪري پاس ڪن ٿا. ڇا اها ڳالهه ملڪ ۽ قوم لاءِ نقصانڪار نه آهي؟ الطاف شيخ: بلڪل صحيح ٿا چئو. هڪ ٽيچر جي حيثيت ۾ ته آئون ان کي اڃان به وڌيڪَ خراب ٿو سمجان جو ان ڪري سٺا شاگرد به دلشڪستا ٿيو پون ۽ محنت ڪرڻ ڇڏيو ڏين. ان کان علاوه اسان جي شاگرد کي هر ڪو شڪ جي نِگاهه سان ڏسي ٿوته هن ڪاپي ڪري ڊگري حاصل ڪئي آهي. ان ئي سبب ڪري اسان جي گرئجوئيٽ کي ولايت ۾ نوڪري به ڏکي ملي ٿي. رام جواهراڻي: انڊيا ۽ پاڪستان جا تعلق سڌارڻ لاءِ توهان ڇا suggest ڪندائو؟ الطاف شيخ : اسان ٻنهي پاڙيسري ملڪن جي حق ۾ بهتري ان ڳالهه ۾ آهي ته اسان جا پاڻ ۾ سٺا تعلق رهن. ناروي ۽ سئيڊن يا اسپين ۽ پورچوگال وانگر انڊيا ۽ پاڪستان جي ماڻهن ۾ ڪيتريون ئي ساڳيون ڳالهيون آهن، کاڌو پيتو، ڪپڙو لٽو، ٻولي ۽ ڪلچر وغيره. ان جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته ولايت ۾ پاڪستاني ماڻهو جيترو انڊيا جي ماڻهن سان ويجھڙائي محسوس ڪري ٿو اهڙي هو عربن ۽ ايرانين سان به نٿو ڪري. ٻنهي ملڪن جي حڪومتن کي کپي ته هو تعلقات سڌارڻ جي ڪوشش ڪن ۽ هڪ ٻئي جي ماڻهن کي اچڻ وڃڻ جون سهولتون مهيا ڪن جيئن ٻنهي ملڪن جي ماڻهن کي گهمڻ ۽ واپار جي سهوليت سان گڏ تعليم ۽ صحت جو به فائدو رسي سگهي. رام جواهراڻي: توهان انڊيا ڪيترائي دفعا آيا آهيو. سياسي ۽ سماجي طرح توهان کي انڊيا ڪيئن ٿو لڳي؟ الطاف شيخ: گذريل ڏهن سالن اندر انڊيا ۾ وڏي تبديلي آئي آهي. انڊيا سماجي ۽ معاشي طرح تيزيءَ سان ترقي ڪري رهيو آهي .... گهٽ ۾ گهٽ اسانجي ملڪ کان ته گهڻو اڳتي نڪري ويو آهي .... نه ته سالن تائين پاڪستاني ۽ انڊين رپيو برابر هو. اڄ انڊيا جو رپيو مضبوط نظر اچي ٿو. جِتي اسانکي هڪ ڊالر خريد ڪرڻ لاءِ ۱۰۳ رپيا ڏيڻا پون ٿا اتي انڊيا وارا اڄ به ۶۰ رپين ۾ ڊالر خريد ڪن ٿا. انڊيا جون يونيورسٽيون ۽ اسپتالون ڏينهون ڏينهن اعليٰ معيار جون ٿينديون وڃن. ايتريقدر جو يورپين ملڪن ۾ رهندڙ انڊين توڙي ايران ۽ ملائيشيا جهڙن بهتر ملڪن جا ماڻهو به پنهنجا ٻار اعليٰ تعليم لاءِ انڊيا موڪلين ٿا. ڪيترا عرب ۽ يورپي علاج لاءِ انڊيا اچن ٿا. امن امان جي حالت به ڏينهون ڏينهن بهتر نظر اچي رهي آهي ۽ ويندي جپاني ٽوئرسٽ، جيڪي تمام گهڻو خبرداريءَ کان ڪم وٺن ٿا اهي به انڊيا ۾ نظر اچن ٿا. منهنجي خيال ۾ ان معاملي ۾ اسانجي ملڪ پاڪستان کي انڊيا کي فالو ڪرڻ کپي ته هو ڪيئن تعليم ۽ علاج جو معيار وڌائي رهيا آهن .... جيئن ۲۰ سال کن اڳ ملائيشيا وارن سنگاپور کي فالو ڪري پنهنجو معيار وڌايو. رام جواهراڻي: اڄ ڪلهه ڀلا ڪهڙو ڪتاب پڙهي رهيا آهيو؟ الطاف شيخ: اڄڪلهه آئون جپاني ليکڪ ”هائوڪي مُوراڪامي“ جي ناولNoruwei no Mori جو انگريزي ترجموNorweigian Wood پڙهي رهيو آهيان. مون هن ليکڪ جا ڪيترا ئي ناول پڙهيا آهن جن مان هڪ يا ٻن کن سنڌي ۽ اڙدو ۾ ترجمو ڪرڻ جو سوچي رهيو آهيان جيئن اُهي ماڻهو جيڪي جپاني ۽ انگريزي ٻولين کان اڻواقف آهن اهي جپاني ادب جي سونهن ۽ اونهائي کان واقف ٿي سگهن. خاص ڪري هن ليکڪ مُوراڪامي جي لکڻين کان، جنهن جا ڪتاب لکن جي تعداد ۾ ڇپجن ٿا ۽ تامل ۽ عربي ٻولين سميت پنجاهه ٻولين ۾ ترجمو ٿين ٿا. ۱۹۸۰ع تائين به اسانکي هن جپاني اديب جي تخليق ۽ ڏات جو ڪو اهڙو قدر نه هو. ۱۹۷۰ع واري ڏهاڪي ۾ جڏهن آئون جهازن تي هوس ته هن همراهه سان ڪوبي ۽ اوساڪا ۾ ٿيندڙ ”يوٿ لٽرري گئدرنگ“ ۾ ڪيترا ئي دفعا ملاقات ٿي. ان بعد ٽوڪيو ۾ جڏهن هن ”ڪَوڪو بُنجي“ علائقي ۾ Peter Cat نالي ڪافي شاپ کوليو ته اتي پڻ عليڪ سليڪ ٿيندي رهي ٿي. انهن ڏينهن ۾(۱۹۷۹ع ۽ ۱۹۸۰ع واري عرصي ۾) آئون به ٽوڪيو ۾ رهيل هوس جِتي مونکي IHI شپ يارڊ ۾ اسانجي جهازران ڪمپني جي نئين ٺهندڙ جهاز جي نگهباني ۽ بعد ۾ ان کي چيف انجنيئر جي حيثيت سان هلائڻ جي ڪم تي رکيو ويو هو. هي شپ يارڊ ٽوڪيو جي بلڪل صدر واري علائقي گنزا ۾ آهي. هروڪي ماروڪامي عمر ۾ مون کان ٻه سال ننڍو آهي. هو جيتوڻيڪ ڪيوٽو ۾ ڄائو پر هن زندگيءَ جو وڏو عرصو اوساڪا ۾ گذريو جِتي هن جو نانو واپاري هو. هن جا والدين .... ماءُ ۽ پيءُ ٻئي پروفيسر هئا جن ”جپاني ادب“ پڙهايو ٿي. هن جو پاڻ به ٽوڪيو جي وسيدا يونيورسٽي ۾ ”ڊراما“ ميجر سبجيڪٽ هو. تعليم دوران هن جي ملاقات مس يوڪو سان ٿي ۽ گرئجوئيشن کان اڳ شادي ڪئي ۽ انهن ئي ڏينهن ۾ هنن زال مڙسن مٿيون ڪافي شاپ کوليو .... پر پوءِ ۱۹۸۱ع ڌاري هو آمريڪا لڏي ويا. دراصل هن جپاني اديب مُوراڪامي کي جنهن ڪتاب رات اندر سُپر اسٽار بنائي ڇڏيو اهو هي ڪتاب ”نارويجن ووڊ“ هو. ويجھڙائيءَ ۾ مون هن ناول تي ٺهيل فلم ڪوالالمپور (ملائيشيا) ۾ ڏٺي. اها ۲۰۱۰ع ۾ رليز ٿي هئي جنهن جي ڊئريڪشن فرانس ۾ رهندڙ هڪ ويٽنامي ”ٽران آح هنگ“ ڏني. مُوراڪاميءَ جو پهريون جپاني ناول “Kaze no Uta O Kike” سال ۱۹۷۹ع ۾ ۽ انگريزي ترجمو “Hear the Wind Song” سال ۱۹۸۷ع ۾ ڇپيو. موراڪامي جا ناول جپان توڙي دنيا جي ٻين ملڪن ۾ Best Sellers هوندا آهن. ۱۹۷۰ع واري ڏهاڪي جي شروع وارن سالن ۾ منهنجي هن سان پهرين ملاقات ٿي ته هي به مون وانگر جپاني ليکڪ ”مشيما يوڪيو“ جو پرستار هو. مشيما يوڪيو جنهن ننڍي عمر ۾ هاراڪِري ڪئي (پيٽ چيري) پنهنجو انت آندو ان وقت تائين جپاني ادب ۾ مشيما يوڪيو جوئي وڏو نالو هو. ڪنهن ٿي ڄاتو ته ڏهه ٻارهن سالن بعد مشيما جو هي عاشق ڇوڪرو موراڪامي ايڏو ته مشهور ٿي ويندو جو مشيما به پٺتي رهجي ويندو. رام جواهراڻي: آخر ۾ هي انٽرويو ٻڌندڙن ۽ پڙهندڙن لاءِ ڪو نياپو؟ الطاف شيخ: منهنجي خيال ۾ ته اسان کي پنهنجن ٻارن ۾ ڪِتاب پڙهڻ جي عادت وجھڻ کپي. مطالعو هڪ اهڙي هابي آهي جيڪا اسان پيريءَ ۾ به enjoy ڪري سگهون ٿا. ڪِتاب اسان جا سٺا ساٿي آهن. الطاف شيخ هڪ ڌرتي سونهون وڻجارو ۽ وايون تنهن وڻجاري جون سائينءَ جي سالگرهه لاءِ بيشمار محبتن جي هڪ ننڍڙي موٽ خاص آصف رضا موريو الطاف شيخ موجودهه دور ۾ دنيا جو مشاق ميرين انجنيئر آهي پر سندس سڃاڻپ دنيا جي هڪ وڻجاري مسافر جي آهي جنهن دنيا جو هر ديس پرديس گهمي مختلف ملڪن جي بندرگاهن، سمنڊن، ٻيٽن جو پاڻي، واري ۽ مٽي جهاڳي اتان جي ماڻهن سان رلي ملي، گهٽي گهٽي، گهاٽ گهاٽ، سماجن، تهذيبن، تمدنن جي مٽي ڳوهي اسان ۽ اسان جي ايندڙ پيڙهين لاءِ ڪتابن جا بيشمار اهڙا مجسما جوڙيا جن سنڌ جي ادبي کيتر کي گهڻو مالامال ڪيو آهي. جيڪڏهن ڳالهه سندس بهادري، ترقي ۽ اورچائي جي ڪجي ته سنڌ جي هن سٻاجهي همراهه جا حوصلا دنيا جو ڪوبه دهشتناڪ درياهه هيڻا ڪري ڪونه سگهيو بلڪ ڌرتيءَ جي هر مهاساگر هن جو صبر، هنر ۽ همتون ڏسي جهيڙي جي سٽ نه سهندي کيس پنهنجي سيني مان پيچرا ڏنا. ميرين انجنيئر هئڻ سان گڏ الطاف شيخ هڪ لکاري، استاد، سفرنامه نگار، نقشه نويس، فوٽوگرافر، سماج سڌارڪ وغيره به آهي. سندس شخصيت جي جنهن رخ ۽ رنگ کي غور سان ڏسبو ته هو بنيادي طور تي سڀ ڪجهه نظر ايندو. کيس ڪنهن هڪ طرف بيهاري اسان سندس قد ڪاٺ کي گهٽائڻ جي ڪوشش ئي ڪنداسين نه ته هو گهڻ رخو، گهڻ پاسو،اڻ ميو ۽ هڪ انتهائي وڏو ماڻهو آهي. بيشمار دوست پنهنجي لکڻين ۾ کيس ابن بطوطه، مارڪوپولو. ابو بن اڌم، ميگيسٿينز، فاهيان ۽ سنڌباد سيلاني وغيره ڪوٺيندا رهن ٿا پر الطاف شيخ گهڻي لحاظ کان دنيا جي انهن سڀني آبي ۽ زميني آفتن کان نه رڳو مٿاهون آهي پر هن عملي طور تي به انهن سڀني کان گهڻي دنيا جهاڳي آهي، گهڻا جهاز هلايا آهن ۽ انهن مڙني کان گهڻا ڪتاب پڻ لکيا آهن. الطاف شيخ پنهنجي سفرنامن ۾ زندگي ڀر جي تجربن ۽ مشاهدن جو نچوڙ پيش ڪندو آهي سندس قلم مان نڪتل ڳالهيون انتهائي پر اثر هونديون آهن جن جو مقصد ماڻهن تائين نه رڳو معلومات پهچائڻ هوندو آهي پر پڙهندڙن کي هو پنهنجي سادي سليس لهجي ۾ مختلف ڪردارن ۽ واقعن ذريعي لڀائيندو ۽ پڙهائيندو به نظر ايندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو سندس لکيل سفرناما تاريخي ڪتاب به هوندا آهن ته سياسي، جيولوجي، اوشنولوجي، جاگرافيائي، سماجي ۽ تهذيبي معلومات سان لبريز ادبي فن پارا به جن سان پڙهندڙن جي دل ۾ اهي ملڪ، ماڳ ۽ وستيون گهمڻ جو شوق ڪر کڻي اٿڻ سان گڏ انهن جي دلين ۾ الطاف شيخ جهڙو ٿيڻ جو اتساهه پڻ جنم وٺندو آهي. سندس لکيل سفرنامن جي وڏي ۾ وڏي خوبي انهن جو معلوماتي ۽ تفريحي هئڻ آهي. الطاف احمد شيخ جو جنم ۽ خاندان الطاف شيخ جو جنم ۱۴ نومبر ۱۹۴۴ع ڌاري ڳوٺ نئين هالا ۾ ٿيو جيڪو حيدرآباد شهر کان سٺ ڪلوميٽر پري ۽ سنڌو ندي کان ۳ ڪلوميٽر دور اولهه ۾ واقع آهي. سندس والد جو نالو گل محمد شيخ ۽ والده جو نالو مسمات شريفان هيو. سندس والد شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪري هاءِ اسڪول نورمحمد مان ميٽرڪ جو امتحان ڏئي انٽر سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچي مان پاس ڪيو. تنهن کان پوءِ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ مهاراشٽر جي پونا يونيورسٽي مان ايگريڪلچرل سائنس ۾ بي ايس سي ڪري امريڪا جي ڪارنيل يونيورسٽي اٿيڪا مان پوسٽ گريجويشن ڪئي. ان سان گڏ هن مسلم لا ڪاليج ڪراچي مان ايل ايل بي جي ڊگري پرائي ڪجهه عرصو ڪراچي ۾ وڪالت ڪئي ۽ پاڪستان سول سروس جو امتحان ڏئي مختيارڪار مقرر ٿيو. تعليم سان دلچسپي سبب ڪامورڪي نوڪري ۾ دل ڪونه لڳس تنهن ڪري ۱۹۵۵ع ڌاري ٽنڊوڄام ۾ وليج ايڊ ڪاليج جو پرنسيپل مقرر ٿيو جيڪو امريڪا جي سهائتا قائم ڪيو ويو هيو پر ڪجهه عرصي کان پوءِ اهو ڪاليج بند ڪيو ويو ته گل محمد شيخ پنهنجي پراڻي مختيارڪار واري نوڪري جي سنڀال ڪئي جتي ترقي ڪندي ڊپٽي ڪمشنر جي عهدي تي پڳو. الطاف شيخ جو والد انتهائي پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو هيو جنهن نه رڳو پاڻ سموري عمر علم سان دل لڳائي پر پنهنجي اولاد جي تعليمي تربيت جو گهڻو اونو هئڻ سبب کين بهتر کان بهتر تعليم ڏياري. هو مختلف اخبارن ۾ ڪالم به لکندو رهندو هيو ۽ ڪجهه ڪتاب جهڙوڪ ماکيءَ جي مک، ماڪوڙي، ڪوڙيئڙو ۽ گڏهه وغيرهه پڻ لکيائين. الطاف شيخ جي تعليم الطاف شيخ پرائمري تعليم جا چار درجا هالا جي سرڪاري اسڪول ۾ پڙهيا جتي صبح شام پڙهڻ وڃڻو پوندو هيو يعني صبح اٺين کان ٻارهن وڳي تائين. تنهن کانپوءِ ٻه ڪلاڪ موڪل هوندي هئي ۽ وري ٻه وڳي کان پنج وڳي تائين ڪلاس هلندا هيا. پرائمري چار درجا پاس ڪري الطاف شيخ هالا جي اسڪول مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول ۾ پهرئين انگريزي درجي ۾ داخلا ورتي. ان دور ۾ هاءِ اسڪول مان انگريزي جا ست درجا پڙهي ميٽرڪ ڪبي هئي. الطاف شيخ اڃان انگريزي جي ٻئي درجي ۾ پڙهي رهيو هيو ته نئين کلندڙ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو (پيٽيارو) ۾ چوٿين درجي ۾ داخلا لاءِ اخبارن ۾ اشتهار ڏناويا. الطاف شيخ هڪ سال بعد ٽيون درجو پاس ڪري چوٿين درجي لاءِ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ داخلا ورتي. ان دور ۾ ڪيڊٽ ڪاليج جي شروعاتي عمارت ميرپورخاص جي شاه لطيف ڪاليج جي ڪجهه حصي ۾ واقع هوندي هئي جيڪا بعد ازان پيٽارو ۾ ڪاليج جي موجودهه عمارت ٺهڻ کان پوءِ ايڏانهن تبديل ڪئي وئي. پيٽارو ڪيڊٽ ڪاليج ۾ الطاف شيخ کي داخلا وقت لياقت هائوس ۾ ڪٽ نمبر ۴۷ ملي هئي جتان هن ۱۹۶۰ع ۾ ميٽرڪ ۽ ۱۹۶۳ع ۾ انٽر جو امتحان پاس ڪيو. ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ درسي تعليم سان گڏ فوجي تعليم پڻ ڏيندا هيا جنهن ۾ مختلف رانديون، گهوڙي سواري ۽ ترڻ خاص طور تي شامل هوندو هيو. الطاف شيخ جي دلپسند راند باسڪيٽ بال رهي جنهن جو هو ڪاليج ٽيم جو ڪئپٽن به ٿي رهيو. پيٽارو مان انٽر ڪرڻ بعد الطاف شيخ مرچنٽ نيويءَ لاءِ ان وقت چٽگانگ ۾ پاڪستان مئرين اڪيڊميءَ ۾ داخلا ورتي جتان ۱۹۶۸ع ۾ هن گريجويشن ڪئي. جهازن جو چيف انجنيئر ٿيڻ بعد هن ۱۹۹۳ع ۾ سئيڊن جي ”ورلڊ ميريٽائيم يونيورسٽي مالمو“ مان پوسٽ گريجويشن ڪئي. مئرين انجنيئرنگ جو سڌو سنئون واسطو جهازسازي ۽ جهاز تي ڪم ايندڙ مشينن جي ٺاهڻ، سار سنڀال لهڻ ۽ مرمت سان هوندو آهي. مئرين انجنيئرنگ جي پڙهائيءَ دوران الطاف شيخ جي اڪيڊمڪ سبجيڪٽن ۾ فزڪس، ڪيمسٽري ۽ ميٿميٽڪس سان گڏ نيول آرڪيٽيڪچر، شپ ڪنسٽرڪشن، ايئرڪنڊيشنگ ۽ ريفريجريشن، انسٽرومينٽيشن، بوالرس، اليڪٽروٽيڪنالاجي، فيول ٽيڪنالاجي، آٽوميشن، هِيٽ، هِيٽ انجنس، سروائيول ايٽ سي، ٽربائين، ڊيزل انجن ۽ فائر فائيٽنگ وغيره خاص هيا. چٽگانگ ۾ پڙهائيءَ واري دور ۾ اتان جو موسم ۽ ماحول انتهائي خوبصورت هوندو هيو، چوڌاري چهچ ساوڪ ۽ وڻڪاري جا انيڪ سلسلا، جهڙ ۽ مينهوڳي ڄڻ ته روز جو معمول، درياهه ۽ نهرون چوڌاري نظر ڦير ته اکين اڳيان جن ۾ هلندڙ آگبوٽ ۽ ٻيڙيون ترندي طلسمي ماحول پيدا ڪنديون هيون. الطاف شيخ جهڙي ماڻهو لاءِ اهي منظر من ڀائڻا هيا تنهن ڪري هو شهرن، ڳوٺن، گهٽين ۽ روڊن تي نڪري ويندو هيو ڪجهه لکڻ جهڙو مواد ۽ موضوع ڳولڻ ۽ واپس وري اهي دلچسپ تجربا پراثر انداز ۾ “دريائن جي ديس مان” جي عنوان سان هر هفتي روزاني سنڌي اخبار “مهراڻ” ۽ “هلال پاڪستان” رسالي ڏي موڪليندو رهندو هيو جتي ڇپجڻ بعد سندس مضمون نهايت دلچسپي سان پڙهيا ويندا هيا. الطاف شيخ وٽ سامونڊي نوڪري لاءِ اتساهه الطاف شيخ کي نوجواني واري ڏينهن ۾ ئي سمنڊ جو نيرڙو پاڻي، لامحدود دنيا ۽ ويڪري سيني تي آبي پکين جيان ترندڙ مختلف ملڪن جا خوبصورت ۽ دلآويز جهاز تمام گهڻا وڻندا هيا. مٿان وري جهازن تي ڪم ڪندڙ آفيسرن جون سفيد جرڪندڙ ورديون سندس لاءِ تمام گهڻي ڪشش جو باعث هونديون هيون. ان لاءِ کيس جڏهن به سمنڊ ڏسڻ جو موقعو مليو ته هو ان ۾ ڪوتاهي ڪونه ڪندو هيو جتان واپسي تي کليل اکين سان جهازرانن جي اڇي وردي جا خواب ڏسندو رهندو هيو. ڪيڊيٽ ڪاليج پيٽارو ۾ انٽر ڪرڻ تائين ان شوق سندس من ۾ وڌيڪ پر پکيڙيا جتي معياري پڙهائي سان گڏ والدين جي سرپرستي، استادن، ساٿين ۽ ڪتابن جي سنگت الطاف شيخ کي عمر کان وڌيڪ ميچوئر بڻائي ڇڏيو جنهن سان کيس پنهنجي ايندڙ زندگي جا فيصلا ڪرڻ ۾ آساني ٿي. تنهن ڪري هن فيصلو ڪري پنهنجي خواب جي ساڀيان لاءِ ميرين انجنيرنگ جي شعبي ڏانهن وک وڌائي. الطاف شيخ بنگلاديش جي چٽگانگ ميرين اڪيڊمي مان ميرين انجنيرنگ جي تربيت وٺڻ کان پوءِ ۱۹۶۸ع ڌاري پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن ۾ جونيئر ميرين انجنيئر (ففٿ انجنيئر) طور ڀرتي ٿيو ۽ پوءِ ۱۹۷۶ع ۾ چيف انجنيئر ٿيڻ تائين پاڪستان جا مختلف جهاز هلائڻ جا فرض نڀائيندو رهيو. پي اين ايس سي وٽ ان دور ۾ صرف ويهه ٻيڙا هوندا هيا. الطاف شيخ کي شروعاتي ڏينهن ۾ ۴۰۰ روپيا پي اسڪيل واري پگهار ملندي هئي جڏهن ته جهازن تي اسٽاف جو رهڻ کائڻ مفت هوندو هيو. ان دور ۾ اها تمام وڏي پگهار هوندي هئي جو سون جو تولو ان وقت هڪ هزار روپئي کان به گهٽ ۾ ملندو هيو. سَٺ جي ڏهاڪي واري جنهن دور ۾ الطاف شيخ جهازراني اختيار ڪئي ان دور ۾ سامونڊي نوڪريءَ ۾ سنڌي آفيسر هوندا ئي ڪونه هيا بلڪه ايشيائي به گهٽ هوندا هيا ڇڙو يورپي ملڪن جي گوري آفيسرن جي جهازن جي دنيا تي حڪمراني هوندي هئي جيڪي جهاز هلائڻ کان علاوه ٻه ڪم ٻيا ڪندا هيا. هو تاس راند کيڏندا رهندا هيا يا شراب پي غش ٿي ويندا هيا. الطاف شيخ جي شادي نوڪري ملڻ کان ٽي چار سال پوءِ الطاف شيخ جي شادي ۲۲ مئي ۱۹۷۱ع ڌاري دادوءَ ۾ رهندڙ پنهنجي ماسات مستوران گهلوءَ سان ٿي جنهن مان کيس ٻه نياڻيون مريم جيجل ۽ ماروي عطيه ٿيون. شادي کان پوءِ قريبن اٺن سالن تائين جهازي ۽ سامونڊي زندگي ۾ الطاف شيخ سان سندس گهرڀاتي به جهازن تي گڏ رهندا آيا. ڪجهه وقت کان پوءِ جڏهن هن ڏٺو ته سندس نياڻيون وڏيون ٿي رهيون هيون جن جي تعليم، ذاتي زندگي ۽ مستقبل پنهنجي نوڪري جي ور چڙهندي ڏسي هن پنهنجي محبوب نوڪري کي الوداع چيو. الطاف شيخ پنهنجي نياڻين کي ٻه ٽي سال ڪراچي جي DHA ماڊل اسڪول ۽ بعد ۾ ڪلفٽن واري سينٽ پيٽر اسڪول ۾ پڙهايو، ان بعد ملائيشيا جي شهر ملاڪا ۾، جتي هن کي ڪناري جي نوڪري ملي هئي. الطاف شيخ جي سامونڊي نوڪري ميرين انجنيرنگ جي نوڪري دوران هن دنيا جو هر ملڪ هر بحر و بر گهميو. هو ٻارن جي تعليم خاطر ڪناري جي نوڪري جي ڳولا ڪئي. ۱۹۸۰ع ۾ سامونڊي نوڪري ڇڏي ۱۹۹۰ع تائين مئريٽائيم اڪيڊمي ملائيشيا ۾ مئرين انجنيرنگ پڙهائيندو رهيو. تنهن کان پوءِ وري واپس پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن ۾ مئنيجر ٿي رهيو، جتان کيس پاڪستان ميرين اڪيڊمي ماڙيپور ڪراچي ۾ ميرين انجنيرنگ کاتي جو سربراهه مقرر ڪيو ويو. الطاف شيخ پاڪستان جو پهريون چيف انجنيئر آهي جنهن مالا ڪنڊ نالي پاڪستان جو پهريون آٽوميٽڪ جهاز هلايو. واضع رهي ته جهاز جي ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر جي نه رڳو يونيفارم چئن پٽين واري هڪ جهڙي ٿيندي آهي پر سندن پگهار جو اسڪيل به ساڳو هوندو آهي. الطاف شيخ پاڪستان مئرين انجنيرنگ واري شعبي جو ٻن ڏهائين تائين هيڊ رهيو ۽ ان کان اڳ پندرهن سالن تائين سمنڊ جي وشال سينن تي انيڪ قديم و جديد جهاز هلائيندو رهيو آهي. الطاف شيخ ۱۹۷۵ع وارا ڪجهه مهينا ڪويت جي بندرگاهه جو چيف انجنيئر به رهيو پر کيس عربن جي نوڪري ڪونه وڻي ان لاءِ هو چار مهينن کان وڌيڪ اتي ڪم ڪري ڪونه سگهيو ۽ واپس موٽي وري پي اين ايس سي واري پنهنجي پوسٽ سنڀالي. ميرين انجنيرنگ ۾ الطاف شيخ جي خاصيت شپ چيف انجنيئر ۽ ميرين انجنيرنگ ڊيپارٽمنٽ ميرين اڪيڊمي ملائيشيا جو هيڊ رهي. هن پروفيسر ٿي پڻ پڙهايو ۽ ۳۶ سال دنيا ڀر جي تمام سمنڊن، دريائن، آبي رستن جو پاڻي ڪڇيندي ۽ درس تدريس جو ڪم ڪندي هن ۲۰۰۴ع ۾ سٺ سالن جي عمر تي رسي PNSC مان جنرل مئنيجر طور رٽائرمينٽ ورتي. ان بعد هو مختلف ملڪن جي مئرين اڪيڊمين ۽ انجنيرنگ يونيورسٽين ۾ وزيٽنگ پروفيسر جي حيثيت ۾ ليڪچر ڏيندو رهي ٿو. گهڻي کان گهڻا سفرناما لکڻ ڪري هن کي سنڌ يونيورسٽي، ڪراچي يونيويسٽي ۽ ممبئي يونيورسٽي جا سنڌي ڊپارٽمينٽ پڻ ليڪچر لاءِ گهرائيندا رهن ٿا. نوڪري دوران الطاف شيخ کي جهازن جي محدود دنيا ۽ بي انت سامونڊي سفر تمام گهڻا وڻندا هئا جو واندڪائي هئڻ ڪري لکي پڙهي به جام وٺندو هيو ته انهن ڊگهي سفرن دوران ننڊون به گهڻيون ڪيائين. ميرين انجنيرنگ جي نوڪري وارا شروعاتي سال الطاف شيخ اهڙن جهازن تي رهيو جن جا تمام ڊگها سامونڊي روٽ رهيا ان لاءِ مهينن جا مهينا هل هلان هوندي هئي. ڪيترائي ڀيرا ته پنج ڇهه مهينن جي ڊگهي ۽ اڙانگي سفر ۾ سندس جهاز ٽي چار سمنڊ لتاڙي ويندو هيو. ڪراچي کان چٽگانگ، پينانگ، ڪولمبو، پورٽ ڪلانگ، سنگاپور، ٽوڪيو، بئنڪاڪ، هانگ ڪانگ، يوڪوهاما، نگويا، اوساڪا، پوسان، سيول ۽ سيئول تائين ۽ ٻئي طرف ڪراچي کان عدن، دوحا، بندر عباس، دبئي، ڪويت، جدو، لنڊن، هئمبرگ بندرگاهه وغيره جا سفر سندس لاءِ روز جا قصا هوندا هيا. الطاف شيخ پنهنجا جهاز سئيڊن جي ڏاکڻي بندرگاهه مالمو توڙي گادي واري شهر اسٽاڪ هوم تائين هلائيندو رهيو ته ڀر وارن ملڪن ناروي، ڊنمارڪ ۽ فن لينڊ جي بندرگاهن تي به سندس جهازن جي اچ وڃ جام هوندي هئي. ان سان گڏ ڪراچي کان لنڊن يا ڪيوبا ۽ ٽوڪيو کان لاس اينجلس واري ڊگهي سفر ۾ سندس جهاز هندي وڏي سمنڊ، ائٽلانٽڪ ۽ پئسفڪ جهڙن وشال بحرن کي پوئتي ڌڪيندا نڪرندا هيا. سٺ ستر واري ڏهاڪي ۾ سندس جهاز جڏهن روسي رومانيا مان سامان کڻي جدي يا دبئي ايندو هيو ته انهن ڏينهن ۾ سئيز ڪئنال وارو روٽ بند هئڻ ڪري جهازن کي سموري آفريڪا کنڊ جو چڪر هڻي ڦرڻو پوندو هيو جنهن ۾ ٽيهه چاليهه ڏينهن لڳي ويندا هيا پر هاڻي سئيز ڪئنال کلڻ ڪري اهو سفر هفتي کن ۾ نپٽجي ويندو آهي. جهازي نوڪري دوران الطاف شيخ کي نه رڳو بيشمار ملڪن جون سوين بندرگاهون گهمڻ جو موقعو مليو پر هن کي ڪيترن ئي ڏورانهن ٻيٽن جهڙوڪ ائٽلانٽڪ سمنڊ جي ڪيپ وردي ۽ لاس پاماس يا ميڊيٽريئين جا مالٽا، سسلي ۽ سائپرس، پئسفڪ سمنڊ جا فجي، مارشل ۽ هونولولو يا ڪئريبين سمنڊ جا ڪيوبا ۽ جميڪا ٻيٽن تائين پنهنجا جهاز هلايا ته دنيا جي تمام ننڍن ۽ گمنام جزيرن جهڙوڪ ٽرنيڊڊ، برمودا ۽ ٽوباگو وغيره تان به ڀيرا ڀري آيو. الطاف شيخ جهڙي هيڏي وڏي پروفائيل واري ماڻهو جي شخصي ڪردار متعلق هيءَ حقيقت نه مڃڻ جهڙي آهي ته هو اخلاقي اعتبار کان به انتهائي معتبر ۽ معصوم رهيو آهي. منهنجا کوڙ سارا دوست جهازن تي نوڪريون ڪندا آهن انهن مان گهڻا تڻا بيشمار علتن ۾ عليل آهن شراب سگريٽ، پتي بازي ته انهن لاءِ بنيادي حق جيان هوندي آهي جو سامونڊي جهاز جي نوڪري گهروارن، دوستن يارن، پنهنجي تر، ڳوٺ ۽ بيشمار شهري آسائشن کان پري هئڻ ڪري سماجي ۽ نفسياتي طور تي تمام ڏکي، الجهيل ۽ اذيتناڪ ٿئي ٿي تنهن ڪري جهازي آفيسر، نوڪر ۽ ڪارندا ڪنهن نه ڪنهن علت يا کوڙ ساري علتن ۾ پنهنجي اڪيلائين جو تحفظ تلاش ڪندا رهندا آهن پر حيرت انگيز ڳالهه آهي جو پنهنجي سموري عمر سامونڊي جهازن، جهازي بندرگاهن، ماڻهن ۽ ماڳن کي ارپيندڙ الطاف شيخ شباب، ڪباب، شراب، گٽڪي، پان ٻيڙي کان به پري رهيوآهي. ڀلي کيس گوهر رحمان ۽ متين ظفر جهڙا انجنيئر ڪيترو به سمجهائين ته اهي شيون خراب آهن. اسان کي هر روز ڪيترائي ماڻهو ڪيترين ئي ڳالهين کان روڪيندا آهن ۽ ڪيتريون ئي ڳالهيون ڪرڻ لاءِ ليڪچر ڏيندا رهندا آهن ته ڇا اسان اهي چڱيون ڳالهيون واپرائيندا آهيون. بنهه نه مان پنهنجي بيشمار دوستن کي شراب ۽ سگريٽ ڇڏڻ لاءِ ڪيترن ئي سالن کان سمجهائيندو رهندو آهيان پر مجال آهي جو هو ان کان مڙن ۽ منهنجي ڳالهه مڃن. حقيقت اها آهي ته الطاف شيخ ذاتي طور تي پاڻ انهن شين کي دلئون برو سمجهي پيو ۽ ٻيو ته ڊگهي سامونڊي مسافرين ۾ هن وٽ شراب سگريٽ کان وڌيڪ مڌوان شي ڪتاب، قلم ۽ ڪجهه اڃان بهتر ڪرڻ جو جذبو هوندو هيو تنهن پڻ کيس انهن علتن کان پري رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. الطاف شيخ جو ننڍپڻ کان پڙهائي سان لڳاءَ جو سبب الطاف شيخ جو سمورو خاندان پيڙهين کان پڙهائي جي معاملي ۾ پنهنجي علائقي ۾ اڳڀرو رهندو پئي آيو سندس والد پنهنجي اولاد کي تمام سٺي تعليم ڏياري. توڙي جو سندس شهر ۾ اردو زبان جي تعليم ڪونه هوندي هئي تنهن هوندي به سندس والد ننڍڙي الطاف جي اردو پڙهڻ جو خانگي طور بندو بست ڪيو. سندس والد مختلف ڪتاب خريد ڪري کين پڙهڻ لاءِ ڏيندو رهندو هيو ته جيئن منجهن ڪتابن سان دلچسپي پيدا ٿئي. ايتري تائين جو مختلف شهرن ۾ پوسٽنگ دوران به سندس والد گل محمد ٻارڙن جي دلچسپي ۽ ڪهاڻين جا ڪتاب وٺي کين وي پي پي ذريعي ڳوٺ جي ايڊريس تي موڪليندو رهندو هيو. الطاف شيخ کي پهاڪا پڙهڻ جو ننڍي هوندي کان شوق هوندو هيو. پرائمري چوٿين ڪلاس ۾ پڙهڻ دوران هن پهاڪن جو پهريون ڪتاب “گل شڪر” پنهنجي والد جي لئبرري مان کڻي پڙهيو هيو جيڪا سندس گهر ۾ هوندي هئي. ان دور ۾ هالا ننڍڙو ڳوٺ هوندو هيو جتي نه سئنيما هوندي هئي نه ان دور ۾ ٽي وي يا ڪمپيوٽر هوندو هيو. ننڍڻ مان اسرندڙ الطاف شيخ کي ڪڏهن ڪڏهن ڳوٺ ۾ هڪ پان ٻيڙيءَ جي مانڊڙي جي سامهون گذرندي گراموفون تي جيوڻي ٻائي ۽ ماسٽر چندڙ وغيره جا گانا ٻڌڻ ۾ ايندا هيا جيڪو مانڊڙي جو شوقين مالڪ هلائيندو رهندو هيو. الطاف شيخ جڏهن ڏهن سالن جو ٿيو ته سندس والد ريڊيو خريد ڪري آيو هيو. الطاف شيخ جو نانو سيٺ محمد حسن سومرو حيدرآباد ۾ سنڌ زميندار هوٽل هلائيندو هيو پر کيس علم و ادب سان به گهڻو لڳائو هوندو هيو تنهن ڪري هن پنهنجي پٽن، پوٽن ۽ ڏوهٽن لاءِ گهر ۾ هڪ ننڍڙي لائيبرري جوڙي هئي جتي هو پاڻ به پڙهندو هيو ته پنهنجي خاندان جي تمام ٻارڙن کي ڪتاب پڙهڻ لاءِ اتساهيندو رهندو هيو. حليم بروهيءَ جهڙو مزاحيه اديب ۽ عرض محمد شيخ جهڙو شاندار انجنيئر، آرٽسٽ، سندس ناني جي وڏي ڀينرن فاطمه ۽ زينت جا پٽ هيا جن سان ٿيندڙ ڪچهرين پڻ ننڍڙي الطاف شيخ جي دل کي ادبي دنيا سان متعارف ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. الطاف شيخ کي پڙهڻ سان ننڍي هوندي کان جيڪا دلچسپي هوندي هئي سا ڪيڊٽ ڪاليج پٽارو ۾ پهچي بالغ ٿي جتي ڪاليج جو انگريز پرنسيپل ڪرنل ڪومبس ۽ ائڊجيوٽنٽ ڪئپٽن عالم جان محسود ۽ ڪمانڊر اسرارالله وغيره پڻ سڀني شاگردن کي ڪِتاب پڙهڻ لاءِ اتساهيندا رهندا هئا. الطاف شيخ استادن جي ان سهولت ۽ محبت مان تمام گهڻو فائدو وٺي پڙهڻ سان گڏ لکڻ به شروع ڪيو. پيٽارو ۾ ئي ميٽرڪ پڙهڻ دوران هو ننڍڙا ننڍڙا مضمون ۽ ڪهاڻيون لکي سنڌي اخبارن ۽ رسالن جهڙوڪ هلال پاڪستان، گلستان، بادل، ڳوٺ سڌار وغيره جي ٻاراڻي صفحن ڏانهن موڪليندو رهندو هيو. ميٽرڪ ۾ پڙهڻ دوران سندس لکڻ جي لياقت ڏسي استادن کيس پيٽارو ڪاليج جي مئگزين جي سنڌي سيڪشن جو ايڊيٽر ڪيوويو. پيٽارو ڪاليج مان الطاف شيخ تمام گهڻو پرايو جتي نه رڳو سندس مطالعو وسيع ٿيو پر هڪ ميگزين جي ايڊيٽر هئڻ ناطي لفظن جي ادبي ۽ هنري ڪاريگري سان به متعارف ٿيو. انٽر پاس ڪري جڏهن هو بنگلاديش پڙهڻ ويو ته ”دريائن جي ديس مان“ جي عنوان تحت اتان جي ماڻهن، سماج، تهذيب، موسم ۽ شهرن تي سفرنامي جي انداز ۾ مضمون لکندو رهيو جيڪي بعد ازان حيدرآباد جي سنڌي عبرت ميگزين، اخبار، بادل، سهڻي ۽ روح رهاڻ وغيره ۾ ڇپجڻ لڳا ته پڙهندڙن کان کيس تمام گهڻي موٽ ملي جنهن ڪري هن ڪهاڻي افساني جي دنيا کان پاسيرو ٿيندي صرف سفرنامي کي لکڻ لاءِ اظهار جو ذريعو بڻايو. ارڙهن سالن جي عمر ۾ سندس پهريون ڪتاب اناميڪا نالي بنگالي ڪهاڻين جو ترجمو تڏهن ڇپيو جڏهن هو مئرين انجنيئرنگ جي ورڪ شاپ ٽريننگ ڪراچي شپ يارڊ ۾ وٺي رهيو هو. ان دور ۾ ئي الطاف شيخ دوستن احبابن کي به خطن ذريعي پنهنجي سامونڊي سفر جي تجربن، مشاهدن ۽ حادثن متعلق سفرنامي جي طرز تي خط لکندو رهندو هيو جن مان ڪجهه روزاني سنڌي اخبار عبرت ۾ ڇپجڻ لڳا. انهن ڪالمن کي ترتيب ڏئي الطاف شيخ پبلشر جي تعاون سان سهڻي پرنٽنگ پريس مان “منهنجو ساگر منهنجو ساحل” نالي سان ڪتاب ڇپرايو جنهن کي ۱۹۶۹ع ۾ پاڪستان رائيٽرس گلڊ لاهور طرفان سال جي بهترين ڪتاب جو ايوارڊ مليو. اٺاويهن سالن جي ڦوهه جوانيءَ ۾ مليل مقبوليت، شهرت ۽ ماڻهن جي سندس لکڻين ۾ دلچسپي آهستي آهستي الطاف شيخ جو حوصلو به وڌائيندي رهي . جهازن تي ڊگهن سفرن دوران به وقت گذارڻ لاءِ سندس بهترين وندر ڪِتاب پڙهڻ ۽ لکڻ هوندي هئي. هن جو جهاز جنهن ساحل تي ترسندو هيو ته اتان ڪجهه ڪِتاب، رسالا يا اخبارون وغيره هٿ ڪري من جي اساٽ جو بندوبست ڪري. ڪڏهن ڪڏهن سامونڊي سفر ايترا ته ڊگها ٿي ويندا هيا جو هن وٽ ڪتابن جو ذخيرو ختم ٿي ويندو هيو. هاڻي جڏهن پڙهڻ لاءِ ڪا شي نه هئي ته پوءِ هن سمنڊ، سامونڊي دنيا، ساحلي معاملن، منظرن، ماڻهن، تهذيبن، شهرن، ماڳن وغيره تي لکڻ شروع ڪيو جيڪا عادت وقت سان گڏ پڙهڻ واري شوق تي به غالب پوندي وئي. لکڻ جي شروعات الطاف شيخ سنڌي ۾ لکڻ جي شروعات سنڌي اخبار عبرت کان ڪئي. ان کان علاوه امرتا، هلالِ پاڪستان، سهڻي ميگزين ۾ به ڇپندو رهندو هيو. هن وقت هو دنيا جي مختلف اخبارن، رسالن ۽ ڊائجسٽن ۾ سنڌي کان علاوه اردو، انگريزي ۽ ملئي ٻولي ۾ به مضمون لکندو رهي ٿو. سندس اردو مضمون اردو روزنامي امت اخبار، اڙدو ڊائجسٽ، سرگزشت ڊائجسٽ، اخبارِ جهان، پاڪستان پوسٽ، دستڪ ۽ ٻين رسالن ۽ اخبارن ۾ به ڇپجندا رهن ٿا. الطاف شيخ ملائيشيا ۽ جاپان جي مختلف انگريزي اخبارن ۽ رسالن ۾ پڻ باقاعدگي سان لکندو رهندو آهي. الطاف شيخ سنڌي، اردو، انگريزي، ملائي، جاپاني ۽ بنگالي ٻوليون آساني سان ڳالهائي، لکي ۽ پڙهي سگهي ٿو. الطاف شيخ جو مڃڻ آهي ته “مونکي سنڌي زبان جو اديب آفريڪا کنڊ جي ڊگهن سامونڊي سفرن ڪيو ۽ اڙدو جو اديب روزاني اردو اخبار امت جي چيف ايڊيٽر رفيق افغان ڪيو”. الطاف شيخ بطور ترجمه نگار دنيا جي ادبي وايومنڊل ۾ ترجمه نگاري هڪ تمام انوکي تخليقڪاري ليکي ويندي آهي. ترجمي جي افاديت اها پڻ ٿئي ٿي ته ان لاءِ دنيا جي بهترين ادب مان اهڙي خوبين وارا ڪتاب چونڊيا ويندا آهن جن پنهنجي ماحول سان گڏ سماجي ۽ معاشي قدرن ۽ نظامن تي ڪي مثبت اثر ڇڏيا هجن. الطاف شيخ دنيا جي بيشمار ٻولين جو ڄاڻونگر آهي جنهن سموري زندگي مختلف ملڪن ۾ ايندي ويندي اتان جو ادب پڙهيو، لکيو ۽ واپرايو. ان سلسلي ۾ هن مختلف ملڪن جي بهترين ڪهاڻين، قصن، داستانن ۽ ناولن کي پڻ پنهنجي ٻوليءَ ۽ پنهنجي ماڻهن ۾ متعارف ڪرايو. اها ٻي ڳالهه آهي ته جاپاني ٻولي ۽ لوڪ ادب سندس رڳ رڳ ۾ سمايل ملي ٿي. الطاف شيخ کي مليل ايوارڊ الطاف شيخ گذريل چار پنج ڏهائين کان دنيا ڀر جي سنڌي، اردو، انگريزيءَ، جاپاني، ملئي وغيره ۾ ڇپجندڙ بيشمار اخبارن ۽ رسالن ۾ ڪالم لکندو رهي ٿو. سندس ڪارائتي ڪم جي مڃتا طور کيس مختلف طريقن سان سراهيو ويندو آهي ته ايوارڊ به ڏنا ويندا آهن. پاڪستان حڪومت طرفان کيس ادبي خدمتن جي موٽ ۾ تمغه امتياز ڏنو ويو آهي. ثقافت کاتو سنڌ پاران کيس لائيف اچيوميٽ ايوارڊ مليو. حيدرآباد ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران به الطاف شيخ کي لائيف اچيومينٽ ايوارڊ ڏنو ويو. پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس اسلام آباد، رائيٽرس گلڊ، سوجهرو پبليڪيشن پاران به کيس ڪئي دفعا ايوارڊ ڏنا ويا آهن ته سگا وارن به کيس سگا گولڊ ميڊل ايوارڊ ڏنو آهي. سندس ادبي خدمتن جي موٽ طور متحده ميمن جماعت پڻ ايوارڊ ڏنو آهي. ان کان علاوه به الطاف شيخ بيشمار ايوارڊ ماڻيا آهن جهڙوڪ شاهه عبدالطيف ڀٽائي لٽرري ايوارڊ ۽ ڪينجهر ايوارڊ. کيس پٽاريئن ايسوسيئيشن طرفان لائيف ٽائيم اچيومنٽ ايوارڊ پڻ مليو آهي کيس بيشمار ٻين ملڪن طرفان به کيس وقتن فوقتن اعزاز ۽ ايوارڊ ملندا رهندا آهن جن مان خاص ملائيشيا حڪومت طرفان اتان جو وڏي ۾ وڏو سولين ايوارڊ PJK (پنگت جاسا ڪَ بَڪتيئان) جيڪو کيس ملائيشيا جي انگريزي اخبار ”نيو اسٽرئٽ ٽائيمس“ ۾ ڪالم لکڻ جي ادبي خدمتن ڪري ۱۹۸۹ع ڌاري ڏنو ويو. الطاف شيخ جاپان جي ميرين انجنيرنگ سوسائٽي، جاپان جي سوسائٽي آف نيول آرڪيٽيڪچرس، ڪينيڊيئن انسٽيٽيوٽ آف ميرين انجنيئرس، سنگاپور جي سوسائٽي آف نيول آرڪيٽيڪٽس اينڊ ميرين انجنيئرس، برطانيه جي انسٽيٽيوٽ آف ميرين انجنيئرس لنڊن، سنگاپور جي انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ ٽيڪنولوجسٽس، سنگاپور جي چارٽرڊ انسٽيٽيوٽ آف ٽرانسپورٽ ۽ ملائيشيا جي انسٽيٽيوٽ ڪيلائوٽن ميرينرس وغيره جو ميمبر آهي. الطاف شيخ بحري سائنس جي ادارن ۾استاد جهازن جي نوڪري ڇڏي الطاف شيخ پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن ميرين ڪاليج ۾ ليڪچرار ٿيو جتي بعد ۾ پنهنجي قابليت سان پرنسيپل مقرر ٿيو. ٻن سالن کانپوءِ ملائيشيا جي شهر ملاڪا ۾ قائم Akademi Laut ميرين اڪيڊمي هن جون خدمتون حاصل ڪيون جتي اٺن سالن تائين هيڊ آف ميرين انجنيرنگ ڊيپارٽمنٽ رهيو. تنهن کان پوءِ واپس ڪراچي آيو جتي هو پاڪستان ميريٽائيم اڪيڊمي ۾ پروفيسر ۽ بعد ازان هيڊ آف ميرين انجنيرنگ ڊيپارٽمنٽ مقرر ٿيو جتي ۲۰۰۴ع ۾ پنهنجي ريٽائرمنٽ تائين ڪم ڪندو رهيو. دنيا ڀر جي آبي دنيائن سان سلهاڙيل ادارا، يونيورسٽيون ۽ ڪاليج سندس قابليت مان لاڀ حاصل ڪرڻ لاءِ اڄ به الطاف شيخ کي ليڪچر ڏيڻ لاءِ گهرائيندا رهندا آهن خاص طور تي سري لنڪا، ملائيشيا، ممبئي، جاپان ۽ چين جي مئيرين ادارن جو ته الطاف شيخ پسنديده استاد ڀانئيو ويندو آهي جتي هوگذريل ٻن ڏهائين کان وزيٽنگ پروفيسر جي حيثيت ۾ مئرين انجنيئرنگ ۽ نيول آرڪيٽيڪچر جي سبجيڪٽس تي ليڪچر ڏيڻ لاءِ ويندو رهي ٿو. الطاف شيخ ايران جي يونيورسٽين ۾ به وزيٽنگ پروفيسر طور پڙهائيندو رهيو آهي. ان کان علاوه دنيا جو هي انتهائي مصروف رهندڙ ماڻهو وقت ڪڍي پاڪستان ۾ به مختلف سرڪاري نيم سرڪاري توڙي خانگي اسڪولن، ڪاليجن ۽ مختلف ادارن ۾ ملڪ جي معمارن کي پنهنجي تجربن اڌارت ليڪچر ڏيندو رهندو آهي. کيس ڪراچي يونيورسٽي ۽ سنڌ يونيورسٽي انتظاميه به ليڪچر ڏيڻ لاءِ اڪثر گھرائيندي رهندي آهي. ڪجهه عرصو اڳ ممبئي يونيورسٽي، سنڌي ڊپارٽمينٽ جي چيئرمئن ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻيءَ به هفتي کن لاءِ ممبئي گھُرايو هو جتي هن سنڌي، گجراتي، پالي ۽ ڪنهڙ زبانن جي شاگردن کي انگريزيءَ ۾ليڪچر ڏنا هئا. پسنديده ملڪ ۽ اديب جيڪڏهن ملڪن جي ڳالهه ڪجي ته الطاف شيخ کي جاپان، ملائيشيا، ۽ سئيڊن تمام گهڻو وڻندا آهن. ان کان علاوه ٿائيلينڊ، سنگاپور، ڪوريا، هانگ ڪانگ به سندس پسنديدهه علائقا آهن. انهن تمام ملڪن ۾ قائدو قانون، امن امان، انساني حقن جي صورتحال، صحت، وڻج واپار، انڊسٽري، تعليم تمام بهتر ۽ قدرتي نظارا واهه جا آهن. اتان جا ماڻهو به ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ ڪجهه گهڻا مهذب آهن. جيئن ته الطاف شيخ پاڻ اديب ۽ سفرناما لکندڙ آهي ان لاءِ کيس سفرنامي طرز جون ڪهاڻيون، ناول ۽ آتم ڪهاڻيون گهڻيون وڻنديون آهن. سنڌي لکارين ۾ کيس امر جليل، قمر شهباز، انيتا شاهه، اعجاز منگي، جنت منگهاڻي، حسن مجتبى، آغا شهاب الدين، امرسنڌو، جاويد قاضي، منير ڀرڳڙي ۽ فياض سومرو وغيره تمام گهڻو پسند آهن. الطاف شيخ کي مزاحيه اديبن جا ڪتاب به تمام گهڻا وڻندا آهن جڏهن ته کيس امر جليل، حليم بروهي، قمر شهباز ۽ ڊاڪٽر مستوئي جون مزاحيه لکڻيون تمام گهڻو مزو ڏينديون آهن. اڙدو اديبن ۾ کيس ابنِ انشا، بيگم اختر رياض دين ۽ اختر ممونڪا تمام گهڻو پسند آهن. مزاحيه لکڻين ۾ ڊاڪٽر يونس بٽ ۽ مشتاق يوسفي جو لکتون کيس موهينديون آهن. الطاف شيخ رچرڊ گورڊن، ارنيسٽ هيمنگوي، سمرسٽ ماهم ۽ گراهم جي ڪتابن جو تمام گهڻو شيدائي آهي. اهڙي ريت انگريز مزاحيه ليکڪ جارج ميڪش جو طرز بيان کيس گهڻو پسند آهي. افغان لکاري طاهر شاهه جا انگريزي ۾ لکيل سفرناما کيس وڻندا آهن. امريڪي ليکڪن ڪال ٿيروڪس ۽ جيمس البرٽ مچنز جا سفرناما پڻ الطاف شيخ لاءِ اتساهه جو باعث هوندا آهن. ڀارتي لکاري وڪرم سيٺ جو سفرنامو، ٽريولس ٿرو سنڪيانگ اينڊ تبت به کيس سٺو لڳو. الطاف شيخ پنهنجو پاڻ کي جاپاني ادب جو عاشق سڏائيندو آهي شايد اهو ئي سبب آهي جو هن جاپاني ادب مان بهتريون ئي بهترين ڪهاڻيون ۽ ناول سنڌي زبان ۾ ترجما ڪيا آهن. الطاف شيخ جو پسنديدهه جاپاني ليکڪ ماتسوئو باشو ۽ مشيما يوڪيو آهي جڏهن ته هو جاپاني لکاري عورت يوني نوگوچي جا لکيل سفرناما ۽ ڪتاب به شوق سان پڙهندو آهي. جپاني ليکڪ مڪيرو ساساڪي جا لکيل سفرناما ۽ ڪيل شاعري پڻ الطاف شيخ کي تمام گهڻي وڻندي آهي. ننڍپڻ کان وٺي جواني تائين، اسڪول کان ڪاليج تائين ڪتابن جو مطالعو الطاف شيخ جي زندگي ۽ معمولات جو جز رهيو سو جهازن جي نوڪري جي ٽريننگ دوران به همراهي رهيو ته سمنڊ جي سيني کي زندگي جا بيشمار دور ارپيندي به ساٿاري رهيو. وشال ساگر جي دنيائن کي وداع ڪندي جڏهن ڪناري جي زندگي ۾ داخل ٿيو ته به نه ڪتابن هن جو ساٿ ڇڏيو نه ئي قلم. الطاف شيخ سنڌ کي ڪوڙهه جيان ورائيندڙ بيشمار بيمارين جهڙوڪ وڏيرا شاهي، پير پرستي، جاگيرداري ۽ گندي سياست جو سخت مخالف آهي ۽ پنهنجي هر ملاقاتي کي ٿڌا ساهه ڀريندي ملائيشيا، سنگاپور ۽ ٿائيلينڊ وغيره جهڙن ملڪن جا حوالا ڏيندو آهي جيڪي ڪنهن وقت ترقي جي ڊڪ ۾ اسان کان گهڻو پوئتي پيل ۽ بيڪار ڀائنيا ويندا هيا پر اڄ اهي ملڪ سائنسي، سماجي ۽ سياسي ڊوڙ ۾ يورپي ملڪن جا ڏند کٽا ڪري رهيا آهن. الطاف شيخ هڪ شخص هوندي به هڪ انجمن، هڪ ادارو، هڪ تحريڪ ۽ هڪ ماحول آهي. هيڏي ساري نام مقام جي حاصلات ماڻيندي هاڻي هو هڪ فرد نه پر هيڪاندو ۽ اڏول وجود ماڻيندڙ اتهاس بڻجي پوري دنيا ۾ سنڌ ۽ سنڌين جي سڃاڻپ واري علامت بڻجي چڪو آهي جيڪو دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وسندڙ سنڌين کي ڳولي ڦولي سارون لهندو نظر اچي ٿو. سندس لاءِ اهو مرتبو ڪيترو نه عظيم آهي دنيا جي هن ڪنڊ کان ٻئي ڪنڊ تائين رهندڙ ساڃاهوند سنڌي کيس نه رڳو سڃاڻن ٿا پر محبت واري ديوتا طور کيس پيار ڪن، پڏائن، پڙهن ۽ ڳالهين تي عمل ڪن ٿا. مان ڀانئيان ٿو ته دنيا ڀر ۾ جيترا دوست الطاف شيخ جا آهن اوترا ڪنهن ٻئي ماڻهو جا مشڪل سان هوندا. ان سان گڏ هيءَ پڻ حقيقت آهي ته سنڌي اديبن متعلق پڙهندڙن جو جيترو وسيع حلقو الطاف شيخ جي حصي ۾ آيو آهي اوترو ڪنهن ٻئي سنڌي اديب وٽ ورلي سان هوندو. هر چوٿين پنجين مهيني سنڌي ادب کي هڪ شاندار ڪتاب ارپيندڙ الطاف شيخ پنهنجي ڪمن جي آئيني ۾ دنيا جو مصروف ترين اديب لڳندو آهي. اعجازمنگي چواڻي ته “الطاف شيخ پنهنجي قلم سان هر ان شهر کي محفوظ ڪيو آهي جنهن ۾ هن ڪجهه ڏينهن يا ڪجهه پل گذاريا. جنهن شهر کيس پناهه ڏني ۽ پيار ڏنو الطاف شيخ ان جو احسان لاهڻ جي ڀرپور ۽ ڪامياب ڪوشش ڪئي ۽ رڳو هر شهر کي نه پر ان شهر ۾ ملڻ واري هر ماڻهو کي هن پنهنجي يادن جي تحريري البم ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو آهي.” سنڌي ادب جو جهول سفرنامي جي صنف متعلق الطاف شيخ جي فنپارن کان اڳ فقير جي ڪستي جيان خالي نظر اچي ٿو شايد تنهن ڪري ئي ان کي هن وقت تائين صنف جو درجو ڪونه ڏنو ويو هيو. الطاف شيخ هڪ اهڙو وڻجارو آهي جنهن وٽ گهمڻ جو ڍنگ آهي ته لکڻ ۽ بيان ڪرڻ جو ڏانوءُ به. هو پنهنجي ڪلهي ۾ لڙڪيل ڪيميرا جهڙو ئي سچو ۽ کرو آهي جو کيس جيڪو ڪجهه جيئن آهي يا جيئن نظر اچي ٿو پاڻ ان کي اهڙي ريت لکي ۽ ڏيکاري ٿو. سندس لکڻ ۽ ڪتابن ڇپجڻ جي رفتار تمام گهڻي تيز آهي جنهن ۾ عمر سان گڏ سستي بجاءِ چستي محسوس ڪئي وئي آهي. مان سمجهان ٿو ته پاڪستان ته ڇا پر دنيا ڀر ۾ اهڙو ڪو وڻجارو، اهڙو ڪو اديب، اهڙو ڪو مئرين انجنير، اهڙو ڪو سياح مشڪل سان هجي جنهن ايترا سفرناما لکيا هجن. بقول مستنصر تاررڙ جي، جنهن جو الطاف شيخ دلپسند ليکڪ آهي ته “الطاف شيخ اسان سڀني کان گهڻا ڪتاب لکيا آهن پر گمنام زندگي گذارڻ ڪري ۽ پاڻ کيLow Profile رکڻ ڪري الطاف شيخ کان ايترا ماڻهو واقف نه آهن جيترا هئڻ کپن.” ۽ بقول امر جليل جي “ڪتابن جو نمبر کڻي مرزا قليچ بيگ جو وڏو هجي پر لفظن ۽ صفحن جو حساب ساربو ته الطاف شيخ جو ٽيڻو چئوڻو ٿيندو ۽ هن جيترو ڪنهن به سنڌيءَ ۾ نه لکيو آهي”. واندڪائي جي وندر مان لکڻ جي شروعات ڪندي پنهنجي مسلسل جدوجهد سان ڪتابن جي هڪ سينچري مڪمل ڪرڻ ڪناري پڄائڻ واري الطاف شيخ جهدِ مسلسل سان پنهنجي اتساهه جي ٻيڙي اهڙيءَ ڪنڌي لاٿي آهي جتي سندس سامهون پڙهندڙ چاهيندڙن جون بيڪران محبتون، شهرتون، عزتون ۽ بيشمار زندگين ڀري هڪ اهڙي منزل آهي جنهن کي ڏسندي مان هن دور کي سنڌي سفرنامي جي نسبت سان الطاف شيخ جو دور سڏيان ته بيجا ڪونه ٿيندو. سندس سفرناما سنڌي نوجوانن ۾ ايترا ته مقبول رهيا جو بقول امراقبال “الطاف شيخ جي سفرنامن کي پڙهي پڙهي سنڌ جي نوجوانن دنيا جي گولي کي پنهنجي آڱر تي ڦيرائڻ شروع ڪيو”. الطاف شيخ کي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ملڻ گهرجي دنيا ڀر جي يونيورسٽين مان پنهنجي نامور، مدبر، مفسر ۽ شاندار لکارين کي انهن جي وشال ادبي پورهئي جي مڃتا طور کين ڊاڪٽريٽ جون اعزازي ڊگريون ڏنيون وينديون آهن. ان پسمنظر ۾ الطاف شيخ جي ادبي، تعليمي ۽ سماجي خدمتن ۾ اڃان ڪهڙي کوٽ آهي جو کيس هن وقت تائين ان اعزاز کان محروم رکيو ويو آهي. يا ائين کڻي چئجي ته اسان جي ادارن ۾ اهڙا نڪما، نابين ۽ بي قدرا ماڻهو سيٽن تي ويٺا آهن جن جي نظر اڃان تائين الطاف شيخ جي شاندار ڪرداري شخصيت، ڪئي ڊزن ڪتابن، لکين ميلن جي مسافرين، دنيا ڀر جي تهذيبن، ملڪن، ماڻهن، ادارن، ماڳن، بحرن، ساحلن وغيره کي پنهنجي قلم سان سنڌين ۾ روشناس ڪرائيندڙ ۽ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سنڌ ۽ سنڌين کي متعارف ڪرائيندڙ هن اتهاسي اديب جي کوجي قلم جي روشنائي کين نظر ئي ڪونه ٿي اچي. مان خاص طور تي سنڌ يونيورسٽي جي وي سي فتح محمد برفت ۽ ڊاڪٽر امير علي ابڙو کي گذارش ٿو ڪيان ته جناب الطاف شيخ کي سندس شاندار ادبي خدمتن جي مڃتا طور ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري ڏني وڃي جيڪو عمل سندس يونيورسٽي لاءِ به باعث عزت ۽ تقريم ٿيندو. الطاف شيخ جا لکيل ڪتاب ۱. اناميڪا ۲. منهنجو ساگر، منهنجو ساحل ۳. پيار جي گُهٽَ ۴. وايون وڻجارن جون ۵. سي ٻيڙيون رکين ٻاجهه سين ۶. دنيا آهي ڪاڪ محل ۷. سمونڊ جن ساڻيهه ۸. بندر بازاريون ۹. سمونڊ جي سيوين ۱۰. سي جوڀن ڏينهن ۱۱. بندر ديسان ديس ۱۲. خبرون کيڙائن جون ۱۳. ڪويت ڪنارا ۱۴. ڇا جو ديس ڇا جو وديس ۱۵. جاني ته جهاز ۾ ۱۶. جپان جن جي جيءَ ۾ ۱۷. ڳالهيون تنهن جپان جون ۱۸. خدا ڏي خط ۱۹. جپان رس ۲۰. سانڀاهو سمونڊ جو ۲۱. موج نه سهي مَڪڙي ۲۲. الطاف شيخ جي نوٽ بڪ تان ۲۳. بهترين سفرناما ۲۴. لنڊن تائين لفٽ ۲۵. ٻارن جون آکاڻيون ۲۶. ٽوڪيو جي گيشا گرل ۲۷. مڪليءَ کان ملاڪا تائين ۲۸. سنگاپور ويندي ويندي ۲۹. ڪوالالمپور ڪجهه ڪوهه ۳۰. ماستر هريام جو بئنڪاڪ وڃڻ ۳۱. دُنگي منجهه درياهه ۳۲. ڏاهي جهرڪي ۳۳. جت جر وهي ٿو جال ۳۴. يادن جي انڊلٺ ۳۵. ڳالهيون آهن ڳچ ۳۶. اي جرني ٽو ٿائلينڊ ۳۷. Proverbs Of Far East ۳۸. اوهريا جي عميق ڏي ۳۹. اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا ۴۰. ملير کان مالمو ۴۱. جت برف پئي ٿي جام ۴۲. ڪراچيءَ کان ڪوپن هيگن ۴۳. ارائونڊ دي ورلڊ ۴۴. رٺي آهي گهوٽ سان ۴۵. يورپ جا ڏينهن راتيون ۴۶. اي روڊ ٽو مدينا ۴۷. هيلسنڪي جي حسينا ۴۸. سنگاپور ٿو سڏ ڪري ۴۹. آل ابائوٽ سنگاپور ۵۰. ملائيشيا منهنجي من ۾ ۵۱. ڀلي ڀار تان ڀيرو ۵۲. هي ٻيٽ هي ڪنارا ۵۳. بوتلن جو سفر ۵۴. سوزيءَ سان پيار ۵۵. جل پريون ۵۶. ملائيشيا ۱۲ سالن بعد ۵۷. تيستائين گڊ باءِ ۵۸. جپان پنجويهه ورهين بعد ۵۹. ڪراچيءَ کان ڪوڪورا ۶۰. دهليءَ جو درشن ۶۱. نيو هالا کان نيويارڪ ۶۲. بخشو لغاريءَ کان بالٽيمور ۶۳. ايران ڏي اُڏام ۶۴. چنڊ چوانءِ سچ ۶۵. هلي ڏسجي هندستان ۶۶. پکي اُڏاڻا پنهنجي ديس ۶۷. ممباسا، شيدي بادشاهه همباشا ۶۸. ڏيهه پرڏيهه جو سفر ۶۹. بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾ ۷۰. هليو آ، هليو آ، ملائيشيا ۷۱. مونکي موهيو ملائيشيا ۷۲. آمريڪا ڙي آمريڪا ۷۳. وسي وڏ ڦڙو ۷۴. نه سي سڙه سُکان ۷۵. بنارس کان برمودا ۷۶. برونائيءَ کان برازيل ۷۷. گهاتو گهر نه آيا ۷۸. جل پريءَ جي اڳڪٿي ۷۹. ڪئمپس جا ڏينهڙا ۸۰. تاريخ جو سفر ۸۱. جيءَ اندر جهاتيون ۸۲. واٽ ويندي.. ۸۳. ڳوٺ جروار کان جپان ۸۴. جپان جپان آهي ۸۵. الطاف شیخ کی اردو کتابیں ۸۶. ملائیشیا کے دن ۸۷. یورپ کے دن ۸۸. کراچی سے کوپن هیگن ۸۹. ایران کے دن ۹۰. گيشائون کے ديس مين ۹۱. جهاز چلانے کے دن ۹۲. جپان کے دن ۹۳. کنارے کے دن ۹۴. میں چلا ممباسا ۹۵. چلو چلیں هندوستان ۹۶. سمندر کے دن الطاف شيخ هاڻي سنڌ جو سفرنامو غير سنڌين کي پڙهايو امام راشدي سنڌ، سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻولي خوش نصيب آهي جو الطاف شيخ جهڙو برجستو ليکڪ موجود آهي. الطاف شيخ گهـُمڻ، لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ ڪڏهن به ٿَڪو ناهي. هِن جو ڪم اهو هرگز ناهي رهيو ته، ”رِلي ڪـُلهي تي ۽ ماني راڄ تي“ هجي. پر هي سراپا عمل ۽ کوجنا وارو ماڻهو رهيو آهي. هن زندگيءَ ۾ جو ڪجهه ڏٺو، جو ڪجهه پڙهيو ۽ جيئن محسوس ڪيو آهي ان کي لفظن جي پوشاڪ پهرائي ڪاغذ تي قلمبند ڪندو رهندو آهي ۽ پوءِ اهي ڪاغذ تاريخ جا ورق بڻجي پَون ٿا ۽ اهڙي طرح دنيا جي تاريخ جـُڙندي رهي ٿي. الطاف شيخ سنڌ جو ورثو آهي. هي دنيا جهان گهُمي ڦِري آيو آهي. هڪ طرف هر خطي جي ماڻهن سان ملي ٿو ۽ هر خطي جي تاريخي، تهذيبي ۽ ثقافتي پاسن سان گڏ اتان جي ماڻهن جي مزاج، طور طريقن ۽ ريتن رسمن جو گهرو مشاهدو رکي ٿو ۽ ٻئي طرف وري سنڌ جي قديم تهذيبي، تاريخي ۽ ثقافتي پهلوئن کي دنيا ۾ روشناس ڪرائيندو رهي ٿو. سندس لکيل ڪتابن مان ملڪن قومن جي ڀرپور ۽ حيرت انگيز معلومات ميّسر ٿئي ٿي. الطاف شيخ دنيا جا مشهور ميوزم، علمي ادبي ادارا، لائبريريون، تاريخي ماڳ مڪان، يونيورسٽيون به ڏٺيون آهن ته عالمن، اديبن، شاعرن، مذهبي پيشوائن ۽ عام ماڻهن سان به مليو آهي. قديم آثار، ڪليسائون، گِرجا گهر، مسجدون، مندر ۽ مقبرن سان گڏ قومن جي عـُروج ۽ زوال جا داستان ٻڌائڻ سان گڏ انهن جي ترقيءَ ۽ تعمير جا راز پڻ ٻڌائي ٿو. الطاف شيخ جا ڪتاب محض سفر ناما يا رپورٽون ناهن بلڪه مختلف قومن جي نسلن جي آگاهي ڏني وئي آهي. الطاف صاحب قومن جي ترقي تعليم سان وابسته ڄاڻائي ٿو ۽ سنڌ جي ترقيءَ کي به جديد تعليم جي تناظر ۾ ڏسي ٿو. الطاف شيخ هڪ سنڌي اديب جي حيثيت ۾ سياح طور سـُڃاتو وڃي ٿو، پر حقيقت ۾ هِن جي حيثيت تاريخدان ۽ دانشور واري به آهي. پاڻ سنڌي نوجوانن جي سـُنهري ۽ بلند و بالا مقام حاصل ڪرڻ جو خواهشمند آهي. هـُو سنڌي قوم کي اتساهه بخشي ٿو ته اها جديد دنيا جي ترقي يافته قوم بڻجي! سچ اهو آهي ته سنڌ لاءِ الطاف شيخ اتساهه جي علامت بڻجي چڪو آهي. اهو ئي سبب آهي جو هِن سان سنڌ تمام گهڻو پيار ڪري ٿي. انهيءَ پيار جي بدولت الطاف شيخ مسلسل لکندو رهي ٿو ۽ هاڻي ته الطاف شيخ جي ذڪر کانسواءِ سفرنامن جي تاريخ اڻپوري آهي. الطاف شيخ هينئر سفر نامن جي تحريڪ بڻجي چـُڪو آهي. دنيا جي چَپو چَپو گهمندڙ هِن ماڻهوءَ جو قلم ڪڏهن به ٿـَڪو ناهي. هن پنهنجي قلم جو تقدس برقرار رکيو آهي ۽ انهيءَ قلم سان سنڌ جي نئين نسل جي ذهنن جي آبياري ڪندو رهي ٿو. نئين نسل سان هِن جي محبت ڏسي چئي سگهجي ٿو ته سنڌ جي مستقبل مان مايوس ناهي ٿيو. هِي نوَن ذهنن ۾ مستقبل جي چئلينجز کي مـُنهن ڏيڻ لاءِ تيار رهڻ جا اطلاع ڏيندو رهي ٿو. الطاف شيخ سڄي دنيا جو سير ڪيو آهي تنهن ڪري پاڻ هر ملڪ جي سيرت ۽ صورت کي خوبصورت انداز ۾ بيان ڪندو رهي ٿو. ان لاءِ هن پنهنجي سفر نامن ۾ سنڌ جي ثقافت، تهذيب ۽ تاريخ کي هرگز ناهي وساريو. ڇاڪاڻ ته هي سنڌ کان جدا ناهي ۽ سنڌ هن کان جدا ناهي. الطاف شيخ سنڌ جو عاشق به آهي ته سنڌي قوم جو معشوق به آهي. هـُو دنيا به گهُـميو آهي ته سنڌ جو چَپو چَپو پڻ ڏسي چڪو آهي تنهن ڪري سنڌ جو مٿس حق بڻجي ٿو ته هـُو سنڌ جو هڪ اهڙو سفر نامو لکي جنهن کي دنيا وارن سان گڏ سنڌ وارا به پڙهن ۽ مجبور ٿي سنڌ ڏسن ۽ سنڌ سان پيار ڪن. اهو الطاف شيخ تي سنڌ جو قرض به رهي ٿو ته فرض پڻ بڻجي ٿو. الطاف شيخ جو جنم ڏينهن رکيل مورائي نيڪ خواهشون انهن هٿن لاءِ جيڪي هڪ وقت دعا لاءِ کڄندا آهن ۽ ٻئي وقت لکڻ لاءِ. اڄ ان شخص/ ليکڪ جو جنم ڏينهن آهي، جيڪو پنهنجو مثال پاڻ آهي. شايد دنيا جي ادب ۾ اهڙو ٻيو مثال اڄ جي تاريخ تائين ملي نه سگهي، ڇاڪاڻ ته ادب ۾ اڄ جنهن تيزيءَ سان واڌارو آيو آهي، اوترو ئي تيزيءَ سان سائنس جي نين ايجادن پڻ انسان کي معلومات ميسر ڪرڻ شروع ڪئي آهي. اڄ هڪ منٽ جي سٺ سيڪنڊن ۾ اسين سٺ ملڪن بابت معلومات حاصل ڪري سگهون ٿا، پر هڪ اهڙو زمانو به هئو، جنهن کي جديد زمانو ته ڪوٺي سگهجي ٿو پر ان کي ڪمپيوٽر جو زمانو ڪوٺي نه سگهبو، ان زماني ۾ معلومات ايتري تيزيءَ سان نه پهچندي هئي، جيتري اڄ ملي رهي آهي. ها! ان دور ۾ دنيا جي معلومات هن جي سفر نامن مان ملندي هئي، اهي سفرناما پڙهي، اسان انهن ملڪن جي ڄاڻ حاصل ڪندا هئاسين جن ملڪن ۾ هو موجود هوندو هئو. اڄ سندس سفرنامن جو انگ هڪ سئو کان ڪجهه گهٽ هوندو ۽ ايترو انگ دنيا جي ڪنهن به ليکڪ جي سفرنامن جو شايد ئي هجي، سنڌ جي آڳاٽي معلومات اسان کي، ابن بطوطا سميت دنيا جي ٻين ڪيترن ئي سياحن جي سفرنامن مان حاصل ٿيندي هئي، ايئن دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن بابت معلومات اسان کي هن جي سفر نامن مان حاصل ٿيندي هئي، اڄ محسوس ٿي رهيو آهي ته ان دور ۾ جيڪو اڌ صدي کن اڳ جو آهي، جڏهن به ڪو سنڌي نوجوان ٻاهر وڃڻ چاهيندو هئو ته اهو سندس سفرنامن مان گهربل معلومات حاصل ڪندو هئو، بلڪل ايئن جيئن اڄڪلهه گوگل ۽ ٻين ويب سائيٽس تان معلومات حاصل ڪجي ٿي، خود هو به چاهيندو هئو ته سندس سفرنامن ۾ ڏنل معلومات مان سنڌي گهڻي گهڻي معلومات حاصل ڪن، ان ڪري، هو اهڙي ئي نموني تفصيل ڏيندو هئو، ان شخص/ ليکڪ جو نالو مان نهايت ادب سان ۽ قلم کي اکين سان لڳائي چُمي پوءِ لکڻ چاهيان ٿو جيڪو آهي، الطاف شيخ صاحب! سنڌ شايد خوش نصيب آهي ۽ سنڌي ادب ڀاڳ وارو آهي، جنهن کي شاهه کان پوءِ ٻه شيخ صاحب مليا ۽ ٻئي اهڙا آهن جن جي نالي سان ڪنهن به مثال، تشبيهه ۽ تمثيل جي گهرج نه آهي. هڪ شيخ صاحب اياز آهي ۽ هڪ الطاف شيخ صاحب آهي. شيخ اياز صاحب پنهنجي شاعريءَ جي معرفت جيڪو سنڌي ادب کي سُڪار بخشيو آهي اهو پنهنجو مٽ پاڻ آهي ۽ الطاف شيخ صاحب پنهنجي نثر، خاص طور سفري نثر معرفت سنڌي ادب کي جيڪا خوشحالي ڏني اها پنهنجو مٽ پاڻ آهي. هن ادبي طور سنڌي نثري ادب کي ته مالامال ڪيو ئي آهي پر ان ادب ۾ هن سنڌي پڙهندڙ کي جيڪا ڄاڻ ڏني آهي اها ايتري گهڻي آهي جو اها اڄ لکت ۾ شال ماپي سگهي. ڪنهن به ادب ۾ ڪي صنفون جڏهن ايجاد ٿينديون آهن ته انهن کي وڌڻ ويجهڻ ۾ چڱو وقت لڳندو آهي، پر سنڌي ادب ۾ سفر نامي کي هڪ صنف طور الطاف شيخ صاحب ايترو تيزيءَ سان مٿي کڻي آيو، جنهن جو به شايد مثال ادب ۾ ٻيو نه ملي سگهي. سفر نامو ڇاکي چئجي ٿو. اهو الطاف شيخ صاحب جي سفرنامن کي پڙهي سمجهي سگهجي ٿو. جيتوڻيڪ سفرنامن سان گڏ، اڻ سڌي نموني يا سڌي نموني، هن پنهنجون يادگيريون به ڏنيون آهن ته پنهنجا تجربا به، ساڳئي وقت هن جن ملڪن ۾ ڪجهه وقت گذاريو آهي، انهن ملڪن جي ادب/لوڪ ادب/چوڻين ۽ پهاڪن وغيره کي به نه صرف پڙهيو ۽ پروڙيو آهي، پر انهن جي ڄاڻ به سنڌي ماڻهن کي ڏني آهي، ان کان سواءِ سندس ٻيو هڪ ڪم اهو به آهي ته دنيا ۾ رهندڙ ۽ کيس موهيندڙ اديبن جي لکڻين کي ترجمو ڪري اسان کي انهن جي ادب ۽ مزاج کان به واقف ڪيو ۽ اهو سڀ جنهن وقت هن ڪيو، ان وقت اسان وٽ ٻاهران جو ايترو ادب ترجمو نه ٿيندو هئو. معلومات جا وسيلا به بنهه گهٽ هئا. ان وقت الطاف شيخ صاحب پنهنجي سفر نامن ۾ اهو به ٻڌايو ته هو جنهن ملڪ ۾ آهي ان ۽ سنڌ ۾ مختلف حوالن سان ڪهڙيون هڪ جهڙايون آهن ۽ ڪهڙيون انفرادتون آهن. جنهن مان ايئن لڳندو هئو ته هن دنيا جي ڪنهن ڪنڊ ۾ هوندي به سنڌ، سنڌي ادب ۾ سنڌي ماڻهن کي نه وساريو. دنيا جي ماڻهن جي خوشحالي ۽ ڏکن سکن سان سنڌ کي ڀيٽيو ۽ ڪي نتيجا سامهون آندا، جن مان سنڌي ماڻهن گهڻو ئي پرايو. ها! مٿيون سڀ ماضي هئو، جنهن جو ذڪر مان ڪري رهيو هوس، ڪڏهن ڪڏهن ماضي فخر لائق هوندو آهي، حال هيڻو هوندو آهي، قومون يا ته ماضيءَ ۾ جيئنديون آهن يا مستقبل جي خوابن ۾! ايئن شخص سان به ٿيندو آهي، پر هيءُ شخص/ليکڪ الطاف شيخ صاحب انهن شخصن/ليکڪن مان آهي جنهن ماضيءَ، حال ۽ مستقبل کي ڳنڍي رکيو آهي، هو پاڻ جڏهن کان لکڻ لڳو آهي، جيڪو اسان جو ماضي آهي، اڄ تائين اسان جي حال تائين لڳاتار لکي رهيو آهي، هاڻ هو پنهنجي اڇي سونهاريءَ ۾ نماز جي پنجن وقتن وانگر، لکڻ کي به عبادت سمجهي ٿو. هو لکڻ جي معاملي ۾ سچل وانگر جو دم غافل سو دم ڪافر ٿيڻ کان ڪوهين ڏور آهي، ۽ جنهن شخص/ليکڪ لاءِ لکڻ عبادت هجي، ان کان سندس آخري ساهه تائين قلم نٿو ڇڏائجي سگهي. هونئن به اسلام ۾ واهه کوٽائڻ، وڻ پوکائڻ ۽ ڪتاب لکڻ صدقه جاريه آهي ۽ الطاف شيخ صاحب پنهنجي حصي کان وڌيڪ ڪتاب لکي پنهنجي ان عبادت کي دوامُ بخشيو آهي، اڄ سندس جنم ڏينهن آهي ۽ جڏهن ماڻهن جي اڪثريت دعائن مان ويساهه وڃائي ويٺي آهي، ان وقت آئون سندس صحت ۽ عمردرازيءَ لاءِ دعاگو آهيان، خاص طور انهن هٿن جي سلامتيءَ لاءِ جيڪي هڪ وقت دعائن لاءِ کڄندا آهن ۽ ٻئي وقت لکڻ لاءِ تيار ٿيندا آهن. اڻ ميون نيڪ خواهشون سندس جنم ڏينهن تي،کيس مبارڪن سان گڏ ڪجهه لفظن جي ڀيٽا، اميد اٿم ته سندس بارگارهه ۾ قبول پوندي. الطاف شيخ کي ڪتابن لکڻ جي سينچري مبارڪ هجي سنڌي ادب جي تاريخ کي سئو ڪتاب لکي ڏيڻ جي سينچري تي اسان سينئر ليکڪ ۽ سنڌي سفرنامن جي بادشاهه الطاف شيخ کي گھڻيون واڌايون ڏيون ٿا. الطاف شيخ جي سفرنامن جي حيثيت اسان سنڌين لاءِ لکت ۾ پهرين انٽرنيٽ واري هئي. جڏهن انٽرنيٽ نه هوندي هئي تڏهن سنڌ واسي الطاف شيخ جي سفرنامن تي ٻڌل ڪتاب پڙهي سڄي دنيا جا ملڪ نه رڳو گھمي وٺندا هئا پر انهن متعلق تاريخي، سياسي، سماجي، علمي، ثقافتي، تمدني، مطلب ته روز مرهه جي قيمتي معلومات مان ئي فيضياب ٿيندا هيا. انهن سفرنامن جي اها معلومات هر دور جي شاگردن کي سي ايس ايس جي امتحانن ۾ به ڪم ايندي رهي آهي. سندن تحريرن جي به ڇا ڳالهه ڪجي. پڙهندي ايئن ڀائنبو آهي ڄڻ ماڻهو پاڻ ان دنيا، ان ملڪ ۽ ان جاءِ تي موجود آهي . ڪنهن به لکڻيءَ جي ان کان وڏي ڪاميابي ڀلا ڪهڙي ٻي ليکبي جو اُها تحرير فلم بڻجي اکين آڏو اچي وڃي. اسان الطاف شيخ جي ان قلمي خدمت جو هونئن ئي متعرف رهيا آهيون پر ڪتابن لکڻ جي سينچري ڪرڻ تي اسان جو مٿس فخر ٻيڻو، ٽيڻو ۽ چئوڻو ٿي وڃي ٿو. سؤ ڪتاب لکڻ کي اسان هڪ تاريخي ۽ يادگار واقعو سمجهون ٿا ۽ ان واقعي کي ملهائڻ چاهيون ٿا .ان ڏس ۾ اسان سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ڀٽائي آباد شاخ کي به مبارڪباد ڏيڻ چاهينداسين جن سڀ کان اڳ ۾ الطاف شيخ صاحب کي ڪتابن جي سينچري ڪرڻ تي آجيان ڏيندي، خاص مڃتا پروگرام ڪيو. اسان سنڌي جيڪي ڪڏهن ڪڏهن زنده ۽ مهذب قومن وارا ڪم ڪندا آهيون تن لاءِ اهو پروگرام به آهي جيڪو الطاف شيخ صاحب لاءِ ڪتابن جي سينچري ڪرڻ تي ڪيو ويو. اها تمام سٺي ۽ اتساهيندڙ روايت آهي. اهڙي نوعيت جو هڪ پروگرام سنڌ ثقافت کاتي امر جليل لاءِ به ڪيو هو جڏهن هن جا ادب کي ڏنل پنجاهه سال مڪمل ٿيا هيا ته ان موقعي تي انتهائي وڏي پئماني تي يادگار ۽ شاندار گولڊن جوبلي ملهائي وئي هئي. جنهن تي امر جليل صاحب پڻ خوشگوار حيرت جو اظهار ڪندي چيو هو ته ”اهڙا پروگرام ته اسان اديبن جي مرڻ پڄاڻان ڪندا آهيون سو هن پروگرام کي ڏسندي مونکي ايئن پيو محسوس ٿئي ڄڻ منهنجي ورسي جو ڪو پروگرام هجي“ . سو اسان هاڻي واقعي به مرده پرست هئڻ وارو ليبل پاڻ مٿان لاهي ڇڏيو آهي، هاڻي جيئري مڃتا ڏيڻ جي روايت پئجي چڪي آهي، جنهن تي اسان خوشي ۽ اطمينان جو اظهار ڪيون ٿا . سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شاخ ڀٽائي آباد طرفان الطاف شيخ جي مانَ ۾ ڏنل تقريب کي خطاب ڪندي پ پ اڳواڻ پير مظهر الحق تجويز ڏني ته الطاف شيخ جي ڪتابن جي سينچري واري مڃتا ۾ سنڌ اسيمبليءَ کي ٺهراءُ پاس ڪرڻ گھرجي. انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته اها سٺي ۽ اتساهيندڙ تجويز آهي جنهن سان سنڌ اسيمبلي جي پنهنجي عزت ۾ اضافو ٿيندو پر الطاف شيخ، سنڌ اسيمبلي جي ان ٺهراءُ کان به مٿانهون آهي. الطاف شيخ جون سنڌ اسيمبليءَ کان وڌيڪ سنڌ لاءِ خدمتون آهن . الطاف شيخ صاحب سنڌ جي انهن ليکڪن مان هڪ رهيو آهي جن سڄي ڄمار پئي لکيو آهي، جڏهن کان قلم هٿ ۾ کنيو آهي ته وري رکيو ناهي. لکڻ جي اها اسٽيمنا ۽ ثابت قدمي انهن ليکڪن ۾ ملندي آهي جن مقصد طور قلم هٿ ۾ کنيو آهي جن پنهنجي نالي يا پذيرائي، يا ان مان زماني جا فائدا وٺڻ لاءِ ناهي لکيو. انهن بنا پان پڏائڻ ۽ بنا جتائڻ جي پئي لکيو آهي، جيڪي لکڻ سان جيئندا آهن ۽ لکڻ لاءِ ئي جيئندا آهن. جيڪي لکڻ کي لازمي ڪم سمجهندا آهن ۽ لکڻ لاءِ غير ضروري سرگرمين کان پاسيرو رهندا آهن جيڪي وقت ضايع ڪرڻ جا قائل نه هوندا آهن ۽ جيڪي هر ڳالهه، هر شئي کي ان احساس وچان قلمبند ڪندا آهن ته اهي تاريخ کي قلمبند ڪري رهيا آهن. اهڙا ليکڪ ۽ اديب ئي ڪتابن جون سينچريون مڪمل ڪرڻ جو ڪارنامو سر انجام ڏئي سگهن ٿا. الطاف شيخ صاحب کي ذاتي طور تي اهڙن مڃتا پروگرامن جي ضرورت ناهي، اُهي ته اهڙن تعريفي پروگرامن کان لهرائيندا آهن، منع ڪندا رهندا آهن پر اهڙين روايتن جي سنڌي سماج کي ضرورت آهي. جيئن مٿي لکي آيا آهيون ته اهي مهذب ۽ زنده قومن جون روايتون هونديون آهن. سو اسان کي اهو ڏسي خوشي محسوس ڪرڻ گھرجي ته اسين به هاڻي مُهذب ۽ زنده قومن وارا زنده دليءَ جا ڪم ڪرڻ لڳا آهيون جيڪو انتهائي ساراهڻ جهڙو لاڙو آهي. ان لاڙي کي بلڪل همٿائڻ گھرجي، ان سان نئين نسل کي جيڪو صحتمند ادبي، علمي، تاريخي، سياسي ۽ سماجي ماحول ملندو تنهن سان نه رڳو نئين نسل پر خود سنڌ کي به وڏو فائدو رسندو. سنڌي ٻولي، سنڌي ادب، سنڌي ثقافت ۽ سنڌ جي قومي وجود کي نوان جنم ملندا. سنڌ جو ادبي، علمي، سياسي، تاريخي خزانو هر دور جي نئين نسل ڏانهن منتقل ٿيندو رهندو، نه رڳو منتقل ٿيندو رهندو پر نئون نسل اهو به ڏسندو ته ماضيءَ ۾ اسان جي وڏڙن جيڪي فخر جوڳيون روايتون قائم ڪيون آهن تن کي برقرار رکڻ جو اتساهه به وٺندو. اسان سنڌ جي مستقبل کي ڇا ڏئي رهيا آهيون، ڇا ڏيڻ گھرجي ان تي انتهائي سنجيدگي ۽ ذميواريءَ سان سوچڻ گھرجي. اهڙي سنجيدگي ۽ ذميواري جو هڪ وڙ الطاف شيخ صاحب کي سندس ڪتابن جي سينچري مڪمل ڪرڻ تي مڃتا ڏيڻ به آهي. اِهو وڙ اسان هڪ اهڙي دور ۾ ڏيکاري رهيا آهيون جنهن ۾ ڪو ڪرڪيٽ جو بيٽسمين رنسن جي سينچري ڪندو آهي ته ٽي وي چينل ان خبر کي ”بريڪنگ نيوز“ طور ڏيندا آهن پر جن ڪتاب لکڻ جي سينچري مڪمل ڪئي آهي ان خبر کي ڪنهن به ٽي وي چينل ”بريڪنگ نيوز“ طور ناهي ڏنو پر جيڪڏهن اهڙن مڃتا پروگرامن جي روايت برقرار رهي ته پڪ سان اهڙو ڏينهن به ايندو ۽ ضرور ايندو. (ڏيھاڙي عوامي آواز، ۱۱ جنوري ۲۰۲۰ع تان کنيل) الطاف شيخ جا سفرناما يا ڏيھ پرڏيھ جي تاريخ طارق عزيز شيخ سفرنامن جي تاريخ ۾ وڏو نالو ابن بطوطه جو آهي، جنهن ھڪڙو سفرنامو لکيو پر ان سفرنامي سان گڏ مختلف ملڪن جي تاريخ قلمبند ٿي وئي. ابن بطوطه مراڪش ۾ پيدا ٿيو. ادب، مذهب، تاريخ ۽ جاگرافي جي تعليم پرائڻ بعد سياحت تي نڪري ويو. هو عربستان، ترڪي، شام، ايران، فلسطين، افريقه، افغانستان، روس، چين ۽ هندستان مان ٿيندو سنڌ کان واپس وريو. هن ۷۵ هزار ميل سفر ڪري پنهنجو سفرنامو “عجائب السفارتي غرائب الديار” لکيو، جنهن کي لڳ ڀڳ سڄي دنيا جي ٻولين ۾ ترجمو ڪيو ويو، ٻي صورت ۾ پنهنجي پنهنجي ملڪ سان لاڳاپيل تاريخ کي ابن بطوطه جي سفرنامي کان کنيو ويو. سنڌ جو ابن بطوطه، الطاف شيخ جو لقب آهي، جنهن سڄي دنيا جو سفر ڪري سنڌي ٻوليءَ کي هر ملڪ جي تهذيب، تمدن، ماحول، موسم ۽ ماڻهن جي مزاج کان واقف ڪرايو. سنڌ جي نامياري شاعر ۽ اديب ڊاڪٽر نواز علي شوق موجب: “اسان کي جنهن شاگرد کي ادب ڏانهن دلچسپي وٺرائڻي هوندي آهي، ان کي الطاف شيخ جا سفرناما پڙهائي مطالعي جو شوق ڏياريندا آهيون.” الطاف شيخ سوء کان وڌيڪ سنڌي ۽ اردو ٻولين ۾ سفرناما لکيا آهن. هي سنڌ جو وڏي ۾ وڏو سفرنامن جو ليکڪ آهي. دنيا جي مختلف ٻولين ۾ شايد ئي ڪو ايڏو وڏو سفرنامن جو ليکڪ هجي. سنڌي ادب جو اهو اعزاز آهي ته الطاف شيخ هن ادبي صنف کي هٿي وٺرائي نه ته اڱرين تي ڳڻڻ جيترا سفرناما ملن ها. الطاف شيخ اصل هالا جو ويٺل آهي، هو ۱۹۴۴ع ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم هالا مان پرائڻ بعد انٽرميڊيٽ ڪيڊٽ ڪاليج مان پاس ڪيائين ۽ مئرين انجينئرنگ چٽاگانگ مان ڪيائين، جڏهن ته ورلڊ ميري ٽائيم يونيورسٽي سوئيڊن مان پوسٽ گريجوئيشن ڪيائين. الطاف شيخ سفرناما لکڻ جو سلسلو ۱۹۶۸ع کان شروع ڪيو. سندس پهريون سفرنامو”منهنجو ساگر منهنجو ساحل” نالي سان آيو، جيڪو خطن جي روپ ۾ لکيل سفرنامو آهي. الطاف شيخ جو هي سفر يوگوسلاويا ويندي لکيو هو. هي سفرنامو سهڻي پبليڪيشن حيدرآباد پاران ۱۹۶۹ع ۾ ڇپايو ويو. “بندر بازاريون” ۱۹۷۴ع ۾ سفرنامو ٿائيلينڊ، سنگاپور ۽ ملائيشيا بابت آهي. “جاني ته جهاز ۾” ۱۹۷۲ع جي شروعاتي سفرن تي لکيل آهي. “پيار جي گهُٽ” آفريقه ڏانهن ڪيل سفر جي ڪٿا ۽ ڪهاڻين جي شڪل ۾ ۱۹۷۱ع ۾ ڪتاب آيو. “وايون وڻجارن جون” ۱۹۷۰ع کان ۱۹۷۳ع تائين چين ۽ هانگ ڪانگ جو سفرنامو آهي. “نيو هالا کان نيويارڪ” سندس آمريڪا، ڪئنيڊا ۽ ويسٽ انڊيز جي سياحت تي ٻڌل سفرنامو آهي جيڪو هن ۱۹۶۸ع کان ۱۹۷۲ع تائين لکيو. “بندر ديسان ديس” لطاف شيخ جي ابتدائي سفرنامن مان هڪ آهي جيڪو جپان، ڪوريا، هانگ ڪانگ، چين، ٿائيلينڊ ۽ ملائيشيا جي ملڪن جو سفرنامو آهي. “مڪليءَ کان ملاڪا تائين” الطاف شيخ جو ملائيشا جو سفرنامو آهي. “سي ئي جوڀن ڏينهن” الطاف شيخ جو ۱۹۷۷ع ۾ سريلنڪا جو لکيل سفرنامو آهي. “جت جر وهي ٿو جال” ملائشيا جو سفرنامو آهي. “ملائشيا ۱۲ سال بعد” ملائشيا جو سفرنامو آهي. “ڪولالمپور ڪجهه ڪوهه” به ملائشيا جوسفر نامو آهي.”نه سي سڙهه سکاڻ” هندستان ۽ روس جو سفرنامو آهي. “ملير کان مالمو تائين” سئيڊن بابت سفرنامو آهي. “ڇاجو ديس ڇاجو وديس” مختلف ملڪن ۽ شهرن جو ذڪر آهي. “ڏيهه پرڏيهه جو سفر” ڊينمارڪ جو سفرنامو آهي. “وسي ٿو وڏڦڙو” مختلف مضمونن ۽ سفرنامن جو ڪتاب آهي. “هي دو ٻيٽ هيءَ ڪنارا” هيءُ ڪتاب دنيا جي ڏهن وڏن ٻيٽن بابت لکيل آهي جيڪي ڪئناڊا، انڊونيشيا ۽ جپان وغيره جا آهن. “اوهريا جي عميق ڏي” سنگاپور، ملائشيا، بئنڪاڪ ۽ هانگ ڪانگ جي سفر بابت ڪتاب آهي. “ههڙو ڪو ٻيو ڌنڌو” انڊيا، سريلنڪا، سنگاپور ۽ جپان جو سفرنامو آهي. “هلي ڏسجي هندستان”، “بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾” ۽ “دهلي جو درشن” انڊيا جا سفرناما آهن. “ايران ڏي اڏام” ايران جو سفر “هليو آ ملائشيا” ملائشيا جو، “ممباسا شيدي باڇا همباشا” آفريڪا جو، “ اڇن جو ملڪ ۾ اسين ڪارا” سئيڊن جو، “بخشو لغاري کان بالٽيمور تائين” آمريڪا جو، “اي جرني ٽو ٿائيلينڊ” ٿائيلينڊ جو، “اي روڊ ٽو مدينه” ۽ “ڀلي پار تان ڀيرو” سعودي عرب جا، “سنگاپور ويندي ويندي” سنگاپور جو، “ڪويت ڪنارا” ڪويت جو، “جپان جن جيءَ ۾”، “ڳالهيون تنهن جپان جون”، “جپان رس” “جپان ۲۵ ورهين بعد”، “ٽوڪيو جي گيشيا گرل” جپان جا، “ڪراچي کان ڪوپن هيگن” “آفريڪا جو، “ارائونڊ دي ورلڊ” مختلف ملڪن بابت سفرناما آهن. مٿين سفرنامن مان ڪيترائي اردو ٻوليءَ ۾ ترجمو پڻ ٿيا آهن جيڪي “ايران ڪي دن”، ڪراچي سي ڪوپن هيگن”، “ملائشيا ڪي دن” ۽ “سمندر ڪي دن” وغيره شامل آهن. الطاف شيخ سفرنامن کان علاوه اخبار ڪالم، ڪهاڻيون ۽ ترجما پڻ ڪيا آهن. هن لکڻ جي شروعات به ترجمن سان ڪئي هئي. سنڌي ادب ۾ تحريري چاشني جو مزو الطاف شيخ جي سفرنامن مان ملي ٿو. هن جا سفرناما فقط گهمڻ ڦرڻ جو تذڪرو ئي ناهن پر انهن هنڌن جي ڪهاڻي به آهي. الطاف شيخ سڄي دنيا ۾ جتي به ويو آهي اتي هن سنڌ کي ياد ڪيو آهي. هو سنڌ جو سچو سيلاني آهي. پرڏيهه ويندڙ سنڌي سندس سفرنامن مان ڄاڻ ۽ رهنمائي وٺندا آهن. الطاف شيخ جي سفرنامن کي فقط گھمڻ ڦرڻ وارا لمحا قلمبند ڪرڻ نٿا چئي سگهون، ڇاڪاڻ ته ھن وٽ سفرنامي لاءِ نئين ڄاڻ، انھيءَ ھنڌ جي تاريخ سان گڏ وجه شھرت، تھذيب ۽ ماڻھن جي معلومات پڻ ملي ٿي. ڪيترائي اھڙا ملڪ ۽ شھر آھن جيڪي عام ماڻهو گھمي ڦري اچن ٿا. ڪي اديب سفرناما به لکي اچن ٿا پر قومن جي رھڻي ڪھڻي کان وٺي انھن جون ريتون رسمون صرف الطاف شيخ جي سفرنامن ۾ ملي ٿو. سنڌي ادب جي اھا خوش قسمتي آهي، جنھن کي الطاف شيخ جھڙو اديب مليو. جيڪڏهن الطاف شيخ انگريزي يا اردو ٻولين ۾ سفرناما لکي ھا ته ھو عالمي سطح تي پذيرائي حاصل ڪري وٺي ھا، پر هن پنھنجون خدمتون سنڌي ٻوليءَ لاءِ پيش ڪري، اسان جي ادب کي سفرنامي جي صنف سان مالدار بڻايو. (روزاني مومل ڪراچيءَ ۾ آچر، ۱۰ سيپٽمبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل) الطاف شيخ جديد سنڌ جو سِنڌباد ڪامران رند الطاف شيخ سنڌيءَ سفرنامي جي روح روان طور پوري سِنڌ ۽ پاڪستان اندر ڄاتو سُڃاتو وڃي ٿو. سندس ادبي خدمتن منجھ سنڌي ادب اندر سفرنامي جي صنف کي باقائده طور سُڃاڻپ ڏيارڻ آھي. الطاف شيخ کي سنڌ جو سيلاني، ابن بطوطه يا وري مارڪو پولو چئجي ته هوند اِن ۾ ڪو وستاءُ ڪو نه ٿيندو. سنڌي سفرنامي کي پڙهندڙن جي هٿن منجھ آڻڻ جو تقريبن زمو ھن ڏانهن وڃي ٿو. سنڌ جي هن پرخلوص سيلاني جو جنم گل محمد شيخ جي گهر ۾ ۱۴ نومبر ۱۹۴۴ع تي ٿيو. بنيادي تعليم ڳوٺ ۾ پرائڻ کان پوءِ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو مان پڻ تعليم حاصل ڪيائين. تنهن بعد مشرقي پاڪستان جي مئرين اڪيڊمي ۾ انجنيئرنگ پڻ پڙهايس. الطاف شيخ پيشي طور مئرين انجنيئر رهيو آهي ۽ تنهن سبب ڪري ئي پوري دنيا گھمڻ جو فطري موقعو مليو اٿس. سنڌ جي هن سُچيتي ليکڪ پنهنجي هر سفر جو برجستو احوال سنڌ سان پئي ونڊيو آهي. سندس لکيل ڪتابن جو ڪاٿو هن وقت ستر کان به مٿي آھي. الطاف شيخ سنڌ جي ادبي کيتر ۾ پهرين اڏام ۱۹۷۱ع ڌاري ڪئي. سندس پهرين ترجمو ٿيل ليک اناميڪا (گمنام) جي نالي سان شايع ٿيو. الطاف شيخ مختلف ناول ۽ ڪهاڻيون پڻ ترجمو ڪيون آھن. سندس پهريون سفرنامو ”جاني ته جهاز ۾“ جي نالي سان شايع ٿيو. امر جليل کان پوءِ گھڻي قدر اھو ڪريڊٽ الطاف شيخ ڏانهن ئي وڃي پيو، جو سنڌ جي نوجوان الطاف شيخ جا سفرنامه پڙهي ڪري سنڌ جي ادبي کيتر ۾ پير پاتو ۽ پاڻ ملهايو. الطاف شيخ سفرنامن لکڻ جي حوالي سان تمام سادي ۽ سولي سنڌي لکڻ پسند ڪئي آهي. اھو ئي سبب آهي جو ٻار توڙي ٻڍا، مرد توڙي عورت سندس ڇپيل ڪتاب تمام شوق سان پڙهن ٿا. امر جليل الطاف جي سفرنامن جي باري ۾ لکي ٿو ته، ”سندس سفرنامن ۾ ڪٿي به ڪا نصيحت يا تبليخ ناهي جا ڳالھ ئي کيس منفرد بڻائي ٿي“. جڏهن ته طارق اشرف چواڻي الطاف جا سفرناما تبليغ سان ڀرپور ۽ نصيحت جو ڪوڙڪي دان آهي تن ٻنهي وڏن ليکارن کان علاوه عبد الرحمان قريشيءَ الطاف شيخ جي سفرنامن کي ٻين سفرناما نويسن کان الڳ ڪري بيهاريو آهي. سندس چوڻ آهي ته، ”الطاف ڪڏهن به ڪو گائيڊ کڻي نه گهميو آهي. هوء جنھن به ملڪ ۾ گهميو آهي ته تنهن ملڪ جي ٻوليءِ، تاريخ ۽ ادب کان روشناس رهيو آهي. الطاف شيخ ملائيشيا، سوئيڊن، سنگاپور، ناروي جهڙي ملڪن ۾ سالها سال رهي ڪري ملئي، چيني، انگريزي، جاپاني ۽ بنگالي ٻوليون خوب سکي ورتيون ۽ روانيءَ سان ڳالهائي پڻ سگهي ٿو. جنهن ڪري ئي جنھن به ملڪ ويو آھي تنهن ملڪ جي تهذيب، تاريخ، ثقافت، جاگرافي ۽ قومي ڪردارن کان پڻ پڙهندڙ کي آگاھ ڪندو رهيو آهي. الطاف شيخ جي سفرنامن جي خاص خوبين ۾ تشبيھ ۽ استعارن جو خالص سنڌي ٻوليءَ ۾ استمعال آھي. ھن پنھنجي لکڻين ذريعي سنڌ شناسائي جو خوب پاٺ پڙھايو آهي. مثلن، پاڻ چوندو ماسڪو کان وولگا درياء ايترو پري آهي جيئن پنهنجي جيڪب آباد کان سنڌوءَ - چٽاڪانگ ۽ ڍاڪا جي وچ ۾ ايترو مفاصلو آهي جيئن ڪراچي ۽ ڪنڌڪوٽ وچ ۾. سندس اهم خوبي ٻوليءَ جو سليس ۽ خالص ھجڻ رهيو آهي. ھي ڪڏهن به پڙهندڙ کي منجھائي ڪون ٿو ۽ صاف، واضع ۽ چٽي لفظن ۾ ڳالھ ڪري ٿو. سندس محاورن، چوڻين، پهاڪن جو استعمال ڏاڍو وڻندڙ ۽ پڙهندڙ لاءِ دلچسپي جو باعث رهيو آهي. مثلاً آفريڪا جي غريب ملڪن تي يورپي ڏاڍي ملڪن جي ايئن هلان رهي آهي جيئن پاڻ وٽ چئجي سُڪي ڍور تي مڇر گھڻا. الطاف شيخ جو اندازِ بيان ۽ تمثيل نگاري تمام جاندار ۽ لڀائيندڙ رهي آهي. سندس منظر نگاري ايتري ته چٽي ۽ دلفريب رهي آهي جو پڙهندڙ اي جرني ٽوپي ٿائيلينڊ ۾ پاڻ کي الطاف شيخ سان گڏ گهمندي محسوس ڪري ٿو. الطاف شيخ سنڌ سان اٿاھ محبّت ڪندڙ ليکڪ آهي. ھي جڏهن سنگاپور، ملائيشيا، ڍاڪا ۽ پٺتي پيل ۽ ڏتڙيل ملڪن جي ترقي جا قصا ٻڌائي ٿو ته خوش ٿيندي وري اُداس ٿي وڃي ٿو ته جيڪر اها ترقي خوشحالي ۽ پنهنجي ڪم سان سچائي جو جذبو سنڌ ۾ سنڌين وٽ به اگهائجي. سنڌ جو سندباد ۽ سيلاني الطاف شيخ تقريبن دنيا جو هر ملڪ گهميو ڦريو آهي ۽ پنهنجي تجربي آڌار تِن ملڪن جون خاصيتون ۽ خاميون پنهنجي پڙهندڙن آڏو آڻيندو رهيو آهي. سندس لکيل ڪجھ سفرنامن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا. جاني ته جهاز ۾، سيئي جوڀن ڏينھن، اي جرني ٽو ٿائيلينڊ، اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا، منهنجو ساگر منهنجو ساحل، بخشو لغاري کان بالٽيمور، اوهريا جي عميق ۾، دهليءَ جو درشن، اي جرني ٽو مدينه، شيدي باشا هم باشا وغيره. سندس ڪجھ ترجمو ٿيل ڪهاڻين جا ڪتاب ۽ ناول پڻ آهن. جي ڪجھ هيٺ ڏجن ٿا. ٽوڪيو جي گيشا گرل، ماسٽر هريا رام جو بئنڪاڪ وڃڻ. سياڻي جھرڪي، خدا ڏئي خط وغيره. الطاف شيخ جو سنڌ ادب ۽ خاص طور سفرنامي جي صنف ۾ ڪيل ڪم تمام لاڀائتو ۽ مؤثر رهيو آهي. الطاف شيخ جھڙا ڪردار ئي حقيقتن ڪنهن به قوم جو سرمايو ھجن ٿا جو اڪيلي سر ڪنهن اداري جيترو ڪم ڪري، پنهنجي ھجڻ کي بامعنيٰ بڻايو ڇڏين. (ڏھاڙي سوڀ ۾ ۱۴ اپريل ۲۰۲۳ع تي ڇپيل) الطاف شيخ سنڌيءَ جو سرواڻ، سفرنامه نگار ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ سفرنامو نثر جي اهم صنف شمار ٿئي ٿو، سنڌي ادب جي سفرنامن جي تاريخ الطاف شيخ جي ذڪر کان سواءِ اڻ پوري آهي. هن واحد سفرناما نگار گهڻي کان گهڻا سفرناما لکي سفرنامي جي صنف ۾ سنڌي ادب کي خود ڪفيل بنائي ڇڏيو. الطاف شيخ ۱۴ نومبر ۱۹۴۴ع، تي هالا۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم هالا۾ وٺڻ بعد هو ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان پڙهيو. ڪرنل ڪومبس جي دورجو اهو پيٽارو ڪئڊٽ ڪاليج سچ پچ ڪئڊٽ ڪاليج هو جتي سندس تعليم سان گڏ تربيت به سٺي ٿي ڪئڊٽ ڪاليج جي زندگيءَ کيس خوداعتماد ۽ محنتي بنايو الطاف شيخ قابل شاگردن مان هو. انجنئيرنگ ۾وڃڻ بعد سنڌکان چٽنگانگ بنگلاديش ويو مئرين انجنيئر طور سڄي دنيا جا ملڪ گھميو آخر۾ چيف انجنيئرٿي رٽائرڊ ڪيائين. الطاف شيخ جا سفرناما دنيا جي وڏي حصي جي معلومات ڏين ٿا. هن تقريبن سڄي دنيا جي اهم ملڪن کي ذڪر ڪيو آهي پر سندس رهڻ گهڻو سينگاپور، ملائيشيا ۽ جپان ۾ ٿيو آهي انهن ملڪن جو ذڪر سندس سفرنامن ۾ گھڻو آهي. “مُنهنجو ساگر مُنهنجو ساحل” سندس پهريون سفر نامو آهي ۽ ٻين ڪتابن ۾ “جاني ته جھاز ۾”، “بندر بازاريون”، “سمونڊ جي سيوين”، “وايون وڻجارن جون”، “جت جروهي ٿو جال”، “دنگي منجهه دريا”، “موج نه سهي مڪڙي”، “سي ئي جوڀن ڏينهن”، “اوهرياجي عميق ڏي”، “سمونڊ جن ساڻيهه”، “سانباهو سمونڊ جو”، “سي ٻيڙيون رکين ٻاجهه سين” ۽ ٻيا سفرناما آهن جن جا عنوان شاهه جي بيتن مان ورتل آهن ۽ گھڻي قدر سرسارنگ ۽سامونڊيءَ مان آهن ۽ ان کان سواءِ “ڪراچيءَ کان ڪوپنهيگن تائين”، “مڪلي کان ملاڪا تائين”، “ڀلي پار تان ڀيرو”، “جپان رس”، “سينگاپور ويندي ويندي”، “بوتلن جو سفر”، “ڪويت ڪنارا”، “پيارجي گھٽ”، “جپان جن جي جيءَ سان” ۽ ٻيا ڪتاب آهن سندس ڇپيل ڪتابن جو ڳاڻيٽو هڪ سئو کان مٿي آهي، جنهن ۾ چار ڪتاب اردو ٻوليءَ ۾ آهن هن ٻارن جون آکاڻيون پڻ لکيون ته اناميڪا عنوان سان پهريون ڪتاب ترجمو ٿيل ڪهاڻين جو پڻ لکيائين. منهنجو ساگر منهنجو ساحل، سفر نامي طور الطاف شيخ جو پهريون ڪتاب خطن تي مشتمل آهي، “منهنجو ساگر منهنجو ساحل”، ڪتاب جو پهريون ڇاپو، وفائي پرنٽنگ پريس ڪراچيءَ مان علي نواز وفائي شايع ڪيو ۽ان کان پوءِ هن ڪتاب جا ٻيا ڇاپا پڻ ڇپيا آهن. هي ڪتاب موجوده وقت چٽاڀيٽيءَ جي امتحان جي سنڌيءَ جي نصاب ۾ شامل آهي، سنگاپور کي الطاف شيخ پنهنجن سفرنامن ۾ گهڻو ذڪر ڪيو آهي، سندس رهائش انهيءَ ملڪ ۾ وڌيڪ وقت رهي آهي، لکي ٿو ته، “سنگاپور” جي زيادهه ڪمائي ٻاهرين ملڪن مان آيل سياحن ۽ جهازن جي ڪري آهي. سنگاپور جهازن جي تيل جو وڏو مرڪز آهي، جاگرافي نقطئه نگاهه کان ڪجهه اهڙي هنڌ تي آهي، جو هر جهاز پئسفڪ وڏي سمنڊ کان، هندي وڏي سمنڊ ڏي ايندي يا ويندي، ڏکڻ چيني سمنڊ مان لنگهندي، سنگاپور وٽان ضرور لنگهي ٿو. تيل جي وڏي مرڪز ۽ فري پورٽ کان علاوه هڪ ٻرندڙ شمع، مثل آهي. جنهن جي چوڌاري پتنگن وانگر جهاز ميڙ ڪيو بيٺا هوندا آهن“. سمونڊ جي سيوين: ۱۹۷۲ع، ۾ ڇپيل آهي، هن سفر نامي جي شروعات شاهه سائينءَ جي هن بيت سان ٿيل آهي. الطاف جي لکيل سفرنامن ۾ شروعاتي دؤر جو ۽ ترتيب مطابق، چوٿون نمبر سفرنامو آهي، ۱۹۵ صفحن جو هيءَ ڪتاب نيويارڪ، لنڊن، آفريڪا، جرمني ۽ پولينڊ جي ملڪن جي ڄاڻ ڏئي ٿو. پولينڊ لاءِ لکي ٿو ته: ”پولينڊ جا رهاڪو مهمان نواز، سچار، صاف دل، خلوص وارا ۽ ايماندار آهن. پولينڊ ۾ قانون جو احترام تمام گهڻو آهي، پولينڊ، روس، رومانيه ۽ بلغاريه ۾ اڪيلي گهمڻ ڦرڻ ۾ ڪو ڊپ ڊاءُ ڪونهي هتي ڌاڙي يا ڦرلٽ جو مثال مشڪل سان نظر ايندو“ وايون وڻجارن جون: الطاف شيخ جي شروع، دور جي لکيل سفرنامن مان هڪ آهي. اپريل ۱۹۷۴ع، ۾، سهڻي پبليڪيشن الهندو ڪچو، جي طرفان ڇپجي پڌرو ٿيو. انهيءَ کانپوءِ ڇپجندڙ رهيو آهي. ۲۲۰ صفحن جو هيءُ ڪتاب هانگ ڪانگ ۽ ان جي ويجهڙائيءَ جي تفصيلي معلومات تي مشتمل آهي، هن سفرنامي جو انتساب سنڌ جي شهر “هالا” جي نالي آهي. مهاڳ طارق اشرف جيل مان “سفرنامو، جيل نامو” جي عنوان سان لکيو. مڪائو جي لاءِ شيخ صاحب لکي ٿو ته: “هانگ ڪانگ اچي مڪائو نه ڏسڻ ائين آهي، جيئن حيدرآباد اچي ڄامشورو نه ڏسڻ، يا قلندر جي ميلي تي سيوهڻ اچي ڳانا نه خريد ڪرڻ”. ڪراچيءَ کان ڪوپنهيگن تائين: سفرنامو نيو فيلڊس پبليڪيشن ۱۹۹۵ع ۾ پهريون ۽ ۱۹۹۸ع ۾ ٻيو ڇاپو شايع ڪيو آهي. هن ڪتاب جو پيش لفظ محمد علي ڏيپلائيءَ لکيو آهي. ۱۸۹ صفحن جو هيءُ سفرنامو ۷۴ ننڍن بابن تي مشتمل آهي جن جا عنوان دلچسپ آهن. هن سفرنامي ۾ سئيڊن جو بيان آهي. هن سفرنامي ۾ ليکڪ سئيڊن جي موسم سان گڏ ان ملڪ جي ماڻهن، حالتن ۽ وقت جي پابندي، ڪم ڪرڻ جي شوق کي ڄاڻايو آهي، سندن موجب هتي جا ماڻهو محنتي آهن هيءُ سفرنامو هڪ ئي ملڪ ملائيشا جي تيرهن رياستن ۽ سهڻن ٻيٽن ۽ اهم شهرن جي محل وقوع، کان سواءِ سياسي ۽ سماجي ڄاڻ پڻ ڏئي ٿو. هيءُ هڪ معلوماتي سفرنامو آهي، جنهن ۾ نقشن ۽ تصويرن جي مدد سان مختلف هنڌن جي نشاندهي ٿئي ٿي. هن سفرنامي ۾ ليکڪ سوانحي انداز سان ڪجهه شخصيتن جي ذاتي حال احوال سان اتي جي ماحول جي خبر ڏني آهي. دنگي منجهه درياهه: سفرنامي جو پهريون ڇاپو ۱۹۸۷ع، ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن وارن شايع، ڪيو ۱۹۰ صفحن جو هيءُ سفرنامو، مختلف ملڪن جي گڏيل احوال تي مشتمل آهي، جنهن ۾ آمريڪا، سنگاپور، بئنڪاڪ ۽ جپان سان گڏ مختلف ٻيٽن، فجي مئڊا، گاسڪر ٻيٽ ۽ فرانس جي “ٽرسٽان ٻيٽ” جو ذڪر شامل آهي. هن سفرنامي جو مهاڳ نصير مرزا لکيو آهي. ڏيهه کي پرڏيهه سان ملائيندي الطاف شيخ رستن روڊن ۽ گلين سان گڏ شهرن جي ڀيٽ به وڻندڙ ڏئي ٿو. جيئن مثال طور “اسان جي مئرين ٽائيم اڪيڊمي ملاڪا جي وچ شهر کان مفاصلي ۾ ايترو پري آهي، جيترو پيٽاري جو ڪئڊٽ ڪاليج حيدرآباد شهر کان”. “پيٽارو کي الوداع، چئي چٽنگانگ پهچڻ تي پهرين شيءِ جا ياد آئي سا موسم هئي. حيدرآباد پاسي جي ٿڌين راتين جي چٽگانگ جي گهميل راتين سان ڪيئن ٿي ڀلا ڀيٽ ڪري سگهجي؟ ڄامشوري، حيدرآباد ۽ پيٽارو جي شامن ۾ جيڪو نشو ۽ خمار آهي، ان کي ته چاليهه سال اڳ ويل هندو واپاري ۽ انگريز حاڪم به وساري نه سگهيا آهن”. “دنگيءَ منجهه درياهه” الطاف شيخ جو ۱۹۸۷ع، جو سفرنامو مختلف ٻيٽن جي احوال بابت هوندي به دلچسپ آهي. ليکڪ موجب ته؛ هي سفرناما “مون هڪ هنڌ ڪرسيءَ ٽيبل تي چڙهي ويهي ٿورو ئي لکيا آهن، ڪو باب جهاز جي ڊيڪ تي، ڪو لنگر جي رسيءَ کي ٽيڪ ڏئي، ڪو جهاز جي ڪاريڊار ۾، ڪو جهاز جي اوپن ايئر لائونج ۾، ڪو پوسٽ جي دٻي وٽ بيهي”. مٿئين سفر نامي جو عنوان شاهه سائين جي بيت مان کنيل آهي. دهليءَ جو درشن: هندوستان جي احوال تي آڌاريل آهي جو روشني پبليڪيشن ۲۰۰۶ع، ۾ شايع، ڪيو آهي ۴۰ بابن تي مشتمل هن ڪتاب ۾ هندوستان وڃڻ لاءِ ڪي اهم ڳالهيون خاص طور ڪسٽم، نقلي نوٽن کان بچڻ، ڪرنسيءَ ۾ آمريڪي ڊالر ۽ ٿوري هندوستاني ڪرنسي کڻي وڃڻ ۽ دهليءَ جي باري ۾ ڄاڻ تي مشتمل آهي دهليءَ جي جهوني لائبريري دهليءَ جون حويليون، هالي ووڊ جا ڪجهه سنڌي، انڊيا جي رستن تي هلندڙ ڪارون، انڊيا بابت ۽ انڊيا جا رائٽر، دهليءَ جو قطب مينار، هرودا، هندن جو حج، انڊيا ۾ مسلمان وڌيڪ سلامتي سان رهن ٿا ۽ ٻين موضوعن تي ڪل ۴۰ باب آهن. نيويارڪ کان نيو هالا تائين: روشني پبليڪيشن ۲۰۰۷ع ۾شايع ڪيو آهي ۵۳۴ صفحن جي هن ڪتاب تي الطاف شيخ کي بهترين سفرنامي جو ايوارڊ مليو نيويارڪ کان نيو هالا تائين فقط هڪ ئي ملڪ جي مختلف حصن جو بيان آهن جنهن ۾ ليکڪ جيترا گهڻا هنڌ مشاهدي هيٺ آندا آهن ايترو ئي گهڻين شخصيتن سان سندس ملاقاتون پڻ ٿيون آهن جن جو ذڪر هن وڻندڙ ڪيو آهي. الطاف شيخ هڪ اعليٰ تعليم يافته ليکڪ نه فقط پنهنجي وقت ۾ سُٺو شاگرد هو پر بهترين استاد پڻ رهيو. هُن پنهنجي سفرنامن ۾ دنيا جي ڪيترن ئي مُلڪن جي يونيورسٽين ۽ علمي ماحول کي تفصيل سان پيش ڪيو آهي. هُو نوجوان طبقي کي خاص طور اعليٰ تعليم لاءِ اُتساهيندڙ آهي. الطاف جا سفرناما، معياري سفرناما آهن، جن ۾ غير معياري لفظن ۽ واقعن جي ذڪر کان پاسو ڪيل آهي، هن سفرنامن کي ڪمرشلائيز ڪرڻ جي سطحي ڪوشش نه ڪئي آهي. سندس تخليقي قوت، خوش مزاجي ۽ ديس واسين سان محبت تحريرن مان واضح آهي، پڙهندڙن جي اُتساهه سان سندس قلم جي ڏات کي پذيرائي پڻ ملي آهي. انهيءَ ئي ڪري سنڌي ادب سفرنامي جي صنف ۾ خود ڪفيل ٿي ويو. سندس سفرنامن ۾ ملڪن جي تاريخ، جاگرافي، ثقافت، تعليم، ريتن، رسمن ۽ ٻين معلوماتي احوالن سان گڏ ٻوليءَ جو سهڻو استعمال ۽ ادبي رنگ به ملي ٿو. جنهن سبب کان هيءَ سفرناما، نصابي ضرورت هئڻ سان گڏوگڏ، گهرن ۽ ڪتبخانن جي سونهن آهن ته صحت مند ادب جو حصو پڻ. (ڏھاڙي ھمسري حيدرآباد آن لائئن ۾ ۱۶ نومبر ۲۰۲۴ع تي ڇپيل) الطاف شيخ سنڌ جو سچو سيلاني طارق عزيز شيخ سفرنامن جي تاريخ ۾ وڏو نالو ابن بطوطه جو آهي، جنهن ھڪڙو سفرنامو لکيو پر ان سفرنامي سان گڏ مختلف ملڪن جي تاريخ قلمبند ٿي وئي. ابن بطوطه مراڪش ۾ پيدا ٿيو. ادب، مذهب، تاريخ ۽ جاگرافي جي تعليم پرائڻ بعد سياحت تي نڪري ويو. هو عربستان، ترڪي، شام، ايران، فلسطين، افريقه، افغانستان، روس، چين ۽ هندستان مان ٿيندو سنڌ کان واپس وريو. هن ۷۵ هزار ميل سفر ڪري پنهنجو سفرنامو “عجائب السفارتي غرائب الديار” لکيو، جنهن کي لڳ ڀڳ سڄي دنيا جي ٻولين ۾ ترجمو ڪيو ويو، ٻي صورت ۾ پنهنجي پنهنجي ملڪ سان لاڳاپيل تاريخ کي ابن بطوطه جي سفرنامي کان کنيو ويو. سنڌ جو ابن بطوطه، الطاف شيخ جو لقب آهي، جنهن سڄي دنيا جو سفر ڪري سنڌي ٻوليءَ کي هر ملڪ جي تهذيب، تمدن، ماحول، موسم ۽ ماڻهن جي مزاج کان واقف ڪرايو. سنڌ جي نامياري شاعر ۽ اديب ڊاڪٽر نواز علي شوق موجب: “اسان کي جنهن شاگرد کي ادب ڏانهن دلچسپي وٺرائڻي هوندي آهي، ان کي الطاف شيخ جا سفرناما پڙهائي مطالعي جو شوق ڏياريندا آهيون.” الطاف شيخ سوء کان وڌيڪ سنڌي ۽ اردو ٻولين ۾ سفرناما لکيا آهن. هي سنڌ جو وڏي ۾ وڏو سفرنامن جو ليکڪ آهي. دنيا جي مختلف ٻولين ۾ شايد ئي ڪو ايڏو وڏو سفرنامن جو ليکڪ هجي. سنڌي ادب جو اهو اعزاز آهي ته الطاف شيخ هن ادبي صنف کي هٿي وٺرائي نه ته اڱرين تي ڳڻڻ جيترا سفرناما ملن ها. الطاف شيخ اصل هالا جو ويٺل آهي، هو ۱۹۴۴ع ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم هالا مان پرائڻ بعد انٽرميڊيٽ ڪيڊٽ ڪاليج مان پاس ڪيائين ۽ مئرين انجينئرنگ چٽاگانگ مان ڪيائين، جڏهن ته ورلڊ ميري ٽائيم يونيورسٽي سوئيڊن مان پوسٽ گريجوئيشن ڪيائين. الطاف شيخ سفرناما لکڻ جو سلسلو ۱۹۶۸ع کان شروع ڪيو. سندس پهريون سفرنامو” منهنجو ساگر منهنجو ساحل” نالي سان آيو، جيڪو خطن جي روپ ۾ لکيل سفرنامو آهي. الطاف شيخ جو هي سفر يوگوسلاويا ويندي لکيو هو. هي سفرنامو سهڻي پبليڪيشن حيدرآباد پاران ۱۹۶۹ع ۾ ڇپايو ويو. “بندر بازاريون” ۱۹۷۴ع ۾ سفرنامو ٿائيلينڊ، سنگاپور ۽ ملائيشيا بابت آهي. “جاني ته جهاز ۾” ۱۹۷۲ع جي شروعاتي سفرن تي لکيل آهي. “پيار جي گهُٽ” آفريقه ڏانهن ڪيل سفر جي ڪٿا ۽ ڪهاڻين جي شڪل ۾ ۱۹۷۱ع ۾ ڪتاب آيو. “وايون وڻجارن جون” ۱۹۷۰ع کان ۱۹۷۳ع تائين چين ۽ هانگ ڪانگ جو سفرنامو آهي. “نيو هالا کان نيويارڪ” سندس آمريڪا، ڪئنيڊا ۽ ويسٽ انڊيز جي سياحت تي ٻڌل سفرنامو آهي جيڪو هن ۱۹۶۸ع کان ۱۹۷۲ع تائين لکيو. “بندر ديسان ديس” لطاف شيخ جي ابتدائي سفرنامن مان هڪ آهي جيڪو جپان، ڪوريا، هانگ ڪانگ، چين، ٿائيلينڊ ۽ ملائيشيا جي ملڪن جو سفرنامو آهي. “مڪليءَ کان ملاڪا تائين” الطاف شيخ جو ملائيشا جو سفرنامو آهي. “سي ئي جوڀن ڏينهن” الطاف شيخ جو ۱۹۷۷ع ۾ سريلنڪا جو لکيل سفرنامو آهي. “جت جر وهي ٿو جال” ملائشيا جو سفرنامو آهي. “ملائشيا ۱۲ سال بعد” ملائشيا جو سفرنامو آهي. “ڪولالمپور ڪجهه ڪوهه” به ملائشيا جوسفر نامو آهي.”نه سي سڙهه سکاڻ” هندستان ۽ روس جو سفرنامو آهي. “ملير کان مالمو تائين” سئيڊن بابت سفرنامو آهي. “ڇاجو ديس ڇاجو وديس” مختلف ملڪن ۽ شهرن جو ذڪر آهي. “ڏيهه پرڏيهه جو سفر” ڊينمارڪ جو سفرنامو آهي. “وسي ٿو وڏڦڙو” مختلف مضمونن ۽ سفرنامن جو ڪتاب آهي. “هي دو ٻيٽ هيءَ ڪنارا” هيءُ ڪتاب دنيا جي ڏهن وڏن ٻيٽن بابت لکيل آهي جيڪي ڪئناڊا، انڊونيشيا ۽ جپان وغيره جا آهن. “اوهريا جي عميق ڏي” سنگاپور، ملائشيا، بئنڪاڪ ۽ هانگ ڪانگ جي سفر بابت ڪتاب آهي. “ههڙو ڪو ٻيو ڌنڌو” انڊيا، سريلنڪا، سنگاپور ۽ جپان جو سفرنامو آهي. “هلي ڏسجي هندستان”، “بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾” ۽ “دهلي جو درشن” انڊيا جا سفرناما آهن. “ايران ڏي اڏام” ايران جو سفر “هليو آ ملائشيا” ملائشيا جو، “ممباسا شيدي باڇا همباشا” آفريڪا جو، “ اڇن جو ملڪ ۾ اسين ڪارا” سئيڊن جو، “بخشو لغاري کان بالٽيمور تائين” آمريڪا جو، “اي جرني ٽو ٿائيلينڊ” ٿائيلينڊ جو، “اي روڊ ٽو مدينه” ۽ “ڀلي پار تان ڀيرو” سعودي عرب جا، “سنگاپور ويندي ويندي” سنگاپور جو، “ڪويت ڪنارا” ڪويت جو، “جپان جن جيءَ ۾”، “ڳالهيون تنهن جپان جون”، “جپان رس” “جپان ۲۵ ورهين بعد”، “ٽوڪيو جي گيشيا گرل” جپان جا، “ڪراچي کان ڪوپن هيگن” “آفريڪا جو، “ارائونڊ دي ورلڊ” مختلف ملڪن بابت سفرناما آهن. مٿين سفرنامن مان ڪيترائي اردو ٻوليءَ ۾ ترجمو پڻ ٿيا آهن جيڪي “ايران ڪي دن”، ڪراچي سي ڪوپن هيگن”، “ملائشيا ڪي دن” ۽ “سمندر ڪي دن” وغيره شامل آهن. الطاف شيخ سفرنامن کان علاوه اخبار ڪالم، ڪهاڻيون ۽ ترجما پڻ ڪيا آهن. هن لکڻ جي شروعات به ترجمن سان ڪئي هئي. سنڌي ادب ۾ تحريري چاشني جو مزو الطاف شيخ جي سفرنامن مان ملي ٿو. هن جا سفرناما فقط گهمڻ ڦرڻ جو تذڪرو ئي ناهن پر انهن هنڌن جي ڪهاڻي به آهي. الطاف شيخ سڄي دنيا ۾ جتي به ويو آهي اتي هن سنڌ کي ياد ڪيو آهي. هو سنڌ جو سچو سيلاني آهي. پرڏيهه ويندڙ سنڌي سندس سفرنامن مان ڄاڻ ۽ رهنمائي وٺندا آهن. الطاف شيخ جي سفرنامن کي فقط گھمڻ ڦرڻ وارا لمحا قلمبند ڪرڻ نٿا چئي سگهون، ڇاڪاڻ ته ھن وٽ سفرنامي لاءِ نئين ڄاڻ، انھيءَ ھنڌ جي تاريخ سان گڏ وجه شھرت، تھذيب ۽ ماڻھن جي معلومات پڻ ملي ٿي. ڪيترائي اھڙا ملڪ ۽ شھر آھن جيڪي عام ماڻهو گھمي ڦري اچن ٿا. ڪي اديب سفرناما به لکي اچن ٿا پر قومن جي رھڻي ڪھڻي کان وٺي انھن جون ريتون رسمون صرف الطاف شيخ جي سفرنامن ۾ ملي ٿو. سنڌي ادب جي اھا خوش قسمتي آهي، جنھن کي الطاف شيخ جھڙو اديب مليو. جيڪڏهن الطاف شيخ انگريزي يا اردو ٻولين ۾ سفرناما لکي ھا ته ھو عالمي سطح تي پذيرائي حاصل ڪري وٺي ھا، پر هن پنھنجون خدمتون سنڌي ٻوليءَ لاءِ پيش ڪري، اسان جي ادب کي سفرنامي جي صنف سان مالدار بڻايو. (روزاني ايڪتا ڪراچي اڱارو، ۱۴ نومبر ۲۰۲۳)
ڪامريڊ تاج محمد ابڙو املهه انسان غلام محمد ڪنڀر سنڌ جو نامور اديب، دانشور، جج، سياستدان، سماج سڌارڪ، صحافي ۽ استاد مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ۸ آگسٽ ۱۹۲۴ع تي شهدادڪوٽ ۾ ڄائو، شاگردي واري دؤر کان ئي پاڻ سياست ۾ سرگرم رهيا، پرائمري قمبر ۽ سيڪنڊري لاڙڪاڻي مان ڪرڻ بعد ايل ايل بي ڪراچي مان پاس ڪيائين، شاگردي واري دؤر ۾ سياست ۾ سرگرم رهيا. مسلم ليگ، ڪميونسٽ پارٽي، جيئي سنڌ، سنڌ هاري ڪميٽي، نعپ، پيپلز پارٽي سميت سنڌ عوامي اتحاد کان وٺي جيڪا تحريڪ سنڌ جي ڀلي ۽ آجپي لاءِ هئي، انهيءَ ۾ ڀرپور نموني حصو ورتائين. ايشيا جي سڀ کان وڏي ۾ وڏي ادبي تنظيم سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي باني ميمبرن ۾ سندن جو شمار ڪيو ويندو هو. هن لاڙڪاڻي واري اوطاق، سنڌ ۽ هند جي مشهور اوطاق تي سنڌي ادبي سنگت جو اجلاس ڪوٺرايو، ادب وسيلي انقلاب جي ان تحريڪ روشني جو پهريون ڪرڻو لاڙڪاڻي ۾ مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي اوطاق تان اڀريو ۽ پوري سنڌ ۾ ڦهلجي ويو ۽ سموري سنڌ کي جرڪائي ڇڏيائين. پاڪستان کان پهرين مشهوري سنڌي مسلمانن جي واحد اخبار ’الوحيد‘ جو ڪجهه وقت ايڊيٽر رهيو، جنهن پاڪستان جي تاريخ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو، پاڻ قائداعظم محمد علي جناح جي انگريزي اخبار دان جو سب ايڊيٽر پڻ رهيو. لاڙڪاڻي جي سنڌي ۽ اردو اديبن کي ويجهو ڪرڻ ۾ تمام وڏو ڪردار ادا ڪيائين ۽ انجمن ترقي اردو پاڪستان لاڙڪاڻي شاخ جو سرگرم ڪارڪن رهيو. لاڙڪاڻي جي تاريخ ۾ اهو ئي سبب آهي جو انجمن ترقي اردو جي عمارت ۾ جيڪا لائبريري قائم ڪيائين، ان جو نالو شاهه عبداللطيف ڀٽائي رکيائين، جيڪا پهرين سندس گهر جي ڀرسان هئي. لاڙڪاڻي جي تاريخ جي سڀ کان وڏي سنڌ جي لائبريري سر شاهنواز ڀٽو ميموريل لائبريري جو بنياد به مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو رکرايو، جيڪا اپر سنڌ جي واحد لائبريري آهي، جتان هزارن جي تعداد ۾ اڄ به شاگرد اديب ۽ دانشور فيضياب ٿي رهيا آهن. هي لاڙڪاڻي شهر سان لڳو لڳ بقاپور يونين ڪائونسل جو چيئرمين به رهيو، ريڊيو پاڪستان ڪراچي تي نيوز ڪاسٽر طور به ڪم ڪيائين ته گڏ قمبر هاءِ اسڪول ۾ انگريزي استاد جي حيثيت سان به پنهنجا فرض انجام ڏنائين، پاڪستان جو واحد اڳواڻ هو، جنهن کي ڪامريڊ جو خطاب مليو، هن کان پهريان خان عبدالولي خان، عطاءُ الله مينگل، مير غوث بخش خن بزنجو، اڪبر بگٽي، خير بخش مري، جي ايم سيد، ذوالفقار علي ڀٽو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، مخدوم طالب الموليٰ، حاڪم علي زرداري ۽ ٻين ملڪ جي ناميارن سياستدانن سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي سياست ڪئي، وڏيرا شاهي جي اثر رسوخ رکندڙ ضلعي جيڪب آباد ۾ شيخ المجيد سنڌي، قاضي فيض محمد، جي ايم سيد، غلام محمد لغاري جن جي مدد سان ضلعي ۾ هاري ڪاميٽيءَ جو بنياد وڌو. انهيءَ سلسلي ۾ صدر ايوب خان جي مقابلي ۾ مرڪزي اسيمبلي ۾ هن محترمه فاطمه جناح جو ساٿ ڏنو. سندس جو شمار ۱۹۵۳ع ۾ ڇپيل بايو گرافيڪل انسائيڪلو پيڊيا آف پاڪستان جنهن ۾ پنجن صوبن جي اهم ملڪ جي هڪ هزار وڏين شخصيتن منجهان هڪ قرار ڏنو ويو، انهيءَ کان علاوه پنجاب ڌرتي تان اردو ۾ ڇپجندڙ ڪتاب سنڌ ڪي چند انقلابي دانشور اور عوامي رهنما، جنهن جو ليکڪ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي آهي. ان ۾ سنڌ جي کاٻي ڌر جي ۱۵ اهم شخصيتن منجهان هڪ قرار ڏنو ويو، سندس ادبي هم اثر دوست اياز قادري، انيس انصاري، تنوير عباسي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، نسيم کرل، محمد ابراهيم جويو، جمال ابڙو، رسول بخش پليجو، شيخ اياز، حميد سنڌي، ڊاڪٽر غلام علي الانا، يوسف لغاري، سوڀو گيانچنداڻي، رشيد ڀٽي، پير حسام الدين شاهه راشدي، پير علي محمد راشدي، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي، هري دلگير درياڻي، سراج ميمڻ ۽ ٻيا کوڙ سارا نالا اچي ٿا وڃن. سندس جي ذاتي لائبريري ۾ هزارين ڪتاب آهن ۽ سنڌ جي وڏين لائبريرين ۾ شمار ڪئي ٿي وئي. سندس اولاد سنڌ جي وڏن اديبن جي صلاح تي لائبريري جا ڪتاب سر شاهنواز لائبريري ۽ سنڌ جي عظيم درسگاهه سنڌالاجي کي عطيي طور ڏنا ۽ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي نالي پويان سنڌالاجي ۾ هڪ الڳ ڪارنر قائم ڪيو ويو آهي، جتي سندن جا يادگار ڦوٽو ملڪ جي وڏي سياسي شخيتن سان ميوزيم ۽ سجائي رکيا ويا آهن. سندن کي سياست سان تمام گهڻو لڳاءُ رهيو. محترمه فاطمه جي ساٿ ڏيڻ تي سنڌ مان پاڻمرادو جلاوطني اختيار ڪيائين. بلوچستان ويو ۽ اتي نعپ جي اڳواڻن جي پناهه ۾ رهيو ۽ بلوچستان جي سردارن جي پناهه ۾ رهڻ دوران انهن کيس ڪوئيٽا ۽ سبي ۾ سرڪاري وڪيل ڪري رکرايو، هن مهل به سنڌ صوبي جو عوام ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي سياسي، سماجي، ادبي، قانوني خدمتن کي مدنظر رکندي سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو يادگار ڪاميٽيون ۽ بزم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جا بنياد وجهي سندن جون هر سال سنڌ صوبي ۾ ورسيون ۽ سالگرهون ملهائي رهيا آهن ۽ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سندس جي نالي پويان لائبريريون، روڊ ۽ باغ منسوب ٿيل آهن، اهڙيون شخصيتون زنده قومن جو اهڃاڻ هونديون آهن ۽ نوجوان ٽهيءَ لاءِ مڪمل مشعل راهه هونديون آهن، اهڙن مهمان انسانن جي خدمتن ڪارڻ ئي سنڌ جيئي ٿي ۽ انهن جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي. تاج محمد ابڙو سنڌ جو روشن ضمير قومي ڪارڪن نفيس احمد شيخ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو، سنڌ ۾ قومي جاڳرتا لاءِ جاکوڙ واري دلڪش گُلشن جو، هڪ نهايت ئي مَهڪندڙ ۽ شگفته گُلاب جو گُل هو! ۱۹۶۳ع ڌاري، جڏهن مون کي سنڌي ادبي بورڊ ۾ علمي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو، تڏهن اُن زماني ۾ ترقي پسند جديد سنڌي ادب جي تاريخي ترويج سان گڏ سنڌ ۾ قومي جاڳرتا لاءِ جرئتمندانه جدوجهد به پنهنجي عروج ۽ اوج اقبال تي هئي. هڪ طرف ون يونٽ جي سنڌ دشمن قهري نظام ۾ مظلوميت جو دؤر دؤرو هو ته ٻئي طرف بدترين آمريت تي مشتمل ايوب شاهي حڪومت، سنڌ جو ساهه سوڙهو ڪري رکيو هو. گهُٽ ٻُوسٽ جي اهڙي اذيتناڪ ماحول ۾ سنڌ جي سُڄاڻ ۽ باهمت عالمن ۽ محققن، روشن ذهن اديبن ۽ شاعرن، بي باڪ صحافين ۽ ليکڪن جتي ادب ۽ صحافت جي ميدانن ۾ بلند حوصلي سان سنڌ ڌرتيءَ جو پيغام پئي عام ڪيو، اُتي ساڳئي وقت سياست ۽ سماجي سُڌار شعبن ۾ وري نهايت ئي بي باڪ ۽ مخلص قومي خدمت گذارن وقت جي اسٽئبلشمينٽ سان مُنهن مقابلا ٿي قومي جاڳرتا لاءِ پاڻ پتوڙيندي جدوجهد ۽ جاکوڙ سان ڪيئي نوان قابل فخر ڪارناما پئي قائم ڪيا، جن مان تقريباً سڀني اهل دل ڪارڪنن جو تعلق کاٻيءَ ڌُر سان هو. اهڙين نيڪ نام هستين جا مبارڪ نالا اڄ هتي تحرير هيٺ آڻڻ ڄڻ هڪ وڏي شان ۽ شرف وارو خوشگوار فريضو پيو محسوس ڪريان. اول اول سائين جي ايم سيد جي چوڏهينءَ چنڊ شخصيت ۽ اُن کان پوءِ روشن ستارا: شيخ عبدالمجيد سنڌي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، قاضي فيض محمد، ڪامريڊ غلام محمد لغاري، ڪامريڊ جمال الدين بخاري، باقر شاهه، ڪامريڊ عبدالقادر، ڪامريڊ برڪت علي آزاد، ڪامريڊ نذير حسين جتوئي جلالي، مولانا عزيز الله جروار، ڪامريڊ عبدالخالق آزاد، ڪامريڊ نور محمد پليجو، ڪامريڊ پوهُو، ڪامريڊ عزيز سلام بخاري، محمد صالح عاجز، حفيظ قريشي، علي احمد قريشي، رسول بخش پليجو ۽ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو. (منهنجي خوش قسمتي آهي جو اِنهن سمورين هستين جو منهنجي مٿي تي پيار جو هٿ رهيو.) سنڌي ادبي بورڊ جي بانيڪار جي حيثيت ۾، سائين جي ايم سيد جي رهنمائي ته مستقل طرح هونءَ ئي بورڊ ۾ ڪم ڪندڙ ڪارڪنن لاءِ اُتساهه جو سبب هئي، پر بورڊ ۾ سائين محمد ابراهيم جويي، غلام رباني آگري ۽ مولانا غلام محمد گرامي جهڙن ٽن مخلص ڏاهن جي ”ٽِمورتيءَ“ کي اُن زماني ۾ هڪ خاص ”قومي چقمق“ جي حيثيت حاصل هئي، جنهن جي ڇِڪ ۽ سِڪ سبب سڄيءَ سنڌ جي محب وطن جاکوڙي قومي ڪارڪنن جو رُخ سدائين اِن ”ٽِمورتيءَ“ ڏانهن هوندو هو ۽ اُهي بورڊ کي پنهنجو هڪ ”فڪري مرڪز“ تصور ڪندا هئا. بورڊ ۾ اچي انهن تجربيڪار ۽ سينئر صلاحيتمند دوستن سان ويچار ونڊڻ ۽ صلاح مشورو ڪرڻ سندن معمول جو دستور هوندو هو. توڙي جو عملي ڪم جا موضوع اڪيچار هوندا هئا، پر مقصد جو ”مرڪزي نقطو“ فقط هڪ ئي هوندو هو: ”روشن، خود اختيار ۽ خوشحال سنڌ“. لاڙڪاڻي مان مخلص قومي ڪارڪن ڪامريڊ تاج محمد ابڙو، گاهي گاهي بورڊ ۾ ايندو هو. جويي صاحب سان ملاقاتون، رباني صاحب سان خيالن جي ڏي وٺ ۽ گرامي صاحب سان طويل ڪچهريون. ياد اٿم ته اهو روح پرور سلسلو ۱۹۶۳ع کان وٺي ۱۹۷۳ع تائين، منهنجي اکين اڳيان جاري رهيو ۽ ڪامريڊ تاج کي ڏسڻ پسڻ ۽ ملڻ جلڻ جا لاتعداد موقعا فراهم ٿيا. سچ! ته سراپا ”اخلاص“ هو. اهڙين ملاقاتن دوران، سائين تاج جي جنهن نمايان خوبين مون کي خاص طرح سان متاثر ڪيو، سا هئي سندس ”ذهانت ۽ سنجيدگي“ (۽ اها به ايتري قدر جو ڪامريڊ مون کي هميشه گهٽ-ڳالهائو محسوس ٿيندو هو) جويي صاحب، رباني صاحب ۽ گرامي صاحب وٽ ڪامريڊ تاج لاءِ غير معمولي طرح، بي انتها احترام هوندو هو ۽ هُو کيس جيءَ ۾ جايون ڏيندا هئا. ان حقيقت مان چٽيءَ طرح سان ثابت ٿيندو هو ته ”گهڙو ڀَريل آهي ۽ خوب ڀريل آهي!“ خاص طرح سان گرامي صاحب وٽ ڪامريڊ جون جيڪي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪچهريون جاري رهنديون هيون، تن جو تات-پرج هوندو هو: ”سنڌ جي عظمت جو احساس ۽ سنڌ جي روشن مستقبل لاءِ جرئتمندانه جاکوڙ ۽ جدوجهد.“ ٻئي طرف سائين تاج جو مطمع نظر سندس سنجيده روشن چهري مان پيو بُکندو هو: ”سنڌ جي ڏتڙيل ۽ پيڙهيل طبقن، خاص ڪري هارين جي ڇوٽڪاري لاءِ پاڻ پتوڙڻ ۽ اُنهن جي خوشحال مستقبل لاءِ جَتن ڪرڻ.“ فڪر و نظر جي اها مماثلت ئي کاٻيءَ ڌُر جي مزاحمتي آدرش وادي ٻين قومي ڪارڪنن وانگر ڪامريڊ تاج کي بورڊ ۾ وٺي ايندي هئي. ۱۹۷۰ع ڌاري، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي وفات ٿي. اُن کان اڳ سانده ست سال، شايد ئي ڪا شام اهڙي خالي گذري هجي جو ”هاري حقدار“ پريس ۽ ”حيدر محفل“ (اوطاق) تي منهنجو ڀيرو نه ٿيو هجي. شام جو روزانو، گرامي صاحب ۽ ”ڪراچي هوٽل“ پاڻ ۾ لازم ملزوم هوندا هئا. گڏجي گهران هيٺ لهبو هو ته چند قدمن تي ”حيدر محفل“! (باباءِ سنڌ جي وفات کانپوءِ به اهو سلسلو قائم رهيو.) ڪامريڊ جي وڏي فرزند مظهر حيدر ۽ گرامي صاحب جي دوستي مثالي هئي. ان ڪري ”حيدر محفل“ سدائين گهر وانگر ئي هو. اهڙي پس منظر ۾، سڄيءَ سنڌ جي سمورين آفتاب ۽ ماهتاب هستين کي بار بار ڏسڻ، بار بار ساڻن ملڻ جلڻ، اُٿڻ ويهڻ ۽ سندن خيالن کي ٻُڌڻ جا اڪيچار يادگار موقعا ملندا رهيا. اُتي ڪامريڊ تاج کي ”حيدر محفل“ ۾ باباءِ سنڌ وٽ، هڪ مستقل عقيدتمند جي حيثيت ۾ مون گهڻو ڏٺو ۽ خوب ڏٺو. دستور موجب، ڪامريد وٽ سائين تاج لاءِ جيءَ ۾ جايون هيون ۽ باباءِ سنڌ سندس ججهي عزت ڪندو هو. مون کي ياد آهي ته جتوئي صاحب جي وفات کانپوءِ به سائين تاج حيدر محفل تان ڀيرو ڪو نه ڀڳو ۽ سندس فرزندن مظهر حيدر وٽ گاهي گاهي سندس اچڻ پيو ٿيندو هو. ان طرح گرامي صاحب، ڪامريڊ غلام حسين سومري، ڪامريڊ عبدالمجيد لغاري ۽ ٻين هاري ڪارڪنن سان سندس محبت جو رستو قائم رهيو. ان ڳالهه مان ثابتي ٿي ملي ته ڪامريڊ تاج کي ”هاري ڪاز“ لاءِ هڪ مستحڪم ۽ مڪمل ”ڪمٽمينٽ“ هئي، جنهن تي هُو سدائين ڪاربند ۽ پختو رهيو. اڳتي هلي جڏهن ۱۹۷۳ع ڌاري بورڊ جون آفيسون شهر مان شفٽ ٿي، ڄامشوري ۾ قائم ٿيون ته اديبن، شاعرن ۽ قومي ڪارڪنن ۽ بورڊ جي وچ ۾ ڪجهه ماٺائي ۽ فرق پيدا ٿيا. جويو صاحب بورڊ ۾ نه رهيو ۽ گرامي صاحب جهان ڇڏيو. بدليل ماحول ۾، بورڊ به تبديل ٿيل رُخ اختيار ڪيو. سائين تاج وري بورڊ ۾ ڪڏهن نظر ڪو نه آيو. ڪامريڊ تاج سان آخري ملاقات ياد اٿم، لاڙڪاڻي ۾ سندس اوطاق تي سندس يادگار دعوت ۽ علمي ڪچهري شايد ۱۹۷۴ع جو سَن آهي، جو محمد علي جوهر آل سنڌ ادبي ڪانفرنس ۽ شاعري جو انتظام ڪيو هو. ٻن ڏينهن جي ان يادگار اجتماع کان پوءِ، گرامي صاحب کي سندس عقيدتمند ۽ نامياري محقق ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ، وڏيءَ سڪ سان پاڻ وٽ ٽِڪايو ۽ ڏاڍي خدمت ۽ خاطرداري ڪيائين. دعوتن جي ان سلسلي ۾ هڪ شام ڊاڪٽر شيخ عبدالقيوم ”طراز“ چانهه پارٽي ڪئي ۽ ڪامريڊ تاج پنهنجي اوطاق تي هڪ شاندار ضيافت جو اهتمام ڪيو. اهو به ياد اٿم ته اُن عشائيه ۾ مڇيءَ جا مختلف ڊشز ۽ خاص طرح بيهَن جو پُلاءُ مکيه اسم هئا. مقامي اديبن شاعرن سان گڏ سائين تاج پنهنجا دوست عبدالرزاق سومرو، چاڪر علي جوڻيجو، پروفيسر عبدالمنان چانڊيو، عبدالحق سولنگي ۽ ڪامريڊ جمال الدين بخاري به سڏيا هئا. ڪامريڊ تاج جهڙي عُمدي ڊنر کارائي، وري اهڙي ئي شاندار علمي ڪچهري به برپا ڪيائين. سندس محبت آفرين وسيع دسترخوان، وسرڻ جو ناهي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو صحيح معنيٰ ۾ هڪ اهلِ دل ۽ روشن ضمير ”سنڌ سڄڻ“ مخلص قومي ڪارڪن هو، جنهن جي سيني ۾ قدرت واري سنڌ جي خوشحاليءَ لاءِ هڪ مستقل تڙپ واري دردمند ۽ پُراُميد دل رکي هئي. تاج محمد ابڙو مرحوم منهنجو هم پيشه، هم مشرب ۽ همراز محمد ابراھيم جويو انگريزيءَ جي مشهور چوڻي آهي ته “مئن ازنون فرام دي ڪمپني هي ڪيپس.” مطلب ته “ماڻهو سڃاپجي ٿو سندس سنگت مان.” تاج محمد ابڙي جي سنگت ۾ سائين جي ايم سيد، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، شيخ اياز، شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ کان وٺي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، پير حسام الدين راشدي، سيد غلام مصطفيٰ شاهه، حفيظ قريشي، ضاضي فيض محمد، جمال الدين بخاري، برڪت علي آزاد، مولوي نذير حسين سنڌي، رشيد ڀٽي، گوبند مالهي، نسيم کرل، ڪيرت ٻاٻاڻي، هري دلگير درياڻي، ڪامريڊ مير محمد ٽالپر، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، سراج الحق ميمڻ حميد سنڌي، نور الدين سرڪي ۽ ٻيا سندس دور ۽ عمر جا ڪيئي مڻيادار، محبتي، ڀلارا ۽ ڀلمانس ڳڻيا وڃن ٿا، انهن مان گهڻن سان ۽ خود ساڻس سڌو سنگ منهنجو به رهيو آهي، ۽ انهن مان ڪيترن ئي ٻين سان نياز مندي جو شرف مون کي به نصيب ٿيل هو. پاڻ جڏهن صديءَ جي چاليهن وار ي ڏهاڪي جي شروع ۾ لاڙڪاڻي مان نڪري ڪراچيءَ پڙهڻ آيا، تڏهن کان وٺي تاحيات منهنجو ساڻس سڌو سنگ رهيو. ۱۹۴۱ع ۾ آءُ بمبئيءَ مان تدريسي تربيت وٺي، بي ٽيءَ جي ڊگري حاصل ڪري موٽيو هئس ۽ اچي پنهنجي مادر علمي سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچيءَ ۾ پنهنجي ماستريءَ جي منصب تي دخلڪار ٿيو هئس. بندر روڊ تي، سعيد منزل جي ڀرسان، حاجي چانڊو بلڊنگ ۾ هڪڙو فلئٽ مسواڙ تي وٺي، اسين پنج ڄڻا، دادو ضلعي جا ويٺل ٽي، سنڌ مدرسي جا ماستر حاجي خان لغاري، شير محمد راهوجو ۽ آءُ، ڪراچي لوڪل بورڊ جو اڪائونٽنٽ ڪلارڪ عبدالرحمان سومرو ۽ پنجون سکر ضلعي جو ويٺل جنرل پوسٽ آفيس ڪراچيءَ جو ڪلارڪ ڌڻي بخش دايو صاحب ان فليٽ ۾ رهائش ڪلب ٺاهي، ٿانيڪا ٿيا ويٺا هئاسين. هڪ ڏينهن محمد صالح مشوريءَ نالي خيرپور ناٿن شاهه جو هڪ جوشيلو اڌڙوٽ عمر جو همراهه حاجي خان لغاريءَ جو مهمان ٿي، اسان وٽ آيو. پاڻ فوج جي ڪنهن آفيس ۾ سينيئر ڪلارڪ هو. ڏاڍو ٿي ڳالهائين. ڪافي ڪي احوال هئس. آءُ پاڻ جيڪو بمبئيءَ مان پارٽيءَ جي باني اڳواڻ، ڪامريڊ ايم اين راءِ جا لکيل انگريزي مضمون پڙهي آيو هيس، سو محمد صالح مشوريءَ جي ملڪي ۽ عالمي ڳالهيان ۾ وٺجي ويس. ڳالهين ڳالهين ۾ هن مون کي ڪامريڊ برڪت علي آزاد جو ترجمو ڪيل سنڌي ڪتاب جو “نوجوانن” ڏانهن ۽ اصلي پرنس ڪروپاتڪن جو روسي زبان ۾ لکيل ۽ پوءِ انگريزيءَ ۾ آيل، ڪڍي ڏنو. ۽ پڻ علامه عنايت اللھ مشرقيءَ جي اردو ڪتاب “تدڪره” جو ڏاڍن دل لڀائيندڙ لفظن ۾ ذڪر ڪيائين، جيڪو ٻئي ڏينهن مون وٺي اچي پڙهڻ شروع ڪيو. نوجوانن ڏانهن ڪتابچو ته پهرين ڏينهن يڪساهي پڙهي پورو ڪيم. اهو ڪتابچو پهرينءَ ئي پڙهڻيءَ ۾ منهنجي دل ۾ ائين ويهي ويو، جو عمر ڀر منهنجو اهو بنهه ڄڻ “بائيبل” بڻجي ويو. علامه مشرقيءَ جو “تذڪره” ۽ جيڪو مذهب الاسلام جو سندس پنهنجو علقمنداڻو تعبير Rational interpretation سان رستي ۾ پڙهيم ۽ ان جي انيڪ معقول ڳالهين مان هڪ ڳالهه منهنجي ذهن تي پائدار اثر ڪيو. ڪنهن جو نالو عبداللھ هجي ۽ ٻئي جو گوپالداس وغيره! انهن ڏينهن ۾ ڊي، جي، سنڌ، ڪاليج، اين اي ڊي انجنيئرنگ ڪاليج، شهاڻي لاءِ ڪاليج جي مسلمان شاگردن دادو ضلعي جي شيخ انصاريءَ ۽ ٿرپارڪر جي ضلعي مان عبدالستار شيخ (۽ ٻين) مسلم ليگ ڏانهن مائل، “سنڌ مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن” ٺاهي هئي، اهي ٻيئي ڄڻا هڪ ڏينهن اسان جي ڪلب ۾ اچي نڪتا، ساڻن گڏ تاج محمد ابڙو به هو. جنهن کي ان ڏينهن مون پهريون ڀيرو ڏٺو هو. ٽنهي مان تاج محمد ابڙو مون کي ڳالهين ۽ مامرن جي تور تڪ ۽ ڇنڊڇاڻ ۾ وڌيڪ چست ۽ باخبر لڳو. ويندي ويندي هن کي مون محمد صالح مشوريءَ وارو ڪتابچو پڙهڻ لاءِ ڏنو. ٻئي ڏينهن هو هلي مون وٽ آيو، پر ڪتابچي جي تاثر ۾ مونکي هو بنهه سرشار ڏسڻ ۾ آيو، اهو ڏينهن ۽ سندس سڄي عمر پوءِ، اسين ٻيئي هڪٻئي جي سنگ ۾ ائين گڏ رهياسين جيئن يڪ ڪالب دو جان، ۽ اڄ به جڏهن هو پنهنجي ياد ۾ هو مون سان گڏ آهي. ۱۹۴۷ع تائين جيسين هو ڪراچيءَ ۾ پنهنجي تعليم ۾ جتيل هو، خاص ٻيا ٻه ڪتاب به مون هن کي سعيو ڪري پڙهڻ لاءِ ڏنا، هڪڙو ڪامريڊ ايم اين راءِ جو ڪتاب The Historical Role of Islam جنهن جو تن ڏينهن مون سنڌي “اسلام جو تاريخي ڪارنامو” نالي سان ڪيو هو ۽ ٻيو منهنجو پنهجو ۱۹۴۷ع ۾ شايع ڪيل انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتاب “Save Sindh save the continent from feudal lords capitalists & their communication” (سنڌ بچايو وڏو کنڊ بچايو. جاگيردارن ۽ سرمائيندارن ۽ سندن فرقيوار گهوٽالن کان)، جنهن جي سزا ۾ مون کي سنڌ مدرسي مان پنهنجي ڏهن سالن جي نوڪريءَ تان هٿ کڻڻو پيو هو. پر ماڻهوءَ جو سنگ رڳو ماڻهن سان نه پر ٻين شين سان پڻ تاحيات جڙجي ٿو ۽ جتيو رهي ٿو. مثال طور ڪتابن سان تاج محمد ابڙي ۽ منهنجو ٻيو سنگ ڪتابن جي ڌاڳي سان ڳنڍيل هو. ان جو هڪڙو مثال اهو آهي، جو انهن ڏينهن ۾ ٿنڪرس لئبرريءَ جي سلسلي جا انگريزي ڪتاب ولايت مان ڇپجي، سڄي دنيا ۾ شايع ٿيڻ لڳا هئا، ۽ سنڌ ۾ به اچڻ لڳا هئا. قيمت اهي اٺ آنا في ڪتاب، وڌ ۾ وڌڪ روپيو به ۽ جيستائين ۱۹۴۷ع تائين تاج محمد ڪراچي ۾ رهيو ۽ پوءِ به جيستائين انهن ڪتابن جو سلسلو جاري رهيو تيستائين اسين ٻيئي پاڻ ۾ انهن ڪتابن جي عشق ۾ ڀائيوار رهياسين، تان جو جڏهن پاڻ ۱۹۸۵ع ۾ نوڪريءَ تان رٽارئڊ ڪيائين تڏهن ٻنهي پاڻ ۾ ٿنڪرس لئبرريءَ جي ڪتابن جي لسٽن جي ڀيٽا ۽ مٽاسٽا ڪري ڏٺوسين ته مون وٽ ٽيهارو کن اهي ڪتاب موجود هئا ۽ وٽس به ڪجهه اوترا ئي هئا. ايئن ٻيا اهڙا منهنجا دوست مثال طور شيخ اياز، جمال صديقي، ڊاڪٽر نجم عباسي، سوڀو گيانچنداڻي ۽ ٻيا وقت بوقت هڪٻئي سان فخر ۽ خوشيءَ ۾ ڀرجي انهن بابت پيا حالي حوالي ٿيندا هئاسين. ٻيو سنگ ماڻهو جو ماڻهن سان زندگيءَ جي ڪن اهڙن مامرن جي حوالي سان پڻ ڳنڍجي ٿو ۽ محڪم بڻجي ٿو. مثال طور هم پيشگيءَ جو سنگ جيئن مون شروع ۽ آخر تائين ماستري ڪئي ته تاج محمد ابڙي به شروع ۾ سهي پر ماستري ضرور ڪئي! هيءُ ماستري جو، استاديءَ جو منصب به منهنجي تجربي ۽ مشاهدي ۾ اهڙو لڳڻو ۽ نه ڇڏڻو پڪو ۽ پختو رنگ ٿئي ٿو. جو ٿوري مدت ئي هجي پر ماڻهن جي طبيعتن کي سڄي عمر جي سڃاڻپ ۽ ساڳيائپ ڏيئي ٿو ڇڏي. ماستري، استادي، يعنيٰ سکڻ ۽ سيکارڻ، پڙهن ۽ پڙهائڻ، پنهنجي پورهئي مان پرائڻ ۽ پراپت ڪرڻ ۽ پوءِ سڀڪجهه ڏيئي ڇڏڻ جو اتساهه مون تاج محمد ابڙي ۽ منهنجن اهڙيءَ طبعيت رکندڙ سڀني ساٿين، سنگتين ۽ دوستن ۾، پاڻ کان چار رتيون ڪثر موجود ۽ عمل پيرا ڏٺو. پنهنجي پنهنجي پيشي جي سان لاڳاپيل فرض ادائي جي دائري ۾ ۽ ان کان ٻاهر زندگيءَ جي ٻين عام معاملن ۾ به، هن سر گهور ۽ من اڇل جي عادت کي پنهنجي من ورونهن ڪري ڇڏڻ کي اعليٰ اديبن، شاعرن، فنڪارن، استادن ۽ پڻ اعليٰ مقصدي سياست ۽ پبلڪ توڙي پرائيويٽ سروس جي دائري ۾ ماڻهو جي چاهي ته پنهنجي خاص سڃاڻپ بڻائي سگهي ٿو. ان لاءِ سڀ کان وڌيڪ ماڻهوءَ جو سنگ، فرد (Individual) جي حيثيت ۾، پنهنجي پاڻ سان، پنهنجي ذهن ۽ ضمير سان، پنهنجي مقصد حيات سان هئڻ لازم آهي. ائين ماڻهوءَ لاءِ تڏهن ئي ممڪن آهي، جو هو پاڻ کي پاڻ ڏانهن ذميدار، پاڻ وٽ جوبداه، سمجهي ۽ سو تڏهن ٿيندو جڏهن اوتري قدر پاڻ کي هو آزاد به ڄاڻي. ماڻهو ڪروڙين صدين ۽ لاتعداد جڳن کان ان آزاديءَ جي احساس ۽ ماڻهن لاءِ پنهنجي ڪائناتي آسپاس سان برسر پيڪار رهيو آهي، ۽ پنهنجي فطري عقل جي آڌار تي پنهنجي ان تخليقي جدوجهد ۾ همه تن ومن مصروف پڻ رهندو آيو آهي. تاج محمد ابڙي مرحوم ۽ منهنجي سنگ سڄي عمر انهيءَ اتساهه ۽ امنگ تي هم آواز ۽ اهڙي مقصد ۽ مشرب جي همراز هجڻ ۽ رهڻ تي پڻ قائم رهيو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو منير چانڊيو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو صاحب، سنڌ جو هڪ محب وطن ۽ انسان دوست اديب، سياستدان، صحافي، استاد ۽ سماج سڌارڪ هو. جنهن سنڌ ۾ پورهيت، مظلوم ۽ محڪوم عوام جي حقن لاءِ ۽ جاگيرداراڻي ۽ طبقاتي نظام جي ظلم، جبر، ڏاڍ، ڏهڪاءَ ۽ ٻين سمورين بڇڙاين جي خلاف جدوجھد ڪئي. هن سنڌ ۾ علمي، ادبي، سياسي، سماجي ۽ قومي نئين سجاڳيءَ لاءِ ۽ سماجي انصاف ۽ برابريءَ لاءِ پنهنجو پاڻ ارپي ڇڏيو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ۲ آگسٽ ۱۹۲۴ع تي لاڙڪاڻي ضلعي جي هڪ زميندار قادر بخش خان ابڙي جي گھر ۾ پيدا ٿيو. اولاد ۾ سڪيلڌو پٽ هو. اڃا ننڍو ئي هو ته سندس والد گذاري ويو. جنهن کان پوءِ مٿس وڏيءَ ڀيڻ ۽ ڀيڻيوي جي شفقت ۽ محبت رهي. سندس ڀيڻيوو محمد عثمان ميمڻ هڪ پوليس آفيسر هو، جنهن کي پنهنجي اولاد نه هئي، ان ڪري هن کيس پنهنجي اولاد جيئن پاليو ۽ پنهنجين محبتن جو مرڪز بڻائي ڇڏيائينس. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي صاحب پنهنجي ابتدائي تعليم، پنهنجي ان ئي عالم فاضل ڀيڻ وٽان پرائي، جيڪا سنڌيءَ سان گڏ فارسيءَ جي به سٺي ڄاڻو هئي. پرائمري تعليم قمبر مان حاصل ڪيائين. جنھن بعد گورنمينٽ هاءِ اسڪول قمبر ۾ داخل ٿيو، جيڪو ان وقت پنهنجي تعليمي معيار جي ڪري گھڻو مشهور هو، جتي ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي ۽ ٻيا ڪيترا ئي ناليوارا سياسي ۽ سماجي اڳواڻ ۽ اديب تعليم پرائي چڪا هئا. سندس ڀيڻيوي جي پوليس کاتي ۾ نوڪري هجڻ جي ڪري، مختلف شهرن ۾ بدلي ٿيندي رهندي هئي. ان ڪري هن قمبر هاءِ اسڪول جي هاسٽل ۾ رهي ترتيب سان تعليم پرائي. ان کان پوءِ هن مدرسه هاءِ اسڪول ۾ سيڪنڊري تعليم حاصل ڪئي، ۽ وڌيڪ تعليم پرائڻ لاءِ ڊي. جي ڪاليج ڪراچيءَ ۾ داخل ٿيو. ڪراچيءَ ۾ رهندي هو ريڊيو ڪراچيءَ تي نيوز ڪاسٽر مقرر ٿيو ۽ ڪيتري ئي وقت تائين پنهنجي وڻندڙ، صاف ۽ گونجدار آواز ۾ خبرون پڙهندو رهيو. ڪراچيءَ مان واپسيءَ کان پوءِ ميونسپل هاءِ اسڪول قمبر ۾ انگريزيءَ جو استاد مقرر ٿيو، پر سندس شخصيت کي اهو شعبو راس نه آيو. بعد ۾ ڪراچيءَ مان ايل ايل بي ڪرڻ کان پوءِ، لاڙڪاڻي ۾ وڪالت ڪرڻ شروع ڪيائين. ڪجهه وقت کان پوءِ اسسٽنٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر ۽ پوءِ ڊسٽرڪٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر مقرر ٿيو. انهيءَ عرصي ۾ هو سنڌ ۽ بلوچستان جي ڪيترن ئي شهرن ۾ بدلي ٿي، پنهنجا فرض سرانجام ڏيندو رهيو. هر هنڌ، قانون جي گھري ڄاڻ جي ڪري، پنهنجو اهڙو ڌاڪو ڄمائيندو رهيو، جو کيس ان جي ڄاڻ جي ڪري ۱۹۷۲ع ۾ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشنس جج بڻايو ويو. ۱۹۷۸ع ۾ ترقي ڪري ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشنس جج مقرر ٿيو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي شادي، بيگم حاڪمزادي ميمڻ سان ٿي. جنهن مان کيس چئن نيڪ نياڻين ۽ پنجن پٽن جو صالح اولاد ٿيو. سندس وڏي نياڻي خالده ابڙو آهي، جنهن گريجوئيشن تائين تعليم حاصل ڪئي. سندس شادي محمد صديق ميمڻ سان ٿي، جيڪو ڀان سيد آباد جو زميندار آهي ۽ گذريل بلدياتي اليڪشن ۾ ناظم پڻ رهيو آهي. سندس ٻي نياڻي ڊاڪٽر عابده ابڙو آهي، جيڪا سر ڪائوسجي جھانگير انسٽيٽيوٽ آف سائيڪياٽري حيدرآباد ۾ ڊاڪٽر آهي. سندس شادي ڊاڪٽر نجيب ميمڻ سان ٿي، جيڪو لياقت يونيورسٽي آف هيلٿ اينڊ ميڊيڪل سائنس ڄامشوري ۾ پروفيسر آهي. سندس ٽئين نياڻي شاهده پروين آهي، جيڪا سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي ۾ حيدرآباد ريجن جي پرائيويٽ اسڪولس ۽ ڪاليجز جي ڊپٽي ڊائريڪٽر آهي. هن جي شادي ڪوآپريٽيو هائوسنگ سوسائٽي جي رجسٽرار ساجد سرهيي سان ٿي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي چوٿين نياڻي سنڌ جي نوجوان شاعره، ڪالم نويسه ۽ مهراڻ ٽي وي جي عورتن جي پروگرام ’بنتِ هوا‘ جي ميزبان زاهده تاج ابڙو آهي. هوءَ حيدرآباد جي هڪ گرلس هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ مسلم هسٽري مضمون جي سبجيڪٽ اسپيشلسٽ آهي. سندس شادي ڊاڪٽر محمد اسماعيل ميمڻ سان ٿي، جيڪو سول اسپتال حيدرآباد ۾ ايڊيشنل ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ آهي. ان کان پوءِ سندس صالح پٽن ۾ سنڌ جو نوجوان ڪالم نويس ۽ اديب مير نادر علي ابڙو آهي. جيڪو سنڌ جي ۵۰ کان مٿي معروف ۽ ڪُنڊائيتن شخصيتن ۽ ايتري ئي تعداد ۾ ٻين سماجي ۽ ادبي موضوعن تي لکي چڪو آهي. جيڪو اينٽي ڪرپشن کاتي ۾ سرڪل آفيسر آهي. ان کان پوءِ سندس ٻيون پٽ حيدر علي ابڙو آهي، جيڪو لاڙڪاڻي ۾ وڪالت ڪري ٿو. سندس ٽيون پٽ گوهر علي ابڙو گورنمينٽ ڪاليج مٽياري ۾ پوليٽيڪل سائنس مضمون جو ليڪچرار آهي. سندس چوٿون فرزند مظهر علي ابڙو آهي، جيڪو ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جو ڊپٽي ڊسٽرڪٽ اٽارني آهي. سندس آخري فرزند ذوالفقار علي ابڙو آهي، جيڪو پڻ لاڙڪاڻي ۾ ئي وڪالت ڪري ٿو. ان مان چڱيءَ ريت معلوم ٿئي ٿو ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙي صاحب، پنهنجي ٻارن جي تعليم ۽ تربيت تي خاص ڌيان ڏنو. جيئن جيئن ڪامريڊ جي شخصيت جا علمي، ادبي، سياسي، صحافتي ۽ سماجي پاسا وڌيڪ نروار ٿيندا ويندا، ساڻس بي پناهه محبت ۽ احترام پيدا ٿيندو ويندو. هو پنهنجي سوچ ۽ عمل ۾ ڏاڍو نرالو انسان هو، ۽ سندس سنڌ ۽ سنڌي قوم جي نجات لاءِ جدوجھد ته غير معمولي هئي، پر سندس ذاتي سڀاءُ ۽ طبعيت جي وڏائي به ڏسڻ ۽ خراج تحسين پيش ڪرڻ جي لائق آهي. ڊاڪٽر اياز قادري لکي ٿو ته: تاج محمد کي شاگرديءَ واري زماني ۾ اخبار ڪڍڻ جو ڏاڍو چاهه هو. ان بابت مون سان صلاح ڪندو هو. مان هميشه چوندو هيومانس؛ ”تيل کانسواءِ ڏيئو نه ٻرندو. پاڻ تڪڙا ماڻهو آهيون، پيٽ ئي مشڪل سان ٿا پاليون. اخبار جي عياشي نه ڪري سگھنداسين. هن ڪجهه پئسا پاڻ ۽ ڪجهه پئسا دوستن کان هٿ ڪري ’نوجوان‘ نالي سان هڪ اخبار شروع ڪئي. ان جو ايڊيٽر مون کي مقرر ڪيائين.“ ان مٿئين ٽڪري کي پڙهڻ سان گڏ، ڊاڪٽر اياز قادري صاحب جي ئي لکيل هن ٻئي ٽڪري کي پڙهو ۽ ڪامريڊ تاج محمد جي وڏائي ۽ عظمت جو اندازو لڳايو. ”تاج محمد ابڙي جي ڪوشش سان، سال ۱۹۵۶ع ۾ لاڙڪاڻي جي تجر باغ ۾ شاهه عبداللطيف جي ورسي ملهائي وئي. جيتوڻيڪ ورسيءَ جو سڄو سمورو بندوبست هن پنهنجي هڙون توڙي وڙون ڪيو، پر جيڪي دعوت نامه جاري ڪيا ويا سي منهنجي نالي سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت جي حيثيت سان ويا. مان سمجھان ٿو ته لاڙڪاڻي جي تاريخ ۾ ڀٽائيءَ جي اهڙي شاندار ورسي اڳ ڪڏهن به نٿي هئي.“ تنوير عباسي صاحب لکي ٿو ته: ”ون يونٽ جو اونداهو دور هيو. ادب ذريعي انقلاب جي ان تحريڪ جي روشنيءَ جو پهريون ڪرڻو لاڙڪاڻي ۾ تاج محمد ابڙي جي اوطاق مان اسريو ۽ سڄيءَ سنڌ ۾ ڦهلجي ويو. .... تاج محمد ابڙو وڪيل هيو پر وڪيل کان وڌيڪ دانشور هيو. ادب، تاريخ، فلسفو سڀ پڙهندو هو. دوستن سان بحث ڪندو هو. هو رڳو پڙهڻ وارو نه هو بلڪ ڪڙهڻ وارو به هو. هاري تحريڪ، نيشنل عوامي پارٽي، سنڌ عوامي محاذ، ۽ بعد ۾ پي پي، مطلب ته جيڪا به تحريڪ سنڌ جي پيڙهيل طبقن جي بحالي ۽ آجپي جي لاءِ اٿي، ان ۾ ڀرپور حصو ورتائين.“ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جو انسانذات سان روح جو اٽوٽ رشتو هو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو پنهنجي زندگيءَ جو سمورو شعوري عرصو غريب ۽ مظلوم، پورهيت ۽ هاري عوام لاءِ عملي جدوجھد ڪندي گذاريو. ھن پنهنجي هڙان وڙان ادبي ۽ صحافتي شعبن ۾ خدمتون سر انجام ڏنيون. محمد ابراهيم جويو صاحب لکي ٿو ته: ”منهنجي نظر ۾ تاج محمد ابڙو انساني معاشري جي هر ڀَلان ڀَل ڀلمانَس وانگر، پنهنجي مثالي زندگيءَ ۾ سڄو شعوري عمر جو عرصو ٽن ڳالهين کان پرهيز ۾ رهيو ــ ذاتي ۽ گروهي حرص هَوس کان، نفرت ۽ وڏائيءَ کان ۽ تاريڪ خياليءَ جي هر مونجھاري ۽ انتشار کان، ۽ خالص ان ٽنهين منفي فڪر ۽ عملي آزار کان آزاد هجڻ سبب ئي سڄو وقت هو سنڌ ۽ سنڌي قوم جي نجات لاءِ عوام دوست قومي انقلاب جي مقصد سان پوريءَ محڪمتا سان واڳيل رهيو.“ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو صاحب، شخصي حوالي کان پڻ انتهائي اعليٰ ۽ وڏ ماڻهپي وارو انسان هيو. سائين انيس انصاري صاحب لکي ٿو ته: ”پنهنجي در تي ڪم ڪندڙن جي پيو پرگھور لهندو هو. کين سٺي کاڌي سان گڏ سٺا ڪپڙا وٺي ڏيندو هو. کين سٺي سواريءَ لاءِ سائيڪلون ۽ وقت ڏسڻ لاءِ واچون به وٺي ڏيندو هو.“ اها ڳالهه پڙهي سوچيو ته اڄ جي دور ۾ جتي ڪنهن غريب کي رڳو غربت جي ڪري انسان ئي نٿو سمجھيو وڃي ۽ ساڻس بلڪل نامناسب رويو اختيار ڪيو وڃي ٿو ۽ اهڙا رويا اسان جا ڪيترا ئي نام نهاد اديب ۽ شاعر وغيره پڻ رکندا اچن. اتي هن ماڻهوءَ جو ماڻهپو ڪيترو عظيم آهي. ان ئي حوالي سان سائين انيس انصاري صاحب جون لکيل ٻه ڳالهيون ٻيون به ڏاڍيون اعليٰ آدرشي لڳيون: ”سکر ۾ ابڙي صاحب جي گھر مان چوري ٿي وئي. چور سڄو گھر ٻهاري ويا. چوريءَ ۾ تاج محمد ابڙي جي گھر واري، والده ۽ ڀيڻ جا سونا زيور به شامل هئا. اها چوري پڪڙجي نه سگھي. البته پوليس جڏهن ڪجهه پڪڙيل زيور سڃاڻپ لاءِ سندس گھر آندا ته تاج محمد پنهجي گھر تاڪيد سان چيو ته هو صرف پنهنجا زيور، پنهنجا ڪن. پروان تي هٿ نه رکن. انهن زيورن ۾ ڪو به زيور سندس ڪو نه هو، ان ڪري پنهنجو نه ڪيائون.