𝑺𝒐𝒏𝒈: 𝑺𝒐𝒍𝒐_𝑱𝒆𝒏𝒏𝒊𝒆༉ "ユーフォリア"
Solutions Elementary Teacher's Book 2nd pdf ebook class audio cd download Solutions Elementary Teacher's Book 2nd with Solutions 2nd Edition series
edit
سولو لفيلنج سولو لفيلنج سولو لفيلنق سولو لفلينگ
ولی سولو جنی خیلی قشنگ بود.. قبول دارین؟ ᐖ لایک کن کیوتم♡
خرید بند کنفی ساعت هوشمند Haylou GST مدل سولو از فروشگاه تبلت فون - قیمت بند کشی ساعت هایلو GST، نرم و منعطف، با دوام و زیبا
بنا عنوان پوسٽ ماڊرن ڪھاڻي امر لغاري سالن پڄاڻان، ڪالھ ھو مونکي، ھڪ ھوٽل تي مليو. ھو ما بعد جديديت يا جديديت پڄاڻان واري ٽرينڊ جو ڪھاڻيڪار ھو. پڇيومانس؛ “اڄڪلھ ڪٿي آھيو؟” وراڻيائين؛ “اتي. اجھو توھان جي سامھون.” “منھنجو مطلب آھي ڪٿي پيا رھو؟” “زمان حال ۾!” “ڪٿي؟؟؟” “موجوده لمحي ۾...” “موجوده لمحي ۾، پر ڪٿي؟” مون ڪجھ نه سمجھندي پڇيومانس. “دارا سارا ھارا وارا ڪارا...” “ھان؟ اھو ڇا آھي؟” “اھا لفظن جي بي معنويت آھي.” “بي معنويت؟” “جي. بي معنويت به آھي ته با معنويت به آھي!” “اڇا؟ اھو ڪيئن؟” “ڏسو نه مان ستل ھوندو آھيان ته به جاڳ ۾ ھوندو آھيان، ۽ جي جاڳ ۾ ھوندو آھيان ته به ستل ھوندو آھيان! مان جتي به ھوندو آھيان اتي ئي ھوندو آھيان!” مون سمجھيو؛ شايد گھڻو وقت پري رھڻ ڪري سندس طبيعت ٺيڪ نه رھي آھي، ان ڪري پيو جلان ڦلان ڪري. سو ھمدرداڻي نظر کڻي کانئس پڇيم؛ “سائين، مزاج شريف ته ٺيڪ آھن نه اوھان جا؟” چيائين؛ “نواز شريف جي مون کي خبر ناھي. مون کي موجوده لمحي کان وڌيڪ ڪنھن جي به خبر ناھي!” “ڀلا ھن وقت ڇا پيو ٿئي؟” “ھن وقت توھان سمجھندا ھوندا ته مان اوھان جي آڏو بيٺو آھيان، پر حقيقت ۾ ائين ناھي. مان اصل ۾ ھن وقت پنھنجي محبوبه البينا جي ھنج ۾ ستو پيو آھيان. ھوءَ منھنجن وارن ۾ پنھنجون نرم نرم ڀينڊين جھڙيون آڱريون پئي گھمائي... “ “نرم ۽ وري ڀينڊين جھڙيون؟” “جي. نرم به ۽ ڀينڊين جھڙيون به!” مون ڏٺو ته ڪم گھڻو آھي. ان ڪري موڪلائيندي چيومانس ته؛ “چڱو! پيارا، پوءِ ملنداسون!” “چڱو! ھاما ماتو گاما سارا!” “سمجھيس ڪو نه؟” “يار، تون اڃا اتي بيٺو آھين. ھي جديديت پڄاڻان جو زمانو آھي. جديديت پڄاڻان ۾ لفظن جي ڪا خاص معنيٰ نه ھوندي آھي. ايڪشن کي ڏسبو آھي. پريزنٽ لمحي کي. پريزنٽ مان به پريزنٽ لمحي کي. منھنجو مطلب آ ته چڱو موڪلايون ٿا... موجوده لمحي ۾!” “ھا...ھاڻ سمجھي ويس.” مون ھٿ لوڏي کيس خدا حافظ چيو؛ “شولو ڪولو وولو لولو..سولو..!” مون ڏٺو ته ان تي ھو ڏاڍو خوش ٿيو. رد عمل ۾ ھن آڱوٺو مٿي ڪري مرڪي مونکي دادا ڏنو.
اٺن درويشن جو آستانو طنز ۽ مزاح طارق قريشي شام جا ست ميان بدرالدين، محويت وچان ڪتاب پڙهي رهيو هئو. سندس زوجه محترمه مسمات قمرالنساءِ، ٻئي ڪمري مان سڏ ڪري چيس؛ ”بدرو! هيڏانهن اچ، مون کي الماريءَ تان سُوٽ ڪيس ته لاهي ڏي.“ ميان بدرالدين؛ (ڪتاب مان نظرون هٽائڻ کان سواءِ) ”ها! ٿوري دير کان پوءِ اچان ٿو.“ ”نه هينئر ئي اچ، مون کي سوٽ ڪيس هاڻي ٿو کپي.“ ”تڪڙ اٿئي ته پاڻ ئي لاهي وٺ.“ ”الماري گھڻو مٿي آهي، منهنجو قد ننڍو آهي، هٿ نه ٿو پڄي.“ ”پوءِ کڻي زبان سان لاهي وٺ.“ (رات جا ڏهه) ٻارنهن ورهين جو سراج الدين، پنهنجي ڪمري ۾ جاڳي رهيو هئو. اوچتو ماڻس مسمات قمرالنساءِ اچي سر تي ڪڙڪيس. جنهن ڏٺو ته هو موبائيل فون تي محويت وچان گيم کيڏي رهيوآهي. چوڻ لڳس؛ ”خبر اٿئي، پئٽرول سستو ٿي ويو آهي.“ ”ته پوءِ؟“ ”ته پوءِ اهو ياد رک ته تنهنجي موبائيل تي فقط پنجهتر ملي لٽر پيٽرول خرچ ڪنديس، پوءِ نه چئجانءِ ته اميءَ منهنجي سيل فون ساڙي ڇڏي.“ (رات جا ساڍا يارنهن) ”تو پنهنجي بائيڪ تي ’ساس ڪي دعا‘ ڇو لکرايو آهي؟“ ”بس دل چيو، لکرائي ڇڏيم“ ”معنيٰ تون منهنجي ماءُ جي عزت ڪرين ٿو. ڀلا هڪڙي ڳالھ ٻُڌاءِ، تون منهنجي عزت وڌيڪ ڪندو آهين يا منهنجي ماءُ جي؟ ...“ ”ڏاڍو ڏکيو سوال پڇيو اٿئي.“ ”چلو آئون پنهنجو سوال، تو لاءِ وڌيڪ سولو ٿي ڪيان. فرض ڪر، اوچتو هڪڙو شِينهن اچي وڃي. هڪ طرف امان هجي ۽ ٻئي پاسي آئون، تون ڪنهن کي بچائيندين؟“ ”آئون شِينهن کي بچائيندس.“ (هڪ ٺڪاءَ جو آواز) ٻيو ڏينھن (صبح جا ساڍا ڏھ) ميان بدرالدين جي دل بهار ۽ غمگُسار دوست ضراب حيدر، فڪرمنديءَ وچان اک جي هيٺان پيدا ٿيل نِيل ڏسي پڇيو؛ ”هيءُ ڌڪ ڪيئن لڳو؟“ ”زبان سان لڳو.“ ”تون ته چوندو آهين ته هٿ ڳرو اٿس، ڀاڄائيءَ قمرالنساءِ جي زبان به ڳري آهي ڇا؟“ نه هن جي زبان ڳري ناهي، رڳو گھڻي ڊگھي آهي. ها البته منهنجي هلڪڙي زبان، مون وانگر ھلڪڙي آھي... تون ڇڏ انهن ڳالهين کي، اهو ٻڌاءِ ته اهو ’ستن درويشن جو آستانو‘ ڪٿي آهي، جتي من جون مرادون پوريون ٿينديون آهن؟