“ ان واقعي کي پڙهڻ کان پوءِ پڙهي سچ ته ڪيترو ئي وقت هن عظيم انسان جي باري ۾ سوچيندو رهجي ٿو. سندس سچائيءَ تي بي پناهه پيار ايندو رهي ٿو. اڄ جي دور ۾ جڏهن ڪنهن مسجد مان ڪو هيروئني ڪنهن نمازيءَ جي چپل چورائي ايندو آهي ته اهو وري ٻئي جماعتيءَ جي چپل پائي ايندو آهي، پر هن اڏول شخص جي اخلاقي سطح ته ڏسو! گھر آيل زيور موٽائي ڇڏيائين. هينئر جي سوچجي ته اسان مان اهڙا گھڻا ماڻهو اهڙو اخلاقي مظاهرو ڪري سگھن ٿا! هو پنهنجي وصيت نامي ۾ پنهنجي عيال کي هدايت ڪندي لکي ٿو ته؛ ”منهنجا دوست ڪافي آهن، پر هر ڪنهن کي پنهنجا مسئلا در پيش آهن. تنهنڪري انهن کي ڪا تڪليف نه ڏيندا. البته پاڻ ۾ اختلاف يا ڪنهن مسئلي تي سندن صلاح ضرور وٺندا. انهن جي هر وقت عزت ڪرڻ اوهان جو فرض آهي ۽ سندن اولاد سان پڻ تعلق رکڻ جي ڪوشش ڪندا. کانئن ڪڏهن به مالي مدد جي طلب نه ڪندا. ها البت ضرورت وقت اخلاقي مدد ضرور وٺندا ۽ مون کي يقين آهي ته هو ان ۾ پوئتي پير نه ڏيندا. مون تي منهنجا محسن ۽ دوست سدائين مهربان رهيا آهن، جن جو آئون شڪر گذار آهيان.“ سچ ته هن عظيم انسان جو هر عمل بنهه حيرت ۾ وجھندڙ آهي. اسان پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪيترن ئي نالي چڙهيل اديبن، شاعرن ۽ ڪامريڊن کي سندن شخصي زندگيءَ ۾ جيترو ننڍڙو ڏٺو آهي، اهو ڪنهن به نوجوان ليکڪ جي مايوس ٿيڻ لاءِ ڪافي آهي، پر ڪامريڊ تاج محمد ابڙو صاحب الاءِ ته ڪهڙي جُڳ جو ماڻهو هو! لطيف جي سر رامڪليءَ جو ڪو جيئرو جاڳندو ۽ حقيقي ڪردار هو؟ حضرت محمد صلعم جي انساني ڀلائيءَ واري پيغام جو عملي روپ هو؟ يا مارڪس جي پورهيت دوست فڪر جي عمل جو سچو پچو نادر شخص هو! هو اصل ۾ هو ڇا؟ پر يقيناَ هو اهو سڀ هو. نوري ۽ ناري، جوڳيئڙا جھان ۾، ٻري جن ٻاري، آئون نه جيئندس ان ري. (شاهه) تاج محمد ابڙو سندس شخصيت جا مختلف پاسا رئوف نظاماڻي سنڌ جو امله هيرو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو. هي ڪتاب محمد ابراهيم جويو جو ترتيب ڏنل آهي ۽ ۲۰۰۶ ۾ شائع ٿيو هو. هن وقت هي ڪتاب سنڌ سلامت جي ويب سائيٽ تي موجود آهي. هن ڪتاب ۾ مختلف ليکڪن، جن مان ڪي تاج محمد ابڙو سان ذاتي طور لاڳاپيل ۽ سندس دوست رهيا آهن ۽ ڪن رڳو سندس نالي ۽ ڪم متعلق ٻڌو آهي، سندس زندگي جي گھڻن پاسن متعلق لکيو آهي. تاج محمد پاڻ ڪڏهين ڪجھ به نه لکيو. جيڪڏهين ڪير کيس لکڻ لاء چوندو هو ته هو هٿ مٿي ڪري بيهي رهندو هو. پر ڪتاب جي مختلف مضمونن مان خبر پئي ٿي ته هو پاڻ هڪ گھڻ پاسائتي شخصيت جو مالڪ ۽ گھڻو پڙهيل لکيل ماڻهو هو. شروع ۾ ڪجھ عرصو استاد به رهيو. ان ڪري محمد ابراهيم جويو کيس پنهنجو هم پيشه چئي ٿو. صحافت سان سندس واسطو رهيو. هن ڪراچي ۾ ڪجھ عرصو الوحيد ۾ سب ايڊيٽر جي حيثيت ۾ نوڪري ڪئي ۽ ريڊيو ۾ انائونسر ٿي رهيو. نوجوان جي نالي سان پنهنجي هفتيوار اخبار به جاري ڪيائين جنهن جو ايڊيٽر اياز قادري هو پر مالي ڏکيائين جي ڪري گھڻي عرصي تائين ان کي جاري نه رکي سگھيو. ڪراچي ۾ سندس واسطو ڪميونسٽ پارٽي سان رهيو. هو اڳوڻي لائيٽ هائوس سينيما ويجھو پارٽي جي آفيس ۾ به ويندو هو. اتي هو. جمال بخاري، سوڀو گيانچنداڻي ۽ ٻين سان مليو. هو قادر بخش نظاماڻي کي پنهنجو استاد ڪري ليکيندو هو. هن مزدورن ۾ پارٽي جو ڪم به ڪيو پر قانون جي تعليم حاصل ڪرڻ کاننپوء لاڙڪاڻي هليو ويو جتي مختلف وڪيلن سان انهن جي جونيئرطور ڪم ڪيائين. لاڙڪاڻي ۾ جيئن ته گھڻا ڪارخانا ۽ مزدور نه هئا ان ڪري هتي موٽڻ کانپوء هن هارين ۾ ڪم ڪرڻ کي ترجيح ڏني ۽ حيدر بخش جتوئي سان سندس تعلق ٿيو. ساڳي وقت ڪميونسٽ پارٽي سان ڄڻ سندس واسطو هوندو ئي هو ۽ اهي مٿس اعتماد ۽ ڀروسو ڪندا هئا. اياز قادري پنهنجي مضمون ۾ ٻڌائي ٿو ته جڏهين مشهور ڪميونسٽ اڳواڻ حسن ناصر عتاب هيٺ ۽ روپوش هو ته ڪجھ ڏينهن لاء تاج محمد ابڙو جي اوطاق تي رهيو هو ۽ هن ڪنهن ڊپ ڊاء کانسواء کيس اتي رهايو هو. پر لڳي ائين ٿو ته لاڙڪاڻي موٽڻ کانپوء ان جي باوجود ته سندس تعلق حيدربخش جتوئي سان هو عملي سياست سان سندس واسطو ختم ٿي ويو هو. شروع ۾ ڪجھ عرصو سياست ۾ سرگرم رهڻ کانپوء هن وڪالت جو پيشو اختيار ڪيون. ائين چئي سگھجي ٿو ته تنظيمي طور سندس ڪنهن به سياسي ڌر ۽ جماعت سان واسطو نه رهيو. سنڌي ادبي سنگت کي هڪ مرڪز ڏيڻ ۾ به هن هڪ ڪردار ادا ڪيو. تنوير عباسي پنهنجي مضمون ۾ ٻڌائي ٿو ته هن رشيد ڀٽي ۽ مقبول ڀٽي اهو سوچيو ته مختلف جاين تي ڌار ڌار ادبي گڏجاڻيون ٿين ٿيون پوء ڇو نه انهن کي هڪ مرڪز تي گڏ ڪجي. ان وقت کين اهو موقعو لاڙڪاڻي ۾ جميعت الشعراء جي ڪانفرنس جي دعوت ملڻ سان هٿ اچي ويو. ان ڪانفرنس ۾ گھڻا هم خيال ليکڪ وغيره موجود هئا. ڪانفرنس کانپوء تاج محمد ابڙو اسان جي گڏجڻ جو انتظام پنهنجي جاء تي ڪيو جتي اسان گڏ ٿياسين ۽ سنگت جي نئين سر تنظيم ڪئيسين. اهڙي ريت اياز قادري ٻڌائي ٿو ته انهن ڏينهن ۾ لاڙڪاڻي ۾ لطيف ڊي جو هڪ شاندار پروگرام ڪيوسين جنهن جو سڄو خرچ ته تاج محمد پاڻ ڪيو پر ان جو سڄو ڪريڊٽ اياز قادري کي ڏنائين. . ان وقت لاڙڪاڻي ۾ سياسي ۽ ثقافتي لحاظ کان گھڻي سرگرمي ۽ گهما گهمي هوندي هئي. اياز قادري ٻڌائي ٿو ته شام جو مختلف جاين تي مختلف ماڻهن جون ڪچهريون ٿينديون هيون جن ۾ شهر ۽ ٻاهر جا گھڻا ماڻهو شريڪ ٿيندا هئا. لاهورين ۾ حاجي امير علي جي ڪچهري، پوسٽ آفيس جي سامهون عبدالغفور ڀرڳڙي جي ڪچهري، اسٽيشن جي ڦاٽڪ لڳ قاضي فضل الله جي ڪچهري، ٿورو هيٺ عبدالفتاح ميمڻ جي ڪچهري ۽ اهڙي ئي هڪ ڪحهري ٽائون ٿاڻي لڳ تاج مجمد ابڙو جي به هوندي هئي جيڪا انهن سڀني کان منفرد ۽ نرالي هوندي هئي. ان ڪچهري ۾ نه رڳو لاڙڪاڻي پر ٻين شهرن ۽ علائقن جا مختلف خيالن ۽ طبقن جا ماڻهو اچي شريڪ ٿيندا هئا ۽ چانه جي ديڳڙي هميشه گرم هوندي هئي. ان ڪچهري ۾ ڪڏهين ڪڏهين ذوالفقار علي ڀٽو، جنهن جي تاج محمد سان ويجھڙائي هوندي هئي ۽ هو مختلف معاملن ۾ ساڻس صلاح مشورا به ڪندو هو، اچي ويهندو هو. پڙهڻ سان کيس شروع کان ئي دلچسپي هئي. ڪراچي ۾ محمد ابراهيم جويو سان سندس تعلق جڙيو. هن کيس مختلف ڪتاب پڙهڻ لاء ڏنا. هو ٻڌائي ٿو ته ان وقت ٿنڪرس لائبريري جي سلسلي جا انگريزي ڪتاب ولايت ۾ ڇپجي سڄي دنيا ۾ شائع ٿيڻ لڳا هئا ۽ سنڌ ۾ به اچڻ لڳا هئا. انهن جي قيمت هوندي هئي اٺ آنا، ٻارنهن آنا في ڪتاب ۽ وڌ ۾ وڌ روپيو، ٻه ۽ جيستائين ۱۹۴۷ تائين تاج محمد ڪراچي ۾ رهيو ۽ پوء به جيستائين انهن ڪتابن جو سلسلو جاري رهيو تيساتئين اسين ٻيئي پاڻ ۾ انهن ڪتابن جي عشق ۾ ڀائيوار رهياسين. جڏهين پاڻ ۱۹۸۵ ۾ نوڪري تان رٽائر ڪيائين ته ڀيٽ ڪرڻ سان خبر پيئي ته ثنڪرس لائبريري جا جيترا ٽيهارو کن ڪتاب مون وٽ موجود هئا اوترا وٽس به هئا. اهڙي ريت ٽائيم ميگزين وٽس باقاعدي ايندو هو. وٽس ڪتابن جو چڱو خاصو ذخيرو هو. هو پوء وڪالت ڇڏي ذوالفقار علي ڀٽو جي چوڻ تي ايڊيشنل سنشن جج ۽ پوء سيشن جج ٿي رٽائر ٿيو. جج ٿيڻ کانپوء به سندس پنهنجن دوستن ۽ ٻين ماڻهن سان ساڳيو ورتاء هوندو هو. اياز پنهنجي مضمون ۾ ٻڌايو آهي ته جڏهين تاج محمد جي سکر ۾ تعيناتي هئي ته سندس ساڻس ڪجھ ذاتي ڳالهين تي اختلاف ٿيا هئا جيڪي پوء حل ٿي ويا هئا. جج هئڻ دوران به سندس طور طريقن ۾ گھڻو فرق نه آيو هو. سندس ڪوشش هوندي هئي ته عام ماڻهو کي انصاف ملي ۽ فائدو پهچي. ساڳي ريت شام جو سندس ڪچهري ٿيندي هئي. رٽائر ٿيڻ کانپوء آبهوا جي ڪري هن ٺٽي ۾ رهائش اختيار ڪئي پر لاڙڪاڻي سندس اچ وڃ هوندي هئي. هڪ ڀيري ٺٽي ۽ لاڙڪاڻي جي وچ ۾ سندس گھر وارن کان ڦر ٿي. ملزمن جي پڪڙجڻ کانپوء جڏهين تاج محمد جي گھر وارن کي سامان ڏيکاريو ويو ته هن کين خاص هدايت ڪئي ته رڳو اهو سامان کڻو جيڪو اوهان جو آهي. ان سامان مان ڪجھ به انهن جو نه هو ۽ اهو سامان ائين واپس ٿي ويو. ائين چئي سگھجي ٿو ته هو اهڙو شخص هو جنهن کي هڪ مثال طور پيش ڪري سگھجي ٿو. (رئوف نظاماڻيءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۴ آگسٽ ۲۰۲۲ع تي کنيل) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو تاريخ جو سرمايو فقير محمد سنڌي سنڌ جي اهم شخصيت ڪامريڊ تاج محمد ابڙو پنھنجي زندگيءَ ۾ قومي ۽ ثقافتي اهڃاڻن کي دلي داد به ڏنو ۽ ان قومي ڪردار کي تاريخ ۾ نئون موڙ به ڏنو. تاريخ ۾ تمام ٿورا فرد آهن جن قومن جي جاڳرتا کي پنھنجي زندگيءَ جو حصو سمجهي حقيقي رخن کي سماج اندر تبديليءَ، خوشحاليءَ جو پيڪر ڏئي سجاڳي جي دڳ لاٿو آهي. هي سر موڙ انسان جيڪو سدائين سنڌ جي تاريخ جو سرمايو رهندو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ۲- آگسٽ ۱۹۲۴ع تي ضلعي لاڙڪاڻي جي اڳوڻي تعلقي شھدادڪوٽ ۾ جنم ورتو. بنيادي طور هر انسان پنھنجي علائقي مان تعليم حاصل ڪندو آهي، اهڙي ريت ڪامريڊ تاج محمد ابڙو به قنبر، لاڙڪاڻي ۽ ڪراچيءَ مان تعليم حاصل ڪئي. ماحول جي اثر ڪري ڪامريڊ کي سياست طرف قدم وڌائڻو پيو۽ اها دلچسپي وڌندي رهي جنھن جي ڪري ڪامريڊ تاج محمد ابڙي پنھنجي ديس واسين جي آسانيءَ سان خدمت ڪرڻ جو رستو ڳوليو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ۱۹۴۷ع ۾ لاڙڪاڻي مان وڪالت شروع ڪئي. تاريخ جا ورق ٻڌائين ٿا ته ڪامريڊ گهڻي ڀاڱي فوجداري ڪيسن کي اهميت ڏيندو هو، رنگ نسل کان هٽي ڪري هر آيل ماڻهوءَ جي دل کولي مھمان نوازي ڪندو هو. شھيد ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ سيشن جج مقرر ٿيو ۽ اهڙي عھدي هوندي هن مڙس مٿير ڪڏهن به پنھنجي فرض ۾ ڪوتاهي نه ڪئي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو بنيادي طرح سوشلسٽ ۽ جمھوري خيالن جو حامي رهيو، ان ڪري هاري ڪميٽيءَ ۽ ٻين ترقي پسند جماعتن ڏانھن رخ رکندو هو. ان لاءِ ڪامريڊ جي روح ۾ پنھنجي وطن جي حُب، زبان يعني ٻوليءَ جو اُلڪو مستقل طور تي رهندو هو. ڪلچر، قومي ڪردار تي سدائين سرخرو رهيو، سياسي ۽ اقتصادي مفاد جي اصولن تي ڪڏهن به سوديبازي ڪونه ڪيائين. سماجي زندگيءَ جا طور طريقا قومي ڪردار، آرٽ ادب ۽ فن لطيف ذريعي عام انسانن تائين بھتر نموني سان پھچايا ۽ پاڻ به سماجي زندگيءَ جي ڇانوَ ۾ تربيت حاصل ڪندو رهيو. هي لاڙڪاڻي جو انمول انسان، جديد ادب جي سجاڳي جي دولت، جج، وڪيل ۽ بھترين سياستدان جو تاج پنھنجي سِرَ تي رکي قوم جي خدمت ڪئي. سنڌ جي ڏاهي محمد ابراهيم جويو جا ڪامريڊ تاج محمد ابڙي لاءِ لکيل ڪجهه سِٽون اوهان جي نظر ته: ”منھنجي نظر ۾ تاج محمد ابڙو انساني معاشري جي هر ڀَلان ڀل ڀلمانس وانگر، پنھنجي مثالي زندگيءَ ۾ سڄو شعوري عمر جو عرصو ٽن ڳالهين کان پرهيز ۾ رهيو. ذاتي ۽ گروهي حرص هَوس کان نفرت ۽ وڏائي کان ۽ تاريڪ خياليءَ جي هر مونجهاري ۽ انتشار کان ۽ خالص ان ٽنهين منفي فڪر ۽ عملي آزار کان آزاد هجڻ سبب ئي سڄو وقت هُو سنڌ ۽ سنڌي قوم جي نجات لاءِ عوام دوست قومي انقلاب جي مقصد سان پوري محڪمتا سان واڳيل رهيو.“ تنوير عباسيءَ جون سِٽون جيڪي ڪامريڊ لاءِ لکيل آهن، مختصر طور تي: سنڌي ادبي سنگت جو ڪنوينشن سڏائجي، جنھن ۾ سڀني ادبي سنگتن ۽ سندن شاخن کي گڏ ڪري سنڌ سنگت کي زور وٺائجي ۽ ان جو دستور وغيره منظور ڪرائجي. اهوو روشنيءَ جو پھريون ڪرڻو هو، جيڪو ون يونٽ جي اونداهي دؤر ۾ تاج ابڙي جي اوطاق مان ڦُٽو ۽ سڄي سنڌ کي جرڪائي ڇڏيائين. تاج محمد ابڙو وڪيل هو، پر وڪيل کان وڌيڪ دانشور هو. ادب، تاريخ، فلسفو سڀ پڙهندو هو، دوستن سان بحث ڪندو هو، لکيائين هڪ لفظ به ڪونه، پر پڙهيو به گهڻو ته ڪڙهيو به گهڻو. هو نه رڳو پڙهڻ وارو هو، پر ڪڙهڻ وارو به هو. هاري تحريڪ، نيشنل عوامي پارٽي، سنڌ عوامي محاذ ۽ بعد ۾ پ پ ۾، مطلب ته جيڪا به تحريڪ سنڌ جي پيڙهيل طبقن جي ڀلائيءَ ۽ آجپي جي لاءِ هئي، ان ۾ ڀرپور حصو ورتائين. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي زندگيءَ مان صاف ظاهر آهي ته هو سنڌي ڪلچر، جمھوريت جي رستي جو حامي هو، جنھن موجب هرهڪ انسان، قوم، مذهب ملڪ ۽ نسل جي جداگانه وجود ۽ حق خوداريءَ جو طرفدار ٿي رهيو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي پنھنجي زندگيءَ ۾ سمجهي ورتو هو ته جنھن وٽ طاقت آهي اهو تشدد جو حامي آهي. ان لاءِ ڪامريڊ کي طاقت هوندي به انسان ذات لاءِ گڏيل ڀائپي وارو پيڙهه جو پٿر رهيو. اهو پيڙهه جو پٿر سندس اوطاق هئي جتان سياسي ۽ ادبي دوست پنھنجي راهه هموار ڪري اڳتي وڌندا هئا. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي اوطاق شعور جي لاٽ کان گهٽ ڪونه هئي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو پنھنجي پيءُ ماءُ جو سڪيلڌو پُٽ هو پر پيءُ جي پرورش نه ملي سگهيس. ڀيڻ فاطمھ جي گهر گُذاريو. دنيا جا اُهي ٻارَ عظيم ٿيندا آهن، جن کي پيءُ ماءُ جي پرورش نه ملندي آهي، تمام گهڻا مثال منھنجي نظر ۾ آهن پر مضمون ۾ ڊيگهه گهڻي ٿي ويندي. مولانا جلال الدين رومي جي مثنوي مان ڪامريڊ تاج محمد ابڙي لاءِ ته، دل جو آئينو صاف ڪراءِ، ۽ ڪامريڊ جي دل جو آئينو بلڪل صاف هو. روميءَ چيو ته، جيڪي ڪنھن به ڪتاب پڙهڻ ۽ هنر سکڻ جا محتاج نه آهن، مگر انساني دلين کي لوڀ، ڪنجوسائي ۽ کوٽاين کان پاڪ ڪري ڇڏيندا آهن. جيئن سِپَ پنھنجي اندر ۾ سچا موتي سمائي چپ چاپ آرام ۾ پيئي رهي ٿي. تيئن اهڙي ڀرپور دل به راحت جي سمنڊ ۾ بي فڪري سان پيئي رهي. سپ کي ٽوٻن جي دست درازيءَ جو کٽڪو رهي ٿو، پر ان ڀرپور دل تي موت به غالب پئجي نٿو سگهي. واقعي ڪامريڊ تاج محمد ابڙي تي موت غالب نه رهي سگهيو، جسماني طور تي ڪامريڊ ۱۰- مارچ ۱۹۸۶ع تي لاڏاڻو ڪيو، پر پنھنجن دوستن ۽ تاريخ ۾ ڪامريڊ امر انسان آهي. (ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۱ مارچ ۲۰۲۳ع تي ڇپيل) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ساڃاهوند ساربان منظور ڪوهيار لاڙڪاڻي جو اڄوڪو جناح باغ، جيڪو ميرن جي زماني ۾ چانڊڪا پرڳڻي جي گورنر نواب ولي محمد جو باغ هو. سندس وفات ۱۸۳۸ع کان پوءِ نعش امانت طور رکرائي، مٿائنس تجر ٺهرائي وئي. جنهن جي ڪري اهو باغ تجر باغ نالي به سڏجڻ لڳو. انگريزن جي ايامڪاريءَ ۾ لاڙڪاڻي جي هڪ هڏڏوکي انسان ’ريجهو مل لاهوري‘ وبائي بيماري ۾ مبتلا ماڻهن جي خدمت ڪندي پراڻ ڏنا، ته سندس ياد ۾ ان دؤر جي ميونسپل ڪاميٽي، تجر باغ جو نالو ڦيرائي ريجهو مل پارڪ رکي ڇڏيو. ۱۹۴۷ع کانپوءِ اهو پارڪ به پاڪستاني بڻجي جناح باغ بڻجي ويو. پر اهو هنڌ انگريزن جي دؤر کان وٺي اڄ تائين لاڙڪاڻي واسين لاءِ هائيڊ پارڪ جهڙي حيثيت رکندو آيو آهي، جتي سياسي، سماجي، ثقافتي، مذهبي ۽ ادبي ميڙاڪا مچندا رهيا آهن. ۱۹۶۵ع ۾ آءٌ ڏهن سالن جو هيس، پاڪستان ۽ هندستان جي جنگ لڳي، سترهن ڏينهن کان پوءِ لاڙڪاڻي جي سڀني اسڪولن جي ٻارن کي جناح باغ ۾ آڻي، ’ايمان افروز جلسن‘ ۾ زوري شرڪت ڪرائي وئي، جيئن اڄڪلهه ڪرائي ويندي آهي، مون به پرائمري اسڪول جي شاگرد جي حيثيت سان شرڪت ڪئي، اڄ تائين اهو قومي گيت ياد آهي، جيڪو بک ۽ اُڃ تي استادن دڙڪا ڏئي ياد ڪرايو هو. اي خطئه لاهور تيري جانثارون ڪو سلام جڏهن ٻارهن تيرهن سالن جي عمر ٿي، ته گھر جا ڀاتي سودو سلف، گوشت مڇي وٺڻ لاءِ شهر موڪلڻ لڳا. جيڪڏهن پاڪستاني چونڪ يا مڇي مارڪيٽ وڃڻو هوندو هيو، ته لاهوري محلي کان گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڏانهن رخ ڪبو هو، پوءِ سول اسپتال ۽ آخر ۾ جناح باغ مان وچ ڪري منزل مقصود تي پهچبو هو. جناح باغ مان گذرندي رنگ وار (تاش راند جو هڪ قسم) کيڏندڙ ٽولن جا هوڪرا، مدارين جا ڪرتب، مشڪرن جو مشڪريون، سياسي، سماجي، ۽ ادبي جلسن کي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جا موقعا فراهم ٿيندا هيا. ڪڏهن ڪڏهن اهڙن جھميلن ۾ ڀاڄي وٺڻ به وسري ويندي هئي. پوءِ جڏهن خالي ڇلي سان گھر پهچبو هو ته گھر وارن جي دڙڪن ۽ دهمانن سان منهن ڏيڻو پئجي ويندو هو. مون جن شخصيتن کي جناح باغ ۾ ڏٺو ۽ ٻڌو، انهن ۾ قاضي فضل الله، محمد ايوب کهڙو، مولانا محمد قاسم مشوري، نصير الجتهادي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، عبدالغفور ڀرڳڙي، ممتاز علي ڀٽو، عبدالوحيد ڪٽپر، عبدالرزاق سومرو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ جمال الدين بخاري، ڪامريڊ تاج محمد ابڙو وغيره وغيره. ٻن شخصيتن جي تقرير جو انداز ڏاڍو منفرد هيو، هڪ ڪامريڊ جمال الدين بخاري جي تقرير،جيڪا باهه جي شعلي جيان ڀڙڪيلي هوندي هئي، ۽ ٻيو ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي تقرير جيڪا نار جي لوٽين جيان ٿڌي ۽ مٺي پاڻيءَ جهڙن لفظن جي پالوٽ ڪندي هئي. ايوبي آمريت جي خلاف جناح باغ يا غريب مقام ۾ پرجوش ۽ ٽوڙ ڦوڙ وارا جلسا ٿيندا هيا، پيپلز پارٽي جي جيالي مقرر عبدالوحيد ڪٽپر جي تقرير ٻڌڻ کان پوءِ، نوجوان واپس گھر ورندي ڪنهن نه ڪنهن سرڪاري دفتر جو بورڊ پٽيندا يا تعليمي ادارن جي دروازن ۾ لڳل شيشن کي پٿرن يا سروٽن سان چٽي پنهنجي نفرت جو اظهار ڪندا هيا. پر ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي تقرير ڏاڍي مدلل ۽ ملڪ جي ٻرندڙ مسئلن تي هوندي هئي، جيڪا جوش کان وڌيڪ هوش ۾ رهڻ ۽ سوچڻ تي مجبور ڪندي هئي. صدر ايوب ويو، يحيٰ آيو. ۱۹۷۰ع واري اليڪشن ٿي. اوڀر پاڪستان ۾ شيخ مجيب الرحمان کٽي ۽ اولهه ۾ ذوالفقار علي ڀٽي صاحب. پوءِ سياسي رساڪشي شروع ٿي. فوجي آپريشن شروع ٿيو. اوڀر پاڪستان جي بنگالين مزاحمت ڪئي. الشمس و البدر ۽ مڪتي باهني ٺهيون. اڳتي هلي۱۹۷۱ع ۾ هندستان ۽ پاڪستان جي جنگ لڳي ته جناح باغ ۾ چهل پهل وڌي وئي. خاڪسار تحريڪ قوم کي هوشياري وٺرائي، ’آگي چل پيڇي چل‘ واري پريڊ ٿيڻ لڳي، ٻيو ته ٺهيو شاهي بازار جي شيخ دوڪاندارن به جناح باغ ۾ ٽريننگ وٺڻ شروع ڪئي ۽ ظاهر ظهور گھاٽي جو سودو ڪيو. پر يحيٰ ميدان ڇڏي، جهنگلن ۽ درياهن ۾ وڙهڻ جو اعلان ڪيو ته شيخ صاحبن جو جوش ۽ جنون به ختم ٿي ويو . پر جي اها جنگ وڌيڪ هلي ها ته وڏو ڪِنُ ٿي ها. منهنجو ڪو ٻيو مطلب ڪانهي، سواءِ انهي جي ته شاهي بازار جا شيخ هڪ سياڻا ڪانوَ ۽ ٻيو ٿين ها جنگجو شاهين ته ڇا ٿا سمجهو!؟ جنگ جي خاتمي کان پوءِ ڀٽو صاحب اول صدر بڻيو ۽ پوءِ وزيراعظم ٿيو. جناح باغ ۾ شور وڌي ويو. جهڙوڪ ابن الوقت برساتي ڏيڏرن جو زمانو اچي ويو، جنهن جو گھر ۾ وٽي تي به نالو نه هوندو هو، سو جناح باغ جي اسٽيج تي چڙهي گھٽ ۾ گھٽ ڏيڍ لک برادري يا پنهنجي قوم سان پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيندو هو.جناح باغ جي اندر ٽائون هال جي عمارت نيشنل سينٽر بڻي. مرحوم خادم حسين شاهه بخاري ريزيڊيٽ ڊائريڪٽر ٿيو. هفتي ۾ گھٽ گھٽ ٽي چار سياسي سماجي پروگرام ٿيندا رهيا. انهيءَ دؤران مون ٻن ماڻهن ۾ تبديلي نه ڏٺي، هڪڙو هيو ڪامريڊ جمال الدين بخاري ۽ ٻيو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو. مون ڪڏهن به ڪامريڊ تاج محمد ابڙي کي درٻاري انداز ۾ تقرير ڪندي يا گٿا لفظ ڳالهائيندي نه ٻڌو ۽ سندس انداز اهو ئي مختصر مگر جامع ۽ پرفضيلت رهيو. جڏهن ته برساتي ڏيڏر ان زماني ۾ آپي کان ٻاهر هوندا هيا، اجايو سجايو پيا واڦيندا ۽ ٽان ٽان ڪندا رهندا هيا. جيڪڏهن انهن تي لکجي ته اها به جهڙوڪ لاڙڪاڻي جي سياسي ۽ سماجي تاريخ بڻبي. تاج محمد ابڙي جي ڪچهرين جو چوٻول اُن دؤر ۾ چڱن ماڻهن جي وٽان ٻڌبو هيو ته سندس اوطاق لاڙڪاڻي جو علمي ۽ ادبي مرڪز آهي. پر شرڪت ڪرڻ جو ڪڏهن به موقعو نصيب نه ٿيو، البت کيس نوڙي سلام ڪرڻ ۽ ملڻ جا ڪيترائي موقعا نصيب ٿيا ۽ ڪامريڊ هميشه مشفقانه ۽ پدرانه انداز ۾ ملندو رهيو. ۱۹۷۲ع جي دؤران نيشنل سينٽر جي آڊيٽوريم هال ۾، جڏهن مون ڪامريڊ تاج محمد کي مسلسل غير حاضر ڏٺو ته ڪامريڊ جمال الدين بخاري کان پڇيم: ’سائين ڪامريڊ تاج محمد صاحب نظر نه ٿو اچي اڄ ڪلهه؟‘ ٻڌايائين ته ڪامريڊ جج ٿي سکر پهتو آهي. پوءِ لاڙڪاڻي ۽ خصوصن جناح باغ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي ڪمي کي ڏاڍو محسوس ڪيو. ۱۹۷۹ع جو پرآشوب دؤر هيو. ضيائي مارشل لا عروج تي هئي، لاڙڪاڻي ۾ ڪنهن مسڪين جو اڳٺ اتفاق سان لڙڪي پوندو هو ته مارشلائي قانون جي ضد ۾ اچي ويندو هيو. اسٽيشن روڊ تي هڪ عجيب و غريب هوٽل کليو، نالو هيس تماچي ــــ اندرگھڙبو هو ته چار پنج ٿري چوئنرا ٺهيل هوندا هيا.۽ هر چوئنري اندر ڏهه ٻارنهن ڪرسيون پيون هونديون هيون شهر جا اڪثر کاٻي ڌر سان سلهاڙيل جوشيلا نوجوان ۽ نام نهاد ڪامريڊ پنهنجا پنهنجا ٽولا ٺاهيو ويٺا هوندا هيا. سندن ڀرسان انٽيليجنس جا ماڻهو به ڪن اوپڙا ڪيون ويٺا هوندا هيا. انهن چوئنرن جي اندر تيز تند ۽ ڪڏهن ڪڏهن سنجيدگي سان ستايل قوم کي جاڳائڻ جون تدبيرون ٿينديون هيون . انهن ٽولن ۾ هڪڙو ٽولو ڪامريڊ روشن شيخ جي ارد گرد به ويٺو هوندو هيو. ڪامريڊ روشن شيخ به عجيب اڌ راتي ڪردار هيو. جيڪو رات جو جاڳندو ۽ ڪم ڪرڻ جي مهل سمهي پوندو هيو. جنهن تي ڪڏهن نه ڪڏهن ضرور لکبو، اُهو هميشه اُنهن ماڻهن کي پنهنجي تنقيد جو نشانو بڻائيندو هيو، جن ڀٽي صاحب جي دؤر ۾ نوڪريون ورتيون. انهن ۾ خاص ڪري شيخ اياز ۽ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ٽارگيٽ هوندا هيا. مون به جڏهن سندس تنقيد ٻڌي ته اثر ورتو. هڪ ڏينهن بيڪر روڊ، پوءِ قائد عوام روڊ ۽ هاڻي عرف عام قائم شاهه بخاري روڊ تان لنگھندي ڪامريڊ جمال الدين جي منهن چڙهي ويس. مون تي ڪامريڊ روشن شيخ جو نئون نئون اثر هيو، سو ان حوالي سان سوال ڪري وڌم. ڪامريڊ جمال الدين نڪا ڪئي هم، نه ڪا ڪئي تم، هٿ کان ڇڪي گھر وٺي ويو، گھر جي بيٺڪ ۾ ويهاري چيائين؛ ”هاڻي چئو.“ مون چيو: ”سائين اڄڪلهه اِها عام تنقيد آهي ته ترقي پسندن ڀٽي صاحب جي زماني ۾ نوڪريون وٺي نظرياتي غداري ڪئي آهي.“ ”مثلن؟“ ”شيخ اياز ۽ تاج محمد ابڙي وغيره“ ”ٻڌ، ڪامريڊ تاج محمد ابڙي مون کان پڇيو هو ته ذوالفقار علي ڀٽو چاهي ٿو ته آءٌ ڪو منصب وٺان، تنهنجي ڇا راءِ آهي؟خبر ٿي مون ڇا چيو؟“ ”ڇا چيو؟“ ”مون چيو وڃي جج ٿيءُ، غريب ۽ مظلوم ماڻهن جي داد رسي ڪر، پوءِ هو جج ٿي ويو.“ مون وراڻيو؛ ”ڪامريڊ، پوءِ ته اُهو کاٻي ڌر وارن تي ليبل لڳندو ته هو پنهنجيون خدمتون ڪيش ڪرائن ٿا“. ڪامريڊ وراڻيو: ’اها ڳالهه ته ٻڌاءِ، جي ساڄي ڌر وارا پنهنجا ماڻهو سرڪاري ادارن ۾ موڪلن ته صحيح، جي اسان موڪليون ته غلط!؟ هن وقت سرڪاري شعبن ۾ وڌ ۾ وڌ ساڄي ڌر جا ماڻهو ويٺا آهن. ان ڪري جيڪي به پاليسيون ٺهن ٿيون، اُهي رجعت پسندانه آهن. اِن جو ٽوڙ اِهو آهي ته اسان جا ماڻهو به هر شعبي ۾ هجڻ گھرجن.“ مون کي ڪامريڊ روشن جو ڏنل بخار هيو، ڦيرائي سوال ڪيو مانس: ”پر جيڪڏهن اُهي موڪليل ماڻهو سرڪاري يا درٻاري ٿي وڃن ته ڇا اُهي نظريي سان سچا رهي سگھن ٿا؟“ ”اڙي ...! جڏهن رجعت پسندن جا ماڻهو پنهنجن سان سچا آهن، ته اوهان پنهنجن تي شڪ ڇو ٿا ڪيو...؟ ۽ ڪن کولي ٻڌي ڇڏ، ته هي جيڪو به ڀٽي صاحب سان ٿئي پيو، ان جو سبب اهو ئي آهي، ته اهم ادارن ۾ رجعت پسندن جو تعداد وڌيڪ آهي.“ ڪامريڊ اهو ٻڌائيندي جڏهن مونکي سواليه نگاهن سان ڏٺو ته مان لاجواب ٿي ويس. ۽ ذوالفقار علي ڀٽي سان ٿيندڙ عقوبتن جو سبب سمجهه ۾ اچي ويو. ۽ پوءِ مون کي احساس ٿيو ته ان وقت اِها ترقي پسندن جي حڪمت عملي هئي ته ائين ڪجي ۽ اُن حڪمت عملي سان ڪيترو نڀايو ويو، اِهو هڪ الڳ بحث آهي. پر اِها حقيقت آهي ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙي خوب نڀايو ۽ ابڙو وڏوڙو ٿي ڏيکاريو. ان جي شاهدي سنڌ جي معتبر شخصيت ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي به ڏئي ٿو: ”ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي زندگي جو مقصد هيو، ستل معاشري کي جاڳائڻ ۽ مظلوم ماڻهن جي داد رسي ڪرڻ ــ هُـو وڪيل هيو ته به ان راه تي گامزن هيو ۽ جج ٿيو ته به ساڳي مقصد جي تحت زندگي گذاريائين. سنڌ ۾ جيڪڏهن اهڙا ڪميٽيڊ ماڻهو سؤ کن به هجن ها ته معاشري ۾ انقلاب برپا ٿي سگھي پيو.“ مرحوم اياز قادري پنهنجي نجي ڪچهرين ۾ اسان کي ٻڌائيندو هيو ته لاڙڪاڻي ۾ جيڪا ترقي پسند ادب جي شمع روشن آهي، سا سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي جي پهرين سيڪريٽري جي حيثيت سان ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي ٻاريل آهي. ڪي ماڻهو اِهو به ڍيڪ ڏيندا آهن ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙي سنڌي ادبي سنگت جي باني مباني هوندي به ڪجهه نه لکيو. ته اِن جو تز جواب اِهو آهي ته ڪامريڊ ادب دوست ۽ ادب پرور اڳواڻ هيو. جتي ادب دوست ۽ ادب پرور اڳواڻ هوندا آهن، اُتي ئي سرجڻهارن ۽ تخليقارن جا قافلا روان دوان هوندا آهن. ۸ آگسٽ ۱۹۲۴ع ۾، هي شهدادڪوٽ ۾ ڄائو، زندگيءَ جي آخري گھڙين تائين پنهنجي ذهن ۽ ضمير سان سچو رهيو. سچ پڇو ته لاڙڪاڻي جي ترقي پسند اديبن کي ۱۰ مارچ ۱۹۸۶ع تي سندس وڇوڙي کان پوءِ اِهو شدت سان احساس ٿيو ته ساڃاهوند ساربان کان سواءِ معاشرتي رڃ جو سفر ڪيڏو نه ڏکيو هوندو آهي. ** ڪامريڊ تاج محمد ابڙو هڪ امر انسان جي امر ڪهاڻي ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ اڄ بحرانن جي دؤر ۾ ويچاري انسان کي جنهن ڳالهه سڀ کان وڌيڪ حيران ۽ پريشان ڪيو آهي، اها سندس ”نظرياتي بيهڪ“ آهي. اسان مان هرڪو صبح جو هڪ خيال جو آهي ته منجهند جو ٻي ڳنڍ ٻڌي بيهي ٿو. چيو ويندو آهي ته سانڊو گهڙيءَ پل ۾ رنگ بدلائي ٿو، ليڪن اڄ جو انسان نظرياتي حوالي سان ويٺي ويٺي الائي ڪيترا رنگ بدلائي وڃي ٿو! هيءَ ڳالهه اسان کي سياستدانن ۾ چٽيءَ طرح نظر ايندي. سياستدان جنهن پارٽيءَ ذريعي سياست جي ميدان ۾ ايندو، اها ڪپڙن بدلائڻ واريءَ ويرم کان به اڳ مٽائي، ڪنهن ٻيءَ پارٽيءَ ۾ شامل ٿي ويندو. اهو ئي سبب آهي، جو سياستدانن کي اڪثر ڪري ”ڍنڍ جا پکي“ به چيو ويندو آهي، جيڪي ڪڏهن هڪڙيءَ ڀر تي هوندا آهن ته ڪڏهن ٻيءَ ڪنڌيءَ تي هوندا آهن. هي نظرياتي خلفشار ڇو پيدا ٿيو آهي؟ ماڻهو پنهنجن پيرن تي بيهڻ لاءِ تيار ڇو نه آهي؟ انسان جو پنهنجي نظريي ۾ ايمان ڇو نه رهيو آهي؟ هي اسان جي دؤر جو اهم سوال آهي. جڏهن اڳواڻن جو اهو حشر وڃي رهيو آهي ته عام ماڻهوءَ جي نظرياتي بيهڪ ڪهڙي هوندي؟ هن سوال جو هڪڙو ئي جواب آهي. اهو هيءُ ته عوام اڳيان ”آدرش“ جو تصور آهي ئي ڪونه. ماڻهن کي ڪو اهڙو مثال ئي نٿو ملي، جنهن کان متاثر ٿي هُو پنهنجي حياتي انهيءَ انسان وانگر گذارين. پر هن ۾ ڏوهه ڪنهن جو؟ ڇا سنڌ ڀلا انسان پيدا ڪونه ڪيا آهن، جن کي ”مثالي“ چئي سگهجي؟ نه، ائين ڪونه آهي. سنڌ ته هر دؤر ۾ اهڙا آدرشي انسان پيدا ڪيا آهن، جيڪي پنهنجي وجود ۾ انجمن هئا، پر بد قسمتيءَ سان نه ته اسين انهن جا وارث ٿيڻ لاءِ تيار آهيون ۽ نه وري وس وارن اسان کي انهن آدرشن جي حياتيءَ کان باخبر ڪيو. ڪيڏي نه ڏک جي ڳالهه آهي ته مغربي ملڪن ۾ شخصيتن تي ڪم ڪرڻ لاءِ بين الاقوامي اهميت ۽ نوعيت وارا ادارا قائم ڪيا ويا آهن ۽ انهن ۾ دنيا جهان جي عالمن، اديبن، شاعرن، دانشورن ۽ مفڪرن وغيره بابت احوال ڪٺا ڪري شايع ڪيا وڃن ٿا، ليڪن سنڌ ۾ ڪوبه اهڙو ادارو ڪونهي، جيڪو اسان کي ٻڌائي سگهي ته هن ڌرتيءَ ڪهڙا ڪهڙا نه وڏا ماڻهو پيدا ڪيا آهن. جنهن قوم کي آدرش اکين ۾ نه هوندا آهن، اها قوم بي دڳي ٿي پوندي آهي. اها قوم اهڙي حال کي پهچندي آهي، جنهن کي اسين پهچي چڪا آهيون. هن وقت اسان اڳيان ”ڪامل شخصيت“، ”ڀلي انسان“ ۽ ”آدرشي ماڻهوءَ“ جو ڪوبه تصور ڪونهي، ان ڪري ڌارين آدرشن مان ڪنهن جي مُنڍي، ڪنهن جي زبان، ڪنهن جو دماغ ته ڪنهن جون اکيون کڻي اسين پاڻ کي ٺاهيون ٿا ۽ پوءِ حشر اهو ٿئي ٿو ته اسين ڪجهه به ٿي نٿا سگهون. سنڌ کي نظرياتي ڀونچال مان ڪڍڻ جو واحد طريقو هي آهي ته اسين نئين نسل اڳيان انهن انسانن کي مثال طور پيش ڪيون، جيڪي بي لوث ۽ پُرخلوص هئا، جيڪي هڪ ئي وقت تي وطن دوست به هئا ته عوام دوست به هئا، جن پنهنجيون حياتيون مثالي حيثيت ۾ گذاريون ۽ جن کي پڙهڻ ۽ محسوس ڪرڻ سان اسين به مثالي، ڀلا ۽ آدرشي انسان ٿي سگهون ٿا. اسان جا هي انسان اهڙا آهن، جن جي جتيءَ ۾ پير پئجي سگهي ٿو، ڇوته هو اسان مان هئا، اسان لاءِ هئا ۽ اسان جا هئا. پوءِ هيءَ ٻي ڳالهه آهي ته اسين کين پنهنجو نٿا ڪيون ۽ پنهنجو نٿا سمجهون. دنيا جهان جي ”وڏن انسانن“ تي نظر ڦيرائبي ته اهي هڪ يا وڌ ۾ وڌ زندگيِءَ جي ٻن شعبن ۾ سرگرم عمل نظر ايندا، ليڪن سنڌ اهڙا ماڻهو پيدا ڪيا آهن، جيڪي پنهنجي وجود ۾ انجمن هئا ۽ جن هڪ ئي وقت تي ڪيترن شعبن ۾ پاڻ ملهايو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو به انهن ۽ اهڙن ماڻهن مان هڪ هو. مرحوم هڪ ئي وقت تي ماهرِ قانون، علم دوست، سياسي شعور جو ڌڻي ۽ سماجي ڪارڪن ٿي رهيو ۽ هرهڪ شعبي ۾ مثالي ڪردار ادا ڪيائين. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو اهڙيءَ مقبول شخصيت جو مالڪ هو، جو سندس وفات کان پوءِ کيس ڪيترن دوستن ياد ڪيو آهي. نه فقط ايترو، پر انهن ماڻهن به قلم کنيو آهي، جن کيس تمام ويجهو ڪونه ڏٺو هوندو. ڪنهن به شخصيت جي مقبوليت جي ان کان وڌيڪ ٻي شاهدي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي ته کيس هن جهان ڇڏڻ کان پوءِ ياد ڪرڻ وارا گهڻا ماڻهو هجن. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي تي مون کان اڳ ڪيترن ئي قلم کنيو آهي، جن مان ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي، ڊاڪٽر اياز قادري، ڪامريڊ برڪت آزاد، انيس انصاري، ڊاڪٽر غلام علي سانگي، هدايت منگي، امان شيخ، شرف صديقي، محمد علي پٺاڻ، ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ، جي ايم سيد، ڪامريڊ ڄام ساقي، ڪامريڊ مير محمد ٽالپر، انور پيرزادي، ادل سومري، جسٽس نعيم الدين ۽ عنايت وارث جا نالا ذڪر لائق آهن. ٿيڻ ته ائين گهربو هو ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جهڙن انسانن جو ذڪر اسان جي نصابي ڪتابن ۾ هجي ها، پر نڌڻڪيءَ قوم جا اهڙا نصيب ڪٿي، جو ڪتابن ۽ اخبارن ۾ پنهنجي آدرشن جا احوال پڙهي سگهن. پر هيءَ ڳالهه به ڪنهن غنيمت کان گهٽ ڪانهي ته ڪامريڊ جي وفات کان پوءِ سندس مداح ۽ دوست مرحوم جي سوانح خواهه خدمتن تي ڪجهه نه ڪجهه لکندا اچن ٿا ۽ اهو اخبارن ۾ ڇپبو رهي ٿو. منهنجي خيال ۾ هاڻي ”تاج محمد ابڙو يادگار ڪاميٽي“ کي اهي سمورا مضمون ميڙي ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرائڻ گهرجن، پر شايد هن ڪاميٽيءَ لاءِ اهو مسئلو پيدا ٿئي ته ڪهڙو فرد يا ادارو ان جي مالي يا اخلاقي مدد ڪندو؟ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي کي مون ڪڏهن به روبرو ڏٺو ٻڌو نه، پر سنڌ جي تاريخ جي عاشق هئڻ جي ناتي سان مرحوم مون لاءِ اوپرو ڪونهي. مون کي ائين ٿو لڳي ته آءٌ سندس انهن ويجهن مان هڪ آهيان، جن ساڻس گڏ گذاريو هجي. جيڪڏهن مون کي سندس ڪا صحبت نصيب نه ٿي ته منهنجا بزرگ اديب ۽ شاعر ته ساڻس گڏ رهيا. محمد ابراهيم جويي، جمال ابڙي، شيخ اياز، رشيد ڀٽيءَ، ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌيءَ، مقبول ڀٽيءَ، اياز قادريءَ، ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ، انيس انصاريءَ، ڊاڪٽر سنديلي، شمشير الحيدريءَ ۽ نسيم کرل جيڪي ساڻس رهاڻيون ڪيون، انهن رهاڻين مان مون هن ريت رس ۽ چس ورتو، جو هنن مهربانن مان ڪنهن ته مون سان ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جا حوال ڪيا هوندا. ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي ۽ هري دلگير درياڻي هن وقت هتي ڪونه آهن، نه ته هُو به هن مرحوم ڪامريڊ بابت ڪيتريون ڳالهيون ٻڌائين ها، ڇوته اهي به سندس دوست رهيا. اديبن، شاعرن ۽ عالمن جون ڳالهيون نڪتيون آهن ته آءٌ اهو عرض ڪندو هلان ته اسان جي ڪامريڊ تاج محمد ابڙي ”ترقي پسند ادب“ جي تحريڪ ۾ جيڪو ڪردار ادا ڪيو، اهو اسان جي تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ آهي. سندس ئي ڪوششن سان لاڙڪاڻي ۾ ”سنڌي ادبي سنگت“ جي شاخ هلي. نه فقط ايترو، پر ”سنڌي ادبي سنگت“ سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي بنائڻ، سنڌي ثقافت کي بچائڻ ۽ ون يونٽ کي ٽوڙڻ لاءِ جيڪو به تحرڪ ورتو، ڪامريڊ تاج محمد ابڙو هر موڙ تي هن سنگت جو پهرين صف وارو ساٿي رهيو. ڪامريڊ ڪٿي به رهيو، هن علم ادب جي شمع کي ٻاري رکيو. لاڙڪاڻي ۾ رهيو ته ڊاڪٽر اياز قادري، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، انيس انصاري ۽ خادم حسين شاهه سندس ادبي حلقي جا رتن رهيا. پاڻ جڏهن سکر ۾ رهيو ته شيخ اياز، رشيد ڀٽيءَ ۽ فتاح ملڪ ساڻس ادبي روح رهاڻيون ڪيون. جڏهن خيرپور ۾ رهيو ته ڊاڪٽر تنوير عباسي سندس ساٿ ساٿي رهيو. ڪامريڊ جڏهن حيدرآباد ۾ آيو ته محمد ابراهيم جويو، زيب عاقلي، رسول بخش پليجي ۽ ڪامريڊ ڄام ساقيءَ جهڙا دانشور سندس اڱڻ تي ادبي محفلن مچائڻ وارن مان ٿي پيا. لاڙڪاڻي جي حوالي سان ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جا ادبي ڪارناما کيس لاڙڪاڻي جي تاريخ ۾ هميشه جاودان ۽ زنده رکندا. سر شاهنواز ڀٽو لائبريري ٺهرائڻ ۾ سندس جستجو ۽ لگن شامل رهي، ان کان اڳ پاڻ لاڙڪاڻي ۾ ”لطيف ڪانفرنس“ جو اهتمام ڪيائون ۽ ”لطيف دوستي“ جي جذبي تحت لاڙڪاڻي ۾ شاهه لطيف لائبريري قائم ڪرايائون، جيڪا هن وقت حالتن ۽ حادثن جو شڪار ٿي چڪي آهي. نه لطيف جي وارثن جي هٿ هيٺ رهي آهي ۽ نه ڪنهن فعال ادبي تنظيم جي نگرانيءَ هيٺ آهي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي هن ياد کي قائم رکڻ ۽ ڪارنامي کي باقي رکڻ جي تقاضا اها آهي ته لائبريري وري فعال ٿئي ۽ اهو ادارو اهڙن هٿن ۾ اچي، جيڪي شاهه لطيف لائبريريءَ کي سنڌ جي هڪ فعال ۽ مثالي لائبريري بڻائي سگهن، ته جيئن ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي انهن مقصدن ۽ منزلن کي ماڻي سگهجي، جن کي اڳيان رکي هن مرحوم اهڙي ڪوشش ڪئي. لاڙڪاڻي ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي ٻيو اهم ڪم هيءُ ڪيو ته سندس ڪوششن سان سنڌي اردو اديب ۽ شاعر هڪٻئي جي ويجهو آيا ۽ ”انجمن ترقي اردوءَ“ جي شاخ کلي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو علم دوست انسان هئڻ سان گڏ ترقي پسند شعور جو مالڪ پڻ هو. پڙهڻ واري زماني ۾ هن مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ حصو ورتو. پاڪستان جڙڻ کان اڳ ئي هو ”انقلابي سياست“ جو قائل ۽ مبلغ بڻجي چڪو هو. شاگرد سياست کان وٺي مزدور سياست تائين، انهن جي هر تحريڪ ۾ مدد ڪيائين. هاري تحريڪ ۽ نيشنل عوامي پارٽي ۽ سنڌ عوامي محاذ جي تاريخ جا ورق ورائي ڏسبا ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جون خدمتون نمايان طور نظر اينديون. ون يونٽ خلاف جيڪا تحريڪ هلي، هن مرحوم انهيءَ ۾ به ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. ڪامريڊ برڪت علي آزاد جو چوڻ آهي ته هن ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي تعاون سان ئي جيڪب آباد ۾ هاري تحريڪ جي شاخ کولائڻ ۾ پنهنجي سنگت جو ساٿ ڏنو هو. تاج محمد ابڙي جي دوست سياستدانن ۽ شاگرد سياستدانن جو حلقو تمام وسيع هو. چيو ويندو آهي ته جڏهن مرحوم ذوالفقار علي ڀٽو تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ لاڙڪاڻي آيو هو، ته سندس ڀاءُ سڪندر علي ڀٽي کيس ڪامريڊ تاج محمد ابڙي وٽ آڻي، سندس ڏيٺ وائٺ ڪرائي هئي، جتي نه فقط سياسي ڪچهريون ٿيون، پر اهڙين ڪچهرين ٻنهي کي هڪٻئي جي ويجهو آڻي ڇڏيو ۽ ٻئي هڪٻئي جا دوست بڻجي ويا. ڪامريڊ ڄام ساقي، رسول بخش پليجي ۽ امان الله شيخ، ڪامريڊ تاج محمد ابڙي وٽان سياست جا داؤ پيچ سکيا. مرحوم جي شاگرد سياستدانن جو تعداد گهڻو آهي، پر جيتري قدر سندس دوست سياستدانن جي حلقي جو تعلق آهي، ان لاءِ ايترو چئي سگهجي ٿو ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙي ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي جن سياستدانن سان گڏجي ڪم ڪيو، تن مان سائين جي ايم سيد، ولي خان، ايوب کهڙو، قاضي فضل الله، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، سوڀو گيانچنداڻي، عطاءَ الله مينگل، غوث بخش بزنجو، ڪامريڊ مير محمد ٽالپر، شيخ عبدالمجيد سنڌي، قاضي فيض محمد، ڪامريڊ غلام محمد لغاري، مير رسول بخش ٽالپر، مير علي احمد ٽالپر، فاضل راهو، رسول بخش پليجو، حاڪم علي زرداري ۽ ڪامريڊ جمال الدين بخاري وغيره جا نالا ذڪر لائق آهن. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي بي ڊي نظام ۾ ميمبر ٿيڻ کان وٺي يونين ڪائونسل جي چيئرمين ٿيڻ تائين ۽ ون يونٽ ٽوڙڻ واريءَ تحريڪ کان ايوب شاهيءَ خلاف تحريڪ تائين پنهنجي دور جي هر عوام دوست ۽ ترقي پسند سياسي تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو. اهڙيءَ ريت هُو پنهنجي زندگي قوم لاءِ ڪارائتي بڻائي ويو. هُو انهن آدرشن ۽ ڀلن انسانن مان هڪ هو، جن جي حياتي اسان لاءِ اتساهه جا انيڪ مثال ڇڏي ٿي. جيڪڏهن اسين چاهيون ته پاڻ کي انهن انسانن جهڙو بڻائي، تاريخ جي ورقن ۾ امر ٿي سگهون ٿا. (روزانه هلال پاڪستان، عوامي آواز، جاڳو، سنڌو، مهراڻ، سنڌ نيوز) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سنڌ جو درد رکندڙ حاڪم علي چانڊيو اسان جي سنڌ ڌرتيءَ تي ڪيترن ئي ليڊرن، عالمن، اديبن، شاعرن ۽ دانشورن جنم ورتو آھي جن پنھنجي سموري زندگي عوام جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏي انھن مان ڪامريڊ تاج محمد ابڙو به ھڪ آھي ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ۰۸ آگسٽ ۱۹۲۴ع ڌاري شھدادڪوٽ ۾ پيدا ٿيو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي پرائمري تعليم قمبر مان حاصل ڪئي، سيڪنڊري تعليم لاڙڪاڻي مان حاصل ڪري ايل ايل بي ڪراچيءَ مان پاس ڪئي، ڪامريڊ تاج محمد ابڙو شاگردي واري دور کان وٺي سياست ۾ سرگرم رھيو. مسلم ليگ ڪميونسٽ پارٽي جيئي سنڌ سنڌ ھاري ڪاميٽي نعپ پيپلزپارٽيءَ سميت سنڌ عوامي اتحاد کان وٺي جيڪا تحريڪ سنڌ جي ڀلي ۽ آجپي لاءِ بھتر محسوس ڪيائين، انھيءَ ۾ ڀرپور نموني حصو ورتائين، سنڌ جي نامور اديب دانشور جج سياستدان سماج سڌارڪ ۽ صحافي ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي ۳۲ ھين ورسي آھي ھن مختلف شعبن ۾ اڻ ڳڻيون ۽ شاندار خدمتون سرانجام ڏنيون آھن ايشيا جي وڏي ادبي تنظيم سنڌ ادبي سنگت سنڌ جي باني ميمبرن ۾ شمار ڪيو ويندو آهي. ھن جي لاڙڪاڻي واري، سنڌ ۽ ھند جي مشھور اوطاق تي سنڌي ادبي سنگت جو اجلاس ڪوٺايو ويو. ون يونٽ خلاف تحريڪ دوران روشنيءَ جو پھريون ڪرڻو لاڙڪاڻي ۾ مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي اوطاق تان اڀريو ۽ پوري سنڌ ۾ ڦھلجي ويو ۽ سموري سنڌ کي جرڪائي ڇڏيائين ڪامريڊ تاج محمد ابڙو قائد اعظم محمد علي جناح جي انگريزي اخبار جو ايڊيٽر پڻ رھيو لاڙڪاڻي جي تاريخ ۾ انجمن ترقي اردو جي عمارت ۾ جيڪا لائبريري قائم ڪيائين ان جو نالو شاھ عبداللطيف ڀٽائي رکيائين دنيا ۾ اھڙا ماڻهو گهٽ ھوندا آھن جيڪي ٻين ڪاڻ جيئن خاص طور تي ڪو وڏو عھدو رکندڙ ماڻهو پنھنجي خوشيءَ بدران ٻين جي خوشيءَ کي ترجيح ڏئي مايا جو موھ ۾ پوڻ بدران غريبن جي خدمت ڪري جيڪڏهن ڪو اھي گڻ رکي ٿو ته اھو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو آھي جيڪو جج جي عھدي تي ھجڻ باوجود تمام سادگيءَ سان پنھنجي زندگي گذاري ماڻهو سندس فقير طبعيت ۽ حساسيت تي حيرت کائيندا ھئا. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ڪنھن کي به جيڪڏهن ڏکيو ڏسندا ھئا ته پاڻ به ڏکارا ٿي ويندا ھئا ڪامريڊ تاج محمد ابڙو نرم دل، نرم مزاج، نرم لھجي ۽ نرم طبعيت جا مالڪ ھئا ڪامريڊ تاج محمد ابڙو غريبن جي ھڙوان وڙان مدد ڪندو ھيو ۽ جيڪڏهن قلب جي اک سان ڏسجي ته اھا ئي انسانيت آھي جو ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جو ننڍي ھوندي کان ئي ادب ۽ سياست طرف لاڙو ھيو، ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي سياسي سماجي ادبي ۽ قانوني خدمتن کي مد نظر ۾ رکندي پوري سنڌ ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي ورسي ملھائي ويندي آھي ۽ سندس نانءُ اڄ به چڱن ماڻهن جي فھرست ۾ مٿڀرو آھي ۽ سندس اولاد لاءِ ڄڻ ته ھو اھو وڏو خزانو ڇڏي ويو ھجي جو ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي ڪري ھن معاشري ۾ مان مريادا آھي ماڻهن جي دلين ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي لاءِ تمام گهڻو مان آھي ڇاڪاڻ ته ھوءَ پنھنجي زندگي پيار پاٻوھ انسانيت واري جذبي ۽ ھڏ ڏوکيءَ طور زندگي گذاري ويو آھي، ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي زندگيءَ ۾ حرس حوس نفرت ۽ وڏائيءَ کان پري ۽ بالاتر رھيو ۽ عوام دوستي وارا عنصر سندس سڃاڻپ بڻجي ويا جنھن جي ڪري سندس نالو اڄ به پيو ڳائجي اھڙا ماڻهو امر ھوندا آھن ۽ جڳ جڳ جيئندا رھندا آھن. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ۱۰ مارچ ۱۹۸۶ع تي اسان کان هميشه هميشه لاءِ وڇڙي وڃي مالڪ حقيقيءَ سان مليو سندس تدفين لاڙڪاڻي جي ابوبڪر قبرستان ۾ ڪئي وئي پر سنڌ لاءِ ڪيل سندس خدمتون صدين تائين ياد رکيون وينديون ۽ اھڙا ماڻهو تاريخ بڻجي هميشه لاءِ جيئندا رھندا آھن. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو انسان دوست ۽ فرض شناس شخصيت امداد علي اوڍو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سنڌ جي تاريخ جو املهه ڪردار آهي، جنهن پنهنجي مختصر زندگيءَ ۾ ڀرپور قومي جدوجهد ۾ نڀائڻ جي ڪوشش ڪئي. ۸ آگسٽ ۱۹۲۴ع ۾ هن جو جنم شهدادڪوٽ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. پرائمري تعليم قمبر علي خان ۾ حاصل ڪيائين ۽ سيڪنڊري تعليم لاڙڪاڻي ۾ پرايائين. لاڙڪاڻي ۾ پڙهائي دوران هن جو هم ڪلاسي ڊاڪٽر اياز قادري لکي ٿو ته: تاج محمد ابڙو منهنجو پيارو دوست هو. اسين هڪٻئي جي ڏک سک جا ساٿي هياسون، حال ڀائي ۽ همدرد هياسون. ڪامريڊ کي سياست سان دلچسپي هئي، انهيءَ دؤر ۾ مسلمانن جو لاڙو مسلم ليگ ۽ هندن جو لاڙو ڪانگريس ڏانهن هو. مسلم شاگردن وڏي سرگرمي سان مسلم ليگ لاءِ ڪم پئي ڪيو. هي دؤر ۱۹۴۲ع جو هيو. ان زماني ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو پورهيتن جي حقن جي ڳالهه ڪندو هو، غريبن جي مسئلن کي سمجهڻ ۽ انهن کي حل ڪرڻ متعلق ويچاريندو هو، مسڪين ماڻهو جي ڏکايل صورتحال تي ڏکارو ٿي ويندو هو ۽ آسائتو هوندو هو ته غريبي جو خاتمو ڪيئن آڻجي؟ انهيءَ جذبي هن ۾ سوچڻ واري ذات پيدا ڪئي. انهيءَ سوچ هن کي پڙهڻ ڏي راغب ڪيو. جيئن جيئن هن پڙهائي تي زور ڏنو، تيئن هن ۾ قومي جذبي تحت جدوجهد ڪرڻ وارو جذبو اجاگر ٿيو. هن اهو سمجهيو هو ته علم حاصل ڪري ئي شعوري طرح پنهنجي مسڪين ماڻهو جي تقدير بدلائڻ لاءِ جاکوڙ ڪري سگهجي ٿي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي ۱۹۴۳ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪئي. مسلمانن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جو رجحان گهٽ هيو. وڏن ماڻهن جا ٻار پڙهندا هئا، مسڪين ماڻهن لاءِ تعليم حاصل ڪرڻ ڄڻ ممڪن ڪونه هو. هندو گهڻو ڪري شهرن ۾ رهندا هيا ۽ ڪاروبار سان انهن جو تعلق هو، ان ڪري پڙهائي ۾ به هو دلچسپي وٺندا هئا. ڪامريڊ ميٽرڪ کان پوءِ اعليٰ تعليم لاءِ ڪراچي ۾ ايس.ايم ڪاليج ۾ داخلا ورتي. ۱۹۴۳ع ۾ پير الاهي بخش وزيرِ تعليم جي ڪوشش سان هي ڪاليج کليو، جتي مسلمان شاگردن لاءِ اسڪالرشپ، داخلا ۽ هاسٽل جي فين ۾ خصوصي رعايت ملندي هئي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي سان گڏ ٻين شاگردن سان گڏ ڊاڪٽر اياز قادري به گڏ هو. ڪاليج جا شاگرد پنهنجو ۽ تعليم جو خرچ پورو ڪرڻ لاءِ نوڪريون ڪندا هئا. مسلمان شاگردن لاءِ نوڪريون به جام هيون جو سنڌ ۾ نوڪرين جي ڪوٽا ۾ ۶۰ سيڪڙو مسلمانن لاءِ هوندو هو، ۴۰ سيڪڙو هندن لاءِ ڪوٽا هوندي هئي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو کي صحافت سان دلچسپي هجڻ ڪري هن تعليم حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ جڳ مشهور روزاني اخبار ”الوحيد“ ۾ سب ايڊيٽر جي حيثيت ۾ ڪم ڪيائين. بعد ۾ ريڊيو پاڪستان ڪراچي ۾ نيوز ڪاسٽر جي حيثيت ۾ ڪم ڪيائين. هن جا هم ڪلاس محمد هارون (جيڪو سنڌ جو گورنر ٿيو)، سندس وڏو ڀاءُ سعيد هارون، اڳوڻو روينيو جو وزير قاضي عبدالمنان، علي گوهر کهڙو جن هئا. پڙهائي دوران هن کي پنهنجي اخبار ڪڍڻ جو شوق ٿيو. ڪامريڊ اخبار وسيلي سنڌ جي مسڪين، خصوصًا هارين جي حقن لاءِ آواز اٿارڻ چاهي پيو، پر مناسب رقم نه هجڻ ڪري شروع ۾ اخبار نه ڪڍي سگهيو. ارادي جو پختو هيو، جيڪو فيصلو ڪري وٺندو هو، پوءِ ڏينهن رات اڻ تڻ هوندي هيس ته هر حال ۾ ان کي پورو ڪجي. اهڙي سوچ ۽ جذبي هيٺ ”نوجوان“ نالي سان اخبار شروع ڪئي، جنهن جو ايڊيٽر ڊاڪٽر اياز قادري کي مقرر ڪيائين. اخبار مواد جي حوالي سان انتهائي معياري هئي، پر مالي وسيلن جي نه هجڻ ڪري اخبار جو سلسلو بند ٿي ويو. ۱۹۴۷ع ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو وڪالت پاس ڪري لاڙڪاڻي واپس پهتو. وڪالت جي شروعات عبدالفتاح ميمڻ سان ڪيائين، پر پوءِ شمس الدين ابڙي سان پارٽنر جي حيثيت ۾ پريڪٽس ڪيائين. وڪالت دوران پاڻ سرڪاري وڪيل به ٿيو. هي صاف سٿري ڪردار جو مالڪ هو. وڪالت مقصد وارو پيشو سمجهي ڪئي. اڪثر مسڪين ماڻهن جا ڪيس مفت ۾ وڙهندو هو. گهڻن جون ته ڪورٽ جون فيون به پاڻ ڀريندو هو. ٿوري عرصي ۾ پيشي جي لحاظ کان مان مرتبي وارو مقام حاصل ڪيائين. وسيع مطالعي ڪري وڪالت سان گڏوگڏ سياست ۾ به دلچسپي هوندي هيس. شام جو هن جي اوطاق تي سياسي ڪچهريون ٿينديون هيون. هن جي ڪچهرين ۾ مختلف سوچ رکندڙ سياستدان، اديب، زميندار، پورهيتن سان تعلق رکندڙ دوست گڏ ٿيندا هئا. وڏو مهمان نواز هو، چانهه جو ڪيٽلو مستقل چڙهيل هوندو هو. هن جي ڪچهري جا روح روان ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ علي محمد عباسي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، عبدالخالق آزاد، ڪامريڊ جمال الدين بخاري، مولوي نذير حسين جتوئي، حاجي محمد پيرزادو، سائين جمال ابڙو، ڪامريڊ عبدالقادر جوڻيجو، عبدالخالق آزاد، ڪامريڊ برڪت علي آزاد، ڪامريڊ غلام محمد لغاري، قاضي فيض محمد، شمس الدين شاهه وڪيل، شيخ اياز ۽ ٻيا ناليوارا دوست هئا. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي دوستن سان گڏ ”هاري پارٽي“ ٺاهي، جنهن هارين جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي. هن کي سنڌي ادب ۽ زبان سان وڏو لڳاءُ هيو. سنڌي ادبي سنگت جي بنيادي ميمبرن ۾ شامل هيو ۽ سنڌي ادبي سنگت جي لاڙڪاڻي ۾ شاخ قائم ڪئي، جنهن جو هُو ڳچ وقت سيڪريٽري رهيو. سنگت جي ڪچهرين ۾ علم ۽ ادب دوست وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيندا هئا، جن ۾ ڪامريڊ جمال الدين بخاري، سائين جمال ابڙو، حاجي محمود خادم، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، عبدالمجيد ميمڻ، انيس انصاري، ڊاڪٽر اياز قادري ۽ ٻيا شامل هئا. ۱۹۵۶ع ۾ لاڙڪاڻو ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ورسي ملهائي وئي، جنهن جو سمورو خرچ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي ڪيو. سنڌ ۾ ڪٿي به ادبي ڪانفرنس ٿيندي هئي ته ڪامريڊ ان ۾ شرڪت ڪندو هو. هن جي سنگت جو حلقو وسيع هو. سموري سنڌ ۾ هن جا دوست هئا. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سان به هن جي قرب وارو رستو هو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سان رابطي ۾ رهندو هو. ڀٽو صاحب، ڪامريڊ جي علمي، ادبي صلاحيتن کان متاثر هو. سياست متعلق هن سان صلاحون ڪندو هو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي اقتدار دوران ۱۹۷۲ع ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو کي ايڊيشنل سيشن جج مقرر ڪيو. اڳتي هلي سيشن جج ٿيو. امانتي عهدي سنڀالڻ کان پوءِ انصاف سان فيصلا ڪيائين. حيدرآباد، سکر، جيڪب آباد، نوابشاهه، ڪراچي ۽ آخر ۾ ٺٽي ۾ نوڪري ڪيائين. ۱۹۸۵ع ۾ رٽائرڊ ٿيو. ڪجهه وقت ٺٽي ۾ رهيو، پر مستقل ناچاڪي جي ڪري پنهنجي زندگيءَ جو باقي حصو لاڙڪاڻي ۾ گذاريائين. ذيابيطس جي مرض ۽ دل جي تڪليف ڪري ۱۰ مارچ ۱۹۸۶ع ۾ ڪراچي جي جناح اسپتال جي Cardio vascular ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائين. هن جي وفات سبب علم، ادب، صحافت، سياست جي هڪ شاندار باب جي پڄاڻي ٿي. سنڌ جي تاريخ هن عظيم سنڌ جي عاشق ۽ همدرد کي هميشه ياد رکندي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو پنهنجي حياتي دوران ۱۹۴۶ع کان وٺي ۱۹۸۶ع تائين پنهنجي ڊائري مستقل مزاج سان لکندو هو، جيڪا سندس ڪٽنب وٽ محفوظ آهي. چاليهن سالن جو لکيل هي ڊائري وارو مواد وڏو تاريخي آهي. سنڌ جو ڪو اشاعتي ادارو يا سندس فرزند جيڪي انتهائي لائق آهن، انهيءَ کي ڪتاب جي صورت ۾ آڻين ته جيئن مرحوم جي ذهانت، سوچ ۽ فهم مان سنڌ جو عوام لاڀ حاصل ڪري سگهي. مرحوم جيئن ته وسيع مطالعي جو مالڪ هو، ان جون لکڻيون به اهميت ۽ مڻيا واريون هونديون. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سنڌ جو املهه ماڻهو حميد سنڌي پنهنجي پيارن، همسفرن ۽ سنڌ جي ماڻهن، مٽيءَ ۽ پاڻيءَ سان پيار ڪندڙن لاءِ لکڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. مان پنهنجي والد ۽ امڙ لاءِ به نه لکي سگهيو آهيان، زماني جي ڏکن ۽ ڏکيائين کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ڪندڙ هستين جيجي بيگم زينت چنا ۽ عبدالله چنا يا پنهنجي علمي ادبي رهبرن، مولانا غلام محمد گرامي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، محمد عثمان ڏيپلائي، رشيد ڀٽي ۽ ٻيا ڪيترائي سڄڻ سجاڳ ساٿي جن جي باري ۾ به دل کولي نه لکيو اٿم. تاج محمد ابڙي، نئين سنڌ جي نئين تاريخ جوڙيندڙ، همٿ ۽ صبر نه ڇڏيندڙ جاکوڙي انسان لاءِ ڪيئن لکان. تاج محمد ابڙي سان جيڪي به ڪچهريون ٿيون، انهن مان ايترو ته لاڀ پرايم جو اڄ تائين محسوس ڪندو آهيان ته تاج محمد ابڙي جنهن جي حياتي جا ڪيترائي رخ مون ۾ سمائجي ويا آهن. سندس جيڪي جاما يا ويس هئا، مون کڻي پاتا، سندس سماج سڌارڪ يا هڪ سوشلسٽ جي حيثيت هجي يا روشن خيالي ۽ ترقي پسندي هجي يا ايڊيٽر ۽ صحافي هجڻ جي حيثيت، ڪتاب پڙهڻ جو شوق هجي يا اوطاقن تي ڪچهرين وارو رنگ هجي يا ڏک سک ۽ ڀائيوار ڪرڻ هجي يا وڪالت، ماستري ۽ سرڪاري نوڪري واري ڪرت هجي، سڀئي اهي ويس وڳا هئا جيڪي مون کي نصيب ٿيا. ٿي سگهي ٿو سندس پورهيتي اجرن وڳن کي ڪنهن داغدار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هجي پر هن پنهنجي فڪر، ڏاهپ ۽ ذهني آزادي وسيلي پنهنجي دامن کي اجرو رکيو. تاج محمد ابڙي عملي ۽ مثالي طرح سان هڪ مبلغ ۽ سنت وارو ڪم پئي ڪيو پر هن اُن جي لکا نه ڏني. هو حياتي کي سونهن ۽ سوڀيا جو ويس سمجهندو هو، ڪنهن به ماڻهو سان شڪايت نه هوندي هيس، هُـو هر ماڻهو کي سهڻو ۽ ڏيا وارو سمجهي پيار ڪندو هو، هن کي مون ڪڏهن به ڪنهن سان شڪايت ڪندي نه ڏٺو هو، پنهنجي گڻن ۽ ڏيا کان ڄڻ واقف ئي نه هو، هن حياتي ائين گهاري ڄڻ حياتيءَ جو ٻيڙو سولو ۽ سنئون هو. سڙهه به سنوان ته رفتار به تکي ۽ تيز ڪيئن وقت واري جيان هٿن مان وهي پئي ويو، پر هن جي سچائي، ايمانداري ڄڻ ته کيس جيئڻ لاءِ ڪيئي جتن سولا ڪري پئي ڏنا. شيخ اياز جي ڪتاب ”ڪٿي ته ڀڄيو ٿڪ مسافر“ ۾ هڪ هنڌ شيخ اياز ۽ ڪامريڊ تاج محمد جي اڻبڻت جو واقعو بيان ڪيل آهي، جنهن بعد ڪجهه عرصي کانپوءِ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي وڃي کيس پرچايو. منهنجي خيال ۾ ڪامريڊ تاج محمد جڏهن سرڪاري نوڪري ۾ گهڙيو ته هو دوستن ۽ ڪامريڊ شپ جي بنيادي اصول تي عمل پيرا رهيو، نوڪريءَ هن کي ڪجهه وڌيڪConscious ڪري ڇڏيو هو. ڪامريڊ نظريو هجي يا سوشلسٽ، هو هڪ ڳالهه کان چڱي پر آگاهه هو، اها هئي انسان دوستي، جو پاڻ وڏو انسان دوست هو، ٻي ڳالهه هئي بحيثيت هڪ سماج سڌارڪ جي ڇاڪاڻ ته هو هن معاشري جي اوڻاين ۽ بندشن کي ڀلي ڀت ڄاڻندو هو ۽ سمجهندو هو، ان ڪري هن سڄي حياتي هڪ (Conscious) فرد طور معاشري جي عائد ڪيل بندشن خلاف جاکوڙ ڪئي. ان لاءِ هن جو بنيادي نقطو هو ته ايمانداري سان زندگي گذارجي ۽ (Personal Integrity) يعني پهريائين پنهنجي ذاتي طور ايمانداري هجڻ سان گڏ Integrity ۾ شامل عنصرن جهڙوڪ سچائي، راستبازي، سپتائيءَ ۽ سٺائيءَ کي پنهنجي جيئڻ جي ڍنگ سان شامل ڪري پاڻ کي هڪ مثال طور جڳ آڏو پيش ڪري ته جيئن پوءِ ئي معاشري جون اوڻايون، برايون پٽ پڌريون ٿي پونديون، پوءِ ئي انهن سان جنگ جوٽي سگهجي ٿي. تاج محمد ان لاءِ پاڻ Integrity جو وڏو مثال هو،Integrity رڳو ائين نه پر ان ۾ موجود سڀني عنصر جهڙوڪ سچائي، سربستائي، بي غرضائي، ايمانداري، راستبازي، سپتائي، اصليت، نرملتا ۽ سٺائيءَ جهڙا جزا سڀ شامل هجڻ کپن. منهنجي پياري رشيد ڀٽي جي اوطاق تي منهنجو تاج محمد سان جيڪي به ملاقاتون ٿيون ته هو کلي عام چوندو هو ته “يار سڀني انساني برائين جو حل اهو آهي ته هڪجهڙائي هجي، انصاف ۽ حق لاءِ آواز بلند ڪرڻ کانپوءِ اڳ ضروري آهي ته پنهنجي سپتائي ۽ مقصد ڏانهن سچي هجڻ جو ثبوت ڏجي، جنهن لاءِ ڪيترن ئي سکن، ذاتي مسرتن، تمنائن کي مارڻو پوندو“ هن جي سڄي حياتي جاکوڙ، پورهئي، سکن ۽ سهولت کان عاري زندگيءَ جي جيتوڻيڪ هڪ اهم ڪهاڻي آهي، پر اهڙي حياتي گهارڻ ۾ ڄڻ ته هن کي مزو پئي آيو جو مون کيس هميشه کِلندو ۽ ٻهڪندو ڏٺو، سوڀي گيانچنداڻي پنهنجين لکڻين ۾ کيس ”منهنجو ساٿي ڪامريڊ تاج محمد“ ڪري سڏيو آهي، سوڀو پاڻ ڪامريڊ آهي، هنن لفظن سان ڄڻ کيس ڪامريڊي جي سندَ ڏني اٿائين، هونئن به ڪامريڊ معنيٰ ئي آهي سنگتيءَ ساٿيءَ جي. ساٿي به اهو جيڪو دوستن عام ماڻهن ۽ پوري سماج لاءِ همدرد ۽ هڏ ڏوکي هجي. ڪامريڊ گهڻو تڻو ڪميونسٽن جي ساٿيءَ يا اشتراڪي ڪميونسٽ لاءِ ڪتب آندو ويندو آهي پر تاج محمد اهڙو ڪامريڊ هو جنهن جو مول متو ئي هو انسان دوستي ۾ Integrity گهرائپ يا ويجهڙائپ ۽ هڪ Association ڳنڍڻ واري ناتي کي ئي اهميت ڏيندو هو، سڪ، قرب، محبت، همدردي، هڏ ڏکائپ جو تاڃي پيٽو ائين اڻندو هو جيئن ڪو ڪاريگر ڪوري اڻت ڪري. ههڙا نينهن نپائڻ ۽ نڀائڻ وارو ماڻهو اڄ ڪو ڪو ملندو، مون کيس سکر ۾ سنڌي ادبي سنگت جي سالياني ميڙ ۾ ڏٺو، هو هڪ سرگرم ڪارڪن پئي لڳو پر هن ڪا به تقرير نه ڪئي نه پيپر پڙهيو. ادبي ڪچهرين جو ڪوڏيو هو، مون کيس گهڻو تڻو رشيد ڀٽي جي اوطاق تي ڪچهرين ۾ شريڪ ٿيندي ۽ ڳالهائيندي ڏٺو، سندس ڄاڻ ۽ حاصل ڪيل عمل جي وسعت کي ڏسي حيرت ٿيندي هئي، اها به اهم ڳالهه هئي ته ايترو پڙهيل ڳڙهيل هوندي به هو لکي نه سگهيو، مون کانئس لاڙڪاڻي واري اوطاق ۾ چانهه جون سرڪيون ڀريندي کانئس اها ڳالهه هڪ سوال جي صورت ۾ پڇي هئي، هو پهريائين چپ رهيو ۽ پوءِ اٿي بيٺو، پنهنجي سفيد پينٽ کي ڇڪي مٿي ڪيائين، پوءِ پنهنجي وڻندڙ مک تي دلپذير مشڪ آڻيندي مون ڏي ۽ ٻين دوستن ڏانهن نهاريندي، ڪجهه هيئن چيائين ته “پوءِ ڇا مان اوهان جي ادبي برادري مان نڪري وڃان، پيارا حميد ۽ دوستو! مان عمل ۽ ادب جو عاشق ۽ اوهان جي هر اول دستي جو جهنڊو کڻي هلندڙ هڪ فرد آهيان، ادب ۽ اديبن جو فهم ۽ ادراڪ وارو پيغام پهچائيندڙ آهيان، ڇڏيو ته مان زبان وسيلي مبلغي ڪريان ۽ توهان لکڻ وسيلي مبلغي ڪريو، مون کي توهان ڌار ڪري ئي نه ٿا سگهو، جو مان اوهان جي جسم ۽ روح جو حصو آهيان.” ”بس سهڻا سائين بس! مون ڪڏهن اهڙي ڳالهه نه ڪئي آهي، تون اسان جو رڳو جهنڊي بردار نه پر اهڙو اڳواڻ آهين، جنهن جو همٿ سان نه رڳو لاڙڪاڻي پر سنڌ جي ٻين شهرن ۾ به تنهنجي قائم ڪيل منڊلين تي وڏو مچ مچايو آهي” مان اڄ جڏهن ماضي ۽ حال جو جائزو وٺان ٿو ته اهڙن مقصدن سان واڳيل ماڻهو ۽ اهڙا مچ منڊليون گهٽ ٿو ڏسان. اڄ جي ادبي ميڙن، مجلسن کي ڏسجي ٿو ته ائين لڳي ٿو ته جيئرا جسم ضرور آهن پر اهي روح ڪينهن، اهو مقصد ئي ڪونهي جنهن سان اسين واڳيل هجون، ڪامريڊ تاج محمد اسان سڀني اديبن جو ساٿي، سنڌي سماج جي سڌاري لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ، هڏ ڏوکي ۽ همدرد هڪ اهڙو انسان هو، جيڪو يقينن فرشته خصلت هوندي به فرشتو نه هو، جو هن کي مسئلن جي حل ڪرڻ جي طاقت يا Authority ڪين هئي، هو رڳو هن ناانصافي واري جهريل سماج جو جهريل پر مردم شناس انسان دوست فرد هو، انهي سماج اندر ٿيندڙ اڻبرابرين، زور زبردستين، ناحق ۽ ناانصافين جي مسلسل جهولن ڪري سندس ٻيڙي جا سڙهه گهڻي دير سٽ نه جهلي سگهيا، جهريل دل سگهو ئي ڏري پئي ۽ اهو اسان کان ڌار ٿي ويو ۽ اهڙين ساٿين ۽ مسافرن لاءِ مون ڪنهن هنڌ پڙهيو هو، ڄڻ ته هو هاڻ هت ويٺو هو، گهڙيءَ پل لاءِ ڪاڏي اُٿي ويو آهي!؟ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سنڌ جي گهڻ رخي شخصيت ساگر جبار سومرو اڄ سنڌ سميت پوري ملڪ ۾، سنڌ جي ان بيباڪ باڪردار، گھڻ رخي شخصيت کي ياد ڪيو ويندو، جنهن شخصيت پوري زندگي، زندگيءَ جي هر طبقي سان واسطو رکندڙ ماڻهن سان، ائين نڀايو جيئن ڪو پنهنجي جيون ساٿين سان نڀائيندو آهي. هن کي سماجي ڪارڪن چئجي، سياسي شخصيت چئجي، اديب، ليکڪ، صحافي وڪيل يا جج چئجي جنهن جي شخصيت انهن سڀني ڪردارن سان ڀرپور نڀائيدي سنڌ لاءِ اهو نياپو ڇڏيو، ته سنڌ لاءِ صرف هڪ فورم تان جاکوڙ نه ڪبي آهي سنڌ لاءِ هر فورم تان ائين جاکوڙ ڪبي آهي، جو سنڌ جو آئيندو روشنين جي ضمانت ڏئي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي زندگيءَ ۾ هوش سنڀاليندي ئي شعور ۽ خدمت جا اهي سڀ مورچا سنڀاليا، جنهن سان سنڌ جي شعور کي چارچنڊ لڳائي سگهجن هو ڪراچيءَ ۾ شاگرديءَ واري دور کان ئي سياست، ادب، صحافت جو اهم حصو رهيو. هن هر ميدان ۾ پاڻ ملهايو. هو جڏهن استاد ٿي، قمبر شهر جي اسڪول ۾ آيو هو ته هن جي ٻارن جي تربيت ڏسي، قمبر واسي حيران ٿي ويا هئا. هي اهو استاد هو، جيڪو ٻاهران آيل شاگردن کي، پاڻ سان گڏ، پنھنجي مليل ڪواٽر ۾ رهائيندو هو. جڏهن هن جا ٻاهريان شاگرد ڏينهن تتي ۾ ٻاهر ويندا هئا، ته انهن کي روڪي پنهنجي جڳهه تي ويهاري ڇڏيندو هو ته مان اوهان کي ههڙي گرميءَ ۾ ڳوٺ ڪو نه ڇڏيندس. اوهان منهنجي ڪواٽر ۾ ويهو، شام ڳوٺ وڃجو. جڏهن هن جا شاگرد، هن جي ڪواٽر ۾ گرميءَ سبب، ويهڻ ايندا هئا ته انهن کي هو ماني هٿن سان کارائيندو هو. هو استاد هوندي، اهو استاد ٿيو جو هن اهو مثال قائم ڪيو ته استاد هيئن ٿيندو آهي. هن جي اسڪول واري خدمتن کي ساراهيندي، سنڌ سرڪار قمبر جو مين روڊ، هن جي نالي سان منسوب ڪيو هو، جيڪو اڄ تائين ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو چوندو هو ته؛ جيڪڏهن اسان تعليم جون راهون روشن ڪنداسين ته روشني اسان جو مقدر رهندي. هو تعليم جي حوالي سان، تمام وڏو جاکوڙي ڪردار هو. هو ڪڏهن به سک سان ڪين ويٺو هو. هن پوري زندگي جدوجهد ۾ گذاري. هن لاڙڪاڻي ۾ پهريون لائبريريءَ جو بنياد وڌو. جنهن بنياد وجهڻ کانپوءِ، ڪامريڊ تاج محمد ابڙو، شهيد ذالفقار علي ڀٽو سان مليو، ته اوهان لائبريءَ کي اڃا به وڌائڻ لاءِ مدد ڪيو. جنهن تي شهيد ذالفقار علي ڀٽو هن کي چيو هو ته؛ اوهان پنهنجو گهر ڏيو ته مان لائبرري قائم ڪيان. جنهن تي ڪامريڊ تاج محمد ابڙي فوري طور، پنهنجو گهر لائبرري کي ڏيڻ جو اعلان ڪيو. هو حيرانگيءَ جي ڳالھ اها ته پنهنجو گهر لائبريريءَ لاءِ ڏيندڙ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو، پنهنجو ذاتي گهر آخر تائين به نه ٺاهي سگهيو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سياست ۾ تمام سگهارو هو. هو شهيد ذالفقار علي ڀٽو سان تمام ويجهو هو، ۽ شهيد ذالفقار علي ڀٽو به هن کي تمام گھڻو ڀانئيندو ھيو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو، سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي جو بنياد رکندڙن مان هو. هن جي ساٿ ۾ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي ۽ ٻيا نالي وارا اديب پڻ رهيا. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو، سنڌي ادبي سنگت جو تمام سرگرم ساٿي رهيو. هر گڏجاڻي، هن جي اوطاق تي ٿيندي هئي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو، پنهنجي دور ۾ نالي وارو صحافي به رهيو هو. جڏهن ڪراچيءَ ۾ پڙهندو هو ته الوحيد اخبار ۾ هن صحافت جي شروعات، سب ايڊيٽر هجڻ سان ڪئي. محنتن سبب، تمام ٿوري وقت ۾ وڃي ايڊيٽر جي حيثيت تي پهتو هو. ڪراچيءَ واري رهائش دوران، دنيا جي نالي واري سماجي ڪارڪن عبدالستار ايڌي ۽ ملڪ جي ناليواري ليکڪا فاطمه ثريا بجيا جي تمام ويجهو رهيو. هو ڪراچيءَ ۾ تمام گھڻو سرگرم رهيو. هو سنڌ جو خاموش خادم هو. هن ڪڏهن به ڪو ڪم، ڪري اخبار ۾ نه ڏنو ۽ هن ڪڏهن به ڪنهن جي مدد ڪري ڪو اخبار ۾ فوٽو نه ڏنو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو، لاڙڪاڻي جو پهريون مسلمان وڪيل هو. هن جڏهن ايل ايل بي ڪري، لاڙڪاڻي ۾ وڪالت شروع ڪئي ته ان وقت وڪالت ۾ هڪ مافيا سرگرم هئي، جيڪي صرف عوام کان ڳريون فيون وٺڻ ۾ مشهور هئا. پر ڪامريڊ تاج محمد ابڙي غريبن لاءِ مفت انصاف جا در کولي ڇڏيا هئا، ۽ هو هميشه اهو چوندو هو ته مان انهن جو وڪيل آهيان، انهن جو نمائندو آهن جن جو ڪو به نه آهي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي، جڏهن ايل ايل بي ڪئي هئي ته ان وقت قائد اعظم محمد علي جناح مئٽرڪ تي ايل ايل بي ڪيل ايل ايل بي هولڊر هو ۽ ڪامريڊ انٽر تي ايل ايل بي ڪئي هئي ۽ وڪالت دوران ٿيندڙ اليڪشن ۾ جڏهن ڪامريڊ محترمه فاطمه جناح جو ساٿ ڏنو هو ته ان وقت جي ڊڪٽيٽر صدر ايوب خان ڪامريڊ ڏي ملڪ جي اهم شخصيت جي معرفت پيغام موڪليو هو ته ڪامريڊ فوري طور تي محترمه فاطمه جناح جو ساٿ ڇڏي ڏي، ۽ فوري طور پريس رليز جاري ڪر. جنهن تي ڪامريڊ، ايوب خان کي اهو نياپو موڪليو هو ته؛ مان مرڻ گهڙيءَ تائين فاطمه جناح جو ساٿ نه ڇڏيندس. جنهن تي ان وقت جي ڊڪٽيٽر، ايوب خان ڪامريڊ لاءِ ڌرتي تنگ ڪري ڇڏي هئي. ڪامريڊ، بلوچستان ۾ پنهنجن گهاٽن دوستن اڪبر خان بگٽي، سردار عطاءُ الله مينگل، خير بخش مري، مير غوث بخش بزنجي وٽ وڃي سياسي پناهه ورتي هئي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو، جڏهن بلوچستان ۾ پنهنجي سردار دوستن وٽ رهندو هو. تڏھن ڪامريڊ، کين چيو هو ته؛ مان اوهان جي ڪيل خدمت آڏو شرمسار آهيان. ڇو جو مان پاڻ وڪيل آهيان. پاڻ ڪمائي کائيندس. جنهن کان پوءِ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي، بلوچستان ۾ ڊي پي پي يعني سرڪاري وڪيل طور جوائن ڪيو هو. صدر ايوب جي وڃڻ کانپوءِ، ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سنڌ آيو ھيو. موٽي اچي، هن پنهنجي اوطاق آباد ڪئي ھئي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي ۾ هزارين خوبيون هيون. پر هن جي هڪ خوبي، هزارن جي مثال هئي. اھا، اھا ته پوري سنڌ ۾ اوطاقي طور مشهور هو. هن جي پوري زندگي، هن جي اوطاق آباد رهي. هو، يارن جو يار هو. هن جي اوطاق، هميشه آباد رهي. هو اوطاقن ۾ سياسي، سماجي ۽ ادبي ميڙاڪا مچائڻ جو ماهر هو. ائين کڻي چئجي جيڪو اڃا بهتر لڳندو ته؛ هو اوطاقن کي آباد رکڻ ۾، سنڌ جو مثالي ڪردار هو، جنهن سنڌ جي ثقافت کي هميشه لاءِ جياريو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو، تعليم جي ميدان ۾، وڏي سوچ رکندڙ، اها شخصيت هو، جو هن نياڻين کي تعليم ڏيارڻ ۾ وڏي جاکوڙ ڪئي. جنهن جو وڏو ثبوت هي آهي ته ڪامريڊ جون چار نياڻيون آهن. اڄ چار ئي سنڌ جي اهم عهدن تي آهن. هن جو چوڻ هو ته؛ نياڻيون پيءُ ۽ ماءُ جو نالو روشن ڪنديون آهن. مان چاهيان ٿو ته سنڌ جون نياڻيون، سڀ کان اڳ ۽ اڳ هجن. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي شخصيت جا هزارين پاسا آهن. هن جي شخصيت جو هر رخ، سنڌ کي جيئاريندڙ ۽ ملڪ کي اڳتي وٺي ويندڙ آهي. اڄ هن جي ۳۱ هين ورسي آهي. جيئن ڪامريڊ تاج محمد ابڙي پنهنجو فرض سمجهي سنڌ جي هر فورم تي مثالي خدمت ڪئي، ان ڪري اسان مٿان به اوترو ئي فرض آهي ته هن جي شخصيت تي اهي ڪي سنجيده ڪوششون ۽ پرگرام ڪيون جو هن جي شخصيت جا سڀ رخ، سنڌ تائين آسانيءَ سان پهچي سگهن. تاج محمد ابڙو سنڌ جو درد رکندڙ انسان الطاف شيخ لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو، سنڌ جو تاريخي شهر آهي، جنهن هر دؤر ۾ اسان کي اهڙا ته ليڊر، عالم، اديب ۽ شاعر ڏنا، جن پنهنجي ڏاهپ سان سنڌ کي واسي ڇڏيو. مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو صاحب به انهن مان هڪ آهي. پاڻ سنڌ جا نامور اديب، دانشور، جج، سياستدان، سماج سڌارڪ، صحافي ۽ استاد هئا. سندن جنم ۸ آگسٽ ۱۹۲۴ع تي شهدادڪوٽ ۾ ٿيو. پرائمري تعليم قمبر مان ۽ سيڪنڊري تعليم لاڙڪاڻي مان حاصل ڪرڻ بعد ايل ايل بي ڪراچيءَ مان پاس ڪيائون. شاگردي واري دؤر کان ئي پاڻ سياست ۾ سرگرم رهيا. مسلم ليگ، ڪميونسٽ پارٽي، جيئي سنڌ، سنڌ هاري ڪميٽي، نعپ، پيپلز پارٽيءَ سميت سنڌ عوامي اتحاد کان وٺي جيڪا تحريڪ سنڌ جي ڀلي ۽ آجپي لاءِ بهتر محسوس ڪيائين، انهيءَ ۾ ڀرپور نموني حصو ورتائين. سندن شمار سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي باني ميمبرن ۾ ٿئي ٿو. سنڌي مسلمانن جي پاڪستان کان به پهرين جي مشهور واحد اخبار ’الوحيد‘ جنهن پاڪستان جي تاريخ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو، ان جو ڪجهه وقت لاءِ ايڊيٽر ۽ قائد اعظم محمد علي جناح جي انگريزي اخبار ڊان جو سب ايڊيٽر پڻ رهيو. لاڙڪاڻي جي سنڌي ۽ اردو اديبن کي ويجهو ڪرڻ ۾ پاڻ وڏو ڪردار ادا ڪيائون ۽ انجمن ترقي اردو پاڪستان لاڙڪاڻي شاخ جا سرگرم ڪارڪن ٿي رهيا. لاڙڪاڻي جي تاريخ جي سڀ کان وڏي سنڌ جي لائبريري ”سر شاهنواز ڀٽو ميموريل لائبريري“ جيڪا اتر سنڌ جي واحد اهم لائبريري آهي، جتان هزارن جي تعداد ۾ اڄ به شاگرد، اديب ۽ دانشور فيضياب ٿي رهيا آهن، ان جي بنياد لاءِ چيو وڃي ٿو ته مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو صاحب رکرايو. پاڻ لاڙڪاڻي شهر سان لڳو لڳ بقاپور يونين ڪائونسل جو چيئرمين پڻ رهيو. پاڻ ريڊيو پاڪستان ڪراچي تي نيوز ڪاسٽر طور ڪم ڪرڻ کان علاوه قمبر هاءِ اسڪول ۾ انگريزي استاد جي حيثيت سان پڻ پنهنجا فرائض سرانجام ڏنائون. ڪامريڊ تاج محمد پاڪستان جو واحد جج هو، جنهن کي ڪامريڊ جو خطاب مليو. وڏيرا شاهي جي اثر رسوخ رکندڙ ضلعي جيڪب آباد ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي، قاضي فيض محمد، جي ايم سيد، غلام محمد لغاري جن جي مدد سان ضلعي ۾ هاري ڪاميٽيءَ جو بنياد وڌو. انهيءَ سلسلي ۾ صدر ايوب خان جي مقابلي ۾ هن محترمه فاطمه جناح جو ساٿ ڏنو. ۱۹۵۳ع ۾ ڇپيل بايوگرافيڪل انسائيڪلوپيڊيا آف پاڪستان ۾ پنجن صوبن جي اهم هڪ هزار وڏين شخصيتن مان کين هڪ قرار ڏنو ويو. سندن ادبي همعصر دوستن ۾ اياز قادري، انيس انصاري، تنوير عباسي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، محمد ابراهيم جويو، جمال ابڙو، رسول بخش پليجو، شيخ اياز، سوڀو گيانچنداڻي، پير حسام الدين ۽ علي محمد راشدي، گوبند مالهي، هري دلگير درياڻي ۽ ٻيا کوڙ سارا نالا اچي ٿا وڃن. سندن ذاتي لائبريري ۾ هزارين ڪتاب هئا ۽ سنڌ جي وڏين لائبريرين ۾ شمار ڪئي ٿي ويئي. سندن اولاد سنڌ جي وڏن اديبن جي صلاح تي لائبريري جا ڪتاب سر شاهنواز لائبريري ۽ سنڌ جي عظيم درسگاهه سنڌالاجي کي عطيي طور ڏنا ۽ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي نالي پويان سنڌالاجي ۾ هڪ الڳ ڪارنر قائم ڪيو ويو آهي. سندن سياست سان تمام گهڻو لڳاءُ رهيو. محترمه فاطمه جناح جي ساٿ ڏيڻ تي سنڌ مان پاڻمرادو جلاوطني اختيار ڪري بلوچستان ويو ۽ اتي نعپ جي وڪالت به ڪندو رهيو. هن مهل به سنڌ جو عوام ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي سياسي، سماجي، ادبي، قانوني خدمتن کي مدنظر رکي کيس مختلف طريقن سان ياد ڪندو رهي ٿو. (ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۸ آگسٽ ۲۰۲۴ع تي ڇپيل) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ’مون سي ڏٺا ماءُ، جنين ڏٺو پرينءَ کي‘ ارشاد ڪاغذي انسان ۽ انسانيت لاءِ جيڪي ماڻهو محبت ۽ خدمت جي جذبي سان سرشار ٿين ٿا، تاريخ تن جي نانءُ کي هميشه لاءِ روشن رکي ٿي. جيڪي شخص مسڪين، محروم ۽ مظلومن جا همدرد ۽ هڏڏوکي ٿين ٿا، اهي امر بڻجي وڃن ٿا. سنڌ ۾ ڪيترا ئي اهلِ علم ۽ قلم ۽ مانجهي مڻيادار پيدا ٿيا آهن، جن پنهنجي پورهئي ۽ پگھر، سوچ ۽ لوچ سان سنڌ جي سينڌ سنواري آهي . ڪامريڊ تاج محمد ابڙو به اهڙين عظيم هستين منجهان هو، جنهن سنڌ جي مسڪين، هارين ۽ مزدورن جي بهتري ۽ ڀلائيءَ لاءِ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيو هو. ڪامريڊ تاج محمد سنڌ جي قسمت بدلائڻ لاءِ علم، ادب، تعليم ۽ سماجي ڪمن ۾ جيڪي خدمتون سرانجام ڏنيون سي ڪڏهن به وسارڻ جوڳيون ناهن. ڪامريڊ ابڙو هڪ نهايت ئي مهربان، شفيق ۽ هڏڏوکي انسان هو، جنهن پنهنجي سموري ڄمار اصولن جي پاسداري ڪئي، ڪڏهن به پنهنجي نظرئي ۽ فڪر کان نه ڦريو ۽ هميشه حق ۽ سچ جي راهه تي رمندو رهيو. هن پوري حياتي لوڪ جي خدمت لاءِ ارپي ڇڏي هئي. ڪامريڊ روشن خيال ۽ مخلص شخص هو، جنهن پورهيت پنهوارن جي لاءِ پنهنجي وت ۽ وس کان وڌيڪ خدمت ۾ گذاري. پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسان جي ملڪ ۾ اهڙن املهه هيرن جو قدر نٿو ڪيو وڃي. خدا ڄاڻي ته ڪنهن رنگين چمن ۾ ڇو نه ڄاياسين؟ ٽڙياسين دامنِ صحرا ۾، خوشبو ئي اجائي وئي. (شيخ اياز) ڪامريڊ تاج محمد جي ٻاريل ڏياٽيءَ جي بدولت سنڌ جي سياست ۾ جاگيرداري جي گپ اوندهه ۾ روشني جو ترورو روشن ٿيو ۽ جاگيرداري جي غلامي کي چئلينج ڪيو ويو، جنهن ۾ ڪامريڊ پيش پيش هو ۽ ان جي ڪري ٻيا غريب هاري ناري ڪامريڊ جي فڪر ۽ فلسفي سان سلهاڙجي ويا. ڪامريڊ تاج محمد ڪميونسٽ پارٽي ۾ شامل هو ۽ مظلومن جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو. ڪامريڊ جي ياري دوستي وڏن وڏن ليڊرن سان هوندي هئي. ڪامريڊ جا مختلف مڪتبه فڪر جي ماڻهن سان به تعلقات هئا پر هو انهن مان نه هو جيڪي پنهنجي لاءِ ذاتي فائدو حاصل ڪن پر هو غريبن جي مدد ڪندو رهيو. ڪامريڊ تاج محمد، اوطاقي مڙس هو، هن جي بيٺڪ امير ۽ غريب لاءِ کليل هوندي هئي. هن جي اوتاري تي حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، ڪامريڊ جمال الدين بخاري، ذوالفقار علي ڀٽو ۽ لاڙڪاڻي جا اديب، شاعر ۽ سڄاڻ ميڙو مچائي علم، ادب، سياست ۽ انقلاب جا مچ مچايو ويٺا هوندا هئا، فيض جي پالوٽ ٿيندي هئي. هو تاريخ ساز شخصيت هو، جنهن سياست کان علاوه سماجي کيتر ۾ به گھڻو ڪم ڪيو. جج جي نوڪري دوران به پنهنجي ڪرت ۾ مشغول رهيو ۽ پاڻ کي هڪ اهڙو ادارو بنايو، جنهن جي ذريعي عوام کي فائدو ئي فائدو مليو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي سنڌ هاري ڪميٽي ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سان گڏجي ڪم ڪيو. لاڙڪاڻو ۽ جيڪب آباد ضلعن ۾ هاري ڪميٽي جا يونٽ کولڻ ۽ سرگرمي سان هارين جي حقن لاءِ جدوجهد هلائڻ جي ڪري پوري سنڌ ۾ هن جو نالو مشهور ٿيو. ان زماني ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جي سرواڻي ۾ جتي ڪامريڊ تاج جهڙا هاري ورڪر سرگرم هئا، اتي ٻيا هاري ورڪر غلام محمد لغاري، قاضي فيض محمد، برڪت علي آزاد، مير محمد ٽالپر وغيره به ڪامريڊ ابڙي جا دوست ۽ ساٿي هئا. هُن هاري ڪميٽي اليڪشن ۾ وڏيرن ۽ جاگيردارن جو مڙسيءَ سان مقابلو ڪيو. ڪامريڊ علم ۽ ادب سان گھڻو شوق ۽ شغف رکندو هو ۽ گھڻو پاڙهو هو. انگريزي جا ڪتاب تمام گھڻا پڙهندو هو ۽ ان ڪري سندس ذهانت اتم ۽ اعليٰ هئي. هو دانشور هو، سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي جو سيڪريٽري رهيو، پر ۵۰ واري ڏهاڪي ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي، رشيد ڀٽي ۽ ٻين جڏهن نئين سري سان سنڌي ادبي سنگت کي فعال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪامريڊ ان ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سنڌي اديبن کي هڪ هنڌ متحد ۽ منظم ڪرڻ ۾ هن جون ڪوششون ساراهڻ جوڳيون آهن. ڪامريڊ يارويش ماڻهو هو، سنڌ جي اديبن شاعرن، سياستدانن، هاري ورڪرن ۽ شاگردن سان هن جا واسطا رهيا، هو سڀ جي خدمت ڪندو هو. هو نياز ۽ نمرتا جو نمونو هو، تمام گھٽ ڳالهائو هو. هن جي اوتاري تي اچڻ وارا اديب ٿي ويا، ڇو جو اتي ڪيئي نامور اديب شاعر ۽ محقق ۽ سياستدان ايندا ويندا هئا ۽ اتي جيڪي بحث مباحثا ٿيندا هئا تن جي اثر جي ڪري نوجوان علم ۽ ادب سان چاهه رکڻ لڳا ۽ مشهور اديبن جي ميل ملاقات ۽ عليڪ سليڪ جي ڪري ڪامريڊ جي آشرم مان علم، ادب، شاعري ۽ ادراڪ جون وٽيون پي پرباش ٿي پنهنجي علم و ادب جا واهڙ وهائي ڇڏيا. نوجوانن انهن ڪچهرين مان گھڻو پرايو. هن جو تعلق گھڻن ئي ليڊرن سان هوندو هو، ملڪ جي سياسي جماعتن جي ويجهو هيو، هن جا خيال الڳ هوندا هئا. ڪامريڊ هوندي به ملڪ جو صدر ۽ وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو هن جي عزت ڪندو هو ۽ هن جي آشرم تي اچي ڪچهري ڪندو هو ۽ ڪامريڊ جو سنگتي هو. ذوالفقار علي ڀٽو جي چوڻ آکڻ تي نوڪري ۾ گھڙيو ۽ اتي به غريبن جي مدد ڪندو رهيو. هن دوستن سان به اهڙو ورتاءُ ڪيو جيڪو اڳ ۾ هوندو هو. جڏهن رٽائر ٿيو تڏهن به ايمانداري جو نمونو قائم ڪري سبڪدوش ٿيو. ڪامريڊ تاج محمد جي ياري باشي ته هر هڪ سان هئي پر پنهنجي ڪهول سان جهڙي نموني هليو ۽ انهن جي تعليم ۽ تربيت تي پورو ڌيان ڌريو، تنهن جي ڪري سندس پونئير به پنهنجي وڏڙي جي واٽ تي هلن ٿا ۽ واقعي اها هڪ خوش بختي چئبي جو اڄوڪي هن دور ۽ نفسا نفسي واري ماحول ۾ هن جا پويان به پنهنجي بابي جي ڇڏيل ورثي جي پوئيواري ڪندي انسانيت ۽ ماڻهپي ۾ آهن. وڏن عهدن تي رهندي به غريبن جو خيال رکڻ واقعي وڏي ڳالهه آهي. اهڙن ڌيئرن ۽ پٽن کي جس هجي! ڪامريڊ جي تربيت ۽ پالنا جي ڪري سندس گھرڀاتي ۽ ٻار ٻچا به ان روش جي ڪري ڪامريڊ جي دڳ تي هلي رهيا آهن. سندس فرزند ۽ ڌيئرن علم ۽ ادب جي ميدان ۾ پاڻ ملهايو آهي ۽ پنهنجي والد صاحب جي ڪم کي وڌايو آهي ۽ ان جي ياد ۾ ڪيئي ڪتاب شايع ڪرايا آهن ۽ يونيورسٽي وغيره ۾ ڪامريڊ جي ياد ۾ چيئر قائم ڪرائي تحسين لائق ڪم ڪيو آهي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جهڙا نيڪ بخت انسان ورلي پيدا ٿيندا، جيڪي پنهنجي ذات ۽ ڏات ۾ هڪ انجمن جو درجو رکندا آهن! مون سي ڏٺا ماءُ، جنين ڏٺو پرينءَ کي، رهي اچجي راتڙي، جنگن سندي جاءِ، تنين جي ساڃاءِ، ترهو ٿئي تار ۾. (شاهه لطيف) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو لاڙڪاڻي جو هڪ عظيم اوطاقي ماڻهو ولي رام ولڀ سنڌ سونهاري ڪيترن ئي حوالن سان هيري جهڙن ماڻهن جي کاڻ رهي آهي، جنهن ۾ لاڙڪاڻو سڀ کان وڌيڪ ڀاڳوند آهي. اهڙن هيرن ۾ مدبر، دانشور، اديب، سياستدان ۽ زندگيءَ جي هر ميدان ۾ ملهه ماريندڙ ڪيتريون ئي شخصيتون شامل آهن. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو به پنهنجي دﺂر جي اعليٰ پايي جي انسانن جي جهرمٽ ۾ لاڙڪاڻي جي روايتي اوطاق ذريعي ڪيترن ئي حلقن ۾ محبوب هو. سندس اوطاق تي هيٺئين سطح کان وٺي مٿئين سطح جي طبقي جا ماڻهو وٽس اوطاقي ٿيندا هئا، جن سان هو سماجي، سياسي، ادبي ۽ علمي موضوعن تي بحث ڪندو هو ۽ اهڙي طرح گفتگوءَ ذريعي ترقي پسند سوچ، فڪر ۽ نظرياتي دڳ طئه ٿيندا هئا. لاڙڪاڻو هڪ عرصي کان وٺي وزيرن، وڪيلن، وڏيرن سان گڏ عام ماڻهن جو شهر پڻ رهيو آهي. اتان جو هر ماڻهو پنهنجي رويي مان سياست جي سُتي پيل لڳندو آهي، جنهن ۾ اوطاق ڪلچر جو وڏو ڪردار رهيو آهي. گذريل صديءَ دوران، نواب حاجي امير علي لاهوري، عبدالغفور ڀرڳڙي، قاضي فضل الله، عبدالفتاح ميمڻ، ميان غلام عباس قادري، فقير محمد انڙ ۽ تاج محمد ابڙي جون ڪچهريون مشهور هونديون هيون، جن ۾ تاج محمد ابڙي جي ڪچهري سڀ کان سرس ۽ سونئالي هوندي هئي. سندس ڪچهريءَ ۾ مختلف قسمن، طبيعتن، مسلڪن، سماجي تنظيمن، مڪتبه فڪرن، سياسي پارٽين، رجعت پسندن، ترقي پسندن، سوشلسٽن، ادبي گروهن، زميندارن، هارين ۽ مزدور طبقي جي ماڻهن جي اچ وڃ رهندي هئي. هُو ساڻن سندن سطح مطابق ڪچهري ڪندو هو ۽ کين مانُ ڏيڻ سان گڏ چاهه ڀري چانهه به پياريندو هو. پر سندس مسلڪ ”ترقي پسندي“ هو، جنهن جو هُو پختو پرچارڪ هو. ابڙو صاحب پاڻ ليکڪ ته نه هو، پر هُو نوجوان ٽهيءَ کي اتساهي کين لکڻ لاءِ آماده ڪندو هو. سندس دوستن ۾ سنڌ جا چوٽيءَ جا اديب، سياستدان ۽ ڪارڪن شامل هئا، جن لاءِ سندس اوطاق بيشڪ هڪ ڪلاس روم مثل هئي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، سوڀو گيانچنداڻي، جمال ابڙو، شيخ اياز ۽ محمد ابراهيم جويي جهڙيون شخصيتون سندس محبتن ۾ شامل هيون ۽ وٽس ٻيا به ڪيترا ئي برک ماڻهو اوطاقي ٿيندا هئا. افسوس جو نئين صديءَ ۾ سنڌ جو اهو ”اوطاقي ادارو“ پنهنجو وقت پورو ڪري کڄي ويو ۽ هاڻي نڪا اوطاق، نه اوطاقي ۽ نه وري ٿري اصطلاح ۾ اوتارا. اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارين، جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا. (شاهه ڀٽائي) محمد ابراهيم جويي جي سهيڙيل ڪتاب ”سنڌ جو املهه هيرو: ڪامريڊ تاج محمد ابڙو“ (۲۰۰۴ع) ۾ پروفيسر اياز قادري پنهنجي مضمون ۾ لکي ٿو ته: ”وٽس لائبريريءَ ۾ ڪافي سارا ڪتاب ڪٺا ٿيل هئا، جن ۾ بايوگرافي ۽ تاريخ بابت ڪافي ڪتاب هئا. هو انگريزي هفتيوار رسالي ‘Time’ (ٽائيم) جو هڪ عرصي کان خريدار هو، جن جا ٻڌل جلد سندس لائبريري جي زينت آهن.“ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سندس دل گهريو دوست هو. هُو وٽس به هليو ويندو هو ۽ بنا حجاب کيس پاڻ وٽ به گهرائيندو هو. انهيءَ دوستيءَ جي رشتي هن کيس ايوبي دﺂر جو بي ڊي (بيسڪ ڊيموڪريسي) جو ميمبر ۽ پوءِ چيئرمين بڻايو. ادب سان دلچسپيءَ سبب هن سنڌي ادبي سنگت جي شاخ قائم ڪئي، جنهن ۾ قلم قبيلي وارن جو وڏو تعداد شريڪ ٿيندو هو، جن ۾ حاجي محمود خادم، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ، انيس انصاري، جمال الدين بخاري، ڊاڪٽر اياز قادري ۽ ٻيا شامل هئا. ۱۹۷۲ع ۾ شهيد ڀٽي جي چوڻ تي تاج محمد ابڙو سيشن جج مقرر ٿيو، پر پوءِ به سندس معمول ۾ ڪو ڦيرو نه آيو. ۱۹۸۵ع ۾ رٽائر ڪيائين ۽ ۱۹۸۶ع ۾ دل جي دﺂري سبب ڪراچيءَ ۾ انتقال ٿيس. سندس اکيون ٻوٽجڻ کان پوءِ لاڙڪاڻي جي ڪچهرين جا دﺂر به ٻوٽجي ويا. هو بيشڪ لکاري نه هو، پر لکارين جي لاءِ وڏي اتساهه جو ڪارڻ هو، بلڪه ائين چئجي ته هو اديب ساز شخصيت هو. ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي لکيو آهي ته: ”.... هن سنڌي ادب تخليق ته نه ڪيو، پر پنهنجي تنظيمي صلاحيتن سان سنڌي ادبي سنگت وسيلي ادب ۾ جديد لاڙن جي جاڳرتا پيدا ڪئي. کيس سنڌي ادب جو خاموش خدمتگار سڏجي ته بهتر ٿيندو. هن ڪڏهن به پنهنجي نالي ڪڍرائڻ جي ضرورت محسوس نه ڪئي، پر خاموشيءَ سان جديد ادب کي رواج ڏيڻ لاءِ ڪم ڪندو رهيو.“ انيس انصاريءَ سندس خاڪي ۾ ڄاڻايو آهي ته: ” تاج محمد ابڙو پنهنجي شخصي ڊائري به لکندو رهندو هو. سندس ڊائريون ۱۹۴۶ع کان ۱۹۸۶ع تائين يعني ۴۰ سالن تي مشتمل هيون، جيڪي سندس ڪٽنب وٽ رکيل آهن.“ منهنجي سندس ڪٽنب وارن کي گذارش آهي ته اهي ڊائريون ايڊٽ ڪري ڇپرائڻ جو انتظام ڪيو وڃي، ته جيئن عمومي طور سنڌ جو ۽ خاص ڪري لاڙڪاڻي جو منظر نامو، منظرِ عام تي اچي سگهي. اهي ڊائريون يقينًا تاريخ جي ٽٽل ڪڙين کي جوڙڻ ۾ مدد ڪنديون. انيس انصاري مذڪوره مضمون ۾ تاج محمد ابڙي طرفان سندس اولاد کي وصيت جي حوالي سان لکي ٿو ته: ”.... سندس دوستن کي ڪا تڪليف نه ملڻ گهرجي، البت پاڻ ۾ اختلاف يا ڪنهن منجهيل مسئلي تي سندن صلاح ضرور وٺندا. انهن جي هر وقت عزت ڪرڻ اوهان جو فرض آهي ۽ سندن اولاد سان تعلق پڻ رکڻ جي ڪوشش ڪندا. کانئن ڪڏهن به مالي مدد جي طلب نه ڪندا.“ انهيءَ مان لڳي ٿو ته پنهنجي عزتِ نفس کي محفوظ رکڻ لاءِ پنهنجن دوستن کي ڪا تڪليف نه ڏيڻ لاءِ ڪيڏو نه تاڪيد ڪيو اٿس، ته جيئن سندس اولاد پنهنجن پيرن تي خود اعتماديءَ سان بيهي، اڏول بڻجي ۽ پنهنجي والد جي روايت کي قائم رکي. مذڪوره ڪتاب ”سنڌ جو املهه هيرو“ ۾ شامل ٻه مضمون اهڙا آهن، جيڪي سندس شخصيت جي اهڙن پهلوئن تان پردو کڻن ٿا، جن مان سندس اعليٰ ظرف، مٿڀري رتبي ۽ ترقي پسند سوچ رکندڙ ڪامريڊ هئڻ جو ڏس ملي ٿو. شيخ اياز پنهنجي لکيل مضمون ”صاف گو ۽ صاف دل انسان“ ۾ سندس ذاتي قرب ۽ دوستيءَ جو مانُ رکيو آهي ۽ ٻيو آهي حميد سنڌيءَ جو لکيل ”سنڌ جو املهه ماڻهو“، جنهن ۾ هن سندس ذاتي ايماندارانه زندگي ۽ ساک قائم ڪرڻ ۾ سچائي، سربستائي، بي غرضائي، ايمانداري، راست بازي، سڦتيائي، اصليت، نرملتا ۽ سٺائي جهڙا جزا بيان ڪيا آهن. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو دوستن جو دوست، سياست سان لڳاءُ رکندڙ، اديبن جو يار، ترقي پسند نظريي جو پڪو پوئلڳ، رک رکاءُ وارو، سنڌ جي ثقافت جو مجسمو ۽ قدامت ۽ روايتن کي مانُ ڏيندڙ، انصاف پسند ۽ انصاف ڪندڙ منصف هئڻ سان گڏ هڪ مخلص ماڻهو هو. اهڙو شخص، جنهن ۾ ايتريون ساريون خوبيون هجن ۽ پاءُ صدي اڳ هن جهان کي ڇڏي، پنهنجن پرستارن جي دلين ۾ دائمي جاءِ ڇڏي وڃي ته يقينًا اهڙين خوبين واري شخص لاءِ هن دﺂر ۾ اعتبار ئي نه ايندو ته اهڙو شخص به هن خطي ۾ زندگي گذاريندو هو ۽ گذاري ويو. هاڻي سندس ڳالهيون ڪندڙ دوست، سندس گهر ڀاتي ۽ سائين ابراهيم جويي جو سلهاڙيل ڪتاب ”سنڌ جو املهه هيرو“ اسان وٽ رهجي ويا آهن، جن مان پتو پوي ٿو ته ههڙا ماڻهو به هن ڌرتيءَ کي دان ۾ مليا هئا، جن جي صدقي هن ڌرتيءَ جو مانُ مٿانهون آهي. (روزانه ڪاوش، آچر ۱۷ اپريل ۲۰۱۱ع) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جاڳر جوڳيئڙن جو زيب نظاماڻي ڪڙو منجهه ڪڙي، جيئنءَ لهار لپيٽيو، سندم جيءُ جڙي، سُپيريان سوگهو ڪيو. (شاهه لطيف) ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين ۽ ڪيٽي بندر کان ڪشمور تائين سنڌ جي خمير ۽ ضمير جي چيڪي مٽيءَ جي سُڳنڌ وقت کي واسيندي رهي آهي. هن مٽيءَ مان ڳوهيل املهه وجود جڏهن ساهن ساڻ سينگاري موڪليا ويا ته مٽيءَ مٽيءَ جي هڳاءَ سان وفا جا نوان باب لکيا، اهي رتيون وڌيون جن جنم کان جنمن تائين پنهنجي سڀاويڪ سوچ ۽ عمل ذريعي سنڌ ڌرتي جي سڃاڻ کي سڄاڻائيءَ جي سڳي ۾ پوئي محبتن جون مالهائون جوڙيون. اهو راڄ، اهو ڀاڳ، اهو تر، اهو بي ڳڻو ليکبو هو، جنهن جي تڏي ڪو ڪهي اچي ۽ مانُ نه لهي. ڏورانهون ڪهي ايندڙ يا ڏينهن لاءِ گڏجي ويهي نبيرا ڪرڻ، پريت ونڊڻ ۽ ڏاهپ جا واهڙ وهائڻ لاءِ جنهن آڳنڌ کي عزت بخشي ويندي آهي، ان کي سنڌي ٻوليءَ ۾ اوطاق چئبو آهي. معنيٰ اوري پري کان ڪهي، رلجي سلجي هڪٻئي سان گڏجي ڪانڀا ٻڌي ويهي ڏاهپ جا نوان گس، نبيري جا نوان لاڙا ڳولي لهڻ، سنڌ جي اوطاقن جي سڃاڻپ رهي آهي. جنهن تر جي راڄ ۾ اوطاقون نه هجن ته اتي سڃ ليکبي ۽ جنهن راڄ ۾ اوطاقون نه هجن ته اتي ڏاهپ جا واهڙ وهندي ڀاسبا. هڪ راڄ وارا ٻي راڄ ۾ ڪهي وڃي مهمان ٿيندا هئا، مچ ٻرندا هئا، سياري جون ٿڌيون ڊگهيون راتيون ائين پل ۾ وهامي وينديون هيون. هڪٻئي سان رابطي جو اهو سگهه وارو ذريعو نه رڳو هڪٻئي سان ميل ميلاپ وڌائڻ ۾ مدد ڏيندو هو، پر ڏات، ڏاهپ ۽ سُگهڙ پائيءَ جا نوان باب کوليندو هو. بزرگن واتان ڏور، پهاڪا، ڳجهارتون، بيت ۽ داستان ٻڌي ائين ڀاسبو هو، ڄڻ ته عمل جي عميق مان ٽٻي ڏئي موتي ميڙي آيا هجون. ٻوليءَ جي سکيا جا فطري مرڪز سنڌ جون اوطاقون ئي رهيون آهن. ماءُ جي جهوليءَ کان پوءِ جيڪڏهن پُٽ ٻاهر علم پرائيندو هو ته اهو ذريعو اوطاقون ئي هونديون هيون. پر جيئن جيئن وقت گذرندو رهيو ته اوطاقون، جيڪي سماجي رابطي جو اهم ذريعو رهيون، پنهنجي اهميت وڃائڻ لڳيون. هاڻ اوطاقن ۾ ڏاهپ جا واهڙ وهڻ جي بجاءِ رڇ ڪتن جي ويڙهه، ڪڪڙن جا ميل ۽ ڪارو ڪاريءَ جي فتويٰ جا فيصلا، هڪٻئي تي حاڪميت هلائڻ ۽ سرڪاري پئسا کائڻ لاءِ سٽون سٽڻ لاءِ وڃي رهيون آهن، پر اهڙي پُر آشوب دؤر ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو اهو واحد مردِ مجاهد هو، جنهن علم جي لاٽ ٻاري پنهنجي اڱڻ تي اها جوت جلائي، جنهن جو تجلو صدين کان صدين تائين سنڌ جي اتهاس ۾ روشن باب بڻجي نسل در نسل سرت، ساڃاهه ۽ ڏات منتقل ڪندو رهندو. پنهنجي تڏي کي ٻين جي آڌر لاءِ اڱڻ اجاري انتظار جا ڏيئا ٻاري رکجن! اها ريت سنڌ واسين جي سڃاڻپ رهي آهي ۽ ايندڙ کي چوندي آءُ، ويندڙ کي چوندي ويهه! ته پوءِ ڏوري ڏيهه، سچ ته انهيءَ قربن وارين ڪچهرين ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي اڱڻ ڪهي وڃڻ جي ريت، سنڌ ۽ سنڌ جي سرحدن کان پري کان ڪهي ايندڙ شخصيتن جي قدمن جا نشان اڄ به ان اوطاق ۾ پسي سگهجن ٿا. سندن آڌرڀاءُ ڪرڻ لاءِ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي پيار ۽ خلوص جي خوشبوءِ سان انهيءَ اوطاق جون ديوارون اڄ به مهڪي رهيون آهن، پر اڄ اهو جوڳين جو جاڳر هڪ خواب وانگر ٿو لڳي ۽ اها اوطاق جتي سچ ۽ پيار جا سوين سج اڀرندا ۽ خوشيون ۽ محبتون کڻي ايندا هئا ته الهندا به خوشيون ۽ محبتون کڻي ايندا هئا. پر اڄ ها! اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارين آديسي اٿي ويا، مڙهيون مون مارين جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا. (شاهه لطيف) ۱۹۴۷ع ڌاري وڪالت جي تعليم حاصل ڪري قانون جا ڳاٽي ڀڳا ڳرا ڪتاب پڙهندي ڪامريڊ تاج محمد ابڙو قانوني پيچيدگين ۽ قانون جو ڄڻ ياد حافظ بڻجي وڃي ٿو ۽ پوءِ پنهنجي ساٿي ۽ استاد شمس الدين ابڙي سان گڏجي وڪالت ڪرڻ لڳي ٿو. ايماندار وڪيل هر ايماندار ڪاموري جيان ڏوڪڙ ته نه، پر واهه واهه جا جهول ڀري ٿو ۽ ماڻهن جي محبت تاڙين جي روپ ۾ گڏ ڪري پنهنجي بينڪ بيلنس ۾ واڌارو ڪرائي ٿو، پر هو اهو به ڄاڻي ٿو ته انهيءَ بينڪ بيلنس مان نه ته سندس ٻارن ٻچن جو پيٽ ڀربو ۽ نه ئي پنهنجو خرچ هلندو ۽ نه ئي جيڏن، سرتن ۽ يارن دوستن جو آڌر ٿي سگهندو! انهيءَ لاءِ ڪامريڊ سنڌي اخبار الوحيد ۽ انگريزي اخبار ڊان جي سب ايڊيٽر جي حيثيت ۾ پنهنجو پاڻ مڃايو. مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي سرگرم رڪن جي حيثيت ۾ پاڻ مڃائيندڙ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جڏهن جج جهڙي حساس ۽ ذميداريءَ واري منصب تي فائز ٿيو، ته به سندس ذاتي مصروفيتن تي ڪوبه فرق نه پيو. هن طالب جي دوستي هر عام ۽ خاص، ننڍي توڙي وڏي سان هئي. مطلب ته هن وٽ دوستيءَ جو معيار عام رواجي نه، پر صوفين وارو يعني انسان ذات سان سنگت ساٿ واري ريت جيان رهيو. سياست، علم وادب سان واسطو رکندڙ ۽ واپاري، صنعتڪار، مزدور، هاري، رئيس ۽ وڏيرا، مطلب ته هر مڪتب فڪر ۽ هرهڪ طبقي جا ماڻهو سندس اوطاق تي وٽانئس محبت جا موتي ميڙي پنهنجا پالها جهول ڀريندا رهيا. ذوالفقار علي ڀٽو، اياز قادري، قاضي فضل الله، شيخ اياز، تنوير عباسي، فتح الله عثماني، رشيد ڀٽي، ڪامريڊ مولوي نظير حسين جتوئي، ڪامريڊ جمال الدين بخاري، ڪامريڊ برڪت علي آزاد، جمال ابڙو، حفيظ قريشي، قاضي فيض محمد، سائين جي ايم سيد، پير حسام الدين راشدي، پير علي محمد راشدي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، ڪيرت ٻاٻائي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، سيد غلام مصطفيٰ شاهه، گوبند مالهي، نسيم کرل، هري دلگير، ڪامريڊ مير محمد ٽالپر، سراج الحق ميمڻ، حميد سنڌي، نور الدين سرڪي جي پيار جا بادل مٿس برسندا رهيا. ابڙو وڏ-وڙو سُوڙو، سمو سونهن سڀن، تنهن در سڀ اچن، ڪنڌ نه ڪڍي ڪڇ ڌڻي. (شاهه لطيف) ها انهيءَ ڪڇ ڌڻي ابڙي جهڙي شخصيت جو مالڪ هي تاج محمد ابڙو به وڏي وڙ وارو ٿي گذريو آهي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو پاڻ ڪڏهن به تخليقي ادب، تخليق نه ڪيو، پر سنڌي ادب سان سندس بي پناهه محبت ۽ عقيدت جو عملي ثبوت سنڌي ادبي سنگت مرڪز جي بنيادي ڪارڪن جي حيثيت ۾ سنڌي ادبي سنگت مرڪز جو بنياد وجهڻ آهي. اها هڪ تاريخي حقيقت آهي، جنهن جي شاهدي روزانه هلال پاڪستان ڪراچي جي اربع ۲۷ آگسٽ ۲۰۰۳ع ۾ لکيل مونس بخاري جو مضمون: ”سنڌ جو املهه هيرو: ڪامريڊ تاج محمد ابڙو“ مان ملي ٿي. مونس بخاري لکي ٿو ته: تاج محمد ابڙو جي اوطاق ۾ سنڌ جا ڏاها ۽ سرموڙ ليکڪ گڏ ٿين ٿا، جن ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي، سائين تاج محمد صحرائي، جمال ابڙو، رشيد ڀٽي ۽ ٻيا جن جي کاڌي پيتي جو انتظام به تاج محمد ابڙو پنهنجي هڙان وڙان ڪندو رهيو. اهڙيءَ ريت انهيءَ عظيم اوطاق ۾ سنڌي ادبي سنگت مرڪز جو بنياد رکيو ويو، جيڪا اڄ تائين ايشيا جي سنڌي اديبن جي واحد تنظيم آهي، جيڪا پنهنجي سگهاري حيثيت وقت جي لاهن چاڙهن ۾ به برقرار رکيو اچي، پر افسوس ته سنگت جي مرڪزي عهديدارن ڪڏهن به ڪنهن به دؤر ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي شخصيت ۽ ڪارنامن تي نه ته ڪو سيمينار ڪوٺايو، نه سندس جنم ڏينهن ملهايائون ۽ نه ئي وري سندس تي لکيل آرٽيڪل ڇپرائڻ جو ڪو خيال ڪيو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي شخصيت سندن سڀاءُ ۽ سندن علمي ڪردار ادب، سياست ۽ سماج لاءِ هڪ مشعل راهه کان گهٽ نه رهيو آهي. تون چؤ مون کان پوءِ ڪنهن جو ٿيندين ڪينرا! واڪا ڪندي ووءِ، صديون تو لاءِ سنڌڙي. (اياز) اڄ نه پسان سي، آتڻ ڪتيم جن سين هاڻي تنين کي، ڪنڌيءَ ڪاڪ نهاريان. (شاهه لطيف) ون يونٽ ختم ڪرائڻ جي ڏس ۾ عملي تحريڪ جو هي خاموش هيرو پنهنجي عمل ۾ ظاهري نماءُ ڪندڙ نام ڪٺين، جيڪي سدائين ون يونٽ ٽوڙڻ جو ڪارنامو نرڙ تي چنبڙائي قوم تي ٿورا ٿڦيندي وتن واڦيندا ٿاڦيندا ۽ ٺڙڪو ڪارنامن کي ڪيش ڪرائيندا آهن، پر ڪامريڊ تاج محمد ابڙو نه ئي ڪڏهن پاڻ پڏايو ۽ نه ئي پنهنجا ڪارناما ورجايا ۽ نه ئي انهن کي ڪيش ڪرايو. مون کي ته افسوس اسان جي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي به ٿئي ٿو، جن وٽ هاڻي جڙتو مقابلن واري ڳجهارتي روش عمل ۾ آهي. اسان جي نوجوان نسل وٽ ويجهڙائي ۾ هيروز جي اهڙي ڪابه لسٽ نه آهي، جن کي سچائي ۽ ايمانداريءَ جي ڪسوٽي تي رکي پرکي سگهجي. اسان وٽ ته پُڇ ٻَڌي مهري ڪرڻ واري روش تحت جڙتو هيرو، جن جي ساک جَــر تي ڦوٽي جهڙي آهي، جام آهن. سنڌ جي کسجندڙ وسيلن ۽ وڪامجندڙ سنڌو درياءَ جي سُڏڪندڙ صورت ڏسندي رڳو چند ڏات ڌڻين جي اکين ۾ لڙڪ تري ايندا آهن، نه ته رڳو ٻه چار مضمون، نظم، گيت، غزل، وايون، دوها ۽ ٽيڙو بس! سياستدان احتجاج ڪندا، بيان ڏيندا، پوءِ نون سودن سان مارڪيٽ جا نوان اگهه! هاڻي سنڌ ماءُ کي ائين سستي اگهه وڪڻندڙن جي هٿن کي هٿي ڏيندڙ بيحس ماڻهو سنڌ جي آئنده نسل کي ڪهڙو تاريخي آئينو ڏيکاريندا؟ ها پر اهڙي ڀڃ ڊاهه جي دؤر ۾ وري ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جهڙي شخصيت جو عملي ڪردار سندس اوطاق جي در ۽ ديوارن تي وڏي واڪي چئجي ۽ پنهنجن سچن هيروز جي سڃاڻپ پنهنجي ڌرتي جي مستقبل لاءِ ڪنهن نه ڪنهن آءِ ڊي ۾ آڻي انٽرنيٽ لاءِ منتقل ڪجي ته جيئن سنڌ جو مستقبل پنهنجي هيروز جي عملي ڪارنامن مان ڪو عملي سبق حاصل ڪري سگهي. محبتي ميڙي، ڳوٺ ٻڌجي هڪڙو تنين جي ويڙهي، پاڻهي ايندو بادشاهه. (شاهه لطيف) لاڙڪاڻو جنهن لاءِ کوڙ ساريون چوڻيون ۽ پهاڪا مشهور آهن: لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو يا هجئي ناڻو ته گهم لاڙڪاڻو وغيره، انهيءَ لاڙڪاڻي جي لعلن ۾ هڪ لعل ڪامريڊ تاج محمد ابڙو اسان کان ۱۰ مارچ ۱۹۸۶ع تي هميشه لاءِ جسماني طور جدا ٿي وڃي ٿو، پر سندس عملي ڪردار پوري سنڌي قوم لاءِ هڪ ڏيئي جي حيثيت رکي ٿو، جنهن جي لاٽ ۾ امن، پيار ۽ محبت جي واٽ پسي سگهجي ٿي. لاڙڪاڻو اڄ جنهن بدامني ۾ غرق ٿيل آهي، انهيءَ مصيبت مان ڪڍڻ لاءِ ڪامريڊ تاج محمد جو نينهن نياپو گهر گهر، در در پهچائڻ اسان لاءِ اولين فرض جي حيثيت رکي ٿو، ته جيئن اتي اسان پنهنجي پياري لاڙڪاڻي ۽ سونهاري سنڌ ڌرتيءَ جي کيتر ۾ پيار ڪڻيون پوکي، سک، سلامتي ۽ امن جا سنگ اپايون. اچو ته عهد ڪريون ته اتي ڪڏهن به ڪارو ڪاري رسم نه دهرائجي، جتي ڪڏهن به ڪنهن جي لڄالٽ نه ٿئي، جتي ڪڏهن به ڪنهن ٻار سان زيادتي نه ٿئي، جتي ڪڏهن به ڌاڙيل ڪچي جي حسن کي بارود جي بوءِ ۾ لوڙهي نه ڇڏين، جتي سهاڳڻين جي چوڙين جا ٽڪرا گهٽين ۾ وکرڻ بجاءِ سندس کڻڪي تي گيتن جا گلزار سجن، جتي مينديءَ جي مهڪار تي موڙ ۽ نئن جا ڳيچ ڳايا وڃن، جتي علم، ادب ۽ ڏاهپ جو سنڌو پنهنجي ڦوهه جوانيءَ جي مست ڇولين سان جهومي نچي! ها ان مٿان ڪي به ريتن رسمن جا ٿل ڪئنال ۽ ڪالاباغ يا اهڙا ڪي به ڪئنال ۽ بند نه ٿڦيا ۽ نه مڙهيا وڃن. ٻار ماءُ جي لوليءَ جي ٻولن کان ڪنائي پنهنجي سنڌي ٻولي ڳالهائڻ سکن. نئون نسل اجرڪ جي ڦلڙي، گج جي ٽوئنرن، ٽوپيءَ جي ٽڪن ۽ رليءَ جي ٽڪَ ۾ سمايل سونهن ۽ سچ جي واٽ پسي سگهي. پر اڄ اهي ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جهڙا ڪردار ڪٿي آهن! اچو ته انهن جي اوطاقن جا گس ڳوليون، جت جوڳيئڙن جو جاڳر ٿيندو هجي ۽ ڏاهپ ۽ محبت جا واهڙ وهندا هجن. پر افسوس جو: اڄ نه اوطاقن ۾، جاڳر جوڳيئڙن جو ساري سناسين کي، روئيندين يتئان رو پس پارئان تو، لاهوتي لڏي ويا. (شاهه لطيف) (روزانه عوامي آواز، جاڳو، سَچ، تعمير سنڌ، هلچل، سنڌ، مهراڻ، عبرت) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو آزاديءَ جي شمع جو پروانو برڪت علي آزاد تاج محمد ابڙي سان منهنجي واقفيت قاضي فضل الله سابق وزيراعليٰ سنڌ مرحوم جي معرفت ۱۹۴۸ع ڌاري ٿي. قاضي صاحب جا تاج محمد ابڙي سان انتهائي گهرا تعلقات هئا. تاج محمد ابڙي کي مون سياست ۽ ادب جو بيحد جنوني، شوقين، پيارو ۽ همدرد انسان دوست ڏٺو، تڏهن ئي مان سندس لاڙڪاڻي واريءَ اوطاق ۾ اچڻ وڃڻ لڳس. مان تاج محمد ابڙي جي اوطاق ۾ اڪثر اچي قيام پذير ٿيندو هئس. مون کي ابڙي صاحب وٽان چڱي آڌرڀاءُ، عزت، ماني ٽڪي ۽ خاطر تواضح ملندي هئي. تاج محمد ابڙي کي سوشلزم سان شروع کان ئي وٺي دلچسپي هئي. انهيءَ زماني ۾ مون کي به سوشلزم سان دلچسپي وڌڻ لڳي. انهيءَ دوران تاج محمد ابڙي لنڊن مان سوشلزم آئيڊيالاجيءَ جو هڪڙو ماهوار رسالو ”ليبر منٿلي“ جي نالي سان لنڊن مان گهرائي، مون کي تحفو ڪري ڏنو. اهو رسالو هاڻي به منهنجي لئبريريءَ ۾ محفوظ ۽ سانڍيل آهي، جيڪو تاج محمد ابڙي جي اسان دوستن لاءِ محبت جي يادگيري ڏياريندو رهندو آهي. تاج محمد ابڙو مرحوم ۱۹۷۰ع ۾ وڪالت ڇڏي سيشن جج ٿي، سکر آيو. مان به شيخ اياز جي چوڻ تي جيڪب آباد ڇڏي، سکر ۾ اچي سڪونت اختيار ڪئي. تاج محمد ابڙي جو سرڪاري بنگلو اسلاميه ڪاليج لڳ هو. مان ڏانهنس اچڻ وڃڻ لڳس. مان ۽ ابڙي صاحب جا ٻيا ڪافي دوست شام جو تاج محمد ابڙي جي بنگلي تي اچي، ڪچهري ڪندا هئاسين. تاج محمد ابڙو سرڪاري نوڪري ۾ هوندي به اهو ساڳيو ئي تاج محمد ابڙو هو، جو ججيءَ کان اڳ ۾ هو. ساڳيون ئي ڪتابن واريون ڳالهيون، ساڳيون هاري تحريڪ ۽ ترقي پسنديءَ جون صلاحون ۽ مشورا، ساڳيو آزاد منش، ترقي پسند، انسان دوست. سکر ۾ ان سلسلي ۾ اسان جو حلقو هو رشيد ڀٽي، شيخ اياز، فتح الله عثماني ۽ فتاح ملڪ وغيره. اهڙي نموني اسان جون سياسي ۽ ادبي ڪچهريون تاج محمد ابڙي جي نوڪريءَ دوران به ٿينديون رهيون. ڪجهه عرصي کان پوءِ تاج محمد ابڙي جي بدلي سکر کان حيدرآباد ٿي، پر اتي به تاج محمد ابڙي جو ساڳيو ئي شوق رهيو، يعني شام جو حيدرآباد ۽ پسگردائيءَ جي دوستن سان سندس ڪچهريون متل رهيون. حيدرآباد ۾ مان حيدر بخش جتوئيءَ جي هاري پارٽي واريءَ آفيس ۾ ايندو هئس، پر رهندو تاج محمد ابڙي وٽ هئس. تاج محمد ابڙي جون سنڌ جي مختلف شهرن ۾ بدليون ٿينديون رهيون ۽ مان هن ڏانهن هر شهر ويندو رهيس. تاج محمد ابڙي جي بدلي خيرپور ميرس به ٿي، جتان ڪڏهن ڪڏهن ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ کي وٺي ۽ رشيد ڀٽي مرحوم کي ساڻ کڻي، مون وٽ اچي منهنجي لئبريريءَ ۾ ابڙي صاحب وارا ويندا هئا، جا منهنجي گهر ۾ موجود آهي. هڪ دفعي تاج محمد ابڙي مون کي داراشڪوه جو مشهور لکيل ڪتاب تصوف تي مجمع البحراين وٺڻ لاءِ چيو، جيڪو ناياب ڪتاب هو. جڏهن مان ورلڊ سنڌي ڪانگريس انڊيا ويس ته اهو ڪتاب دهليءَ مان خريد ڪري اچي تاج محمد ابڙي کي ڏنو، جنهن کي ڏسي تاج محمد ابڙو، رشيد ڀٽي ۽ ڊاڪٽر تنوير عباسي ڏاڍا خوش ٿيا. تاج محمد ابڙي کي دل جو عارضو رهندو هو، پر ڊاڪٽر جي هدايت باوجود هو جڏهن به سکر ايندو هو ته مون وٽ منهنجي فليٽ تي ڪافي وڏي ڏاڪڻ چڙهي مٿي ايندو هو. هڪ دفعي مون کيس چيو ته: مهرباني ڪري اگر توهان مون سان ملڻ چاهيو ٿا ته نوڪر کي مون ڏانهن موڪليندا ڪريو ته مان خود توهان سان هيٺ اچي گاڏيءَ ۾ ملان، توهين ڇو تڪليف ڪري بيماريءَ ۾ مون ڏانهن مٿي اچو ٿا! ابڙي صاحب انهيءَ تي چيو ته: ”تنهنجو گهر منهنجي لاءِ هڪ درگاهه آهي، جنهن کان مان ڪنهن به قيمت تي پاڻ کي محروم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيان.“ اهو هو تاج محمد ابڙي جي اسان دوستن، ڪامريڊن لاءِ قربت ۽ پيار جو احساس، جنهن مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو. اهڙا عظيم ماڻهو مون پنهنجي زندگيءَ ۾ تمام گهٽ ڏٺا آهن. جهڙيءَ طرح مان ابڙي صاحب کي دنيا جي هر موضوع تي گوناگون ڪتاب پهچائيندو هئس، تهڙي طرح ابڙو صاحب به مون کي پنهنجا ناياب ۽ قيمتي ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڏيندو هو. سندس وفات کان ڪجهه عرصو اڳ تاج محمد ابڙي مون کي هڪ اهڙي ڪتاب ڏيڻ جو چيو، جو اهو ڪتاب هڪ اڻ لڀ ۽ انتهائي ناياب قسم جو هو، پر افسوس اهو ڪتاب ابڙي صاحب جي وفات ڪري مون کي ملي نه سگهيو، پر اڄ ڏينهن تائين مون ڏاڍي ڪوشش ڪئي آهي، پر اهو ڪتاب مون کي دستياب نه ٿي سگهيو آهي، جنهن جي پڙهڻ جي مون کي اڄ به بيحد تمنا ۽ تڙپ آهي. تاج محمد ابڙو پنهنجن دوستن يارن کي پاڻ وٽ رهائڻ پنهنجي وڏي خوش قسمتي سمجهندو هو. منهنجي تاج محمد ابڙي جي معرفت ڪافي وڏين وڏين اهم شخصيتن سان واقفيت ٿي. ابڙي صاحب جو پنهنجن گهروارن ۽ نوڪرن کي بيحد سختيءَ سان چيل هو ته ڪوبه اگر منهنجو دوست اچي ته ان کي هميشه سٺي ماني ٽڪي ۽ ايئر ڪنڊيشن ڪمرو، گهمڻ لاءِ ڪار ۽ ڊرائيور وغيره ڏيندا ڪريو ۽ منهنجي غير موجودگيءَ ۾ به انهن جي خاطر تواضح کان سواءِ نه ڇڏيندا ڪيو ۽ کين مجبور ڪندا ڪيو ته رهن. تاج محمد ابڙو سنڌ جي سياست ۾ منهنجي شموليت جو بيحد منتظر هوندو هو ۽ سندس مرضي هئي ته مان ڪوئٽه واري اردو اخبار ”زمانه“ ڇڏي سنڌ واپس اچي پنهنجي قومي ڪاز هاري تحريڪ کي وڌيڪ منظم ڪرڻ لاءِ هتي اچي ڪم ڪريان. سندس چوڻ هو ته: ”ڇاڪاڻ ته تو زندگيءَ جو گهڻو حصو جيڪب آباد ۾ گذاريو آهي، هاڻي به موٽي سنڌ ۾ اچ ۽ پنهنجي پسند جي ڪم کي وڌاءِ.“ آخرڪار مان تاج محمد ابڙي جي صلاح سان پنهنجي اردو اخبار ”زمانه“ کي هڪ دوست حوالي ڪري جيڪب آباد آيس. مون ۽ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي اهو محسوس ڪيو ته جيستائين هن وڏيرا شاهيءَ جي اثر رسوخ رکندڙ ضلعي جيڪب آباد ۾ ڪجهه عوامي طاقت جي ذريعي وڏيرا شاهيءَ جي زور کي پوئتي نه ڪيو ويندو، تيستائين اسين عوام جي ڪابه خدمت ڪري ڪونه سگهنداسين ۽ نه ئي هتي ضلعي جيڪب آباد مان اسيمبليءَ اندر ڪي عوامي نمائندا آڻي سگهنداسين. هن سلسلي ۾ پوءِ جيڪو پهريون عوامي طاقت جو مظاهرو هن ضلعي جيڪب آباد ۾ ڪيوسين، ان ۾ جن بزرگن منهنجي دعوت تي قدم رنج فرمايو ۽ منهنجي جيڪب آباد ضلعي ۾ سياسي سرپرستي ڪئي، سي هئا: شيخ عبدالمجيد سنڌي، قاضي فيض محمد، جي ايم سيد، تاج محمد ابڙو ۽ غلام محمد لغاري. انهيءَ سڄي ڪم ۾ تاج محمد ابڙو اڳيان اڳيان رهيو ۽ اهڙيءَ طرح ضلعي جيڪب آباد ۾ تاج محمد ابڙي جي مدد سان هاري تحريڪ جو بنياد پيو. درحقيقت اها ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي ٻاريل هڪ شمع هئي. هڪ اهڙي بنيادي روشنيءَ جي شمع، جنهن پيڙهيل هاري طبقي کي پنهنجي حقوق وٺڻ جو شعور بيدار ڪيو ۽ ورهين کان مٿن وڏيرا شاهيءَ جي غلاميءَ کان آزاديءَ جو دڳ ڏسيو ۽ ضلعي جيڪب آباد ۾ تاج محمد ابڙي هاري آفيس جو بنياد رکرايو. هن سلسلي ۾ صدر ايوب جي مقابلي ۾ مرڪزي اسيمبليءَ ۾ صدر ايوب جي مخالفت ۾ فاطمه جناح جو ساٿ ڏنو. هيءَ اسان جي خوش قسمتي هئي، جو هيڏي ساري عوام دشمن ماحول ۾، سياست جي هيڏي ساري طاقت جي موجودگيءَ ۾ به ڪي عوامي ذهن ۽ فڪر جا تعليم يافته ۽ ترقي پسند دانشور اسان وٽ موجود هئا، جن مان تاج محمد ابڙو به هو، جن کي جڏهن به موقعو مليو، انهن عوامي طاقت کي هٿي ڏيڻ ۾ پنهنجي وسئون نه گهٽايو. هڪ جاگيردارانه نظام ۽ ڳڙهه ۾ هاري تحريڪ جو بنياد رکي عوامي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ جو ثبوت ڏنو ۽ پنهنجي وت آهر پنهنجي وسان نه گهٽايو. اهڙو هو هيءُ اسان جو محبوب دوست ۽ هم خيال ساٿي مرحوم ۽ مغفور ڪامريڊ تاج محمد ابڙو. اهڙي جابرانه نظام جي ماحول ۾ قدرت طرفان دنيا ۾ ڪي اهڙا عظيم انسان به جنم وٺندا آهن، جيڪي بغير ڪنهن نالي ڪڍرائڻ جي پنهنجي ڌرتي ماتا ۽ ان جي غريب پيڙهيل طبقي جي خدمت لاءِ پنهنجي سڄي حياتي وقف ڪري ڇڏيندا آهن. تاج محمد ابڙو به اهڙن ماڻهن منجهان هڪ هو، جنهن کي تاريخ ۾ ڪڏهن به وساريندي به وساري نه سگهبو. سنڌ جون اهڙيون مها قومي هستيون تاريخ جو عظيم سرمايو آهن ۽ اسان جي ايندڙ نسل لاءِ مشعل راهه آهن. (عوامي آواز، عبرت، هلال پاڪستان، سنڌ سجاڳ، الوحيد) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سندس ڪيل سياسي، سماجي ۽ ادبي خدمت عبدالخالق شيخ/ لاڙڪاڻو سنڌ جو نامور اديب، دانشور، جج، سياستدان، سماج سڌارڪ ۽ صحافي ڪامريڊ تاج محمد ابڙو شاگرديءَ واري دور کان ئي سياست ۾ سرگرم رهيو. مسلم ليگ ڪميونسٽ پارٽي، جيئي سنڌ، سنڌ هاري ڪاميٽي، نعپ ۽ پيپلز پارٽيءَ سميت سنڌ عوام اتحاد کان وٺي جيڪا تحريڪ سنڌ جي ڀلي ۽ آجپي لاءِ هئي، انهيءَ ۾ ڀرپور نموني حصو ورتائين، ايشيا جي سڀ کان وڏي ۾ وڏي ادبي تنظيم سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي باني ميمبرن ۾ سندس شمار ڪيو ويندو هو. هن لاڙڪاڻي واري اوطاق، سنڌ ۽ هند جي مشهور اوطاق تي سنڌي ادبي سنگت جو اجلاس ڪوٺرايو، ون يونٽ خلاف تحريڪ دوران روشنيءَ جو پهريون ڪرڻو لاڙڪاڻي ۾ مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي اوطاق تان اُڀريو ۽ پوري سنڌ ۾ ڦهلجي ويو ۽ سموري سنڌ کي جرڪائي ڇڏيائين. پاڪستان جي پهرين مشهور سنڌي مسلمانن جي واحد اخبار ”الوحيد“ جو ڪجهه وقت ايڊيٽر رهيو. لاڙڪاڻي جي تاريخ ۾ اهو ئي سبب آهي جو انجمن ترقي اردو جي عمارت ۾ جيڪا لائبريري قائم ڪيائين، ان جو نالو شاهه عبداللطيف ڀٽائي رکيائين، جيڪا پهرين سندس گهر جي ڀرسان هئي. لاڙڪاڻي جي تاريخ جي سڀ کان وڏي سنڌ جي لائبريري سر شاهنواز ڀٽو ميموريل لائبريريءَ جو بنياد به مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو رکرايو. هي لاڙڪاڻي شهر سان لڳو لڳ بقاپور يونين ڪائونسل جو چيئرمين به رهيو. ريڊيو پاڪستان ڪراچي تي نيوز ڪاسٽر طور به ڪم ڪيائين، ته گڏ قمبر هاءِ اسڪول ۾ انگريزي استاد جي حيثيت سان به پنهنجا فرائض سرانجام ڏنائين. پاڪستان جو واحد اڳواڻ هو، جنهن کي ڪامريڊ جو خطاب مليو. هن جو شمار ۱۹۵۳ع ۾ ڇپيل بائيوگرافيڪل انسائيڪلو پيڊيا آف پاڪستان ۾ ڪيو ويو، جنهن ۾ ملڪ جي هڪ هزار وڏين شخصيتن کي شامل ڪيو ويو آهي. انهيءَ کان علاوه پنجاب ۾ اردوءَ ۾ ڇپجندڙ ڪتاب ”سنڌ ڪي چند انقلابي دانشور اور عوامي رهنما“ ۾ ۱۵ اهم شخصيتن ۾ شامل ڪيو ويو. سنڌ صوبي جو عوام ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي سياسي، سماجي، ادبي، قانوني خدمتن کي مدنظر رکندي سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو يادگار ڪاميٽيون ۽ بزم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جا بنياد وجهي سندس جون هر سال سنڌ ۾ ورسيون ۽ سالگراهون ملهائي رهيو آهي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ۱۰ مارچ ۱۹۸۶ع تي ڪراچيءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. کيس ابوبڪر قبرستان، لاڙڪاڻي ۾ دفنايو ويو. جڏهن ته اڄ سندس ۲۸ هين ورسي ملهائي ويندي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو هڪ دؤر جو نقيب انعام شيخ انسان جي تخليق، ڪائنات جي ڪل تخليقات کان اتم، افضل ۽ اتانهين آهي ۽ ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته آدم جي اولاد پنهنجي پروردگار طرفان عطا ڪيل ان شرف جو خوب ڀرم رکيو ۽ اهڙا اهڙا شاندار ڪارنامه سرانجام ڏنا ۽ اهڙيون اهڙيون شهڪار ايجادون ڪيون، جو عقل دنگ رهجي وڃي ۽ ڏندين آڱريون اچيون وڃن. ان ڳالهه تي ڪي به رايا ڪونه آهن ته انسان ذات پنهنجي اعليٰ صلاحيتن باوجود عيبن کان آجي، صاف سٿري يا رڳو پاڪ آهي، پنهنجي تمام تر خوبين باوجود هڪ انسان جو معاشرتي ڪردار نهايت اهم ليکيو وڃي ٿو. جيڪڏهن هو سماج لاءِ متحرڪ ۽ لاڀائتي سوچ رکي ٿو ۽ سندس مجموعي سوچ جا سرا پنهنجي قوم ۽ وطن سان واڳيل آهن ۽ اهو پنهنجي فردن ۽ سماج جي ترقيءَ جو اونو رکي ٿو ته سچ ته ان جو ڪو مٽ يا ثاني نه آهي. جيستائين سنڌ ۾ سٺن ڪردارن جو تعلق آهي، آءٌ بنا هٻڪ اهو چئي سگهان ٿو ته ماضيءَ جي خوشحال سنڌ جي شاندار جهولي ان کان خالي نه هئي ۽ اڄ انهن ڪردارن جو اهڙو ڏڪار ڪاهي پيو آهي، جو دل جي اک رت جا ڳوڙها ڳاڙڻ تي مجبور آهي. ڪاڏي ويون اڳوڻي دؤر جون شاندار روايتون، ڪاڏي ويا اهي مانجهي مڙس، جن جي دم سان اسان جي تهذيب ۽ تمدن جون صحتمند روايتون دنيا ۾ اسان جي لاءِ فخر جو سبب بڻيون آهن ۽ هيون! انهن شاندار ڪردارن جي تخليق جو سلسلو منقطع ٿي ويو. سنڌ جو ڀاڳ، نڀاڳ ۾ اجڙي ويو ۽ اڄ حالت اها آهي جو سنڌي سماج پنهنجي جوهر ۾ نهايت ويڳاڻو، معصوم، يتيم ۽ بي يارو مددگار بڻجي چڪو آهي. هر ماڻهو پنهنجي خواهشن جو غلام، هوس ۽ حرص جو پوڄاري بڻجي ويو، قوم ۽ وطن جي خوشحاليءَ واري سوچ جي جاءِ تي پنهنجا ڀڀ ڀرڻ، عزتِ نفس تين وال ڪري به پئسو گڏ ڪرڻ جهڙي مڪروهه ڪرت والاري آهي. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو اڄ اسان جو سماج برائين جي اهڙي ڪُن ۾ اچي ڦاٿو آهي، جتي سندس تنزليءَ جا نشان واضح نظر اچي رهيا آهن. فقط ڪجهه وقت اڳ سنڌ ۾ ائين نه هوندو هو، بلڪه ماڻهن کي پنهنجي اوڙي پاڙي بعد قوم ۽ وطن جو اونو هوندو هو. عزت جي نگاهه سان به اهڙن ماڻهن کي ڏٺو ويندو هو، جيڪي هيڻن جي همراهي ڪندا هئا، سندن دل کي سڪون ۽ روح کي راحت تڏهن ملندي هئي، جڏهن ٻئي جي ڪم ايندا هئا يا اجتماعي ڀلائيءَ جو ڪم سندن مبارڪ هٿن سان ٿيندو هو ۽ عوام جي خدمت کي افضل تر عبادت جو درجو حاصل هوندو هو. تنهن وقت جي ڀيٽ اڄ جي حالتن سان ڪندي سچ پچ ته بي ساخته تاج محمد ابڙي جهڙن اورچ ۽ بااصول استادن جي ياد جا رنگ ذهن جي ڪئنواس تي ڦهلجندي محسوس ٿين ٿا. مرحوم تاج محمد ابڙو لاڙڪاڻي جي مردم خيز مٽيءَ مان پيدا ٿيو، لاڙڪاڻي جي اها مردم خيز مٽي، جنهن منجهان سر شاهنواز ڀٽي، ذوالفقار علي ڀٽو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ شهيد بينظير ڀٽو جهڙن عظيم ڪردارن جنم ورتو، جن پنهنجي ڪردار ۽ خداداد صلاحيتن وسيلي پنهنجن پنهنجن دؤرن تي اڻ مٽ اثر ڇڏيا. مرحوم تاج محمد ابڙي جي شروعاتي زندگي گهڻي سٺي نه گذري، ڇو ته ننڍپڻ ۾ ئي کيس يتيميءَ جو عذاب پلئه پيو ۽ سندس والد محترم گذاري ويو. پر مرحوم حوصلو نه هاريو، پنهنجي تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ تنهن وقت جي انقلابي سوچ رکندڙ قبيلي سان سلهاڙجي زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪرڻ شروع ڪيائين ۽ هڪ فرد مان اداري جو روپ اختيار ڪري ورتائين. هونئن به تاريخ ٻڌائي ٿي ته کيس تبديل فقط انهن انسانن ڪيو آهي، جن پنهنجي زندگيءَ جو مهڙيون حصو تڪليفن کي سهندي گذاريو هوندو آهي. لاڙڪاڻي جي هن يتيم ٻار پنهنجي زندگي تمام ڏکين حالتن ۾ گذاري، پر سندس محبت جو سڳو سنڌ جي مهندارن سان سلهاڙيو رهيو. تاج محمد ابڙو مرحوم پنهنجي دؤر جي نامور شخصيتن سائين جي ايم سيد، محمد ايوب کهڙو، قاضي فضل الله، ذوالفقار علي ڀٽو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ سوڀي گيانچنداڻي، محمد امين کوسي، قاضي فيض محمد شيخ، عبدالمجيد سنڌي، غلام محمد لغاريءَ ۽ ٻين سان تعلق ۾ رهيو ۽ سندن صحبت ۾ سياسي، ادبي ۽ انقلابي شعور حاصل ڪيائين. ون يونٽ جي زماني ۾ جڏهن غلاميءَ جو ڳٽ سنڌ جي ڳچيءَ ۾ وڌو ويو هو، تاج محمد ابڙي مرحوم پنهنجو ڪردار خوب نڀايو ۽ ان اونداهي دؤر خلاف پنهنجن دوستن سان گڏجي ڀرپور جدوجهد ڪئي. مختلف شهرن ۾ جلسا ۽ جلوس منعقد ڪيا، جڏهن ته مرحوم ون يونٽ متعلق منعقد ٿيندڙ ڪيترن ميڙن جي ميزباني پڻ جهلي، جنهن ڪري کيس سرڪاري عتاب جو نشانو به بڻجڻو پڻ پيو. ان جي باوجود هُو دوستن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هليو. بلڪه سنڌ ۾ ان ڪاري دؤر خلاف شعور پيدا ڪرڻ جي سلسلي ۾ هڙان ۽ وڙان هر قرباني پڻ ڏني، جنهن جي ڪري کيس پنهنجن دوستن جي حلقن ۾ ممتاز نظر سان ڏٺو ويندو هو. ساڳيءَ جاءِ تي جيڪڏهن کيس ادبي سرگرمين جو روح روان چئجي، ته به ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت جي بنيادڪارن ۾ سندس شمار ٿيندو هو. سنڌي ادبي سنگت جون گڏجاڻيون هجن يا ترقي پسند ادب جي پليٽ فارم تان منعقد ٿيندڙ سيمينار، ورڪشاپ ۽ پروگرام هجن، مرحوم تاج محمد ابڙو سڀني کان اڳرو هوندو هو. سندس اوطاق تي ته اديبن ۽ سندس دوستن جو ميڙو متل رهندو هو. اهي ئي سنڌ جي خوشحاليءَ ۽ ماڻهن جي ڀلائيءَ جون ڳالهيون، رٿون يا منصوبا ويچار هيٺ رهندا هئا. لاڙڪاڻي جي اديبن مان ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، ڊاڪٽر اياز قادري، انيس انصاري، خادم حسين شاهه، سکر ۽ شڪارپور مان شيخ اياز، رشيد ڀٽي، فتاح ملڪ، خيرپور مان ڊاڪٽر تنوير عباسي، حيدرآباد مان محمد ابراهيم جويو، زيب عاقلي، ڄام ساقي ۽ نه ڄاڻ ٻيا ڪيترا دوست سندس حلقي ۾ شامل رهيا. اهي سڀ جا سڀ پنهنجي پنهنجي وقت جا وڏا باشعور ۽ انقلابي سوچ رکندڙ ماڻهو هئا. انهن جي صحبت ۽ سنگت ۾ رهندي، اوهين مرحوم تاج محمد ابڙو جي شخصيت ۽ سوچ بابت آسانيءَ سان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته هُو ڪهڙي ساهه جو مسافر هو. هونئن به چوندا آهن ته ماڻهو پنهنجن دوستن ۽ سنگتين مان سڃاتو ويندو آهي. توهان مٿين نالن جي سنڌ سان ڪمينٽمينٽ جو جائزو وٺو ۽ پوءِ پاڻ ئي فيصلو ڪريو ته مرحوم ڪهڙين خوبين ۽ خصلتن جو ڌڻي هو. اها ٻي ڳالهه آهي ته مٽيءَ ۾ مٽي ٿي رهندڙ هن شخص کي نالي ۽ واهه واهه کان وڌيڪ وطن ۽ ان جي واسين سان ويجهڙائپ هئي. مرحوم تاج محمد ابڙي جي شخصيت تمام گهڻ پاسائين هئي. مان نٿو سمجهان ته ڪنهن هڪ مضمون ۾ ساڻس انصاف ڪري سگهجي ٿو. هي ماڻهو پنهنجي ڪردار ۾ تاريخي حيثيت رکن ٿا، هنن ماڻهن جا پنهنجي دؤر تي اڻ مٽ نقش چٽيل آهن، هنن تي لکڻ جي لاءِ تڏهن ئي قلم آرائيءَ جي سگهه ساري سگهجي ٿي، جڏهن سندن دؤر ۽ زماني جو مڪمل مطالعو ڪجي ۽ تنهن وقت جي حالتن ۽ واقعن کي ميڙي چونڊي يڪجاءِ ڪري سندن ڪم سان نهايت ايمانداريءَ ڀرئي انداز ۾ تقابلي جائزو وٺجي. مان سمجهان ٿو ته تڏهن ئي مرحوم تاج محمد ابڙي جهڙين شخصيتن سان حقيقي انصاف ٿي سگهي ٿو. بهرحال، اهو انصاف اسين ڪريون يا نه ڪريون، اڄوڪو دؤر ڪري يا نه ڪري، پر تاريخ پنهنجي جوهر ۾ اهڙي انصاف لاءِ نهايت بي چين آهي ۽ اها ضرور اهڙو انصاف ڪندي. (روزانه خبرون، اربع ۱۰ مارچ ۲۰۱۰ع) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ماڻهو گل گلاب نصير مرزا لاڙڪاڻو سنڌ جي تهذيب جو آسمان آهي، جنهن سنڌ جي سينڌ ۾ ازل کان ئي رڳو چنڊ ستارن جهڙا ماڻهو ئي پئي ٽانڪيا آهن ۽ ڪير آهي، جيڪو انهن جرڪندڙ ستارن جي نالن کان آگاهه ناهي! ڪشنچند بيوس، نياز علي نياز، هري دلگير، مولانا قاسمي، جمال ابڙو، سوڀو گيانچنداڻي، ذوالفقار علي ڀٽو، بينظير ڀٽو، طارق عالم ۽ تاج محمد ابڙو وغيره.... اڄ اٺين آگسٽ، لاڙڪاڻي ساهه سيباڻي جي آدرشي انسان تاج محمد ابڙي جي جنم جو ڏينهن آهي. مٿن عقيدت ۽ محبت جا ڪجهه سرها گل نڇاور ڪرڻ لاءِ جڏهن قلم هٿ ۾ اڄ کنيو اٿم ته پاڻ کان پڇان پيو: ميان محمد نصير! تاج محمد ابڙي صاحب جهڙي هاڪاري سماج سڌارڪ ۽ انصاف پسند جج کي تون سڃاڻين ٿو، ڪڏهن کان؟ تڏهن ٺهه پهه پاڻ کي پاڻ ئي آگاهه ٿو ڪريان ته: تڏهن کان جڏهن کان مون کي ماڻهوءَ سڃاڻڻ جي ساڃهه آئي آهي. تاج محمد سائينءَ جو جنم، هن ئي مهيني ۾ اڄوڪي ڏينهن تي ۱۹۲۴ع ڌاري، شهدادڪوٽ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو هو ۽ انهن ئي سالن جي آس پاس هي ڏسو ته شڪارپور جي شيخ محلي ۾. شيخ اياز، کاهي قاسم نوشهري فيروز ۾ نارائڻ شيام ۽ لاڙڪاڻي ۾ هري دلگير صاحب جهڙا جيءُ جيارا ۽ هاڪارا انسان به ساڳئي وقت جنم وٺي رهيا هئا. لاڙڪاڻي، ڪراچي، سکر ۽ ٺٽي جي هوائن دشائن ۾ شعور جون منزلون طئه ڪندي، تاج محمد ابڙي، سائين جي ايم سيد، حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ سلام بخاري ۽ سوڀي گيانچنداڻيءَ جي صحبت ۽ ساٿ مان ڄاڻي ورتو هو ته ”سنڌ کي جيارڻو آهي، ته پوءِ پاڻ کي وسارڻو پوندو.“ تڏهن سنڌ جي آجپي لاءِ، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي وانگر سائين تاج محمد کي به اشتراڪي نظريي ۾ نجات نظر آئي هئي ۽ پاڻ ان ازم جي پرچار لاءِ لاڙڪاڻي ۾ ”اوطاق-ڪلچر“ کي فروغ ڏنو ۽ هر وقت ۽ هر ويلي تي دوستن، ساٿين لاءِ دل ڪشادي ۽ ويڪرو دسترخوان وڇائي رکيو. هارين، مزدورن ۽ پورهيتن جي حقن جي حاصلات لاءِ سرخ پرچم کي بلند ڪيو ۽ نياڻين کي تعليم يافته ڪرڻ لاءِ سڀ کان پهرين پنهنجين ئي نياڻين ۽ پوءِ پاڙي اوڙي جي ٻارڙين جي هٿن ۾ ڪتاب ۽ قلم فراهم ڪيا. آس پاس ۽ اوريان پريان ۽ جتي جتي به ۽ جنهن جنهن سان ناانصافي ٿيندي ڏٺائون ٿي، ان جي مدد لاءِ اتي پهچي ٿي ويا ۽ ڪٿي به سماج کي پٽڙيءَ تان لهندي ڏسندا هئا ته ڪامريڊ بڻجي، اڳتي وڌي، پنهنجو ڪلهو پيش ڪري، ان کي پٽڙيءَ تي چاڙهڻ لاءِ جاکوڙ ۾ جُنبي ويندا هئا. سندن ديرينه دوست ۽ هم خيال ساٿي محمد ابراهيم جويو ته کين سڏيندو ئي هو ”تاج محمد ابڙو سنڌ جو ڀرجهلو ۽ املهه هيرو.“ بقول جويي صاحب جي: ”هن حياتيءَ جا ۶۲ ورهيه ماڻيا هئا ۽ ان مان شعور واري سڄي زندگيءَ جا، سڀ ورهيه پاڻ سنڌي قوم جي نجات لاءِ ۽ عوام دوست قومي انقلاب لاءِ وقف ڪري ڇڏيا هئائون.