“ دلجوئي ڪندڙ چاره ساز دوست ضراب حيدر، ميان بدرالدين کي ’ستن درويشن جو آستاني‘ جو ڏسُ پتو سمجھايو ۽ دعائون به ڪيون. (اها ٻي ڳالھ آهي ته ضراب حيدر جي دعائن کان وڌيڪ، هن جي ڏنل دوائن، ميان بدرالدين کي سدائين فائدو ڏنو هئو). (صبح جا ساڍا چار) فجر جي نماز پڙهي ميان بدرالدين، ’ستن درويشن جي آستاني‘ ڏانهن روانو ٿي ويو. شهر کان پري، ويران راهون لتاڙي، ميدان جھاڳي، جبلن جي دامن ۾موجود، هڪڙي سر سبز ٽڪريءَ جي ڇانءَ ۾ ٺهيل هڪ جھُڳيءَ جي ٻاهران، ست الڳ الڳ توريون وڇايل هيون، جن تي وڏن وارن ۽ ڊگھين ڏاڙهين سان، لانگوٽي پاتل، مٽيءَ ۾ ڀڀوت ست درويش هڪ ٻئي کان ٿوريءَ ٿوريءَ وٿيءَ سان، اکيون ٻُوٽي گيان ڌيان ۾ مصروف هئا. انهن درويشن ۾ هڪڙو ته تمام وڏي عمر جو پئي لڳو، جنهن جو ڪنڌ لُڏيو پئي، باقي ٻيا اڌڙوٽ هئا. انهن ۾ فقط هڪڙو درويش ئي ننڍو نيٽو نوجوان پئي لڳو، جنهن جي لانگوٽي به گھڻي پراڻي ڪو نه هئي. ميان بدرالدين، کنگھڪار ڪري، پنهنجي موجودگيءَ جو احساس ڏياريو. سڀني کان وڏي ڄمار واري درويش اکيون کولي، ميان بدرالدين تي اڇاتري نظر وجھندي پڇيو؛ ”ڇا لاءِ پنڌ پيو آهين؟“ ”سائين زال جي ظلمن جو ستايل آهيان.“ سڀني کان وڏي ڄمار واري درويش، جنهن جو ڪنڌ لُڏيو پئي، ان ننڍي نيٽي نوجوان درويش، جنهن جي لانگوٽي به گھڻي پراڻي ڪو نه هئي، ڏي منهن ڪري چيو؛ ”ڇوڪرا! اٿ اندر رکيل اٺِين توري کڻي اچي وڇاءِ. اڄ کان پوءِ هيءُ ٿاڪ ستن جي بدران اَٺن درويشن جو آستانو هوندو.“
ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي ورھائجي ويل سنڌي ادب جو اسڪالر شوڪت شورو سنڌي ٻولي ۽ ادب جنھن تيز رفتاريءَ سان ترقي پئي ڪئي، ان کي ورھاڱي کان پوءِ ڄڻ بريڪ لڳي ويو. ڪجھ سالن جي ماٺار کان پوءِ جڏھن وري نئين سر شروعات ٿي ته ان ۾ سست رفتاري ھئي. سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجھ کي جيڪو ڌڪ لڳو، ان جي تلافي نه ٿي سگھي آھي. ڪراچي ۽ ڪجھ ٻين وڏن شھرن ۾ سنڌي ٻولي جي اڳوڻي حيثيت ختم ٿي وئي. اھا گھڻائي بدران ٿورائيءَ واري ٻولي بڻجي وئي. ھوڏانھن سنڌ مان لڏي ويل سنڌي انڊيا ۾ ٽڙي پکڙجي ويا، ان ڪري سنڌي ٻولي کي گھڻي عرصي تائين سنڀالي سلامت رکي نه سگھيا. سنڌي ادب ٻن حصن ۾ ورھائجي ويو. تحقيق ۽ تنقيد جي صنفن تي ان جو وڏو اثر پيو. سنڌ جي سنڌي ادب ۾ تنقيد جي صنف ختم ٿي وئي. البت ھند ۾ تنقيد زور ورتو ۽ وڏا نقاد