“ ڊاڪٽر اياز قادري جي چوڻ مطابق، سماجي جاڳرتا لاءِ ۱۹۴۳ع ۾ پاڻ هفته وار اخبار ”نوجوان“ پڻ جاري ڪئي هئي، جنهن ادب سان گڏوگڏ سوشلزم ۽ ڪميونزم جي پرچار لاءِ پڻ گهڻو پتوڙيو. سنڌي ادب سان سندن چاهه جو اندازو هن ڳالهه منجهان به لڳايو، ته پاڻ لاڙڪاڻي ۾ پنهنجي اوطاق اندر سنڌي ادبي سنگت جي شاخ قائم ڪيائون، جنهن جا پاڻ سيڪريٽري ٿيا. اياز قادري صاحب لکيو آهي ته: ان حيثيت سان پاڻ ”تجر باغ“ لاڙڪاڻي ۾ شاهه لطيف جو ڏهاڙو اهڙي ته شاندار انداز ۽ ڌام ڌوم سان ترتيب ڏنائون، جو ان کان اڳ ڀٽائي صاحب بابت اهڙو ميڙاڪو لاڙڪاڻي اندر، ڪڏهن به نه ٿيو هو. ڀٽائي صاحب سان سندن عشق جي انتها هيءَ به ڏسو، جو سندن پيارين نياڻين مان شاهده ابڙو هجي، خالده يا زاهده ... امتحانن ۾ سٺن نمبرن سان پاس ٿينديون هيون ته کين وڏي عقيدت سان ڀٽائي صاحب جو رسالو، اکين تي رکي گفٽ ڪندو هو. ڪيڏو نه خوش نصيب رهيو سائين تاج محمد ابڙو، جنهن کي پنهنجي دؤر جي هر همعصر، هر سينيئر ۽ هر جونيئر، سندس بي لوث خدمتن تي رڳو سلام ئي پيش پئي ڪيو آهي. تڏهن اڄ سندس مبارڪ نقشِ قدمن کي ڏسندي ۽ کيس خراجِ تحسين پيش ڪندي، ڇو نه گڏجي سڏجي، سندن ۸۷ هين سالگرهه تي مرزا قليچ بيگ جا هي شبد هم آواز ٿي، کيس پيش ڪريون ٿا ته: ڇڏي جيئن نامور ويا پنهنجو نالو ڪريون تن جيئن اسين پڻ اڄ ڪشالو وٺون موٽي جڏهن رستو رباني ڇڏيون ڪا پاڻ پَوين لئه نشاني ته من ڪو رهگذر ان ڏي نهاري لنگهي هن رُڃ مان پهچي ڪناري روزانه ڪاوش سومر ۸ آگسٽ ۲۰۱۱ع ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ناميارو وڪيل عبدالرزاق سومرو مرحوم تاج محمد ابڙو صاحب وڏو يار ويس، ڪچهري جو ڪوڏيو ۽ نهايت چڱو ماڻهو هو. مان جڏهن لاڙڪاڻي وڪالت ڪرڻ لاءِ آيو هيس ته پهرين رات تاج محمد ابڙي وٽ رهيو هيس. پهرين مئي ۱۹۵۳ع تي مان لاڙڪاڻي پهتس. جيئن ئي ريل مان لٿس ته سڌو مرحوم عبدالفتاح جي فرم جي آفيس تي آيس، جتي سندس ڀاءُ مرحوم نظام الدين به ويٺو هيو. آچر جو ڏينهن هيو. مون کيس احوال ڏنو ۽ عبدالفتاح ميمڻ صاحب جي ريفرنس سان ڪم ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي. مرحوم نظام الدين چيو ته ٺيڪ آهي. سندس ٻه منشي هيا: هڪ غلام رسول سومرو، ٻيو عبدالرحيم آخوند. انهن ٻنهي کي سڏ ڪري چيائين ته سڀاڻي ريزيڊنٽ ميجسٽريٽ وٽ جيڪو ڪم رکيل آهي، اهو سومري صاحب کي ڏيو. هنن مون کي چار فائيل ڏنا، جن مان ٽن لاءِ چيائون ته هنن ۾ ۱۹۳ جون ڪاروايون آهن ۽ هي ڪيس نه هلندا، باقي چوٿون ڪيس چوري جو آهي ۽ هلائڻو پوندو. ان ڪيس جو ٽائيٽل هو ڪرائون بمقابلا عنايت. مون کي جڏهن هنن ڪيس ڏنا ته ان وقت مون سان گڏ ٽين جي صندوق هئي، جنهن جي رکڻ لاءِ اچي ڦاٿس، جيڪا مان سڌو ڳوٺ وڃي اتي رکي آيس. ڪارو ڪوٽ ۽ ٽاءِ به مون وٺي ڇڏي هئي. ڪجهه ڪم جا ڪتاب به مون خريد ڪري ڇڏيا هئا، جيڪي مون سان ساڻ هئا. هاڻي مان اهو سوچي رهيو هيس ته هي سامان ڪيڏانهن ڪيان ۽ رات ڪٿي رهان؟ سوچي سوچي مسٽر تاج محمد ابڙي وڪيل جي اوطاق تي هليو ويس. کيس احوال ڪيم ته ”هنن نموني هتي پهتو آهيان، سڀاڻي مون کي ڪيس هلائڻا آهن ۽ توهان وٽ رهڻ آيو آهيان.“ تاج محمد ابڙي چيو ته: ”ڀلي ڪري آئين، ڪا ڳالهه ئي نه آهي. تنهنجو پنهنجو گهر آهي، تون ڳڻتي نه ڪر، هتي رهي پؤ.“ مان به خاطري سان اتي رهي پيس. رات رهي سڀاڻي تي نڪري پيس. رات جو ڪيس به اسٽڊي ڪري ورتم. منهنجو پهريون ڏينهن هيو. ان دور ۾ هڪڙو ڪتاب هوندو هيو، جيڪو اڄ به استعمال ۾ اچي ٿو. اهو ڪتاب هيو ”پريمس آڏي پڇا ۽ دليل“ (Prem’s cross Examination & Arguments) ڇوته مون اهڙا ضروري ڪتاب وٺي ڇڏيا هئا. ان ڪتاب مان تياري ڪيم. ان ڪيس ۾ عنايت جوابدار هيو ۽ غلام صديق جاگيراڻي فريادي هو، جڏهن ته سندس ڀاءُ غلام عمر جاگيراڻي شاهد هيو. ٻنهي جي شاهدي هلي، پر شاهدي اهڙي هلي جو ٻنهي جي بيانن ۾ تضاد هيو، جيڪو منهنجي آڏي پڇا سان وڌيڪ ظاهر ٿي پيو. مسٽر ”ليلارام“ ريزيڊنٽ مئجسٽريٽ هيو. ان چيو ته باقي ڪيس سڀاڻي تي رکو ۽ مشير سان گڏ جاچ آفيسر کي به گهرايو. تاريخ ملڻ کان پوءِ مئجسٽريٽ مون کان انگريزيءَ ۾ پڇيو ته: ”توکي پريڪٽس ڪندي گهڻو وقت ٿيو آهي؟“ مون چيو: ”سر! اهي ئي ٻه ڪلاڪ، جيڪي تنهنجي اڳيان پيش ٿيو آهيان.“ سڀاڻي تي وري مان تياري ڪري ويس. مشير جي شاهدي هلي، آرگيومينٽس ٿيا ۽ مئجسٽريٽ ڪيس مان جوابدار کي ڇڏي ڏنو. مون کي زندگيءَ ۾ جيڪي خوشيءَ جا لمحا ياد آهن، هيءُ به هڪ اهڙو لمحو هيو، جيڪو مون کي اڄ به ذهن تي آهي. منهنجو پهريون ڪيس هيو ۽ مان ڀرپور تياري ڪري ويو هيس، ڇاڪاڻ ته منهنجي بقا جو سوال هيو. مون وٽ رڳو پنج روپيا هڙ ۾ هيا. مان تاج محمد ابڙي صاحب وٽ ٻه ڏينهن رهي پوءِ وري دوست محمد ابڙي وٽ رهيس. تاج محمد ابڙو پهريائين استاد شمس الدين ابڙي جو جونيئر ٿي رهيو. شمس الدين ابڙو دل جو ڪشادو، يار باش قسم جو ماڻهو هوندو هيو. سندس شام جي بيٺڪ تاج محمد ابڙي جي اوطاق تي هوندي هئي. تاج محمد ابڙو ڪيترا ئي ورهيه وڪالت ڪرڻ کان پوءِ سرڪاري نوڪري ڪيائين. اول ٿرپارڪر ضلعي ۾ اسسٽنٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر ٿيو. پوءِ بلوچستان جي ضلعي ڍاڍر ۾ ڊسٽرڪٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر ٿيو. ڀٽي صاحب جي دؤر ۾ ايڊيشنل سيشن جج ٿيو ۽ پوءِ ڊسٽرڪٽ سيشن جج ٿي رٽائر ڪيائين. رٽائرمينٽ کان پوءِ لاڙڪاڻي آيو ۽ وڪالت جي پريڪٽس ڪيائين. تاج محمد ابڙي جهڙو يار ويس ماڻهو ڪو ورلي هوندو. شام کان وٺي سندس اوطاق تي ماڻهن جي اچ وڃ شروع ٿيندي هئي ته رات جو دير تائين کل ڀوڳ ۽ ڪچهري هلندي هئي. سياسي طور تي کاٻي ڌر ۽ ڪميونسٽ خيالن جو ماڻهو هيو. هاري تحريڪ ۾ به سرگرم رهيو. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، مولوي نذير حسين جتوئي ۽ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي سميت ڪيترائي ليفٽسٽ ۽ نيشنلسٽ اڳواڻ وٽس ايندا هئا ۽ ميٽنگون به ڪندا هيا. پاڻ جڏهن جج هيو ۽ لاڙڪاڻي ايندو هيو ته مون وٽ گيسٽ روم ۾ ترسندو هيو. ڏاڍو ڪميٽيڊ انسان هيو. منهنجو ساڻس سٺو واسطو رهيو. عالمي سياست تي به سندس گهري نظر هوندي هئي. مشهور رسالو ”ٽائيم“ به هر مهيني گهرائيندو هيو. سندس لائبريري ۾ ڪيترائي ڪتاب هوندا هيا. منهنجي مشهور هاري اڳواڻ ڪامريڊ غلام محمد لغاري سان ملاقات به تاج محمد ابڙي جي اوطاق تي ٿي. تاج محمد ابڙو ۱۰ مارچ ۱۹۸۶ع تي وفات ڪري ويو. (قانوندان، سياستدان ۽ سفارتڪار عبدالرزاق سومرو جون يادگيريون ڪتاب ’يادن جي ڳڙکيءَ مان‘ ورتل) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ڪو جو ڪالهه هئوم سوڍو منهنجيءَ سنڌ جو عبدالغفار تبسم اُها ستاويهين يا اٺاويهين فيبروري ٻه هزار اٺ جي ڪچڙي منجهند هئي جو منهنجي نئين ديري واري گهر ۾ ٽي جوان مون سان گڏ ويٺل هئا. تعارف ڪرائڻ تي هڪ ته منهنجي پاڙي جو احترام لائق قاضي شرف الدين ۽ ساڻس گڏ ٻه لاڙڪاڻي کان ڪهي آيل سنڌ جي عظيم ۽ املهه ڪردار مرحوم تاج محمد ابڙي صاحب جا ٻه فرزند هئا. نئين ديري ۾ پنهنجي والد بزرگوار جي نالي سان سلهاڙيل هڪ تنظيم جو بنياد رکڻ لاءِ پهتل ۽ ڳوٺ ۾ منهنجي هئڻ جو ٻڌي مون وٽ ڪهي آيا هئا. نهايت وضع دار ۽ اعليٰ سڀاءُ رکندڙ هي ٻئي ۽ مان حال احوال اورڻ ويٺاسين ته ماضيءَ جي کوڙ ساترين ساروڻين کي کن ۾ سهيڙي کڻي اڳيان رکيوسين. لاڙڪاڻي جي پراڻي ٽائون ٿاڻي ڀرسان مرحوم تاج محمد ابڙي صاحب جي گهر لڳ منهنجن عزيزن جو گهر هيو، جتي منهنجي ننڍپڻ جو ڳپل حصو گذريو. ان گهر کان باقراڻي روڊ ڏي ويندي يا ٻه چار وکون ٻاهر ڀريندي منهنجي هميشه نظر ان گهر جي مکيه در مٿان ٽنگيل ان اڇي بورڊ تي ڪارن لفظن ۾ لکيل تاج محمد ابڙو وڪيل تي ضرور ويندي هئي. تڏهن مون کي اُن گهر ڌڻيءَ جي انهيءَ ادب پروريءَ، سندس ثقافتي، سماجي، علمي ۽ آدرشي ڪردار جي امين هئڻ جي ڪا به پروڙ ڪونه هئي. منهنجي تنهن ساڃاهه مطابق ته لاڙڪاڻي جي گهٽين ۾ کوڙ سارن وڪالت ڪندڙن جي سڃاڻپ وارين تختين جيان هن گهر تي لڳل وڪيل تاج محمد ابڙو جي ڄڻ ته بنهه ڪابه الڳ ۽ منفرد سڃاڻپ ڪونه هئي. ائين ئي ڪي ٻه چار دفعا هن گهر اندر ڪنهن ڪم سانگي ويندي مون کي هڪ وڏي هال ۾ سامهون ويٺل شخصيت جي ٻنهي طرفن فريادي ۽ جوابدار ڌرين کان سواءِ ٻين به ڪيترين ئي علمي ادبي شخصيتن ۽ تر جي اهم زميندارن يا ڪامورن جو مجموعو هميشه نظر آيو هئم. اڄ ايڏن سالن پڄاڻان جڏهن نادر علي ابڙي صاحب جي سندس بابا تي مختلف مضمونن سان سهيڙيل ڪتاب مان جڏهن ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جي تحرير هن ڪتاب بعنوان ”سنڌ جو املهه هيرو“ مان کولي پڙهان ٿو ته پنهنجي اُن اڻڄاڻائي ۾ هٿن مان نڪري ويل وقت تي ڏاڍو رنج ۽ افسوس ٿئي ٿو. خاص ڪري جڏهن ڪامريڊ سوڀي جي مضمون ”جو اپنی ذات میں ایک انجمن تھے“ جون صفحي نمبر ۱۳۱ تي لکيل سٽون پڙهان ٿو ته: ”جب سے تاج محمد کی شام والی محفلیں ختم ہوئی ہیں، میں وہاں کسی اور دوست کی طرف مائل نہیں ہوسکا، کیونکہ لاڑکانہ میں تاج محمد کی محفلوں کے بعد کوئی ایسی محفل باقی نہیں رہی۔“ اهي سٽون پڙهي روح مان محروميءَ جون هزارون سٽون اُڀرن ٿيون ته ايڏو ويجهو هوندي به مان هن اڪابر ۽ اديب ماڻهوءَ جي فهم ۽ فراست ڀرين محفلن ۾ ڇو نه وڃي سگهيس؟ هن بلند ڪردار ماڻهوءَ جي مثالي صحبتن مان ڇو ڪو لاڀ نه ماڻي سگهيس؟ پر ان اٿاهه مايوسين ۾ ”اياز“ جڏهن نراس ماڻهوءَ جي ڀرجهلي لاءِ هيئن چوي ٿو ته: مايوس نه ٿي تاريخ ڪنان، جو ٿيڻو ئي هو سو ٿي ويو هي هٿ هـٿـوڙا اڄ به اٿـئي ۽ دنـيـا ڏاري سگهجـي ٿـي سوچيان ٿو ته ماضيءَ جي مزار تي ڪنهن جو مجاور ٿيڻ بجاءِ ان وهي ويل گهڙين تي ماتم ڪرڻ بدران ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جهڙن اڏول ۽ اڻٿڪ ڪردارن کي جيڪڏهن رستي جي مشعل بڻائي ساڻ کڻجي ته هوند هر جند ۽ منهنجي هن سنڌ جون هڙئي اونداهه ٿيندڙ واٽون نين جوتن سان جرڪي سگهن ٿيون ۽ وري اُهي اجڙيل سماجي، ثقافتي، علمي، ادبي اوطاقون ايندڙ نسل لاءِ مثالي ادارا بڻجي سندن پرورش ڪري سگهن ٿيون. وري سنڌ جي سينڌ اجري سگهي ٿي، صرف هي عزم ورجائجي ته: هي جيون توڙي مايا آ، پر جو پل ان جي ڇايا آ ٿا ان ۾ پنهنجا پير وڌن ۽ اُس اڀاري سگهجي ٿي. (اياز) اڄ ان آدرشي ۽ امل انسان جي ۲۲ هين ورسيءَ تي سندس ڳالهيون ۽ ڳڻ ورجائي جيڪڏهن اهو پڪو عزم ڪيون ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جيان هميشه پنهنجي ڌرتيءَ، سماج ۽ ورثي جي پوئلڳيءَ ۾ باقي ڏينهن بسر ڪنداسين ته مون کي سنڌ جو سُنهن، اسين وري ٻنهي بي مثال وڃايل شان شوڪت، مانَ مريادا جا امين ٿي جڳ ۾ اوچي ڳاٽ سان جِــي سگهون ٿا. (روزانه عوامي آواز، سومر ۱۰ مارچ ۲۰۰۸ع) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو هڪ سدا بهار شخصيت يار محمد پلي چڱاڻي پنجاهه جي ڏهاڪي جو پهريون پور شايد اڻويهه سؤ چوونجاهه هو. آءٌ عمرڪوٽ هاءِ اسڪول ۾ زيرِ تعليم هئس ۽ هاسٽل ۾ رهندو هئس. هڪ لڙيءَ منجهند جو مير خان پٽيوالي سان ڪو نوجوان هڪ هٿ ۾ ٿري ڪيسل پاڪيٽ ۽ ٻئي هٿ ۾ چمڙي جي ڀوري بئگ لوڏيندي، اچي منهنجي ڪمري ۾ پهتو. انتهائي شاندار نوجوان، بدن تي اڇو ايس.او هرک جو بي داغ وڳو، مٿي تي مهانگي ڪراڪلي ٽوپي ۽ پيرن ۾ فلئڪس جو ولائتي بوٽ! آءٌ اٿيس، هٿ ملائڻ شرط چيائين: ”ادا! آءٌ آهيان قاضي محمد عالم معصوم هالائي ۽ اوهان يقينًا يار محمد چڱاڻي آهيو؟“ ڪنڌ لوڏيم. هڪ خط ڪڍي ڏنائين، هفتيوار ”همدرد“ جي مالڪ حاجي محمود هالائي مرحوم لکيو هو ته: ”هي نوجوان نوابشاهه مان نڪرندڙ ”ادا“ رسالي جو ايڊيٽر به آهي. سنڌي ادبي سنگت جي عمرڪوٽ ۾ شاخ کولڻ لاءِ سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل اياز قادريءَ ڪراچيءَ مان موڪليو آهي. عمرڪوٽ ۾ سڄاڻ ماڻهن کي ڪٺو ڪري، ميمبر ٺاهي، سنڌي ادبي سنگت جي برانچ قائم ڪندا. اها قوم ۽ زبان جي خدمت آهي ۽ اوهان جي به خواهش.“ معصوم هالائيءَ کي جذبو ئي عمرڪوٽ وٺي آيو هو ۽ سندس ڪم ئي هو شعر وشاعري ۽ زبان جي واڌ ويجهه لاءِ هٿ پير هلائڻ. ٻئي ڏينهن عمرڪوٽ جي ميونسپل آفيس جي ڪميٽي هال ۾ شهر جا لکيل پڙهيل نوجوان ۽ پوڙها ته آيا، پر ان وقت جي مختيارڪار واحد بخش سرهيو ۽ ڪٽ مست صوبيدار شير شاهه بادشاهه کي به آڻي، ميمبر بنائي، چندو وصول ڪري ڏنوسون، سيٺ ڏيارام کي، جيڪو خزانچي مقرر ٿيو ۽ آءٌ سنگت جو جنرل سيڪريٽري ٿياسين. ان کان پوءِ اياز قادريءَ جون تجويزون ۽ تحريرون پهچنديون رهيون. هڪ دفعي لکيائين: ”سنگت“ جي ساٿ سان لطيف جون ورسيون ملهائي، سنڌي ادب کي ايترو اجاگر ڪيو، جيئن لاڙڪاڻي ۾ مسٽر تاج محمد ابڙو جاکوڙي رهيو آهي. اڌ صديءَ جي وٿيءَ سان، هڪ ڏينهن، اياز قادري مرحوم جا ڪنن ۾ ٻرندڙ لفظ ته: ”ان جذبي ۽ جاکوڙ سان سنگت لاءِ سرگرم ٿيو، جيئن لاڙڪاڻي ۾ مسٽر تاج محمد آهي“ ساري، وڃي ٽاؤن هال پهتس. ٻه ڏينهن اڳ گهر ۾ ڪتاب اٿلائي رهيو هئس ته پٽ اچي ڪجهه پنا ۽ دعوت نامو ڏنو ۽ چيائين: ”عمرڪوٽ جي ائنٽي ڪرپشن جي سرڪل آفيسر مسٽر نادر علي ابڙي جو ڪو ماڻهو ڏئي ويو آهي.“ نادر علي ابڙي پنهنجي والد مرحوم تاج محمد ابڙي جي ميراث کي ڪيترو نه مضبوطيءَ سان پڪڙيو آهي! مون سوچ جي سمنڊ ۾ ٽٻي هنئين، پروفيسر ڊاڪٽر اياز قادريءَ کي ڏٺو ته مون سان هم ڪلام هو ته اوهان عمرڪوٽين جي دل جي بند دريچن تي مون آڳاٽو دستڪ ڏني، پر اوهين ستل ئي رهيا! ان ئي زماني ۾ تاج محمد لاڙڪاڻي ۾ ادبي سنگت جي برانچ قائم ڪري، جنرل سيڪريٽري بنجي، لطيف جون ورسيون ملهائي، زبان ۽ ادب جي ڏياٽيءَ کي وسامڻ ڪونه ڏنو هو. ان روشنيءَ جو هڪ ڪرڻو سندس پٽ نادر علي آهي، جيڪو ۴۸ سالن کان پوءِ اوهان کي تاج محمد ابڙي جي زباني اها نويد سڻائي رهيو آهي ته: ”جي لوچين سي لهن جڏهن تڏهن پرين کي!“ ڏکاريءَ دل ڏوراپو ڏنم ته: ”شامتِ اعمال ما، صورت نادر گرفت.“ هو عمرڪوٽ ٽائون هال ۾ اپر سنڌ جي مردم خيز علائقي جي هڪ سدا بهار شخصيت جي نالي ”بزم تاج محمد ابڙو“ جو بنياد رکي رهيو هو. سندن هوش پوش تعليم يافته مکڙيءَ مان کلي گلاب ٿيندڙ نوجوان پٽ نادر علي! واقعي ”نادر الوجود“ انسان ئي ”نادر“ کي جنم ڏيندا آهن. پيغمبر وانگر ننڍيءَ اوستا ۾ ئي پيءُ جي شفقت ڀرئي هٿ کان محروم ٿي ويل رهبرن ۽ رشين جي عمر تي پهچي، هن دولابڻ دنيا کي تياڳ ڏيندڙ تاج محمد مرحوم جي زندگيءَ جي فلم جو رول اکين آڏو هلڻ شروع ٿي ويو، جنهن جون اڪثر شامون ٽريڊ يونين ڪراچيءَ جي ڪميونسٽ آفيس ۽ ڪامريڊن سان گذريون. جمال الدين بخاري، ڪامريڊ عبدالقادر، سوڀو گيانچنداڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي ۽ حيدر بخش جتوئي ويجها رهيس، پر انهن جي خيالن ۽ قول و قرار کان وڌيڪ ترجيح مولانا تاج محمود امروٽيءَ جي تفسير ۽ ترجمي کي ڏنائين، جيئن ڀلارو ڀٽائي، مولانا روم جي مثنوي، سيرانديءَ رکي سمهندو هو، تيئن بزرگ امروٽيءَ جو تفسير لائبريريءَ جي مٿانهين خاني ۾ رکيائين. دل ۾ مونجهه وقت رهنمائي ۽ رفاقت ڪلام پاڪ کان وٺندو هو. دنياوي زندگيءَ جي رنگ آميزيءَ لاءِ پنجن پٽن ۽ چئن نياڻين کي جديد تعليم جي زيور سان آراسته ڪيائين ته مولويءَ جون خدمتون به ڪونه وساريائين. صبح سان ڪلام پاڪ جي تنوار ۽ ملان جي ڪار. ان ڪري ڪچيءَ وهيءَ ۾ اولاد جو صاف ذهن حق ۽ سچ کي سڃاڻي، پٿر تي لڪير وانگر بنائي ڇڏيو. سندن پراڻي ساٿيءَ عبدالمجيد ميمڻ مرحوم جون ساروڻيون ساريندي، ڪنهن لکيو آهي ته: هو هڪ روشن دماغ ۽ وسيع القلب انسان هو. انسانيت لاءِ پيار هن جي سرشت ۾ سمايل هو ۽ وٽس امير، غريب، ناستڪ، دهريو، هندو خواهه مسلمان عزت ۽ احترام جي لائق هئا. مولوي حاجي قادر بخش ٺيٺ مذهبي ۽ تهجد گذار انسان هو. ان کي تاج محمد مرحوم پنهنجي پيار ۾ ايترو پروئي ڇڏيو هو، جو هن جي اعليٰ اخلاق ۽ انسان ذات سان محبت ۽ خدمت جي ڳالهين مان ڍاپندو ئي ڪونه هو. مقصد ته هو پنهنجي ڪامريڊ سنگت سان به گڏ هو ته پراڻي ثقافت ۽ مقصدِ حيات جو پڪو پابند به رهيو. ائين چئجي ته جدت ۽ قدامت جي آميزيشن جي زنده تصوير هو. اهو ئي سبب هو جو پراڻين رسمن جون پاسداريون وڃائجي ويل وضعداريون وڙئون ڪو نه وڃايائين. پيءُ جو پاڇو ته اٿاڪل ۾ ئي وکريل ڪڪر وانگر واچوڙو ٿي اڏامي ويو، پوءِ پرورش ڪيس بختاور وڏي ڀيڻ، جيڪا قرآن ڪريم سنڌي زبان کان سواءِ پارسي به پڙهيل هئي. ائين اڳتي وڌندو، ترقيون ڪندو رهيو. الوحيد جي ايڊيٽوريل اسٽاف ۾ شامل ٿي ڪامياب صحافت ڪيائين. ريڊيو پاڪستان تي شوقيه ويو. صاف آواز ۽ لفظن جي ادائگي ۽ لهجو اهڙو وڻندڙ، جو آڊيشن ڏيڻ سان نيوز ڪاسٽر ٿي ويو. قمبر ۾ استاد به رهيو. بقاپور يونين جو چيئرمين چونڊيو ويو. سياست ڪيائين، عشق جي حد تائين مطالعي سان من لڳايائين. اڳتي هلي عزت ڀريءَ عدالت جو سيشن جج ٿيو. ملڪ جي انتهائي مڃيل ڪامريڊن، ڪميونسٽن ۽ سوشلسٽن سان ساٿ رهيس. سندس سڃاڻ به ان حوالي سان مشهور ٿي. هاري تحريڪ، نيشنل عوامي پارٽي، سنڌي عوامي محاذ يا ائنٽي ون يونٽ ۾ به نمايان رهيو. حقوقِ نسوان يا عورتن جي آزاديءَ لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪيائين، پر مسڪين خلق کي به آڏو رکيائين. هڪ دفعي ڪٿي عورتن جي آزاديءَ تي زوردار بحث ڪري رهيو هو ته سندس عزيز ۽ دوست جمال ابڙي صاحب اڳتي وڌي آهستگيءَ سان چيس ته: ”تون پنهنجي گهرواريءَ کي اهڙي آزادي ڏيڻ لاءِ تيار آهين؟“ هڪدم چيائين: ”ميان! توبهه ڪر.“ حقيقت ۾ پرده داري ۽ پراڻا پيوند نه هن ٽوڙڻ چاهيا ٿي، نه وري سندس گهرواري ان لاءِ آماده هئي. اهو اڪبر اله آباديءَ جي دؤر جو اثر هو. چراغ خانه بجاءِ شمع محفل ٿيڻ هن عقيفه لاءِ به عيب هو. سيشن جج جي گهرواري هئڻ جي حيثيت سان نه ڪڏهن ڪنهن مينا بازار جو افتتاح ڪيائين، نه رنگ برنگي لباس جي نماءَ سان دعوتون ۽ ڪارنر ميٽنگون اٽينڊ ڪيائين، پوري زندگي پردي ۾ رهي. اهي پابنديون صرف پاڻ تائين محدود رکيائون، پر پنهنجن پنجن پٽن وانگر چئن ئي نياڻين کي جديد تعليم کان محروم ڪونه رکيائون. ڪن نياڻين ايم بي بي ايس ڪري بيمار انسانيت ۽ دم ٽوڙيندڙ مريضن تي مسيحائيءَ جو هٿ رکيو ته ڪن وري اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ تعليم جو درس ڏنو. لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو ته هونئن سنڌ جي شهه رڳ آهي، رئيس المهاجرين جان محمد جوڻيجي کان ويندي ذوالفقار علي ڀٽي جهڙا اڏول انسان به لاڙڪاڻي پيدا ڪيا. ايوب کهڙي، قاضي فضل الله ۽ سر شاهنواز ڀٽي جا بنگلا سياسي جوڙ توڙ جا مرڪز هئا. طاقتن جو ٽڪراءُ هڪٻئي ۾ عناد پيدا ڪيو. هرڪو شاڪي ۽ شڪي، پر تاج محمد مرحوم جي اوطاق ئي هڪ اهڙي بيٺڪ هئي، جنهن ۾ شڪ شبهي، ڪدورت ۽ ڪيني کي داخل ٿيڻ لاءِ ڪو دروازو هو ئي نه. اصل ڳالهه آهي اخلاص جي. مرحوم پاڻ مخلص هو. کهڙو هجي خواهه قاضي، ابڙي جا سڀ احسانمند ۽ پاڻ سڀني جو سڄڻ. قاضي فضل الله سنڌ جو وزيرِاعليٰ ٿيو، پر لاڙڪاڻي جي ٽوئر دوران تاج محمد جي دلين جي دڪان تي حاضري ڀرڻ کان سواءِ ڪراچيءَ ڪونه موٽندو هو. سڪندر ڀٽو وڏو وضعدار ۽ يار ويس انسان هو. تاج محمد جي قرب ڀري ڪچهريءَ ۽ غم غلط ڪرڻ وارن ٽهڪن ۾ شريڪ ٿيندو هو. ذوالفقار علي جيڪڏهن لاڙڪاڻي آيل هوندو هو ته شام جو وڏي ڀاءُ سان گڏ اچي ابڙي صاحب جي اوطاق جي سڳنڌ ۽ سرهاڻ ۾ واسبو هو. گهڻو وقت پوءِ ڀٽو صاحب، ايوب خان جي ڪابينه ۾ قدرتي وسيلن جو وزير ٿيو. ايوب جي ورڪ لاءِ تاج محمد تي حجت هلايائين، پر مرحوم ضمير کي ترجيح ڏئي ووٽ ڏنو مس فاطمه جناح کي، ان ڪري ارباب اقتدار مٿس ڏاڍو ڏمريا، پر سون کي ڪٽ نه ڪو ڪس! ڀٽي جي چوڻ تي بيسڪ ڊيموڪريسيءَ جو ميمبر چونڊجي بقاپور يونين ڪائونسل جو چيئرمين به رهيو. وقت جي وهڪري ذوالفقار علي ڀٽي کي مارشل لا ائڊمنسٽريٽر ۽ صدر پاڪستان بنائي ڇڏيو. هن جو شمار دنيا جي وڏن مدبرن ۾ ٿيڻ لڳو. چيئرمين مائوزيتنگ ۽ چواين لائيءَ مغرب جو مفڪر برٽينڊرسل ۽ ترڪيءَ جو عصمت انونو ۽ ٻيا ان پايي جا تاريخ ساز اڳواڻ به ڀٽي جا گڻ ڳائڻ لڳا. لازمي طور اها حالت انسان کي مغرور بنائي ڇڏي ٿي. ڀٽي صاحب جو غرور ۽ انانيت به انتها تي پهتي هوندي. ان حيثيت ۾ هُو لاڙڪاڻي جي دوري تي آيو. المرتضيٰ هائوس سڄو اهلڪارن ۽ ادارن جي گهيري ۾ هو. تاج محمد صاحب به ملاقات ۽ مبارڪ لاءِ حاضر ٿيو. نگاهه پوڻ سان ئي اهي پراڻيون محبتون، حجتون ۽ اوطاقي مجلسون ياد اچي ويس. محبت سان ملي پراڻيءَ حجت سان چيائين: ”ڪامريڊ تاجو! آءٌ تنهنجي لاءِ ڇا ڪريان؟“ مرحوم مسڪرائي چيو: ڪافي وقت وڪالت ڪيم، اي پي پي ٿي ڪم ڪيم، اڃا به ڪريان پيو. ائڊيشنل جج ٿيڻ ۾ ڪوبه ڏوهه ڪونهي.“ ڀٽي جي حڪم سان تاج محمد هڪ هفتي اندر پبلڪ پراسيڪيوٽر مان سکر سيشن ڪورٽ ۾ اچي عدالت جي ڪرسيءَ تي ويٺو. شيخ مبارڪ علي اياز جيڪو وڏو شاعر، وڏي دانشور هئڻ سان گڏوگڏ وڪيل به هو، جمال ابڙو ۽ تاج محمد خاص دوست هئس، سکر ۾ وڪالت ڪندو هو، سو پنهنجين يادگيرين جي ڪتاب: ”ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر“ ۾ لکي ٿو ته: ”غلطي منهنجي هئي يا تاج محمد جي غلط فهمي، بهرحال مون کان ناراض ٿي پيو. آءٌ هميشه جي دستور موجب بنا اطلاع يا پيشگي اجازت جي هليو آيس سندس چئمبر ۾. ”ائين بنا اجازت جي نه ايندو ڪر مون وٽ.“ ابڙي صاحب جو ڳنڀير آواز گونجيو. آءٌ ماٺ ٿي ويس. بعد ۾ توانايون بحال ڪري چيم: ”انشاءَ الله اڄ کان پوءِ مون کي ڪونه ڏسندا ۽ پنهنجا ڪيس به اتان منتقل ڪرائي ٿي سگهيس، پر ائين نه ڪيم. چار پنج مهينن کان پوءِ هڪ دفعي ڪورٽ ۾ هئس ته بيلف چيو ته اندر چيمبر ۾ صاحب اوهان کي سڏايو آهي. ٿورو سوچي هليو ويس. تاج محمد اٿي بيٺو، هٿ ملائي چيائين: ”اياز! تون مون کان ناراض آهين؟“ چيم: ”هائو!“ چيائين: ”ڳالهه ٻڌ، آءٌ جج ٿي جڏهن ڪرسيءَ تي ويٺس ته مون سوچيو ته آءٌ پنهنجي قلم جي نوڪ سان ڪنهن جي گردن اڏائي سگهان ٿو، ڪنهن کي ڦاسي ڏئي سگهان ٿو. ان سوچ مون کي ٽرڙو بنائي ڇڏيو ۽ تو سان به ٽرڙائي ڪري ويٺس، مون کي معاف ڪري ڇڏ.“ مون هڪدم ڳالهه ڪٽي چيو: ”بس بس، اڳتي ڪجهه به نه چئج، تون مون لاءِ ساڳيو ڪامريڊ تاجو آهين.“ اهو آهي عظيم هئڻ جو ثبوت. غلطي ڪا ڪانه هئس، اصولي ڳالهه هئي، هلندڙ عدالت جا ڪي قاعدا ۽ ضابطا آهن. سچي دوست ۽ گڏوگڏ قانوندان کي ته وڌيڪ محتاط رهڻو آهي، ان جي باوجود مرحوم جي دل تي بوجهه رهيو، جيسين نه دوست جي دلجوئي ڪيائين، تيسين قرار ڪونه آيا.“ شيخ اياز هن جي نيڪ دليءَ ۽ معامله فهميءَ تي لکندي آخر ان جملي تي پڄاڻي ڪئي آهي: ”هن جهڙا صاف گو، صاف دل انسان مون زندگيءَ ۾ ٿورڙا ڏٺا.“ جمال ابڙو صاحب پنهنجي چئن جلدن واريءَ ڪٿا ۾ مرحوم تاج محمد جو اڪثر ذڪر ڪندو رهيو آهي. هڪ هنڌ لکي ٿو ته: ”حيدر بخش جتوئي هاري تحريڪ جو بانيڪار هو، تحريڪ لاءِ جان نثار ۽ ڌُن جو پڪو. هاري تحريڪ ۾ اختلاف ٿي پيو، پارٽي ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي وئي. طاقت جو توازن بگڙيو ته تاج محمد بي چين ٿي پيو. مولوي نذير حسين جا هل هڪلون سهي، ڏيپلائيءَ وٽان اڳين تاريخن ۾ اخبار ڇپرائي، فرضي چونڊون ڪرائي، سڀني کي حيرت زده ڪري ڇڏيائين. حيدر بخش جتوئي جيل مان آزاد ٿي اچي هاري حقدار پريس ۾ ويٺو هو. هي نين چونڊن ۽ ڪاميٽيءَ جي ٻين ڪمن جا پنا کڻي وڃي هاري حقدار جي آفيس ۾ پهتو. ڪامريڊ جتوئيءَ جي ڪمزوريءَ مان پوريءَ طرح واقف هو، ان ڪري وڃڻ وقت لينن جي تصوير به کڻي ويو. صحيحن جي پوءِ ڳالهه ڪيائين، پهرين لينن جي تصوير حيدر بخش آڏو آندائين. ڪامريڊ لينن اڳيان اچي ۽ جتوئي حواسن ۾ رهي، ائين ٿيڻو ڪونه هو. هن کي حواسن مان ڪڍي يا هيپناٽائيز ڪري نفسياتي مار سان سڀ صحيحون وٺي ڇڏيائين. ان طريقي سان ڪم وٺڻ به دانائي ۽ انساني نفسيات جي ڄاڻ آهي. ان اٽڪل بازيءَ کان علاوه مرحوم ۾ همٿ ۽ حوصلو هو، جوان مرديءَ ۽ جفاڪشيءَ جو اهو عالم جو مولوي نظير حسين جيل ۾ هو، پويان ڪي برده فروش هن جي ۵، ۷ سالن جي ناسمجهه نياڻي اغوا ڪري ويا. هو سک تڏهن ستو، جڏهن جهر جهنگ جهاڳي، ڳوٺن ۾ رلي، وڃي نياڻي هٿ ڪيائين ۽ جوابدارن کي ڳٿڙ مان پڪڙي، اچي ڪورٽ حوالي ڪيائين.“ (روزانه سنڌ، هلال پاڪستان) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو قومي سياستدانن، دانشورن ۽ ليکڪن جي نظر ۾ هدايت منگي اٺين آگسٽ ۱۹۹۴ع تي سنڌ جي هڪ سدا حيات شخصيت محترم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو (مرحوم) جي ۶۹ هين سالگرهه آهي. هو سنڌ جي تاريخ ۾ سياسي، ادبي، سماجي ۽ عدالتي خدمتن جي حوالي سان هميشه ياد رهندو، ڇاڪاڻ ته انهن حلقن سان سندس وابستگي سڄي حياتيءَ دوران رهي. سندس زندگي ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کان وٺي امان الله شيخ تائين سنڌ جا سمورا آدرشي انسان سندس رهائشگاهه (اوطاق) تي ميڙا لڳايو ويٺل نظر ايندا هئا ۽ انهن ميڙاڪن ۾ سنڌي سماج جي ڪنهن بنهه معمولي سرگرمي کان وٺي آفاقي، انساني، سياسي قدرن، انقلابن، تبديلين ۽ سرگرمين بابت انتهائي سنجيده بحث مباحثا ٿيندا هئا، جن کي لاڙڪاڻي ۾ ههڙين سرگرمين جي حوالي سان انتهائي وڏي اهميت حاصل هئي. انهن سرگرمين ۽ بحث مباحثن جي محرڪ، هن سنڌ جي منفرد شخص بابت سنڌ جي قومي سياستدانن، آزادي جي ويڙهاڪن، دانشورن ۽ ليکڪن مختلف وقتن تي جيڪي تاثرات لکيا آهن، تن جا ٿورڙا ٽڪر هن موقعي تي اختصار سان پيش ڪجن ٿا. جي ايم سيد: ميان تاج محمد ابڙو لاڙڪاڻي جو انسان دوست، خوش خلق ۽ رلڻو ملڻو ماڻهو هو. افسوس جو جوانيءَ ۾ وفات ڪيائين. ان جو اسان کي ارمان آهي. مخلص دوست، يارن جو يار، ايماندار ۽ قابل ماڻهو هو. آخر ۾ وڪالت ڇڏي جج ٿيو. خدا جنت ۾ جايون ڏئيس. ڪامريڊ ڄام ساقي: سائين تاج محمد ابڙي کي اڃا تائين نه مرحوم لکڻ جي همٿ اٿم ۽ نه ئي سائين کي ڪڏهن تاج محمد سڏيم. اسين گهڻو جونيئر هوندي به سائين کي ”سائين تاج“ ئي سڏيندا هئاسين. سائين سنڌي ادبي سنگت هجي يا هاري ڪاميٽي، شاگردن جي سرگرمي هجي يا سنئين سڌي انقلابي هلچل، اسان کي هميشه ۽ هر طرح همٿائيندو رهيو. دنيا جي تازي ۾ تازي انقلابي ۽ سياسي لٽريچر هٿ ڪرڻ، پڙهڻ ۽ نوجوان دوستن کي پڙهائڻ جي ڪوشش ۾ سدائين رڌل هوندو هو. جهڙو هو صورت ۾ سهڻو ۽ سيرت ۾ صادق، اهڙو ئي محبت ۽ مڻيا وارو مانجهي مڙس هو. تمام ٿورن ماڻهن کي خبر هوندي ته هن مزدورن جي يونينن کي منظم ڪرڻ ۾ لاڙڪاڻي ليول تائين ۽ سنڌ هاري ڪاميٽي کي منظم ڪرڻ لاءِ سنڌ سطح تي ڪوششون به ڪيون ۽ هميشه وس آهر مدد به ڪئي. ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي: تاج محمد ابڙو هڪ ئي وقت پنهنجي ذات ۾ هڪ انجمن هو. هن وٽ سياسي ليڊر، روپوش سياسي ڪارڪن، هاري، مزدور، شاگرد، ڪارڪن ۽ اديب ايندڙ ويندڙ هئا. سندس تعلق ان وقت جي سمورين سياسي شخصيتن؛ محمد ايوب کهڙو، قاضي فضل الله، جي ايم سيد ۽ اڀرندڙ شخصيت ذوالفقار علي ڀٽو سان به هو. هاري ۽ مزدور تحريڪن سان تاج محمد ابڙي جو گهرو لاڳاپو هو ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، مولوي نذير حسين ۽ ٻيا ڪيترا ئي هاري ورڪر هن وٽ ايندڙ ويندڙ هئا. تاج محمد ابڙو ڏاڍو پڙهيل ۽ ادبي تنظيم جو منتظم هو. ون يونٽ قائم ٿيڻ بعد جيڪي سياسي سرگرميون رهيون، تن ۾ به تاج محمد ابڙو خاصو رول ادا ڪندو رهيو. سياسي ۽ ادبي ڪتابن جو تاج محمد شوقين هيو ۽ پوءِ حقيقت ۾ تاج محمد ابڙي ئي بحيثيت خود لاڙڪاڻي واري سنڌي ادبي سنگت به قائم ڪري ورتي. ذوالفقار علي ڀٽي سان تاج محمد جو خاصو Equation (ويجهائي) هئي. مان تقريبًا پنج سال ۱۹۵۹ع کان مارچ ۱۹۶۴ع تائين نظربنديءَ ۾ گذاريا. مون تان نظربندي جي پابندي ختم ٿي. ان ۾ به وڏو ڪردار تاج محمد ابڙي جو هو، جنهن ذوالفقار علي ڀٽي کي چئي اها پابندي هٽرائي. تاج محمد جي موت کان چند ڪلاڪ اڳ جناح اسپتال ۾ جڏهن مون ساڻس ملاقات ڪئي ته مون کي بيحد حيرت ٿي ته مون کي همٿائيندو رهيو، بجاءِ ان جي جو مون کي ڪو موقعو ڏئي ته ڪا کيس تسلي ڏيان. ۱۰ مارچ ۱۹۸۶ع تي تاج محمد ابڙو وفات ڪري ويو. تنوير عباسي: تاج محمد ابڙو کلڻو ملڻو، جڏهن ملوس ته ٽهڪ ڏيندو، دوست کي ڏسي خوش ٿيندو. هن سان پهريون دفعو ملاقات ۱۹۵۶ع ۾ ٿي. ون يونٽ جو اونداهو دؤر هو. ادب ذريعي انقلاب جي ان تحريڪ جي روشنيءَ جو پهريون ڪرڻو لاڙڪاڻي ۾ تاج محمد ابڙي جي اوطاق مان اُسريو ۽ سڄيءَ سنڌ ۾ ڦهلجي ويو. اسان سنڌي ادبي سنگتن کي هڪ مرڪز تي گڏ ڪرڻ لاءِ پهرين ميٽنگ لاڙڪاڻي ۾ رکي ۽ تاج محمد ابڙي ميزبان ٿيڻ قبوليو. سڀني تاج محمد ابڙي جي اوطاق تي گڏ ٿي فيصلو ڪيو ته ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادبي سنگت جو ڪنوينشن سڏائجي، جنهن ۾ سنڌ جي سڀني ادبي سنگتن کي هڪ مرڪز تي گڏ ڪري سنڌ سنگت ٺاهجي ۽ ان جو دستور وغيره منظور ڪرائجي. اهو روشنيءَ جو پهريون ڪرڻو هو، جيڪو ون يونٽ جي اونداهي دﺂر ۾ تاج محمد ابڙي جي اوطاق مان ڦٽو ۽ سڄي سنڌ کي جر جر، جرڪائي ڇڏيائين. هاري تحريڪ، نيشنل عوامي پارٽي، سنڌ عوامي محاذ، مطلب ته جيڪا به تحريڪ سنڌ جي پيڙهيل طبقن جي ڀلائيءَ ۽ آجپي جي لاءِ هئي، ان ۾ ڀرپور حصو ورتائين. نواب نبي بخش خان ڀٽو: تاج محمد خان ابڙو منهنجو ڀائن جهڙو دوست، مون تي ڏاڍو مهربان ۽ همدرد هو. منهنجو ڪم پنهنجو سمجهندو هو. هن جي گذاري وڃڻ جو مون کي سخت ڏک آهي. مون کي هُو هر وقت ياد هوندو آهي. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي: جن شخصيتن مون کي متاثر ڪيو ۽ انهن کي وساري نه سگهيو آهيان، اهڙين ئي شخصيتن مان هڪ تاج محمد ابڙو مرحوم به هو. تاج محمد ابڙي مرحوم لاڙڪاڻي ۾ ادبي سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ وڏي جدوجهد ڪئي ۽ لاڙڪاڻي جي اديبن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ بنيادي ڪم ڪيو. سندس شمار اهڙن ماڻهن ۾ ڪري سگهجي ٿو، جن اديبن کي ميدان تي آندو ۽ جديد سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ بنيادي ڪم ڪيو. لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت جو بنياد پيو، جنهن جي بانين ۾ تاج محمد ابڙي مرحوم، جمال ابڙي ۽ اياز قادريءَ جا نالا اچي وڃن ٿا. پهريون محرڪ ان جو تاج محمد ابڙو مرحوم هو. ڪامريڊ مير محمد ٽالپر: لاڙڪاڻي، ذوالفقار علي ڀٽو، بئريسٽر جان محمد جوڻيجو، ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ۽ ٻيون بيشمار شخصيتون پيدا ڪيون. تاج محمد ابڙو من کي موهيندڙ شخصيت هو. تاج محمد ابڙو ڪير سڏائي! سندس سونهن، سوڀيا ۽ هر دلعزيزي ڪڏهن ڪانه وسرندي. منهنجي مرحوم سان پراڻي نيازمندي هئي. مرحوم منهنجو هاري ڪميٽيءَ کان وٺي دوست هو. سندس ٽڪر منهنجي پيٽ ۾ آهن. سندس قرب ڪڏهن ڪونه وساربا. لاڙڪاڻي جا اڪابر ’ابڙا‘، جن مان مون کي سرهاڻ آئي، انهن مان موتي داڻو ابڙو تاج محمد. هي صاحب وڪالت ڪندو هو. سندس اوطاق ڪامريڊن جو اجھو هوندي هئي. سڀ ڪم ڪارين وارا وٽس اچي ٿاڪ ڏيندا هئا. بسترو ماني به ملندي هئي، آفيسن جا ڪم، ڪورٽن جا قانوني ڪم به ٿيندا هئا. منهنجو جڏهن به لاڙڪاڻي وڃڻ ٿيندو هو، تڏهن سندس آشياني تي ضرور حاضري ڀربي هئي. ڪچهري ٿيندي هئي ۽ لنگر به گڏ ڪبو هو. مرحوم تاج محمد پوءِ سيشن جج ٿيو. بيحد انصاف پسند ثابت ٿيو. سندس وڇوڙو اسان سڀني ڪامريڊن لاءِ وڏو حادثو آهي. سندس اولاد آهي. مون کي ياد ڪندا آهن. ڊاڪٽر اياز قادري: تاج محمد ابڙو منهنجو هاءِ اسڪول کان وٺي ڪاليج تائين ڪلاس فيلو، هاسٽل ۾ روم ميٽ ۽ زندگيءَ ۾ پيارو دوست هو. اسين هڪٻئي جي ويجهو رهياسين. تاج محمد ابڙي کي ننڍپڻ کان ئي سياست سان دلچسپي هئي. ۱۹۴۲ع وارو زمانو هو، مگر تاج محمد ابڙو ان وقت به هارين ۽ غريبن جي ڳالهه ڪندو هو. سياسي طرح هُو ڪامريڊ قادر بخش نظاماڻيءَ کي ئي پنهنجو استاد سمجهندو هو. تاج محمد کي شاگرديءَ واري زماني ۾ اخبار ڪڍڻ جو ڏاڍو چاهه هو. هن ڪجهه پئسا پاڻ ۽ ڪجهه پئسا ٻين دوستن کان هٿ ڪري ”نوجوان“ نالي سان هفتيوار اخبار شروع ڪئي. ان وقت نه سنڌي مسلمانن ۾ هو مڊل ڪلاس نه تعليم، نه وري اخبار پڙهڻ جو چاهه، تنهنڪري ”نوجوان“ جا فقط ڪجهه پرچا نڪتا، پوءِ اخبار مالي مشڪلاتن سبب بند ٿي وئي. تاج محمد ابڙي شاگرديءَ واري دؤر ۾ مختلف هنڌن تي نوڪري به ڪئي. ڪجهه عرصو ان وقت جي مشهور اخبار ”الوحيد“ ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر ٿي ڪم ڪيائين. پوءِ ريڊيو پاڪستان ۾ سنڌي خبرن جو انائونسر (Announcer) ٿي رهيو. تاج محمد ابڙو ۴۸-۱۹۴۷ع ڌاران وڪالت پاس ڪري لاڙڪاڻي هليو آيو. شيخ اياز سکر مان جڏهن به لاڙڪاڻي ايندو هو، ته وٽس اچي مهمان ٿيندو هو. ڀارت مان اتم ۽ سندري اتمچنداڻي جڏهن لاڙڪاڻي آيا، ته تاج محمد ابڙي انهن جي دعوت ۽ ميزباني ڪئي. سياست تاج محمد ابڙي جي رڳ رڳ ۾ سمايل هئي. هن سنڌ جي وڌ ۾ وڌ ڏتڙيل ۽ پٺتي پيل طبقي هارين لاءِ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. تاج محمد ابڙي جا سنڌ، بلوچستان، پنجاب ۽ سرحد جي ڪيترن ئي سياستدانن سان انتهائي گهرا تعلقات هئا. سنڌ جي سياستدانن ۾ جي ايم سيد، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، محمد امين کوسو، شيخ عبدالمجيد سنڌي، قاضي فيض محمد، غلام محمد لغاري ۽ بي شمار ٻين سان هن جا گهرا تعلقات هئا، پر اهي ٻئي هن جي سياست ۽ ضلعي جي ماڻهن جي نفسيات جي ڄاڻ سبب ضلعي جي ڪيترن مسئلن بابت کانئس هميشه مشورا وٺندا رهندا هئا. مون کي ياد آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو خاص طرح اليڪشن واري زماني ۾ هن وٽ ايندو هو يا هن کي پاڻ وٽ گهرائيندو هو. تاج محمد ابڙي کي سنڌي ادب ۽ زبان سان بيحد گهڻي دلچسپي هئي. هُو چاهيندو هو ته سنڌي ادب کي پراڻي پيچري تان هٽائي نون ترقي پسند راهن ۽ رستن تي هلائجي. هن جي وفات سان لاڙڪاڻي ۾ ڪچهرين جو دؤر ختم ٿي ويو، ڄڻ هي آخري ڏئيو هو، جو گُل ٿي ويو. انيس انصاري: منهنجي واقفيت ساڻس پهريائين ۱۹۳۹ع ۾ ٿي. تاج محمد دل جو درياهه ۽ مُنهن جو ملوڪ هو. شروع کان وٺي تاج محمد غريبن جي پيڙا ۽ ڏک کي پنهنجو ڏک ڪري سمجهندو هو. ان سبب ڪري هن هڙئون ۽ وڙئون غريبن جي پئي مدد ڪئي. سندس همٿائڻ ۽ مالي مدد ڏيڻ تي ڪافي غريب پڙهي وڃي چڱين نوڪرين کي لڳا. تاج محمد ابڙي جي ڪمزوري دوست هئا، جن کان سواءِ پاڻ کي اڌورو سمجهندو هو. ياري باشيءَ ۾ سندس ڪچهري مشهور هوندي هئي، جتي علم ادب کان سواءِ سياست تي به وڏا بحث پيا ٿيندا هئا. وڪالت جي عرصي ۾ ته ٺهيو، خود جج هئڻ دوران به اهي ڪچهريون قائم رهيون. باوجود ايماندار ۽ سچي هئڻ جي، ڪن ماڻهن سندس نالي بد ڪرڻ ۾ به ڪين گهٽايو، پر سندس آئيني جهڙي صاف شخصيت اجري جي اجري رهي. انور پيرزادو: ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي ٻاريل ڏياٽيءَ جي روشني سنڌ جي اونداهي جاگيرداري ثقافتي قدرن واري ڌُنڌ کي چيريندڙ ۽ ڦاڙيندڙ آهي. اسين سڀ سمجهون ٿا ته ”ايجها ڪم ڪريجي، جنهن وچ الله آپ بڻيجي“ ۽ هي سڀ ڪجهه ڪامريڊ تاج محمد ابڙي پنهنجي مختصر عمر ۾ ڪيو. هن تي سڄي سنڌ ۾ مظلوم انسانيت ناز ڪري ٿي. امان شيخ: هڪ بي بها عظيم انسان مون پنهنجين اکين سان ڏٺو، جيڪو انساني گڻن ۽ خوبين جو ته ڳٽڪو هو، پر ان سان گڏوگڏ لاڙڪاڻي ساهه سيباڻي جي ماضيءَ جي شام جي آخري جهلڪ هو. مون حياتيءَ جي ڊوڙ ۾ ڳچيءَ پٽ تائين اختلاف رکندڙ هستين کي يڪجا ٿيندي ڪنهن هنڌ ڏٺو، ته اهو هو لاڙڪاڻي جي شام جو آخري اوتارو يعني سائين تاج محمد ابڙي جي اوطاق. انهيءَ اوتاري تي مون ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ، ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ، مولوي نذير حسين، ڪامريڊ جمال الدين بخاريءَ، حاجي محمد پيرزادي کان وٺي اياز قادري، سيد خادم حسين شاهه، ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌيءَ ۽ کوڙ سارين لائق هستين سان روح رهاڻيون ٿيون. انهيءَ اوتاري تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو به شام جو خنڪي هڻي اچي ويهندو هو، جنهن سان ڊگها ۽ اڻ کٽ بحث ٿيندا هئا. مير علي احمد ٽالپر مرحوم: مون کي پنهنجي انتهائي پياري دوست تاج محمد ابڙي جي موت تي ڏاڍو ڏُک ٿيو آهي. مان ۽ منهنجي فيملي اوهان جي ڏک ۾ شريڪ آهيون. الله مٿس رحم ڪري. ادل سومرو: سنڌي ادبي سنگت جو ٻوٽو، جيڪو هن وقت وڌي وڻ ٿي ويو آهي، ان جي آبياريءَ ۾ جن شخصيتن پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪيو، تن ۾ محترم تاج محمد ابڙي جون خدمتون وسارڻ جهڙيون نه آهن. سنڌي ادبي سنگت جي جڏهن به تاريخ لکي وئي ته تاج محمد ابڙي صاحب جو ذڪر ان ۾ نمايان طور ايندو ۽ ائين سنڌي ٻوليءَ جو هي گمنام ساٿي اسان جي ايندڙ نسل جي دلين ۾ هميشه زنده رهندو. ڪامريڊ برڪت علي آزاد: تاج محمد ابڙو اهڙن ماڻهن منجهان هڪ هو، جنهن کي تاريخ ۾ ڪڏهن به وساريندي به وساري نه سگهبو. جيڪب آباد ضلعي ۾ تاج محمد ابڙي جي مدد سان هاري تحريڪ جو بنياد پيو. درحقيقت اها ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي ٻاريل هڪ شمع هئي. ضلع جيڪب آباد ۾ تاج محمد ابڙي هاري آفيس جو بنياد پاڻ رکرايو. سنڌ جون اهڙيون مها قومي هستيون تاريخ جو عظيم سرمايو آهن ۽ اسان جي ايندڙ نسل لاءِ مشعلِ راهه آهن. چيف جسٽس نعيم الدين: مون کي مشهور ۽ نامور شخصيت تاج محمد ابڙو رٽائرڊ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي غمگين ڪندڙ وفات جو ٻڌي بيحد گهڻو ڏُک ۽ سخت صدمو رسيو آهي. مان پنهنجي ڏک جو اظهار لفظن ۾ نٿو ڪري سگهان. محمد علي پٺاڻ: تاج محمد ابڙو سنڌ جي تاريخ ساز شخصيت هو. سنڌي ادبي سنگت جي پايو وجهندڙن جي سٿ ۾ شامل ٿي، ترقي پسند ادب جي واڌاري لاءِ به هن جي عملي ڪوشش ادبي تاريخ جي ورقن ۾ سونهري اکرن سان سانڍيل آهي. (عبرت، پڪار، آفتاب، بخت ور، جاڳو، هلال پاڪستان، خادم وطن، سنڌ نيوز، برسات ۽ سنڌو ) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو فڪري راھن کي روشن ڪندڙ ڊاڪٽر ادل سومرو زندگيءَ جو سلسلو صدين کان جاري آهي. هتي لکين آيا ۽ هليا ويا، ڄڻ ته هئا ئي ڪين، سگهه سونهن، مايا، سڀئي سايا. دائميت رهي ته فقط پيار ۽ نيڪيءَ کي، پر اها ڳالهه تمام ٿورا ماڻهو سمجهي سگهيا، جن اهو رستو ورتو دنيا انهن کي ديوانو سڏيو، اهڙن عاشقن حياتيءَ جو فلسفو سمجهيو ۽ ايئن گهاريو جيئن گذارڻ گهريو هو. اهو فلسفو آهي: ڪجهه ڏئي وينداسين، ڪجهه نه کڻي وينداسين، ٻورُ آهيون، ڏئي ميوو ۽ ڇڻي وينداسين. (تنوير عباسي) ڪي گيت ڏئي ويا، ڪي فڪر فلسفا، نيتون، واٽون، آدرش ۽ اميدون ڏئي ويا، ڪي پنهنجون حياتيون ئي قرباني ڪري ويا. اهڙا انسان ئي سدائين عزت وارن لفظن سان ساريا ويندا آهن. سنڌ جي ويجهي اتهاس ۾ پنهنجي ٻولي، علم، ادب ۽ فڪري بيداريءَ وارين تحريڪن کي سڌي طرح ترقي وٺرائڻ وارو هڪ عظيم فرد هو تاج محمد ابڙو، جنهن جي زندگيءَ جو جڏهن اڀياس ڪجي ٿو ته سندس ڪردار، هڪ وطن دوست انسان جي روپ ۾ اسان کي بلندين تي نظر اچي ٿو. هن پنهنجي حياتيءَ جو گهڻو وقت هن ڌرتي جي خوشحاليءَ لاءِ ٿيندڙ سرگرمين کي ڏنو. هن طبقاتي نظام خلاف ڪم ڪندڙ ڌرين کي همٿايو. ڪامريڊ برڪت علي وٽ پاڻ لڙي وڃي ٿو. هن اديبن ۽ عالمن جي عزت ۽ همٿ افزائي ڪئي. سنڌي ٻولي تي جڏهن ڏکيا ڏينهن آيا ته هن پنهنجون صلاحيتون ارپيون. هڪ روشن خيال ۽ ترقي پسند انسان جي روپ ۾ هن غلط سماجي رسمن خالف پاڻ پتوڙيو، اديبن جي وڏي جماعت سنڌي ادبي سنگت، لاڙڪاڻي ۾ بنياد رکڻ جو اعزاز به کيس ئي حاصل ٿيو. انهيءَ سلسلي ۾ تنوير عباسي لکي ٿو ته: اهو روشنيءَ جو پهريون ڏيئو جيڪو ون يونٽ جي اونداهي دور ۾ تاج محمد ابڙي جي اوطاق مان ڦٽو ۽ سڄي سنڌ کي جرڪائي ڇڏيائين. جنهن شخص ۾ ايتريون خوبيون هجن، ان جي عزت ۽ اهميت کان ڪير ٿو انڪار ڪري سگهي! هن جو شمار اهڙين شخصيتن ۾ ٿئي ٿو، جن پس منظر ۾ رهي بنا ڪنهن شهرت ۽ نماءَ جون اهڙيون فڪري راهون روشن ڪيون، جن تي نئين نسل جي رهنمائي ٿي ۽ مجموعي طرح سنڌ ۾ روشن خيالي وارين تحريڪن کي فائدو رسيو، علم، ادب ۽ سياست جي ميدان ۾ سهپ ۽ رواداريءَ جا لاڙا متعارف ٿيا، جنهن ڪري سنڌ تيزيءَ سان اڳتي وڌي رهي هئي. سنڌي سماج ۾ انتشار جو هڪ وڏو ڪارڻ فردن ۾ ميل ميلاپ جي کوٽ، هڪ ٻئي سان ڪچهري يا ڳالهه ٻولهه (ڊائيلاگ) نه ڪرڻ آهي. ڳوٺن مان اجتماعي اوطاقون ختم ٿي ويون، جنهن ڪري انائيت ۽ خود پرستيءَ جي مرضن ۾ واڌارو ٿيو. ڏاهن ماڻهن هڪ جاءِ تي ويهڻ ڇڏي ڏنو ته سوچ ويچار ۽ خيالن جي ڏي وٺ جا رستا بند ٿيا، تاج محمد ابڙي جي اوطاق تي ٿيندڙ ڪچهريون جڏهن نه ٿيون ٿين ته ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي ڪنهن وٽ لڙي وڃڻ پسند نه ٿو ڪري، اها ڪهڙي ڳالهه هئي جيڪا عالمن، اديبن، دانشورن ۽ سياستدان کي تاج محمد ابڙي جي اوطاق تي گڏجڻ لاءِ اتساهيندي هئي. اها ئي ابڙي صاحب جي شخصيت جي سحر انگيزي، هن جي محبت ۽ هن جو رويو. اها ڳالهه تڏهن پيدا ٿيندي آهي جڏهن ماڻهو ”پاڻ“ کي پاسيرو ڪري سامهون واري کي اهميت ڏيندو آهي. لاڙڪاڻي ۾ اوطاقن جي کوٽ ناهي، پر اسان جي سڄاڻ دوست امان شيخ ابڙي صاحب جي اوطاق کي لاڙڪاڻي جي شام جو ”آخري“ اوتارو سڏيو آهي. اهو ابڙي صاحب جي شخصيت جو ڪمال جو هڪ ٻئي سان سخت اختلاف رکندڙ فرد به سندس اوطاق تي گڏجي ويهڻ پسند ڪندا هئا. هاڻ لاڙڪاڻي ۾ اهڙي صورتحال نه رهي آهي. جنهن ڪري امان شيخ جي راءِ سان سهمت ٿيڻو پوي ٿو. تاج محمد ابڙي صاحب پنهنجي سڄي حياتي هڪ آدرشي انسان وانگر گذاري ۽ پنهنجن نظرين يا اصولن تي ڪڏهن به سودي بازي نه ڪئي، هو چاهي ها ته عام ڪامورن وانگر پنهنجي اولاد لاءِ مال ملڪيت ڇڏي وڃي ها. پر کيس سڌ هئي ته اهي سڀ عارضي شيون آهن، بنيادي ڳالهه ڪردار جي آهي ۽ ان کي دائميت آهي، باقي مايا اچڻي وڃڻي نچڻي آهي. تاج محمد ابڙي، ساڌو واسواڻيءَ جي چواڻي مطابق هن واقعي پنهنجي حياتي ايئن گذاري جيئن هن چاهيو پئي. هو ذهني طرح هڪ آزاد انسان هو ۽ زماني سازيءَ کان پري هو، جنهن ڪري هو هر قسم جي روحاني بيمارين کان آجو، آزاد، اجرو ۽ مهربان هو. تاج محمد ابڙو سنڌ جي گهڻ رُخي شخصيت ستار ڀٽي تاج محمد ابڙو ولد قادر بخش خان ابڙو لاڙڪاڻي جي اعليٰ شخصيتن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. هيءُ هردلعزيز شخصيت وارو انسان ۸ آگسٽ ۱۹۲۴ع تي شهدادڪوٽ تعلقي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم قمبر علي خان ۾ حاصل ڪيائين. ۱۹۴۳ع ۾ مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو مان پاس ڪرڻ بعد اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ هو ڪراچيءَ ويو. ايس.ايم لا ڪاليج ڪراچيءَ مان ۱۹۴۷ع ۾ قانون جي ڊگري حاصل ڪري ۱۹۴۷ع ۾ وڪالت شروع ڪيائين. ڪراچيءَ ۾ رهڻ واري عرصي ۾ سنڌ جي مشهور اخبار ”الوحيد“ ۾ بحيثيت سب ايڊيٽر، علاوه ان جي انگريزي روزانه ”ڊان“ ۾ سب ايڊيٽر سان گڏ ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ ۾ نيوز ڪاسٽر به رهيو. هن جا ان وقت ڪراچيءَ ۾ ٽريڊ يونين اڳواڻ ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ جمال الدين بخاريءَ سان لاڳاپا ٿيا. پوءِ پاڻ ڪراچي ڪميونسٽ پارٽي ۽ ٽريٽ يونين ورڪرن سان گڏجي، ان وقت هاري مزدور جدوجهد ۾ سوشلسٽ انقلاب لاءِ پاڻ پتوڙيائين. جوانيءَ ۾ ئي هُو روشن خيال، غريبن جو هڏ ڏوکي هو. هر وقت سندس هڏ مسڪينن لاءِ ڪرڪندو هو. هن دنيا جي انقلابن جو گهرائيءَ سان مشاهدو به ڪيو ته سوشلسٽ اڳواڻن سان دوستي به قائم ڪئي. سوشلسٽ تنظيمن ۾ سندس ڀرپور ڪردار رهيو آهي. سال ۱۹۴۷ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ وڪالت جو آغاز ڪيائين. گهڻو عرصو سرڪاري وڪيل به رهيو هو. ڪرمنل Criminal ڪيسن جي حوالي کان گهڻو مشهور ۽ وڏو هوشيار وڪيل تصور ڪيو ويندو هو. لاڙڪاڻي ۾ اچڻ بعد به هاري تحريڪ، پي پي پي، نيشنل عوامي پارٽي ۽ سنڌ عوامي محاذ کان علاوه سنڌ جي پيڙهيل ۽ ڏتڙيل مسڪين عوام لاءِ ڏاڍ، ڏهڪاءَ ۽ ظلم کان آزادي، غلاميءَ کان آجپي يا طبقاتي بنيادن تي ڪابه تحريڪ، تنظيم ۽ جهاد ٿيو ته هن ان ۾ ديني فريضو سمجهي حصو ورتو. حقوق العباد ئي انسان ذات جي ڀلائيءَ جو اهو رستو ٻڌائي ٿو. تاج محمد ابڙو هن راهه ۽ منزل جو اڻ موٽ ساٿاري هو. سندس زندگيءَ جو مقصد ئي ٻين جي ڪم اچڻ هو. مسڪين ۽ بي پهچ ماڻهن جي ڪمن ڪارين ۾ گهڻي دلچسپي وٺندو هو. بنان لالچ جي دوستن، يارن جو ڪم ڪري کيس گهڻي خوشي حاصل ٿيندي هئي. سندس اوطاق گهڻو ڪري غريب طبقي ۽ عام ماڻهن لاءِ هڪ ”سراءِ“ طور استعمال ۾ هئي. هر روز شام جو سندس اوطاق تي چڱي چؤياري لڳندي هئي، جنهن ۾ سياسي، ادبي، سماجي ورڪرن وچ ۾ بحث مباحثا ۽ خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي نظر آئي. اهو ٻڌائڻ به ضروري آهي ته سندن وڏن سياستدانن جهڙوڪ: خان عبدالولي خان، سردار عطاءَالله مينگل وغيره سان ويجها تعلقات هئا، پر ذوالفقار علي ڀٽي سان ذاتي دوستي ۽ ويجهڙائپ هيس. هن جي پرڏيهي وزير جي عهدي تان لهڻ بعد، پيپلز پارٽيءَ جي قيام دوران تاج محمد سنڌ ۾ وڏي ڪوشش وٺي ڪيترن ئي سياستدانن جهڙوڪ: مير رسول بخش ٽالپر ۽ مير علي احمد ٽالپر کان علاوه ڪيترن ئي ڪامريڊ ساٿين کي پارٽيءَ ۾ شامل ڪرايو. سندس سياسي دائرو به وسيع هو. هُو ڪميونسٽ خيالن جو سچو ورڪر هو. قانوندان، سياستدان ۽ سماجي ورڪر کان وڌيڪ دانشور هو. فلسفي، ادب ۽ تاريخ جي وڏي ڄاڻ هيس. لکيائين هڪ لفظ به ڪونه، پر پڙهيو به گهڻو ته ڪڙهيو به گهڻو. سياست ۾ به صرف هڪ دفعو يونين ڪائونسل بقاپور جو سال ۱۹۶۵ع ۾ چيئرمين چونڊيو ۽ خدمت ڪيائين. ادب ۾ سندس ڪردار ٻن ڪنارن کي ملائڻ واري پل وارو هو. ادب سان کيس وڏي چاهت هئي. جڏهن ۱۹۵۴ع ۾ سنڌي ادبي سنگت جو لاڙڪاڻي ۾ بنياد پيو ته هُو ۽ سندس اوطاق ئي سنگت لاءِ پيش پيش هئي. ائين الڳ سنڌ ۾ ادبي سنگت جو قيام ٿيو. جڏهن ۱۹۵۶ع ۾ جمعيت الشعراءَ سنڌ پاران لاڙڪاڻي ۾ آل سنڌ ادبي ڪانفرنس ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي، تاج محمد صحرائي، رشيد ڀٽي، جمال ابڙي، اياز قادريءَ جهڙا ناميارا اديب شريڪ ٿيڻ آيا، ته ان وقت تاج محمد ابڙي پنهنجي گهر ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي صدارت ۾ سڀني اديبن جو اجلاس ڪوٺائي، ميزبانيءَ جا فرض انجام ڏنا. اتي ئي اهو فيصلو ڪيو ويو ته سنڌي ادبي سنگت جي سمورين شاخن جو اجلاس يا ڪنوينشن ڪراچيءَ ۾ منعقد ڪري، مرڪز جي تنظيم ۽ منشور جوڙيو وڃي. اهو ون يونٽ جي اونداهي دؤر ۾ روشنيءَ جو پهريون ڪرڻو هو، جيڪو تاج محمد ابڙي جي گهران ٻَريو ۽ سڄيءَ سنڌ کي جرجر ڪري ڇڏيائين. سڄي سنڌ جي سنگتن کي هڪ لڙيءَ ۾ سموئي، ون يونٽ خلاف ”ادبي جهاد“ جو آغاز ڪيو ويو. پاڻ ڪيترن ئي غريب شاگردن کي مالي مدد ڪرڻ ۽ لاڙڪاڻي ۾ سر شاهنواز ڀٽو ميموريل لائبريريءَ جهڙي سنڌ جي عظيم ادبي تحقيقي اداري جي بانيڪارن مان هو. سندس صلاحيتن ۽ تجربي کي ڏسندي ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت ۾ کيس ايڊيشنل سيشن جج مقرر ڪيو ويو، جنهن عهدي تي ۱۹۷۲ع کان ۱۹۸۵ع تائين ڪم نهايت ايمانداريءَ ۽ سچائيءَ سان ڪرڻ کان پوءِ ڊسٽرڪٽ سيشن جج جي عهدي تي پهچڻ کان پوءِ رٽائرمينٽ حاصل ڪري، وري واپس پنهنجي لاڙڪاڻي واري عوامي ادبي اوطاق آباد ڪيائين ۽ وڪالت جي پيشي سان منسلڪ ٿي ويو. پاڻ طبيعت جو سادو، سٻاجهڙو، محبتي ماڻهو هو. جڏهن به ملندو ته وڏا ٽهڪ ڏئي، پر دوستن سان ملي ڏاڍو خوش ٿيندو هو. آخرڪار هي موتين جهڙو ماڻهو، پورهيت دوست، دانشور، قانوندان، سياسي ورڪر ۽ علم ادب پرور شخصيت ۶۲ سالن جي ڄمار ۾ تاريخ ۱۰ مارچ ۱۹۸۶ع تي هن دنيا ۾ يارن دوستن جي لڏي کي ڇڏي ٻيءَ دنيا ڏانهن راهي ٿيو. اولاد ۾ کيس مير نادر علي، انجنيئر حيدر علي، گوهر علي، انجنيئر مظهر علي، ذوالفقار علي، جيڪي تعليم، انجنيئرنگ، پوليس ۽ وڪالت جي شعبي سان لاڳاپيل آهن ۽ نياڻين ۾ خالده، ڊاڪٽر عابده، پروفيسر شاهده ۽ پروفيسر زاهده، جيڪي پڻ تعليم، صحت، علم ۽ ادبي شعبي سان لاڳاپيل آهن. مددي مضمون: ڊاڪٽر تنوير عباسي، ڪامريڊ سوڀو، علي احمد بروهي ڪتاب: لاڙڪاڻو امر شخصيتون (اخبار: روزانه عوامي آواز، جاڳو، سَچ، تعمير سنڌ، هلچل، سنڌ، مهراڻ، عبرت) تاج محمد ابڙو تاريخ جي روشن راهه عبدالقادر جوڻيجو هونئن ته عام طور چڱن ماڻهن جي چڱائي جي وصف بيان ڪرڻ ڏاڍي ڏکي آهي، ڇاڪاڻ ته انساني تاريخ ۾ ڪيئي ٺڳيءَ جا ٺاهه پاتا وڃن ٿا. ڪلهه به ائين هو ته اڄ به ائين آهي. زماني تي ميارون اجايون آهن. پر هڪڙي ڳالهه هٿَ جي تريءَ وانگيان صاف بيٺي آهي ته سنڌ جي اصلي ۽ املهه هيرو، تاج محمد ابڙو پنهنجيون، پنهنجي گھر ٻار جون ۽ پنهنجن يارن پيارن جون تڪليفون وساري، پنهنجي ملڪ جي بکئي ڏکئي، ڏتڙيل ۽ بي وس عوام جي ڏکن ۽ تڪليفن ۾ جئين جو تئين شرڪت ڪئي. هو پنهنجي زندگي داءَ تي هڻي، ٻين جي غمن ۽ ڏکن جو ساٿاري رهيو. خودغرضين جي گھاٽن ڪڪرن ۾ بي غرضيءَ جي کنوڻ بڻجي، روشنين جا لامارا ڏيڻ، جيڪڏهن ڪنهن ڄاتو ته اهو تاج محمد ابڙي ڄاتو. اها صورتحال ٻڌائي ٿي ته تاج محمد ابڙو چڱائيءَ جي عمل ۾ نه رڳو نشاني هو، پر خود چڱائيءَ جي عمل کي چوٽ تي چاڙهي ڇڏيائين. چڱائيءَ جي وڏي اها ئي وصف هئي، جيڪا تاج محمد ابڙي جي شخصيت جي روپ ۾ اسان جي سامهون اچي ٿي. ايڏو خلوص، ايڏي عواميت، ايڏي جدوجھد، خلقِ خدا جي چڱائيءَ لاءِ ايڏي محبت تمام گھٽ ماڻهن ۾ پاتي وڃي ٿي، جن ۾ تاج محمد ابڙو سر فهرست رهيو. هن ليڊر بڻجي، ٻين کي قربانين جو سبق ڏيڻ جي بدران، قربانين جو اهو بار پاڻ ئي پنهنجي مٿي تي کنيو. هو هڪ عام ورڪر وانگيان ڪم ڪندو رهيو ۽ پنهنجن خوابن جي تعميل لاءِ سڄيءَ سنڌ ۾ ڀٽڪندو رهيو. جيڪو ماڻهو پاڻ کي وساري، پنهنجي ملڪ جي ماڻهن جو ٿي وڃي، انهيءَ کان وڌيڪ ڀلا ٻيو ڇا ٿي سگھي ٿو. مون کي اها به خوشي آهي ته سندس صالح اولاد سندس ڇڏيل ورثي جي ايڏي سار سنڀال لڌي آهي، جنهن جو نتيجو هيءُ ڪتاب آهي. نه ته هونءَ ته حقيقت اها آهي ته چڱا چڱا ماڻهو تاريخ جي دز ۾ لٽجي ويندا آهن. پر شابس آهي تاج محمد ابڙي جي اولاد کي، جن کيس تاريخ جي دز کان بچائي ورتو آهي ۽ سندس شخصيت هڪ روشن تاريخ وانگيان نه رڳو اسان جي اڳيان آهي پر ايندڙ نسل لاءِ به هڪ روشن راهه بڻيل رهندي. (روزانه سوڀ، ڪاوش، هلال پاڪستان، تعمير سنڌ، عبرت، سچ، عوامي آواز، سنڌ، هلچل، سنڌو، پڪار) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سنڌ جي تاريخ ساز شخصيت محمد علي پٺاڻ اي سنڌو! تو کي ڀـيٽ ڏنا، ڪنهن لـڙڪ-ڦـڙا، ڪنهن ماڪ-ڦــڙا جن تو کي پنهنجو خون ڏنو، سي سڀ کان پاڻ ملهائي ويا. شيخ اياز جي هن شعر جي روشنيءَ ۾ اسين جڏهن سنڌ جي آجپي لاءِ بيشمار تاريخ ساز شخصيتن کي پنهنجي مطالعي ۽ مشاهدي جي آڌار تي، سندن ڪيل جدوجهدن جي حوالي سان ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون، تڏهن مايوسيءَ ۽ نااميديءَ بدران همٿ ۽ حوصلي جا سُتل جذبا ڄڻ ته نئين سر جاڳي پوندا آهن ۽ نئين سر پنهنجي وڃايل منزل جي پيچرن تي سفر جي سانباهي جو اتساهه ڪر موڙي اٿي پوندو آهي ۽ ماڻهو پنهنجي سوچ جون سڀئي واڳون ان جي حوالي ڪري ڇڏيندو آهي. مرحوم تاج محمد ابڙي جي شخصيت به اهڙن ئي املهه ماڻڪ شخصيتن مان هڪ هئي، جنهن پنهنجي سموري عمر ڏکويل ماڻهن جي اهنج گهٽائڻ لاءِ ادبي، سياسي، صحافتي ۽ قانوني مورچن تي ثابت قدميءَ سان ويڙهه ڪندي گذاري ۽ ان ڊگهي ويڙهه ۾ سرت ۽ سجاڳيءَ جي لاٽ جيڪا هو پنهنجي وک وک تي ٻاريندو آيو، تنهن سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ چانڊاڻ پکيڙڻ ۾ خوب پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪيو. اڄ ان چانڊاڻ ۾ نه رڳو ڏاڍايون ڪندڙ قوتن جا ڪوڙهيل چهرا ڏينهون ڏينهن پوءِ وڌيڪ چٽا پسجي رهيا آهن، پر مظلومن کي به پنهنجي مظلوميت جا ڳجها اسرار آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچي رهيا آهن ۽ هو انفرادي توڙي قومي طور ”پاڻ سڃاڻڻ“ واري عمل جي پيشقدميءَ ۾ اڳرا نظر اچي رهيا آهن. سنڌ جي هن باڪمال هستيءَ جو جنم ۸ آگسٽ ۱۹۲۴ع ۾ شهدادڪوٽ، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. پرائمري تعليم قمبر ۾ حاصل ڪيائين ۽ سيڪنڊري لاڙڪاڻي ۾. ان کان پوءِ وڪالت جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ کيس ڪراچيءَ جي ياترا ڪرڻي پئي. ۱۹۴۷ع ۾ هن قانوندان جي حيثيت سان بي پهچ ۽ بي وس ماڻهن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ ڪورٽ جي ڪٽهڙي ۾ پير ڌريو ۽ عوام دوست سياست کي فروغ ڏيڻ لاءِ سوچي سمجهي اهڙي ڪنڊائين راهه تي هلڻ شروع ڪيو، جنهن جي آخري موڙ تائين هن کي ڪو سک ۽ شانتي ته پلئه ڪانه پئي، پر ٻين هزارين ۽ لکين ماڻهن جي سک ۽ شانتيءَ جون راهون ضرور ظاهر ٿيون. وڪالت کان اڳ تاج محمد ابڙي ڪيتريون ئي نوڪريون ڪيون، جن ۾ ”الوحيد“ اخبار ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر جي حيثيت سان سندس ڪيل خدمتون وسارڻ جهڙيون نه آهن. ريڊيو پاڪستان تي به نيوز ڪاسٽر جي حوالي سان هن چڱو نالو ڪمايو هو. ان باري ۾ هن جو هڪ ويجهو دوست ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو ڪهاڻيڪار محترم انيس انصاري لکي ٿو ته: ”سندس خبرون پڙهڻ جو انداز وڻندڙ ۽ اثر انگيز هوندو هو. خبرن جي مناسبت ۾ لچڪ پيدا ڪري، هو ٻڌندڙ جي دل تي خبر جي ڇاپ ڇاپي ڇڏيندو هو.“ پاڻ جڏهن ۱۹۷۲ع ۾ سيشن جج مقرر ٿيا ته عدليه ۾ به پنهنجي مخصوص مزاج ۽ انداز جي گهري ڇاپ ڇڏيائون. اها سندن وڏي جرئت ۽ بيباڪي هئي، جو عدليه سان لاڳاپيل هجڻ جي باوجود هو پنهنجي سياسي ۽ ادبي دوستن جي حلقي ۾ سدائين موجود رهندا هئا ۽ انهن سان وابستگيون به ساڳئي نموني سان ئي روا رکيون ايندا هئا. وڏيرڪي سرشتي هيٺ پيڙجندڙ هارين جي نجات لاءِ سنڌ جي دلير ۽ جرئتمند هاري اڳواڻ حيدر بخش جتوئيءَ سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو موقعو پڻ ملين ۽ پاڻ ان ذميواريءَ کي نڀائڻ لاءِ عوامي هلچل ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيائون. سرڪاري نوڪري سندن سوچ آڏو ڪڏهن به رڪاوٽ نه بڻي. تاج محمد ابڙو گوناگون شخصيت جو مالڪ هو. نه صرف پڙهڻ ۽ پڙهائڻ ۾ ۽ علم دوستيءَ جي شعور جي ورڇ ڪرڻ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو، پر سنڌي ادبي سنگت جو پايو وجهندڙن واري سٿ ۾ شامل ٿي، ترقي پسند ادب جي واڌاري لاءِ به سندن عملي ڪوشش ادبي تاريخ جي ورقن ۾ سونهري اکرن سان سانڍيل آهي. لاڙڪاڻي ۾ سندن اوطاق تي هر هفتي سنڌي ادبي سنگت جا ميڙ ٿيندا هئا. سندس دسترخوان سدائين دوستن يارن لاءِ کليل رهندو هو، جتي پاڪستان جون سياسي، سماجي ۽ ادبي شخصيتون اچي قيام پذير ٿينديون هيون، ائين جيئن اڄڪلهه ننڍي کنڊ جي وڏي دانشور ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جي اوطاق تي آهي. تاج محمد ابڙي وٽ ماڻهو الائي ڪٿان ڪٿان ڪهي ايندا هئا. هو عزت ڏئي ۽ وٺي ڄاڻندو هو. قربائتو اهڙو هوندو هو، جو هڪڙو ڀيرو ڪو ساڻن ملندو هو ته هميشه لاءِ سندن قرب جي ڪڙي ۾ قابو ٿي ويندو هو. ابڙي مرحوم جي ويجهن دوستن کان معلوم ٿيو آهي ته سهپ، رواداري ۽ بُردباريءَ جو هو زنده مثال هوندو هو. وڏي کان وڏيءَ ڳالهه کي به پنهنجي بُردباريءَ سان حل ڪري ويندو هو. ڪاوڙ ۽ ڪروڌ ڪڏهن به سندن ويجهو نه آيا. سندن ملڻ جي اهڙي قربائتي انداز بابت محترم تنوير عباسي لکي ٿو ته: ”تاج محمد ابڙو کلڻو ملڻو، جڏهن ملوس ته ٽهڪ ڏيندو، دوست کي ڏسي خوش ٿيندو.“ تاج محمد ابڙي جي شخصيت جو اهو جادوئي اثر هو، جنهن جي ڪري سدائين هن وٽ ميڙو متل هوندو هو. سندس دوستن جي تمام ڊگهي فهرست آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کان وٺي سوڀي گيانچنداڻي، اياز قادري، جمال ابڙو، انيس انصاري، ڪامريڊ جمال الدين بخاري، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، قاضي فضل الله، تنوير عباسي، عبدالحميد ابڙو، ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو ۽ ٻيا ڪيترا ئي سياسي اڳواڻ، شاعر، اديب ۽ فيلسوف هن جي صحبت مان ذهني آسودگي ماڻيندا هئا. تاج محمد ابڙو اڄ اسان وٽ نه آهي، پر هُو پنهنجي انسان دوست روين جي ڪري اسان لاءِ هميشه زنده رهندو ۽ سندس ٻاريل سرت ۽ سجاڳيءَ واري لاٽ ڪڏهن به نه اُجهامندي. (روزانه عبرت، پڪار، آفتاب، بخت ور، جاڳو، هلال پاڪستان، خادم وطن، سنڌ نيوز، برسات ۽ سنڌو) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو (۸۶-۱۹۲۴ع) آئيڊيل شخص تاج بلوچ سنڌ اهو عظيم خطو آهي، جيڪا وڏن وڏن ماڻهن کي جنم ڏيندي رهي آهي. اهڙن ماڻهن، سنڌ جي هر طرح سان آبياري ڪري، ان تان جند گهوري ۽ سنڌين جي سماجي، اقتصادي ۽ فڪري مٿڀرائي لاءِ گهر ٻاري ڏياري ڪئي. ڪامريڊ تاج ابڙي جو نالو به انهن عظيم اڳواڻن ۾ شامل آهي، جن هڙان وڙان پنهنجي قوم ۽ خطي جي بي پهچ ۽ مسڪين ماڻهن لاءِ پاڻ پتوڙيو. منهنجي ئي تر جو (چيچڙو پنو عاقل) عظيم انسان ۽ بي مثال راڳي فقير ڀڳت ڪنور رام، سکر ضلعي جو هيمون ڪالاڻي، پني عاقل جي مائي پار پتي، مهراج سيتل داس ۽ ٻيا اهڙا ڪيئي ڪردار آهن، جن پٺتي پيل علائقي جي بي خبر ماڻهن جي موڳي جيون لاءِ پنهنجو رت ست ڏئي ڪنهن متڀيد کان سواءِ ماڻهپي جو مانُ مٿانهون ڪيو. پنهنجي ئي گهر جي وڏڙن مان بابا سائين مرحوم عبدالقادر خان بُلو، جنهن سِر تري تي رکي مولانا عبيدالله سنڌي کي ظالم سامراج جي جبر کان آزاد ڪرائڻ لاءِ گڏيل هندوستان جي بارڊر تان افغانستان منتقل ڪيو، بابا سائين وڏو سردار محمد مراد خان بُلو (اول)، ادو مرحوم سردار محمد حسن خان بُلو، جنهن جا راڄوڻي فيصلا سڄي اتر سنڌ ۾ مشهور ۽ مثال طور پيش ڪيا وڃن ٿا. مرحوم سؤٽ خاوند بخش خان بُلو، جنهن جي سماجي خدمتن جو پڙاڏو مون سنڌي اديبن جي وفد سان لکنؤ ۾ اتان جي گرو چانڊو رام جي واتان ٻُڌو. انهن ماڻهن جهالت جي ڌٻڻ ۾ غرق ٿيل ماڻهن ۾ سياسي شعور پيدا ڪيو ۽ سماجي خدمتن لاءِ هڪٻئي جا واهرو بڻجي بيٺا. اسان جي رهبرن مان شهيد الله بخش سومرو، قاضي فيض محمد، رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، عبدالقادر کوکر، سائين جي ايم سيد، مرحوم مولوي نذير حسين جتوئي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، مرحوم غلام محمد لغاري، غلام حيدر لغاري، قادر بخش نظاماڻي، جهان خان کوسو، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، مرحوم قادر بخش بڪڪ، مرحوم نبي بخش کوسو ۽ مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ۽ ٻيا ڪيترا ئي نامور ۽ گمنام شخص آهن، جن اونداهين جو سينو چير ڪري معاشري کي هڪ نئون موڙ ڏنو. ڏُک اٿم ته مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو صاحب سان روبرو ملاقات نه ٿي سگهي، پر هاري حقدار پارٽي ۽ ڪميونسٽ پارٽي ۾ هڪ معمولي ڪارڪن جي حيثيت ۾ ڪم ڪندي، ڪامريڊ جي فڪري ۽ عملي خدمتن ۽ سندس ذات جي رهنمائي کان مون وڏي رهنمائي حاصل ڪئي. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جيل ياترا کان پوءِ سنڌ ۾ هاري پارٽي ۾ ڏار پئجي ويا ۽ ڪميونسٽ پارٽي کي ٽڪرن ۾ ورهائڻ لاءِ سانباها ٿيڻ لڳا. تڏهن ڪامريڊ تاج محمد ابڙي پنهنجي حڪمت عملي، سياسي بصيرت ۽ نفسياتي ڪيفيتن جو ادراڪ رکندي اختلافن کي جَهڪو ڪيو ۽ گهڻو گهڻو اڳ کان سٽيل سامراجي سازشن موجب، سوويت يونين کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ کان گهڻو اڳ ملڪ ۾ پارٽي کي ٽڪرن ٿيڻ کان بچائي ورتو. مرحوم تاج صاحب هڪ برجستو، ڏاهو ۽ زيرڪ سياسي ڪارڪن هو. مارڪسزم جي مطالعي ۽ لينن ازم جي تشريحن هن جي ذات کي هڪ مارڪسوادي طور انجمن جو روپ ڏنو ۽ هن پنهنجي فڪري طاقت سان سنڌ ۾ قوم پرست ترقي پسندي کي وڏو زور وٺرايو ۽ رجعت پسنديءَ کي ڌڪي ڌوڙ داخل ڪيو، جنهن جا نتيجا پاڪستان پيپلز پارٽي جي صورت ۾ ظاهر ٿيا. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ۽ ٻين بزرگن جي اسٽيبلشمينٽ جي خلاف زبردست سياسي مزاحمت نه هجي ها ته هوند شهيد ذوالفقار علي ڀٽو صاحب پيپلز پارٽي وجود ۾ نه آڻي ها، ڇاڪاڻ ته گرائونڊ ورڪ سنڌ ۽ ٻين ننڍن صوبن جي قوم پرست اڳواڻن اڳواٽ ئي ڪري ڇڏيو هو، جنهن جو کٽيو ڀُٽي صاحب کاڌو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو اجتماعي شعور جو هڪ ٻرندڙ شعلو هو، جنهن جي روشني پارٽي ڪارڪنن سميت عام ماڻهن جي شخصي ڀلائي لاءِ به ڪارآمد ثابت ٿي. ان ڏس ۾ اسان جي هڪ دوست بدر ابڙي جي بس وارو واقعو آهي، جيڪا هن هڪ ’ڊان‘ ٽائيپ دائود پٺاڻ کان قسطن تي حاصل ڪئي هئي. قسطون پوريون نه ٿيڻ جي صورت ۾ دائود پٺاڻ اها بس زوري ڪاهي هليو ويو هو. مرحوم تاج ابڙي اها بس جهڙي ريت موٽرائي، اهو هن دﺂر ۾ کڻي معمولي واقعو چئجي، پر اڄ کان ۴۰ سال اڳ اهو هڪ ڪارنامو هو، سماجي خدمت ۾ وڏو ڪارنامو! تاج صاحب جي زندگي بهادري ۽ ڏاهپ جو خوبصورت سنگم هئي. سڄي سنڌ ۾ سياسي ۽ دانشور حلقن ۾ بي انتها مقبوليت ۽ شهرت باوجود هن ڪڏهن به ليڊر ٿيڻ جو تصور نه ڪيو، پر هڪ عام سياسي دانشور ۽ ڪارڪن جيان خدمت ڪندو رهيو. نه رڳو انگ اگهاڙن ۽ پيٽ بکين جو واهرو ۽ ڀرجهلو ٿي رهيو، پر هن ذهني طور اپاهج ماڻهن جي به تربيت ڪئي ۽ هڪ شعوري هلچل جو بنياد وڌو. پروفيشنلي وڏو وڪيل هوندي به هن غريب عوام جي سپنن جي ساڀيان لاءِ گهڻو پتوڙيو. اسان جي بزرگ دوستن مان مرحوم شيخ اياز جي شخصي ڪردار بابت ڪڏهن به سٺي راءِ آڏو نه آئي آهي. بزرگ ته ڇڏيو، هلندڙ دﺂر ۾ نوجوان ساٿين کي به شيخ صاحب مرحوم لاءِ نرم گوشو پيدا ٿي نه سگهيو آهي. شيخ اياز پنهنجي آتم ڪٿا ’ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر‘ ۾ مرحوم تاج ابڙو ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج سکر جي حيثيت ۾ کانئس سکر کان لاڙڪاڻي وڃڻ لاءِ موٽر ڪار گهرڻ بابت جيڪو قصو منسوب ڪيو آهي، ان ۾ ڪابه صداقت نه آهي، ڇاڪاڻ ته ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج ان دﺂر ۾ يا اڄوڪي دﺂر ۾ هڪ بلند مرتبت ادارو آهي، جنهن کي اڄ جيان ڪالهه به وڏيون سهولتون ۽ مراعات حاصل هيون. تاج صاحب مرحوم پاران شيخ اياز کان گاڏي گهرڻ هڪ مفروضو آهي. بعد ۾ شيخ اياز کي ڊينٽ پيل ڪار جي واپسي وارو مسئلو به اعتبار جوڳو نه آهي، ڇاڪاڻ ته ڪامريڊ ابڙي جهڙو حساس، ايماندار ۽ ٻئي جو خيال رکندڙ ماڻهو ائين ڪيئن به ڪري سگهيو. سمورو قصو غير منطقي ۽ پاڻ کي پڏائڻ واري ڳالهه آهي. اسين يا اسان کان اڳ واري ادبي ۽ سياسي لڏي هميشه تاج صاحب کي سچائي، ايمانداري ۽ شعوري هلچل جو علمبردار ڏٺو ۽ محسوس ڪيو. تضادن کان آجو، همدرد ۽ هرهڪ جو اونو رکندڙ، سنڌ جي ايندڙ پيڙهين لاءِ مشعلِ راهه بڻيو. باوقار، بُردبار ۽ سهپ وارو انسان، ڏاڍو سچار. ڪوڙي سماج جي ڪوڙن ڪردارن تي ڪاوڙ ته ممڪن ٿي سگهي ٿي، پر ڪنهن نامعقول ڳالهه تي رنجش ڪامريڊ ابڙي جو وڙ ئي نه هو. مرحوم شيخ اياز هڪ وڪيل هو. اسين ۽ اسان جا مٽ مائٽ مختلف راڄوڻن معاملن ۾ سندس اصيل رهي چڪا آهيون ۽ آءٌ ذاتي طور ڄاڻان ٿو ته هن جو پروفيشنلي سول ججن سان به هيٺانهين (خوشامد) وارو رويو هوندو هو. اهو ڪٿي ممڪن آهي ته هُو سيشن جج، سو به تاج ابڙي جهڙي مهربان ۽ شفيق سان کهرو ٿي ڳالهائڻ جي همٿ رکندو هجي!! شيخ اياز بابت سنڌ ۽ هند کي خبر آهي ته هو ڪنهن کي سکڻي چانهه جي به صلاح نه هڻندو هو. ڪمال آهي جو هن پنهنجي ڪٿا ۾ جمال ابڙي ۽ تاج ابڙي جي مانَ ۾ رات جي ماني جهلي. آءٌ انهيءَ ڳالهه تي موران وسهڻ لاءِ تيار ناهيان ۽ دعوت کان پوءِ ڪامريڊ تاج صاحب جي موڪلائڻ وقت وارا جملا غير معقول، غير منطقي ۽ شيخ اياز جي خواهش ته ٿي سگهن ٿا، پر ان ۾ تِر جيتري به حقيقت ناهي. لفظ ’ٽرڙائپ‘ ڏاڍو ڏکوئيندڙ لفظ آهي، سو به ڪامريڊ تاج جهڙي فرد لاءِ، جيڪو خلوص، وفا ۽ محبتن جو سرچشمو هو. پرائي درد تي ڦٿڪي پوڻ وارو شخص ڪامريڊ تاج اهڙين ياوا گوين کان ڏاڍو مٿانهون هو. سنڌ ۾ مئل ماڻهن تي ڪوڙ هڻڻ تي مرحوم پير علي محمد شاهه راشدي جو ڪو ثاني ئي نه هو. پر ان جي وفات کان پوءِ مرحوم غلام رباني آگري ۽ مرحوم شيخ اياز سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا. مرحوم تاج محمد ابڙي صاحب لاءِ اسان جو محترم استاد، شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ تعليمي ماهر (تاج ابڙي جو ويجهو دوست) مرحوم پروفيسر ڊاڪٽر اياز قادري صاحب چوندو هو: ”تاج محمد ابڙو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي پُر زور اسرار تي ڊائريڪٽ ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج مقرر ٿيو ۽ نوڪري واري دﺂر ۾ هن جي وضع قطع، مزاج ۽ طبيعت ۾ نوڪري کان اڳ واري مريادا موجود هئي. خلق جي خدمت جو جذبو اڳ کان به اڳرو هو. هن جي ذات ۾ نرمي ۽ گدازيت سيشن ججيءَ جي عهدي کان به وڌيڪ هئي.“ هن سنڌ جي نوجوانن ۾ پنهنجي پُر عزم ارادن، جذبي، مطالعي ۽ بي باڪ طبيعت سان ترقي پسند ادب ۽ عوامي سياست لاءِ ڪيئي دلچسپيون پيدا ڪيون ۽ سنڌ جي بي پناهه خدمت ڪئي. لاهيان جي نه چِتان، الا اُن مَ وِسران مڙهيو منجهاران، جيءُ منهنجو جِن سين (شاهه) ڏهين مارچ ڪامريڊ جي وفات جو ڏينهن آهي ۽ هي ٻه چار سٽون کيس ڀيٽا طور پيش ڪري رهيو آهيان. سرها ڏٺم سي، جن ساڃاهه سراڻ سين تيغ تنين جي کي، ڪٽ نه لڳي ڪڏهين. (شاهه) (ماهوار سوجھرو مارچ ۲۰۱۰ع تان ورتل) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سنڌ جو سچو خدمتگار پروفيسر مهرالنساءِ لاڙڪ /حيدرآباد سنڌ ڌرتيءَ جي ڪک مان سوين اهڙن هيرن جنم ورتو آهي، جن چؤطرف شعور جي روشني پکيڙي، سماج ۾ مثبت تبديليون آنديون، سماج کي سڌارڻ لاءِ بي بها خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ تاريخ جي ورقن ۾ پنهنجو نالو، سونهري اکرن ۾ لکائي ڇڏيو. اهڙن املهه ماڻهن ۾ هڪ نالو ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جو به آهي. لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو، سنڌ جو تاريخي شهر آهي، جنهن هر دور ۾ اسان کي اهڙا ته ليڊر، عالم، اديب ۽ شاعر ڏنا، جن پنهنجي ڏاهپ سان سنڌ کي واسي ڇڏيو. ڪشنچند بيوس، هري دلگير، جمال ابڙو، ذوالفقار علي ڀٽو، محترمه بينظير ڀٽو، سوڀو گيانچنداڻي ۽ تاج محمد ابڙو وغيره. سڀني سياڻن سنڌ سان، ائين ناتو نڀايو، جيئن ڪو ڪم فرض سمجهي ڪيو ويندو آهي. تاج محمد ابڙي ۸ آگسٽ ۱۹۲۴ع تي، شهدادڪوٽ ۾ جنم ورتو. لاڙڪاڻي، ڪراچي، سکر ۽ ٺٽي جي هوائن ۾ شعور جون منزلون طئي ڪندي، ڏاهپ جا ڏاڪا چڙهندو اڳتي وڌندو هليو. پاڻ ۱۹۴۳ع ۾ مئٽرڪ گورنمنٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان پاس ڪرڻ بعد، اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪراچيءَ ويو. ۱۹۴۷ع ۾ ايس ايم لا ڪاليج مان قانون جي ڊگري حاصل ڪري، ۱۹۴۷ع ۾ وڪالت شروع ڪيائين. ڪراچيءَ ۾ رهڻ دوران، سنڌ جي مشهور اخبار ’الوحيد‘ ۾ بحيثيت سب ايڊيٽر، ان کان سواءِ انگريزي روزانه ’ڊان‘ ۾ سب ايڊيٽر سان گڏ، ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ ۾ نيوز ڪاسٽر به رهيو. هن جا ان وقت ڪراچيءَ ۾ ٽريڊ يونين اڳواڻ ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي مرڪزي اڳواڻن سان لاڳاپا ٿيا. پوءِ پاڻ ڪميونسٽ پارٽي ۽ ٽريڊ يونين ورڪرن سان گڏجي، ان وقت هاري مزدور جدوجهد ۽ سوشلسٽ انقلاب لاءِ پاڻ پتوڙيائين. کيس زماني جو ڳوڙهو تجربو هو. سندس سوشلسٽ تنظيمن ۾ ڀرپور ڪردار رهيو آهي. سندس دوستيءَ جو دائرو تمام وسيع هو. لاڙڪاڻي ۾ سندس اوطاق، غريب توڙي امير مطلب ته عام ماڻهن لاءِ سراءِ طور استعمال ٿيندي هئي. هر روز شام جو سندس اوطاق تي ڪچهري لڳندي هئي، جنهن ۾ سياسي، ادبي، سماجي ورڪرن وچ ۾ بحث مباحثا ۽ خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي هئي. سندس ويجهڙائپ وڏن سياستدانن سان رهي آهي، خان عبدالولي خان، سردار عطاءُ الله مينگل وغيره سان گهڻو ويجها هئا، پر ذوالفقار علي ڀٽي سان ذاتي دوستي ۽ ويجهڙائپ هُئس. هو قانوندان، سياستدان ۽ سماجي ورڪر کان وڌيڪ دانشور پڻ هو، کيس ادب ۽ تاريخ تي وڏي دسترس حاصل هئي. سياست ۾ به صرف هڪ ڀيرو يونين ڪائونسل بقا پور جو سال ۱۹۶۵ع ۾ چيئرمين چونڊيو ۽ خوب خدمت ڪيائين. سنڌي ادبي سنگت جو ٻوٽو، جيڪو هن وقت وڌي وڻ ٿيو آهي، اُن جي آبياريءَ ۾، مرحوم تاج محمد ابڙي جو ڀرپور ڪردار آهي. جڏهن ۱۹۵۶ع ۾ جميعت الشعراء سنڌ پاران لاڙڪاڻي ۾ آل سنڌ ادبي ڪانفرنس ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي، تاج محمد صحرائي، رشيد ڀٽي، جمال ابڙي ۽ اياز قادريءَ جهڙا ناميارا اديب شريڪ ٿيڻ آيا ته ان وقت تاج محمد ابڙي، پنهنجي گهر ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي صدارت ۾ سڀني اديبن جو اجلاس ڪوٺائي ميزبانيءَ جا فرائض سرانجام ڏنا. اتي ئي اهو فيصلو ڪيو ويو ته سنڌي ادبي سنگت جي سمورين شاخن جو اجلاس، ڪراچيءَ ۾ گهرائي، مرڪز جي تنظيم ۽ منشور جوڙيو وڃي. اهو ون يونٽ جو اونداهو دور هو ۽ هي فيصلو اُن اونداهي دور ۾ اميد ۽ روشنيءَ جو پهريون ڪرڻو هو. سڄيءَ سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن کي هڪ مالها ۾ پوئي، ون يونٽ خلاف، ادبي جهاد جو آغاز ڪيو ويو ۽ انهيءَ جهاد آخرڪار پنهنجو رنگ ڏيکاريو ۽ وَن يونٽ ٽٽي ويو. ٻڌيءَ جي طاقت اڳيان حڪومت کي گوڏا ٽيڪڻا پيا. اياز قادري لکيو آهي ته، تاج محمد ابڙي، جڏهن لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ قائم ڪئي، ته پاڻ اُن جو سيڪريٽري ٿيو، اُن حيثيت سان پاڻ ”تجر باغ“ لاڙڪاڻي ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ڏهاڙو اهڙي ته شاندار انداز سان ترتيب ڏنائين، جو ڏسڻ وارا واهه واهه ڪرڻ کانسواءِ رهي نه سگهيا، ڇاڪاڻ جو هِن کان اڳ لاڙڪاڻي ۾ شاهه سائينءَ بابت ايڏو وڏو ميڙاڪو ڪو نه ٿيو هو. اهو سندس لطيف سرڪار سان محبت جو ثبوت آهي. تاج محمد ابڙو ڪجهه وقت استاد پڻ ٿي رهيو، سائين محمد ابراهيم جويي پنهنجي هڪ مضمون ’تاج محمد مرحوم، منهنجو هم پيشه، هم مشرب ۽ همراز‘ ۾ لکي ٿو ته، ”مون شروع ۽ آخر تائين ماستري ڪئي ته تاج محمد ابڙي به شروع ۾ سهي، پر ماستري ضرور ڪئي. هي ماستريءَ جو منصب به تجربي ۽ مشاهدي ۾ گهڻي اضافي جو سبب بڻجي ٿو ۽ هن جو رنگ تمام پڪو ۽ پختو ٿئي ٿو ۽ ماڻهوءَ کي سڄيءَ عمر جي سڃاڻپ ڏئي ٿو. ماستري، استادي، يعني سِکڻ ۽ سيکارڻ، پڙهڻ ۽ پڙهائڻ، پنهنجي پورهئي مان پرائڻ ۽ اُپت (لاڀ) حاصل ڪرڻ آهي ۽ پوءِ سڀ ڪجهه ڏيئي ڇڏڻ جو اتساهه مون تاج محمد ابڙي ۾ ڏٺو ۽ منهنجي اهڙي طبيعت رکندڙ سڀني ساٿين ۽ دوستن ۾ تاج محمد کي پاڻ کان چار رتيون بدرجه اُتم ۽ ڪثرت سان ڏٺم.“ سنڌ جو هي برک اديب، وڪيل، دانشور ۽ سماجي خدمتگذار، سنڌين جو هڏ ڏوکي، سن ۱۹۸۵ع ۾ سيشن جج جي عهدي تان رٽائر ٿيو ۽ ۱۰ مارچ ۱۹۸۶ع تي دل جي دوري سبب هِن فاني دنيا کي الوداع چئي ابدي دنيا ڏانهن روانو ٿيو. کيس سندس اباڻي قبرستان لاڙڪاڻي ۾ دفنايو ويو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو شوڪت حسين شورو تاج محمد ابڙو استاد، صحافي، سياستدان، سوشلسٽ، وڪيل ۽ جج هجڻ سان گڏ پنهنجي ذات ۾ هڪ انجمن ۽ يار ويس شخص هو. سندس جنم ۸ آگسٽ ۱۹۲۴ع تي تعلقي شهدادڪوٽ، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. هن ۶۲ سالن جي عمر ۾، ۱۰ مارچ ۱۹۸۶ع تي، دل جي دوري پوڻ سبب، وفات ڪئي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي ۱۹۴۷ع ڌاري ايل ايل بي پاس ڪري، لاڙڪاڻي ۾ شمس الدين ابڙي وڪيل جو پارٽنر ٿي، وڪالت جي پيشي جي شروعات ڪئي. کيس سياست سان تمام گھڻي دلچسپي هئي. هو سوشلزم، ڪميونزم جو نظريو رکندڙ هو. ان ڪري هن سنڌ جي، وڌ ۾ وڌ ڏتڙيل ۽ پوئتي پيل پيل طبقي، هارين جي لاءِ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. هارين کي سجاڳ ڪرڻ جي شروعات ڄيٺمل پرسرام ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ڪري چڪا هئا. تاج محمد ابڙي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، غلام محمد لغاري، قاضي فيض محمد ۽ ٻين ڪيترن ئي دوستن سان گڏجي، هارين کي سندن حقن ڏيارڻ جي لاءِ جاکوڙ ڪئي. لاڙڪاڻي جي سياستدانن مان قاضي فضل الله ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي سان هن جا گھرا تعلقات هئا. ڪراچيءَ ۾ رهڻ دوران اسسٽنٽ ايڊيٽر جي حيثيت سان پڻ ڪم ڪيو. کيس ۱۹۷۲ع ۾ ائڊيشنل سيشن جج مقرر ڪيو ويو ۽ ۱۹۷۸ع ڌاري، کيس ترقي ڏيئي، سيشن جج بنايو ويو. جج بنجڻ کان پوءِ به ھو، پنهنجي سياسي ۽ ادبي سنگت ساٿ سان، ڪچهريون قائم رکندو آيو. کيس ادب سان بيحد چاهه هو. لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت جي شاخ قائم ڪيائين ۽ ان جي طرفان ۱۹۶۵ع ڌاري، شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي ورسي شاندار نموني سان ملهائي وئي. هن جا سنڌيءَ جي ڪيترن ئي اديبن سان دوستاڻا ناتا هئا، جن ۾ محمد ابراهيم جويو، سوڀو گيانچنداڻي، جمال ابڙو، اياز قادري، رسول بخش پليجو، تنوير عباسي، رشيد ڀٽي، انيس انصاري وغيره شامل آهن. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي ذاتي لائبريريءَ ۾، ادب کان وٺي علم جي هر شاخ تي ڪتاب موجود هئا. اها شاندار لائبريري سندس پونئيرن سنڌ الاجي کي عطئي طور ڏني. جتي سنڌ الاهي لائبريريءَ ۾ ’تاج محمد ابڙو ڪارنر‘ قائم ٿيل آهي. (روزانه ڪاوش ۱۰ مارچ ۲۰۱۱) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سنڌ جو خاموش خادم امان شيخ تاريخ پڙهڻ، ان منجهان رهنمائي حاصل ڪرڻ ۽ لاڀ پرائڻ کي مان پنهنجي زندگيءَ جي مکيه مقصدن ۽ مرادن منجهان سڀ کان مٿانهون ۽ مقدس سمجهندو آهيان، ڇوته حقيقي تاريخ کي انسان ذات جو هڪ محفوظ رڪارڊ سمجهندو آهيان، جنهن ۾ انسانيت جون چڱايون، ڀلايون، مندايون، ڪچايون، ڦڪايون ظاهر ظهور ملنديون آهن. ائين کڻي چئجي ته تاريخ انساني اوسر ۽ واڌاري جو رڪارڊ آهي. اهو رڪارڊ جيڪو انسان ذات جي جدوجهد ۽ ترقيءَ جو رڪارڊ هجي، جيڪو انساني شعور، سمجهه ۽ سچائيءَ کي ماڻهپي ۽ محبت سان ڳانڍاپي ۾ رکي سگهي. انهيءَ سموري ڪار گذاريءَ ۾ اٿل پٿل جو ڪاريگر ۽ ڪرشمه ساز پاڻ حضرت انسان جي ذات آهي ۽ اهڙا انسان ئي تاريخ ۾ ٻهڳڻ ۽ شاندار هستيون بڻجي رهنمائيءَ جو ڪردار ادا ڪندا آهن. اهي انسان تاريخ جي وهڪري ۾ اونها ۽ عميق هوندا آهن. اهي تاريخ جا خاموش، لائق ۽ وفادار سپوت ليکي سگهجن ٿا، جيڪي ماٺ ميٺ ۽ چپ چاپ ۾، بنان ڪنهن نالي وڌائڻ جي، انسان ذات، سو به پيڙهيل انسانن جي خدمت چاڪريءَ ۾ پاڻ لاءِ سُڪون ۽ پنهنجي سڦلتا سمجهندا هجن. اهڙا املهه ماڻڪ انسان گمناميءَ ۾ غائب ٿيل هجن، پر انهن کان سواءِ انسانيت جي تاريخ اڻ پوري چئي سگهجي ٿي. اهڙو هڪ بي بها عظيم انسان مون پنهنجين اکين سان ڏٺو، جيڪو انساني گڻن ۽ خوبين جو ته ڳٽڪو هو، پر ان سان گڏوگڏ لاڙڪاڻي ساهه سيباڻي جي ماضيءَ جي شام جي آخري جهلڪ هو، جتي وڻ وڻ جي ڪاٺي گڏ اچي ٿيندي هئي. لاڙڪاڻي جي شام جي آخري جهلڪ، انساني خوبين جو ڳٽڪو ۽ تاريخ ۾ خاموش ۽ وفادار سپوت لاڙڪاڻي جي ليکي ۾ نالو کڻبو ته امالڪ چئي سگهبو ته اهو سائين تاج محمد ابڙو هو. لاڙڪاڻي جي انهيءَ شام جي دؤر ۾ جنهن ماڻهوءَ جي اوتاري تي مون شاعر، اديب، دانشور، سياستدان، قومي ڪارڪنن ۽ ڪامورن تائين سڀني کي گڏ ٿيندي ڏٺو، مون حياتيءَ جي ڊوڙ ۾ ڳچيءَ پٽ تائين اختلاف رکندڙ هستين کي يڪجا ٿيندي ڪنهن هنڌ ڏٺو، ته اهو هو لاڙڪاڻي جي شام جو آخري اوتارو يعني سائين تاج محمد ابڙي جي اوطاق. مان ته انهيءَ اوتاري کي پاڻ لاءِ هونئن به ڀاڳ وارو ليکيان ٿو، جتي مون نه رڳو سياسي ميدان ۾ پنهنجي ديس جي گرن گنجن ۽ اٻوجهه انسانن سان ڀائپيءَ جو درس سکيو، پر سموري انسان ذات سان محبت جو پيچ پائڻ پرايم. انهيءَ اوتاري تي مون ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ، ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ، مولوي نذير حسين، ڪامريڊ جمال الدين بخاريءَ، حاجي محمد پيرزادي کان وٺي اياز قادري، سيد خادم حسين شاهه، ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌيءَ ۽ کوڙ سارين لائق هستين سان روح رهاڻيون ڪيون. انهيءَ اوتاري تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو به شام جو جهڪي هڻي اچي ويهندو هو، جنهن سان ڊگها ۽ اڻ کٽ بحث ٿيندا هئا. اسان گهڻو ڪري قوم پرستيءَ جي رءُ تي، ته وري ڀٽو صاحب اقتدار وسيلي سڀني مونجهارن کي نبيرڻ جو طرفدار رهيو. بهرحال انهيءَ سموريءَ ڪايا پلٽ جو مرڪز سائين تاج محمد ابڙي جي اوطاق يا اوتارو هو، ڇوته سائين تاج محمد ابڙو سنڌ جي روايتن ۽ انسانيت جي روشن پهلوئن جو امين هو ۽ انهيءَ روشن پهلو جو هڪ مکيه نقطو هو، هن وٽ محبت جو هڪ اڻ کٽ سلسلو هو، جنهن هيترا سارا عظيم انسان هڪ جاءِ تي گڏ ڪيا هئا، جنهن لاءِ چئي سگهجي ٿو ته: ”تنهن عشق کي شاباس، جنهن محبتي ميڙيا“. لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو، منهنجي جنم ڀومي، سياسي لحاظ کان سنڌ جي جفادري سياستدانن، معتبر وڏيرا شاهي ۽ ورهين کان قابض سياسي بازيگرن جو مرڪز رهيو آهي. ان ۾ سائين تاج محمد ابڙو هڪ اهڙي دؤر جو نمائندو هو، جيڪو پنهنجي بنيادي نقطي تان ڦرڻ جو ويچار ڪري به نه پئي سگهيو. ان ڪري سائين تاج محمد ابڙو سنڌ جي روايتي جهلڪ جي آخري شام به هو ته هڪ اهڙي دؤر جو نمائندو به هو، جنهن جي ڀيڄ ڀني ٿيڻ جي ابتدا ٿي رهي هئي. ان ڪري تاريخ جي هن خاموش ۽ وفادار سپوت سان انصاف تڏهن ٿي سگهندو، جڏهن سنڌ جي گود ۾ دائمي طور ستل اڏول انسان جي خوبين کي انسانيت جي ڪسوٽيءَ تي پرکڻ وارو سمو ايندو ۽ انهن انسانن ۾ سائين تاج محمد ابڙو مٿانهون ۽ مانائتو نظر ايندو. مان هينئر به لاڙڪاڻي جي شام جي آخري جهلڪ واري اوتاري، پنهنجي سياسي سکيا جي اوطاق وٽان لنگهندو آهيان، پر اکيون کڻي تڪڻ جي همٿ ساري نه سگهندو آهيان، ڇوته: ”هنڌ اهي ماڳ، جَت نه رهيا جُوءِ ۾“ (روزانه ڪاوش، عوامي آواز، جاڳو، هلال پاڪستان، پڪار، آفتاب ۽ مهراڻ) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سنڌ جو سجيلو سپوت يوسف لغاري سائين تاج محمد ابڙو صاحب لاءِ ٻه اکر لکڻ منهنجي لاءِ اعزاز آهي، پر اهو نڀائي سگهندس يا نه؟ انهيءَ جو فيصلو ته سندس دوست، ساٿي ۽ نظرياتي دوست ئي ڪري سگهندا. ان زماني ۾ جڏهن سنڌ تي ڏاڍ جا بادل پيا لامارو ڏيندا هئا، ڪجهه سنڌ جا سڄڻ، حيدر بخش جتوئي، جي ايم سيد، غلام محمد لغاري ۽ سوڀو گيانچنداڻي جيلن جي حوالي ته باقي ويچارا پاڻ نڀائڻ ۾ پورا. اهڙي ڪاري دؤر ۾ سنڌي ادبي سنگت ۽ ترقي پسند دوست، ويچارا ۽ بيوس هوندي به جاگيرداري، آفيسر شاهي، نوڪر شاهي ۽ صوبيدار شاهي جي خلاف پيا لڇندا هئا. سائين تا ج محمد ابڙو به انهن سنڌ جي سڄڻن مان هو، جيڪي سنڌ لاءِ پيا اٿندي ويهندي اڻهي سوچيندا هئا. حقيقت ۾ سنڌ جي تاريخ سياسي توڙي ثقافتي انهن دوستن ۽ ڪامريڊن کانسواءِ نامڪمل هوندي سائين تاج محمد جڏهن ۱۹۷۶ع ۾ سيشن جج ٿي ميرپورخاص ۾ آيو ته مون کي اڳئين به وڌيڪ برجستو ۽ پيارو محسوس ٿيو، پاڻ چوندو هو ته پهرين نه رڳو سنڌ جي ماڻهن کي انصاف نٿو ملي اهو پيو سوچيندو هئس، هاڻ ته اهو بارُ مٿي تي اچي پيو اٿم، شال نڀائي سگهان! اُن پنهنجي عهدي سان به نڀايائين ته اُن سوچ سان به نڀايائين. وطن، ڌرتي، ادب، ثقافت،، ٻوليءَ ۽ سچ سان کيس دل هوندي هئي. ياري نه رڳو رکي سگهندو هو پر نڀائڻ به ايندي هيس. مون کيس هن ملڪ ۾ هڪ ترقي پسند سوشلسٽ خيالن جو حامي ۽ ڌرتيءَ جي مسڪين ماڻهن جو حامي ڏٺو. دوستي ۽ مهمان نوازي سندس عادت بنجي چڪي هئي. ڪنهن به ڳالهه تي منطق کانسواءِ اعتبار نه آڻيندو هو. جيتوڻيڪ پاڻ دل ۽ ذيابيطس جي عارضي ۾ مبتلا هو پر اها بيماري سندس لاءِ وڏي بيماري ڪانه هئي، پنهنجي بيماري کان وڌيڪ سنڌ جي مسڪين ماروئڙن، ڏتڙيل ماڻهن، مظلومن جي لاءِ پيو پچرندو هو. ’’اسين ته وياسين گذاري ايندڙ نسل جو ڇا ٿيندو؟‘‘ هر دوست کان سندس سوال هوندو هو. جيتوڻيڪ پاڻ اسان وٽ موجود نه آهن پر هن موجوده دؤر جي سجاڳي ۽ شعورآڻڻ ۾ سندس ڪافي حصو رهيو آهي ۽ سندس نالي کان سواءِ سنڌ جي سياسي ادبي ۽ شعوري جدوجهد جي ڳالهه نامڪمل هوندي، جڏهن به ڪنهن دوست سنڌ جي سجاڳي ۽ شعور تي لکيو ته سندس نالو پهرين شعور آڻيندڙن ۾ هوندو. وقت ڪنهن جو ساٿ ڪونه ڏيندو آهي پر وقت سائين تاج محمد جهڙن جاکوڙي ۽ شعوري انسانن جي اڳيان مجبور به ته هوندو آهي ۽ سندس جدوجهد کي سدائين پيو نوڙي سلام ڪندو آهي. سائين تاج محمد وقت کي به هارائي ڇڏيو ۽ پنهنجي سچائيءَ، ايمانداريءَ ۽ شعوريءَ جدوجهد ذريعي پاڻ کي امر بڻائي ڇڏيو ۽ ايندڙ نسل لاءِ مشعل راهه ٿي ويو. (روزانه سوڀ، ڪاوش، هلال پاڪستان، عبرت، سچ، عوامي آواز) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سندس منزل - انقلاب جي منزل ڄام ساقي تاريخ انهن کي ڪڏهن به فراموش ناهي ڪندي، جيڪي ماڻهو خود تاريخ کي مرتب ڪندا آهن. معاشري ۾ هي ماڻهو ڪوبه ڪم مانَ مرتبي حاصل ڪرڻ لاءِ ناهن ڪندا، پر ان ڪم ۽ محنت، جدوجهد کي مڃتا سان نوازڻ معاشري جي مجبوري بڻجي پوندي آهي. ان فرد جي هر تخليق معاشري ۾ تبديلي جو باعث بڻجندي آهي، پر معاشري تي مسلط خيالات، حڪمران طبقي جا قدر، عام رواجي اخلاقيات ان فرد مٿان هر پل جبر طور لاڳو ٿيندا رهن ٿا، پر بغاوت جي عمل ۾ هي جبر اُن ماڻهو جي ارادن ۽ نظرين ۾ اڃا به طاقت پيدا ڪندا آهن، ته هو معاشري مان انهيءَ غلاظت کي ختم ڪري، هر جبر کي چئلينج ڪري ۽ عام عوام کي خوشحالي جي ضمانت ڏياري. ائين هن خطي به عظيم ذهن ۽ جدوجهد کي زندگي ارپيندڙ فرد ڏٺا آهن، پر انهن فردن هن خطي جي ڪنهن به اصول تي سودو نه ڪيو ۽ تيزي سان نوان محاذ تعمير ڪندي، انقلابي مقصدن کي پورهيت تائين پهچائيندي هڪ سوشلسٽ تبديلي لاءِ هن طبقي کي متحرڪ ڪندا رهيا. ائين ۸ آگسٽ ۱۹۲۴ع ۾ هڪ انقلابي جو جنم ٿيو، جيڪو اڳتي گهڻ رخي شخصيت جو حامل رهيو ۽ هي سڀ مثبت رخ ان ساٿي کي اڄ به زنده رکيو اچن، جيڪي شخصي طور تي اڄ اسان سان گڏ ناهن، پر اڄ ان جي سچائي، جدوجهد اسان سان گڏ آهي. اهو هو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو، جنهن جو جنم ته لاڙڪاڻي ۾ ٿيو، پر ان جا آدرش پوري سنڌ توڙي پاڪستان ۾ گردش ڪندي پورهيت عوام لاءِ هڪ رهنمائي جو ڪم ڏيندا رهيا. اڄ ۸ آگسٽ تي ڪامريڊ تاج ابڙو جي سالگرهه آهي. ائين سمجهجي ڪامريڊ تاج جي جدوجهد کي سُرخ سلام پيش ڪرڻ جو ڏينهن آهي. جيئن ته اڄ جون حالتون جنهن ڪيفيت ۾ آهن، اهي هڪ وڏي تبديلي جون گهرجائون آهن. اها تبديلي ڪامريڊ تاج ۽ اسان سڀني گڏجي ڏٺي هئي، پر ان کي منزل نه ملي سگهي. اهي ڏينهن ۱۹۶۷ع، ۱۹۶۹ع جي تحريڪ جا هئا، جڏهن مڪمل پورهيت طبقو ميدان تي لٿل هو. ان عرصي ۾ ڪامريڊ تاج ڪميونسٽ پارٽي ۾ انتهائي سرگرم هو. هيءَ تحريڪ ايوبي آمريت جي دﺂر ۾ شروع ٿي هئي، جنهن نه صرف آمريت، پر سموري سماج جي ملڪيتي رشتن کي به چئلينج ڪري ڇڏيو هو. پوري پيداوار تي قبضو ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو هو. انهيءَ عرصي ۾ ۱۹۵۰ع کان ۱۹۶۰ع تائين ڪامريڊ تاج ڪميونسٽ پارٽي ۾ وڏي جانفشاني سان ڪم ڪندا رهيا. انهيءَ مارڪسي فڪر جي ڪري ڪامريڊ هر محاذ تي سرگرم رهيا. هاري ڪميٽي ۾ رهي ڪري هارين کي وڏي پئماني تي متحرڪ ڪندا رهيا. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سان به گڏجي ڪامريڊ وڏي جدوجهد هلائي ۽ ساڻس گڏ به هوندا هئا. ڪامريڊ تاج محمد هڪ جج جي حيثيت ۾ جج وارو فرض ته نڀائيندا رهيا، پر پنهنجي سڃاڻپ وارو عام سادگي واري زندگي جو طبقو هميشه ساڻس گڏ رهيو. پاڻ وڪالت کي به وڏي زندگي ڏنائون، جنهن ۾ هنن مظلوم پورهيتن جا ڪيس مفت ۾ ڪورٽن ۾ پيش ڪيا ۽ ڪاميابي ماڻيائون. عام طرز جي سادگي هن ڪڏهن به پنهنجي شخصيت کان جدا نه ڪئي. اسين ڍاٽڪي ٻوليءَ ۾ جهونجهار ان کي چوندا آهيون، جيڪو مرڻ کان پوءِ به وڙهي سگهي، پوءِ اها ويڙهه هو پنهنجي تحريرن ذريعي جاري رکي، تنظيم جي ذريعي جاري رکي، اولاد جي ذريعي جاري رکي يا سنگت ساٿ جي ذريعي جاري رکي ته ان کي جهونجهار يا شهيد سڏي سگهجي ٿو. ايشيا ۾ اديبن جي وڏي ۾ وڏي تنظيم سنڌي ادبي سنگت آهي، جيڪا سنڌي ٻوليءَ لاءِ وڙهي ۽ ون يونٽ جي قهري ڪوٽ ڪيرائڻ ۾ ان جو وڏو هٿ آهي. ان سنڌي ادبي سنگت جي قيام جو پهريون ميڙ لاڙڪاڻي ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي گهر ٿيو. ائين ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي ٻاريل لاٽ اڃا تائين ٻرندي اچي. جيستائين سنڌي ادبي سنگت رهندي، ان جا آندل نوان ادبي لاڙا رهندا. ڪامريڊ تاج محمد کي وساري نه سگهبو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جو ڊسٽرڪٽ سيشن جج هجڻ هن جي انقلابيت کي ماٺو ڪري نه سگهيو هو. سُٺا ۽ نوان ڪتاب پڙهندو ۽ پڙهائيندو هو ۽ سياسي روپوش ساٿين کي بنا کٽڪي گهر رهائي سگهندو هو. آءٌ به ضياءَ حڪومت جي ڏينهن ۾ وٽس ڪافي دفعا ويس. مالي مدد توڙي ماني ٽڪي کان سواءِ ڪڏهن به وڃڻ نه ڏيندو هو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو هاري ڪاميٽي جي ڏينهن ۾ پارٽي جو ڪُل وقتي انقلابي ساٿي به رهي چڪو هو. هن جي ڪمينٽمينٽ ۾ ڪڏهن به ڪمي ڪانه آئي. هُو سنڌي ادبي سنگت جو بنياد رکڻ وقت توڙي سياسي روپوش ساٿين کي ترسائڻ جي خطرن کان به ڀلي ڀت واقف هو، پر پوءِ به اهو سڀ ڪجهه ڪندو هو. سائين تاج محمد ابڙي کي اڃا تائين نه مرحوم لکڻ جي همٿ اٿم ۽ نه ئي سائين کي ڪڏهن تاج محمد سڏيم. اسين گهڻو جونيئر هوندي به سائين کي ”سائين تاج“ ئي سڏيندا هئاسين. سائين سنڌي ادبي سنگت هجي يا هاري ڪاميٽي، شاگردن جي سرگرمي هجي يا سنئين سڌي انقلابي هلچل، اسان کي هميشه ۽ هر طرح همٿائيندو رهيو. دنيا جي تازي ۾ تازي انقلابي ۽ سياسي لٽريچر هٿ ڪرڻ، پڙهڻ ۽ نوجوان دوستن کي پڙهائڻ جي ڪوشش ۾ سدائين رڌل هوندو هو. جهڙو هو صورت ۾ سهڻو ۽ سيرت ۾ صادق، اهڙو ئي محبت ۽ مڻيا وارو مانجهي مڙس هو. تمام ٿورن ماڻهن کي خبر هوندي ته هن مزدورن جي يونينن کي منظم ڪرڻ ۾ لاڙڪاڻي ليول تائين ۽ سنڌ هاري ڪاميٽي کي منظم ڪرڻ لاءِ سنڌ سطح تي ڪوششون به ڪيون ۽ هميشه وس آهر مدد به ڪئي. هاڻي سندس صالح اولاد پٽ توڙي نياڻيون سنگت ۽ ادب جي ذريعي هر جدوجهد ۾ شامل آهي ۽ تا دنيا رهندو. تڏهن ئي اسين هن کي صحيح معنيٰ ۾ جهونجهار چئي سگهون ٿا. چوندا آهن ته ماڻهو جي شخصيت جو دارومدار ان ماحول تي به هوندو آهي، جنهن ۾ هو پيدا ٿيندو آهي. ائين ڪامريڊ تاج جي پيدائش جنهن وقت ۾ ٿي، ان وقت روس اندر هڪ سوشلسٽ انقلاب به ٿي چڪو هو، جنهن جا اثرات هن برصغير تي به وڏي پئماني تي پيا هئا. اهو مارڪسي فڪر ۽ انقلاب ڪامريڊ تاج محمد ابڙو کي به ننڍپڻ کان ئي متاثر ڪندو رهيو. تنهن ڪري ئي ڪامريڊ پنهنجي وابستگي پورهيت طبقي سان هميشه برقرار رکي. پاڻ لاڙڪاڻي جي اندر سياسي، ثقافتي، ادبي سرگرمين ۾ به سرگرم رهيا، بلڪه اڳواڻي به ڪندا رهيا. لاڙڪاڻي اندر سنڌي ادبي سنگت جو بنياد رکندڙ به ڪامريڊ تاج هيا. ڪامريڊ هن سنگت جا جنرل سيڪريٽري به رهيا ۽ ادب ۾ تعلق کي اجاگر ڪندا رهيا. شاعري، نثر، نظم ۾ به پورهيت طبقي جي حالتِ زار جي ترجماني ڪندي ان کي وڌيڪ نکاريندا رهيا. ڪامريڊ تاج ۱۰ مارچ ۱۹۸۶ع کان ۱۹۸۳ع جي ايم.آر.ڊي تحريڪ به عروج تي هئي، جنهن ۾ پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن به وڏي قربانين سان آمريت کي چئلينج ڪيو. هڪ عظيم جدوجهد جو آغاز ڪيو، هيءَ جدوجهد به ڪامريڊ تاج لاءِ انتهائي اهم هئي، جنهن ۾ ڪامريڊ جو ڪردار آخري ڏينهن ۾ به رهيو، پر مجموعي تبديلي نه اچي سگهي. نظام اهو ئي رهيو، حالتون بدستور خراب ٿينديون رهيون. انهيءَ جو ڪارڻ ڪا مضبوط نظرياتي پارٽي نه هئي، جنهن جو ادراڪ ڪامريڊ تاج به رکيو پئي، پر ڪامريڊ جي زندگي اجازت نه ڏني، نه ته هيءَ کوٽ به ڪنهن نتيجي تي پهچي ها. ڪامريڊ تاج جو مقصد رائيگان ناهي ويو، ڇو ته ڪامريڊ تاج جيڪي حالتون ۱۹۵۰ع ۾ محسوس ڪيون، ۱۹۷۰ع کان ۱۹۸۰ع تائين ڏٺيون، اهي اڄ به موجود آهن. اهي آدرش اڄ جا نوجوان اڄ به سانڍيو اچن، جيئن مٿي جنهن تحريڪ جو ذڪر ڪيوسين، ان تحريڪ چيئرمين ذوالفقار علي ڀٽي کي به پيپلز پارٽي جي صورت ۾ نمودار ڪيو هو. اهي ۱۹۶۷ع کان ۱۹۶۹ع جي تحريڪ جا ڏينهن هئا، جنهن پاڪستان پيپلز پارٽي کي هڪ سوشلسٽ سماج جو منشور ڏيڻ تي مجبور ڪيو ۽ ڀٽي صاحب جي قيادت کي پيش ڪيو ۽ وڏي ڳالهه ته انهيءَ پروگرام جي ڪري ڀٽي صاحب ۽ ڪامريڊ تاج جي گهري وابستگي رهي ۽ دوستي به، جنهن ۾ هن خطي جي حالتن تي کوڙ سير حاصل بحث به ٿيا. ڀٽي صاحب ۽ ڪامريڊ تاج جو سفر به هڪ ئي رستي تي ٿيو، جنهن رستي تي پورهيت، هاري، شاگرد، نوجوان موجود هئا. ڪامريڊ تاج هڪ ئي وقت هڪ سياستدان، اديب، دانشور، وڪيل، جج ۽ هڪ عام انسان به هو، جنهن پنهنجي عمر جو وڏو عرصو جدوجهد کي ارپيو. ڪامريڊ جو مؤقف طبقاتي هو. هر مسئلي جو حل به ڪامريڊ تاج طبقاتي نظر سان ڏسندا هئا. اڄ ۸۶ هين سالگرهه هيءَ نويد ڏئي ٿي ته سماج کي تبديل ڪجي. ڪميونسٽ پارٽي گهڻن ئي مسئلن جو شڪار رهي ۽ ڪامريڊ تاج جهڙا ڪردار مسئلن جو شعور رکندي درست واٽ تي هلندا رهيا. ان واٽ جي چونڊ اسان سڀني ڪئي سين، جنهن ۾ تڪليفون به آيون، نظرين سان جٺ ٿيندي به ڏٺي سين، ماحول ۾ انقلاب کي ايندي به ڏٺوسين، پر منزل اڌوري ئي رهي، تنهن ڪري ڪامريڊ تاج محمد جي وابستگي ڪنهن ڪميونسٽ ليڊر سان ايتري نه رهي، جيتري ڀُٽي سان رهي. ان جو واحد سبب پيپلز پارٽي جي عوام ۾ حمايت هئي، بلڪه هڪ روايت بڻجي چڪي هئي، پر پيپلز پارٽي انهيءَ عوامي حمايت جو ادراڪ نه رکي سگهي، جنهن ڪارڻ ڀٽو صاحب کان وٺي بينظير تائين قربانين جو سلسلو جاري رهيو. هاري ڪميٽي ۾ تاج جون خدمتون اڄ به هارين لاءِ مشعلِ راهه آهن. سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي ۾ جيڪي پير پاتا، اهي به ڪامريڊ تاج جون سرگرميون هيون. هڪ انسان ايترو ڪجهه به ڪري سگهي ٿو، اهو اندازو لڳائڻ لاءِ ڪامريڊ تاج ابڙو کان وڌيڪ مثال مشڪل سان ملندو. هونئن به ڪنهن جي وڃڻ سان ڪو گڏجي ناهي ويندو، پر ان سان گهاريل ڏينهن ۽ قربانيون ڪڏهن به ناهن وسرنديون. اهي هميشه ساٿين جي ذهنن تي زنده رهن ٿيون. ڪامريڊ تاج سميت کوڙ انقلابين جي جدوجهد جاري آهي. اها تيستائين رهندي، جيستائين ظالم، مظلوم، امير، غريب، مزدور، سرمائيدار رهندو. انهيءَ لاءِ زندگي سڀ گذاريندا آهن، پر ڪي ڪي ماڻهو زندگي انقلاب کي، جدوجهد کي ارپيندا آهن. انهن مان ڪامريڊ تاج محمد ابڙو به هڪ آهي. روس انقلاب جي عظيم ليڊر ليون ٽراٽسڪي، ڪامريڊ تاج جهڙن لاءِ ئي لکيو هو ته: ”زندگي گذارڻ آسان ناهي، جيستائين انسان وٽ ڪو عظيم مقصد نه هجي، جيڪو انسان کي نيچ پڻي کان، ذلت کان بلند ڪري.“ انسان ڪٿي نه ڪٿي مري وڃي ٿو، کپي وڃي ٿو، جهڪي وڃي ٿو، وڪامجي وڃي ٿو، تنهن ڪري ڪامريڊ تاج محمد جا مقصد هر شيءِ کان مٿانهون هيا، جيڪي پوري تاريخ ۾ هميشه روشن مقام تي رهندا. (روزانه سوڀ، هلال پاڪستان، عبرت، سچ، عوامي آواز، سنڌ، هلچل، سنڌو، پڪار، سڪار) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سنڌ جي ناقابلِ فراموش شخصيت عبدالغفور ڀرڳڙي تاج محمد ابڙو ۱۹۲۴ع ۾ ڄائو. قمبر، لاڙڪاڻي ۽ ڪراچيءَ ۾ تعليم ورتائين. مون کان اٽڪل ٽي سال ننڍو هو. مان کيس شاگرديءَ جي دؤر کان سڃاڻيندو هوس. مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ پُرجوش بهرو ورتائين. ان وقت هندستان جا نوانوي سيڪڙو شاگرد سياست جي تحريڪ ۾ هئا. ڀلا اهڙي وقت ۾ تاج محمد ابڙو ڪٿي پئي سياست کان ٻاهر رهي سگهيو! ۱۹۴۷ع ڌاري لاڙڪاڻي ۾ وڪالت شروع ڪيائين. اوائل ۾ مرحوم شمس الدين ابڙي سان گڏ ڪم ڪيائين، جو لاڙڪاڻي ضلعي جو مشهور فوجداري وڪيل هو. ڪجهه عرصي بعد الڳ ٿي ڪم ڪيائين. سندس وڪالت اڪثر ڪري فوجداري ڪيسن سان تعلق رکندڙ هئي، مگر ائين هرگز نه آهي ته سول قانون کان اڻڄاڻ هو. ڪيترن موقعن تي هُو سول ڪيس به هلائيندو هو ۽ ڪاميابيءَ سان هلائيندو هو، مگر فوجداري معاملن تي وڌيڪ دسترس هيس. هو وڏيءَ سنگت ساٿ وارو انسان هو. پئسي سان پيار به گهٽ هيس. تنهنڪري دوستيءَ ۾ ڪيترا ڪيس مفت ۾ کڻندو هو. جيڪا ڪمائي هوندي هيس، سا گهڻي قدر مهمان نوازيءَ تي خرچ ڪندو هو، تنهنڪري بچت ڪانه هوندي هيس. هن ۾ اها وڏي خوبي هوندي هئي جو اصيلن کي نه غلط مشورا ڏيندو هو، نه وري اجايا ڏٽا ۽ نه ئي ڪوڙا دلاسا ئي ڏيندو هو. سندس هٿ آئيني جيان صاف رهيا ۽ پنهنجي عزت ڀرئي ڌنڌي کي ڪوبه داغ لائڻ ڪونه ڏنائين. جج: جڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو وزيراعظم ٿيو، ته کيس سيشن جج مقرر ڪيو ويو. سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ رهيو. ڪافي وڪيل ۽ سياسي ورڪر ۽ ليڊر هر شهر ۾ سندس دوست هئا. عدليه ڪنهن به ملڪ جو اهم ترين ٿنڀو آهي ۽ ويچارا مظلوم ٻين سڀني کاتن ۽ وڏن ماڻهن جي زيادتين کان پناهه لاءِ عدليه جو دروازو کڙڪائيندا آهن. تاج محمد ابڙي پنهنجي ججيءَ دوران فرض ادائيءَ ۾ ڪوتاهي ڪانه ڪئي. ڪنهن کان به مرعوب ٿي يا ڪنهن به لالچ ۾ اچي يا سفارش جو شڪار ٿي، بي انصافي نه ڪيائين، جيڪا مون کي ذاتي ڄاڻ آهي. هُو انهن سڀني ڳالهين کان تمام گهڻو مٿانهون رهيو ۽ نه وري ڪنهن کي جرئت ئي ٿيندي هئي جو کيس ڪو آڇ ڪري سگهي. البته اها ٻي ڳالهه آهي، جو ڪنهن ساده لوح ڌر ڪنهن جي وڪڙ ۾ اچي پاڻ ڦرايو هجي. جج جي حيثيت ۾ مسٽر تاج محمد ابڙو ڌرين خواهه وڪيلن سان تمام سٺي نموني پيش ايندو هو ۽ ڪنهن کي به شڪايت ڪانه هوندي هئي. هو سڀني کي غور ۽ صبر سان ٻڌندو هو. حقائق ۽ قانوني پوزيشن تي پوري غور بعد ئي فيصلو ڏيندو هو. عزت ۽ آبروءَ سان رٽائر ڪيائين، مگر پئسي جي معاملي ۾ ساڳيو ئي غريب رهيو. تاج محمد ابڙي عزت کي دنيا ۽ دولت مٿان ترجيح ڏني. معاشري ۾ مقام: اسان جو معاشرو ڪو سولو معاشرو ته نه آهي. هر قسم جا ماڻهو ان ۾ موجود آهن. اسان وٽ خوشامد، منافقي ۽ ڪوڙ عام جام رهيو آهي ۽ اڃا به ايتري نقصان باوجود اسين سکيا ڪونه آهيون. جيئن ٿڌ تيئن وڌ. تاج محمد ابڙي جو واسطو هر طبقي سان پيو، مگر پاند نه پسايائين، ڪنهن کي نه رنجايائين، نه ڪنهن جي شڪايت ڪيائين. هر ڪنهن سان چڱائي ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين. وٽس تهذيبي اخلاق جا انبار هئا. اٿڻ، ويهڻ جو طريقو ۽ گفتگو جو انداز ڪو هن کان سکي. ڪنهن کي برو ڀلو چوندي مون هن جي زبان مان ڪڏهن به ڪونه ٻڌو. پنهنجي محدود وسائل باوجود هن مهمان نوازيءَ جا فرض خوب بجا آندا. جيڪڏهن سرمائيدار هجي ها ته سخاوت جو وڏو ڌاڪو ڄميس ها. مگر هن عوامي ۽ سچائيءَ واري زندگي بسر ڪرڻ مناسب سمجهي. فقير راهه نشين است ودل غني دارد (دل جو غريب نه هو مگر غني هو.) ذهانت ۽ مطالعو: تاج محمد ابڙي جهڙا ذهين انسان مون پنهنجي حياتيءَ ۾ ڏاڍا گهٽ ڏٺا آهن، مگر هن ۾ جيڪا ڪمي مون محسوس ڪئي، سا اها هئي جو هن پنهنجي گهري مطالعي ۽ ذهانت جو مظاهرو ۽ نمائش ڪانه ڪئي. سندس معلومات وسيع هئي. سندس ذهن تعميري هو ۽ سندس مطالعو سطحي نه هو. جيڪڏهن ڪو ساڻس خيالن جي ڏي وٺ ڪري ها ته ان کي پتو پوي ها ته تاج محمد ابڙو نه صرف پڙهيو هو، پر ڪڙهيو به هو. هن کي نه صرف ڪتابي علم هو، پر کيس زماني جو عملي تجربو به هو. هن زندگيءَ ۾ سرديون، گرميون ۽ لاها چاڙها سڀ ڏٺا هئا، جنهن جي روشنيءَ ۾ هو راهه متعين ڪري سگهندو هو. پر منهنجي نظر ۾ هن جي روشن خياليءَ ۽ اعليٰ ذهانت مان ڪنهن گهٽ ئي فائدو ورتو. هن دؤر ۾ جڏهن هرڪو پاڻ کي ارسطو ۽ افلاطون کان گهٽ ڪونه ٿو سمجهي، اتي ڪنهن کي سمجهائڻ، قبرستان ۾ آذان ڏيڻ جي برابر آهي. اها جدا ڳالهه آهي ته ڪنهن وٽ ايترا وسائل ۽ اهڙا طريقا هجن، جو پنهنجن خيالن جي مشهوري ڪرائي، پاڻ کي جڳ مشهور دانشور سڏائي. پر تاج محمد ابڙي وٽ اهي طريقا هئا ئي ڪونه. لاڙڪاڻي ۾ هو سنڌي ادبي سنگت جو به روح روان هو. سندس علم ۽ عقل مان ڪنهن فائدو نه ورتو. هُو ته بيابان ۾ هڪ خوشبودار گُل هو، جنهن جي سڳنڌ جي سُڌ ٿورن کي نصيب ٿي هوندي. من مثل لالئه صحرا هستم سياست: اگرچه سياست سان سندس گهڻو واسطو هو، تاهم سياست جي افق تي گهڻو اُڀري نه سگهيو. جنهن انسان کي پنهنجا اصول ۽ اقدار پيارا آهن، ان جو گهڻو اسرڻ ڏکيو آهي. جتي سياست ۾ پئسي جي راند هجي، جتي سياست جو ٻيو نالو لالچ هجي، جتي سياست منافقي ۽ بي اصولي هجي، جتي سياست ۾ دلالي ۽ رشوت هجي، جتي سياست ۾ غنڊا گردي ۽ ڊڪٽيٽري هجي، اتي تاج محمد ابڙي جهڙن انسانن جي ضرورت ڪهڙي آهي! تاج محمد ابڙو بنيادي طرح سوشلسٽ ۽ جمهوري خيالن جو زبردست حامي هو. اهو ئي سبب هو، جو هُو هاري ڪاميٽي ۾ ٻين ترقي پسند ٽولن ڏانهن گهلي ويو. اتي هن اصلاح آڻڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ باهمي ڪشيده ليڊرشپ کي ٺاهڻ جي ڪوشش ڪيائين، تاڪه پروگرام کي اڳتي وڌائي سگهجي، پر سندس بهترين ڪوششون به هن سلسلي ۾ ناڪام رهيون. لاڙڪاڻو ضلعو سياسي ليڊرن جي سرزمين رهي آهي، اتي مختلف خيالن جا مخالف سياستدان پئي رهيا آهن. اقتدار جي سياست ۾ تاج محمد ابڙي جي وقت ۾ محمد ايوب کهڙو، قاضي فضل الله ۽ ذوالفقار علي ڀٽو اعليٰ مقام تي رهيا هئا. خاص ڪري ڀٽو صاحب ته هڪ بين الاقوامي ليڊر جي حيثيت اختيار ڪري چڪو هو. مسلم دنيا ۽ ٽينءَ دنيا جو مڃيل ليڊر هو، مگر ٽنهي سياستدانن جي باهمي رقابت ۽ ڪشمڪش جو به سڀني کي اندازو آهي. پر اها ڳالهه وڏي تعجب واري آهي، جو ٽنهي صاحبن سان تاج محمد ابڙي جا تمام گهرا ۽ ويجها تعلقات هئا. شايد ڪو اڻ واقف ماڻهو ائين چوي ته تاج محمد ابڙو هڪڙي جي سامهون ٻئي جي گلا ڪري سرخرو ٿيندو هوندو ۽ فائدن وٺڻ جي ڪوشش ڪندو هوندو. ائين چوڻ حقيقت کان دور ئي ٿيندو. لاڙڪاڻي جي انهن ليڊرن کي چڱيءَ طرح ڄاڻ هئي ته تاج محمد صاحب جا تعلقات سڀني ليڊرن سان هئا. سندس گفتگو ۾ اها مٺاڻ ۽ حقيقت هئي، جو تاج محمد ابڙي جي سچائي ۽ ذهني پختگيءَ کان ڪوبه انڪار ڪونه ڪري پئي سگهيو. ان کان سواءِ هن ڪنهن کان به پرمٽ، پلاٽ، لائسنس ۽ فائدن جي گُهر ڪڏهن به ڪانه ڪئي، تنهنڪري سندس خلوص تي ڪوبه شڪ ڪري ڪونه پئي سگهيو. ڀٽو صاحب تنهنڪري مناسب سمجهيو ته اهڙي ديانتدار، اصول پرست ۽ اهليت رکندڙ شخص کي سيشن جج بڻايو وڃي، تنهنڪري هُو سيشن جج ٿيو. اها حقيقت ٻڌائڻ به ضروري آهي ته ڀٽي صاحب سان گهرا تعلقات هجڻ باوجود تاج محمد ابڙي ۱۹۶۵ع جي صدارتي انتخاب ۾ ايوب خان جي بجاءِ محترمه فاطمه جناح جي مدد ڪئي. مگر هن جي ڪم ڪرڻ جو طريقو پنهنجو هوندو هو. هُو سکڻي ڪُني وانگر ڪونه اڀامندو هو، مگر هن اندران ئي اندران هڪ ڊڪٽيٽر خلاف مقصد حاصل ڪرڻ جو طريقو اختيار ڪيو. شهيد ذوالفقار علي ان وقت وزير هجڻ جي حيثيت ۾ ايوب خان جي مدد ڪئي. بيماري ۽ وفات: تاج محمد صاحب جڏهن جج هو، تڏهن ناچاق رهندو هو. کيس دل جي تڪليف ۽ ذيابيطس جا مرض لاحق هوندا هئا. مون ڏٺو ته هُو کاڌي جي پرهيز به گهڻي ڪندو هو ۽ علاج جاري رهندو هوس، مگر انهن بيمارين کيس نه ڇڏيو. مون کي عجب ٿيندو هو ته پنهنجين بيمارين ۽ تڪليفن جو ذڪر گهڻو ڪونه ڪندو هو. ورنه ڪيترن ماڻهن جي اها طبيعت هوندي آهي، جو تڪليف ده ذڪر شروع ڪري ڏيندا آهن. تاج محمد صاحب وانگر بيمارين باوجود ماڻهن سان خنده پيشاني سان ملڻ هر ڪنهن جي وس ۾ نه آهي، مگر تاج محمد صاحب جي طبيعت ان جي برعڪس هئي، هر ڪنهن سان پنهنجي تڪليف جو ذڪر ڪري مغموم ڪرڻ نه پئي چاهيائين. نيٺ بيماري وڌندي وئي، ڦڪين ڪو فرق نه ڪيو، ڇوته حڪم الاهي ائين ڪونه هو. تون حبيب تون طبيب، تون دارون کي دردن تون ڏئين تون لاهين، ڏاتر کي ڏکندن تڏهن ڦڪيون فرق ڪن، جڏهن امر ڪيو ان کي نيٺ قضا مٿان اچي بيٺي. ڪنهن به ڊاڪٽر جي علاج مان فائدو ڪونه پيو. آخرڪار ۱۰ مارچ تي وڃي پنهنجي حقيقي خالق سان مليو. سنڌ هڪ دانشمند ۽ مهمان نواز دانشور انسان کان محروم ٿي وئي. ڪاش هن موت کي شل موت اچي، جو اهڙن عظيم انسانن کي ايڏو جلد جدا ٿو ڪري. الله تعاليٰ جون مٿس بيشمار رحمتون هجن. (روزانه عوامي آواز، هلال پاڪستان، سنڌ سجاڳ، تعميرِ سنڌ، عبرت) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو هڪ آدرشي انسان ڊاڪٽر غلام علي الانا ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جو نالو سنڌ واسين جي ذهين تان ڪجهه جهڪو ٿي ويو آهي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سچ پچ ته ڪو معمولي ماڻهو نه هو. سندس دوستن ۾ جڳ مشهور شخصيتون شامل هيون، جن ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي، سائين جي ايم سيد، جمال الدين بخاري، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي کانسواءِ خان عبدالولي خان، محترم عطاءَ الله مينگل ۽ حيدرآباد جي امير برادران مير علي احمد خان ٽالپر ۽ ميرل رسول بخش خان ٽالپر جا نالا وڏي فخر سان وٺي سگهجن ٿا. هو پنهنجي زماني جو هڪ مثالي ماڻهو ۽ آدرشي انسان هو، هو هڪ ايماندار جج ۽ هڪ دانشور طور سڄي سنڌ ۾ ڄاتو ۽ سڃاتو ويندو هو. مرحوم سان منهنجي ملاقات، مرحوم ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي صاحب جي اوطاق تي لاڙڪاڻي ۾ ٿي، آءٌ تڏهن سنڌ يونيورسٽي طرفان ٿيندڙ امتحانن جي سلسلي ۾ لاڙڪاڻو ويو هوس، مرحوم کي سنڌو تهذيب جي باري ۾ وڏي ڄاڻ هئي، پاڻ جڏهن مون کي موهن جي دڙي ڏيکارڻ لاءِ وٺي ويو هو. تڏهن هڪ ماهر، سنڌ شناس وانگر سنڌو تهذيب جي باري ۾ تمام گهڻي معلومات ڏنائين. ائين پئي محسوس ٿيو ته موهن جي دڙي جون ڀٽون ڀڙا، ديوارون، ڳليون ۽ ناليون ساڻس ڳالهائي رهيون هيون ۽ هو اهي ڳالهيون مون کي ٻڌائيندو رهيو، هو جڏهن مون وٽ سنڌالاجي گهمڻ آيو. تڏهن مون سنڌالاجي جي مستقبل جي پروگرامن جي باري ۾ کيس ڄاڻي ڏني. جنهن تي هو ڏاڍو خوش ٿيا ۽ سنڌالاجي جي مدد جون وڏيون اُميدون ڏيکاريائون. سندن سياسي سوچ مان محسوس ٿيندو هو ته هو سنڌ جو هڪ سڄاڻ ۽ ڏاهو شخص هو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي صحبت جو مٿس گهرو اثر ٿيل هو، سندس دل ۾ سنڌي قو م لاءِ جيڪو درد ۽ احساس هو، ان مان ائين محسوس ٿيندو هو ته مرحوم چاهي ٿو ته سنڌ جا ماڻهو سستي ڇڏين ۽ پنهنجي وطن لاءِ اڻٿڪ ڪوشش ڪن ۽ سنڌ کي بين الاقوامي درجي ڏيارڻ لاءِ پاڻ پتوڙين. مون کي اها خبر نه آهي ته سندس وڏا ڪير هئا ۽ انهن جي مالي حالت ڪهڙي هئي، پر پاڻ هميشه خوش پوش ۽ خوشحال نظر ايندا هئا. مرحوم ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو چوندو هو ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سنڌ جي نياڻين جي تعليم لاءِ هميشه سرگردان هوندو هو. مرحوم تاج محمد ابڙي هڪ اصول ٺاهيو هو. جنهن موجب هو چوندو هو ته جيستائين سنڌي مائرون اڻ پڙهيل هونديون، تيستائين سنڌي معاشرو نه سُڌري سگهندو ۽ نه ئي وري ترقي ڪري سگهندو. انهيءَ اصول تحت هن سڀ کان پهرين پنهنجي پاڙي جي نياڻين کي تعليم جي زيورن سان سينگارڻ جي مهم شروع ڪئي، سندس انهيءَ جذبي جو ماڻهو به گهڻو قدر ڪيو. ساڻس ساٿ ڏنائون ۽ پنهنجين نياڻين کي پڙهائڻ جو عزم ڪيائون، ڪيتريون ئي نياڻيون پڙهي پيون. انهن مان ڪي ڊاڪٽرياڻيون بڻيون ته ڪي وري ڪاليجن ۽ اسڪولن ۾ استاد بڻيون ۽ ٻين نياڻين کي علم جي نور سان منور ڪيائون. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جيئن اسان سڀني کي معلوم آهي ته هو هڪ صحافي پڻ هو ۽ روزانه الوحيد اخبار جو ڪجهه ڏينهن ايڊيٽر پڻ رهيو، مرحوم هڪ مشهور سماج سُڌار شخصيت به هو، پنهنجي چوڌاري واري سماجي ماحول ۾ رائج اڍنگين ۽ خراب رسمن ۽ برين عادتن کي وڌندو ڏسي پنهنجي هڪ هفتيوار اخبار به ڪڍيائين، جنهن جو نالو رکيائين ”نوجوان“ پر اها اخبار گهڻو وقت هلي ڪا نه سگهي. آءٌ جڏهن اوپن يونيورسٽي اسلام آباد ۾ هوس تنهن زماني ۾ ۱۹۸۵ع ۾ لاڙڪاڻي ويس، ڇاڪاڻ ته مون کي فاصلائي نظام تعليم جي سلسلي ۾ اُتر سنڌ ۾ اوپن يونيورسٽيءَ جو ريجل دفتر ۽ مطالعاتي مرڪز قائم ڪرڻا هئا. ان سلسلي ۾ مون پنهنجي سفر جو آغاز گھوٽڪيءَ کان ڪيو ۽ پوءِ سکر، شڪارپور، جيڪب آباد، خيرپور ۽ آخر ۾ لاڙڪاڻي ويس. لاڙڪاڻي ۾ مرحوم تاج محمد ابڙي سان سندس اوطاق تي ڪافي وقت گذاريو. ٻيا دوست به اتي ئي آيا اسان جي اها ملاقات ڪافي سالن کانپوءِ ٿي هئي، هو مون کي گهڻو نئون نظر آيو، زندگي ۾ ڊگهو سفر ڪيو هئائين. ماستريءَ جهڙي پيغمبرانه ڌنڌي کان شروعات ڪئي هئائين پوءِ وڪيل بڻيو، سياست ۾ سرگرم رهيو، سماجي ڪارڪن رهيو ۽ آخر ۾ سيشن ڪورٽ جو جج مقرر ٿيو. سندس ڳالهين مان ظاهر هو ته هن پنهنجي انهيءَ پوري سفر کي هڪ ڪامياب سفر ٿي تصور ڪيو. هو پنهنجي زندگيءَ مان بيزار اصل نه هو پنهنجي ڪيل پورهئي ۽ ڪمائي تي گهڻو فخر هوس. البته آخري ڏينهن مٺي پيشاپ ۽ دمه جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويو، پر تنهن هوندي به ٿڪو نه هو، همت ڪا نه هاري هئائين، هو دلشڪستو هرگز نه هو، پنهنجي ايماندارانه ۽ بي داغ زندگي تي ناز هوس، هو ڏاڍو مطمئن هو، ان ملاقات ۾ هن مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو هو. اهو تاج محمد ابڙو نه هو جيڪو مون ڪجهه عرصو اڳ ڏٺو هو، هو پنهنجي سر هڪ انجمن هو، هڪ ادارو هو، هو مون کي هڪ صحيح مڻيادار انسان نظر آيو، منجهس ڪئين گڻ هئا جيڪي بکي رهيا هئا. اهڙا ماڻهو مرندا نه آهن، اهي هميشه زنده هوندا آهن، ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جهڙا آدرشي انسان اصل مرندا نه آهن، اهي هميشه زنده رهندا آهن. اهڙن امر انسانن جا ڇڏيل اصول سندن اولاد جي رهنمائي ڪندا آهن. مرحوم جو اولاد به، سندن والد جيان لائق ۽ فائق آهي. منهنجي دعا آهي ته موليٰ ڪريم مرحوم جي اولاد کي پنهنجي لائق ۽ آدرشي پيءُ جي نقش قدم تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي ۽ سندس اولاد کي اها همٿ ۽ سگهه ڏئي ته جيئن اهي به پنهنجي عظيم پيءُ جي اميدن تي پورا رهندا اچن. (روزانه سوڀ، ڪاوش، هلال پاڪستان، عبرت، سچ، عوامي آواز، سنڌ، مهراڻ، مقدمو، هلچل) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو منهنجو دوست، منهنجو ڀاءُ جمال ابڙو چڱن ماڻهن جي کوٽ ڪانهي. علامه دائود پوٽو، تاج محمد ابڙو، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، قاضي فيض محمد، تاج صحرائي، مولوي احمد ملاح ۽ ٻيا اڪيچار، جن مان هرهڪ تي جدا جدا ڪتاب لکي سگهجي ٿو، پر حياتيءَ تي ڀروسو ڪونه اٿم ته ڪو ايڏو وڏو ڪم ڪري سگهندس. تاج محمد ابڙو تمام ذهين ۽ اونهي سوچ وارو ماڻهو هو. هڪڙو تاج محمد ابڙو ئي هو، جنهن سان مان کلي ڳالهائي سگهندو هئس. حالانڪه تاج محمد اسان جو ڪو مائٽ ڪونه ٿي لڳو، پر تعلقات ڀائرن جهڙا هئس. امڙ جي وفات تي تاج محمد ابڙو پهتو ته جنازو روڪرائي چيائين ته: مان منهن ڏسندس، سو کيس منهن ڏيکاريو ويو. امڙ تاج محمد ابڙي سان به اسان پٽن جهڙو پيار ڪندي هئي. تاج محمد ابڙي سان ياراني پڪي هيم، جو مان کاٻيءَ ڌر جي تحريڪن، هاري پارٽيءَ ۽ مزدور يونين ۾ ڪم ڪرڻ لڳس. مون پنهنجي وڪالت جي آفيس ۾ پاڪ سوويت دوستيءَ جي انجمن کولي. اهو آئيڊيا به تاج محمد جو هو ۽ همٿائڻ به ان جو هو. سوويت لٽريچر جي لئبرري به اتي ئي قائم ڪيم. مون تي ايڏو ڀروسو ڪيو ويو، جو ڪميونسٽ پارٽيءَ جون ميٽنگون به اتي ڪيون وينديون هيون. اهو ڪرشمو به تاج محمد ابڙي جو هو. سرڪار مير علي احمد ٽالپر، شيخ اياز ۽ تاج محمد ابڙو ڪتابن جا عاشق هئا ۽ ڪنهن کي به ڪتاب ڪونه ڏيندا هئا. تاج محمد ابڙو، ذوالفقار علي ڀٽي کي ڪافي ويجهو هو ۽ سندس نجي محفلن جو رڪن هو. مون تاج محمد کي چيو ته ڇو نه ڀٽي صاحب کي چئي ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي کي جيل مان آزاد ڪرائجي. تاج محمد کي اها ڳالهه پسند آئي ۽ هن ڀٽي صاحب سان ڳالهايو. ڀٽو صاحب خود ان خيال جو هو ته روس سان لاڳاپا وڌائجن، سو هڪدم هائو ڪيائين. سوڀو گيانچنداڻي جيل مان نڪري گهر آيو. ذوالفقار علي ڀٽي بعد ۾ تاج محمد کي چيو ته هو ڪميونسٽ پارٽيءَ تان بندش لاهي پيو ۽ ڀلي پارٽي کلم کلا پنهنجي منشور مطابق ڪم ڪري. ڀٽي صاحب ائين ڪري به ڏيکاريو، پر پارٽيءَ وارا ٻاهر ڪونه نڪتا. سو ذوالفقار علي ڀٽي، تاج محمد کي چيو ته هاڻي چئه نه پنهنجي دوست کي ته هو ڪميونسٽ پارٽيءَ کي بي ڌڙڪ منظم ڪري. تاج محمد به تمام ذهين ۽ اونهي سوچ وارو ماڻهو هو، سو مون سان صلاح ڪيائين. مون چيو ته بظاهر ته اها ڳالهه ٺيڪ ٿي لڳي، باقي فيصلو ڪامريڊ سوڀو ڪندو. مان ۽ تاج محمد ابڙو ڪامريڊ سوڀي سان سندس ڳوٺ ٻنڊي ملڻ وياسون. ڪامريڊ سوڀي ٺهه پهه جواب ڏنو ته واهه جو ٿا ڏس ڏيوم ته هٿ وٺي سڀ پارٽي ميمبر ۽ ڪارڪن ظاهر ڪري پليٽ تي رکي ڀٽي صاحب کي ڏيان ته جڏهن وڻين، تڏهن کين واڙي جيل ۾ وجهي ڇڏين. اسين ٻئي ماٺ تي وياسون. پنهنجي وزن جو پتو پئجي ويو ته سوڀي گيانچنداڻيءَ جي ڀيٽ ۾ اسين ڇوڪراٽ يا سيکڙاٽ هئاسين. هڪ ٻيو واقعو ياد ٿو اچيم. ٿيو ائين جو حيدر بخش جتوئي جيل ۾ واڙجي ويو. ڪامريڊ عبدالقادر وري چڱو مڙس، نرم مزاج ۽ اختلافي راءِ کي ريٽڻ وارو ماڻهو، انهيءَ صورتحال جو فائدو وٺي هاري پارٽيءَ جي ڪن جوشيلن حقيقت ۾ پاڻ هرتڙن پارٽيءَ اندر سٽل، ڪي پنهنجا من پسند صدر، سيڪريٽري ۽ ٻيا عهديدار چونڊي بالم ٿي ويهي رهيا. مولوي نذير حسين جتوئي به ساڻن شامل هو ۽ عهدو به قبول ڪيو هئائين. پارٽيءَ فيصلو ڪيو ته انهيءَ صورتحال جو توڙ ڪيو وڃي ۽ بلڪل زائل ڪيو وڃي. انهيءَ ڪم لاءِ تاج محمد ابڙي ۽ مون کي ذميواري سونپي وئي. پتو ئي نه پوي ته ڇا ڪجي؟ هنن يارن ڇا ڪيو جو اخبارن ۾ خبرون ڇپائي پاڻ عهدن تي قابض ٿي ويهي رهيا. تاج محمد تمام گهڻو ذهين ماڻهو هو، سو حل ڪڍي آيو. چيائين ته هاري ڪميٽيءَ جي ميٽنگ ۽ ڪاروائيءَ جا من پسند فيصلا لکي هاري حقدار اخبار ۾ ڇپائي ٿا ڇڏيون. انهيءَ جڙتو ميٽنگ جي ڪاروائي، بحث مباحثا ۽ سوال جواب اهڙي نموني لکياسون، جو سود پود سچ ٿي لڳو. هاري حقدار جو پرچو ڇپائڻ لاءِ حيدرآباد هاري آفيس ۾ وڃڻو هو. ڏهه پندرهن روپيا مون کي ۽ ڏهه پندرهن روپيا تاج محمد کي، ريل جي ٿرڊ ڪلاس گاڏيءَ ۾ حيدرآباد لاءِ چڙهي پياسون. تاج محمد چوي ته ڪو مسئلو ئي ڪونهي، سڀاڻي هلنداسون هاري حقدار پريس، اتي فلاڻا فلاڻا منهنجا واقف آهن، بس موادMatter ڪمپوز ڪري هڪ ڏينهن ۾ پرچو ڪڍي ڏيندا. ٻئي ڏينهن صبح جو تاج محمد ۽ مان نيرانو نڪري پياسون. نيرن يا ناشتي جو آسرو به ڪونه هئو. ڀيڙيوسين پيرين پنڌ کي. اچي گاڏي کاتي ۾ حقدار پريس تي پهتاسون ته ٻه ويون ڇهه به ويون. هاري حقدار پريس توڙي آفيس کي تالو لڳو پيو هو. ٻڌايائون ته گورنمينٽ بندش وجهي ڇڏي آهي. چيائين: جمال! ٻيلي ڪا واهه ڪڍ، پرچو ضرور ڪڍڻو آهي. مون کي محترم محمد عثمان ڏيپلائي سمجهه ۾ آيو. انهيءَ جي پريس به ڀرسان ئي کوکر پاڙي ۾ هئي، جتان عبرت اخبار ڪڍندو هو. تاج محمد کي چيم ته هل ته ڏيپلائي صاحب وٽ ٿا هلون. سرهائيءَ سان چيائين ته يار وارو ڪر! ڏيپلائي صاحب وٽ وياسون ته کلي کيڪاريائين. جڏهن احوال ٻڌايوسونس ۽ مدد لاءِ چيوسونس ته بنا للي چپيءَ جي صاف انڪار ڪيائين. چي: اهو بلڪل غير قانوني ڪم آهي، اخبار رڳو اتي ڇپجي سگهي ٿي، جتان سرڪاري طرح ڇپائي Publish ڪئي ويندي هجي. تاج محمد مون ڏي منهن ڪري چيو: ابا ٻڌو؟ چيومانس: ڏيپلائي صاحب! ڪا واٽ ڪڍي ڏيو. گنڀير ٿي چيائين ته: توهان کي اها خبر به ڪانهي ته هاري حقدار پريس توڙي هاري حقدار اخبار تي بندش پيل آهي. اول ته اها بندش لهرايو، پوءِ ڇپائڻ جي ڳالهه ڪيو. مون پڇيو ته بندش ڪير لاهيندو؟ چيائين ته ڊي.سي جنهن کي ڊي.ايم يعني ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ چئبو هو. چيم واهه! واٽ ته نڪري آئي. پڇيم ته ڏيپلائي صاحب! ٻڌاءِ ته ڇا اي.ڊي.ايم (ائڊيشنل ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ) کي به اهي اختيار آهن؟ چيائين: ساڳي ڳالهه آهي، جهڙو هو تهڙو هو. مون کي خبر پئي ته اي ڊي ايم هئو نذير محمد ٽڳڙ جو تمام يار گهاٽو ۽ فيض وارو ماڻهو هو. مان ۽ منهنجو ننڍو ڀاءُ ڪمال ڄڻ ته سندس گهر ڀاتي هئاسين. آياسين ٽڳڙ صاحب وٽ. سڄي ڳالهه چڱيءَ طرح پڇي پڪ ڪيائين. چيائين ته ڪم آهي ته ڏکيو، پر جمال! توکي ڪونه موٽائيندس. چيائين: بندش ڪونه لاهيندس، پر رڳو پرچو ڪڍڻ ڏيندس، سو به بندش پوڻ واري تاريخ کان هڪ ڏينهن اڳ واريءَ تاريخ ۾، پر حڪومت خلاف ڪجهه به نه لکندؤ. اهڙي خاطري ڏياريسونس. مون چيومانس ته هفتيوار اخبار آهي، سو تاريخ ڪابه نه لکنداسون. ٽڳڙ صاحب به دير ئي ڪانه ڪئي، ڪلارڪ گهرائي هڪ ۽ آخري پرچو ڪڍڻ جو اجازت نامو ٽائيپ ڪرائي صحيح ڪري مهر هڻي ڏنائين. تاج محمد ڏس ته بهار بهار پيو ٿئي. آياسون محمد عثمان ڏيپلائيءَ وٽ. کيس اجازت نامو ڏيکاريوسون. حيران ٿي چيائين ته ڪهڙو جادو ڪيوَ؟ پوءِ به اخبار ڇپڻ کان صاف انڪار ڪيائين. ڏيپلائي صاحب! هيءَ ته زور آوري آهي. چيائين ته: نه، قاعدو آهي ته اخبار رڳو اتي ئي ڇپبي، جتان شايع ٿئي ٿي. ڳالهه ته سچي هئي. منٿ ڪئي سونس ته ڪو ڳٿو ڪڍ. اٿيو وڃي هاري حقدار اخبار جو پرچو کڻي آيو. وري انهيءَ ماپ ۽ رنگ جو خالي پنو کڻي آيو. چيائين ته هن خالي پني تي هاري حقدار اخبار جي ڪنهن به سب ايڊيٽر، ڪمپوزر يا ڪارندي کان لکرائي اچو ته هي پرچو هاري حقدار پريس ۾ ڇاپيو ويو. اهو ڪم ڪري اچو ته مان ٿو اخبار ڇاپي ڏيان. تاج محمد ٽڙي پيو، چيائين ته فلاڻو ڪارڪن منهنجو دوست آهي، ان کان بيٺي پير لکرائي ٿو اچان. تاج محمد هڪدم ٽانگو روڪائي حڪم ڏنو ته هل الهداد چنڊ ڳوٺ. جڏهن تلڪ چاڙي مارڪيٽ چونڪ اوريان پهتاسون ته مون ٽانگي واري کي چيو ته هلُ ٽنڊي ولي محمد. تاج محمد جوشيلو ۽ جذباتي ماڻهو هو، سو خار باز اکين سان مون ڏانهن نهاريائين. چيومانس ته ڀائو! خار نه کاءُ، هن مهل ڌرتتيءَ جو ناواقف گهٽين ۾ ڪيترو رلنداسين؟ هلي ٿا آرام ڪريون، ڪم ته ائين ئي سڀاڻي صبح جو ٿيندو. تاج محمد تمام ذهين، سمجهدار ۽ خبردار ماڻهو هو، جهٽ ڳالهه ڀانپي ورتائين. سندس ڪاوڙ ڪافور ٿي وئي. اسان به ننڊ آرام ڪري پوياڙيءَ جو گهربل ماڻهوءَ جي در تي پهتاسون. تاج محمد در کڙڪائي نالو وٺي سڏ ڪيو. اندران ئي ڪنهن پڇيو ڪير؟ تاج محمد نالو ٻڌايو ته هڪ ماڻهو چمڪدار اکين سان، وڏي اڪير سان اچي تاج محمد کي ٻک وڌو. تاج محمد جو واقعي عقيدتمند ٿي ڏٺو. ڇو ڪينَ، نيٺ ته پارٽيءَ جو ڪارڪن هو. تاج محمد کيس ڪم ٻڌايو ته ڇاتيءَ تي هٿ هڻي چيائين ته سرُ به حاضر آهي. خالي پني تي اتي ئي لکي ڏيڻ لاءِ تيار هو، پر چيوسونس ته بهتر اهو آهي ته ڏيپلائي صاحب جي روبرو لکي ڏي. چيائين حاضر، سڀاڻي صبح جو ڏهين وڳي توهان کان به اڳ ۾ عبرت پريس پهچي ويندس. ٻئي ڏينهن عبرت آفيس پهتاسون ته هو شخص (نالو وسري ويو اٿم) اڳ ۾ ئي اتي بيٺو هو. لنگهي وياسون ڏيپلائي صاحب وٽ، جنهن هڪدم ان ماڻهوءَ کي سڃاتو. اخباري دنيا جا ماڻهو هڪٻئي جا واقف ٿين ٿا. ڏيپلائي صاحب هن کان خالي پني تي لکرائي ورتو ته هي پرچو هاري حقدار پريس مان ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. ڏيپلائي صاحب چيو ته شام تائين جيترا به پرچا چئو ڏيان. چيوسونس: پنج سؤ. چيائين: هيترا پيسا لڳندا. پئسا ته اسان وٽ هئا ڪونه، سو مون ۽ تاج محمد صلاح ڪري چيو ته ٻه سؤ پرچا. ڏيپلائي صاحب چيو ته ڪو خاص فرق ڪونه پوندو، توهان کان رڳو پني جا پئسا ٿو وٺان، مزدوري ۽ منافعو ڪونه ٿو وٺان. شام جو کانئس ٻه سؤ پرچا وٺي اسان جو ڳاٽ اونچو ٿي ويو. ڪجهه پرچا حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ نوابشاهه لاءِ پنهنجي دوست هاري ڪارڪن جي حوالي ڪياسون ۽ کين تاڪيد ڪيوسون ته هڪدم ورهائي ڇڏين. دادو، لاڙڪاڻي، سکر، جيڪب آباد لاءِ سؤ کن پرچا پاڻ کڻي روانا ٿياسون. ڏيپلائي صاحب جي صدقي سستي ۾ ڇٽاسون. لاڙڪاڻي پهچي چپ چاپ ۾ راتئون رات پرچا اهم ماڻهن جي گهر پهچائي ڇڏياسون ۽ هڪ مخلص ڪارڪن سکر موڪليوسون، جنهن ڏينهن وچ ۾ پرچا سکر، شڪارپور ۽ جيڪب آباد هٿيڪن ماڻهن هٿان ورهائي ڇڏيا. مزو ٿيو، ٻئي ڏينهن مولوي نذير حسين جتوئي ڳاڙهو پيلو ٿيندو دفتر ۾ گاريون ڏيندو اچي اوطاق تي نڪتو. کيس سمڪ ئي ڪونه هئي ته اهو ڪم تاج محمد ۽ مون جهڙي ڳوڀ جو ڪيل هو. تاج محمد معصوم بڻجندي مولوي صاحب کي پرچو ڏيکاري پڇيو ته: ڪامريڊ! هي هاري حقدار جو پرچو پڙهيو اٿوَ؟ مولوي صاحب جو بند ٽٽي پيو. چي: مٺا! ڏس ته هي سنئين سڌي ڀيڻچوتائي، اهو سڄو ڪارنامو انهن ڀيڻ (....) مادر (....) ڪميونسٽن جو آهي. ظاهر ظهور ڪوڙ، حرامپائيءَ جي به ڪا حد ٿيندي آهي. تاج محمد سان سندس ٻٽيهه دليون هيون ۽ کيس لينن ثاني سڏيندو هو. تاج محمد به کيس کٿ ڪرڻ لاءِ چوڪيون ڏيندو رهيو ته؛ ڪامريڊ! سڄي ڪاروائي تفصيل سان لکي پئي آهي، توهان جي تقرير ۽ دليل به لکيا پيا آهن. مولوي صاحب وهلور پيو وڃي، اهي ههڙا تهڙا (ڪچيون گاريون) ڪميونسٽ ائين ئي ڪوڙ کي سچ ڪندا آهن. ڀلا ڏس حيدر بخش جتوئي ته جيل ۾ پيو آهي، اهو ڪيئن چونڊيو؟ اهو عبدالقادر ڏنڊي، (ڪامريڊ عبدالقادر کوکر پريس وارن جهڙي ننڍي ڏنڊي ڪڇ ۾ کڻندو هو، سو مولوي صاحب کيس سڏيندو ئي ڏنڊي هو) اهو ته هٿ کڻي ويو هو، اهو ڪيئن صدر چونڊجي ويو؟ تاج محمد اطمينان سان چيس ته ڪامريڊ! اخبار ائين ٿي چوي. مولوي صاحب آپي کان ٻاهر نڪري ويو. چي: کوهه ۾ پوي اخبار، هن تي چڙهي اخبار، ڏسي وٺنداسون. تاج محمد ڪمال صبر سان چيس: مرضي جا مالڪ آهيو. وڏو چوٻول ٿيو، پر ڳالهه اها ئي بيٺي جا تاج محمد سوچي هئي. حيدر بخش جتوئي جيل مان نڪتو ته کيس هار پارائي، جلوس ڪڍي اچي هاري حقدار آفيس ۾ صدارت جي ڪرسيءَ تي ويهاريائون. نفسيات جو به وڏو عمل دخل آهي هر ڳالهه ۾. پارٽيءَ جو حڪم مليو ته حيدر بخش جتوئي کان ههڙو بيان ڏيارڻو آهي. ڪم وري به سونپيو ويو تاج محمد کي. تاج محمد هئو واچوڙو، ڪنهن ڪم پٺيان پوندو هو ته مڇڏو ٿي لڳندو هو. مون کي چيائين ته جمال! هل حيدرآباد، حيدر بخش کان هي ڪم وٺڻو آهي. مون جهٽ چيو هائو، پر چيم ته مون کي ڇو ٿو پنڌ وجهين. تنهنجو هم خيال، دوست ۽ پارٽي ميمبر اٿئي، مون کي ڇو ٿو هروڀرو وچ ۾ آڻين؟ چيائين: هڪ کان ٻه چڱا، ٻن جو وڌيڪ دٻاءُ پوندس ۽ يقين به ايندس. بس ائين بيٺي پير تيار ٿي وياسين. پوءِ به ڏٺم ته تاج محمد هڪ ڪتاب کولي وري ٻيو پيو ڪڍي! مون چيو: ڇا ٿو ڪرين؟ وقت ٿو وڃائين. چي: اهڙو ڪتاب ٿو ڳوليان، جنهن ۾ لينن جو صاف، سٺو ۽ وڏو فوٽو هجي! انهيءَ جو ڀلا ڪهڙو سود؟ اها حيدر بخش جتوئيءَ جي ڪمزوري آ. ڏسجانءِ ڪيئن ٿو ڪم وٺانس. سڄي رات ريل جو سفر ڪري صبح جو پهتاسين حيدرآباد. سڌو وياسون هاري آفيس، جتي حيدر بخش جتوئي قرب سان مليو. ڏاڍو معصوم ۽ پيارو ماڻهو هو. تاج محمد جلد ئي مدعا بيان ڪئي ۽ لکيل بيان کيس هٿ ۾ ڏئي چيو ته: ڪامريڊ! صحيح ڪري ڏي. حيدر بخش عينڪ چاڙهي سڄو بيان غور سان پڙهيو ۽ پوءِ ڪجهه بحث مباحثو ڪرڻ لڳو. تاج محمد ڪو به جواب ڏيڻ بجاءِ لينن جو فوٽو سندس اڳيان ڪري چيو ته ڪامريڊ پارٽيءَ جو آهي. حيدر بخش جتوئيءَ جا سڀ دليل ختم ٿي ويا. کاٻي هٿ جي مٺ ڀڪوڙي مٿي ڪري لينن کي سلام ڪيائين ۽ بيان تي صحيح ڪري ڇڏيائين. هي هئو نفسيات جو جادو، جنهن لاءِ تاج محمد ابڙو پنهنجي ذهانت سان اڳواٽ اهتمام ڪري آيو هو. هي ٻه واقعا مون تفصيل سان بيان ڪيا آهن، جن جي تاريخي اهميت آهي. ٻيو به هڪ اهڙو واقعو ٿيو. منهنجو پٽ بدر، دائود پٺاڻ کان هڪ بس قسطن تي وٺي حيدرآباد کان ڪراچي هلائيندو هو. هيءَ ۷۰-۱۹۷۱ع جي ڳالهه آهي. اسين ناظم آباد ۴ ۾ رهندا هئاسين. بدر رڪشا مان ترقي ڪري بس جو مالڪ ٿي ويو هو. ويهه هزار روپيه وڏي پڦيءَ کان قرض طور ورتا هئائين. بدر جي ماءُ ڏاڍي خوش هئي، جو کيس روزانو سؤ روپيا روڪ ملندا هئا. اسين غريب پگهار تي گذر ڪرڻ وارا، تن لاءِ روڪ سؤ روپيا روز وڏي ڳالهه هئي. پر ٿيو ائين جو دائود پٺاڻ کي ڪجهه قسطون نه ڏئي سگهياسون ۽ هن بس ضبط ڪري پنهنجي اڏي تي گانڌي گارڊن راڻي باغ يا چڙيا گهر وٽ بيهاري ڇڏي. بدر پاڻ پنهنجي سر گاڏيءَ ۾ هلندو هو ۽ ڊرائيوري سندس ماسات ڪوٽڙيءَ جو آفتاب شاهه ڪندو هو. ٻئي هٿ مليندي رهجي ويا. ڀلا ڪير دائود پٺاڻ سان مهاڏو اٽڪائي؟ سڀني ٻڌو هوندو، هو اهڙو مڙس هو جو پوليس تي به گوليون هلائي نڪري ويندو هو. مون ساڻس فون تي ڳالهايو ۽ تکا مٺا به ٿياسون، پر هُو ڪونه مڙيو ۽ بس حيدرآباد جي مزدور يونين جي صدر کي هلائڻ لاءِ ڏئي ڇڏيائين. اسان جا بس تي چاليهه پنجاهه هزار خرچ ٿي چڪا هئا. مون مزدور ليڊرن سان به ڳالهايو ۽ دائود پٺاڻ سان به تيز پيس، پر حق جي ڳالهه ڪيائين ته جيسين کيس سڀ قسطون نه ملنديون، تيسين هو بس واپس نه ڪندو. مان چوان ته اول بس موٽاءِ ته پوءِ ڪمائي توکي پئسا ڏيندا وڃون، پر هن نه مڃيو. مون فيصلو ڪري ورتو ته بس اڏي تان کڻي پنهنجي قبضي ۾ ڪجي، پوءِ پاڻهي ڪا واٽ نڪري ايندي. هاڻي سوال هو ته دائود پٺاڻ جي اڏي تان بس ڪير کڻي اچي. نه بدر کي همٿ ٿئي، نه آفتاب شاهه کي. ائين اوچتو تاج محمد ابڙو اچي نڪتو. مٺ جيترو مڙس پر وڄ جا پاڻي هئس. ڏاڍو دل گڙدي ۽ جگر وارو مڙس هو، شينهن جي دل هيس. پاڻ مرادو چيائين ته چاٻي ڪنهن وٽ آهي؟ آفتاب شاهه چيو ته وٽس. چيائين ته: هلو، مان ٿو بس کڻي اچان. آفتاب شاه ۽ بدر ساڻس گڏ ويا ۽ هُو رات جو يارهين ٻارهين بجي بس اڏي تان کڻائي آيو. بدر سياڻپ ڪئي جو بس کڻائي ويو نارٿ ناظم آباد، جتي رئيس روشن علي خان اسراڻ گرمين ۾ بنگلو مسواڙ تي وٺي باقبائل اچي رهندو هو. ٻئي ڏينهن دائود پٺاڻ وٺ پڪڙ ڪئي، پر خبر ڪانه پيس. هفتو کن ڪراچي، حيدرآباد ۾ ڳولا ڦولها ڪيائين، پر بس کي ڄڻ ڪو راڪاس ڳهي ويو هو، سو خبر ڪانه پيس. نيٺ مون کي فون ڪيائين. مون ٺڪ چيومانس ته بس مون کڻائي آهي، مون وٽ آهي ۽ ڏيندس ڪونه. مڙس مٿير هو، چيائين: ”شير ڪا بچا هو، اب مين ڪيا ڪهون؟“ اهو به چيائين ته بس ۽ پئسا ته وصول ڪري ويندس، رڳو اهو ٻڌاءِ ته کنئي ڪنهن ۽ بيهاري ڪٿي اٿئي؟ چيم: اهو ڪونه ٻڌائيندس، باقي پئسا تنهنجا موٽائيندس. چيائين ته: پئسا وصول ڪرڻ پٺاڻ ڄاڻي ٿو، باقي پٺاڻ جي عزت جو مسئلو آهي. مون به چار چڱا اکر ڳالهايا ۽ چيو ته: لالا! تنهنجي عزت منهنجي عزت آهي، سڏ ۾ سڏ ڏيندس، پٺتي نه پوندس. سلام دعا تي فون بند ڪيم. مون هٿان جيڪي مرحوم تاج محمد ابڙي جا ڪم ڪاريون ٿيا ۽ مددگاريون ٿيون، سي مرحوم پاڻ سان قبر ۾ کڻي ويو. (”ڏسي ڏوهه اکين سين“، ”اونهي ڳالهه اسرار جي“، ”ٿوهر ۾ ڳاڙها گل“ ۽ ”ايندو نه وري هي وڻجارو“ تان ورتل) (روزانه سچ، هلچل) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سنڌ جي ناليواري سياسي ۽ ادبي شخصيت رسول بخش پليجو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو تمام گهڻو پڙهيل لکيل ماڻهو هو ۽ مختلف تنظيمن ۽ ليڊرشپ جي ويجهو رهيو. سنڌ هاري ڪميٽي کان سواءِ ڪميونسٽ پارٽي، سنڌي ادبي سنگت، عوامي نيشنل پارٽي، جيئي سنڌ، پيپلز پارٽي، سڀني جي نقطه نظر سان ڪنهن نه ڪنهن حد تائين ويجهو رهيو. ان ڪري ئي سندس جڳ مشهور ڪچهريءَ ۾ هر قسم جي سياسي عقيدي، ذوق ۽ سطح جي ماڻهن کي انتهائي گهڻو مزو ايندو هو. سنڌ اندر سندس مقبوليت ۾ ان ڳالهه کي ڪافي وڏو دخل هو. ۵۲-۱۹۵۱ع ڌاري (سال پورو ياد ناهي) ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي قمبر، شهدادڪوٽ تڪ مان سنڌ اسيمبليءَ جو اميدوار بيٺو. تن ڏينهن ۾ ڪراچيءَ ۾ علم دوست، ادب دوست، روشن خيال ۽ ترقي پسند خيالن وارن دوستن جو هڪڙو وڏو حلقو هوندو هو. آءٌ انهن جو هم خيال هوندو هوس. صبح شام سرگرم ادبي، علمي ۽ نظرياتي بحث مباحثن ۾ گذرندو رهندو هو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي ۽ دوستن چيو ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ترقي پسند هاري اڳواڻ آهي، ان جي اليڪشن ۾ ڀرپور مدد ڪرڻ کپي. جيڪي هلن، سي نالا لکائين. ان اليڪشن ۾ ڇا ڇا نه ڏٺوسين، ٻڌوسين ۽ ڪيوسين! اسان اليڪشن هارائي پر کٽيوسون جهڙو ڪر! اسان سبق سکيو ته ڌانڌليءَ سان ته ڪنهن کي به کٽائي سگهجي ٿو! آءٌ سنڌ هاري ڪميٽيءَ ۾ شامل ٿيس ۽ ان جي ورڪنگ ڪميٽيءَ جو ميمبر ٿيس. اتي ڪامريڊ تاج محمد ابڙي سان ملاقات ۽ ساٿ ٿيو ۽ توڙ تائين دوستي قائم رهي. چوندا آهن ته جيڪو سڀني جو دوست هوندو، اهو ڪنهن جو به دوست ڪونه هوندو. تاج محمد ابڙي جي روشن خياليءَ ۽ ترقي پسنديءَ ۾ مضبوطيءَ سان گڏ لچڪ جي ڪا حد ئي نه هئي. جي ايم سيد، ذوالفقار علي ڀٽي سميت هر طبقي جي ماڻهن سان سندس دعا سلام، رهائي سهائي ۽ گهري ويجهڙائي هئي. پر اسين جيڪي سندس شروعاتي دؤر وارو ڪامريڊي لڏو هئاسون، تن سان سندس هلت مجموعي طور سدائين ساڳي اصلوڪي رهي. يارن جهڙو يار رهيو. سيشن ججيءَ واري دؤر ۾ آءٌ ساڻس نوابشاهه ۽ سکر ۾ مليس. عوامي تحريڪ جي چندي جي باقاعدي وصولي ڪبي هئي. حيدرآباد ۽ ٺٽي ۾ پڻ ساڻس ملاقاتون ۽ ڪچهريون رهيون. هڪڙا ساٿي سندن گهڻي عوامي سرگرميءَ يا نظرياتي جدوجهد ڪري ياد رهندا آهن ته ٻيا وري ذاتي قرب ۽ ياري باشيءَ ڪري ياد رهندا آهن. منهنجي لاءِ تاج محمد ابڙي جي مکيه سڃاڻپ سندس ذاتي قرب ۽ دوستي هئي. (روزانه سنڌ،مهراڻ، مقدمو، سوڀ، هلال پاڪستان، عبرت، سچ، عوامي آواز، هلچل) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو صاف گو ۽ صاف دل انسان شيخ اياز تاج محمد ابڙو، جمال ابڙي جو گهرو دوست ۽ شايد مائٽ به هو. هُو ڪامريڊ ماڻهو هو ۽ ڪامريڊ نذير جتوئي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جو دوست هو. منهنجي به هن سان ڪافي گهرائپ هوندي هئي. هُو لاڙڪاڻي ۾ وڪالت ڪندو هو ۽ جڏهن به مان لاڙڪاڻي ويو هوس ته هن فراخدليءَ سان ٻه ٽي ڀيرا منهنجي ماني ڪئي هئي. مانيءَ تي جمال ابڙي جو وڏو ڀاءُ شمس الدين ابڙو به آيو هو، جو ڪجهه سال پوءِ گذاري جمال ابڙي کي ڏاڍي غم ۾ ڇڏي ويو. في الحال مون تاج محمد ابڙي جي ڳالهه ٿي ڪئي. جڏهن ڀٽو صاحب چيف مارشل لا ائڊمنسٽريٽر ٿي آيو، تڏهن تاج محمد ابڙي کي سيشن جج ڪيو هئائين ۽ تاج محمد جي پهرين تقرري سکر ۾ ٿي هئي. هو ته اڳي ئي مون سان گهايل مايل هوندو هو، تن ڏينهن ۾ مون وٽ ٻه موٽرون هونديون هيون، ٽويوٽا ڪارونا ۽ ٽويوٽا ڪرولا. تقرريءَ کان ڏهه پندرهن ڏينهن پوءِ تاج محمد لاڙڪاڻي وڃڻ لاءِ مون کان هڪ ڏينهن لاءِ ڪار گهري، جيتوڻيڪ مون کان ڪار گهرندي ڪنهن کي ورلي همٿ ٿيندي هئي. مون خوشيءَ سان تاج محمد ابڙي کي پنهنجي ٽويوٽا ڪرونا ڏني، فقط ان ڪري جو هُو مون لاءِ ”ڪامريڊ“ هيو ۽ ان ڪري نه ته هو سکر جو سيشن جج هو. تاج محمد ٽي چار ڏينهن لاڙڪاڻي بنا اطلاع جي ڪار روڪي ڇڏي ۽ جڏهن موٽي آيو ته ڪار کي وڏو چٻ هو. مون ڊرائيور کي چيو ته ڪار ڌوئاري ڪارخاني ۾ ٺهرائڻ لاءِ ڏئي اچي. پندرهن ڏينهن پوءِ تاج محمد مون کان وري لاڙڪاڻي لاءِ ڪار گهري. مون کيس چيو ته: ”ڪرولا ۾ ڪجهه خرابي آهي ۽ ان جي ٺيڪ ٿيڻ ۾ ٻه ٽي ڏينهن لڳندا، باقي ڪارونا تي آءٌ پاڻ ڪورٽن ۾ ويندس.“ تاج محمد سمجهيو ته مان کيس ڄاڻي واڻي انڪار ٿو ڪريان. بهر صورت جڏهن لاڙڪاڻي مان موٽي آيو ته مان هن جي چيمبر ۾ ويس ته هن تڙي ڏئي چيو: ”منهنجي چيمبر ۾ اچين ته اطلاع ڏئي ايندو ڪر!“ مون به غصي ۾ کيس چيو: ” تاج محمد صاحب! تون يقين ڪر ته مان نه رڳو تنهنجي چيمبر ۾ بنا اطلاع جي نه ايندس، پر اطلاع سان به نه ايندس ۽ تنهنجي ڪورٽ ۾ نئون ڪيس به نه کڻندس ۽ جيڪي تو وٽ پراڻا ڪيس آهن، اهي به ڪوشش ڪري منهنجو جونيئر تو وٽ هلائيندو يا ٻئي ڪنهن وڪيل کي سپرد ڪندس.“ ڪجهه مهينن کان پوءِ جمال ابڙي مون کي فون ڪيو ته هُو سکر آيو آهي. هُو غالباََ ان وقت سنڌ پراونشل اسيمبليءَ جو سيڪريٽري هو. مون هن کان پڇيو: ”ڪٿان ٿو ڳالهائين؟“ جواب ڏنائين ته: ”هتي تاج محمد جي بنگلي تي لٿل آهيان.“ مون کيس چيو ته: ”رات جي ماني تاج محمد سوڌو مون وٽ کائجانءِ.“ رات جو هُو مون وٽ تاج محمد سان گڏجي پراڻي سکر آيو. هن کي خبر نه هئي ته تاج محمد ۽ منهنجي وچ ۾ ڪائي به رنجش آهي. رات جو اٽڪل هڪ بجي هو مون وٽان کل خوشيءَ سان ويا. ڪجهه مهينن کان پوءِ مون ٻڌو ته تاج محمد جو ٽرانسفر ٿيو آهي. هن جي پٽيوالي مون کي اچي چيو ته: ” تاج محمد صاحب اوهان کي سڏي ٿو.“ مون کي دل ۾ آيو ته هن کي انڪار ڪيان، پر مان هن وٽ چيمبر ۾ هليو ويس. هو اٿي بيٺو ۽ مون سان هٿ ملائي چيائين: ”اياز! تون مون سان ناراض آهين؟“ مون کيس چيو ته: ”هائو!“ ان تي چيائين: ”معاف ڪجانءِ جو مان توسان ٽرڙائپ سان پيش آيو هوس.“ مون سندس ڪلهي تي هٿ رکي چيو: ”وڌيڪ ڪجهه نه چئجانءِ! اهو ڪافي آهي. تون منهنجي لاءِ ساڳيو ڪامريڊ تاجو آهين، مون کي ڪابه غلط فهمي نه آهي.“ تاج محمد پوءِ خيرپور ۾ سيشن جج مقرر ٿيو ۽ غالبًا ٺٽي ۾ سيشن جج هو ته هن رٽائر ڪيو ۽ پوءِ جلد ئي گذاري ويو. اِنَّا لِلہ وَ اِنَّا اِلَيْهِ رٰجِعُوْنَ تاج محمد ابڙي جهڙا صاف گو ۽ صاف دل انسان مون زندگيءَ ۾ ٿورا ڏٺا آهن. (”ڪٿي ته ڀڃبو ٿَڪُ مسافر“ تان ورتل) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو روشنيءَ جو پهريون ڪرڻو تنوير عباسي تاج محمد ابڙو کلڻو ملڻو، جڏهن ملوس ته ٽهڪ ڏيندو، دوست کي ڏسي خوش ٿيندو. پهريون دفعو مون سان هو ۱۹۵۶ع ۾ مليو. سنڌي ادبي سنگت سنڌ جون شاخون مختلف شهرن ۾ قائم ٿيل هيون، پر انهن جو رابطو نه هو. مون، مقبول ڀٽيءَ ۽ رشيد ڀٽيءَ فيصلو ڪيو ته سڀني سنگتين کي هڪ لڙيءَ ۾ پوئجي ۽ پوءِ سڄيءَ سنڌ ۾ وڌيڪ سنگتون قائم ڪجن، جيئن سنڌين جو پيغام ادب ذريعي سڄيءَ سنڌ ۾ ڦهلائي سگهجي. ون يونٽ جو اونداهو دؤر هو. ادب ذريعي انقلاب جي ان تحريڪ جي روشنيءَ جو پهريون ڪرڻو لاڙڪاڻي ۾ تاج محمد ابڙي جي اوطاق مان اُسريو ۽ سڄيءَ سنڌ ۾ ڦهلجي ويو. ٿيو ائين جو لاڙڪاڻي ۾ ان سال ۱۹۵۶ع ۾ جمعيت الشعرا جي سالياني ادبي ڪانفرنس ٿي هئي. ان ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ سڄيءَ سنڌ جي شاعرن ۽ اديبن کي سڏ هو (پر دعوت نامي ۾ موسم آهر بستري آڻڻ جي هدايت ڪيل هئي). ان ڪانفرنس ۾ اسان جي گهڻن هم خيال اديبن ۽ شاعرن کي دعوت مليل هئي. ان ڪري ”هڪ ڪم ٻه ڪاڄ.“ اسان سنڌي ادبي سنگتن کي هڪ مرڪز تي گڏ ٿيڻ جي تياريءَ لاءِ پهرين ميٽنگ به لاڙڪاڻي ۾، ان ڪانفرنس جي موقعي تي رکي ۽ تاج محمد ابڙي ميزبانيءَ جا فرائض انجام ڏنا. ائين لاڙڪاڻي مان اياز قادري ۽ جمال ابڙو، حيدرآباد مان مقبول ڀٽي، سکر مان رشيد ڀٽي، ڪراچيءَ مان عبدالغفور انصاري، دادوءَ مان تاج صحرائي، ٻيا ڪجهه دوست، جن جا نالا ياد نٿا اچن، سڀئي لاڙڪاڻي ۾ تاج محمد جي اوطاق تي گڏ ٿيا ۽ فيصلو ڪيو ويو ته ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادبي سنگت جو ڪنوينشن سڏائجي، جنهن ۾ سنڌ جي سڀني ادبي سنگتن کي گڏ ڪري، سنڌ سنگت کي زور وٺائجي ۽ ان جو دستور وغيره منظور ڪرائجي. اهو روشنيءَ جو پهريون ڪرڻو هو، جيڪو ون يونٽ جي اونداهي دؤر ۾ تاج محمد ابڙي جي اوطاق مان ڦُٽو ۽ سڄيءَ سنڌ کي جرڪائي ڇڏيائين. تاج محمد ابڙو وڪيل هو، پر وڪيل کان وڌيڪ دانشور هو. ادب، تاريخ، فلسفو سڀ پڙهندو هو، دوستن سان بحث ڪندو هو. لکيائين هڪ لفظ به ڪونه، پر پڙهيو به گهڻو ته ڪڙهيو به گهڻو. هُو نه رڳو پڙهڻ وارو هو، پر ڪڙهڻ وارو به هو. هاري تحريڪ، نيشنل عوامي پارٽي، سنڌ عوامي محاذ ۽ بعد ۾ پي پي ۾، مطلب ته جيڪا به تحريڪ سنڌ جي پيڙهيل طبقن جي ڀلائيءَ ۽ آجپي جي لاءِ هئي، ان ۾ ڀرپور حصو ورتائين. اڳتي هلي وڪالت ڇڏي جج ٿيو، پر سنگت سان اها ئي محبت ٽائم رکيائين. جڏهن دوست آڏو آيو ته ڇا جي ججي ڇا جي وڏائي، ساڳيا ٽهڪ، ساڳيون ڪتابن جون ڳالهيون، ساڳيون هاري تحريڪ ۽ ترقي پسنديءَ جون صلاحون ۽ مشورا. ائين لڳندو هو ته ڄڻ نوڪريءَ ۾ آهي ئي ڪونه. ساڳيو آزاد منش، ترقي پسند ۽ انسان دوست تاج محمد ابڙو آهي، جيڪو نوڪريءَ ۾ اچڻ کان اڳ هئو. اهڙن دلبرن کي وساري نه ٿو سگهجي. هن جي ياد ۾ منهنجا هي ڪجهه جملا ڪافي نه آهن، پر تڏهن به هن جي ياد ته تازي ڪن ٿا. (روزانه عبرت، پڪار، آفتاب، بخت ور، جاڳو، هلال پاڪستان، خادم وطن، سنڌ نيوز، برسات ۽ سنڌو) تاج محمد ابڙو لاڙڪاڻي ۾ جديد ادب جي سجاڳي آڻيندڙ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ادب جي اوسر ۾ ڪي اهڙيون شخصيتون به اهم ڪردار ادا ڪنديون آهن، جيڪي پاڻ ته نه لکندڙ هونديون آهن، پر لکندڙ پيدا ڪنديون رهنديون آهن. هو ادب جي آبياري ڪنديون آهن ۽ اديبن ۽ شاعرن کي پنهنجيون صلاحيتون ظاهر ڪرڻ لاءِ ميدان مهيا ڪري ڏينديون آهن. اهڙيءَ طرح هو پسمنظر ۾ رهي اديبن جي صلاحيتن کي نکيرڻ ۽ اڀارڻ ۾ بنيادي خدمت سرانجام ڏينديون آهن. ادبي تنظيمون انهن جي ئي دم سان قائم هونديون آهن ۽ انهن جي ئي ڪوشش جو نتيجو هونديون آهن. اهڙين شخصيتن مان لاڙڪاڻي جو هڪ باصلاحيت ۽ وسيع مطالعي جو مالڪ تاج محمد ابڙو مرحوم به هو. تاج محمد ابڙي سان جنهن زماني ۾ منهنجي واقفيت ٿي، ان زماني ۾ هُو لاڙڪاڻي ۾ وڪيل هو ۽ سندس اوطاق شام جي وقت ۾ اديبن، سياستدانن ۽ سماجي ڪارڪنن جو خاص مرڪز هوندي هئي. ابڙو صاحب وڏي مطالعي جو مالڪ هو ۽ سندس لئبريريءَ ۾ قانون جي ڪتابن سان گڏ هر علم جي شاخ تي ڪتاب موجود هوندا هئا. هُو سياست، فلسفي، ادب ۽ ٻين لاڳاپو رکندڙ علمن تي ڪتاب پڙهندو رهندو هو. خاص طرح سان انگريزي ٻوليءَ ۾ ڪيترا ئي ڪتاب پڙهيا هئائين ۽ هميشه پڙهندو رهندو هو. لاڙڪاڻي جا شاعر ۽ اديب، خاص طرح سان اهي اديب جيڪي جديد لاڙن موجب ادب تخليق ڪري رهيا هئا، انهن سان سندس دوستي هئي. منهنجو اشارو جمال ابڙي ۽ اياز قادريءَ ڏانهن آهي. هن پاڻ ته سنڌي ادب جي سلسلي ۾ قلم کان ڪم ڪونه ورتو، پر پنهنجي تنظيمي صلاحيتن سان سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي جي ذريعي جديد سنڌي ادب جي لاڙن جي جاڳرتا پيدا ڪيائين. مطلب ته تاج محمد ابڙي مرحوم سنڌي ادب جي خدمت هڪ تحريڪ جي ذريعي ڪئي. اها تحريڪ آهي سنڌي ادبي سنگت، جنهن اڳتي هلي سنڌي زبان ۽ ادب جي سلسلي ۾ اهم خدمتون سرانجام ڏنيون. يعني سنڌي جديد ادب جي آبياري تاج محمد مرحوم ڪئي، جنهن جي سڳنڌ ۽ سرهاڻ هينئر سڄيءَ سنڌ کي واسي ڇڏيو آهي. تاج محمد مرحوم سان منهنجي ڄاڻ سڃاڻ اياز قادريءَ ۽ خادم حسين شاهه مرحوم جي ذريعي ٿي. محترم ڊاڪٽر اياز قادري صاحب جي تمام گهري دوستي تاج محمد ابڙي مرحوم سان هئي. ساڻس گڏجي آءٌ ڪيترا ڀيرا تاج محمد ابڙي مرحوم سان ملڻ ويس ۽ انهن ڪچهرين کي ٻڌندو رهيس، جيڪي تاج محمد مرحوم جي اوطاق تي ٿينديون هيون. انهن ڏينهن ۾ يعني ۱۹۵۰ع جي ڏهاڪي ۾ تاج محمد ابڙي مرحوم جي اوطاق علمي، ادبي ۽ سياسي شخصيتن جو مرڪز هئي. لاڙڪاڻي ضلعي جون شخصيتون جهڙوڪ مولوي نذير حسين، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ علي محمد عباسي ۽ ٻيون ڪيتريون شخصيتون اتي اوطاق تي اينديون هيون ۽ وڏيون ڪچهريون ٿينديون هيون. سياسي بحث ٿيندا هئا، ملڪ جي حالتن تي ويچار ٿيندو هو ۽ علمي ادبي مجلسون منعقد ٿينديون هيون. جمال ابڙي صاحب سان به اتي ئي ملاقات ٿي ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ کي به ابڙي صاحب جي اوطاق تي ئي گفتگو ڪندي مون ٻڌو. حيدر بخش جتوئي مرحوم مون کي ڏاڍو سچو، مخلص ۽ پنهنجي نظريي سان وفادار انسان نظر آيو. ڪڏهن ڪڏهن آءٌ اتي ويندو هيس ۽ انهن شخصيتن کي ٻڌندو هيس. اهڙيءَ طرح منهنجي ذهني اوسر ٿي ۽ سنڌي ادب ۽ سنڌي ادب جي لاڙن کان واقف ٿيس. جيئن ته محفل ۾ شرڪت ڪندڙ گهڻا دوست اشتراڪي فلسفي جي سياسي، تاريخي ۽ ادبي لاڙن تي گفتگو ڪندا هئا، انهيءَ ڪري مون کي به سياسي ڳالهين جي واقفيت حاصل ٿي ۽ ادب جي جديد لاڙن کان متعارف ٿيس. بهرحال، تاج محمد ابڙي مرحوم جي اوطاق هڪ اهم مرڪز هو، جنهن سياستدانن، اديبن ۽ سماجي ڪارڪنن کي هڪ ميدان مهيا ڪري ڏنو. مون ڏٺو ته هُو پاڻ جيتوڻيڪ اشتراڪي نظريي جو قائل هو، پر هن ڪڏهن به بحث ۾ سخت رويو اختيار نه ڪيو، بلڪه گهڻي قدر بحث ۾ الجهندو ئي نه هو. ذاتي شرافت، خلوص ۽ هر انسان لاءِ محبت جو جذبو سندس طبيعت مان نمايان هوندو هو. سندس ملڻ جي انداز ۽ ٻهڪندڙ چهري مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو ۽ چاهيندو هئس ته ابڙي صاحب جي محفل ۾ وڃجي ۽ ان سان ڪجهه گهڙيون گذارجن. لاڙڪاڻو علم، ادب جو مرڪز رهيو آهي. هتان ئي ادبي ڪانفرنسن ۽ شاعرن جي ابتدا ٿي. هتان ئي ”اديبِ سنڌ“ رسالو نڪرندو هو، جنهن سنڌي عروضي شاعريءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. انهيءَ تحريڪ جو باني ۽ جمعيت الشعراءَ جو هلائيندڙ حاجي محمود خادم هن ئي شهر ۾ رهندو هو. ان سان به منهنجيون ادبي ڪچهريون ٿيون. البت جنهن دؤر جو آءٌ ذڪر ڪري رهيو آهيان، يعني ۵۰ع جو ڏهاڪو، انهن ڏنهن ۾ حاجي محمود مرحوم وٽ ٿيندڙ ڪچهريون ماٺيون ٿي ويون هيون. اهو خال تاج محمد ابڙي جي جاءِ تي ٿيندڙ محفلن ڀري ورتو. انهيءَ ئي دؤر ۾ لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت جو بنياد پيو، جنهن جي بانين ۾ تاج محمد ابڙي مرحوم، جمال ابڙي ۽ اياز قادريءَ جا نالا اچي وڃن ٿا. پهريون محرڪ ان جو تاج محمد ابڙو مرحوم هو، ڇاڪاڻ ته اهو ئي لاڙڪاڻي ۾ رهندو هو. انهيءَ لحاظ کان صحيح معنيٰ ۾ سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي جو باني تاج محمد ابڙو هو. سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري به تاج محمد ابڙو ئي هو. هُو جيتوڻيڪ پاڻ اهلِ قلم يا سنڌي زبان جو ليکڪ نه هو، پر سنڌي ادب جو پرستار ۽ سٺو ادبي ذوق رکندڙ هو. هو ادب جي ترقي پسندانه لاڙن جو قائل هو ۽ انهن کي عام ڪرڻ لاءِ سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي جي ذريعي اهم خدمت سرانجام ڏنائين. کيس سنڌي ادب جو خاموش خدمتگار سڏجي ته صحيح ٿيندو. هن ڪڏهن به پنهنجي نالي ڪڍرائڻ جي ضرورت محسوس نه ڪئي، پر خاموشيءَ سان سنڌي جديد ادب کي رواج ڏيڻ لاءِ ڪم ڪندو رهيو. انهن ڏينهن ۾ سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي هر هفتي شام جو مدرسه هاءِ اسڪول واريءَ بلڊنگ ۾ ٿيندي هئي، جتي هينئر گورنمينٽ گرلس ڪاليج آهي. انهن گڏجاڻين ۾ آءٌ به شريڪ ٿيندو هيس. تاج محمد صاحب مرحوم باقاعدگيءَ سان انتظام ڪندو هو. سندس ذاتي دلچسپيءَ جي ڪري ئي لاڙڪاڻي جا ڪيترا ئي اديب ۽ شاعر انهن گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيندا هئا. انهن ڏينهن ۾ جيتوڻيڪ آءٌ ملازمت ڪري لاڙڪاڻي کان ٻاهر هوندو هئس، پر گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ لاڙڪاڻي ايندو هئس. مون انهن ئي گڏجاڻين ۾ جمال ابڙي جا سنڌي افسانا زباني ٻڌا، جيڪي پوءِ سه ماهي ”مهراڻ“ ۾ ڇپيا. بعد ۾ اهي ڪتابي صورت ۾ ”پشو پاشا“ جي نالي سان ڇپيا. ٿيو ائين جو انهن ڏينهن ۾ جمال ابڙو موڪل تي هو ۽ لاڙڪاڻي ۾ رهندو هو. مون به پنهنجي ادبي سفر جي ابتدا انهن گڏجاڻين کان ڪئي. مون پنهنجا ڪجهه تحقيقي مقالا انهن گڏجاڻين ۾ پڙهيا، جيڪي پوءِ سه ماهي ”مهراڻ“ مان ڇپيا. خاص طرح سان سنڌ ۽ بلوچستان مقالو انهن محفلن ۾ پڙهيو هيم. سڀني دوستن جو انهيءَ ڪري به هن مقالي توجه ڇڪرايو، ڇاڪاڻ جو ان مقالي ۾ بلوچستان جي مشهور اهلِ قلم گُل خان نصير جي تاريخ کي بحث هيٺ آندو ويو هو. مطلب ته تاج محمد ابڙي مرحوم لاڙڪاڻي ۾ ادبي سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ وڏي جدوجهد ڪئي ۽ لاڙڪاڻي جي اديبن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ بنيادي ڪم ڪيو. سندس شمار جيتوڻيڪ سنڌي اديبن ۾ نٿو ٿئي، پر سندس شمار اهڙن ماڻهن ۾ ڪري سگهجي ٿو، جن اديبن کي ميدان تي آندو ۽ جديد سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ بنيادي ڪم ڪيو. تاج محمد ابڙو مرحوم هڪ مخلص انسان هو ۽ انسانيت جو عملي نمونو هو. هن کي ڪنهن سان نفرت ڪندي نه ڏٺم، پر هرهڪ سان خلوص ۽ محبت سان ملندي ڏٺم. منهنجا عزيز ۽ دوست سندس دوست هئا، جيڪي سندس محبت، اخلاص ۽ شرافت جون ڳالهيون ٻڌائيندا هئا ۽ سندس بي داغ ڪردار جي تعريف ڪندا هئا. گهڻي وقت کان پوءِ ساڻس ملاقاتون ۱۹۷۲ع ۾ سکر ۾ ٿيون، جڏهن هو سکر ۾ سيشن جج هو. سندس بنگلو اسلامڪ ڪاليج جي استادن جي گهرن جي لڳ هوندو هو. مان به انهن گهرن مان هڪ گهر ۾ رهندو هئس. شام جو وٽس ويندو هئس ۽ ڪيترو وقت ويهي ڪچهريون ڪندا هئاسون، پر اهي ڪچهريون به گهڻو وقت نه هليون، ڇاڪاڻ جو ۱۹۷۲ع جي آخر ۾ منهنجي سکر مان بدلي ٿي وئي. دنيا ۾ هونءَ ته ڪيترن ئي ماڻهن سان انسان جو ملڻ ٿئي ٿو، پر انهن مان تمام ٿوريون شخصيتون هونديون آهن، جيڪي ٻين کي متاثر ڪنديون آهن ۽ ٻين کي پاڻ ڏانهن ڇڪينديون آهن. انهن جي گفتگو ۾ اهڙو ته تاثير ٿئي ٿو، جو ماڻهو ان ڏانهن ڇڪجي اچي ٿو. اهڙين ئي شخصيتن مان هڪ شخصيت تاج محمد ابڙو مرحوم به هو. جن شخصيتن مون کي متاثر ڪيو ۽ انهن کي وساري نه سگهيو آهيان، انهن مان تاج محمد ابڙو مرحوم به هو. جيتوڻيڪ ساڻس ملاقاتون وقفي کان پوءِ ٿينديون رهيون، تڏهن به کيس وساري نه سگهيو آهيان. شاهه صاحب جي لفظن ۾: ڪي اوڏا ئي ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين، ڪي چڙهن نه چت تي، ڪي وسرن نه مور، جيئن مينهن ڪنڍيءَ پور، تيئن دوست وراڪو دل سين. تاج محمد مرحوم اهڙو ئي شخص هو، جيڪو وسري نه سگهندو آهي. اهو فقط منهنجو رايو نه آهي، پر انهن سڀني ماڻهن جو رايو آهي، جن جا تعلقات تاج محمد مرحوم سان هئا. تاج محمد ابڙي مرحوم جا تعلقات نه فقط آزاد خيال ۽ اشتراڪي نظريو رکندڙ ماڻهن سان هئا، پر هُو ڪن ٺيٺ مذهبي ماڻهن جو دوست به هو. انهن مان هڪ منهنجو عزيز، دوست، شاگرد ۽ سيڻ حاجي قادر بخش مرحوم به هو. هُو ٺيٺ مذهبي ماڻهو هو، پر تاج محمد مرحوم سان هن جي بي انتها محبت هئي. هو جڏهن به مون سان ملندو هو ته تاج محمد مرحوم جون ڳالهيون ٻڌائيندو هو ۽ ان جو ذڪر ڏاڍي سهڻي انداز ۾ ڪندو هو. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته تاج محمد مرحوم کي انسان ذات سان محبت هئي ۽ دوستن سان تمام گهڻو خلوص ۽ محبت جو رستو هو. ان مان اهو به ظاهر ٿئي ٿو ته هو فراخ دل انسان هو ۽ وسيع قلب جو مالڪ هو. هُو انهن آزاد خيال ماڻهن مان نه هو، جيڪي مذهبي ڳالهيون ڇيڙي، مذهبي ماڻهن جي دل آزاري ڪندا آهن. مطلب ته هو هڪ سچو، کرو ۽ شريف النفس انسان هو، جنهن کي پنهنجي وطن سان، پنهنجي زبان ۽ ادب سان ، پنهنجي وطن جي مسڪين ۽ پيڙيل طبقي سان محبت هئي، جنهن جي پنهنجي دوستن سان بي انتها محبت هئي ۽ جنهن کي پنهنجي ٻارڙن سان مشفقانه پيار هو. هُو بحيثيت هڪ انسان جي به هڪ عظيم انسان هو ته وفادار دوست به هو. پنهنجي نظريي سان به سچو هو ته پنهنجي ثقافت ۽ قديم روايتن سان به مخلص هو. بحيثيت جج جي به ڏاڍو سخت قسم جو منصف هو. جڏهن هُو عدالت جي ڪرسيءَ تي ويهندو هو ته ان وقت ڪنهن جو به رياءُ نه رکندو هو. حق ۽ سچ جو فيصلو ڪندو هو. انهيءَ ڪري سندس ڪوبه دوست يا وڪيل کانئس ناجائز فائدي حاصل ڪرڻ جي سڌ به نه ڪري سگهندو هو. عدل جي سلسلي ۾ هُو نه ڪنهن جي سفارش ٻڌندو هو، نه ڪنهن لالچ ۾ اچي سگهندو هو. انهيءَ لحاظ کان به هو صحيح معنيٰ ۾ انصاف ڪندڙ منصف هو. اهڙيون شخصيتون سنڌ لاءِ فخر جو باعث آهن ۽ اسان سنڌ واسين لاءِ هڪ مثالي نمونو آهن. (هلال پاڪستان، ڪاوش، عوامي آواز، جاڳو، الوحيد، پڪار) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو هڪ عظيم انسان انيس انصاري منهنجي واقفيت ساڻس پهريائين ۱۹۳۹ع ۾ ٿي. مان مدرسي هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي جي والي بال ٽيم سان قمبر ۾ ٽورنامينٽ ۾ حصو وٺڻ ويو هيس. راند ڏسڻ لاءِ قمبر جا ماڻهو وڏي تعداد ۾ ايندا رهيا، جن جي ويهڻ لاءِ گرائونڊ تي ڪرسيون ۽ بينچون رکيون ويون هيون. راند جي پوري ٿيڻ بعد هڪ شرميلي مسڪرائيندڙ ڇوڪري اچي سڀني کي هٿ ڏنو ۽ پڇيائين: ”ٽيم سان محمد مقيم ڪونه آيو آهي ڇا؟“ ۽ جواب مليو ته پنهنجي والده جي بيماريءَ سبب هو اچي نه سگهيو! ان شرميلي ڇوڪري اکيون زمين ۾ کپائيندي اسان جي ٽيم جي ڪئپٽن کي چيو: ”اوهين محمد مقيم جي اسڪول ۾ پڙهندا آهيو. هو منهنجو دوست آهي، ان ڪري اوهان به منهنجا دوست آهيو. هلو ته گڏجي چانهه پيئون.“ پهرئين ڏينهن ئي واقفيت دوستيءَ ۾ تبديل ٿي وئي. اهو لڄاڙو، دل جو درياهه ۽ مُنهن جو ملوڪ ڇوڪرو تاج محمد ابڙو هو، جنهن اسڪول جي هاسٽل ۾ مٺائي سان گڏ پنهنجي ڳالهائڻ جي مٺاڻ سان دل کي موهي ڇڏيو. تاج محمد جا وڏا شهدادڪوٽ جا ويٺل هئا. ننڍپڻ ۾ ئي سندس والد قادر بخش خان گذاري ويو. باوجود پنهنجي زمين هوندي به کيس مهر ۽ شفقت جي ضرورت هئي، جا سندس وڏي ڀيڻويي محمد عثمان ميمڻ پوري ڪئي، جو پوليس کاتي ۾ هڪ آفيسر هو. محمد عثمان کي پنهنجي اولاد ڪانه هئي، ان ڪري سندس محبت ۽ توجه جو مرڪز تاج محمد ئي رهيو. تاج محمد پنهنجي تعليم جي ابتدا اهڙي مڪتب ۾ ڪئي، جتي ٻار جي صحيح يا غلط تربيت ڪري سندس ايندڙ زندگي اثر وٺندي آهي. اهو مڪتب هو سندس گهر، جتي سندس تعليم ۽ تربيت سندس عالم فاضل همشيره ڪئي، جا نه رڳو پڙهيل هئي، پر فارسيءَ تي به سٺو عبور هيس. گهرو مڪتب بعد پرائمري تعليم قمبر ۾ حاصل ڪيائين، جتي باوجود ميان محمد عثمان جي بدلين جي، هاسٽل ۾ رهي يڪسوئيءَ سان تعليم حاصل ڪندو رهيو ۽ سيڪنڊري تعليم مدرسه هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو ۾ پڙهيو. ان بعد هو ڪراچي ويو، جتي ڊي.جي سنڌ ڪاليج ۾ تعليم وٺڻ لڳو. اهو ٻڌڻ تي ته ڪراچي ريڊيو تي نيوز ڪاسٽر جي مقرريءَ لاءِ آڊيشن ٿي رهي آهي، هو ويو ۽ شامل ٿيو. سندس صاف ۽ گونجدار آواز جي ڪري هو چونڊيو ويو ۽ ڪافي وقت ڪراچي ريڊيو تي نيوز ڪاسٽر جي حيثيت ۾ ڪم ڪندو رهيو. سندس خبرن پڙهڻ جو انداز وڻندڙ ۽ اثر انگيز هوندو هو. خبرن جي مناسبت سان آواز ۾ لچڪ پيدا ڪري، هو ٻڌندڙ جي دلين تي خبر جي اهميت جي ڇاپ ڇاپي ڇڏيندو هو. باوجود ٻاهرين سرگرمين جي، هو پنهنجي پڙهڻ سان سچو رهيو. ڪراچيءَ ۾ رهڻ دوران سندس واقفيت هڪ اهڙي ڪٽنب سان ٿي، جنهن وٽ هو اچڻ وڃڻ لڳو. ان گهر جي هڪ ڇوڪريءَ تاج محمد سان محبت جو اظهار ڪيو، پر خانداني شرافت، گهرو تربيت ۽ وڏيءَ ڀيڻ جي مشورن هن کي سنڀالي ورتو ۽ هن باوجود ان گهراڻي سان ڪافي وقت تعلقات هوندي به پنهنجي قدم کي ٿڙڪڻ ڪونه ڏنو. تاج محمد جي اها خصوصيت هئي، جو باوجود موقعن ملڻ جي ۽ سٺين نوڪرين تي رهڻ جي، براين جي ويجهو ڪونه ويو. نه ڪڏهن سگريٽ پيتائين ۽ نه شراب، دڳ سير ڪنهن ڌاريءَ عورت کي ڏسندو هو ته اکيون زمين ۾ کُپائي ڇڏيندو هو. ايل.ايل.بي ڪرڻ بعد تاج محمد ڪراچيءَ کي خيرباد ڪيو. ڪجهه وقت اچي قمبر ۾ ميونسپل هاءِ اسڪول ۾ انگلش ٽيچر ٿيو، پر سندس طبيعت کي اهو ميدان راس نه آيو. ايل.ايل.بي ڪري وڃي شمس الدين ابڙي وڪيل سان جونيئر پليڊر جي حيثيت سان ڪم سکڻ لڳو، جو ٿورڙي وقت ۾ حاصل ڪري ورتائين. ٻنهي جي هڪٻئي سان محبت ۽ لاڳاپي کي ڏسي ماڻهو کين ڀائر سمجهندا هيا. شمس الدين سان گڏ وڪالت جي دوران ئي سندس دوستي جمال ابڙي سان ٿي. ان وقت تائين هلندي رهي، جيسين تاج محمد جي ساهه جو سڳو پئي سُريو. تاج محمد جهڙو ڪرمنل ڪيسن (Criminal Cases) جي ڪاميابين ۾ مشهور هو، اهڙي ئي سول لا (Civil Law) جي کيس ڄاڻ هئي. گهڻو ڪري هو ڪرمنل ڪيسن کي ترجيح ڏيندو رهيو ۽ جرح ۾ شاهدن جون متيون منجهائي ڇڏيندو هو. ڪرمنل ۽ سول لا جي ڄاڻ ڪري کيس پهريائين اسسٽنٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر بنايو ويو ۽ بعد ۾ ڊسٽرڪٽ پبلڪ پراسڪيوٽر. ان نوڪريءَ دوران سنڌ جي اڪثر ۽ بلوچستان جي ڪن شهرن ۾ مقرر ڪيو ويو. جتي به مقرر ڪيو ويو، اتي پنهنجي قانون جي ڄاڻ جي ڌاڪ ڇڏيائين. ان قاعدي ۽ قانون جي ڄاڻ سبب قدر ڪري کيس سڌو سنئون ائڊيشنل ڊسٽرڪٽ جج بڻايو ويو ۽ بعد ۾ سيشن جج. سال ۱۹۷۲ع ۾ کيس سکر ۾ پهريون دفعو ائڊيشنل سيشن جج مقرر ڪيو ويو. بعد ۾ ڪراچي، نوابشاهه، حيدرآباد ۽ جيڪب آباد وغيره ۾ به ان پوسٽ تي رهيو. سال ۱۹۷۸ع ڌاري کيس ڊسٽرڪٽ سيشن جج بنايو ويو. ڊسٽرڪٽ سيشن جج جي نوڪريءَ دوران ابڙو صاحب خيرپور، نوابشاهه، حيدرآباد ۽ ٺٽي ۾ رهيو. ٺٽي جي آبهوا ۽ ماحول کان هو ايترو ته متاثر ٿيو، جو خواهش ڏيکاريائين ته پينشن تي وڃڻ بعد هو مستقل طور اتي رهندو. شروع کان وٺي تاج محمد غريبن جي پيڙا ۽ ڏک کي پنهنجو ڏک ڪري سمجهندو هو. ان سبب ڪري هن هڙئون ۽ وڙئون غريبن جي پئي مدد ڪئي. سندس همٿائڻ ۽ مالي مدد ڏيڻ تي ڪافي غريب پڙهي وڃي چڱين نوڪرين کي لڳا. ابڙي صاحب کي پنهنجن نوڪرن ۽ پٽيوالن جي گهرجن ۽ ضرورتن تي هميشه نظر هوندي هئي. ان ڪري هُو کين وقت بوقت مالي ۽ ٻي مدد پيو پهچائيندو هو. پنهنجي در تي ڪم ڪندڙن جي پيو پرگهور لهندو هو. کين سٺي کاڌي سان گڏ سٺا ڪپڙا وٺي ڏيندو هو. کين سواريءَ لاءِ سائيڪلون ۽ وقت ڏسڻ لاءِ واچون به وٺي ڏيندو هو. البت ڌنڌي طور پنندڙ فقيرن کي هُـو ڪونه ڀائيندو هو. چوندو هو ته اهڙيءَ طرح پني نه رڳو هُو معاشري تي بوجهه بڻجن ٿا، پر ساڳئي وقت هو حقدارن جو حق به مارين ٿا. ان غريبن جي همدرديءَ ڪري مسٽر تاج محمد هاري موومينٽ ۾ فعال حصو ورتو. هن جا ان سلسلي ۾ دوست ۽ همراهه هيا، ڪامريڊ نذير حسين جتوئي، حاجي محمد پيرزادو ۽ بعد ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي. ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ سان سندس صحبتون ۽ ملاقاتون به ان سلسلي جون ڪڙيون هيون. مرحوم تاج محمد ابڙو نيمن ۽ اصولن جو پابند هو. صبح سوير هُو پنهنجي جاءِ جي نم مان ۽ جي ٻئي هنڌ هوندو هيو ته ڀرواريءَ نم مان تازو ڏندڻ پٽائي ڏندن کي هڻندو هو. ان ڪري سندس ڏند موتين وانگر پيا جرڪندا هئا ۽ پڇاڙيءَ تائين سلامت رهيا. ان کان سواءِ صبح جو پنهنجي بدن جي صفائي، ڪپڙن جي صفائي ۽ بوٽ جي پالش جو خاص خيال رکندو هو. گهر ۾ سلوار قميص استعمال ڪندو هو ۽ آفيس ۾ ڪوٽ، پتلون ۽ ٽاءِ سان ويندو هو. تاج محمد پنهنجي شخصي ڊائري پڻ بنا ناغي لکندو رهندو هو. سندس ڊائريون سال ۱۹۴۶ع کان وٺي ۱۹۸۶ع تائين سندس ڪٽنب وٽ محفوظ آهن. سندس نيمن مان B.B.C ٻڌڻ به هوندو هو، جنهن لاءِ صبح جو پنجين وڳي جاڳڻو پوندو هيس. بي.بي.سي ٻڌڻ کان سواءِ هو صاحب شيوَ وقت پنهنجي گراموفون تي پراڻا گانا پڻ ٻڌندو هو. وٽس رڪارڊ ڪافي انداز ۾ موجود هئا. تاج محمد صاحب جي نيمن ۾ وقت تي دوا جو استعمال پڻ هوندو هو. وڪالت جي دوران مسلسل دماغي ڪم ڪرڻ سبب هو ڪن بيمارين جو شڪار ٿي پيو، جن مان هڪ هئي دم جي بيماري ۽ ٻي ذيابيطس (Diabetes). پوئين مرض جي سبب سندس خوراڪ تي خاص نظر هوندي هئي. باوجود ترغيبن ملڻ جي هن ڪڏهن پرهيز ڪانه ٽوڙي. انسولن (Insulin) جي انجيڪشن پڻ بنا ناغي پاڻ هڻندو هو. هڪ دفعي بيماريءَ دوران ڊاڪٽر حيران رهجي ويا، جڏهن کين ٽيهه سالن جي عرصي جا بيمارين جا نسخا هٿ ۾ ڏنا ويا. هڪ اهڙي مجلس جتي ڪافي معزز ماڻهو هڪ وڏي هستيءَ جي محفل ۾ اچي گڏ ٿيا هئا، کيس شراب پيئڻ جي آڇ ڪئي وئي، پر هن ان کي واپرائڻ کان بنهه انڪار ڪيو ۽ چيو ته هُو شراب استعمال ڪري پنهنجو اصول نه ٽوڙيندو. منجهند جي ننڊ مسٽر تاج محمد کي ڏاڍي عزيز هئي. ان جو سبب هو رات جو دير تائين مطالعو ڪرڻ، جو صبح جو ٻين ٽين وڳي تائين هلندو هو. منجهند جي ننڊ دوران ڪنهن به صورت ۾ کيس سجاڳ ڪونه ڪيو ويندو هو ۽ نه ڪنهن کي اهڙي همٿ ٿيندي هئي، سواءِ هڪ محترم هستيءَ جي، جا وٽس محترم به هئي ۽ پياري به. اها هئي سندس والده! جا به اهڙين حالتن ۾، جن ۾ سندس جاڳائڻ ضروري سمجهيو ويندو هو، کيس بيدار ڪندي هئي. دوستن سان بنا ناغي ڪچهري به سندس اصول هوندو هو. شام جو سندس دوست مقرر وقت تي اچي سندس اوطاق ۾ ڪٺا ٿيندا هئا، جتي ڪافي وقت چانهه جي پيالن تي ساڻن روح رهاڻ ڪندو رهندو هو. پنهنجن دوستن بابت جو خيال تاج محمد پنهنجي وصيت نامي ۾ ڪيو آهي، سو هيٺ ڏجي ٿو: ”منهنجا دوست ڪافي آهن، مگر هرڪنهن کي پنهنجا مسئلا درپيش آهن، تنهنڪري انهن کي ڪا تڪليف نه ڏيندا. البت پاڻ ۾ اختلاف يا ڪنهن منجهيل مسئلي تي سندن صلاح ضرور وٺندا. انهن جي هر وقت عزت ڪرڻ اوهان جو فرض آهي ۽ سندن اولاد سان پڻ تعلق رکڻ جي ڪوشش ڪندا. کانئن ڪڏهن به مالي مدد جي طلب نه ڪندا. ها البته ضرورت وقت اخلاقي مدد ضرور وٺندا ۽ مون کي يقين آهي ته ان ۾ هو پوئتي پير نه ڏيندا. مون تي منهنجا محسن ۽ دوست سدائين مهربان رهيا آهن، جنهن لاءِ آءٌ سندس شڪرگذار آهيان.“ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جي لکڻ مطابق سندس ئي چوڻ تي تاج محمد علمي ۽ ادبي ڪتابن ڏانهن راغب ٿيو. بعد ۾ ان جو اهڙو چسڪو آيس، جو پنهنجي آفيس جي ڪم ۽ دوستن جي ڪچهريءَ بعد ٽين ترجيح سندس ادبي ڪتاب هوندا هئا. رات جو جيڪو ڪتابن جو مطالعو ڪندو هو، ان ۾ علمي ادبي ڪتابن جو به حصو هو. علم ۽ ادب جي ان شوق ڪري تاج محمد ئي لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت قائم ڪئي، جن جا سرگرم ڪارڪن جمال ابڙو، هري درياني دلگير، انيس انصاري ۽ وڏيرو علي محمد عباسي هئا. هيءَ سنگت ڪافي وقت فعال رهي. تنوير عباسيءَ لکيو آهي: ”تاج محمد ابڙو وڪيل هو، پر وڪيل کان وڌيڪ دانشور. ادب، تاريخ، فلسفو سڀ پڙهندو هو. دوستن سان بحث ڪندو هو. لکيائين هڪ لفظ به ڪونه، پر پڙهيو به گهڻو ته ڪڙهيو به گهڻو.“ تاج محمد ابڙي جي ڪمزوري دوست هئا، جن کان سواءِ پاڻ کي اڌورو سمجهندو هو. ياري باشيءَ ۾ سندس ڪچهري مشهور هوندي هئي، جتي علم ادب کان سواءِ سياست تي به وڏا بحث پيا ٿيندا هئا. وڪالت جي عرصي ۾ ته ٺهيو، خود جج هئڻ دوران به اهي ڪچهريون قائم رهيون. باوجود ايماندار ۽ سچي هئڻ جي، ڪن ماڻهن سندس نالي بد ڪرڻ ۾ به ڪين گهٽايو، پر سندس آئيني جهڙي صاف شخصيت اجري جي اجري رهي. تاج محمد دوستن کي ڪافي ڪم آيو. انهن کي هڙئون وڙئون گهرج وقت مدد ڏيندو رهيو. هڪ اهڙي دوست کي (جنهن جو نالو کڻڻ مناسب نٿو سمجهان) بيماريءَ جي حالت ۾ اسپتال ۾ داخل ٿيڻ بعد هڪ ئي وقت سندس علاج لاءِ ويهه هزار روپيا ڏنائين. تاج محمد عيالدار هو. کيس پنج پٽ ۽ چار نياڻيون آهن. نياڻين ۽ پٽن جي تعليم تي خاص ڌيان ڏيندو هو. انهن کي همٿائڻ لاءِ سٺن نمبرن کڻڻ تي انعام ڏيندو هو. پنهنجين نياڻين کي گربخشاڻيءَ جا شاهه جا رسالا سندن پوزيشن حاصل ڪرڻ تي ڏنائين ۽ انهن تي رسالي کي تحفي طور ڏيڻ جو سبب به لکي ڏيندو هو. هُو پٽن سان گڏ نياڻين کي اعليٰ تعليم ڏيڻ جي حق ۾ هو. ٻارن کي دنوي تعليم سان گڏ ديني تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ همٿائيندو رهندو هو ۽ کين قرآن مجيد پڙهڻ لاءِ جتي جتي بدلي ٿيندي هيس، هڪ ملان رکي ڏيندو هو. پاڻ به مولانا تاج محمد امروٽيءَ جو قرآن مجيد جو ترجمو ۽ بائيبل مطالعي هيٺ رکندو ايندو هو. سندس هڪ پٽ سندس نئين ڪار جو ايڪسيڊنٽ (Accident) ڪيو. ڪار کي ڪافي نقصان پهتو، پر سندس پٽ کي ڪو زخم ڪونه آيو. تاج محمد پُٽ کي هڪ حرف به ڪونه چيو. هُو ان تي خوش هو ته سندس فرزند ايڪسيڊنٽ مان بنا ڌڪ لڳڻ جي بچي نڪتو. پنهنجي گهرواريءَ سان ڪافي پيار هوندو هئس. کيس ڏک سک جو ساٿي سمجهندو هو، پر پنهنجي والده ۽ وڏيءَ ڀيڻ سان سندس ڪافي عقيدت هوندي هئي. ذوالفقار علي ڀٽي صاحب جو به گهڻو مداح هو. ساڻس سندس ڪافي ڪچهريون ٿيون. تاج محمد جي اکين ۾ پاڻي ٽن وقتن تي ڏٺو ويو. اهي وقت هئا: سندس والده، ڀيڻ ۽ ڀٽي صاحب جي فوت ٿيڻ جا ڏينهن. تاج محمد ابڙو سير شڪار جو شوقين هو. هُو ميلن جا ميل پنڌ گهمندو هو. ان کان سواءِ وٽس بيلجم (Belgium) جي ٺهيل دو نالي بندوق هئي، جنهن سان شڪار ڪندو هو. ان بندوق کي صاف به پاڻ ڪندو هو ۽ پاڻ ئي حفاظت سان رکندو هيس. ان بندوق جو ڪنداڪُ هڪ نانگ کي مارڻ دوران لٺ طور استعمال ڪرڻ سان ٽُٽي پيو. مرمت جي باوجود ان بندوق ۾ اها اڳين ڳالهه نه آئي. تاج محمد کي بندوق جي خراب ٿيڻ جو احساس ته هو ئي، پر ان کان وڌيڪ خوشي ان ڳالهه جي هيس ته ان بندوق سان ئي نانگ ماري سندس پٽ کي بچايو ويو هو. تاج محمد ڪڏهن ڪڏهن خيالن ۾ اهڙو ته گُم ٿي ويندو هو، جو پنهنجو پتو ڪونه پوندو هيس. هڪ دفعي پنهنجي فرزند سان گڏ ادبيات حيدرآباد ۾ ڪتاب وٺڻ ويو. ڪتاب وٺي ڪار تي چڙهڻ وقت پٽ جي بجاءِ هڪ ٻئي ڇوڪري کي ٻانهن کان وٺي گاڏيءَ ۾ چاڙهڻ لڳو. پُٽ جي آواز تي پنهنجي غلطي محسوس ڪيائين ۽ پنهنجي بي خياليءَ تي ڏاڍو کِليو. اهڙيءَ طرح ٻئي وقت هو ساڳئي نموني پنهنجي چپل جو هڪ پادر ڇڏي وڃي گاڏيءَ ۾ چڙهيو. ٿيو ائين جو سفر دوران هڪ هوٽل ڀرسان گاڏي بيهاري، ٻاهر ڪرسيءَ تي چانهه پيئڻ وقت هن چپل جي هڪ پادر مان پير ڪڍي ڇڏيو. وڃڻ وقت چپل جي ان پادر ڏي ڌيان ئي نه ويس ۽ اچي گاڏيءَ ۾ چڙهيو، پر ڪجهه وقت کان پوءِ هن محسوس ڪيو ته سندس هڪ پير ۾ چپل ڪانه آهي ۽ وري گاڏي واپس ورائي اچي چپل کنيائين. قانون جي ڪتابن کان سواءِ ٻيا ڪتابَ به شوق سان پڙهندو هو. وٽس ڪتابن جو وڏو ذخيرو موجود هو، جنهن مان ڪجهه ته سندس ٻاهر نوڪريءَ جي دوران گهر ۾ بند هئڻ سبب اڏوهيءَ جو شڪار ٿيا ۽ ڪافي ڪتاب سندس ڪٽنب سر شاهنواز ميموريل لئبرريءَ (Sir Shah Nawaz Memorial Library) کي عام ماڻهن جي فائدي لاءِ ڏنا ۽ ڪي ڪتاب سندس دوستن کي تحفي طور پڻ ڏنا ويا آهن. ڪجهه ڪتاب جن کي مصنفن پنهنجن دستخطن سان تحفي طور تاج محمد کي ڏنا هئا، سي ڪٽنب وٽ موجود آهن. اهي ڪتاب محترم جويي، شيخ اياز، رشيد ڀٽي، جمال ابڙي، رسول بخش پليجي ۽ ڪافي ٻين جا آهن. هن وقت به گهر ۾ ڪافي تعداد ۾ ڪتاب موجود آهن، جن مان ڪجهه قاعدي قانون جا آهن ۽ باقي علم ادب، تاريخ، مذهب ۽ ٻين علمن بابت ڪتاب آهن. انهن ڪتابن مان اڃا تائين گهرجائو پنهنجو ڪم حاصل ڪندا رهن ٿا. اهي ڪتاب يادگيريءَ طور گهر جي ڀاتين پاڻ وٽ رکيل آهن. تاج محمد جا پويان ڪتابن ڏيکارڻ ۽ مطالع ۾ ڏيڻ ۾ بخل ڪونه ڪندا آهن. سال ۱۹۸۵ع ۾ پينشن تي اچڻ بعد هن پنهنجي آئندي جي پروگرام تي عمل ڪرڻ لاءِ اچي ٺٽو وسايو، جتي پنهنجي رهڻ لاءِ بنگلو ۽ گذر سفر لاءِ هڪ سروس اسٽيشن ٺهرائي هئائين. ٺٽي جي آبهوا ۽ کليل فضا ته کيس راس آئي، پر اهي دوست جن سان دل جون ڳنڍيون هيس، سي ته هئا لاڙڪاڻي ۾. ان طرح هو هفتي ۾ ڪجهه ڏينهن لاڙڪاڻي پنهنجي دوستن سان ملڻ ايندو هو. اهڙيءَ طرح هڪ دفعي موٽندي ڌاڙيلن سندس گاڏي بيهاري ۽ ڦر ڪري ويا، پر هن اها ڳالهه پنهنجن گهروارن سان نه ڪئي. ڪجهه ڏينهن بعد جڏهن مسٽر غلام محمد راجپوت ڊسٽرڪٽ سيشن جج دادو چوري ٿيل سامان هٿ ڪري کيس پهچائڻ آيو ته گهر وارن کي ان ڳالهه جو پتو پيو. ڦر جو ذڪر نڪتو آهي ته هيءَ ڳالهه ٻڌائڻ مناسب ٿيندي ته سکر ۾ ابڙي صاحب جي گهر مان چوري ٿي وئي. چور سڄو گهر ٻهاري ويا. چوريءَ ۾ تاج محمد جي گهرواري، والده ۽ ڀيڻ جا سونا زيور به شامل هئا. اها چوري پڪڙجي نه سگهي، البته پوليس جڏهن ڪجهه پڪڙيل چورين جا زيور سڃاڻپ لاءِ سندس گهر آندا ته تاج محمد پنهنجي گهر تاڪيد سان چيو ته هُو صرف پنهنجا زيور پنهنجا ڪن، پراون تي هٿ نه رکن. انهن زيورن ۾ سندن ڪوبه زيور ڪونه هو، ان ڪري ڪوبه زيور پنهنجو نه ڪيائون. ڦر جي واقعي ۽ تاج محمد جي لاڙڪاڻي ۽ ٺٽي جي وچ ۾ اچڻ وڃڻ سبب سندس گهر جي ڀاتين اهو فيصلو ڪيو ته هُو سڀ لاڙڪاڻي وڃي رهندا، حالانڪه ٺٽو سندن طبيعت ۽ تندرستيءَ لاءِ بهتر هو. ان بعد سڀ گهر جا ڀاتي ابڙي صاحب جي خوشيءَ خاطر لاڙڪاڻي اچي رهيا. باوجود نيمن ۽ اصولن جي پالنا ۽ دوائن جي بلا ناغي استعمال ۽ پرهيزي کاڌي جي، ذيابيطس جي بيماري سندس اندر کوکلو ڪري ڇڏيو. کيس دل جو سور (Angina Pectoris) به ٿي پئي. فيبروريءَ ۱۹۸۶ع ۾ سندس بيماري وڌي وئي. پهريائين مقامي ڊاڪٽرن کان علاج ڪرايائين ۽ آخر جڏهن ڳالهه وڌي وئي ته جمال ابڙي ڪراچيءَ مان فون ڪري کيس اتي اچڻ لاءِ چيو. کيس جناح اسپتال جي Cardio Vascular ۾ داخل ڪيو ويو، جتي باوجود علاج جي هو تاريخ ۱۰ مارچ ۱۹۸۶ع تي الله کي پيارو ٿي ويو. سندس لاش لاڙڪاڻي آندو ويو، جتي ابوبڪر مقام ۾ پنهنجن عزيزن جي قبرن ڀرسان کيس دفنايو ويو. (هلال پاڪستان، عوامي آواز، عبرت، جاڳو، ڪاوش، سرواڻ، پڪار) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ۽ مچ ڪچهريون مير نادر علي ابڙو لطيف سائين جي ڌرتي سنڌ جيڪا مختلف روايتن ڪهاوتن ڪارڻ هر وقت ڪنهن لاءِ ڪنهن حد تائين پر ڪشش رهي آهي. ان سر زمين تي هميشه محبت جا ميلا متل رهيا آهن، اهي ميلا مختلف روين ۾ سجندا رهندا آيا. ميلن ملاکڙن کان ويندي اوطاق ڪچهريون سنڌ جون پراڻيون روايتون ۽ هڪ ٻئي جا سور سٽڻ جو جتي مرڪز بڻيل رهيون آهن ته اتي وري سياري جي سرد هوائن ۾ سنڌ اندر ٿيندڙ مچ ڪچهريون مشهور آهن. توڙي جو اتي اڄوڪي دؤر ۾ اهو رواج گهٽ ٿيندو وڃي پر تنهن باوجود سنڌ ۾ اڃا تائين مچ ڪچهريون ٿيندو اچن. انهن ڪچهرين ۾ ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن کان ويندي دوستن تائين باهه جي چوطرف محبتن جا ميلا مچايا ويندا آهن. هڪ ٻئي سان جتي گلائو ۽ شڪوائون هجتن جا پل پسڻ لاءِ ملن ٿا. لاڙڪاڻو ضلعو انهيءَ حوالي سان تمام گهڻو زرخيز رهيو آهي. اتي مچ ڪچهرين جي روايت ۽ سلسلو تمام آڳاٽي زماني کان هلندو اچي ۽ اڃا تائين اهوئي مچ ڪچهرين جو جوڀن جاري آهي. هتي جڏهن به مچ ڪچهرين جو تذڪرو ٿيندو ته اتي ڀلا ڪيئن مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي لاڙڪاڻي واري اوطاق کي وساري ٿو سگهجي، جتي سموري سنڌ جا ڏاها اچي مچ تي محبتن جا ميلا مچائيندا هئا. اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀُٽو کان ويندي سوڀي گيانچنداڻي تائين هر مڪتبه فڪر جو ماڻهو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي مچ ڪچهريءَ جو روح روان هوندو هو. انهن ڪچهرين ۾ جتي باهه جي شعلن تي عظيم اراده سرجيا ويندا هئا ته هتي وري ايندڙ صبح جي ڀليڪار جا جتن ڪيا ويندا هئا ۽ هڪ ٻئي جا لڙڪ اگهي کين آٿت ڏني ويندي هئي. انهيءَ مچ ڪچهري ۾ جيڪو شرڪت ڪندو هو تنهن جي اٿڻ لاءِ دل نه ڪندي هئي. اهي مچ ڪچهريون ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سجائي انهن وسيلن علم ادب جو درس ڏيندو هو ۽ سموري سنڌ کان سواءِ بلوچستان، سرحد ۽ پنجاب جا سلجهيل اديب ۽ سماج سڌارڪ انهن مچ ڪچهرين ۾ اچي ڪجهه پرائڻ جي ڪوشش ڪندا هئا ۽ اتي تمام وڏو سياسي سماجي ۽ادبي بحث ٿيندا هئا، پر اڄ سيٽلائيٽ دؤر جا ڪجهه آثار ضرور هن مچ ڪچهرين تي اثر انداز ٿيا آهن ۽ ماڻهن ۾ انهيءَ حوالي سان اڳيون چاهه ناهي رهيو ۽ سماجي قيد خاني ۾ بند ٿي رهجي ويا آهن پر تنهن پڄاڻا به ڪي آهن جيڪي انهن مچ ڪچهرين کي آباد رکيو اچن ۽ هر ڪنهن کي سڏي گڏ ڪري مچ مچائيندا اچن. انهن مچ ڪچهرين کي لاڙڪاڻي ۾ آباد رکڻ ۾ جتي ٻيا طبقا سرگرم آهن، اتي وري لاڙڪاڻي ضلعي ۾ مچ ڪچهرين جو رواج وجهندڙ مرحوم تاج محمد ابڙو جو فرزند ايڊووڪيٽ مظهر علي تاج ابڙو به ڪنهن کان پٺتي ڪونهي ساڳيو علم هٿ ۾ کڻي لاڙڪاڻي ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جو درس ڏيندو ۽ ادبي سماجي ميلا مچائيندو اچي. اهوئي ڪارڻ آهي جو اڄ لاڙڪاڻي جي عوام ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي لاڏاڻي کانپوءِ سندس جي سڪ مظهر علي تاج ابڙو مان لاهي ٿي جيڪو انهن مچ ڪچهرين ۾ پاڻ ملهائيندو اچي، جيڪا ڳالهه انتهائي ڀلوڙ آهي. سنڌ جي سمورن نوجوانن کي اهي مچ ڪچهريون ۽ پراڻن جي ڇڏيل روايتن کي پاڻي ڏئي اڳتي وڌائڻ گهرجي، ڇو جو پراڻن جون ڇڏيل انهن روايتن ۾ اسان جي سماج لاءِ هڪ محبتن جو سنديسو سمايل آهي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو اڪثر اها ڳالهه ڪندو هو ته جن به قومن پنهنجن وڏن جو ڏنل درس ڇڏيو ته اهي تباهه برباد ۽ نقصان ۾ ويون آهن. انهي لاءِ اسان ماڻهن کي هن وقت تائين انهن مامرن کي ويجهائي کان وٺي ڪم ڪري پنهنجو پاڻ ۾ ڪنهن حد تائين متحرڪ ٿيڻ جي قوت پيدا ڪرڻ کپي ته جيئن اسان وڏن جي ڇڏيل روايتن کي قائم ۽ دائم رکي سگهون. اڪثر طور تي وقت نه هجڻ واري عام ۽ غيرذميواري ڪارڻ انهي جا اثرات اسان تي ڀاري نموني اثرانداز ٿيندا رهندا آهن. هاڻ جڏهن سياري جا پڇاڙڪا پل ماضي بڻجي گذري رهيا آهن، ته مچ ڪچهريون به پڄاڻي تي پهچي چڪيون آهن. (خبرون، سنڌو ڊائجسٽ، هلچل، سنڌ، مهراڻ، عوامي آواز، مقدمو، فيصلو، عبرت، سڪار، تعمير سنڌ، هلال پاڪستان، نوائي وقت، خبرين، وکٽوريه) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جج، اديب، وڪيل، سياستدان ۽ سماجي شخصيت ڊاڪٽر اياز قادري هڪ پارسي زبان جي شاعر چيو آهي: ”تون اسان وٽان هليو وئين، مگر تنهنجي ياد اسان جي دلين ۾ سمايل آهي.“ تاج محمد ابڙي کي اسان کان جدا ٿئي ڏينهن، ڏينهن مان مهينا ۽ مهينن مان سالَ ٿي ويا آهن، پر هُو اسان کان جدا نه ٿيو آهي. هن جون يادگيريون، هن جون ڳالهيون، ائين تازيون آهن، جيئن بهار ۾ ٽڙندڙ تازا گل. تاج محمد ابڙو منهنجو هاءِ اسڪول کان وٺي ڪاليج تائين ڪلاس فيلو، هاسٽل ۾ روم ميٽ ۽ زندگيءَ ۾ پيارو دوست هو. اسين هڪٻئي جي ويجهو رهياسين. ڏک سک جا ساٿي، حال ڀائي ۽ همدرد، اسان ۾ ڪڏهن به هڪٻئي سان ڪاوڙ پيدا نه ٿي، نه جهيڙو ئي ٿيو. هڪ ڀيري مون کي هن جي ڪنهن ڳالهه جو ڏُک ٿيو ۽ مان ٽي چار ڏينهن ناراض رهيس. تڏهن مون ڏانهن چٺي لکيائين: Make new friends but keep the old ones; for one is silver another is gold. ناراضپو ختم ٿي ويو ۽ اسين کير کنڊ ٿي وياسين. تاج محمد ابڙي کي ننڍپڻ کان ئي سياست سان دلچسپي هئي. اسين جڏهن مدرسه هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ پڙهندا هئاسين ته ڪڏهن ڪڏهن سياست تي به ڳالهائيندا هئاسين. اهو ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جو دؤر هو، هندو مسلم ڇڪتاڻ جا ڏينهن هئا. هندن جو لاڙو ڪانگريس ڏانهن ۽ مسلمانن جو مسلم ليگ ڏانهن هو. ڪٽر هندو جماعت ”هندو مهاسڀا“ سنڌ جي صوفي ماحول کي بگاڙي، هندو مسلمانن ۾ وڏا ويڇا وجهي رهي هئي. هندن ۾ مسلمانن خلاف ان جماعت نفرت جو وڌيڪ زهر وڌو. مسلمان شاگردن جو لاڙو مسلم ليگ ڏانهن هو. اهو زمانو ۱۹۴۲ع وارو زمانو هو، مگر تاج محمد ابڙو ان وقت به هارين ۽ غريبن جي ڳالهه ڪندو هو. ننڍپڻ ۾ سندس گهرو تربيت اعليٰ نموني ٿي هئي. سمجهه ۾ ائين ٿو اچي ته سندس گهر جي ماحول جو هن تي گهرو اثر هو. انهن ڏينهن ۾ سنڌ جون مکيه روزانه اخبارون هيون : (۱) ”هندو“ جنهن جو پوءِ نالو مٽائي ”هندستان“ رکيو ويو. هيءَ ڪانگريس جي اخبار هئي. (۲) ”سنسار سماچار“ هيءَ مهاسڀاين (ڪٽر هندن) جي اخبار هئي ۽ (۳) ”الوحيد“ هيءَ مسلم ليگ جي خيالن جي اخبار هئي. انهن کان سواءِ ڪيتريون هفتيوار اخبارون نڪرنديون هيون. تاج محمد ابڙو ۽ مان اخبارون وڏي چاهه سان پڙهندا هئاسين. پوءِ سياسي حالتن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي هئي. ۱۹۴۳ع ۾ مئٽرڪ ۾ پاس ٿياسين. ان وقت مسلمانن جي تعليم جو هي حال هو، جو مان لاڙڪاڻي شهر جو واحد مسلمان شاگرد هوس، جو مئٽرڪ ۾ پاس ٿيو هوس. اسين گهڻو ڪري سڀ سنگتي پاس ٿياسين. انهيءَ زماني ۾ ۱۹۴۳ع ۾ پير الاهي بخش سنڌ جي تعليم جي وزير جي ڪوشش سان سنڌ مسلم ڪاليج کليو هو. مسلمان شاگردن لاءِ ان ڪاليج ۾ في، هاسٽل جي رهائش، کاڌي ۽ اسڪالرشپ جون وڏيون سهوليتون هيون. انهيءَ ڪري تاج محمد ابڙو ۽ مون به ايس.ايم ڪاليج ۾ داخلا ورتي ۽ گڏ هاسٽل جي روم ۾ رهڻ لڳاسين. تاج محمد ابڙي کي ڪراچيءَ ۾ پنهنجي سوشلسٽ خيالن وارن ماڻهن سان ملڻ ۽ سوشلزم کي سمجهڻ جو وڏو موقعو مليو. لائيٽ هائوس سئنيما سامهون (جا هينئر ڊهي وئي آهي) ڪچهري روڊ جي شروعات تي ٽريڊ يونين ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي آفيس هئي. تاج محمد ابڙي باقاعده اُتي وڃڻ شروع ڪيو. ڪميونسٽ پارٽي سنڌ جو سيڪريٽري ڪامريڊ جمال الدين بخاري هو ۽ سرگرم ڪارڪنن ۾ سوڀو گيانچنداڻي، پوهو، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي، قادر بخش نظاماڻي ۽ ٻيا هندو مسلمان جوشيلا جوان هئا. ڪميونسٽ پارٽيءَ طرفان سوشلزم ۽ ڪميونزم کي سمجهڻ لاءِ ڪلاس ٿيندا هئا. تاج محمد ابڙو انهن ڪلاسن ۾ باقاعدي ويندو رهندو هو. سياسي طرح هُو ڪامريڊ قادر بخش نظاماڻيءَ کي ئي پنهنجو استاد سمجهندو هو. قادر بخش نظاماڻيءَ پهريان سنڌين ۾، پوءِ بلوچن ۾ نئشنلزم ۽ سوشلزم جي تربيت جو ڪم شروع ڪيو. ڪجهه سالن کان هاڻي هو لنڊن ۾ مقيم آهي. اسين جڏهن ڪراچيءَ ۾ تعليم لاءِ پهتاسين ته ورلڊ وار سيڪنڊ (Scond World war) جي خاتمي جا ڏينهن هئا. ته به انگريز سپاهي ڪارين ڪرسچن ڇوڪرين کي ڀاڪر پايو صدر جي بازارين ۾ عام جام گهمندا ڏسڻ ۾ ايندا هئا. ايس.ايم ڪاليج، سنڌ مدرسه هاءِ اسڪول جي احاطي اندر قائم ڪيو ويو هو. مدرسه هاءِ اسڪول جي بورڊنگ هائوس جو هڪ حصو ڪلاسن لاءِ، باقي حصو ڪاليج جي شاگردن جي رهائش لاءِ مخصوص ڪيو ويو هو. ڪاليج ڇا هو؟ ان وقت ته ڪنهن ننڍي هاءِ اسڪول جي ئي برابر هو. مدرسه هاءِ اسڪول جي ٻاهرئين وڏي دروازي جي مٿان، جيڪو ڪاليج جو به دروازو هو، وڏن اکرن ۾ لکيل هو: Enter to learn, go forth to serve! تڏهن شاگرد نوڪريون به ڪندا هئا ۽ پڙهندا به هئا. ان زماني ۾ نوڪريون جام هيون. مسلمان ڇوڪرا تمام گهٽ پڙهيل هئا. سنڌ سرڪار نوڪرين ۾ هندن ۽ مسلمانن جي ڪوٽا مقرر ڪئي هئي: ۶۰ سيڪڙو مسلمان ۽ چاليهه سيڪڙو هندو. مسلمان ڇوڪرا هڪ نوڪري ڇڏي ٻي نوڪري ڪندا هئا. تاج محمد ابڙي به مختلف هنڌن تي نوڪري ڪئي. ڪجهه عرصو ان وقت جي مشهور اخبار ”الوحيد“ ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر ٿي ڪم ڪيائين. پوءِ ريڊيو پاڪستان ۾ سنڌي خبرن جو انائونسر (Announcer) ٿي رهيو. ڪاليج لائيف ۾ هن اسٽوڊنٽ تحريڪن ۾ پس پرده وڏو ۽ اهم حصو ورتو. محمود هارون (پوءِ جو اڳواڻ سنڌ جو گورنر)، سندس ڀاءُ سعيد هارون، قاضي عبدالمنان (پوءِ جو سنڌ جو روينيو منسٽر) علي گوهر کهڙو، سڀ مسلم ليگي ۽ مسلم شاگردن ۾ پنهنجي ليڊري قائم ڪرڻ گهرندا هئا. تاج محمد کي شاگرديءَ واري زماني ۾ اخبار ڪڍڻ جو ڏاڍو چاهه هو. ان بابت مون سان صلاح ڪندو هو. مان هميشه چوندو هومانس: ”تيل کان سواءِ ڏيئو نه ٻرندو.“ پاڻ تڪڙا ماڻهو آهيون، پيٽ ئي مشڪل ٿا پاليون، پوءِ اخبار جي عياشي ڪيئن ڪري سگهنداسين؟ ۽ هن ڪجهه پئسا پاڻ ۽ ڪجهه پئسا ٻين دوستن کان هٿ ڪري ”نوجوان“ نالي سان هفتيوار اخبار شروع ڪئي. ان جو ايڊيٽر مون کي مقرر ڪيائين. ان وقت نه سنڌي مسلمانن ۾ هو مڊل ڪلاس نه تعليم، نه وري اخبار پڙهڻ جو چاهه، تنهنڪري ”نوجوان“ جا فقط ڪجهه پرچا نڪتا، پوءِ اخبار مالي مشڪلاتن سبب بند ٿي وئي. تاج محمد ابڙو ۴۸-۱۹۴۷ع ڌاران وڪالت پاس ڪري لاڙڪاڻي هليو آيو. ان وقت قاضي فضل الله، حنيف صديقي، خانبهادر يار محمد جوڻيجو، شمس الدين ابڙو، عبدالوحيد ڪٽپر، عبدالفتاح ميمڻ ۽ ٻيا لاڙڪاڻي جا برک وڪيل هئا. هن پهريان عبدالفتاح ميمڻ سان گڏ وڪالت شروع ڪئي، پر طبيعت جي فرق سبب ان کي ڇڏي شمس الدين ابڙي جي چوڻ تي ان جو پارٽنر ٿي وڪالت ڪيائين. مان هر روز شام جو چانهه تاج محمد وٽ سندس اوطاق ۾ وڃي پيئندو هوس. شام جو تاج محمد ابڙو پنهنجي اوطاق تي ڪچهريءَ ۾ مست رهندو هو. مون هن کي بلڪل ويجهائيءَ کان ڏٺو. هن جو دامن دنيا جي آلودگين کان بلڪل صاف ۽ شفاف رهيو. لاڙڪاڻي جون ڪچهريون ايامن کان مشهور هيون. لاڙڪاڻو وڏيرن، وزيرن ۽ وڪيلن جو شهر هو. شهر ۾ ڪيتريون ڪچهريون قائم هيون: لاهورين ۾ نواب حاجي امير عليءَ جي ڪچهري، پوسٽ آفيس سامهون عبدالغفور ڀرڳڙيءَ جي ڪچهري، اسٽيشن جي ڦاٽڪ لڳ قاضي فضل الله جي ڪچهري، ٿورو هيٺ عبدالفتاح ميمڻ جي ڪچهري، ٽائون ٿاڻي (اڳيون) لڳ تاج محمد ابڙي جي ڪچهري، مارڪيٽ لڳ ميان غلام عباس قادري جي ڪچهري، قافله سراءِ ۾ خان صاحب فقير محمد انڙ جي ڪچهري، اهي ڪچهريون سڀ بلي بلي هيون. پر انهن سڀني مان تاج محمد ابڙي جي ڪچهريءَ جي ڪهڙي ڳالهه ڪري ڪهڙي ڪجي. هن جي ڪچهريءَ جو رنگ ئي پنهنجو هو. هن ڪچهريءَ ۾ مختلف قسمن، طبيعتن، سياسي پارٽين، ادبي گروهن، زميندارن ۽ هارين سان واسطو رکندڙ ۽ مذهبي طبقي سان واسطو رکندڙ ماڻهو ايندا هئا، جن ۾ ڪامريڊ علي محمد عباسي (بيگم اشرف عباسي جو وڏو ڀاءُ)، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، عبدالخالق آزاد (نوابشاهه)، ڪامريڊ عبدالقادر جوڻيجو، مولوي نذير حسين جتوئي، حاجي محمد پيرزادو، ڪامريڊ جمال الدين بخاري، جمال ابڙو، مان ۽ ٻيا ڪيترا حباب شريڪ ٿيندا هئا. هر ماڻهوءَ جو آڌرڀاءُ چانهه سان ٿيندو هو. چانهه جي ديڳڙي هميشه گرم رهندي هئي. تاج محمد ابڙي جو دسترخانو نهايت ئي ڪشادو هوندو هو. سنڌ توڙي پاڪستان جي مختلف حصن مان مختلف قسمن جا ماڻهو وٽس اچي مهمان ٿيندا هئا، جن ۾ وڏو تعداد سياسي ماڻهن جو هوندو هو. شيخ اياز سکر مان جڏهن به ڪنهن ڪيس جي سلسلي ۾ لاڙڪاڻي ايندو هو، ته وٽس اچي مهمان ٿيندو هو. ڀارت مان اتم ۽ سندري اتمچنداڻي جڏهن لاڙڪاڻي آيا، ته تاج محمد ابڙي انهن جي دعوت ۽ ميزباني ڪئي. سياست تاج محمد ابڙي جي رڳ رڳ ۾ سمايل هئي. هُو سوشلزم ۽ ڪميونزم سان ڪميٽڊ (Committed) هو. جيئن ته لاڙڪاڻي ۾ ڪوبه ڪارخانو ۽ فيڪٽري ڪانه هئي، تنهنڪري هتي مزدور طبقو ڪونه هو. هن سنڌ جي وڌ ۾ وڌ ڏتڙيل ۽ پٺتي پيل طبقي هارين لاءِ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. هارين جي بيداريءَ جي ڪم جي شروعات ڪجهه سال اڳ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ڪري چڪو هو. تاج محمد ابڙو، مولوي نذير حسين جتوئي، عبدالواحد سومرو (رتيديري وارو)، ڪامريڊ علي محمد عباسي، عبدالخالق آزاد (نوابشاهه)، ڪامريڊ غلام محمد لغاري، قاضي فيض محمد، شمس الدين شاهه وڪيل (سکر)، ڪامريڊ عبدالقادر جوڻيجو (ڌامراه) ۽ ٻين ڪيترن دوستن ”هاري پارٽيءَ“ جي نالي تنظيم قائم ڪئي ۽ هارين جي بهبود لاءِ ڪم شروع ڪيو. لاڙڪاڻي ۾ تاج محمد ابڙي ان ڏس ۾ پاڻ چڱو موکيو. هڪ ڀيري مشهور ڪميونسٽ ليڊر ۽ شاعر ناصر زيدي، تاج محمد ابڙي وٽ لاڙڪاڻي اچي نڪتو. ايوب جو آمر شاهي دؤر هو. هن جي پٺيان سي.آءِ.ڊيءَ وارا لڳل هئا. تاج محمد ابڙي جي اوطاق عام ماڻهن لاءِ کليل هوندي هئي. خطرو اهو هو ته سي.آءِ.ڊيءَ وارن کي سندس لاڙڪاڻي ۾ آمد جو پتو نه پوي ۽ کيس گرفتار نه ڪري وڃن، ان ڪري هن کي تاج محمد ابڙي منهنجي اوطاق ۾ رهايو، جتي هڪ اڌ ڏينهن رهي، هو خير سلامتيءَ سان روانو ٿي ويو. ڪجهه وقت کان پوءِ کيس گرفتار ڪري لاهور جي قلعي ۾ بند ڪيو ويو، جتي مٿس گهڻيون سختيون ڪيون ويون ۽ هُو مري ويو. تاج محمد ابڙي کي ڪتابن پڙهڻ ۽ ڪٺي ڪرڻ جو بي انتها گهڻو چاهه هو. هو زياده تر سياسي، بايوگرافي (سوانح حيات) ۽ تاريخي ڪتاب پڙهندو هو. سواءِ ڪنهن اعتماد واري دوست جي، ٻئي کي ڪتاب نه ڏيندو هو. مون کانئس جو ڪتاب گهريو، سو ڏيندو هو. مون ”ڪنفيشنس آف روسو“، ”تاريخ بلوچستان (هوتورام)“، ”ٿنڪ اينڊ گرو رچ“، ٻيا ڪيترائي ڪتاب سندس لائبريريءَ مان وٺي پڙهيا. هن کي هفتيوار ”ٽائيم“ ۽ رسالي پڙهڻ جو نه صرف شوق هو، پر هو باقاعدگيءَ سان انهن کي سنڀالي رکندو هو ۽ جلدَ چاڙهائي ڇڏيندو هو. جيڪڏهن ڪو پرچو پوسٽ وارا گُم ڪري ڇڏيندا هئا ته پوءِ مان اهو پرچو کيس ڪراچيءَ جي اسٽالن يا فوٽ پاٿن تان هٿ ڪري ڏيندو هوس. تاج محمد ابڙي کي انگريزيءَ ۾ هڪ هفتيوار اخبار View and Review نالي ڪڍڻ جو ڏاڍو شوق هو. هو چوندو هو: ”جيستائين سنڌ جي ماڻهن ۾ سياسي حالتن تي تنقيدي جائزي وارو مواد نه پهچندو، انهن ۾ سياسي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ جي سمجهه نه پيدا ٿيندي.“ تاج محمد ابڙي جا سنڌ، بلوچستان، پنجاب ۽ سرحد جي ڪيترن ئي سياستدانن سان انتهائي گهرا تعلقات هئا، جن سان هن جون شخصي ۽ سياسي ملاقاتون ٿينديون هيون. سنڌ جي سياستدانن ۾ جي ايم سيد، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، محمد امين کوسو، شيخ عبدالمجيد سنڌي، قاضي فيض محمد، غلام محمد لغاري ۽ بي شمار ٻين سان هن جا گهرا تعلقات هئا. لاڙڪاڻي جي سياستدانن مان قاضي فضل الله ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي سان نه فقط هن جا گهرا تعلقات هئا، پر اهي ٻئي هن جي سياست ۽ ضلعي جي ماڻهن جي نفسيات جي ڄاڻ سبب ضلعي جي ڪيترن مسئلن بابت هن کان هميشه مشورا وٺندا رهندا هئا. مون کي ياد آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو خاص طرح اليڪشن واري زماني ۾ هن وٽ ايندو هو يا هن کي پاڻ وٽ گهرائيندو هو ۽ ضلعي جي ماڻهن ۽ ضلعي جي وڏيرن بابت جن جو ماڻهن تي اثر هوندو هو، هن سان صلاح مصلحت ڪندو هو. ڀٽو صاحب تاج محمد ابڙي تي ايترو ته مهربان هو، جو هن کي بقا پور واري تڪ مان نه صرف بي ڊي ميمبر چونڊرايائين، پر اتي جو چيئرمين پڻ مقرر ڪيائين. تاج محمد ابڙي کي سنڌي ادب ۽ زبان سان بيحد گهڻي دلچسپي هئي. اسان جڏهن ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادبي سنگت قائم ڪئي ته ڏاڍو خوش ٿيو ۽ اسان سان پيش پيش رهيو. هُو چاهيندو هو ته سنڌي ادب کي پراڻي پيچري تان هٽائي نون ترقي پسند راهن ۽ رستن تي هلائجي. هو سنڌي ادبي سنگت جي ميڙن ۾ پيش ٿيندڙ نئين روشنيءَ واري ادب کان ايترو متاثر ٿيو، جو هن پاڻ لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت جي شاخ قائم ڪئي. سنگت جو سيڪريٽري پاڻ هو. سنگت جي ميڙن ۾ لاڙڪاڻي جا پراڻا ۽ نوان اديب سڀ شريڪ ٿيندا هئا، جن ۾ حاجي محمود خادم، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ، انيس انصاري، جمال الدين بخاري، جمال ابڙو ۽ مان گهري دلچسپي وٺندا هئاسين. تاج محمد ابڙي جي ڪوششن سان سال ۱۹۵۶ع ۾ لاڙڪاڻي جي تجر باغ ۾ شاهه عبداللطيف جي شاندار ورسي ملهائي وئي. ان وقت عبدالله چنو لاڙڪاڻي جو ڪليڪٽر هو. هن کي شاهه جي ڪلام سان گهڻي دلچسپي هئي. ان ڪري صدارت ان کان ڪرائي وئي. ورسيءَ جي خرچ جو بار سڄو تاج محمد ابڙي برداشت ڪيو. جيتوڻيڪ ورسيءَ جو سمورو بندوبست هُن پنهنجي هڙون توڙي وڙون ڪيو، پر جيڪي دعوت ناما جاري ڪيا ويا، اهي منهنجي نالي سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت جي حيثيت سان ويا. ورسي نهايت ڪامياب رهي. مان سمجهان ٿو ته لاڙڪاڻي جي تاريخ ۾ ڀٽائيءَ جي اهڙي شاندار ورسي اڳ ڪڏهن نه ٿي هئي. تاج محمد ابڙي کي ۱۹۷۰ع ڌاران نوڪري ڪرڻ جو خيال پيدا ٿيو. سڀني دوستن ان ڳالهه جي مخالفت ڪئي، مگر هُو پنهنجي ڳالهه تي قائم رهيو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي زور ۽ اسرار تي هو ۱۹۷۲ع ۾ سيشن جج مقرر ٿيو. نوڪريءَ واري زماني ۾ به هو ساڳيو يار ويس ۽ مهمان نواز رهيو ۽ سندس اهي ئي ڪچهريون رهيون. سال ۱۹۸۵ع ۾ نوڪريءَ تان رٽائر ٿي لاڙڪاڻي آيو، ته بلڪل کيسين خالي آيو. اهڙي سادي، ايماندار ۽ هيري جهڙي ماڻهوءَ وٽ پئسي جو ڪٺو ٿيڻ ڏکيو هو. هُو جڏهن لاڙڪاڻي واپس آيو ته پاڻ سان دل جو مرض به کڻي آيو. ۱۰ مارچ ۱۹۸۶ع تي ڪارڊيو ويسڪيولر اسپتال ڪراچيءَ ۾ سندس انتقال ٿيو ۽ اسان کان هميشه هميشه لاءِ دور ٿي ويو ۽ اڪيلو ڪري ويو. هن جي وفات سان لاڙڪاڻي ۾ ڪچهرين جو دؤر ختم ٿي ويو، ڄڻ هي آخري ڏئيو هو، جو گُل ٿي ويو. ** (هلال پاڪستان، بختاور، برسات، عوامي آواز، عبرت، سنڌو، جاڳو، آفتاب، پُڪار، مهراڻ ۽ الوحيد) مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو منهنجو دوست ڪامريڊ روچي رام ڪامريڊ تاج محمد تاج محمد ابڙو سياست صحافت ۽ ادب جو هڪ جاکوڙي ڪردار هو پر زاتي طور جنهن کي تاج محمد جي محبت جي سِکِ لڳل هوندي سو کيس کيس ڪنهن به صورت ۾ وساري ڪين سگهندو. هو منهنجو پيارو دوست محسن ۽ استاد هو. اها شمع ۱۰ مارچ ۱۹۸۶ تي اُجهامي ويئي پر منهنجي دل ۽ دماغ ۾ انجي جوت اڃان تائين روشن آهي. تاج محمد ابڙو جي قابليت مطالع عمل جي صلاحيت مهمانوازي ۽ پيار هر وقت هر دور ۾ مقدر رهندي آئي آهي. ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي چوندو هو ته تاج محمد ابڙو بذات خود هڪڙي انجمن هو ان وٽ سياسي، ليڊرن روپوش ڪارڪنن ۽ اديبن جي هميشه امدرفت رهندي هئي سنڌ جي چوٽي جي سياست دانن ورڪرن ۽ اديبن جو مرڪز ڪامريڊ تاج محمد جي اوطاق هوندي هئي جيڪا سندس آفيس ۽ ميل ميلاپ، سياسي عمل ۽ گفتگو جو مرڪز به هئي جنهن جو سمورو خرچ تاج محمد ابڙو زاتي طور ڀريندو هو. مون ۱۹۵۲ع ۾ ايل ايل بي پاس ڪئي هئي ۽ حيدرآباد ۾ ديوان ڌرمداس مولچند هيراننداڻي سينئر وڪيل جي فورم ۾ جونيئر وڪيل طور شامل ٿيو هوس. ان وقت وڪيلن جي پيشي ۾ هڪ نئون نمونو شروع ٿيو هو. رجسٽريشن ۽ ڪسٽوڊين جا کاتا کوليا ويا هئا جتي گهڻو ڪري هندوستان مان لڏي آيل مسلمان آفيسر رکيا هئا جيڪي هتان سنڌ مان نه لڏي ويندڙ هندوئن کي تنگ ڪندا هئا جيڪو هندو لڏي ويا هئا تن تي به هتي سنڌ ۾ ڪو ڪيس نه هلي سگهندو هو پر هتي ويٺلن پاڪستان جي شهري ٿيلن کي به تنگ ڪندا هئا ته توهان لڏي ويا هئا وري آيا آهيو انهن جا ڪيئي ڪيس ديوان ڌرمداس وڪيل وٽ هئا. اهڙن ڪيسن ۾ هو مونکي لاڙڪاڻي ڪسٽوڊين جي ڪورٽ ۾ موڪليندو هو اتي ان دور ۾ لاڙڪاڻي جو ڀلوڙ وڪيل ڪٽپر صاحب هو جو مونکي پنهنجي اوطاق ۾ رهائيندو هو اها اوطاق سندس آفيس به هئي ۽ مهمانوازي ڪرڻ جي جڳهه به. لاڙڪاڻي ۾ وڪيلن جي آفيس جي خاص خصوصيت هوندي هئي ته اها آفيس به هئي، اوطاق به ۽ مهمانوازي ڪرڻ جي جڳهه به ائين هڪ آفيس اوطاق تاج محمد ابڙي صاحب جي به هئي اهو وڪيل جي اوطاق جو رواج اسان وٽ حيدرآباد، ڪراچي ۽ ميرپورخاص ۾ ڪين هو. ۱۹۷۲ع ڌاري جڏهن تاج محمد ابڙو صاحب سيشن جج مقرر ٿيو ته شايد پهرين نوڪري حيدرآباد کان شروع ڪيائين اسان وٽ ميرپورخاص بار روم ۾ اها ڳالهه هلي ته تاج محمد ابڙو صاحب وڏي شخصيت آهي اها نوڪري نه وٺڻ کپيس ها. تاج محمد ابڙو صاحب جي آفيس جيڪا اوطاق وانگيان هئي جيڪا سندس سموري مشغولين جو مرڪز هئي اتي سنڌ دوست وڪيل ڪيسن وارا اسير سياستدان ۽ سياسي ورڪر ۽ ڪامورا ۽ سندس لاڳاپيل شخص گڏبا هئا ڪچهريون ٿينديون هيون جنهن جو زڪر مختلف دوستن پنهنجي لکڻين ۾ ڪيو آهي اهو ڏيکاري ٿو ته لاڙڪاڻي جو وڪيل ۽ سياستدان باقي سنڌ جي شهرن جي وڪيلن کان مختلف ۽ الگ هو. تاج محمد ابڙو کي سندس ڪرم فرمائن زور ڏئي جج ٿيڻ تي مجبور ڪيو ۽ هو سڌو سيشن جج ٿيو پنهنجي پهرين مقرري جي دور ۾ هو حيدرآباد مان پنهنجي موٽر ۾ چڙهي مون وٽ ميرپورخاص آيو جو عمل هڪ سيشن جج لاءِ عام نه هو هو ته وڪيل جي گهر وڃي تاج محمد ابڙو جي اها خصوصيت هئي ۽ ان جي ذهن ۾ اهو ڊپ بنجيو ڪين هو ته ان جي هن عمل تي ڪو اعتراض ٿيندو هو سنگت ۽ دوستي ۽ ذاتي تعلق کي پروٽوڪول کان مٿانهون سمجهندو هو. سيشن جج تاج محمد ابڙو ساڳيو ئي ڪامريڊ دوست ۽ سياسي ساٿي هو. ايئن هو پنهنجي سڀني لاڳاپن ۽ دوستن سان تعلق قائم رکندو آيو انهيءَ ڳالهه کان انڪار ڪونهي تنهن جي انهي عمل تي ڪنهن به ڪا ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ جي همت نه ٿيندي هئي. جڏهن ڪو دوست ڪنهن غلط فهمي سبب ناراض ٿيندو هو ته انهيءَ کي پاڻ لنگهي وڃي پرچائيندو هو. ايتري غير معمولي زندگي جي تجربن کان پوءِ به هو حياتي کي سونهن ۽ سوڀيا جو ويس سمجهندو هو ڪنهن ماڻهو سان شڪايت نه هوندي هئي هو هر ماڻهو کي سونهن ۽ ديا وارو سمجهي پيار ڪندو هو. هن ڪڏهن به ڪنهن سان شڪايت نه ڪئي هن زاتي طرح ايمانداري سان گڏ سچائي، سبتازي، سپتائي ۽ سٺائي سان پنهنجي جيئڻ جي ڍنگ سان شامل ڪري پاڻ کي مثالي بنايو. منهنجو ساٿ سدائين سندس مشغولين سان رهيو. تاج محمد ابڙو سچو سوشلسٽ ۽ سنڌ پرست هو. هن جو ڪردار هڪ مثالي ڪردار هو. هن جي هڪ جج طور حيثيت به Up to the Mark هئي هن جا فيصلا انصاف جي معيار تي پورا لهندا هئا. تاج محمد جي ڪيل فيصلن جي ايپيليٽ ڪورٽن به سدائين قبوليت ڪئي ۽ ڪي به ريمارڪ نه ڏنا هئا هن جي انصاف ۽ عدل ۾ يقينن ساراهه جوڳو آهي. اسانجو دوست تاج محمد ابڙو هڪ سخي مرد، وطن دوست اوطاق هلائيندڙ مهمانواز، پڙهڻ لکڻ ۽ ڪتابن جي شوقين، قلم جي اهميت سمجهڻ وارو، روشن خيال پڙهيو لکيو وڪيل ۽ هڪ انصاف پسند جج هو. (ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۰ مارچ ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)
عبدالقادر جوڻيجو چوٽيءَ جو ڊرامه نگار، ڪالم نگار، ليکڪ ۽ اديب محمد سليمان وساڻ عبدالقادر جوڻيجو )پهرين نومبر ۱۹۴۵ع – ۳۰ مارچ ۲۰۲۰ع)، ٿر جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ جنھاڻ ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم بي اي، بي ايڊ ۽ ايم اي سوشيالاجي آهي. عبدالقادر جوڻيجو جي سڄاڻ هڪ ڪالم نگار کان وڌيڪ هڪ ڊرامه نگار جي آهي. جنهن جا ڊرامه ريڊيو سان گڏ ٽي وي تي به ايترو ته مشهور ٿيا آهن جو ماڻهو انهن ڪردارن کي وساري به ناهن سگهيا.عبدالقادر جوڻيجو ريڊيو تي ۲۲ کان وڌيڪ سنڌي ڊرامه ۽ ۲ اردو ڊرامه لکيا آهن. هن ٽي وي تي اهڙا ته ڊرامه لکيا جن تي کيس ڪيترائي اوارڊ ملڻ سان گڏ اهي ڊرامه ۽ ڪردار يادگار بڻجي ويا. پاڻ ٽي وي تي ۱۶ سنڌي ڊرامه ۽ ۷ سنڌي ڊرامه سيريل لکيون آهن، هن اردو ۾ ۶ ڊرامه ۽ ۱۵ ڊرامه سيريل لکيون آهن. سندس يادگار ڊرامن ۾ ديوارين (سنڌيء ۾ راڻيء جي ڪهاڻي)، ڪاروان، ڇوٽي سي دنيا، سيڙهيان، دک سک، ٿوڙي خوشي ٿوڙا غم ۽ پرانده گهڻو مقبول ٿيا. سندس ڊرامه نه صرف پاڪستان پر ٻاهرين ملڪن پڻ ٽيليڪاسٽ ٿيا. ڊارمه سيريل ڇوٽي سي دنيا تي مشهور جرمن اينٿروپولاجسٽ ڊاڪٽر هيلني باسو جرمن ٻوليءَ ۾ برلن جي فري يونيورسٽيء ۾ ٿيسسز لکي. ڊرامه سيريل ديوارين بي بي سي جي چينل ۴ تي انگريزي سب ٽائٽل سان گڏ نشر ڪيو ويو. ڊرامه سيريل سيڙهيان آمريڪا ۽ ڪئناڊا سميت ۱۳ ملڪن ۾ ٽيليڪاسٽ ٿيو. ڊرامه سيريل پرانده پاڪستان سان گڏ ڪئناڊا ۾ پڻ ٽيليڪسٽ ٿيو. عبدالقادر جوڻيجو صاحب جيڪي ڪتاب لکيا آهن انهن ۾ هيٺيان ڪتاب شامل آهن: واٽون راتيون ۽ رول (شارٽ اسٽوريز) ۱۹۶ شڪليون (سنڌي ليکڪن جا خاڪا) ۱۹۷۹ ويندڙ وهي لهندڙ سج (شارٽ اسٽوريز) ۱۹۸۴ وڏا اديب وڏيون ڳالهيون (ترجمو) ۱۹۸۴ سونو روپو سج (شارٽ اسٽوريز) ۱۹۸۶ ايوريسٽ تي چڙهائي (ترجمو) ۱۹۸۷ ڪرسي (ڪالم) ۱۹۹۸ ڇو ڇا ۽ ڪيئن (ترجمو) ۱۹۹۹ خط ٻن اديبن جا (خط) ۱۹۹۹ در در جا مسافر (ثقافتي اخلاقيات) ۲۰۰۱ وڻ وڻ جي ڪاٺي (ترجمو) ۲۰۰۲ ڇا لکان (ڪالم) ۲۰۰۷ ائين ڀلا ڪيئن ھوندو؟ (مضمون) ۲۰۱۰ع انگريزي ناول The Dead River عبدالقادر جوڻيجو سنڌ جي انهن ليکڪن مان آهي جنهن جا ڪالم سڀ کان وڌيڪ پڙهيا وڃن ٿا. تمام ڊگها ڪالم لکندڙ عبدالقادر جوڻيجو جو لکڻ جو انداز اهڙو ته ڀلو ۽ تجسس وارو هوندو آهي جو پڙهندڙ ڪالم کي پورو ڪري ساهه پٽيندو آهي. سندس ڪالم مختف اخبارن ۾ سياسي، سماجي ۽ حالات حاضره تي ڇپجندا رهن ٿا جن ۾ ڄاڻ سان گڏ تحقيق ۽ صحتمند تنقيد جو پهلو به شامل هوندو آهي. سندس ڪم جي مڃتا عيوض کيس ڪيترائي اوارڊ مليا آهن جن مان ڪجهه خاص هيٺ ڏجن ٿا: حسن ڪارڪردگي صدارتي اوارڊ – ۱۹۸۹ حسن ڪارڪردگي صدارتي اوارڊ – ۲۰۰۷ ساليانو بهترين ليکڪ جو پي ٽي وي اوارڊ – ۱۹۸۳ (ديوارين سيريل) ساليانو بهترين ليکڪ جو پي ٽي وي اوارڊ – ۱۹۸۵ (ڪاروان سيريل) پي ٽي وي سلور جوبلي اوارڊ – ۱۹۸۹ ڏهاڪي جو بهترين اوارڊ ۱۹۸۸ کان ۱۹۹۸ (ڄار سيريل) ريڊيو پاڪستان گولڊن جوبلي اوارڊ – ۱۹۹۹ عبدالقادر جوڻيجو اڄ، ۳۰ مارچ ۲۰۲۰ع تي، اسان کان موڪلائي ويو آهي پر هو پنھنجي لکڻين ذريعي سدا ياد رهندو. عبدالقادر جوڻيجو جنھاڻ جو جوڻيجو آدرش اَسان ڪهڙي به سواري، هوائي جهاز، ريل گاڏي، ڪوچ، بس يا وئن ۾ سفر ڪيون، گاڏي چُرندي مسَ ته ڀِڪ ۾ ويٺل سان شروع ٿي وينداسون، “سائين! توهان ڪير آهيو؟” هو سڀ ڳالهيون پوئتي ڇڏي اٿندي ئي پنهنجي ذات ٻڌائيندو، پوءِ ته بصر وانگر کلَ مٿان کلَ لهندي ويندي. هر سور سک سليو ويندو. خير سان سفر پورو ٿيندي، هڪٻئي جو اَڇو چِٺو هڙ ۾ ٻڌي سوگهو ڪري موڪلائينداسون. جوڳي نه ڪنهن جا مِٽَ. وري ٻيهر ملڻ يا نصيب. سفر ڪندڙ مسافر وري نه ملندا آهن. همَ سفر کان ميمڻ ٻڌندي هڪدم سئي سڳي سان کيسي کي سبڻ ۾ لڳي ويندا آهيون. شيخ ٻڌي چپن تي مرڪ آڻيندي، جنت ۾ ڏاڏي حوا کي ورغلائيندڙ کي ياد ڪندا آهيون. شڪارپور جو شيخ ٻڌي مرڪ غائب ٿي ويندي آهي. ڏڪڻي وٺي ويندي آهي. سومرو ٻڌي جيجل امڙ ڏانهن ڊڪندا ويندا آهيون. ڪنڀار ٻڌي سهڻيءَ جو ڪچو دلو ياد ايندي، اکيون آليون ٿي وينديون آهن. جوکيو بدوي ٻڌي سلڇڻي مائي دائي ياد ايندي آهي. ملاح ٻڌي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي پوندا آهيون. نظاماڻي ٻڌي حر مجاهد ڪلهي ۾ بندوق سوڌو نظر ايندو آهي. لغاري ٻڌندي پرينءَ جي ڪاري ڪتي ياد ايندي آهي. زرداري ٻڌي اٺن جي قطار وڃڻ لڳندي آهي. سولنگي ٻڌندي ڏنڀرو مڇي هانوَ تي هري ايندي آهي. جتوئي، مهر، چانڊيو ٻڌڻ سان سِيٽَ تي ڍلا ٿي ويندا آهيون. سيد سڳورو ٻڌي، مرشد کي ست بسمِ الله هيون ڪري، کانئس پٽ ڄمڻ جو تعويذ لکرائيندا آهيون. جوڻيجا پنهنجو مٽ پاڻَ، ڄام صادق علي ڪون سڏائي؟ اَسان ڪهڙا به سرٽيفڪيٽ ڏيون، سچي ڳالهه اها آهي ته پنهنجي سانڀر ۾ ٻه دبنگ ۽ سگهارا وڏا وزير ڄام صادق ۽ ممتاز علي ڀٽو ڏٺاسون. ڇا وهنوار هلائيندڙ هئا. چيف سيڪريٽري يا آءِ جي ته ڇا، چڱا ڀلا وفاقي عملدار کانئن لنوائيندا هئا. ڄام صادق علي، جوڻيجو هو. ڪلاسيڪل وڏيرو شاهنواز جوڻيجو به باڪمال هو. پنهنجو ٿري يار لياقت جوڻيجو به لک لهي، سٺو پڙهيل لکيل، ماٺيڻو، بردبار ۽ سياستدان لياقت جوڻيجو، پرويز مشرف جي دور ۾ ناظمي نظام ۾ يونين ڪائونسل چيئرمين لاءِ اميدوار هو. اَسان جو شاعر ۽ ثقافت جو وزير سردار شاهه آمهون سامهون هيس. شاهه صاحب ملهه ماري ويو هُيس. عمرڪوٽ جي هڪ ريسٽورنٽ ۾ منجهند جي ماني کائڻ کانپوءِ لياقت ميان پيپسي ڪولا بوتل مان اطمينان سان ڍڪُ ڀرڻ کانپوءِ ڏاڍي معصوميت سان زبردست جملو چيو هو: “ادا ارشاد! سردار شاهه ان ڪري کٽي ويو هو جو مون هارايو هو.” سڀُ ذاتيون اکين تي، رب جي ذات سڀ کان اُچي آهي. جوڻيجا سڀ سرَ جا سائين، جنهاڻ جو جوڻيجو پنهنجي دل ۾ رهندو آهي. عبدالقادر جوڻيجو کي ڪير نه سڃاڻي؟ ٿر جي واهڻ ۾ اکيون کوليائين. سڄي دنيا ڏٺائين. انڊلٺ جا رنگَ پَسيائين. شروعات ۾ پيغمبري پيشو اختيار ڪري بليڪ بورڊ تي دعائون لکڻ لڳو. دعا ڌڻي ٻڌس، پنهنجي پاڙيسري ۽ مهان شاعر شيخ اياز هن جو هٿ پڪڙي، سنڌيالاجي ۾ پبليڪشن آفيسر جي ڪرسيءَ تي اچي ويهاريس. ترقيءَ جا ڏاڪا چڙهندو ويو. وقت گذرندي ويرم نه لڳي. ڊائريڪٽر ٿي رٽائر ڪيائين. ادب جي واٽ کانسواءِ دنيا داريءَ جو به ڄاڻو. رٽائرمينٽ کانپوءِ ارباب وزير جي مِهر سان چيئرمين بااختيار ٻوليءَ جي اداري جو بڻيو. عبدالقادر جوڻيجو پاڻ وانگر بُوڪِش مئن (Bookish Man). نوي جي ڏهاڪي ۾، خط پٽن جو زمانو هو. هڪٻئي ڏانهن خط لکڻ شروع ڪياسون. هن جي خطن ۾ علم جو درياهه هوندو هو. ڳچيءَ ۾ تعويذ وانگر اڄ به فائيل ۾ محفوظ آهن. جوڻيجو صاحب ڪهاڻيون لکيون. ڪمال جون آهن. “واٽون، راتيون، رول” ۽ “ويندڙ وهِي، لهندڙ سج” ڇا ته ڪهاڻي ڪتاب آهن! ٻولي، تشبيهون، انداز بيان، ڪهڙي تعريف ڪجي؟ هن جو ناول “سو ديس مسافر منهنجو ڙي!” الائي ڇا هوندو. اڌوري محبت وانگر آهي. خبر ناهي ان کي پورو ڇو نه ٿو ڪري. هن انگريزيءَ ۾ ناول لکيو. ڇپيو. پذيرائي حاصل نه ڪري سگهيو، پنهنجو پڙهيل ناهي، ڌُڪي تي راءِ نه ڏبي. عبدالقادر جوڻيجو ٽيليويزن ناٽڪ لکيا. ڌاڪو ڄمايائين. “راڻيءَ جي ڪهاڻي”، “سيڙهيان” ۽ “خان صاحب” وغيره جهڙا ڊراما سندس ئي هٿ لکي سگهي ٿو. هو کرو ماڻهو آهي، مٺ تي سگريٽ جا ڪش هڻي، چپٽي وڄائي، ڦلو ڪيرائيندي ڳالهه سنئين سڌي ڪندو. هن جو اسٽائيل من موهيندڙ پنهنجو آهي. هڪ ڀيري اردو اخبار “ايڪسپريس” ۾ هن جو انٽرويو پڙهيم. ان ۾ هن جنرل پرويز مشرف لاءِ چيو هو، “مان هن کي سليوٽ ڪيان ٿو.” اهو پڙهي باهه وٺي وئي. ڪاوڙ مان هڪدم خط لکيومانس. ترت ورندي ڏيندي لکيائين، “ادا! مون ڪڏهن ڪو نعرو نه هنيو آهي. فرشتو ناهيان، پيٽ اٿم، اجهو لٽو گهربو آهي، ڇا به الزام هڻو، مون کي انهن نوازيو آهي، سلام ڇو نه ڪندم، جنهن جو کائجي، تنهن جو ڳائجي.” عبدالقادر جوڻيجو پڙهاڪو وڏو. نوان ڪتاب ڊالر ڀري گهرائيندو. شوق جو مُلهه نه ڏسندو آهي. پاڻ به ان واٽ جا آهيون. ڪوٽ پراڻو پائجي، ڪتاب نئون وٺجي. هن نه رڳو پڙهيو آهي، لکيو به جهجهو آهي. تمام سٺو لکيو آهي. ڇا ڪالم! ڇا آتم ڪهاڻي جا ڪجهه فصل. ڇا ڪهاڻيون، مضمون، ڪمال جا ترجما! ترجمو تخليق کان وڌيڪ ڏکيو فن آهي. هن عالي شان ترجما ڪيا آهن. اڄ ڪلهه سندس طبيعت ٿوري ناساز آهي، ڌڻي سڳورو صحت عطا ڪندو. مهينو سوا اڳ “پنهنجي اخبار” ۾ منهنجو ڪالم ڇپيو. ان ۾ جوڻيجي صاحب لاءِ جملو هو. سانگهڙ جو ليکڪ ۽ سٺو پڙهاڪو منظور ملاح آهي. هو جوڻيجي صاحب ڏي وڃي ڀئرو ڀڃندو آهي. پراڻا لاڳاپا اَٿس، اهو ٻڌائي پيو؛ ”جوڻيجي صاحب جو وڏ ماڻهپو ڏسو. مان جوڻيجي صاحب وٽ ويٺو هيم. اوهان جو ڪالم ڇپيو هو.“ مون پڇيومانس: “سائين! آدرش جو ڪالم پڙهيو اٿو؟” وراڻيائين: “يرَ! ان کي ڪير نه پڙهندو؟” مون ٺونگو هڻندي چيومانس: “سائين! ان ۾ اوهان جي خلاف به ته لکيو اٿائين.” جواب ۾ چيائين: “منظورَ! اهو ضمير وارو ليکڪ آهي. ان تان ستَ خون معاف آهن.” (پنهنجي اخبار ۾، جمع ۲۱-۰۲-۲۰۲۰ع تي ڇپيل.) عبدالقادر جوڻيجو مختيار ملڪ افسوس ته عبدالقادر جوڻيجو به اسان کان وڇڙي ويو۔ سنڌي ڪهاڻي جي آئيندي جو اونو رکندڙ ۽ ترقي جو خواب ساڀيا ڪرڻ لاءِ لفظن سان اتساهه بخششيندڙ ليکڪ عبدالقادر جوڻيجو اهو سنڌي نثر نگار آھي جنهن ريڊيو پاڪسان ۽ پي ٽي وي تي انيڪ يادگار ڊراما لکيا، جن وڏو اوج ماڻيو۔ هن ريڊيو تي ۲۲ کان وڌيڪ سنڌي جا ڊراما ۽ ۲ اردو ڊراما لکيا، جڏهن ته پي ٽي وي تي ۱۶ سنڌي ڊراما ۽ ۷ سنڌي ڊراما سيريل لکيون آهن، جن ۾ راڻي جي ڪهاڻي، گردش، ويندڙ وهي، جانچ، ڳولا، مون ۾ آھين تون، اصل معاملو، هن وستيءَ ۾، خانصاحب، واٽون واٽن جھڙيون، ڀنگ ڄار، انکانسواءِ هن اردو ۾ ۶ ڊراما ۽ ۱۵ ڊراما سيريل لکيون. سندس يادگار ڊرامن ۾ کاروان، ديواريں، بدلتے موسم، چھوٹی سی دنیا، سيڑهيان، دکھ سکھ، تھوڑی خوشی تھوڑا غم، گھر گلیاں، رشتے ، زرا نم هو تو یه مٹی، پرانده، اهڙا ڊراما هئا جن ان دور جي ماڻھن کي ٽي وي اسڪرين ڏانهن ڇڪي آندو ۽ سان ڊراما ڏسڻ تي مجبور ڪيو۔ . عبدالقادر پهريون سنڌي نثر نويس هو، جيڪو اردو ۾ به ايترو ئي معروف هو۔ عبدالقادر جوڻيجو هڪ منفرد ڪهاڻيڪار آھي۔ هن ڪهاڻي جي سفر جي شروعات ماهوار روح رهاڻ ۾ ڇپيل پهرين ڪهاڻي ”مٺ مٺ سورن سڀ ڪنهن۔۔ “ سان ڪئي۔ هيل تائين سندس ڪهاڻين جا ۳ مجموعا پڻ شايع ٿي چڪا آھن ،جن ۾ واٽون ، راتيون ۽ رول (۱۹۷۳)، ويندڙ وهي لهندڙ سج (۱۹۸۱) ۽ سونو روپو سج (۱۹۸۶) شامل آھن۔ عبدالقادر جوڻيجو شخصيتن جا خوبصورت خاڪا پڻ لکندو رهيو۔ سندس خاڪن جا ٻه مجموعا به شايع ٿيل آھن۔ جن ۾ پهريون شڪليون (۱۹۷۹) ۾ ۽ ٻيو ”وڻ وڻ جي ڪاٺي“ (۲۰۰۱) ذڪر جوڳا آھن۔ عبدالقادر جوڻيجو هڪ گهڻ پڙهيو ليکڪ هو، جنهن پرڏيهي ادب جو جهجهو مطالعو ڪيو ۽ ٽن ڪتابن جا سنڌي ترجما به ڪيا، انهن ۾ پهريون ”وڏا اديب وڏين ڳالهيون“ (۱۹۸۴)، ٻيو ”ايورسٽ تي چڙھائي“ (۱۹۸۹) ۽ ٽيون ڇو، ڇا ۽ ڪيئن؟ شامل آھي۔ عبدالقادر ٿر مان حيدرآباد جو سفر ڪيو۔ پر سندس وجود ۾ هڪ ٿريو سدائين جاڳندو رهيو۔ جنهن جو اثر سندس لهجي ۽ اولڙو سندس موضوعن ۾ پسي سگهجي ٿو۔ سندس هڪ ڪتاب هن ”درد جا مسافر“ ۾ لاڏائو ذاتين کي موضوع هيٺ آندو آھي۔ هن جي قلم جي جبش ڪڏهن بند نه ٿي۔ هو لاڳيتو ڪالم لکندو رهيو۔ هن ناول نگاري ڏانهن وکون پڻ وڌايون، هڪ انگريزي ناول لکيو ۽ ٻيوانگريزي ناول اڻ ڇپيل ٻڌايو پيووڃي، جڏهن ته هڪ سنڌي ناول پڻ آخري مرحلن ۾ ھو، جيڪو مڪمل ٿيو الاجي نه. هو اڻٿڪ محنت ڪندڙ هڪ سادي مزاج رکندڙ مصنف هو. عبدالقادر جوڻيجو امر لغاري سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻولين ۾ ھڪ ئي وقت ادب سرجيندڙ سنڌ جو منفرد ڪھاڻيڪار، ڊراما نويس ۽ ناول نگار عبدالقادر جوڻيجو اڄ لاڏاڻو ڪري ويو آھي. عبدالقادر جوڻيجي جي لاڏاڻي تي اسان پنھنجي ھن گروپ پاران ھن جي چاھيندڙن، پڙھندڙن ۽ پونيرن سان ڏک جو جو اظھار ڪيون ٿا. عبدالقادر جوڻيجي سنڌ جي نوجوانن ۾ نه فقط عالمي ادب پڙھڻ جو ذوق وڌو، پر انھن منجھ پنھنجن چاھيندڙن ۽ پڙھندڙن جو ھڪ وڏو حلقو پيدا ڪيو. ھو ھڪ گھڻ پاسائون ليکڪ ھو. ھڪ ئي وقت ڊراما، ڪالم، ڪھاڻيون ۽ ريويوز ھن جي قلم مان پيان نڪرندا ھئا. ماحوليات، اينٿراپالاجي، سياست، ادب ھن جا پسنديده موضوع ھئا. ھن انگريزي ۾ ھڪ ناول به لکيو. دا لوسٽ رٍور. ٻئي تي ڪم پئي ڪيائين. ڪجھ مھينا اڳ جڏھن اسان ڪجھ دوست ساڻس ملڻ وياسين ته ھن پنھنجي اڌوري ناول بابت ھڪ دلچسپ جملو سگريٽ جي چپٽيء تي ھيئن چيو: ھونداسين جيئرا ته پورو ڪري وٺنداسين، نه ته آياسين.......... قادر کرو ماڻھو ھو. انڪري گھڻن ماڻھن سان نه پوندي ھيس. ھو ھڪ ئي وقت ملڪ جي ٻين ٻولين جي اديبن، آرٽيسٽن، اداڪارن ۽ ٻاھرين ملڪن جي ريسرچ اسڪالرن ۽ سنڌ جي گھڻ پاسائين موضوعاتي ڄاڻ وچ ۾ ھڪ قسم جي پل جو ڪردار ادا ڪندڙ ھو. جڏھن به ساڻس ملبو ھو ته کائنس ڪا نه ڪا نئين ڳالھ سکبي ھئي يا ٻڌبي ھئي. ھو ڳالھين جو ڀنڊار ھو. ڳالھيون ھن جي زبان تان پيرن جيان پچي پيون ڇڻنديون ھيون. قادر عمر جي آخري ڏھاڪن تائين پڙھندو ۽ لکندو رھيو. ھر ڪنھن جي جسم جي مشين ھڪ ڏينھن بيھڻي آھي. پر قادر پنھنجن ٽھڪن، دلچسپ ڳالھين، ڪھاڻين، ڊرامن، ناولن ۽ مضمونن ساڻ اسان جي وچ ۾ سدائين حيات رھڻو آھي. عبدالقادر جوڻيجو عشق ۽ ادب سان وفا ڪندڙ جوڻيجو ماڪن شاھ رضوي سڄي سنڌ ڄاڻي ٿي ته هو سنڌي ادب جو بي تاج بادشاھ هو. ڪهاڻي هجي يا ڊرامو، ڪالم هجي يا تاثر، پر عبدالقادر جوڻيجو هڪ اهڙو نالو هو، جيڪو ان تحرير جي ڪاميابي جي ضمانت هو. هن جي قلم سان لکيل ۽ ذھن مان اسريل هر لفظ نج سنڌي ٻوليءَ جو ترجمان هوندو هو. قديم دريائي وهڪري هاڪڙي جي ڪپ تي آباد تاريخي شھر لطيف سائين جي امر ڪردار جکري جي راڄڌاني نهٽي، جنهن لاءِ حضرت راضي شاھ فرمايو هو ته، جڏهن جهاري جکري، تڏھين نهٽي نئون سئو هٽ، پري کان پانڌين کي، ٿي آئي عطر ڇٽ، محبت سندا مٽ، هئا مهراڻي جي ملڪ ۾! ها جتي ٿر جي اڃايل واريءَ ۽ بئراجي شاداب ڌرتي جو پڙ ھڪٻئي کي ڀاڪرن ۾ ڀري ٿو، ان سڄي ڪس کي مهراڻو سڏبو آھي. اتي ئي ويجهو لاکيڻي لطيف جي هڪ ٻئي ڪردار برووي جو به ماڳ آھي. ٿانور ڀٽي جو به ڀڙو آھي، ۽ اتي ئي اهو ڳوٺ جنهاڻ جوڻيجو آھي، جتي پوليس آفيسر مريد علي جي پٽ ۽ چاچي منٺار جي ڀائٽي عبدالقادر جوڻيجي جنم ورتو. پر نه هو پوليس وارو ٿيو، نه وڏيرڪي پڳ ٻڌائين. هن وڃي ماستري جي چونڊ ڪئي، پر هن من ئي من ۾ ٻن اهم عظيم ڳالهين کي لڪائي رکيو، هڪ عشق، ٻيو ادب! ھن جي صحبت جتي سندس شاگرد نياز پتافي کي شاعر بنائي ڏيهان ڏيھ مشھور ڪري ڇڏيو، اتي هن جي مستانين اکين مامي نجمه کي سندس ديوانو بنائي ڇڏيو. (مامي ان ڪري لکيم، جو عبدالقادر منهنجو ان نسبت سان مامون هو، جو منهنجي مامي جو پڳ مٽ يارهو) تن ڏينهن هو جهڏي ۽ ٽنڊي جان محمد جي وچ ۾ ڳوٺ ڪمال خان پتافي ۾ پرائمري استاد هو. پوءِ جو قسمت ڪرم ڪيس ته شادي ڪري اچي سنڌو ڪناري مادر علمي سنڌ يونيورسٽي ۾ خيما کوڙيائين، ۽ قلم هٿ ۾ جهلي هن سنڌي ادب اوتڻ شروع ڪيو، جنهن به هن جو ڪتاب ”لڙيو سج لڪن ۾“ ۽ ڪهاڻي ”هورو“ پڙھي هوندي، ان کي نج سنڌي ٻولي جي سونهن ضرور دل ۾ چڀي ۽ اکين ۾ کپي ويئي هوندي. پوءِ ھن پهرين ريڊيو حيدرآباد لاءِ ڊراما لکيا، سندس ڊرامو ”وانڪل جو گهيڙ“ ھڪ ادبي تاريخ بنجي ويو. مٺ تي سگريٽ جو ڪش ھڻي هو وري ڪا نئين سٽ سرجڻ جو سوچيندو هو. وري هن پي ٽي وي لاءِ ڊراما لکڻ شروع ڪيا ”راڻي جي ڪهاڻي“، جيڪو پوءِ اردو ۾ ”ديوارين“ جي عنوان سان ٽيليڪاسٽ ٿيو، جنهن ۾ ڪردار جي گهرج ڏسي عظيم اداڪار يعقوب ذڪريا پنهنجا سمورا ڏند ڀڃائي هيروئن ”سُکان“ جي پيءُ جو ڪردار ڪيو هو. وري ”دراڙين“ لکيائين، ”پرانده“ لکيائين، پوءِ الاءِ ڇا ڇا لکندو ويو. سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جو چيئرمين بنيو، سنڌ الاجي جو ڊائريڪٽر به رھيو. صدارتي ايوارڊ ماڻيائين. ڪاوش ۾ ڪالم لکيائين ته اتي به نج ٻولي ۽ وڏي ڄاڻ ڏنائين. پوءِ ڪن ٻين اخبارن ۾ به سنڌي ۽ انگريزي ڪالم لکندو رهيو. ٻولي توڙي قلم سان سدائين نڀايائين، راڄن ڀاڳن سان به مرڻي پرڻي ناتو ڪونه ڇنائين. مونکي اهو اعزاز حاصل آھي ته منهنجي هڪ ڪهاڻي ڪتاب ”اجهاميو ٻران“ جو مهاڳ ماما عبدالقادر لکيو، جيڪو ڪتاب سنڌي لئگئيج اٿارٽي ۽ ثقافت کاتي پاران سال جو بهترين ڪتاب ۽ ايوارڊ ماڻي آيو. آخري ملاقات ۾ ٻڌايو هئائين ته پاڻ ڪو انگريزي ناول پيو لکي، پر اڄ جڏهين سڄي سنڌ لاڪ ڊائون ۽ حراسيل آھي، تڏهين هن ڌرتي جي عظيم ليکڪ پنهنجون سدائين جاڳندڙ اکيون هميشه لاءِ پوري ڇڏيون. عبدالقادر جوڻيجو ڪھاڻي ۽ محبت جو درياءُ گذاري ويو حسن مجتبيٰ سنڌي ڪهاڻي ۽ اردو ٽيلي ڊرامي، ڪتابن جو پاڙهو، هڪڙي انگريزي ۽ سنڌي ناول جو ليکڪ، ملڪ جو سرموڙ ڪهاڻيڪار، يارن جو يار، ٻارن سان ٻار، عاشق زهر پياڪ، نصير ۽ گلشن جو بابو، ٿر جهڙي ملڪ ملير جو ڄائو عبدالقادر جوڻيجو مري ويو۔ هڪڙي دفعي ڪئين سال ٿيا مون هن کان پڇيو هو ته، “هو ڇا آهي؟” هن سموري مون واري مٿي ڇتن شاهه واري ڊيگهه پٽاڙ کي سندس مٺ ۾ چيچ سان جهليل سگريٽ مان سوٽو هڻندي چيو هو. “مان پاڻي ۽ مٽي مان ٺهيل ماڻهو آهيان ڇو ته منهنجو پيءُ جوڻيجو ۽ منهنجي ماءُ مهاڻي هئي.” ها، اهو ٿر جي ٿڌي واريءَ مان ٺهيل عبدالقادر جوڻيجو هي جهان رنگ و بوءِ ڪالهه ڇڏي ويو۔ “ميا ئي جياس، جو وڃي مڙهه ملير ڏي.” مون اڃا ڪجهه ڏيهاڙا اڳ ئي لکيو هو، عبدالقادر جوڻيجي جي خبر ناهي پر زندگي ۽ سياست ٻن ٿرين عبدالواحد آريسر ۽ ڄام ساقي کي ٺڳي ويئي۔ ٿر کان ٻاهر ٿر جو ماڻهو ايئن آهي جيئن ڀٽائي جي بيت ۾ ٿر ٻاٻيهو۔ پوءِ هو مارئي وانگر ڀل جان ڪيترن ئي قيد ڪڙن ۾ رهي يا پٽ پٽيهرن ۾۔ عبدالقادر جوڻيجو به ايئن هو۔ هڪ اٺائين وڳ جهڙو هينئون رکندڙ ماڻهو۔ بلڪل سندي ڪهاڻي “هورو” واري اٺ جهڙو سنڌ ۾، دنيا ۾۔ سندس اکرن ۾ “ڇوٽي سي دنيا ۾.” عبدالقادر جوڻيجو ٻڌائيندو هو ته هڪڙي ڀيري اسلام آباد ۾ ليکڪن جي ڪانفرنس ۾ انهي وقت جو وزير اعظم محمد خان جوڻيجو ليکڪن سان تعارف مهل سندس ڇاتيءَ تي لڳل بيج تي “جوڻيجو” ڏسي رڪجي ويو هو ۽ کانئس پڇيو هئائين ته ڪهڙن جوڻيجن مان ۽ ڪٿان کان آهين؟ هن جي ٻڌائڻ تي کانئس پنهنجي سادي انداز ۾ پڇيو هئائين، “هُتان کان هتي اسلام آباد تائين ڪيئن پهتين؟” عبدالقادر کيس چوڻ چاهيو هو، “بس جيئن اوهان پهتا.” عبدالقادر اهڙيون ڳالهيون يا دل ۾ پنهنجو پاڻ سان چوندو هو يا وري سندي ڪهاڻين ۽ ڊرامن ۾۔ پاڻ جوڻيجي سميت گهڻن ٽي وي ڏسندڙن جو خيال هو ته “ڇوٽي سي دنيا” يا “خانصاحب” جو مرڪزي ڪردار محمد خان جوڻيجو جو هو۔ سنڌڙيءَ جو جوڻيجو محمد خان گونگو پاڻي هو، جنهن نيٺ ضياءُ الحق جهڙي آمر کي به مرڻ کان اڳ ٻوڙيو هو۔ جڏهن هو ضياءَ هٿان اقتدار وڃائي ڳوٺ پهتو هو ته سنڌڙيءَ جي ماڻهن سندس واٽ تي بينر هنيا ها جن تي لکيل هو، “فاتح ضياءُالحق محمد خان جوڻيجو زنده باد.” پر آمر ضياءُالحق جي زماني ۾ پڻ جڏهن ايم آر ڊي واري تحريڪ به عروج تي هئي تڏهن شامن جو سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڄڻ ڪرفيو جهڙو ڏيک ڏسڻ ۾ ايندو هو (يا وري جيئن هاڻ لاڪ ڊائون) جڏهن عبدالقادر جوڻيجو جو پي ٽي وي تي تڏهن لکيل ڊرامو “راڻي جي ڪهاڻي” هلندو هو، جيڪو پوءِ اردو ۾ سندس “ديوارين” بڻيو۔ هن جو ٻيو ۽ سندس نروس بريڪ ڊائون وارو بلاڪ بسٽر ٽيلي ڊرامو “ڪاروان” هو. ڪاروان ۾ منصور علي جو هڪڙو ڪردار هو جيڪو هن اسان ٻنهي جي دوست پنهنجي زماني جي مشهور شاگرد اڳواڻ ۽ زاهد مخدوم بقول سندس زاهد مخدوم تي لکيو هو. ٿر جي ڳوٺ جنهاڻ ۾ پوليس صوبيدار خانصاحب مريد حسين جوڻيجي جي گهر جنم وٺندڙ عبدالقادر جوڻيجي جو گهڻو تڻو ننڍپڻ يا ته ڏاکڻين وچولي سنڌ جي ٿاڻن جي پوليس ڪوارٽرن جتي هو لاڪپن ۾ واڙيل قيدين سان سيخن اڳيان ڪچهريون ڪندو هو يا واري تصور پچائيندي گذريو جهن ۾ هن جون پنهنجون فينٽسيز هونديون هيون، جن ۾ هو ڪڏهن پنهنجو پاڻ کي چور، سپاهي، ته ڪڏهن ڌاڙيل ۽ صوبيدار سمجهندو هو۔ هڪ ڀيري هن مونکي ٻڌايو هو۔ باقي (هلندڙ) بس يار زنده نه رهيو پر صحبت باقي۔۔۔ عبدالقادر جوڻيجو ڀارومل امراڻي ٿريو آخر ٿريو هوندو آهي، پوِءِ ٿر جي ڀٽن تي ولر واريندڙ ڌنار هجي يا جڳ مشهور ليکڪ. هُو زمين آسمان سج چنڊ تارا، چارا، نديون، نالا سڀ ٿريو ٿي ڏسندو آهي، هن جي اندر ۾ صدين جي اڃ هوندي آهي. مينهن ۽ نينهن مان ڪڏهن هن جو ڍو نه ٿيندو آهي. عبدالقادر جوڻيجو ٿر جي طبعي ڀاڱي مهراڻي جي ڳوٺ جنهاڻ جوڻيجا ۾ جنم وٺندڙ ٿريو هو. هن ڏکن کان اتر تائين پوري سنڌ گهمي، ملڪ جي ٻين حصن ۾ به ويو، هن دنيا جي ملڪن ڏانهن به پنڌ ڪيو پر هنڌ کي ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ‘هورو’ پوندو هو. هوري جي اڻ تڻ ۾ ‘هورو ’ جهڙي شاهڪار لکي. هن جي من جي مايا روپي ندي هاڪڙو هوندي هئي. هاڪڙي جي لهرن هن جي لفظن ۾ نئون جنم ورتو هو. چون ٿا ته هاڪڙي جي ڪنارن تي ۳۰۰ شهر آباد هوندا هئا. هن جي ڪهاڻين، ڪالمن، ڊرامن، ناول، خاڪن ۽ ترجمي جي لکڻين جو ڪل تعداد ٽي سو آهي. منهنجون سان گهڻيون ملاقاتون ڪتابن ۽ ڪالمن ۾ ٿيون، هن جي ڊرامن جي ڊائلاگن ۾ ڪچهرين جو وڏو رس ورتو. پر ڪجهه ملاقاتون سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري ۾ هن جي چئرمين شپ دوران روبرو ٿيون. هُو دل گهرئي ماڻهو کي پريان کان ايندو ڏسي مرڪندو هو. هن هڪ ڀيري سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري ۾ ڪچهري ڪندي ٻڌايو ته دنيا ۾ رقص جا چاليهه نمونا آهن ڇٽيهه نموني جو رقص ٿر جو ماڻهو ڄاڻي ٿو. هن ڳاله ڪري دنگ ڪئي ته مون چيو بروبر سائين ‘ڇٽيهه نموني جو رقص اوهان جي مرڪ ۾ موجود آهي. پوءِ هن وڏا ٽهڪ ڏيئي مهراڻي جي ڀٽن، ڪونڀٽن ۽ ڄارين جي جڳهٽن تي ڳالهايو هو. هن دنيا جو ادب پڙهيو هو. هن پنهنجي پسند جون لکڻيون ترجمو ڪري سنڌي ادب جي پڙهندڙ تائين پهچايون هيون، پر هن جي طبعزاد لکڻين ۾ مقاميت حاوي هوندي هئي. ڳالهه ڪٿان جي ڪئين هجي پرهن جي تشبيهه جو رنگ چاچي رمضان جي ڳالهين تي اچي دنگ ڪندو هو. هُو تحقيق ۾ پيرا رامجي ڪولهي وانگر کڻندو هو. هن وٽ ٻيا به ڪيترائي ڪردار هئا. جن مان هن اتساهه وٺي پنهنجي لکڻي کي هن ڇٽيهه لکڻي بڻائي هئي. هن جو والد صاحب پولس جو صوبيدار هو. هن پوليس ۾ نوڪري ورتي. پر والد جي چوڻ تي ڇڏي ڏني. پوءِ ماستر ٿيو. هن جي ڪهاڻي پڙهي شيخ اياز سنڌالاجي ۾ نوڪري ڪرڻ جي لاءِ گهرايو. هُو شيخ اياز جي نياپي تي جنهاڻ مان سوا پرهه سج مٿي اچڻ تي نڪتو هو. هن جو جسم خاڪي مهراڻي جي مٽي ۾ ابدي آرام ڪرڻ جي لاءِ سوا پرهه سج مٿي اچڻ تي پهتو. هن کي اهي ڳوٺاڻا ماڻهو وڻندا هئا، جيڪي پٽ پاٿاري تي ڪانڀ ٻڌي ويهندا آهن. هن جي آخري سفر ۾ اڪثريت انهن ماڻهن جي هئي. عبدالقادر جوڻيجو مرتضيٰ سيال عبدالقادر جوڻيجو سنڌ جو يگانو ڪهاڻيڪار، ناٽڪ نويس، ڪالم نگار ۽ هڪ منفرد انسان هئو. ادب جي دنيا جو قداور نالو هئڻ جي باوجود وڏائي سندس پاسي کان به لنگهي نه سگهي، پنهنجي طبيعت ۾ نهٺائي رکندڙ اهڙو فقير ماڻهو هئو جنهن وٽ بادشاهيءَ جا گرُ هئڻ جي باوجود هو پنهنجي ڌُن ۾ مگن رهندڙ هڪ بنھ دلبر انسان هئو. ڊرامو هُجي، ڪهاڻي هُجي يا ڪو ڪالم هجي هر لکڻي ۾ هُن جو هڪ الڳ ڊڪشن ۽ انداز آهي. هن جي ڳالهين کان ويندي لکڻين تائين سندس مطالعي ۽ مشاهدي جي پختگي نظر ايندي، هُن جيترو لکيو اُن کان وڌيڪ پڙهيو ۽ پروڙيو. پنهنجي حياتيءَ ۾ هو پڙهڻ ۽ لکڻ کان ڪڏهن به نه ٿڪيو، سنڌ جو هي واحد ليکڪ هو جيڪو لڳاتار لکندو رهيو، پڙهڻ ۽ لکڻ سان هن جو ازلي عشق رهيو. عبدالقادر جوڻيجو پرائيڊ آف پرفارمنس ۽ ٻيا ڪيترا ئي ايوارڊ ماڻيا پر هُن پنهنجي ڪيريئر ۽ حياتيءَ ۾ ڪڏهن ايوارڊن ۽ انعامن کي خاطر ۾ نه آندو. هو پنهنجي زندگيءَ ۾ ته ڏاڍو لاپر واھ ماڻهو رهيو پر لکڻ ۽ پڙهڻ توڙي نون ۽ نوجوان ليکڪن کي همٿائڻ جي معاملي ۾ هن ڪڏهن به لاپرواهي نه ڪئي، جن ڏينهن ۾ سندس طبيعت ناساز رهي انهن ڏينهن ۾ به هن لکڻ پڙهڻ کي نه ڇڏيو. ٿر جي مٽيءَ مان ڳوهيل هن محبوب ماڻهوءَ جي لکڻين ۽ ڳالهين مان به ٿر جي واري جو چلڪو ۽ برسات کانپوءِ مٽيءَ جي مهڪ محسوس ٿيندي هئي. عبدالقادر جوڻيجو سان منهنجون تمام گهڻيون يادون وابسته آهن. 1989 ۾ جڏهن آئون سنڌ يونيورسٽي جي ماس ڪميونيڪيشن جو شاگرد هئس ان وقت کان ساڻس محبتن وارو رشتو جڙيو، اُن زماني ۾ عبدالقادر سنڌ الاجي جو ڊائريڪٽر هئو، آئون ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ کان پوءِ عبرت مئگزين ۾ ڪم ڪندو هئس، عبدالقادر پنهنجي آفيس جون ذميواريون نڀائڻ کان پوءِ اڪثر ڪري گلستانِ سجاد ۾ منهنجي آفيس ايندو هئو، جتان اسان شهر روانا ٿيندا هئاسين پوءِ ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي دوستن، فنڪارن ۽ اديبن جو ميلو مچندو هئو، اهڙي طرح ڪچهرين جو نه کٽندڙ سلسلو هوندو هئو، عبرت مئگزين فائينل ڪرڻ وارن ڏينهن ۾ آئون نه نڪري سگهندو هوس ته عبدالقادر اسان جي انچارج مرحوم غفور ڪريمي سان ڪچهري ۾ ويهي رهندو هو، اهڙي طرح هو جتي به ويهندو هئو اتي محفل ۾ ڪچهريءَ جو مرڪزي ڪردار هوندو هو. هو اسان جهڙن سيکڙاٽ ۽ نون ليکڪن سان گڏ ويهي اسان کي نه رڳو اُتساھ بخشيندو هئو پر اسان سان گڏ ويهي وڏا وڏا ٽهڪ به ڏيندو هئو. هو مون کان نه رڳو عمر ۾ پر هر حوالي سان وڏو هئو پر پنهنجي سڀاءُ ۽ پيار سان محسوس ائين ڪرائيندو هو ڄڻ اسان هڪجيترا يار آهيون، مون هن کي هميشه يار جي نالي سان ئي ياد ڪيو آهي. اڄ يادگيرين جو نه کُٽندڙ سلسلو ڇڏي يار وڃي جنهاڻ جوڻيجو جي مٽيءَ ۾ آرامي ٿيو آهي. پر هو اسان جي دلين ۾، ذهنن ۾ پنهنجن لکڻين ۾ سدائين زنده رهندو. عبدالقادر جوڻيجو سنڌ کي ٿر جي اکين سان ڏسندڙ! حسن پٺاڻ سنڌ جو برک ڊرامانگار، ڪهاڻيڪار ۽ ڪالم نگار عبدالقادر جوڻيجو، سنڌ جي اهڙن قلمڪارن جي صف ۾ پهرين نمبر تي آهي جن پنهنجي ڌات ۽ قلمي پورهئي سان پنهنجي زندگيءَ ۾ هڪ اعلى مقام حاصل ڪيو. سندس جنم پهرين نومبر ۱۹۴۵ع تي ٿر جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ ٿيو. جتي هُن زندگيءَ جي شروعات سال گذاريا ۽ پنهنجي شروعاتي تعليم مڪمل ڪئي، سندس تعليم بي اي، بي ايڊ ۽ ايم اي سوشيالاجي هئي. پر هُن پنهنجي زندگي پنهنجي حاصل ڪيل تعليم جي ابتڙ ادبي حيثيت ۾ گذاري ۽ ان ۾ ئي نالو پيدا ڪيو. سندس سڃاڻپ ڪالم نگار کان وڌيڪ ڪهاڻيڪار ۽ ڊرامانگار واري رهي. هن ڊارمه نويسيءَ ۾ شروعات ريڊيو ناٽڪن کان ڪئي ۽ بعد ۾ ٽي وي ڊرامن طرف وريو. سندس ڊراما ريڊيو سان گڏ ٽي وي تي مقبول ٿيندا ويا پر اڳتي هلي ٽي وي تي پيش ٿيندڙ سندس ڊرما مقبوليت جي انتها تي پهچي وئي جنهن ڪري سندس سڄي دنيا ۾ هڪ ڪامياب ڊرامه نگار جي حيثيت ۾ مڃتا ٿي. سندس ڊرامن ۾ پيش ڪيل ڪردارن کي ماڻهو اڄ تائين وساري نه سگهيا آهن. عبدالقادر جوڻيجي ريڊيو تي ۲۲ کان وڌيڪ سنڌي ۽ ۲ اردو ڊراما لکيا. هن ٽي وي تي جيڪي به ڊراما لکيا انهن نه صرف سندس لاءِ مقبوليت جا در کولي ڇڏيا پر انهن ڊرامن جي ڪري کيس مڃتا طور تي ڪيترائي ايوارڊ پڻ مليا ۽ انهن ڊرامن ۾ جن به ڪردارن کي هُن پيش ڪيو اهي ڪردار اهڙا ته انمول هيا جو عوام جي دلين ۾گهر ڪري ويهي رهيا ۽ ماڻهو عام زندگيءَ ۾ انهن ڪردارن جو ذڪر ڪرڻ لڳا. هُن ٽي وي تي ۱۶ سنڌي ڊراما ۽ ۷ سنڌي ڊراما سيريل لکيون آهن، هن اردو ۾ ۶ ڊراما ۽ ۱۵ ڊراما سيريل لکيون آهن. سندس يادگار ڊرامن ۾ راڻيءَ جي ڪهاڻي ۽ اردو ۾ ترجمو ڪيل (ديوارين)، ڪاروان، ڇوٽي سي دنيا، سيڙهيان، دک سک، ٿوڙي خوشي ٿوڙا غم ۽ پرانده شامل آهن جيڪي تمام گهڻو مقبول ٿيا. عبدالقادر جوڻيجو اهڙو ليکڪ هو جنهن وٽ ڪنهن شاهڪار، مصور جيان لفظن جا پڪا رنگ هُئا، هُو پنهنجي ليک جي ڪينواس تي اهڙا نقش ڇٽي ڇڏيندو هو جيڪي پڙهندڙ توڙي ڊراما ڏسندڙ جي ذهن ۾ پيا ڦرندا هُئا. سندس ڊراما نه صرف پاڪستان پر ٻاهرين ملڪن ۾ پڻ ٽيليڪاسٽ ٿيا. ڊراما سيريل ڇوٽي سي دنيا تي مشهور جرمن اينٿروپولاجسٽ ڊاڪٽر هيلني باسو جرمن ٻوليءَ ۾ برلن جي فري يونيورسٽيءَ ۾ ٿيسسز لکي. ڊراما سيريل ديوارين بي بي سي جي چينل ۴ تي انگريزي سب ٽائٽل سان گڏ نشر ڪيو ويو. ڊراما سيريل سيڙهيان آمريڪا ۽ ڪئناڊا سميت ۱۳ ملڪن ۾ ٽيليڪاسٽ ٿيو. ڊراما سيريل پرانده پاڪستان سان گڏ ڪئناڊا ۾ پڻ ٽيليڪسٽ ٿيو. عبدالقادر جوڻيجو صاحب جيڪي ڪتاب لکيا انهن ۾ هيٺيان ڪتاب شامل آهن:واٽون راتيون ۽ رول (ڪهاڻيون) ۱۹۶، شڪليون (سنڌي ليکڪن جا خاڪا) ۱۹۷۹، ويندڙ وهي لهندڙ سج (ڪهاڻيون) ۱۹۸۴، وڏا اديب وڏيون ڳالهيون (ترجمو) ۱۹۸۴، سونو روپو سج (ڪهاڻيون) ۱۹۸۶ ايوريسٽ تي چڙهائي (ترجمو) ۱۹۸۷، ڪُرسي (ڪالم) ۱۹۹۸، ڇو، ڇا ۽ ڪيئن (ترجمو) ۱۹۹۹، خط ٻن اديبن جا (خط) ۱۹۹۹، در در جا مسافر (ثقافتي اخلاقيات) ۲۰۰۱، وڻ وڻ جي ڪاٺي (ترجمو) ۲۰۰۲، ڇا لکان (ڪالم) ۲۰۰۷ع عبدالقادر جوڻيجو سنڌ جي انهن ليکڪن مان هو جن جا ڪالم سڀ کان وڌيڪ پڙهيا ويا. تمام ڊگها ڪالم لکندڙ عبدالقادر جوڻيجي جو لکڻ جو انداز اهڙو ته ڀلو ۽ تجسس وارو هوندو هو جو پڙهندڙ ڪالم کي پورو ڪري ساهه پٽيندو هو. سندس ڪالم مختف اخبارن ۾ سياسي، سماجي ۽ حالات حاضره تي ڇپجندا رهيا، جن ۾ ڄاڻ سان گڏ تحقيق ۽ صحتمند تنقيد جو پهلو به شامل هوندو هو. سندس ڪم جي مڃتا عيوض کيس ڪيترا ئي ايوارڊ مليا جن مان ڪجهه خاص هيٺ ڏجن ٿا:حسن ڪارڪردگي صدارتي ايوارڊ – ۱۹۸۹، حسن ڪارڪردگي صدارتي ايوارڊ – ۲۰۰۷، ساليانو بهترين ليکڪ جو پي ٽي وي ايوارڊ – ۱۹۸۳ (ديوارين) سيريل، ساليانو بهترين ليکڪ جو پي ٽي وي ايوارڊ – ۱۹۸۵ (ڪاروان) سيريل، پي ٽي وي سلور جوبلي ايوارڊ – ۱۹۸۹، ڏهاڪي جو بهترين ايوارڊ ۱۹۸۸ کان ۱۹۹۸ (ڄار) سيريل، ريڊيو پاڪستان گولڊن جوبلي ايوارڊ – ۱۹۹۹سنڌ جو هي ناليوارو ليکڪ هاڻ اسان ۾ نه رهيو آهي پر سندس لکڻيون سدائين اسان کي سندس ياد ڏيارينديو رهنديون. عبدالقادر جوڻيجو مينهن وساڙي جهڙي ماڻهوءَ جي موڪلاڻي علي نواز آريسر سنڌ اڄ هڪ ذهين انسان کان محروم ٿي وئي. اهڙو ذهين، جنهن ٿر ۾ جنم ورتو، پر سڄي دنيا ۾ پاڻ مڃايو. هن ڪهاڻيون لکيون، ڊراما لکيا، ترجما ڪيا، يادگيريون لکيون، اخبارن لاءِ ڪالم لکيا ۽ بي پناه عشق ڪيا ۽ پاڻ هر ڪم ۾ ڪامياب رهيو. عبدالقادر جوڻيجي، ٿر جي واريءَ جي ڀٽن جي وچ ۾، هڪ ننڍڙي ڳوٺ جنهاڻ، تعلقي مٺيءَ، ضلعي ٿرپارڪر ۾ مريد حسين جوڻيجي جي گهر ۾، پهرين نومبر ۱۹۴۵ع تي اک کولي. ٿر جي واريءَ ۾ بانبڙا پائيندي، واريءَ جا گهر ٺاهيندي، چڙن جي چُونگار کي هينئين سان هنڊائي وڏو ٿيو. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان پاس ڪري، سيڪنڊري تعليم نوابشاهه ضلعي جي مختلف شهرن، ۽ هاءِ اسڪول ڏيپلي مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. سندس والد پوليس آفيسر هو. ۱۹۶۲ع ۾ کيس پوليس کاتي ۾ اي ايس آءِ طور چونڊيو ويو، پر والد جي زور ڀرڻ تي پرائمري ماستر ٿيو ۽ مختلف ڳوٺن ۾ پڙهائڻ لڳو. ڪيترا ئي ڪلوميٽر پنڌ ڪري پڙهائڻ ويندو هو ۽ رستي جي سفر ۾ واريءَ جي ڀٽن، ڏهرن ۾ چرندڙ ڍڳين ۽ ٻڪرين، رڍن سان ڪچهريون ڪندي اسڪول پهچندو هو، ته سندس ذهن ۾ افسانو جڙي پوندو هو. ائين هن افسانا، ڪهاڻيون لکندي سنڌ جي ڏاهي، محمد ابراهيم جويي سان خط و ڪتابت شروع ڪئي، ۽ پنهنجا افسانا جويي صاحب کي موڪليندو رهيو؛ ۽ جويو صاحب سندس رهنمائي ڪندي، اُهي افسانا مهراڻ ۽ ٻين رسالن ۾ ڇپائيندو ۽ کيس خط لکي همت افزائي ڪندو رهيو. ايئن هن افسانا ۽ ڪهاڻيون لکندي بي اي، بي ايڊ ۽ ايم اي سوشيالاجيءَ جون ڊگريون ۱۹۷۷ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪيون. ۱۹۷۶ع تائين پڙهائڻ جو ڪم جاري رکيائين ۽ ان دوران نواب حيدر علي لغاري ۽ شوڪت حسين شوري سان خط و ڪتابت به هلندي رهي. اڳتي هلي پاڻ سنڌالاجيءَ ۾ پبليڪيشن آفيسر طور مقرر ٿيو. ڄامشوري جي افسانوي سرزمين سندس اندر ۾ سُتل ڪهاڻيڪار کي جهنجهوڙي جاڳايو ۽ ڏات جي ديوي مٿس مهربان ٿي، ۽ جوڻيجو صاحب لکڻ کي عبادت سمجهي پابنديءَ سان فرض ادا ڪندو رهيو. جوڻيجي صاحب جو سنڌ يونيورسٽيءَ وارو دور هڪ شاندار دور چئي سگھجي ٿو، ڇو ته هتي هن جو گھڻو وقت سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز ۽ ڀلوڙ نثرنويس غلام رباني آگري سان گذريو ۽ سنڌي ادب جي هن ٽه-مورتيءَ، سنڌ کان علاوه پوري دنيا جي ادب تي طويل بحث ڪيا، راتين جون رولاڪيون به سندن حصي ۾ آيون ته خوبصورت نيڻن جا اسير به بڻيا. عبدالقادر جوڻيجو سنڌالاجيءَ ۾ پبليڪيشن آفيسر، ايڊيشنل ڊائريڪٽر ۽ پوءِ ڊائريڪٽر ٿيو، جتي ۲۰۰۵ع تائين فرض نڀايائين؛ ۽ ۲۰۰۵ع ۾ ئي سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جو چيئرمئن مقرر ڪيو ويو، جتي پڻ پنهنجو وقت خوبصورت نموني ۽ خوش اسلوبيءَ سان گذاريائين. منهنجي ساڻس ملاقات سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ ٿي. ٿيو هيئن جو هڪڙي ڀيري آريسر صاحب ماٺيڻي اوٺي جي ورسيءَ جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ اٿارٽي ويو هو، جتي ڪچهريءَ دوران منهنجي نوڪريءَ جو چيو هئائين؛ جنهن تي جوڻيجي صاحب چيو ته کيس صبح جو موڪلي ڏي. پوءِ ٻن مهينن کانپوءِ آئون حيدرآباد آيس، ۽ ڌڻي بخش سولنگي ۽ شهيد روپلي چولياڻيءَ سان گڏجي ملڻ ويس؛ پهرين ته ڪيترا ئي انومان ذهن ۾ ايندا رهيا ته هو هيڏو وڏو ماڻهو ملندو الائي نه؟ ڪهڙي موٽ ڏيندو، ايئن سوچن جي ساگر ۾ ٻڏندي ترندي جوڻيجي صاحب جي آفيس تائين پهتاسين، بنا ڪنهن پڇا ڳاڇا ۽ اطلاع جي اندر داخل ٿياسين، ته پاڻ اُٿي بيهي مليو ۽ اسان کي ويهڻ جو چيائين؛ ۽ يڪدم گھنٽي وڄائي پٽيوالي کي چانهه جو چيائين. پاڻ حال احوال ورتائين. جڏهن ٻڌايومانس ته ”سائين آريسر صاحب موڪليو آهي، نوڪريءَ جي لاءِ آيو آهيان“ ته پاڻ چيائين؛ پُٽ اِداري جي بجيٽ تمام ٿوري آهي، ۳۰۰۰ روپيا پگهار تي ڪانٽريڪٽ تي آئون تو کي ملازمت تي رکي سگهان ٿو. مون چيو؛ سائين مون کي منظور آهي، ته چيائين؛ ڏهن ڏينهن کانپوءِ فون ڪجانءِ. ايئن پنهنجو موبائيل نمبر پني تي لکي ڏنائين ۽ مون کان به نمبر لکائي ورتائين. مون وٽ ان وقت موبائل ڪو نه هو، سو گهر جو نمبر لکي ڏنم. ايئن ان ڏينهن اسان ۲ ڪلاڪ مسلسل ڪچهري ڪئي. مون کي هيءُ ماڻهو انتهائي پيارو، نفيس ۽ محبتن جو وهندڙ درياھ محسوس ٿيو. سندس محبت ڀريون ڳالهيون ٻڌندا رهياسين، ٻن ڪلاڪن کانپوءِ موڪلايوسين. اهڙيءَ ريت مون کي هفتو کن حيدرآباد ۾ لڳي ويو، ڇو ته قسمت سان اچڻ ٿيندو هو، ان ڪري يارن دوستن مان نڪرڻ به ڏکيو هو؛ هفتي کانپوءِ گهر پهتس ته گهروارن ٻڌايو؛ عبدالقادر ۵ ڀيرا فون ڪري چڪو آهي! مون فوري طور فون ڪئي مانس، ته پيار مان چيائين بابا ڪٿي آهين؟ ڪيتريون فونون ڪيون اٿمائين! چيو مانس سائين حيدرآباد ۾ ئي هئس، اڄ ئي واپس پهتو آهيان، ته چيائين صبح جو ئي اچ ۽ نوڪري جوائن ڪر! ايئن ٻئي ڏينهن اٿارٽي پهچي نوڪري جوائن ڪيم. ڪم کي لڳي ويس. ڪافي ٽائيم گذري ويو، ساڻس ملڻ لاءِ به نه ويس. هڪ ڀيري آريسر صاحب ملڻ آيو ته شڪايت ڏنائين، ته مون وارو ڀائٽيو ملڻ به ناهي ايندو! آريسر صاحب مون کي دڙڪو ڏيندي چيو ته جوڻيجو صاحب شڪايت پيو ڪري. چيومانس؛ سائين! جوڻيجو صاحب چوندو ته آئون روزانو گهر وڃي ڪچهري ڪري ايندس، باقي هتي آفيس ۾ ملندس ته چاپلوسيءَ جو ٺپو لڳندو. واقعي ڪنهن آفيسر سان ويجهو رهڻ به وڏي ۾ وڏو عذاب آهي. هڪ سال تائين ڪچي ملازمت ۾ ڪم ڪيم. هڪ سال کانپوءِ پاڻ مون کي جونيئر ڪلارڪ طور ريگيولر ڪيائين، ۽ ان ڏينهن چيائين ته واعدو ڪر، ته هن آفيس ۾ پنهنجي محنتن سان اڳتي وڌندين ۽ سٺي عهدي تي پهچندين. ۲۰۰۸ع ۾ پاڻ اٿارٽيءَ مان هليو ويو، سچي ڳالهه اِها آهي ته هيءُ ماڻهو مون کي ڪامورو بلڪل نه لڳو؛ انتهائي پيار ڪندڙ انسان لڳو. ۲۰۰۹ع ۾ مون جڏهن آريسر صاحب جو ڪتاب ”زندگي، آزادي ۽ محبت“ پئي ڇپايم ته جوڻيجي صاحب کان مهاڳ لکرائڻ لاءِ ويس، دروازي تي پهچي اطلاع ڏنم ته پاڻ نڪري آيو ۽ وٺي وڃي ڊرائينگ روم ۾ ويهاريائين ۽ دڙڪو ڏيندي چيائين، تون ڌاريو آهين جو دروازي تي بيهي رهين؟ سچ ته آئون پنهنجي لاءِ اهو اعزاز ٿو سمجهان جو هُن مونکي ايترو پنهنجو سمجھيو، ڇو ته اسان جي هن سماج مان ڏينهون ڏينهن پنهنجائپ جو تصور ئي ختم ٿيندو وڃي. ڪافي ٽائيم ڪچهري ڪئي سين، چانهه وغيره جو دؤر به هليو. مون جڏهن ڪتاب جو مهاڳ لکڻ لاءِ چيو ته پاڻ مون کي چيائين ته بابا آريسر صاحب کي ڪهڙي ضرورت آهي، ڪتاب جي مهاڳ لکرائڻ جي! توهان دنيا جي وڏن ليکڪن جا ڪتاب پڙهو، اهي پنهنجي ڪتابن جا مهاڳ پاڻ لکندا آهن؛ پر پوءِ به مون کي خوشي آهي ته آريسر صاحب جي ڪتاب جي مهاڳ لاءِ منهنجي چونڊ ڪئي وئي آهي؛ آئون ضرور لکندس. پوءِ هفتي اندر شاندار مهاڳ لکي ڏنائين. ان ڪتاب جو انتساب به آريسر صاحب عبدالقادر جي نالي ڪيو آهي. جوڻيجو صاحب آريسر صاحب کي تمام گهڻو ڀائيندو هو. جوڻيجي صاحب جون علمي، ادبي خدمتون به تاريخ جي سُنهري ورقن ۾ لکڻ جھڙيون آهن. سندس ڪهاڻين، افسانن، خاڪن ۽ ترجمي جا ۱۳ کن ڪتاب ڇپيل آهن، جنهن جو وچور هن ريت آهي: واٽون راتيون رول (ڪهاڻيون: ۱۹۷۳ع) شڪليون (سنڌ جي شخصيتن تي خاڪا: ۱۹۷۹ع) ويندڙ وهي لهندڙ سج (ڪهاڻيون: ۱۹۸۴ع) وڏا اديب وڏيون ڳالهيون (ترجمو: ۱۹۸۶ع) ايوريسٽ تي چڙهائي (ترجمو: ۱۹۸۷ع) ڪرسي (ادب، تعليم، ميڊيا ۽ ثقافتي ائنٿراپالاجيءَ بابت مضمون: ۱۹۹۸ع) ڇو ڇا ۽ ڪيئن (ترجمو: ۱۹۹۹ع) خط ٻن اديبن جا (محمد ابراهيم جويي ۽ عبدالقادر جوڻيجي جا خط: ۱۹۹۹ع) دَرَ در جا مسافر (ڪلچرل ائنٿراپالاجي: ۲۰۰۱ع) وڻ وڻ جي ڪاٺي (۲۰۰۲ع) ڇا لکان؟ (تاريخي، سماجي، سياسي ۽ ادبي مضمون: ۲۰۰۷ع) ايئن ڀلا ڪيئن هوندو؟ (۲۰۱۰ع). ادب اندر ۾ ويٺل جن ۽ ڀوت (۲۰۱۴ع) عبدالقادر جوڻيجي جا هي سمورا ڪتاب انتهائي اهم ۽ ڄاڻ جو خزانو آهن. ان کان سواءِ پاڻ ٿر جي ريگستان تي انگريزيءَ ۾ هڪ ناول به لکيائين. جوڻيجي صاحب لکڻ جي شروعات افساني کان ڪئي، پر پوءِ اڳتي هلي ڪهاڻي ۽ ڊرامي جي صورت ۾ ادب تي ڇائنجڻ لڳو. سندس پهرين ڪهاڻي مُٺ مُٺ سُور آهي، جيڪا ۱۹۶۳ع ۾ مشهور ادبي رسالي روح رهاڻ ۾ ڇپي. کيس نه صرف سنڌ، پاڪستان ۾ پر ڀارت، نيپال، ايران ۽ جرمنيءَ ۾ اردو ڊرامي نگاريءَ جي حوالي سان عالمي مڃتا ملي. پاڻ ريڊيي لاءِ به ڪيترائي ناٽڪ لکيائين. سندس پهريون ناٽڪ ۱۹۷۰ع ڌاري ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي نشر ٿيو. اهڙي ريت سندس ٽيهن کان وڌيڪ ريڊيو ناٽڪ نشر ٿيا، جن کي تمام گهڻي موٽ ملي. ۱۹۷۶ع ۾ سندس پهريون ٽي وي ناٽڪ ”تلاش“ پي ٽي وي ڪراچيءَ تان ٽيليڪاسٽ ٿيو. ان بعد سندس ۱۶ کان وڌيڪ سنڌي ۽ ۱۶ اُردو سولو پلي ۽ سيريل ٽيليڪاسٽ ٿيا. اردوءَ ۾ سندس ۱۳ ڊراما پي ٽي وي ۽ ٻين چئنلن تي رليز ٿيا، جن ۾ ڪاروان، ڇوٽي سي دنيا، سيڙهيان، دُک سُک، پرانده ۽ ڌول عالمي شهرت ۽ مڃتا ماڻي. سندس ٽي وي سيريل ڇوٽي سي دنيا تي مشهور جرمن انٿراپالاجسٽ، ڊاڪٽر هيلن باسو (DR. Hellene Basu) فري يونيورسٽي برلن ۾ ٿيسز لکي چُڪي آهي، جنهن جو اختصار انگريزيءَ ۾ به ترجمو ٿي چُڪو آهي. سندس سنڌي ڊرامي ”راڻي جي ڪهاڻي“ سنڌ ۾ تمام گهڻي مقبوليت ماڻي ۽ ٻهراڙين ۾ اڄ به ماڻهو انهي سيريل جي واکاڻ ڪندي ڍاپن ئي ڪو نه ٿا؛ ۽ ساڳي سيريل اردوءَ ۾ ”ديوارين“ جي نالي سان ٽيليڪاسٽ ٿي ۽ اردو ڊرامي نگاريءَ تي پنهنجي ڇاپ ڇڏيائين. ان بعد (B.B.C) چئنل- ۴ تان انگريزيءَ ترجمي سان ٽيليڪاسٽ ٿي. هيءَ ڏکڻ ايشيا جي پهرين سيريل هئي، جيڪا (B.B.C) تان ٽيليڪاسٽ ٿي هئي. ان کان علاوه سندس ڊرامي ”سيڙهيان“ آمريڪا ۽ ڪئناڊا سميت ٻين ملڪن ۾ به مڃتا ماڻي. اهڙيءَ طرح ٽي وي ڊرامو ”پرانده“ پڻ ڪئناڊا ۽ يونائيٽيڊ عرب امارات (U.A.E) ۾ به ٽيليڪاسٽ ٿيو. کيس نه رڳو سڄي سنڌ نالي سان سڃاڻي، پر دنيا جي ٻين به ڪيترن ملڪن ۾ سندس نالو ڪنهن کان ڳُجهو ڪونهي. کيس مڃتا طور ڪيترائي ايوارڊ مليا، جن ۾ ۱۹۸۹ع ۾ پهريون صدارتي ايوارڊ ۽ ۲۰۰۸ع ۾ ٻيو صدارتي ايوارڊ مليو. قسطوار ڊرامي ڪاروان تي بهترين ليکڪ جو ساليانو پي ٽي وي ايوارڊ، ۱۹۸۹ع ۾ پي ٽي وي سلور جوبلي ايوارڊ، ۱۹۸۸ع کان ۱۹۹۸ع واري ڏهاڪي جو ايوارڊ ۽ ريڊيو پاڪستان جو ۱۹۹۹ع جو گولڊن جوبلي ايوارڊ (قومي) ملي چُڪا. پر آئون سمجهان ٿو اهي اوارڊ عبدالقادر جوڻيجي لاءِ اعزاز ناهن، بلڪه انهن ادارن ۽ انهن اوارڊن لاءِ اهو اعزاز آهي، جو اُهي عبدالقادر جوڻيجي جي نالي منسوب ٿيا آهن، ڇو ته ڪي ڪي شخصيتون اوارڊن ۽ اعزازن کان مٿانهيون ۽ مانائتيون هونديون آهن، ۽ عبدالقادر جوڻيجي جو شمار اهڙين شخصيتن ۾ ٿئي ٿو. عبدالقادر جوڻيجي ٽي وي ڊراما نگار جي حيثيت ۾ ٻه ڀيرا چين جو مطالعاتي ۽ ثقافتي دورو به ڪيو. سندس سڄي زندگي لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ گذري آهي، پاڻ ادب، ثقافت، تعليم، آرڪيالاجي ۽ صحافت وغيره سان لاڳاپيل ۱۸ کان وڌيڪ ادارن جي مختلف ڪميٽين جو ميمبر به رهيو. ان کان علاوه پاڻ مختلف ادارن جو سربراهه به بڻيو، پر پوءِ به هيءُ فقير صفت انسان فقيراڻي طبيعت جو مالڪ رهيو، پاڻ وڏو ماڻهو ته ٿي ويو، پر وڏ ماڻهپو نه ڪري سگھيو؛ ۽ نه ڪامورو ٿي سگهيو. هيءُ بس يارن جو يار رهيو، اهو ئي سبب هو، جو پاڻ ڪنهن سياسي ۽ ادبي تنظيم جو حصو نه بڻيو. هيڏو وڏو عالمي شهرت رکندڙ اديب هئڻ جي باوجود، ادبي سنگت جي لهه وچُڙ ۾ نه آيو، ڇو ته هي سماجي روايتن جو امين هو، ڪنهن به سياسي ادبي تنظيم جو حصو بڻجي، هن پنهنجي پاڻ کي وڃائڻ کان بچائيندي رشتن جو ڀرم رکيو هو. هي مينهن وساڙي جھڙو پيارو ۽ نفيس انسان سٺا ڪپڙا پائڻ جو شوقين، سٺي پرفيوم استعمال ڪندو ته هر شئي نهايت ئي عمدي قسم جي هوندي هئي. اڪثر ڪري ايراني ليٽر پيڊ ۽ شيفر پين سان لکندو هو، سندس اکر ڪنهن ڪاتب جي اکرن کان به سٺا هوندا هئا. مُٺ تي سگريٽ پيئندو هو ۽ سگريٽ جو ڪش هڻي دونهون هوا ۾ اُڏاري ڳالهائڻ شروع ڪندو هو سڄي دنيا جو ادب پلٽائي ڇڏيندو هو. پاڻ جيتوڻيڪ اڄ اسان جي وچ ۾ ناهي رهيو، پر هو سنڌ سميت سڄي دنيا جي لکين دلين ۾ هميشه زنده رهندو. لاڪ ڊائون جي اداس گھڙين ۾ اڄ ھن جي ان جڳ کي الوداع ڪرڻ جي ڏکوئيندڙ خبر ملي جنھن جڳ کي برصغير جي عظيم شاعر شيخ اياز سپني سان ڀيٽ ڏني ھئي. گھڙي پل لاءِ ايئن لڳو ته اسان ڪورونا جي زد ۾ آيل دنيا ۾ نه پر نارمل دنيا ۾ رھي رھيا آھيون ۽ اھا نارمل دنيا اھا ھوندي آھي جيڪا سڀ کان وڌيڪ ايبنارمل ڪري ڇڏيندڙ خبر ان خبر کي سمجھندي آھي جيڪا ڪنھن وڏي ڏاھي ماڻھو جي دکدائڪ موت جي خبر ھوندي آھي. جڏھن ڪا به نارمل دنيا اھڙي خبر ٻڌندي آھي ته پوءِ اھا دنيا رڳو ان سانحي واري خبر جي نتيجي ۾ جيڪا المناڪ ڪيفيت جنم وٺندي آھي تنھن ۾ پاڻ کي رولي ڇڏيندي آھي،پر شايد اڄ ڪورونا جي وبا ۾ وچڙيل ۽ بک کان پاھ ٿيل سنڌ وٽ سندس وڇوڙي جي هن عظيم ڏک کي محسوس ڪرڻ جو موقعو نه ھجي، پر اھا حقيقت آھي ته سنڌ جو اھو ڍوليو جنھن جو نالو عبدالقادر جوڻيجو ھيو سو ڏئون ڏئي اڻ ڏٺل ڍٽ ڏانھن قراري ھليو ويو آ. خبرناھي اھو ڏينھن ڪھڙو ھو جڏھن ھن ٿر جي محبوب مٽيءَ جي پڌر تي پنھنجون اکيون کوليون ھيون، پر تاريخ ۱۳ سيپٽمبر ھئي ۽ ۱۹۴۵ع جو سال ھيو. ضلعي ٿرپارڪر جي شھر نئون ڪوٽ تعلقي مٺيءَ جي جوڻيجن جي ڳوٺ جنھاڻ جي نصيب ۾ اھا ڳالهه لکجي وئي ھئي ته اھو جيڪو ڇوڪرو ڄائو ھو سو اڳتي ھلي سندن ڳوٺ جا ته ڇا پر پنھنجي ديس جي سڃاڻپ جا نصيب لکندو. چون ٿا ته عبداقادر جوڻيجي جو والد مريد حسين جوڻيجو پوليس عملدار ھو. الاءِ ڇو حيرانگي ٿئي ٿي ته سنڌ ۾ پوليس عملدارن جا پٽ اڪثر ڪري آرٽ جي ويجھو ڪو نه ايندا آھن حسن جوڻيجي جي پٽ ان روايت کي مٽائي ڇڏيو. علم جا ابتدائي اکر عبدالقادر پنھنجي ڳوٺ جنهاڻ ۾ پرائڻ کان پوءِ عاشقن جي شھر ڄامشوري ڏانھن رخ رکيو جتي ھن مادر علمي ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ عمرانيات Sociology ۾ ماسٽرس ڪئي. زندگي کي خبر ناھي ته ھن ڊرامي جي اک سان ڪڏھن ڏٺو پر ٿوري وقت ۾ ريڊيو لاءِ ۲۲ ڊراما ۽ ۱۱ ڊراما پاڪستان ٽيلي وزن لاءِ لکي جڳ جھان کي حيران ڪري ڇڏيو. عبدالقادر جي ڪتابن پڙھڻ سان سان اھڙي محبت ھئي جھڙي ٽين ايجز ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ھڪ ٻئي سان ڪندا آھن. انڪري ھن ڪيترائي ڪتاب پڻ لکيا. سندس لکيل ڊراما جڏھن نشر ٿيا ته انھن جي گونج ملڪ جي سرحدن کي لتاڙيندي وڃي ھن پار پڳي. اڄ به اھي ڊراما ماڻھن جي دماغن مان گھڙي پل لاءِ به نڪتا ناھن. سندس ادبي ڌاڪ جڏھن قائم ٿي ته سندس خدمتن جي عيوض حڪومت پاڪستان نه چاھيندي به ۲۰۰۸ع ڌاري ھن کي اھم سرڪاري اعزاز پرائيڊآف پرفارمنس سان پڻ نوازيو.. اھو عبدالقادر جوڻيجو اڄ اسان کي الوداع ڪري ھليو ويو.. سندس تعزيت سنڌ سان گڏ جتي مان مٺي، نئون ڪوٽ ۽ جنھاڻ سان ڪرڻ چاھيان ٿو، اتي روحي بانوءَ جي تربت سان به ڪرڻ چاھيان ٿو.! ڇو ته روحي بانو جو سنڌ جي ھن شھزادي ۾ ساھ ھو.!! استاد الوداع .. One More Session but you are gone!!!! عبدالقادر جوڻيجو ايش ٽري، سگريٽ جو ڦلو ۽ جوڻيجو سڪندر ھليو سڄي دنيا جيان ڪورونا جي قهر کان بچڻ لاءِ پاڻ وٽ به لڳايل لاڪ ڊائون جي بوريت کان بچڻ جو شايد واحد وسيلو سوشل ميڊيا ئي وڃي بچيو آهي. ان ڏينھن شام دير سان فون جي اسڪرين اسڪرول ڪندي پياري منظور ميراڻيءَ جي جڏهن اها پوسٽ فيس بوڪ تي نظر آئي ته ”اسان جو پيارو عبدالقادر جوڻيجو به هيءُ جهان ڇڏي ويو“، تنهن کانپوءِ ڪافي دير تائين جوڻيجي صاحب بابت سوچيندو رهيس ۽ سندس ڪيترائي عڪس ۽ لفظ اکين آڏو ايندا رهيا. منهنجي ساڻس ڪڏهن ڪا دوستي يا ويجهڙائي نه رهي، پر مان به ڪافي پڙهندڙن، ٽي وي ڏسندڙن جيان سندس هميشه مداح رهيو آهيان، ڇو جو هن جهڙو شايد ئي ڪو ڪلاسيڪل ماڻهو يا ليکڪ اسان وٽ باقي رهيو هجي. هن جي اصل سڃاڻپ ته ليکڪ ۽ ڊراما نگار واري رهي آهي، پر هو پنهنجي انداز ۽ زندگيءَ ۾ هڪڙو مڪمل پيڪيج هو، جنهن جو هو خود ئي پروڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر به هو، ته اداڪار ۽ صداڪار به خود ئي هو. هن اهو اسٽائيل يا انداز خود ٺاهيو هو ۽ مٿس ئي ٺهندو هيو. ڪافي ليکڪ کيس ڪاپي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا آهن، پر اصلي انداز جي ماسٽر ڪاپي رڳو سندس وٽ هُئي. منهنجيون ساڻس زندگيءَ ۾ ٽي ملاقاتون ٿيون ۽ ٽئي ڀيرا رڳو کيس سندس انداز ۽ ڳالهين مٿان ڳالهين جي نه کٽندڙ سندس روانيءَ واري سحر مان سدائين متاثر رهيم. سندس وارن جو اسٽائيل، ڪپڙن جو اسٽائيل، سگريٽ پيئڻ جو مخصوص اسٽائيل اهڙو هو، جهڙو پنجويهه سال اڳ هو، بس عمر جي دغا سبب سندس وار اڇا ٿي ويا هئا ۽ ڪراڙپ ڪري اڄڪلهه اليڪٽرانڪ تصويرن جيان جوانيءَ مان هو پوڙهو ٿي ويو هيو، پر سندس سگريٽ سو به ھڪ مخصوص برانڊ پيئڻ جو اسٽائيل نه ته ڪو پوڙهو ٿيو، ۽ نه پراڻو! هٿ جي چپٽي سان ٺڙڪو ڪري سگريٽ جو ڦلو ڪرائيندي هو پاڻ سميت ڪهاڻين، ڊرامن ۽ ڳالهين جا اڻ کُٽ قصا پوئتي ڇڏي ويو. منهنجي ساڻس پهرين ملاقات ۱۹۹۸ع ڌاري ان وقت ٿي هئي، جڏهن هو سنڌالاجيءَ ۾ ڊائريڪٽر هو. مان ان وقت قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد جي انيٿراپالاجي شعبي ۾ ماسٽرس ڪرڻ لاءِ جنهن ٿيسز تي ڪم ڪري رهيو هيس، سا سنڌو سڀيتا يعني موهن جي دڙي جي ٺڪرن جي ٿانون جي هزارين سالن جي سفر ۾ اڄ به سنڌ ۾ موجودگيءَ بابت هئي. هڪ يونيورسٽي شاگرد جي حيثيت ۾ ان کان اڳ مان ڄامشوري ۾ ئي انگريزي ڊپارٽمينٽ مان گريجوئيشن ته ڪئي هئي، پر جُوڻيجي صاحب سان ڪڏهن ڪا ملاقات نه ٿي سگهي هئي. ساڻس ملاقات سنڌالاجيءَ جي آفيس ۾ ٿي، پوءِ بس جيڪي ٻه لفظ تعارف جا ٿيا سي ٿيا، باقي جوڻيجي صاحب ٻن اڍائي ڪلاڪن ۾ مونکي ان تهذيب، دريائن جي زندگي ۽ موت ۽ صدين کان سنڌ ۾ رهڻي ڪهڻي بابت جيڪي ڳالهيون ٻڌايون، سي ڪجهه سمجهه ۾ آيون ۽ گهڻي ڀاڱي ڪو نه آيون. ڇو جو هو جنهن سطح تي ڳالهائي رهيو هو، تنهن وقت شايد منهنجو ايترو مطالعو ڪو نه هو يا اهڙي ڪا سُڌ ٻُڌ گهٽ هئي. بهرحال سندس قصه گوئيءَ جو انداز مونکان ڪڏهن نه وسري سگهيو. هن جي ڳالهين ۾ تاريخ ۽ تحقيق جون ڳالهيون گهٽ، پر فڪشن ۽ فئنٽسي وڌيڪ هئي، جنهن جو سحر اڄ به مون مٿان طاري آهي. اهڙين ڳالهين جو انداز ٻئي حوالي سان صرف جاويد ڀُٽي ۾ هو، ورنه اڄڪلهه ناميارا ليکڪ سڳورا انگريزي ڪتابن جا ٽائيٽل ۽ فهرستون اسڪرين شاٽ ڪري فيس بوڪ تي رکي هر ٻئي چوٿين ڏينهن اعلان ڪندا آھن ته، هو اهو ڪجهه پڙهي رهيا آهن. اهڙن ڪتابن ۾ ڇا آهي يا ناهي؟ ڪاش هو اهو ڏانءُ جوڻيجي جهڙي ماسٽر رائيٽر کان سِکي سگهن ھا! ساڻس ٻي ملاقات ڏهاڪو کن سال اڳ سندس ڄامشوري واري گهر ٿي هئي، جنهن ۾ حسن درس مونکي ساڻ وٺي هليو. حيدرآباد مان شام جو وڃڻ وقت اڳ ئي حسن مشروب مغرب جو بندوبست ڪيو ۽ حڪم ڪيائين ته، پيارا اڄ هلي ٿا استاد (جوڻيجي) سان ڪچهريون ڪيون! ان وقت جوڻيجو صاحب نئون نئون رٽائر ٿيو هو ۽ گهڻو ڪجهه لکي، پڙهي ۽ ڳالهائي رهيو هو. مونکي هن فقط ايترو سڃاتو ته مان ڪاوش ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪالم لکندو آهيان، ۽ بس پوءِ هو شروع ٿي ويو. الائي ڪٿان جون ڳالهيون ۽ ڪٿان جا قصا! ڪنهن ڪنهن مهل لڳو ٿي ته حسن جي انداز ۾ به ڪجهه ڪجهه هن جو اولڙو هو. ٽي وي ڊراما، اداڪار ۽ اداڪارائون، ليکڪ ۽ سندس خفتي يار...هر ڳالهه ۾ هڪ سندس رومانس ضرور هو ۽ ڪا عورت هن مٿان فدا ٿيندڙ هُئي. ڪجهه اهڙيون ڳالهيون آهن، جيڪي لکي نٿيون سگهجن، پر ڪنهن يارن دوستن جي ڪچهري ۾ فقط روبرو ٻُڌائي سگهجن ٿيون. هن جو انداز ۽ دلبربائي اهڙي هئي، جو فقط ماڻهو ڪن لڳائي ٻُڌي ئي سگهيو ٿي. جيئن ته انهن مان ڪنهن به ڪردار کي مون ذاتي طور تي نه ٿي سڃاتو، انڪري هر ڪردار هڪ ڪهاڻي ۽ فينٽسي هو، ۽ جيڪو اڄ به آهي. اهو جوڻيجي صاحب جو ڪمال هو، جو هر ڪردار کي هڪ ڪهاڻي ۽ آخر ۾ داستان ۾ تبديل ڪرڻ جي باڪمال سگهه رکندڙ هو. بهرحال مشروب مغرب سان گڏ اسانکي چيز (پنير) بار بار ٽڪرن ۾ ٿي کارايائين ۽ ٻُڌايائين ٿي ته اهو خاص ڪينڊا مان ڪنهن سنگتياڻي کيس موڪليو آهي. پهريان ته چيز ڪو خاص مزو نه ٿي ڏنو، پر پوءِ جڏهن ٻه چار رائونڊ مشروب جا مڪمل ٿيا ته چيز عرف پنير به هڪ اعليٰ رزميه داستان ٿي لڳو. کيس ڪجهه سمهڻو هوم سو هڪڙي وقت حسن اک ڀڃي مونکي اشارو ڪيو ته پيارا فڪر نه ڪر پاڻ ڪڙهائي هلي ڦاٽڪ تي کائينداسين! ان رات مون خود جوڻيجي کي هڪ اهڙو ڪردار، هڪ اهڙي ڪهاڻي، هڪ اهڙو داستان ڏٺو ۽ ٻُڌو جنهن جو ڪو انت، ڪو موت ۽ زوال نه آهي. جوڻيجي صاحب سان آخري ملاقات پنج ڇهه مهينا اڳ ڄامشوري ۾ ئي سندس گهر جي ڊرائنگ روم ۾ ٿي، جنهن لاءِ هڪ رات جو اڳ ئي سائين سردار شاهه چيو هو ته سڀاڻي شوڪت شوري کانپوءِ استاد (يعني عبدالقادر جوڻيجي) ڏانهن هلڻو آهي. ملاقات ۾ گهڻي ڀاڱي سائين سردار کيس ثقافت کاتي جون خبرون ۽ هو کيس هتان هُتان جون ڳالهيون ٻڌائيندو رهيو. هو ڪافي سرهو هو ته ايترا دوست سندس خبرچار وٺڻ آيا آهن، پر مان هڪ اهڙو عبدالقادر ڏٺو، جيڪو ڪنهن رڻ جي پن جيان سڄو سُڪي ۽ اڇو ٿي ويو هو، پر سندس مخصوص برانڊ سگريٽ اڃان به دکندڙ هو، هو سڄو ساڳيو جوڻيجو هو، پر پنهنجي ڊرامن ۽ ڪهاڻين جي پوڙهي ڪردار جهڙو هڪ اهڙو انسان ٿي نظر آيو، جنهن وٽ نه ته زندگي گهڻي هئي ۽ نه ڳالهين ۽ قصن ڪهاڻين ٻڌائڻ واري انداز ۾ ساڳيو مزو هو. موڪلائڻ وقت هن فقط ايترو ڪمزوري سان چيو ته، ”مزو نه آيو!“ پر سردار کيس ڪُلهي تي هٿ رکندي چيو، ”استاد وري جلد ملون ٿا!“ وري ملڻ شايد ممڪن نه هو ۽ جوڻيجي صاحب کي هاڪڙي جي مٽي پڻ پڪاريو ٿي. ويندي ويندي هو پنهنجي ذات، لکڻين ۾ هڪ اهڙو ڪردار پوئتي ڇڏي ويو، جيڪو هڪ ئي وقت انتهائي باڪمال آهي، ائين جيئن بچپن ۾ ناني يا ڏاڏيءَ جا قصا ۽ ڪهاڻيون ۽ جوانيءَ ۾ معاشقا ۽ بيوفايون، ۽ جهور ٿيندي ڏاهپ ۽ سانتيڪيت جو سحر انگريز انداز ڪجهه ماڻهن جي شناخت ٿي ويندو آهي. آخري ملاقات ۾ مون هن کي هڪ ”اسٽل“ ٿيل سين واري انداز ۾ ڏٺو، شايد ان عمر ۾ وقت ساڪن ٿي ويندو آهي ۽ مٽي فقط مدفون ٿيڻ لاءِ آتي هوندي آهي. آخري سين ۾ فقط خالي ايش ٽري رهجي ويندي آهي، جنهن ۾ جوڻيجي جهڙن ڪردارن جي مٺ تي سگريٽ جي ڦوڪ ۽ سٽڪي سان ڪرندڙ ڦلو پڻ ڪنهن ڪهاڻي ۽ داستان جهڙو ئي وڃي رهندو آهي، ڇو ته هن کانپوءِ هاڻي جوڻيجو ڪير سڏائي؟ عبدالقادر جوڻيجو سنڌ جي سگهاري ليکڪ جو وڇوڙو! احسان علي لغاري موبائيل جي گهنٽي وڄي ٿي.... ڏسان ٿو ته سرفراز راڄڙ صاحب جو فون آهي. سلام دعا کانپوءِ چوي ٿو، ”يار احسان ماسات موڪلائي ويو“. کن رکي وري چوي ٿو، ”پڇا ڪريو ته جنازي نماز ڪٿي ٿيندي، لاڪ ڊائون آهي، پر پاڻ کي هر صورت ۾ هلڻو آهي.“ ”جي جي سائين، آئون اوهان کي بيڪ رنگ ڪريان ٿو.“ تفصيل هٿ ڪرڻ لاءِ پيارن دوستن کي فون ڪيم، پر خبر نه پئجي سگهي. ڄام شوري جي صحافين کان پڇيم، پر تسلي جوڳو جواب نه مليو. اوچتو خيال آيو، سنڌ ۾ ڪنهن به اديب دوست جي وفات ٿئي، تڏي تي هر صورت ۾ پهريون پهچندڙ شخص محترم تاج جويو صاحب هوندو آهي، فون ڪري پڇيم ته چيائين اوڏانهن وڃان پيو، ٿوري دير بعد ڳالهائجان.“ فون بند ڪندي ئي جوڻيجي صاحب جي شخصيت جا ڪيترائي رنگ منهنجي اکين آڏو ڦرڻ لڳا، منهنجي ساڻس پهرين ملاقات سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري ۾ ٿي، جڏهن پاڻ چيئرمئن هئا. مون جهڙي سنهڙي ۽ سيپڪڙي نوجوان جي اندر داخل ٿيندي ئي سائين اٿي ملڻ جي ڪئي ته مون ويجهي وڃي کيس ويهڻ جو چيو ۽ جهُڪي مليس. مون کي خبر هئي منهنجو هيءُ جهُڪاءُ سندس ان عهدي جي ڪري نه پر، اُن شخص اڳيان سلامي آهي، جنهن سنڌي ادب جي جهول ۾ هيرن جواهرن جون منفرد مالهائون عطا ڪيون آهن. هو پنهنجي لکڻين ۽ ڊرامن جي ڪري سڄي دنيا ۾ سنڌ جو ڳاٽ اوچو ڪيو بيٺو آهي. اهڙي شخص اڳيان جهُڪي جيڪا راحت ملي سا لفظن ۾ ٻڌائڻ ٻڌائي نٿي سگهجي. ايڏو وڏو ليکڪ ۽ ايڏي وڏي اداري جو چيئرمئن هوندي، سندس اهو ڳوٺاڻو انداز ۽ لهجو، جنهن ۾ پاڻ مون کان خوش خير عافيت پڇي. آئون حيران ٿي ويس. مون سندس اڳيان پنهنجا ايڊٽ ڪيل ٻاراڻا رسالا ”گلستان“، ”گلزارِ سنڌ“ ۽ ڪجهه ڇپرايل ڪتاب رکيا ۽ عرض ڪيو ته سائين منهنجي قائم ڪيل اداري ”اين. اي جان فائونڊيشن“ جي سالگرهه جي حوالي سان هڪ سووينئر جاري ڪري رهيو آهيان، توهان کي ان لاءِ پيغام لکڻ لاءِ عرض ڪرڻ آيو آهيان. جوڻيجي صاحب نه صرف پيغام لکي ڏيڻ جو واعدو ڪيو، پر مون کي چانهه پيارڻ سميت اڌ ڪلاڪ کن لاڳيتو منهنجي همٿ افزائي ڪندو رهيو. مون کي زندگيءَ بابت سوين مثال ٻڌائيندو رهيو ۽ ڏاڍو خوش ٿيو. مون ڏٺو ته سندس سيني ۾ سنڌ جي نوجوان طبقي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ وڏي بيچيني آهي. ان ڏينهن منهنجي به خوشيءَ جي حد نه هئي، جو آئون اهڙي ڪلاسيڪل شخصيت سان ڪچهري ڪري آيو هئس. ساڻس آخري ملاقات سرفراز راڄڙ سان گڏ سندس گهر تي ۲۰۱۶ع ۾ ٿي هئي، جتي پاڻ ٻين ڳالهين سان گڏ پنهنجي انگريزي ناول The Dead River ۽ ٻين انگريزي لکڻين بابت اسان کي ٻڌايو هو. سندس گهڻو اصرار هو ته ڪاش سنڌ جا اديب انگريزي ٻوليءَ ۾ لکڻ شروع ڪن. جوڻيجي صاحب ٻڌايو ته هن ناول جي رائلٽي کيس ڊالرن ۾ ٿي آهي، ۽ هو گهڻو خوش ٿيو آهي، جو ٻاهر ليکڪ جو وڏو قدر آهي. سندس خيال اسان کي سنڌ جي تاريخ، ادب ۽ ٻوليءَ جا ڪتاب انگريزي ۾ ترجمو ڪري ٻاهرين دنيا کي پڙهڻ لاءِ مهيا ڪرڻ گهرجي. انهن سوچن ۾ ئي هوس ته سرفراز راڄڙ جو فون آيو، چيائين ته نڪري اچ جلدي هلون. اسان جوڻيجو صاحب جون ساروڻيون ساريندي ڄام شوري ڏانهن سفر ڪريون ٿا. جوڻيجي صاحب جي گهر اڳيان ڪجهه گاڏيون بيٺل هيون. اسان به لهي گهر اندر داخل ٿياسين. اسان کان اڳ ۾ تاج جويو، مرتضيٰ سيال ۽ چار پنج ٻيا به ماڻهو ويٺل جن کي آئون سڃاڻي نه سگهيس. جوڻيجي صاحب جي ناٺي ساجد قيوم ميمڻ اسان کي هن المناڪ وڇوڙي بابت ڳالهيون پئي ٻڌايون. جوڻيجي صاحب کي آڪٽوبر ۲۰۱۹ع کان جگر جو ڪينسر ظاهر ٿيو هو، جيڪو کيس اڏوهي جيان کائيندو پئي ويو ۽ آخري وقت تي جگر جون شرنانيون ڦاٽي پيون، کيس رت جون اُلٽيون هليون ۽ هن اسريٰ اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو. جوڻيجي صاحب ۲ انگريزي ناول لکي مڪمل ڪيا هئا، انهن جي ڇپائيءَ لاءِ ڳالهه ٻولهه ٿي پئي، پر ڇپجي نه سگهيا.ڳالهين ڪندي ڪندي تاج جويي صاحب چيو ته عبدالقادر کي هتي دفنائجي ها، جنهن تي ساجد قيوم ميمڻ وراڻيو، جوڻيجو صاحب چوندو هو ته: ”مون کي پٿرن ۾ نه پورجو.“ منهنجي ڪنن تي جڏهن انهن لفظن جو پڙلاءُ پيو ته اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا. سوچڻ لڳس ته واقعي عبدالقادر وڏو ماڻهو هو. هن کي خبر هئي ته هتي پٿرن ۾ کيس ڪير سنڀاريندو. اسان سنڌي بي قدرا آهيون، اسان وٽ پنهنجن محسنن جي سڃاڻ ناهي، ڇاڪاڻ جو سندس وڇوڙي جي خبر باهه جيان پکڙي آهي، پر سندس تڏي تي اسان اٺ ڄڻا ويٺا آهيون، نه ڪو اخبار وارو آهي ته نه ئي ڪو ٽي وي وارو، ڪو دور هوندو هو جو اسان پي. ٽي. وي تي اڌ ڪلاڪ جي پروگرام هلائڻ لاءِ احتجاج ڪندا هئاسين. اڄ ڪيترائي سنڌي ٽي وي چئنل آهن، پر هن بادشاهه ليکڪ جي وفات جو ٻڌي هڪ به چئنل جو ماڻهو ناهي پهتو. ڄامشوري ۾ سنڌي ادب جا ڪيترائي وڏا نالا رهن ٿا، پر اڄ اهي سمورا لاڪ ڊائون جو بهانو وٺي گهر ۾ پاڻ کي لاڪ ڪريو ويٺا هئا. جوڻيجي صاحب ڪيترن ماڻهن کي نوازيو، ڪيترائي سندس دلبر دوست هئا، پر هن آخري وقت تي سڀنيءَ جا پير پنڊ پهڻ بڻجي ويا. اسان ويٺا ئي هئاسين ته ٿوري دير ۾ ڊاڪٽر اسحاق سميجو به پهچي ويو هو، ڪجهه دوست موڪلائي هليا ويا، جنهن بعد باقي پنج ڄڻا، جوڻيجي صاحب جي بنگلي جي لان جي هڪ پاسي هلڪي اونداهيءَ ۾ سندس سارون ساريون ويٺا هئاسين. لان جي ٻئي هن عظيم انسان کي ”تڙ ڏيارڻ“ جون رسمون ادا ٿي رهيون هيون. هڪ عجيب ڪيفيت هئي، نيٺ تاج صاحب کان رهيو نه ٿيو ۽ چئي ڏنائين ته ”جيڪر اڄ ڄامشوري جو ڪو سرنديءَ وارو مري پوي ها ته ماڻهن جا هجوم هجن ها، اسان جا اديب به اچي پنهنجون جتيون کسائين ها، پر افسوس آهي جو ايڏي وڏي شخصيت تي اسان جي اديبن کي ايندي پير ٿي ڏُکيا. وڇوڙو ته هوندو ئي وڍ جيان آهي، پر ڪي وڇوڙا هنيانءُ ۾ اهڙو وڍ وجهي ويندا آهن، جو ورهين تائين اُهو ڏکندو رهندو آهي. عبدالقادر جوڻيجي جو وڇوڙو به اهڙو وڍ آهي، جيڪو ورهين تائين ياد رهندو. (روزاني عبرت ۾ ۲ مارچ ۲۰۲۰ع تي ڇپيل) عبدالقادر جوڻيجو سنڌ جي ادبي شنگھريلا جو شھزادو اعجاز منگي ھن ٿر جي واريءَ واري ديس مان نڪري پٿرن جي ان شھر ۾ پناھ ورتي ھئي جنھن جي لاءِ شيخ اياز لکيو آھي: “جھومندڙ ھوائن ۾، رات ڄامشوري جي ڪنھن رباب وانگرآ! عمر ايئن اڏامي ٿي، ڄڻ پکي پرن تي آ وقت خواب وانگر آ!” منھنجي ھن سان پھرين ملاقات اتي ئي ٿي ھئي اھو ئي ڄامشورو جتي ڏينھن جھنم ۽ رات جنت جيان ھوندي آ کيرٿر پھاڙن تان پلٽجندڙ تيز ھوا ۽ ان ۾ رقص ڪندڙ نم ۽ سرنھن جا وڻ ھو منھنجو پاڙيسري ھو اسان جي گھرن سامھون سرنھن جا ساوا وڻ ھئا جن مان زرد ڦول ڇڻندا ھئا ان وقت سارنگ عبدالقادر جي ڌيءَ عائشہ جي ھنج تي ھوندو ھو ھاڻي ته ان کان ٿورڙي ننڍي ھن جي پنھنجي ڌيءَ عائشہ منگي آھي!! “عمر ايئن اڏامي ٿي ڄڻ پکي پرن تي آ” ان وقت قادر جوڻيجي جو پٽ نصير به ننڍڙو ھيو نصير ته ان وقت رانديڪي جيان قادر جوڻيجي جي ھنج ۾ ھوندو ھو ھا پر جڏھن آگسٽ جي مھيني ۾ ڄامشوري جي مٿان مون سون جي موسم نيسارا بڻجي پنھنجو پاڻ کي اوتيندي ھئي ھا جڏھن سنڌ يونيورسٽيءَ ڪالونيءَ جون گھٽيون پھاڙي نين وانگر گجگوڙ ڪري وھنديون ھيون تڏھن ڀت جي ڀر ۾ آھستي آھستي پير رکي ھڪ گھر ڇڏي مان ٻي گھر جو ڪڙو کڙڪائيندو ھئس ۽ اھو گھر ھوندو ھو ان عبدالقادر جوڻيجي جو جيڪو نمبر ۶ جا سگريٽ ۷ سوٽن تائين نه ڇڪڻ چاھيندو ھو ھو برسات ۾ گھميل ھوا ۾ آلي پڌر تي چانھن جي ڪوپ تي سگريٽ جو سوٽو ھڻي علاقائي عشق ۽ عالمي ادب تي ڪنھن جھوني قصہ گو جيان ڳالھيندو رھندو ھو اھي ڪچھريون قلمبند ڪرڻ ڪو قرض ھي ڪراڙو ڇوڪرو اڄ پنھجن ڪلھن مٿان ڪجھ گھڻو ئي محسوس ڪري رھيو آھي ھي راقم الحروف ھن وقت به اھو فيصلو نھ ٿو ڪري سگھي تھ: “ھو اديب ۽ ڪالم نگار ھو يا سنڌ جو يگانو قصہ گو؟” ھو جڏھن آڱرين ۾ قابو سگريٽ کي مٺ معرفت ڇڪيندو ھو ۽ ھڪلي کنگھ کان پوءِ پنھنجن سلڪي وارن کي ڇنڊڪو ڏئي ڪڏھن اورنا فلاچي ۽ ڪڏھن روحي بانوءَ جو تذڪرو ڪندو ھو تڏھن ڄامشوري جي ھوا ۾ ڪجھ مينھن، ڪجھھ نينھن ۽ ڪجھ تماڪ جي خوشبو اڏرڻ لڳندي ھئي!! ھو تمام مھذب ۽ تمام بي تڪلف انسان ھو ھو گلوبل مامرن کي لوڪل بڻائي سمجھائيندو ھو ھن ڪڏھن نه چيو پر ھو اديب سان گڏ سنڌ جو سوشل سائنسدان ھيو! ھن وٽ خاڪن ۽ ڪھاڻين جا ڪيترا ئي ڪتاب ھئا پر ھن کي تمام گھڻو پسند ھو پنھنجو اڻ ڇپيل ناول: “سو ديس مسافر منھنجو ڙي” ھن جو ديس ڪھڙو ھيو؟ ڄامشورو؟ يا ٿر....؟؟ اھو ٿر جنھن ۾ ھاڪڙي جي ھنج ۾ ھڪ ڄار جي وڻ ھيٺان ھو ايئن سمھي رھيو آ جيئن ابن انشاءَ جو ھي شعر “بند ھوئي جاتي ھين آکھين ڪہ پسارين پائون نيند ڪي نيند ھمين اب نا اڻھانا لوگو” ھيءَ سنڌ بيخبريءَ جي جھان ۾ جيئڻ جو جرم ڪري رھي آھي! ھن کي ڪھڙي خبر ته: “عبد القادر جوڻيجو ڪير ھو؟” ھو منھنجي گھر جو ڀاتي ھو مان ھن جي گھر جو ڀاتي ھوس ۽ اسان رات جي اڳين پھر ۾ ڄامشوري جي انھن آلن روڊن تي رولاڪيون ڪندا ھئاسين جن مٿان برسات کان پوءِ ڏيڏر بي سرا راڳ ڳائيندا ھئا ان دور ۾ ڄامشورو سنڌ جي ادبي شنگھريلا ھيو ان وقت نه صرف ادب دوست آفيسرن جي بنگلن پر ادب جي اسير نوجوانن جي ھاسٽل وارن ڪمرن ۾ امر جليل جي ڪھاڻين تي نه کٽندڙ ڪچھريون ٿينديون ھيون. ۽ ڄاموشوري جي پٿرائين پٽ تي ھلندو نظر ايندو ھو اھو علي بابا جنھن کي سنڌ جي ادبي دنيا پاڳل قرار ڏئي ڇڏيو ھو ۽ انھن ئي واٽن مٿان اھو امداد حسيني به ھلندو نظر ايندو ھو جنھن لکيو ھو “زندگي ھيءَ چند سوٽن جيتري” ڇا اھو ڄامشوري جو شھر ھو؟ يا اھو سنڌ جي ادب شنگھريلا جو آخري روپ ھو؟ خالد جوڳي...... او خالد جوڳي! زندگي ڪٿي ھئي؟ جيڪڏھن سنڌي ادب جي شنگھريلا ۾ نه ته پوءِ آخر ڪٿي ھئي؟ زندگي پگھارن ۽ پھاڙن کان پري ان ديس ۾ ھئي جنھن ديس جي صدا ڏيندو رھيو اھو شخص جنھن جي باري ۾ اھو فيصلو ڪرڻ مشڪل آھي ته ھو وڏو انسان ھو يا وڏو اديب؟ اھو فيصلو سنڌ جي سياسي ۽ ادبي تاريخ کي ڪرڻ ڏيو!! ۽ شايد اھا فيصلو نه ڪري سگھي پر ڪو ته مورخ اھڙو به پيدا ٿيندو جيڪو سنڌ جي نئين تاريخ قلمنبد ڪندو ۽ اھو ڄامشوري ۽ ھن جي حوالي سان لکندو “ھو سنڌ جي ادبي شگھريلا جو شھزادو ھيو ھن جو عالمي ادبي ذوق ۽ ھن جي تخليق جي اڏام “ڌرتي ڪيڏي ننڍڙي آھي ڄڻ ڪنھن وھ جي ڳنڍڙي آھي” شيخ اياز کان پوءِ سنڌ جو ادبي اھو ادبي شنگھريلا لٽجي ويو اھو شنگھريلا جنھن جو شھزادو ھو عبدالقادر جوڻيجو مئل نديءَ جو زندھ ماڻھو نثار کوکر حياتي جي رڻ ۾ رلندي ڪي ڪي حادثا اهڙو ته سنڌائتو ڌڪ هڻي وجهندا آهن جو ماڻهو چيلهه جهلي بيهجي ويندو آهي ۽ سمجهه ۾ نه ايندو آهي ته ان حادثي جي تعزيت ڪنهن سان ڪجي. ان ڏينهن ڪنهن دوست فون ڪري مون سان جوڻيجي صاحب جي تعزيت ڪئي ته مون کيس ڏکاري لهجي ۾ وراڻيو ته اسان جو ته ڄامشوري مان سهارو ئي هليو ويو، هن رسمي دلداري ڏيندي چيو يار دنيا ۾ انهن غمن سان رهڻو ٿو پوي، پر کيس ڪيئن سمجهايان ها ته عبدالقادر جوڻيجو منهنجي لاءِ ڪيڏي نه وڏي آٿت هئي. جوڻيجو صاحب حيدرآباد جي ان ادبي عروج واري زماني ۾ به پنهنجي مٺ تي سگريٽ ۽ وڏن پائنچن واري شلوار سبب مقبول هو جڏهن ڪيفي جارج تي ماڻڪ، عبدالحق عالماڻي ۽ ٻيا اديب اچي گڏ ٿيندا هئا. هاڻوڪي نسل کي شايد حيدرآباد واري ڪيفي جارج جي ايتري خبر نه هجي پر اسان آخري ڀيرو ان ڪيفي ۾ حليم بروهي سان گڏ سيپريٽ چانهن پي ان ڪيفي جي اداسي تي ڪچهري ڪئي هئي. منهنجو ساڻس غائباڻو تعارف تڏهن ٿيو هو جڏهن اسان جي ڳوٺ ۾ صرف هڪ چاچي غلام رسول پاريچي جي گهر اندر بليڪ ائنڊ وائٽ ٽي وي هوندي هئي ۽ اسان پي ٽي وي جا ڊراما ڏسڻ ڳوٺ جي بقايا ٻارن سان گڏجي وات ڦاڙي ويهندا هئاسين. هونئن ته اسانکي کٽن تي ويهاريندا هئا پر جيڪڏهن رش وڌي ويندي هئي ته اسان پٽ تي ويهي مرحوم لاشاري صاحب جي اداڪاري ڏسي دنگ رهجي ويندا هئاسين. اتر سنڌ جي ان پٺتي پيل ڳوٺ جو پهريون ڇوڪرو جڏهن گريجوئيشن بعد ماسٽرس ڪرڻ سنڌ يونيورسٽي پهتو ته سمجهو ڪيترو نه وائڙو هوندو، پر ان سموري ڳوٺاڻي وائڙپ جي باوجود ان پٿريلي شهر ۾ جيڪڏهن اسان ڇيڳرن جا ڪي انگل آرا کنيا ته اهو جوڻيجو صاحب ئي هيو.سندس سنڌيالوجي واري آفيس ته اسان جي اوطاق هوندي هئي جتي هو پنهنجي لکڻ وارو ڪم گهٽ ڪندو هو پر ڪچهري مزي سان ڪندو هو. ان زماني ۾ اسان جهڙن نوجوانن سان هو نوجوان ٿي ويندو هو ۽ روحي بانو جي عشق کان ويندي شيرين پاشا جي عشق تائين اهڙيون ته ڳاليهون چسڪي سان ڪري ٻڌائيندو هو جو اسان جا وات گودو بقول سندس اک نه ڏسي گوڏي کي. سندس ڳالهيون ٻڌي اسان وري هاسٽل اچي پنهنجو پاڻ ۾ اهي ورجائيندا ۽ حسرت ڪندا هئاسين ته يار ڊراما رائيٽر جي ته وڏي لئه لڳي پئي آهي. ساڻس حجت ڪري سندس ڊرامن جا مسودا کڻي ويندا هئاسين ته اهي ڏسي اسان به اهڙا ڊراما لکون. هو هر تخليقي ۽ پاڙهو ذهن واري نوجوان کي همٿائيندو هيو. اهو جوڻيجو صاحب ئي هيو، جنهن حسن درس کي الهڙ جواني ۾ وڃي لاهور جي مشاعري ۾ لاٿو هيو ۽ ڊنهل جو سگريٽ مٺ تي ڇڪي لاهوري اديبن کي چيو هيائين؛ اسان وٽ چوڻي آهي پٽ ۽ گهوڙا ڏنگا ڀلا، سو مون به هڪ ڏنگو شاعر لاٿو آهي ميدان تي. حسن درس ئي ڇو طارق عالم ابڙي جي جڳ مشهور ناول جو مهاڳ جڏهن ڪير به نه پيو لکي ته اهو جوڻيجي صاحب ئي لکيو ۽ طارق کي ڀانئيندو به هيو. منهنجي ڪتاب مسافر محبتون جو هن نه رڳو مهاڳ لکيو پر اهو مهاڳ ڪنهن ليڊنگ سنڌي اخبار جي ايڊيٽوريل پيج تي ليڊ آرٽيڪل طور لڳرايائين. اهو مهاڳ پڙهي مونکي محسوس ٿيو ته جوڻيجي صاحب جي مشاهدي جي اک ڪيتري نه تيز آهي جو هن منهنجي ننڍڙين اکين کان ويندي چپن کي چڪ هڻي الا.. چوڻ وارين عادتن جو سالن تائين گهرو مشاهدو پئي ڪيو آهي. جوڻيجي صاحب وٽ ڪو به تڪلف نه هوندو هيو ۽ انڪري اسان ڪنهن نه ڪنهن شام وڃي سندس دروازي تي بيهندا هئاسين پر سندس دروازو اسان تي ڪڏهن بند نه ٿيو. سندس قصا ڪهاڻيون ٻڌائڻ جو انداز ئي ايترو دلچسپ هوندو هيو ته اهو انگريزي ناول نگار محمد حنيف توڙي نفيسا شاهه پياري حسن مجتبيٰ سميت جڏهن نيوز لائين ميگزين ۾ هوندا هئا ته جوڻيجي صاحب وٽ سندن ڀير هوندا هئا. انهن کي اسٽوري جوڳين تي ڪرڻي هجي يا جتن تي پر واپسي ۾ جوڻيجي صاحب کان ماهراڻي راءِ ضرور وٺندا هئا. پنهنجي قصن ڪهاڻين ۾ رڳو پاڪستان جي صحافين سان نه پر عالمي محققن سان به سندس ويجهڙائي واريون ڪچهريون ٿينديون رهنديون هيون. ڪنهن زماني ۾ وٽس هڪ جاپاني محقق عورت آئي جيڪا ڏکڻ ايشيا ۾ جانورن سان سيڪس ڪرڻ واري عجيب موضوع تي ٿيسز ڪري رهي هئي. جوڻيجي صاحب جي من جيڪو ايندو هيو سو ڪري ڇڏيندو هيو جنهنڪري ڪجهه موقعن تي مٿس تنقيد پڻ ٿي پر انهن تنقيدن بابت سندس جواب ڏاڍا دلچسپ هوندا هئا. اسي واري زماني ۾ کيس ڊرامي تي ان وقت ايوارڊ مليو جڏهن جنرل ضياءَ ملڪ جو صدر هيو، جوڻيجو صاحب اسلام آباد ويو ۽ کانئس ايوارڊ وٺي موٽي آيو، سندس ان قدم تي وڏي تنقيد وڏو هل ٿيو پر سندس جواب ڏاڍو معصوماڻو هيو ته يار مون ڪڏهن صدارتي هائوس ڏٺو ڪو نه هيو، نه جهاز ۾ چڙهيو هئس سو ايوارڊ بهاني اهي ٻئي ڪم ٿي ويا، هونئن به ليکڪ کي طوائف جي ڪوٺي کان ويندي صدارتي محل تائين سموريون جايون ڏسڻ گهرجن.هو پنهنجي اندر ۾ وڏا قصا رکندڙ فرد هيو.سندس ڪچهري مان ڪجهه نه ڪجهه پرائي اٿبو هيو. اسان ادب جا پيرين اگهاڙا پانڌيئڙا جڏهن سندس عالمي ادب بابت ڪچهري ٻڌندا هئاسين ته دنگ رهجي ويندا هئاسين، اهي اوريانا فلاسي اهي خوشونت سنگهه اهي گراهم گرين انهن سڀني سان تعارف جوڻيجي صاحب ڪرايو. هو ڳالهه ڳالهه ۾ اهڙن اهڙن ليکڪن جي ڪتابن يا ناولن جا ذڪر ڪندو هيو جيڪي اسان ڪڏهن نه پڙهيا نه ٻڌا، پرانهن جي لکڻين کان ويندي انهن جي عادتن تائين ايئن چس وٺي ڪچهري ڪندو هيو ڄڻ اهي ساڻس ڪالهه مليا هجن، اهو فلاڻو اهو وڏو جواري آهي ٽاپ جو سگار پيئندو آهي وڏو رول آهي ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي پر جڏهن به پئسا کٽندا اٿس ته ڪيسينو مان ئي پنهنجي پبلشر کي فون ڪندو آهي ان کان ناول لکڻ جو ايڊوانس وٺي وري جوا ۾ اڏائي ڇڏيندو آهي، اها فلاڻي اها ته وڏي گاگهه چرسي آهي انڊيا وئي اتان جي خانه بدوشن تي ڪتاب لکڻ ته اتي ئي مهينن جا مهينا ترسي پئي جتن سان گڏ پئي اٺ ڏاچيون هڪليندي هئي. اهڙا قصا اهڙيون ڪهاڻيون جو سندس ڪچهري مان اٿڻ تي دل ئي نه چوندي هئي، پر اسان غم جانان سان گڏ غم دوران ۾ ڦاٿل جيڪڏهن گهڻو وقت ساڻس ملڻ نه وڃون ته جنهن به اخباري اداري ۾ نوڪري ڪيون اتي ٽيليفون ڪندو ۽ پورو حال احوال وٺي ٻيهر ڪڏهن اچڻ جو پڇي پوءِ فون رکندو. سندس صحبت اڪثر نوجوانن سان هوندي هئي تنهنڪري اسان مان هرڪو اهو سمجهندو هيو ته جوڻيجو صاحب منهنجو گهڻو خيال رکندو آهي.حسن درس جي ته نڪاح جي گواهن ۾ شامل هيو پر اسان جيڪڏهن ڪنهن به محفل ۾ ڪا بدمزگي ڪئي ته اها هن شينهن مڙس سنڀالي ورتي. ڪجهه سال اڳ ڄامشوري ۾ هڪ دوست جي نئين بنگلي جي خوشي ۾ پارٽي هئي، سندس لان ۾ راڳ ويراڳ جي ڪچهري رکيل هئي، ديبا سحر پنهنجي مڙس سميت آيل هئي، جنهن محفل ۾ موجود اسان جي هڪ شاعر دوست جي شاعري ڳائي ته ان شاعر داد ۾ اٿي وڃي کيس اڌ بچيل شامي کارائي ۽ کانئس وسريل بند ٽشو پيپر تي لکي ڏيندو ويو، ان محفل ۾ حجت مان ديبا جي مڙس ممتاز بخاري ۽ مونکي ٻانهن کان وٺي ڪرسين تان اٿاريو ۽ جهمر هڻڻ لاءِ چيو ته اسان اڃان هٿ مس کنيا هوندا ته جوڻيجو صاحب پنهنجي سيٽ تان اٿي آيو ۽ مونکي ٻانهن کان جهلي دڙڪو ڏئي پنهنجي پاسي ۾ ويهاريندي چيائين؛ ”اجايو پنهنجو تماشو ڇو پيو ٺاهين. فضليت سان ويهي راڳ ٻڌ ۽ مٺ تي سگريٽ پي...“ جوڻيجي صاحب جي يادگيرين جو هڪ سيلاب آهي، جيڪو پيو هلندو. ڪنهنجي نظر ۾ هو ڪجهه به هجي پر منهنجي نظر ۾ هو منهنجو محسن هيو ۽ مان کيس هميشه ايئن پيرين پئي ملندو هيس جيئن هو شيخ اياز کي هميشه پيرين پئي ملندو هيو. جوڻيجو صاحب جو مڙهه، دفن ڪٿي به هجي پر هو اسان جي دلين ۾ هميشه هاڪڙي درياهه واري مئل ندي جي زندهه ماڻهن جيان زندهه رهندو. عبدالقادر جوڻيجو صديون رلائيندڙ ھورو ۽ عبدالقادر جوڻيجو حسن مجتبيٰ جي هو ڏاڏاڻي پاسي کان اوٺار نه هجي ها ۽ ناناڻي نک کان مهاڻو ته ورلي اهڙو رول ۽ ڍول ماڻهو هجي ها. جنهاڻ کان گهڻو پري ڪو نه ڪوئلي جون مُيون کاڻيون ته هاڻ نڪتيون آهن پر هي ڪهاڻين ۽ قصن جي اصل کاڻ ٿر جي انهي واريءَ ۾ سال اوڻويهه سو پنجيتاليهه جي سيپٽمبر تيرهين ۾ ڄائو هو، جتي پرديسي پکي لهندا آهن. عبدالقادر جوڻيجي جي جنم کان ڏهاڪو سال پوءِ ٿر ۾ وڏو ڏڪار پيو جنهن کي “ڇپنو ڏڪار” چون ٿا. اڃان ٿر ۾ ماڙهن جو ڏڪار نه پيو هو جيئن هاڻ گهڻو وقت ٿيو جو سنڌ توڻي ٿر ۾ آهي. ڪي پيارا منهنجي انهي “سنڌ ۽ ٿر” چوڻ تي ضرور ڪاوڙبا پر ڇا ڪجي جو ٿر توڻي چولستان جا ماڻهو ٿر ۽ چولستان کان ٻاهر سموري ملڪ کي بئريجي علائقن سميت “سنڌ” چون. ٿريو جي ميرپورخاص به ويندو هو چي، “سنڌ پيو وڃان.” مونکي خبر ناهي ته جيجي زرينا جي ڳايل علي بابا جي انهي گيت جو هن جي لکيل ڊرامي “ڪاروان” جي ڪهاڻي سان ڪهڙو واسطو هو “اسين ماڻهو لاڙ جا، دريا جي پاڇاڙ جا، اترڙو ٿو لڳي.” پر ٿر کي ٿر کان ٻاهر جي دنيا سان گذريل پنجاهي سالن ۾ ديس پرديس ٻن ماڻهن متعارف ڪرايو هو، هڪڙو منهنجو پيارو ڪرشن شرما ۽ ٻيو عبدالقادر جوڻيجو. ٿر ۾ ڪهڙا ڪم وارا يا کوجنا ڪار ماڻهو يا خاتون ناهن جيڪي ڪرشن شرما معرفت ٿر نه پهتا هجن. ٿر جي ڀٽ تي ڪانڀ ڪڍي ويٺل ٿريي کي به ڄاڻ آهي ته هي جيڪا مائي ۽ ڀائي آهي اها قادريي جي سنگتياڻي ۽ سنگتي آهي. اهڙيون ڳالهيون قادريي پنهنجي متعلق پاڻ به هُلايون هيون. هو ڳالهين جو ڳهير شخص هو. هر ڳالهه ڇا هر لفظ هن وٽ پهچندي يا هن جي ڪن يا اک تي چڙهندي چڙهندي ڪهاڻي بڻجي ويندو هو. هو ڪهاڻين جو يوناني ڏند ڪٿائن وارو ڪنگ مائيٽس هو، جنهن بادشاهه جي ڌيءَ کي سونو ڪري ڇڏيو هو. اهي ڪهاڻين جا ڳوٺ ۽ شهر هن پنهنجي چاچي رمضان وٽان ٻڌا ۽ سکيا ها. اهو ئي سبب آهي جو هن جي يارن دوستن ۾ حسن درس وانگر، فوجي به ها، ته ايم ڪيو ايم وارا به، ته پوليس جا آفيسر، سپاهي به ته پيري به ته چور، چوڪيدار به، اسمگلر به ته اخبارن جا مالڪ به، رپورٽر به، شاگرد، قبائلي سردار، ڌاڙيل، رهزن به ته مسيت جا ڪک به. موالي، پيراڍو، وڏيرا، سرمائيدار، پورهيت، هاري، رولو، ڳائڻا به. پيپلا، ليگلا، فنڪشنلا، پليجا. هو هڪڙي ائنٿروپولوجسٽ جي ڪتاب جو ٻڌائيندو هو جنهن جو انگريزي ۾ عنوان هو، “ڪنجرز اينڊ قلندرز.” پر هن جي سُئي گم ٿي ويل هاڪڙي درياءَ، خان صاحب عبدالڪريم پلي، شاهنواز جوڻيجي تي اٽڪيل هوندي هئي. ٻيو شيخ اياز ۽ ميڊم تي معنيٰ مهتاب راشدي تي. جيئن ته هو هڪ ڊراما نگار هو، ان ڪري جنس ۽ سيڪسوئلٽي به هن وٽ ميلو ڊراميٽڪ ٿي ويندي هئي. ڪتاب هن جو اوڇڻ وڇاڻو هو. “مٽي پنهنجو مٽ الوميان! مٽي پنهنجو مٽ” جيئن امداد حسيني چيو. پيارو راشد ميمڻ، آغا رفيق، حسن درس، نواز علي ڀٽو، شوڪت شورو، مشتاق شورو، خيرالنساءِ جعفري (ادي گڏي)، ليلا بانا، زاهد مخدوم، شهاب هاليپوٽو، سليم ديس والي، طارق عالم ابڙو اينڊ برادرز ۽ جاني ابڙو سندس دل گهريا دوست هوندا هئا. مان پهريون ڀيرو عبدالقادر سان جڏهن مليس ته هو ڄامشورو ڪالوني ۾ طارق عالم جي ڪوارٽر ٻاهر، سج لٿي، پيل کٽ تي اهليو، ڪچهري ڪري رهيو هو. انهيءَ شام کانپوءِ هن سان ڪيتريون اڻ ڳڻيون ڪچهريون رهيون. ڪي ڀيرا منهنجي دوست محمد حنيف سان گڏ پڻ. پوءِ هو جڏهن رات گهڻي وهامي چڪي ۽ موڊ ۾ آيو ته وڃي اندران ڪٿان شو باڪس کڻي آيو جيڪو سندس حقيقي ۽ مبينا معشوقائن جي فوٽن سان ڀريل هو. مان پهريون ڀيرو منو ڀائي سان پڻ عبدالقادر جوڻيجي جي گهر ڄامشورو ڪالوني ۾ مليو هوس، جڏهن هو شيرين پاشا سان ٿر تي ڊاڪيومينٽري ٺاهڻ آيو هو. اها رات هڪ يادگار ڪچهري هئي. عبدالقادر جون اکيون آگميون هيون. حسن درس جون سٽون شايد اهڙي رات لاءِ هيون. هو دير تائين لان ۾ پيئندا رهيا چنڊ پلٽيو پئي، گلاسن ۾ حسن شيرين پاشا ته پوءِ گهڻو وقت گذريل سال مون کي نيويارڪ ۾ ايسٽ رور جي ٽيرس تي منهنجي دوست ۽ سندس ڀاڻيجي ڊاڪٽر آمنه جي گهر ملي هئي. شيرين پاشا هاڻ ڪينيڊا ۾ آهي ۽ فلم پاڙهيندي آهي. حليم بروهي جيان هو به پوليس آفيسر جو پٽ هو. (حليم ايس پي عبدالعزيز بروهي جو ۽ عبدالقادر صوبيدار خانصاحب مريد حسين جوڻيجو جو). نوابشاهه ۾ خون جي ڪيس ۾ هڪ وڏيري جي سفارش نه مڃيندي مريد حسين پوليس مان استعيفيٰ ڏيئي باقي سموري زندگي تبليغي جماعت ۾ گذاري ڇڏي. عبدالقادر اسڪول ۾ جڏو پر سندس پيءُ جي ٿاڻن وارن لاڪپن ۾ قيدين جي ڪهاڻين ۾ دلچسپي گهڻي رکندو هو. موٽ ۾ قيدين ڪاڻ ٻيڙيون وٺي آڻيندو هو. ماسترن جون مارون ننڍڙي لاڪون کاڌائين، ان ڪري اسڪول سان گهڻي ڪا نه پوندي هيس. اڪيلي ۾ ڏينهن ڏٺي جا خواب پيو ڏسندو هو، جنهن ۾ ڪهاڻين ۾ شهزادين کي ظالم ديون هيٺ قلعن جي قيد مان ڇڏائيندو هو ۽ ٻارن کي مار ڪڍندڙ سندس ماسترن سان پيو ٻه ٻه پاڻي ڪندو هو. اهڙيون ڳالهيون هو پاڻ ٻڌائيندو هو. هو چوندو هو ته بغاوت هن کي سندس ڏاڏاڻن کان سُتي ۾ پيل آ جو سندس ڏاڏي انگريزن کي سندس اٺن جو وڳ ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو، جنهنڪري کيس نئين ڪوٽ واري قلعي ۾ قيد ڪيو ويو هو. سندس چوڻ هو ته نئين قلعي ۾ باغين ۽ قيدين کي ٽارچر ڪندا هئا. هو چوندو هو؛ پهرين نسل ۾ هو اوٺار ۽ ٻئي نسل ۾ پوليس وارا هئا. هن پاڻ به پوليس ۾ ڀرتي ٿيڻ گهريو هو. پر استاد ٿي ويو. پهرين پرائمري ۽ پوءِ سيڪنڊري. هڪڙي شادي پيٽ لکائي جي ڪري سندس ڏاڏي پوٽي سان ٿي ۽ ٻي هن عشق ۾ ڪئي، مٿو مٿي سان. باقي سندس پيار جي پوري تاريخ آهي. اهو دور اڻويهه سو سٺ ۽ ستر جي وچ وارن سالن وارو هن جو دور سنڌي ڪهاڻي، سندس ڪهاڻي ۽ زندگي جو يادگار دور آهي. سندس ڪهاڻيون حميد سنڌي جي روح رهاڻ، طارق اشرف جي سهڻي، مدد علي سنڌي جي اڳتي قدم ۾ ڇپيون. سندس عظيم ڪهاڻين جو ڪتاب “واٽون، راتيون ۽ رول” به انهن ئي ڏينهن ۾ ڇپيو. ڍاٽي اٺ ۽ ڍاٽي ڌاڙيل، ٿر، ٻي مهاڀاري جنگ، پلئگ، حر، گم ٿي ويل درياءُ، لڏپلاڻ، ڏڪار، پيار جو ڏڪار، بک، ڏک اهي سندس موضوع آهن. هو چوندو هو ته هو ڌرتي ڌڪاڻن، ڏتاريلن، غريبن جو ليکڪ هو. هن جو پهريون ريڊيو ڊرامو “تلاش” ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان انهن ئي ڏينهن ۾ نشر ٿيو هو. پوءِ اهو ڊرامو ٻيهر اڻويهه سو ڇاهتر ۾ پي ٽي وي تان سندس ساڳئي پروڊيوسر منظور قريشي (ٿورن ماڻهن کي خبر آهي ته منظور قريشي آصف زرداري جو ماسات ٿئي) اسڪرين پلي طور پيش ڪيو. عبدالقادر مونکي ٻڌايو هو ته جڏهن سندس اهو پهريون ٽي وي ڊرامو هليو ته وٽس گهر ۾ ٽي وي ڪو نه هئي ۽ هن جهڏي ۾ هوٽل تي ڏٺو هو. پر اهو شيخ اياز هو جنهن هن لاڏائو قبيلن جهڙو روح رکندڙ ڪهاڻيڪار کي پنهنجي سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ٿيڻ تي سنڌيالوجي ۾ پبليڪيشن آفيسر جي نوڪري ڏني، جتي هو پوءِ ڊائريڪٽر واري عهدي تي پهتو، پر سندس اندر ۾ واري ۽ پاڻي مان ٺهيل ماڻهو ڪا نه وسريو ڇو جو ان لاءِ هو چوندو هو، “ڍئو جهلي واڻيو يا مينهن.” هن شهرت جي ڍئو کي پڻ ايئن جهليو. عبدالقادر کي ٿريو هوندي جبل جون هوائون ۽ پاڻي يعني ڄامشورو راس اچي ويا. پوءِ به هن کي هوم سڪنس ٿر لاءِ هوندي هئي. هو ڄامشوري ڀرسان ڳوٺ سائين ڏنو ملاح ۾ جهونن ملاحن سان وڃي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪچهريون ڪندو هو. انهن مان هڪڙي جهوني ملاح کيس ڄام صادق علي جي پاڻي واري ٺاهه تي کيس ٻڌايو هو، “بادشاهه دريائن جا سودا نه ڪندا آهن پر دريا بادشاهن جا سودا ڪري ڇڏيندا آهن.” مونکي الائجي ڇو لڳندو آهي ته هو پوئين جنمن ۾ گم ٿي ويل درياءَ هاڪڙي ۽ ان جي معدوم ٿي ويل ڪنارن تي آباد تهذيب جو واسي هو. هو انهي دريا ۽ وقتن کي اڄ به ڳولي رهيو هو. هو اهو سنڌي ليکڪ هو جنهن جي لکڻين ۽ ڪهاڻين جي ميز تي موسمي تبديلي ۽ ماحوليات چوٽي جي ايجنڊا تي هئي. ڇنڊڻن سڪي وڃڻ جي ڳالهه ڪندو هو. منهنجي انگريزي صحافت جي ايڊيٽرن هميشه چاهيو ته مان عبدالقادر جوڻيجي سان ڊگها انٽرويو ڪيان. هو ايڊيٽرن ۽ پڙهندڙن جو پسنديده ماڻهو ۽ ليکڪ هو، جنهن وٽ هر وقت انساني دلچسپي واريون ڪهاڻيون يا خبرون هونديون هيون. هن جا ڊراما “سيڙهيان”، “راڻي جي ڪهاڻي”، “خانصاحب”، “ديوارين”، “ڪاروان”، “ڇوٽي سي دنيا” شاهڪار ڊراما آهن، جيڪي ڏسندڙن کي زندگي ڀر ياد رهندا. مونکي خبر ناهي ته هن جيڪو سنڌي ۾ ناول “سو ديس مسافر منهنجو ڙي” پئي لکيو، تنهن جو ڇا ٿيو. پر مون هن جو انگريزي ۾ لکيل ناول “ڊيد رور” يا “مري ويل درياءُ” پڙهيو آ. مونکي ايئن لڳو ڄڻ انهي جو ليکڪ عبدالقادر جوڻيجو به ڪهاڻي ۽ محبت جو درياءُ هو، جيڪو مري ويو. بقول منهنجي دوست ڊاڪٽر شنڪر جي “اڄ هاڪڙو پاتال ۾ هليو ويو.” هن جي ڪهاڻي وانگر هن جو هورو به وڃائجي ويل درياءَ وٽ سندس ڳوٺ جنهاڻ تي ختم ٿيو. هن جي سندي لفظن ۾ “ڪاڪا! هورو سال ڇا صديون رُلائيندو آهي، وڻن جا جھنگ، ميدان، ماڻهن جا ميڙ، بلڊنگن جا جھڳٽا، ويران ڌوڙ ڀريا رستا، ٽڪن جھڙا روڊ، گلوب تي نڪتل ليڪون، سڀ ٽپي پوءِ گھر جي چانئٺ تي پير ڦٻندا آهن.” عبدالقادر جوڻيجي صاحب سان ڳالهه ٻولهه اُستاد نظاماڻي عبدالقادر جوڻيجي سان کوڙ ساريون ڪچهريون رهيون. سانگهڙ جي دوستن کي اهميت به ڏيندو هو، جنهن جو سبب سانگهڙ سان خانداني نسبت هئي. ادب ۾ شروعاتي ڏينهن هئا. سوچيم ادب جي دنيا جي اهم ليکڪن جا انٽرويو ڪيان. عبدالقادر صاحب کان انٽرويو وٺڻ لاءِ، وقت ڪڍڻ جي هجت ڪيم. قادر صاحب خوشيءَ سان چيو؛ ”جڏهن اچو! پاڻ حاضر آهيون.“ هيءُ انٽرويو سنڌالاجي ۽ ڪجهه حصو سندس رهائش گاه ۾ ٿيو، جڏهن پاڻ يونورسٽي ڪالوني ۾ رهندا هئا. محترم عبدالقادر جوڻيجو ۱۳ سيپٽمبر ۱۹۴۵ع ۾ ٿرپارڪر جي مُهراڻي واري علائقي ۾ ڄائو. اهو ڳوٺ هاڪڙي جي ڪنڌي تي اڏيل آهي. ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ جنهاڻ ۾ حاصل ڪيائين. بي ايڊ ۽ ايم اي جون ڊگريون، سنڌ يونيورسٽي مان حاصل ڪيائين. اڄ ڪلهه سنڌالاجي ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر آهي. پهرين ڪهاڻي مُٺ مُٺ سور ۱۹۶۳ع ۾ روح رهاڻ ميگزين ۾ شايع ٿي. هن وقت تائين ٽي ڪهاڻين جا مجموعا، خاڪن جو ڪتاب ۽ ترجمن جا ٻه ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. هڪ ڪالمن جو ڪتاب ڪُرسي پڻ ڇپجي چُڪو آهي. چار ڪتاب ڇپائيءَ هيٺ آهن. پهريون ناٽڪ ۱۹۷۰ع ۾ لکيائين. سال ۱۹۷۶ع ۾ پهريون ڊرامو تلاش، ڪراچي سينٽر تان ٽيليڪاسٽ ٿيو. جڏهن ديوارين اردوءَ ۾ ٽيليڪاسٽ ٿيو، ته وڏي شهرت ماڻيائين. انهيءَ ڊرامي کي ڏسڻ لاءِ دهلي جا ماڻهو، ريل ۾ سفر ڪري امرتسر اچي پي ٽي وي تي اهو ڊرامو ڏسندا هئا. محترم عبدالقادر سان هيءَ گفتگو سڌالاجي ۾ ٿي. مونکي سندس لکڻين کان وڌ ڪچهريءَ مزو ڏنو. (هي انٽرويو جهونگار ڪتابي سلسلي لاءِ ڪيو ويو سن ۲۰۰۰ع ۾) استادنظاماڻي؛ ”توهان ٿر ۾ ڄاوا، توهان جو بچپن ٿر جي ڀٽن ۽ ناري ڍوري جي ڪنڌيءَ تي کيڏندي گُذريو، انهيءَ پسمنظر ۾ ڪجهه يادگيريون ٻڌايو؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”ڏاڍو وڏو سوال آهي! ٺيڪ آهي هلو ڪا ڳالهه ناهي. منهنجو اباڻو ڳوٺ جنهاڻ آهي. اهو ڳوٺ فضل ڀنڀرو اسٽيشن کان اڍائي ميلن تي، ڏکڻ طرف، ڍوري جي ڏکڻئين ڪپ تي آهي. گهر، مٺي تعلقي ۾ واريءَ جي دڙي تي آهي. ڌنڌو ڌاڙي ڪُجهه وکن تي ڊگهڙي تعلقي ۾ آهي. مزي جي ڳالهه اها آهي ته اسان جي ڳوٺ ۾ جيڪي اسان جا ٿر جا مائٽ ايندا آهن، چوندا آهن؛ ’هلو سنڌوڙن (سنڌين) وٽ هلون.‘ جيڪي مائٽ ڊگهڙي مان ايندا آهن، اُهي چوندا آهن ته؛ ’هلو ته ٿرين وٽ هلون.‘ جيڪي مائٽ ناري جي پٽ مان ايندا آهن ته اُهي چوندا آهن ته؛ ’هلو ته لاڙين وٽ هلون.‘ جيڪي مائٽ لاڙ مان ايندا آهن ته چوندا آهن؛ ’هلو نارائين وٽ هلون.‘ سو اهو قصو ائين آهي. اوهان جنهن کي نارو ڍورو ٿا سڏيو، اسان انهيءَ کي رڳو ڍورو چوندا آهيون. ننڍپڻ جون يادگيريون تمام گهڻيون آهن. ٿوريون يادگيريون ٻڌايان ٿو. آ ڄايس ته جنهاڻ ۾، پر منهنجي جيڪا پهرين يادگيري آهي، اها پيرونمل شهر ضلع سانگهڙ جي آهي. انهيءَ وقت آئون اڃا پڙهڻ ڪو نه ويٺو هئس. اُتي منهنجو هڪ پوڙهو ديوان دوست هو جيڪو پان-ٻيڙيءَ جي مانڊڻي هلائيندو هو. ڏک اٿم جو پنهنجي انهيءَ مهربان دوست جو نالو وسري ويو اٿم. هڪ ڏينهن آئون گهر مان نڪري، انهي ديوان وٽ مانڊڻي تي ويهي رهيس. گهڻو وقت گذارڻ کانپوءِ جڏهن گهر نه ويس، ته بابي پوليس وارا ڊوڙايا. پاڻ به مونکي شهر ۾ ڳولڻ لڳو. وڏي هڻ هڻان کانپوءِ، پوليس واري شهر ۾ مونکي هٿ ڪيو ۽ هنج تي کڻي، جڏهن گهر بابا وٽ پُهتو ته بابا ڪاوڙ وچان مونکي ٿڦڙ هنئي. پر پوليس واري مونکي ايندڙ ٿڦڙ کان پاسي ڪيو. پنهنجي ڳل اڳتي ڪري ڇڏي ۽ زوردار ٿڦڙ پوليس واري جي ڳل تي وڃي لڳي. اها بابي جي مونکي هنيل ٿڦڙ، پهرين ۽ آخري هئي، جيڪا گُسي وئي. جي اها ٿڦڙ لڳي ها ته منهنجي سڄي زندگيءَ جو رخ بدلجي وڃي ها. ڏک اهو اٿم ته انهيءَ پوليس واري جو نالو وسري ويو اٿم.“ استادنظاماڻي؛ ”هڪ ٿڦڙ سان اوهان جي زندگيءَ جو رخ بدلجي وڃي ها ته اها هڪ عجيب ڳالهه ناهي. ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي.؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”هڪڙو ته ضرورت کان وڌيڪ حساس هئس. پنهنجي پياري جي ٿڦڙ انهيءَ عمر ۾ کائڻ کانپوءِ شايد آئون زندگي کان دلچسپي وڃائي ويهي رهان ها. يا ڪنهن خوفناڪ نفسياتي بيماريءَ جو شڪار ٿيان ها. عمر جو اهو حصو تمام نازڪ ٿئي ٿو. مائٽن کي اهڙين ڳالهين جو خيال رکڻ گهرجي. برطانيه ۾ ٻارن کي مار ڪڍڻ، باقاعدي ڏوه آهي. جيڪي مائٽ ٻار کي مار ڪڍندا آهن، انهن کي پوليس جهلي ويندي آهي. خير سو ٻي ڳالهه اها آهي ته اسان جي خاندان جا هٿ ڳرا آهن. جيئن پير جهلي ڪنهن کي ٿڦڙ هڻون ته رت جي گُرڙي اچي ويندس. سو ظاهر آهي ته آئون به ٿڦڙ کانپوءِ رت ۾ ڳاڙهو ٿي وڃان ها.“ استادنظاماڻي؛ ”پوليس واري کي رت جي گُرڙي آئي؟ اڳتي هلي ٻيون به ٿڦرون کاڌيون؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”ياد ڪو نه اٿم! اچڻ ته کپيس ها. ها، ٻه ٿڦڙون ياد اٿم، هڪڙو ته نواب شاه جي هاءِ اسڪول ۾ ايم ايڇ خواجا، جي هٿان انگريزي جي پيرڊ ۾ ٿڦڙُ کاڌم. نتيجو اهو نڪتو جو ششماهي امتحان ۾ ڇهه سيڪڙو مارڪون کنيم. جيڪڏهن خواجا صاحب جي اسڪول ۾ وڌيڪ پڙهان ها ته تباه ٿي وڃان ها. پر رب جي ذات وڏي آهي ۽ بابا ڪنڊياري بدلي ٿي ويو. اُتي ماستر مهربان هئا، پيار سان پڙهايائون ۽ ساڳي انگريزي ۾ سالياني امتحان ۾۹۸ سيڪڙو مارڪون کنيم. پر خواجه صاحب جيڪي ٿڦڙون هنيون. انهي جو اثر اهو آهي جو اڃا به تمام گهڻي انگريزي ايندي به ديسي ماڻهن سان انگريزي ڳالهائڻ کان نٽائيندو آهيان. باقي غيرملڪي ماڻهن سان ڦڙ ڦڙ ڳالهائيندو آهيان. ته ايڏو اثر ٿيندو آهي شاگرد تي ٿڦڙ جو. هڪڙي ٻي ٿڦڙ پنجاب يونيورسٽي لاهور جي اڳيان کاڌم. بي واجبي منهنجي هئي، آئون ۽ منهنجي هڪ محبوبه سندس شاندار ڪار ۾ چڙهي؛ روز شام جو اُتي موجود کوکي اڳيان گاڏي بيهاري؛ دود پتي واري چانهه پيئندا هئاسين. کوکي وارن جو خيال هو ته اسين زال مڙس آهيون، فقير به پنندا هئا، ته اسان کي اولاد ٿيڻ جي دعا ڪندا هئا. سو ڪنهن ڳالهه تي وڙهي پياسين. آئون جڏهن تکو ٿي ڳالهائيندو آهيان، ته منهنجا جملا زهر ۾ ٻڏل تير بڻجي ويندا آهن، اهڙي ئي هڪ زهريلي جملي تي مونکي ٿڦڙ هڻي ڪڍيائين. آئون ڪار مان لهي پيس ۽ پيادل هلڻ لڳس. کوکي وارا اسان تان کلڻ لڳا، ته زال، مُڙس کي مار ڪڍي آهي. بهرحال انهي ڏينهن کانپوءِ عشق ختم ٿي، دوستي ۾ بدلجي ويو. هڪڙي ٿڦڙ ئي عشق مان هوا ڪڍي ڇڏي.“ استادنظاماڻي؛ ”ٿڦڙ هڻڻ واري جو نالو؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”نالي کي ڇڏيو! ٻيو سوال پُڇو.“ استادنظاماڻي؛ ”روحي بانو؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”نه نه! انهيءَ ويچاريءَ ته سڄي عمر پاڻ ٿڦڙون کاڌيون آهن!“ استادنظاماڻي؛ ”بچپن جي يادگيرين ڏانهن واپس اچو.“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”تمام گهڻيون آهن، ڪيتريون ٻڌايان! مون پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ جنهاڻ ۾ حاصل ڪئي. اهي پنج سال منهنجي زندگيءَ جا بهترين سال هئا. پنهنجي ڳوٺ جا توڙي ٻين راڄن جا ماڻهو، منهنجي تمام گهڻي عزت ڪندا هئا. ماستر خيال رکندا هئا. گهر ۾ مونکي پنهنجي ماءُ کان وڌيڪ، منهنجي چاچي ڀائيندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ڏاڍي ياد ايندي اٿم. گهمڻ ڦرڻ لاءِ هيٺ ڍوري جي ڪنڌين تي لين ۽ پن جو گهاٽو جهنگ هو، جهڙو مکي ڍنڍ ۾ مون ڏٺو. سال ۱۹۸۳ع ۾ اهڙو مٽي، واري تي وري ڄارين ۽ ٿوهرن جو گهاٽو جهنگ هو. انهن جهنگن ۾ اڪيلو گهمندو هوس، تنهائي پسند هوس. سياري ۾ ته ذات پکي اچي لهندو هو. رهڻ لاءِ شاندار ماڙي هئي، موڪلن ۾ وندر ڪارڻ، ڌراڙن سان گڏ مال به چاريندو هوس. ٻڪرين سان منهنجي گهاٽي دوستي هوندي هئي. اهو ڏاڍو معصوم ۽ محبتي مال آهي. هتان نڪتس ته مون لاءِ عذاب شروع ٿي ويو. بابا ڏنگو ماڻهو هو، ان ڪري وڏيرا کيس ڦُٽ بال وانگر پيا ٿڏيندا هئا. اهو سڄو عرصو نوابشاه ضلعي ۾ گذاريم، ڪڏهن هتي ته ڪڏهن هُتي. انهي عرصي ۾ مونکي صرف قيدي ڀائيندا هئا. خوني، ڌاڙيل، ڏاڍا مُڙس، گڙنگ چور ۽ اهي ٻيا آئون کين پن جون ٻيڙيون وٺي ڏيندو هئس، ۽ هو مونکي پنهنجا داستان ٻڌائيندا هئا. ۽ پنهنجي دل کولي اڳيان رکندا هئا. اڄ تائين آئون انهيءَ ڳالهه ۾ منڌل آهيان ته ايڏا ڀلا قربائتا ماڻهو، ڏوه ڇو ڪندا هئا. نيٺ بابا ضد ۾ اچي نوڪري وڃائي، ۽ آئون سانگهڙ ۾ اچي پڙهيس. اُتي به چوٿين انگريزي ۾ ماسترن جو رول سُٺو نه هو. انهيءَ وچ ۾ اسان جي خاندان جو زوال به اچي ويو. پوءِ ڏيپلي ۾ وڃي مولوي محمد عمر جوڻيجو وٽ رهي، اُتي پڙهيس. مولوي صاحب، دل جو وڏو غني سخي، جنتي ماڻهو هو. اُتان ميٽرڪ پاس ڪيم ته منهنجو ننڍپڻ به ختم ٿي ويو.“ استادنظاماڻي؛ ”اوهان کي لکڻ جو شوق ڪيئن پيدا ٿيو؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”هڪڙو ته ننڍ پڻ کان پڙهڻ جو شوق هُيم. ٻيو ته ڊي ڊريمرسDay dreamers به هُيس. جنهن کي پهه پچائڻ چيو ويندو آهي. انهن ٻنهي ڳالهين، مونکي ليکڪ بڻائي ڇڏيو.“ استادنظاماڻي؛ ”لکڻ کان اڳ ۾، ڪنهن کان متاثر ٿيا؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”جيتريقدر ڪنهن کان متاثر ٿي لکڻ جي ڳالهه آهي، انسپائريشن جي ڳالهه آهي، ته چوڌاري ڦرندڙ گهُمندڙ زندگيءَ جو ڪو نه ڪو رخ، ليکڪ کي لکڻ تي مجبور ڪندو آهي. ڪو مظلوميت يا غربت جو ڏيک، ڪنهن جي ڪارڻ مطلب ته چوڌاري جون حالتون لکائينديون آهن. باقي جيڪا ڳالهه آهي لکڻ کان اڳ پڙهيل ليکڪن کي پسند ڪرڻ جي، اها ڳالهه ته لکڻ کان اڳ شيخ اياز، جمال ابڙو، غلام رباني آگرو، قرت العين حيدر، ڪرشن چندر، پرل ايس بڪ، ميخائل شولوخوف ۽ ارسڪن ڪارڊويل مونکي گهڻا وڻندا هئا. سو اهو قصو ائين آهي.“ استادنظاماڻي؛ ”توهان لکڻ دوران، ڪهڙو مقصد سامهون رکي لکندا آهيو؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”آئون پنهنجي اندر جي باه ڪڍڻ لاءِ لکندو آهيان، ڪوشش هوندي اٿم ته پڙهڻ وارو منهنجي لکڻي پڙهي منجهي نه، مقصد اهو هوندو اٿم ته؛ لکڻي، پڙهندڙ جي حسُن جمال کي ڇهڻ سان گڏوگڏ، سندس ذهن ۾ سوال اُٿاري. جيئن هو لکڻيءَ ۾ موجود مسئلن جو حل ڳولي ڪڍي. ڇاڪاڻ ته پڙهندڙ ئي مسئلي جو صحيح حل ڳولي سگهي ٿو. منجهس ايترو ئي عقل هوندو آهي جيترو لکڻ واري ۾. انهيءَ ڪري آئون پنهنجي لکڻ وقت، ڪا به فتويٰ جاري نه ڪندو آهيان. ڪو به حل نه ٻڌائيندو آهيان.“ استادنظاماڻي؛ ”لکڻ پڙهڻ لاءِ، اوهان پنهنجو ٽائم ٽيبل ڪيئن ترتب ڏيندا آهيو؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”منهنجي لکڻ جو وقت، صبح جو پنجين وڳي کان ڏينهن جو ٻارهين وڳي تائين آهي. ان کانسواءِ لکي نه سگهندو آهيان. باقي پڙهڻ لاءِ، جيڏيءَ مهل به موقعو ملي، پڙهندو رهندو آهيان.“ استادنظاماڻي؛ ”ڇا اهو صحيح آهي ته هيءُ دور ڪهاڻيءَ جو نه پر ناول ۽ سفرنامن جو آهي؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”جيئن ته تهذيبن جا مرڪز بدلبا رهيا آهن، يا جيئن حاڪم بدلبا رهيا آهن، ائين ئي ادب ۾ به ٿيندو آيو آهي. ڪهاڻي ۽ ناول جي سفر جي شروعات گڏ ٿي. پر ٻي عظيم جنگ کانپوءِ ناول، ڪهاڻيءَ کي پوئتي ڇڏي ويو. اڄ ڪلهه وري ناول کي، دستاويزي ادب پوئتي ڇڏي رهيو آهي. ان کان علاوه ڊائريون، سفر نامه، آتم ڪٿائون وغيره آھن. اهي صنفون به وڌيڪ پڙهيون وڃن ٿيون. اوهان بلڪل صحيح ڳالهه ڪئي آهي.“ استادنظاماڻي؛ ”ڇا وجه آهي ته عام پڙهندڙ، محققن کان وڌيڪ، فڪشن رائيٽرس ۽ شاعرن کي پسند ڪن ٿا؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”اهو اسان وٽ آهي. هڪ ته اسان وٽ ڪو به اعليٰ پائي جو تحقيقي ڪتاب نه لکيو ويو آهي، سواءِ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي، جنهن لوڪ ادب تي تمام دلچسپ ڪتاب لکيا آهن. جيڪي تمام گهڻا پڙهيا ويندا آهن. ٻي ڳالهه ته اسان جو تحقيقي ادب، خُشڪ ۽ رپيٽيشن Repetition جو شڪار آهي. ٽيون ته انهن ۾ تحقيقي پُهچ نه هوندي آهي. اڄ ڪلهه ٻاهر جيڪي ريسرچ جا ڪتاب لکيا پيا وڃن، انهن ۾ باقاعدي تخليقي پنچ هوندا آهن. انهن ۾ رپيٽيشن به نه هوندي آهي. نه اُهي ايترا غيرمعياري هوندا آهن. اتان جي ريسرچ جو ڪو به ڪتاب کڻو، اوهان جي دل ئي ڇڏڻ تي نه چوندي. انهيءَ ڪري هت پاڻ وٽ ريسرچ اسڪالرن جي بنسبت فڪشن ۽ شاعريءَ کي پسند ڪيو ويندو آهي. اهي صنفون، پڙهندڙ جي حس جمال کي ڇُهنديون به آهن.“ استادنظاماڻي؛ ”سنڌي افساني کي اسان ڪيئن زنده رکي سگهون ٿا؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”اهو سوال، سڄي دنيا ۾ اُٿي کڙو ٿيو آهي. گذريل سال ڪيناڊا ۾، دنيا جا وڏا وڏا ليکڪ اچي گڏ ٿيا هئا. ته افساني کي ڪيئن ٻيهر جيئاري سگهجي. انهيءَ گڏجاڻي ۾ ميلان ڪنڊيرا به شريڪ ٿيو هو. پر پنهنجي اڳيان سنڌي افساني جو سوال آهي ته، انهيءَ ۾ منهنجو خيال آهي ته؛ افساني ۾ ڊراماٽڪ پهلو آڻجي، جيڪو اوهينري جي افسانن يا چيخوف جي افسانن ۾ آهي. مطلب ته سنڌي افساني کي اڳيون واٽون ڇڏي، نيون واٽون اختيار ڪرڻيون پونديون. تڏهن ئي زنده رهي سگهي ٿو. پڙهندڙ، افساني ڏانهن موٽ کائي سگهي ٿو.“ استادنظاماڻي؛ ”هيڏي وڏي وٺ-پڪڙ جي ماحول ۽ سيٽلائٽ واري دور ۾ پڙهندڙ، ادب ڏانهن ڪيئن موٽ کائي سگهي ٿو؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”يار هاڻي اها حقيقت آهي، ته اسان وٽ ته اڃا ايتري وٺ-پڪڙ ناهي، ۽ نه سيٽلائٽ جو چڪر. پر مغرب ۾ اهو وڏو چڪر آهي، ان جي باوجود دنيا جي وڏي ۾ وڏي پبليشنگ ادارو ”پينگوئن بوڪس“ آھي. انهيءَ جا انگ اکر کڻي ڏسو ته جيڪي ناول، اُڻويهين صديءَ جي موڙ تي لکيا ويا جيئن؛ وار اينڊ پيس War and peace، ڪرائيم اينڊ پنشمينٽ، Crime and punishment آهي. ته اُهي ناول اهڙا ٿُلها متار ا آهن جو ورائي کڻي ڪنهن کي هڻ ته همراه چٽڻي ٿيو پيو هجي. ايڏن وڏن ناولن جي اشاعت جو انگ هر سال وڌندو ٿو وڃي. انهيءَ جو مطلب ته اُتي ماڻهو پڙهن ٿا. هن دور ۾ آمريڪي ناولسٽ جرنلسٽ نارمن ميلرNorman Kingsley Mailer جا ٿلها متارا ناول آهن. ته اُهي لکن جي تعدا د ۾ ڇپجن ٿا. ته اهڙي ڪا ڳالهه ناهي. اسان وٽ ته اڃا وٺ-پڪڙ ۽ سيٽلائٽ جو گهڻو زور ناهي. ٻيو ته ذاتي طور آئون نه ٿو سمجهان ته سيٽلائٽ چينلز ڪو ادب کي نقصان پُهچايو آهي. سيٽلائٽ ته پاڻ ادب کي وڌيڪ مشهور ڪري رهيو آهي.“ استادنظاماڻي؛ ”اڄ ڪلهه توهان ڪهاڻيون ڪو نه پيا لکو، ان جو سبب؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”اصل ۾ ادبي حلقن ۾ منهنجي ڪهاڻين کي ايڏي اهميت ڪا نه ملي. رڳو اهو چيو ويو ته؛ ’ٻولي سُٺي آهي.‘ سو مايوس ٿي ويس، پنهنجي ڪهاڻين مان. پر هن وقت ٻه ڪهاڻيون منهنجي ذهن ۾ گهمي رهيون آهن، جيڪي طويل قسم جون لڳن ٿيون. انهن ۾ ڊرامو به نظر اچيم ٿو. ٻه عنوان به ذهن ۾ اٿم، هڪڙي جو عنوان آهي ”هوءَ ۽ هُو، ۽ ٻي جو عنوان آهي ”ميڊيڪل اسٽور“ ته وقت ڪڍي لکي وٺندس. استادنظاماڻي؛ ”توهان چئو ٿا ته؛ ماڻهن منهنجي ڪهاڻين کي اهميت ڪو نه ڏني. رڳو چيائون ته؛ ’ٻولي سُٺي آهي‘. ان ڪري اوهان افسانو لکڻ ڇڏي ڏنو. مون اهڙا ليکڪ به پڙهيا آهن، جن کي نقادن مرڻ جهڙو ڪري ڇڏيو، پر لکڻ نه ڇڏيائون...؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”ڳالهه دراصل هي آهي ته، اها چند ماڻهن جي راءِ نه هئي، پر هڪ فنامنا هئي. جيڪا ڪو نقاد پيدا نه ڪندو آهي، پر پڙهندڙ پيدا ڪندا آهن. جڏهن پڙهندڙن ئي ائين چيو، پوءِ مون سمجهيو ته ٻولي کانسواءِ مون وٽ ڪُجهه به نه آهي. نه مواد آهي نه ٽيڪنيڪ آهي نه ڊڪشن Diction آهي، نه اميجينيشن، نه ڪو ويزن Vision آهي. ان ڪري ٺلهو ٻوليءَ جي زور تي هلڻ مون مناسب نه سمجهيو.“ استادنظاماڻي؛ ”وليم فاڪنر چيو هو ته؛ ’شاعريءَ ۾ ناڪامي کانپوءِ ڪهاڻي پاڻ ڏانهن ڇڪيندي آهي. جڏهن ڪهاڻي لکڻ ۾ ڪامياب نه ٿيندو آهيان، ته پوءِ ناول لکندو آهيان.‘ توهان سان ته ڪٿي ائين ڪو نه ٿيو آهي؟ جو توهان ڪهاڻي ڇڏي، ناول بجاءِ ڊراما پيا لکو؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”اهڙي ساڳي ڳالهه پاڻ اڳ ۾ ڪري آيا آهيون. اصل ۾ وليم فاڪنر کي اها صلاح، سندس اُستاد شيروڊ اينڊرسن چئي هئي. ۽ ٻئي ڄڻا انهن مرحلن مان گذريا. جيتريقدر منهنجو سوال آهي ته اها حقيقت مون تي به ٺهڪي اچي ٿي. آئون ناول به لکان پيو، ۽ مضمون به، جيڪي ڪاوش ۾ ڇپبا آهن. اهي مضمون، منهنجي شناخت آهن. باقي ڊرامو ته روزي روٽي آهي. ٽي وي ڊرامو، ادب ۾ شمار نه ٿو ٿئي.“ استادنظاماڻي؛ ”توهان جي ڪهاڻي ’ڇڻيل پن‘ ۾ ميگهان جو ڪردار آهي، ان جو ڪو پسمنظر؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”مونکي پنهنجي اها ڪهاڻي وسري وئي آهي. البته منهنجي ڪهاڻيءَ ۾ جيڪي ڪردار هوندا آهن، اهي منهنجا ڄاتل سڃاتل ماڻهو آهن. ائين کڻي سمجهو ته اها ڪا ڇوڪري آهي، جنهن جي پويان آئون انهيءَ زماني ۾ ڊوڙندو هوندس.“ استادنظاماڻي؛ ”توهان پنهنجن ناولن بابت ڪجهه ٻڌائيندا.“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”منهنجا ٻه ناول آهن. هڪڙو؛ ’سو ديس مسافر منهنجو ڙي،‘ جنھن ۾ گذريل سو سالن جي سماجي تاريخ آهي. جڏهن ته ٻئي ناول ’محبتون‘ ۾، منهنجا شو بزنس جي زندگي ۾ جيڪي تجربه آهن، اُهي آهن. ته انهي دنيا ۾ ڇا ٿو وهي واپري.“ استادنظاماڻي؛ ”توهان پنهنجي ناول ’سو ديس مسافر منهنجو ڙي‘ ۾ حُر تحريڪ جو ذڪر به ڪيو آهي. انهيءَ جو ڪو پسمنظر؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”اڳ ۾ توهان کي ٻڌايو اٿم ته؛ اهو ناول سنڌ جي گذريل سو سالن جي سوشل هسٽري آهي. انهيءَ ۾ حُرتحريڪ جهڙي وڏي واقعي کي وساري ڇڏڻ معنيٰ ته ناول ۾ ڪجهه به نه رهندو. تنهن کانپوءِ خود منهنجو والد، چاچو حاجي منٺار ۽ منهنجي اسٽيپ مدر، سڄي تحريڪ اکين سان ڏٺي هئي. ڪجهه وقت آئون سانگهڙ ۾ رهيس. ته اُت به ڳالهيون ٻڌم ته مونکي سولائي ٿي پئي. انهيءَ ناول ۾ حُر تحريڪ جا ڪجهه ڪردار آهن. انهن تي مون لکيو آهي. جيئن باقاعدي تاريخ بيان ٿيندي آهي، منهنجو ناول ائين ناهي. مون ته فڪشن طور لکيو آهي. فڪشن ته فڪشن ئي ٿيندو آهي.“ استادنظاماڻي؛ ”ويهين صديءَ ۾ اسان وٽ ڪهاڻيءَ ۾ نسيم کرل، جمال ابڙو، علي بابا جهڙا ڪهاڻيڪار پيدا ٿيا. اياز، استاد بخاري، ابراهيم منشي، تنوير بهترين شاعر پيدا ٿيا. توهان ڇا ٿا سمجهو ته نوجوانن ۾ اهڙو ماڻڪ آهي، جيڪو اهڙن ليجنڊز جي جاءِ والاري؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”پهرين ڳالهه ته نه صرف آئون، پنهنجي پاڻ کي پر ٻين کي به ليجنڊ نه سمجهندو آهيان. البته سُٺو ضرور سمجهندو آهيان. باقي ڳالهه آيل نئين صدي جي ته ايندڙ وقت ۾ ڪنهن به صورت ۾ نئون ٽيلئنٽ نڪري ايندو، جنهن کي ڪو به روڪي نه ٿو سگهي. ۽ اهون نئون ٽيلنٽ، اڳئين ٽيلنٽ کي ڪراس ڪري ويندو. اهو هڪ فطرت جو ڪرشمو آهي. وڏا نالا اڀرندا ۽ انهن کي مستقبل ۾ ايندڙ ٻيا نالا، ڪراس ڪري ويندا آهن. اهو ائين آهي، جيئن ملهه جي راند ۾ هڪڙي مرحلي تي پُهچي شاگرد، اُستاد کي ٻئي ملهون اچي ماريندو آهي. تنهنڪري آئون پنهنجي ليکي، ڪنهن به خوشفهمي ۾ ورتل نه آهيان. باقي جيستائين دوستن جو تعلق آهي ته مان ڪجهه نه ٿو چئي سگهان. باقي جيڪي جيئرا آهن، اهي ئي پنهنجي باري ۾ ڪا راءِ ڏيئي سگهن ٿا.“ استادنظاماڻي؛ ”توهان محسوس نه ڪيو آهي ته نوجوان ليکڪن ۾ سيڪس جي موضوع تي لکڻ جو رجحان فيشن طور وڌي ويو آهي.“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”سيڪس تي لکڻ تي، مونکي ڪو به اعتراض ڪونهي. پر اسان وٽ سيڪس براءِ سيڪس لکيو ٿو وڃي. انهيءَ مان ڪو مطلب ڪو نه ٿو نڪري. آئون سمجهان ٿو ته سيڪس کي جيئن ميلان ڪنڊيرا استعمال ڪيو آهي، جنهن جي ذريعي هن مشرقي يورپ جي سياسي ڏاڍاين جو ذڪر ڪيو آهي، يا جيئن سعادت حسن منٽو سال ۱۹۴۷ع جون ٽريجڊيون لکيون آهن. ائين اسان وٽ گهٽ لکيو ويو آهي. بهرحال آئون سيڪس تي لکندڙن جو حامي آهيان، پڙهڻ وارا کين پاڻهي رد يا قبول ڪندا.“ استادنظاماڻي؛ ”توهان ان سلسلي ۾ نوجوان ڪهاڻيڪارن کي ڪهڙي صلاح ڏيندا؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”اها ئي ته پنهنجي دل جي چئي تي لکن. پاڻ کان سينئر ليکڪن جي تنقيد کي نه ليکين. پنهنجي ۽ ٻين جي آزاديءَ جو خيال رکن. جيڪو پنهنجو قدرتي اسٽائيل اٿن، انهيءَ کي برقرار رکن.“ استادنظاماڻي؛ ”رسول بخش پليجي صاحب پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ چيو ته؛ ’اياز تي مون سسٽيميٽڪلي Systematically لکيو آهي. غلام ربانيءَ کي تنقيد جي ذريعي، پهرين پهرين اسٽيج تي مون آندو. نسيم کرل تي، سڀني کان پهرين مون لکيو. اهڙا ماڻهو به هئا، جن صرف هڪ افسانو لکيو انهن کي به مون مٿي کنيو.‘ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي، ته ڇا واقعي هڪ سٺي تخليقڪار کي نقاد جي ضرورت هوندي آهي.؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”سڄي دنيا جي اديبن وانگر آئون اهو ئي ٿو سمجهان ته؛ ڪنهن به فطري ڏات کي ڪنهن به مقالي، نقاد يا اڪيڊمي جي ضرورت ناهي. فرانز ڪافڪا کان وٺي اڄ تائين، تخليقي ادب جي دنيا ۾، فلمي ڊائريڪٽرن جي دنيا ۾، ڪنهن ٻئي اهڙي آرٽ جي دنيا ۾، جيڪي به وڏيون وڏيون بلائون ٿي گذريون آهن، اهي اسڪولن مان ڀڳل ڇوڪرا آهن. ڪجهه سائنسدان به ان زمري ۾ اچن ٿا. البته مصور کي اڪيڊمي جي ضرورت آهي. خود رسول بخش پليجي پهرين ٻن بهترين ڪهاڻين ”جتي باه ٻري“ جهڙين ڪهاڻين کي ڪنهن به نقاد جي ضرورت ناهي.“ استادنظاماڻي؛ ”پليجي صاحب اهو به چيو آهي ته؛ ’لکڻ وڏو عذاب آهي. مان صرف مجبوريءَ جي حالت ۾ لکندو آهيان......؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ (ڳالهه کي ڪٽيندي) ”پليجو صاحب، نه رڳو ذاتي طور منهنجو محسن ۽ مهربان آهي، پر ان سان گڏوگڏ هڪ اعليٰ قسم جو سياستدان به آهي. ظاهر آهي ته هڪ سياستدان لاءِ لکڻ، وڏو عذاب ئي هئڻ گهرجي. جڏهن ته منهنجو لکڻ کانسواءِ ٻيون ڪي به مصروفيتون نه آهن. ان ڪري مون لاءِ لکڻ عذاب جي بدران، خوشيءَ جهڙي ڳالهه آهي. ها جڏهن لکي وٺندو آهيان ته خاص عذاب ۾ وٺجي ويندو آهيان ته هي ڇا لکيو اٿم. انهيءَ عذاب مان گذرندي جڏهن اها شيءِ ڇپجندي آهي، يا اسڪرين تي ايندي آهي، ۽ پوءِ پڙهندڙ، ڏسندڙ جڏهن انهيءَ جي واکاڻ ڪندا آهن، ته پوءِ مونکي يقين ايندو آهي، ته هائو ٻيلي ڪو چڱو ڪم ڪيو اٿم. اصل ۾ اهڙو ليکڪ آهيان، جنهن کي پراوا ڪن چئي سگهجي ٿو.“ استادنظاماڻي؛ ”ليکڪن، اسان جي پياري ملڪ ۾ گهڻو ڀوڳيو آهي. اياز هجي يا امرجليل. توهان جي سامهون ڪا اهڙي صورتحال آئي؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”اهو سڄي دنيا ۾ ٿيندو آهي. ليکڪ ڀوڳيندا آهن. اياز ته ڦاهي تان واپس موٽيو، ۽ ڪيترا ئي سال جيل ۾ رهيو. پر امرجليل سان ائين نه ٿيو. ڏيئي وٺي سرڪاري عهدي جي حساب سان ڪي تڪليفون آيون هوندس. پر مون سان ائين نه ٿيو، سو مونکي شهيدن ۾ شمار نه ڪريو ته چڱو آهي. مونکي اهڙي ڪا به تڪليف نه آئي.“ استادنظاماڻي؛ ”اچون ٿا اوهان جي ٽي وي ڊرامن ڏانهن، جن اوهان کي تمام گهڻي شهرت ڏني. مشهور ڊرامو ديوارين يا راڻي جي ڪهاڻي ۾ ڪهڙو پسمنظر هو، يا ائين کڻي چئجي ته اوهان جي ذهن ۾ اها ڪهاڻي ڪيئن آئي؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”ڊرامو لکندي، آئون واقعا اصلي کڻندو آهيان، پر ڪردار پنهنجي آس پاس مان کڻندو آهيان، جن جو ڊرامي جي ڪهاڻي سان ڪو تعلق نه هوندو آهي. اهو واقعو مونکي شاهنواز جوڻيجي ٻڌايو هو. مون انهيءَ واقعي ۾ ڦيرڦار ڪري ڊرامو لکيو. اصل واقعي ۾ ته الاهي ساريون راڻيون قتل ڪيو ويون هيون، پر مون هڪ راڻي لکي، ۽ راڻي جي قتل ٿيڻ بدران اهو ڄاڻايم ته، هو ٻي راڻي کي جنم ڏيندي گذاري وئي. هينئر به توهان ڏسو ته جيڪي اُتر ۾ قبائلي جهيڙا آهن، اُهي ديوارين وانگر ئي ٿين ٿا. باقي ڪردار ته ليکڪ اُهي ئي کڻندو جن کي سڃاڻندو هوندو.“ استادنظاماڻي؛ ”ڊرامي لکڻ دوران، يقينن اوهان کي ڪجهه ڌرين سان سمجهوتو ڪرڻو پيو هوندو؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”ٽي وي ڊرامو، لکبو ئي سمجهوتن تحت آهي. جن ڌرين سان سمجهوتو ڪرڻو پوندو آهي، انهن ۾ هڪ ته ٽي وي جي پاليسي هوندي آهي، پاليسي مطابق لکبو ته ڊرامو نشر ٿيندو. ٻيو سمجهوتو ٽي وي جي بجيٽ سان ڪرڻو پوندو آهي. مثال مون ڊرامو ڪاروان لکيو ته، انهيءَ جون ڇهه قسطون ٿر ۾ رڪارڊ ٿيڻيون هيون. پر پهرين قسط ۾ ئي بجيٽ جي کوٽ ٿي پئي ۽ ڪهاڻيءَ کي شهر ۾ آڻڻو پيو. ٽيون سمجهوتو پروڊيوسر سان ڪرڻو پوندو آهي،. انهي لاءِ اُستاد پروڊيوسر ياور حيات جو مشهور جملو آهي، جيڪو هن ڪنهن ليکڪ کي چيو ته؛ ’يار تم تو لک ديتي هو، ڪه گهمسان ڪي جنگ لگ رهي هي، مگر مين يه جنگ ڪيسي لگوائون.‘ ان بعد سڀ کان وڌيڪ سمجهوتو، ڪروڙين ڏسندڙن سان ڪرڻو پوندو آهي، ۽ اُها ڳالهه ذهن ۾ رکڻي پوندي آهي، ته حاڪم کان وٺي هاريءَ تائين، ۽ هڪ پڙهئي لکئي پروفيسر کان وٺي ڪنهن اڻ پڙهيل ماڻهوءَ تائين ڊرامو سڀني کي پسند اچي. جيئن ماڻهو ناول يا ڪهاڻي لکڻ وقت، پنهنجي ناڙيندو آهي، ائين ٽي وي ڊرامي ۾ ڪري نه ٿو سگهجي.“ استادنظاماڻي؛ ”توهان جو مطالعو وسيع آهي. ڪو اهڙو ڪتاب جيڪو توهان کي تمام گهڻو وڻيو هجي؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”اها ته ڊگهي لسٽ آهي.“ استادنظاماڻي؛ ”پوءِ به هڪ ٻه ڪتاب ٻڌايو...؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”هروڀرون ضد ٿو ڪرين ته پوءِ جيڪي مونکي گهڻو وڻيا، انهن مان قرت العين حيدر جو ناول ’آخر شب ڪي هم سفر‘، اوريانه فلاسي جو ’اي مين‘، ۽ شولو خوف جو Quite flows the Don آھن.“ استادنظاماڻي؛ ”مون ڪٿي پڙهيو هو ته؛ توهان جي سنگت، اديبن سان گهٽ چورن، موالين، وڏيرن، ۽ ٻٽاڪين سان گهڻي هئي.؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”منهنجي سنگت، رڳو انهن ڌُرين سان نه پر گڏوگڏ هارين، نارين، ڌراڙن، ڊرائيورن، چوڪيدارن ۽ ڪلارڪن سان به رهي آهي. اصل ۾ انهن ماڻهن وٽ جيڪو علم آهي، سو تجربي جي پيداوار آهي. اهي ماڻهو، اسان اديبن کان وڌيڪ زندگيءَ جو ادراڪ رکن ٿا. مون انهن ماڻهن کان علم پرائيو آهي. منهنجي تخليق جو سرچشمو اهي ئي ماڻهو آهن. جيڪي منهنجي ڪهاڻين، ڊرامن جا ڪردار آهن.“ استادنظاماڻي؛ ”جيڪڏهن اوهان ليکڪ نه ھجو ھا بلڪ پنهنجي والد وانگر صوبيدار هجو ها ته؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”صوبيداريءَ ۾ آئون چونڊجي به ويو هيس، بابا جي ڪوٽا ۾. پر بابا مونکي اها نوڪري ڪرڻ نه ڏني. پر جي اها نوڪري ڪريان ها ته پڙهيو لکيو هئڻ سبب، هڪ بيڪار قسم جو ڊي آئي جي وغيره هجان ها يا ڪرمنالاجي جو ماهر، ڪجهه به هجان ها پر وري به ليکڪ ضرور هجان ها.“ استادنظاماڻي؛ ”پنهنجي تجربي مان ڪجهه اديبن جي زالن جي باري ۾ ٻڌايو ته اُهي مُڙسن سان ڪيئن ٿيون گذارين؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”سڀ مصيبت/ عذاب ۾ رهيون آهن. منهنجي زال به عذاب ۾ آهي. رت ڪري ماريو اٿمانس. پر وڏي صابر آهي. انهي ڪري قصو پيو هلي. منهنجي ڇوڪرين کي صلاح آهي ته؛ ’اُهي ڪنهن به ليکڪ سان شادي نه ڪن، نه ته ڏاڍا ڏکيا ڏينهن ڏسنديون.‘“ استادنظاماڻي؛ ”توهان زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪا چوري ڪئي؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ (سگريٽ جو ڊگهو ڪش هڻندي) ”آئون اڪثر ڪري پنهنجي مضمونن ۾، جن به غير ملڪي اديبن جا حوالا ڏيندو آهيان، انهيءَ جو سبب اهو ناهي ته ڪو پڙهندڙن تي رعب ڄمائجي، پر لکندي لکندي اوچتو ڪي اهڙيون ڳالهيون اچي وينديون آهن، جيڪي ٻين ليکڪن جون چيل هونديون آهن. پوءِ مجبور ٿي آئون انهيءَ ليکڪ جو مثال ڏيندو آهيان، ڇاڪاڻ ته ڪڪڙن جو چور ته ٿي سگهان ٿو، پر ادبي چوريءَ کان ونءُ ويندو آهيان. هڪ مزيدار ڳالهه اها به آهي ته، ڪافي وقت اڳ، جڏهن ڇوڪراٽ هُيس، ته دوستن سان گڏجي ڳوٺ جي ڀر ۾ قاديانين جا مرچ چوري ڪيم. ان کانپوءِ اهڙي حرڪت نه ڪيم. البته دلين جون چوريون گهڻيون ئي ڪيم.......“ استادنظاماڻي؛ ”ان جو مطلب آهي ته عشق به ڪيئي. پوءِ ته ڀتيون به ٽپيون هوندئي؟ لوڙها به لتاڙيا هوندئي؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ (وڏو ٽهڪ ڏيندي) ”ها! لوڙها به ٽپياسين. هينئر جڏهن اهي ڳالهيون ياد اچن ٿيون ته ڏاڍو خوف ٿئي ٿو. لوڙها ٽپندي ڪٿي مارجي پوان ها ته،!.... بس موت کان بچي ويس، هاڻي ٻئي هٿ ڪنن تي آهن.“ استادنظاماڻي؛ ”توهان کي جڏهن صدارتي ايوارڊ مليو هو ته اسان ٻڌو آهي، ان وقت ڪجهه قوم پرست آيا هئا، جن چيو هو ته آمر ضياءَ کان ايوارڊ نه وٺ. ته اُهو معاملو ڇا هو؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”ادا ايوارڊ ته منهنجو حق هو، پنهنجو حق ڇو ڇڏيان، مون ڪو پلاٽ پرمٽ ته ڪو نه ورتو، نه ئي ڪا وڏي سيٽ ورتم! منهنجا ته اُهي ساڳيا حال آهن، بُڪي ٺوڪيندو وتان. ٻين يارن کي به ڏس ته ڇا مان ڇا ٿي ويا. جن مونکي روڪيو، اُهي امير ڪبير ٿيو پيا هلن. سندن اڳ ۾ حيثيت ڇا هُئي، هاڻي ڇا آهي؟ اها ڳالهه ويچارڻ وٽان آهي. ضياءَ الحق مرحوم ته پري ٿيو، پر ڄام صادق علي، ته پنهنجو هو، انهيءَ کان پرمٽ يا پلاٽ/ زمين جو ٽڪرو وٺي پئي سگهيس. پر نه وٺي سگهيس. ڄام صاحب هڪ ڀيرو ته مونکي ڀونڊو به ڏنو؛ ’تون پنهنجي لاءِ ڪجهه نه ٿو ڪرين!‘ ماٺ ڪري ويهي رهيس. ڳالهه آهي؛ سڄي ناجائز ڪمائي جي. ڪا مون وٽ هجي ته اوهان پاڻ ٻڌايو. مونکي مڪيش جو راجڪپور تي فلمايل اهو گانو ڏاڍو وڻندو آهي؛ ’سجن ري جهوٽ مت بولو، خدا ڪي پاس جانا هي. نه هاٿي هي، نه گهوڙا هي، وهين تو پيدل جانا هي!‘ سو پاڻ وٽ نه ڪو گهوڙو آهي، نه ئي هاٿي.“ استادنظاماڻي؛ ”ڇا انسان پنهنجي پوري زندگي، پنهنجي ڳولا ۾ گذاريندو آهي؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”اصل ۾ جيتري ڪائنات ٻاهر آهي، ايتري ئي ڪائنات، انسان جي دماغ ۾ موجود آهي. اها ڳالهه ڪا هوائي توائي جملو ناهي. پر جيڪا اطلاقي سائنس آهي، ڪائنات جي ۽ نيورولاجي آهي. اهي ٻئي سائنسون، اها ڳالهه ثابت ڪري چڪيون آهن ته؛ ’انسان جي دماغ ۾ هڪ پدم فئڪلٽيون آهن.‘ سو سائنسي حقيقت ته اها آهي. پر هونئن ڪي ماڻهو پنهنجي ڳولا ۾ هوندا آهن. ته ڪي نه به هوندا آهن. جيتريقدر ڪنهن ليکڪ جو تعلق آهي ته، ليکڪ اها ڳولا ڪندو رهندو آهي. ته آئون ڪهڙي صنف ۾ فٽ ٿي سگهان ٿو؛ ’آيا شاعري ڪري سگهان ٿو، يا ناول لکي سگهان ٿو، يا ڊرامو لکي سگهان ٿو.‘ ۽ صنف ڳولي لهڻ کانپوءِ، ليکڪ انهيءَ ڳولا ۾ هوندو آهي ته؛ ’هو پنهنجي صنف سان ڪيئن نڀائي؟‘ خاص ڳالهه ته ادب/ آرٽ، زندگيءَ جي ڪنهن نئين پهلوءَ کي ڳوليندو آهي. جنهن کي چوندا آهن؛ Exploration of the life ...... سو قصو ائين آهي.“ اُستاد نظاماڻي؛ ”آخري سوال ته؛ ليکڪ جي حيثيت ۾، پنهنجي پاڻ کي ڇا ٿا ڄاڻو؟““ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”آئون بين القوامي ادب گهڻو پڙهندو آهيان. ان ڪري آئون پنهنجي پاڻ کي دريا ۾ هڪ ڦُڙو پاڻيءَ جو سمجهان ٿو.“ (جهونگار نمبر ٽين ۲۰۰۰ع ۾ ڇپيل) عبدالقادر جوڻيجي جون ڳالھيون ڊاڪٽر اسد جمال پلي هڪڙي دفعي نئون ڪوٽ جي هڪ “ڀيلڻ ڏوڪري” جڏهن عبدالقادر کي ڏٺو ته کيس هڪل ڪري چيائين ته “مئا قادريا ڪٿ ٿو گذارين.” عبدالقادر جي اکين ۾ عجيب رمق اچي وئي. پوءِ ڪيترو وقت هو ان ٻڍڙي ڏوڪري سان ڊاڙ ٺڪا هڻندو رهيو. کيس ڀيل ذات جي اٿڻ ويهڻ سان گهڻو انس هئو. پنهنجي انهيءَ انسيت ۾ هو ايترو اڳتي به وڌي ويو جو هڪ اخباري ڪالم ۾ هو سڄي ناري پٽ کي ڀيلواڙو لکي ويٺو ۽ پوءِ ڪيترو وقت زبان سندس ڏندن ۾ ڦاٿل رهي. هڪڙي دفعي مون کي ٻڌايائين ته خانصاحب راڄ محمد پلي (جنهن کي هو خطن ۾ ادا راڄو، لکندو هو) چوندو هو ته هي جيڪي سنڌي ادب ۾ ساڄا ۽ کاٻا هڪٻئي تي سيٽيا وتن اهي هڪ ئي تصوير جا ٻه رخ آهن. اڳتي هلي ڳالهيون پنهنجي اصل رخ تي اينديون ۽ هر سنجيده ليکڪ انهن شين کان پري ٿي ويندو. صرف ادبي بيروزگار هن بحث ۾ مصروف نظر ايندا. اها ڳالهه پوءِ عبدالقادر “وڙهيا، واڳيا، واپريا ڪتاب ۾ لکي.” هڪڙي دفعي مون کي ٻڌايائين ته ادب جيڪڏهن اديب جو پيٽ نه ڀري ته آئون ان کي ادب نٿو مڃان. اهو ڪٿي جو انصاف آهي جو پبلشر جنهن ادب مان بنگلا ٺاهي، سرڪار ادارا هلائي انهيءَ ادب جو سرجڻهار پن جون ٻيڙيون به سوال تي وٺي پيئي. انهي ڪري مون سڀ ڊراما پئسن تي لکيا ۽ پئسن لاءِ لکيا. هڪڙي دفعي مون کي ٻڌايائين ۽ پوءِ هڪ مشهور سنڌي رسالي لاءِ تفصيلي انٽرويو ۾ به چيائين ته منهنجي ادبي گرومنگ (Grooming) عبدالڪريم پلي ۽ راڄ محمد پلي ڪئي ۽ جيڪڏهن وفا پلي جو نالو نه کڻان ته ڪوڙهيو ٿي مران. هن انٽرويو ۾ عبدالقادر ڪريم پلي جي اوطاق ۽ ماحول جو تفصيلي ذڪر ڪندي لکيو ته ڪاروان ڊرامي ۾ وڏيري علي نواز جو ڪردار مون ڪريم پلي جي شخصيت تان ورتو آهي. ڪريم پلي جهڙا پٽ مائرون وري ڪو نه ڄڻينديون. اهو ڪردار مرحوم محمود صديقي ادا ڪيو ۽ ڊرامي جون ڪيسٽون کڻي صديقي صاحب “عيد” جي موقعي تي سنڌڙي ۾ محمد خان جوڻيجو (وزيراعظم) سان مليو ۽ کيس چيائين ته اوهان جي مائٽ اوهان تي ڊرامو لکيو آهي. ايئن واپسي ۾ پٽ جي نوڪري وٺي آيو. ڪجهه ٻين به سنڌ جي وڏن ماڻهن جي حوالي سان هن ڪردار جي ڳالهه منسوب ٿي پر مون صاف انڪار ڪيو ته نه صرف اهو ڪردار مون پلي صاحب جي شخصيت تان کنيو آهي پر ڪجهه “ڊائلاگ” به هوبهو سندس چيل آهن. هنن چيو ته ڪاش سنڌ جا سڀ وڏيرا “ڪريم پلي” هجن. اهڙو اظهار هن وڏيري شاهنواز جوڻيجو جي ڪنهن دوست سان به ڪيو. هڪڙي دفعي سندس ڪالوني واري گهر ۾ مون کي هڪ ميز ڏيکاريائين ته عبدالڪريم پلي جڏهن به مون وٽ گهر ايندو هو ته پاڻ کي ڪڏهن به وڏيرو نه سمجهندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن هن ميز تي چڙهي ويهندو هو. عبدالقادر پوءِ ميز تي ڪانڀ ڪڍي ويهي ڏيکاريو ته او! هيئن. هڪڙي دفعي مون عبدالقادر کي راڄ محمد صاحب تي تاثر لکڻ لاءِ چيو. پاڻ اهو تاثر لکيائين ۽ راڄ محمد صاحب جي ڪتاب “وڙهيا واڳيا واپريا” ۾ ڇپيو. اهو تاثر هن چئن مهينن ۾ لکي پورو ڪيو جڏهن به آئون وٽس سنڌ الاجي آفيس ويندو هئس ته هڪ ٻه پئرائون پندرهن ويهن ڏينهن ۾ لکيل ڏيکاريندو هو ۽ خوب ڪچهريون ڪندو هو. جيڪڏهن اهي سڀ ڳالهيون لکجن ته وڃي ڪتاب ٺهندو. انهن مان هڪ ڳالهه خاص ته هو ڪريم پلي کانسواءِ پنهنجي ذاتي دوستن ۾ صرف ٻه ٻيا نالا فقير شير محمد بلالاڻي ۽ ڄام صادق علي جا کڻي چوندو هو ته گنج ٿي ويا. هر ڪنهن ۾ پنهنجي اک ٻڏي ڪو نه، باقي واسطو، تعلق رسم و راهه گهڻي زماني سان آهي، رهندي پر دوستي جي وڌيڪ بک پاڻ کي اٿئي ڪو نه. هو ڳالهين ۾ بيباڪ هو ۽ ڳالهه ڦهڪائي هڻڻ کي ترجيح ڏيندو هو. هڪڙي دفعي سندس ڪتاب “شڪليون” ۾ مون پڙهيو ته کيس نسيم کرل جو نالو پڙهي هن ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ جو شوق ٿيو (نالي ۾ هن نسيم کرل کي ڇوڪري سمجهيو). پوءِ جڏهن هڪ اخبار جي آفيس ۾ هڪ وڏي آرام ڪرسي اهليل نسيم کرل سان سندس تعارف ٿيو ته حواس باختا ٿي چيائين ته “چڱو ٿيو مون هن سان شادي نه ڪئي!” اهو سندس تحرير جو ڪلائميڪس هو. هڪڙي دفعي مون کي ٻڌايائين ته آئون چئن ڪردارن تي هڪ ڪتاب لکان پيو. “ٻه ڏاڙهيون ٻه سينڌيون.” انهن مان هڪ ڏاڙهي ڪريم پلي ۽ هڪ سينڌ روحي بانو آهي. باقي ٻه ٻيا ڪردار آهن. مون کي خبر نه آهي ته سندس اها تحرير ڪهڙي مرحلي تي ۽ ڪهڙي حالت ۾ آهي. جڏهن لئنگويج اٿارٽي ۾ هو ته به چار پنج دفعا دل واريون ڳالهيون ٿيون. پوءِ هڪڙي دفعي ٻڌايائين ته مئڊم سسئي پليجو چوي ٿي ته آئون لئنگويج اٿارٽي کي ڄام صادق جي اوطاق ٺاهيو ويٺو آهيان. آئون چوان ٿو ته شڪر آهي جو مون تي الزام به هڪ سخي جي نالي جو آهي. ڇو جو ڄام صادق سنڌ جي ڏاتار ڄام ڪانڀو جو پٽ آهي. هڪڙي دفعي مون کي چيائين ته آئون جي بي (گئلن بيري) سنڊ روم جي بيماري ۾ ورتل آهيان. اها بيماري تون نيورو لاجي جي ڊاڪٽر هجڻ ڪري بهتر سمجهين ٿو. هي بيماري اعصابي ڪمزوري ڪرائيندي آهي ۽ ڇڏيندي اصل ڪو نه. سو هاڻ پاڻ کي به دم دلاسي جي گهٽ ضرورت آهي. باقي جيڪي ڏينهن آهن پيا ڪٽبا. هڪڙي دفعي عمرڪوٽ ۾ اڪبر لغاري صاحب سئمينار ڪوٺايو ٻن ڏينهن جو پهرين ڏينهن تعارفي سيشن ٿيو ٻئي ڏينهن جي صبح جو سيشن ۾ عبدالقادر ڳالهايو. محقق ۽ اديب اچي گڏ ٿيا. آخري سيشن جو آخري مقرر آئون هئس ۽ پوءِ صدارتي تقرير غلام محمد لاکو صاحب جي هئي. مون ڳالهايو پئي ته “عمرڪوٽ” تاريخي دليل طور “ع” سان ئي لکبو الف سان لکڻ صرف پسند ۽ شوق آهي پر تاريخ ڪونهي. ان وقت پنڊال ٻاهران اسٽيج جي پويان عبدالقادر جوڻيجو سگريٽ جا ڪش هڻي رهيو هو. مون کي سندس هڪ مذاق ياد آيو. عبدالقادر اڪثر چوندو هو ته ماڻهو ماني کائي ڍؤ ڪري پوءِ وڏا وڏا ڊاڙ هڻي ته ماني هضم ٿئي. سو هي الف سان عمرڪوٽ واري ڳالهه به اهڙو ئي ڊاڙ آهي. پاڻ اتان اسٽيج جي پويان کنگهندي کنگهندي چيائين ته پلي منهنجي جان ڇڏين نٿو ۽ پوءِ اسٽيج تان لهڻ بعد ٽهڪ ڏيندي چيائين ته هيءَ ڳالهه به تاريخ جو اهم دليل ٿي ويندي. آخري دفعي مون کي چيائين ته ٻئي سنڌي ادبي بورڊ جا ميمبر گڏ ٿيا آهيون منهنجي حصي جو ڪم به تون ڪجان. مون کي خبر هئي عبدالقادر هڪ به ميٽنگ ۾ نه ايندو ۽ ساڻس فون تي گفتگو بعد ملاقات ئي نه ٿيندي ۽ اسان جون ڪچهريون به ڪورونا جي لاڪ ڊائون سان گڏ لاڪ ٿي وينديون. ٻئي دفعي عبدالقادر جوڻيجو جون ڳالھيون اسد جمال پلي ٻي دفعي، اها ڳالهه ٻڌايائين ته؛ ”مون کي پرائمري ماستر جي نوڪري ملي، خانصاحب عطا محمد پلي جي ڳوٺ لڳ، صوفي شاخ جي اولهه ۾، چوڌري شاهنواز جي ڳوٺ ۾. پر مون اچي لڏو لاٿو عبدالڪريم پلي وٽ، جتي مون کي ادبي خوشبوءِ آئي ٿي. هتان ٻه- ٽي ڪلوميٽر اسڪول لاءِ اڪثر وفا پلي مون کي موٽرسائيڪل تي ڇڏي ايندو هو ۽ وري کڻي به ايندو هو. ايئن ئي وقت گذريو. عبدالڪريم پلي وٽ روز ادبي ڪچهري ۽ رهاڻ متل هوندي هئي. ٻي دفعي، مون کي ٻڌايائين ته اهو ۱۹۶۵ع جو سال هو جو منهنجي پهرين ڪهاڻي ٻرندڙ لانچ جنوري جي روح رهاڻ ۾ شايع ٿي. ساڳي پرچي ۾ عبدالڪريم پلي جو هڪ گيت به ڇپيو هو. آئون ڪپڙن ۾ نه پئي ماپيس جو پهرين تحرير ڇپي هئي. پوءِ هن ڪهاڻي تي رات جو هڪ تفصيلي ويهڪ پڻ ٿي جنهن ۾ يار محمد چڱائي سڀني کان گهڻو ڳالهائيو. اسان جي هن ادبي گاڏي ۾ محمود يوسفاڻي به هوندو هو. هو سنجيده ۽ معتبر ماڻهو هو. ڪير به ساڻس گهڻي حجت ۽ کل ڀوڳ نه ڪندو هو. جهڙو شخصي طرح معتبر هو. تيئن علمي طرح به معتبر هو. محنتي ۽ گهڻو لکندڙ هو. گرامر ۽ ٻولي جي حوالي سان ۽ شاعري تي سندس گفتگو مستند هئي. اسين سڀ کيس سائين معمور سڏائيندا هئاسين. منهنجي گهڻي ڪچهري راڄ محمد سان هئي. راڄ محمد گهڻو مطالع ڪندڙ ۽ ڏاهو ماڻهو هو. ٻي دفعي، مون کي ٻڌايائين ته مون کي اتي رهائش دوران سائي (Jaunalice) جي بيماري ٿي پئي ته مون کي ڀڳڙا جام کارائيندو هو. ڀڳڙن جي کائڻ سان اڃ جام لڳندي هئي ۽ پيشاب گهڻو ٿيندو هو. راڄ محمد مون کي چيو ته اهو اٿئي ”سائي“ جو علاج. نڪو ”خاڪ“ نه ڪو تعويذ. عبدالقادر مون کي ٻڌايو ته مون راڄ محمد کي تمام گهڻا خط لکيا. راڄ محمد جنهن کي آئون ”دا راڄو“ لکندو هئس. اهو خط فائل ڪري رکندو هو. سنڀايل هوندا. اوهين هٿ ڪجئو. پوءِ مون هٿ ڪيا ۽ مون وٽ سنڀاليل آهن. ٻي دفعي، مون کي ٻڌايائين ته کيس سخت بخار آيو رت جي رپورٽ ۾ ڪينسر جا جذا اچي ويا. چيائين عبدالڪريم پلي سان حال اوريم ته مون کي حيدرآباد ۾ رهڻ لاءِ جاءِ اوهين وٺي ڏيو. ٻارن جي جي تعليم جو خرچ فقير شير محمد بلالاڻي تي آهي. چلهه پينشن مان ٻرندي. ٻارن جي تعليم مڪمل ٿي بس، منهنجا ٻيڙا پار. پوءِ جيڪڏهن ٻار وڏا ٿي پنهنجي جاءِ وٺي اوهان جي جاءِ واپس ڪن ته به مرضي جا مالڪ جي نه واپس ڪن ته به بخش اٿن. عبدالڪريم پلي کلندي کلندي چيو ته يار تون ڊڄ نه رپورٽ ڪنهن سٺي ليبارٽري مان ڪراءِ. پاڻ ويهي منهنجو علاج مڪمل ڪرايائين. رپورٽ ٻيهر ڪرايائين ته ڪينسر هئي ئي ڪو نه الائي ڪيڏانهن اڏامي وئي. يار اسد! ڇا ماڻهو هئا. ٻي دفعي، ٻڌايائين ته جڏهن ستر واري اليڪشن ۾ عبدالڪريم پلي ايم پي اي جي سيٽ تي آزاد اميدوار طور بيٺو ته سندس انتخابي نشان ”گهڙيال“ هو. آئون ۽ علي بابا سندس بنگلي تي ويٺا ورڪ ڪندا هئاسين. ورڪ ڪهڙو سڄو ڏينهن مکيون ماريندا هئاسين ۽ شام جو جڏهن پلي ورڪ تان واپس ايندو هو ته سندس همت وڌائيندا هئاسين. جڏهن اليڪشن ٿي ۽ پلي جي سيٽ کٽڻ جو اعلان ٿيو ته علي بابا اهڙو زور سان ٽپ ڏنو جو ڪرسي تان ڦهه وڃي پٽ تي ڪيائين. سڀني جا کل جا ڪوڪريا. ٻي دفعي، مون کي ٻڌايائين ته شيرين پاشا (شارٽ اسٽوري رائيٽر) مون کي چيو آئون کڱيس سنڌ جي ٻهراڙي گهمايان. آئون سندس فرمائش تي شيرين پاشا کي وٺي وڃي عبدالڪريم پلي وٽ نڪتس. عبدالڪريم پلي انتهائي خانداني بصيرت سان ساڻس فرشي نشت تي ڪچهري ڪئي. ڳوٺاڻيون ڳالهيون، ڳوٺاڻا کاڌا بعد ۾ ڪافي ڀرت ٿيل شيون ڏنائين. واپسي ۾ مون ڏٺو ته شيرين پاشا جي اکين ۾ لڙڪ هئا. مون سبب پڇيو ته چيائين، قادر تمام گهڻي عرصي کانپوءِ مون خانداني خوءِ واري شخص سان ڪچهري ڪئي آهي. مون کي ايئن لڳو ته آئون پنهنجي ڪنهن خاندان جي وڏي بزرگ جي ڪچهري ۾ ويٺي آهيان. مون کي جيڪي پنهنجي ڏاڏا سائين متعلق ڳالهيون گهر ۾ ٻڌايون ويئيون هيون سي سڀ پلي ۾ موجود مليون. عبدالقادر چيو ته مون ڪالر ڇنڊيندي چيو ته آخر قادر جو يار آهي. گهٽ هوندو ڇا؟ ٻي دفعي مون کي ٻڌايائين ته هيءُ جيڪو هندستاني ڪرڪيٽ ٽيم ۾ ڇوڪرو پيو کيڏي ”اجئه جڊيجا“ اهو ڪڇ جو ”جاڙيجو“ سمون آهي. هنن جاڙيجن جا جيڪي سنڌ جي سمن سان تاريخي مائٽيون ۽ رشتا ناتا آهن اهي توکان ڳجها ڪونهي. عبدالقادر هيءَ ڳالهه ٻڌائيندي تمام گهڻو ڳنڀير ٿي ويو ڄڻ هو لاکي ڦلاڻي کان هينئر به جاڙيجن کي خبردار ڪندو هجي ته ”جاڳو جاڙيجا. سمان سک مَ سمهو“ ڳالهه کي جاري رکندي چيائين پنهنجي پاسي وارو انضمام الحق وري ملتان جي پيراڻي گاڌي مان آهي ۽ اهي ملتان وارا جاڙيجن جا ”پير“ آهن جڏهن هندستان ۽ پاڪستان جي ڪرڪيٽ مئچ ٿيندي آهي ته آئون ٽنگ ٽنگ تي چاڙهي مرشد ۽ مريد جي بئٽنگ جا مزا ڏسندو آهيان. ٻي دفعي مون کي ٻڌايائين ته عبدالڪريم پلي جو والد خانصاحب عطا محمد پلي واقعي خانصاحب هو. خانصاحب جي کوٽ ڪونهي پر عطا محمد پلي ڪير سڏائي. سندس وڏ ماڻهپي جو هڪ اسٽائل اهو به هوندو هو جو سئو رپئي جي نوٽ ۾ تماڪ وجهي ٻيڙي ٺاهي ڇڪيندو هو. دوستي هئس ته وري صوفي قلندر بخش شهيد سان، مهل جو مڙس ماڻهو هو. هو ته خانصاحب انگريزن جو ٽائيٽل يافته پر بااصول اهڙو هو جو انگريز تي به اک ڪا نه ٻڏندي هئس. حرن واري مارشل لا لڳي ۽ حضرت سورهيه بادشاهه تي ڏکيا ڏينهن آيا. انهن ڏينهن ۾ عمرڪوٽ لڳ ٽالهي جوڻيجي جي ڳوٺ تي پوليس ڇاپو هنيو. ڳوٺ جا مڙسالو ته پاسيرا ٿي ويا پر سڀئي ”غازياڻيون“ بيل گاڏين ۾ اچي خانصاحب جي ڳوٺ پهتيون. خانصاحب سڀني ”سامن“ کي ڪوٽ ۾ آندو ۽ چيائين ته اوهان تان منهنجو سر صديقي، جيستائين ساهه سلامت آهي انگريز اوهان جو وار به وِنگو نه ڪري سگهندو. مون اها سڄي ڳالهه ”سانگهڙ ناول“ ۾ پڙهي آهي ۽ عبدالقادر جي ٻڌائڻ وقت ايئن لڳو ڄڻ هو پاڻ ان وقت خانصاحب سان گڏ هو. ٻي دفعي، ٻڌايائين ته خبر اٿئي خانصاحب عطا محمد پلي جي اوطاق ڪا عام وڏيرڪي اوطاق نه اٿئي.هن اوطاق نه صرف سنڌ جي ”موسيقي“ جي خدمت ڪئي آهي پر سچ، صداقت ۽ شرافت جي فيصلن جا به مثال قائم ڪيا آهن. پوءِ وڏو ٽهڪ ڏئي تاڙي ملائي چيائين ۽ سنڌي ادب جا ٻه وڏا افسانه نويس ۽ ڊراما نگار به هن اوطاق جي ايجاد اٿئي. هڪڙو تنهنجي سامهون ويٺو اٿئي جنهاڻي ۽ ٻيو ڏيپلائي. يار ڪهڙيون ٿو ڳالهيون پڇين يارن جون. سنڌ کي اهڙا وڏيرا ئي ته کپن. ٻي دفعي، ٻڌايائين ته بابا جي پوليس آفيسر وقت مون ٿاڻن اندر واڙيل يارن سان ڪچهريون ڪيون. حال احوال ورتا ۽ آهستي آهستي مون کي زندگي جا ڪيترائي سچ سمجهه ۾ اچي. اندر واڙيل يار بي ڊپا ٿي سچ ڳالهائيندا هئا ۽ ڇوٽ ٻولي ڳالهائيندا هئا. منهنجن ڊرامائي ڪردارن ۾ به توکي اها ڇوٽ ٻولي ملندي. اڄ جڏهن سنڌ جو هيءَ بي ڊپو ليکڪ سنڌ ڌرتي جي سطح کان اندر ٽپي هڻي ويو آهي ته مون کي لڳندو آهي ته هي ”يار“ انهي جهان ۾ به ايئن ڪانڀ ڪڍي پنهنجي هٿ جي آڱرين جي اشارن سان ڪچهرين ۾ هوندو جيڪو ماڻهو سورهن آنا سچ سان ڪميٽڊ رهيو. اهو وري اتي ڪيئن ڏکيو هوندو. سندس ڪتاب ”شڪليون“ جنهن به پڙهيو هوندو اهو منهنجي اها ڳالهه ضرور قبول ڪندو ته عبدالقادر جا سڀ ڪردار هر دؤر ۾ هن ڌرتي تي موجود رهيا آهن پوءِ اها ”راڻي“ هجي يا ”ڪيسري.“ عبدالقادر جوڻيجو ھڪڙو قادر ھزار ڳالھيون نصير مرزا ٻُڌايائين پئي ڊرامي راڻيءَ جي ڪهاڻي جي آخري قسط جو لکي پوري ڪيم ته رائٽنگ ٽيبل تان اُٿي اڱڻ ۾ وڃي ڊوڙون پائڻ لڳس. نجمه جو مونکي ائين ڪندي ڏٺو ته پريشان ٿي وئي. چيائين، تون هي ڪرين ڇا پيو؟ وراڻيومانس، مغز تي شينهن جي مٿي جيڏو وزن هو، سو اڄ نيٺ لٿو. ان جي خوشي سيليبريٽ به نه ڪريان ڇا ڀلا!؟ هيءَ اپريل ۲۰۱۸ع جي ڳالهه پئي مون ڪئي، جڏهن آئون ۽ نياز پنهور، پنهنجي هن مستانه ماهي يار عبدالقادر جوڻيجي کان ڪاوش دنيا لاءِ انٽرويو وٺڻ جي خيال سان سندس رهائشگاهه تي موجود هئاسين. ڀاڄائي نجمه قادر پنهنجي ورَ جي ڀرسان ويٺي هئي ۽ زيرِ لب مُرڪي اسان جي اهڙي ڪچهري مان لطف اندوز ٿي رهي هئي. خوش گفتار، مزيدار ماڻهو ۽ آرٽسٽڪ ڳالهيون ڪندڙ هن قلمڪار قادر سان اها ته پوئين ۽ آخري ملاقات جي جهلڪ مون مٿي لکي، پر هن سان پهرئين ۽ روبرو رهاڻ ڪڏهن ۽ ڪٿي ٿي هئي منهنجي؟ اها به عرض ڪريان ٿو. اها ڀانئيان ٿو اهو ۱۹۷۷ع يا شايد ۱۹۷۸ع وارو سال، آئون ۽ طارق عالم سنڌ يونيورسٽيءَ جي مختلف ڊپارٽمينٽ جا جَل ڦٽاڪا شاگرد هئاسين ۽ شيخ اياز صاحب جي وائيس چانسلر شپ به تڏهن بلي بلي هئي. ان ئي زماني ۾ سنڌالاجي ۾ اتان جاري ٿيندڙ رسالي ”پرک“ جي برک ليکڪ ۽ ايڊيٽر عبدالقادر جوڻيجي کي پنهنجو مواد ڏيڻ لاءِ اسين پهتاسين. سامهون ڪرسيءَ تي ڳوٺاڻي ڪَٽ سلوار قميص ۾ ڇا ڏسون هي سامهون جيڪو عبدالقادر جوڻيجو، سگريٽ اُن جي مُٺ تي، ڪانٽو سٺ تي..... ڪچهري شروع ٿي ته لڳو همراهه نه فقط ڳالهين جو ڳهير، پر وڏو حوالي به. تڏهن اسين به جهٽ هن سان گهرگهلا ٿي وياسين. ڪا گهڙي ويهي ٺاشا ماشا ڪري اوچتو اُٿياسين، ته فرينڪ ٿيندي چوڻ لڳو، ڪهڙا پويان ٻار پيا روئنوَ. ڇڏيو گوٿناٿ، ويهو چانهه ٿو گهرايان. پوءِ پرک جو پهريون شمارو شايع ٿيڻ جي خبر پئي، ته ڇا ڏسان قادر هڪ پورو سالم صفحو منهنجي شاعريءَ لاءِ مخصوص ڪيو هو. تڏهن ان وقت اعزازي ڪاپي ته ڏنائين پر شاعريءَ واري فائل مان منهنجي هٿ لکيل وائيءَ وارو پنو ڏيندي چيائين، ”ڏس شيخ اياز صاحب پرک لاءِ شاعريءَ جي چونڊ ڪندي تنهنجي وائيءَ جي مٿان هي ڇا لکيو آهي؟“ ڏٺم ته ڳاڙهيءَ مَس واري پين سان ۽ هيٺان شيخ اياز صاحب جي دستخط سان لکيل هو؛ Who is Naseer Mirza? تڏهن سگريٽ مان سوا ميٽر جيترو ڊگهو سوٽو هڻي سخاوت جو مظاهرو ڪندي چوڻ لڳو، هي عظيم شاعر جو ڏنل سرٽيفڪيٽ اٿئي، ڇا ياد ڪندين، هان وٺ تحفي وانگر وڃي سانڍي رک پاڻ وٽ. ۱۹۸۱ع تائين آئون جيستائين سنڌ يونيورسٽيءَ جو شاگرد هوس، طارق سان گڏ قادر وٽ ريگيولر وزيٽر هوس. تڏهن ڪچهريءَ ۾ جي هو حوالي ته طارق ۽ آئون به ڀلا ڇا ۾ گهٽ؟ پاڻ طارق ۽ منهنجي جوڙيءَ کي ٽچ بٽڻ سڏيندو هو. تڏهن قادر ۽ شوڪت حسين شوري کي هر وقت گڏ گڏ ڏسي اسان به ته دل ئي دل ۾ هنن کي ٽچ بٽڻ جوڙي سڏڻ لڳا هئاسين. هاڻي ڳالهه صاف... جيڪو به قلمڪار، شاعر، چترڪار يا ڪهاڻيڪار اهو چاهي وڏو هجي، کڻي ننڍو، يا ايوريج، عاشق صادق جي نه هوندو ته نظرباز ته ضرور هوندو ۽ صنف نازڪ جنهن جي ضرور ته ڪمزوري هوندي، تڏهن ڀانئيان ٿو هي شايد سهڻي رسالي ۾ قادر کان پڇيو ويو هو ته توهان جي آڏو ٽي شيون هجن شراب، ڪتاب ۽ عورت، سچ ٻُڌايو، توهان جي چونڊ ڇا هوندي؟ جواب ڏنو هئائين، ”عورت... ڇو جو اها شراب به آهي ته شباب ۽ ڪتاب به.“ تڏهن واهه قادر واهه، واهه قادر واهه چوندا، کيس داد ڏيڻ لاءِ اسين سندس آفيس ۾ گهڙي پيا هئاسين. تڏهن يڪدم اپديشڪ بڻجي چوڻ لڳو، ”هئه ٻالڪو!! صنف نازڪ جو عاشق اصل ئي نه ٿجي، هميشه هن جو معشوق ئي ٿجي.“ ڀانئيان ٿو، قادر سچو هو، جو ان وقت عينڪ جي سونهري ڪمانين واري هڪ نازڪ نفيس ۽ نو خيز ڪهاڻيڪاره هن جي آڏو عاشق بڻجيو ويٺي هئي ۽ ”پولار“ ۾ آرٽسٽڪ انداز سان ڏسي رهي هئي، تڏهن اسان ٻنهي وري ان خاتون منجهان اکيون ئي نٿي ڪڍيون. افسوس، طارق عالم هن پياري اپديشڪ قادر جي قول تي عمل نه ڪيو ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي صحافت واري شعبي ۾ مون سان گڏ پڙهندڙ هڪڙي ”مِس“ جي عشق ۾ وڻ ويڙهيءَ جيان ويڙهجي ويو ۽ نيٺ ناڪام ٿي ڊپريشن ۾ گُڙدا وڃائڻ واري پروسيس ۾ اچي ويو. هي اهو وقت هو، جڏهن پي ٽي ويءَ تان اردو سنڌي ڊرامن ۾ قادر ۽ ادي نور الهديٰ شاهه جو نالو شهرتن جي آسمان تي پئي اڏاڻو، تڏهن هنن ٻنهي جي سربراهيءَ ۾ اسان وفد ٺاهيو ۽ وقت جي وزيراعظم، محمد خان جوڻيجي وٽ، طارق جي علاج لاءِ اپيل کڻي حاضر ٿي وياسين. حُسن اتفاق، وزيراعظم جوڻيجي صاحب، پنهنجي ذات ڀائيءَ قادر کي سڃاتو ۽ ڪم ٿي ويو. طارق جي ئي لفظن ۾، ”ٺڪا تي ٺو“ (بعد ۾ قادر به ته اهي لفظ تڪيه ڪلام طور پيو اڪثر استعمال ڪندو هو) تڏهن اهو به ڪيڏو نه سٺو ٿيو، جو پنهنجي ناڪام عشق جي ڪٿا کي ڪيٿارسس طور طارق ناولٽ ”رهجي ويل منظر“ ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو. پنهنجي زماني جي هن روميو جوليئٽ قصي جو مسودو کڻي هاڻي قادر جي خدمت ۾ حاضر ٿياسين. چيائين، هاڻي وڃو، سڀاڻي اچجو. ٻئي ڏينهن وياسين ته زبردست اپلاز ڏيندي چوڻ لڳو، شيخ اياز جي نثر بعد، تنهنجي هن ناول جي نثر، آرٽ ۽ ڪرافٽ مون تي جادو ڪري ڇڏيو آهي. طارق جو ناول شايع ٿيو ته ان جي پڌرائي وقت، قادر زبردست تقرير ڪئي. ياد آيم هي نوي جي ڏهاڪي وارو اهو ئي وقت هو، جڏهن ڪتابن جي مهورتن ۽ ادبي ڪانفرنسن ۾ قادر جي تقرير هڪ خاص شيءَ شمار ٿيندي هئي. ڀانئيان ٿو خيرپور ۾ هيءَ ڪهاڻي ڪانفرنس، هي اتي هن ٿري ناٽ ٿريءَ جي گولي جهڙو بيان جاري ڪيو. چيو هئائين، ”نسيم کرل کي گولي ڇا لڳي، ڄڻ سنڌي ڪهاڻيءَ کي گولي لڳي وئي“. سندس ان بم حملي تي پويان ڪيڏي ۽ ڪيتري وٺ وٺان ٿي، اها گهڻن ئي رسالن، اخبارن ۾ ڇپي پئي اٿوَ، ان ڪري هتي ورجاءُ کان پاسو ٿو ڪريان. ”قادر، توهان ٿورو ڌڏِڪو ڏيئي ڇو ٿا هلو؟ ساڄي ٽَنگ ۾ توهان جي اهو ڇا آهي؟“ طارق پُڇيس ته ٺهه پهه وراڻيائين، ”اڙي يار، ان کي منهنجو مينو فيڪچرنگ فالٽ سمجهه.“ ڪيترا سال اڳ هن کي اوچتو ڪو نيورو پرابلم ٿيو، يا شايد فالج جو اسٽروڪ، آڌيءَ رات جو طارق عالم ئي اهڙو دوست، جيڪو پهرئين وٽس پهتو. ٻئي ڏينهن طارق، آئون ۽ احمد سولنگي سندس عيادت لاءِ پهتاسين. ڇا ٻُڌون، قادر خبرون ئي نيون ويٺو ڪري... اڙي يار....اسٽروڪ نه پر هڻ کڻ بلا هئي، ڌڪ هڻي ائين وٺي اڏاڻي، جيئن ٿر اندر واچوڙي ۾ اُٺ اُڏامي ويندا آهن. پوءِ ٻُڌائڻ لڳو، اهو GBS وائرس جو حملو هو، يار.. ڀڃي ويو مونکي. علالت جي اهڙن ئي ڏينهن ۾ هن اسحاق سميجي واري خوبصورت رسالي ”سارنگا“ لاءِ يادگيريون به ته لکيون ويٺي. جنهن مان هڪ بيحد دلچسپ ۽ عجب جهڙو قصو ٻُڌائڻ لڳو. چئه، ”جنهاڻ جوڻيجه ڳوٺ ۾ ۽ خاص اسان جي راڄ ۾ ڪو ٻار ڄائو ته خوشيءَ ۾ نانگ مانيءَ جي رسم صدين کان جاري آهي. انهيءَ ۾ ٿيندو هيئن آهي ته ٻاجهريءَ جي اٽي ۾ ڳڙ ۽ ڦوٽا وجهي روٽ تيار ڪبو آهي، پوءِ اهو گهر گهر وڃي ورهائبو آهي. اها رسم اسان وٽ پَڙ تڙ ڏاڏن کان جو هلي آهي ته هي نصير قادر پُٽ ڄائو بيشڪ ته ڄامشوري ۾ پر نانگ ماني ان جي به جنهاڻ جوڻيجه ۾ ڪئي وئي. قادر جي هڪ مشهور ڊرامي ”جانچ“ ۾ جمعدار ۽ صوبيدار جا تڪيه ڪلام ڏاڍا دلچسپ هئا، مشهور به ٿيا هئا. ننڍو منشي وٽ سٽ کائي صوبيدار صاحب کان پُڇي ٿو، ”ڪٿي رکانس!؟“ تنهن تي صوبيدار صاحب اک ڀڃي چالاڪيءَ سان چويس ٿو، ”اتي رکينس...“ ائين جڏهن جڏهن به قادر ڪا مزيدار يا ڇرڪائيندڙ ڳالهه ڪندو هو، ته طارق ساڻس تاڙو ملائيندي يڪدم چوندس هو، ”اتي رکينس“. الائي اها ڪائين اپريل هئي پر سال ۲۰۱۹ع هو. نياز پنهور سان گڏجي سنڌ يونيورسٽي هائوسنگ سوسائٽي ۾ ان ڏينهن فيملي انٽرويو لاءِ وٽس وياسين ته پنهنجي شريڪ حيات ڀاڄائي نجمه جي ڀرسان ٿڪاڻو ٽٽاڻو جيڪو ان وقت عبدالقادر جوڻيجو مون ڏٺو، اهو بلڪل هن جي شاهڪار افساني ”ويندڙ وهي لهندڙ سج“ وارو اڇن وارن سان پوڙهو سومار هاري مونکي معلوم ٿي رهيو هو ته بس قادر سان اها ئي منهنجي آخري ملاقات هئي. اٿڻ وقت ڦِڪي مُرڪ مُرڪي موڪلائڻ وقت چوڻ لڳو، ”دل ڪڏهن وات، ته ڪڏهن اوطاق، ڪڏهن گهر، ته ڪڏهن قبر“ ۽ الاس! هي ۳۰هين مارچ ۲۰۲۰ع تي اسان جو يار قادر جتان جي مٽي هو، اتي جي ئي مٽيءَ ۾ وڃي آسوده خاڪ ٿيو. ياد اٿم قادر کي بهار جي موسم ڪيڏي نه وڻندي هئي ۽ ان ئي موسم ۾ هاڻي سندس گهر جي ڳولا ۾ ڀاڄائي نجمه ۽ نصير قادر کي پُرسو ڏيڻ لاءِ اوڏانهن آئون ويس پئي ته، قادر جي ۽ پنهنجي پسند جي هن اداس گيت جا ٻول، منهنجي چپن تي تري آيا هئا: هماري بعد، اب محفل مين، افساني بيان هون گي، بهارين هم ڪو ڍونڍين گي، نه جاني هم ڪهان هون گي. عبدالقادر جوڻيجو سنڌي ڪھاڻي سوڳ ۾ معوم ٿري سنڌ جو هڪ سدا مست قلمڪار عبدالقادر جوڻيجو ڄامشوري جي شامن کي سوڳوار ڪري “سو ديس مسافر منهنجو ڙي” جي ڪردارن کي هاڪڙي جي سڪل پيٽ ۾ ڇڏي ڇورو ڪري ۽ سنڌي ڪهاڻي کي “هورو” ڏيئي هن دنيا کان هليو ويو، شايد سنڌي ڪهاڻي هن لاءِ صدين تائين سوڳ ۾ رهي جيئن ريٻاري دودي سومري لاءِ رهيا. ان ڳالهه کان انڪار ناهي ته هن کي سندس اردو ڊرامن ۽ انگريزي لکڻين شهرت جي بلندين تي پهچايو، پر سنڌي ڪهاڻي کي بلندين تائين پهچائڻ ۾ قادر جي ڪهاڻين جو ڪمال شامل آهي. منهنجي قادر سان ڏيٺ ويٺ ۱۹۷۹ع کان ٿي، ان کان اڳ سندس ڇپيل سموريون ڪهاڻيون مون پڙهي ڇڏيون هيون. انهن ڏينهن کان هو ناول “سو ديس مسافر منهنجو ڙي” جو ذڪر ضرور ڪندو هو ته لکي رهيو آهيان ۽ هر ڀيري هڪ نئين ڪردار جو ذڪر ڪندو هو، اهي ڪچهريون ڪلاڪن تائين هلنديون هيون پر اڳتي هلي ڊرامن جي “مارڪيٽ” ۽ ڪالمن جي ڪاروباري دنيا هن کي سنڌي جو اهو شاهڪار ناول ٽن ڏهاڪن ۾ به لکي پورو ڪرڻ جو موقعو نه ڏنو. پر ناول جي ڪردارن کي کٽائيندي هن انگريزيءَ ۾ ناول The Dead River لکي ناولن جي دنيا ۾ پنهنجي هڪ ڇاپ ته ڇڏي پر سنڌي ادب “سوديس مسافر منهنجو ڙي” جهڙي ناول کان وانجهو رهجي ويو، جيڪو ناول قادر جي آتم ڪٿا جي اڃ به لاهي ڇڏي ها. ان ناول جي ڪردارن تي مون سان ڪيئي ڀيرا ويچار به ونڊيا هيائين. انهي ناول جا مختلف ٽڪرا ڇڙوڇڙ ڪالمن ۾ مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ پڙهيا هئم. ماهوار سهڻي جي ۱۹۸۹ع واري هڪ شماري ۾ پنهنجي ڪالم ۾ قادر ان ناول جو ٽڪرو ڏيڻ کان اڳ لکيو هو ته ناول “سوديس مسافر منهنجو ڙي” گذريل اٺن سالن کان رکي رکي لکان پيو، هينئر اهو ناول چوٿون ڀيرو وري لکجي رهيو آهي. هن ناول جو ڪئنواس وڏو آهي، انهي ڪري هر ڀيري ڪيئي نيون ڳالهيون سجهي اچن ٿيون”سو ڳالهه پئي ڪئيسين ته انهي ناول جي اساٽ The Dead Tiver لاهي نه سگهيو آهي، مون کي انهي سنڌي ناول جي نه لکجڻ ۽ نه ڇپجڻ جو ايترو ئي صدمو رسيو آهي، جيترو قادر جي وڇوڙي وڍ ڏنو آهي. قادر اسي واري ڏهاڪي ۾ ڪهاڻين کانسواءِ مختلف شخصيتن تي خاڪا به لکيا. اديبن ۽ دوستن تي لکيل خاڪن جو مجموعو “شڪليون” به ڏاڍو ساراهيو ويو، اڳتي هلي قادر ان ۾ ٽن خاڪن جو اضافو ڪري رامجي ڪولهي، رمضان جوڻيجو ۽ ڪيسري ڀيلڻ کي ويهين صدي جون عظيم شخصيتون قرار ڏنو هو، انهن خاڪن جي آخر ۾ لکيو هيائين ته “رهيو ڊسٽارٽ ٿي ويل سائنسدان کاٽائومل، انهي جو ذڪر ڪڏهن ٻي ڀيري ڪبو.” ان تي خاڪو نه لڳي سگهيو پر “سو ديس مسافر منهنجو ڙي” ۾ ان ڪردار تي قلم کنيو هيائين. قادر رڳو پنهنجي لکڻين جي ڪردارن ۾ جان ڪو نه وجهندو هو، پر اهڙن ڪردارن جي حقيقي زندگي ۾ کين سون بنائڻ لاءِ پارس بڻجڻ جا جتن به ڪندو هو، کاٽائو به هڪ اهڙو ئي ڪردار هو، هو هڪ هاري جو پورهيت پٽ هو، جيڪو وسڪاري جا ڏينهن ٿر ۾ مال چاريندي گذاريندو هو ۽ ڪڻڪ جي لاباري واري ڏينهن ۾ پنهنجي ڪٽنب سان بئراج جي ايراضي ڏانهن لڙي ايندو هو. هڪڙو اهڙو نڀاڳو سال آيو جو ڪڻڪ جو لابارو ڪندي کاٽائو جي سدا ملوڪ ڀينرن کي ظالم هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويو، اهي ڪونجن جيان ڪڻڪنديون ولر کان وڇڙي ويون، سندن بي پهچ ڀاءُ گهڻو ئي دانهيو ۽ ڪوڪيو پر ڪنهن هڪ به نه ٻڌي ۽ دنيا جي نظرن ۾ هو پاڳل ٿي ويو. انهن ڏينهن ۾ قادر فضل ڀنڀري ۾ پرائمري ماستر هو، هن کي ان روئداد جي ڪا خبر ڪا نه هئي، پر هو جڏهن شام جو ڳوٺ ڏانهن موٽندو هو ته گس تي کيس هڪ سنسان جڳهه تي مٽي ۾ ڀڀوت بڻيل هڪ نوجوان هتان هتان ميڙيل ڪاغذ جي ٽڪرن جا ڍڳ ٺاهي، انهن ڍڳن سان ڳالهائيندي نظر ايندو هوگس تان ايندڙ ويندڙ ماڻهن تي هن جي اک به ڇنڀندي هئي. قادر گهڻائي پرپڻ ڪيا ته ڪهڙي ريت اهو نوجوان ريجهي پوي ان خيال سان قادر روزانو انهي نوجوان وٽ لنگهي وڃي ڪجهه گهڙيون بيهڪ ڏيندو هو، پر هن کي پاڻ ڏانهن متوجهه نه ڪري سگهيو. پر قادر جي ڪهاڻيڪار اک انهي الستي نوجوان ۾ ڪجهه ڳولڻ لاءِ آتي هئي، نيٺ ان نوجوان جي ڪاغذن ۾ دلچسپي واري ڳجهارت کي واءُ هڻڻ لاءِ قادر ان اڳيان روزانو اها اخبار رکڻ شروع ڪئي، جيڪا هو فضل ڀنڀري مان خريدي پڙهي ايندو هو. قادر جي چال ڪم ڏيکاريو، اکين اٿل کاڌي ۽ روزانو اخبار جو انتظار ڪرڻ لڳيون. اهڙي ريت آخر اکيون اکين سان مليون ۽ قادر ان پاڳل نوجوان کي ريجهائڻ ۾ ڪامياب ويو اهو نوجوان اهو ساڳيو کاٽائو هو. ڳالهه کي اتي ڳنڍ ڪا نه ٿي اچي، قادر هڪ ڏينهن کاٽائو کي اتان اٿاري ڳوٺ وٺي آيو. وهنجاري سهنجاري پنهنجو ڪپڙن جو جوڙو پارائي پنهنجي اوطاق تي هنڌ بسترو ڪري ڏنائين ايئن ڏينهن هفتا مهينا گذري ويا، کاٽائو پڙهيل پٽي به ڪو نه هو، تنهن کي الف ب پڙهائيندي پڙهائيندي ڪتابن جو ڍڳ پڙهائي وڌائين، جنهن سان هو رچي ريٽو ٿي ويو، آخر نوڪري جي ڪري قادر کان ڳوٺ ڇڏائجي ويو ته کاٽائو به اتان نڪري ڪڏهن ڪٿي ڪڏهن ڪٿي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ بڪ اسٽالن تي نوڪري واري ڪرت سان لڳي ويو. جنهن سان هن ڪتابن جي پڙهڻ واري ٻاڙ به پوري ٿيڻ لڳي ته کيس کوٽ به گهٽجڻ لڳي. ۱۹۸۰ع جي آخر ۾ قادر جي خواهش تي هن کي مون ٺٽي جي هڪ بڪ اسٽال تان ڳولي هٿ ڪيو ۽ جهڏو وٺي آيس جتي سگا پاران قادر سان ادبي شام ملهائڻ جو پروگرام رٿيل هو، ان ۾ کاٽائو قادر جي فن ۽ شخصيت ڇا ته قهر جو ڳالهايو هو، افسوس اهو مواد به محفوظ نه ٿي سگهيو. قادر “سو ديس مسافر منهنجو ڙي” ناول ۾ کاٽائو جي ڪردارکي دراوڙ سڏيندو هو. قادر جي وڇڙي وڃڻ کانپوءِ کاٽائو سميت هاڪڙي جي سڪل پيٽ جي آس پاس جنم وٺندڙ اهڙن ڪلاسيڪل ڪردارن تي قلم کڻڻ وارو ڪير به ڪونهي، جن ڪردارن کي هن “سو ديس مسافر منهنجوڙي” ۾ سمائڻ ٿي چاهيو، جيڪي The Dead River ۾ سمائجي نه سگهيا آهن، اهڙا ڪردار قادر جي وڇوڙي سان گڏ سرسوتي ندي جيان گمشده ٿي ويا. قادر جو جنم به انهن پٽن ۾ ٿيو، جتي هن ننڍپڻ ۽ جوڀن جا ڏينهن گهاريا هئا، پر نوڪري ۽ وني (ڀاڀي نجمه) جي ڪري جواني ۾ ئي هن کي ڄامشوري جا وڻ وسائڻا پيا هو جنهاڻ جون ڄاريون ۽ ماريون اتي ئي ڇڏي آيو، پر پاڻ سان گڏ اتان جي ڪيترن ڪردارن جي قصن ۽ ڪهاڻين جون ڄڻ هڙون ٻڌي کڻي آيو هو، ان جي ونڊ ورڇ پنهنجي تحريرن ذريعي ڪندو رهيو. هو پنهنجا مارو ۽ اباڻا ڪک ڪڏهن وساري نه سگهيو، جڏهن به اهڙو ذڪر نڪرندو هو ته هو ميلان ڪنڊيرا جا پئرس ۾ صحافين آڏو اهي لفظ سنڌي ۾ هن ريت ورجائيندو هو ته؛ “مونکي منهنجو ملڪ ٿو ياد اچي، مونکي منهنجا مارو ٿا ياد اچن، مونکي منهنجا ڌڻ ياد ٿا اچن، زندگي ڪنهن ٻي هنڌ آهي.” اهو ئي ڪارڻ هو جو هو وصيت ڪري ويو ته مرڻ کانپوءِ مون کي منهنجي ماڳ واري مقام ۾ ڌرتي داخل ڪجو، اڄ هو انهن ڄارين جي اوٽ ۾ مٽي ماءُ سان وڃي مليو آهي. عبدالقادر جوڻيجو سب ڪڇ سيکا هم ني، نه سيکي هوشياري منظور ملاح تاريخ جي ستم ظريفي ته ڏسو اڄ مون کي سندس ئي لفظ دهرائڻا ٿا پون. هن کلندي اهي لفظ لکيا ۽ آئون ڳريءَ دل سان انهن کي دهرايان پيو. جڏهن مون پنهنجو شروعاتي ڪهاڻين جو ڪتاب ۲۰۰۶ ۾ لکيو ته مهاڳ لکڻ لاء کيس بنا پڇڻ جي موڪلي ڏنم ۽ ڪجه ڏينهن کان پوءِ هڪڙو ميسيج رڳو ڪيم. مهينو، ٻه ماٺ ئي ماٺ. نيٺ جڏهن سنڌالاجيءَ مان ٽپڙ ٻڌي سنڌي لينگويج اٿارٽي ڏانهن لڏو کڻڻ جي تياريءَ ۾ هئو ته مون کي به فون ڪري گهرايائين. ڪلاڪ ٻه اڳ وانگر ادبي ڪچهريءَ کان پوءِ مون کي هٿ ۾ لفافي ۾ ڪجه لکيل پنا ڏنائين. باقي ٻڙڪ به ڪو نه ڪڇيو. سانگهڙ واپسيءَ تي مون جڏهن پهريون صفحو کوليو ته سندس لفظ ئي سندس دير سان لکڻ جو جواز ڏئي ويٺا ته؛ آئون سورنهن ڪاهون ڪرڻ کان پوءِ سترهين ڪاه ۾ وڃي ڪجه لکڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهيان ته ڪنهن ويجهي گهر ڀاتيءَ تي لکجي ته ڇا لکجي.“ عبدالقادر جوڻيجو مهراڻي جي ڳوٺ جنهاڻ تعلقي مٺي ۾ پيدا ٿيو. پاڻ واري سانگهڙ کان اتر اوڀر طرف اڇڙي ٿر جي ڀڪ مان وهندڙ ناري واه واري علائقي کي به مهراڻو چون ۽ گهوٽڪي واري پاسي به ساڳئي نالي سان پڪارين. انهي مهراڻي واري علائقي جا جهونا ماڻهو اڄ به واري جي دڙن، نم جي گهاٽي ڇانو هيٺيان يا باه جي مچ جي چوڌاري ويهي جڏهن قصو يا ڳاله کڻندا آهن ته ٻڌندڙ پنڊ پهڻ بڻجي سنهي ڪاٺي سان رڳو زمين تي ليڪا پيا ڪڍندا آهن. ڳاله ڀلي ڪيتري ننڍڙي ڇو نه هجي پر روايتن جا امين اهي قصاگو ان کي ٻولي جي تڙڪي، لهجي جي چاشني، آواز جي جادو سان ايڏو ته دلچسپ نموني سان بيان ڪندا آهن جو باقي ڪم وڃي ڪاٺ ۾ پون. انهن ۾ گهڻائي ڌنارن، هارين، مزدورن، ڪاٺيون ڪندڙن ۽ گڏه ۽ گهوڙن تي گهور ڪندڙن جي هوندي آهي .جنهاڻ جا جوڻيجا ڪچهرين جا شوقين، ڳالهين جا ڳهير، ڏاڍا مڙس چور ۽ پاٿاريدار، ڳاڙي گندي جا شوقين آهن.چڪ چار جا ڀيل زميندار ۽ هاڙا چور آهن. ڀر ۾ ٿڌڙي جي موقعي تي سنهڙي چيله ۾ ٽوال ٻڌي ڏانڍيو راند ڪندڙ ڪولهي، گلي گلي ، نگر نگر سدائون هڻندڙ جوڳي آهن. اهي سڀ پاڻ ۾ گڏجي کانڀ ٻڌي ويهندا آهن ته ڪهاڻيون ۽ قصن جون نديون وهي پونديون آهن. عبدالقادر جوڻيجي جا اهڙا ئي پڳ مٽ يار منو ڀيل، ولي محمد ٽنگڙي، درو ٽنگڙي، کاٽائو ميگهواڙ، رمضان جوڻيجو، عمر جوڻيجو، خانو جوڻيجو، ڦوٽو جوڳي، قيصري ڀيلڻ، ڏيوجي ڪولهي هئا. سندس ڊرامي راڻي جي ڪهاڻي عرف ديوارين کان وٺي سندس ناول The Dead River اهڙن ئي ڪردارن سان سٿيا پيا آهن.هن پنهنجي نوڪري جي شروعات ديه ۱۴۳ دنبالو جي پرائمري اسڪول ۾ پرائمري ماستر طور شروع ڪئي. اتان کان پوء صوفي آباد، ڪمال خان پتافي، خان صاحب پلي، سندس ڳوٺ جنهاڻ ۾ پروموشن ٿيڻ کان پوء فضل ڀنڀري جي مڊل اسڪول تائين دنگ ڪيو، جتان کان شيخ اياز کيس سنڌ يونيورسٽئ وٺي آيو. هي جيڪا جادوئي حقيقت نگاري جي ڳاله ڪري ٿڪجون نٿا، سا ڀاڳو ڀان کان وٺي انهن جهونن تائين سندس لفظن مان پسندي. هن ڊجيٽل ٽيڪنالوجي جي دور ۾ اڄ به چند اهڙا ڪرادار زنده آهن، جن جو ان ڊجيٽل ٽيڪنالوجي سان ليکو نڪو لهڻو. عبدالقادر جوڻيجو انهن ئي روايتن جي نمائندگي ڪندڙ اديب هيو. هونئن به دنيا جي وڏا اديب انهن ئي روايتن جا اسير رهيا آهن. باقي توهان کڻي ٻين نالي چڙهيلن جي ڳاله ڇڏيو پر اموس اوز کان وٺي ڊيوڊ گراس مين جون لکڻيون ته پڙهو. هونهن به تخليقيت ڳاله ڪرڻ جي انداز ٻولي ٻڌندڙ جي جمالياتي حس کي ڇهڻ ۽ ان جو اثر سالن تائين هجڻ ئي ته آهي. ان ڳاله جي پس منظر ۾ واري ۽ پاڻي جي پيدائش هن ليکڪ جي ڳالهين ۾ واري جهڙي ڪڙڪائي ۽ پاڻي جي وهڪري جهڙو Flow نظر ايندو. جڏهن ڪجه نالي چڙهيل چورن ليکڪن مٿس اها تنقيد ڪئي ته هو مهراڻي جو لهجو چوري ڪري ڊز ٿو هڻي ته هن کي اهو چوڻو پيوته سندس ٻولي ۽ لهجو سانگهڙ ۽ ٿرپاڪر وارن مهراڻن جو امتزاج آهي. هن جا تخليقي مضمون رڳو هن هن کان پڇا جو مجموعو نه هئا پر هو ته پڇا کان ٿيندو لاڳاپيل موضوع جي مستند ڪتابن ۾ منهن هڻندو، پنهنجي ڪامن سينس کي استعمال ڪندي پوءِ لکندو هو. مهراڻي جي مٽي جو ٺهيل هجڻ جي ڪري بي ڌڙڪ کلي ڳالهائڻ جي عادت، ٻانهن ۽ گلي جو مٿيون بٽڻ کليل، بيڊ تي ڪتابن جي گهيري ۾ ويهي ڀلي ڪار چوڻ، فيس ايڪسپريشن هٿن جي اشارن ۽ زبان جي ڳاله ذريعي کليون ڪهچريون ڪرڻ اهي سڀ سندس عادت عضوء هئا . شايد هن مونکي مارٽن ايمس جو قول ئي ٻڌايو هو ته جتي به کليل دروازو ڏسو هليا وڃو، ڇا ڪاڻ ته بند دروازي جي پويان سازش ٿيندي آهي يا عشق. ان جو مطلب اهو ته علم جا ڪئين گس گهيڙ ٿيندا آهن، تنهن ڪري جنهن به رستي تي اوهان کي وجه ملي وڃي ته ان مان ڪجه نه ڪجه پرايو ضرور. جڏهن سنڌي لينگويج اٿارٽي جو چئيرمين ٿيو ته نئين بورڊ آف گورنر جا نالا وزير اعلي جي منظوري لاء ڪلچر کاتي جي معرفت موڪليائين. انهن نالن ۾ سنيئر اديبن کان علاوه تڏهوڪي وڏي وزير ارباب غلام رحيم جي چوڻ تي ارباب نيڪ محمد ۽ اشرف سمي جا نالا شامل ڪيائين ۽ پنهنجي پاران منهنجو نالو موڪلايائين پر تڌهوڪي سيڪٽري ڪلچر مهتاب اڪبر راشدي ڏاڍن جي ماڻهن کي هٿ ڪون لاتو پر منهنجي نالي کي لڪير ڏئي ڇڏين. عبدلقادر جوڻيجي جو ننڍپڻ جو وڏو حصو سانگهڙ، نواب شاه، ٺارو شاه وغيره جي ٿاڻن تي گذريو، جتي سندس والد مريد حسين ايس ايڇ او ٿي رهيو. ان عرصي دؤران سندس گهڻي تڻي تربيت سندس ماسي ڪئي، جنهن جو ذڪر هن مختلف انٽرويوئن ۾ ڪيو. هن جو اهو چاه پنهنجي ماسي سان مرڻ گهڙي تائين قائم رهيو. کيس سڀ کان گهڻو ڏک پنهنجي وڏي ڀاء محمد قائم جي وڇوڙي تي ٿيو. هو جڏهن پنهنجي ڳوٺ ايندو هو ته پنهنجي وڏي ڀاء جي قبر تي وڃڻ جي همٿ ساري نه سگهندو هو پر هو هميشه سندس دل ۽ زبان تي رهيو. هو وچين ۽ ڏسڻي آڱرين جي وچ ۾، سگريٽ رکي وڏا گهرا ڪش هڻندو جبلن تان وهندڙ پاڻيءَ وانگر ڳالهيون ڪندو ويندو هئو. هو مون کي ڪنهن يوناني ڏند ڪٿا جو شهزادو ٿي لڳو، جيڪو خوبصورت به هئو ۽ شريف النفس انسان ته انتهائي گهڻيون پڙهيو لکيو به. ٽرڙائيپ جهيڙي شيءِ ته هن جي خمير ۾ شامل ڪو نه هئي. گهران آفيس پنڌ نڪرندو هئو ته باقي دنيا کان بي پرواه تکو تکو ڪنڌ هيٺ ڪيو وکون کڻندو ويندو هئو. جڏهن ته گاڏي ۾ هوندو هئو ته ڪنور ڀگت، مائي ڀاڳي کان ويندي حيدر رند تائين وڏي آواز ۾ راڳ ٻڌندو هئو، اتي رات جو طلعت مسعود جي درديلن گانن دؤران اکين مان لڙڪن جي صورت ۾ يادگيريون هاريندو هئو. ساڻس گڏ آغا رفيق ۽ سليم ديس والي به وارو وڄائيندا هيا. وري پڪي راڳ کان وٺي جديد موسيقي سان به کيچل ڪندو هو. مون کيس ڪڏهن مايوس نه ڏٺو. ٽيهارو سالن کان دوائن جي حوالي پر جيڏي مهل پڇ ڏک نه درد جا قصا پر چپن تي مسڪراهٽ ۽ ٽاٽائيءَ جون ڳالهيون هونديون هيس. اهي ڪچهريون گهر، سنڌالاجي، سنڌي لينگويچ اٿارٽي کان وٺي جنهاڻ تائين جاري رهيون. مون کي هڪڙو دفعو چيائين ته؛ ”يار! منهنجي خواهش آهي ته جڏهن هيڻائي ۾ وڃان ته مون کي ڪير نه ڏسي، متان ڪو منهنجي حالتن تي رحم کائي، آئون ڪنهن به حڪومتي اداري يا شخص کان ڪابه مالي مدد نٿو گهرڻ چاهيان. انهن پئسن جا حقدار مون کان گهڻا ويٺا آهن، ان ڪري اپيل ٽپيل به ڪنهن کي نه ڪبي.“ آخري ڏينهن ۾ جڏهن بستري جي حوالي ٿيو ته دوستن سان ملڻ کان انڪار ڪندو رهيو، صرف مخدوم جميل الزمان کي هن تائين پهچ حاصل ٿي. پر سندس ويجها عزيز روبرو يا فون تي رابطي ۾ رهيا ۽ مون کي به اهڙو شرف حاصل ٿيو. رات جو جڏهن سندس گهر ڪچهريءَ تي ويهندا هئا سين ته ٻارنهن، هڪ ٿي ويندو هئو، نيٺ سندس گهر واري چوندي هيس ته هاڻي هن مسڪين کي ته ساهي ڏي، ماني ته کائي، اوٻاسين جا ٺڪاءَ پيا پونس. هن جتي شهزادن واري زندگي گذاري، اتي کيس آخر ۾ ڪجه دوستن سان شڪايتون به هيون پر ڪڏهن ڪنهن کي ميار ڪو نه ڏنائين. سندس اڪيلي پٽ نصير جي شاديءَ ۾ جڏهن سندس تمام ويجهو دوست ۽ سنڌيءَ جو مشهور اديب نه آيو ته کيس ڏاڍو ڏک ٿيو. اکين ۾ لڙڪ تري آيس. هو مون کي چوندو هئو ته شيخ اياز معصوم هئو، کيس ٻين کڻي خوار ڪيو. پر مون سندس معصوميت، ڪئين دفعا ڏٺي آهي. عبدالقادر جوڻيجي تي ڪئين اديبن ناجائز کائڻ پيئڻ جا الزام هنيا. پر مون کي ذاتي خبر آهي ته هن جيڪو گهر ٺهرايو سو به هائوس بلڊنگ فناس ڪارپوريشن مان قرض کڻي ٺهرايو. هن ته اولاد جي نوڪريءَ لاء به ڪنهن کي منٿ ميڙ نه ڪئي، نه ته ڄام صادق علي ۽ ارباب غلام رحيم هن کي جواب ڏين ها ڇا! هڪ دفعي مون کي ٻڌايائين ته؛ ”ٻه ٽي ڏينهن اڳ ۾ آئون سي ايم هاوس ويو هيس، ارباب رحيم اتي ويٺل دوستن سان منهنجو تعارف ڪرايو ته هيءُ منهنجو استاد عبدالقادر جوڻيجو آهي، جنهن تي اسان سڀني ٿرين کي فخر آهي. مون کيس چئيرمين سنڌي لينگويج اٿارٽي ميرٽ تي مقرر ڪيو آهي.“ سياست ۾ هو ذوالفقار علي ڀٽي ۽ بينظير ڀٽي جو مداح رهيو. مون کي شايد ٻين کان وڌيڪ خبر هجي ته سندس گهرجي مالي حالت ڇا هئي.! هن جي پگهار ۽ ڊرامن جو پورهيو ته رڳو سندس ڪتابن، پرفيوم، ڪپڙن، جوتن ۽ سگريٽن ۾ پورو هئو. ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو هو ته جي مهينو ٻه لنگهي ويا ۽ آئون نه ويس ته ميسجن ذريعي ادب ۽ تاريخ تي رات جو ۸ بجي کان وٺي ايس ايم ايس شروع ٿيندا هئا ته وڃي ٻارنهن ٿيندا هئا. انهن مان ڪجھ ايس ايم ايس ته ڊليٽ ٿي ويا پر ڪجھ ڊائري ۾ اتاري محفوظ ڪيا اٿم. هن ٻڌايو ته جڏهن خاڪن تي مشتمل ڪتاب شڪليون لکيو ته شيخ اياز جا ڪن وٺي ڇاڙتن ڀريا، حالانڪ منهنجو خيال هئو ته شيخ اياز ان کان گهڻو ٿو لهڻي، تنهن ڪري الڳ ڪتاب ’ٻه ڏاڙهيون، ٻه سينڌيون‘ لکڻ جو ارادو هيم، جن ۾ ٽي ٻيا خان صاحب پلي، روحي بانو ۽ شيرين پاشا شامل هجن. پوءِ انهن ڇاڙتن کيس يونيورسٽيءَ مان ٽپڙ ٻڌڻ جو چيو ويو. تيستائين شيخ اياز پاڻ بدلي ٿي ويو ۽ نئين وي سي ابڙي صاحب اچڻ سان سندس پروموشن ڪيو. سنڌالاجي ۾ هجڻ دؤران جڏهن غلام علي الانا سنڌالاجي جو ڊائريڪٽر ۽ سنڌ يونيورسٽي جو وي سي ٿيو ته وري ڏکيا ڏينهن شروع ٿيس. چڱا ڀلا دوست به سڻڀ جي پاسي ٿي بيٺا. پاڻ تڏهوڪي وفاقي وزير ۽ دوست حنيف خان سان مليو، جنهن تڏهوڪي سرحد جي وڏي وزير آفتاب شير پاؤ سان ملايس. جتي هو ڪجه ڏينهن ترسيو. نيٺ تڏهوڪي گورنر ڪمال اظفر کي چئي هن تان مصيبت هٽي. هڪ دفعي سنڌالاجي ۾ ٿيل مچ ڪچهري ۾ مون سنڌ جي تمام وڏي محقق کي ساڻس چوندي ٻڌو ته؛ ”قادر صاحب! توهان مون سان گڏ هلي ڪرسيءَ تي ويهو، ڪجھ توهان کان پرايون، پر هن رڳو شڪريو ادا ڪري جواب ڏنس.“ جڏهن آئون سندس ڪهاڻين متعلق پڇندو هيس ته مون کي چوندو هئو ته يار! هاڻي اهي ٻاراڻيون ٿيون لڳن. تڏهن به شايد روشنيءَ واري سندس اهي ڪهاڻيون ڪتابي شڪل ۾ ڇپرائڻ چاهيون ,جنهن جا پروف هو چيڪ نه ڪري سگهيو. کيس سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ نسيم کرل کان پوء جديد سنڌي فڪشن ۾ رحمت الله ماڃوٺي جو ڪتاب کريل گهڙيال، ممتاز بخاريءَ جو ناول ’ڪلاس فور جي محبوبه‘ ۽ ٿري پس منظر ۾ لکيل نصير ڪنڀر جون ڪجه ڪهاڻيون وڻنديون هيس. مون به هيستائين جيڪي ٻه اکر لکيا پڙهيا آهن، اها سندس ئي مهرباني آهي. هو منهنجو هر مضمون، ڪهاڻي ۽ ناول غور سان پڙهندو هئو، ڪجھ تي راءِ ڏيندو هئو، ڪجھ تي چپ رهندو هئو. پر چند اهڙا به هئا جن تي شاباش ڏنائين. هن ڪڏهن به زندگيءَ ۾ منهنجي روبرو منهنجي لکڻين جي تعريف نه ڪئي، پر ٻين مٽن مائٽن سان ذڪر ضرور ڪندو هئو. تازو جڏهن منهنجو ناول ’بختاور مکيءَ جي‘ ڇپيو ته ڪجه مقامي يارن منصوبه بنديءَ تحت فيس بوڪ تي تنقيد ڪرڻ شروع ڪئي. پر مون کي شوڪت شوري کان وٺي منوج ڪمار ۽ آدرش تائين سنڌ مان جيڪي موٽ ملي، شايد آئون لهڻان ڪو نه ٿو. هن پنهنجي بيماريءَ دؤران پهريون دفعو سڌو مون کي فون ڪري چيو ته؛ ”يار! واه جو ناول لکيو اٿئي، رڳو ٿورو ٺيڪ ٿيان ته ان تي ضرور لکندس”. شايد پهريون دفعو هن منهنجي تعريف منهان منهن ڪئي. جڏهن The Dead River ناول لکڻ جو خيال آيس ته مون جهڙي ننڍڙي ليکڪ سان نه صرف ٿيم شيئر ڪيو پر ان تي ڪافي ڏينهن تائين بحث به هليو. هو ڇپجڻ کان اڳ ۾ ان مان ڪجه سٽون ٻئي ٽئين ڏينهن موڪلي مون کان فيڊ بيڪ به وٺندو هئو. وري جڏهن ٻيو ناول Rustics پئي لکيائين ته مون سان وري بحثا بحثي شروع .پنهنجي بيڊ روم ۾ سامهون ويهاري ليپ ٽاپ تان مسودي جا ڪجه صفحا به پڙهايائين. هن جو خيال هئو ته مصر جي نجيب محفوظ جي ٽرائلاجي“ Cairo” وانگر هو به سندي آتم ڪٿا ۽ سنڌ جي لوڪ زندگي ۽ تاريخ تي ٽي ناول لکڻ ٿو چاهي. جنهن ۾ “The Dead River” سندس ننڍپڻ Rustics وچ واري عرصي متعلق ۽ آخري يونيورسٽي ۾ رهڻ دؤران واري زندگي تي لکڻ چاهي ٿو. پر هو ٻه ناول لکي سگهيو، ان مان هڪڙو ڇپيل ٻيو اڻ ڇپيل. هن جو ڳوٺاڻي زندگي وارو وقت ڏاڍو ڏکيو گذريو، ان متعلق سائين ابراهيم جويي ۽ سندس خطن تي مشتمل ڪتاب” خط ٻن اديبن جا “پڙهي جسم ڏڪيو وڃي. هن مون کي نصيحت ڪئي ته جيڪڏهن ڪنهن کان ڀلي ڪيڏي به وڏي غلطي ٿي وڃي پر ان کي احساس ڏيارجان، ڪڏهن به سزا نه ڏجان .ان سلسلي ۾ هن مون کي هڪ واقعو به ٻڌايو ته جڏهن هو ڊگهڙي ڀرسان ڪنهن ڳوٺ ۾ پرائمري ماستر هئو ته ڪيئن نه گهوڙي تي سوار بيٽ آفيسر سندس اسڪول اچي خوامخواه بي عزتي ڪئي. وقت گذرڻ سان گڏ جڏهن هو سنڌالاجيءَ ۾ آيو ۽ بيٽ آفيسر، ڊي اي او ميرپور خاص بڻجي ويو ته کيس کٽئ کنيو، Ph.D ڪرڻ سنڌ يونيورسٽيءَ آيو، جتي غلام علي الانا صاحب ان کي کيس ڏانهن موڪليو. سنڌالاجي آفيس ۾ هن ان ڊي اي او جي ٺاهوڪي دٻ پٽي ۽ پوءِ کيس چانھ بسڪيٽ کارائي اهو واقعو ياد ڏياريو ۽ مشورو ڏنو ته آئندا هوڪڏهن به پنهنجي ما تحت جي ائين بيعزتي نه ڪري. هو سنڌي ادب کان وٺي دنيا جي ادب تي کلي ڳالهائيندوهو ته آئون سندس ڳالهين ۾ ويڙهجي ويندو هيس. هن کي انڊيا جي سنڌي اديبن ۾ لعل پشپ جون لکڻيون ۽ لڇمڻ ڪومل جي آتم ڪٿا “وهي کاتي جا پنا” پسند هيون. سنڌي شاعري ۾ لطيف ۽ اياز کان پوءِ جديد سنڌي شاعري ۾ حسن درس کي وڏو شاعر چوندو هو. هو ڪرڪيٽ کي ننڍپڻ کان پسند ڪندو هو پر ٽينس ۾ سندس محبوب کلاڙي جرمني جي سٽيفي گراف هئي. هو ميلان ڪنڊيرا جي لکڻين کي ان ڪري پسند ڪندو هئو جو هو مختلف موضوعن تي مختلف مهارتن سان لکندو هو. اها ٻي ڳاله آهي ته ڪنڊيرا کي نوبل انعام اڄ تائين ملي نه سگهيو. گاريشيا مارڪيز جو ناول هنڊريڊ ائيرز آف ساليٽيوڊ هن کي وڻندو هئو، باقي ان جون ٻيون لکڻيون کيس ورجائپ لڳنديون هيون. فڪشن ۾ رشين ماسٽرز جي تعريف ڪندي ٿڪندو نه هئو. جڏهن الائيس البينيا جو ڪتاب “امپائرز آف دي انڊس” انگريزي ۾ ڇپيو (سنڌي ۾ اڃا ترجمو نه ٿيو هو) ته هن مون کي چيو ته تحقيق ائين ٿيندي آهي، نه ته ساڳئي موضوع تي اسان جي يارن به لکيو آهي. تازو هن آمريڪي صحافي جان هيريسي جي ڪتاب هيرو شيما جو ترجمو ڪيو پئي، جيڪو شايد بيماري جي ڪري اڌورو رهجي ويو. هن رڳو ۸۰ ۽ ۹۰ ڏهائي واري بين الاقوامي ادب تي ڪون لکيو پڙهيو پر آمريڪي ٿرلر ليکڪ لي چالڊ کان وٺي اسرائيلي ليکڪ ڊيوڊ گراسمين تائين به جديد ادب هئين سان هنڊايو. کيس جيڪو ڪتاب چڱو لڳندو هو ته مون کي پهرين ڌڪ ۾ وٺي پڙهڻ لاء چوندو هو .مون پنهنجي سڄي عمر کيس بيڊ روم ۾ موجود بيڊ تي ڪتابن جي گهيري ۾ ڏٺو، گڏوگڏ ڊنهل سگريٽ جا ڏنڊا، بوسڪي جا شاندار ڪپڙا، امپورٽڊ جوتا ۽ پرفيوم موجود هوندا هئا. پڙهڻ دؤران ان کان ماني کائڻ وسري ويندو هو. پوء جڏهن ڊجيٽل ٽيڪنالوجي جو دور آيو ته سندس بيڊ تي پيل شين ۾ ليپ ٽاپ، ٽيبليٽ، آئي فون جو اضافو ٿيو پر انهن سڀني شين جو پاڻ وٽ رکڻ جو مقصد ساڳيو ئي هيو يعني لکڻ پڙهڻ. صبح جي پهر۽ رات جي وقت ڪجھ ڪلاڪ موسيقي کي به ڏيندو هو، جنهن ۾ سنڌي لوڪ موسيقي کان وٺي ڪلاسيڪل، نيم ڪلاسيڪل، پاپ، جاز، هپ هاپ تائين ٻڌنڌو هو. ٻي ٽين ڏينهن دنيا جون آرٽ فلمون به سندس نظر جي سامهون هونديون هيون. چين جي دؤري دؤران ان جي ملاقات اٽلي جي مايا ناز ليکڪه اوريانا فلاسي سان ٿي ۽ شايد اسڪاٽ لينڊ جي دؤري دؤران هو “دي ٽن ڊرم” ناول جي خالق، نوبل لاريٽ جرمن ليکڪ گينٿر گراس سان مليو. هن کي اسان جي اديبن جي سطح پڻي، ٽرڙاپٽ ۽ اجائي ڌڪن کان بڇان لڳندي هئي. جڏهن لاهور يونيورسٽي آف منجمينٽ سائنس جي انٿراپالوجي جي شعبي پاران سندس ناول دي ڊيڊ ريور ڇپيو ته ان جي پهرين ڪاپي هن مون کي پڙهڻ لاء ڏني. جنهن تي بعد ۾ مون ايڪسپريس اخبار ۾ ”نسلون ڪي ڪهاني“ نالي سان ريويو لکيو. جڏهن ان ڪتاب جي مهورت جو پروگرام لاهور ۾ رکيو ويو ته سندس نمائندگي فيض احمد فيض جي ڌيءَ سليما هاشمي ڪئي ۽ مستنصر حسين تارڙ ۽ منو ڀائي ان ۾ شرڪت ڪئي. اها ٻي ڳاله آهي ته هن مون کي به ان پروگرام ۾ وڃڻ جي لاء چيو هيو ڇاڪاڻ ته سندس صحت ٺيڪ نه هئي. لاهور ۾ هن جي دوستي مٿين کان علاوه پنجابي جي سهڻي شاعر مشتاق صوفي، شيرين پاشا، اصغر نديم سيد، امجد اسلام امجد وغيره سان به هئي. لاهور سندس پسند جو شهر، سندس ست دليون به لاهور سان. مستنصر حسين تارڙ جڏهن والدين سان ملايس ته کيس چميون ڏيڻ لڳا ته هي ديوارين ڊرامي جو ليکڪ آهي. جڏهن ڪجه حلقن پاران هن تي تنقيد ڪئي وئي ته هن اصل ڌڻين جي چوڻ تي اهو ڊرامو لکيو، جيئن نورالهديٰ شاه جنگل ڊرامو لکڻ جو اعتراف ڪيو هو . بقول سندس اهڙي ڪا به ڳاله نه هئي، اهو ساڳيو ڊرامو پهرين سنڌي ۾ “راڻي جي ڪهاڻي” نالي سان نشر ٿيو هو ۽ بعد ۾ پي ٽي وي ڪراچي سينٽر جي ايگزيڪٽو پروڊيسر شهزاد خليل ۽ جنرل منيجر برهان الدين جي چوڻ تي اردو ۾ ترجمو ڪيو. جيتوڻڪ هنن ان ۾ روحي بانو ۽ خالده رياست ٽيلي ڪاسٽ ڪرڻ جي ڳالھ ڪئي پر هن جواب ڏنو ته ڪاسٽ ساڳئي رهندي. جڏهن ديوارين ڊرامو نشر ٿيندو هو ته هندوستان، پاڪستان جون گهٽيون ويران، ماڻهن جا ميڙ ٽي وي تي. پر هن جي پسند جو ڊرامو ڇوٽي سي دنيا، جنهن ۾ اجائي مشڪري بجاءِ زندگو جو حقيقي مزاح وارو پاسو شامل هو. پي ٽي وي تان جڏهن سندس ڊرامو سيڙهيان نشر ٿيو، جنهن ۾ ڪجه ڊائلائگن ۾ اصل ڌڻين تي طنز ٿيل هئي ته کيس سرحد جي تڏوڪي مارشل لاء ايڊمنسٽريٽر فون ڪري تنبيه ڪئي. سندس ڌيءَ جي رشتي ۾ منو ڀائي جو ڪردار هو ته اشفاق احمد جو به. هو اشفاق احمد ۽ بانو قدسيه جي لکڻين جو عاشق، ڊرامي لکڻ ۾ ڊاڪٽر انور سجاد کي استاد مڃڻ وارو هو. هونئن ته نوهٽي ۾ سندس ڊرامي ڪاروان جي شوٽنگ دؤران روحي بانو جهڙي خوبصورت آرٽسٽ هن سان پيچ اڙائي ويٺي پر اڳ ۾ ڪنهن جي زلفن جو اسير ڪٿي ٿو وٺ ڏيئي. ڪاروان هليو پر روحي بانو رسي وئي ۽ هما اڪبر ان جي جاءِ ورتي. شيرين پاشا ٽيلي ڊاڪومينٽري جو وڏو نالو سندس عشق، رسڻ پرچڻ ان سان هلندو رهيو. ان عرصي دؤران جڏهن ڪنهن ڳاله تان کانئس خفا ٿي لاهور ڇڏي اچي ڄام شوري جا واڻ وسايائين ڪجه وقت کان پوء شيرين پاشا هن کي فلم رضيا سلطانه جو لتا جي آواز ۾ ڳايل گانو، ’اي دل نادان...‘ موڪليائين، جنهن کي هن سڄي عمر سانڊي رکيو.ڪڏهن ڪڏهن ان کي ٻڌندي يادگيرين جو سمنڊ سندس اکين مان وهي پوندو هو. آخر ۾ ڪينيڊا جا وڻ وسايو ويٺي ته سالن کان پوء رابطو ڪيانئس ته جواب مليس” ڪاري ڪلر بجاء گهاٽن ساون وڻن هيٺيان دفن ٿيڻ چاهيان ٿي، جي اچڻو اٿئي ته هليو اچ.” آئون ۽ امان الله جوڻيجو جڏهن به رلڻ ويندا آهيون ته سندس پهريون ۽ آخري مشورو لاهور گهمڻ جو هوندو هو. مون کي ياد آهي ته ۲۰۱۹ع جي آخري ٿڌڙي شام جي پهر ۾ مون کي پنج اٺ ڪتاب پنهنجي بيڊ تان کڻي ڏيندي چيائين؛ ”يار! هاڻي هي ڪتاب تنهنجي حوالي ٿو ڪيان باقي هي فون، ليپ ٽاپ ، ٽيب الئي ڪنهن کي نصيب ٿين.