وڌي آيا. پر اتي تحقيق جي صنف اسري نه سگھي. ڇاڪاڻ ته عالمن اديبن کي تحقيق لاءِ گھربل وسيلا ۽ حوالا ميسر نه ھئا. ھن وقت جڏھن ھند ۾ نئين ٽھي سنڌي ٻولي پڙھڻ ۽ لکڻ کان ته پري آھي، پر ڳالھائڻ به ڪنھن حد تائين گھٽجي ويو آھي، تڏھن به شاعرن، ڪھاڻيڪارن ۽ نقادن بددل ٿي لکڻ نه ڇڏيو آھي. سنڌ مان لڏي ويل نامور عالم ۽ اديب ته گذاري ويا. کانئن پوءِ ڪي ٿورا عالم اڳيان وڌي آيا جيڪي اڄ به علم ادب جي لاٽ ٻاري ويٺا آھن، انھن ۾ ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي، ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي ۽ ھيرو ٺڪر وڏي مان مريادا وارا عالم آھن.ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي سنڌي ٻولي ۽ ادب جو اھم نالو آھي. ھو پير ڳوٺ، ضلعي خيرپور ۾ ۱۹۳۹ ۾ ڄائو. ھن ھندي ۽ سنڌي ۾ ڊبل ايم اي ڪئي. بمبئي يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي ڪئي اٿس. الھاس نگر جي جنھن ڪاليج مان بي اي ڪيائين، اتي ئي ليڪچرر ڀرتي ٿيو ۽ پوءِ پرنسپل جي عھدي تي پھتو، جتي اڃا تائين ان کي سنڀالي رھيو آھي. ھن لکڻ جي شروعات شاگردي واري زماني کان ڪئي ھئي. موھن ڪلپنا، گنو سامتاڻي، لعل پشپ سندس ھم ڪلاسي ھئا. لڇاڻيءَ شروع ۾ ٻارن لاءِ آکاڻيون لکيون، پوءِ اڳتي ھلي ڪھاڻيون لکڻ لڳو. ھن ريڊيو لاءِ ڊراما به لکيا. پر ھن جو اصل ميدان تحقيق ۽ تنقيد ھو جنھن ۾ ھن پاڻ مڃايو. سنڌي، ھندي ۽ انگريزي ۾ سندس پنجاھ ڪتاب شايع ٿي چڪا آھن، جن ۾ ٻارن جي لاءِ لکيل ۱۲ ڪتاب پڻ شامل آھن. ڊاڪٽر لڇاڻي ھڪ اھڙو اديب ۽ عالم آھي، جنھن سنڌي ادب جي اڀياس واري ڪم کي گنڀيرتا سان ورتو آھي. ھن سنڌي ساھت جي ھر پھلو ۽ پاسن تي لکيو آھي. سندس ڪتاب ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي شاگردن جي لاءِ سنڌي ساھت جي ڄاڻ جو خزانو آھن، ساڳئي وقت پنھنجي جاءِ تي انھن ڪتابن جي ادبي اھميت پڻ آھي. تحقيق ۽ ادبي اڀياس کي عام طور سولو ڪم سمجھيو ويندو آھي. ڪتابن ۽ رسالن مان حوالن (references) جا ٽڪرا ٽوٽا ڪڍي، انھن جي آڌار تي ڪو مضمون جوڙي وٺڻ ھنن جي لاءِ ايترو ڏکيو ڪم به ڪونھي. سنڌي ادب ۾ پي ايڇ ڊي ڪندڙ ڪي ماڻھو ان طريقي سان ٿيسز تيار ڪري علم ادب جا