“ تنهن هوندي به زندگي جي آخري گهڙين تائين اسان جو هڪ ٻئي سان رابطو منهان منهن ۽ فون رستي قائم رهيو. هن کي پاڪستان جي هڪ وڏي ڊراما نگار طور وڏيون آڇيون ٿيون. بينظير ڀٽو، صدر اسحاق، جنرل ضياءُالحق، جنرل مشرف، آفتاب شيرپاو، ڄام صادق علي سميت ڪئين حڪمرانن ، وزيرن، مشيرن، بيوروڪريٽن پاران آڇون ڪيون ويون ، پر هن ڄام شوري کي ترجيح ڏني. سندس پگهار ۽ ڊرامن جا معاوضا کائڻ پيڻ، دوائن، ڪتابن خريدڻ ۽ پائڻ ۾ پورا ٿي ويندا هئا پر بچت ٻڙي، نه ته گاڏيون، بنگلا ۽ پلاٽ ڪجه به نه هئا. هن کي رڳو قسطن تي چڙهڻ لا گاڏي ۽ قرض تي گهر ٺهرائڻ نصيب ٿيو . تڏهن ته هو آخري ڏينهن ۾ طبيعت ناساز هوندي هيٺيون ڳيت آلاپيندو هو ته: سب ڪڇ سيکا هم ني، نه سيکي هوشياري. هاڻي سوچيان ٿو ته منهنجي زندگي ۾ وري اهڙا ڏينهن الئي ايندا به يا نه پر مون کي يقين آهي ته اڳئين جنم ۾ آئون هن سان ائين ئي ڪچهريون ڪندس. ان پنهنجي وفات واري تاريخ ۳۰ مارچ ۲۰۲۰ کان گهڻو اڳ ۾ اها وصيعت ڪئي هئي ته مونکي جبلن ۾ رولڻ بجاء پنهنجي مٽي ۾ دفن ڪجو. جتي هو گهاٽن کٻڙن ۽ ڪنڊِين جي ويڙهن جي وچ ۾ پراڻي هاڪڙي دريا جي ڪپ تي آرامي آهي. (امر لغاريءَ جي فيسبڪ وال تان ھن نوٽ سان کنيل: منظور ملاح جو عبدالقادر جوڻيجي تي مفصل مضمون (خاڪو) جيڪو ٻن قسطن ۾ ڇپيو آھي. منظور جيئن ته قادر جي گھڻو ويجھو رھيو آھي انڪري ھن جي زندگيءَ جا اھي پاسا جيڪي گھڻن ماڻھن کان ڇُپيل رھيا... يا جن بابت غلط تاثر قائم ڪيا ويا ليکڪ انھن بابت به قلم کنيو آھي.) عبدالقادر جوڻيجو ادب جو آٽوگراف شوڪت لوهار ڪروڙين جاندارن وچ ۾ رهي ڪري ماڻهو ماڻهو ٿي رهي، هو بي وفائي نه ڪري، گهوٽالو نه ڪري، سڀني کان الڳ ٿلڳ هجي، اهو ڏاڍو مشڪل ڪم آهي. هن هائبرڊ دنيا ۾ رهندڙ اڄ هر حياتي به هائبرڊ ٿي ويئي آهي. ان ۾ نج پڻو تلاشڻ، ايترو ئي ڏکيو آهي، جيترو ڪنهن ڪيميادان لاءِ پاري جهڙي ڌاتو کي ڳارڻ. اسان جي چوڌاري ناانصافي، انياءُ ۽ اوچ نيچ تي هلندڙ سماج هجي ۽ ان ۾ ڪوبه ماڻهو سواءِ پنهنجي سماجي رُتبي، ٻي هر سڃاڻپ کان وانجهيل هجي، جڏهن ماڻهو صرف اوهان کي ان لاءِ عزت ڏيندا هجن جو اوهان وٽ گهڻي مال ۽ دولت هجي، ان لاءِ نه جو اوهان جي ذهني زمينن ۾ پوريل اڻ ڳڻيل زمرد ۽ يا قوتن، هيرن ۽ جواهرن سان ڀريل خزانا هجن، جتان ڪوبه پوڄارو پر ٿي سگهي، جتان اوهان جي بنجر بڻيل شعور ۾ کٽڻهار کڙي پون. اسان صرف اهو چاهيندا آهيون ته اسان وٽ زندگي جي سڀني روڳن کي ڀوڳيندڙ اديب اهڙو ڪجهه لکي جيڪو اسان کي پسند هجي، ان ۾ هن جي ڪابه راءِ يا مرضي شامل نه هجي. هو اسان کي اسان جي ڪوجهائپ ۽ بگڙيل شڪل صورت به مورت ڪري ڏيکاري. ماڻهو مِٽي ڀور، وقت جي لوڻاٺي پاڻي سان ٽڪرائجي ڳري وڃي ٿو. ماڻهو وقت جي وات ۾ ڄٻاڙجندڙ هڪ اڻ لکي شئي آهي. ماڻهو وقت سان وڙهندي وڙهندي نيٺ هارائجي ويهي ٿو، وقت جيڪو زمان ۽ مڪان ۾ ماڻهو جي عمل جو ماپو آهي. انهي وقت پنهنجن لوهي هٿن ۾ ڪيئن املهه ماڻهو، ڪيئي هيرا موتي ماڻهو قيد ڪيا آهن ۽ پوءِ هوريان هوريان ازدها بڻجي پنهنجي وات ۾ پئي ڳيهو آهي. وقت ۽ وير ڪنهن جو انتظار ڪونه ٿا ڪن، بلڪه جيڪو ماڻهو ان جو لفظ شناس ٿئي ٿو، اهو ئي ماڻهو موتي ڌاڻو ٿئي ٿو ۽ وقت تي حڪمراني ڪندڙ ڪي ٿورائي ماڻهو آهن. اسان سڀني انسانن تي وقت اچي ٿو. وقت پنهنجو وارو وڄائي ٿو پوءِ انهي وقت کي پنهنجي پنهنجي قوم ۽ پنهنجي ديس جي ڏکوئيلن، ڌڪاريل ماڻهو جو بخت بڻائجي ته ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي خوش نصيبي ٿي سگهي ٿي؟ بندر جا ڀهين ته سکاڻا مَ سمهو، ڪپر ٿو ڪُن ڪري، جيئن منجهه مهي، ايڏو سور سهي ننڊ نه ڪجي ناخواه. شيڪسپيئر چواڻي ته هي دنيا هڪ رنگ منچ آهي ۽ هر ماڻهو هتي پنهنجو هڪ ڪردار پيش ڪري هليو وڃي ٿو. هو ڄمي ٿو، روئي ٿو، پنهنجي بي وسي جو اظهار ڪري ٿو، ٿورو وڏو ٿئي ٿو بي دلي سان مڪتب ڏي وڃي ٿو، جوان ٿئي ٿو، سندس سيني ۾ عشق جي آتش جاڳي ٿي، جذبن جو مها ساگر اٿلي پئي ٿو، پوءِ هڪ اهڙو وقت اچي ٿو جڏهن هو عقل ۽ دانش جي تناور درخت جي ڇانو ۾ ويهي ٿو، منصف ٿئي ٿو، سندس نظر ڪمزور ٿئي ٿي، آخرڪار سندس مت ۽ عقل ڇڻڻ شروع ڪن ٿا، ڏند ڇڻي پون ٿا ۽ هو پيري ۾ وري ابهم ٻار ٿي پئي ٿو ۽ وري وقت جو طوفان اچي ٿو ۽ هو ان کي ڪٿي اڏائي پاڻ سان کڻي وڃي ٿو. زندگي ڇا آهي؟ هڪ جهُرندڙ فانوس آهي، جنهن جي روشني ڏينهون ڏينهن جهيڻي ٿيندي وڃي ٿي ۽ هڪ وقت اهڙو اچي ٿو جڏهن اها جَهڪي جَهڪي روشني اجهامي وڃي ٿي ۽ زندگي وقت جي نيري سمنڊ ۾ ڪٿي گم ٿي وڃي ٿي. شيڪسپيئر پنهنجي هڪ عظيم ناٽڪ ميڪ بيٿ Macbeth ۾ جيون جو ڪهڙو نه سهڻو نقشو چٽيو آهي: “Out, out brief candle! Life’s but a walking shadow, a poor player that struts and frets his hour upon the stage and is heard no more. It is a tale told by an idiot, full of sound and fury signifying nothing.” زندگي هڪ بيوقوف جي بيان ڪيل هڪ اڍنگي آکاڻي آهي، جنهن ۾ اُڻ تُڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونه آهي. سڄي زندگي ماڻهو انهي جدوجهد ۾ گذاري ڇڏي ٿو ته زندگي کي بهتر نموني با عمل نموني هڪ جوابده جي حيثيت سان ڪيئن گذارجي؟ هي اهي ڏينهن هئا جڏهن ڄامشوري جون هوائون رات سمي ويٺي ويٺي اکيون ننڊاکڙيون ڪري ڪنهن پُر فريب دنيا ۾ وٺي وڃڻ لاءِ بي قرار هونديون هيون، جڏهن اسان جي رولاڪي ۾ وقت جو بئنڪ بئلنس اڻ کٽ هيو ۽ يونيورسٽي جا ڏينهڙا ڪنهن بلئنڪ چيڪ کان گهٽ ڪونه هئا. بهار رُت ۾ هاسٽل جي ڇت تي ٿڌڙين هيرن جي ڀاڪرن ۾ گذاريل وقت ڀلا ڪهڙي منافق کان وسري سگهي ٿو. املتاس جي بانسرين جا سرڪيئن ٿا ڀُلائي سگهجن. هي اهي ڏينهن هئا جڏهن اديب روحاني استاد سمجهيا ويندا هئا ۽ انهن کان آٽوگراف وٺڻ پاڻ لاءِ هڪ اعزاز کان گهٽ ڪونه هوندو هو. بلڪل اهڙن ئي ڏينهن ۾ سنڌ يونيورسٽي جي سينٽرل لائبريري کان سنڌيالاجي ڏانهن ويندڙ واٽ ڪو ڪهاڻي، ڪو شعر ڪو قصو ڪو ناول ٿي پوندي هئي. تن ڏينهن ۾ منهنجي ملاقات هن گرو، هن استاد، هن دنيا جي فڪشن کي ٿڌي پاڻي جيئان ڳڙڪائيندڙ قصا گو عبدالقادر جوڻيجو سان ٿي هئي. تڏهن هو سنڌيالاجي جو ڊائريڪٽر هو ۽ ٻن ڪلاڪن تي مشتمل ان ڦڪي چانهه تي ٿيل مصري جهڙي ڪچهري ۾ دنيا جي ادب تي ڪيئي اهڙيون ڳالهيون کوليون هيون جن مون کي پنهنجي جهالت جو احساس وڌائي ڇڏيو هو ۽ هن مهاگرو جي موجودگي دنيا جي ادب، اديبن، نون نون ڪتابن بابت دل ۾ اٿاهه اتاولائپ پيدا ڪري ڇڏي هئي. ناسان ماڻهن کان هڪ ڪتاب جا ڏهه صفحا ڪونه ٿا پڙهيا ٿين ۽ نصاب جي ڪتابن کان سواءِ ٻيو ڪجهه پڙهڻ اسان جي روٽين مان نڪري ويو آهي. تبديلي ڪٿان ايندي؟ جڏهن ماڻهو پنهنجو پاڻ کي پنهنجي علم کي مقامي سطح تي، ملڪي سطح تي ۽ بين الاقوامي سطح تي ماپيندو ڪونه ته ان کي خبر ڪيئن پوندي ته مون ڇا پڙهيو آهي؟ ۽ مون وٽ ڪيترو علم آهي؟ اسان وٽ ماڻهو ڪوڙ سوڙ تي ڊگريون وٺي ۽ نرگيسٽ ۾ وٺجو وڃن ۽ ڪنهن غريبڙي سان ڳالهائڻ لاءِ تيار نه هوندا آهن. هي اهي ڏينهن هئا جڏهن نينهن ۽ ڏينهن ٻئي سنڌو ندي ۾ اونڌي ٿيل ناؤ جيئان لڳندا هئا ۽ دماغ هڪ اڻ سيکڙ ناکئو بڻجي هن ڪشتي جو بادبان ٺاهڻ ۾ پورو هوندو هو. بحث مباحثن سان هر ڏسا ٻهڪيل لڳندي هئي، فيڪلٽي جي آڳنڌ تي گل مهار جي گلن جي هٻڪار ۽ ڪتب خاني ۾ گذاريل وقت سينٽرل ڪئٽين جو ايٿنس جهڙو ماحول سڀ ڪجهه هڪ حسين خواب کان گهٽ ڪونه لڳندو هو. عبدالقادر جوڻيجو بنا اجوري وٺڻ جي اڄ جي ڪيترن ئي قلم سوارن جو استاد هو. چيخوف، اوهينري کان پڙهڻ جو ڏس ڏيندڙ جڏهن اوريانا فلاشي، اوڪتايو پاز ۽ ميلان ڪنڊيرا تي ڳالهائيندو هو ته ائين لڳندو هو اهي سڀئي اديب آهسته آهسته اچي هن جي ڪچهري ۾ شامل ٿيا هجن، دوستو وسڪي ۽ پئبلو نرودا جي اسلوب تي ڪيئي ڪيٽوفلٽر دونهون بڻجي ڪنھن نئين ڪهاڻي ڪنهن نئين ڪردار جي اڻت ۾ مددگار ٿيندي رک وٽي جي حوالي ٿي ويندا هئا. مون کي خبر ناهي ته هن اکرن جي جهنگ ۾ هلندي هلندي مون کي سائين عزيز پلي ۽ استاد عبدالقادر جوڻيجو منهنجو ڀاڳ ٿي مليا ۽ مون جهڙي ڀٽڪيل مسافر لاءِ ڪنهن تناور بڙ جي گهاٽي ڇانو بڻيا يا نه پر ايترو ضرور ٿيو جو ڪتابن جو اڻ کٽ نيرو آسمان ارپي ويا. اسان جي ڪچهرين ۾ جڏهن پياري وحيد جتوئي جو اضافو ٿيو جيڪو سنڌيالاجي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر آهي، مون پنهنجو پاڻ کي ڪنهن ادب جي ورڪشاپ ۾ ڀانيو جتي دل ۽ دماغ جي هر هڪ ڪل ۽ پرزي جي پئي مرمت ٿي. آئون اها هام ڪڏهن به ڪونه هڻندس ته ته منهنجو سائين استاد عبدالقادر جوڻيجو سان ڪو گهرو تعلق هو بس هڪ عقيدت هئي، گهڻا سال پوءِ جڏهن پاڻ غم روزگار ۾ پاڻ کي سماج جي بٺي ۾ سڙندي محسوس ڪيم ته هڪ دفعو استاد سان فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي جڏهن اصغر نديم سيد جو ڊرامو ”تم هو ڪي چپ“ ڏٺم بي پرواهه انداز ۾ استاد ڳالهايو ته هي پنهنجو يارڙو آهي، سٺو لکي ٿو پر ڊرامه نگار کان وڌيڪ سٺو شاعر آهي. ماڻهو جي من تي نظرين جا تهه چڙهيل آهن، مونجهارن جا ڄارا اسان کي اصلي علم کان پري رکڻ لاءِ ڪافي هجن ٿا. اسين ڪوشش جي باوجود اصلي علم شعور جي سرينڊر لاءِ تيار ئي ڪونه هوندا آهيون. مذهبي حوالي سان اسان سڀ پنهنجي ويهه پنجويهه سال زندگاني تيل ڪرڻ کان پوءِ وري وڃي ڪجهه مفاد پرستي نظرياتي چمڙن جي ور چڙهون ٿا جيڪي علم جي نالي ۾ حسد ۽ ساڙ اختلاف ۽ مخالفت جا دٻا هجن ٿا. انهن مان ڪو هڪ اڌ ماڻهو حقيقي معنيٰ ۾ سچو پچو علم دوست آدرشي ۽ منطقي علم رکندڙ هجي ٿو نه ته سڀ جا سڀ هريڙ رکندڙ. استاد عبدالقادر جوڻيجو ادب جو جادوئي ليکڪ هو، هو حقيقت ۾ علي بابا جي ناول موهن جي دڙي جو ڪو ڪردار هو جيڪو سنڌو سڀيتا جي ڪهاڻي بيان ڪرڻ لاءِ هن جهان ۾ آيو هو، جيڪا هن پنهنجي انگريزي ناول The Dead River مئل ندي ۾ ڪيو آهي. هن ناول ۾ هُن جادوئي حقيقت نگاري ۾ نکار آڻيندي هاڪڙي دريا، جيڪو حقيقت ۾ سرسبز دريا هو تي اڏيل ڪئين قصا بيان ڪيا آهن، عبدالقادر جوڻيجو جو فن ۽ فڪر ٻئي برميچجي هن ناول ۾ عيان ٿيا آهن. عبدالقادر جوڻيجو جيڪو هن وقت پنهنجي ڳوٺ جنهاڻ ۾ ڪونڀٽن جي ڇانو ۾ ٿر جي ٿڌڙي واري ۾ آرامي ٿيو آهي، ان لاءِ اهو فيصلو ڪرڻ اوکو هوندو ته هو ٿريو هو يا ڄامشوري جو ڪو ديو مالائي ڪردار هو. اديب وڏو هو يا قصه گو. هو ناول نگار هو، ڪالم نگار يا ڊرامه نگار، اهو فيصلو توهان اسان ڪري ئي نٿا سگهون، ڇڏو ته اهو فيصلو ڄامشوري جون ٿڌيون هوائون ۽ ٿر جي اڏول ڀٽن جي سپرد ڪريون، هو ئي ان جي فن جو ازرا پائونڊ بڻجي ڪو فيصلو ڪري سگهنديون باقي پاڻ ڪٿي کٽي نه پئون. استاد قادر جوڻيجو شروعاتي طور هڪ استاد بڻيو پر جلد ئي شيخ اياز ان کي سنڌيالاجي سونپي جتي هن پنهنجي ملازمت سان گڏ پنهنجي وهي به ڄامشوري حوالي ڪري پاڻ پنهنجي آمد ۽ رخصتي جيتري ساھي لاءِ جنهاڻ جي ٿڌين ڀٽن کان اجازت وٺي آيو. قادر جوڻيجو جڏهن پي ٽي وي تي راڻي جي ڪهاڻي کي کڻي آيو ته ڊرامي جو جهان ئي بدلجي ويو، وري جڏهن راڻي جي ڪهاڻي اردو ۾ ديوارين طور پيش ڪيو ويو ته سانجهي ڌاران بازارون ۽ ڳليون ويران سڀ ٽي وي جي اسڪرين تي چمبڙيل، اهو استاد قادر جو ئي ڪمال هو جو ڪلچرل شاڪ، ثقافتي جهتڪي تي ٺهيل ڪمال ڪاميڊي ”ڇوٽي سي دنيا“ جنهن ۾ هڪ ڪردار مير مراد علي خان ڪنهن انگريز جو گائيڊ بڻجي ڪجهه ڏينهن ڳوٺ ۾ سير ڪرائي وري جڏهن ان سان گڏ لنڊن وڃي ٿو ۽ اتان موٽ کائي ڪيئن نه ولايتي ڪلچر جي نرگسيت ۾ وٺجي ڳوٺاڻن سان عجيب غريب جٺون ڪري ٿو ۽ ڳوٺ ۾ رهندڙ جانو جرمن جهڙو ڪردار گهڙڻ سندس فن جي اڏولتا جو شناختي ڪارڊ بڻجي پون ٿو ۽ اسين پهريون ڀيرو نور محمد لاشاري ، انور سولنگي ۽ صلاح الدين تنيو جي زباني انگريزي ٻولي جو ملاکڙيو ڏسون ٿا. جهوٽي سي دنيا ۾ شيزان چنا ۽ سڪينا سمون عورت ڪردارن ۾ جيڪا ٻولي جي خوبصورتي بيان ڪن ٿيون ۽ نج پج ڳوٺاڻي زندگي بيان ڪن ٿيون، اهو صرف جوڻيجو صاحب ئي ڪري ٿي سگهيو. استاد علم انسانيات ۽ ماحوليات متعلق تمام ڊگها ۽ ڪارائتا ڪالم لکيا، هر ڪالم هر ڪهاڻي ۾ هن وٽ اسلوب جي سندرتا ۽ بيان جي مهانتا ڄڻ سندس ڏائي هٿ جو کيل هئي، سندس تخليقي پورهئي ۾ ڇا لکان؛ وڻ وڻ جي ڪاٺي واٽون، راتيون رول شڪليون، ويندڙ وهي، لهندڙ سج وڏا اديب وڏيون ڳالهيون سونو روپو سج ايورسٽ تي چڙهائي ڪرسي ڇو، ڇا ۽ ڪيئن خط ٻن اديبن جا در در جا مسافر The Dead River ۽ Rustics انهي کان علاوه ڪيئي اڻ ڳڻيا ڪالم، ڊرامه، ڪتابن جا مهاڳ ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه. اڄ جڏهن هر طرف، مونجهه آهي، هر ڏسان سانت آهي، هر طرف خوف جو ديو لامارا پيو هڻي. اهڙن ڏينهن ۾ استاد جو وڇوڙو يقينن سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻولي لاءِ هڪ ناقابل تلافي نقصان آهي. اسان وٽ اڄڪلهه سنڌي ناول جي معيار مطعلق کوڙ بحث ٻڌڻ لاءِ ملن ٿا. جيتوڻيڪ مان ڀانيان ٿو ته ڪهاڻي، ناول يا ڪوبه تخليقي وٿ خالص داخلي Subjective ڪيفيت جي اپٽار هوندو آهي. ڪوبه اديب ڪنهن کان ڊڪٽيشن وٺي نٿو لکي سگهي. جن دوستن کي ڪيمپس تي لکيل ناول نٿا پسند اچن ٿي سگهي ٿو ته ٻين لاءِ اهي ڪنهن وڏي وٿ مثل هجن. هڪ ماڻهو کان ٻي ماڻهو تائين ٽيڪسٽ متن مختلف معنيٰ ۾ پهچي ٿو. انهي کان علاوه اسان جا دوست زميني حقيقتن کان اکيون ٻوٽي پوءِ ٿا تجربو ڪن، اسان جو تعليمي معيار ۽ مطالعو ۽ ڪنهن به پرڏيهي اديب جو تعليمي معيار ۽ مطالعو هڪ جهڙو نٿو ٿي سگهي. توهان ڇا ٿا سمجهو، شوق وچان لکندڙ اسان جو اديب بس ڪجهه ڏينهن ۾ ماريو ورگاس ۽ پاموڪ جهڙو لکڻ شروع ڪري ڏي؟ اهو ناممڪن آهي. اسان وٽ ادب اڃا پيشاوراڻه ڪرت ڪونه بڻيو آهي. انهي کان علاوه ٻي ڳالهه ته هر ڪتاب جنهن جي مٿان بيسٽ سيلر جو ٽيگ لڳل آهي، ضروري ڪونهي ته ان جو معيار به اهڙو ئي هجي. رسول ميمڻ جي ناول نجومي جو انگريزي ترجمو ڪرايو، پائلو ڪوئلو کي پاسي نه ڪري ڇڏي ته پوءِ چئجو. استاد عبداقادر جوڻيجو جيڪو سو ديس مسافر منهنجو ڙي نالي ناول پڻ لکي رهيو هو، پر ساهن جي ڌاڳن جي تند ڇڳي پيس. هُن جي آتم ڪٿا جهڪيون جهڪيون يادگيريون اڌ ۾ هئي، جنهن جون ڪجهه قسطون سارنگا ۾ ڇپيون هيون، اها به الائي ڪٿي پنڌ پيچري ۾ رهجي ويئي. عبدالقادر جوڻيجو سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جي جهول ۾ پنهنجو پورهيو ارپي ويو آهي، هاڻ اها سنڌ ۽ سنڌ واسين جي ذميواري آهي ته هو سندس ڪتابن کي پنهنجي شعور جي فانوس جي سهائي بڻائي ڪو نئون ڌڳ وٺن. هُو ميلن ٺيلن کان پرڀرو اديب هو بهرحال اڄوڪا ڪمرشل ميلا سندس قدڪاٺ کان گهڻو هيٺ هئا. هو سنڌ ۾ شيخ اياز کان رسول بخش پليجي کان پوءِ دنيا جي ادب جو پورهيت هو. جنهن جو اجورو سنڌ واسين تي اوڌر بڻيل رهندو. لڳي مون کي لوهه، ورهه واٽون لائيون. راضِي جنهن سِين روح سو ڪوهِيار ڪَيچ ويو.“ (شاهه) Abdul Qadir Junejo Asif Jamal Soomro Abdul Qadir Junejo was born on 13 September 1945, in small village Jinhan, Tharparkar, Sindh; a novelist, playwright and columnist writing in Sindhi, Urdu and English languages. His father Mureed Hussain Junejo, was a police officer. Junejo received his primary education from his native village Jinhan in Govt. Primary School. Then went for higher education, where from University of Sindh he did his Bachelor of Arts, Bachelor of Education and Master of Arts in Sociology degrees. He has written many articles and books among them lot are famous. 1.Watoon, Ratyoon Ain Rol (1973) (Sindhi: واٽون، راتيون ۽ رول) 2.Shikliyoon (1979) (Sindhi: شڪليون) 3.Weender Wahi Lahandar Sijj (1984) (Sindhi: ويندڙ واھي لھندڙ سج) 4.Wada Adeeb Wadyoon Galhyoon (1984) (Sindhi: وڏا اديب وڏيون ڳالھيون) 5.Sono Roop Sijj (1986) (Sindhi: سونو روپ سج) 6.Everest te Charhai (1987) (Sindhi: ايورسٽ تي چڙھائي) 7.Kursi (1998) (Sindhi: ڪرسي) 8.Chho Chha Ain Keein (1999) (Sindhi: ڇو ڇا ۽ ڪيئن) 9.Khat bin Adeeban Ja (1999) (Sindhi: خط ٻن اديبن جا) 10.Dar Dar ja Musafir (2001) (Sindhi: در در جا مسافر) 11.Wan Wan Jee Kathiee (2002) (Sindhi: وڻ وڻ جي ڪاٺي) 12.The Dead River (2014) English. The Government of Pakistan and Government of Sindh awarded him Pride of Performance in 2008 and Latif Award in 2016. He received several awards from local organizations. عبدالقادر جوڻيجو استاد جي سلامي اسحاق سميجو ڦول ٿي ڪو ته منجهائن اڀري خواب ڪيڏا نه مليا مٽيءَ ۾. (شيام) خليل ڪنڀار جي نوهٽي ويندي، مون سائين علي دوست کي چيو ته هن ئي رستي تي ڪٿي استاد عبدالقادر جي آخري آرام گاھ به آهي. واپسي تي کيس سلام ڪندا اينداسين. سائين چيو؛ اها ته ڀاڳ جي ڳالھ چئبي. نوهٽي ويندي رستي ۾ ڪٿي به جنهان جوڻيجي جو بورڊ نظر نه آيو. ان ڪري واپسي تي مون سنگت کي چيو ته ثقافت کاتي کي گذارش ڪنداسين ته استاد جي نالي جو بورڊ به روڊ تي لڳرائي ۽ مزار تي ننڍو چبوترو به ٺهرائي، جيئن ايندڙ ماڻهو آسانيءَ سان مزار کي ڳولهي سگهن. نوهٽي کان جنهاڻ جوڻيجو ستن اٺن ڪلوميٽرن تي آهي. ٻن ٽن ماڻهن کان پڇا ڪئيسين ته اسٽاپ تي ڄار جي وڻ جي نشاني ملي. جنهاڻ تائين پهچندي قدير انصاري ۽ سائين علي دوست بروهڪيءَ ۾ شعرن ۽ لطيفن جو مزيدار مقابلو ڪيو. قدير کي گڏهن بابت لطيفا جام ٿي آيا. سو جتي جتي رستي ۾ گڏھ ٿي نظر آيو، ڪو نه ڪو لطيفو ضرور ٿي ٻڌايائين. لطيفا ٿورا ولگر هيا، سو جنھن کي به ٻڌڻا هجن، مالڪ کان فون تي ٻڌي وٺي. جنهاڻ جوڻيجي پهتاسين ته رستي جي هڪ پاسي اڇي رنگ جو دڪان ۽ ٻئي پاسي اڇي رنگ جي ئي اوطاق موجود هئي. پر نه ڪو ماڻهو، نه ماڻهوء جي ذات. گاڏيءَ مان لهي منصور سيتائي. . . . ابا ڪو آهي. . . ادا ڪو ٻڌي پيو. . . . جا سڏ به ڪيا، پر ورنائڻ وارو ڪو به نه هو. . مان دڪان جي ڀرسان ديوين وچ مان گذرندڙ رستي تي اڳتي وڌيس ته گهرن جون ڀتيون ننڍيون هجڻ ڪري عورتون ۽ ٻار نظر پئي آيا. ڪنهن ڌنار جا آواز به ڪنن تي پيا، پر وڻن ۽ ديوين جي گهاٽائي سبب ڪو به نظر نه آيو. روڊ طرف موٽ کاڌي ته ٽي ٻارڙا گهرن پاسي کان ڊوڙندا آيا. مون کانئن قبرستان ۽ استاد عبدالقادر جي مزار بابت پڇا ڪئي. هنن اشاري سان ٻڌايو ته نئين ڪوٽ جي قلعي طرف ويندڙ رستي تي ٿورو ئي اڳيان هڪ اڇي مسجد جي ڀر ۾ قبرستان آهي. جتي ئي اها مزار ٿي سگهي ٿي. گاڏي ۾ چڙهي ڪجھ اڳيان وڌياسين ته هڪ لوڪ قصن جي ڪردارن سان ملندڙ جلندڙ چاچو اڳتي وڌي آيو، ۽ پڇا تي رهنمائي لاءِ گاڏي ۾ ويهي رهيو. آڏو ئي هڪ ننڍڙي، ڳوٺاڻن جي دل ۽ دسترخوان وانگر کليل، ڪنهن به شهري چمڪ دمڪ کان پري جيئندڙ بيحد معصومڙي مسجد ڏسڻ ۾ آئي. قدير مسجد وٽان گاڏي هيٺ لاٿي ته سامهون ئي هڪ ميدان هيو، جنهن ۾ ڳوٺ جا ٻارڙا ڪرڪيٽ کيڏي رهيا هئا. قبرستان گرائونڊ جي سامهون ئي هو. وڻن جي جهڳٽن وچ ۾ هڪ مختصر قديمي قبرستان جو ڪاٺين جو ٺهيل مزيدار گيٽ هٽائي، چاچي اسان کي اشاري سان اولھ طرف هلڻ لاءِ چيو. جيئن ئي منهن اولھ طرف ڪياسين ته پهرين آجيان لهندڙ سج جي ٿڌي ۽ گيڙو رتي روشنيءَ ڪئي. دل تي استاد قادر جي ڪتاب جو عنوان تري آيو، 'ويندڙ وهي، لهندڙ سج. ، ' قبرستان جي ڀر مان هڪ ڪچو ڳوٺاڻو رستو گذريو پئي ۽ رستي جي ٻيءَ ڀر سرنهن جا سهڻا پيلا کيت ٻهڪي رهيا هيا، جن تي پوندڙ سج جا سونهري ڪرڻا هڪ عجيب طلسمي ماحول خلقي ڪري رهيا هئا. مزار جي پيرانديءَ کان ڪنڊيءَ جو هڪ قديمي وڻ تجريدي پينٽنگ جو ماحول ٺاهڻ ۾ رڌل هو. مون مزار کي ويجهي ٿيندي ئي موبائل ڪڍي ۽ مزار کان سج جو منظر محفوظ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اوچتو ڪنڊيءَ جي ڀر وارن ڄارين مان ڀڙڪو ٿيو ۽ هڪ مور اڏامي اچي ڪنڊيءَ جي وڻ تي ويٺو ۽ پنهنجا پر ڦڙڪائي، جهڙوڪ آيل عقيدتمندن کي ڀليڪار ڪرڻ لڳو. مون قدير کي اشاري سان مور ڏيکاريو ته هو به حيرت ۾ پئجي ويو. اسان زندگيء ۾ پهريون ڀيرو قبرستان ۾ ڪو مور ڏٺو هو. مٿان وري ان قبرستان ۾ استاد عبدالقادر آرامي هجي ۽ ان جي پيرانديءَ کان بيٺل ڪنڊيء جو وڻ مور پنکن سان سنگارجي بيهي، ته ان ڪيفيت کي ڪهڙو نالو ڏجي. سو هي گهڙون عجيب ۽ بشارت جهڙيون لڳيون. اسان استاد قادر کي سلام ڪيو ۽ سندس مزار جي مٽيء کي ڇهي، اکين تي رکيو. عبدالقادر جوڻيجو اسان جي نسل جو ادبي گرو هو. اسان لکڻ ئي شروع نه ڪيو هو ته ڪهاڻي کان خاڪن تائين ادبي دنيا ۾ هن جي نالي جي ڌاڪ هئي. پر هن جڏهن سنڌالاجي جي هڪ ڪنڊائتي ڪمري ۾ ويهي، مٺ تي سگريٽ رکي، 'راڻي جي ڪهاڻي'، 'ديوارين' ۽ 'ڇوٽي سي دنيا' جهڙا جڳ مشهور ڊراما لکيا، تڏهن رڳو سنڌ ۽ پاڪستان ۾ نه پر سموري ننڍي کنڊ ۾ هڪ ليکڪ طور هن جي شهرت ۽ سڃاڻپ خوشبو جي طوفان وانگر پکڙجي وئي. اها سنڌالاجي، جنهن جي عمارت ڪنهن بزرگ جي مقبري جو ڏيک ڏيندي آهي ۽ قلندر جي پانڌيئڙن جي ڪا ڪا بس رفتار جهڪي ڪري، دعائون گهرندي اڳتي وڌندي آهي، ان سنڌالاجي جي ڊائريڪٽر رهندڙ عبدالقادر جي مزار تي ڪو به مقبرو يا چبوترو ٺهيل نه آهي. هن جي ڪچي مٽيءَ جي مزار ۾ اهڙي ئي ڇڪ ۽ پنهنجائپ محسوس ٿئي ٿي، جهڙي هن جي ڪهاڻين جي ٻوليءَ ۽ ديومالائي شخصيت ۾ هئي. (حيرت ۽ ڏک جي ڳالھ اها به آهي ته جنهن سنڌالاجي جي سڃاڻپ ئي عبدالقادر جوڻيجي ۽ شوڪت حسين شوري جهڙا ليکڪ هيا، ان سنڌالاجي سندن سکڻا ڪارنر به نه ٺاهيا. ) جڏهن ۳۰ نومبر تي عبدالقادر جي موڪلائڻ جي خبر ٻڌي سندس گهر پهتا هياسين، (جتي ڪرونا جي خوف سبب ڪي چند ماڻهو ئي موجود هيا)، تڏهن اتي ڪنهن ٻڌايو هئو ته تدفين نئين ڪوٽ ويجهو، سندس مري ويل محبوب درياء (جنهن تي هن انگريزي ناول 'د ڊيڊ رور' لکيو هيو) جي ڪنڌيءَ تي قائم سندس اباڻي ڳوٺ جنهاڻ جوڻيجي ۾ ٿيندي. مون هن جي فرزند نصير کان پڇيو، ته ڄام شوري ۾ سڄي زندگي گذاريندڙ قادر جا هڏا اوهان جنهان ڪيڏانهن پيا کڻايو وڃو? تڏهن هن ٻڌايو هيو ته اها بابي جي وصيت ۽ خواهش هئي. تڏهن الائي به ڇو، مونکي اهو فيصلو نه آئڙيو هو - پر هاڻ جڏهن هن کي فطرت جي ٻاجھاري هنج ۾ ستل ڏٺو سين، سندس مزار مٿان مٿان مورن جون رنگين اڏارون نظر آيون، قبرستان جي پاسن کان سرنهن جا ڦلاريل کيت اکين سان ٽڪرايا، قبرستان جي آس پاس هن جي ڪهاڻين ۽ ڊرامن جي ڪردارن کي زندگيءَ جي حقيقي ڪردار طور ماڻيوسين، ڳوٺ جي ٻارڙن جا سادڙا ۽ سٻاجهڙا ٽهڪ ٻڌاسين، انهن ٻن ٻارڙن سان ملياسين، جيڪي اسان کي قبرستان ۾ ڏسي اندر هليا آيا ۽ چيائون ته هي اسان جو ڏاڏو آهي. . . . تڏهن مونکي لڳو، عبدالقادر جو فيصلو ڪنهن به ريت غلط نه هو. . . اهي سڀ ماڻهو، جن پنهنجون مزارون ادارن اندر ٺهرايون ۽ ادارن کي قبرستانن ۾ بدلايو، عبدالقادر انهن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ باوقار طريقي سان، پنهنجي وڏڙن وچ ۾ باک ويلي ماڪ جي قطرن ۽ گوڌول جي گهڙين ۾ سج جي ڪرڻن سان سڌيء ريت ڪچهرين جا مزا ماڻي رهيو آهي. . . عبدالقادر واقعي به وڏو ليکڪ ئي نه، وڏو ماڻهو به هو. . . ۽ فطرت هن تي هاڻ به اهڙي ئي مهربان نظر آئي، جهڙي زندگيءَ ۾ هئي. (اسحاق سميجو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۸ جنوري ۲۰۲۲ع تي کنيل) عبدالقادر جوڻيجو ڀارومل امراڻي ٿريو آخر ٿريو هوندو آهي، پوِءِ ٿر جي ڀٽن تي ولر واريندڙ ڌنار هجي يا جڳ مشهور ليکڪ. هُو زمين آسمان سج چنڊ تارا، چارا، نديون، نالا سڀ ٿريو ٿي ڏسندو آهي، هن جي اندر ۾ صدين جي اڃ هوندي آهي. مينهن ۽ نينهن مان ڪڏهن هن جو ڍو نه ٿيندو آهي. عبدالقادر جوڻيجو ٿر جي طبعي ڀاڱي مهراڻي جي ڳوٺ جنهاڻ جوڻيجا ۾ جنم وٺندڙ ٿريو هو. هن ڏکن کان اتر تائين پوري سنڌ گهمي، ملڪ جي ٻين حصن ۾ به ويو، هن دنيا جي ملڪن ڏانهن به پنڌ ڪيو پر ھر هنڌ ھن کي ڪجھ ڏينهن کان پوءِ ‘هورو’ پوندو هو. هوري جي اڻ تڻ ۾ ‘هورو ’ جهڙي شاهڪار لکي. هن جي من جي مايا روپي ندي هاڪڙو هوندي هئي. هاڪڙي جي لهرن هن جي لفظن ۾ نئون جنم ورتو هو. چون ٿا ته هاڪڙي جي ڪنارن تي ۳۰۰ شهر آباد هوندا هئا. هن جي ڪهاڻين، ڪالمن، ڊرامن، ناول، خاڪن ۽ ترجمي جي لکڻين جو ڪل تعداد لڳ ڀڳ ٽي سو آهي. منهنجون ھن سان گهڻيون ملاقاتون ڪتابن ۽ ڪالمن ۾ ٿيون، هن جي ڊرامن جي ڊائلاگن ۾ ڪچهرين جو وڏو رس ورتو. پر ڪجھ ملاقاتون سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري ۾ هن جي چئرمين شپ دوران روبرو ٿيون. هُو دل گهرئي ماڻهو کي پريان کان ايندو ڏسي مرڪندو هو. هن هڪ ڀيري سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري ۾ ڪچهري ڪندي ٻڌايو ته دنيا ۾ رقص جا چاليھ نمونا آهن ڇٽيھ نموني جو رقص ٿر جو ماڻهو ڄاڻي ٿو. هن ڳاله ڪري دنگ ڪئي ته مون چيو بروبر سائين ‘ڇٽيھ نموني جو رقص اوهان جي مرڪ ۾ موجود آهي. پوءِ هن وڏا ٽهڪ ڏيئي مهراڻي جي ڀٽن، ڪونڀٽن ۽ ڄارين جي جڳهٽن تي ڳالهايو هو. هن دنيا جو ادب پڙهيو هو. هن پنهنجي پسند جون لکڻيون ترجمو ڪري سنڌي ادب جي پڙهندڙ تائين پهچايون هيون، پر هن جي طبعزاد لکڻين ۾ مقاميت حاوي هوندي هئي. ڳالھ ڪٿان جي ڪئين هجي پرهن جي تشبيھ جو رنگ چاچي رمضان جي ڳالهين تي اچي دنگ ڪندو هو. هُو تحقيق ۾ پيرا رامجي ڪولهي وانگر کڻندو هو. هن وٽ ٻيا به ڪيترائي ڪردار هئا. جن مان هن اتساھ وٺي پنهنجي لکڻي کي هن ڇٽيھ لکڻي بڻائي هئي . هن جو والد صاحب پولس جو صوبيدار هو. هن پوليس ۾ نوڪري ورتي. پر والد جي چوڻ تي ڇڏي ڏني. پوءِ ماستر ٿيو. هن جي ڪهاڻي پڙهي شيخ اياز سنڌالاجي ۾ نوڪري ڪرڻ جي لاءِ گهرايو. هُو شيخ اياز جي نياپي تي جنهاڻ مان سوا پرھ سج مٿي اچڻ تي نڪتو هو. هن جو جسم خاڪي مهراڻي جي مٽي ۾ ابدي آرام ڪرڻ جي لاءِ سوا پرھ سج مٿي اچڻ تي پهتو. هن کي اهي ڳوٺاڻا ماڻهو وڻندا هئا، جيڪي پٽ پاٿاري تي ڪانڀ ٻڌي ويهندا آهن. هن جي آخري سفر ۾ اڪثريت انهن ماڻهن جي هئي. (ڀارومل امراڻي جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۳۱ مارچ ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل) عبدالقادر جونیجو جادوگر لکھاری - ادب کا غیر معمولی نام - ٣٠۔۔مارچ تیسري برسی کی مناسبت سےخاص تحریر۔۔ جہانگیر عباسی سر زمین سندھ کی ریت والے سرحدی و صحراٸی پسماندہ علاٸقے تھر کے ایک چھوٹےسے گاٶں ``جنہان``اس وقت کا تحصیل اور اب ضلعہ مٹھی میں پہلی نومبر سن ١٩٤٥ کو مرید حسین جونیجو کے گھر میں نومولو بچے کے بابت یہ کسی کو بھی علم نہ تھا ک أنے والے وقت میں وہ ہی بچہ علم و ادب کے جہان کا ایک بھت بڑا لکھاری بن کر دنیا میں اپنے نام کا ڈنکا بجانے والا ھے جس کا نام عبدالقادر رکھا گیا جس نے پراٸمری تک اپنے گاٶں کے اسکول سے تعلیم پراٸی ۔میٹرک نواب شاہ ضلعہ کے مختلف اسکولوں سے کی کیوں کہ والدہ پولس کھاتے میں افسر تھے جس وجہ سے ان کے اکثر تبادلے ھوتے رھتے تھے ۔ قادر نے انٹر میڈیٹ ھائی اسکول ڈپلو سے کرکے سن ١٩٦٨ میں بی۔۔اے۔سن ١٩٦٩ میں بی ایڈ(تعلیمی موضع )اور أٹھ سال بعد ایم۔اے سوشالاجی مضمون میں یونی ورسٹی أف سندھ سے کیں عبدالقار جونیجو نے عملی زندگی کی جدوجہد والی شروعات والد کے زور بھرنے پہ بطور پرائمري اسکول استاد سن ١٩٦٢ سے کی پھر ترقی پاکر سیکنڈری اسکول استاد مقرر ھوۓ اور ١٤ سالوں تک پژھاتے رھے ۔اسی عرصے میں لکھنے کی طرف أے عظیم دانشور محمد ابراھیم جویو ۔نواب حيدر علی اور شوکت حسین شورو سے خط وکتاب رھی پھر روبروں ملاقاتیں ھوئیں جن کی توسط سے جب عظیم شاعر اور دانشور شیخ أیاز سے ملاقات ھوئی آپ کی صلاحیتوں سے شیخ صاحب بہت متاثر ھوۓ اور ٧۔جون ١٩٧٦ کو انسٹی ٹیوٹ أف سندھالاجی میں پبلیکیشن افسر مقرر کردیا جہاں مختلف ذمہ داریوں کو نبھاتے ترقی کرتے پہلے ایڈیشنل ڈاٸریکٹر پھر ١٩٨٠ سے ١٩٩٣ تک تیرہ سال ڈائریکٹر کے عہدے پٕے فاٸز رھے ٥۔ ستمبر ا٩٨٨ سے ١٠ مئی ٢٠٠٨ تک چئیرمین سندھی لینگویج اتھارٹی کے عہدے پہ بھی رھے اورتاریخی خدمات سر انجام دیں ۔ عبدالقادر جونیجو بحیثیت افسانہ نگار۔۔۔۔۔۔۔۔۔ عبدالقادر جونيجو نےادب میں لکھنے کی شروعات ساٹھ کی دھاٸی میں فن افسانہ نگاری سے کی اور یہ ھی ان کی پہچان کا ادب میں بنیادی حوالہ بھے رھتا أیا ھے ۔پہلا افسانہ `مٹھ مٹھ سور سبھ کنھ ` عنوان سے لکھا جو حمید سندھی کے معروف ادبی جریدے `روح رھان۔١٩٦٣ کے اک شمارے میں شایع ھوا أپ نے اپنے ھمصر افسانہ نگاروں عبدالحق عالمانی۔ علی بابا۔شوکت حسین شورو ۔امرجلیل۔شمشیرالحیدری اور دیگر کٸی کی موجودگی منفرد اچھوتے موضوعات کی بدولت منفرد پہچان بناٸی خاص کر تھر کی دیہی زندگی کے مسائل ور درپیش مشکلاتوں کو افسانوں میں اجاگر کیا اور رات جی وھک میں `۔ٹڑیل تارا `۔۔`روکیل لڑک `۔ `موٹندڙ ڇوليون ``۔سونو روپو سج`۔۔اونداھيون سايون `۔اور کارونجھر جی کور `۔جیسےلازوال افسانے تخليق کیۓ ۔أپ کے افسانوی مجمعے``واٹوں راتیوں رول ``سن ١٩٧٣۔ ``ویندڙ وھی لھندڑ سج ``سن ١٩٨١ اور سونو روپو سج ``١٩٨٣ شامل ھیں۔ عبدالقادر جونيجو بحثيت ريڈیو۔ٹی وی ڈرما نگار۔ ۔۔ افسانوں بعد آپ نے پہلے ریڈیو پہ ڈرامے لکھے پہلا سندھی ڈراما حیدرأباد ریڈیو اسٹیشن سسےسن ١٩٧٦ میں نشر ھوا جس بعد أپ نے مسلسل ریڈیو کے لیے تیرہ ڈرمے لکھےاور پھر پاکستان ٹیلی ویژن جانب أۓ کراچی سینٹر سے ناٹک رنگ سلسلے میں پہلا سندھی ڈرمہ ``تلاش ``کے عنوان سے لکھا اور نشر ھوا جس بعد ١٦ سے زٸد سولو پلی اور ایک شھکارسندھی سیریل ``رانی جی کہانی ``کے نام سے شر ھوا۔سندھی بعد اردو میں بھی پہلے دس سے زٸد سولو پلیز کراچی سینٹر سے نشر ھوۓ اور پھر پہلی سیریل ``دیواریں``لکھی جو سندھی سیرہل``رانی جی کہانی ` کو اردو میں نۓ سرے سے لکھا یہ وہ سیریل تھی جب نشر ھوتی تو سڑکیں سنسان ھوجاتی اسی سیرہل نے قادر جونیجو کو ملک گیر سے عالمی سطح کی شہرت عطا کی جس بعد انہوں نے مڑ کر پیچھے نہ دیکھا اور پھر ``کاراوں ``۔چھوٹی سی دنیا``۔ ``سیڑھیاں ``۔۔دکھ سکھ ``۔ ``پراندہ ``۔ ``گھر گلیاں راستے ``۔دھول``جیسے سیریل تخلیق کئیں کراچی کے علاوہ کچھ سیریلز لاھور سینٹر سے بھے نشر ھوٸیں عبدالقادر جونیجو کی ٹی وی سیریل ``دیواریں `` بی بی سی چینل سے انگریزی میں ڈب کر کے نشر کی گٸی ۔سیریل ``سیڑھیاں امریکہ اور کٸینڈا سمیت دیگر کٸی ملکوں سے نشر کی گئی ۔سیریل ``پراندہ ``یو۔اے۔ ای ۔امارات ملکوں اور کیینڈا سے ڈب کر کے نشر کی گٸیں ۔سیریل ``چھوٹی سی دنیا `` پہ جرمن انتھراپالاجسٹ ڈاکٹر ھیلن باسو نے ریسرچ کر کے تھیسز تیار کی جسے بعد میں انگریزی میں شایع بھی کیا گیا ۔عندالقادر نے اپنے ڈراموں میں سندھی سماج کی تصویر کشی کو حقیقی صورت میں پیش کرکے داد سمیٹی جس کا تسلسل نورالھدی شاہ نے بعد کے اپنے ڈراے ``جنگل `` اور دیگر پیش کیا بلکل ایسے جیسے پنجاب کی نماٸندکی امجد اسلام امجد سے اصغر ندیم سید نے پیش کی ھے قادر صاحب نے کارواں سیریل میں روحی بانو کے لیے ``سکھاں `` جیسا کردار تخلیق کر کے روحی بانو کو ھمیشہ کے لیے امر کردیا تھا ۔۔عبدالقادر کو بہترین ڈرام نگار کے لیے ١٩٨٣ میں ``دیواریں ``اور ١٩٨٥ میں ``کارواں`` کے لیے دوبار بہترین پی ٹی وی ڈارمہ لکھاری کا ایوارڈ۔علاوہ شعبہ ڈراما کے لیے سن ١٩٨٩ کو پہلا اور سن ٢٠٠٨ کو دوسری بار صدراتی ایوارڈ تمغہ حسن کارکردگی ``سے بھی نوازا گیا جبکہ ریڈیو پاکستان کی گولڈن جوبلی کے موقعے پہ ``قومی گولڈن جوبلی ایوارڈ ``بھی دیا گیاھے۔۔ٹی وی ڈراما لکھاری کے طور پہ عبدالقادر دوبار چین کا ثقافتی دورہ سن ١٩٨٦ میں اور مطالعاتی دورہ سن ١٩٩٣ (١١۔ماہ کے لیے ) کر چکے ھیں ۔ عبدلقادر جونیجو بحیثیت نثر نگار۔کالم نگار اور مترجم۔۔ قادر صاحب ایک قادرالکلام مشاھے ۔مطالعے والے غیر معمولی ذھانت کے مالک عبدالقادر سندھی کے ساتھ اردوانگریزی زبانوں میں بھی ادب کی ھرصنف میں لکھا ۔ ھے خاکے تحریر کیے ھیں ۔ اخباری کالمز مضامین اورعالمی ادب سے انٹرویوز ترجمے کیۓ۔کرمنالاجی۔سوشولاجی۔اینتھرو پالاجی۔نفسیات۔تعلیم۔سیاست ادب۔ثقافت اور لسانیات أپ کے پسندیدہ موضوعات رھے ھیں۔۔أپ دنیا کے اٹھارہ ملکوں کی أرکیالاجی۔اوشنیو لوجی ۔صحافت۔ثقافتی اور فنون لطیفہ والی تنظیموں کے رکن اعزازی ۔نیشنل فوک ھیریٹیج أف۔پاکستان سوساٸٹی أف أرکیولاجی اینڈ میوزمس اور نیشنل انسٹی ٹیوٹ آف اوشنو گرافی کے ساتھ سندھی لنگویج اتھارٹی سندھی ادبی بورڈ جامشورو سندھ مہران آرٹ کاٶنسل آ ف سندھ کے علاوہ بے شمار سرکاری ونجی تنظیموں کے بنیادی اور اعزازی رکن بھی رھے ھیں۔ عبدالقادر جونیجو کی کئی تصنیفات ہیں اور افسانوی مجموعوں کے علاوہ دیگر ادبی کتب یہ ھیں ۔ (۱)شکلیں ۔۔خاکے)١٩٧٩۔(سندھی۔ شڪليون) (۲)نثر:بڑے ادیب بڑی باتیں ١٩٨٦) (سندھی۔وڏا اديب وڏيون ڳالھيون۔ (۳) ترجمه:``ایوریسٹ پہ چڑھاٸی۔کوه پيمانی۔ ۔١٩٨٧ ) سندھی ايوريسٽ تي چڙھائي (۴) نثر: کرسی (اینتھروپالاجی مضامین۔۔١٩٩٨) (ڪرسي ) (۵)نثر: ترجمہ ``کیا کیوں اور کیسے؟``۔(عالمی انٹرویوز۔ ۽١٩٩٩) (۶)خطوط:دو ادیبوں کے خطوط(محمد ابراھیم جویو۔عبدالقادر جونیجو ۔ ١٩٩٩۔)سندھی۔خط ٻن اديبن جا ) (۷)نثر ترجمہ ``در در کے مسافر``( تبصرے۔تعارفی خاکے ۔عالمی کتب پہ مضامین ۔٢٠٠١)سندھي ۔در در جا مسافر) (۸)نثر۔درخت درخت کی لکڑی``(ادبی۔سماجی مضامین ۔٢٠٠٢)(سندھی۔ وڻ وڻ جي ڪاٺي ) (۹)نثر: ``کیا لکھوں ` ( تاریخی سماجی مضامین ۔٢٠٠٧ (۔سندھی ۔ ڇا لکان ۔) (۱۰)نثر:` ایسے بھلا کیسے ہوگا``عالمی ادب پہ تحریریں ٢٠١٠(سندھی ائين ڀلا ڪئين ھوندو ) عبدالقادر جونيجو ایک عہد ساز شخصیت تھے جن کی پہچان کے کٸی حوالے ہیں جیسے افسانہ نگار۔ ریڈیو ۔ٹی وی ڈرامہ نگار۔ کالم نگار مترجم۔ مقرر۔ صحافی ۔اینتھروپالابسٹ ۔تعلیمدان اور سماج سدھارکوہ اپنے ہر شعبے میں نمایا رہے ۔عالمی ادب کے شیدائی رہے ۔فن و ثقافت کے دلداہ رہے ایک لازوال شخصیت کے مالک تھے جس نے اپنی بھرپور زندگی گزاری اور بے پناہ خدمات سر انجام دیں ۔زندگی کی پچھتر بہاریں کزاریں اور ٣٠ ۔مارچ ٢٠٢٠ می اپنےپیدا کرنے والے مالک حقیقی سے جاملے۔آج ٣٠۔ مارچ ھے اور مرحوم عبدالقادر جونيجو کی تیسری برسی ھے اللہ تعالی ان کی مغفرت فرماۓ۔أمین سچ تو یہ ہےکہ عبدالقادر جونیجو جیسے لوگ مر کر بھی نہیں مرتے ۔ہمیشہ کےلیےامر رھتے ھیں ۔شاعر سرشار صدیقی کا یہ شعر عبدالقادر جونیجو جیسے لوگوں کے لیے ھی کہا ہے کہ ھم روح سفر ہیں ہمیں ناموں سے نہ پہچان کل اور کسی نام سے أجاٸیں گیں ھم عبدالقادر جوڻيجي جي ياد ۾ رياض ڪلهوڙو جيئن هڪڙي ڏيئي مان هزارين ڏيئا روشن ڪري سگھجن ٿا، تيئن هڪڙي دانشور، اديب، ڪهاڻيڪار، ڊراما نويس، افسانا نگار جي هڪڙي تخليق مان ڪيترائي فرد بينائي وٺي سگھن ٿا. بينائي مان مراد اکين جي ديد نه پر، سجاڳيءَ جي ديد، شعور جي نظر، بيداريءَ جي نگاهه..! هتي جنهن ديپ، جنهن موم بتيءَ، جنهن شمع جي سنڀال ڪجي ٿي، اهو امر ڪردار، خميس ۱ نومبر ۱۹۴۵ع تي مريد حسين جي گھر ۾ جنم وٺندڙ عبدالقادر جوڻيجو آهي. جوڻيجو صاحب نهايت سنجيده مزاج شخص هو. سندس والد پوليس آفيسر هو. شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ جنهاڻ، مٺي، ضلعي ٿرپارڪر ۾ حاصل ڪئي. ۱۹۶۲ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪري، پرائمري استاد جي حيثيت سان ملازمت اختيار ڪيائين. بعد ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان سوشالاجي ۾ ايم اي ۽ بي ايڊ جو امتحان پاس ڪيائين. ۱۹۷۲ع ۾ سيڪنڊري اسڪول ٽيچر بڻيو. سندس علمي ۽ ادبي قد ڪاٺ ايترو هو، جو پاڻ، ۱۹۷۶ع ۾ پبليڪيشن آفيسر ۽ پوءِ ڊائريڪٽر انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۽ ۱۵ سيپٽمبر ۲۰۰۵ع کان ۱۰ مئي ۲۰۰۸ع تائين، چيئرمين سنڌي لينگئيج اٿارٽي طور خدمتون سرانجام ڏئي چڪا آهن. عبدالقادر جوڻيجو سنڌي، اردو ۽ انگريزي ۾ ٻوليءَ ۾ جيڪو قلمي پورهيو ڪيو آهي، تنهن کي صدين تائين وساري نه ٿو سگھجي. عبدالقادر جوڻيجي پهرين اردو ادب پڙهڻ سان شروعات ڪئي، پوءِ سنڌي ادب پڙهڻ لڳو. هن پهرين ڪهاڻي ۱۹۶۴ع ۾ ”مٺ مٺ سورن“ لکي، جيڪا حميد سنڌي ”روح رهاڻ“ رسالي ۾ شايع ڪئي. عبدالقادر جوڻيجو جي سڃاڻ هڪ ڪالم نگار کان وڌيڪ هڪ ڊرامه نگار جي حيثيت سان آهي، سندس ڊرامه ريڊيو سان گڏ ٽي وي تي به ايترو مشهور ٿيا آهن، جو ماڻهو اڄ تائين سندس ڪردارن کي وساري ناهن سگهيا. جوڻيجي صاحب جا ڊراما نه صرف پاڪستان، پر ٻاهرين ملڪن پڻ ٽيليڪاسٽ ٿيا. ڊارما سيريل ”ڇوٽي سي دنيا“ تي مشهور جرمن اينٿروپولاجسٽ ”ڊاڪٽر هيلني باسو“ جرمن ٻوليءَ ۾ برلن جي فري يونيورسٽيءَ ۾ ٿيسسز لکي. ڊراما سيريل ”ديوارين“ بي بي سي جي چينل ۴ تي انگريزي سب ٽائٽل سان گڏ نشر ڪيو ويو. ڊراما سيريل ”سيڙهيان“ آمريڪا ۽ ڪئناڊا سميت ۱۳ ملڪن ۾ ٽيليڪاسٽ ٿيو. ڊراما سيريل ”پرانده“ پاڪستان سان گڏ ڪئناڊا ۾ پڻ ٽيليڪسٽ ٿيو. عبدالقادر جوڻيجي جون ڪجهه ڪهاڻيون اردو، هندي، گجراتي، پنجابي ۽ چيني زبانن ۾ پڻ ترجمو ٿي چڪيون آهن. عبدالقادر جوڻيجي جو ڪهاڻين تي رايو ڏيندي ”ويندڙ وهي لهندڙ سج“ جي مهاڳ ۾ حميد سنڌي لکي ٿو: ”قادر جي هر ڪهاڻي سنڌ آهي، هر ڪردار سنڌ جي صدين جي سودائن ۾ ڦاٿل اهو پراڻو ماڻهو آهي، جيڪو دراوڙي دور کان آرين جي دور تائين ۽ آرين جي دور کان واپس دراوڙي دور ڏانهن موٽندڙ ماڻهو آهي. هاڻ اهو ئي سندس بُت اگهاڙو آهي. اهي ئي پٿر ۽ ٽامي جي دور جا هٿيار اٿس. اهي ئي پڪا ۽ پيرون، جهپون هڻي لاهي ٿو. اهو ڀٽون، مڙها، ڪنڀٽ، ڳاڱيون، تڙ ۽ چونئرا سندس مقدر آهن. سندس دائمي قدر ڪٿي به ته نه ٿيا آهن، جڏهن به سندس قدرن تي حملو ٿيو آهي ته سندس ڪردار واچوڙي وانگر وريا آهن. ڪٿي منفي انداز ۾ ته ڪٿي مثبتي انداز“. عبدالقادر جوڻيجو صاحب جيڪي ڪتاب لکيا آهن انهن ۾: واٽون راتيون ۽ رول (شارٽ اسٽوريز)، شڪليون (سنڌي ليکڪن جا خاڪا)، ويندڙ وهي لهندڙ سج (شارٽ اسٽوريز)، وڏا اديب وڏيون ڳالهيون (ترجمو)، سونو روپو سج (شارٽ اسٽوريز)، ايوريسٽ تي چڙهائي (ترجمو)، ڪرسي (ڪالم)، ڇو ڇا ۽ ڪيئن (ترجمو)، خط ٻن اديبن جا (خط)، درد جا مسافر، ثقافتي اخلاقيات، وڻ وڻ جي ڪاٺي (ترجمو)، ڇا لکان (ڪالم)، ائين ڀلا ڪيئن ٿيندو، ڏک سک (ڪهاڻيون), درد ونديءَ جو ديس ۽ ڪتابن جي دنيا (ادبي تنقيد) شامل آهن. عبدالقادر جوڻيجو سنڌ جي انهن ليکڪن مان هو جنهن جا ڪالم سڀ کان وڌيڪ پڙهيا ويندا ھيا. جيئن باغ ۾ مختلف رنگن جا گل ۽ وڻ چمن جي حسن جي زيبائش ڪن ٿا، تيئن مختلف ڪهاڻيڪار، ڊراما نويس، افسانا نگار ۽ شاعر، ادبي چمن جي زيبائش ٿيندا آهن. عبدالقادر جوڻيجو، ادبي چمن جو اهو وڻندڙ گل آهي، جنهن جي خوشبو، سونهن ۽ رنگيني، هر دل تي اثر ڇڏي ٿي. حشمت ڀريو ۽ سنجيده مزاج عبدالقادر جوڻيجو، لکڻين ۾ اهڙي ته تجسس رکندو آهي، جو جيستائين سندس پورو مقالو، مضمون ۽ ڪالم نه پڙهجي، تيستائين من ۾ مزو نه رهندو، سندس تحريرن ۾ جيڪو نشو آهي، سو ڪنهن حسين و جميل شهزاديءَ جي اکين جي آب کان گھٽ نه ٿو چئي سگھجي. عبدالقادر جوڻيجو نه صرف ڪلام نگار، ڊرامانگار، ڪهاڻيڪار هو، پر ترجمن جي دنيا ۾ پڻ سندس نالو هماليه جيان اوچو ۽ آسمان سان لندي نظر ايندو آهي. شوبز جي حوالي سان عالمي سطح جو هن پرجوش ليکڪ جي سنڌي ڊرامن ۾ ”راڻي جي ڪهاڻي“، ”ويندڙ وهي“، ”مون ۾ آهين تون“، ”خان صاحب“، ”ڳولا“، ”هن وستيءَ ۾“، ”جانچ“، ”گردش“، ”اصل معاملو“، ”واٽن واٽن جهڙيون“ ۽ ”ڀنگ ڄار“ شامل آهن. جوڻيجي صاحب اردو ٻوليءَ ۾ پڻ ڪيترائي ڊراما لکيا، جن ۾ ”ديوارين“، ”سيڙهيان“، ”ڪاروان“، ”دک سک“، ”بدلتي موسم“، ”گھرگليان“، ”رشتي“، ”پرانده“، ”چهوٽي سي دنيا“ ۽ ”زرا نم هو يه مٽي“ شامل آهن. عبدالقادر جوڻيجي کي ڪيترائي ايوارڊ پڻ ملي چڪا آهن. جهڙوڪ پي ٽي وي ايوارڊ (۱۹۸۴ع)، نگار ايوارڊ (۱۹۸۴ع)، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ايوارڊ (۱۹۸۵ع)، پي ٽي وي سلور جوبلي ايوارڊ (۱۹۸۹ع)، صدارتي تمغه حسن ڪارڪردگي (۱۹۸۹ع)، حسن ڪارڪردگي صدارتي ايوارڊ (۱۹۸۹ع)، ڏهاڪي جو بهترين ايوارڊ (۱۹۸۸ع کان ۱۹۹۸ع تائين) ۽ ريڊيو پاڪستان گولڊن جوبلي اوارڊ (۱۹۹۹)، ٻيو صدارتي ايوارڊ (۲۰۰۶)، حسن ڪارڪردگي صدارتي ايوارڊ (۲۰۰۷)، سنڌي لئنگيج ايوارڊ ۲۰۰۴ع ۽ ٻيا شامل آهن. سنڌي ادب ۾ هماليه جي حيثيت رکندڙ عبدالقادر جوڻيجو سومر ڏينهن ۳۰ مارچ ۲۰۲۰ع تي هن فاني جهان ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سندس وصال، ادبي دنيا جي مهڪندڙ گلن کي مرجھائي ڇڏيو. (ڏھاڙي عوامي آواز ڪاچيءَ ۾ ۲۹ مئي ۲۰۲۳ع تي ڇپيل) عبدالقادر جوڻيجو سندس علمي ۽ ادبي ڪچهريون ڪليم ٻٽ ”الله رکيو ٻٽ رڳو لائبرري سائنس شعبي جو چيئرمين نه آهي، ڇو ته ”چيئرمين“ لفظ سان ڳنڍاپيل رعب داٻ، ڌوم ڌڙڪو، بزرگي ۽ ڳاڙهي اک وٽس ڪونهي. هو هڪ عام قسم جو هلڪو ڦلڪو نارمل ۽ ٺيڪ ٺيڪ ماڻهو آهي. جيڪو ڏينهن جي پهرين پهر ۾ ٻه ٽي ڪتاب ڪڇ ۾ وجهي لائبرري جي وچ ۾ گهلبو لتڙ لتڙ ڪندو نظر ايندو آهي. شام جو ڪتابن جي تعداد جيترا ئي پنهنجا ٻار ڪلهن تي، ڪن کي هٿ ۾ چيچ ڏئي، ڪالوني ۾ ٽلندو نظر ايندو آهي.“ هي مٿيان جملا سائين عبدالقادر جوڻيجي ۸۰ جي ڏهاڪي ۾ ڊاڪٽر ٻُٽ جي ڪتاب ”سنڌي رسالن جي تاريخ“ جي مهاڳ ۾ لکيا آهن. هتي هنن جملن کي ورجائڻ جو مقصد پنهنجي يا پنهنجي والد محترم جي تعريف ڪرڻ بدران رڳو ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪرڻ آهي ته سائين قادر صاحب سان اسان جو واسطو لڳ ڀڳ چاليهه سال پراڻو آهي. قادر صاحب ڊاڪٽر ٻُٽ جي ڪلهن ۽ سندن چيچ جلهيل جن ٻارن ڏانهن هنن سٽن ۾ اشارو ڪيو آهي انهن مان هڪ مان به آهيان. ٿي سگهي ٿو ته ان وقت مان ڪنهن ملائڪ جيان ڊاڪٽر ٻُٽ جي ساڄي يا کاٻي ڪلهي تي ويٺل هجان ۽ ان وقت دنيا جي هر ڳالهه کان لاپرواهه ٿي رڳو ان مٺي چوسڻيءَ بابت سوچيندو هجان جيڪا ڊاڪٽر ٻُٽ اڪثر شام جو مونکي سنڌ يونيورسٽي ڪالونيءَ جي مارڪيٽ مان وٺي ڏيندو هو. ايئن ته مان هتي سائين قادر صاحب جي ناول ”دي ڊيڊ ريور“ تي ڳالهائڻ وارو هئس. پر ويٺي ويٺي سائين سان ڪيل انيڪ ملاقاتن مان ڪجهه ملاقاتن جا پڙاڏا ذهن جي واديءَ ۾ واڄٽ ڪري رهيا آهن. هڪ ملاقات ۾ قادر صاحب سان سنڌي ناول جي حوالي سان ڳالهائي رهيو هئس، قادر صاحب ٻڌايو افسانوي ادب مطلب اسٽوري ٽيلنگ جو آرٽ ۽ اهو آرٽ هي آهي ته ڪهاڻي بيان ڪندي ڪهڙو جملو ڪٿي ۽ ڪيئن استعمال ڪرڻو آهي. اسٽوري ٽيلنگ جي حوالي سان وري منهنجو خيال اهو آهي ته هڪ سٺو اسٽوري ٽيلر کي لوڪ قصن سان مزاح واري حس جنهن کي انگريزي ۾”Wit” چئجي ٿو جو هجڻ ضروري آهي ۽ قادر صاحب انهن ٻنهي ڳالهين ۾ ڪمال جي مهارت رکندو هو. يا وري هڪ ٻي ملاقات ۾ قادر صاحب آمريڪا جي هڪ ليکڪ جي ڪتاب ”دي پاور آف اسٽريٽ پاليٽڪس“ جي ڳالهه ڪندي ٻڌايو ته هنن اهو ڪتاب سنڌ جي هڪ وڏي انقلابي اڳواڻ کي پڙهڻ لا ڏنو جنهن بنا ڪتاب پڙهي ئي اها راءِ ڏني ته جيئن ته اهو ڪتاب هڪ سامراجي جو لکيل آهي ان ڪري پنهنجي ڪم جو ناهي. اهڙي ريت هڪ ٻي ملاقات جو پڙاڏو به ذهن ۾ ٿي رهيو آهي، هن ڪچهري ۾ قادر صاحب سان انگريزي ٻوليءَ جي مشهور ناول نگار لي چائيلڊ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي هئي. اتفاق اهڙو جو اهو ليکڪ منهنجو به پڙهيل هو. هي صاحب لي چائيلڊ انگريزي ٻوليءَ ۾ ٿرلر ۽ سسپينس ناول لکڻ جي حوالي سان مشهور آهي ۽ برطانيا ۾ شيرلاڪ هومز کان پوءِ لي چائيلڊ جي ڪردار جيڪ ريچر کي ڏاڍي مڃتا ملي ۽ ڪجهه وقت اڳ تائين هو بُڪر پرائيز جي ججن مان هڪ هو. اسان يعنى قادر صاحب ۽ مون هن جي هڪ ناول جي سنائپر واري چٽيل سين تي لڳ ڀڳ ويهه منٽن تائين ڳالهايو هو. اهڙي ريت انهيءَ ڪچهري ۾ انگريزي جي هڪ ٻئي ناول نگار حنيف قريشي جي ناول ”بليڪ البم“ تي ڳالهه ٻولهه ٿي هئي. وري به اتفاق اهڙو جو اهو ناول به منهنجو پڙهيل هو، بليڪ البم ۾ هڪ سين آهي جنهن ۾ مک ڪرادر لنڊن ۾ ڪيل مسلمان جي هڪ احتجاج ۾ ڦاسي پئي ٿو. اهو احتجاج اسلام دشمني ۾ لکيل هڪ ڪتاب خلاف ٿي رهيو آهي، جڏهن ته ان ڪتاب جو مک ڪردار ان اسلام دشمن ليکڪ جو ويجهو دوست هوندو آهي ۽ ان ڳالهه تي منجهي پوندو آهي ته اتان ڪهڙي نموني جان بچائي نڪري. جيڪڏهن ذهن تي زور ڏيان ٿو ته ياد اچيم ٿو ته اهڙي ئي هڪ ٻي ڪچهري ۾ مان سنڌي ٻوليءَ جي بيحد خوبصورت ناول نگار سائين اڪبر سومرو صاحب سان گڏ قادر صاحب وٽ ويٺل هئس. هڪ ڀيرو ٻيهر ڪچهريءَ جو موضوع ناول هئا، جيتري تائين مونکي ياد ٿو پئي ته اڪبر صاحب چيو هو (۽ اهي هن ڳالهه جي تصديق به ڪري سگهن ٿا): ”مون کي لڳندو آهي ته ليکڪ پنهنجي سموري زندگيءَ ۾ رڳو هڪڙو ئي ناول لکي سگهندو آهي، جيئن مارڪيز جي سو سالن جي اڪيلائي کي ئي مڪمل ناول سڏي سگهجي ٿو.“ ان تي قادر صاحب اختلافي راءِ ڏيندي روس جي مشهور ناول نگار دوستوسڪي جو حوالو ڏيندي چيو هو هن جو لکيل هر ناول مڪمل ناول آهي. مان مٿي ڄاڻائي آيو آهيان ته مونکي قادر صاحب جي ناول ”دي ڊيڊ ريور“ تي ڳالهائڻو هو، اهو ناول مون ٻه سال کن اڳ پڙهيو هو. هي ناول هاڪڙي جي پسمنظر ۾ لکيل آهي ۽ ناول پڙهندي احساس ٿئي ٿو ته ڪٿي نه ڪٿي اهو قادر صاحب جي پنهنجي زندگيءَ جي به عڪاسي ڪري ٿو. هي ناول سن ۲۰۱۴ع ۾ لاهور جي يونيورسٽي آف مينجمنٽ اينڊ ٽيڪنالاجي ڇپرايو، هي لڳ ڀڳ ۲۹۰ صفحن جو ناول آهي. ناول ۾ انيڪ لوڪ داستانن سان گڏ ٿر جي زندگيءَ کي خوبصورت نموني چٽيو ويو آهي، ڪٿي اٺن جي قسم جي ڳالهه پڙهڻ لا ملي ٿي ته ڪٿي وري هڻ کڻ ۽ لنڊي بلا جا قصا پڙهڻ لا ملن ٿا. ناول ۾ هڪ هنڌ ڄاڻيو ويو آهي ته: ”هاڪڙي جي حوالي سان مونکي منهنجي امان قصا ٻڌائيندي هئي، اهي قصا منهنجي لاءِ ڪنهن به لکيل تاريخ کان وڌيڪ اهم ۽ سچا آهن.“ ۽ پوءِ اتان وري هڪ جوڳي جو قصو شروع ٿئي ٿو جيڪو جبلن مان لهي اچي ٿو. اسٽوري ٽيلنگ جي حوالي سان ڳالهه ڪجي ته هي هڪ لاجواب ناول آهي. مونکي هن ناول تي تفصيل سان لکڻو هو، پر ڳالهين جو رخ ڪنهن ٻئي پاسي هليو ويو. هن ناول جي حوالي سان آخري ڳالهه اها ڪبي ته قادر صاحب ٻڌايو هو هي ناول سندن ٽرائلاجيءَ جو پهريون حصو آهي، ان جو ٻيو حصو ”رسٽڪ“ جي نالي سان مڪمل آهي.“ جيڪو شايد اسڪاٽلينڊ جي ڪنهن اداري کي ڇپائي لاءِ موڪليو ويو، پر اڃا تائين رسٽڪ ناول منهنجي نظرن مان نه گذريو آهي. سچ اهو آهي ته قادر صاحب ادب جو هاڪڙو درياهه هو جيڪو ڪجهه سال اڳ سُڪي ويو. (ڏھاڙي سنڌ ايڪسپريس حيدرآباد ۾ ۱۰ اپريل ۲۰۲۳ع تي ڇپيل) عبدالقادر جوڻيجو جي ياد آدرش " جي ارشاد ! ير ! اھا اوريانا فلاسي آهي نه. وڏي بلا ٿي ير ! اصل اھڙي ليکڪا ٿي، جو وڃي ٿيا ست خير !" سگريٽ دکائي، ٺوشي تي ڪش ھڻي، عبدالقادر جوڻيجو صاحب ڳالھائيندو ته ڳالهين جا ڄڻ سٺي دڪان دار وانگر ريشمي ۽ زربفت جي ڪپڙن جا تاڪيا کوليندو ويندو. _ عبدالقادر جوڻيجو صاحب ھڪ منفرد شخصيت جو مالڪ ھجڻ سان گڏ زبردست ليکڪ ! ڇا ڪھاڻيون ! ڇا ريڊيو ۽ ٽيلي ناٽڪ ! وري ڪمال جا ڪالم ! ترجما پڙه ته ائين لڳندو ڄڻ ليکڪن سنڌيء ۾ پاڻ ترجمو ڪيا آهن ! اھي به انگريزيء مان. اسان وارا دلبر ترجمو ڪندا اردوء مان، سو به اھڙو جو ليکڪ پڙهي ته خودڪشي ڪري وري لٻاڙ ھڻندا انگريزيء مان ترجمو ڪيا آهن ! _ نوي جو ڏھاڪو ! خطن پٽن جو سونو دور. جوڻيجي صاحب سان خطن جو سلسلو شروع ٿيو. پوء ڇا لکان ! ڳالهين جو درياء وھڻ لڳو. _ مزيدار ڳاله ! ان وقت جوڻيجي صاحب جو گھاٽو سنگتي ۽ سٺو ڪھاڻيڪار شوڪت حسين شورو صاحب سنڌ يونيورسٽيء ۾ اسٽوڊنٽس ويلفيئر آفيسر ھجي. ما کي بي. اي. جي سرٽيفڪيٽ ضرورت ھجي. خط لکيومانس. ورندي به ڪونه. جوڻيجي صاحب ڏي لکيم. ان وقت سنڌيالاجي ۾ ھجي. ھفتي اندر سرٽيفڪيٽ منهنجي ھٿن ۾ ! ڳاله جو پنڌ اڃان اڳتي _ شوڪت صاحب گذاري ويو. اسحاق سميجي صاحب سندس رھجي ويل لکڻين وغيره کي ڇپائڻ لاء سندس ڀاء ۽ سٺي جديد مشتاق احمد شوري کي ڪمرو ڏيکارڻ جي وينتي ڪئي. مشتاق صاحب ڪمري ۾ وٺي ويس. اسحاق صاحب ڪنهن ھوشيار پوليس آفيسر وانگر ڳولا ڪئي. ڪجه لکڻين ۽ خطن سان گڏ ميز جي خاني ۾ منهنجو ڊگري سرٽيفڪيٽ ٽيھن سالن کان پوء مليو. اصل ۾ ڇا ھو جو شوڪت صاحب منهنجو سرٽيفڪيٽ ڪڍرايو ھو پر ٽپال ۾ موڪلڻ کان رھجي ويس. ھاڻي اسحاق صاحب جي ميز جي خاني ۾ آهي. موڪليندو، الائي ڪنهن ميوزم ۾ رکرائيندو ! _ جوڻيجي صاحب جون ساروڻيون ۽ ناول " سو ديس مسافر منهنجو ڙي " اڌورا رھجي ويا. اسان به اڌورا اڌورا رھجي وياسون ! جوڻيجي صاحب آخري خط مون ڏي لکيو. ٽپال گهر وڃڻ کان اڳ موت جي ٽپاليء، مون وارو خط کسي، ملڪ الموت جو لفافو ڏنو. جوڻيجو صاحب ھٿ ڇڏائي وڇڙي ته ويو، پر وسريو ته ناهي ني ! عبدالقادر جوڻيجو سميع ساجد جوڻيجو سنڌ کان علاوه پاڪستان ۽ بين الاقومي سطح جو اديب، ڪھاڻيڪار، ڊراما نگار، مترجم، ڪالم نگار، دانشور ۽ اسانجو محبوب سائين عبدالقادر جوڻيجو جيڪو ۳۰ مارچ ۲۰۲۰ تي اوچتو لاڏاڻو ڪري ويو ھو انجي اڄ چوٿين ورسي جو ڏينھن آھي ھونءَ ته دنيا ۾ لکين ماڻھو ڄمڻ ٿا وڏا ٿين ٿا ۽ بي نانءِ زندگي گذاري ختم ٿي وڃن ٿا. انھن لکين ماڻھن منجهان ڪي ڪي ماڻھو اھڙا ٿيڻ ٿا جيڪي آخر تائين پنھنجي ڪردار ۾ ڪنول جيان ڳاٽ اوچو ڪري بيھن ٿا. اھا بلڪل حقيقت آهي ته هر ماڻھو پنھنجي ڪردار سان ئي ڄاتو سڃاتو ويندو آھي. موت برحق آ هي موت ڪو مھڻو ڪونھي ماڻھو ڄائو آهي ته موت جو ذائقو هڪ نه هڪ ڏينهن کيس ضرور چکڻو اٿس. PTV تان سائين عبدالقادر جوڻيجو جا سنڌي ۽ اردو ڊراما اڪثر گھرن ۾ وڏي شوق ۽ پابندي سان ڏسندا هئاسون. سندس ڊرامن کان متاثر ٿي مان سائين عبدالقادر جو انڪري به مداح هيس ۽ ساڻس ملڻ جو وڏو شوق هوندو هيو. هڪ ڏينھن ڇا ٿيو جو مون مهينو اڳ پنھنجي ٻاراڻي شاعري جو ڪتاب "لفظن جا پوپٽ" جيڪو سال ۲۰۰۷ ۾ حيدرآباد مان شايع ڪرايو هو جيڪومان اتان کڻڻ آيو هيس. مون حيدرآباد پهچي ۽ پنھنجي پياري دوست ساجد سومري کي ڪال ڪري کيس حيدرآباد پهچڻ جو اطلاع ڏنو جنھن کان پوء هو بائيڪ ڪاهي آيو ۽ پوء اسان ٻئي حيدر چوڪ لڳ مائٽ مور ساگر جوڻيجو جن جي پريس تي اچي پهتاسون اتان مون ڪجه ڪاپيون دوستن کي ڏيڻ لاءِ کنيون جيڪي سنڌي ادبي بورڊ جي ان وقت جي سيڪريٽري مشهور ڪالم نگار محترم اعجاز منگي کي، سنڌ الاجي ۾ محترم شوڪت شورو کي، ۽ اتي هڪ ٻه ٻين دوستن کي ڏيندا سڌا آياسون سنڌ الاجي ۾ جتي پنهنجي پياري دوست خالد آزاد وگهيو سان ملياسون ۽ ان کي به ڪاپي ڏنم. خالد آزاد سان سندس آفيس ويٺا هئاسون ڪچهري هلي پئي ته مونکي ساجد سومري چيو ته هت ھن اداري جو چيئرمين تنهنجو مائٽ سائين عبدالقادر جوڻيجو آهي هل ته ان سان به ملون. سچ پچ ته اهو ٻڌي مونکي انتھائي خوشي ٿي مان ڪپڙن ۾ نه پئي ماپيس تنهن تي مون ساجد سومري کي خوش ٿيندي چيو ته يار اها ته منهنجي سالن واري آس ٿو پوري ڪرين ڇو جو مان ان مائٽ سان ملڻ لاء ڪافي وقت کان ماندو هيس انڪري اڄ تون ته وڏو ٿورو ٿو ڪرين. بھرحال جڏهن اسين سندس آفيس پهتاسون ته مائٽ پنهنجي آفيس ۾ ڪنهن هڪ ٻئي ماڻهو سان ڪچھري ڪري رھيو هو. اسان کيس السلام عليڪم چئي جڏهن اندر داخل ٿياسون ته پاڻ سٺي طرح سان اٿي اسان سان مليو ۽ ويهڻ لاء ڪرسين طرف اشارو ڪيائين. اسين ويٺاسون خير خيريت ڪيائين ان کان پوء ساجد سومري ساڻس منهنجو مختصر تعارف ڪرايو ۽ پوء مون ساڻس ملڻ واري تڙپ وارو احوال بيان ڪيو ۽ ھن مرڪيو جنهن کان پوء مون کيس پنھنجو ڪتاب "لفظن جا پوپٽ" تحفي طور ڏنو جنھن جو چڱي طرح جائزو ورتائين ۽ مونکي مرڪي مبارڪ ڏنائين ٿوري دير بعد ويٺل ٻيو ھمراه کائنس موڪلائي هليو ويو. جنهن کان پوءِ پاڻ اسان سان ڪچهري ڪرڻ لڳو. منهنجي دوست ساجد سومري جو ھو اڳ ۾ ئي دوست هيو ايتري ۾ چانه به اچي وئي جيڪا اسان پيتي سون. پاڻ وقفي وقفي سان سگار جا وڏا وڏا ڪش هڻي رهيو هو، چانه به پي رهيو هو ته اسان سان به ڪچهري ڪري رهيو ھو. ساڻس ڪڏهن ڪڏهن ڳالھائڻ مهل مان کيس مائٽ ٿي مخاطب ٿيانس پيو. ان هلندڙ ڪچھري دوران هڪ دفعو چانه پيتي سون ته وري اڌ ڪلاڪ کان پوء ٻيو ڀيرو چانھه اچي ٽيبل تي پھتي جيڪا اسان پيتي سون ڪچھري جاري هئي. سچ پچ ته مائٽ جي ڳالهائڻ جو انداز ايڏو ته مٺو، منفرد ۽ سحر انگيز هو جو دل بيحد خوش ٿي رهي هئي. اسان موڪلائڻ جي ڪئي ته وري ٽيون دفعو به چانه اچي وئي تنهن تي ساجد سومري مونکي کلي چيو ته ابا هت ٽي چانه جا ٽي دور هلندا آهن جنهن کان پوء سائين عبدالقادر مهمانن مان هٿ ڪڍندو آهي سو هاڻي هي ٽيون دفعو چانه پي ته پوء موڪل ملندي. سو بيشڪ مائٽ عبدالقادر جوڻيجو پاڪستان جو ھڪ تمام وڏو ۽ ليجنڊ اديب، ڪھاڻيڪار، ڊرامانويس، دانشور عظيم انسان ۽ انتھائي محبتي ماڻھو ھو. ھُو ۱۴ ڪتابن جو خالق هيو. هن دنيا جو تقريبن ڪافي ادب پڙهيو هو. هن جي لکيل ڊرامن ملڪ گير شهرت حاصل ڪئي جن ۾ راڻي جي ڪھاڻي، ڪاروان، ديوارين وغيره شامل هئا. سندس ڊرامي راڻي جي ڪھاڻي اردو، انگريزي ۽ چيني ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿي وڏي مقبوليت ماڻي. ھن ھڪ انگريزي ناول "دي ڊيڊريور" به لکيو ان کان علاوه ھُن پنھنجي حياتي ۾ ۶ ڇه سنڌي ۽ ۱۴ اردو زبان ۾ مقبول ترين ڊراما سيريل لکيون کيس ۱۹۸۹ ۽ ۲۰۰۸ ۾ ادبي خدمتن عيوض پرائيڊ آف پرفارمنس ايوارڊ ۳دفعا PTV جا بھترين اسڪرپٽ رائيٽر ايوارڊ به حاصل ڪيا ان کان علاوه ھنکي ٻيا به ڪافي ايوارڊ مليا. اھا ھڪ حقيقت آھي ته سندس وڇوڙو ٻولي، ترجمي ۽تحقيق جو ھڪ وڏو نقصان آھي. جيتوڻيڪ ھُو اڄ اسان جي وچ ۾ ناھي پر ھُو پنھنجي ڪيل ڪم سبب امر آھي ۽ امر رھندو. (سميع ساجد جوڻيجو جي فيسبڪ وال تان ۳۰ مارچ ۲۰۲۴ع تي رکيل/ کنيل) عبدالقادر جوڻيجو عالمِ ارواح مان موڪليل هڪ معصوم روح! - ۳۰ مارچ – ورسي جي نسبت سان خالد آزاد صبح جا ڏهه ٿيا هئا، آئون پنهنجي آفيس ۾، ليپ ٽاپ تي اي ميلون چيڪ ڪرڻ ۽ انهن جا جواب ڏيڻ ۾ مصروف هئس ته دروازي کُلڻ جو چيڪاٽ ٿيو. مون در ڏانهن ڏٺو ته جوڻيجو صاحب، دروازي جو هڪڙو تاڪ کولي ۽ هڪڙي تاڪ تي ٽيڪ ڏيون بيٺو هو. آئون ٽِپ ڏيئي ڪرسيءَ تان اٿيس ۽ ڏانهنس وڃڻ لڳس ته هُن اک جو اشارو ڪري پاڻ سان گڏ هلڻ لاءِ چيو. آئون به پنهنجي آفيس مان نڪري ساڻس گڏ، ڪاريڊور ۾ هلڻ لڳس. گڏ هلندي هُن کاٻي ٻانهن ورائي منهنجي ڪُلهي تي رکي ۽ ساڄي هٿ ۾، مُٺ تي سگريٽ جو سُوٽو هڻندي، پنهنجي مخصوص انداز ۾ چيائين: ”ڇڏ ڪم کي ميان! هن ملڪ ۾ جيڪو ڪم ڪندو آهي نه، ان کي گاريون کائڻيون پونديون آهن! توکي مڙئي شوقڙو آهي گارين کائڻ جو! هليا چانهه پيئون.. . “ مون مُرڪي جوڻيجي صاحب جو شڪريو ادا ڪيو ۽ اسان گڏ گڏ هلندا سندس آفيس پهتاسين! نائب قاصدن سلام ٺوڪيا، قاصدن دروازا کوليا ۽ جوڻيجو صاحب پنهنجي ڪرسيءَ تي براجمان ٿي ويو! آئون سندس سامهون پيل خالي ڪرسين مان هڪ تي ويهي رهيس. جوڻيجو صاحب ان ڏينهن ڏاڍو خوش پئي لڳو، ڊنهِل گولڊ پيڪيٽ کولي هڪڙو ٻيو سگريٽ دُکايائين ۽ چيائين: ”پاڻ وٽ هڪڙو اهڙو ڪريڊٽ ڪارڊ آهي، جو بس رڳو ڊز ڊز ڊز.. . ڪمپيوٽر واري ڇوڪري نمبر ٿي لڳائي ته اميزون، مڪملين، پئنگوئين، سائمن اينڊ شُسٽر.. جنهن کان وڻئي ڪتاب وٺ، سِڌو هتي پڙيءَ تي، ڪيئن ٿو ڀانئين.. ؟ ”واهه واهه“ چيم: ”ونڊ به ٿيندو يا.. “ ٻاهٺ سالن جي عبدالقار جوڻيجي جي اندر مان هڪڙو ٻارهن سالن جو ٻار نڪري آيو، هُن شرارتي نظرن سان مون ڏانهن ڏٺو، مشڪريءَ وچان ٿورو گُنگنايائين، ۽ چيائين: ”پُٽ! اڃا ڦٽاءِ اسان فقيرن سان.. . “ چيم: ”قبلا، اسان جي مجال آهي جو اوهان سان ڦٽايون!“ هُن گهنٽي وڄائي ۽ پٽيوالي کي گاڏيءَ منجهان هڪ پئڪيٽ آڻي ڏيڻ لاءِ چيو، وري مون ڏانهن مخاطب ٿيو: ”ونڊ به ونڊن جهڙو ڇا.. . تو واري في ويلڊن.. . برمنگهم واري انگريزياڻي.. . تازو ناول آيو ٿس.. بيهه ته پُٽ!“ ”اڙي سائين واه.. . پر مون واري وري ڪيئن؟“ پُڇيومانس: ”آ ها ها ها.. “ هو وڏا ٽهڪ ڏيڻ لڳو، چيائين: ”توکي جو وڻندي آ.. . “ آئون به شرارت تي لهي آيس، چيم: ”وڻنديون ته مون کي ويهه پنجويهه ڄڻيون ٻيون به آهن.. . “ ”اصل ۾ وڻندي ئي، پنهنجي ڪرڻ لاءِ آهي.. . “ جوڻيجي صاحب پنهنجي مخصوص انداز ۾ چيو: ”جيڪا شيءِ وڻندي آهي نه، اها پنهنجي ئي ٿي ويندي آهي!“ تيستائين پٽيوالو گاڏيءَ مان پئڪيٽ کڻي آيو، سو اچي جوڻيجي صاحب کي ڏنائين. جوڻيجو صاحب پئڪيٽ کوليندي ٻارن وانگيان گد گد ٿيڻ لڳو، ڄڻ ڪنهن ٻار کي چاٻيءَ وارو رانديڪو ملي ويو هجي! ٻه ڪتاب ڪڍي، هڪ مون ڏانهن اُڇلايائين، جيڪو ذري گهٽ چانهه جي ڪوپ کي لڳو هو، پر جوڻيجو صاحب ان ڳالهه کان بلڪل بي نياز هو، چيائين؛ ”Mantrapped اٿئي.. . تازو ناول آهي تو واري انگريزياڻيءَ جو.. . ٻه ڪاپيون گهرايون هئم، تنهنجو داڻو پاڻي لکيل هو، نه ته ميگهواڙ کڻي وڃي ها!“ ”اڙي واهه سائين واه.. .. “ مون ’في ويلڊن‘ جو ناول ڏٺو ته مزو اچي ويو! تڏهن ’مين ٽريپڊ‘ جو وڏو چرچو پئي هليو، شايد هي ناول ۲۰۰۴ع ۾ ڇپيو هو. مون کي بيحد خوشي ٿي ۽ مون جوڻيجي صاحب جو شڪريو ادا ڪيو. ان ڏينهن اسان ڪيترو ئي وقت ’في ويلڊن‘ جي ناولن ۾ ’فيمينزم‘، ’پاور اسٽرگل‘ ۽ ’رليشن شپس‘ تي ڳالهائيندا رهياسين. جوڻيجي صاحب کي ’فيمينزم‘ ۽ ’سول سوسائٽيءَ‘ جهڙن اصطلاحن کان سخت چِڙ هوندي هئي. ’فيمينزم‘ کي ته هو ’مردن خلاف سازش‘ سمجهندو ۽ چوندو هو، ۽ ’سول سوسائٽيءَ‘ جي باري ۾ سندس خيال هوندو هو ته اسان وٽ ماڻهن جي جنهن گروهه (اديبن، صحافين، ساڃهه وندن، ڪامورن، پروفيسرن، سماجي اڳواڻن) کي ’سول سوسائٽي‘ يعني ’مهذب ماڻهو يا مهذب ماڻهن جو گروهه‘ چيو ۽ سڏيو ويندو آهي، تِن جو مهذب پڻي سان ڪو واسطو ناهي! هُو چوندو هو ته ”اصل ۾ ’سول سوسائٽي‘ ته اُهي عام، شريف، سادا ۽ سِڌا، نيڪ، ڏاها، انسانيت ۽ رشتن جو ادراڪ رکندڙ ۽ نڀاءُ ڪندڙ ماڻهو آهن. اسان وٽ جنهن لڏي کي ’سول سوسائٽي‘ چيو وڃي ٿو، تنهن ۾ ذات لوفر، ڳنڍي ڇوڙ، ٻه نمبريا ڀريا پيا آهن. “ هڪڙي ڀيري سنڌي ادبي سنگت جون مرڪزي چونڊون هيون، جيڪي سدائين سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي دفتر ۾ ٿينديون رهنديون آهن. ان سال ادبي سنگت جي چونڊن جو چرچو لڳو پيو هجي، چونڊن کان هڪ ڏينهن اڳ مون کي آفيس ۾ گهرايائين، چيائين: ”ڳالهه ٻُڌ! هن اداري ۾ هڪڙو اديب آئون عبدالقادر جوڻيجو، هڪڙو اديب تون! هڪڙو خان محمد جروار ۽ هڪڙو زاهد اوٺو، پنهنجا چار ووٽ پڪا، پر ڏينداسين تاج جويي کي!“ مون وراڻيو: ’قبلا پاڻ ووٽ نٿا ڏيئي سگهون“ (تڏهن مون سميت اسان مان ڪو به ادبي سنگت جو ميمبر نه هو) ”ڇو، پاڻ اديب ناهيون ڇا؟“ چيائين. ”اديب ته آهيون“ چيم: ”پر ووٽ نٿا ڏيئي سگهون جو پاڻ ميمبر نه آهيون. ’جُمن خان جذباتي‘ ۽ ’سومر خان سودائي‘ ووٽ ڏيئي سگهن ٿا، جو اُهي ميمبر آهن“ ”عبدالقادر جوڻيجي کي ووٽ ڏيڻ جو حق نه آهي ته اها ڪهڙي ادبي سنگت ٿي؟“ جوڻيجي صاحب چيو: ”تڏهن ته اِها سُڌري ڪا نه ٿي!“ دل ۾ سوچيم، واقعي جي سنڌي ادبي سنگت ۾ جوڻيجي صاحب کي ووٽ ڏيڻ جو حق نه آهي ته پوءِ ڪنهن کي آهي! جوڻيجو صاحب جڏهن سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جو چيئرمئن ٿي آيو هو ته، شايد ٻن چئن ڏينهن کان پوءِ ائين اوچتو صبح جو سِڌو منهنجي آفيس هليو آيو. ڪُرسي گهلي منهنجي آڏو ويهي رهيو، پُڇيائين: ”ڇا پيو ٿئي.. . !“ ان ڏينهن مون ’انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا‘ جي پهرئين جلد تي نظر پئي گهمائي، وراڻيم: ”سنڌي ٻوليءَ جي پهرين انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جو پهريون جلد ڇپائيءَ لاءِ تيار آهي!“ ”اڇا.. . انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا.. . !“ جوڻيجي صاحب حيرت گاڏڙ خوشيءَ وچان چيو: ”ڏيکار ته اسان به ڏسون سنڌين جي انسائيڪلوپيڊيا!“ مون پهرئين جلد جي ايڊيٽيڊ ڪاپي سندس آڏو رکي. جوڻيجي صاحب ائين ئي وچان هڪ صفحو کوليو، جنهن تي ’پٽاٽي‘ جي داخلا هئي! هن پٽاٽي تي لکيل تفصيل پڙهيو ته سندس موڊ خراب ٿي ويو! پٽاخ ڪري ڪتاب بند ڪيائين ۽ ڪُرسي ريڙهي اُٿيو ته آئون به اٿي بيهي رهيس، چيائين: ”هيءَ به ڪا انسائيڪلوپيڊيا آهي؟ ’پٽاٽو، هڪ ڀاڄيءَ جو قسم، بس!‘ ائين انسائيڪلوپيڊيا ٺاهبي آهي؟ يَر سنڌين کي وري عقل جو ذرو ئي ناهي.. . هليا آئون ٿو توکي ٻڌايان انهي پٽاٽي جي تاريخ ۽ جاگرافي! “- ۽ پوءِ جوڻيجي صاحب ٻڌايو ته ’پوٽيٽو‘ جنهن کي اسان سنڌيءَ ۾ ’پٽاٽو‘ چوندا آهيون، سو اصل ۾ ۷۰۰۰ سال اڳ ڏکڻ آمريڪا ۾، جتي اڄ ملڪن ’پيرو‘ ۽ ’بوليويا‘ ملڪ آهن، ان علائقي ۾ پوکجڻ شروع ٿيو ۽ پوءِ سڄي دنيا ۾ پکڙجي ويو. دفتر ۾ اڪثر صبح جي چانهه جوڻيجي صاحب جي آفيس ۾ گڏجي پيئڻ جو موقعو ملندو رهندو هو. هڪڙي ڏينهن صبح جي چانهه دوران سندس سيڪريٽري کيس بريفنگ ڏيڻ لڳي: ”سر، شيخ اياز صاحب ڪراچيءَ مان فون ڪئي هئي ۽ ادل.. .. “ ”جهل جهل گاڏيءَ کي“ جوڻيجي صاحب چيو: ”اِهو وري شيخ صاحب قبر مان فون ڪئي هئي ڇا؟“ ”سر، ڪراچيءَ مان.. . “ پي ايس وراڻيو ” هين.. . هي هي هي.. . ڀُلي هوندينءِ“ جوڻيجي صاحب چيو: ”شيخ صاحب جا ته هڏا به سڙي ويا هوندا ڀٽ شاهه ۾، فون وري ڪٿان ڪندو!“ پرسنل سيڪريٽري ’ايسڪيوزمي سر‘چوندي ٻاهر نڪري وئي، ڊائري چيڪ ڪندي وري ڊوڙندي آئي. ”سوري سر، شيخ اياز نه پر شيخ عزيز صاحب هو.. . “ (تڏهن شيخ عزيز صاحب به حال حيات هو) ”او اتي رکينس.. . “ جوڻيجي صاحب چپٽيءَ سان سگريٽ جو ڦلو ڇڻنيدي، مخصوص انداز ۾ چيو: ”اهو عزيز شيخ هوندو، باقي شيخ اياز کي واقعي به جي خبر هُجي ها ته تو جهڙي سهڻي ڇوڪري ٿي فون کڻي ته قبر مان به نڪري اچي ها.. .. هي هي هي.. . “ ڇا ته شخص هو، جهڙو اندر تهڙو ٻاهر! سدائين سڌو، سادو ۽ ڌُو پار! پنهنجي مزاج، وضع قطع ۽ شخصيت ۾ هڪڙو مڪمل ليکڪ! حساس، گهڻ پڙهيو ۽ سادو سِڌو! نه وڏائي نه آڪڙ، نه اسٽيٽس جو ڪامپليڪس نه اسٽئنڊر جو خوف! تڏهن جوڻيجي صاحب جي عمر ۶۲ سال هئي، پر هو پنهنجي جوهر ۾ هڪڙو ٻارهن سالن جو ٻار ئي هو، خوش ٿيندو، کلندو، مذاق مشڪريون ڪندو، ڪُڏندو، ٺينگ ٽپا ڏيندو.. .. هڪڙو معصوم روح، ڄڻ تازو تازو عالم ارواح مان موڪليو ويو هجي. ايم ڪيو ايم جو قمر منصور تڏهن ثقافت کاتي جو وزير هو. هُو هڪ ڏينهن سنڌ ميوزيم ۽ دائودپوٽه لائبرريءَ جي دوري تي آيو ته کاتي جا سمورا آفيسر گهرايائين. جڏهن کيس خبر پئي ته سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جو چيئرمئن عبدالقادر جوڻيجو آهي ته ان احترام وچان، جوڻيجي صاحب کي پاڻ وٽ گهرائڻ بجاءِ هُو سندس آفيس هليو آيو. آفيس ۾ اوچتو خبر پئي ته منسٽر صاحب ٿو اچي. مون وزير صاحب کي ٻاهر ئي ’رسيو‘ ڪيو ۽ جوڻيجي صاحب جي آفيس ڏانهن نياپو موڪلي ڇڏيو ته وزير صاحب اوهان سان ملڻ لاءِ اچي رهيو آهي. اسان سڀيئي وزير صاحب سان گڏ جيئن ئي چيئرمئن صاحب جي آفيس ۾ داخل ٿياسين ته ڏٺوسين ڪرسي خالي، جوڻيجي صاحب آهي ئي ڪونه! اسٽاف کان معلوم ڪيوسين ته ٻڌايو ويو ته غالباً واش روم ۾ آهي. وزير صاحب احترام وچان ويٺو ڪونه، بلڪه بيٺو ئي رهيو. گڏوگڏ ٻيا سڀ بيٺا رهيا ته جيستائين جوڻيجو صاحب ٻاهر نڪري! ٿوري دير ترسي مون صورتحال کي مينيج ڪرڻ لاءِ آهستگيءَ سان واش روم جو دروازو کڙڪايو، پر پاڻيءَ جي آواز کان سواءِ ٻي ماٺ! ٿوري دير ترسي مون ٻيهر دروازو کڙڪايو ته آواز آيو: ”يي اهيو ڇاهي، اچان ٿو ير اچان ٿو، مُٽڻ ته ڏيو.. . !“ آئون، نه ئي کِل روڪي پيو سگهان ۽ نه ئي ته ’ڊيڪورم مينٽين‘ ڪري پيو سگهان، جو وزير صاحب بيٺو هجي، پر خدا ڪيو جو تيستائين جوڻيجو صاحب واش روم مان نڪري آيو. ٻاهر نڪرندي ئي سامهون هيترا ماڻهو جو ڏٺائين ته ٻانهون ٻڌي بيهي رهيو، چيائين: ”اي سائين معاف ڪجو، ڪو وزير اچي پيو ملڻ لاءِ، سو مون وري سوچيو ته واش روم مان ٿي اچان.. . “ مون، قمر منصور ڏانهن اشارو ڪندي، جوڻيجي صاحب کي ٻڌايو ته ’وزير صاحب توهان سان ملڻ آيا آهن. ‘ تيستائين قمر منصور اڳتي وڃي جوڻيجي صاحب کي جُهڪي ڀاڪر پاتو، ۽ پوءِ ٿوري دير کان پوءِ آفيس ۾ ٽهڪن جا ٽاڙيا، سگريٽن جا سُوٽا، ڊرامن جون ڳالهيون ۽ تاڙين جا ڦهڪا شروع ٿي ويا ۽ آئون ڏسندو رهجي ويس ته هيءُ آخر ڪهڙي دنيا جو ماڻهو آهي. جوڻيجي صاحب کي ڪتابن جي مهورتن، شامن ملهائجڻ، تعزيتي ريفرنسن ۽ اجاين تشهيري پروگرامن کان سخت چِڙ هوندي هئي. اٿارٽيءَ ۾ چيئرمئن شپ دوران سندس زور پروگرامن بجاءِ ڪتابن جي ڇپائيءَ تي هو. هُن جيڪي پروگرام ڪرايا سي ليڪچر پروگرام هئا. ڪميٽيون، ميٽنگون، انڪرائريون، رپورٽون، نوٽيس وغيره کيس وڻندا ئي نه هئا. هو نوڪريءَ کي ’جُتيءَ جي نوڪ‘ تي رکندو هو، کيس پنهنجي ’ليکڪ‘ هجڻ تي وڏو مان ۽ ڀرم هوندو هو. هڪ ڀيري اٿارٽيءَ جي گرانٽ رليز ٿيڻ ۾ دير ٿي وئي ته اسان آفيسر کيس همت ٻڌرائڻ لڳاسين ته وزير اعلي هائوس مان هيترا ڀيرا دعوتون آيون آهن ۽ اوهان نه ويا آهيو. مهرباني ڪريو، وزير اعلي هائوس وڃو، ان بهاني اسان جي گرانٽ نه رڳو جاري ٿي ويندي پر ٻيڻي به ٿي ويندي. پر هو سدائين ڪو نه ڪو بهانو ڪري ڳالهه ٽاري ويندو هو. هڪ وقت اهڙو به آيو جو پگهارن لاءِ پئسا نه هجن، اٿارٽيءَ جا اڪائونٽ خالي ٿيا پيا هجن. اسان آفيسرن کيس معاملي جي سنجيدگيءَ کان آگاهه ڪيو ۽ نيٺ کيس راضي ڪيوسين ته هو وزير اعلي هائوس وڃي، وزير اعلي صاحب سان ملي ۽ اداري جي گرانٽ وڌرائي اچي. جوڻيجو صاحب نيٺ ڪراچي ويو، ٻئي ڏينهن آفيس ۾ ملاقات ٿي ته اسان جو پهريون سوال وزيراعلي هائوس ۽ ملاقات جو هو! هُن معصوم ٻار وانگر مُسڪرايو، چيائين: ”اوهان کي پگهار سان ڪم نه، ان جو بندوبست ڪري آيو آهيان، باقي وزير اعلي هائوس ير آئون ڪون ويس. “ ”سائين ڇو نه ويا؟“ ”ڪُتا ٻڌا پيا آهن، ڏاڙهڻ ٿا اچن. “ چيائين: ”پاڻ کان اوڏانهن وڃڻ ڪونه ٿيندو. “ اسان سندس ڳالهه کي سمجهي نه سگهياسين. بعد ۾ خبر پئي ته اُهو سڄو ڏينهن جوڻيجي صاحب، وزير اعلي هائوس وڃڻ بجاءِ ’جيو انٽرٽينمينٽ‘ جي دفتر ۾ چانهيون پيئندي، اولڊ بوڪ هائوس ۽ پارڪ ٽاور تان ڪتاب وٺندي ۽ سمنڊ جو سير ڪندي گذاريو. ’جيو‘ جي آفيس مان ئي ڪنهن ناڻي کاتي جي آفيس کي فون ڪري چيو ته ”شرم ڪونه ٿو اچيوَ، جوڻيجي صاحب کي نٿا سڃاڻو، ان کان به رشوت وٺندئو، ٻُڏي نٿا مرو. “ ۽ پوءِ هفتي ۾ ئي اسان جي گرانٽ رليز ٿي وئي ۽ پگهارون ٿيون ته جوڻيجي صاحب گهر تي گهرائي، اسان سان گڏ پارٽي ڪئي! وقت بدلجي ويو آهي! چوڏسا سوشل ميڊيا چرچو آهي، چڱو جو جوڻيجو صاحب هن ظالم دور ۾ نه آهي، نه ته سندس نالي سان فيڪ آءِ ڊيون ٺهي وڃن ها ۽ هو شريف ماڻهو ’حراسمينٽ‘ جي الزامن ۾ سرڪاري دفترن ۾ پيشيون ڀريندو رهي ها! مِس يو سائين، لَو يو سائين! (فيسبڪ پوسٽ تان ۳۰ مارچ ۲۰۲۴ع تي رکيل/ کنيل) عبدالقادر جوڻيجو استاد جا استاد ڪير هئا خالد ڪنڀار هو مٺ تي ڊنل جي سگريٽ مان ڪش هڻڻ مهل پنهنجي هڪڙي اک ائين بند ڪري ڇڏيندو هو، جيئن هن جي چاچي ڀاڻي پن جي ٻيڙي مان مٺ تي ڪش هڻڻ مهل هڪڙي اک بند ڪري ڇڏيندي هئي. اهو ڪش هڻڻ جو انداز هن جو پنهنجو ڪونه هو. اهو انداز هن کي پنهنجي چاچي ڀاڻي وٽان ورثي ۾ مليو هو. اها چاچي ڀاڻي جنهن وٽ هو پنهنجي ماءُ جو گهر ڇڏي اچي اڪثر رهندو هو. اها چاچي ڀاڻي جنهن جي ڳلن تان لڙڪ ڪونجن جي ولر کي ڪڻڪندو ڏسي لار ڪري وهي هلندا هئا. هن نه صرف اهو هڪ هڪ ڳوڙهو پاڻ وٽ سنڀالي رکيو هو. پر اهي مهراڻي جي ڪس مان جنهاڻ جي ڀٽ تان وطن کان وڇڙيل ڪونجن جا اڏندڙ ولر به هن پاڻ وٽ سنڀالي رکيا هئا. جيڪي هن چاچي ڀاڻي جي اکين سان ڪڏهن ڏٺا هئا. انهن ڪونجن جي هڪ هڪ ڪوڪ به هن وٽ محفوظ هئي. هن کي چاچي ڀاڻي تڏهن به ياد هئي جڏهن هو هڪڙي ڳوري سرائڪي صحافڻ سان گڏ سفر ۾ هو. انهي صحافڻ جڏهن سگريٽ دکائي مٺ تي ڪش هئيون ته هن کي چاچي ڀاڻي ياد اچي وئي. انهي ڪري هن جي پهرئين استاد هن جي چاچي ڀاڻي هئي. هن اهو به هڪ هڪ ڳوڙهو پاڻ وٽ سنڀالي رکيو هو جيڪو ڳوڙهو پنهون رٻاري جي اک مان پنهنجي اٺين جي وڳن کي ساريندي ڄامشوري جي اڃارن پٿرن تي ڪريو هو. هو جڏهن پنهون رٻاري جي ڳاله ڪندو هو ته هو پنهنجي اندر ڪارن ڪپڙن وارو هڪڙو رٻاري ٿي ويندو هو. جيڪي ڪارا ڪپڙا هن پنهون رٻاري جي بدن تي ننڍي هوندي کان پاتل ڏٺا هئا. اهو پنهون رٻاري جيڪو اڪثر وسڪاري ۾ مال ڪاهي اچي جنهاڻ جي ڀٽ تي رهندو هو. هو چوندو هو پنهون جنهن جون اکيون سدائين آسمان ۾ هونديون هيون. جيڪي ڪارن ڪڪرن کي ڏسي خوشي مان ڀرجي اينديون هيون. اوڏي مهل نه صرف پنهون جو اندر آسمان ٿي پوندو هو. پر هن ٿرئين جي اندر ۾ به ڪارا ڪڪر پيا لامارا ڏيندا هئا. انهي ڪري هن جو ٻيو استاد پنهوون رٻاري هو. ڪيسري ڀيلڻ ۽ رامجي ڪولهي هن جا استاد تـ ڪونـ هئا. پر هو انهن ٻنهي کي ويهئين صدي جون وڏيون شخصيتون سمجهندو هو. انهن شخصيتن ۾ هو رمضان جوڻيجي جي ڳالهـ بـ ڪندو هو. جنهن جو مٺو آواز هن کي ننڊ مان اٿاريندو هو. اهو رمضان ڪنهن جي ڪاڄ ۾ نچندو هو تـ سندس پٽڪي جو ڇڳو بـ هن سان لئي ۾ گڏيو ايندو هو. انهي رمضان کي هو پنهنجو استاد بـ مڃيندو هو. انهي کانسواءِ هو پنهنجا سڀ کان وڏا استاد ڌنارن کي سمجهندو هو. هو انهن ڌنارن سان گڏ نڪري وڃي مال چاريندو هو. هو پاڻ جڏهن ڄامشوري جي پٿرن تي ڀنڀورين کي اڏندي ڏسندو هو تـ هن پنهنجي ڳوٺ جا اهي گهاٽا کارا کٻڙ ياد اچي ويندا هئا. جيڪي هاڪڙي جي ٻنهي ڪنڌين تي وسڪاري کان اڳ ۾ ڀنڀورين سان ڀرجي ويندا هئا. هاڪڙو هون تـ هن جي گهر جي گهٽي تي هو. پر هڪڙو هاڪڙو هن جي پنهنجي اندر ۾ بـ هو. هو انهي مري ويل درياءِ جو اڃيون پيٽ سدائين پنهنجي اندر ۾ کڻي هلندو هو. جنهن جا اوسا چپ سدائين تڏهن پسندا آهن. جڏهن گهڻا مينهن پوندا آهن. جڏهن ڀٽن تان وسندڙ مينهن جو پاڻي ريلا ٺاهي وهندو اچي هاڪڙي جي پيٽ ۾ ڪرندو آهي. اهو هاڪڙو جيڪو هن جي اندر ۾ هو انهي هاڪڙي درياءِ ۾ هن وٽ هڪڙو ڪارو اصيل نانگ بـ هو جنهن جي ليڪي تي درياءِ ٺهيو. هو جڏهن انهي درياءِ جو ذڪر ڪندو هو تـ انهن جوڳي قبيلن ۽ گرو گورک ناٿ جو بـ ذڪر ڪندو هو. جيڪو انهي نانگ جي پٺيان پنڌ پيو هو. اهي ڪنپٽ ۽ ڪن چير جوڳي جن سان وسڪاري جي ڏينهن ۾ مهراڻي جون ڀٽون ڀرجي وينديون هيون. هن انهي مئل درياءِ تي هڪڙو ناول بـ لکي ڇڏيو. انهي ئي هاڪڙي درياءِ جو وانڪل وارو گهيڙ هن جي گهر جي گهٽي کان صفا سڏ پنڌ تي هو. هن کي اها بـ خبر هئي تـ رٻاري سنڌ ۾ انهي ئي گهيڙ تان وانڪل ڏيوو جي مورتي هڪڙي سهڻي رٻارڻ جي مٿي تي ڏئي گذريا هئا. اهو سنڌ ۾ سومرن جي بادشاهي جا ڏينهن هئا. اهين هو رٻارين جا ولر ويندا لکڻن ۾ ڏيکاري ڇڏيندو هو. اسان جهڙو ڪو ماڻهو جڏهن بـ انهي گهيڙ وٽان گذرندو هو تـ ٿورڙو بيهـ رهندو هو ۽ اهي منظر محسوس ڪندو هو. اهي رٻاري اتان ويندا محسوس ٿيندا هئا. هن انهي وانڪل واري گهيڙ تي ڊرامون بـ لکيو هو. اسان ننڍڙا هوندا هئاسين تـ پورو پاڙو ريڊيو تي ويهي اهو ڊرامون ٻڌندو هو. انهي ڪري هن جو هڪڙو استاد اهو اڃيون درياءِ بـ هو. جنهن هن کي پنهنجي اڃ امانت طور ڏني هئي. هن جي پيرن ايترا پنڌ تـ ڪونـ ڪيا هئا. جيترا سنڌ جي خانـ بدوش قبيلن جي پيرن ڪيا هئا. پر اهي خانـ بدوشن جا پير هن ضرور ڏٺا هئا. هن کي انهن پيرن ۽ انهي پنڌ سان عشق هو. هن انهن تي هڪڙو ڪالم لکيو پر اهو هڪڙوڪالم هن جي سڃاڻپ ٿي ويو. انهي ۾ هن ڪبوترن ٻڙهن ۽ ڪوچڙن جي پيرن جي پنڌ سان عشق ڪيو هو. هن اهي مٽيءِ مان ٺهيل ننڍڙا رانديڪلا ٻـ ڏٺا هئا. جيڪي گرگليون ۽ ٻڙهيون گهر گهر وڃي وڪڻنديون هيون. انهي ڪري هن جا استاد اهي خانـ بدوش قبيلا بـ هئا. هن جو هڪڙو ڊرامون تـ اسان جي ڳوٺ نهٽي واري ڀٽ تي فلمايو ويو هو. انهي ڊرامي ۾ روهي بانو بـ هئي. مون شايد پهريون ڀيرو هن کي تڏهن ڏٺو هو. اهو ڊرامون جڏهن ٽي وي تي هليو تـ دانگين ۾ پيل مانين جا پڙ دانگين ۾ ئي سڙي ويا. شهرن جون گهٽيون ويران ٿي ويون. رڳو پيا ڪتا بسندا هئا. ٽي وي جي اڳيان هجوم هئا پر ڳالهائيندو ڪير بـ ڪونـ هو سڀ ويٺا ٽي وي جو آواز هيڪلا ڪنا ٿي ٻڌندا هئا. اهو ڊرامون هليو هو تڏهن پارومل ڪولهي نبي سر وارو ايم اين اي ٿيو هو. هو پنهنجي زال سان گڏ جڏهن اسلام آباد واري ايئرپورٽ تي لٿو تـ ميڊيا جي ڪيميئرائن جو رک پارومل جي زال ڏانهن ٿي ويو. انهي شهر جي ميڊيا پارومل کان پڇڻ لڳي “يـ سکان هي ڪيا“هن انهي ڊرامي ۾ پوري لوڪ ڏاهپ هڻي ڇڏي هئي. هو پاڻ بس جهنگ جي بلا هو. جيڪا ڪنهن جي بـ کاري ۾ ڪونـ تي رهي سگهي پئي ڀٽن ۾ ڀتڪندي هئي. انهي ڪري اهي ڀٽون ۽ ڀٽن ۾ رهندڙ جهنگ جا ماڻهوبـ هن جا استاد هئا. جهنگ جي ماڻهن جو هي شاگرد جڏهن شهرن ۾ لٿو تـ هن جي قلم اهي سڀ ڪجهـ ڳالهايو جيڪو هن جهنگ کان سکيو هو. شهرن لئـ اهي ڳالهيون نيون هيون. اهين هي انهن شهرن ۾ رهندڙن جو استاد ٿي ويو. انهي استاد کي جڏهن هورو ٿيندو هو تـ جهنگ منهن ڪندو هو ۽ جڏهن وري جهنگ مان دل ڀربي هئي تـ وڃي ڪتابن جي جهنگ ۾ پوندو هو. عالمي ادب مان اهڙيون اهڙيون ڳالهيون کڻي اچي سٽڪو ڪرائيندو هو. جو هر ڪنهن کي پنهنجي اڻ پڙهي هجڻ جي اڃ اڃان پڙهڻ تي مجبور ڪندي هئي. جڏهن هو جهنگ جون ڳالهيون ڪندو هو تـ شهرن وارا پريشان هئا ۽ جڏهن ڪتابن جون ڳالهيون ڪندو هو تـ جهنگ جي مخلوق پريشان هوندي هئي. اهين هن هڪڙي ئي وقت ٻنهي کي پريشان ڪيو. اڄ هو انهن گهاٽين ڄارين واري ڳوٺ ۾ هاڪڙي درياءِ جي ڪپ تي هڪڙي وڏي ڄار ۽ هڪڙي وڏي ڪنڊي جي وچ ۾ مدفون ٿي ويو. هاڻ وري هن جون اتي اهي ئي ڪچهريون هونديون. جتي رمضان جوڻيجو ۽ چاچي ڀاڻي تـ هوندا ئي هوندا پر هن جي ڪچهري جو ٻڌي رامجي ڪولهي، ڪيسري ڀيلڻ ۽ پنهون رٻاري بـ اچي وڃن. ٿي سگهي ٿو جوڳين جو ڪو خانـ بدوش قبيلو بـ هن جو قبر جو پاسو ڏئي مٽي وڃي. هن جي انهي قبر تان هر سال پيا ڪونجن جا ولر مٽيندا. انهي وڏي ڄار تي هاڻ ڀنڀوريون هر سال پيون اينديون. هن جي ڳوٺ واري ڀٽ جو پاڻي هن جي قبر جو پاسو ڏئي وڃي هاڪڙي درياءِ ۾ ڪرندو. هاڪڙو ڀرجي ويندو. تڏهن هي هاڪڙي جي ڪپ تي ضرور ويندو. نـ رمضان جوڻيجي سان ڦانگ هڻي مٺ تي سگريٽ جا ڪشش ڀري ڀري هڻي ڪنڊيرا ۽ ماڪيز جون ڳالهيون ڪندو ۽ ڀاڻي ڪونجن جو ذڪر ڪندي رمضان جوڻيجي جي اک ۾ پيل سوئيرو هن کي ڪڏهن بـ پوڙهي نـ ٿيڻ جو احساس پيو ڏيکاريندو. عبدالقادر جوڻيجو مرتضيٰ سيال عبدالقادر جوڻيجو سنڌ جو يگانو ڪهاڻيڪار، ناٽڪ نويس، ڪالم نگار ۽ هڪ منفرد انسان هئو. ادب جي دنيا جو قداور نالو هئڻ جي باوجود وڏائي سندس پاسي کان به لنگهي نه سگهي، پنهنجي طبيعت ۾ نهٺائي رکندڙ اهڙو فقير ماڻهو هئو جنهن وٽ بادشاهيءَ جا گرُ هئڻ جي باوجود هو پنهنجي ڌُن ۾ مگن رهندڙ هڪ بنه دلبر انسان هئو. ڊرامو هُجي، ڪهاڻي هُجي يا ڪو ڪالم هجي هر لکڻي ۾ هُن جو هڪ الڳ ڊڪشن ۽ انداز آهي. هن جي ڳالهين کان ويندي لکڻين تائين سندس مطالعي ۽ مشاهدي جي پختگي نظر ايندي، هُن جيترو لکيو اُن کان وڌيڪ پڙهيو ۽ پروڙيو. پنهنجي حياتيءَ ۾ هو پڙهڻ ۽ لکڻ کان ڪڏهن به نه ٿڪيو، سنڌ جو هي واحد ليکڪ هو جيڪو لڳاتار لکندو رهيو، پڙهڻ ۽ لکڻ سان هن جو ازلي عشق رهيو. عبدالقادر جوڻيجو پرائيڊ آف پرفارمنس ۽ ٻيا ڪيترائي ايوارڊ ماڻيا پر هُن پنهنجي ڪيريئر ۽ حياتيءَ ۾ ڪڏهن ايوارڊن ۽ انعامن کي خاطر ۾ نه آندو. هو پنهنجي زندگيءَ ۾ ته ڏاڍو لاپرواه ماڻهو رهيو پر لکڻ ۽ پڙهڻ توڙي نون ۽ نوجوان ليکڪن کي همٿائڻ جي معاملي ۾ هن ڪڏهن به لاپرواهي نه ڪئي، جن ڏينهن ۾ سندس طبيعت ناساز رهي انهن ڏينهن ۾ به هن لکڻ پڙهڻ کي نه ڇڏيو. ٿر جي مٽيءَ مان ڳوهيل هن محبوب ماڻهوءَ جي لکڻين ۽ ڳالهين مان به ٿر جي واري جو چلڪو ۽ برسات کانپوءِ مٽيءَ جي مهڪ محسوس ٿيندي هئي. عبدالقادر جوڻيجو سان منهنجون تمام گهڻيون يادون وابسته آهن. ۱۹۸۹ ۾ جڏهن آئون سنڌ يونيورسٽي جي ماس ڪميونيڪيشن جو شاگرد هئس ان وقت کان ساڻس محبتن وارو رشتو جڙيو، اُن زماني ۾ عبدالقادر انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جو ڊائريڪٽر هئو، آئون ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ کان پوءِ عبرت مئگزين ۾ ڪم ڪندو هئس، عبدالقادر پنهنجي آفيس جون ذميواريون نڀائڻ کان پوءِ اڪثر ڪري گلستانِ سجاد ۾ منهنجي آفيس ايندو هئو، جتان اسان شهر روانا ٿيندا هئاسين پوءِ ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي دوستن، فنڪارن ۽ اديبن جو ميلو مچندو هئو، اهڙي طرح ڪچهرين جو نه کٽندڙ سلسلو هوندو هئو، عبرت مئگزين فائينل ڪرڻ وارن ڏينهن ۾ آئون نه نڪري سگهندو هوس ته عبدالقادر اسان جي انچارج مرحوم غفور ڪريمي سان ڪچهري ۾ ويهي رهندو هو، اهڙي طرح هو جتي به ويهندو هئو اتي محفل ۾ ڪچهريءَ جو مرڪزي ڪردار هوندو هو. هو اسان جهڙن سيکڙاٽ ۽ نون ليکڪن سان گڏ ويهي اسان کي نه رڳو اُتساه بخشيندو هئو پر اسان سان گڏ ويهي وڏا وڏا ٽهڪ به ڏيندو هئو. هو مون کان نه رڳو عمر ۾ پر هر حوالي سان وڏو هئو پر پنهنجي سڀاءُ ۽ پيار سان محسوس ائين ڪرائيندو هو ڄڻ اسان هڪجيترا ۽ بي تڪلف يار آهيون، مون هن کي هميشه يار جي نالي سان ئي ياد ڪيو آهي. اڄ يادگيرين جو نه کُٽندڙ سلسلو ڇڏي يار وڃي جنهاڻ جوڻيجو جي مٽيءَ ۾ آرامي ٿيو آهي. پر هو اسان جي دلين ۾، ذهنن ۾ پنهنجن لکڻين ۾ سدائين زنده رهندو.
استاد بخاري روشن پيشاني پروفيسر نذير احمد سومرو ۱۹۵۰ع واري ڏهاڪي جو زمانو آهي. دادوءَ ۽ ڦلجي اسٽيشن جي ٻن والي بال ٽيمن جي وچ ۾ دادوءَ ۾ مقابلو ٿي رهيو آهي. ڦُلجي اسٽيشن، والي بال کيڏڻ لاءِ جيڪا ٽيم آيل آهي ان ۾ هڪ قداور نوجوان، دلڪش مهانڊن، خوبصورت اکين ۽ پاڪستاني فلمي بنگالڻ اداڪاره شبنم وانگر نڪ جي چوٽيءَ تي ڦڙو رکندڙ، والي بال راند ۾ سينٽر تي بيهي راند اهڙي مهارت سان کيڏي ٿو جو ڏسندڙ وَرُ وَرُ ڪري تاڙين جي ڦهڪن ۾ کيس داد ڏئي رهيا آهن. مخالف ٽيم جا رانديگر، دل ئي دل ۾ خار کائي رهيا آهن. ڪير پيو ڄاڻي ته والي بال ۾ سينٽر تي بيهي مهارت سان راند ڪندڙ، جمپ ڏئي والي هڻندڙ نوجوان ۽ ڦلجي اسٽيشن جي ڀرسان هڪ ننڍڙي ڳوٺ غلام چانڊيو جو هي پرائمري ماستر، اڳتي هلي سنڌي شاعرن جي راند يعني شاعريءَ ۾ به ساڳي سينٽر واري جاءِ والاريندو ۽ سندس فڪرانگيز، سادن لفظن واري شاعري، سندس لئي ۽ مخرج سان شاعري پڙهڻ جو انداز ڏسي پاڻ کي شاعرن جي قطار ۾ شامل سمجهندڙ متشاعر ته ڇا پر چڱا ڀلا شاعر دل ئي دل ۾ خار کائيندا/ريس ڪندا ته اهڙي پذيرائي کين ڇو نه ملي؟ اهو رانديگر استاد بخاري هو. اُستاد بخاري پنهنجي ڳوٺ ۾ چار درجا پرائمري پڙهيا ۽ باقي تعليم سنڌي ڪاميٽي (فائينل) جو امتحان ڦلجي مان پاس ڪري، پرائمري اُستاد مقرر ٿيو. قدرت طرفان جيڪي کيس سوغاتون عطا ٿيون، انهن منجهان موزون طبيعت به هڪ هئي. سنڌي پرائمري اسڪول ۾ پڙهندي ڪي سٽون، اُمالڪ پنهنجو پاڻ سندس ذهن ۾ ٺهي پونديون هيون ته هيءُ اُنهن کي چپن ۾ جهونگاريندو هو. ڪيئي دفعا کيس خيال آيو؛ ”اُهي سٽون ڪنهن ٻئي شاعر جون آهن، جن کي هو جهونگاري رهيو آهي.“ جڏهن انهيءَ تي ويهي ويچار ڪيائين ته اُهي سٽون هن (اُستاد) ڪنهن به ماڻهوءَ جي واتان ٻڌيون ناهن. پو باقي ڪنهن جون آهن؟ سوچي سوچي پاڻ کي ئي جواب ڏنائين؛ ”اهي سٽون ڪنهن ٻئي جون ناهن، پر سندس ئي آهن.“ ڪيئي ورهيه پرائمري اُستاد رهڻ کانپوءِ، ڪجهه وقت لاءِ خيرپور ناٿن شاهه ۽ سيتا اسٽيشن جي هاءِ اسڪولن ۾ انگريزي ماستر ٿي رهيو. سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪرڻ کانپوءِ ۱۹۷۶ع ۾ بي ايڊ جي بنياد تي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ پهريون ڀيرو ليڪچرار مقرر ٿيو. ون-يونٽ جو دور هيو. سنڌ کي انتظامي طور، لاهور سان ڳنڍيو ويو هئو. هر کاتي جي مکيه آفيس لاهور ۾ هئي. ليڪچرارن کي مستقل بنائڻ لاءِ اولهه پاڪستان پبلڪ سروس ڪميشن کين لاهور ۾ زباني امتحان ڏيڻ واسطي گهرايو. اُستاد بخاري به پاڻ سان، ماهوار نئين زندگي ۽ ٽه-ماهي مهراڻ جا اُهي شمارا، جن ۾ سندس ڪلام شايع ٿيل هيو، کڻي ڪميشن جي چيئرمين ۽ ميمبرن/ سيڪريٽري جي سامهون وڃي ويٺو. انهن ڏينهن ۾ شاهه محمد فيض محمد تونيه (المعروف ايس. ايف تونيو) اولهه پاڪستان جي پبلڪ سروس ڪميشن جو سيڪريٽري هيو ۽ چڱو ادب دوست ماڻهو هيو. ويتر جو پنهنجي عزيز ۽ شاعر الله بخش تنيو عرف ا - ب - ت ميروخانيءَ سان دوستي هيس، تنهن ڪري کيس شاعريءَ جو چسڪو پڻ آيل هيو. الف- ب – ت، اصل ۾ضلعي لاڙڪاڻي (هاڻي قمبر-شهدادڪوٽ) جي هڪ واهڻ نما ڳوٺ، ميروخان جو هيو. تونيه صاحب، اُستاد بخاريءَ کان نئين زندگي ۽ مهراڻ جا پرچا وٺي، ٿوري ورق گرداني ڪري ميز تي رکي، سڌي طرح اُستاد بخاريءَ کي مخاطب ٿيندي چيو؛ ”ورقن تي ڇپيل ڪلام پڙهي ضرور مزو ايندو پر اسان ڪلامِ شاعر، بزبانِ شاعر، جو حِظ ۽ لطف وٺڻ ٿا چاهيون. ان ڪري تون پنهنجي شاعري پنهنجي آواز ۾ ٻڌاءِ.“ اُستاد بخاري کين پنهنجو ڪلام ٻڌايو. جنهن تي هڪ سنڌي ميمبر کيس چيو؛ غزل جون هي سٽون جهونگاري ٻڌاءِ. پڇيــو يـارن ته عقبيٰ ٿي کپـــــي يا هيءَ دُنــــيا چيـم؛ آزادگي، نه هو گهــرجي نه هي گــهــــرجي. الائـي ڇـــا جــو ڇـا ويـٺـا ڏســئـــون ڇـــــا ســــوچـــيــون ويـــٺــا صـدي ويهيـن جي انســانن کـــــي ڪهــڙي شــيءِ نه ٿي گهرجي. اُستاد کان شاعري ٻڌڻ کانپوءِ ڪميشن جي چيئرمين، کانئس ڪجهه سوال پئي ڪيا ته ايتري ۾ سنڌيءَ جو معروف شاعر، بشير مورياڻي جيڪو تن ڏينهن ۾ لاهور سيڪريٽريٽ ۾ ملازم هيو، سو ڪنهن سرڪاري ڪم سانگي اندر داخل ٿيو ۽ پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين کان ڪجهه ڪاغذات صحيح ڪرائي، جيئن مڙيو ته اُمالڪ اُستاد بخاريءَ تي نظر پيس. کيس کيڪاري ڪميشن جي چيئرمين ۽ ميمبرن کي مخاطب ٿيندي چيائين؛ ”مان توهان جي آڏو ڪيتري قد بت جو شاعر آهيان.“ ويٺلن چيس؛ ”خير ته آهي؟“ چيائينِ؛ ”اُستاد بخاريءَ کان ڪهڙو انٽرويو ٿا ڪيو/وٺو. هي ته مون کان به تمام وڏو/گهڻو ۽ سٺو شاعر آهي.“ جنهن تي چيئرمين چيس؛ ”هن جو ڪلام ٻڌي محسوس ٿئي ٿو ته واقعي وڏو شاعر آهي. اسان سندس ڪلام ٻڌڻ لاءِ کيس ويهاريو آهي.“ استاد بخاريءَ جي شاعريءَ ۾، اسان کي وقت ۽ عشق جا ايترا ته سحر انگيز شيڊس ملن ٿا، جن جي رنگينيءَ کان آزاد ٿيڻ سولو ناهي. سندس شاعريءَ ۾ هڪ اهڙي مثبت ايپروچ آهي، جنهن جو تعلق روح جي گهراين سان آهي. ان ڪري هڪ پڙهندڙ/ٻڌندڙ، پنهنجو پاڻ ئي بي خوديءَ ۾ اچي، پاڻ کي اُستاد بخاريءَ جي شاعري واري سحر/جادوءَ جي پنجوڙ ۾، جڪڙيل محسوس ڪري ٿو. اُستاد جا خيال، جڏهن شاعريءَ جو روپ وٺن ٿا، تڏهن ان جي وهڪري ۾ غضب جي رواني ملي ٿي. لڳندو آ ته ڄڻ ڪو آبشار وهندو هجي، جنهن جي پاڻيءَ ۾ بي اختيار رواني، نغمگي ۽ موسيقيت هوندي آهي. هن بي چين روح (استاد بخاري) پنهنجي شاعريءَ جي هر صنف ۾ هڪ الڳ ۽ مختلف ذائقو برقرار رکيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو، سندس هر شعر، دل ۽ دماغ کي ڇهي وڃي ٿو. اُستاد بخاريءَ جي لهجي ۾، ميٺاڄ ۽ نواڻ، سوز ۽ گداز آهي. محبوبن جا ماڻا ٽاڻا، حبيبن جي غفلت، رقيبن جي نفرت، سنڌ جي حقن تي لڳل ڌاڙا، سندس شاعريءَ جا اهم موضوع ۽ حصا آهن. ڌرتيءَ جي پڪار، هڪ سچي شاعر کي پاڻ ڏانهن سڏيندي رهي ٿي. ائين اُستاد جو پيار به ڌرتي سان واڳيل هيو. اُستاد بخاريءَ جي شاعري، پنهنجي ڌرتيءَ سان پيار جو عڪس ۽ اولڙو آهي. سنڌ، سنڌي ثقافت ۽ شين (ٿر جي واري، چلڪي واري) سان کيس جنون جي حد تائين پيار هيو. بلڪ اهي سڀ، سندس ڪمزوريون هيون. هاڻي ته هر ڪو، لئيءَ مان لٺ ڀڃي، قومي شاعري تڪبنديءَ جي صورت ۾ ڪري، پاڻ کي قومي شاعر سڏائڻ جا جتن پيو ڪري. پر ون-يونٽ جي دور ۾، جڏهن سنڌ جو نالو وٺڻ ڏوهه هيو ۽ نادري حڪم اچي پهتا؛ ”خبردار! آئنده، سابقه سنڌ لکيو ۽ پڙهيو وڃي!“ تڏهن جيڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا شاعر، سنڌ جي ڳالهه ڪندا هيا، تن مان استاد بخاري به هڪ هيو ۽ آهي. استاد جي قومي شاعري، مثلًا: جيجل ڏنم، جنهن ۾ لولي، سنـــڌي ٻـــولي، قومي ٻـــولي. کيس سنڌ جي شاعرن جي هجوم مان الڳ ڪري سندس منفرد سڃاڻپ قائم ڪري ٿي. اڄ جا کوڙ سنڌي شاعر، اهڙا به آهن، جيڪي استاد بخاريءَ جا مقلد ۽ پيروڪار آهن. نه رڳو شاعريءَ جي موضوع ۽ طرز، احساس جي حد تائين پر شعري هيئيت، ڊڪشن ۽ طرزِ بيان جي لحاظ کان پڻ. مثال طور؛ تاجل بيوس ته اُستاد بخاريءَ جي شاعريءَ منجهان، سٽن جون سٽون کنيون آهن. ڪنهن جي ميار ملڻ تي، نيٺ تاجل کي ائين چوڻو پيو؛ بيوس مان، بخاري نه ٿي پوي. استاد بخاريءَ جي عشقيه شاعري پنهنجي خداداد فڪر ۽ ڏات سان جيڪو حسن ۽ لطف پيدا ڪيو آهي، ان ۾ هڪ عجيب لذت، حِظ ۽ مزو آهي. ان ۾ به رنگيني پيدا ڪئي اٿس. جنهن ۾ ڪو پيغام آ، ڪو مقصد آهي. هن جي شاعري، اڄ جي ٺڙڪو سنڌي شاعرن وانگر، محض سطحي جذبن جي بي مقصد اظهار جو نالو ڪونهي. نه ئي لفظن جي گورک ڌنڌي جو نالو آهي، جنهن مان ڪا به معنيٰ نه نڪري سگهي. قدرت طرفان ملندڙ سوغاتن مان شاعري به قدرت جي مليل هڪ حسين ۽ خوبصورت سوغات آهي. هر شاعر جي حصي ۾ اها سوغات ڪا نه آئي. شاعري به پاڻيءَ جي تيز وهڪري ۽ روانيءَ جيان آهي. شرط اهو آهي ته، پاڻيءَ ۾ ڪنهن جو پير کپي!! استاد بخاريءَ ڀيري، شاعريءَ جي معاملي ۾ قدرت وڏي فياضيءَ کان ڪم ورتو. علمي ادبي حلقن کانسواءِ، عوام ۾ اُستاد بخاريءَ کي وڏي پذيرائي ۽ عزت، شهرت ۽ محبت ملي. ڇاڪاڻ ته سندس شعر، مشاهدن ۽ تجربن، انساني جذبن ۽ اڌمن جي ڳالهائيندڙ ٻولهائيندڙ تصوير بڻجي پيا هيا. کيس پنهنجي شاعريءَ ۾ روز مره استعمال ٿيندڙ ۽ ٻهراڙي جي لهجي ۾ بگڙيل لفظن، محاورن/ تشبيهن کي ماهرانه انداز ۾ استعمال ڪرڻ جي ڏات مليل هئي. هُونءَ ته کوڙ مثال آهن، جيڪي سندس شاعريءَ مان ڏئي سگهجن ٿا پر هتي آءٌ فقط هڪ اڌ مثال ڏيان ٿو. (هتي سندس اشارو ون-يونٽ ڏانهن آهي) هڪ پڃرو ٻيو، پَــرَ به ڪٽيائين هــــاڻــــي مـــري ويـــاســـين، ماتو ٿَـــــــرَ تـــــــي آ، مــــــارن تـــــي نـــاهي خـــــان عـــــمـــر تــــنـــهــــن جــو کــاتو اڻ گهڙيا ۽ ڪرخت لهجي وارا لفظ، جڏهن استاد بخاريءَ جي شاعريءَ ۾ فٽ ٿين ٿا، تڏهن اُهي محرڪ ۽ هڪ زندهه حقيقت بڻجي پون ٿا. اُستاد بخاريءَ جي سموري شاعري، سندس الڳ سڃاڻپ بڻجي وئي آهي. سندس شاعريءَ ۾ ڪتب آندل لفظ، پاڻ ئي ڳالهائيندا ۽ چوندا؛ ”اسان استاد بخاريءَ جي شاعريءَ جا حصا آهيون.“ ۱۹۶۴ع ۾ اُستاد بخاري، گورنمينٽ هاءِ اسڪول خيرپور ناٿن شاهه ضلع دادوءَ ۾ اُستاد هيو. تڏهن اسڪول جي ڀرسان، خالي ميدان تي ڀيلن/باگڙين جي هڪ قافلي اچي پنهنجو ديرو ڄمايو. ان خانه بدوش ٽولي ۾ هڪ ٺهندڙ قد سان، ڀريل بدن ۽ ڳلن واري، چڻنگ جهڙو ٻرندڙ رنگ ۽ بوسڪيءَ جهڙو بدن رکندڙ، ڪارين ڪجلي نيڻن واري، ڪاري ٻاٽ اونداهي جهڙا ڪارا ۽ ڊگها وار رکندڙ، جوانيءَ جي ڏاڪڻ جي پهرين ڏاڪي تي قدم رکندڙ، هڪ نازن ڀري ڀاڳ ڀري به هئي. ان آهو چشم جي اک، پنهنجي ئي قوم جي ڪنهن نوجوان سان اٽڪي پئي. ڳوٺن ۾، افواهن وانگر ۽ شهرن ۾ اخبارن جيان، اها خبر ڀاڳڀريءَ جي ڀاءُ جي ڪنن تي به پئي. نتيجي ۾ ڀاڳ ڀري، ڪهاڙين جو بک ٿي وئي. اهو پهريون واقعو هيو جو ڀيل/باگڙي قوم جي ڪنهن فرد، ڪا عورت ڪاري ڪري ماري هئي. ان دردناڪ واقعي اُستاد بخاريءَ جي دل کي ڌوڏي ۽ لوڏي ڇڏيو. اُستاد بخاريءَ، هڪ شاهڪار نظم لاش جي عنوان سان سِرجيو. نظم جي لاءِ انگريزي شاعر ڪيٽس جون هي سٽون ڄڻ اُستاد بخاريءَ جي نظم جون عڪاسي ڪن ٿيون. ڪيٽس چوي ٿو؛ ”نظم کي فطري طور، ائين وجود ۾ اچڻ کپي، جيئن ڪنهن وڻ تي پَنَ.“ اُستاد بخاري جو نظم چوي ٿو: هڪ طرف هن جي خطا ڦٿڪي پئي ٻي طرف هـــــن جــي وفـــا ڦــٿڪي پئي ڪا گهڙي کن ڄڻ فضا ڦٿڪي پئي هـــــڪ ســـزا وار ۽ ســــزا ڦــــٿـــڪـــي پـــئي هـــــو جــــنــــازي جـــــي مــــٿـــــان مــيرو لٽو ريــــشــــمـــي چــــادر نه ڪـــو پَــــٽَ جو رئو ۽ بــــــــدن نــــازڪ مــــٿــــان کــــهـــرو کــــٿو لاش هـــــي ڪنهن ڪنوار جو آ ڇا پتو؟ ڇــــــو تـــــه هـــــوءَ........... ڪــــــاري هـــــئـــي. اُستاد بخاريءَ جو شعري سفر، امڪانن جي نئين دنيا جو هڪ خوشگوار اضافو آهي. هن سنڌي شاعريءَ جي اُفق جي روشنين ۾، اضافو ڪيو. هن جي شاعريءَ ۾ بيچيني ۽ بيقراري، تڙپ ۽ احساس جي ڪرب سان گڏ، صوتي ترنم به موجود آهي. هن زندگيءَ کي سوچيو ۽ سمجهيو. هيءُ جڏهن مشاعرن ۾ اسٽيج تي بيهي ترنم سان شعر پڙهندو هيو ته نعرن جي پنڊال جا شاميانه به اُڏڻ لڳندا هيا. سندس سموري شاعري، سندس دردمند دل جي ڪري درديلي آهي. سندس سامهون، سنڌ وڏا قهر ۽ ڪلور ڏٺا. زندگيءَ جي اعليٰ قدرن جو خون ٿيو. طبقاتي نظام جي ڪري، انسانذات ۽ ماڻهپي جي تذليل ٿي. اهو سڀ ڪجهه اُستاد بخاريءَ ڏسي، پنهنجي شعرن ۾ اهڙيءَ طرح سمائي پيش ڪيو جو غم جانان به غم دوران بڻجي پيو. محترمه بينظير ڀٽو (شهيد -۲۷ ڊسمبر ۲۰۰۷ع لياقت باغ، راولپنڊي) جڏهن ٻيو ڀيرو پاڪستان جي وزيراعظم بڻي ته سندس دور ۾ استاد بخاريءَ جي ياد ۾، دادوءَ جي ڊگري ڪاليج کي اُستاد بخاريءَ سان منسوب ڪري، اُستاد بخاري گورنمينٽ ڪاليج دادو ڪيو ويو. اُستاد بخاريءَ جي مقبوليت جو دائرو، ڏينهون ڏينهن وڌندو وڃي ٿو. ڪنهن زماني ۾ انگريزي شاعر شيلي هڪ ٻئي انگريز شاعر بائرن کي جن لفظن ۾ ياد ڪيو هيو، سندس ساڳيا الفاظ آءٌ اُستاد بخاريءَ لاءِ لکان ٿو: The Pilgrim of Eternity, whose fame Over his living head like sky is bent. ابديت جو پانڌيئڙو (زائر)، جنهن جي شهرت سندس روشن پيشانيءَ مٿان، آسمان وانگر نڇاور آهي. استاد بخاري ڪجهه يادون پروفيسر نذير احمد سومرو پاڪستان ٺهئي کي ٻه چار سال مس گذريا آهن. سنڌ ۾ جيڪب آباد وارو تاريخي ۽ روايتي ميلو زور شور سان شروع ٿي چڪو آهي. ميلي ۾ ڏينهن واري ماڻهن جي پيهه کان وڌيڪ رات جو ٿيندڙ، سنڌي مشاعري جي پنڊال ۾، ماڻهن جي رش ۽ رونق گهڻي آهي. جنوريءَ جا سُڪا سيءَ پئجي رهيا آهن. سيءَ کان بچڻ لاءِ، هر ڪو ماڻهو پاڻ کي گرم ڪپڙن ۾ ويڙهيو سيڙهيو ۽ لڪيو ويٺو آهي. مشاعري ۾ سنڌ جي سڀني ضلعن جي ننڍن وڏن شهرن کان نوان ۽ پراڻا، ڪهنه مشق شاعر آيل آهن. ضلعي دادوءَ جي شهر ڦلجي اسٽيشن کان ٻه ٽي ميل پري هڪ ڳوٺ غلام چانڊئي کان قدآور، سُهڻي مُنهن مهانڊي سان هڪ نوجوان شاعر، مشاعري جي پهريون ڀيرو ڪوٺَ ملڻ تي، اڳينءَ قطار جي ڇيڙي ۾، آخري ڪُرسيءَ تي ڪنڊائتو ٿيو ويٺو آهي. ڪجهه شاعرن کان پوءِ، پراڻي رنگ جو معروف شاعر سيد احسن الهاشمي شعر پڙهڻ لاءِ اسٽيج تي اچي ٿو. سيد احسن الهاشميءَ جي شعر پڙهڻ کان ئي پنڊال ۾ واڪا، نعرا ۽ وري چئه، ٻيهر ٻڌاءِ جا آواز ٻڌي، غلام چانڊئي کان آيل نوجوان شاعر دل ئي دل ۾ چوي ٿو؛ ”ههڙي طاقتور شاعري ٻڌي، اسان پارن نَونَ شاعرن جي شاعري ڪير ٻڌي، اهڙو داد ڏيندو؟ هنن سٺن شاعرن جي درياءَ واري تيز وهڪري (شاعريءَ) ۾ اسان پارن شاعرن جا پير ڪٿي ڄمندا؟“ پنهنجو پاڻ سان پهه ڪري ٿو؛ ”آئنده شاعري ڪرڻ کان بس ڪئيسون. رڳو اڄوڪي رات خير سان گذري.“ پنهنجن ئي خود ساخته سوالن جي مونجهارن ۾ ڦاٿل نوجوان شاعر کي، اسٽيج سيڪريٽريءَ شعر پڙهڻ لاءِ مٿي گهرايو. هو تحت اللفظ ۾ شاعري ٻڌائي ٿو ته پنڊال ۾ موجود ماڻهن جي زوردار تاڙين ۾ کيس داد ملي ٿو. جنهنڪري سندس مَنَ کي، وڌيڪ شعر پڙهڻ لاءِ آٿت ملي ٿو. هو غزل ٻڌائي ٿو؛ رات کــــــــــــڻــــــــــــي آئــــــــي اڌ رات، مون ڏي سوچڻ جي سوغات چــــــئــــن گهڙين ۾، ڪهڙي چُرپُر، چـــــــــوڳــــــو، چــــــاهت، اُڏرڻ، لات گھُگهه اونداهين ڏي، جو گھُوريان، جوت ڪــــــري پئي مُرڪي؛ هات تـــــنـــهــنـــجـــو هــــي انــــداز اســــتاد تـــــــوبـــــهه! مُـنهن جي ناهي بات ان مشاعري جي ويهن ورهين کانپوءِ، نئين پاڪستان جي جشن جي موقعي تي سڄي پاڪستان ۾، عوامي راڄ جي حوالي سان فنڪشن ٿيا. ائين لاڙڪاڻي ۾ به جشن جمهوريت جي حوالي سان جناح باغ ۾ هڪ ادبي فنڪشن، ٽيويهين سنڌي ادبي ڪانفرنس ۽ مشاعرو ٿيو. مشاعري ۾ مرحوم غلام محمد گرامي، شمشير الحيدري، دادن فقير کان وٺي استاد بخاريءَ ۽ سيد احسن الهاشميءَ شعر پڙهيا. هن مشاعري جي صدارت مخدوم طالب الموليٰ ڪئي. رات جو دير سان جڏهن ننڊاکڙي ماحول ۾ استاد بخاريءَ کي شعر پڙهڻ لاءِ سڏ ڇا ٿيو، سامعين جي اکين مان ننڊ پَرَ ڪر اُڏامي وئي. سندس شعر پڙهڻ جي موٽ ۾ تاڙين جي ڦهڪن، چوڙين جي ڇمڪن، هُوڪرن ۽ نعرن جي آواز، اسٽيج کي به لوڏي وڌو ۽ اُن رات مشاعرو استاد بخاري لُٽي ڦُري ويو. جڏهن استاد بخاري لهڻ واري پئي ڪئي ته؛ ونس مور، هڪ دفعو ٻيهر، ترنم سان. اهڙن آوازن اُستاد بخاريءَ کي ٻيهر شعر پڙهڻ لاءِ هَر هَر موٽايو پئي. اُستاد بخاري شعر پڙهي، جڏهن اسٽيج تان لٿو ته سيد احسن الهاشميءَ، خوشيءَ وچان اُستاد بخاريءَ کي ڀاڪر پائي چيو؛ "واه اُستاد، شاعري به تنهنجي ۽ شاعر به تون، اسين پارا کوڙ شاعر...!!" لاڙڪاڻي کان ڳوٺ پهچڻ تي، کيس مخدوم طالب الموليٰ صاحب خط ذريعي، هالا يا حيدرآباد اچڻ لاءِ، نينڍ ڏيندي لکيو؛ "جڏهن به حيدرآباد اچڻ ٿئيو ته قرب ڪري هن فقير (طالب الموليٰ) جي آستاني تي ليئو پائڻ نه وساريندا. جيڪڏهن اچڻ جي پڪ ڏيو ته صرف ريل گاڏيءَ جي ڪوٽڙيءَ اسٽيشن تي پهچڻ وارو وقت ۽ ڏينهن لکي موڪليندا. جيئن هن فقير لاءِ اهو اعزاز ٿئي ته پاڻ ريلوي پليٽ فارم تي توهان جي آجيان لاءِ موجود هجي." اُستاد بخاريءَ اهو خط پاڻ سان، مرڻ گهڙيءَ تائين، قيمتي چيزن وانگر ساهه وانگر سانڍي رکيو. دادوءَ ۾ نوڪريءَ دوران، استاد بخاريءَ سان شام جو ڪچهريون ڪرڻ، روزاني جو معمول هو. آءٌ ساڻس وڌيڪ هُجائتو به هوس. هڪ دفعي کانئس پڇي ويٺم؛ "بخاري صاحب، هڪڙو سوال ڪريان؟" چيائين؛ "سڄي عمر سوالن منجهائي رکيو آهي. الائي ڪهڙو سوال ذهن ۾ اٿئي؟" چيومانس؛ "هي جو سنڌ ۾ وڏو غوغاءُ متل آهي ته سنڌ جو وڏو شاعر ڪير آهي؟ اياز يا اُستاد؟ توهان جو پنهنجو ڇا خيال آهي ته ڪير وڏو شاعر آهي؟ توهان يا شيخ اياز؟" چيائين؛ "نذير، تو ڏاڍو سٺو سوال ڪيو آهي. حقيقت پڇين ٿو ته مان کليءَ دل سان چوان ٿو؛ اهو فيصلو تاريخ ڪندي ته ڪير وڏو شاعر آهي؟ پر شيخ اياز مون کان وڏو شاعر آهي. هُو عمر ۾ به وڏو آهي، مطالعي ۾ به وڏو آهي. پڙهيل ڪڙهيل به وڏو آهي ۽ شاعر به وڏو آهي." وڌيڪ ٻڌايائين؛ "شيخ اياز منهنجي شاعري بابت جيڪو روبرو مون کي چيو، جي اهو جيئن جو تيئن لکان ته پاڻ پڏائڻ واري زمري ۾ اچي ويندو ۽ منهنجي رقيبن کي هڪ نئون موضوع ملي ويندو." ۱۹۵۵ع دوران، ون-يونٽ اندر، سنڌ کي ضم ڪيو ويو. سنڌ جي وڏيرن پيرن ۽ اسيمبلي ميمبرن ون-يونٽ جي حمايت ڪئي ته ٻئي طرف، سنڌ جو درد رکندڙ ماڻهن ۾، ٻين سميت، اُستاد بخاريءَ جي چپن تي، اندر جو اوٻر اجهو هيئن ظاهر ٿيو: ڳــــــاڙهــــا ڳوڙهــا هـــيڏهـــون، هوڏهـــــــن ڳاڙِهـــا ڳلَ هــــيڏهــــن ســـادا سُـــودڙا، هــــوڏانــــهـــن پِير پڙهـــيــل. هــــيڏهن ســــورج ساڙيا، هوڏانهــن پينگهه پلـــيل، هيڏانهن حامي ڪو نه ٿئي، هــــوڏانهن "دادا" دَلَ هـــيـــڏهـــن ڪــــارا قـــائـــدا، هـــوڏانـــهن جهل نه پل ڪهڙيءَ ڀر "اُستاد" آ، ڪنهن کي ڪهڙي ڪَلَ هــــيڏهــــن گـــــهـــوڙا گـــهل، مـــاريو مـــاريو هــــوڏنهن هڪ دفعي پڇيومانس؛ "جيڪڏهن شاعريءَ ۾ هڪ سٺي شاعر جو توهان کي نوبل پرائيز ملي ته ڪيئن ٿا ڀانيو؟" جواب ۾ چيائين؛ "مان ته هرگز هرگز 'نَوَبل پرائيز` جو انسان دشمن ڳٽ، پنهنجي ڳچيءَ ۾ ڪو نه وجهندس. مونکي ايتري بم بارود جي ڌپ ايندي جو منهنجو ساهه ٻوساٽجي ويندو! ڇاڪاڻ ته بم جو ايجاد ڪندڙ به ته نوبل ئي هيو. مون ته سڄي عُمر بم ۽ بارود جي خلاف لکيو ۽ شاعري ڪئي آهي." هڪ دفعي پنهنجي ٻاروتڻ جي يادن واري ڪتاب جو ورق ورائيندي ٻڌايائين؛ "ننڍڙو هوس ته رات جو سمهڻ وقت، مون کي سهرا يا گيت ٻڌڻ کانسواءِ ننڊ ڪو نه ايندي هئي. امڙ سانئڻ رات جو مون کي ننڊ ڪرائڻ خاطر سهرا ٻڌائيندي هئي. هڪ دفعي رات جو امان سانئڻ هڪ سهرو ٻڌايو. جنهن جا ٻول ڪجهه هن ريت هئا؛ آءٌ ٿــــي ڀــانـــيان، راڻل منهنجي راڄ سڏايو مان ٿي ڀانيان "پنهل" منهنجي راڄ سڏايو "امڙ سانئڻ مون کي گهر ۾ پنهل ڪري ڪوٺيندي هئي. الائي ڇو مون امان سانئڻ جي چپن تي پنهنجون آڱريون رکي پنهنجي مادري زبان سرائيڪي ۾ کيس چيو؛ "امان، اَي نه ڳاءِ، ميڪون ڊڄ پيا لڳدائي." راڄ رڳو خوشين ۽ شادمانن ۾ ته ڪو نه ايندو آهي. خدا نه ڪري ته ڪنهن گهر ۾ ڪو حادثي جهڙو واقعو برپا ٿيڻ تي ۽ گهر ۾ موتي فوتي ٿيڻ تي به ته راڄ ڪٺو ٿيندو آهي نه؟" مئي مهيني ۱۹۹۰ع جي ڳالهه آهي. آءٌ ڪراچيءَ جي انچولي بس اسٽاپ، نزد يوسف پلازه تي بس ۾ سوار ٿيڻ لاءِ بيٺو هوس. اوچتو صدر کان ايندڙ هڪ بس مان آواز آيو؛ "نذير! اتي بيهه!" ڏسان ته سنڌ جو معروف شاعر ۽ پبلشر، قاضي مقصود گل لٿو ۽ ٻڌايائين؛ "چڱو ٿيو جو هتي ملي وئين. اُستاد بخاريءَ جو تو لاءِ خاص نياپو آهي. ساڻس شاليمار هوٽل ڪينٽ اسٽيشن تي ملي وڃ، جو هُو لنڊن وڃڻ لاءِ تيار آهي." مون ڳوٺ وڃڻ جو ارادو بدلائي، سڌو ڪينٽ اسٽيشن ڏانهن رُخ رکيو. ڪائونٽر تان معلوم ڪري، سڌو ڪمري ۾ ويم. مون تي نظر پوڻ سان ئي چيائين؛ "هيڏي اچڻ کان اول، توکي فون ڪيم. خبر پئي ته تون سروهين ويجهو، رپڙيءَ ويل هُئين ۽ اُتان ڪراچيءَ وڃڻو آهين. ڏاڍو سٺو ٿيو، جو ملي وئين. سڀني پرين پيارن کان موڪلائي آيم پئي ته ذهن ۽ دل جي پردي تي تون نمودار ٿئين. توکان ريءَ موڪلائڻ، ڏاڍو موڳو ڪري ڇڏيو هو." لنڊن کان موٽيو ته ٻڌايائين؛ "اڃا هڪ دفعو ٻيهر وڃڻو پوندو" ٻيهر به ٿي آيو ته پڇيومانس؛ "ٻه دفعا لنڊن مان ٿي آيو آهين، ڪا خاص ڳالهه؟" چيائين؛ "اگهو ويو هيم، ڪاش سگهو وڃان ها. البته اُن ڏينهن دل وڏي ٿي وئي، جڏهن ڊاڪٽر انور هاليوپوٽي سان گڏجي، سنڌ جو نامور اديب جمال ابڙو پڇڻ آيو. الائي ڇو جمال ابڙو سان ملڻ وقت اکيون ڀرجي آيون. لڳو ته ڄڻ منهنجي گهر جو ڀاتي، هوائن جي رستي لنڊن هليو آيو آهي." پنهنجي والده جو هي سودائي ٻچڙو، هن دنيا ۾ بي چيني، بيقراريءَ ۽ تڙپ سان زندگي گهاريندڙ، ۹ آڪٽوبر ۱۹۹۲ع تي رات جو پاڻ سان سنڌ جا سُور، محبوبن جا ماڻا ٽاڻا، رقيبن جون نفرتون ۽ هزارين سوداءَ کڻي هيئن چئي هليو ويو؛ الائي ڇا ٿيندو هن خطي جو؟ مُئو اُستـــاد ٻـــڏتر ۾ وڃان ٿو. اڄوڪي سنڌ ۾ هر ڏهن ماڻهن کان پوءِ هڪ قافيه طراز، تڪبند ۽ متشاعر شخص آسانيءَ سان ملي ويندو. جڏھن ته هڪ موزون طبع، اصلي شاعر ۽ تڪبند مُتشاعر ۽ پراوا خيال ۽ شاعراڻا جملا چورائيندڙن جي وچ ۾ جيڪو فرق آهي سو اُستاد بخاريءَ جي شاعري پڙهڻ سان معلوم ٿي ويندو. اهلِ نظر، ان کان ناواقف به ناهن. اُستاد بخاريءَ کي پنهنجي شاعريءَ ۾ سنڌي چوڻين ۽ پهاڪن، تشبيهن ۽ استعارن کي استعمال ڪرڻ تي وڏي دسترس (مهارت) حاصل هئي. هن گهڻو تڻو سمورين صنفن تي لکيو آهي. هن جي ڪافين ۽ گيتن ۾ غزل جهڙو رنگ سمايل آهي. اُستاد بخاريءَ جي شعرن ۾ جيڪا وسعت ۽ شدت آهي، اُها ساراهڻ جوڳي آهي. عالمي شهرت يافته ناول نگار گابريل گارشيا مارڪيز، ٻئي ڪنهن لاءِ غم جو اظهار ڪندي جيڪي جملا چيا هيا، سي مان به هلڪي ۽ معمولي ڦير ڦار سان اُستاد بخاريءَ جي لاءِ هتي لکان ٿو؛ "اُن خوبصورتيءَ جو خاتمو ٿي ويو، جنهن ويهين صديءَ جي سنڌي شاعريءَ کي، پنهنجي منفرد، روانيءَ واري شاعراڻي انداز سان، هڪ طرف کان ٻئي طرف تائين، سيراب ڪيو!" استاد بخاري خبر ناهي ته ڇا ٿيندو خطي جو! پروفيسر نذير احمد سومرو ويهين صدي پڄاڻيءَ ڏانهن وڌڻ لاءِ، آخري ڏهاڪي جي ابتدائي سال ۾ قدم رکيو ته سنڌ سان تعلق رکندڙ بخاري ڀائر (اُستاد بخاري ۽ حاڪم علي شاهه بخاري) لنڊن جي اسپتال مان سنڌ ڏانهن اُسهڻ لاءِ آتا ويٺا هئا. ڪرام-ويل اسپتال جي ڊسچارج ٿيل مريضن جي ڪمري جي ڪنهن ڪُنڊ ۾ سنڌي ٻوليءَ جو رنگين ڪلام شاعر، اُستاد بخاري زندگيءَ جي پينگهه ۾ آس ۽ نراس جي وچ ۾ لڏي رهيو هو. وســــوســــو اڄ بــــه (ڀــــــي!) ٽـــــٽـــــل امـــــيــــــد تـــــي، دل جــي مــرضـــي، مـــون کـــي آهــــي اعـــتـــبــــار! حاڪم علي شاهه ڪاڳر هٿ ۾ کنيو، اُستاد جي معالج سان آخري ملاقات ڪري پڇي ٿو؛ ”وري ڪڏهن اچئون! توهان ته ڊسچارج ليٽر ۾ ٻارنهن مهينا لکيا آهن. ٻارنهن مهينن کان پوءِ اچئون ته ڪو فرق ته ڪو نه پوندو؟“ ڊاڪٽر پنهنجون اکيون کڻي نماڻائيءَ سان وراڻي ٿو: ”ٻارنهن مهينا؟... ٻارنهن مهينن جي اندر يا پوءِ، توهان کي لنڊن اچڻ جي ضرورت ئي ڪا نه پوندي. ڇاڪاڻ ته هي مريض اسين توهان کي مهمان طور ڏئي رهيا آهيون. مهرباني ڪري مريض کي ڪنهن به حالت ۾ نه ٻڌائجو... گُڊ باءِ!“ ڊاڪٽر جي زبان مان نڪتل لفظ، حاڪم علي شاهه جو اندر چيري ويا. هو ٿڙندو ٿاٻڙندو، ڳؤرن قدمن سان، انتهائي صبر جو مظاهرو ڪري، اُستاد جي ڀرسان اچي، ڳوڙها پي، چپن تي نقلي مُرڪ سجائي، ٻڌائيس ٿو: ”فڪر ڪرڻ دي ڪائي ڳالهه ڪانهي. ڊاڪٽر آکدا پئي ته تُسان ڪون هڪڙا دفعا ٻيهر لنڊن ٽيسٽ واسطي آوڻا پوئسي. اُهو به ٻارنهن مهيني ڪنون پِڇي.“ اُستاد بخاري پنهنجو ئي شعر جهونگاري ٿو: بــــجــــنــــســــي بــــاهــــه بَــــٺــــي آهــــي، مــــان چــــوان نــــه چــــوان حــــيــــاتــــي پــــوءِ بــــه مــــٺــــي آهــــي، مــــان چــــوان نــــه چــــــوان ڪـري پـئـي آڳ تـي ”مـاتـم“، تـڪـي پـئي ”عـيد“ اڳيان، ”بــــخــــاري“ زنــــدگــــي هــــيءَ آهــــي، مــــان چــــوان نـه چــــــوان ٻارنهن مهينا به نه ٿا گذرن، نئين ديري جي بازار ۾ ڪو ماڻهو ملي ٿو: ”ڳالهه ٻڌ! اُستاد بخاري سخت بيمار آهي. ڪالهه ڪجهه اديب دوست دادوءَ ويا هئا. پر اُستاد ڪو نه ملين.“ سندس باقي لفظ ڪو نه ٻڌم. اُتان ئي پويان پير ڪندو، اچي دادوءَ جي غريب آباد محلي ۾ ٽانگي تان لٿس. سامهون اُهو ساڳيو در نظر آيو، جنهن جي مٿان اُستاد بخاريءَ جو گهر جي تختي لڳل آهي. هي اُهو ساڳيو در آهي، جيڪو گهنٽي وڄائڻ تي، چپن تي مُرڪ آڻي، اندران اُستاد بخاري نڪري چوندو هو: ”اڄ ڀلا! ايڏي دير ڪيئه اچڻ ۾؟ هاڻي ته تنهنجو اوسيئڙو ختم ڪري مان به ٻاهر نڪرڻ وارو هيم. چڱو ٻه ٽي منٽ بيهه ته اچان ٿو.“ ڪا دير خاموشي ڇانئجي وڃي ٿي. دل چوي ٿي؛ ڄاڻ اُستاد ٻاهر نڪتو. ٻيهر ڌڙڪندڙ دل سان گهنٽيءَ جي بٽڻ تي آڱر رکان ٿو. ايتري ۾ پاڙي جي ڪا نينگري اُستاد جي گهر ۾ وڃي ٿي. چوانس ٿو؛ ”اُستاد کي ٻڌا ته نئون ديرو مان نذير سومرو آيو آهي.“ ڇوڪري اندر وڃي، گهر لڳ ڪمرو/ اوطاق کولي ٿي ۽ چوي ٿي؛ ”ٿوري دير لاءِ ويهو“. جهٽ رکي، ساڳي ڇوڪري مون کي ورانڊي مان وٺي، هڪ ڪمري جو در کولي ٿي. اندر وارو منظر ڏاڍو اُداس هو. هزارين ماڻهن کي مشاعرن ۾ پنهنجي شاعريءَ جي منڊ ۾ منڊيندڙ اُستاد هڏن جي مُٺ وڃي بچيو هو. هميشه جيان پذيرائي ڪندڙ اُستاد جسماني طور آجيان ڪرڻ کان لاچار هو. ان ڪري آءُ پاڻ، ساڻس ڀاڪر پائي مليم. جڏهن منهنجا ڳوڙها، سندس هٿن تي ڪريا ته چيائين؛ ”ادا سائين کي ايڏي وسعت نه ڏئي. پنهنجي ٽيپي کي ٽانڊو ته نه ڪر!“ سندس جسماني صحت کي ڏسي، اعتبار ئي نه پئي آيو ته اُستاد منهنجي آڏو ڊبل بيڊ تي ليٽيل آهي. سندس آواز ۽ اکين جي جوت ڏسي دل ۾ چوان ٿو؛ ”اُستاد ئي آهي.“ ڳالهين ڳالهين ۾ هندي فلم جي هڪ گاني جي هيءَ سٽ پڙهيائين: ”دُنيا مين ڪتنا غم هي، ميرا غم ڪتنا ڪم هي“ پوءِ چيائين؛ ”نذير! تون جلدي اُٿڻ جي نه ڪر. ڇاڪاڻ ته لڳي ٿو ته پنهنجي هيءَ آخري ملاقات آهي. وري ملڻ ٿئي الائي نه؟ اکين ۾ جوت به وڃي ٿي جهيڻي ٿيندي. حيرت آهي ته بُتن (حسينن) سان ملاقاتن جو شوق ۽ اشتياق دم ٽوڙي نه سگهيو آهي“. آلين اکين سان بي دليو ٿي کانئس موڪلائي ٻاهر نڪتم. رستي ۾ هر هر اهو خيال پئي آيو؛ ”ڇا اُستاد بخاري هن دنيا ۾ فقط چئن گهڙين جو مهمان آهي!“ اها سوچ ايندي ئي دل کي جهٻو پئي آيو ۽ اکيون ڀرجي پئي آيون. نائين ۽ ڏهين آڪٽوبر جي رات جو، ڪراچيءَ جي هڪ خانگي اسپتال ۾، ٽريفڪ جي سگنل جيان اڳ ۾ ڳاڙهي بتي ٻري ۽ پوءِ سائي. جنهن جي چمڪي سان سندس زندگي روان ٿي، الائي ڪهڙي گس کان موڙ کائي، ڪنهن هجوم ۾ گم ٿي وئي. فارسيءَ جي شاعر چواڻي؛ ”عدم جي راهه به ڪيڏي نه هموار آهي. جنهن به اُن تي قدم رکيو، وري پـٺتي ڪو نه نهاريو.“ اُستاد بخاريءَ جو شمار، سنڌ جي انهن اهم ۽ سٺن شاعرن ۾ ٿئي ٿو، جن پنهنجي فڪر ۽ فن جي اظهار لاءِ، شاعريءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي. سندس سموري شاعريءَ ۾، هڪ پاسي رومانوي جذبن جي فراواني آهي ته ٻئي پاسي زندگيءَ جي وحشي ۽ قهر آلود لمحن جو داستان آهي. اُستاد جو گيت هجي يا غزل، نظم هجي يا ڪافي، اُنهن ۾ زندگيءَ جا الڳ الڳ تجربا آهن. هن سنڌيءَ ٻوليءَ جي مانوس ۽ معروف لهجن کي، نين معنائن ۽ نين رمزن سان خوبصورت ۽ معنيٰ خيز بڻائي ڇڏيو آهي. خاص طور تي سندس نظم ۽ بيت، دوها ۽ وايون الڳ ڪيفيتن، انفراديت ۽ خوبصورت شعريت جا شاهڪار نمونا آهن. پنهنجي تجرباتي شعور کي پر اثر انداز ۾ ظاهر ڪرڻ اُستاد بخاريءَ جي هٿ وس هو. سندس شاعري، جتي پنهنجي دلڪش ترنم جي ڪري دلين کي فرحت ڏيندي هئي، اُتي هڪ عام ٻڌندڙ محسوس ڪندو هو ته اُستاد ته سندس ئي دلي اُڌمن ۽ جذبن جي ترجماني ڪري رهيو آهي. سنڌ جو ڪو به اهڙو ذڪر جوڳو مشاعرو ڪو نه آهي، جنهن ۾ اُستاد شرڪت نه ڪئي هجي ۽ پنهنجي دلنشين شاعريءَ ۽ پُرڪشش ۽ منفرد ترنم سان مشاعري کي مچايو نه هجي. اسٽيج تي سندس شعر پڙهڻ جو انداز ٻڌندڙن تي جادوءَ جو ڪم ڪندو هو. جڏهن کيس وڏن مشاعرن ۾ شعر پڙهڻ وقت، بي پناهه داد ملندو هو، تڏهن سندس همعصر شاعرن جي منهن جو پنو لهندي ڏٺم ! اهڙن ريسارن شاعرن کي ريس ڪندو ڏسي، دل ۾ دُعا گهرندو هيم ته اُستاد بخاريءَ کي (شل) زماني جي نظر نه لڳي! سنڌ ۾ ابتر حالتون ڏسي، پاڻ تڙپي پوندو هو ۽ چوندو هو؛ ”اسان سنڌين کي ڇا ٿيو جو اخلاقي ڏيوالپڻو اسان جو نشان ٿي ويو آهي.“ نئين نسل کي گمراهيءَ طرف وڌندو ڏسي چوندو هو؛ ”اسان جي قوم ڪُڪڙ قوم آهي ۽ ڪُڪڙن جيان هڪٻئي سان وڙهڻ ۾ پوري آهي.“ مٿان وري غيرن جا ڪٽڪ ۽ منشيات جو وڪرو عام جام. سنڌي سماج کي ڊانواڊول ٿيندو ڏسي، بي اختيار ٿي چيائين: ڏسيو وڻ وڻ کي، اوٿر ۾ وڃان ٿو، ڇڏي منڇر، ننڍي ڇر ۾ وڃان ٿو؛ خبر ناهي ته ڇا ٿـيـندو خـطـي جـو، مُــئــو استـــاد ٻُــڏتــر ۾ وڃـــان ٿو. اُستاد بخاريءَ جو وڇوڙو، حقيقت ۾ هڪ سٺي سنڌي رومانوي شاعريءَ جو وڏو سانحو آهي. سندس جُدائيءَ کان پوءِ، هتي ڪيترائي دلين کي ڏڪائيندڙ سانحا ٿيا. پاڻ زندهه هجي ها ته اُهي واقعا سندس دل کي ڌوڏي سندس سيني ۾ زلزلا آڻين ها. هو اُنهن کي شعرن جو روپ ڏئي ها. سندس موت جي ڪري، اسين سندس اهڙي پُر اثر شاعري ٻڌڻ ۽ پڙهڻ کان محروم رهجي وياسين. هو مُئو ڪٿي آهي! هُو ته زندهه آهي. پنهنجي ڪتابن ۾ ۽ اسانجي دلين ۾. آءُ هر روز اهو سوچيندو آهيان ته ڪنهن به موڪل واري ڏينهن، دادوءَ ويندم، غريب آباد پاڙي جي هن شاهڪار شاعري ڪندڙ شاعر اُستاد جي گهر جو در کڙڪائيندم. هو چپن تي مُرڪ آڻي ٻاهر اچي چوندو؛ ”ڇو ڀلا ايڏي دير ڪيئه اچڻ ۾؟“ (ٽه ماهي مهراڻ، سرءُ ۲۰۰۵ تان ٿورن سان کنيل) استاد بخاري سنڌ جو لافاني شاعر ابراهيم لاشاري هر سال جيان ۱۶ جنوري جي تاريخ اهڙو ته خوشين جو موقعو کڻي ايندي آهي جو هن تاريخ تي رب سائين سنڌ ڌرتي تي هڪ حساس طبيعت جي نماڻي عوامي رنگ سان سرشار ٿيل شاعر کي سيد حاجن شاهه جي گهر ۾ پيدا ڪيو جنهن جو والدين (ڇٺي) جو نالو پنهل شاهه رکيو هو جنهن کي سڀئي گهر وارا پيار منجهان (عرسو) جي نالي سان سڏيندا هئا پر جڏهن استاد بخاري نصابي تعليم جي وهي کي رسيو ته سندس والد صاحب کيس اسڪول ۾ داخل ڪرايو جتي سندس والد صاحب خوشي منجهان پتاشا ورهائي سندس احمد شاهه نالو لکرايائينس. سيد احمد شاهه بخاري ولد سيد حاجن شاه بخاري جي گهر کان ۱۶جنوري ۱۹۳۰ع خميس ڏينهن هن جهان ۾ اک کولي سندس ننڍ پڻ ۾ سندس پيءُ حاجن شاهه ِسيد جي جهوپڙي منجهه قديم زماني جا قصا، ڪهاڻيون، تاريخي واقعا ٻڌائي ذهن کي روشناس پيو ڪندو هو. ٻئي طرف سندس جيجل امڙ وري پنهنجي مٺڙي زبان سان مذهبي پرچار پئي ڪندي هئي، عمده ۽ شاندار تربيت والد جي صلاحن، امڙ جي دعائن استاد بخاري جي زندگي تي بهترين اثر ڇڏيو. استاد بخاري ۱۹۴۴ع ڌاري سنڌي فائنل پاس ڪري سال ۱۹۴۶ع ڌاري پهريان روينيو کاتي ۾ تپيدار جي نوڪري ڪرڻ لڳو پر اها نوڪري سندس طبعيت کي ڀانءِ نه پئي، جلد ئي ان نوڪري منجهان هٿ ڪڍي .تڪڙو ئي۱۹۴۷ ع ڌاري پرائمري استاد جي حيثيت سان تعليم کاتي سان سلهاڙجي پڙهائڻ لڳو. انهن ئي ڏينهن ۱۹۶۱ع ۾ مئٽرڪ ۽ ۱۹۶۳ع ڌاري انٽر، بي اي، جا امتحان خانگي طور سٺن نمبرن ۾ پاس ڪيائين ۽ وري استاد بخاري تعليم ۾ هڪ وک اڳتي وڌائيندي ۱۹۶۴ع ڌاري سنڌ يونيورسٽي مان (سنڌي ادب ۾ ايم اي) ڪيائين. پاڻ لاڳيتو ٻارهن سال پرائمري استاد ۽ ڇهه سال انگريزي استاد طور خدمتون سرانجام ڏيندي نظر آيو سال ۱۹۶۷ع ڌاري استاد بخاري گورنمنٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ سنڌي شعبي ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. اهڙي ريت استاد بخاري لاڙڪاڻو، سانگهڙ، دادو ۽ سيوهڻ ڪاليجن ۾ ليڪچرر ٿي رهي آخر ۾ دادو ڊگري ڪاليج مان اسسٽنٽ پروفيسر جي عهدي تان رٽائرمينٽ ورتائين. استاد بخاري پاڻ سنڌي ٻولي جو محبوب بهترين شاعر ۽ سندس شمار جديد شاعرن جي صف ۾ سڀني کان مٿي ٿئي ٿو. سندس دل دردن سان ڀريل هئي، استاد بخاري جي شاعري جي هر صنف هر موضوع سان سرشار لڳي پئي آهي استاد بخاري سونهن ۽ درد جي ڳالهه ڪهڙي نه سهڻي نموني شاعري وسيلي ڪئي آهي پاڻ چوي ٿو ته:. تنهنجي تڪ تيز نگاهن کان بچو ڪو ڪونهي ڇو ته هر تير لڳو ٺيڪ گٿو ڪو ڪونهي، عشق جي آڳ ڪچهري کي بنايو آوي، جو هتي آ سو پڪو آهه ڪچو ڪو ڪونهي، سونهن ۽ نينهن جي سڀ ڪنهن کي سڃاڻپ آهي، ايترو يار صفا ٺوپ انڌو ڪو ڪونهي. ڪو ٻري پيو ڪو ڳري پيو ڪو ڀري پيو آهون ، تنهنجي پاڙي ۾ سڄي رات ستو ڪو ڪونهي . عشق جو آند نه ڪو پاند ٻڌون ٿا استاد، سونهن جي ذات نه ڪا پات پتو ڪو ڪونهي. سندس پهريون تخلص سندس نالو احمد شاهه هو پوءِ (آسي) ان بعد (دردي) ۽ (بخاري) به استعمال ڪيائين، پر پوءِ جلدي پاڻ کي (استاد) سڏرايائين. سندس اصل سڃاڻپ ئي يعني (استاد) تخلص سان ٿي ۽ سڄي سنڌ ۾ هن مشهوري ماڻي. سندس شاعري جو لفظ لفظ غزل گيتن، محبت ،درد، پيار، امن، خوشحالي، جدوجهد ترقي جي پيغام سان ڀريو پيو آهي، استاد بخاري شاعري جي ابتدا شاگردي واري زماني ۾ ڪئي جڏهن هو اڃا پنجين ڪلاس جي تعليم حاصل ڪري رهيو هو. استاد بخاري ننڍي هوندي تمام ذهين هوندو هو اسڪول جي شاگردن ۾ به نمبر اول تي هوندو هو. جڏهن اسڪول جي اسيمبلي جو گهنڊ وڄندو هو ته پنهنجي مٺڙي مڌر آواز سان گيت هروز پيو چوندو هو. سندس ڳائڻ سان به بيحد دلچسپي هوندي هئي ۽ هڪ موسيقار جي حيثيت سان سڃاتو ويندو هوپاڻ گها گهر، يڪتارو، مٽ نهايت بهترين نموني سان وڄائڻ ڄاڻيندو هو. ان وقت جي مشهور مقبول شاعرن جي شاعري جا آلاپ پيو ورجائيندو هو. اڪثر استاد سڳورا سندس اسڪول بند ٿيڻ مهل يا وري رسيس جي مهل ڪجهه ٻول ٻڌائڻ لاءِاستاد بخاري کي فرمائش ڪندا هئا. ائين ئي سندس دل ۾ شاعري ڪرڻ جا اڌما پيا ايندا هئا ۽ پوءِ ائين شاعري ڪرڻ جو شوق جاڳيس ۱۹۴۷ عيسوي ۾ پرائمري استاد ٿيڻ جي حيثت ۾ باقاعده شاعري ڪرڻ شروع ڪيائين انهي زماني۾ ئي پنهنجو تخلص (استاد) رکيائين ۽ ان زماني کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ادبي نالي (استاد بخاري ) سان ڏيهان ڏيهه مشهور ٿيو، استاد بخاري پنهنجي شاعري جي شروعات شاگردي واري زماني ۾ ڪري چڪو هو پر علمي ادبي سرگرمين ۾ ڀرپور نموني حصو وٺڻ جو موقعو کيس ۱۹۵۰/۵۱ ۾مليو. جڏهن پاڻ مٺياڻي ٽريننگ ڪاليج مان تربيت پئي ورتي هئائين. ۱۹۵۰ع واري زماني کان وٺي گهوٽڪي مشاعرن ۾ پئي حصو ورتائين. استاد بخاري سدائين متحرڪ رهيو .سنڌ جي ڪنهن به شهر وستي واهڻ ۾ ڪو به مشاعري جي دعوت استاد بخاري کي ڏيندو هو ته هو اتي وڃي پهچندو هيوس. استاد بخاري بزم طالب المولي انجمن ،آفتاب ادب ۽ سنڌي ادبي سنگت پاران ڪوٺايل مشاعرن وغيره ۾ حصو وٺڻ سان گڏوگڏ ريڊيو ۽ ٽي وي تي مشاعرن يا وري بزرگن جي ميلن تي ٿيندڙ مشاعرن ۾ پڻ حصو وٺندو هو ۽ پنهنجي خوبصورت شاعري پيش ڪري داد پيو حاصل ڪندو هو. استاد بخاري پنهنجي زبان سان چوي ٿو ته:. دوست ڪيا سين دلداري لاءِ ڪن ٿا دل آزا ري، چنڊ جهڪيو هو جن قدمن تي چوٽ لڳي ڪاپاري، ڪوئل ڏئي ويس بلبل ڏي ويس پرواني ڏي ويس، جنهن جنهن وٽ ويس تنهن تنهن وٽ آ زاري زاري زاري، تنهنجو منهنجو ناتو رشتو ، شايد موت ڇني، هي ياري هڪ ٻي ياري آ، ناهي ماڻهن واري، اوکي بازي الفت واري ، پياري ۽ نياري، هي جن جيتي تن به نه جيتي ، هارين ناهي هاري، پيار جي عيوض پيار گهرين ٿو ، حيف اٿئي استاد، عاشق ناهين ڄڻ ڪو آهين، يار وڏو واپاري، استاد بخاري صاحب ڪيترا ئي ڪتاب لکيا ۽ انهن جا مهاڳ پڻ لکيا. استاد بخاري هڪ سادو انسان هو سندس شاعري ۾ به سادي ٻولي نروار نموني سان جاءِ بجاءِ ملي ٿي، جنهن پنهنجي شاعري وسيلي سڄي سنڌ جي ماڻهن جي احساسن جي ترجماني پڻ ڪئي آهي پهريان پهريان استاد بخاري جي شاعري غزلن ۽ ڪافين تي مبني هوندي هئي جيڪا ٽماهي رسالي (مهراڻ) ۾ پئي ڇپبي هئي. ان وقت عالم اديب مولانا غلام محمد گرامي صاحب مهراڻ رسالي جي تسلسل سان سندس شاعري ڇپائڻ ۾ حوصلي افزائي پڻ ڪئي، پوءِ وقت گذڙڻ سان گڏوگڏ آهستي آهستي سندس شاعري ۾ پختگي ايندي وئي استاد بخاري شعر جي مختلف موضوعن جهڙوڪ وائي، بيت نظم، ڏوهيڙو، رباعي، قطع ،ٽيڙو ۽ آزاد نظم وغيره ۾ به ان وقت طبع آزمائي ڪرڻ لڳو. شعر جي ٻاهرين صنفن جهڙوڪ سانيٽ، ترائيل ۽ هائڪو ۾ به استاد پنهنجو مٽ پاڻ هو ۽ جهجهي انداز ۾ شعر چيائين. استاد بخاري سچ ۽ پيار جو شاعر هو. سندس شاعري نج سنڌي لفظن سا ٽمٽار آهي اڪثر شاعري تشبيهن ۽ استعارن ۾ ٿيل آهي، کيس (استعارن جو بادشاهه) چئجي ته ان ۾ ڪو وڌاءِ نه ٿيندو. سادي ٻولي ۾ پنهنجون تشبيهون پنهنجا استعارا جنهن ۾ سنڌ امڙ جي چيڪي مٽي جو هڳاءَ هو، استاد بخاري جي شاعري رومانوي به هئي ته قومي به سندس قومي شاعري نوجوان وڏي حب منجهان ڳائيندا آهن. استاد بخاري جي شاعري جو محور سنڌ ۽ سونهن هئي، استاد بخاري شاعرن منجهه سمورن خوبين جو مالڪ هو، استاد بخاري سونهن جو پوڄاري هو، استاد بخاري جي شاعري عشق ۽ قوميت سان ڀري پئي آهي استاد بخاري پنهنجي سونهن محبت ۽ پيار ڀري شاعري وسيلي نوان جذبا نئين آٿت ڏئي قوم ۾ اتساهه پيدا ڪيو، انهن کي پنهنجي حق وٺڻ لاءِ راهه ڏيکاري ۽ پنهجي شاعري وارن ٻولن ۾ صلاح تو ڏئي ته : سون بازار مان ڳنهي وٺبو آ ، فيض مرشد کان پني وٺبو آ، جو سمجهو ته اوهان جو حق آ، حق مڙسي سان ڇني وٺبو آ، استاد بخاري سونهن جو شيدائي ۽ پيار جو فدائي هو هن پنهجي شاعري ۾ سونهن پيار کي امرتا بخشي هئي. استاد بخاري کي سنڌ ڌرتي جي سٻاجهڙن ماروئڙن سان بي لو ث محبت هئي. جنهن کي هو عبادت سمجهندو هو . جنهن جو اظهار هن پنهنجي شاعري وسيلي پڻ ڪيو پاڻ چوي ٿو ته:. پڇن ٿا سنڌ ۽ سنڌين جي ڇو تسبيح پيو سورين. چيم هڻي پڇاڙي آ، عبادت جي ضرورت آ. سندس شاعري جا ۲۵ کان مٿي مجموعا ڇپيل آهن. جن ۾ ڪوڪڻ يا ڪلياڻ، گيت اسان جا جيت اسان جي، اوتون جوتون، لهر لهر درياهه سوچون ڀڻڪا واڪا، ڪاري ڪڪر هيٺ، ڌرتي سرتي، نه ڪم نبريو نه غم نبريو، زندگي او زندگي، ولولو ۽ ووڪ، ميلا ملهالا، لهر لهر لالاڻ ،وطن ۽ ويساهه، ڳائي پيو جاڳي پيو، ماندي ٿي نه مارئي، هڙئي هيج وطن جا، تڙ تڙ تيڏيان ڳالهيان، گهڙيا سي چڙهيا، گلدستي ۾ گيت وغيره سندس ٻيو ڪافي اهڙو ڪلام جيڪوشعري مجموعن ۾ نه ڇپجي سگهيو آهي اهو مختلف اخباري رسالن ۾ ٽريل پکڙيل آهي ان سان گڏ ڪري ڇپائڻ جي ضرورت آهي، زندگي جي آخري حصي منجهه هن عظيم شاعر استاد بخاري کي بلڊ ڪينسر جي بيماري وڪوڙي وئي، پاڻ علاج واسطي ٻاهرين ملڪ برطانيا جي شهر لنڊن ما بلڊ ٽرانفريشن ڪرائڻ به ويو هو، ليڪن بيماري بستري تي سمهاري موت سندس وڌيڪ هن عظيم شاعر کي جيئڻ نه ڇڏيو آخر ڪار استاد بخاري هزارين چاهيندڙن کي هميشه هميشه لاءِ الوداع چئي شام جو ۹ آڪٽوبر ۱۹۹۲ع جمعي ڏينهن هجري سن مطابق ۱۱ ربيع الاخر ۱۴۱۳هه تي ڪراچي ۾ ۶۲ سال ۸ مهينا ۲۳ ڏينهن زندگي جا گذاري سنڌي شاعرن ۽ اهل قلم وارن کان موڪلائي لاءِ راهه رباني وڃي، مالڪ حقيقي سان مليو، سندس مرئتي جي خبر پوندي، سڄي سنڌ سوڳوار بڻجي وئي استاد بخاري هن زماني جو وڏي مان وڏو عوامي شاعر هو سندس شاعري وارن لفظن کي اڄ تائين جهر جهنگ ۾ ترنم سان ڳايو وڃي ٿو اڄ سڄي سنڌ ۾ سندس جنم ڏينهن، ۸۸ سالگرهه، نهايت عقيدت سان ملهائي ويندي، سنڌ جا سڀئي اديب سندس شاعري، شخصيت ۽ فن، فڪر تي روشني وجهندا. استاد بخاري ”زندگي تي ناهي ڪوئي ڀروسو، حسن کي پوڄي وٺو پوڄي وٺو“ ابراهيم لاشاري سونهاري سنڌ جيڪا صدين کان قدرت جي سمورن رنگن سان مالا مال لڳي پئي آهي هي ڌرتي جيڪا ولين، بزرگن، شاعرن، درويشن جو ديس سڏيو وڃي ٿي هن ڌرتي ڪيترن ئي ڏاهن علم جي اڪابرن کي وقت به وقت پنهنجي گود ۾ جنم پئي ڏنو آهي جن پنهنجي حصي جي ڪيل ڪمن ذريعي پنهنجو پنهنجي ڌرتي جو نالو هن سڄي ڏيهه ۾ جرڪائڻ ۾ ڪا ڪم ناهي ڇڏي اهڙي ريت وادي مهراڻ جي ڌرتي کي اهيو اعزاز پڻ حاصل آهي ته هن دنيا جي وڏي عظيم شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح، شيخ اياز ۽ سنڌ جي اربيلي شاعر استاد بخاري کي پنهنجي سيني تي جنم ڏنو. جن شاعري وسيلي پنهنجي من جو آواز ڪڍي پنهنجي معاشري جي ترجماني پڻ ڪئي آهي استاد بخاري جنهن جي گيتن، غزلن، نظمن جي گونجارسنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪيترن ئي سالن کان پکڙيل رهي آهي. سيد احمد شاه بخاري ولد سيد حاجن شاهه بخاري جي گهر کان ۱۶جنوري ۱۹۳۰ع خميس ڏينهن پنهنجي زندگي جو سفر ڳوٺ غلام محمد چانڊيي کان شروع ڪيو. جنهن جو والدين آذان (ڇٺي) جو نالو پنهل شاهه رکيو هو، سندس مٺڙي امڙ وري پيار منجهان (عرسو) جي نالي سان سڏيندي هئي جڏهن استاد بخاري پڙهڻ جي عمر (وهي) تي پهتو ته سال ۱۹۳۶ع ڌاري سندس والد صاحب اسڪول جي محنتي ۽ شفيق استاد (خدابخش کٽي) وٽ اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ ويهاريو تنهن زماني ۾ اسڪول جو هيڊ ماستر محمد حسن ڪوري هو اسڪول ۾ داخل ڪرائڻ وقت سندس والد صاحب پتاشا ورهائي (احمد شاهه) نالو لکرايائينس. استاد بخاري جا والدين ايترا گهڻا پڙهيل لکيل ته نه هئا. پر استاد بخاري جي سار سنڀال تمام بهتر نموني سان ڪيائون، ننڍ پڻ ۾ سندس پيءُ قديم زماني جا قصا، ڪهاڻيون، تاريخي واقعا ٻڌائي سندس ذهن کي روشناس پيو ڪندو هو. ٻئي طرف سندس جيجل امڙ وري پنهنجي مٺڙي زبان سان مذهبي پرچار پئي ڪندي هئي، عمده ۽ شاندار تربيت والد جي صلاحن، امڙ جي دعائن استاد بخاري جي زندگي تي بهترين اثر ڇڏيو. استاد بخاري ۱۹۴۴ع ڌاري سنڌي فائنل پاس ڪري سال ۱۹۴۶ع ڌاري پهريان روينيو کاتي ۾ تپيدار جي نوڪري ڪرڻ لڳو پر اها نوڪري سندس طبيعت کي ڀانءِ نه پئي جلد ئي ان نوڪري منجهان هٿ ڪڍي . ستت ئي۱۹۴۷ ع ڌاري پرائمري ٽيچر جي حيثيت سان تعليم کاتي سان سلهاڙجي استاد بڻجي ويو. استاد بخاري سنڌ جي عوامي ۽ قومي شاعر طور مڃتا ماڻي، هو ڪنهن هڪ خطي يا طبقي جو نه پر سڄي سونهن ڀري سنڌ جو عوامي نمائندو شاعر هو. ۽ ائين کڻي چئجي ته استاد بخاري سڀني جو شاعر هو، سندس دل دردن سا ڀريل هئي استاد بخاري جي شاعري جي هر صنف هر موضوع سان ٽم ٽار لڳي پئي آهي استاد بخاري سونهن ۽ درد جي ڳالهه ڪهڙي نه سهڻي نموني شاعري وسيلي ڪئي آهي پاڻ چوي ٿو ته :. تنهنجي تڪ تيز نگاهن کان بچو ڪو ڪونهي، ڇو ته هر تير لڳو ٺيڪ نشاني تي گٿو ڪو ڪونهي، سندس پهريون (تخلص) آسي ان بعد (دردي) استعمال ڪيائين، پر پوءِ جلدي پاڻ کي (استاد) سڏرايائين. سندس اصل سڃاڻپ ئي يعني (استاد) تخلص سان ٿي ۽ سڄي سنڌ ۾ مشهوري ماڻي. استاد بخاري واقعي پوري قوم جو سجاڳ استاد هو. سندس شاعري جو لفظ لفظ غزل گيتن، محبت، درد، پيار، امن، خوشحالي، جدوجهد ترقي جي پيغام سان ڀريو پيو آهي، استاد بخاري شاعري جي ابتدا شاگردي واري زماني ۾ ڪئي جڏهن هو اڃان پنجين ڪلاس جي تعليم حاصل ڪري رهيو هو. پوءِ ائين شاعري ڪرڻ جو شوق جاڳيس ۱۹۴۷ ع ۾ پرائمري استاد ٿيڻ جي حيثت ۾ باقاعدي شاعري ڪرڻ شروع ڪيائين انهي زماني۾ ئي پنهنجو تخلص (استاد) رکيائين ۽ ان زماني کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ادبي نالي (استاد بخاري) سان ڏيهان ڏيهه مشهور ٿيو، استاد بخاري پنهنجي شاعري جي شروعات شاگردي واري زماني ڪري چڪو هو ليڪن علمي ادبي سرگرمين ۾ ڀرپور نموني بهرو وٺڻ لاءِ ۱۹۵۰/۵۱ ۾مليو. جڏهن پاڻ مٺياڻي ٽريننگ ڪاليج مان تربيت پئي ورتي ۱۹۵۰ع واري زماني کان وٺي گهڻي ڀاڱي مشاعرن ۾ پئي حصو ورتائين. استاد بخاري سدائين متحرڪ رهيو. سنڌ جي ڪنهن به شهر وستي واهڻ ۾ ڪو به مشاعري جي دعوت استاد بخاري کي ڏيندو هو ته اتي وڃي پهچندو هيس. پاڻ بزم طالب المولي انجمن، آفتاب ادب ۽ سنڌي ادبي سنگت پاران ڪوٺايل مشاعرن وغيره ۾ حصو وٺڻ سان گڏوگڏ ريڊيو ۽ ٽي وي تي مشاعرن يا وري بزرگن جي ميلن تي ٿيندڙ مشاعرن ۾ پڻ حصو وٺندو هو ۽ پنهنجي خوبصورت شاعري پيش ڪري استادن کان داد پيو حاصل ڪندو هو. استاد بخاري پنهنجي زبان سان چوي ٿو ته دوست ڪيا سين دلداري لاءِ ڪن ٿا دل آزا ري، چنڊ جهڪيو هو جن قدمن تي چوٽ لڳي ڪاپاري، استاد بخاري صاحب ڪيترا ئي ڪتاب لکيا ۽ انهن جا مهاڳ پڻ لکيا. استاد بخاري به لطيف سائين جيان پنهنجي شاعري وانگر عوامي ۽ سادي ٻولي اختيار ڪئي آهي سندس شاعري سلاست ۽ بلاغت جي سونهن سان ٽمٽار لڳي پئي آهي پنهنجني شاعري وسيلي سڄي سنڌ جي ماڻهن جي احساسن جي ترجماني پڻ ڪئي آهي پهريان پهريان استاد بخاري جي شاعري غزلن ۽ ڪافين تي مبني هوندي هئي جيڪا اڪثر ٽماهي رسالي (مهراڻ) ۾ پئي ڇپبي هئي. ان وقت عالم اديب مولانا غلام محمد گرامي صاحب مهراڻ رسالي جي تسلسل سان شاعري ڇپائڻ ۾ حوصلي افزائي پڻ ڪئي، پوءِ وقت گذرڻ سان گڏوگڏ آهستي آهستي سندس شاعري ۾ پختگي ايندي وئي استاد بخاري شعر جي مختلف موضوعن جهڙوڪ وائي، بيت نظم، ڏوهيڙو، رباعي، قطع، ٽيڙو ۽ آزاد نظم وغيره ۾ به ان وقت طبع آزمائي ڪرڻ لڳو.شعر جي ٻاهرين صنفن جهڙوڪ سانيٽ، ترائيل ۽ هائڪو ۾ به استاد پنهنجو مٽ پاڻ هو ۽ جهجهي انداز ۾ ٻٽو شعر چيائين. استاد بخاري سچ ۽ پيار جو شاعر هو. سندس شاعري نج سنڌي لفظن سا ٽمٽار آهي اڪثر شاعري ۾ تشبيهه ۽ استعارن ۾ ٿيل آهي سندس کي (استعارن جو بادشاهه) چئجي ته ان ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. سادي ٻولي ۾ پنهنجون تشبيهون پنهنجا استعارا جنهن ۾ سنڌ امڙ جي چيڪي مٽي جو هڳاءِ هو استاد بخاري جي شاعري رومانوي به هئي ته قومي به سندس قومي شاعري نوجوان وڏي حب منجهان ڳائيندا آهن. استاد بخاري جي شاعري جو محور سنڌ ۽ سونهن هئي. استاد بخاري، شاعرن منجهه سمورين خوبين جو مالڪ هو. استاد بخاري هڪ ته سونهن جو پوڄاري ٻيو سنڌ يار هو. هڪ سونهن جو پوڄاري ٻيو سنڌ يار آهي، تعريف تنهجي سون کان پڌري ٿي نه ٿي سگهي، توڙي جو پاڻ تو به چيو ٿي وڌاءِ آهي. استاد کي پهاڙ نه سمجهو جي سمجهو ٿا، چوٽي تي برف آهي اندر ۾ الاءُ آهي. استاد بخاري جي شاعري عشق ۽ قوميت سان ڀري پئي آهي استاد بخاري پنهنجي سونهن محبت ۽ پيار ڀري شاعري وسيلي نوان جذبا نئين آٿت ڏئي قوم ۾ اتساه پيدا ڪيو انهن کي پنهنجي حق وٺڻ لاءِ راه ڏيکاري ۽ پنهجي شاعري وارن ٻولن ۾ صلاح ٿو ڏي ته: سون بازار مان ڳنھي وٺبو آ. فيض مرشد کان پني وٺبو آ. جو سمجهي ته اوهان جو حق آ، حق مڙسيءَ سان ڇني وٺبو آهي. هو ڌرتيءَ سان ڪميٽيڊ شاعر هو استاد بخاري وطن دوست شاعر هو. اسين جڏهن به استاد بخاري جي شاعري ڏانهن غور فڪرسان مطالعو ڪنداسين ته هو عوامي قومي شاعر طور نظر ايندو هو، نون توڙي پراڻن شاعر ۾ هڪ جيترو مقبول هو. سندس شاعري جا ۲۵ کان مٿي مجموعا ڇپيل آهن. جن ۾ ڪوڪڻ يا ڪلياڻ، گيت اسان جا جيت اسان جي، او تون جو تون، لهر لهر دريا، سوچون ڀڻڪا واڪا، ڪاري ڪڪر هيٺ، ڌرتي سرتي، نه ڪم نبريو نه غم نبريو، زندگي او زندگي، ولولو ۽ ووڪ، ميلا ملهالا، لهري لهري ۾ لالڻ، وطن ۽ ويساهه، ڳائي پيو جاڳي پيو، ماندي ٿي نه مارئي، هڙئي ئي هيج وطن جا، تڙتڙ تيڏيان ڳالهيان، گهڙيا سي چڙهيا، گلدستي ۾ گيت وغيره. سندس ٻيو ڪافي اهڙو ڪلام جيڪو شعري مجموعن ۾ نه ڇپجي سگهيو آهي اهو مختلف اخباري رسالن ۾ ٽڙيل پکڙيل آهي ان سان گڏ ڪري ڇپائڻ جي ضرورت آهي، زندگي جي آخري حصي منجهه هن عظيم شاعر استاد بخاري کي بلڊ ڪينسر جي بيماري وڪوڙي وئي، پاڻ علاج واسطي ٻاهرين ملڪ برطانيه جي شهر لنڊن مان بلڊ ٽرانفريشن ڪرائڻ به ويو هو، ليڪن بيماري بستري تي سمهاري ڇڏيو موت جو راڪاس سندس حياتيءَ مٿان ٽڪ ٻڌي بيٺو رهيو. آخر ڪار سڀ ڪنهن کي اوڏانهن ئي هلڻو آهي، استاد زبردست نموني ڪري ٻڌائي ٿو ته: . هڪ موت مئي جو ڀئهُ سهڻا، ٻيو تو مان نه ٿو ٿئي ڍءُ سهڻا. استاد بخاري هزارين چاهيندڙن کي هميشه هميشه لاءِ الوداع چئي شام جو ۹ آڪٽوبر ڪراچي ۾ سنڌي شاعرن ۽ اهل قلم وارن کان موڪلائي هميشه هميشه لاءِ راهه رباني ٿي ويو، سندس مرتئي جي خبر پوندي، سڄي سنڌ سوڳوار بڻجي وئي هينئرتائين به سندس شاعري ساڳي شوق ۽ چاهه سان پڙهي وڃي ٿي. اڄ سندس سڄي سنڌ ۾ ورسي ملهائي ويندي. سنڌ جا سڀئي اديب سندس فن ۽ فڪر تي روشني وجهندا. استاد بخاري ٻاٽ ۾ لاٽ ٻاريندڙ شاعر ادريس عاجز عباسي هن ڌرتيءَ تي اهڙا نيڪ انسان پيدا ٿيندا رهيا آهن جن انسان ذات کي سنوارڻ ۽ سڌارڻ لاءِ پنهنجون زندگيون وقف ڪري ڇڏيون. انهن امن ۽ پيار جو پيغام ڏنو. ميٺ محبت جو درس ڏيندڙ همٿ ۽ حوصلو ڏياريو. اهڙا سچا انسان، معاشري ۾ اعليٰ مقام رکن ٿا ۽ پنهنجي قوم جي سڃاڻپ بڻجن ٿا. شاهه ڀٽائيءَ کي ڏسو، جنهن سنڌي قوم جو ڳاٽ اوچو رکيو ۽ سنڌي ٻولي بچايائين. ان مان ثابت ٿيو ته پنهنجي قومي سڃاڻپ برقرا رکڻ لاءِ، شاعرن اديبن جو هجڻ تمام ضروري آهي. شاهه، سچل کان پوءِ سنڌ ۾ کوڙ سارا شاعر پيدا ٿيا، جن هن سماج جي هر عنصر تي پنهنجي منفرد رنگ ۽ ڍنگ سان لکيو. استاد بخاري به هڪ اهڙو ئي نانءُ آهي، جنهن ٻاٽ ۾ لاٽ ٻاري نئون سج اُڀارڻ جو جتن ڪيو. کيس سنڌي قوم جي پيڙائن جو پورو پورو احساس هو. جيو ۽ جيئڻ ڏيو جا سبق پڙهائيندڙ استاد، سوچيندو هو ته خلائي دور جو لکيو پڙهيو انسان، وحشي ڇو هجي؟ پاڻ نهايت سولڙي ٻولي ۾ چوي ٿو ته: بهشت ڀونءِ بڻايو، جيو ۽ جيئڻ ڏيو، جهان کي نه جلايو، جيو ۽ جيئڻ ڏيو، جوان لاش تي روئن ونيون، اميون ۽ ڀيڻون، حسين مرڪ بچايو، جيو ۽ جيئڻ ڏيو. ترقي پسند سوچ ئي مزاحمتي اظهار جو وڏو سبب آهي. جنهنڪري شاعر ۽ اديب، قومي شعور سان، سگهاريون سٽون سرجي، ستل لوڪ کي جاڳائيندا آهن. هونئن به سياستدانن جي ڊگهي تقرير کان، شاعر جي هڪ سٽ ئي ڪارائتي هوندي آهي. جنهن ۾ غريبن جي حقن جي ڳالهه ڪيل هجي، استاد بخاريءَ جي شاعري به ڏتڙيل ۽ ڏکايل معاشري کي آٿت بخشي ٿي. ڇاڪاڻ جو استاد ٻين جي درد کي پنهنجو درد سمجهي ٿو. سامان تباهيءَ تي ڪروڙين رقمون، خرچن ٿيون خوشيءَ سان ڌڙاڌڙ قومون، گولين ۽ بمن لاءِ خزانا کليل، ڪو ڏوهه ڪيو آهي فقط تو ۽ مون! سائين جي ايم سيد، زندگي جي پوئين سالن ۾ ڪراچيءَ جي تاج محل هوٽل ۾ تقرير ڪندي چيو هو ته؛ ”سنڌ کي آزاد ڪرڻو اٿوَ ته اخلاق سڌاريو. پاڻ ۾ ٽڪرا ٽڪرا نه ٿيو. مِڙي مُٺ ٿيو. سڀني پيغمبرن به اخلاق تي زور ڏنو آهي. جيڪو چئو سو ڪري ڏيکاريو ۽ پاڻ توڙي ٻين ۾ قومي شعور پيدا ڪريو.“ جڏهن استاد جي شاعري پڙهون ٿا ته اسان کي استاد جي سموري شاعريءَ ۾ رهبر سنڌ سائين جي ايم سي وارو فڪر جهلڪندڙ نظر اچي ٿو. ڇاڪاڻ ته استاد به ساڳئي منزل جو پانڌيئڙو هو ۽ سنڌ جي حقيقي عاشقن ۾ نانءُ لکيو هئائين. هڪ هنڌ لکي ٿو ته: ڪو به ڪڙمي ڪنجهي، ڪو به مانجهي منجهي، منهنجي لونءُ لونءُ لنجهي، ڏک سڄي ڏيهه جو، ڏيج مون کي ڏجو، منهنجو نالو لکي ها جڏهن ۽ جتي، ديس جي دنگ تي، جوٽڻي جوٽجي، مون کي منهنجي قبر مان به ڪوٺي نجو منهنجو نالو لکو ڀيڙ آهي، ڊگهي لسٽ آهي وڏي، وچ تي ناهي وٿي، ڪنهن نه ڪنهن ڪنڊ تي، سنڌ جا عاشقو منهنجو نالو لکو. استاد بخاري روايتي شاعريءَ کان وٺي، جديد سنڌي صنفن تي به گهڻو لکيو آهي. بنيادي طور استاد، بيت ۽ وائي جو شاعر آهي. سندس بيت، خون جگر ۾ ٻڏل نظر اچي ٿو. سسئيءَ جي باري ۾ چيل بيتن منجهان، هڪ بيت نموني طور ڏجي ٿو. مون لئه ماءُ مساڻ، ڀنڀور شهر ڀنڀور جو، جيجل جانب ريءَ، ڪريان ڪنهن سان روح رهاڻ، تنهنجو راڄ تساڻ، منهنجو ڪاڄ ڪوهيار ۾. ميهر جي سهڻي، جيڪا مهراڻ جي موج ۾ ترندي به، موت کان نه ڊڄندي هئي، سا آخر ساهڙ سان گڏ منجھس سمائجي ويئي. اها سهڻي جنهن لاءِ شاهه ڀٽائي به چوي ٿو ته؛ ”ساهڙ سندو تن، گهاگهائي گهڙن جي.“ ان سهڻيءَ کي استاد به گهڻو ڳايو آهي. سهڻيءَ جي سڪ ۽ اڪير کي پنهنجي بيتن ۾ سهڻين تشبيحن سان هيئن ٿو لکي ته: تڏون ڪن تر تر اڻٽڻ سهڻي سوچ ۾ تارن جي جهر مر چر پر چاهت هانو ۾ جهڙي ريت شاهه سائين تتي ٿڌي ۾ ڪاهڻ جي صلاح ڏني آهي، ساڳي طرح استاد بخاري به پنهنجي سٽ سٽ ۾ پٺ تي نه هٽڻ ۽ اڳتي وڌڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، استاد جي قومي شاعري پڙهڻ سان قومي غيرت جاڳي پوي ٿي استاد وري وري چوي ٿو ته: يارو اڳتي وڌو، ڪجهه ته اڳتي وڌو پير پيا ٿو ڦٽيا، هانو پيو ٿو رڌو، ڪجهه ته اڳتي وڌو. جو هٽيو سو ڪٽيو، مومن کي آهي پتو، ڪجهه ته اڳتي وڌو. هي جو اجرڪ آ ويڙهيو پيو، تنهنکي ڦاڙي اڌو اڌ ڪريو. هڪڙو سر سان ڪفن ۽ ٻيو سندرو ٻڌو، ڪجهه ته اڳتي وڌو. سنڌي شاعرن ۾ شاهه، سچل، سامي، سرڪش، منشي، باغي، شيخ اياز ۽ نارائڻ کي جيڪڏهن پڙهبو ته انهن پنهنجي پنهنجي شاعري ۾ سنڌ ڌرتي جي قومي ڪردار کي گهڻو ساراهيو آهي. استاد بخاريءَ جي شاعري ۾ به اهڙن قومي هيرن جو ذڪر گهڻو تڻو اچي ٿو جن ۾ منصور، دودو، دريا خان، هوشو شيدي، هيمو ڪالاڻي، مخدوم بلاول شهيد، روپلو ڪولهي، ذوالفقار علي ڀٽو، پير پاڳارو وڏو ۽ ٻيا اهم ڪردار شامل آهن. جن نه جهڪڻ، سچ ۽ سنڌ تي سر ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي. استاد به ٻين قومي ڪردارن کي اٿينس جي سقراط ۽ عيسيٰ سان ڀيٽا ڏئي ٿو. جنهن مان هڪ زهر جو پيالو ڏوڪيو ته ٻيو صليب تي چڙهيو ۽ امر ٿي ويا. استاد پنهنجي شعر ۾ چوي ٿو ته: جو اٿيو ڳاٽو، اهو ناهي جهڪيو، دار تي رهندڙ، اھو ناهي جهڪيو، پنج کنڊ ۽ ست مها ساگر گواهه، ڀونءِ جو ٻيٽو، ڀٽو ناهي جهڪيو، انگ گهاڻي ۾ پيڙجن ۽ پيسن پيا، سنڌ جو عاشق سچو ناهي جهڪيو. سنڌ جو سر سمجهه کوسو ڪاپڙي، جو تنبو ڦاڙي لنگهيو ناهي جهڪيو. مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون ساٿيو، جو به هوشو چئي چڪو ناهي جهڪيو روپلو ڪولهي سلي ساٿي نٿو، آڱريون شعلو الو ناهي جهڪيو. لئمبرڪ لوڌون بڇيون ڦاهيون ٽنگيون، وير پاڳارو وڏو ناهي جهڪيو. تاريخ سنڌ جو مطالعو ڪرڻ سان اسان جو هانءُ ڏڪي وڃي ٿو. ڇاڪاڻ ته تاريخ جو ورق ورق ان ڳالهه جي شاهدي ڏئي ٿو ته اسان جي سنڌ ۾ ڪيڏا نه ڪلور ٿيا آهن. عظيم انسانن جون عزتون لٽيون ويون. هٿ ٺوڪي تاريخ لکندي، قاتل چٽا فاتح لکيا ويا. مطلب ته سونهاري سنڌ ۾، منڍ کان اڄ تائين، ڌارين جون يلغارون رهيون آهن. سنڌ لٽجندي رهي آهي. سنڌي ڦاهين تي چڙهندا رهيا آهن. انسانيت کي لڄائيندڙ اهڙا واقعا هر هڪ دل تي اثرانداز ٿين ٿا، پر شاعر ته اڃا به حساس دلين جا مالڪ هوندا آهن ۽ انهن جي دلين تي قومي درد اڃا گهرو اثر ڇڏيندو آهي. استاد به اهڙو ئي قومي شاعر آهي. جيڪو سنڌ جي سورن سببان روڳي بڻيو. زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺي به، استاد وقت جي نبض تي هٿ رکي، هڪ مفڪر جي حيثيت ۾ سوچي ٿو؛ ”ديس اندر ڪالهه ڇا ٿيو؟ سڀاڻي ڇا ٿيڻو آ ....؟؟“ ڇو ته استاد کي آئيندي جو اونو هو. پاڻ کي تاريخ اڳيان پيش ڪري، هيئن ٿو چوي ته: مون کان تاريخ پڇي ته ڪٿي بيٺو هان زندگي موت ٻِه-واٽو اتي بيٺو هان، ڇا ٿيو ڇا اڃا ٿيندو سو پتو ٿم، ڇو جو وقت جي نبض تي هٿ پنهنجو رکي بيٺو هان. مٿئين ڪلاس جا ماڻهو پنهنجا ناتا زردار ماڻهن سان ئي جوڙيندا آهن. جن وٽ بي انداز دولت هجي، گاڏيون هجن، بنگلا هجن ۽ زماني جي هر عياشي هجي. وچين ڪلاس جا ماڻهو وري پنهنجو غم ٽارڻ لاءِ ڪو راهه رفيق ڳولهي وٺندا آهن. جيئن ساڻس زماني جو غم اوري، دل جو بار هلڪو ڪري سگهن. جيڪڏهن ڏکن جي ڏيهه ۾ ڦاٿل آهي ته بس غريب ۽ مزدور طبقو، ڳوٺ جون گهٽيون، شهر جون بازارون ۽ ملون. اھي ڳالهه جي شاهدي ڏيندا ته غريب ۽ مزدور طبقو، سڄي عمر روزگار لاءِ تڙپي ٿو. استاد بخاري پڻ هن طبقي سان همدردي ظاهر ڪري ٿو ۽ چئي ٿو ڏئي ته: امير پير کي زردار يار جي ڳولا، وچين ڪلاس کي غمٽار پيار جي ڳولا، ملون، بزار، ٻنيون ڳوٺ جون گليون شاهد؛ غريب لوڪ کي رڳو يار جي ڳولا. امير پير کي مان شان جو اونو، وچين ڪلاس کي ڪلچر زبان جو اونو، مريض ملڪ جي قرضي عوام کي، اٽي علاج لٽي ۽ مڪان جو اونو. استاد کي اڃا به ڪي سال، صديون جيئڻو هو. هن لکڻ پئي چاهيو. هن دور جي هر برائيءَ تي، کوٽي سياست تي، ويڪائو وڏيري تي. پر افسوس جو زندگيءَ سندس ساٿ نه ڏنو. استاد بخاري جسماني طور اسان سنڌين سان گڏ نه آهي پر سندس پاڪ روح، اڄ به پنهنجي مالڪ ۽ هير جي هڳاءَ جهڙين شخصيتن سان گڏ، ڪنهن اڙٻنگ، جوڌي ۽ جوان پهريدار وانگر سنڌ جي گهٽي گهٽي ۾ ضرور گهمندو هوندو. جيئن نه ڇنڻ واري ڳالهه هن شعر ۾ ڪئي هئائين. سڳو نه ناهي سنگهر به ناهي، ڇنا هي ناتا ڇني نه سگهندس، رسيم سرتي سڏيم سامي، ڌڪيم ڌرتي ته ڇا ڪريان مان، حبيب تو کان ڇڄي سگهان ٿو، زمين ري مان جي نه سگهندس، وري وري ڇو ڪرين ٿي پارت، غيور ٿڃ تي ويساهه ڪر تون، ترار ڪنهن جي سهي سگهان ٿو، ميار ڪنهن جي سهي نه سگهندس. استاد بخاري عوامي ۽ مزاحمتي شاعر رضوان گل شاعري من-اندر جو اڌمو به آهي ته روح جي رڙ پڻ. شاعر، تاريخ جا اهي فرد هجن ٿا، جي پنهنجي سوچ ۽ فڪر سان قومن جون تقديرون بدلائڻ جو ساهس رکن ٿا. اُهي شاعر جيڪي درٻاري ۽ سرڪاري، داٻن ۽ دهمانن کان گھٻرائجي، سچ چوڻ واري ڪرت کان پٺتي ناهن هٽندا، اهي ئي حقيقي معنى ۾ ڌرتيءَ جا سچا سپوت ثابت ٿيندا آهن. اهڙن گھڻ-ڳُڻن شاعرن ۽ پيارن انسانن مان استاد بخاري به هڪ آهي. جنهن پنهنجي شاعريءَ جي آڌار تي جھر جهنگ تائين پنهنجو آواز پهچايو ۽ ان آواز جا پڙاڏا هر طرف گونجڻ لڳا. استاد وٽ لفظ ٻڌا ٻانها ٿي بيٺل آهن. هن جي شاعريءَ ۾ انقلابي ۽ مزاحمتي انداز به آهي ته پيار جي پيچرن تي هلندڙ پريمين جا نازن وارا نخرا پڻ. هو پنهنجن شعرن ۾ ستايلن جي ڳلن تان ڪِرندڙ ڳوڙهن جي ڳالهه به ڪري ٿو ته غريب ۽ مظلوم ماڻهن جي دکن ۽ دردن جون ڪهاڻيون به بيان ڪري ٿو: وڌا وات ۾ ڇو اٿئي مُڱ زمانا، ستايو غريبن کي ڪنهن آ سچي ڪر! ڇڏي ڏي اجايا سجايا بهانا، حقيقت کڻي اڄ ته، کيرئون اڇي ڪر! استاد جو انداز ئي نرالو آهي. هو عوامي شاعر آهي ان ڪري سندس ٻوليءَ جو انداز سڌو سادو ۽ کرو آهي، جيڪو هر ماڻهوءَ لاءِ سمجھڻ سولو آهي. سنڌ جي ناليواري شاعر مقصود گل لکيو آهي ته؛ ”بخاري، ڀٽائيءَ جي ڀونءِ جو شاعر آهي. هو ڌرتيءَ ڌڻين جا جُھڳا سڙندي، گھر کان بي گھر ٿيندي ڏسي ٿو ته تڙپي ٿو پوي. حيدرآباد ۽ ڪراچي ته ڇا، پر جڏهن سڄي سنڌ کي بد-امني جي باهه ۾ وڪوڙيل پسي ٿو، تڏهن غير انساني سوچ رکندڙ، جنوني جذبي واري، احساسن کان خالي، هر ڪٺور ماڻهوءَ سان مخاطب ٿيندي چوي ٿو: تنهنجي اک ۾ پُتـلي ناهي، پٿـري آهي، سنڌ سڙي پئي، تنهنجي دل روئي به نه ٿي. تنهنجي بت ۾ رت جي بدلي، ريتي آهي، خلق لڇي پئي، تنهنجي دل ڇرڪي به نه ٿي. استاد بخاريءَ پاڻ ئي هڪ هنڌ لکيو هو ته؛ ”آئون طبعي طور، مالهي مزاج ماڻهو آهيان، حسين رنگن، لذيذ هڳاءَ، شيرين نغمن جو پياسي، پر باغ کي جو باهه لڳائي ويو آهي، ته مان به ڀڙڪي پيو آهيان. حسن پرست پيار پوڄاري، امن جو علمبردار هوندي، جيون جياپي، امن آجپي لاءِ جھونجار بڻجي پيو آهيان. سُر ڪلياڻ، سورٺ، ڪوهياري ڳائڻ وارو ڪلاڪار ڪيڏاري ۾ ڪاهجي پيو آهيان. خوشيءَ کان نه، پر دل جليءَ کان، مَن مستيءَ کان نه، پر قومي غيرت ۽ تاريخي ضرورت کان، گھوگھي اچڻ تي اکيون ڦوٽارڻ، ڌاڙي لڳڻ تي ڌاڙ ڌاڙ ڪرڻ واري مجبوريءَ کان.“ استاد قوم پرست شاعر هو، جنهن وٽ ڌرتيءَ جي ماڻهن لاءِ درد هو، سنڌي ماڻهن جي لاءِ هن وڏا جتن ڪيا ته ڪنهن هڪ پلئـٽفارم تي گڏ ٿين ۽ ڪا انقلابي تبديلي اچي. هن جي سوچن جو ڪاٿو سندس ان وقت جي روزاني اخبارن ۾ ڇپجندڙ چؤسٽن مان بخوبي ڪري سگهجي ٿو، جن ۾ بار بار سنڌين جي ٻڌي ۽ ايڪي جي ڳالهه ڪئي اٿائين. سنڌي سماج ۾ ٿيندڙ ناانصافين جي ذڪر کان ويندي استادَ عالمي امن ۽ عالمي دهشتگردن تي به قلم کنيو. هن پنهنجي لکڻين ۾ مصلحت پسنديءَ کان ڪم ناهي ورتو ۽ هر لفظ سچ جو دامن جھلي لکيو آهي. استاد ڌرتيءَ سان پنهنجي محبت جو اظهار هن ريت ڪيو: ڪنول گل مان ڪوڪو نه ٿيندو نه ٿينــدو، بخاريءَ کان ڌوڪو نه ٿيندو نه ٿيندو. ملهائي نه جو ٿــڃ جيجــل جي لوڪو، اهڙو ڪو به ٿوڪو نه ٿيندو نه ٿيندو. استاد بخاري جو اصل نالو احمد شاهه هو. سندس جنم ۱۶ جنوري ۱۹۳۰ع تي ٿيو. پاڻ سموري حياتي سنڌ ڌرتيءَ جا گيت لکندو ۽ مختلف ڪاليجن ۾ نوجوانن کي علم جو درس ڏيندو رهيو، جو پاڻ سنڌيءَ جو پروفيسر به هو. استاد ۱۹۵۰ کان وٺي ادبي محفلن ۾ اچي شعر پڙهڻ لڳو ۽ سندس شاعري پڻ مختلف ادبي رسالن ۾ ڇپجڻ لڳي ۽ ائين استاد جي شاعريءَ جھر جھنگ پهچي ماڻهن جي دلين ۾ جايون جوڙي ورتيون ۽ کيس پوري سنڌ ۾ عوامي شاعر طور سڃاڻپ ملي. سندس شاعريءَ جي ڇپيل ڪتابن ۾: ”ڪوڪڻ ۽ ڪلياڻ“، ”ڪاري ڪڪر هيٺ“،”ڌرتي سرتي“، ”نه ڪم نبريو نه غم نبريو“، ”زندگي زندگي“، ”پير نه هٽن پوئتي“، ”اوتون جوتون“، ”ماندي ٿي نه مارئي“، ”وِلوِلو ۽ ووڪ“، ”وطن ۽ ويساهه“، ”هڙئي هيج وطن جا“، ”تڙ تڙ تيڏيان ڳالهيان“، ”گھڙيا سي چڙهيا“، ”گيت اسان جا، جيت اسان جي“، ”لهر لهر دريا“، ”سوچون ڀڻڪا واڪا“، ”گيت گلابي ٻارن جا“، ”ميلا ملهالا“، ”لهري لهري ۾ لالاڻ“، ”ڳائي پيو، جاڳائي پيو“، ”گلدستي ۾ گيت“ ۽ ٻيا مجموعا شامل آهن. استادُ، شاعر سان گڏ بهترين موسيقار به هو، جو اڪثر پنهنجي شعرن جون ڌنون پاڻ ڪمپوز به ڪندو هو، ته ڳائيندو به هو. استاد تي لکيل مضمون ”استاد سان منهنجي واقفيت“ ۾ ننڍي کنڊ جي ڏاهي ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي راءِ ڏيندي لکيو هو؛ ”استاد جي شاعري جاندار ۽ بامقصد آهي. سندس ڪتاب ”ڪوڪڻ يا ڪلياڻ“، ”لهر لهر دريا“، ”سوچون ڀڻڪا واڪا“ پڙهڻ جو موقعو مليو هو. اها هام نه هڻندس ته مون جيڪي ڪجهه پڙهيو آهي، تنهن کي پوريءَ ريت سمجھيو به آهي، ڇو ته استاد اڄوڪي وقت ظلم ۽ ڏاڍ خلاف اتساهيندڙ انقلابي قسم جو شاعر ۽ نقاد آهي. سندس شاعريءَ ۾ جيڪا اسان جي سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعريءَ واري شڪل آهي، تنهن مان هو روزمره جي مسئلن کي تاريخ جي واقعن سان ڳنڍي هڪ ابدي حيثيت ڏيو ڇڏي.“ استاد هر وقت ماڻهن کي همتون، حوصلا ۽ روشنين ڏانهن ويندڙ دڳ ڏسيا، هو اُداسين ۽ مايوسين جو قائل نه آهي، پنهنجي پڙهندڙ کي هر شعر ۾ اهو ئي پيغام ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي اٿائين ته جيڪڏهن گڏجي جستجو ۽ جاکوڙ ڪبي ته منزلون اسان جي قدمن کي اچي چمنديون، پر شرط آهي ته اسان ۾ اهي منزلون حاصل ڪرڻ جون جرئتون هجن. کڻي ڪنڍيون، گلابي موسمون پهتيون، ڪري سينگار سهڻيون منزلون پهتيون. مڃينديون مات، جھڪنديون مشڪليون پهتيون، جتي تنهنجون ۽ منهنجون جرئتون پهتيون. استاد جي شاعري قومي ۽ سياسي جلسن کان وٺي ادبي محفلن تائين هر پروگرام ۾ پڙهي وڃي ٿي. سچ ته ڪو به ميڙ استاد جي شاعريءَ کانسواءِ اڌورو ۽ اڻ پورو محسوس ٿيندو آهي. جيئن جيئن وقت جا ڪانٽا تيزيءَ سان استاد جي وڇوڙي کي پراڻو ڪري رهيا آهن، تيئن تيئن سندس شاعريءَ مان نيون نيون معنائون دريافت ٿي رهيون آهن. تخليق جي زندگي، اها ئي هجي ٿي جو پاڻ سان گڏ پنهنجي تخليقڪار کي به زنده رکندي اچي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو استاد بخاري پنهنجي امر تخليقن سبب اسان جي دلين ۾ زنده آهي. نامياري دانشور، محقق ۽ شاعر تاج جويي استاد جي وفات تي تعزيتي نوٽ بڪ ۾ لکيو هو؛ ”ڪشنچند بيوس ۽ نارائڻ شيام کان پوءِ، استاد بخاري اهو عظيم نالو هو جنهن جي وفات سان سنڌ جي شاعريءَ جو هڪ اهم باب پورو ٿيو. استاد خود-دار ۽ حوصلي وارو انسان هو. اهڙا انسان ئي موت کي شڪست ڏيندا آهن.“ استاد پاڻ ئي موت سان مخاطب ٿيندي چيو: مٿي ۾ اٿئون زندگيءَ جي هوا، اسين تيز رفتار آهيون سو آهيون. اڙي! موت ساهت جي رستي مٿان، اسين توتي هسوار آهيون سو آهيون. استاد بخاري نه رڳو هڪ عوامي شاعر پر وطن دوست دانشور ۽ بهادر اڳواڻ به هو. اهڙو اڳواڻ جنهن ذهن تيار ڪيا، جنهن ماڻهن کي هر مشڪلات جي وقت ۾ ثابت قدم رهڻ جو سنيهو ڏنو. هن پنهنجن شعرن ۾ سنڌي قوم کي جو گس ڏسيو، ان گس جو ڏس اڄ تائين پنهنجي اهميت رکي ٿو. هو قومي جذبي سان سرشار هيو، ان ڪري اول ۽ آخر، گھڻو تڻو سنڌ ئي هن جي شاعريءَ جو موضوع رهي. هن قوم جي جيالن ۽ جھونجھارن کي سدائين سلام پيش ڪيو ۽ ڌرتيءَ جو مانُ مٿانهون ڪندڙن کي مانُ ڏنو. جو قوم جياري، جيئندو رهندو، جو عام اجاري، اهو جيئندو رهندو. مون کي تاريخ ۽ تقدير ڏنـي پـڪ آهي، جو سنڌ سنواري، اهو جيئندو رهنـدو. استاد، قوم کي جيئارڻ جي ڳالهه ڪئي، عام کي اجارڻ جي ڳالهه ڪئي. اهو ئي سبب آهي جو استاد پاڻ به اسان ۾ موجود آهي ۽ ايامن تائين رهندو. جيستائين سنڌي قوم ۽ سنڌ جو نعرو هڻڻ وارو هڪ به جوڌو ۽ جوان هوندو، تيستائين استاد به زنده رهندو، جو هُن هر وقت سجاڳيءَ جا سڏ ڪيا، پنهنجي قوم کي هر لمحي عملي طرح جدوجهد لاءِ بيدار ڪيو ۽ قومي ايڪتا جي ڳالهه ڪئي. استاد بخاري ٻه ڀيرا، پهريون مارچ ۱۹۹۰ ۾ ۽ ٻيو ڀيرو فيبروري ۱۹۹۲ ۾ لنڊن ويو، جو کيس ڪينسر جو عارضو هو. انهيءَ ناسور آخرڪار ۹ آڪٽوبر ۱۹۹۲ تي اسان کان استاد کسي ورتو. استاد بخاري هالار جي هستي آزاد انور ڪانڌڙو سنڌ جي برک عوامي ۽ قومي شاعر، استاد بخاريءَ جو جنم شهيد مخدوم بلاول جي سرزمين دادوءَ جي ننڍڙي ڳوٺ غلام چانڊيو ۾ ۱۶ جنوري ۱۹۳۰ع تي سيد حاجن شاهه جي گهر ۾ ٿيو. سندس اصل نالو پنهل شاهه ۽ اسڪولي رڪارڊ ۾ احمد شاهه هو. ايم.اي، ايم.ايڊ پاس استاد بخاري، دادو ڪاليج ۾ پروفيسر جي نوڪريءَ تان رٽائرمينٽ ورتي. استاد لکڻ جي شروعات ۱۹۴۲-۴۳ع کان ڪئي، هن ادب جي دنيا ۾ پهريان اي.ايس. بخاري بعد ۾ بخاري دادوي ۽ آخر ۾ استاد بخاري جي نالي سان لکيو. استاد بخاريءَ جو پهريون شعر ”اسان جي منزل“ رسالي ۾ ۱۹۵۲ع ۾ ڇپيو. استاد بخاري جو پهريون شعري مجموعو ”گيت اسانجا، جيت اسانجي“ ۱۹۷۱ع ۾ شايع ٿيو. استاد بخاري هڪ گهڻي رخي شخصيت جو مالڪ هو. هو قومي ۽ عوامي شاعر، استاد، ڊرامه رائيٽر ۽ بهترين نثر نويس به هو. استاد ڪيترا ئي ڊرامه لکيا جن ۾ انجام ۽ ٻيا شامل آهن. پاڻ اسٽيج جي ”سسئي پنهون“ ۽ ٻين ڊرامن ۾ اداڪاري به ڪئي. هو سٺي آواز جو مالڪ به هو ۽ پنهنجي اڪثر ڪلامن جون ڌنون پاڻ ترتيب ڏنائين. سندس پهريون ڪلام ”وقت ڏٺوسين پاڻ پليوسين، پيار نه ٿو پلجي“ ۱۹۶۸-۶۹ع ۾ استاد محمد جمن ريڊيو تان ڳايو. بعد ۾ اهو ڪلام، غلام قادر ميرپور خاص واري به ڳايو. استاد جي شاعري منظور سخيراڻي، استاد محمد جمن، غلام قادر ميرپور خاص واري ۽ محمد يوسف، عابده پروين، وحيد علي، زرينه بلوچ انور وسطڙو استاد گلزار علي، مني بيگم، مصري فقير، قمر سومرو، سرمد سنڌي، ممتاز لاشاري، الهداد زرداري، شازيه خشڪ، ديبا سحر سميت سنڌ جي هر ننڍي وڏي فنڪار ڳائي. استاد بخاري جي ڇپيل ڪتابن ۾؛ · اوتون جوتون (۱۹۸۳ع)، · بخاري جا قطعا (۲۰۰۰ع)، · پير نه هٽن پوئتي (۲۰۰۲ع)، · تڙ تڙ تيڏيان ڳالهيان (۲۰۰۰ع)، · جستجو لاتقنطو (۱۹۹۳ع)، · ڌرتي سرتي (۱۹۹۱ع)، · ڌوڙ دل تي درد جي (۲۰۰۸ع) · زندگي زندگي (۱۹۹۲ع)، · سوچون ڀڻڪا واڪا (۱۹۹۰ع)، · ڪاري ڪڪر هيٺ (۱۹۹۱ع)، · ڪُوڪڻ يا ڪلياڻ (۱۹۸۶ع)، · گلدستي ۾ گيت (۱۹۹۶ع)، · گهڙيا سي چڙهيا (۲۰۰۲ع)، · گيت اسان جا جيت اسانجي (۱۹۷۱ع)، · ڳائي پيو جاڳائي پيو (۱۹۹۹ع)، · لهر لهر دريا (۱۹۹۰ع)، · لهري لهري ۾ لالاڻ (۱۹۹۵ع)، · ماندي ٿي نه مارئي (۱۹۹۴ع)، · ميلا ملهالا (۱۹۸۸ع)، · نه ڪم نبريو نه غم نبريو (۱۹۹۳ع)، · هڙ ئي هيج وطن جا (۱۹۹۸ع)، · هي گجرا هي گولا (۲۰۰۴)، · هي گيت گلابي ٻارن جا (۱۹۸۰ع)، · وطن ۽ ويساهه (۱۹۹۷ع)، · ولولو ۽ ووڪ (۱۹۹۴ع)، ۽ ٻيا شامل آهن. استاد بخاري پنهنجي دور جو هڪ عظيم ۽ امر شاعر آهي. سندس شاعراڻي عظمت کان ڪو به انڪار ڪري نه سگهندو. استاد بخاريءَ جنهن لڳاتار دليري ۽ سورهيائيءَ سان موت سان مقابلو ڪندي پتي جي پٿريءَ کان ڪينسر جي بيماريءَ باوجود ۱۹۸۳ع کان ۱۹۹۲ع تائين لاڳيتو ڏينهن رات گهڻي کان گهڻو ۽ سٺي کان سٺو لکيو. شايد کيس اهو پتو پئجي ويو هو ته؛ هو گهڻو وقت جيئرو نه رهندو، ان ڪري هن لکيو ۽ ڀرپور نموني لکيو. جيئن زندگي تيز تڪڙي ٿي گذري، ائين تون به تڪڙو لکي وٺ، لکي وٺ! پٺيان پاڻهي نقاد، ”فيئر“ ڪندا پيا، تون ”رف“ جهڙو تهڙو لکي وٺ، لکي وٺ!. هالار جي هستي، استاد بخاريءَ جي وڇوڙي کي ۲۰ سال گذري ويا آهن. ان چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نه آهي ته استاد بخاريءَ جي لاڏاڻي سان پنهنجي دور جي هڪ وڏي شاعر جي پڄاڻي ٿي آهي. ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته هن چراغ مان ڪيئي ڏيئا روشن ٿيا آهن ۽ ايندڙ دور ۾ به ڪيئي ڏئيا روشن ٿيندا. اهو ئي سبب آهي جو اڄ استاد بخاريءَ جي نالي کانسواءِ جديد سنڌي شاعريءَ جي تاريخ ۽ سنڌي ادب جو تصور بلڪل اڻپورو آهي. عزتون، محبتون، احترام گهرڻ سان ناهي ملندو. ائين شهرت ۽ عظمت به گهرڻ سان نه پر عمل ۽ ڪردار سان حاصل ٿيندي آهي. استاد بخاريءَ کي به عزت، شهرت ۽ عظمت پنهنجي اڌ صديءَ تائين سنڌي شاعري، سنڌي ٻوليءَ جي خدمت سبب ملي. کيس حياتيءَ ۾ به ادبي ميڙاڪن، ڪانفرنسن، مشاعرن، قومي ڪاڄن ۽ عوامي جلسن ۾ جيڪا محبت، عزت ۽ مان مليو، اهو سندس وڇوڙي کانپوءِ به ساڳئي جذبي سان ملندو رهي ٿو ۽ کيس سڄي سنڌ ۾ خراجِ تحسين پيش ڪيو وڃي ٿو. ۹ آڪٽوبر ۱۹۹۲ع تي وڇڙي ويل استاد بخاريءَ کي اکرن سان عشق هو. هو لفظن ۾ ساهه وجهڻ جو ڄاڻو، شاعر، قلڪمار هو. هن لکڻ کي ئي سڀ ڪجهه سمجهيو ۽ لکڻ کي ئي زندگيءَ جو مقصد بڻايو. ڇو ته هو قلم جي طاقت کان واقف هو ۽ هن پنهنجي قلم جو مان به رکيو. استاد اڌ صديءَ کان وڌيڪ پنهنجي تخليقن، شاعري ۽ نثر ذريعي سنڌ واسين جي فڪري رهبري ۽ رهنمائي ڪئي. هو رهبر شاعر ۽ قلمڪار هو.. لکڻ زندگي، زندگي ڪيئن ڇڏجي، لکڻ بندگي، بندگي ڪيئن ڇڏجي، ڏکئي کان ڏکيو عشق، اکرن جو آ، رکي دوستي، دوستي ڪيئن ڇڏجي؟ استاد بخاري هالار جي هستي آزاد انور ڪانڌڙو استاد بخاري پنهنجي دور جو هڪ عظيم ۽ امر شاعر آهي جنهن لڳاتار دليري ۽ سورهيائي سان موت سان مقابلو ڪندي ۱۹۸۳ع کان ۱۹۹۲ع تائين لاڳيتو ڏينهن رات گهڻي کان گهڻو لکيو. شايد کيس اهو پتو پئجي ويو هو ته هو گهڻو وقت جيئرو نه رهندو، ان ڪري هن لکيو ۽ ڀرپور نموني لکيو: جيئن زندگي تيز تڪڙي ٿي گذري، ائين تون به تڪڙو لکي وٺ، لکي وٺ! پٺيان پاڻهي نقاد ”فيئر“ ڪندا پيا. تون ”رف“ جهڙو تهڙو لکي وٺ، لکي وٺ!. اهو ئي سبب آهي جو سندس حياتيءَ ۾ ۱۰ شعري مجموعا گيت اسانجا جيت اسانجي، اوتون جوتون، ڪوڪڻ يا ڪلياڻ، گيت گلابي ٻارن جا، ٻاراڙا گيت، لهر لهر دريا، سوچون ڀڻڪا واڪا، ڪاري ڪڪر هيٺ، ڌرتي سرتي، زندگي زندگي ڇپيا، جڏهن ته سندس وڇوڙي بعد ۱۵ کان به وڌيڪ شعري مجموعه نه ڪم نبريو نه غم نبريو، ماندي ٿي نه مارئي، لهري لهري ۾ لالاڻ، هي گجرا هي گولا، ميلا ملهالا، ولولو ۽ ووڪ، جستجو لاتقنطو، گهڙيا سي چڙهيا، هڙئي هيج وطن جا، ڳائي پيو جاڳائي پيو، گلدستو، بخاريءَ جا قطعا، تڙ تڙ تيڏيان ڳالهايان، پير نه هٽن پوئتي، ڌوڙ دل تي درد جي ۽ ٻيا شايع ٿيا آهن. استاد جي وڇوڙي کان پوءِ سندس نثر ۾ تحريرن، مضمونن، مقالن، ڪتابن جي لکيل مهاڳن، تقريرن،انٽرويوز ۽ ٻين تحريرن تي مشتمل راقم پاران مرتب ڪيل ڪتاب سمي صحرا، سمي دريا سال ۲۰۰۷ع ۾ شايع ٿيو. سنڌ جي برک عوامي ۽ قومي شاعر استاد بخاري جو جنم شهيد مخدوم بلاول جي سرزمين دادو جي ننڍڙي ڳوٺ غلام چانڊيو ۾ ۱۶ جنوري ۱۹۳۰ع تي سيد حاجن شاهه جي گهر ۾ ٿيو. سندس اصل نالو پنهل شاهه، اسڪولي رڪارڊ ۾ نالو احمد شاهه هو. ايم.اي، ايم.ايڊ پاس استاد بخاري، دادو ڪاليج ۾ اسسٽنٽ پروفيسر جي عهدي تان رٽائر ٿيو. استاد لکڻ جي شروعات ۱۹۴۲-۴۳ع کان ڪئي. هن جي ادب جي دنيا ۾ پهريان اي.ايس. بخاري بعد ۾ بخاري دادوي ۽ آخر ۾ استاد بخاري جي نالي سان لکيو. استاد بخاري جو پهريون شعر ”اسان جي منزل“ رسالي ۾ ۱۹۵۲ع ۾ ڇپيو. استاد بخاري جو پهريون شعري مجموعو ”گيت اسانجا جيت اسانجي“ ۱۹۷۱ع ۾ شايع ٿيو. استاد بخاري هڪ گهڻ-رخي شخصيت جو مالڪ هو. هو قومي ۽ عوامي شاعر، استاد، ڊرامه رائيٽر ۽ بهترين نثر نويس به هو. استاد ڪيترائي ڊرامه لکيا جن ۾ انجام ۽ ٻيا شامل آهن. پاڻ اسٽيج جي ”سسئي پنهون“ ۽ ٻين ڊرامن ۾ اداڪاري به ڪئي. هو سٺي آواز جو مالڪ به هيو ۽ پنهنجي اڪثر ڪلامن جون ڌنون پاڻ ترتيب ڏنائين. سندس پهريون ڪلام ”وقت ڏٺوسين پاڻ پليوسين، پيار نه ٿو پلجي“ ۶۹-۱۹۶۸ع ۾ استاد محمد جمن ريڊيو تان ڳايو. بعد ۾ اهو ڪلام غلام قادر ميرپورخاص واري به ڳايو. استاد جي شاعري منظور سخيراڻي، استاد محمد جمن، غلام قادر ميرپورخاص واري ۽ محمد يوسف، عابده پروين، وحيد علي، زرينه بلوچ انور وسطڙو استاد گلزار علي، مني بيگم، مصري فقير ۽ سنڌ جي هر ننڍي وڏي فنڪار ڳائي. هالار جي هستي استاد بخاري جي وڇوڙي کي ۲۰ سال گذري ويا آهن. ان چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نه آهي ته استاد بخاري جي لاڏاڻي سان پنهنجي دور جي هڪ وڏي شاعر جي پڄاڻي ٿي آهي. استاد بخاري جو وڇوڙو ڏکئي کان ڏکيو، عشق اکرن جو آ... آزاد انور ڪانڌڙو سنڌ جي برک عوامي ۽ قومي شاعر استاد بخاريءَ جي وڇوڙي کي ۲۱ سال گذري ويا آهن. اڄ استاد بخاريءَ جو ۸۳ هون جنم ڏينهن آهي. استاد بخاري اهڙو قومي ۽ عوامي شاعر هو، جيڪو پنهنجي اعليٰ قومي فڪر ۽ شاعريءَ سبب هميشه ياد رهندو، سندس شاعري، فڪر ۽ پيغام اڄ به سنڌي قوم لاءِ مشعل راهه آهي. هونئن ته مٽيءَ چپٽي آهيان، جيئي سنڌ ته سڀڪي آهيان، سانگين سان گڏ سالگرهه مان، وڇڙي ويمس ته ورسي آهيان. استاد بخاريءَ جو جنم شهيد مخدوم بلاول جي سرزمين دادوءَ جي ننڍڙي ڳوٺ غلام چانڊيو ۾ ۱۶ جنوري ۱۹۳۰ع تي سيد حاجن شاهه جي گهر ۾ ٿيو، سندس اصل نالو پنهل شاهه ۽ اسڪولي رڪارڊ ۾ نالو احمد شاهه هو، ايم اي ۽ ايم ايڊ پاس استاد بخاري دادو ڪاليج ۾ پروفيسر جي نوڪريءَ تان رٽائرمينٽ حاصل ڪئي، استاد بخاري لکڻ جي شروعات ۱۹۴۲-۴۳ع کان ڪئي، هن ادب جي دنيا ۾ پهريان اي ايس بخاري، بعد ۾ بخاري دادوي ۽ آخر ۾ استاد بخاريءَ جي نالي سان لکيو، استاد بخاريءَ جو پهريون شعر ”اسان جي منزل“ رسالي ۾ ۱۹۵۲ع ۾ ڇپيو. استاد بخاريءَ جو پهريون شعري مجموعو ”گيت اسان جا جيت اسان جي“ ۱۹۷۱ع ۾ شايع ٿيو، هو هڪ گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ هو، پاڻ قومي ۽ عوامي شاعر، استاد، ڊراما رائيٽر ۽ بهترين نثر نويس به هو، هن اسٽيج جي ”سسئي پنهون“ ۽ ٻين ڊرامن ۾ اداڪاري به ڪئي، هو سٺي آواز جو مالڪ به هئو ۽ پنهنجي اڪثر ڪلامن جون ڌنون پاڻ ترتيب ڏنائين، سندس پهرين ڪلام ”وقت ڏٺوسين پاڻ پليوسين، پيار نه ٿو پلجي“ ۱۹۶۸-۶۹ع ۾ استاد محمد جمن ريڊيو تان ڳايو، استاد بخاريءَ جي شاعري منظور سخيراڻي، استاد محمد جمن، غلام قادر لنجواڻي ميرپوخاص واري، محمد يوسف، عابده پروين، وحيد علي، جيجي زرينه بلوچ، انور وسطڙو، استاد گلزار علي، مُني بيگم، مصري فقير، قمر سومرو، سرمد سنڌي، ممتاز لاشاري، الهداد زرداري، شازيه خشڪ ۽ ديبا سحر سميت سنڌ جي هر ننڍي وڏي فنڪار ڳائي آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾، گيت اسان جا جيت اسان جي، هي گيت گلابي ٻارن جا، اوتون جوتون، ڪوڪڻ يا ڪلياڻ، سوچون ڀڻڪا واڪا، لهر لهر دريا، ڪاري ڪڪر هيٺ، ڌرتي سرتي، زندگي زندگي، نه ڪم نبريو نه غم نبريو، ماندي ٿي نه مارئي، وطن ۽ ويساهه ۽ ٻيا شامل آهن. استاد جنهن دور ۾ لکڻ جي شروعات ڪئي، ان دور ۾ سنڌي شاعريءَ تي فارسيءَ جو گهرو اثر هو ۽ سنڌي شاعري فارسيءَ جي اثر ڪري بي رنگ ڪافين ۽ رديفن جو سڪار هئي. ان دور ۾ ڪشنچند بيوس ۽ ان کانپوءِ شيخ اياز اهڙا شاعر هئا، جن جديد سنڌي شاعريءَ جو بنياد وڌو ۽ شاعريءَ کي نئين ٻولي، نئين ڊڪشن ۽ نئين لهجي ۾ تبديل ڪري ورتو. ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته هن چراغ مان ڪيئي ڏيئا روشن ٿيا آهن ۽ ايندڙ دور ۾ به ڪيئي ڏيئا روشن ٿيندا، اهو ئي سبب آهي جو اڄ استاد بخاريءَ جي نالي کانسواءِ جديد سنڌي شاعريءَ جي تاريخ ۽ سنڌي ادب جو تصور بلڪل اڻپورو آهي، استاد اهو مان مرتبو ڪو هڪ ڏينهن، هڪ رات، هڪ مهيني يا هڪ سال ۾ نه پر اڌ صديءَ کان به وڌيڪ عرصو سنڌي شاعري، ادب ۽ ٻوليءَ جي خدمت ڪندي حاصل ڪيو هو. لکڻ زندگي، زندگي ڪيئن ڇڏجي، لکڻ بندگي، بندگي ڪيئن ڇڏجي، ڏکئي کان ڏکيو، عشق اکرن جو آ، رکي دوستي، دوستي ڪيئن ڇڏجي؟ استاد بخاري بخاري بي وفا نڪري پيو ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ڪيترن غمين ۽ ورسين تي ماڻهن مون کي گهٽ ڏٺو هوندو. سمجهندا هوندا ته مان ڪو دل جو ڪٺور آهيان، يا مون کي مرڻو ئي ناهي. آئون جڏهن ڪنهن ٻئي جي مرڻي تي نه ٿو وڃان ته منهنجي تڏي تي ڪير پير ڀريندو؟ هر ڪنهن کي راءِ رکڻ ۽ ڏيڻ جو حق رسي ٿو. پر حقيقت ۾ ڳالهه اور آهي. آئون سواءِ شيخ اياز جي، باقي پنهنجي دور جي وڏن وڏن عالمن، دانشورن، شاعرن ۽ صحافين جي تمام ويجهو رهيو آهيان. هنن جي عظمت ڀرين ڪمن ۽ ڪارنامن کي سرجندي ڏٺو اٿم. موت برحق آهي، پر منهنجو من سندن مئل وجود کي ڏسڻ جي سگهه ئي ساري نه سگهندو آهي. هو طبعي ۽ جسماني طور تي مري ويا، مگر پنهنجي فڪر ۽ ڪم سبب زنده آهن ۽ آئون اهڙن زنده ماڻهن کي مئو سمجهي تڏي تي وڃي نه سگهندو آهيان، تن من ته اڳي ئي جهيريو پيو آهي. پر تڏي تي وڃي ان ۾ لوڻ وجهڻ جي همت ساري نه سگهندو آهيان، ان ڪري پاڻ کي آٿت ڏيندو آهيان ته اهي مئا هوندا ماڻهن لاءِ، پر هنن جون سوچون ۽ لوچون ته مون سان گڏ آهن. استاد بخاري ۽ مان ڀريا پنج سال گڏ رهياسين. سوچن ۾، لوچن ۾ ۽ سنڌيت جي تحريڪ ۾ ٻنهي جهڙوڪ ناچوءَ جيان نچي قومي ڪاڄ ۾ هڪ ٻئي جو هٿ ونڊايو. فنڪشنن ۾ گڏ ويندا هئاسين. گڏ روئندا هئاسين ۽ گڏ کلندا هئاسين. هي اهو زمانو هو، جڏهن آئون سنڌالاجي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر ٿي آيس. اڙٻنگ اديب ۽ ليکڪ طور اڳ ۾ ئي نالو ڪمايل هو، ويتر سنڌالاجي ۾ جو بنهه نئون ڪم هٿ ۾ کنيم ته ساڃهه-وند قلم-ڌڻين جو دادلو بڻجي ويس. انهن ڏهاڙن ۾ استاد بخاريءَ جي نياڻي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندي هئي. هڪ ڏينهن هو پنهنجي نياڻيءَ کي وٺي منهنجي سنڌالاجيءَ واري آفيس ۾ آيو. چيائين: ”ڊاڪٽر صاحب! هيءَ اوهان جي ڀائٽي آهي“. مون بي بي کي ڏٺو ۽ بخاريءَ کي وراڻي ڏني ته، ”سيدن سان ڪهڙو سڱ سياپو. اوهان پاڪن جو اولاد اسان اوهان جي پيرن جي خاڪ“. ان کانپوءِ بي بي به آفيس يا بنگلي تي ايندي رهي ۽ استاد بخاري به پنهنجي نياڻيءَ سان جڏهن يونيورسٽيءَ ۾ ملڻ ايندو هو ته مون ڏي به ڀيرو ضرور ڪندو هو. مون سنڌالاجي ۾ جيڪا ”ڏات-ڌڻين واري رٿا“ شروع ڪئي ته استاد بخاري پهريون ڏات-ڌڻي هو. جنهن منهنجي ڪم جي تاريخي ۽ تحقيقي اهميت جو ڀرپور اندازو لڳايو. مون کي پنهنجي علمي ۽ ادبي سرگرمين جو اهڙو ته مثالي ۽ تاريخ وار رڪارڊ/ وچور ٺاهي ڏنائين، جيڪو آئون ٻين شاعرن ۽ اديبن کي ڏيکاري پنهنجي ڳالهه سمجهائيندو هئس. منهنجو اڳ به اهو ايمان هو ۽ هاڻي به سوچ ساڳي آهي ته سنڌ ۾ جيڪي به علمي، ادبي، ثقافتي ۽ سماجي وغيره واقعا جنم وٺن ٿا. انهن جو رڪارڊ محفوظ ڪيو وڃي. جيڪڏهن ڪو هڪ واقعو به رڪارڊ ٿي نه سگهيو ته ڄڻ اسان کان هڪ خون ٿي ويو ۽ ارتقا جي عمل واري اسان هڪ ڪڙي وڃائي ڇڏي. استاد بخاريءَ ڪڏهن به مون سان انهيءَ پراجيڪٽ تي بحث نه ڪيو، بلڪ ويهي مون کي ٻڌندو هو. مون کي ياد آهي ته هڪ ڏينهن مون ڳالهيون ڪندي کيس چيو: ”سائين! جيڪڏهن لطيف جي زماني ۾ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ هجي ها ته کانئس ڪوائف نامو ڀرائي وٺي ها. هاڻي جو اسان سندس ولادت جي تاريخ، تعليم ۽ ٻين ڳالهين تي ڪج بحثي ڪندي، اٺ ڪتابن جا لکي وڃون ٿا، سي لکڻا نه پون ها. ڇو ته انهيءَ ڪوائف نامي ۾، شاهه لطيف پنهنجي هٿن سان پاڻ ڪيترن سوالن جا جواب ڏئي چڪو هجي ها.“ جيئن جيئن ڏينهن گذرندا ويا، تيئن تيئن آئون استاد بخاري جي عظمتن جو قائل ٿيندو ويس ۽ اسان هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا بڻبا وياسين. سندس ڪتاب ”ڪوڪڻ يا ڪلياڻ“ جي مهورتي موقعي تي سندس مرضيءَ ۽ چوڻ تي آئون به وڃي شريڪ ٿيو هئس. استاد بخاريءَ جي هن ڪتاب مان آسانيءَ سان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته بخاري شاعري شوق لاءِ نه پر شعور ڏيڻ لاءِ ڪرڻ چاهي ٿو. هو قوم جو نظرياتي پورهيت آهي. هو سنڌ کي دنيا جهان کان ڪٽيل گرهه نه ٿو ڄاڻي، پر کيس عظيم قومن جي قطار ۾ آڻي بيهارڻ لاءِ پاڻ سان ۽ پنهنجي ڏات سان وچن ڪري چڪو آهي. انهيءَ ڪتاب جي اچڻ کان پوءِ منهنجي ساڻس محبت ۽ عقيدت واري کير ۾ جهڙوڪ کنڊ پئجي وئي. استاد بخاري ۽ مون ڪيترين ادبي گڏجاڻين ۾ گڏجي شرڪت ڪئي. مون کي ياد ٿو پئي ته هڪ رات اسان خيرپور واري پاسي ممتاز رڏ جا مهمان هئاسين. هن پنهنجي والد جي ياد ۾ ادبي ميڙاڪو سڏايو هو. تقريرون ٿيون، مشاعرو ٿيو، شايد راڳ رنگ به ٿيو. سياري جي رات هئي، پر استاد بخاري ۽ آئون بي آرامي هئاسين. گرم گرم بسترو ڇڏيوسين ۽ ڳوٺ کان ٻاهر نڪري هڪ موريءَ تي وڃي ويٺاسين. آسمان ۾ تارا ٽمڪي رهيا هئا، پکي پکڻ به آرامي هئا ۽ هر طرف سانت ئي سانت هئي. ٿوري گهڙيءَ کان پوءِ ڀر واري ڳوٺ ۾ اغوا جي واردات شروع ٿي. ڪلاشنڪوفن جون ٻرندڙ گوليون ڪرندڙ ستارن جيان اڏري وسامي ٿي ويون. پر اسان انتهائي خاموشيءَ سان هڪ ٻئي طرف ڏسي رهيا هئاسين. ٻنهي کان ٻڙڪ نه پئي نڪري، پر چپ چپات ۾ هزارين داستان هڪ ٻئي کي ٻڌائي رهيا هئاسين. نيٺ مون ماٺار کي ٽوڙيو: ”سائين! ڪٿي ويٺا آهيون، ڪهڙي مهل جو ويٺا آهيون ۽ ڇو ويٺا آهيون؟“ اونداهي رات ۾ سندس اکيون ڄڻ چمڪي رهيون هيون. هن جي اکين ۾ دکن جا شعلا هئا ۽ مستقبل جي روشني هئي. چيائين: ”انهن سوالن جا جواب بڻجي ته هت اڪيلا ويٺا آهيون. رات جي هن پهر کي پيرن فقيرن جو پهر ڪري چئبو آهي. لطيف سائين پنهنجي منگتي کي هن وقت اٿي سئن هڻڻ ۽ سوال ڪرڻ جي صلاح ڏني آهي. منهنجي سنڌ جي پيرن فقيرن واري انهيءَ پهر کي رهزنن ۽ ڌاڙيلن ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ جو پهر بڻائي ڇڏيو آهي. سنڌين جو ساهه مٺ ۾ آهي. شهرن ۾ وڃن ٿا ته لاش بڻجي ڳوڻين ۾ بند ٿي موٽن ٿا. ٻهراڙين ۾ هي حشر پاڻ ٿو ڏسين. گولين جو وسڪارو ته ڏس، ڄڻ ڳوٺ فتح ڪرڻ لاءِ ڌارئي ملڪ جي فوج ڪاهي آئي آهي.“ ”گولين جي آواز آسمان مٿي تي کڻي ڏنو آهي. ڇا اهو آواز ڀرپاسي وارن ڳوٺن يا پوليس تائين نه پهچندو هوندو؟ اسان بي حس ڇو ٿي ويا آهيون؟ اسان مان ناحق ۽ ظلم خلاف جنگ جوٽڻ جي سگهه ڇو ختم ٿي وئي آهي؟“ سندس ڳالهين ۾ شامل ٿي ويس. ”ڊاڪٽر! تون ڄاڻين ٿو ته تون ۽ مان ڪي ڀٽڪيل روح ناهيون، خاموش تماشائي به ناهيون، تو ۽ مون وٽ قلم جي ڪلاشنڪوف آهي. اسان ايماندار قومي پورهيتن جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهيون.“ بخاري منهنجي پهرين سوال جي هڪ حصي جو جواب ڏيندي چيو. ”سائين! تون ۽ اسان پيرن ۾ مقصدن جا گهنگهرو ٻڌي، ناچوءَ جيان نچندا رهيا آهيون. شهر شهر نگر نگر وستي وستيءَ سنڌ جا گيت گونجائيندا رهون ٿا. ڪنهن موٽ کان سواءِ، ڪنهن نتيجي کان سواءِ. روئڻ جهڙيون ڳالهيون ڪريون ٿا ته ماڻهو تاڙيون ٿا وڄائن، کلڻ جي ڳالهه ڪريون ٿا ته نچڻ شروع ڪن ٿا.“ مون پنهنجي راءِ ڏني. اونداهي رات ۾ بخاريءَ جي اکين مان ٽانڊن جيان ٻرندڙ ڳوڙها اچي، منهنجي هٿن تي ڪريا. چيائين: ”ڊاڪٽر! اها مجبوري آهي، اهو چئلينج آهي ۽ اها ايجنڊا آهي، تنهنجي ۽ منهنجي. هتي ڀر ۾ گولين جي گجگوڙ لڳي پئي آهي ۽ ان تي پکي پکڻ ته پنهنجا واهيرا ڇڏي دانهون ڪرڻ شروع ڪيون آهن، پر ڪنهن کي ڀاڄ نه ٿي اچي ته ڏاڍ جي ڏونگرن کي ڊاهڻ لاءِ ڪانڀو ڪڍي ٻاهر نڪري اچي. تون سچ ٿو چئين ته جنهن ڳالهه تي ماڻهن کي روئڻ اچڻ گهرجي، ان وقت اهي خوش ٿي پون ٿا. هن کان حالتن دک ۽ سک جي تميز کسي ورتي آهي. اسان وڏي نفسياتي ۽ نظرياتي بحران مان گذري رهيا آهيون. پر توکي ۽ مون کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو آهي.“ بخاريءَ مون کي آٿت ڏيندي چيو.: سسئيءَ کي ڪهڙي خبر ته هوءَ ڪهڙي هنڌ تي پهتي آهي ۽ مٿان ڪهڙي مهل آئي اٿس. هن جي دل ۽ دماغ تي پنهل جي ڇاپ لڳل هئي. بنهه ائين ۽ اهڙي طرح مون کي ۽ بخاري کي مهل ۽ ماڳ جي ڪا پرواهه ڪانه هئي. اسان ٻنهي تارن ڀري رات کي ڏينهن ۾ تبديل ٿيندي ڏٺو ۽ پنهنجي آس کي اميد ملي ته اونداهي رات جو نيٺ ته انت ايندو. پر اهو اڏول، برجستو ۽ ڪامل شاعر ائين هليو ويو. هن کي ائين رڻ ۾ رولي وڃڻ نه گهربو هو. بخاري وقت کان اڳ مري ويو. وڏي بي وفائي ڪيائين. سڄي ڄمار روئندي روئندي منهنجا ته ڳوڙها ئي سڪي ويا آهن. ان ڪري روئڻ ايندو ئي نه آهي. پر ٻن ماڻهن جي موت تي اکيون ڀرجي آيون ۽ آئون پاڻ پلي نه سگهيس. پهريون دفعو استاد بخاريءَ جي موت تي ۽ ٻيو دفعو بينظير ڀٽو جي موت تي. آئون ڪو بينظير ڀٽي جو نظرياتي پوئلڳ نه اڳ هئس ۽ نه هاڻي آهيان، پر جڏهن هن جي سياست، تدبر ۽ عمر جا گل ٽڙيا ته هٿراڌو بي دردي سان مرجهايا ويا. مون کي وڏي ڪهل آئي ۽ مان روئي پيس. بنهه ائين جڏهن استاد بخاريءَ جي شاعري اڳ کان اڳري، پختي ۽ عوامي ۽ نظرياتي شاعريءَ جو روپ ورتو ته هو اسان کان جدا ٿي ويو. هو قادر الڪلام شاعر هو. هن کي ڪوزي ۾ درياهه کي بند ڪرڻ ايندو هو. هن جي شاعري هڪ ئي وقت تي ذهن ۽ زبان، ضمير ۽ نظرئي کي ڇهي وٺندي هئي. هن جي اسان کي ههڙين حالتن ۾ سخت ضرورت هئي. هاڻي اسان ايترو بي حس ۽ بي وس ٿي چڪا آهيون جو معذور مورڙو ته مانگر مڇ کان پنهنجي ڀائرن جو بدلو وٺي سگهيو، پر اسان ڏنڊا مسٽنڊا ماروئڙن ۽ سڄي شهر کي بچائي نه ٿا سگهون. جڏهن جمشيد مهتا ڪراچيءَ جو ميئر هوندو ته روزانو ڪراچيءَ جا رستا ۽ روڊ پاڻي سان ڌوتا ويندا هئا. پر هاڻي اسان جي ڏينهن ۾ روز نه پر هر هر ڪراچي جا رستا انساني رت سان ڌوتا وڃن ٿا. هجي ها استاد بخاري ته ڪراچيءَ جو ڪيڏارو لکي ها. اڄ جڏهن هڪ کان وڌيڪ نظامن جا لٽا ڪپڙا سبي، مون کي چڍي هٿ ۾ ڏئي چون ٿا ته؛ اها قميص ڪري پاءِ، ته اهڙين اڍنگين حرڪتن تي استاد بخاري ئي مون کان وڌيڪ سٺو لکي ٿي سگهيو. هو به ڪو نه وسرندو ۽ سندس ياد به ڪو نه وسرندي. هو پنهنجو ڪردار ادا ڪري ويو ۽ هاڻي اسان کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو آهي. استاد بخاري ڌرتي جو شاعر ڊاڪٽر محمود بخاري لکڻ وڏي ڏات آهي پر اها ڏات جي ديوي جنهن تي مهربان ٿئي. دنيا جا عظيم شاهپارا تخليقڪارن جا ئي تخليق ڪيل آهن. صدين جو اهو سفر نه رڳو تاريخ جي ورقن ۾ ساهه کڻي پيو پر وقت سان گڏ اتهاسڪار شخصيتن پڻ جنم ورتو آهي. اسان جي ٻولي ڏاڍي ڀاڳوند چئبي جو اُن جي آبياري لاءِ کوڙ سارن شخصن پنهنجن ڪلهن تي وڏا بار کنيا آهن. سنڌي ٻولي جي عوامي لب لهجي وارو هڪ خوبصورت شاعر استاد بخاري به ٻولي جي اهڙن ساهتڪارن ۾ پنهنجي هڪ الڳ حيثيت رکي ٿو. استاد بخاري سنڌي عوامي شاعري جو بنهه منفرد نانءُ آهي. هن جي شعر ۾ ترنم، رواني ۽ ٻولي جي وسعت آهي. هو سونهن، سچ، انسان دوستي ۽ ڌرتي جو شاعر آهي. هن وٽ انهن موضوعن متعلق منفرد خيال آهن. هن مختصر مضمون ۾ اسان استاد جي ڌرتي سان محبت جا چند خيال پيش ڪنداسين. ڌرتي آدجڳاد کان انسان جي نه رڳو محبت جو محور رهي آهي پر انسان جي ترقي ۽ سڌاري جي به اهم ڪارڻ پڻ آهي. دنيا جا سڀ موضوع/ مسئلا ڌرتي سان لاڳاپيل آهن. انسان دوستي، تهذيب، ثقافت، ادب، شعاري، آرٽ، مصوري، حسن سڀ ڌرتي مان ڦٽي نڪرن ٿا ۽ ڌرتي سان انهن جو گهرو ناتو رهي ٿو. دنيا جو بهترين ادب توڙي شاعري جا موضوع ۽ پسمنظر ڌرتي سان ئي سلهاڙيل رهن ٿا. اسان جي هن شاعر استاد بخاري جو فڪري ۽ روحاني رشتو ڌرتي سان آهي. هن بيماري جي بستري تي موت سان منهن مقابل ٿيندي هي لفظ لکيا: خوشبوئن کان سواءِ جڳ ۾ ڪا شيءِ ڪانه رهندي مان سمورا خواب ۽ ڪتاب اوهان کي ٿو ارپيان، منهنجا اوهان سان قوم سان ڌرتي سان رشتا ناتا لڳ لاڳاپا ۽ تعلقات اڻ ٽٽ آهن ڇو ته اهي رشتا موت جي سرحدن کان گهڻو دور آهن جي سدائين قائم رهندا جي سدائين قائم رهندا. استاد بخاري جي شاعري ۾ ڌرتي توڙي ڌرتي واسين لاءِ وڏي تڙپ آهي. هو سانگيئڙن جي پيڙاءُ کي محسوس ڪري ٿو. استاد جي نظم ’قوم چوي ٿي ٻول‘ ۾ هيڻن سان، ڏاڍن جي ڪيل ناانصافين، فريب ڪارين جو عڪس پسجي ٿو. اتي هڪ تخليقڪار کان سماج ڇا ٿو گهري، ان ڏانهن به اشارو ڪيو ويو آهي، سندس لفظ آهن: قوم چوي ٿي ٻول او شاعر ٻول اسان جي ٻچڙن جي لئي ٻول ٻاهر اُجرا اُوچا ماڻهو اندر نيرا، نيچا ماڻهو للڪاريون لاحول رسي ماحول او شاعر قوم چوي ٿي ٻول. گيرا نعرا، کيرا هوڪا خالي کوکا تن ۾ دوکا جي ٿا کوليون پول ته ڍانڍا ڍول او شاعر قوم چوي ٿي ٻول! ڪهڙا رهزن، ڪهڙا رهبر، دهرا روپ، دغارا دلبر مُڻهن تان گهونگهٽ کول لهي ڀل ڀول او شاعر قوم چوي ٿي ٻول! هيڏي ڌرتي، هيڏا دريا هوندي، دڙدون کائي دنيا هي ڳجهارت ڳول وڏو ڪنهن ڏول او شاعر قوم چوي ٿي ٻول! او انڌاري، او اونداهي! ايندي سچ کي ڪهڙي ڦاهي، سچ جو بالا بول، ڪبو سر گهول او شاعر، قوم چوي ٿي ٻول! ڌرتي جتي ڪونڌر ڄڻي ٿي اتي ڪي ڪانئر به جنم وٺن ٿا. استاد اهڙي ئي ٻاگهي ۽ مارئي جو ذڪر ڪري ٿو: معافي نامي تي تنهنجي هٿ صحيح ڪئي هٿ نه لاءِ مون کي گيد- پڻي جي گپ ٿڦيل تنهنجي منهن تي توکي چمن ڪيئن چپ ڪانئرتا تنهنجي منهن تي آهه ٿڦي پئي ڪيئن چمان توکي. ڌرتي/ سنڌ لاءِ پنهنجو پاڻ ملهائڻ وارا جوڌا اڃا جڳ ۾ جيئرا آهن. اهڙن جوڌن جون مائرون به پنهنجي اندر ۾ نه رڳو ماءُ جي محبت رکن ٿيون، پر اهي پنهنجي مٽي لاءِ به پنهنجن جوڌن پٽن جي جان جو نذرانو به ڏيڻ کان نٿيون ڪيٻائن. استاد به اهڙي ماءُ جي ٿڃ پيتي آهي، هو اُن اڏول ماءُ جو ذڪر ههڙي ريت ڪري ٿو: رڻ ۾ رُڪ هوندو، گهر ۾ ريشم پَٽ، منهنجو پٽ سمجهو. سرگم ڌڙ چچريل، ريٽو جهنڊو ڪڇ ۾ ٿڃ منهنجي پيتل. سنڌ سڏي ٿي وڃ اٿ پٽ جهٽ ڪر نه ته آءُ نه بخشان ٿَڃُ. استاد بخاري جي شاعري جو محور گهڻو تڻو سنڌ ۽ سنڌ واسي آهن پر اُن سان گڏوگڏ هو پوري انسان ذات جي ڏک کي پنهنجو سمجهي ٿو. ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو استاد لاءِ لکي ٿو: ”استاد جي شاعري قوم لاءِ نهايت ڪمائتي ۽ انتهائي جديد پڻ آهي. جنهن جا موضوع انسانيت جي عظمت، انسان جي همت، قوت ۽ تعمير صلاحيت کان سواءِ انساني دک، درد، ڏولاوا، سور سڪرات، پيڙا ڏيکاريندڙ ڀرپور تخليقي صلاحيت جا پرتو آهن“. (اوتون جوتون مهاڳ) استاد سنڌ جو آهي ۽ سنڌ استادن جي. هن جي شاعري نج عوامي لهجي ۾ آهي. هن جي تشبيهن توڙي استعارن ۾ سچا پچا عڪس پسجن ٿا. هن ماڻهن جي وچ ۾ ويهي انهن جا خيال، ڏک، درد، احساس توڙي خواب پنهنجن لفظن ۾ اُڻيا آهن. هن جو آواز هن جو پنهنجو نه آهي بلڪه اهو آواز انهن ماروئڙن، جهانگيئڙن، سانگيئڙن جو آهي، جن جي وچ ۾ ويهي استاد شاعري جو هي سارو ڪارونڀار جوڙيو. هن جا ڌرتي سان اڻ ٽٽ رشتا آهن انهي لاءِ ڌرتي واسين سان هن جي حب فطري لڳي ٿي ۽ هو انهن جي ذڪر کي ڪنهن عبادت کان گهٽ نٿو ڀائين. هن ڪڏهن به انهن کان پاڻ کي ڌار نه سمجهيو آهي. پڇن ٿا سنڌ ۽ سنڌين جي ڇو تسبيح پيو سورين، چيم، هاڻي پڇاڙي آ، عبادت جي ضرورت آ. ’بخاري‘ سنڌ، سنڌي ۽ سدا سنڌو ندي دائم! نه ڪوثر جي، نه حورن جي، نه جنت جي ضرورت آ. استاد بخاري (۱۹۳۰ع کان ۱۹۹۲ع تائين) مختيار ملاح استاد بخاري جو پورو نالو احمد شاه بخاري هو. سندس جنم دادو ضلعي جي هڪ ڳوٺ غلام چانڊيو ۾ سيد حاجن شاه جي گهر ۾ ٿيو . شروعات ۾ پرائمري استاد جي حيثيت سان ڪم ڪيائين، بعد ۾ ڪاليج ۾ سنڌي ادب جو ليڪچرار مقرر ٿيو ۽ آخر ۾ پروفيسر ٿي دادو جي ڊگري ڪاليج مان رٽائرڊ ٿيو۔. استاد بخاري ۱۹۵۰ع کان باقاعده مشاعرن ۾ شرڪت ڪرڻ لڳو ۽ سندس شعر مختلف رسالن ۾ شايع ٿيڻ لڳا. استاد بخاري جي سڃاڻپ هڪ عوامي شاعر جي حيثيت ۾ پوري سنڌ ۾ ٿي، سندس ڇپيل شعري مجموعن ۾ ”ڪوڪڻ ۽ ڪلياڻ“، ”ڪاري ڪڪر هيٺ“، ۱۹۹۱ع ، ”ڌرتي سرتي“ ۱۹۹۱ع، ”نه ڪم نبريونه غم نبريو“ ۱۹۹۲ع، ”زندگي زندگي“ ۱۹۹۲ع ، ”پير هٽن پوئتي” ۱۹۹۲ع، ” اوتون جوتون“ ۱۹۹۴ع، ”ماندي ٿي نه مارئي“ ۱۹۹۴ع، ”ولولو ۽ روڪ“ ۱۹۹۴ع، ”وطن ۽ ويساهه“ ۱۹۹۷ع ، ”هر ئي هيڄ وطن جا“ ۱۹۹۸ع، ”ٿڙ ٿڙ تيڏيان ڳالهايان“ (۲۰۰۰)، ”گهڙيا سي چڙهيا“ (۲۰۰۱)، ”گيت اسان جا جيت اسان جي“، ”لهر لهر دريا“، ”سوچون ڀڻڪا واڪا“، ”گيت گلابي ٻارن جا“، ”ميلا ملهالا“، ”لهر لهر ۾ لالاڻ“، ڳائي پيو جاڳي پيو“، ”گلدستي ۾ گيت“ ۽ ٻيا مجموعا آهن۔. استاد بخاري سنڌي شاعري ۾ هڪ وڏو نالو آهي، هو شاعري جي افق تي عوامي ترجما نگار جي حيثيت سان اڀريو. سندس شاعري عشق، حسن ۽ قوميت جو سنگم آهي. راشد مورائي سندس شاعري لاءِ لکي ٿو ته ” استاد بخاريءِ سونهن، سچ ۽ پيار جو شاعر آهي ۽ انهن موضوعن کي نهايت سادي، سولي ۽ عام فهم ٻوليءَ ۾ اهڙو ته خوبصورتي سان پيش ڪيو اٿس، جو سندس شاعري ۾ چمڪ پيدا ٿي پئي آهي، ” استاد بخاري حسن ۽ عشق مان وڏو اتساهه ٿو وٺي، هو حسن ۽ عشق کانسواءِ زندگي جو تصور اڌورو ٿو سمجهي۔. او عشق نه ڇڃ مون کان، او سونهن نه ڇڏ پاسو نه ته مان ڊڄان ٿو پيو هن هانءُ جي دهڪن کان استاد بخاري لفظن ۾ ساهه ڀرڻ سان گڏ لفظن ۾ جادو به ڀري ٿو. لفظ استاد اڳيان ڇيرو پائي نچندا نظر اچن ٿا. سندس شاعري جي سٽ سٽ ۾ حسن ۽ عشق جو پيغام آهي. هو چوي ٿو ته ؛ زندگي تي ناهين ڪوئي ڀروسو، حسن کي پوجي وٺو پوجي وٺو ڪائنات حسن ۾ هلندو وتان، ڄڻ ته بحر حسن ۾ ترندو وتان، حسن کي ڏسندو وتان ٺرندو وتان، حسن ٿو ڏئي استاد ڏاڍو مزو استاد حسن جي ڪائنات ۾ گذاريندي، وڇوڙو، رسڻ، پرچڻ، چوٽ، درد، سور، سوز، انتظاري، بيقراري جهڙين ڪيفيتن مان گذري ٿو. دل تي درد سهندي، برهه مان باهه ٻارڻ جو ڪيڏو نو سهڻو اظهار ڪيو اٿائين. جيءُ جنهن کي چيم، جهڻڪ تنهن کان مليم چوٽ ڏاڍي رسيم، پر ڪيم درگذر ڪيس ڪيڏا ڪئي حسن جي انڌ تي باهه ٻاري وڌءِ هانءَ جي هنڌ تي غير جي پنڌ تي پير تنهنجا ڏٺم چوٽ ڏاڍي رسيم، پر ڪيم در گذر ڪو به اديب، شاعر، سگهڙ يا سياستدان پنهنجي قوميت کان دستبردار نه ٿيندو آهي. ڪيڏا به ساڻس ها ڃا ٿين، ليڪن انساني سڃاڻپ قوميت سان ئي منسوب آهي. استاد بخاري جا گيت، غزل، وايون ۽ باقي سڀ صنفون سنڌ ڌرتيءَ جي قوميت جي رنگ ۾ رنگيل آهن، ڇو جو خودئي وڏي واڪي چيو اٿائين ته؛ اغيار سان اقرار اهو ڪيئن ٿيندو ۽ يار سان انڪار اهو ڪيئن ٿيندو استاد بخاري کي کڻي دفن ڪيو ڌرتي کان مگر ڌار، اهو ڪيئن ٿيندو سنڌ، جيڪا ڪراچيءَ کان ڪشمور ۽ ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين پکڙيل آهي، ان لاءِ ”استاد“ چوي ٿو ته؛ سنڌو جي اٿل سمجهه عقيدا منهنجا، منڇر جا ڪنول سمجهه عقيدا منهنجا مهراڻ ۽ منڇر جي لٿل ٿا ڏسجن اولاد لٿل سمجهه عقيدا منهنجا استاد کي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ سان محبت آهي، هتان جي ماروئڙن، جهانگيئڙن جا حالات زار ڏسي هو بي چين ٿي پوي ٿو؛ مان ڪيئن سيج سمهان، منهنجا ماروئڙا منهنجا سانگيئڙا، پڌر پٽ سمهن تنهنجي ميزن تي، سهسين کاڄ اچن کائن ڪانگ ڪتا، جوٺا جام بچن مان ڪيئن لوڻ چکان، منهنجا ماروئڙا منهنجا سانگيئڙا، روزا روز رکن استاد بخاري خاموش ٿي ويهي رهڻ کي غلط ٿو سمجهي، سنڌ جي مسئلن لاءِ وڙهڻ جي ترغيب ڏئي ٿو، هو مرشد جي فيض ۽ ڌرتيءَ لاءِ حق وٺڻ لاءِ چوي ٿو سون مرشد کان ڳنهي وٺبو آ فيض مرشد کان وٺبو آ جو به سمجهو اوهان جو حق آ حق مڙسي سان ڇني وٺبو آ استاد بخاري هن ڌرتي جو نظرياتي سوچ وارو دانشور ۽ انقلاب جي علامت آه، ڪنهن وڏي منزل تي رسڻ تائين اهو ئي چوڻ به حق ٿو سمجهي ته؛ جو قوم جياري جئندو رهندو، جو عام اجاري اهو جئندو رهندو مون کي تاريخ ۽ تقدير ڏني پڪ آهي جو سنڌ سنواري اهو جئندو رهندو استاد بخاري جتي حسن، عشق ۽ قوميت جي ڳالهه ڪري ٿو، اتي بين الاقوامي امن، انسانيت کي به نٿو وساري، ڇو جو سندس شاعري صرف سنڌ جي سرحدن تائين محدود نه آهي. نفرت کي لعنت ٿو سمجهي، ذاتين، مذهبي فرقي بازن کي انسانيت لاءِ هاڃو ٿو سمجهي؛ ٿو ٿو ٿو ٿو، نفرت نفرت هيڙو هيڙو لعنت لعنت ظلم جي هي ڇيڙ، جوڳي، جهٽ ڪر، ڇيڙون ڇيڙا ڪلفت فتنا ۽ ناسازيون ذاتيون مذهب فني بازيون سڀ تي پيار پکيڙ، جوڳي جهٽ ڪر ڇيڙون ڇيڙا جڏهن دنيا ۾ ايٽم بم جي ايجاد سان وڏي پيماني تي تباهي ٿيڻ لڳي، تڏهن استاد چوي ٿو ته ؛ ايٽم هٿ ۾، انسان بڻيو، انسان جو ويري يا ڪندا هي دنيا تنهنجو ڍينگوئي ڍيري مطلب ته استاد پنهنجي سچ، سونهن، حسن، عشق، قوميت ۽ بين الاقواميت جي موضوعن سان سنڌي شاعري کي عظمت ۽ انفراديت بخشي. سندس شاعري جي سڀ کان وڏي خوبي اها آهي ته اها وڏي پيماني تي ڳائي وڃي ٿي ۽ ٻڌي وڃي ٿي سندسن شاعري جي عظمت ان وقت اڃان به وڌي وڃي جڏهن ان ۾ عوامي ترجماني جا سڀئي پهلو ملن ٿا. استاد بخاري چون ٿا زندگي سپني سمان آهي، ائين ناهي محمد صديق منگيو انسان جي مٽي ڀورو آهي ۽ ان مٽيءَ مان جڙيل هر جيءَ کي اوسر جهڙي مٽيءَ سان ئي دائمي سڱ نڀائڻو آهي. انساني جيون جي سفر جي اها ئي پڄاڻي آهي. هن ڪائنات جي ڪنڊن ۽ پاسن ۾ وسندڙ اربين انسانن جي انبوهه مان هر روز سوين بلڪه هزارين انسان پنهنجي جيون جو پنڌ پڄائي ڪنهن رمتي فقير وانگر رمندا رهن ٿا، پر انهن سون هزارن انسانن جي وڇوڙي تي اکيون آليون نه ٿيون ٿين، پنبڻيون پسن نه ٿيون، ڇاڪاڻ ته موت هن ڪائنات جي وڏي ۾ وڏي حقيقت آهي، پر انهن جوڻ مٽائيندڙ انسانن جي انبوهه ۾ ڪي انسان اهڙا به ٿيندا آهن، جن جي وڇوڙي تي لکين اکين مان لڙڪن جون لارون لڙي پونديون آهن، جيءَ جهري پوندا آهن. ڪو رت جو سڱ سياپو نه هوندي به اندر جو انسان ائين روئي پوندو آهي، ڄڻ ڪا ملهائتي شيءِ هٿ مان ڪري پئي هجي. ڇاڪاڻ ته اهڙا انسان سڀني جي گڏيل ملڪيت ۽ ميراث هوندا آهن. انهن جي جيون جو هر ساهه پساهه ٻين لاءِ هوندو آهي. اهڙن ئي مانجهي مردن ۽ تاريخ جوڙيندڙ مهان انسانن لاءِ لطيف به چيو هو ته: جکرو جس کرو، ٻيا سڀ انيراءَ، جئائين گهڙيو جکرو، تئائين نه ٻيا، مٽي تهه ماڳاءِ، اصل هئي ايتري. انهن مهان انسانن جي سٿ جو هڪ جرڪندڙ ستارو استاد بخاري به هو، جنهن جي مرتئي جي خبر هند سنڌ جي سڄاڻ طبقي سان گڏ عام ماڻهوءَ تي پڻ وڄ وانگر ڪڙڪي آهي. استاد بخاري جنهن جي شاعري جي اکر اکر سان سنڌوءَ جي لڙاٽيل پاڻي ۽ چيڪي مٽيءَ جو واس اچي ٿو ۽ سندس شاعري جي هر سٽ ۽ هر پد نه رڳو جذبن، اڌمن، ڏڍ ۽ آٿت سان ڀرپور آهي، پر دعائن ۽ خواهشن جو ڀنڊار پڻ آهي. ان سنڌ جي عظيم ۽ ڏاهي انسان لاءِ اسان ڪجهه به نه ڪري سگهيا آهيون. چاچي گدائي کان وٺي بردي سنڌي، استاد گلزار علي خان ۽ استاد بخاري تائين سنڌي ادب جا واهڙ جي هٿن مان واري جي مٺ وانگر کسڪندا پيا وڃن ۽ اسان رڳو انهن جي وئي پڄاڻان پريس رليزن وسيلي مصنوعي ڏک جا گٺل پيٺل جملا لکي آڱر وڍائي شهيدن ۾ شامل ٿيڻ وارن جي لسٽ ۾ پاڻ ڳڻائيندا رهيا آهيون. اصل ڳالهه اها آهي ته اسان جو هر عمل مصنوعيت سان ڀرپور آهي. اسان جا رويا پنهنجن محُسن، ادب ۽ ڏات ڌڻين ڏانهن درست نه رهيا آهن. اهو ئي سبب آهي جو اسان پنهنجن ڏات ڌڻين جي حياتين کي ڪا ٽيڪ يا ٿوڻي نه ڏئي سگهيا آهيون. اها حقيقت آهي ته موت اٽل آهي. ڪوبه ڪنهن جي حياتيءَ کي بچائي نٿو سگهي، پر گهٽ ۾ گهٽ ايترو ئي ڪري سگهجي ٿو ته اسان پنهنجي عمل وسيلي پنهنجن محسنن کي سرڪاري واهر جو ڳيجهو بڻجڻ کان بچائي سندن موت کي آسان ڪري سگهون. کين موت جي بستري تي سڏڪي سڏڪي پساهه ڏيڻ بدران علاج جون بهتر سهولتون ڏئي سندن حياتي جي بچيل ڏهاڙن کي آسان بنائڻ ۾ مدد ڏيون. پر ان ڏس ۾ اسان وٽ سچائيءَ جي وڏي کوٽ رهي آهي. نه ان ڏس ۾ انفرادي ڪوششون ٿيون آهن ۽ نه وري ادبي، سماجي ۽ عملي تنظيمن پاران ڪو ساراهه جوڳو ڪردار ادا ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾ هڪ ساڃهه وند ماڻهوءَ کان وٺي تنظيمن تائين سڀ ذميوار آهن. استاد جي وفات کانپوءِ اخبارن ۾ جيڪي تعزيتي بيان ڇپيا آهن، رڳو هڪ بيان ڏيندڙ تي ڏهه رپيا ٻڌون، تڏهن به هوند لکين رپيا گڏ ٿي پون ۽ اها رقم سنڌ جي ڪنهن ڪلاڪار، اديب، شاعر جي حياتي جي گهڙين کي وڌائڻ لاءِ ايترو ڪافي ٿي پوي جو هوند وڌيڪ امداد لاءِ سرڪار کي اپيلن ڪرڻ جي ضرورت ئي نه پوي. استاد بخاري نه رڳو سنڌ جي سڄاڻ ذهن رکندڙ لکين دلين تي راڄ ڪندڙ عوامي شاعر هو، پر هڪ باعمل انسان پڻ هو. هو اهڙو ڏات ڌڻي هو، جنهن جيڪو ڪجهه شاعري ۾ لکيو، ان جي سٽ سٽ تي پاڻ عمل ڪري ٻين لاءِ دڳ گهڙيو. هونئن ته سندس سموري زندگي هڪ نمونو هئي، پر سندس عملي زندگيءَ جي ٻن ڳالهين مون تي وڏو اثر ڇڏيو آهي ۽ مان سمجهان ٿو ته سندس شخصيت جي انهن ٻن پهلوئن ئي کيس سنڌ جي هر ننڍي وڏي وٽ هڪ جهڙي مقبوليت ۽ مڃتا ڏياري ۽ منفرد مقام ڏنو. سندس پهرين خوبي اها هئي ته هو وڏو شاعر هئڻ جي باوجود ”وڏو ماڻهو“ نه هو ۽ نه ڪڏهن ٿيڻ جي ڪوشش ئي ڪيائين. هن ٻين همعصر ليکڪن ۽ شاعرن جي ان کيپ سان بغاوت ڪئي، جيڪي سنڌ جي نئين ٽهيءَ جي لکارين ۽ شاعرن کان ڇرڪندا ۽ ٽهندا هئا، پر هن نئين ٽهيءَ جي اديبن ۽ شاعرن جي تخليقي خدمتن کان متاثر ٿي کين ڇڪي پنهنجي ڇاتيءَ لاتو، سندن جديد ادبي لاڙن کي مقبول ڪري کين اتساهيو ۽ همٿايو. مون پير حسام الدين راشدي کانپوءِ اگر ڪنهن سنڌ جي وڏي اديب، ليکڪ ۽ شاعر کي سنڌ جي نوجوان نسل جي ادبي خدمتن جو معترف ڏٺو ته اهو استاد بخاري هو. هڪ ڀيري ۱۹۹۰ع ۾ سانگهڙ ۾ نئين ٽهي جي نمائنده شاعرن جي ادبي ميڙاڪي ”سرهي سانجهه“ ۾ تاج جوئي ٻڌايو ته ”استاد بخاري سنڌ جي نوجوانن لاءِ سنيهو ڏنو آهي ته ”منهنجي زندگي جا ڏينهن ڳڻڻ جيترا رهجي ويا آهن. منهنجي خواهش آهي ته مون کي ڪو جهاز هجي ته سنڌ جي شهر شهر ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ وڃي نوجوانن کي ڀاڪر پائي مٺيون ڏيان.“ ڪيڏي نه سڪ، اڪير ۽ مڃتا سمايل آهي سندس انهن جملن ۾ سندس ان نوجوانن لاءِ سنيهي مان ئي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته استاد بخاريءَ وٽ سنڌ جي نئين ٽهيءَ جي سرجڻهارن لاءِ ڪيتري قدر مڃتا هئي. سندس شخصيت جي ٻي خوبي هئي اڏولتا ۽ ارادي جي مضبوطي، جيڪا سندس زندگيءَ جو حصو هئي. سندس زندگيءَ ۾ ڪئين لاهيون چاڙهيون ۽ لوڏا آيا، جن ۾ سندس وڪامي وڃڻ يا ڊڄي هٽي وڃڻ جو وڏو ڀئه هو، پر انهن موقعن تي هو ڪارونجهر وانگر اٽل رهيو ۽ ڏولاون جون ليڪون اڪري ويو. اهڙن موقعن تي هوند گهڻا ئي ليکڪ، اديب ۽ شاعر ڊڄي يا هرکجي هرک هاري ويهندا آهن، پر هن اڏول انسان کي نه ڪا دنيا جي ڪرنسي خريد ڪري سگهي ۽ نه ڪا ڌمڪي، دڙڪو ۽ ڌؤنس ڊيڄاري سگهي. هن سچي، سادي، سٻاجهي ۽ محبتي انسان لاءِ موت ڪو مسئلو ڪونه هو. زندگيءَ جي پڇاڙڪي پهر تائين جڏهن سندس زندگي جي گهڙيال جو ڪانٽو سالن مهينن جا پنڌ ڪري اچو گهڙين جي پنڌ تي بيٺو هو. ان وقت به سندس چهري تي موت جي وحشتناڪيءَ بدران حوصلو ۽ مرڪ موجود هئي. موت پڇاڙيءَ تائين سندس اوچن خيالن کي بدلائي نه سگهيو. سندس سرجيل بيماري وارن شعرن ۾ به اوترو ئي حوصلو ۽ جذبن جي جوالا ڏسڻ ۾ ايندي جيترو سندس آڳاٽن شعرن ۾. اها خوبي تمام گهٽ شاعرن ۾ ڏسڻ ۾ ايندي. جڏهن ته موت جا ڇانورا ڏسي گهڻا اديب ۽ دانشور ٻوڙ هاري ويهندا آهن ۽ همت، جرئت ۽ حوصلي بدران مايوسي سندن شعرن مان بکڻ لڳندي آهي. هو موت کان ڪڏهن به نه ڊنو. هن زندگيءَ سان گڏ موت جي موضوع کي پڻ پنهنجي شاعري ۾ ڀرپور انداز ۾ پيش ڪيو آهي. سندس شاعري جو ڪتاب ”ڪوڪڻ يا ڪلياڻ“ ان قسم جي شاعريءَ سان ڀريل آهي، جنهن ۾ هن مرڻ جون ڳالهيون اهڙي پيرائي ۾ ڪيون آهن ڄڻ پرينءَ جي پار اسهڻ جون ڳالهيون ڪندو هجي. اهو ئي سبب آهي جو هن عظيم انسان کي موت به نه ماري سگهيو آهي. هن موت جي اکين ۾ اکيون وجهي کيس چٽ ڪري پنهنجو ڳاٽ اوچو ڪيو آهي. شايد اهڙن ئي امر ۽ مٺڙن ماڻهن لاءِ لطيف به چئي ٿو ته: سهسين سائر ٻوڙيون، منڌ ٻوڙئو مهراڻ، وه وڃائيو پاڻ، هڻي ڪنڌ ڪپن سين. (شاهه) سندس شخصيت جي ٻي خوبي هئي اڏولتا ۽ ارادي جي مضبوطي، جيڪا سندس زندگيءَ جو حصو هئي. سندس زندگيءَ ۾ ڪئين لاهيون چاڙهيون ۽ لوڏا آيا، جن ۾ سندس وڪامي وڃڻ يا ڊڄي هٽي وڃڻ جو وڏو ڀئه هو، پر انهن موقعن تي هو ڪارونجهر وانگر اٽل رهيو ۽ ڏولاون جون ليڪون اڪري ويو. اهڙن موقعن تي هوند گهڻا ئي ليکڪ، اديب ۽ شاعر ڊڄي يا هرکجي هرک هاري ويهندا آهن، پر هن اڏول انسان کي نه ڪا دنيا جي ڪرنسي خريد ڪري سگهي ۽ نه ڪا ڌمڪي، دڙڪو ۽ ڌؤنس ڊيڄاري سگهي. هن سچي، سادي، سٻاجهي ۽ محبتي انسان لاءِ موت ڪو مسئلو ڪونه هو. زندگيءَ جي پڇاڙڪي پهر تائين جڏهن سندس زندگي جي گهڙيال جو ڪانٽو سالن مهينن جا پنڌ ڪري اچو گهڙين جي پنڌ تي بيٺو هو. استاد بخاري سنڌ جو سونهون ۽ ويڄ شاعر! جامي چانڊيو انسان پنهنجي تفڪر، تخيل ۽ محسوسات جو حَسين اظهار جن تخليقي شعبن ۾ ڪيو آهي، انهن ۾ شاعريءَ جو وڏو درجو آهي. انهيءَ ڪري ئي شاعريءَ کي رڳو انسان جو انفرادي ۽ داخلي فڪر، تخيل ۽ احساس ئي نه پر ان کي قومن، طبقن ۽ معاشرن جي روحاني ۽ احساساتي تاريخ به سڏيو ويندو آهي. شاعريءَ مان به خبر پوندي آهي ته هر دور جي سماجن ۽ ان جي مختلف حصن جا خيال، احساس، ارمان، خواب ۽ تخليق جا بنياد يا محرڪ ڇا هئا! سنڌي شاعريءَ جو ڪلاسيڪل دور ته رڳو هڪ لاکيڻي لطيف جي ڪري ئي سڀني دورن تي حاوي آهي ۽ رهندو، پر سنڌي شاعريءَ جو جديد دور به گهٽ اهم ناهي. ڪشنچند بيوس، شيخ اياز، عبدالڪريم گدائي، استاد بخاريءَ سميت هڪ وڏو ڀرپور دور آهي، جنهن ۾ نئين نسل جا به آڪاش انصاريءَ، حليم باغيءَ، حسن درس، مظهر لغاريءَ ۽ سردار شاهه جهڙا انيڪ ۽ باڪمال شاعر اچي وڃن ٿا. مان سمجهان ٿو ته ويهين صديءَ ۾ سنڌ ٻه عظيم شاعر پيدا ڪيا؛ هڪ شيخ اياز ۽ ٻيو استاد بخاري. ٻنهي جون خوشبختيون به پنهنجون آهن ته ڪمزوريون به. شيخ اياز تي تمام گهڻو لکيو ويو، جنهن جي ڪري هو سنڌ جي پڙهيي لکيي طبقي ۾ تمام گهڻو مقبول ٿيو. پر جيئن ته شيخ اياز کي عوامي سطح تي گهٽ ڳايو ويو آهي، ان ڪري هو عوام ۾ ايترو مقبول ناهي. جڏهن ته سندس ڀيٽ ۾ استاد بخاري عوامي سطح تي تمام گهڻو ڳايو ويو آهي، ان ڪري هو عوام ۾ ته تمام گهڻو مقبول آهي. پر افسوس جو جيئن ته بخاريءَ جي شاعريءَ تي سندس شاعريءَ جي پرک جي حوالي سان لکيو گهٽ ويو آهي، ان ڪري سنڌ جو پڙهيو لکيو طبقو، هن کي رڳو سندس ڳايل شاعريءَ جي نسبت سان ئي سڃاڻي ٿو. جڏهن ته حقيقت اِها آهي ته استاد بخاريءَ جي ڳايل شاعريءَ جو رومانوي پاسو سندس گهڻ-رنگي شاعريءَ جو رڳو هڪ پاسو آهي. ان ڪري استاد بخاريءَ کي گهڻي ڀاڱي ماڻهو رڳو عوامي يا رومانوي شاعر طور ئي سڃاڻن ٿا. حقيقت اِها آهي ته بنيادي طور استاد بخاري هڪ مفڪر شاعر آهي ۽ جيڪڏهن هو عوامي شاعر آهي ته ان معنيٰ ۾ هرگز نه ته هن جا خيال هڪ جهالتن ۽ عقيدن جي وَرِ چڙهيل عوام جي سطح جا آهن يا انهن جي سوچ جا ترجمان آهن. استاد بخاري هن معنيٰ ۾ عوامي شاعر آهي جو هو عوام لاءِ شاعري ڪري ٿو. عوام کي عشق، جدوجهد، جستجو، قربانيءَ، سورهيائيءَ جا نوان تصور ڏئي ٿو ۽ سندن سوچ، احساس ۽ عمل جي مِٽي نئين سِر ڳوهي، کين جهالتن، عقيدن ۽ خود-فريبين جي ڌٻڻ مان ڪڍي، پنهنجي ۽ سماج جي قسمت بدلائيندڙ عوام ۾ تبديل ڪري ٿو. ان ڪري استاد بخاري جيڪڏهن عوامي شاعر آهي ته رواجي معنيٰ ۾ نه، پر انقلابي معنيٰ ۾. (۱) مان سمجهان ٿو ته سنڌ ۾ شيخ اياز کي عوامي سطح تي ڳائڻ ۽ استاد بخاريءَ تي پارکو نظر سان لکڻ جي ضرورت آهي ته جديد سنڌ جي هن ٻن عظيم شاعرن مان هڪ جو عوام سان ۽ ٻئي جو سنڌ جي پڙهيي لکيي طبقي سان حقيقي تعارف ٿي سگهي. مون استاد بخاريءَ کي هميشه هڪ سادي، نِج نِبار ۽ بيحد معصوم صفت ماڻهوءَ طور ڏٺو. هو پنهنجي سوچ، روح ۽ مزاج ۾ هڪ مڪمل شاعر هو. هو هر وقت تخيلاتي ڪيفيت ۾ رهندو هو ۽ اهو ئي سبب هو، جو هلندي، ڦرندي، سفر ۾، جاڳندي، سُتي هن تي شاعريءَ جو مينهن پيو وَسندو هو. مان سمجهان ٿو ته شايد ان مزاج ۽ ڌيان کان سواءِ ڪو ماڻهو وڏو شاعر يا آرٽسٽ ٿي به نه ٿو سگهي. تفڪر ته ماڻهوءَ ۾ ٿي سگهي ٿو، پر جيستائين تفڪر ۽ تخيل کي اظهار جي حُسناڪيءَ سان نٿو سلهاڙجي، تيسين عظيم فن يا شاعري تخليق ٿي ئي نه ٿي سگهي. استاد بخاريءَ ۾ اِهي ٽئي عنصر ڪمال، سگهه ۽ نفيس توازن سان موجود آهن. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن شاعريءَ ۾ رڳو تفڪر هجي ۽ تخيل ۽ اظهار جي حُسن جو پاسو ڪمزور هجي ته اردوءَ جي وڏي ترقي پسند شاعر مخدوم محي الدين جيان شاعريءَ ۾ نفاست بجاءِ ڪرختگي حاوي ٿيو وڃي ۽ جي تخيل وري تفڪر کان وانجهيل آهي ته پوءِ شاعريءَ جي حيثيت ٺلهي خيال آرائيءَ يا ذهني اختراع کان وڌيڪ ناهي ۽ شاعريءَ ۾ فن يا ٻولي دراصل خيال ۽ فڪر جو لباس آهي، ان ڪري ظاهر آهي ته حَسين خيال، تصور ۽ فڪر کي لباس به ڪوجهو نه گهرجي. ان ڪري ئي شاعريءَ ۾ تفڪر، تخيل ۽ جماليات جو نفيس توازن هئڻ بيحد ضروري آهي. سنڌ جي هنن ٻنهي جديد عظيم شاعرن يعني شيخ اياز ۽ استاد بخاريءَ ۾ اهو توازن ڪمال درجي تي پهتل نظر اچي ٿو. منهنجي نظر ۾ استاد بخاريءَ جي شاعريءَ جي هيٺين پاسن تي تخليقي تحقيق ۽ تنقيد يعني پرک ٿيڻ گهرجي ۽ مون به پنهنجي ڪتاب ۾ استاد بخاريءَ جي انهن ئي پاسن کي کنيو آهي. جيتوڻيڪ استاد بخاري هڪ نهايت گهڻ-رنگو شاعر آهي، جنهن کي عام طور تي هڪ عوامي رومانوي شاعر سمجهيو وڃي ٿو، پر مان سمجهان ٿو ته استاد بخاري پنهنجي ڳَرُ ۽ جوهر ۾ بنيادي طور هڪ انقلابي شاعر آهي. واضح هجي ته انقلابيءَ جو مطلب نعري بازي ناهي پر اهو فڪر آهي، جيڪو دنيا کي نه رڳو گهرائيءَ سان سمجهڻ جو شعور ڏئي، پر ان کي تبديل ڪرڻ جو شعور به ڏئي. استاد چيو: وقت هجي روهيلو رِڻ پَٽُ، ڏينهنَ ضرور ته ٿُوهَر هوندا، ذِهَن جتي اُونداهيون غارون، فڪر اُتي ڪارِيهَر هوندا. استاد جي تفڪر ۽ فني اظهار جو ڪمال ته ڏسو ته هو جهالت ۽ عقيده پرست سوچن تي ٻڌل فڪر کي ”ڪاريهر فڪر“ سان تشبيهه ٿو ڏئي. الميو اهو آهي ته استاد جي حقيقي انقلابي شاعري، گهٽ ڳائي وئي آهي. (۲) ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته بخاري هڪ غير معمولي رومانوي شاعر آهي. رومانويت، هن جي شاعريءَ سان گڏ، هن جي مزاج ته ڇا پر رَڳِ رَڳِ ۾ سمايل هئي. پر هن جي رومانويت جو ڪمال اِهو آهي ته هڪ طرف هن جا رومانوي رويا نِج ڳوٺاڻي سماج بلڪ روايتي سنڌي رواجي سماج جا آهن، پر ٻئي طرف هو هميشه رومانويت کي مقصديت ڏانهن کڻي ٿو وڃي ۽ اهو بخاريءَ جو ڪمال آهي. اهو ساڳيو ڪمال اسان کي فيض احمد فيض وٽ به ملي ٿو. استاد بخاريءَ جي شاعريءَ کي گهرائيءَ سان پڙهبو ته واضح نظر ايندو ته هن جي رومانويت هڪ فرد کان ٿيندي، عوامي ۽ قومي رومانويت ته ڇا پر ڪائنات-گير ٿي وڃي ٿي. اِها ئي اُها ڪمال جي خوبي آهي، جيڪا استاد بخاريءَ کي هڪ داخليت پسند روايتي رومانوي شاعر بدران، هڪ سماجي مفڪر، انقلابي رومانوي شاعر جو درجو ڏئي ٿي. هو پنهنجي رومانوي سڀاءَ ۾ ڪنهن به هڪ انتها جو شڪار نه ٿو ٿئي، پر هن وٽ رومانويت جي روايت جو به امتزاج ئي نه پر حَسين توازن به آهي. (۳) استاد بخاري سنڌ جو عاشق شاعر آهي ۽ سنڌ هن جي محبت جو محور آهي. ان ڪري بخاريءَ جي شاعريءَ ۾ قومي شعور وڏيءَ شدت ۽ گهرائيءَ سان موجود آهي. پر ساڳئي وقت استاد جيئن ته بنيادي طور هڪ انقلابي شاعر آهي، ان ڪري هن جي شاعريءَ ۾ طبقاتي فڪر به ساڳيءَ سگهه سان موجود آهي. هو جتي پنهنجي قوم ۽ وطن جا گيت ڳائي ٿو، انهن لاءِ لُڇي ۽ پُڇي ٿو، اُتي هن جو روح پنهنجي ۽ سڄيءَ دنيا جي پورهيتن ۽ مظلومن لاءِ ڪَڙهي ۽ ڪُڇي به ٿو. بخاري چوي ٿو: اُٿيو هاڻ گهوٻو ۽ پانو اُٿي پيو، ٻنيءَ ساڻ گڏ ڪارخانو اُٿي پيو، ڏني اُڀَ لولي، جهلي ڀونءِ جهولي، مگر چيلهه موڙي زمانو اُٿي پيو. استاد بخاريءَ جي شاعريءَ ۽ فڪر ۾ وطن ۽ قوم جي نجات تيسين ممڪن ئي ناهي، جيسين اُها اندروني ۽ سماجي طور تبديل نه ٿي ٿئي ۽ سنڌ جي سَڀَ-طرفي آزاديءَ جو مُهندار ۽ ڦل ماڻيندڙ هن ديس جو پورهيت ناهي. استاد بخاري ڪو شهري مڊل ڪلاسي شاعر ناهي، جيڪو وڌ ۾ وڌ عوام تي رحم کائي يا ساڻن پري کان بيهي همدردي ڪري. استاد هن ديس ۽ انسانذات جي سمورين مظلوم قومن ۽ طبقن جو سُونهون ۽ ويڄ شاعر آهي ۽ اها ئي هن جي شاعريءَ جي حقيقي رومانويت آهي. (۴) استاد بخاري جديد سنڌي شاعريءَ جو اهو واحد وڏو شاعر آهي، جنهن جي شاعريءَ ۾ لطيف وانگر ڪٿي به پاڻ تي رحم کائڻ، سماج کي پِٽون پاراتا ۽ مِهڻا ڏيڻ يا مجموعي طور خود قياسيءَ جو رويو ناهي. استاد بخاريءَ جي فڪر جي روح جي ويجهڙائي لطيف جي تفڪر جي روايت سان آهي، جنهن جي فڪر جي ”دين“ ۾ خود-قياسي ”ڪُفر“ آهي. ان نقطي تي استاد بخاري، شيخ اياز کان گهڻو اڳتي نظر ٿو اچي. ڇاڪاڻ ته اياز صاحب جي شاعريءَ ۾ خود-قياسيءَ جو عنصر گهڻين جاين تي نمايان نظر اچي ٿو. پر استاد بخاريءَ لاءِ خود-قياسي ڄڻ ته عيب آهي. اياز وري ٻين تخليقي خوبين ۾ بي مثال ۽ بخاريءَ سميت پنهنجي ٻين هم عصرن کان گهڻو اڳتي آهي. هر شاعر جو پنهنجو ڪمال ۽ پنهنجيون مخصوص ڪمزوريون به هجن ٿيون. بخاري، قوم يا عوام کي ميارون ڏيڻ بجاءِ، هڪ حقيقي سونهين ۽ رهبر وانگر سڄو بارُ پاڻ تي ٿو کڻي. چوي ٿو: مان ٻين وانگر اکيون ٻُوٽي سُمهان، رات جي تارن کي تڙپائيندو ڪير! مان به جي مدهوش ٿي ليٽي پوان، پِرهه جا پيغام پهچائيندو ڪير! (۵) استاد بخاري پنهنجي شاعريءَ ۾ اُهو ڪم ڪيو آهي، جيڪو عام طور شاعر ناهن ڪندا. يعني درد جو اظهار ته شاعر ڪندا آهن، محسوسات کي اُڀارڻ ۽ ويندي تخليق ڪرڻ جو ڪم به شاعر ڪندا آهن، سمجهه ۽ شعور جون ڏياٽِيون ٻارڻ جو ڪم به شاعر ڪندا آهن، پر ايئن وِرلي ملندو ته ڪو شاعر نجات جا گَسَ ٻُڌائي، واٽون سِڌيون ڪري ڏئي ۽ ويندي حڪمت عمليون به ٻُڌائي. اهو سندس شاعريءَ جو ڪمال آهي ۽ اِها روايت شاعريءَ جي دنيا ۾ ايتري عام ناهي. استاد بخاريءَ جي شاعريءَ ۾ اسان کي اهڙا سوين شعر ملندا، جن ۾ تدبر به آهي ته تدبير به آهي، حڪمت به آهي ته حڪمت عملي به آهي، منزل جو ڏس به آهي ته ان جي واٽ به آهي. هو ”هيڻن“ کي سوڀاري سَگهه ڏيندڙ نه رڳو سُونهون پر ويڄ شاعر آهي ۽ اِها حقيقت ۾ لطيفي روايت آهي. اها روايت اسان کي سچل، خواجه غلام فريد يا ڪلاسيڪل دور جي وڏن شاعرن ۾ عام طور تي نه ٿي ملي. اوڀر جي سڄي ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ اسان کي اها روايت رڳو لطيف وٽ غير معمولي سگهه سان ملي ٿي. اُها ٻي ڳالهه آهي ته ڪي ٻيون املهه روايتون لطيف کان وڌيڪ ٻين شاعرن وٽ به آهن، پر اها خاص روايت لطيفي آهي، جنهن جو استاد بخاريءَ تي غير معمولي اثر نظر اچي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو بخاريءَ جي شاعريءَ ۾ ٺلها پُور پچائڻ، پاڻ تي ويڳاڻپ ۽ اَويساهيءَ کي طاري ڪرڻ ۽ بيرحم حقيقتن کي بهادريءَ سان منهن ڏيڻ بدران، ڀڄي وڃڻ جا گَس ڏسڻ بجاءِ حوصلو آهي، جرئت آهي، ارڏائي ۽ جدوجهد آهي. ۽ لطيف جي ٻوليءَ ۾ ورچي نه ويهڻ جو تصور آهي. چوي ٿو: مرڻ کان ڊڄي، زندگي ٿا گهُرو، ٻرڻ کان ڀڄي، روشني ٿا گهُرو، بنا ڪاوشن جي، ڪرشمو ٿئي ڇو؟ ڏُکن کان لِڪي، پوءِ خوشي ٿا گهُرو. (۶) استاد بخاري اهو شاعر هرگز ناهي، جنهن لاءِ شاعري بذات خود دل جي وِندر يا مقصد هجي. هو شاعريءَ کي انسان جي انفرادي توڻي اجتماعي سوچ ۽ زندگيءَ کي تبديل ڪرڻ جو هڪ اهم تخليقي ذريعو سمجهي ٿو. هو جتي شاعريءَ ۾ جماليات ۽ رومانويت جو قائل آهي، اُتي هو شاعري ۽ ادب جي مقصديت جو به وڏو پرچارڪ آهي. حقيقت ۾ تخليقي ادب، زندگيءَ ۾ پنهنجو ڪارج به تڏهن ٿو ڳولي لهي، جڏهن اُهو زندگيءَ کي ڪا نئين معنيٰ ٿو بخشي. نه ته ٺلهي دل جي وندر جي ڪهڙي عمر ۽ ان کي ڪهڙو دوام؟ استاد بخاري جيتوڻيڪ پنهنجي سڀاءَ، سوچ ۽ گفتگوءَ ۾ تمام سادو لڳندو هو. حقيقت اِها آهي ته مون کي سندس حياتيءَ ۾ ڪڏهن به اهو ادراڪ نه ٿيو تهه ڪو هن جو سماجي شعور ايترو گهرو، عقليت پسند، عقيدي پرستيءَ کان آجو ۽ سائنسي آهي. اهو ادراڪ، مون کي سندس وفات کان گهڻو پوءِ، سندس شاعريءَ جو گهرو اڀياس ڪرڻ کانپوءِ ٿيو. هونئن عام طور شاعرن ۾ اهڙو شعور ناهي هوندو، جو گهڻي ڀاڱي سندن شاعريءَ جو محرڪ؛ جذبا، خيال، تخيل ۽ حُسن بيني هوندا آهن. پر استاد جو اهو وڏو ڪمال آهي. استاد واقعي ”فڪري استاد“ به آهي. ان ڪري ئي مون هن کي سنڌ جو ”سُونهون“ ۽ ”ويڄ شاعر“ ڪوٺيو آهي. (۷) استاد بخاريءَ جي شاعريءَ جي ٻوليءَ، فن، تخليقي تجربن، عجيب و غريب تشبيهن، علامتن، استعارن جي حَسين استعمال ۽ خيال جي اُڻت جا پاسا به ايترا ئي باڪمال آهن، جيترا هن جا فڪري يا تخيلاتي پاسا آهن. جيئن هن جو فڪر غير روايتي آهي، تيئن هن جي ٻولي، اسلوب، فن، بندشون ۽ ترڪيبون پڻ بيحد انوکيون، نيون، منفرد ۽ تخليقي آهن. اهو استاد جو ئي ڪمال آهي جو هن جي شاعريءَ ۾ بنهه غيرشاعراڻا لفظ به نئون معنوي جنم وٺي وڏيءَ حُسناڪيءَ سان جهُومڻ لڳن ٿا. حُسن ۽ جماليات استاد جي شاعريءَ جي هر انگ ۽ رنگ ۾ آهي. جنهن جي حوالي سان به استاد جا تجربا ڪمال جا آهن. مان سمجهان ٿو ته نظم ۽ گيتَ سميت شاعريءَ جي ٻين صنفن ۾ جيترا گهڻ طرفا تخليقي تجربا استاد ڪيا آهن، سنڌي ٻوليءَ ۾ شيخ اياز کانسواءِ وِرلي ڪنهن شاعر ڪيا هوندا. مان سمجهان ٿو ته سنڌ جي ڪا يونيورسٽي استاد بخاريءَ تي هڪ چيئر قائم ڪري ته جيئن سنڌ جي هن ”استاد“ شاعر بابت معياري تحقيق ذريعي سنڌ کي سندس فڪر، ٻوليءَ ۽ فن جي پرک ملي سگهي ۽ سنڌ جا هم عصر ۽ ايندڙ نسل اِهو ڄاڻي سگهن ته سنڌ جي دل دادوءَ جي ارڏي ۽ رومانوي مِٽيءَ مان نِسريل جديد سنڌ جو هيءُ وڏو شاعر ڪيڏو نه باڪمال مفڪر ۽ آرٽسٽ هو! استاد بخاري بخاري باغ الفت جو، وفا ۽ واس جو نالو مقصود گل هن ماڻهن جي جيئري جهان ۾، ماڻهن ۾ ماڻهو ٿي جالڻ ۽ گذارڻ به هڪ وڏو مسئلو آهي. ڇاڪاڻ ته ماڻهو ڪوٺبو ئي ان کي آهي، جيڪو ماڻهپي جو مان بڻجي، هن دنيا ۾ ماڻهن ۾ مانائتو ماڻهو ٿي، جالي ۽ گذاري. هونءَ ته تاريخ جي ورقن ۾ چڱن سان گڏ مَٺا ۽ اڻ سيباڻا ڪردار به موجود آهن. پر چوندا آهن؛ ”ڪاٺيءَ ڪاٺيءَ پنهنجو لڇڻ آهي“. ان ڪري جيڪي سهڻا، سچا ۽ سنوترا ڪردار تاريخ جي ورقن ۾ آيا آهن، انهن نوَ لکن ڪردارن کي پنهنجي سيني ۾ سونهري حرفن ۾ سانڍيو آهي. استاد بخاري اسان جي دؤر جو اهو سهڻو ۽ ڇٽيهه لڇڻو ڪردار آهي، جنهن کي تاريخ پنهنجي سيني ۾ سونن اکرن ۾ لکي، پنهنجي ساهه ۾ سمايو، جيءَ ۾ جايون ڏنيون ۽ پنهنجو مان وڌايو آهي. استاد بخاري بهتر، اهم ۽ عظيم شاعر ته هيو ئي، پر هو هڪ اعلى قدرن وارو آدرشي انسان به هو. پاڻ استاد بخاري پنهنجي گفتگو ۽ تحريرن ۾ اڪثر هي جملا ورجائيندو هو: ”سٺو شاعر، اديب يا استاد ٿيڻ ته آسان عمل آهي، پر هن ماڻهن جي جيئري جهان ۾ سٺو انسان ٿيڻ تمام اوکو عمل آهي.“ ۽ ... .. ها... .!!! واقعي سندس ئي چواڻيءَ جيڪو ڏاڍو ڏکيو عمل هو، سو پاڻ ڪري ڏيکاريائين ۽ ها بخوبي ڪري ڏيکاريائين... .!!! سچ پچ استاد اعلى قدرن وارو عظيم آدرشي انسان به هو ۽ جن دوستن کي استاد سان ويجھي رهڻ جو مان حاصل آهي، انهن کي سموري خبر هوندي ته استاد پاڻ ۾ ڪيتريون ۽ ڪهڙيون خوبيون رکندو هو. مان به انهن خوش بخت انسانن مان آهيان، جن کي استاد جو قرب حاصل هو. جيئن ته مون استاد کي ويجھڙائيءَ کان ڏٺو، ان ڪري مون کي به سندس ڪجھه خوبيون، عجيب عادتون ۽ احساس ڏسڻ جو موقعو مليو. جن جي وچور بيان ڪرڻ لاءِ ته ڪتاب لکجي ويندا، پر بس هتي مان سندس ڪجھه محبتي ڳالهيون ونڊيندس. استا بخاريءَ جي محفل ۾ سڀ ماڻهو هڪ جيترو ئي مان حاصل ڪندا هئا. ڪيترا ئي ڀيرا سندس ڪچهرين ۾ ويهڻ جو موقعو مليو. سندس ڪچهريءَ ۾ سينئر شاعر ۽ اديب به هوندا هئا ته ان وقت مون جهڙا نوان ۽ سيکڙاٽ شاعر به. پر ڪو به ماڻهو سندس ڪچهريءَ ۾ سندس گفتگوءَ کان وانجھو يا محروم نه رهندو هو. هو ڪنهن کي به نظر انداز ٿيڻ جو احساس نه ڏياريندو هو. سماجي يا ادبي حوالي سان ڪير ڪيترو به ننڍڙو ماڻهو ڇو نه هجي، سندس قرب ۽ ڪچهريءَ مان هڪ جيترو فيض حاصل ڪندو هو. وري وري، واري سان، سڀني حاضرين جو نالو وٺي پيو مخاطب ٿيندو هو. استاد بخاريءَ جي ملڻ ۽ مخاطب ٿيڻ جو انداز به ڏاڍو پنهنجائپ وارو، سيبائتو ۽ دلپذير هوندو هو. ساڻس ملڻ وارو هر فرد، توڙي جو هو اوپرو ۽ ساڻس پهريون ڀيرو ئي ملڻ وارو ڇو نه هجي، پر هو ائين محسوس ڪندو هو، ڄڻ استاد سان سندس سالن کان واقفيت ۽ ويجھڙائي هجي. هڪ ڀيري منهنجي ڀاءُ قاضي اختر حيات جي شاديءَ جي موقعي تي اسان جي هڪ هندو دوست ڪرتال لعل جي نئين ديري ۾ استاد بخاريءَ سان پهرين ڪچهري ۽ ملاقات ٿي. اسان جي ان دوست کي استاد سائينءَ اهڙو ته قرب ڏنو، جو اهو سمجھڻ ۽ سوچڻ لڳو هو ته استاد سان سندس ورهين جي واقفيت آهي، جيڪا هو شايد زماني جي گردشن ۽ ڪمزور حافظي ڪارڻ وساري چڪو آهي ۽ پوءِ اها پهرين ملاقات اهڙي ۽ ايتري پائدار ثابت ٿي، جو ڪيترا ئي ڀيرا اهو دوست پنهنجي گونان گون مصروفيتن مان ڪجھه پل آزاد ڪري استاد جي درشن لاءِ دادوءَ ڪهي ويندو رهيو. سائين سرڪش سنڌي، مختار گھمرو ۽ مان، گھڻو ڪري گڏ ئي استاد سائينءَ سان ملندا هئاسين. پوءِ اها ڪچهري دادوءَ ۾ هجي، رتيديري ۾ يا وري ڪنهن ٻئي هنڌ ادبي ميڙاڪي ۾. اسان جي ويجھڙائيءَ ۽ مشترڪه ادبي سفر يا هم خياليءَ جي ڪري، استاد سائين پيار مان اسان ٽنهي کي ٽمورتي ڪري ڪوٺيندو هو. جيڪڏهن ڪنهن سبب جي ڪري اسان مان ڪو به هڪ ڪنهن پروگرام ۾ اسان جو همسفر نه ٿي سگھندو هو ته، استاد سائين سراپا انتظار بڻجي حقيقت معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو. خاص طرح سان سرڪش جي بيماريءَ سبب سندس طبيعت جو استاد کي گھڻو انتظار رهندو هو. استاد بخاري، گھڻو ڪري ڪنهن کان ناراض نه ٿيندو هو ۽ نه وري ڪو ڪنهن کان ڪو شڪوو شڪايت ئي ڪندو هو. مولى علي عليه السلام جي قول مطابق، سندس دل ۾ هڪ وڏو قبرستان هوندو هو، جنهن ۾ دوستن توڙي دشمنن جون اوڻايون ويندو هو دفن ڪندو. ڪڏهن ڪڏهن اهڙن احساسن کي الفاظن جو روپ ڏيندي چوندو هو: ”ابا ميڏي دل وچ مڪلي هي.“ استاد بخاري جي پنهنجي ئي ضلعي جي ڪجھه اديبن ۽ شاعرن کي ساڻس بي سبب ڪي رنجشون ۽ ناراضگيون به هونديون هيون. استاد جي شفيق ۽ مهربان طبيعت جي ڪري، کين شڪايت ڪرڻ جو موقعو ته ڪو نه ملندو هو، پر ڪڏهن ڪڏهن انهن جا اجايا اعتراض مشاعرن يا ادبي ميڙاڪن جي صدارت يا ٻين امتيازي نشستن واري معاملي جي روپ ۾ ظاهر ٿي پوندا هئا ۽ چوندا هئا: ”بس! هر مشاعري جي صدارت استاد ڪري... !!!“ پوءِ ٻه ٽي ماڻهو ان مشاعري جي بانيءَ کي ڪنڊ سنڊ ۾ گھرائي زور وجھندا هئا ته استاد صدارت نه ڪري، نه ته اسان مشاعرو نه پڙهنداسين. ”ڀريو مَٽُ استاد“ جيڪڏهن خبر پوندي هيس ته مشاعري جي ميزبان کي ڳراٽڙي پائي مرڪي چوندو هو: ”ابا ڪائي ڳالهه ناهي، صدارت انهن کي ڏي، مان هيٺ ويهي مشاعرو ٻڌندس ۽ پڙهندس“. پوءِ عجيب مزيدار عالم ٺهي ويندو هو، استاد جاتي به ويٺو هوندو هو، اتي ئي صدر هوندو هو ۽ شاعر کيس ئي مخاطب ٿي شعر پڙهندو هو ۽ هو هٿرادو صدر مٿي ويٺل هوندي به ويٺو شڪي ۽ شرمندو ٿيندو هو. استاد بخاري دوستن جو دوست، يارن جو يار ۽ غيرن جو به همدرد هوندو هو. ان ڪري ته هن همدردي ۽ پيار جي حيثيت ۽ حقيقت کي پنهنجي لفظن ۾ ئي نمايان ڪري ٻنهي لفظن جي تفريق کي واضع ڪيو آهي ته هـمـدريءَ کــي پـيـار نـه چـئو او چريا. جنهنکي تنهنکي يار نه چئو او چريا. يارن دوستن سان ڏک سک ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ بنا ڪنهن دير جي وٽن پهچڻ استاد جو محبوب مشغلو هوندو هو. دوستن سان گڏ خوشين ۾ جھومڻ ۽ مرڪڻ سندس پهرين ترجيح ۽ دوستن جي ڏک ۾ تڏي تي پهچڻ سندس اولين فرض هوندو هو. اسان سندس قرب ۽ ويجھڙائيءَ کي سندس احساسن ۽ امنگن جي حوالي سان محسوس ڪيو هو. استاد بخاري، بابا سائين ’قاضي عبدالحي قائل‘ جي مڪي شريف ۾ مرتئي جي خبر ٻڌي، سخت ۽ تيز چوماسي برساتن باوجود، پهرين فرصت ۾ رتيديري پهتو. ڏک سور ونڊيائين، آٿت ڏنائين ۽ ڌيرج جون نصيحتون پڻ ڪيائين. پنهنجي احساسن جو اپٽار ڪندي، بابا جي وفات واري تاثراتي ڪتاب ۾ لکيائين: ”سائين قائل صاحب سنڌ جو سٺو خدمتگار، جيڪو هاڻي اسان ۾ نه آهي ۽ نه وري اسان ۾ ڪڏهن موٽي ايندو، اهو پرديس ۾ اسان کان وڇڙي ويو آهي. اهو روحاني طرح ته سنڌ ۾ آهي ئي، پر مذهبي حوالي کي ڇڏي، ان کي جسماني طرح به سنڌ ۾ هئڻ گھربو هو. بهرحال مان سندس تڏي تي سندس پٽن سان غم شريڪ آهيان.“ استاد بخاري خط لکڻ جو به ڪوڏيو هو. هر هفتي سندس خط ضرور ايندو هو ۽ اسان وٽان به سندس خطن جي موٽ سلسليوار ايندي ويندي رهندي هئي. سندس خط، ادبي صحيفو بڻجي اسان وٽ ايندو هو، جنهن ۾ ادبي خبرون، سماجي، ذاتي ۽ قومي ڳالهيون، مشاعرن جون دعوتون ۽ دنيا جا وچور ونڊيل هوندا هئا. ڪنهن سبب جي ڪري، هڪ ڀيري الائي ڇو مهينو ٻن جو وقفو ٿي ويو ۽ مان سندس مسلسل ٻن خطن جو جواب نه ڏئي سگھيس. هڪ ڏينهن سندس ٽيون خط آڊوکن اکرن سان اچي نڪتو، جنهن منهنجي اکين جون پڇڙيون به آڊوکيون ڪري رکيون هيون. استاد لکيو هو: ”اڃا ته استاد جيئرو آهي، ان کي جيئري ته نه وساريو... .!!! تنهنجي خط جي اوسيئڙي ۾ منهنجون اکيون رستو ٿي پيون.“ منهنجي ٽئين نمبر پٽ نادر ۽ ٻن ڀائٽين آڪاش اختر ۽ نقاش اختر جن جا طهر هجن. استاد بخاريءَ کي منهنجي پاران دعوت عرض رکي وئي. انهن ڏينهن ۾ استاد جي طبيعت ناساز هئي ۽ ڪافي ڪمزور به ٿي ويو هو. ان ڪري استاد پروگرام ۾ اچڻ کان معذرت ڪئي هئي. پر جيئن مقرر ڏينهن ۽ وقت تي پروگرام شروع ٿيڻ جون تياريون ٿي رهيون هيون، ته اچانڪ استاد کي پروگرام جي پنڊال جي ٻاهران ڪار مان لهندو ڏسي، سڀني کي انتهائي حيرت-گاڏڙ خوشي محسوس ٿي هئي. استاد وقت تي پهچي حيران ته ڪيو هو، پر اکين کي خوشيءَ جا ڳوڙها به ڏنا هئا. ڀاڪر ۾ ڀريندي چيو هئائين: ”استاد جيئرو به هجي ۽ سائين قائل جي ڪهول جي خوشيءَ ۾ نه اچي، اهو کوڙو ئي نه ٿو لڳي.“ استاد ان وقت صرف اڌ ڪلاڪ ترسيو، پنهنجي ڪمزور هٿن سان گھوٽن کي ڳانا ٻڌائين ۽ بنا ڪجھه کائڻ پيئڻ جي وري اکين کي ڏکارا ڳوڙها ڏئي رمندو رهيو. استاد سائينءَ جي ٻارن سان پيار واري خاص خصلت ۽ محبت کي به وساري نه ٿو سگھجي. مون ته سندس روين مان اهو محسوس ڪيو هو ته ٻارڙن سان سندس قرب ۽ پيار ظاهري نه پر اتساهڪ هو. جيترو مانُ، هو وڏن لاءِ رکندو هو، اوترو بلڪ ان کان به وڌيڪ ئي هو ٻارن سان پيار وارو جذبو رکندو هو. استاد جي ٻارڙن سان پيار واري جذبي جو هڪ مثال هي به آهي ته جڏهن به استاد اسان جي غريب خاني تي ايندو هو ته خاص ڪري منهنجي ٻئي نمبر پٽ ناصر کي ضرور ۽ خاص وقت ڏئي ان سان ڪچهري ڪندو هو. ناصر جي ان وقت عمر ست يا اٺ سال مس هوندي هئي. ناصر جو ننڍي لاءِ کان وٺي ئي ڳائڻ سان شوق هوندو هو ۽ هو ڪئسٽ تان استاد بخاريءَ جا منظور سخيراڻيءَ جي آواز ۾ ڳايل گيت ياد ڪري پنهنجي طوطلي ۽ ٻاتڙي ٻوليءَ ۾ اڪثر گنگنائيندو رهندو هو. ان ڪري استاد بخاريءَ جي ناصر سان خاص ڳائڻ وڄائڻ جي ننڍڙي محفل ضرور مچندي هئي. استاد پنهنجي هٿ سان پنهنجي ڊائري ئي وڄائي ڍولڪ جو رڌم ٺاهيندو هو ۽ ننڍي لاءِ ئي سر گر جو پختڙو ناصر پنهنجي ٻاتڙيءَ ٻوليءَ ۾ استاد جا گيت ڳائيندو هو: ”روز بهانا نوان نوان، ماريو تنهنجي نمان نمان“ ۽ حاضرين سڀ هڪ مهان ڪويءَ ۽ هڪ ننڍڙي ٻارڙي گائيڪ جي محفل کان محظوظ ٿيندا هئا ۽ ان وقت استاد بخاريءَ جا مزيدار ٽهڪ ۽ ڳريليون تاڙيون به ٻڌڻ وٽان هونديون هيون. حقيقت اها آهي ته استاد بخاري هڪ اهڙو گھڻ-گُڻو ۽ گھڻ-پاسائون ماڻهو ۽ عجيب آدرشي انسان هو، جنهن ۾ انڊلٺ وارا رنگ سمايل هئا. جن کي هڪ ئي وقت چند پنن جي سينن ۾ سمائي هرگز نه ٿو سگھجي. بخاري عجيب رمزن، مختلف سرهاڻين، ۽ گھڻن ئي ورنن جي گلن جو گلدستو هو، جنهن جي رنگ، خوشبو ۽ خوشنمائيءَ کي اندر جي اتساهه واري اندريءَ ۽ احساسن سان ئي محسوس ڪري سگھجي ٿو. پرينءَ جي پياس جو نالو، عجب احساس جو نالو، بــخــاري بــاغ الــفــت جــو، وفــا ۽ واس جـو نالو. استاد بخاري هڪڙو هو رکيل مورائي اڄ استاد بخاريءَ جي ورسيءَ جو ڏينهن آهي. سندس ورسي ملهائي، هڪ رسم پوري ڪئي ويندي. جيئن انساني جذبي هيٺ ڪيو ويندو آهي ۽ عالمن، اديبن ۽ شاعرن جون ورسيون ملهائڻ جو هڪ سبب کين ياد ڪرڻ به آهي. جيتوڻيڪ سندن هر ڇپيل ڪتاب سندن يادن طور قومن وٽ محفوظ هوندو آهي، شايد هڪ سبب اهو به آهي ته سندن ورسيون ۽ سالگراهون ملهائي، اسان پنهنجي حال کي ماضيءَ سان ڳنڍيندا آهيون ۽ ايئن مستقبل ڏانهن پنهنجي اندر نسل کي رستو ڏيکاريندا آهيون. ڪنهن به اهڙي رسم کان اڳ يا پوءِ، اسان پنهنجي عالمن، اديبن ۽ شاعرن کي حقيقي معنيٰ ۾ اعزاز ڪهڙو ڏيندا آهيون، جيڪو اصل معنيٰ ۾ انهن کي ڏيڻ گهرجي. اڄ جڏهن استاد بخاريءَ جي قبر تي گل چاڙهيا ويندا، کيس ڀيٽا ڏني ويندي، سندس اعزاز/ياد ۾ چڱو ئي خرچ ٿيندو، ان موقعي تي کيس اصل ڀيٽا ڪير ڏيندو؟ اڄ جي نوجوانن ۾ ڪيترا اهڙا نوجوان هوندا جن ڏهين آڪٽوبر ٻه هزار تيرهن کان نائين آڪٽوبر ٻه هزار چوڏهن تائين پنهنجي هڪ ڏهاڙي مان صرف هڪ ڪلاڪ ڪڍي سندس ٻن درجن ڪتابن نئين سر اڀياس ڪيو هجي ۽ هڪ لاجواب پيپر لکيو هجي، جنهن منجهان اسانکي استاد بخاري جي شاعريءَ جا ڪي نوان نقطا، نوان احساس، نوان رومانس، نوان فلسفا ۽ نئين احساسداري پلئه پوي. جيڪڏهن ايئن نه ٿو ٿئي ته انهن شخصن کي ڪلاڪ ڪلاڪ ڳالهائڻ ڇو ٿو ڏنو وڃي، هڪ ئي وقت سَون ماڻهن جو اهو وقت ڇو ٿو ضايع ڪيو وڃي، ٻن ڏهاڪن جي وٿيءَ بعد به اسانکي اهڙو پيپر نه ملي سگهيو آهي، جنهن استاد جي شاعريءَ جا ڪي نوان پهلو ظاهر ڪيا هجن. اڄڪلهه اسانجي شاعرن، عالمن ۽ اديبن جي ورسين تي لکندڙن جون ڪجهه به لکڻ وقت سمورين توانايون ان ڳالهه تي ختم ٿين ٿيون ته لکندڙ جو لکيو ويندڙ سان ڪيترو ويجهو تعلق هئو، ايئن جنهن تي لکيو وڃي ٿو اهو رهجي وڃي ٿو ۽ جيڪو لکي ٿو اهو مٿي اڀري اچي ٿو. مجموعي طور اسانجي ادب ۾ جيترو اديبن ۽ شاعرن تي شخصي طور ڳالهايو ۽ لکيو ويو آهي. اوترو سندن ادب تي نه لکيو ويو آهي ۽ نه ڳالهايو ويو آهي، ايئن استاد بخاريءَ جهڙي، سنڌي شاعريءَ ۾ پنهنجي نرالي جڳهه حاصل ڪندڙ شاعر تي به نه لکيو ويو آهي. جيڪا سنڌي ادب لاءِ خاص ۽ استاد بخاريءَ جي حوالي ۾ عام ڳالهه ڪري سگهجي ٿي. استاد بخاري سنڌي ٻوليءَ جو اهڙو شاعر آهي، جنهن وٽ گهڻي قدر سڀ ڪجهه پنهنجو آهي، هن جا موضوع پنهنجا آهن، هن جي ٻولي پنهنجي آهي، هن جو لهجو پنهنجو آهي، ڪنهن به اعليٰ شاعر وٽ ٻيو ڇا هجڻ گهرجي. اياز، تنور، شمشير ۽ امداد جي موجودگيءَ ۾ استاد جي شاعري ايتري نرالي آهي، جنهن تي معجزي جو گمان ٿئي ٿو. استاد بخاري جي شاعريءَ جا بنياد پنهنجي راويت تي بيٺل آهي. اها روايت جيڪا سچ پچ، عوامي آهي، هت سندس روايت جو ذڪر سندس واتان ٻڌل شاعري نه آهي. پر ڪتابن ۾ ڇپيل اها شاعري آهي،جيڪا اڄ استاد جي جسمانيءَ طور نه هجڻ کانپوءِ به اسانجي آڏو آهي، ٻي روايت شآعري ۾ شعر پڙهڻ واري آهي، جيڪا عارضي آهي، تنهن هوندي به استاد پنهنجي موجودگي محسوس ڪرائيندو رهيو، ڪيترا ئي شاعر مشاعرن ۾ ته پنهنجي موجودگي شدت سان محسوس ڪرائي سگهيا، پر ان قوت سان پني تي اڀري نه بيٺا، استاد بخاريءَ جي شاعريءَ جو چڱوئي حصو پني تي پڻ اڀري بيٺو آهي، جنهن کان وڌيڪ سندس موجودگيءَ محسوس ٿيندي هئي. سنڌي ٻولي وري استاد بخاري جهڙو شاعر پيدا ڪندي، جنهن کي سچ پچ عوامي شاعرن ڪوٺي سگهجي. شايد اسانکي گهڻو وقت انتظار ڪرڻو پوندو. ڇاڪاڻ ته استاد بخاري شاعر جي ان لسٽ ۾ نه آهي، جنهن کي ڳوليو وڃي. سندس قدر ايترو وڏو آهي جيڪو پري کان ئي ڏسڻ ۾ ايندو آهي. اڄ نه ان کي ڪو گهٽائي سگهندو نه ئي ان کي وڌائي سگهندو. استاد بخاري سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ وڏي حلقي جي اتساھ جو سبب پڻ رهيو آهي. اڄ به سندس ڪتاب تيزيءَ سان وڪرو ٿيندڙ ڪتابن ۾ شامل آهن ۽ بار بار ڇپجندا رهن ٿا. گهڻن ئي شهرن وانگر دادو پڻ شهر نه پر هڪ احساس آهي. جنهن ۾ استاد بخاري جي شاعري شاھ کڻي ٿي ۽ محسوس ٿئي ان ڪري هو سدائين جيئرو رهڻو آهي. رسمي طور هن کي ياد ڪري ڄڻ اسان پاڻ کي ياد ڪريون ٿا ڇاڪاڻ ته هو اسان جو اهڙو شاعراڻو ورثو آهي، جنهن تي اسانکي فخر محسوس ٿئي ٿو. ان سان گڏ تڪليف به محسوس ٿئي ٿي جڏهن استاد تي هڪ درجي کان هيٺ لهي ڳالهايو ٿو وڃي ۽ پڙهيو ٿو وڃي. استاد جو اڀياس جنهن سطح تي ٿيڻ گهرجي انتظاميا کي ان پاسي به ڌيان ڏيڻ جڳائي ۽ استاد کي انهن جو وارثيءَ کان به بچائڻ گهرجي. جن استاد کي ادب ۾ لاوراثي ڏانهن ڌڪڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. پر استاد جي شاعريءَ سنڌ جي مضبوط وارثي حاصل ڪري ورتي، ڇاڪاڻ ته اها سنڌ جي شاعري هئي، سنڌين جي شاعري هئي ۽ وڌيڪ ته اها سندن جذبن جي ترجمان شاعري هئي. استاد جي شاعري سنڌ جي اهڙي سونهن آهي جنهن تي ڪو به شخص موهت ٿي سگهي ٿو ۽ اهو موھ هو سدائين لاءِ پنهنجي دل ۾ سانڍي سگهي ٿو. استاد سدائين اسان جي وچ ۾ هئو. اسين سڀ سندس آس پاس هئاسين، اڄ هو پاڻ نه آهي، اسان کان وڇڙي ويو آهي. تڏهن ئي ته سندس ورسي ملهائي رهيا آهيون. هو جيڪو سانگين جي وچ سدائين سالگرهون محسوس ٿيندو هئو. سانگين مان گڏ سالگرھ مان، وڇڙي ويس ته ورسي آهيان. اُستاد بخاري سونهن ۽ سچ جو شاعر ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ استاد بخاري ولد حاجن شاهه جديد شاعريءَ ۾ هڪ ناميارو نانءُ آهي. ادبي تاريخن موجب هو ۱۶ جنوري ۱۹۳۰ع تي ڳوٺ غلام چانڊيو ضلعي دادو ۾ ڄائو هو، پر تازو عزيز ڪنگراڻيءَ جي تحقيق موجب ته، استاد بخاري مٿين تاريخ کي قبول نه ڪيو ۽ پنهنجي مختلف انٽرويوز ۽ بيانن ۾ ٻڌايو آهي ته، ”اسڪول رڪارڊ موجب ۱۶ جنوري ۱۹۳۰ع آهي، پر بابا سائين جي قول مطابق منهنجو جنم اڃان سال کن اڳ ٿيو, جنم جي تاريخ اٽڪل ۶ مهينا اڳ ۷ آگسٽ ۱۹۲۹ع بمطابق پهرين ربيع الاول ۱۳۴۸هجري آهي“ سندس ڇٽيءَ جو نالو پنهل شاهه هو ۽ اسڪول ۾ والد کيس احمد شاهه جي نالي سان داخل ڪرايو. استاد بخاريءَ پرائمري کان سنڌي فائينل ۱۹۴۴ع تائين ڳوٺ غلام چانڊيو ضلعي دادوءَ ۾ پڙهيو. ۱۹۴۷ع ۾ پرائمري استاد ٿيو ان دوران پڙهندو آيو، ۱۹۶۴ع ۾ ايم اي سنڌي ڪيائين ۽ ۱۹۶۷ع ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو، آخر ۾ دادو ڪاليج (جيڪو هاڻي استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادو سڏيو وڃي ٿو( مان اسسٽنٽ پروفيسر طور ۱۹۹۰ع ۾ رٽائر ڪيائين. ۹ آڪٽوبر، ۱۹۹۲ع تي ۶۳ سالن جي عمر ۾ سندس وفات ٿي. آخري وقت هو ڪينسر جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا هيو ۽ شديد بيماري ۽ تڪليف کان پوءِ ڪراچيءَ جي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪيائين. استاد بخاري ننڍي لاڪون راڳ سان رغبت رکندڙ ٻار هو. پنهنجي ماءُ کان هن ڪافيون ۽ مولود ڳائڻ سکيا. سندس يادگيري غضب جي هئي، کيس ٿورو پڙهيو ياد رهندو هو. هن جو آواز ايترو ته مٺو هوندو هو جو هم جماعت ڇوڪرا توڻي اسڪول جا استاد کانئس موڪل مهل يا رسيس ۾ ڪو ڪلام ضرور ٻڌندا هئا. هن جي تربيت محبت ۽ نهٺائيءَ واري هئي کيس سندس والد قصا، تاريخي ڳالهيون ٻڌائيندو هو ته واري سندس والده مذهبي تربيت ڪئي، جنهن جي ڪري هو نيڪ نمازي هيو. کيس ننڍپڻ کان ئي ڳائڻ جي ڪري شعر جوڙڻ جو شوق ٿيو، سندس پهرين شاعري ۱۹۴۲ع جي آهي، جنهن وقت هو پنجين درجي ۾ پڙهندو هو. جڏهن ۱۹۴۷ع ۾ پرائمري استاد ٿيو، تڏهن پنهنجو تخلص پڻ ”استاد“ رکيائين. هن جي شاعريءَ جو سفر پنجاهه سالن جي عرصي تي محيط آهي، جنهن ۾ هن هزارين نظم، آزاد نظم، چوسٽا، گيت، غزل، بيت، رباعيون، ٽيڙو، قطعا، وايون ۽ ڏوهيڙا چيا آهن. ان کان سواءِ ترائيل، سانيٽ ۽ هائيڪو جو پڻ شعر چيو آهي. سندس ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن. پهريون ڪتاب ۱۹۷۱ع ۾ ”گيت اسان جا جيت اسان جي“، ڇپيو جنهن ۾ سندس شاعريءَ جون مختلف صنفون شامل آهن. انهيءَ کان سواءِ هن جي ڪتابن ۾ ”گلدستي ۾ گيت“، ”گيت گلابي ٻارن جا“، ”ٻاراڻا ٻول“، ”اوتون جوتون“، ”ڪوڪڻ يا ڪلياڻ“، ”ولولو ۽ ووڪ“، ”زندگي زندگي“، ”ڌرتي سرتي“، ”ميلا ملهالا“، ”ماندي ٿي نه مارئي“، ”وطن ۽ ويساهه“، ”پير نه هٽن پوئتي“، ”گهڙيا سي چڙهيا“، ”هي گجراهي گولا“، ”هڙئي هيج وطن جا“، ”ڳائي پيو جاڳائي پيو“، ”تڙ تڙ تيڏيان ڳالهيان“، ”ڌوڙ دل جي درد جي“، ”لهر لهر دريا“، ”بخاري جا قطعا“، ”سوچون ڀڻڪا، واڪا“، ”نه ڪم نبريو، نه غم نبريو“، ”لهري لهري ۾ لالاڻ“، ”ڪاري ڪڪر هيٺ“، ”ڌري سرتي“ ۽ ٻيا ڪتاب آهن، ٻن چئن ڪتابن کان سواءِ استاد جا گهڻا ڪتاب وفات کان پوءِ ڇپيا ۽ عوام ۾ بي حد مقبول ٿيا آهن، سندس شاعريءَ جو ڳچ حصو سنڌ جي اهم فنڪارن سريلي آواز ۾ ڳائي هن ڌرتيءَ جي ڳوٺ ڳوٺ ۽ واهڻ واهڻ تائين پهچايو آهي، ڪابه اهڙي موسيقيءَ جي محفل نٿي هجي جتي شاهه صاحب ۽ شيخ اياز جي ڪلام سان گڏ استاد بخاريءَ جو شعر ڳاتو نه ويو هجي، هو شاهه ۽ اياز کان پوءِ سنڌ جو وڏو شاعر شمار ٿئي ٿو، جيڪڏهن استاد بخاريءَ جو مڪمل ڪلام اخبارن ۽ رسالن ۾ ٽڙيل پکڙيل مواد سميت ڇپايو وڃي ته هن جي ڪتابن جو ڳاڻيٽو پنجاهه کان مٿي ٽپي ويندو، روزانه هلال پاڪستان ۾ سندس ڇپيل چؤسٽا، جيڪي پابنديءَ سان ڇپبا هئا، سنڌ ڌرتيءَ جي هڪ سياسي، سماجي ۽ معاشي تاريخ آهن. اهي ايترا ته وافر مقدار ۾ هئا جو انهن ۾ سنڌ جي ڪيترن اهم واقعن ۽ حالتن جي وڏي پئماني تي نشاندهي ٿي آهي، استاد انهن چؤسٽن معرفت سنڌ واسين کي جاڳايو، اُتساهيو ۽ قوميت جي جذبي سان مالا مال ڪيو، ڌرتيءَ جي بقا ۽ بچاءُ لاءِ همٿايو جيئن چوي ٿو ته، تنهنجي اک ۾ پتلي ناهي، پٿري آهي، سنڌ سڙي پيئي، تنهنجي اک روئي به نٿي، تنهنجي بت ۾ رت جي بدلي ريتي آهي، خلق لڇي پئي، تنهنجي دل ڇرڪي به نٿي. ”بخاري صاحب جي سولي ٻولي ۽ الڳ انداز جي ڪري سندس چؤسٽي گهڻي مقبوليت ماڻي. هر چؤسٽي ۾ استاد جيڪا ڳالهه چوڻ چاهي آهي، سا بلڪل واضح آهي، تنهن ڪري هر چؤسٽو هڪ مڪمل نظم جي صورت وٺيو بيٺو آهي، روزانو اخبار ۾ لکڻ جي ڪري ان ۾ موضوع به ايترا پکڙيا پيا آهن، جيتري زندگي ۽ ڪائنات. هو ڳائڻ ۽ جاڳائڻ وارو شاعر آهي“. استاد بخاريءَ جي شاعريءَ ۾ موضوع کي اهميت آهي، هن شاعريءَ جي ڪيترين صنفن ۾ مقصدي طور جيڪي چوڻ چاهيو، اهو واضح چيو آهي هو عوامي شاعر ته آهي پر سنڌي قوم جو قومي شاعر پڻ آهي، جنهن ڌرتيءَ جي سونهن کي ۽ پوري سنسار کي چٽيو آهي ۽ ڌرتيءَ واسين کي علم جا، عمل جا، اڳتي وڌڻ جا، دشمن اڳيان فولاد ٿي بيهڻ جا، حوصلي ۽ همت جا سبق مختصر نظمن، چوسٽن ۽ رباعين ۾ چيا آهن، چوي ٿو ته، وقت جي ويٺي لکي مون واردات، لک اصول استاد، ڀڻڪيو مشڪلات، ”عزم“ جي سامهون جهڪيو آفت پوي، ڏينهن کي روڪيندي ناهي ڪابه رات. استاد بخاري طنزيه ۽ مزاحيه شاعري پڻ ڪئي ۽ ٻارن لاءِ پڻ لکيو آهي، سندس شاعري سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پاران نصاب ۾ شامل آهي، استاد جا شعري مجموعا ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي نصاب ۾ مقرر آهن. هن جي شاعريءَ جو فڪري پهلو وڌيڪ اهميت جوڳو آهي، مٿان هن لفظن جي جوت پڻ پيش ڪئي آهي ۽ قومي شاعريءَ ته هيڪاري سندس شعر کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن. تڏهن ته خود ئي چوي ٿو ته، منهنجي قومي شاعري بنجي ويو آ معرڪو، ڪلڪ جي صر صر به ظالم- ذهن ۾ خنجر ته آ، نظم تي پيو نظم جوڙيان، مورچي تي مورچو، هر اکر هڪ سولجر، مون وٽ وڏو لشڪر ته آ. ”استاد بخاري سونهن ۽ سچ جو شاعر آهي، هن جي شاعريءَ جو رنگ عوامي، ٻولي سادي ۽ ڳوٺاڻي، تشبيهن ۽ استعارن سان ڀرپور آهي، استاد جي ڪيل قومي شاعريءَ جو رنگ ئي پنهنجو آهي، حقيقت ۾ استاد هڪ ئي وقت پيار جي پچار ۽ وقت جي پڪار آهي، سندس پنهنجي لفظن ۾ ته وقت جي پڪار ۽ پرين جي پچار منهنجي شاعراڻي دل جا ٻه پاسا آهن.“ سنڌي ادب جي هن باشعور شاعر نه فقط پنهنجي ڌرتيءَ واسين کي سندن مسئلا کولي ٻڌايا، پر انهن مسئلن جا حل پڻ کين سمجهايا آهن. هن سنڌ جي خدمت کي عبادت سمجهيو، هتي ٿيندڙ هر ظلم کي پنهنجو پاڻ تي ٿيندڙ ظلم سمجهيو، انهيءَ ڪري ئي چيائين ته، پڇن ٿا سنڌ ۽ سنڌين جي ڇو تسبيح پيو سورين، چيم هاڻ پڇاڙي آ، عبادت جي ضرورت آ. استاد بخاري سچ ۽ سونهن جو شاعر وفا رضا اڄ سنڌ جي سڪيلڌي شاعر استاد بخاري جي وڇوڙي جي تاريخ آهي، جنهن پنهنجي زندگي ۾ جيڪو ڪجهه ڏٺو، پڙهيو ۽ پرکيو سو هو اسان کي ائين کڻي چئون ته شاعري جي صورت ۾ لکي ڏئي ويو آهي. استاد بخاري جنهن جو اصل نالو احمد شاهه هيو، تنهن جو جنم ۱۶ جنوري ۱۹۳۰ع تي ضلعي دادوءَ جي هڪ ڳوٺ غلام چانڊيو ۾ سيد حاجن شاهه جي گهر ۾ ٿيو. تنهن سنڌ جي محبتي انسان جي شاعري جڏهن به پڙهڻ توڙي ٻڌڻ لاءِ ملندي آهي ته دل چوندي آهي بس، استاد ئي هجي سو ان گهرج تحت ئي هڪ ڀيري وڃي استاد جي آشياني تي پهتس. مون سان منهنجو دوست خالد خاصخيلي گڏ هجي . دادو پهچڻ بعد ٽانگي واري کي چيوسين غريب آباد هلڻو آهي، جنهن مسڪرائي چيو استاد بخاري جن جا مهمان ٿا ڏسجو؟ مون هائوڪار ڪندي چيو، بلڪل استاد سان ملڻ ٽنڊي آدم مان پنڌ پيا آهيون. سو جڏهن استاد بخاري اسان سان ملندي ڀاڪر ۾ ڀريو ته ”ايتري خوشي ٿي“ جنهن جو ڪوئي ڇيهه نه هيو. استاد ئي ته چيو آهي، ’هلي آ هلي آ، پير ڀري هلي آ.‘ خير عافيت بعد استاد سان ملڻ جو ڪارڻ ٻڌائيندي عرض ڪيم ته اوهان سان ٽنڊي آدم ۾ رهاڻ رچائڻ چاهيون ٿا، باقي مڙوئي خير! استاد وراڻيو قرب ڪري آيا آهيو، صحت ساٿ ڏنو ته ضرور اوهان وٽ اچبو- ۽ پوءِ اهو ڏينهن به آيو جنهن ڏينهن استاد اسان جي اڱڻ ڪهي آيو. دادو مان ايس آر ٽي سي جي بس ۾ سوار ٿي ڀٽ شاهه پهچي، لاکيڻي لطيف جي حاضري ڏئي استاد بخاري جڏهن ٽنڊي آدم جي شاهه عبداللطيف لائبريريءَ وٽ پهتو ته سندس آجيان ڪندي مٿس گلن جي ورکا ڪئي وئي ۽ پوءِ تقريب جي هال ۾ موجود سڀئي ماڻهو جيڪي استاد جي احترام ۾ اٿي بيهي کيس کيڪاري رهيا هئا تن کي استاد ٻاجهاري ٻولي ۾ چيو پئي سڄڻو اوهان جا لک قرب. هيترا ورهيه گذرڻ باوجود به مونکي استاد بخاري جون دادو توڙي ٽنڊي آدم ۾ ڏنل محبتون ياد آهن. استاد بخاري جي شاعري سچ ۽ سونهن جي شاعري آهي. سندس اکر اکر ۽ سٽ سٽ مان پنهنجائپ جو احساس ٿئي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو ان پنهنجائپ جي ئي آڌار تي، بخاري جي شاعري اڄ به دل سان پڙهي ۽ ٻڌي وڃي ٿي. استاد بخاري جو پهريون ڪلام ”وقت ڏٺوسين پاڻ پليو سين پيار نٿو پلجي“ ۱۹۶۸-۶۹ ۾ استاد محمد جمن ريڊيو تي ڳايو، بعد ۾ ان ڪلام کي ٻين فنڪارن خاص طور تي غلام قادر ميرپورخاص واري به پنهنجي انداز ۾ واهه جو ڳايو آهي. ”گيت اسانجا جيت اسانجي، هي گيت گلابي ٻارن جا، اوتون جوتون، ڪوڪڻ يا ڪلياڻ، سوچون ڀڻڪا واڪا، ڪاري ڪڪر هيٺ، زندگي زندگي، ماندي ٿي نه مارئي، گلدستي ۾ گيت وطن ۽ ويساهه، ڳائي پيو جاڳائي پيو“ سميت ٻين ڪيترن ئي ڪتابن جي ليکڪ استاد بخاري کي سنڌ جي هر ننڍي توڙي وڏي فنڪار ڏاڍي چاهه سان ڳايو آهي. مون کي جڏهن به موقعو ملندو آهي ته مائي الله وسائي جي آواز ۾ ڳايل، بخاري جو ڪلام، ”پيار درياهه آ، درياهه به لٽجي ٿو وڃي.“ ور ور ڪري ٻڌندو آهيان. ائين ئي وري نوجوان راڳي ضامن علي به استاد جو ڪلام تون ڀلي دلربا ناز ڪر دير ڪر ايتري سوچ ڪر زندگي مختصر ڏاڍي خوبصورت انداز سان ڳايو آ. - آئون ڪيئن سيج سمهان - نالو لکو منهنجو نالو لکو - ڏس ڪير ٿو پرچائي - تون مڃين مڃين نه مهربان جهڙا خوبصورت گيت ۽ ڪلام لکندڙ استاد بخاري جيڪو ۹ آڪٽوبر ۱۹۹۲ع تي راهه رباني ٿي ويو، تنهن جي اڄ ۲۹ ورسي جي موقعي محبتن جي ڀيٽا ڏيندي، هنن ڪجهه اکرن سان گڏ استاد بخاري جو سندن هٿ اکرن سان مون ڏي لکيل خط ڏسندي اهو لمحو به ياد اچي ٿو، جڏهن ٽپالي پاران آندل اهو خط کولي پڙهيم، نيڻن ۾ خوشيءَ جا لڙڪ اچي ويا هئا. آّخر ۾ استاد بخاري جي هن چوسٽي سان موڪلاڻي ڪيون ٿا، جو قوم جياري اهو جيئندو رهندو، جو عام اجاري اهو جيئندو رهندو، مونکي تاريخ ۽ تقدير ڏني پڪ آهي، جو سنڌ سنواري اهو جيئندو رهندو. استاد بخاري پر جي منهنجو يار سڏائين ڇا ٿو ڀانئين وفا رضا اڄ سنڌ جي مٺڙي شاعر استاد بخاري جي جنم جو ڏهاڙو آهي، سنڌ، سونهن ۽ سچ جي هن سٻاجهڙي شخصيت جو جنم سورهين جنوري اڻويهه سو ٽيهه تي دادو ضلعي جي ننڍي ڳوٺ غلام چانڊيو ۾ سيد حاجن شاهه جي گهر ۾ ٿيو. استاد بخاري ننڍپڻ کان ئي وڏو ذهين هيو، اهوئي سبب هيو جو پاڻ پهرئين درجي کان سنڌي فائنل تائين پهرئين پوزيشن کڻندو رهيو، پڙهائي بعد هن پهرئين نوڪري روينيو کاتي ۾ ڪئي، اڳتي هلي ڪري پاڻ تعليم کاتي ۾ استاد جي حيثيت سان پنهنجا فرض نڀائڻ لڳو. استاد بخاري اوڻيهه سو ڇائيتاليهه کان شاعري شروع ڪئي، استاد جي شاعري جو پنهنجو رنگ آهي. سندس شاعري اڄ به وڏي چاهه سان پڙهي ۽ ڳائي وڃي ٿي: پيار درياهه آ، درياهه به لٽجي ٿو وڃي، نيٺ انسان آ، انسان به مٽجي ٿو وڃي. چنڊ هٽندي ئي وڏي وير هٽي ويندي آ، گهور گهٽجي ٿي ته انسان به گهٽي ٿو وڃي. جهڙيون سٽون لکندڙ استاد بخاري جا ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهي، جن ۾ ”گيت اسان جا جيت اسان جي“، هي گيت گلابي ٻارن جا، نه ڪم نبريو نه غم نبريو، اوتون جوتون، ڪوڪڻ يا ڪلياڻ، سوچون ڀڻڪا واڪا، لهر لهر دريا، ڪاري ڪڪر هيٺ، ڌرتي سرتي، زندگي زندگي، ميلا ملهالا، وطن ۽ ويساهه، گلدستي ۾ گيت، ماندي ٿيءُ نه مارئي، بخاري جا قطعا، پير نه هٽن پوئتي، گهڙيا سي چڙهيا، هي گجرا هي گولا، هڙئي هيج وطن جا، ڳائي پيو جاڳائي پيو، تڙ تڙ تيڏيان ڳالهيان ۽ ٻيا ڪتاب شامل آهن. ڪير ڪوڙو آ ڪير آ سچو، بحث آهي بخاري ڊگهو پاڻ کي ٿو کپي ڀروسو، پر ڪٿي ڀروسو ٿو اچي يا وري سونهن تنهنجي سنگيت جهڙي آ، گفتگو لوڪ گيت جهڙي آ. ------ گهڻو اداس نه ٿي جو اجهائجي نه وڃين، وڏو جهان آ غم جو وڃائجي نه وڃين، بچيو ته ڪجهه به بخاري نه آ، مگر اي دل، اڃا به عشق ته آهي، اگهائجي نه وڃين، ------ دل جي ڪاروبار جو هڪ قاعدو آهي، ڪيترو به نقصان ٿي پر فائدو آهي، سونهن تي سچ تي ۽ سنڌ تي او امر شاعر، شعر تو جيڪو لکيو شانائتو آهي. جهڙيون سدا امر سٽون لکندڙ استاد بخاري وڏو محبتي انسان هيو. ساڻس ٿيل ملاقاتون، ڪچهريون سدائين ور ور ڪري ياد پونديون آهن. ساڻن منهنجي پهرئين ملاقات دادوءَ ۾ تڏهن ٿي هئي، جڏهن اسان سندس مانَ ۾ ٽنڊي آدم ۾ رهاڻ رچائڻ جي دعوت کڻي ساڻس ملڻ ويا هئاسين. هو اهڙي ته اڪير سان مليو هو جو اڄ به اهي گهڙيون مون کي ياد ٿيون اچن، پوءِ هو ڪيئن نه دادو کان پنڌ پئي لاکيڻي لطيف جي حاضري ڀري اسان جي اڱڻ تي ڪهي آيو هو. سندن اهي محبتون ۽ چاهتون جهٽ منجهه وسري وڃن، اهو ناممڪن آهي. سنڌ جو هي ڀلوڙ شاعر نائين آڪٽوبر اوڻيهه سو ٻيانوي تي اسان کان وڇڙي ويو، پر سندس شاعري سدا امر رهڻي آهي. بخاري کي اوهان سڀني کان يارو مان گهڻو ڄاڻان، ڀلو جي ڀائرن سمجهيو ته، رهجي ويو ڀرم هوندو. ----- واقف آ استاد بخاري تو فرمائي دلڙي ٺاري، پر جي منهنجو يار سڏائين ڇا ٿو ڀائين. استاد بخاري موجوده سنڌ جو يگانو قومي عوامي طبقاتي ۽ انقلابي شاعر زاهده شيخ استاد بخاريءَ جي شاعري پنهنجي قوم جي اڪثريتي عوام جي زندگيءَ جي عڪاسي به آهي ۽ انهن جي خواهشن، جذبن ۽ خوابن جي ترجمان به آهي ته وري انهن کي بيمارين، جهالتن، اونداهين ۽ وهمن ڀري زندگي کان ڇوٽڪاري جو گس ڏيکاريندڙ به آهي. استاد پنهنجي قوم سان گڏ تڙپندڙ ۽ گڏ کلندڙ ۽ گڏ جدوجهدون ڪندڙ شاعر آهي. استاد جڏهن چوي ٿو: سنڌ جي سورن جو ڪونهي آند پاند، گهر ڊٺل وهڪيل ڍڳي، ڪمزور ڏاند، پوءِ به شهپر کي وٽيندي پيو چوي، سؤٽ سان ڪرڻُ اٿم جلدي پلاند! يا جڏهن چوي ٿو: ڏيون امتحان پر پڙهڻ کان کانسواءِ، ڏسون ڪاميابيون ڪڙهڻ کانسواءِ، وٺون حق پنهنجا گهرڻ کانسواءِ، وڏا وير سڏجون وڙهڻ کانسواءِ! ته ان وقت هو پنهنجي ماڻهن جي غلط ۽ نقصانڪار روين کي ظاهر ڪري ٿو جو هو ڄاڻي ٿو ته خرابين کي ظاهر ڪرڻ بنا ختم نه ڪري سگهبو. استاد پنهنجي وطن سنڌ سان محبت جو اظهار اهڙو خوبصورت نموني ڪيو آهي جو خود ان محبت تي محبت ٿي اچي. جو توسان رکي سيلُ، ڀلي ڀيل هجي ڪو، سو ڀيل ڀري پيرَ، سندس پير چمون ٿا. جو توسان رکي کوٽ، ڀلي گهوٽ هجي ڪو، ان گهوٽ مٿان چوٽ مٿان چوٽ ڪريون ٿا. ائين نه ته ڪو هي فلاڻو خان آهي يا مون کي عزت ڏيندو آهي ته تنهنڪري ان جا سڀ ڏوهه معاف. يا وري: ٽهڪين ته ٽڙن موتيا سڏڪين ته ڦٽن ڦٽڪا، من، تون ته نه منجهندي ڪر! مان منهنجون ستئي پيڙهيون، رانڀاٽ ڪري روئينديون، او سنڌ! نه روئيندي ڪر! ڪنهن شهر ۾ محلي ۾، ڪنهن ديهه ۾ ديري ۾، توکي ته ڇپايان مان! ڊاڪو ٿا هڻن ڊاڪا، چؤڦير لکين جهاٽا، ڪٿ سنڌ لڪايان مان! لطيف وانگر استاد به اهڙو شاعر آهي، جنهن زندگيءَ جي تقريباً سڀني پاسن تي لکيو آهي، جنهن عام ۽ روزمرهه جي زندگيءَ تي به لکيو آهي ته وري خاص حالتن ۽ موقعن تي به لکيو آهي. جيئن سنڌ ۽ سنڌين جي حالت ڏسي چوي ٿو: وڏا شهر دهشت جي شعلن ۾ آهن، ننڍا ڳوٺ ڌاڙن جي کورن ۾ آهن، هجي لانگ بوٽن يا ووٽن جي موسم، هي گگدام سنڌي ته سورن ۾ آهن. يعني مارشل لا هجي توڙي جمهوريت پر سنڌي ماڻهن لاءِ ساڳيا ڏوجهرا. استاد سنڌين کي سورن ۾ وجهندڙن کي به سڃاڻي ٿو. چئي ٿو: ڪي لوڻ کڻي، چهڪ ڏئي، چير ڏين ٿا، ڪي زهر ڀري زوم ڪري تير هڻن ٿا. انصاف پڇيو: نانوَ ڏسيو ڪير هي آهن؟ فرياد چيو: مير ته ڪي پير چون ٿا. وري پڇي ٿو: واهرو ويري ٿئي، پوءِ ڇا ڪجي؟ روشني ميري ٿئي، پوءِ ڇا ڪجي؟ جو ڪري چوري، ڊڪي زوري وري، سو اچي پيري ٿئي، پوءِ ڇا ڪجي؟ استاد اتي بس نٿو ڪري- وري بچاءَ جو گس به ڏسي ٿو. غدار دوست ٿين، ڌڪاري ٿُڪي ڇڏيون، جهونجهار پنهنجا ياد بنايون بچي پئون! ماري وجهن ٿيون تر کي مسلسل منافقيون، جي فيصلا سچار بنايون بچي پئون! اڀرو ته اڄ قيام ڏهاڙو ڪري وجهون! پگهري پون پهاڙ ڪو ڪاڙهو ڪري وجهون! پردي ۾ انڌ، ڌنڌ بنا پردي ٿي پون، پر مار کي ته الف اگهاڙو ڪري ڇڏيون! هٻڪندڙ، سوچيندڙ، ڪنڊون پاسا ڪري فيصلا ڪن جدوجهدن کان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندڙن کي تنبيهه به ڪري ٿو. هاڻي به جي نه وٺندو پنهنجي حقن جو قبضو، کاڻين، ٻنين، ملن ۾ کاتن پڪن جو قبضو، شهرن ۾ پنهنجي پاڙن، چونڪن هٽن جو قبضو، پوءِ سمجهو سرتي هوندوَ، ڌارين ڌڪن جو قبضو. ۽ کين سمجهائي ٿو: جو پير هٽيو، سو پير ڪٽيو، هي خوف به طاري رکڻو آ. جا وِک وڌي، ڄڻ لال لڌي، هي جوش به جاري رکڻو آ. ڳالهه ڪجي ته مضبوطيءَ سان پير ڄمائي ڪجي. باقي مڙي ئي فارملڪٽي پوري ڪرڻ واري ڳالهه استاد جي نظر ۾ بلڪل بي معنيٰ آهي: ڌوڏيئين نه درختن کي، ڏئي اوٽ ٿو ڏيئن کي، طوفان اهو ڪهڙو! آزار ڪٿي ڦٿڪيا، پر مار ٻڌي ٽهڪيا، اعلان اهو ڪهڙو! استاد بخاريءَ جڏهن وڏيرن، جاگيردارن ۽ ڪامورن کي ذاتي ۽ طبقاتي مفادن خاطر سنڌين جون کلون لاهرائيندي، کين تباهه ۽ برباد ڪندي ۽ سندن وسيلا کسائيندي ڏٺو- جيئن اڄڪلهه دهشتگرد پرست راڄ سنڌين مٿان مڙهيو ويو آهي ۽ اهڙن وقتن تي سنڌي عوام کي خاموش ڏٺو ته حيران ٿي سوال ڪيائين: حڪومت ته عهدن ۾ مجبور آهي، پر آزاد رعيت کي ڇا ٿي ويو آ؟ ڪندي مصلحت فيصلا آهي گم سم، حقيقت جي غيرت کي ڇا ٿي ويو آ؟ ڳڻتي به ڪري ٿو! اڄ نه جي دهشت ڪُٺي، ڪسندي ڪڏهن؟ هي قيامت قهر جي کٽندي ڪڏهن؟ وري جڏهن ڏکي کان ڏکين حالتن ۾ به وطن ۽ وطن واسين لاءِ ويڙهاند ڪندڙ ڪن ثابت قدم ماڻهن کي ڏسي ٿو ته حوصلو پيدا ٿئيس ٿو. او طوفانو، ڪارونجهر گهر منهنجو آ، سَرَ- تيليءَ تي چيهي جو آکيرو ناهي. دهه- دهه، دڳ- دڳ قبضو آ، تر منهنجو آ، ڳيري وارو ٽاري تي واهيرو ناهي. اهڙي وقت تي جڏهن وطن جا مجاهد سچا انقلابي سچائيءَ خاطر وڙهندا هجن، تڏهن انهن جي نيڪنامي تي پريشان ٿيندڙن جي حالت کي ۽ انهن جي نيڪناميءَ تي خوش ٿيندڙن جي دلي ڪيفيت کي استاد ڏاڍو سهڻي نموني چٽيو آهي: حاسد جي دل وک وک ڇلڪي، ننڍڙي سوڙهي گهاگهر وانگر. ساٿين جي دل ڇوليون ماري، هيڏي ساري ساگر وانگر. استاد جو شاعريءَ ڏانهن رويو به عوام دوست آهي. هو ايڏو وڏو شاعر هوندي به اڪيلي شاعر کي سڀڪجهه نٿو سمجهي. هو سطحي قسم جو ماڻهو ناهي. هو عالم آ، ڏاهو آ. تنهنڪري گهڻ طرفين ڳالهين کي اهميت ڏئي ٿو. ذهني پورهيي ۽ جسماني پورهيي جي گڏيل طاقت تي يقين رکي ٿو: منهنجي هٿ ۾ ڪلڪ ۽ ڪانگ، تنهنجي هٿ ۾ ڏاٽو ڏانگ، مان ٿو ڪاٽيان قهري سوچون تون ٿو مارين زهري نانگ. شور ڪهڙو لهر جو ساگر سوا، زور ڇا جو واءُ جو اوٿر سوا، شعر منهنجو گر جي، گڏجي قوم سان، اَسِلحو بيڪار آ لشڪر سوا. او هاري او ناري! او ڪڙمي مزدور! اسان واريون ڪلڪُون امانت اوهانجي. توهان جون تکيون ڪوڏون ۽ ڪهاڙيون، توهان جو قسم آهي طاقت اسان جي. استاد هڪڙو آدرشي انسان هو- هن جا آدرش عظيم هئا. قوم جي روشن مستقبل جو آردش. صحيح ۽ غلط ۾ فرق ڪري صحيح کي مان ڏيڻ جو آدرش- منافقت کي ظاهر ڪرڻ جو آدرش. پورهيت طبقي کي ظالم طبقن ۽ پرمارن جي پنجوڙن کان آزاد ڪرائڻ جو آدرش ۽ وري اهي آدرش به مضبوط علمي بنيادن تي ٻڌل- بخاري هڪڙو سچو پچو ۽ پڪو پختو عالم قسم جو انقلاب دوست انسان هو. سندس هي نظم ان حقيقت جي عڪاسي ڪري ٿو: زندگي هڪ موقعو، ڪئي واقعا، لمحي لمحي ۾ جڳن جا فيصلا. فيصلو سورهيه بلاول جو پڪو، سنڌ لئه سوچي جيئو جڳ جڳ يڪو. فيصلو کهڙي وزارت جو ڪيو، قوم جرمانو حقارت جو ڪيو. فيصلو، خوشبو وڌي رڪجي هوا، سنڌ جيئي پر ڪمي ڪڙمي سوا. فيصلو آزادگيءَ ۾ آ مزو، پر سجاڳي عام جي بنبي ڏچو. فيصلو آزادگي برپا ڪجي، عام ٿي اوٿر اٿي پو ڇا ڪجي. واهه ڙي وا، بورجوازي فيصلا! دلفريبي، دوکيبازي فيصلا! مان سڃاڻان سوچ تنهنجي بورجوا، انقلابي ٿي نه سگهندين بورجوا. انقلابي، بورجوا تقليد ڇڏ! انتها ڏي آ، رڳو تمهيد ڇڏ! انقلابي، بورجوا تدبير ڇڏ! پورهيتن ڏي ڊوڙ، پير ۽ مير ڇڏ انقلابي، بورجوا دستور ٽوڙ! جهور زرداري ستم، مزدور جوڙ. انقلابي، انقلابي هوندو آ، اجتماعي، انفرادي هوندو آ. انقلابي، انقلابي هوندو آ، عيش جي ڪڇ ۾ عذابي هوندو آ. انقلابي، انقلابي هوندو آ، ڌوڌ کان هر دور باغي هوندو آ. انقلابي، انقلابي هوندو آ، دور کي ڌوڏڻ جو عادي هوندو آ. انقلابي، انقلابي هوندو آ، غار ٿي ويندي به غازي هوندو آ. انقلابيءَ جي عبارت اڻ ڪٿي، انقلابيءَ جي ثقافت سرڪشي. انقلابيءَ جي بغاوت بندگي. او زندگي! او زندگي! استاد بخاري عشق جو آند نه ڪو پاند ٻڌون ٿا استاد ادل سولنگي عشق جيڪو مقتلن ۾ به ناچ نچايئندو آهي، عشق جيڪو ڪڏهن، منصور ته ڪڏهن سچل، بڻجي ان الحق ۽ حق موجود جي سدا بڻجي ويندو آهي، عشق جيڪو ڪربلا جي ميدان تي سسي نيزي پاندِ هوندي به حق جو آواز بڻجي صدين جي تاريخ مٿان ڀاري بڻجي ويندو آهي، عشق جيڪو جهونا ڳڙهه کي جهوري وجهندو آهي ۽ عشق جهوڪ کي جيئاري ڇڏيندو آهي، عشق بلاول بڻجي گهاڻي کي گهائي ڇڏيندو آهي. عشق سرمد ۽ دارا شڪوهه بڻجي اورنگزيب جي ميرين اکين ۾ گهوُر وجهي گهوريندو آهي ۽ سدائين مرڪندو رهندو آهي. شاعري انساني روح مان ڦٽي نڪرندڙ اونهي احساس جو نالو آهي يا شاعري ڌرتيءَ جي ڪک مان ڦٽي نڪرندڙ کيتن جي خوشبو آهي. ڌرتي جي هزارين سالن جي عرصي تي ڦهليل حب الوطنيءَ جي اعليٰ روايتن جي پاسداريءَ جو لفظن جي روپ ۾ اظهارڻ جو نالو آهي شاعري، شاعري جيڪا فلسفي کان گهڻي گهري ۽ تاريخ کان وڌيڪ سبق آموز ٿيندي آهي. قومن جي تهذيب، ڪلچر، روايتن ۽ مزاحمتن جو پس منظر پيش ڪندڙ، اهڙي منظوم ڪٿا ڪاري، جنهن کي شاعري چيو وڃي ٿو. سنڌي شاعريءَ جون پاڙون پنهنجي ڌرتيءَ جي پاتال ۾کتل آهن. صدين کان وٺي سنڌي شاعري پنهنجي ڌرتيءَ جي لوڪن جي اندر جي احساسن، اڌمن ۽ امنگن جي ترجمان رهي آهي. سنڌي شاعري ڪڏهن سهرا، لاڏا، ڳيچ ۽ جمالا به رهي آهي ته وري ڪڏهن شاعري قومن جي اندر ۾ پلجندڙ آزاديءَ جي تڙپ به رهي آهي. آرڻ ۾ ڪڏي ڪاهي پوندڙ جهونجهارن جي نعرن جو روپ سروپ به آهي، شاعري لطيف جا بيت ۽ وايون ۽ڪيڏارو به آهي ته اياز جا نظم، اوپيرا ۽ همرچا به آهي. استاد بخاريءَ جا نظم، گيت، وايون، بيت ۽ لوليون ڌرتيءَ جي ڪک مان ڦٽي نڪرندڙ قومن جو فطري آواز آهن. استاد بخاري عوامي روايتن جو پاسدار شاعر آهي، جنهن جي شاعراڻي عظمت اها به آهي ته هن سنڌي ادب خاص ڪري شاعريءَ جي زمين ۾ جيڪي کيت کيڙيا آهن، انهن جي خوشبو سڄي ديس کي واسي ڇڏيو آهي. استاد بخاري ڌرتيءَ جو رکوال شاعر آهي، جنهن چيو ته: اغيار سان اقرار اهو ڪيئن ٿيندو، ۽ يار سان انڪار اهو ڪيئن ٿيندو. استاد بخاري کي کڻي دفن ڪيو، ڌرتي کان مگر ڌار اهو ڪيئن ٿيندو. آڙاهه ۾ آلاڻ، اها اڻ ٿيڻي، ۽ سون ۾ ڪاراڻ، اها اڻ ٿيڻي، جنهن وقت سڏي سنڌ بخاري ڀڻڪي، ڇا لاءِ ۽ ڇاڪاڻ اها اڻ اٿيڻي، يا استاد بخاريءَ کي کڻي دفن ڪيو، ڌرتي کان مگر ڌار هو ڪيئن ٿيندو، احمد شاهه بخاري جنهن جو جنم ۱۹۳۰ع ۾ دادو شهر ويجهو ڳوٺ غلام محمد چانڊيي ۾ سائين حاجن شاهه بخاريءَ جي گهر ۾ ٿيو، جنهن جو ڇٽي جو نالو” پنهل رکيو ويو، جنهن کي پنهنجي امڙ ”عرسو“ جي نالي سان سڏيندي هئي، استاد بخاري جنهن امڙ جا لوڪ گيت ۽ لوليون ٻڌي شاعريءَ جي ڪاڪ محل ۾ پير پاتو ۽ هن راڻي جيان شاعريءَ جون طلسماتي رمزون ڄاڻي، شاعراڻي ڪاڪ محل کي فتح ڪيو. ۱۹۴۷ع واري زماني ۾ استاد بخاري سنڌي شاعريءَ جي مهريءَ جون واڳون سنڀالي ڀوءِ جي فڪر جي ڦرهي کڻي ڌرتيءَ جي ڀٽن ۽ بيابانن ۾ رند ۽ پنڌ ڪيا ۽ پنهنجي مقصد جي مومل کي ماڻيائين. استاد بخاري ۱۹۵۰ع کان ادبي دنيا ۾ ڀرپور حصو وٺندو رهيو. تازو هڪ ليکڪ پنهنجي مضمون ۾ لکيو آهي ته” ٻن ڏهاڪن جي وٿيءَ بعد به اسان کي اهڙو پيپر نه ملي سگهيو آهي، جنهن ۾ استاد جي شاعريءَ جا ڪي نوان پهلو ظاهر ڪيا ويا هجن. شايد ايئن ئي هجي ته استاد بخاري جي شاعريءَ تي جن به لکيو آهي، اهو روايتي انداز ۾ ساڳين ڳالهين جو ورجاءُ ڪيوويو آهي، ڇاڪاڻ جو ٻه ڏهاڪا تمام وڏو عرصو آهي ۽ انهن ٻن ڏهاڪن ۾ به جيڪڏهن استاد بخاريءَ جي شاعريءَ جي مختلف ۽ نون رخن تي اڀياس/تحقيق نه ٿي آهي ته پوءِ آخر ڪار جن استاد بخاريءَ جي شاعري، فن، فڪر ۽ شخصيت جي مختلف رخن تي لکيو آهي، اهو ته ڄڻ اجائي لکيو ويو آهي، اسان جا عالم ۽ اديب جيڪي به اڄوڪي ادب بابت رايو ڏين ٿا، ”اهو رايو پنهنجي پسند ۽ ناپسند جي دائري ۾ رهي ڪري ڏين ٿا. باقي علم، ادب، فن، تخليق، تنقيد جي پس منظر ۾ اهو چوڻ ته ٻن ڏهاڪن ۾ استاد بخاريءَ جي شاعريءَ تي ڪو به اهڙو پيپر نه پڙهيو ويو آهي، جنهن مان استاد بخاري جي شاعريءَ جا نوان رخ، نوان خيال، احساس، فلسفا چٽا ٿي سامهون اچن“ . خبر ناهي ته اها ڪهڙي قسم جي ادبي يمانداري آهي! جو هڪ ٻن سٽن ۾ ڪنهن جي علمي ادبي پورهيي کي رد ڏئي ڇڏجي. استاد بخاري ڪيترو گهڻ پاسائون شاعر آهي، ان بابت ڪا به غلط فهمي ناهي، هو پڪ سان گهڻ پاسائون شاعر آهي، جنهن ۾ ٻولي، محاورا، اصطلاح، تشبيهون ۽ ترڪيبون، شاعراڻي سٽاءَ يا اڻت جنهن کي شاعراڻي صنعت گري به چئجي، استاد بخاري سنڌي ٻولي جو اهڙو شاعر آهي، جنهن کي ٻولي جي بيهڪ ۽ ٻوليءَ جي ترنم، لفظن جي مزاح ۽ معنيٰ سميت موسيقيءَ جي ڄاڻ به آهي ته شاعراڻين صنفن جي به مڪمل فني ڄاڻ آهي، جنهن جي هر هڪ نظم، گيت، غزل، وائي، چوسٽي ۾ شاعراڻو ترنم، ڌرتيءَ جي احساسن ۽ اڌمن جي اُپٽار ملي ٿي، هڪ ئي وقت استاد ڪيترن ئي محاذن تي پنهنجي فني ۽ فڪري ويڙهاند ڪندي ۽ نظر اچي ٿو. مثال پنهنجي ڌرتيءَ جي دردن ۽ پيڙائن کان ويندي پرينءَ جي پرچار، پرينءَ جي رسامن ۽ پرچاڻن کان ويندي، عشق جي اتامرائيءَ جي پڻ ڳالهه ڪندي نظر اچي ٿو. عشق هو، چرچو نه هو، رونشو نه هو، باهه جو شعلو هو، گلدستو نه هو. عشق جو آند نه ڪو پاند ٻڌون ٿا استاد، سونهن جي ذات نه ڪا پات پتوڪو ڪونهي، پيار ڏئي پيار گهرين ٿو، حيف هجئي استاد، عاشق ناهين شايد آهين، يار وڏو واپاري. استاد بخاري، هائيڪو، سانيٽ، ترائيل، ڏوهيڙو، ٽيڙو، چئو سٽا، رباعي، گيت، غزل، نظم، آزاد نظم، بيت، وائي جي تاڃي پيٽي ۾ پنهنجي شاعراڻي فن کي سموهيندي سنڌي شاعريءَ جي چنريءَ ۾ احساساتي حسناڪين جا ڪيترائي چٽ چٽيا آهن.سنڌي شاعريءَ جو هي” پنهل“ استاد بخاري پنهنجي ڌرتي ۽ سرتي، جُنگن ۽ جهونجارن جو شاعر، جنهن سنڌ کي سسئيءَ جيان پهاڙن ۾ پڪارون ڪندي، مرن سان مهاڏو اٽڪائيندي جهد جا جبل جهاڳيا آهن. ان سنڌ ڌرتيءَ جي ڏکن درن جو درمان ڪندڙ ۽ چڪندڙ ڦٽن مٿان پنهنجي شعوري لفظن جي مرهم هڻندڙ اهڙو ويڄ، اهڙو حڪيم، اهڙو طبيب شاعر آهي، جنهن پنهنجي هر هڪ شعر ۾ سنڌ جي مارو ماڻهن جي مسيحائي ڪندي سنڌ جي سورمن جي ساراهه ۽ سورهيائيءَ جي مڃتا ڪئي آهي، ، آجپي جي گهر ۽ عام لوڪن سان گڏجي ڌرتي جي ڌوڙ کي طورسينا جي سرمي کان وڌيڪ اُتم ڄاتوآهي. ڌرتيءَ پنهنجي ڌوڙ سڃاتي، آئون ته اهڙون ناهيان، استاد بخاريءَ کي پنهنجي ڌرتي واسي لوڪن جيڪو مان ۽ مريادا ڏني آهي، ان جو ڪير به انڪاري ٿي نٿو سگهي، ڇاڪاڻ ته جو هو عام لوڪ سان گڏ هيو، عام سان سلهاڙيل هئو، عام جي اهنجن ۽ ايذائن کي دور ڪرڻ وارو مسيحا هئو، جنهن لفظن جي ڪٿائن ذريعي لوڪ کي همت ۽ آٿت ڏني، جنهن چيو: ”او اٽل آدمي دل شڪستو نه ٿي“ جڏهن ته هن کان اڳ بخاري صاحب ” آسي“به رهيو ته ” دردي“ به رهيو پر استاد بخاري ٿيڻ کان پوءِ استاد بخاري ئي سڏجڻ لڳو، جنهن جو پاڻ ئي اقرار ڪيو اٿائين. منهنجو نالو احمد شاهه آهي، استاد بخاري سڏجان ٿو. استاد بخاري چيو ته پڇن ٿا سنڌ ۽ سنڌين جي تسبيح پيو سورين؟، چيم هاڻي پڇاڙي آ، عبادت جي ضرورت آ. سنڌ ڌرتيءَ جي حقن جي رکوالي ڪرڻ کي عبادت سمجهندڙ استاد بخاري ته حُب الوطن من الايمان کي اوليت ڏيندڙ اهڙو ڪوِتاڪار آهي، جنهنجي گيتن جي گونجار جهنگن جهرن ۾ ٻڌجي رهي آهي، وقت جو ڪو به وڌاءُ ڌرتي جي ان الستي آواز کي ڌرتي کان ڌار نٿو ڪري سگهجي. استاد بخاريءَ کي کڻي دفن ڪيو، ڌرتي کان مگر ڌار اهو ڪيئن ٿيندو؟، شيخ اياز، تنوير عباسي، شمشيرالحيدري، نياز همايوني، امداد حسيني، جهڙن وڏن شاعرن جي وچ ۾ پنهنجي الڳ رستو ڊڪشن اسلوب اختيار ڪرڻ ۽ پاڻ مڃائڻ استاد بخاريءَ جي فني ڪمال يا ٻوليءَ جو معجزو آهي، جو هڪ ئي دور، هڪ ئي زماني ۾ شاعريءَ جي آسمان تي ڪئي، ڪهڪشائون اڀريل هيون، جن ڌرتي جي انڌيرن سان مهاڏا اٽڪائي سنڌ جي لوڪن جي مُکن تي مرڪن جا مينهن وسائي ڇڏيا هئا، جن قومي سجاڳيءَ جون مشعلون ٻاري اونداهين کي للڪاريو ۽ روشنين جي پانڌيئڙن جي اڳواڻي ڪئي. استاد بخاري ان سٿ، زماني ۽ قد ڪاٺ جو شاعر هو. استاد بخاري سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعراڻي ورثي کي ساڻ کڻي نئين زماني ۽ نئين دور جي انسان لاءِ قديم شاعراڻي ورثي کي هڪ نئين نڪور شاعراڻي دور سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ هن ڪاميابي ماڻيندي ڌرتيءَ جو قرض لاهڻ ۽ پنهنجو قومي فرض نڀائڻ جي ڀرپور جدوجهد ڪئي، جنهن کي هر دور جو انسان مڃتا ۽ قبوليت ڏيندو. استاد بخاريءَ چيو ته: . هونئن ته مٽيءَ جي چپٽي آهيان، جيئن سنڌ ته سڀ ڪي آهيان، ساٿين سان گڏ سالگرهه مان، وڇڙي ويس ته ورسي آهيان. استاد بخاري زندگيءَ جو شاعر - (۱۶ جنوري جنم ڏينهن جي حوالي سان) ھمير گاد سنڌ جي تاريخ ۾ اهڙا ته شاعر ۽ آدرشي انسان پيدا ٿيا آھن جن جي فن ۽ ادب سنڌي ادب ۽ فن کي بين الاقوامي تاريخ ۾ اوچو مقام ڏياريو آھي. سنڌ ڌرتيءَ اهڙن شاعرن کي جنم ڏنو آھي جن جي شاعريءَ تي سنڌي زبان کي فخر آھي ۽ فخر تا قيامت تائين رهندو اهڙن شاعرن مان سيد احمد شاھ ”استاد بخاري“ پڻ آھي. استاد بخاري پنهنجي شاعري ۾ سنڌ جي تاريخ, تمدن, تهذيب ۽ معاشري کي پنهنجي شاعريءَ جو عنوان بڻايو. هو غريبن جو, سچائيءَ جو ۽ عوامي شاعر آھي. استاد پنهنجي شاعريءَ ۾ جيڪا ٻولي استعمال ڪئي آھي اها تمام سادي ۽ سٻاجهي ٻولي استعمال ڪئي آھي جنهن کي هر ماڻھو آسانيءَ سان سمجهي سگهي ٿو. هن جي شاعريءَ ۾ زندگيءَ جو صحيح عڪس نظر ايندو تڏهن ته ٻڌندڙ تي هڪ عجيب ڪيفيت طاري ٿي ويندي آھي. استاد پنهنجي شاعريءَ جي شروعات تقريبن ٻارنهن سالن جي عمر ۾ ڪئي هئي پاڻ هڪ ڀيري ڪٿي چيو هيائين؛ ”ان زماني ۾ اهو ڪو اهڙو ڌماڪيدار حادثو نه هو بلڪ اندر ۾ ڪو لڪيل درد هو جو دکيو ۽ ٻاهر نڪرڻ شروع ٿيو. “ تمام ٿورن ماڻھن کي اها خبر هوندي ته استاد بخاري هڪ سٺي شاعر سان گڏ هڪ بهترين موسيقار به هو. هو پنهنجي ڪلام جون ڌنون اڪثر پاڻ ئي تيار ڪندو هو. بقول منظور سخيراڻي ته ”استاد بخاري ڪيترين ڪلامن جي ڌن تيار ڪري ۽ پوء ان ڌن کي ڳائي ٻڌائيندا هئا ته هي ڌن هئين ڳائجهي. وغيره“ منظور سخيراڻيءَ جو ڳايل ڪلام " سچي پچي چين نه آيو" جنهن جي ڌن استاد بخاريءَ تيار ڪئي هئي. استاد جي سٽن ۾ رڳو سونهن ئي سونهن آھي. هن جي شاعريءَ ۾ ائين ئي خوشبو آھي جيئن گلاب جي گل ۾. منهنجي ان ڳالھ کان ڪوبه انڪار نه ڪندو ته استاد بخاري شاعر عشق آھي ۽ هو ته هيو ئي محبت جو متوالو. ۽ هي سٽون جڏهن پهريون ڀيرو محمد يوسف جي آواز ۾ ٻڌيون هيون ته انهن سٽن منهنجي اندر جي پيڙا کي به تڙپائي ڇڏيو هو.. ”صبح جي هير يار جي خوشبو منهنجي چاهت جو ناشتو آھي.“ استاد جي شاعري سنڌي زبان ۽ ٻوليءَ جو هڪ اعليٰ ڪرشمو آهي.سندس جي شاعري کي وڏي سڪ ۽ چاھ سان ڳايو وڃي ٿو. استاد جي شاعري ستل جذبن کي جاڳائي وجھي ٿي. مون ڪٿي پڙھيو هو ته محترم رسول بخش پليجو صاحب سندس ورسي جي صدارت ڪندي اهو اعتراف ڪيو هو ته ڀٽائي کان پوءِ استاد بخاري هن دؤر جو وڏو شاعر آهي.مون کي يقين آ ته اها ڳالھ ڪافي ماڻھن کان هضم ڪانه ٿي هوندي.ڇاڪاڻ ته جتي هڪ ٻي شاعر جا هفتا ۽ ميلا ته لڳايا وڃن ٿا پر اتي استاد بخاريءَ جهڙي عظيم ۽ عوامي شاعر کي ياد به ڪونه ٿو ڪيو وڃي ائين لڳندو آ ڄڻ استاد بخاري سنڌ جو نه پر بنگلاديش جو شاعر هو. استاد بخاري وقت روان جو وڏو شاعر عزيز ڪنگراڻي استاد بخاري جديد سنڌي شاعريءَ جو سرموڙ ۽ وڏو قومي عوامي شاعر آهي، جنهن پنهنجي سگهاري ڏات ۽ ڏانءُ جي آڌار تي عوام ۾ لازوال مقبوليت ۽ محبت ماڻي. استاد جو اهڙن وڏن شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو، جن ٻوليءَ جو تخليقي سطح تي استعمال ڪيو ۽ جديد سنڌي شاعريءَ ۾ نوان لاڙا، موڙ ۽ رخ متعارف ڪرايا. جدت ۽ ندرت جون ريکائون سنڌي شاعريءَ کي آڇيائون. انهن پنهنجي شاعراڻي آرٽ جي سگهه ۽ ٻل تي سنڌي شاعريءَ تي ڇاپ ۽ اثر ڇڏيو. شاهه لطيف کان پوءِ استاد بخاري، شيخ اياز ۽ ڪجهه ٻيا شاعر سنڌي ٻوليءَ جا اهڙا وڏا شاعر آهن جيڪي نه صرف پنهنجي دور تي اثر انداز رهيا پر هر دور تي اثر انداز ٿيندا رهندا. انهن نه رڳو پنهنجي گوناگون مطالعي ۽ مشاهدي ذريعي نوان لفظ، اصطلاح، استعارا، تشبيهون ۽ ڪنايا تخليق ڪري سنڌي ٻوليءَ جي شاهوڪاري ۾ اضافو ڪيو پر تخيلاتي اڏام جي بلندين کي به ڇهيو. استاد بخاري ۽ شيخ اياز اهڙا وڏا شاعر آهن جن شاعري جي ڪجهه صنفن جي هيئتن ۾ ڪامياب تجربا پڻ ڪيا. جهڙي ريت ڪلاسيڪي شاعريءَ جي صنفن دوهي ۽ سورٺي ۾ ڪامياب تجربا ڪري شاهه عنايت رضوي نصرپوري بيت ۽ وائي جي صنف کي رائج ڪيو ۽ شاهه لطيف ڀٽائي انهن صنفن جي هيئتن ۾ وسعت آندي ۽ تخيل کي عروج تي رسايو. اهڙي ريت شيخ اياز ۽ استاد بخاري پڻ شاعري جي صنفن خاص طور نظم ۽ گيت جي صنفن جي هيئتن ۾ ڪامياب تجربا ڪيا. استاد بخاري ته پنهنجي اڻ مئي ڏات جي آڌار تي نوان لوڪ گيت به متعارف ڪيا آهن. استاد بخاري گائڪ به هو، ته موسيقار به هو. هن ڳايو به، ته وڄايو به. استاد بخاري موسيقي جي فن جي ڄاڻ ۽ شاعراڻي آرٽ کي آرٽسٽڪ ائپروچ سان ڪم آڻي گيت ۽ نظم جي هيئتن ۾ جيڪي تجربا ڪيا آهن، سو سندس ئي تخليقي مهارت جو ڪمال آهي استاد بخاري جي ڪتابن “گيت اسان جا جيت اسان جي”، “اوتون جوتون” ۽ “زندگي زندگي” ۾ شامل گيتن ۽ نظمن جو بغور مطالعو ڪجي ٿو ته پتو پوي ٿو ته استاد بخاري جا اڪثر گيت ۽ نظم روايتي يا مقرر ڪيل گهاڙيٽي يا هيئت موجب نظر نه ايندا. انهن جي هيئتن يا گهاڙيٽن ۾ غير معمولي نوعيت جا تجربا جھلڪندي نظر ايندا. هن پوري مهارت سان گيت يا نظم جي موسيقي به بحال رکي آهي ته گيٽ يا نظم جي صنف کي هيئت جي اعتبار کان متاثر ٿيڻ يا بگڙڻ به نه ڏنو آهي. سندس اهي تجربا ان ڪري ئي قابل قبول به آهن، ته ڪامياب پڻ آهن. گيت جي هيئت ۾ ڪامياب تجربن جي سلسلي ۾ تفصيلي، تحقيقي ۽ مثالن جي سهاري تجزياتي بحث منهنجي مقالي “ گيتڪار استاد بخاري” ۾ شامل ڪيل آهي. استاد بخاري انهن صنفن ۾ تجربا ڪري انهن جي هيئتن ۾ نواڻ پيدا ڪئي ته انهن ۾ اعليٰ خيال جي گهرائي به اوتي، ته ندرت جي پڻ اوت اوت ڪئي. استاد بخاري هونئن ته ويهين صديءَ جي وڏن شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو پر سندس تخيلاتي سگهه سان سرشار اعليٰ شاعري هر دور جي شاعري آهي. سندس شاعري ۾ جدت جي عنصر واري خوبي تمام گهڻي موجود آهي، تنهنڪري استاد جهڙو سدا حيات شاعر نه صرف ويهين صدي پر ايندڙ هر صدي ۽ هر دور ۾ وقت روان جو شاعر آهي. استاد بخاري جڏهن به ۽ جنهن دور ۾ به پڙهيو ۽ ٻڌو ويندو، ان دور ۽ ان دور ۾ ساهه کڻندڙ ماڻهن جي احساسن جي ترجماني ڪندڙ شاعر هوندو ۽ رهندو. ان لاءِ استاد بخاري پاڻ اظهاريو آهي: صد فخر جو آهيان اوهان جو شاعر ماضي جو نه وقت روان جو شاعر استاد بخاري پورهيت يار شاعر جاويد شيخ احمد شاهه المعرُوف اُستاد بُخاريءَ جي شاعريءَ جا ڪيترا ئي خُوبصُورت، ڪارائتا ۽ فڪري موضُوع آهن جھڙوڪ رومانس، سنڌي سماج، ٻولي، ثقافت، انسانيت، فطرت، مزاحمت، ايڪتا، اتحاد ۽ محنت ڪش يا پورهيت طبقو. اُستاد بُخاريءَ مٿين مڙني موضُوعن سان خُوب ملهائي پاڻ مڃرايو آهي پر هُن وٽ محنت ڪش يا پورهيو ڪندڙ طبقي لاءِ نرالي، خاص ۽ خالص سوچ آهي. پنھنجيءَ شاعريءَ ۾ هُو ڪِٿي هُنن لاءِ نرم ۽ پيار ڀريو گوشو اختيار ڪري ٿو ته ڪِٿي ساڻن هُجت هلائي ٿو. ڪِٿي سندن عظمت بيان ڪري ٿو ته ڪِٿي کين چوڏهن چوسٽن جي سلامي پيش ڪري ٿو ته ڪِٿي سندن مضبُوط ۽ گهاٽيءَ دوستيءَ جو دم ڀريندي نظر اچي ٿو جنھن جو مُکيه سبب اهو ئي آهي ته شاعر قلم ڪار پڻ پورهيت طبقي ۾ شُمار ٿئي ٿو. گُذريل ڪيترين ئي صدين کان هُو ٻئي مظلوم ۽ محڪُوم بڻجي رهيا آهن. هنن ٻنهي جا سُور ۽ پُور ساڳيا ئي رهيا آهن. اڄ تائين هڪ مزدُور کي سندس محنت جو ڦل ۽ کيس جائز مقام ناهي مليو جڏهن ته هڪ قلم ڪار پورهيت وري پاڻ مسڪين، محڪُوم، مجبُور غريب هُوندي به پاڻ مٿان ۽ پورهيت سان ٿيندڙ ڏاڍاين تي احتجاجي (قلمي) پورهيو ڪري سندن سُورن ۾ شراڪت داري ڪري ٿو. ڀلا هڪ پورهيت ٻئي پورهيت لاءِ پنھنجيءَ دل ۾ ڪيئن نه ڪھڪاءُ رکندو؛ ساڻس اخلاقي تعاون ڪندو! آخرڪار ته ٻئي پورهيت ڀائر آهن. اُستاد بُخاري به صاف دل ۽ سچو پورهيت يار شاعر آهي. سندس شاعريءَ ۾ محنت ڪش طبقو خاص ۽ نروار نظر اچي ٿو. جيئن مينھوڳيءَ کان پوءِ صاف سُٿري ۽ وشال آسمان تي ست رنگي انڊلٺ بي حد معصُوم ٻار جي مِٺڙيءَ مُرڪ وانگر مُک تي پکڙجي ۽ پڌري ٿي پوَندي آهي. هيٺ اُستاد بُخاري (هڪ قلم ڪار پورهيت) پنھنجي ساٿي پورهيت (ڏاٽي، مُترڪي، ڇيڻيءَ، بُرش، پاني، ڪُھاڙيءَ واري) جي نه رُڳو ڪم ڪار کي ساراهي ٿو پر پنھنجي قلمي پورهئي جو به مان ۽ حيثيت مڃرائي ٿو. هيٺئين قطعي ۾ ٻنهي جي خوشگوار موڊ، فڪري ۽ محنت ڀريل مڪالمي سان گڏ سندن سچيءَ ۽ کريءَ دوستيءَ جي لازوال ثابتي پيش ڪئي اٿائين جنھن جو مقصد آسان ۽ واضح آهي ته ڪو به ڪم ايترو سوَلو ناهي پر محنت ۽ محبت سان ڏُکيو ڪم به سوَلو ٿي سگهي ٿو. چيائون او شاعر! اوهان ڌر تتيءَ جو مٿي تي تغاريون رکي ڪونه سگهندئو مڃيوسُون او ساٿي! مگر رات آڌيءَ اوهان تڙپي تڙپي لکي ڪونه سگهندئو بُخاري چوسٽن جو ڀٽائي چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. ڀٽائيءَ پنھنجي بيتن کي آيتُن سان ڀيٽيو آهي. سندس بيت سنڌي قوم جي صدين تائين رهبري ۽ راهنمائي ڪندا رهندا. ڀٽائيءَ جي برعڪس اُستاد وري پنھنجي بعضي ڏاٽن، پانن، ڪاتن ڪُھاڙن ۽ مُترڪن سان مشابھت ڏئي ٿو ته ڪنھن جاءِ تي لفظ کي تير ۽ شعر کي بم گولي جيان ڀيٽ ڏئي ٿو. هڪ جاءِ تي ته اُستاد حد ڪري ڇڏي آهي. ڀٽائيءَ جي فڪري پوئلڳي ڪندي مُختصرن چئي ڏنائين: ڪيو ٿم بيت ڀالو زمانا! مُون پنھنجي هِن مضمون ۾ اُستاد بُخاريءَ کي پورهيت دوست / يار ڪري سڏيو آهي جنھن جي گواهي سندس ئي شعر مان ملي ٿي. هُو پاڻ دعوا سان چوي ٿو آءٌ شاعر آهيان ۽ تُون آهين هاري! تُنھنجي مُنھنجي ياري گھري گهاٽي آهي. اُستاد وڌيڪ پنھنجي ۽ پورهيت جي حيثيت واضح ڪندي چوي ٿو مُنھنجي هٿ ۾ ڪِلڪ ۽ ڪانو يعني قلم آهي جنھن جي ذريعي آءٌ اهڙا انقلابي گيت لکان ٿو جيڪي وقت جي جابر ۽ رهزن جي ناپاڪ ارادن، اٽڪلُن ۽ قھر برپا ڪندڙ سوچن جو خاتمو آڻي سگهن ٿا جڏهن ته تُنھنجي وَس ۽ هٿ ۾ دُنيا جھان کي باغ و بھار (بھشت) بڻائيندڙ، انقلاب ۽ زندگيءَ جا اُهڃاڻ ڏاٽو ۽ لٺ آهن جن سان تون انسانن جي ويري ۽ خطرناڪ قسم جي زهريلن نانگن کي مارين ٿو. هاڻي ڏِسجي ته هڪ پورهيت ۽ قلم ڪار جو ڪم ۽ ڪردار سماج ۾ مثبت ۽ مثالي تبديلي آڻڻ آهي. مان هان شاعر، تون آن هاري، تُنھنجي مُنھنجي گهاٽي ياري مُنھنجي هٿ ۾ گيت گُلابي تُنھنجي هٿ ۾ باغ بھاري مُنھنجي هٿ ۾ ڪِلڪ ڪانگ تُنھنجي هٿ ۾ ڏاٽو ڏانگ مان ٿو ڪاٽيان قھري سوچون تُون ٿو مارين زهري نانگ ڪنھن به قوم جو شاعر ان قوم جو اهم سُونھون ٿيندو آهي. هُو فقط دڳن ۽ دشائن جو تعين ڪندو آهي. باقي منزل تي پھچي مُسافر کي پنھنجي پاڻ کي ملهائڻو ۽ مڃرائڻو پوَندو آهي. منزل تي پھچي پير پساري ويھي سوچڻ سان ڪُجهه ٿئي ها ته پوءِ دُنيا جو هر شاعر، فلسفي، قلم ڪار بادشاهيءَ جا مزا ماڻي ها ۽ هر ڪم ڪار ڪندڙ (محنت ڪش) ڪنھن نه ڪنھن ديش جو راجا مھا راجا بڻجي پوي ها پر اياز جو فڪر اهو ٿو ٻُڌائي ته ”ڪانهي ڪا تاريخ ۾ ويڙهه سِوا ٻي واهه! اُستاد بُخاريءَ چواڻي هِن سنسار کي سُھڻو بڻائي ۽ اُوندهه انڌڪار کان آزادي فقط هڪ قلم ڪار ۽ هُنرمند ئي ڏياري سگهي ٿو. ان لاءِ هڪ سچي قلم ڪار کي پنھنجو قلم ٻاري حق سچ جو هوڪو ڏيڻو پوَندو؛ شمع جلائڻي پوَندس ۽ هڪ دلير ۽ برجُستي محنت ڪش کي پنھنجي پگهر کي ٻرنديءَ تي تيل ڪري هارڻو پوَندو. پوءِ پڪ ڄاڻجو ته گهر گهر اُوندهه واري سماج ۾ دائمي سوجهرو يقيني آهي. اديبن، شاعرن جو شمع جان پنھنجا قلم ٻاريا ته ڪوجهي ڪاري انڌاري ۾ سُھڻو سوجهرو ٿي پيو هُنرمندن، مزدُورن، راهڪن پنھنجا پگهر هاريا محبت سان جو محنت پيچ پاتو، مُعجزو ٿي پيو هاڪاري سوچ رکندڙ شاعرجو هر شعر انقلاب، تبديليءَ ۽ تغير جي تارازيءَ ۾ تُرندو آهي جنھن کي هڪ پارکُو خريدار جي ضرورت پوَندي آهي. پوءِ اهڙو گوهر ئي ميري ۽ گدلي پاڻيءَ کي صاف ڪري شفاف بڻائڻ جي سگهه حاصل ڪري وٺندو آهي. هُو لوهه کي موڙي مَروڙي سگهڻ جي شڪتي رکندو آهي. هُو اُوندهه ۽ انڌ کي ٽاري ڀڄائي سگهي ٿو. مطلب هُو هر اُهو ڪم باآساني ڪري سگهي ٿو جنھن جو ڪنھن کي وهم، گُمان، خواب ۽ خيال به ٿي نه ٿو سگهي پر ان لاءِ اُستاد بُخاريءَ جو هڪڙو شرط آهي ۽ شرط به اهڙو اڻانگو نه پر فقط جذبي ۽ مثبت ارادي جو آهي. اسان سڀ ڄاڻئون ٿا ته ڇڙو ويھي روئڻ، پنھنجو مُنھن مٿو پِٽڻ، پنھنجا سٿر سينا ڪُٽڻ يا ائي لي گهوڙا ڪرڻ سان سينواريل سماج نه ٿو بدلجي؛ حق حاصل نه ٿا ٿين بلڪِه حقن لاءِ اسان کي اُٿي پوَڻ جي ضرورت آهي ۽ انهيءَ اُٿي پوَڻ ۾ ئي اسان مسڪينن، محڪُومن ۽ مظلُومن جو صحيح علاج آهي. پائدار ڪاميابيءَ لاءِ ٻن لفظن اُٿي پوَڻ تي عمل ڪرڻ سستو سودو آهي. دُنيا جي مزدُورن، مسڪينن کي هڪ ٿيڻ گهُرجي ته پوءِ سنڌ جا مزدور؛ دُنيا جا مزدور اُٿي پئو؛ اُٿي پئو؛ شڪاگو جي انقلاب کي ياد ڪري اُٿي پئو! نه روئڻ، پِٽڻ ۾ اسان جو علاج نه سٿرون ڪُٽڻ ۾ اسان جو علاج ڌيون، پُٽ سڀئي سنڌ ڌرتيءَ ڄڻيا اُٿي پَئو! اُٿڻ ۾ اسان جو علاج دُنيا نه رُڳو چنڊ تي وڃي پھتي آهي پر ويڙهجي سيڙهجي جديد قسم جي هڪ عالَمي ڳوٺ ۾ پڻ تبديل ٿي چُڪي آهي. ڪائنات جي ڪنھن به ڪُنڊ پاسي ۾ ڇا وهي ۽ واپري ٿو؛ ڇا ڊهي ۽ ٺھي ٿو سا ڄاڻ سيڪنڊن ۾ بار بار ماڻهوءَ جي سماعتُن ۽ اکين اڳيان ايندي رهي ٿي. دُنيا ايتري ترقي ڪئي آهي جو ماڻهوءَ جي وهم ۽ گُمان ۾ به نه آهي ته هيءُ ڇا ٿي رهيو آهي؟ دُنيا جي ترقي آخر ڪٿي دَنگ ڪندي؟ پر ايتريءَ انوکيءَ ۽ اچرج جوڳيءَ ترقيءَ ۽ تبديليءَ باوجُود سامراجي ۽ پرماري قوَتون اڄ به بنا ڪنھن لڄ لحاظ، ڊَپ ڊاءَ ۽ خوف خطري جي ناجائزين جا روز نوان باب رقم ڪنديون رهن ٿيون. اڄ به ڪيترا ئي محڪُوم مظلوم، مسڪين، مجبُور، پورهيت پنھنجي حقن جي حاصلات لاءِ وِڙهن پيا ۽ لڙندي وِڙهندي ڪربلا کان شڪاگو ۽ شڪاگو کان بلديا فيڪٽريءَ، گڏاڻيءَ تائين گهاءَ کائيندا انقلاب ۽ انصاف جي اُميد تي اڳتي وڌندا، هلندا رهن ٿا. خُدا ڄاڻي اهڙن ماڻهن جي مسيحائي ۽ داد فرياد ڪڏهن ٿيندو؟ هر محنت ڪش سوچي ٿو...... ته پُورن جي پُڄاڻي ڪڏهن ٿيندي ۽ سُورن جو سلسلو ڪڏهن رُڪبو ۽ ڪربلا کان شروع ٿيل حق جي ويڙهاند شڪاگوکان پوءِ ماٺي ڇو ٿي وئي آهي؟ مظلوم ڪربلا کان لڙندي لڙيا شڪاگو عالَم ۾ انقلابن جو سلسلو ته آهي ڏات شعُور، شعور وري سوچ فڪر ۽ سوچ فڪر وري تحرُڪ، لوچ ۽ ولولو پيدا ڪندو آهي جيڪو تحرڪ تبديلي پيدا ڪري سوڀ تائين رَسائي حاصل ڪري وٺندو آهي پر اهو سڀ ڪُجهه تڏهن ئي ممڪن ٿي پوَندو آهي جڏهن پورهيت پنھوار، ڪُڙمي ڪاسبي ذي شعُور هُوندو؛ پنھنجي هيڻي، غريب ۽ خستي حاليءَ تي سوچ وِيچار ڪرڻ ئي ڇڏي ڏيندو؛ ظالم کي وڌيڪ ظلم ڪرڻ لاءِ ڍَر ڏئي ڇڏيندو ته پوءِ اسان توهان (مظلوم ۽ محڪُوم طبقو) پنھنجي حقن، ننگن، دَنگن، ٻنيءَ ٻارن، کاڻين، کُوهن، مِلن ۽ ڪارخانن جي حساب ڪتاب کان سواءِ شھرن، پاڙن، چونڪن ۽ دُڪانن جو قبضو ڪيئن ۽ ڪير وٺي ڏيندو؟ حق خيرات وانگر ناهي گهُربو. ڇِني ڇِڪي ۽ وِڙهي وٺبو آهي. وِڙهڻ لاءِ وري سَندرو ٻَڌي سُرڻو ۽ رِڙهڻو پوَندو آهي. تڏهن ئي ڪاميابي ۽ ڪامراني قدم چُمي پُٺي ٺپيندي آهي. هاڻي به جي نه وٺندءُ پنھنجي حقن جو قبضو کاڻين، ٻنين، مِلن ۾ کاتن پڪن جو قبضو شھرن ۾ پنھنجي پاڙن، چونڪن، هٽن جو قبضو پوءِ سمجهو سِر تي هُوندُوَ ڌارين ڌڪن جو قبضو پر جي پنھنجي حقن لاءِ هٿ پير نه هنياسين، رِڙهيا وِڙهياسين نه ته پوءِ پَڪ ڄاڻي ڇڏجو ته اسان ۽ اسان جي ايندڙ نسلن جي نِرڙن تي غيرن، غاصبن جا گهاءَ ۽ ڌارين جا ڌڪ ئي ڌڪ نظر ايندا جيڪي نشان اسان جي بُزدليءَ ۽ ڀاڙيائپ جا کُليل ثبُوت هُوندا جنھن کان پوءِ اسان ڪنھن کي مُنھن ڏيکارڻ لائق نه رهنداسُون. تنھن ڪري اچو ته اُستاد جي مٿئين مُختصر طاقتور فڪر جو فائدو وٺي سندس سڏ وَرنايون جيڪو سڏ پڙاڏو بڻجي اسان جي دردن جو درمان بڻبو. سنڌ ۽ دُنيا جھان جا مزدورو! هوش ڌاريو؛ هاڻي ته اَکيون پَٽيو! هاڻي گهڻو ٿي چُڪو آهي جنھن کي صاف ڪرڻو آهي...... وِک وڌايو..... جند بچايو! پورهيت زندهه آباد انقلاب زندهه آباد استاد بخاري شعر کي پنهنجي سُڃاڻ ڏيندڙ تحرير: رکيل مورائي اڄ استاد بخاريءَ جي ورسيءَ جو ڏينهن آهي. سندس ورسي ملهائي، هڪ رسم پوري ڪئي ويندي. جيئن انساني جذبي هيٺ ڪيو ويندو آهي ۽ عالمن، اديبن ۽ شاعرن جون ورسيون ملهائڻ جو هڪ سبب کين ياد ڪرڻ به آهي. جيتوڻيڪ سندن هر ڇپيل ڪتاب سندن يادن طور قومن وٽ محفوظ هوندو آهي، شايد هڪ سبب اهو به آهي ته سندن ورسيون ۽ سالگراهون ملهائي، اسان پنهنجي حال کي ماضيءَ سان ڳنڍيندا آهيون ۽ ايئن مستقبل ڏانهن پنهنجي ايندڙ نسل کي رستو ڏيکاريندا آهيون. ڪنهن به اهڙي رسم کان اڳ يا پوءِ، اسان پنهنجي عالمن، اديبن ۽ شاعرن کي حقيقي معنيٰ ۾ اعزاز ڪهڙو ڏيندا آهيون، جيڪو اصل معنيٰ ۾ انهن کي ڏيڻ گهرجي. اڄ جڏهن استاد بخاريءَ جي قبر تي گل چاڙهيا ويندا، کيس ڀيٽا ڏني ويندي، سندس اعزاز/ياد ۾ چڱو ئي خرچ ٿيندو، ان موقعي تي کيس اصل ڀيٽا ڪير ڏيندو؟ اڄ جي نوجوانن ۾ ڪيترا اهڙا نوجوان هوندا جن ڏهين آڪٽوبر ٻه هزار ارڙهن کان نائين آڪٽوبر ٻه هزار اڻويهن تائين پنهنجي هڪ ڏهاڙي مان صرف هڪ ڪلاڪ ڪڍي سندس ٻن درجن ڪتابن جو نئين سر اڀياس ڪيو هجي ۽ هڪ لاجواب پيپر لکيو هجي، جنهن منجهان اسانکي استاد بخاري جي شاعريءَ جا ڪي نوان نقطا، نوان احساس، نوان رومانس، نوان فلسفا ۽ نئين احساسداري پلئه پوي. جيڪڏهن ايئن نه ٿو ٿئي ته انهن شخصن کي ڪلاڪ ڪلاڪ ڳالهائڻ ڇو ٿو ڏنو وڃي، هڪ ئي وقت سَون ماڻهن جو اهو وقت ڇو ٿو ضايع ڪيو وڃي، ٻن ڏهاڪن جي وٿيءَ بعد به اسانکي اهڙو پيپر نه ملي سگهيو آهي، جنهن استاد جي شاعريءَ جا ڪي نوان پهلو ظاهر ڪيا هجن. اڄڪلهه اسانجي شاعرن، عالمن ۽ اديبن جي ورسين تي لکندڙن جون ڪجهه به لکڻ وقت سمورين توانايون ان ڳالهه تي ختم ٿين ٿيون ته لکندڙ جو لکيو ويندڙ سان ڪيترو ويجهو تعلق هئو، ايئن جنهن تي لکيو وڃي ٿو اهو رهجي وڃي ٿو ۽ جيڪو لکي ٿو اهو مٿي اڀري اچي ٿو. مجموعي طور اسانجي ادب ۾ جيترو اديبن ۽ شاعرن تي شخصي طور ڳالهايو ۽ لکيو ويو آهي. اوترو سندن ادب تي نه لکيو ويو آهي ۽ نه ڳالهايو ويو آهي، ايئن استاد بخاريءَ جهڙي، سنڌي شاعريءَ ۾ پنهنجي نرالي جڳهه حاصل ڪندڙ شاعر تي به نه لکيو ويو آهي. جيڪا سنڌي ادب لاءِ خاص ۽ استاد بخاريءَ جي حوالي ۾ عام ڳالهه ڪري سگهجي ٿي. استاد بخاري سنڌي ٻوليءَ جو اهڙو شاعر آهي، جنهن وٽ گهڻي قدر سڀ ڪجهه پنهنجو آهي، هن جا موضوع پنهنجا آهن، هن جي ٻولي پنهنجي آهي، هن جو لهجو پنهنجو آهي، ڪنهن به اعليٰ شاعر وٽ ٻيو ڇا هجڻ گهرجي. اياز، تنوير، شمشير ۽ امداد جي موجودگيءَ ۾ استاد جي شاعري ايتري نرالي آهي، جنهن تي معجزي جو گمان ٿئي ٿو. استاد بخاريءَ جي شاعريءَ جا بنياد پنهنجي راويت تي بيٺل آهي. اها روايت جيڪا سچ پچ، عوامي آهي، هت سندس روايت جو ذڪر سندس واتان ٻڌل شاعري نه آهي. پر ڪتابن ۾ ڇپيل اها شاعري آهي،جيڪا اڄ استاد جي جسمانيءَ طور نه هجڻ کانپوءِ به اسانجي آڏو آهي، ٻي روايت شاعري ۾ شعر پڙهڻ واري آهي، جيڪا عارضي آهي، تنهن هوندي به استاد پنهنجي موجودگي محسوس ڪرائيندو رهيو، ڪيترا ئي شاعر مشاعرن ۾ ته پنهنجي موجودگي شدت سان محسوس ڪرائي سگهيا، پر ان قوت سان پني تي اڀري نه بيٺا، استاد بخاريءَ جي شاعريءَ جو چڱوئي حصو پني تي پڻ اڀري بيٺو آهي، جنهن کان وڌيڪ سندس موجودگيءَ محسوس ٿيندي هئي. سنڌي ٻولي وري استاد بخاري جهڙو شاعر پيدا ڪندي، جنهن کي سچ پچ عوامي شاعر ڪوٺي سگهجي. شايد اسانکي گهڻو وقت انتظار ڪرڻو پوندو. ڇاڪاڻ ته استاد بخاري شاعرن جي ان لسٽ ۾ نه آهي، جنهن کي ڳوليو وڃي. سندس قد ايترو وڏو آهي جيڪو پري کان ئي ڏسڻ ۾ ايندو آهي. اڄ نه ان کي ڪو گهٽائي سگهندو نه ئي ان کي وڌائي سگهندو. استاد بخاري سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ وڏي حلقي جي اتساھ جو سبب پڻ رهيو آهي. اڄ به سندس ڪتاب تيزيءَ سان وڪرو ٿيندڙ ڪتابن ۾ شامل آهن ۽ بار بار ڇپجندا رهن ٿا. گهڻن ئي شهرن وانگر دادو پڻ شهر نه پر هڪ احساس آهي. جنهن ۾ استاد بخاري جي شاعري ساھ کڻي ٿي ۽ محسوس ٿئي ان ڪري هو سدائين جيئرو رهڻو آهي. رسمي طور هن کي ياد ڪري ڄڻ اسان پاڻ کي ياد ڪريون ٿا ڇاڪاڻ ته هو اسان جو اهڙو شاعراڻو ورثو آهي، جنهن تي اسانکي فخر محسوس ٿئي ٿو. ان سان گڏ تڪليف به محسوس ٿئي ٿي جڏهن استاد تي هڪ درجي کان هيٺ لهي ڳالهايو ٿو وڃي ۽ پڙهيو ٿو وڃي. استاد جو اڀياس جنهن سطح تي ٿيڻ گهرجي انتظاميا کي ان پاسي به ڌيان ڏيڻ جڳائي ۽ استاد کي انهن جي وارثيءَ کان به بچائڻ گهرجي. جن استاد کي ادب ۾ لاوراثي ڏانهن ڌڪڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. پر استاد جي شاعريءَ سنڌ جي مضبوط وارثي حاصل ڪري ورتي، ڇاڪاڻ ته اها سنڌ جي شاعري هئي، سنڌين جي شاعري هئي ۽ وڌيڪ ته اها سندن جذبن جي ترجمان شاعري هئي. استاد جي شاعري سنڌ جي اهڙي سونهن آهي جنهن تي ڪو به شخص موهت ٿي سگهي ٿو ۽ اهو موھ هو سدائين لاءِ پنهنجي دل ۾ سانڍي سگهي ٿو. استاد سدائين اسان جي وچ ۾ هئو. اسين سڀ سندس آس پاس هئاسين، اڄ هو پاڻ نه آهي، اسان کان وڇڙي ويو آهي. تڏهن ئي ته سندس ورسي ملهائي رهيا آهيون. هو جيڪو سانگين جي وچ سدائين سالگرهون محسوس ٿيندو هئو. سانگين مان گڏ سالگرھ مان، وڇڙي ويس ته ورسي آهيان. اڄ اسين ان جي ورسي ملهائي رهيا آهيون! استاد بخاري پنهنجي لهجي جو شاعر رکيل مورائي اسين سڀ استاد بخاريءَ جي ورسيءَ جي سلسلي ۾ گڏ ٿيندا آهيون. سندس ورسي ملهائي، هڪ رسم پوري ڪئي ويندي. جيئن انساني جذبي هيٺ ڪيو ويندو آهي ۽ عالمن، اديبن ۽ شاعرن جون ورسيون ملهائڻ جو هڪ سبب کين ياد ڪرڻ به آهي. جيتوڻيڪ سندن هر ڇپيل ڪتاب سندن يادن طور قومن وٽ محفوظ هوندو آهي، شايد هڪ سبب اهو به آهي ته سندن ورسيون ۽ سالگراهون ملهائي، اسان پنهنجي حال کي ماضيءَ سان ڳنڍيندا آهيون ۽ ايئن مستقبل ڏانهن پنهنجي انيدڙ نسل کي رستو ڏيکاريندا آهيون. ڪنهن به اهڙي رسم کان اڳ يا پوءِ، اسان پنهنجي عالمن، اديبن ۽ شاعرن کي حقيقي معنيٰ ۾ اعزاز ڪهڙو ڏيندا آهيون، جيڪو اصل معنيٰ ۾ انهن کي ڏيڻ گهرجي. اڄ جڏهن استاد بخاريءَ جي قبر تي گل چاڙهيا ويندا، کيس ڀيٽا ڏني ويندي، سندس اعزاز/ياد ۾ چڱو ئي خرچ ٿيندو، ان موقعي تي کيس اصل ڀيٽا ڪير ڏيندو؟ اڄ جي نوجوانن ۾ ڪيترا اهڙا نوجوان هوندا جن ڏهين آڪٽوبر اوڻيهه سئو ٻيانوي کان اڄ تائين پنهنجي هڪ ڏهاڙي مان صرف هڪ ڪلاڪ ڪڍي سندس ٻن درجن ڪتابن جو نئين سر اڀياس ڪيو هجي ۽ هڪ لاجواب پيپر لکيو هجي، جنهن منجهان اسانکي استاد بخاريءَ جي شاعريءَ جا ڪي نوان نقطا، نوان احساس، نوان رومانس، نوان فلسفا ۽ نئين احساسداري پلئه پوي. جيڪڏهن ايئن نه ٿو ٿئي ته انهن شخصن کي ڪلاڪ ڪلاڪ ڳالهائڻ ڇو ٿو ڏنو وڃي، هڪ ئي وقت سَون ماڻهن جو اهو وقت ڇو ٿو ضايع ڪيو وڃي، ٻن ڏهاڪن جي وٿيءَ بعد به اسانکي اهڙو پيپر نه ملي سگهيو آهي، جنهن استاد جي شاعريءَ جا ڪي نوان پهلو ظاهر ڪيا هجن. اڄڪلهه اسانجي شاعرن، عالمن ۽ اديبن جي ورسين تي لکندڙن جون ڪجهه به لکڻ وقت سمورين توانايون ان ڳالهه تي ختم ٿين ٿيون ته لکندڙ جو، لکيو ويندڙ سان ڪيترو ويجهو تعلق هئو، ايئن جنهن تي لکيو وڃي ٿو اهو رهجي وڃي ٿو ۽ جيڪو لکي ٿو اهو مٿي اڀري اچي ٿو. مجموعي طور اسانجي ادب ۾ جيترو اديبن ۽ شاعرن تي شخصي طور ڳالهايو ۽ لکيو ويو آهي. اوترو سندن ادب تي نه لکيو ويو آهي ۽ نه ڳالهايو ويو آهي، ايئن استاد بخاريءَ جهڙي، سنڌي شاعريءَ ۾ پنهنجي نرالي جڳهه حاصل ڪندڙ شاعر تي به نه لکيو ويو آهي. جيڪا سنڌي ادب لاءِ خاص ۽ استاد بخاريءَ جي حوالي ۾ عام ڳالهه ڪري سگهجي ٿي. استاد بخاري سنڌي ٻوليءَ جو اهڙو شاعر آهي، جنهن وٽ گهڻي قدر سڀ ڪجهه پنهنجو آهي، هن جا موضوع پنهنجا آهن، هن جي ٻولي پنهنجي آهي، هن جو لهجو پنهنجو آهي، ڪنهن به اعليٰ شاعر وٽ ٻيو ڇا هجڻ گهرجي. اياز، نياز تنور، شمشير ۽ امداد جي موجودگيءَ ۾ استاد جي شاعري ايتري نرالي آهي، جنهن تي معجزي جو گمان ٿئي ٿو. استاد بخاري جي شاعريءَ جا بنياد پنهنجي روايت تي بيٺل آهي. اها روايت جيڪا سچ پچ، عوامي آهي، هت سندس روايت جو ذڪر سندس واتان ٻڌل شاعري نه آهي. پر ڪتابن ۾ ڇپيل اها شاعري آهي،جيڪا اڄ استاد جي جسماني طور نه هجڻ کانپوءِ به اسانجي آڏو آهي، ٻي روايت مشاعري ۾ شعر پڙهڻ واري آهي، جيڪا عارضي آهي، تنهن هوندي به استاد پنهنجي موجودگي محسوس ڪرائيندو رهيو، ڪيترا ئي شاعر مشاعرن ۾ ته پنهنجي موجودگي شدت سان محسوس ڪرائي سگهيا، پر ان قوت سان پني تي اڀري نه بيٺا، استاد بخاريءَ جي شاعريءَ جو چڱوئي حصو پني تي پڻ اڀري بيٺو آهي، جنهن کان وڌيڪ سندس موجودگيءَ محسوس ٿيندي هئي. سنڌي ٻولي وري استاد بخاري جهڙو شاعر پيدا ڪندي، جنهن کي سچ پچ عوامي شاعر ڪوٺي سگهجي. شايد اسانکي گهڻو وقت انتظار ڪرڻو پوندو. ڇاڪاڻ ته استاد بخاري شاعرن جي ان لسٽ ۾ نه آهي، جنهن کي ڳوليو وڃي. سندس قد ايترو وڏو آهي پري کان ئي ڏسڻ ۾ ايندو آهي. اڄ نه ان کي ڪو گهٽائي سگهندو نه ئي ان کي وڌائي سگهندو. استاد بخاري، سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ وڏي حلقي جي اتساھ جو سبب پڻ رهيو آهي. اڄ به سندس ڪتاب تيزيءَ سان وڪرو ٿيندڙ ڪتابن ۾ شامل آهن ۽ بار بار ڇپجندا رهن ٿا. سنڌ جي گهڻن ئي شهرن وانگر دادو پڻ شهر نه پر هڪ احساس آهي. جنهن ۾ استاد بخاري جي شاعري ساھ کڻي ٿي ۽ محسوس ٿئي ٿي ان ڪري هو سدائين جيئرو رهڻو آهي. رسمي طور هن کي ياد ڪري ڄڻ اسان پاڻ کي ياد ڪريون ٿا، ڇاڪاڻ ته هو اسان جو اهڙو شاعراڻو ورثو آهي، جنهن تي اسانکي فخر محسوس ٿئي ٿو. ان سان گڏ تڪليف به محسوس ٿئي ٿي جڏهن استاد تي هڪ درجي کان هيٺ لهي ڳالهايو ٿو وڃي لکيو وڃي ۽ پڙهيو ٿو وڃي. استاد جو اڀياس جنهن سطح تي ٿيڻ گهرجي انتظاميا کي ان پاسي به ڌيان ڏيڻ جڳائي ۽ استاد کي انهن جي وارثيءَ کان به بچائڻ گهرجي. جن استاد کي ادب ۾ لاوراثيءَ ڏانهن ڌڪڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. پر استاد جي شاعريءَ سنڌ جي مضبوط وارثي حاصل ڪري ورتي، ڇاڪاڻ ته اها سنڌ جي شاعري هئي، سنڌين جي شاعري هئي ۽ وڌيڪ ته اها سندن جذبن جي ترجمان شاعري هئي. استاد جي شاعري سنڌ جي اهڙي سونهن آهي جنهن تي ڪو به شخص موهت ٿي سگهي ٿو ۽ اهو موھ هو سدائين لاءِ پنهنجي دل ۾ سانڍي سگهي ٿو. استاد سدائين اسان جي وچ ۾ هئو. اسين سڀ سندس آس پاس هئاسين، اڄ هو پاڻ نه آهي، اسان کان وڇڙي ويو آهي. تڏهن ئي ته سندس ورسي ملهائي رهيا آهيون. هو جيڪو سانگين جي وچ سدائين سالگرهون محسوس ٿيندو هئو. (ڏيھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۹ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل) استاد بخاري سندس شاعريءَ جو فني ۽ فڪري جائزو - نائين آڪٽوبر ورسيءَ جي مناسبت سان يوسف ڀٽو استاد بخاري سنڌ جي اُنھن سدا ملوڪ شاعرن مان آھي، جنھن کي وستي وستي، واھڻ واھڻ مقبوليت ۽ مڃتا ملي. ھر سُٺي ۽ سُڄاڻ پڙھندڙ استاد کي پڙھيو، پڙھي اِئين محسوس ڪيو ھوندو ته ڄڻ استاد جي ھن شعر ۾ سندس ئي احساسن جي ڳالهڙي ھجي. استاد اھو ساڃاھ وند شاعر ھو جنھن وطن ۽ وطن جي ماروئڙن تي لکيو. ساڻيھ جي سُرھاڻ ته سندس شاعريءَ ۾ ائين رچي وئي، جيئن سانوڻ جي پھرين وسڪاري ۾ مٽيءَ ۾ اٿندڙ دلفريب مھڪ. استاد جي شاعراڻي سگھ، فن ۽ فڪر دراصل سندس شاعري، عام فھم لفظن، اصطلاحن، سلاست ۽ سادگيءَ ۾ آھي جو پڙھندڙ توڙي ٻڌندڙ کي موھي وجهي ٿي ۽ نتيجي ۾ ھُو بي اختيار “واھ واھ” ڪندو ٿو رھي. استاد بخاريءَ جو اصل نالو سيد احمد شاھ بخاري آھي. سندس والد صاحب جو نالو سيد حاجن شاھ آھي. ھُو ۱۹۳۰ع ۾ ڳوٺ غلام قادر چانڊيو، ضلعي دادو ۾ ڄائو. ھُن نوڪريءَ جي شروعات پرائمري استاد طور ڪئي. ايم اي تائين تعليم حاصل ڪيائين ۽ استاد ايم اي جي ڊگري ۱۹۶۴ع ۾ حاصل ڪئي. استاد بخاري جي شاعريءَ جا ۲۵ مجموعا ڇپيا. سندس پھريون شعري مجموعو “گيت اسان جا جيت اسان جي” ۱۹۷۱ع ۾ ڇپيو. ان کان علاوه سندس مشھور شعري مجموعن ۾ “نه ڪم نبريو، نه غم نبريو”، “اوتون جوتون”، “لھري لھري ۾ لالاڻ”، “ڪوڪڻ يا ڪلياڻ”، “زندگي زندگي”، “ميلا ملھار”، “ڳائي پيو جاڳائي پيو” ۽ ٻيا شامل آھن. استاد جي شاعريءَ جي خوبي آھي جو ان اسان کي پنھنجو گرويده بڻائي ڇڏيو ۽ ان تي ھي چند سٽون لکڻ کي پنھنجو اعزاز سمجهوسين. ھو ھڪ بلند فڪر شاعر ھو، سندس ٻول اندر جي احساسن کي بي اختيار ڇھن ٿا ۽ جنھن جي خوبصورت شاعريءَ جو سحر برقرار رھندو اچي. ادب جي ڪنھن به صنف ۾ لکڻ ڪو سولو ڪم نه آھي. پر جڏھن ڳالھ شاعريءَ جي ھُجي ته اھا رڳو ڪو حسين احساسن تي ته مشتمل نه ھوندي آھي پر شاعر زندگيءَ جي تلخ تجربن کي به بيان ڪري ٿو. اھا ئي ڳالھ استاد پنھنجي ھن چؤسٽي ۾ ڪھڙي نه خوبصورتيءَ سان بيان ڪري ٿو: چيائون او شاعر اوھان ڌرتتيءَ جو، مٿي تي تغاريون رکي ڪونه سگهندو. مڃيوسين او ساٿي، مگر رات آڌيءَ، اوھان تڙپي تڙپي لکي ڪونه سگهندو. ڀلوڙ شاعر فيض احمد فيض ھڪ ھنڌ لکيو آھي ته: “ٻڌندا پيا اچون ته ڪنھن شاعر يا اديب جو صحيح مقام ايندڙ نسل متعين ڪندا آھن، اھا ڳالھ پنھنجي جڳھ تي مڃيل آھي پر اھو ڏسڻ به لازم آھي ته سخنور پنھنجي زمان ۽ مڪان جي دائري ۾ ڪيترين دلين ۾ گهر ڪيو آھي ۽ ان جي چيي سان ڪيترن پڙھڻ وارن کي محسوس ٿيو ته ڄڻ ھي به منھنجي دل ۾ آھي” استاد جي شاعري به ان معيار جي ثابت ٿي جو کيس ايتري ڀرپور عوامي موٽ ملي. استاد يقينن خوش قسمت آھي جو کيس نه صرف ادبي حلقن پر عوامي سطح تي به پذيرائي ملي. ادبي تجزئي نگارن موجب ته توڙي جو ھُن حُسن پرست ھُئڻ ڪري عشقيه شاعري به ڪئي ۽ سندس شاعريءَ ۾ جمالياتي عنصر به نمايان آھي پر بنيادي طور تي استاد ھڪ انقلابي شاعر آھي. سنڌي شاعريءَ جي مطالعي دوران جنھن شيءِ مونکي وڌيڪ متاثر ڪيو آھي، اھا آھي اُميد پرستي. حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ رح جي شاعريءَ ۾ ته اميد پرستي ڪمال جي آھي. بلڪ اميد جا اھڙا عڪس ٻي ڪنھن شاعريءَ ۾ ملڻ مشڪل آھن. سنڌي ٻوليءَ جي ٻين شاعرن به اميد پرستيءَ تي سُٺو لکيو. ڇو ته اھا اميد ئي آھي جيڪا انسان کي ڪنھن به طرح مايوس ٿيڻ نٿي ڏي، ھر بار جيئاري ٿي. اميد پرستي اھا آھي ته انسان تي لازم آھي ته اُس جي سفر ۾ وڻن جي گهاٽي ڇانوَ جي آس جو حوصلو ڌاري ۽ ان کي من ۾ سمائي رکي، خود ھلندو رھي، اُھا ڇانوَ ان کي ضرور ملندي. سو استاد جي شاعري به اميد جي ان تخيل سان مالامال نظر اچي ٿي. سندن ھڪ شعري مجموعي جو ته نالو ئي “پير نه ھٽي پوئتي” آھي. سو استاد جي شاعريءَ ۾ اميد جا اھي سوجهرا ضرور آھن. اميد، ناڪاميءَ جي انڌيرن کي مات ڏيندڙ صبح جي چِٽن سوجهرن جيان آھي. جيڪي واپس ورڻ ڄاڻن ئي نٿا. استاد بخاري ڪيڏو نه خوب چيو: اسان ارتقا جا پڪا عاشق آھيون، ورڻ کان وڌڻ ۾ مزو ٿو اچي ڙي. استاد بخاري جيڪي شعر چيا، انھن ۾ اميد سان گڏ ھمت ۽ حوصلو آھي. سندس ھڪ نظم “ارمان نه ڪر، ارمان نه ڪر” ۾ ھُو جيئڻ تي اُتساھيندي چوي ٿو ته: ڪنھن غفلت ۾ غيباڻو ٿي، گگدامن جان گذران نه ڪر. انھيءَ نظم ۾ ھُو اڳتي ھڪ مصرعه ۾ چوي ٿو ته: ڪا جوت جاڳائي جيئڻو اٿئي، ھي ماڳ ملھائي جيئڻو اٿئي. سندس اِنھن ئي شعرن ۾ ڏسي چئي سگهجي ٿو ته استاد اميد سان گڏ زندگيءَ جو به شاعر آھي. منجهس عاجزي به اھڙي جو استاد “چوٽ کائي درگذر” جو به قائل آھي. جيءُ جنھن کي چيم، جهڻڪ تنھن کان مليم؛ چوٽ ڏاڍي لڳم، پر ڪيم درگذر. استاد جو شاعراڻو شعور، فڪر ۽ ڏات بلند پايي جي آھي. درحقيقت استاد بخاريءَ جي شاعريءَ ۾ سُرت سڄاڻ جا اھي ڏيئا روشن آھن، جيڪي پڙھندڙ يا ٻڌندڙ جي احساسن کي بھار جي ترو تازگي عطا ڪن ٿا. استاد شاعريءَ جي تقريبن ھر صنف تي طبع آزمائي ڪئي آھي. ھُن جنھن به صنف تي لکيو عمدگيءَ سان لکيو. ان کان علاوه استاد جي شاعريءَ ۾ ھجر جو عنصر به محسوس ٿئي ٿو ته ان کي بيان ڪرڻ جو ڍنگ به نرالو آھي: مون ٿي پڇيو، ھن کان سائين، مون کان وڇڙي ڪيئن ٿو ڀانئين، ھُو به کلي پيو، مان به کلي پيس، کلندي کلندي روئي ڏنائين. ڏسجي ته شاعري انسان جي احساسن جي اظھار جو ذريعو آھي. جنھن شاعر وٽ اظھار جي جُرئت ۽ بيان جو سليقو ۽ عمدگي ھجي ته پوءِ اھو شاعر عوام وٽان قدرداني ۽ مڃتا ته ضرور ماڻيندو ۽ استاد بخاري به سنڌي شاعريءَ جو اھڙو ئي ھڪ معتبر نانءُ آھي، جنھن وٽ اھي خوبيون آھن. استاد پنھنجي خوبصورت جذبن ۽ احساسن جو اظھار ۽ عام ماڻھن جي ڏکن ۽ سُورن جي ڳالھ کي شاعريءَ ۾ وڏي خوبيءَ سان بيان ڪيو آھي. استاد تقريبن شاعري جي ھر صنف ۾ طب آزمائي ڪئي ۽ سندن شاعري سنڌي ادب جو لازمي سرمايو بڻجي وئي آھي. ھُو انسان جي مختلف ڪيفيتن عشق و محبت کان وٺي حقن جي حاصلات، اميد کان وٺي اتساھ تائين کي شعر جي سانچي ۾ وجهي وٺڻ جي صلاحيت رکندڙ آھي. لفظن تي سندس گرفت به آھي، لفظن جي استعمال ۾ شاعراڻي ھنر کان به واقف آھي. اھو به ائين جو شاعريءَ جي جنھن به صنف ۾ ڳالھ جو اظھار ڪرڻ چاھي ته ان لاءِ ھُو آسانيءَ سان لکي سگهي. استاد محبتن جو به شاعر آھي. خود به محبت بابت اظھار ڀلوڙ شاعراڻي رنگ ۾ ھن ريت ٿو ڪري: ھڪ پيار يار ڄاڻان، ٻي ڪار ڪانه ڄاڻان. استاد بخاريءَ جي شاعري پڙھي ڪڏھن ڪڏھن ته ائين به لڳندو آھي ته ھو لفظن جي ذخيري ۽ تشبيھن جي مالها سان مالامال آھي، ڄڻ ته لفظ سندس آڏو احترامن بيٺا ھُجن. ان کان علاوه ھيءَ ڳالھ به محسوس ٿئي ٿي ته استاد عام ماڻھوءَ جي درد جو شعور رکندڙ شاعر آھي ۽ عام ماڻھوءَ جي مزاج موجب ئي عام فھم شعر سرجيا، جيڪي سولائيءَ سان سمجھ ۾ ايندڙ آھن. ڪنھن سُٺي شاعر جي اھم خوبي اھا ئي ته آھي! ڪنھن رسالي ۾ ھڪ ھنڌ تي اھو به پڙھي معلوم ٿيو ته استاد ھڪ وڏو ۽ سُٺو موسيقار به ھو، جو ھن ۲۰۰ جي لڳ ڀڳ پنھنجي گانن/ شاعريءَ جون ڌنون پاڻ ئي ترتيب ڏنيون ھُيون. اُستاد جا ڪي ته شعر اھڙا آھن، جو بار بار پڙھڻ ۽ ٻڌڻ تي دل پئي چاھيندي آھي. استاد ھن ڌرتيءَ جو باڪردار ۽ صحيح معنيٰ ۾ عاشق شاعر به آھي. سنڌ ته ڄڻ سندس شاعريءَ جو محور ھجي! جو قوم جيئاري اھو جيئندو رھندو، جو عام اجاري اھو جيئندو رھندو، مون کي تاريخ ۽ تقدير ڏني پڪ آ، جو سنڌ سنواري اھو جيئندو رھندو. استاد کي جيتري قدر پيار، محبت جهڙن جذبن کي شاعريءَ ۾ اُڻڻ جو احساس ھو، اوترو ئي استاد کي صحيح معنيٰ ۾ ماڻھپي، ٻولي، امن ۽ جستجو جهڙن موضوعن کي پنھنجي شاعريءَ جو حصو بڻائڻ جو ھُنر پڻ آھي. ھُو زندھ دل شخص طور زندگيءَ جي صحيح معنيٰ ۾ واقفيت رکندڙ شاعر آھي. ھُو انسان لاءِ ھر حال ۾ پيار، امن، ڀائپي ۽ جُستجو ضروري سمجهندڙ شاعر طور ڏسجي ٿو. وڌيڪ اھو ته استاد کي اميد جي آگهي رھي، ائين جيئن گُل ٽڙي ته ان جي رنگ و بو ان جو تعارف ڪرائي. استاد جي شاعريءَ ۾ عجيب خوشبو آھي. ھڪ الڳ رنگ آھي. ھُن ته سنڌي شاعريءَ کي اھڙا نوان لاڙا ۽ رنگ ڏنا، جيڪي اڳتي ھلي ٻوليءَ سان گڏ خود سندس به سڃاڻپ بڻجي ويا. قوم جي شعور جا سوجهرا سندس ئي شاعريءَ ۾ وڌيڪ واضع انداز ۾ پسي سگهجن ٿا. ھُو سنڌي شاعريءَ جي اُڀ جو اھو ستارو آھي، جنھن جي روشني ھتان جو عام ماڻھو به آسانيءَ سان پسي سگهي ٿو. استاد بخاري جي شاعريءَ جي عظمت ان مان به چٽي آھي جو فنڪار سندس شاعري ڳائڻ پاڻ لاءِ اعزاز سمجهن ٿا. اردو شاعريءَ جي حوالي سان فيض احمد فيض جي لاءِ چيو وڃي ٿو ته “لفظ ان جا غلام ۽ تشبيھون ان جون ڪنيزون آھن. ” اگر اھا ڳالھ آھي ته پوءِ سنڌي شاعري جي حوالي سان اھا ڳالھ استاد بخاريءَ لاءِ چوڻ اجائي نه ھوندي. استاد سنڌي شاعريءَ جي اھا خوشبو آھي جيڪا ھر سُٺي پڙھندڙ توڙي ٻڌندڙ کي فرحت بخشي ٿي. يقينن ھر دؤر ۾ استاد جي شاعري مڃتا ماڻيندي رھندي. استاد ۾ بظاھر ٻي ڪا به خوبي ناھي، ھڪ سونھن جو پوڄاري ٻيو سنڌ يار آھي. (ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۹ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل) استاد بخاري پِرهَه جا پيغام پُهچائيندڙ شاعر تحرير: سرمد کوسو ڪنهن ٿي ڄاتو ته دادوءَ ۾ سائين حاجن شاھ جي گهر ۾ جنم وٺندڙ ننڍڙو ’پُنهل شاھ‘، ’احمد شاھ‘، ’آسي’۽ ’دردِي ‘ٿيندي، “اُستاد بخاري” بڻجي ويندو ۽ سنڌ جي هر ننڍي وڏي وٽ وڏي مقبوليت ماڻيندو! استاد بخاريءَ جو نانءٌ ذهن ۾ ايندي ئي خوبصورت سنڌ جو تصوّر ذهن ۾ ترِي اچي ٿو، جيڪا هر قِسم جي بيمارين، بُراين، بُڇڙاين، ڏاڍين ۽ ناجائزين کان پاڪ سنڌ آهي. . . سرسبز ۽ شاداب آهي. . . جنهن ۾ هر طرف خوشحالي آهي. هر طرف حُسن آهي. . . سونهن آهي. . . پيار ئي پيار آهي. . . . تڏهن ته پاڻ چوي ٿو: ڇا قوم تي لکان مان! ڇا حُسن تي لکان مان! افسوس. . . ! زندگي هڪَ. . . پُورو نٿو پوان مان. . . استاد بخاريءَ کي اسان کان جسماني طور وڇڙئي ۲۹ سال ته ٿي ويا آهن، پر استاد پنهنجي ڪمال جي شاعريءَ ذريعي اسان جي دلين ۾ موجود آهي. منهنجي خيال ۾ استاد بخاري ڪنهن روايتي تعارف جو محتاج ناهي، جو ويهي سندس پيدائش جي تاريخ يا ملازمت جي ريڪارڊ بابت لکجي، استاد ان تعارف کان گهڻو مٿانهون آهي. استاد کي اڃا فڪري طرح دريافت ڪرڻ جي ضرورت آهي. استاد کي رڳو عوامي ۽ رومانوي شاعريءَ تائين به محدود نٿو ڪري سگهجي. عوامي ۽ رومانوي رنگ سندس وسيع ۽ گهڻ رخي شاعريءَ جو فقط هڪ پاسو آهي، جڏهن ته استاد هڪ مفڪّر ڪوي آهي. استاد بخاري سنڌي سماج جو صحيح معنيٰ ۾ سچو رهبر آهي. جيڪو اتساهي به ٿو، دشمن کي للڪاري به ٿو. . . پنهنجن دردن تي ڪُوڪارَي به ٿو. . . کِلائي به ٿو، روئاري به ٿو، ته سمجهائي به ٿو. استاد بخاريءَ جي شاعري، گهڻ پڙهيو توڙي گهٽ پڙهيو ٻئي شوق سان پڙهن به ٿا، ته آسانيءَ سان سمجهن به ٿا. اِهو استاد جي ڪلام جو ڪمال آهي، جو پاڻ وڏي ۾ وڏي ۽ گَهِري ڳالھ ۽ فڪر کي به آسان ٻوليءَ ۾ پڙهندڙن تائين پُهچائي ٿو ڇڏي. انهيءَ ڪري ئي سندس ڪلام کي تمام گهڻن فنڪارن ڳائي تمام گهڻي مقبوليت ماڻي آهي. استاد بخاريءَ جي شاعريءَ جي سادگي ئي انهيءَ جي سُونهن آهي. هر ٻچو ٻُڍو پيو کيس جُهونگاريندو آهي. مان نه ئي شاعر آهيان ۽ نه ئي شاعريءَ جي اصولن ۽ قاعدن جي ڄاڻ اٿم، پر پوءِ به هڪ پڙهندڙ جي حيثيت ۾ مون اِهو محسوس ڪيو آهي ته، استاد بخاريءَ جي ترجيح، شاعريءَ جي اصولن ۽ قافيي. . رديف ۾ پاڻ کي الجهائڻ بجاءِ پنهنجي پيغام کي اثرائتي انداز ۾ پڙهندڙن تائين پُهچائڻ آهي. اسان وٽ هِن وقت وڏو مسئلو اهو آهي، ته هر شخص بهتريءَ لاءِ پنهنجي وڙان ڪا ڪوشش ڪرڻ بجاءِ رڳو روئڻ پِٽڻ يا ٻين کي ڏوراپا ۽ مهڻا ڏيڻ ۽ شڪايتون ڪرڻ ۾ پورو آهي. استاد بخاري اهڙي منظر کي شاعراڻي پيرائي ۾ ڪجھ هِن طرح چِٽيو آهي: نه روئڻ پِٽڻ ۾ اسان جو علاج نه سَٿرون ڪُٽڻ ۾ اسان جو علاج ڌيئون پُٽ سڀيئي ته – ڌرتيءَ ڄڻيا، اُٿي پئو! اُٿڻ ۾ اسان جو علاج! عام طرح به، هر استاد جو ڪم رهنمائي توڙي نصيحت ڪرڻ ۽ سنئون گس ڏَسڻ هوندو آهي. هيءَ شاعري نصيحت ۽ رهنمائي ناهي ته ٻيو ڇاهي! اسانجي هر ٻئي ماڻهوءَ وٽ هر مسئلي جو جواب به اهو ئي بيوسي وارو هوندو آهي ته “ڇا ڪجي!”، پر استاد اهڙن مايُوس ماڻهن کي چوي ٿو: “ڇا ڪجي!” کي ڇڏ بخاري! اُٿ، اُٿون! ڪر تِکي تڪڙي تياري. . اُٿ، اُٿون! سمنڊ ٿيون، سيلاب ٿيون، برسات ٿيون! ظلم آهي ڀُونءِ ٻاري، اُٿ اُٿون! پنهنجيءَ قوم ۽ ديس سان ايڏو پيار ۽ اُنسيت تمام گهٽ ماڻهن کي هوندي آهي. استاد کي هر خوبصورتيءَ سان عشق آهي. هُو شعور ۽ اندر اُجارڻ واريءَ تعليم جو حامي آهي. کيس خبر آهي ته سماج جي اونداهين جو سبب جهالت ئي آهي ۽ جيستائين انهيءَ اوندھ مان جان نه ڇٽندي، تيسين اسان جو معاشرو ايئن ئي سُورن ۾ هوندو. تعليم جي اهميت بابت پاڻ ڪجھ هيئن ٿو چوي: جِهِلَ جي اُونداھ کي تيلي هڻو! علم جُون ڏياٽيُون کڻو. . . ڏياٽيوُن کڻو! خود اوهين استاد آهيو سوجهرو سنڌ کي ٺاهي وٺو. . . ٺاهي وٺو. . . استاد بخاريءَ پنهنجن خيالن ۽ احساسن کي قوم جي امانت سمجهندي، اها ڪوشش ڪئي، ته سندس شاعري گهڻن ماڻهن تائين ڪتابن جي صورت ۾ توڙي گيتن جي صورت ۾ پُهچي. انهيءَ ڪري ئي استاد جي شاعريءَ جا جهجها ڪتاب شايع ٿيا بلڪ اڄ تائين ٿيندا رهن ٿا. سندس ڪافي ڪتابن جا هڪ کان وڌيڪ ايڊيشن به شايع ٿيا آهن. اها مقبوليت تمام گهٽ شاعرن جي حصي ۾ ايندي آهي. ڪهڙي انساني ڪيفيت آهي، جنهن تي استاد ناهي لکيو. . . . . ڏُک هُجي، سُک هجي، پيار جو اظهار هجي! يا وري ديس جو درد. . . استاد هر ميدان ۾ پاڻ ملهايو آهي. استاد هر فرد جو آواز آهي، سندس مزاج ۽ ڪيفيت جهڙِي به هُجي، هُو ان ڪيفيت جي اظهار لاءِ استاد جي لفظن جو ئي سهارو وٺي ٿو. استاد بخاري ان حوالي سان به عظيم آهي، جو پاڻ پنهنجي طبيعت جي ناچاقيءَ باوجود سرڪار کي امداد ۽ وظيفن جي اپيل ڪرڻ بجاءِ واضح لفظن ۾ اهو چيو ته: “مونکي سرڪاري امداد ۽ وظيفن جي ضرورت ناهي!” نه ته اڪثر سرنديءَ وارا فنڪار ۽ اديب به هلڪي ڦلڪي بيماريءَ جي صورت ۾ به پيا سرڪار کي اپيلون ڪندا آهن. شاعرن توڙي فنونِ لطيفه سان واڳيل ڪنهن به فنڪار جي ٻين فنڪارن سان ڀيٽ ڪرڻ هڪ ناڪاري عمل آهي، ته فلاڻو، فلاڻي کان وڏو شاعر آهي، يا فلاڻو، فلاڻي کان پُختو شاعر آهي. شاعر، شاعر ئي هوندو آهي، جيڪو پنهنجن خيالن جو اظهار پنهنجي انداز ۾ ڪري ٿو. اُهو انداز ڪيترو مقبول ۽ ديرپا آهي، ان جو فيصلو وقت ئي ڪندو. جيئن جيئن وقت گذرندو، تيئن تيئن استاد بخاريءَ جي شاعري نون رنگن سان اسان جي سامهون ايندي ويندي. استاد رڳو ٻين کي نصيحت ۽ ميارون نٿو ڏئي، پر پنهنجو پاڻ کي به چوي ٿو ته: مان ٻين وانگر اکيون ٻوٽي سُمهان، رات جي تارن کي تڙپائيندو ڪير! آنءُ جي مدهوش ٿي ليٽي پوان، پرھ جا پيغامَ پُهچائيندو ڪير! (ڏھاڙي عوامي آوز ڪراچيءَ ۾ ۹ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل) استاد بخاري سندس شاعريءَ ۾ قومي جاڳرتا - ورسي جي مناسبت سان. ستار سروهي سنڌ جو ڪلاسيڪل ادب هجي يا جديد ادب، سماج ان جو مُک موضوع رهيو آهي. ادب ۾ موجود سموريون تحريڪون خاص ڪري ترقي پسند تحريڪ جو ڄڻ ته بنياد ئي نج سماجي حقيقت نگاري تي بيٺل آهي. شاعريءَ جو سماج سان ڪيترو ڳانڍاپو آهي؟ ان جو پيرو کڻنداسين ته اسان کي معلوم ٿيندو ته اهو ئي ادب صدين تائين جيئرو رهندو آيو آهي، جنهن ۾ سماج جي عڪاسي ڪئي وئي آهي يا ماڻهن جي ڳالهه ڪئي وئي آهي. شاعري جو سماجي ڪارج ڇا آهي؟ ان لاءِ ڪئين ڪتابن جو جائزو وٺڻ بعد اهو چئي سگهجي ٿو ته ادب زندگي آهي ۽ جيتري زندگي گوناگون آهي، اوترو ئي ادب به گوناگون آهي. ادب جي گوناگوني سبب شاعري جا ڪارج به گهڻا ٿي پون ٿا. خود استاد بخاري هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته ”شاعري اندر جون دونهون آهي، ان دونهي کي ٻاهر نڪرڻو آهي. اهو به هڪ ڪارج آهي. ٻولي آهي، محاورا آهن، اصطلاح آهن، ٻولي جو واڌارو آهي، شاعري ٻوليءَ کي شاهوڪار ڪري ٿي“ (۱) سنڌ جي جديد ادب ۾ قومي ۽ سماجي جاڳرتا ڪيتري آهي؟، ان جو اندازو استاد بخاري کي پڙهڻ کانپوءِ لڳائي سگهجي ٿو، شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه کانپوءِ نج عوامي سطح تي اچي عوام جي مسئلن تي جهڙي ريت استاد بخاري دل کولي لکيو آهي، ٻئي ڪنهن به نه لکيو آهي، ايتري قدر جو هڪ ڀيري بخاري صاحب کي پاڻ اهو اعتراف ڪرڻو پيو ته هن پنهنجي شاعريءَ جا ۳ حصا قومپرستيءَ واري فڪر تحت لکيا آهن. آئون پنهنجي هن ريسرچ مقالي ۾ استاد بخاري جي شاعري ۾ موجود قومي جاڳرتا ۽ سماجي شعور کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندس. استاد بخاريءَ جي شاعريءَ مان ئي مثال کڻي اهو تجزيو ڪنداسين ته استاد پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪيترو جاندار۽ اثرائتي نموني قومي جاڳرتا جي ڳالهه ڪري سگهيو آهي. استاد بخاري جي شاعريءَ ۾ هڪ لحاظ کان جماليات ۽ رومانونيت کان وڌيڪ هڪ منظم ڪوششن سان سماجي پهلو ملي ٿو. ائين محسوس ٿئي ٿو ته استاد سنڌي قوم جي ڏکندڙ رڳ تي وڃي هٿ رکيو آهي. هن سنڌي قوم جو نبض شناس بڻجي هن قوم کي لاحق بيمارين ۽ مسئلن کي چڱي ريت ڄاتو ٿي. استاد هڪ باهمت، بهادر ۽ بيباڪ قلم ڌڻي هو، جنهن وڏي جرئت ڪري قوم کي وقت ۽ حالتن سان مهاڏو اٽڪائڻ جو سبق ڏنو. استاد جي شاعري ۾ آمريت خلاف جڏهن نفرت ڀڙڪو کائي شعر جو روپ ڌاري ٿي ته ڄڻ استاد هڪ پاسي ڏکويل ۽ پيڙيل ديس واسين جي ڦٽن تي پها رکندو هجي ته ٻئي پاسي وري کين چوندو هجي ته اهي پنهنجي حقن لاءِ اٿي کڙا ٿين. استاد جيئن ته عوام منجهان ئي هو، ان ڪري هو پيڙيل، بکايل، ڏکايل، غربت ۽ بدحالي جي ور چاڙهيل ماروئڙن سان هر محاذ تي گڏ بيٺو نظر اچي ٿو، سندس قول ۽ فعل ۾ ڪو به تضاد ناهي، تڏهن ئي ته هن لکيو: ڪنول گل مان ڪوڪو نه ٿيندو نه ٿيندو، بخاري کان دوکو نه ٿيندو نه ٿيندو، ملهائي نه جو ٿڃ جيجل جي لوڪو! اهڙو ڪو به ٿوڪو نه ٿيندو نه ٿيندو. (۲) استاد هڪ وطن دوست، جمهوريت پسند ۽ حب الوطني جي جذبي سان سرشار قلمڪار هو، جنهن سمجهيو پئي ته قوم سان غداري ۽ ڌرتي ماءُ سان بيوفائي جهڙو ٻيو ڪو به ڏوهه ناهي، اهو ئي سبب هو جو مٿئين شعر ۾ هن ڌرتيءَ سان دوکو ڪندڙن جي نندا ڪئي آهي. استاد جنهن دور ۾ پيدا ٿيو، سياسي ۽ سماجي طور تي سنڌ لاءِ اهي ڏينهن ڏاڍا ڏکيا هئا، ان ڪري هو پنهنجي شاعري ذريعي جاڳرتا جي هڪ تحريڪ بڻجي پيو، بي پهچ ۽ بي سهارا ماڻهن جو سهارو بڻيو. گونگن ۽ گگدامن جي زبان بڻجي پيو، استاد مڪمل طور تي ڌرتي ۽ ڌرتيءَ وارن لاءِ فڪرمند تخليقڪار هو، تڏهن ئي ته هن لکيو هو: هيءَ قوم پئي ڦٿڪي، هي دل به پئي ٿي تڙپي، هن قوم تي روئان يا، هن حال تي روئان مان!(۳) استاد قوم کي جاڳائڻ پنهنجي لاءِ بنيادي فرض پئي سمجهيو، هن ڄاتو پئي ته کيس ئي پنهنجي ماڻهن لاءِ لکڻو آهي، ڪُڇڻو آهي يا تڙپڻو آهي، ٻيو ڪير ڀلي لِکي نه لِکي، ڪُڇي نه ڪُڇي ۽ تڙپي نه تڙپي، پر کيس ئي اهو قومي فرض نڀائڻو آهي. مان ٻين وانگر اکيون ٻوٽي سمهان، رات جي تارن کي تڙپائيندو ڪير؟ مان به جي مدهوش ٿي ليٽي پوان! پرهه جا پيغام پهچائيندو ڪير؟(۴) فطرتي حسناڪين جي شاعر وليم ورڊس ورٿ لکيو آهي ته شاعر انسان جي جذبات ۽ فطرت ۾ هڪجهڙائي پيدا ڪري ٿو، هو ماڻهن جي شعور کي منظم ڪري نون نون احساسن کان واقف ڪري ٿو، شاعر جي سوچ ۽ احساس ۾ انساني امنگن جو روح رچيل هوندو آهي، شاعر فقط شاعرن لاءِ نه پر عام ماڻهن لاءِ لکن ٿا. وليم ورڊس ورٿ جي هڪ شاعر لاءِ پيش ڪيل مٿئين وصف استادي بخاري تي سئو سيڪڙو ٺهڪي اچي ٿي. بخاري صاحب به اجتماعي ۽ عوامي امنگن جي عڪاسي ڪئي آهي. ٽي ايس ايلٽ پنهنجي مضمون ”شاعري جو سماجي ڪارج“ ۾ لکي ٿو ته شاعري پنهنجي زورَ ۽ تاثير جي مناسبت سان سڄي قوم جي ٻول، چال، شعور ۽ ادراڪ تي اثر وجهي ٿي. شاعريءَ جو سماجي ڪارج جي حوالي سان هيل تائين جيڪي ادبي تحريرون سامهون آيون آهن، يا گفتگو ٿي آهي، ان جو سمورو تت اهو آهي ته شاعر بنيادي طور تي ماحول جي نمائندگي ڪندڙ، قوم جي مسئلن جو ادراڪ ڪندڙ ۽ انهن تي لکندڙ ئي هوندو آهي. شيخ اياز ڪنهن هنڌ پنهنجي شاعريءَ لاءِ لکيو هو ته ”مان ماضيءَ جي ماضي ۽ مستقبل جي مستقبل جو شاعر آهيان، ساڳئي طرح بنا ڪنهن وڌاءَ جي استاد لاءِ چئي سگهجي ٿو ته استاد به اسان جي ماضي جي ماضي ۽ مستقبل جي مستقبل جو شاعر آهي“(۵) استاد فطري طرح نه رڳو سنڌ جي اجتماعي شعور جو نمائنده شاعر آهي پر هو رهبر به آهي، جنهن هڪ راهه ڏني، ويساهه ڏنو ۽ اتساهه ڏنو آهي. ناز سنائي پنهنجي مقالي ”استاد سنڌ جو پورهيت شاعر“ ۾ استاد لاءِ زبردست ڳالهه ڪئي آهي، سا اها ته” استاد سنڌ جي سموري جدوجهد ۾ پوءِ اها سياسي جدوجهد هجي، سماجي جدوجهد هجي، علمي ۽ ادبي جدوجهد هجي، ان سموري جدوجهد ۾ هو سنڌ جي ويڙهاڪ ماڻهن، سياسي ڪارڪنن سان گڏ رهيو آهي، سنڌ تي جنهن وقت به سامراج طرفان وار ٿيو ۽ سنڌ جي جن به ماڻهن سرڪار سان سينو ساهيو، استاد بخاري انهن سان گڏ بيهي رهيو“. (۶) استاد ڄاتو پئي ته سماج ۾ طبقا ئي رڳو ۲ آهن، هڪ ظالم ۽ ٻيو مظلوم، هڪ ڦرجندڙ، ٻيو ڦريندڙ، هڪ شاهوڪار، جاگيردار، امير ۽ ٻيو غريب، ڏتڙيل ۽ هيسيل. استاد اهو به ڄاتو پئي ته سنڌي ماڻهو ڪيڏو نه پوئتي پيل آهي، ان ڪري ئي هڪ هنڌ هن لکيو هو ته: “قيادت تي ميار ضرور آهي پر اسان جي قوم ٻيو ڪردار ادا نه ڪري سگهي آهي، اسان جي قوم اديبن جون لکڻيون پڙهي ٿي پر ٻڪرين جي ڌڻ وانگر مدي خارج قيادت کي چنبڙي پئي آهي. انهن کان اڳتي نه ٿا وڌن، انهن جو احتساب نه ٿا ڪن، جيڪڏهن اسان جي قوم انهيءَ قيادت کي ڳلي کان جهلي چوي ته اسان کي نٿا کپو ته قيادت خود بخود پويان لڳي ويندي. (۷) استاد پنهنجي ٻولي، قوم ۽ انسان ذات جي ڀلائي لاءِ لکيو، پرمارن سان ويڙهاند ۽ پورهيت عوام سان ساٿ ڏيڻ واري شاعري ڪئي، سندس وکر ڪڏهن به پئي پراڻو نه ٿيندو. استاد جا هيٺيان شعر سندس قوم لاءِ اُلڪي کي چٽيءَ ريت بيان ڪن ٿا ۽ ساڳي ريت اهو به ٻڌائين ٿا ته قومي ٻڌي، ايڪي ۽ جدوجهد کانسواءِ ڪجهه به ناهي. جيڪو ڌارين جو محتاج، ڪڍڻو آ سو، رسم رواج، پنهنجا وَڍَ ۽ پنهنجو ويڄ، پنهنجو سوچيو، پاڻ علاج (۸) يا وري هي ڪمال جون سٽون، جيڪي پنهنجي جدوجهد جو ڏس ڏين ٿيون. پنهنجون راهون پاڻ ٺاهيو ساٿيو! قافلي کي تيز ڪاهيو ساٿيو! ڄاڻ پهتئو، دور ناهيون ساٿيو! دل نه لاهيو، دل نه لاهيو ساٿيو! (۹) استاد ڪيڏي نه ڪمال سان هڪ طرف پنهنجي مسئلن جو پاڻ علاج ڪرڻ جو درس ڏئي ٿو ته ٻئي پاسي وري اهو به چوي ٿو ته ڌارين تي نه ڀاڙيو، قافلي کي تيز ڪاهيو ته جيئن منزل ماڻي سگهو. استاد حقيقي معنيٰ ۾ سنڌي قوم جو وڏو نبض شناس هو، جنهن وڏي سليقي سان سنڌي ماڻهن جي ڪوتاهين ۽ ڪاهلي تي تنقيد ڪئي آهي ۽ ان تي ٽوڪ ڪئي اٿس ته هڪ پاسي سڄي سنڌ سورن ۾ آهي ته ٻئي پاسي وري اسان شهپر وٽيندا هڪ ٻئي سان وڙهڻ ۾ پورا آهيون. سنڌ جي سورن جو، ڪونهي آند پاند، گهر ڊٺل، وِهڪيل ڍڳي، ڪمزور ڏاند، پوءِ به شهپر کي وٽيندي پيو چوي، سئوٽ سان ڪرڻو اٿم جلدي پلاند (۱۰) قوم لاءِ هن کان وڌيڪ ڀلا ٻيو ڪهڙو فڪر ٿي سگهي ٿو جو ان کي مڙسيءَ سان ڪمائڻ، علم حاصل ڪرڻ ۽ ڌرتيءَ سان محبت ڪرڻ جو درس ڏجي. جيئن هيٺين شعر ۾ استاد اهو فرض نڀايو آهي. پوک، مزدوري، هُنر، ڌنڌو، پڙهو! رات توڙي ڏينهن، مڙسيءَ سان ڪمايو دوستو، جهنگ ۾ پکڙي وڃو، شهر کي چُهٽي وڃو، پنهنجي ڌرتيءَ تي قدم، پنهنجا ڄمايو دوستو. (۱۱) قومي شعور جو هي ٻيو مثال به ڪيڏو نه ڪمال جو آهي، جو ماڻهن کي استاد چوي ٿو ته سڄي سنڌ کي سنواريو ۽ نينهن نڀايو. مٺيءَ کان ڇِني، شاهبندر کان ر يتي، سڄي سنڌ پنهنجي سنواريو، سجايو، ٻنين ۾، مِلُن ۾، ڪمايو، ڄمايو، ”سدا سنڌ جيئي“ جو نعرو لڳايو. (۱۲) استاد هڪ معاشيات جي ماهر جيان اهو ڄاتو پئي ته قوم جي گهڻن مسئلن جو حل ان جي معاشي طور تي مضبوط هجڻ سان آهي. بيروزگاري جي خاتمي ۽ پاڻڀرو ٿيڻ لاءِ ضروري آهي ته هر ماڻهو علم به حاصل ڪري ته هُنر به، ٻنين کان ويندي مِلُن تائين ۽ ٻهراڙين کان ويندي شهرن تائين وڃي ڪمائي ۽ ڌرتي سان نينهن نڀائي. استاد قوم ۾ هر وقت عزم، حوصلو، ولولو ۽ جوش پيدا ڪيو آهي ته جيئن قوم مايوسي کي ڇڏي نجات لاءِ اڳتي وڌندي رهي. هي ضروري ناهي، هر هر زلزلو پيدا ڪجي، قوم ۾ ليڪن، مسلسل ولولو پيدا ڪجي، مشڪلاتون اينديون رهنديون، پر ٻڌو مشڪلڪشا! هر قدم تي هوش سان گڏ حوصلو پيدا ڪجي. (۱۳) يا وري هن شعر ۾ ڪيڏو نه قومي شعور ڏنو اٿس. ڇو ڪٿي رڪجون رفيقو، ارتقا رڪجي نه ٿي، زندگي جي آرزو ۾، جستجو ٿڪجي نه ٿي، ساٿيو، سندرا ٻڌي، هلندا هلو، وڌندا هلو، پاڻ ڇو بيهي رهون، دنيا جڏهن بيهي نه ٿي). (۱۴) استاد هڪ نفسيات دان جيان سنڌي قوم کي مايوسي ڇڏي ڪنهن بيساکي بدران پنهنجي پيرن تي پاڻ هلڻ به سيکاري ٿو ۽ اهو طريقو ٻڌائي ٿو ته ڪيئين مسلسل ميدان ۾ هلڻو آهي ۽ رڳو حوال ڪرڻ بدران عمل جي ميدان ۾ ڪجهه ڪرڻو آهي. ويٺي ويٺي وات جي رَد ڪَدُ مان ڪهڙو فائدو، جو ڪِري، اٿندو، اُٿي هلندو، اهو وڌندو پيو. (۱۵) ۱۹۴۷ع ۾ پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ ٿورڙي ئي عرصي ۾ جڏهن ون يونٽ مڙهيو ويو. سنڌ ۽ سنڌي ٻولي تي ڪات ڪهاڙا کنياويا ته اهي سياسي حالتون سنڌ تي گهرو اثرانداز ٿيون. هڪ خوف طاري ٿي ويو ته ٻولي به شل زندهه رهي. ان وقت استاد بخاري به ٻين قلمڪارن سان گڏ ٻولي بچائڻ واري تحريڪ ۾ اڳين محاذ تي بيهي رهيو. اهڙي ريت استاد هڪ رهبر شاعر جي حيثيت سان عمل جي ميدان ۾ اچي للڪاري ٿو ۽ هڪ قومي تحريڪ بڻجي پوي ٿو. قوم زندهه ٿي رهي، جي زبان زندهه رهي، مامتا مَرڪي مَلهي، پر جي امان زندهه رهي، توسان، ها توسان، او سنڌي قوم، آ منهنجو وجود، تنهنجو شان زندهه رهي، پوءِ منهنجي ”مان“ زندهه رهي. (۱۶) استاد سنڌيت جي جذبي سان سرشار هڪ مڪمل قومي شاعر آهي، جيڪو چڱيءَ ريت سمجهي ٿو ته هڪ شاعر کي پنهنجي ٻولي جي دفاع لاءِ ڪيئن ۽ ڪيترو اڳتي اچڻو آهي ۽ اهو ئي ستل قوم کي جاڳائي سگهي ٿو. ان ڪري ئي سنڌي ٻولي تي جڏهن وار ٿئي ٿو ته استاد هينئن به صدا هڻي ٿو. مري غالب نه ٿو، مان ڇو مران، فراز ۽ فيض وانگر، پيو جِيان، ڀٽائي کي چيم، بابا ٻڌو، بچي سنڌي ته مان ڀي ٿو بچان. (۱۷) استاد سڏڪڻ، روئڻ يا رڳو خواب ڏسڻ جي مرحلي مان نڪري عملي جدوجهد ڪرڻ جو به سڏ ڏئي ٿو، جنهن جو زبردست مثال هيٺيون شعر آهي. ڪلهوڪن عذابن تي سڏڪڻ ڇڏي ڏيو، سڀاڻي جي خوابن تي ٽهڪڻ ڇڏي ڏيو، اڄوڪو ڏهاڙو، اُٿڻ جو اَٿوَ، سوالن جوابن تي اُلجهڻ ڇڏي ڏيو. (۱۸) استاد بخاري پنهنجي شاعري وسيلي اهو شعور به ڏنو ته ڪيئن مشڪل حالتن مان به دليري سان لنگهي منزل طرف وڌي سگهجي ٿو. جنهن جو مثال هيٺيون شعر آهي. لنگهي لَڪ سوڙها، وڌي دَڳَ ڀرا ٿيو، تِکي ڊوڙ پائي، وڌي جَڳَ ڀرا ٿيو، جا منزل ملي ٿي، اها ئي چوي ٿي، اڃا اڳڀرا ٿيو، اڃا اڳڀرا ٿيو. (۱۹) نه روئڻ پٽڻ ۾ اسان جو علاج، نه سَٿرون ڪُٽڻ ۾ اسان جو علاج ڌِيون پٽ، سڀئي، سنڌ ڌرتي ڄڻيا، اٿي پئو، اٿڻ ۾ اسان جو علاج. (۲۰) آمر ضياءَ جي مارشلا وقت جڏهن سنڌين کي پيڙيو ۽ هيسايو پئي ويو، تڏهن جمهوريت جي بحالي لاءِ جيڪا ايم آر ڊي تحريڪ هلائي وئي، ان ۾ عوامي سطح تي جوش به استاد بخاري پنهنجي جوشيلن شعرن وسيلي پيدا ڪيو، سندس شعري مجموعو ”ڪاري ڪڪر هيٺ“ ان جي گواهي ڏئي ٿو. ڊڄي ڪينَ ڊُڪيا، سٺئون گوليون سامهون، جُهريا ڪينَ جهُڪيا، سنڌو تنهنجا سورما. (۲۱) استاد بخاري ”هڙئي هيڄ وطن جا“ ۾ چٽيءَ ريت پنهنجو فلسفو بيان ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي ته جيڪو محنت ڪندو، سو ئي منزل ماڻيندو، سو ئي سُک ماڻيندو ۽ سو ئي بخت تي حڪمراني ڪندو. صبح سانجهيءَ هلو، زندگي ۽ ٿَڪو، ؟ ڊوڙ پايو، وڌو! ڇو ته مشهور آ، جو اڳي سو تَڳي وقت ڪنهن جو نه آ، بخت ڪنهن جو نه آ، تخت ڪنهن جو نه آ، ڇو ته مشهور آ، جو وهي سو لهي. (۲۲) هن کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو شعور ٿي سگهي ٿو ته استاد قوم کي چوندو هجي ته دشمن ۽ سڄڻ جي شناس ڪيئن ڪرڻي آهي؟” ڪو ڪِيلي چيڀاٽي ته پاپي چئون ٿا، ڪو قومون ئي ماري ته پوءِ ڇا چئون؟ ڪو هڪ ٽار ساڙي ته ناحق سڏيون ٿا، ڪو ٻيلا ئي ٻاري ته پوءِ ڇا چئون؟. (۲۳) بخاري مٿئين شعر ۾ انهن حالتن جي عڪاسي ڪئي آهي، جڏهن آمريت جي دور ۾ سنڌ تي ظلم ۽ ستم جو دور هلي رهيو هو. فقط هڪڙو گهر ڪو لُٽي ڪو ته ڊاڪو، سڄي سنڌ جيڪي لُٽن ٿا، اهي ڇا؟. (۲۴) استاد هڪ مزاحمتي ڪردار آهي، جنهن جي سِٽ سِٽ غاصب، لُٽيري، غدار ۽ ماڻهن جا حق کائيندڙ وڏيري لاءِ للڪار بڻجندي رهي آهي. منهنجا مارو مرده باد ته تون به وڏيرا مرده باد، حق جا نعره مرده باد ته تنهنجا عهدا مرده باد. (۲۵) ٻڌي ۽ ايڪتا جو سڏ هن کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو جو استاد عام ماڻهوءَ جي سطح تي اچي سادي، سولي لهجي ۽ انداز سان پئي سمجهايو آهي ته ڪيئن مِڙي مُٺ ٿجي. وڏا سڀ وڌي، هڪ وڏو ميڙ ٺاهيو، جهُڪي ڏاڍ، ايڏا، وڏا ٿي وڃو، ڪراچي کان ريتي، يڪو ميڙ ٺاهيو، ڪروڙين ملو، ايڪتا ٿي وڃو. (۲۶) ”حب الوطني انسان جي هڪ قديمي جمهوري ۽ عالمگير خصلت آهي، جنهن جي ڪري دنيا جون مختلف قومون ۽ انهن جون مخصوص تهذيبون، ملڪ ۽ انهن جون سرحدون زمانن کان پنهنجي جاءِ تي موجود آهن. حب الوطني انسان جي عظيم ميراث آهي. (۲۷) استاد بخاري ويهين صديءَ جي شعور کي پاڻ سان گڏ کنيو آهي، سماج کي اهو پيغام ڏنو اٿس ته وقت جي رفتار سان نه هلندئو ته پوئتي رهجي ويندئو. ڊُڪو نه ته يار، پويان اڳ ڪڍي ويندا، اسان کي ڌوڙ، اکين ۾ وجهي ويندا، سنڀالي ڊوڙجو، رستو ڏکيو آهي، جي ٿاٻڙيا، ڪِري، چِپِجي، مري ويندا، ٻريو ٻاريو، ڏيئي مان آ ڏيئو ٻرندو، ائين اونداهه جا لاشا، سڙي ويندا، خلائي دور آ، ويهين صدي آهي، جي ماضيءَ ۾ لِڪا، ٻوساٽجي ويندا. (۲۸) سراج استاد بخاري جي شعري مجموعي ”ڪوڪڻ يا ڪلياڻ“ جو مهاڳ ”جهرمر تارا جهول ۾“ جي نالي سان لکيو آهي، جنهن ۾ سراج لکي ٿو ته ”شاعري پيغمبري تڏهن بڻجندي آهي، جڏهن اها انسان جي اجتماعي جذبن، احساسن، ڪرب ۽ ادراڪ سان هم آهنگ ۽ هم قدم هجي، اها ئي ڪسوٽي آهي، جنهن تي ڪنهن به شاعر جي عظمت ۽ اهميت کي پرکبو آهي. استاد بخاري جي شاعري به ائين لڳي ٿو ته سنڌ جي تاريخ ۽ اتهاس جو شعور هن جي لفظن ۾ اوتجي ويو آهي“. استاد قوم جو وڏو نبض شناس ٿو ڏسجي، تڏهن ته هن ان تي ڳوڙهو اڀياس ڪريو هو ته ڪيئن نه سنڌي ماڻهو خسيس جهيڙن، تڪرارن، ڦڏن ۽ فسادن ۾ ڦاٿل آهن. ڪيئن نه اهي انفرادي مفادن کي قومي مفادن تي ترجيح ڏين ٿا. سنڌين کي اجتماعي قومي شعور ڏيڻ لاءِ بخاري کي پنهنجي ڪل شاعريءَ جا ۳ حصا قومي فڪر جي جاڳرتا لاءِ ڏئي ڇڏيا. آئون ٺاهيان گيت ٿو، استاد ڳاءِ، ڪنهن نموني قوم کي جاڳائجي. (۲۹) استاد قوم کي مسلسل محنت ڪرڻ ۽ شعور حاصل ڪرڻ جو سبق هن ريت ڏنو. پڙهيل ماڻهو، ڀُليل ماڻهوءَ کي سمجهائي، پڙهائيءَ جي ائين تحريڪ ٿي ويندي. (۳۰) محنت ۽ سخت محنت، هن وقت جي تقاضا، جو وقت کان لنوائي، سو پاڻ کي گنوائي. (۳۱) علي دوست عاجز پنهنجي ڪتاب ” آديسي استاد“ ۾ لکي ٿو ته “بخاري صاحب جي ڌرتي ۽ مٽيءَ سان محبت ۽ تعلق تي غور ڪبو ته حيرت جي ڪا حد ئي نظر نه ايندي، کيس ان ڳالهه جو پورو پورو يقين هو ته سندس وجود سُڃاڻ، جيئڻ ۽ مرڻ، هن ئي مٽيءَ سان آهي، ان جا هن وٽ واضح دليل به هئا، جيڪي دلي به هئا ته فطري ۽ سائنسي به. (۳۲) نتيجو مٿئين سموري بحث، مثالن ۽ سمجهاڻين مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته استاد بخاري سنڌ جي ضمير جو آواز آهي. استاد سنڌ جي دردن جو درمان ڪندڙ شاعر آهي ۽ سندس شاعري ۾ جيڪا قومي جاڳرتا ملي ٿي، ان جو مثال ورلي ملي ٿو. هن تحقيق جي نتيجي ۾ اهو چئي سگهجي ٿو ته استاد سنڌ جو اهو قومي شاعر آهي، جنهن قوم کي جاڳائڻ، جنجهوڙڻ کان علاوه کيس جدوجهد جي ميدان ۾ اچي پنهنجا حق وٺڻ جي به تاڪيد ڪئي آهي ۽ پاڻ به اڻانگهن پيچرن تي انهن سان گڏجي پئي هليو آهي. استاد سنڌ ۽ سنڌي قوم جو اهڙو شاعر آهي، جنهن فڪر ۽ فلسفي سان سنڌ جي آجپي جي راهه ڏني، جنهن راهه تي هلندي سنڌ لاءِ سک ۽ آجپو آڻي سگهجي ٿو. ببليو گرافي ۱. ڪانڌڙو انور/ سمي صحرا سمي دريا/ ص ۴۵/. . ۲۰۰۷/ڪويتا پبلڪيشن ۲. بخاري استاد -لهر لهر دريا/ ۲۰۰۴/روشني پبلڪيشن ۳. جويو تاج/استاد بخاري سنڌ جي جوڀن جو شاعر/ص ۱۴/۲۰۱۲/ثقافت کاتو سنڌ ۴. جويو تاج/استاد بخاري سنڌ جي جوڀن جو شاعر/ ص ۱۵/۲۰۱۲/ثقافت کاتو سنڌ ۵. جويو تاج/استاد بخاري سنڌ جي جوڀن جو شاعر/ص ۴۰/۲۰۱۲/ثقافت کاتو سنڌ ۶. ڪانڌڙو آزاد انور/استاد بخاري، فن ۽ شخصيت/ ص ۲۲/۲۰۱۰/ثقافت کاتو سنڌ ۷. ڪانڌڙو آزاد انور/ سمي صحرا سمي دريا/ ص ۶۸/۲۰۰۷/ڪويتا پبلڪيشن ۸. بخاري استاد/پير نه هٽن پوئتي/ص ۲۱۳/۲۰۰۴ ۹. بخاري استاد/پير نه هٽن پوئتي/ص ۲۳۲/۲۰۰۴ ۱۰. بخاري استاد/پير نه هٽن پوئتي/ ص ۲۰۷/۲۰۰۴ ۱۱. بخاري استاد/پير نه هٽن پوئتي/ص/۲۰۷/۲۰۰۴ ۱۲. بخاري استاد/پير نه هٽن پوئتي/ص ۲۲۰/۲۰۰۴ ۱۳. بخاري استاد/لهر لهر دريا/ص ۳۹/۲۰۰۴/روشني پبلڪيشن ۱۴. بخاري استاد/لهر لهر دريا/ص ۴۹/۲۰۰۴/روشني پبلڪيشن ۱۵. بخاري استاد/لهر لهر دريا/ ص ۴۳/۲۰۰۴/روشني پبلڪيشن ۱۶. بخاري استاد/لهر لهر دريا/ص ۵۴/۲۰۰۴/روشني پبلڪيشن ۱۷. بخاري استاد/لهر لهر دريا/ص ۶۵/۲۰۰۴/روشني پبلڪيشن ۱۸. بخاري استاد/ سوچون، ڀُڻڪا، واڪا/ص ۴۱/۱۹۹۵/سنڌي ساهت گهر ۱۹. بخاري استاد/ سوچون، ڀُڻڪا، واڪا/ص ۳۵/۱۹۹۵/سنڌي ساهت گهر ۲۰. بخاري استاد/ سوچون، ڀُڻڪا، واڪا/ص/۴۲ / ۱۹۹۵/سنڌي ساهت گهر ۲۱. بخاري استاد/ڪاري ڪڪر هيٺ/ص۹۷/۱۹۹۱ ۲۲. بخاري استاد/هڙئي هيڄ وطن جا/ ص ۱۵۸/۱۹۹۸/سنڌي ساهت گهر ۲۳. بخاري استاد/ ڌرتي سرتي/ ص ۴۲/ ۱۹۹۱/سنڌي ساهت گهر ۲۴. بخاري استاد/ ڌرتي سرتي/ ص ۴۲/۱۹۹۱/سنڌي ساهت گهر ۲۵. بخاري استاد/ سوچون، ڀڻڪا، واڪا/ص ۲۸/۱۹۹۵/سنڌي ساهت گهر ۲۶. بخاري استاد/ سوچون، ڀڻڪا، واڪا/ص ۴۴/۱۹۹۵/سنڌي ساهت گهر ۲۷. شمشيرالحيدري/سنڌي شاعري جو اڀياس/ص ۱۲۲/ ۲۸. بخاري استاد/گيت اسان جا جيت اسان جي/ص ۸۴/۱۹۷۱ ۲۹. بخاري استاد/اوتون جوتون/ ص ۲۳۵/۱۹۸۵ ۳۰. بخاري استاد/ميلا ملهالا/ص ۵۷/۱۹۹۴/روشني پبليڪشن حيدرآباد ۳۱. بخاري استاد/ميلا ملهالا/ص ۶۴/۱۹۹۴/روشني پبليڪشن حيدرآباد ۳۲. عاجز علي دوست/ آديسي استاد/۲۰۰۵/روشني پبليڪيشن استاد بخاري مچن ۾ شوق نچيو هو علي دوست عاجز ”آئون شاعري، موسيقي ۽ مهريءَ سان ليکا نه ڪري سگهندو آهيان ۽ ان مان عيب، وڏون به وس ڪندي نه ڪڍندو آهيان ۽ انهن جي انتخاب ۾ انصاف به نه ڪري سگهندو آهيان. “ انهن نثري جُملن کي ڇڏي، بخاري صاحب جي شاعريءَ کي جاچبو ته اها عشق ۽ موسيقي جي رنگن جو اهڙو شاهڪار نظر ايندي، جهڙو وٽس ڏات ۽ فن جو سنگم هو- استاد جي زندگي توڙي شاعري عشق جو هڪ اهڙو اعلي نمونو هئي، جنهن کان سواءِ ڪو شهپارو جنم وٺي ئي نه ٿو سگهي! عُمر جي آخري ڏينهن ۾ مون کانئن پڇيو ته: سائين، هن عُمر ۾ به عشقيه شاعري تخليق ٿئي پئي؟ پاڻ مرڪيو ۽ تازي غزل جون ڪجهه سٽون ٻڌايائين: عشق کي شرمسار ايڏو نه ڪر! هاڻ پيري ۾ ته خوار ايڏو نه ڪر! استاد هميشه عشق ئي ڪيو، پوءِ اهو دلبر جو هو يا ڌرتيءَ جو! سنڌ ۾ ڪو عشق ڪندو، ته چوندا، ’ڪاري (بلا) تي پير پيو ٿس!’ پر هُو ان کان گهڻو اڳتي نڪري ويو هو! بلا تي پير نه پيو هو، جو ڇال ڏئي بچجي، کنوڻ کي ٻانهن ٻکيو هو، اهو به ٿو وسري! هُو عشق کي پنهنجو پڳ مٽ يار چوندو هو، پر جڏهن کانئُس ڪنهن پُڇيو ته، عشق ڪنهن سان ٿو يا محبوب ڪير ٿو، ته جواب ۾ نٽاءُ! ڪجهه به نه چوڻ جي باوجود سڀ ڪجهه چوڻ سندس طبيعت هئي. ڪنهن شيءِ کي بلڪل واضح ڪرڻ جي باوجود ڪنهن پرٽيڪيولر شيءِ ڏانهن اشارو نه ڪرڻ سندس انداز هو: جيڪو ڏاڍو محجُوب آ، سو منهنجو محبوب آ، ڏسون ڪير ٿو شرمائي، هن هيڏي محفل ۾!! سو هُن ڪڏهن به نالو نه کنيو، ته متان ڪنهن جي ذات تي حرف اچي! شريعت ظاهر تي آهي، تنهن ڪري هُو به هميشه جسماني جوڙ، سُونهن ۽ لاڳاپي جو قائل رهيو. ”شادي هجي يا غمي، اسپتال هجي يا ڪنهن سياسي جلسي جو پنڊال، بهرحال مرد، عورت جو لاڳاپو هڪ ٻئي ڏانهن، ڪشش جو جذبو اٽل آهي!“ ۽ محبت جي سهڻي، سڀاويڪ، سرهي ۽ پياري لاڳاپي ۾ عورت کي بنيادي، سگهارو ۽ اڳڀرو سمجهندو هو. سسئي جي لائڻ، توڙ نڀائڻ کي هزار داد ڏيندو هو ۽ کيس عورت جي غيرت جو تاريخي مثال ڪوٺيندو هو. سهڻيءَ کي سو سلام ڪندو هو. “سهڻي سنڌي عورت جي اندرين ديد ۽ عشق جي نمائندي نار آهي. ” زليخا کيس بار بار ياد ايندي هئي. استاد جي محبوب جو پيرو کڻڻ بجاءِ استاد جي نظرن جو پيڇو ڪبو، ته خبر پئجي ويندي ته اهي ڪٿي هُيون! سندس عُقابي نظرون سندس دل جي شوق جو پتو ٻڌائن ٿيون. ”نه جي دل عقابي نظر ڇا ڪري!“ جُهڙ، واءُ ٿڌو، مينهن جي ڦوهار آئي، هڪ سيءُ سنهو، ٻيو توکي چولو سنهڙو، ٽيون سرنهن جي ڦُولار جو اولو ڇڊڙو، مون تون کي اچي گاهه ڀري ٻڌرائي، هٿُ هٿ سان مليو شاڪ لڳي، لهر آئي! سونهن پرست ۽ حسن پُڄاري ته مشهور هو، پاڻ چوندو هو، ’جيڪڏهن قبر به سهڻي هجي ته، مان مرڻ ۾ هوند دير ئي نه ڪريان. ’ کيس خبر هئي ته، اهڙو گل ئي ڪونهي، جنهن تي ڀنئور ڀيرو نه ڏٺو هجي، اهڙو وڻ ئي ڪونهي، جنهن کي واءُ نه لوڏيو هجي، اهڙو گهر ئي ڪونهي، جنهن سڪ جو سودو نه ورتو هجي، اهڙي دل ئي ڪانهي، جنهن ڪو صدمو نه سٺو هجي!’ ”اهڙي نڀاڳي نرڄي جواني مون کي نه ٿي سُجهي، جنهن جي لڱن کي لهس نه آئي هجي!“ دل ڦُري ناهي جنهن کان ڪنهن ڦوروءَ، ڪا بلا آهي، آدمي ناهي! سهڻي صورت جي جادوءَ ۾ ته آدم، حوا جا سڀ پوٽا پوٽيون سوگها آهن. اهڙو ڪو نڀاڳو چنڊو مون کي نه سُجهي، جو خوبصورتيءَ جي جادوءَ ۾ جڪڙيل نه هجي. “ بخاري جنهن مڪتبه فڪر جو رهيو، ان بابت تحرير فرمايائين ته: ”آئون پروفيسر فرهاد ايرانيءَ جي محبت، محنت ۽ فن گاڏڙ فلسفي جو پوئلڳ پئي رهيو آهيان. صفا سنڌي نڪتئه نظر کان بيدل، بيڪس، سچل، لطيف (جي سونهن پرستي) جو پرتوو مون تي به پيو آهي. شروعات ۾ بيدل، بيڪس ۽ پوءِ پڇاڙيءَ تائين سچل ۽ لطيف سڀني وصفين حاوي رهيا. “ سهڻي صورت سان گڏ جن نقشن ۽ انگن سندس نگاهه کي ونگيو ٿي، تن جو ذڪر به سندس تحرير ۾ موجود آهي: ”هن ذري ذري سندس سنهڙن چپن جو ذڪر پئي ڪيو. ان مان ظاهر پئي ٿيو، ته هن شاعر يا ليکڪ جي پسند سنهڙا چپ آهن. ڪاش، اهو کولي پُڇانس ها ته ٻيو توکي سهڻن يا سهڻين جا ڪهڙا اطوار، اُهڃاڻ وڻندا آهن! ڇو ته، مان سنهڙي چيلهه، وڏين کليل روشن اکين، موزون ٿُلهن (ڀريل) چپڙن ۽ ڏندن جو ماريل يا موهيل آهيان. ايئن ٻيا وري ڪن ٻين وصفن جا! افسوس ته، هنن همراهن ڀُلجي به ناريءَ نازڪ اندامن جو ذڪر ڪونه ٿي ڪيو. شايد ان ڪري جو اسان وٽ اهي ڪارن ڪوٽن، ڪارن پردن، ڪارن برقعن ۽ ڪارن قانونن ۾ قيد آهن. اهي اسان سان کُلي گڏجي کلن، اٿن ويهن، گهمن ڦرن ئي ڪٿي ٿيون، جو اسان ان ميوي جي مٺاڻ، رس، خوشبوء کان ڀرپور سرور وٺون. . !“ استاد جي اندر جي عشق ۽ حسن جي ڪشش کيس زندگيءَ جو عاشق بنائي ڇڏيو، جنهن لاءِ هو هر تڪليف کي تفريح سمجهڻ لڳو. اهو ئي سبب هو جو هيءَ زندگي کيس ڏاڍي مختصر لڳي. ’هجن لک حياتيون ڪو لُطفڙو ٿئي!’ موهه ۽ محبت جي لطف ۽ لئه جي ڪري هي دنيا سُهڻي ۽ پرڪشش ٿي پئي هئي: جيئن سندس طبيعت ۾ جذبات ۽ شوق سان گڏ فڪري گهرائي وڌندي وئي، تيئن سندس محبت ۾ به وُسعت ايندي وئي ۽ سندس دل جي دائري ۾ ڪانهه توڙي ڪتيون، ستارا ۽ ٻارا، چيٽ ۽ چانڊوڪيون هڪ ٿي ويا! ”سرتيءَ، سونهن سان گڏ، ڌرتيءَ، سونهن، پنهنجي لُونءِ لُونءِ جي لوڇ سان لوءِ، لوءِ جي لوڇ شامل ٿي وئي ۽ مجاز حقيقت جي صورت ورتي!“ (ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۹ آڪٽوبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل) استاد بخاري زندگي سج ٿي اڀري وڃي نياز مسرور بدوي سنڌ جي مهان ڌرتيءَ تي ڪيترن ئي دولهه دريا خانن جنم ورتو آهي، جن پنهنجي ڌرتي ـ سرتي جي سينڌ سنوارڻ لاءِ ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ سان ڪارن ڪڪرن هيٺ جھيڙيندي، گولن کي گجرن تي ترجيح ڏيندي، گجرا قربان ڪري گولن سان ياري رکي، پير نه پوئتي هٽايا هوندا ۽ وطن ۾ ويساهه رکندي، زندگيءَ جي آخري پهر تائين مارئي کي ماندي نه ٿيڻ جي پڪ ڏياري هوندي ۽ هر لمحي کيس آٿت ڏيندي بار بار اهو چيو هوندو ته جي گھڙيا سي چڙهيا. دل ۾ ولولو ۽ ووڪ رکندي پنهنجي جيون بابت چيو هوندو ته “هڙئي هيج وطن جا”. اهڙن محبتي ۽ گڻوان انسانن منجھان استاد بخاري به هڪ هو، جنهن جي جيون سرشٽي ۾ پيار، محبت، خلوص، انسانيت، سچائي، سورهيائي، سنڌ پرستي، عزم، خودداري، درشٽي بڻجي، سنڌ ڌرتي جو آواز بڻجي جھنگ جھر ۾ گونجڻ لڳو. استاد بخاريءَ جي شاعري پنهنجي اندر ۾ هزارين درد سانڊي رکيا آهن ۽ انهن جو درمان بڻجي، سندن مسيحا بڻجي، کين خوابن جي دنيا مان جاڳائڻ لاءِ احمد شاهه مان استاد بخاري بڻجي ويو. استاد بخاريءَ جي شاعريءَ ۾ گوناگون رنگينيون آهن. سندس شاعريءَ ۾ زندگيءَ جا تجربا، مشاهدا، جذبا، حقيقتون، محبتون، نفرتون، سچايون، ايمانداريون واضح طور تي نظر اچن ٿيون. استاد جي ادب سان، ڌرتيءَ سان جيڪا وابستگي ۽ عشق آهي، اهو تمام گھٽ شاعرن کي پلئه پوندو آهي ۽ ان عشق محبت ۽ ڌرتيءَ سان محبت ڪرڻ جي موٽ ۾ سنڌي سٻاجھڙن ماروئڙن جيڪو پيار استاد بخاريءَ کي ڏنو آهي، اهو پيار تمام گھٽ ماڻهن کي نصيب ٿيندو آهي. استاد بخاريءَ جو زندگيءَ بابت تصور واضح هو ۽ پنهنجي زندگيءَ بابت چٽو موقف رکندو هو. استاد بخاري قول سان گڏ فعل جو به حامي هو. استاد زندگيءَ بابت سدا بهار نظريو رکندو هو. سندس اهو ايمان هو ته زندگيءَ ۾ اهڙا ڪم ڪري وڃجن جو زندگي سدا جوان رهي ۽ ماروئڙن جي مٿان ڇپر ڇانورو ڪري سندن زندگيءَ ۾ سوين سج اڀاري وڃي. استاد بخاريءَ جي نظر ۾ زندگي ٿڌڙي هير نه آهي. جيڪا گھلي هلي وڃي. بقول سندس زندگي جدوجھد ڪشمڪش جو نالو آهي. زندگي خوابن جي دنيا ۾ رهڻ جو نالو نه آهي، بلڪ زندگي حقيقتن جي جھان کي فتح ڪرڻ جو نالو آهي. غمن ۽ ڏکن کي تسخير ڪرڻ جو نالو آهي. زندگي ڪا هير نه آهي جو گھلي گذري وڃي. زندگي پاڻي پکي نه آهي، جو اچي اڏري وڃي. زندگي ڪو فصل نه آهي، جو پچي لٽجي وڃي. زندگي جڳ جڳ جوان، جي سج ٿي اڀري وڃي. استاد بخاريءَ جي شاعريءَ جو محور ۽ مرڪز فقط ۽ فقط عشق ۽ پيار آهي. اهو پيار جو حسن کي پوڄي ٿو، ڌرتيءَ تي سر نوائي، پنهنجي پيشانيءَ کي ڌرتيءَ جي مٽيءَ تي رکي، ان کي سجدا ڪري ٿو ۽ بوسا ڏئي ٿو. ماروئڙن جي سڏڪن تي سندس فن به رانڀان ڪرڻ لڳي ٿو ۽ سندس قلم سڏڪن جو ساٿاري بڻجي انقلابي گيتن جو ساڪشي بڻجي اهڙا ته نظم ۽ گيت لکرائي وڃي ٿو، جيڪي استاد بخاريءَ جي اندر جو آواز هجڻ سان گڏوگڏ غريب لوڪ جو آواز بڻجي، آمرن جي ظالم ايوانن کي ڍير ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مگن رهن ٿا. ديس جي دز سڏ ڪندو، سنگھندو وتين، دودي، هوشو جي مٽي ميڙيان ٿو پيو، سنڌ جي تاريخ ۾ ترندي سڄي، رهزني ۽رهبري ميڙيان ٿو پيو. سامراجي دٻدٻو دفنائبو، انقلابي آدمي ميڙيان ٿو پيو. لفظ لاٽون لاٽون شعلا شعلا شعر، شاعريءَ ۾ روشني ميڙيان پيو. استاد بخاريءَ جي شاعري غريبن جي خلاف يزدان خلاف فرياد آهي. استاد بخاريءَ پنهنجي سونهن ورني شاعريءَ ۾ هر ان دانهن کي ورنايو ۽ ورجايو آهي، جنهن غريبن لاءِ آزار پيدا ڪيو آهي ۽ انهن جي زندگيءَ کي اجيرن بڻايو آهي. استاد بخاري انهن مظلومن جو آواز بڻجي ظالم خلاف ڪوڪاريو آهي ۽ انهن جي خلاف اعلان جنگ ڪيو آهي ۽ پنهنجي عمل سان اهو باور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته مقدر جي تقدس کي تدبير سان بدلائي سگھجي ٿو. يزدان ٻڌيون ڪو نه ته بس مان ئي ٻڌان ٿو، مظلومن جي ڪوڪن کي ننڌڻڪو نه ڇڏيان ٿو، جي ڪوڙ سڙي ٿو ته سڙڻ ڏينس سڳورا، سچ، مچ لڳي ٿو تهلڳڻ ڏينس چوان ٿو، ڇا عرش ڪڏهن فرش جي لاشي تي لڇيو آ، هن هن جو چوان ڪو نه ٿو “اصغر” جو چوان ٿو، زنجير ستمگر حق، مقدر جو تقدس، ڪا وڏي ڳالهه ناهي، ڇڪي نوڙ ڇنان ٿو، “استاد” کي هن دور جو فرياد ئي سمجھه، ايوان ۽ انڌير مگر ڪيس وڙهان ٿو. استاد جي شاعري حسن جي تعريف ڪندي ڪڏهن به نه ڍاپي آهي ۽ نه ئي حسن جي ساراهه ڪندي استاد بخاريءَ جو قلم لرزيو آهي ۽ نه وري لفظن کي ٿيڙ آيا آهن. پر استاد بخاريءَ وٽ لفظ قرب ڪڏندي ۽ نچندي نظر اچن ٿا. لفظن ۾ خوشبوئن جا هڳاءَ شامل آهن، جيڪي روح طراوت بخشي ڇڏين ٿا. هڪ حسن جلوو، پنهنجا جلوا پسائيندي، اکين آڏو رقصان نظر اچي ٿو. ان حسين محبوب جي حسن جي واکاڻ ۾ به پنهنجي پڊن، ماڳ مڪانن کي استاد بخاريءَ نه وساريو آهي. محبوب جي حسن جي ساراهه ۾ اهڙيون ته خوبصورت ۽ من موهيندڙ عام تشبيهون ڪم آنديون اٿائين، جيڪي استاد بخاريءَ کان اڳ، اهڙيون ڪنهن به استعمال نه ڪيون آهن ۽ اهي تشبيهون سندس تخيل جي طاقت سان عام بدران خاص بڻجي ويون نآهن. بدن تنهنجون ڀوريون ڀٽون ٻيٽ جون، مٿان ويس چوڏهينءَ جون چانڊوڪيون، وڏا وار ساگر جون لهرون ڊگھيون، سنهي چيلهه ٻيڙيءَ جي سڙهه جون رسيون، ڇهيو نرم ڪرڻن چريون آڱريون، سڄي جان ڇوليون مٿي کان تريون، وڳا انگ تي چنگ لهرا ته هئا، ڇهاون جا نغما سنهرا ته هئا. استاد بخاري سنڌ جو هڪ عظيم شاعر آهي. سندس شاعريءَ ۾ انيڪ خوبيون آهن. سندس شاعريءَ ۾ فڪر ۽ خيال جي اڏام تمام اونچي آهي ۽ گھرائي بي انت آهي. استاد بخاريءَ جي شاعريءَ کي جيترو غور ۽ فڪر سان پڙهيو، سمجھيو ۽ پرکبو، اوترا ئي معني جا موتي پلئه پوندا. سندس شاعريءَ ۾ تشبيهون، تمثيلون، تلميحون سمايل آهن، جيڪي استاد جي شاعريءَ جي روشنيءَ کي جھڪو ٿيڻ نه ڏينديون. ان کان علاوه استاد جي شاعريءَ جي وڏي خوبي اها آهي جو سندس شاعريءَ ۾ ڪم آندل لفظ تمام سادا ۽ عام فهم آهن ۽ پنهنجي اندر گھرو مفهوم سنڀاليون ويٺا آهن. استاد جي شاعريءَ ۾ قهر جي رواني آهي، جيڪا انسانيت جي معراج آهي. شيطان ڇا يزدان کي شڪايت آهي، ڪنهن جي به اڳيان ڪو نه جھڪي پيو آهي. (هي مضمون اڱارو ۰۹ آڪٽوبر ۲۰۰۷ع روزاني سوڀ ڪراچي ۽ ۱۰ آڪٽوبر ۲۰۰۷ع تي روزانه هلال پاڪستان ڪراچي ۾ شايع ٿيو) استاد بخاري جي شاعري ۾ انسانيت جو فڪر! فاروق احمد سرگاڻي استاد بخاري جي نالي چوندا آھن ته ھو عوامي شاعر آھي، جنهن عام ڳوٺاڻي ٻولي ۾ شاعري ڪئي آھي. مان استاد کي عوامي نه بلڪه طبقاتي، رومانوي، انقلابي، مزاحمتي، وطن دوست، سچ جي پرچار ڪندڙ شاعر چوندو آھيان، ڇو ته استاد اسان جي وچ ۾ صدين تائين زنده رھندو. اھا ڳالهه شيخ اياز به لکي آھي، ھو پنهنجي ڪتاب“ ڇوليون ٻوليون سمنڊ جون” جي مھاڳ ۾ لکي ٿو. “عوامي شاعر وقتي ھوندا آھن، شاھه لطيف عوامي شاعر نه ھو، جي عوامي شاھر ھجي ھا ته ھن جون ايتريون تشريحون لکيون نه وڃن ھا”. جيڪڏهن استاد جي شاعري ۾ سونهن ڏسجي وري فني حساب سان جيڪي لفظن جو ويس پارايون اٿس ان جو مثال ھن جي شاعري آھي. وري ٻولي ته ايڏي سولي سھنجھي اٿس. جنهن جي ڪري سنڌ جي ھر عام ھاري ۽ ناري کي ان جا شعر ياد ھوندا آھن. استاد پنهنجي شاعري جي ذريعي ڏاڍ ۽ ڏھڪاءَ جي نظام جي نندا ڪري ٿو ۽ پنهنجن ماڻهن کي اھو ٻڌائي ٿو ته اسان جي بقا انهيَ ۾ آھي، اسان اھڙي ڪني سماج مان جان آجي ڪرايون. ڪيترن ڪمزور ھٿڙن جي شڪست ڏاڍ کي چٿڙيون ڪري ڦاڙي ڇڏيان! ڪيترن شھزور چنبن جي گرفت ظلم کي ذرڙيون ڪري ساڙي ڇڏيان! سنڌ جي شاعرن وٽ عالمي ليول جو فڪر ھوندو آھي، اھو کڻي لطيف، اياز ڇو نه استاد بخاري ھجي، انهن وٽ سموري انسان ذات لاءِ محبت آھي. اھي پنهنجي شاعري ۾ سموري انسان ذات کي اھو پيغام ڏيڻ چاھيندا آھن ته امن پيار محبت ۾ ئي انسانيت ۽ انسان جي ڀلائي شان مان آھي. پر دنيا جي تاريخ شايد آھي ته اھو انسان ئي آھي جنهن ھماليه جبل جي چوٽي سر ڪئي آھي اھو بھادر، ھمت ڀريو آھي. اھو به انسان ئي آهي جيڪو ماضي جي ڀيانڪ دور کي ختم ڪري اڄ جي دور ۾ پھتو آھي، انسان بھادر به آھي، دلير به آھي، ڊڄڻو به آھي، فسادي به آھي، ويڙھو به آھي. دنيا جي تاريخ ۾ يونان کان ويندي فرانس تائين جنگيون لڳيون آھن. اھو به انسان آھي جنهن ٻئي انسان جو رت وھائي خوشي ماڻي آھي، اھو کڻي قديم روم جو زينو بادشاھه ڇو نه ھجي جنهن ٻين جي گهر کي ساڙي خوشي ڪئي ھجي ٽھڪ ڏنا ھجن. انسا جو دشمن به انسان ٿيو آھي. ڪنهن آھه ھماليه جي ڪئي سر چوٽي ڪير آھه خلا مان ٿو اچي پيو موٽي: ھي حضرت انسان آ، ھن ئي آھي دنيا جي تباھي لئي وڏي کڏ کوٽي: بخاري جي سوچ ترقي پسندي واري ھئي، ھو ڪوڙن مذھبي ريتن رسمن کي مڃي ڪو نه پيو. ھو چاھي پيو ته ھر شيءَ ۾ ريفارم اچڻ گهرجي ۽ عقل جي بنياد تي شين کي جاچڻ کپي.نج تحقيق ڪري پوءِ ئي نتيجي تي پھچجي. استاد لکي ٿو ; انسان جي عظمت کي مڃون ٿا سو مڃون ٿا. ڌرتي کان ھلي چنڊ وڃون ٿا سو وڃون ٿا. تحقيق جي مضبوط ھٿوڙي سان ٽڪوري وھمن جا ٺلھا ٺاٺ ڀڃون ٿا سو ڀڃون ٿا. دنيا جي وجود کان وٺي جھيڙا، ڦڏا انسان جي فطرت ۾ رھيا آھن ۽ رھندا اچن پيا ۽ ھزارن سالن کان وٺي انسان رت جي راند ڪندا آيا آھن. ڪجهه ماڻهو ھن ڌرتي جي گولي تي اھڙا به پيدا ٿيا آھن جن امن کي برقرار رکڻ لاءِ سر جي قرباني ڏني آھي پر بخاري پنهنجي شاعري جي ذريعي اھو سيکاري ٿو ته ڦڏن، فسادن کي ختم ڪرڻو آھي، امن جو پرچم بلند ڪرڻو آھي. استاد لکي ٿو: استاد ڇڏي ڏينس، پراڻو ساڳيو منصور ۽ ملا جو ھي قصو آھي انسان جو انسان سان آھي جهيڙو مان ڪيئن ڇڏيان منهنجو به حصو آھي. جتي استاد انسان کي پيار، محبت جو درس ڏئي ٿو اتي ئي اھو جوش جذبو ولولو ڏئي ٿو ته جيڪڏهن ماڻهو ڪجهه ڪرڻ چاھي ته اھو سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿو، جيڪڏهن انسان پنهنجي عظمت کي مڃي وٺي ته ھن لاءِ جھان ۾ ڪجهه ڏکيو ناھي. بخاري لکي ٿو; آ عرش، نشين عرض اگھائي ڪوئي! آ اھل، زمين ظلم مٽائي ڪوئي! ٻي رب جي مخلوق کي طاقت ناھي انسان کي انسان مڃائي ڪوئي. بخاري وڙھڻ به سيکاري ٿو جيڪو توھان جو حق ھجي اھو وڙھي وٺو ڀلي دشمن ڪيڏو به طاقتور ڇونه ھجي، اسان کي ھر حالت ۾ ان سان مھاڏو اٽڪائڻو آھي، نه ظلم پاڻ تي برداشت ڪرڻو آھي ھر حالت ۾ ان جي نندا ڪرڻي آھي، ھن وقت معاشري ۽ سماج جي ضرورت آھي. بخاري لکي ٿو: جو ظلم ڪندڙ آھه اھو آ شيطان جو ظلم سھي ڪين ڪڇي سو حيوان جو امن ڏئي امن گهري امن وٺي ھن دور جو انسان اھو آ انسان استاد بخاري جھڙا شاعر صدين کان پوءِ ھن ڌرتي تي جنم وٺندا آھن. (ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۰ جنوري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل) استاد بخاري دادا سنڌي ”استاد بخاري سخت بيمار آهي. دادو جي ڊي سي آفتاب ميمڻ کيس ڏهه هزار روپيا علاج لاءِ ڏيڻا ڪيا ته پاڻ کيس چيائون ته هنن پئسن مان منهنجو ڪتاب ڇپرايو. استاد بخاري سنڌ جو عوامي، انقلابي ۽ ترقي پسند شاعر آهي. وڏي ڳالهه ته منجهس سياسي شعور ۽ قومي درد آهي. استاد سان منهنجي پهرين ملاقات ۱۹۸۷ع ڌاري ٿي هئي. تقريب دوران مون کي جڏهن آل سنڌ ٻالڪ ايوارڊ مليوته تڏهن پهرين مبارڪ استاد ئي مون کي ڏني هئي. ان کان پوءِ سچل جي ورسي جي موقعي تي ٻه دفعا گڏ هئاسين ۽ گهڻي وقت تائين ڪچهري ڪئي هئيسين. ڏاڍو پيارو ماڻهو آهي. ۱۸ گريڊ ۾ پروفيسر آهي. پر هڪ دفعي ڊي سي ڪوٽڏجي اڳين پيل ڪرسين جي قطار مان کيس اٿاريندي چيو ته؛ ”بابا هت آفيسر وهندا“، ته استاد معصوميت مان چُپ ٿي ويو ۽ آئون پٺيان ئي ويٺو هئس ۽ مون پٺيان چيو ته سائين هي محترم به آفيسر آهي ۱۸ گريڊ جو ”استاد بخاري“. ڊي سي وائڙو ٿي ويو ۽ ڪاوڙ مان چيائين؛ ”ڪهڙو استاد بخاري“. هي آهي سنڌ جي بيروڪريٽ جو حال. هي سچل جو ڪتابچو پگهر سُڪائڻ لاءِ هوا طور استعمال ڪندا رهيا. (۱۹۸۹ع ) (سڄڻن ۽ ساڻيھ جون ساروڻيون تان کنيل) استاد بخاري سندس جنم ڏهاڙو مظهر خاصخيلي اڄ ۱۶ جنوري جو ڏينهن آهي اڄوڪي ڏينهن تي۱۹۳۰ ۾ دادو ضلعي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ غلام چانڊيو ۾ سيد حاجن شاهه جي گهر ۾ جنم وٺندڙ سيد پنهل شاهه ۽ اسڪولي رڪارڊ موجب احمد شاهه جنهن کي سڄي سنڌ استاد بخاريءَ جي نالي سان سڃاڻي ٿي. سڄي سنڌ ۾ سندس چاهيندڙ ۽ سندس خاندان هر سيال جيان هن دفعي به استاد بخاري جي ورسي ملهائي رهيا آهن. استاد بخاري سنڌ جو اهو شاعر هو جنهن پنهنجي قلم جي پورهئي وسيلي سنڌ ڌرتي جي رهواسين کي ۳۰ کان مٿي ڪتاب ڏنا جن ۾ هي گيت گلابي ٻارن جا، اوتون جوتون، ڪوڪڻ يا ڪلياڻ، سوچون ڀڻڪا واڪا، لهر لهر دريا، نه ڪم نبريو نه ڪم نبريو، ڌرتي سرتي، زندگي زندگي، ڪاري ڪڪر هيٺ، گلدستي ۾ گيت، ڳائي پيو جاڳائي پيو، لهري لهري ۾ لالاڻ، وطن ۽ ويساهه، پيرن هٽن نه پوئتي، هڙئي هيج وطن جا، گهڙيا سي چڙهيا، ڌوڙ دل تي درد جي، ماندئي ٿي نه مارئي سميت ٻيا ڪيترائي ڪتاب ڏئي ويو آهي. ۹ آڪٽوبر جو ڏينهن اهڙو ڏينهن آهي جنهن ڏينهن اڄ کان ۲۴ سال اڳ ۱۹۹۲ تي ڪينسر جي موذي مرض سبب هي مٺڙو ماڻهو اسان کان جسماني طور جدا ٿي ويو پر سندس روح اڄ به سنڌ ڌرتي سان سلهاڙيل آهي ۽ هن جي شاعري سنڌ جي جهرجهنگ ۾ نه رڳي ڳائي وڃي ٿي پر احترام سان ٻڌي به وڃي ٿي ۽ هر ماڻهو استاد بخاريءَ جي شاعري کي آساني سان سمجهي وڃي ٿو۽ پنهنجي منهن جهونگارڻ به لڳي ٿو اهو ئي سبب آهي ته استاد بخاري جي شاعري هر ماڻهوءَ جي اندر جو آواز هوندي آهي.هن جو هر بيت، چئوسٽو، غزل، گيت، وائي ائين محسوس ٿيندي آهي ته هن کان وڌيڪ ٻي ڪا بخاريءَ جي شاعري ٿيل ناهي. ان جو ڪارڻ اهو ئي آهي ته استاد بخاري پنهنجي زندگي مشاهدن ۾ گذاري ڇڏي. هن کي پيار، محبت، عشق، درد پيڙا پنهنجي پرائي واري پرک ڪرڻ واري دل هوندي هئي. هو سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان پنهنجي جان ۽ جيءَ کان وڌيڪ پيار ڪندو هو. جڏهن دادوءَ جي اڳوڻي ڊي سي مير محمد پرهياڙ دادو ضلعي جي سمورن ملازمن کي هڪ ليٽر ڪڍيو هو ته هر محڪمي جا ملازم پنهنجي هڪ ڏينهن جي پگهار ڪٽرائن ۽ اهي پئسا استاد بخاريءَ کي علاج طور ڏجن، پر اها ڳالهه ڪنهن کان وسرندي جڏهن استاد بخاريءَ اهي لفظ ورجايا هئا ته مان جيڪي به ڏينهن باقي جيئرو هوندس اهي ائين ئي جيئندس، اوهان جي مهرباني پر منهنجي پاران اوهان جي هڪ ڏينهن واري پگهار کڻڻ نامناسب آهي اوهان وڃي هن مان پنهنجي ٻارڙن کي ڪپڙا وٺي پارايو مان تڏهن خوش ٿيندس، اهو سچ هو ته استاد بخاريءَ کي ان ڳالهه جي خبر هئي ته غربت ڇا ٿيندي آ ۽ غريب جون خوشيون ڪهڙيون هونديون آهن، هن کي پنهنجي ڌرتي ۽ ڌرتي ڌڻين سان جيڪو پيار هو ان جو مثال نه ٿو ملي ڇو ته بخاريءَ جون پنهنجون سٽون آهن ته.. ڏينهن جو ڪم آ، رات جو غم آ سنڌو تنهنجو، منهنجو هڪڙو هڪڙو دم آ، سنڌو تنهنجو. گيت لکان پيو، جنگ لڙان پيو، ڏيهه ڏسي پيو، ڪن تي قلم آ، هٿ ۾ علم آ، سنڌو تنهنجو. هن پنهنجي سڄي زندگيءَ ۾ ٻين جيان اکيون نه ٻوٽيون ۽ هاڻي به جڏهن هو لوڪ ليکي هميشهه لاءِ اکيون ٻوٽي هي جهان ڇڏي هليو ويو آهي تڏهن به هن جون کليل اکيون اسان ماڻهن جو پيڇو ڪري رهيون آهن ۽ اسان کي احساس پيون ڏيارين ته اسان پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي مدهوش ٿي پنهنجون اکيون ٻوٽي ڇڏيون آهن پر بخاري جهان ڇڏڻ کان پوءِ به اکيون نه ٻوٽيون آهن، ڇو ته بخاريءَ کي اهو احساس آهي ته هو به ٻين سمورن وانگر مدهوش ٿي اکيون ٻوٽي سمهي پيو ته پوءِ رات جي تارن کي ڪير تڙپائيندو. بخاري رات جي تارن کي به تڙپائي سگهڻ جي سگهه رکي ٿو ته هو ماڻهن جي نرم ۽ نازڪ دلين کي ڇو نه تڙپائي سگهندو هوندو ۽ هن جي شاعري ۾ جيڪي پرهه جا پيغام آهن اهي اسان سمورن ماڻهن لاءِ آهن جن مان اميد هوندي آهي ۽ اميد جي ئي آسري ماڻهو جيئندو آهي بخاري به اهڙو سونهن پرست شاعر هيو جنهن کي جتي به سهڻي شيءِ نظر ايندي هئي ان جي تعريف ڪرڻ بنا رهي نه سگهندو هو. استاد بخاري ڪيترو عظيم ۽ محبوب شاعر هو ان جي پرک ان جي مارڪيٽ ۾ موڪليل ڪتابن مان ئي ڪري سگهجي ٿي ڇو ته موجوده هلندڙ وقت ۾ جيڪو شاعريءَ جو ڪتاب ڇپجي اچي ٿو جيڪڏهن هو معياري ناهي ته گهڻي ڀاڱي اهي شاعر دوست اعزازي طور ڪاپيون ورهائي ڇڏيندا آهن پر اهو به سچ آهي ته جن شاعرن جي شاعري معياري ۽ ديس ڌڻين تي هوندي آهي انهن جي شاعري جا ڪتاب مارڪيٽ مان وڪرو ٿيو وڃن باقي سنڌ ۽ ان جا رهواسي اڄ به پنهنجي ڀلوڙ شاعر استاد بخاريءَ کي جيءَ ۾ جايون ڏيو اچن ٿا ۽ اڄ به ان جي انهن سٽن کي ورجائڻو پوي ٿو ته: سانگين سان گڏ سالگرهه مان وڇڙي ويس ته ورسي آهيان. استاد بخاري عظيم شاعر عظيم ماڻهو سحر وشال هو استاد هيو، هو صرف ٻن ٽن هزار شاگردن جو نه پر، سموري سنڌ جو استاد هيو. هُو ڊبل استاد هيو، هڪ ته هو پروفيشنل استاد هيو، ٻيو ته ڄڻ هن جو نالو ئي استا د هو. هُن جي ڏات ڏونگرن کي ڏڪائي ڇڏيندي هئي ۽ اٻوجھن لاءِ ڏڍ هئي. هاڻي توهان بلڪل سمجهي ويا هوندو ته سن ۱۹۳۰ع جي جنوري مهيني ۾ ۱۶ تاريخ دادو ضلعي جي ڳوٽ غلام چانڊيو ۾ سيد حاجن شاه جي گهر ۾ جنم وٺندڙ سيد احمد شاه استاد بخاريءَ جي ڳالھ پئي هلي. جيئن ته استاد پنهنجو ٻالڪپڻ درياءَ ويجهو، ڪانهن جي اڇن گلن ۽ سرنهن، ٻاجھر، جوئر، ڪڻڪ توڙي مٽرن جي کيتن ۾ ڊڪندي ڊوڙندي گذاريا، ان ڪري سندس طبيعت ۾ رنگيني ۽ ميٺاج جو سمائجي وڃڻ فطري عمل هو. هو ننڍپڻ کان ڏاڍو ذهين هيو، تعليمي لحاظ کان پهرين درجي کان سنڌي فائينل تائين پهرين پوزيشن کڻندو رهيو. استاد، عالم، فاضل ۽ اديب واريون ڊگريون حاصل ڪرڻ کان پوءِ ۱۹۴۶ع ۾ پهرين نوڪري روينيو کاتي ۾ تپيدار طور ڪئي. پر هر ڪو ڄاڻي ٿو ته هن نوڪري ۾ رهي، ڪير ڪيترو به چاهي، ڪنهن درد مند جي دوا نٿو ڪري سگهي. ان ڪري استاد جي طبيعت کي به هي نوڪري بلڪل ڪونه وڻي ۽ جلد ئي هو اداري کان ناتا ٽوڙي تعيلم کاتي سان رشتو جوڙي ويٺو. استاد پرائمري استاد بڻجي مستقبل جي معمارن کي سکيا ڏيڻ شروع ڪئي. هونئن ته استاد شاعري ۱۹۴۶ع ۾ شاگردي واري زماني کان شروع ڪئي هئي، پر ۱۹۵۱ع ۾ جڏهن کيس ايليسمينٽري ڪاليج ميٺاڻي ۾ ٽريننگ وٺڻ لاءِ موڪليو ويو، جتي کيس نامور شاعر عبدالله اثر جي صحبت نصيب ٿي ته استاد جي اندر جي ڏات تڙپي اٿي. سندس من ۾ متل مانڌاڻ نيٺ اٻري ٻاهر نڪري پئي، مشاعرن جون محفلون مچي ويون. پهريون استاد پنهنجو تخلص ” آسي“ ۽ ”دردي“ استعمال ڪيو، پر پوءِ جلد ئي پاڻ کي استاد سڏائڻ تي رضامند ٿيو. استاد جي شاعريءَ جي ڪچي ڪلي کڙي گل ٿي پئي، جنهنجي خوشبو سموري سنڌ ۾ واسجي وئي. استاد ڌرتي، دل وارن ۽ سونهن جو شاعر بڻجي ويو. سندس گيت نگر نگر گونجڻ لڳا. سچ ته استاد جي شاعري ۾ سلاست، بلاغت، جماليت ۽ هر اُها خوبي موجود آهي، جيڪا علم ادب جي دنيا ۾ هڪ شاعر کي اعلى درجي ۽ مقام تي آني بيهارڻ لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي. استاد جي شاريءَ مان جماليت ائين اڀري نڪري ٿي جو محسوس ٿئي ٿو ڄڻ هاڻي هاڻي سونهن مشڪ عنبر سان وهنجي سهنجي ريشم جو ڀرت ڀريل رنگين پڙو اوڙهي آئي آهي. استاد نه صرف سونهن پرست هو، پر ڌرتيءَ کي پنهنجي سرتي بڻائي ويٺو هو. ياد ٿو اچي ته استاد پنهنجي ڪتاب ”ڌرتي سرتي“ جي ارپنا ڪجھ هن طرح ڪئي آهي: ” پنهنــجي دل جي نالي، منهنـجي دل دادو آهي دادو ســنڌ جي دل آهي ۽ سنڌ وري ڪائنات جي دل آهي.“ هن مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته استاد رڳو سنڌ لاءِ نه پر سموريءَ ڌرتيءَ جي گولي تي آباد ٽئين درجي جي ماڻهن لاءِ تڙپيو آهي هو سموري ڪائنات جو شاعر آهي، پر هن ڪڏهن به اها دعوى نه ڪئي هئي (هاڻي به ڪجھ حال حيات شاعرن جيان) ته هُو شيخ اياز کان وڏو شاعر ۽ لطيف ثاني آهي. استاد ته ڪڏهن به پاڻ کي وڏو شاعر به محسوس نه ڪيو، هو هر نئين لکندڙ سان بنا ڪنهن هت ڀيد ۽ فرق ڏيکارڻ جي ائين ئي سڪ ۽ اڪير مان ملندو هو، ڄڻ پاڻ به انهي ٽهيءَ جو آهي. جڏهن ته اسان جا گهڻا سينئر جونيئرن کي منهن پري ڪري آڳرن جو هٿ ڏيندا آهن. ان ڀيٽ ۾ استاد ته هر هڪ کي ڀاڪر ۾ ڀري وٺندو هو. هو هڪ عظيم شاعر هو. ادبي ڪسوٽيءَ موجب عوامي شاعر ئي سڀني کان وڏو شاعر هوندو آهي، ڇو ته عوام جنهن کي گهڻو مان مرتبو ڏئي اهو ئي وڏو آهي. وقت ثابت ڪيو آهي ته استاد جي شاعري هر هنڌ، پڙهيل ۽ اڻ پڙهيل ۾ ايتري ئي مقبول آهي، جيتري شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري عوام ۾ مقبول آهي.استاد پروفيشنل حساب سان سورنهن سال گلن جھڙن ٻارڙن جي تربيت ڪرڻ کان پوءِ پهريون سيڪنڊري ۽ ۱۹۶۳ع ۾ ليڪچرار ٿيو. هن دوران هن ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو ۽ ڊگري ڪاليج دادو ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون. ليڪچرار کان پوءِ اسسٽنٽ پروفيسر به بڻيو، جنهن تان ۶۰ سالن جي ڄمار ۾ رٽائر ڪيائون. سندن علمي خدمتن عيوض سنڌ سرڪار ڊگري ڪاليج دادو جو نالو استاد بخاري ڊگري ڪاليج رکيو آهي. استاد بخاري نه صرف لائق استاد ۽ سٺو شاعر هيو، پر هُو هڪ سٺو موسيقار پڻ هو. هن پنهنجن ڪيترن ئي گيتن جون ڌنون ترتيب ڏنيون. استاد سموري حياتي شاعري جي جھول ۾ تازا توانا گيت ڀيٽا ڏنا. شاعري سندن رت ۾ رڌم بڻجي ڊوڙندي رهي. استاد بخاري بلڊ ڪينسر جھڙي موذي مرض ۾ مبتلا ٿي چڪو هيو، سالن کان چنبڙيل ڪينسر جا جراثيم سندس حياتي پيئندا رهيا. پر پاڻ ڪڏهن به هنيانءَ نه هاريائون. مرڪ سندن چپن تان ڪڏهن مٽجي نه سگهي. موت سان وڙهندي استاد لنڊن مان بلڊ ٽرانسفيوشن به ڪرائي، پر موت جو راڪاس سندن حياتي مٿان ٽڪ ٻڌي بيٺو رهيو ۽ نيٺ ۹ آڪٽوبر ۱۹۹۶ع ۾ اوچتو ڀڙڪو کائي استاد جي حياتيءَ کي جھپي اڏامي ويو. اها شام سمنڊ ماٺيڻو ٿي ويو، وڻ ٽڻ اداس نظر اچڻ لڳا، پکين جي نڙين ۾ سندن لاتيون اٽڪي بيهي رهيون، سنڌ سموري سوڳوار بڻجي وئي ۽ هينئر جڏهن ۱۳ سال گذري چڪا آهن تڏهن به استاد جي شاعريءَ ساڳي پاٻوهه ۽ شوق سان پڙهي ويندي آهي. سچ ته ڏات امر آهي. بات بُخاري سُونهن جي... تاج جويو گُذريل وقت جي باري ۾، انگلينڊ جي عظيم شاعر ۽ ڊراما نگار، شيڪسپيئر، ڪنهن ڊرامي ۾ لکيو آهي: “O, call back yesterday, bit time to return!” ”ڪالهه“ جڏهن اُستاد بخاري اسان جي وچ ۾ هو، ۽ ’اڄ‘ جڏهن اُستاد بخاري اَسان جي وچ ۾ نه آهي؛ اُن، وقت جي وقفي ۽ وٿيءَ کي 19 سال گذري چڪا آهن، يقين نه ٿو اچي! ڪالهه کي موٽائڻ جي خواهش ته ڪري سگهجي ٿي، پر ’ڪالهه‘، ’اڄ‘ نه ٿِي ٿِي سگهي ۽ نه ئي موٽي سگهي ٿي؛ ڇو ته اَياز جي لفظن ۾: ”موت نه ڪئلينڊر ڏسي ايندو آهي ۽ نه وِزٽنگ ڪارڊ موڪلي ايندو آهي.“ اُستاد جي انساني قَد ۽ اُستاد جي شاعراڻي قَد جو رُڳو تصور ئي ڪجي ٿو ته محسوس ٿئي ٿو، بلڪ اها حقيقت به آهي ته اُستاد پنهنجي زندگيءَ ۾ ته وڏو انسانُ ۽ وڏو شاعر هو، پر پنهنجي موت کان پوءِ ڏهه ڀيرا وڏو اِنسانُ ۽ وڏو شاعرُ ٿي اُڀريو آهي: همالي جي چوٽي ڏٺي ٿئي؟ مٿاهين ڪويتا جي عظمت- ۽ ڪيلاش وادي ٻُڌي ٿئي؟ مزيدار آ فن جي فطرت- ڪَلا خُود به هوندي آ قدرت! اُستاد فطرت، محبت، سُونهن ۽ سنڌ جو شاعر هو. سو سڄو وقت، سڄي ڄمارَ، سُونهن- نينهن، پرينءَ ۽ پيار سان نِڀائيندو رهيو: مُنهنجو نالو نينهُن، منهنجو پاڙو پيارَ سان، پِيو ٿو يارَ وَسائيان، ماڪَ چئو يا مينهن، راتِ هُجي يا ڏينهن، باتِ بُخاري سُونهن جي! هُن جو فن، هن جي شاعري، هُن جا غزل، هُن جا گيتَ، هن جا دوها، هن جا چؤسٽا/ قطعا، هن جا نظمَ، هن جون رُباعيون، هن جا آزاد نظمَ، هُن جون وايون، هُن جا بيتَ، ۽ هُن جا ڪتاب- هُن جي سڃاڻپ جا صحيفا آهن. هڪ اديب ۽ شاعر جي سڃاڻپ، سندس تخليقن ۽ ڪتابن کان وڌيڪ ڪهڙي ٿي سگهي ٿي؟ اها به حقيقت آهي ته هر ڪتاب سهڻو نه هوندو آهي ۽ هر تخليق ڪارائتي ۽ سُڪارتي نه هوندي آهي؛ پر اُستاد بخاري اُهو شاعر، اُهو تخليقڪار ۽ اُهو ماڻهو هو، جو جنهن جي ڪتاب جو هر عنوانُ ۽ هر بابُ، سورج جو سوجهرو ۽ ڏات- سانوڻ جو وسڪارو هو. هن رڳو ڏيڻ ۽ ورهائڻ سِکيو هو. هُو اُهو ڏاتيار هو، جيڪو ڏيئي نه پچاريندو هو. هُو چوندو هو: جنهن وٽ جهڙي ڏاتِ، عالَم کي آڇي اُها، تارن آندي راتِ، سورجُ سعيو سُونهن جو! ـــــ ڪا ڪا ڏاتِ ڪڪرُ، رِڻن ۾ رِم جهم ڪري، چارئي پار چڪرُ، پياسن جو پُڇندي وتي! ـــــ هن جي ڏاتِ ڪَڪرُ بنجي، هن ديس جون چارئي ڪنڊون، چارئي ڏِسائون ڏسندي، چڪر هڻندي، پياسن جو پُڇندي رهندي هئي، پر، هن جي ڏات کي اهڙي ديدَ هئي، ۽ اُن ۾ سوچ جو اُهو سدا اُجرو سچُ سمايل هو، جيڪو وقت جي دَز ۽ لُڙاٽ هٿان ميرو نه ٿيڻو هو، ۽ نه ئي وري ڪڏهن ميرو ٿيندو. تڏهن ئي ته اُستاد بخاري پاڻ وڏي اعتماد ۽ ويساههَ سان چئي ڏنو هو: آڇيم اهڙي ديدَ، اَدب سان اِتهاس کي، مُنهنجي سوچ سعيدَ، صديون ميري نه ٿئي! اُستاد بخاري، وقت جو شاعر هو، وقتُ هِن جي مُٺِ ۾ بند هو، وطن لاءِ وقتائتي شاعري، جهڙي اُستاد ڪئي، اهڙي ڪنهن شاعر مشڪل سان ڪئي هوندي. هو هر موقعي ۽ مهل تي، هڪ رهبر ۽ مفڪر شاعرُ بنجي، غافلن ۽ سُتلن کي سجاڳ ڪندو رهيو. هُن جا ’حاذق هٿ‘، هر ڏکويل جي ڏيلَ کي ڇُهي، ڏڍُ ڏيڻ سان گڏ، اڳتي وڌڻ جو ڏسُ ڏيندا هئا. سندس ئي هيٺيون بيت، سندس ’صورتگري‘ ڪري ٿو: حاذق تنهنجا هٿَ، ڇُهڻ ريءَ ڇُهيو وٺن، رَنڙَ اکِ جي آرزُو، نؤ- ورنيءَ جي نَٿ، ڪهڙِي تن جي ڪٿَ، موقعا جن جي مُٺِ ۾! اُستاد بخاري، جهڙو حسينُ شاعر هو، اهڙو ئي سندس ديسُ حسين هو. هن پنهنجي ديس سنڌ جي سونهن کي، جنهن حسين شاعراڻي اک سان ڏٺو هو، اهڙيون اکيون اڄ اڻلڀ آهن. اهڙي ديدَ اڄ ناپيد آهي. اُهي اکيون، جن جي.ايم.سيد، حسام الدين راشدي، اياز، شيام، نياز، تنوير ۽ استاد بنجي، سنڌ کي ڏٺو، الائي ڇو اڄ ڳوليون به نه ٿيون لڀن. اُهي اکيون جنهن نظاري کي ڏسنديون هيون، اُهو ڪنهن مصور جي تصوير بنجي پوندو هو. اُهي اکيون، ديس جي جاگرافيءَ ۽ سرحدن طرف ڏسنديون هيون ته اُهي ديس جي حفاظت لاءِ محفوظ رنيڪوٽ ۽ کيرٿر بنجي وينديون هيون؛ ڇو ته اُنهن اکين ۾ حُسن ۽ آرٽ هو. آرٽ جي تخليق ۽ تخليق جو حُسن، ڪازان زاڪس جي هن شعر جي زنده تصوير سڏي سگهجي ٿو: مون بادام جي وڻ کان پڇيو: ”خدا ڇا آهي؟“ بادام جو وڻ گلن منجهه جِهنجهجي ويو!“ اِئين اُستاد، جڏهن هٿ ۾ پنو کڻي، وطن جو قصيدو لکندو هو ته سندس هيٺيون شعر بنجي پوندو هو: هي هٿ ۾ پَنو، سنڌ جي سمجهو وادي، مضبوط قلعو ڄڻ ته رَنيڪوٽ آهي. هر لفظ بُخاريءَ جو وطن دوست مجاهد، بـيـبــــــاڪ آ، جانبـــــار آ، اڻموٽ آهي! اُستاد، جڏهن شاعري ڪندو هو ته هيءَ مٽي، هي نظارا، هي ڪچا، هي ڪوڇا ۽ ڪاڇا، هي وڻراهه ۽ درياهه، هي گل ڦل ۽ ٻوٽا، هي وَسيون ۽ واهڻ، سڀ ساڻس ڳالهيون ڪندا هئا، ۽ متحرڪ بنجي پوندا هئا، هو سنڌ جي هر نظاري ۽ هر واقعي کي شاعريءَ ۾ اهڙيءَ ريت زنده جاويد ڪري ڇڏيندو هو، جيئن ڪو صنم تراش، ڪنهن وينگس کي پٿر ۾ زنده جاويد بنائي ڇڏيندو آهي يا ڪو مصور، ڪنهن شيءِ، ڪنهن واقعي يا ڪنهن عڪس کي ڪينواس تي رنگن جي زبان ۾ جيئرو ڪري وجهندو آهي. اُستاد کي ساري سنڌ، هڪ تصوير وانگر نظر ايندي هئي، اُها خوبصورت تصوير نه رڳو هن جي شاعريءَ تي اڻمٽ اثر ڇڏيندي هئي، پر هُو خود حسين سنڌ جو ذڪر ڪندي، اُن جي حُسن ۾ پنهنجي تخليقي حسن جا رنگ ڀري، اُن کي وڌيڪ سُندر ڪري ڇڏيندو هو. ڪنهن وقت ايازَ اهڙي ئي ڪيفيت ۾ محو ٿي چيو هو: ڪُجهه شاههَ ڏني، ڪجهه شيخَ ڏِني، هــن سـنــــڌڙيءَ کـــــي صورت لوڪو! اَهڙيءَ طرح اُستاد بخاريءَ لاءِ به آءٌ، اوهان يا اسان مان ڪي به اها دعويٰ ڪرڻ ۾ حق بجانب آهيون ته اُستاد به سنڌ کي هڪ ’صورت‘ ڏيڻ جو آسروند ۽ خواهشمند هو. هن به چاهيو ٿي ته سندس وطن ’جنت‘ جو روپ وٺي. وطن سنڌ جو قصيدو هجي ۽ لفظَ مصور ۽ صورتگر شاعرَ اُستاد جا هجن ته يقيني طور اُهو وطن جو نغمو، آرٽ ۽ ادب جو شاهڪار بنجي پوي ٿو. سندس نظم ’وطن‘ جا هيٺيان ٻه بند ته پڙهي ڏسو: تُنهنجي ساراهه جو سِلسلو، سو به مون لئه وڏو مسئلو، تنهنجي تعريف، تڪميل ٿئي، ڪوبه مون کان نه ٿو ٿئي بِلو: لفظ ڳوليان، ٿا مشڪل لڀن، منهنجا محبوب، منهنجا وطن! ويسَ، ڪِرڻا اُڻائي وجهان، توکي جوتين سان جاني جهنجهيان، توکي اَرپيان رُڳو روشنيون، ايترا آڻيان سُورج ڪٿان؟ چنڊّ تارا ٿا ميرا لڳن، منهنجا محبوب، منهنجا وطن! اُستاد وڏو مصور، وڏو آرٽسٽ شاعر هو. هن جي شاعريءَ ۾ آرٽُ ڪمال درجي جو آهي، جيڪو هڪ طرف فن ۽ جماليات جون آخري حدون ڇُهي ٿو ته ٻئي طرف اُن جي سگهه، اُن جي اُڏار ۽ اُن جو اثر، وقت جي هٽلرن گوئرنگن کي ڏڪائي ۽ ڪنبائي ڇڏي ٿو. اُستاد جهڙن آرٽسٽن ۽ اُرڏن شاعرن جي ادب ۽ آرٽ لاءِ، هٽلر ۽ گوئرنگ، فتوائون ڏنيون هيون، هٽلر چيو هو ته: “Let us beat the refractory skulls with resounding blows” يعني: ”اچو ته اسان سرڪش دماغن کي اهڙو ڪُٽيون، جو اُن جا پڙاڏا ٻُڌڻ ۾ اچن.“ جڏهن ته گوئرنگ ڇِتو ٿي هيئن اظهاريو هو ته: “When I hear the name of Art, my hand goes to pistol.” يعني: ”جڏهن مان آرٽ جو نالو ٻُڌان ٿو ته منهنجو هٿ پستول ڏانهن وڃي ٿو.“ اُستاد جي زندگي، اُستاد جي شاعري، لوڪ لاءِ پيارُ ۽ ڏاڍَ خلاف ڌڪارَ ۽ مزاحمت جو کليو اظهار آهي، پر اُن ۾ آرٽ/ ڪلا ڪمال جي آهي! گُلاب لفظ ڪڍان، ٿيو پون رُڳا ٽانڊا، گلي کي آڳِ لڳِي آهه، مان چوان نه چوان! ـــــ ڪا گهڙي مُحب ساڻ محفل ۾، ڪا گهڙي لوڪ لاءِ مقتل ۾، پيارَ ۾ ٿي پَتي پَتي هوندي، ها، اُها منهنجي زندگي هوندي! اُستاد سڄي ڄمارَ، ماڻهن سان گڏ بيٺو رهيو. مچ هُجي، مقتل هجي، هن جو پيرُ پاهون نه ٿيو! محبوبَ چيو: پهچ، اَچي پهتو هان، تَنور هُئي واٽ، پچي پهتو هان! چڪچور ڏسي حال، نه ڪر غم دلبر، تو وٽ ته بهرحال، بچي پهتو هان! مقتل کان ٿورو اڳتي، محفل جو ڏس مليو آ، مان موت کي لتاڙي، ٿو زندگيءَ کي ڳوليان! اُستاد بخاري همه وقت، همه تن شاعر هو. هن جي شاعريءَ جا ڪيترائي رُخ ۽ روپ هئا، ۽ اُن جو هر روپُ ۽ هر رُخ ايترو ته حسين هو، جو اُن جو اظهار نثر جي زبان ۾ ڪرڻ ڏکيو آهي، اُن ڪري آءٌ فارسيءَ جي هڪ نامعلوم شاعر جا لفظ اُڌارا وٺان ٿو، جيڪي اُن جي بيان جو حقُ، ڪجهه قدر ادا ڪري سگهن ٿا: دامانِ نظر تنگ و گُلِ حُسنِ تُو بسيار، گلچين نظر از تنگئي دامان گله دارد يعني: ”(منهنجي) نظر جو پاند سوڙهو آهي، ۽ تنهنجي حُسن جا گُلَ سوين آهن. (منهنجي) نظر تنهنجي سُونهن جا گُل پٽي ٿي ته اُن کي پاند جي سوڙهي هجڻ تي چِڙ اچي ٿي!“ لکجو سدائين سچ يادون بخاريءَ جون وفا رضا هن سنڌ جي سهڻن ڀينڊن تان، مان گهور وڃان مان گهور وڃان گلشن ته ٺهيو پر ڪک پن تان، مان گهور وڃان مان گهور وڃان جيڪي سانوڻ ۾ درياهه لڳن، ۽ سياري ۾ آڙاهه مچن استاد انهن جي تن من تان، مان گهور وڃان مان گهور وڃان هي سٽون سنڌ جي سدا ملوڪ شاعر استاد بخاري جون آهن، جنهن جي شاعري جنهن وقت به پڙهجي يا ٻڌجي ٿي وهه واهه چوڻ کان رهيو نٿو ٿئي. استاد جي شاعري سان تڏهن کان چاهه ٿي ويو هو، جڏهن کان مون سندس ڪلام ”تون مڃين مڃين نه مهربان، مان ته عرض ٿو ڪري ڇڏيان“ ٻڌو هو. ان ڏينهن کان وٺي اڄ تائين جتي به ڪنهن راڳي کي ڳائيندي ٻڌندو آهيان ته دل ۾ اها ئي تمنا هوندي آهي ڪاش ڪو بخاري جو ڪلام به محفل منجهه هجي. يادگيري ٿي اچي ته هڪ دفعي آئون لاڙڪاڻي جي پاسي ٻيڙو چانڊيو هڪ فنڪشن ۾ ويو هوس. تقريب جي شروع ٿيڻ ۾ اڃا ڪجهه دير هئي سو اسان وجهه ڏسي چانهه پيئڻ نڪري پياسين. مون سان منهنجو ڳوٺائي دوست شفيع ٻجورو پڻ گڏ هيو. چانهه پي پنڊال طرف موٽياسين ته منهنجي نظر غلام مصطفيٰ جانوري تي پئي، جنهن سان منظور سخيراڻي به گڏ هيو. پوءِ اسان گڏجي ٻيڙو چانڊيو جي ريلوي اسٽيشن تي ويهي رهياسين جتي ڪچهري هلندي مون چيو ”اڄ ته دادو جي دلبرن سان واهه جي ملاقات ٿي آهي.“ جنهن تي مصطفيٰ جانوري کلندي چيو ”هائو هائو حاضر اڄ عرض اگهامندو.“ پوءِ فنڪشن ۾ منظور سخيراڻي سرن جي ورکا دوران استاد بخاري کي ڳائيندي جڏهن ”تون مڃين مڃين نه مهربان“ ڳايو ته وهه واهه ٿي وئي. وهه واهه ته ان ڏينهن به واهه جي ٿي جڏهن اسان استاد بخاري سان ملڻ دادو ويا هئاسين، تنهن زماني ۾ اسان ٽنڊي آدم ۾ استاد بخاري سان شام ملهائڻ جو پروگرام ٺاهيو هو. مون ۽ دوست خالد حسين خاصخيلي تي اها ذميواري رکي وئي ته دادو وڃي استاد کان پروگرام وٺون. سو اسان لاري ۾ چڙهي کيبر وياسين، جتان وري حيدرآباد مان ايندڙ ٻي لاريءَ منجهه سوار ٿي موري پڳاسين. اتان ڊاٽسن ذريعي دادو موري واري پل تان سنڌوءَ جون ڇوليون ڏسندي دادو شهر ۾ پهچي هڪ ٽانگي واري کي چيوسين، غريب آباد هلبو. جنهن وراڻي ۾ چيو استاد بخاري ڏي ته ڪونه ٿا وڃو؟ کيس چيم بلڪل پر اوهان ڪيئن سمجهيو؟ جنهن تي ٽانگي واري چيو ”ابا اوهان غريب آباد چيو آئون سمجهي ويس پڪ اوهين استاد جا مهمان آهيو.“ ڪجهه گهڙين ۾ هڪ گهٽي ۾ پڳاسين ته ٽانگي واري چيو، او اهو سامهون اٿو، استاد جو گهر. اسان اوطاق ۾ ويٺاسين ته ڪجهه گهڙين ۾ استاد اچي سلام ورائي چيو؛ ’نوجوانو ڀلي ڪري آيا.‘ ان لمحي ايتري ته خوشي ٿي جنهن جو ڪو ڇيهه ڪونهي. جهٽ ۾ چانهه بسڪوٽ به اچي ويا. جنهن تي استاد چيو؛ وٺو بابا. پوءِ استاد کي اسان پنهنجي اچڻ جو مقصد ٻڌائيندي چيو؛ سائين اوهان سان ٽنڊي آدم ۾ رهاڻ رچائڻ جي تمنا آهي، سو ان ڪري پنڌ پيا آهيون. استاد مسڪرائيندي چيو؛ مهربانيون، حاضر هلبو. ڀلا سائين محسن علي شاهه ۽ عبدالله ورياهه جن ته خوش آهن نه. استاد اسان کان پڇيو؛ اوهان جي ڪرت ڪهڙي آهي؟ وراڻيم؛ سائين اخبار ۾ لکندا آهيون ۽ خالد سونارڪو ڪم به ڪندو آهي. جنهن تي استاد چيو؛ ها بابا، جيتري محنت ڪندئو اوترو ڪامياب ويندئو پر قلم سان لکجو، سدائين سچ. ائين ٻن ڪلاڪن جي ڪچهري ۾ اسان استاد کان گهڻو ڪجهه سکيو. استاد سان رهاڻ جي تاريخ طئي ڪري چيوسين؛ رکيل تاريخ تي اوهان کي وٺڻ اينداسين. جنهن تي استاد چيو؛ ٽنڊي آدم کان دادو جو پنڌ سرس آهي. هاڻ اوهين تڪليف نه ڪجو. آئون پاڻ اچي پهچندس. اسان چيو؛ سائين گاڏي جو بندوبست ٿي ويندو. جنهن تي وري استاد چيو؛ اوهان به مون وٽ لاريءَ ۾ آيا آهيو، سو آئون به ان رستي ايندس. بس اوهان اهو ٻڌايو، حيدرآباد واري لاريءَ ۾ سوار ٿي اوهان تائين پهچڻ لاءِ ڪٿي لهجي؟ جنهن تي اسان وراڻيو؛ ان لاريءَ مان اوهان ڀٽ شاهه يا کيبر جي اسٽاپ تي لهندؤ، جتان ٽنڊي ڏي رستو وڃي ٿو. جنهن تي استاد چيو؛ بس پوءِ ڀٽ شاهه لهي، لاکيڻي لطيف جي حاضري ڀري، پوءِ اڳتي اچبو. جنهن تي مون چيو؛ سائين هاڻ هڪ عرض آهي ته اوهين جيئن ڀٽ شاهه پهچندا ته اتي اسان اوهان سان ملنداسين. استاد چيو؛ ها اهو صحيح. پوءِ اسان استاد کان دعائون وٺي، موڪلائي، واپس ٽنڊي اچي دوستن سان حال احوال اوريو. رهاڻ جا ڪارڊ ڇپائي تيارين ۾ لڳي وياسين. نيٺ اهو ڏينهن به اچي ويو، جنهن جو اوسيئڙو هيو. استاد کي ڏنل وقت تي گل حسن لاکو دادوءَ ويو جتان هو ۽ استاد گڏجي ڀٽ شاهه پڳا، جتي نبي بخش ڏهراج ۽ ولي محمد لاکو ڀٽ شاهه بائي پاس تي اوسيئڙي ۾ هيا. سج اڃا لٿو ئي ڪو نه هيو ته رهاڻ واري هنڌ، استاد جا مداح پهچڻ شروع ٿي ويا. هوڏانهن، گل حسن لاکي ۽ نبي بخش ڏهراج فون ڪري ٻڌايو ته؛ استاد سان گڏ مرشد لطيف جي حاضري ڀري اٿئون ۽ هاڻ اچون پيا. اهڙو اطلاع اسان مائيڪ رستي رهاڻ ۾ موجود ماڻهن تائين پهچايو. انهن ئي گهڙين ۾ غلام حسين رنگريز ۽ رسول بخش درس جن به اچي پڳا. ان دوران شاهه عبداللطيف لائبريري جو سڄو هال ماڻهن سان ڀرجي چڪو هيو. ڪجهه وقت ۾ محفل جو مور به اچي ويو. جنهن جي گلن جي ورکا سان، شانائتي آجيان ڪئي وئي. رهاڻ ڪلاڪ سوا مس هلي ته اوچتو بجليءَ جي شارٽ سرڪٽ مان باهه لڳي، جنهن جي ڪري مجبورن تقريب اڌ ۾ ختم ڪئيسين. جنهن کان پوءِ غلام رسول چانڊئي جي اوطاق تي وياسين، جتي استاد جي رهائش جو بندوبست هيو. رات جو دير تائين استاد سان ڪچهري ٿي. استاد پنهنجي شاعري ۽ هڪ راڳي، جيڪو شايد غلام شبير شاهاڻي هيو، وري استاد جا ڪلام ٻڌايا. ان ڪچهريءَ ۾ علي شير بهڻ، امداد راهي، ذاڪر بلوچ، شاهه عبيد، غلام رسول شاهه فاضلاڻي ۽ ٻيا دوست پڻ موجود هيا. جتان صبح جو استاد علاج جي سلسلي ۾ ڪراچيءَ لاءِ روانو ٿي ويو. پوءِ هن واپس دادوءَ پهچي، مون کي هڪ خط لکيو ته خير سان هو گهر پهچي ويا آهن. جنهن کان پوءِ استاد سان خطن ذريعي رابطي جو سلسلو جاري رهيو. هڪ ڀيري استاد منهنجي ننڍڙي ڀيڻ جي لاڏاڻي تي تعزيتي خط پڻ لکيو هيو. وري 91ع ۾ ٽنڊي آدم ۾ سچل ايوارڊ جي هڪ تقريب دوستن رٿي، جنهن ۾ مختلف شخصيتن کي مڃتا ايوارڊ ڏنا ويا. شاعري جي ايوارڊ لاءِ چونڊ استاد بخاري جي ٿي، جنهن بابت استاد کي آگاهي ڏنيسين پر فنڪشن کان ٻه ڏينهن اڳ استاد فون تي ٻڌايو ته علاج جي سلسلي ۾ شايد ڪراچي وڃڻو پئي. ايڏانهن اوهان جي ڪوٺ به آهي جنهن تي کين چيوسين؛ سائين پهريان علاج، باقي اوهان جون دعائون کپن، اوهان جو ايوارڊ اوهان تائين پهچي ويندو. پوءِ ان بهاني وري استاد سان ملڻ ٿيو. مون ۽ سائين عبيدالله شاهه دادو وڃي استاد تائين ايوارڊ پهچايو ۽ ڪلاڪ سوا تائين ساڻن ڪچهري ڪئيسين. موڪلاڻي مهل استاد دعائون ڪندي چيو؛ شال ڏکيو ڏينهن نه ڏسو. سو اڄ سنڌ، سچائي ۽ سونهن جي ٻهڳڻي شاعر کي محبتن جي ڀيٽا ڏيندي. پڇاڙي ۾ استاد جون هي سٽون به ياد اچن ٿيون ته؛ منهنجا شعر منهنجون تصويرون، جتي پڙهندين من جتي ٻڌندين من، اتي ايندئي تري يادگيريون، منهنجا شعر منهنجون تصويرون.