ڊاڪٽر ٿي ويندا آھن. پر اصل ڳالھ اھا آھي ته تحقيقي ڪم جو معيار پنھنجو پاڻ ڳالھائيندو آھي ته ان موضوع تي لکڻ جي لاءِ ڪيترو گھرو اڀياس ڪيو ويو آھي، ڪيترو نور نچويو ويو آھي. ڊاڪٽر لڇاڻي جي ڪيل ڪم ۾ جيڪا محنت ٿيل ھوندي آھي سا چٽيءَ طور ظاھر آھي. ڊاڪٽر لڇاڻي جي گھڻ رخي ڪم ۾ ٻاراڻي ادب کي به وڏي اھميت حاصل آھي. ٻارن جي لاءِ سندن ذھني سطح موجب ماءُ جي ٻوليءَ ۾ ڪتاب لکڻ اصل ۾ ان ٻولي جي جياپي لاءِ بنيادي ڪم آھي. ٻارن ۾ اھو شوق پيدا ڪرڻ ته ھو پنھنجي ٻولي ۾ ڪتاب پڙھن تنھن لاءِ بھتر طريقو اھو ئي آھي. دنيا جي سڌريل سماج جي ٻولين ۾ ٻاراڻي ادب جي وڏي اھميت آھي. ٻارن جي ڌيان ڇڪائڻ لاءِ نھايت سھڻا ڪتاب ڇپايا ويندا آھن. ڊاڪٽر لڇاڻي ۽ ڪجھ ٻين سنڌي ليکڪن ٻاراڻي ادب جي سلسلي ۾ ساراھ جوڳو ڪم ڪيو آھي. ساڳئي وقت ذھن ۾ ھڪڙو سوال پيدا ٿئي ٿو ته انڊيا ۾ سنڌي اسڪول ذري گھٽ بند ٿي چڪا آھن، ٻار ھاڻي سنڌي پڙھي لکي ڪونه ٿا سگھن، نه رڳو اھو پر ھاڻي ته گھرن ۾ سنڌي ڳالھائڻ به گھٽجندو وڃي. اھڙين حالتن ۾ سنڌي ٻاراڻي ادب جو ڪارج ڪھڙو آھي، سا ھڪ منجھائيندڙ ۽ ان سان گڏ ڏکوئيندڙ ڳالھ آھي. ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي ھڪ وڏو ڪم اھو به ڪيو آھي ته ھن سنڌي ٻولي جي نامور ليکڪن تي مونو گراف لکيا آھن. رام پنجواڻي، موھن ڪلپنا، لعل پشپ، گنو سامتاڻي، شيام جئسنگھاڻي جي سوانح حيات ۽ سندن فن تي لکيل ڊاڪٽر لڇاڻي جا اھي مونوگراف مرڪزي ساھتيه اڪادمي طرفان “ڀارتيه ساھتيه جا اڏيندڙ” جي رٿا ھيٺ ڇپائي پڌرا ڪيا ويا آھن. ساھتيه اڪادمي جي ان رٿا کان سواءِ به ڊاڪٽر لڇاڻي سنڌي جي ڪجھ ٻين اھم ليکڪن ايم ڪمل، واسديو موھي، ڊاڪٽر پريم پرڪاش ۽ ھيرو ٺڪر جي حياتي، فڪري سفر ۽ ادبي يوگدان تي مشتمل الڳ الڳ ڪتاب لکي پاڻ شايع ڪيا آھن.ھن ڊاڪٽر موتي لعل جوتواڻي بابت پڻ ساڳئي قسم جو ڪتاب لکيو آھي جيڪو سنڌي اڪيڊمي دھلي طرفان شايع ڪيو ويو آھي. تازو ھن سنڌي جي نامور جديد شاعر واسديو موھي تي “شاعري واسديو موھي جي” ڪتاب لکي پڌرو ڪيو آھي، جنھن ۾ موھي جي شاعري جي سمورن پاسن جو ڀرپور جائزو ورتل آھي. سنڌي ساھت جي انھن وڏن ۽ معتبر ليکڪن بابت ڊاڪٽر لڇاڻي جا لکيل ڪتاب مستند دستاويزن واري حيثيت رکن ٿا. نه رڳو ھن وقت پر ايندڙ زماني جي ادبي عالمن ۽ نقادن جي لاءِ ڊاڪٽر لڇاڻي جو اھو ڪم وڌيڪ تحقيق ۽ تنقيد لاءِ مددگار ثابت ٿيندو. ڊاڪٽر لڇاڻي ادب جو عالم آھي. ھن سنڌي ادب جي مختلف صنفن جھڙوڪ شاعري، ناول، ڪھاڻي ۽ تنقيد جو تحقيقي اڀياس ڪيو آھي. ان ڏس ۾ ھن ڪيترائي ڪتاب لکيا آھن. ۱.ادبي شناس، ۲.سنڌي ادب جي روپ ريکا ۳.اصول ۽ آلوچنا 4.نئون ساھت ۵.سنڌي ڪھاڻي جي اوسر، ۶. ساھتيه جي پرک (ھن ڪتاب تي ليکڪ کي ٻه ايوارڊ مليا آھن) ۷.ادبي تنقيد ۸.نثري نظم ۽ ان جو ادبي پس منظر ۸.نئين ڪويتا- ارتقائي سفر. شايد ئي ڪنھن ٻئي ليکڪ ادب جي صنفن تي ايترو لکيو ھوندو. ان کان سواءِ ڊاڪٽر لڇاڻي گذاري ويل سنڌي ليکڪن کي ياد رکڻ لاءِ “جوڳيئڙا جھان ۾”، “لاھوتي لڏي ويا”، “يادن جا ورق”، “دل جي دنيا” جھڙا ڪتاب لکيا آھن. انھن ڪتابن ۾ ليکڪن تي خاڪا پڻ لکيل آھن. شاھ عبداللطيف ڀٽائي سنڌي ٻولي، ساھت، سنڌ جي ثقافت ۽ تھذيب جي سڃاڻپ آھي، ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي ھن وقت ھند جي سنڌي ساھت جو اڪيلو عالم آھي جيڪو شاھ لطيف جي شاعري ۽ فڪر تي مختلف پھلوئن کان پنھنجو اڀياس لکندو رھي ٿو. سندس پھريون ۽ آڳاٽو ڪتاب “شاھ ۽ صوفي مت” ھو. گھڻو پوءِ ھن ٻيو ڪتاب “آڇيندي لڄ مران” لکيو جيڪو سنڌ ۾ ڪلچر ڊپارٽمينٽ، سنڌ سرڪار طرفان شايع ڪيو ويو ھو. شايد اھا شاھ لطيف جي شاعري جي برڪت ھئي جو ڊاڪٽر لڇاڻي کي ھڪ وڏي عرصي جي انتظار کان پوءِ نيٺ ان ڪتاب تي مرڪزي ساھتيه اڪادمي پاران ۲۰۱۷ع جو ايوارڊ مليو. ڊاڪٽر لڇاڻي جو ٽيون ڪتاب جيڪو ھن شاھ لطيف جي شاعري، فڪر ۽ فلسفي تي لکيو سو آھي: “تون ڏاتار آئون ڏڏ.” ڊاڪٽر لڇاڻي کي مڃتا طور ۸ ايوارڊ ملي چڪا آھن. ان حقيقت کي آئون بنا ڪنھن ھٻڪ جي مڃان ٿو ته سنڌ ۾ مون کي ڪوبه اھڙو اسڪالر ڪونه ٿو سجھي جنھن ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي وانگر ادب جي ھر صنف جو ايترو تفصيل سان اڀياس لکيو ھجي، يا وري ساھتڪارن جي سوانح حيات ۽ سندن ادبي يوگدان تي تحقيقي ۽ تنقيدي اصولن تحت ڪتاب جوڙيا ھجن. ڊاڪٽر لڇاڻي پنھنجي ذات ۾ خود ھڪ ادارو آھي. ھن ڪنھن به ڪائونسل يا اڪيڊمي کان گھڻو وڌيڪ اڪيلي سر ڪم ڪيو آھي.
محمد حسين قادري گرڌاري، ويساهه گهاتِي ڪري وئين ياسرقاضي ”قاضِي صاحبَ! مان اسٽُوڊيو نمبر ٽُو ۾ توهان جو انتظار ٿو ڪيان... اوهان واندا ٿي مُون کي اُتئُون سَڏي وٺجو ته پوءِ چانهه گڏُ ٿا پيئيُون...“ مُنهنجي ڪنن ۾ اڄُ به سندس اهي جُملا، اُن جي ادا ڪيل اُن ئي مخصُوص پنهنجائپَ واري انداز ۾ گُونجن ٿا، جيئن هُو چوندو هو... ۽ ريڊئي حيدرآباد جي ڪاريڊور جي مخصُوص ”رِوَرب“ Reverb ۾ سندس آواز جيئن گُونجندو هو، اُهو رسُ سڄي عُمر مُنهنجيُن سماعتُن ۾ رهندو... زمانو هو ۱۹۹۶ع جو... اڄ کان ۲۲ سال کن اڳُ... جڏهن مان نئون نئون ريڊئي حيدرآباد تي وڃڻ لڳُس. ريڊئي جي جادُو نگريءَ ۾ آئي مُون کي تڏهن سالُ ئي مسَ ٿيو هو ۽ مُون کي محترمه بينظير ڀُٽو پاران لاڙڪاڻي ۾ قائم ڪيل نئين ريڊيو اسٽيشن تي ۱۶ سالن جي عُمر ۾ ڳڀرُو ڪمپئر طور ”ايپرُوو“ ڪرڻ کان ڪجهه مهينا پوءِ ئي، خواجه امداد علي (جيڪو ريڊئي لاڙڪاڻي جو پهريون اسٽيشن ڊائريڪٽر هو ۽ جنهن مُون کي لاڙڪاڻي ۾ ”ايپرُوو، ڪيو هو)، ”ڪنٽرولر“ طور ترقي ماڻي حيدرآباد ريڊئي جو سربراهه بَڻيو هو ۽ ۱۹۹۶ع ۾ جڏهن مان يُونيورسٽيءَ ۾ داخل ٿيس ته حيدرآباد (خاص طور ريڊئي حيدرآباد) تي اچڻ جو ڄڻ ته ڀرپُور بهانو ملي ويو. ريڊيو ڪراچي ۽ حيدرآباد اُهي اسٽيشنُون هيُون، جِن جي اندر داخل ٿيڻ به اُن دؤرَ جي مُون جهڙن ”نشرياتي رنگرُوٽن“ لاءِ ڪنهن اعليٰ اعزاز کان گهٽ ڪونه هو. اهڙيءَ صُورتحال ۾ جڏهن حيدرآباد، خواجه صاحب سان ملڻ وڃ! بنا ”سرڪاري اين او سِيءَ“ جِي فارملٽِيءَ جَي، پروگرام ڪرڻ جِي آڇ ٿئي... ته اهڙو موقعو ڪير ٿو وڃائي سگهي! اُن دؤر ۾ هُو ريڊئي حيدرآباد تان نشر ٿيندڙ زرعي پروگرام جو انچارج هو ۽ سندس ڪمرو اسٽيشن ڊائريڪٽر جي ڪمري جي سامهُون هو. اُن وقت ريڊئي حيدرآباد تي مُون کي سُڃاڻڻ وارا ڪُل چار ڄڻا هُئا... خواجه صاحب... نصير صاحب (نصير مرزا)... الاهي بخش ٻانڀڻ صاحب... ۽ هي... نصير مرزا صاحب، جيڪو بابا جو دوست هُئڻ ڪري، ڄڻ ته مُنهنجي ڄائي ڄمَ کان سُڃاڻُو هو، اُهو پهرين منزل تي ساڄي هٿ تي آخري ڪمرو الاهي بخش صاحب سان شيئر ڪندو هو ۽ وَٽس بار بار وڃڻ جي ڪري ٻانڀڻ صاحب جي شفقت جو پاڇو به نصيب ٿيو. آءٌ جنهن چوٿين شخصَ جو ذڪر ڪريان پيو، اُهو ڪو ٻيو نه، پر ناميارو اداڪار، صداڪار، مُحمّد حسين قادري آهي... جيڪو اسان کان ڪجهه ڏينهن اڳ ئي، ۶ مئي تي وڇڙيو... رمضان جي آمد واريءَ شام جو... ماڻهُو نه هو... ڀٽائيءَ جي بيت ”ڪنهن ڪنهن ماڻهُوءَ منجهه، اچي بُوءِ بهار جِي...“ جِي سراسر تفسيرَ هو... لاڙڪاڻي ڄائو... ملنسار... کِلمُک... مُون پنهنجي زندگيءَ ۾ کيس ڪڏهن به نه ڪنهن جي گلا ڪندي ڏٺو ۽ ٻُڌو ۽ نه ئي وري ڪڏهن پريشان ڏٺو مانس... سدائين زندهه دليءَ سان ملندڙ... بظاهر مُعمّر نظر ايندَي به نؤجوانن کان وڌيڪَ نؤجوان... اسان جي دُعا سلام جو آغاز به ان کان سال کن اڳ ئي... يعني ۱۹۹۵ع ڌاري ٿيو هو. لاڙڪاڻي ۾ نئين ريڊيو اسٽيشن ٺهڻ جي ڪري جڏهن به پنهنجي جنم ڀوميءَ (لاڙڪاڻي) ايندو هو ته پاڻ لڙي ايندو هو. اُتي ابتدائِي تعارف ۽ مختصر ڪچهريُون ٿيُون... رتيديري ۾ اسان جي پاڙي ۾ سندس مائٽن جو گهر هو، جتي شادي مُراديءَ تي ايندو هو ته مُون کي اطلاع ڪندو هو ۽ پوءِ اهو معمُول بڻجي ويو ته هُو جڏهن به رتيديري اچي ته مُون وٽ ضرُور اچي... ٻه پل مُون سان ۽ بابا سان ڪچهري ڪري... نئون سنئون ٿي چانهه چُڪو پي وڃي. پهريون ڀيرو سياري ۾ مُون وٽ گهر آيو ته اسان گجرن جو حلوو ۽ چانهه جو مزو ورتوسي ۽ اُن کان پوءِ جيترا دفعا سياري ۾ آيو، اُهو گجرن جو حلوو فرمائش ڪري گُهرائيندو ۽ شوقَ سان کائيندو هو. مُون ڳالهه پئي ڪئي... ۱۹۹۶ع جي... ريڊئي حيدرآباد جِي... اِهو اُهو زمانو هو جڏهن حيدرآباد ريڊئي تي اسان سوشيلا مهتاڻي، اُستاد جُمن، مصري خان جمالي، خميسي خان، منظُور علي خان ۽ يُوسف کي ته نه ڏسي سگهياسي، پر وحيد علي، فيروز گُل، جيجي زرينه، سرمد اڃا به ڏٺاسي... اچبو... ته اچڻ ساڻ خواجه صاحب وٽ وڃبو. خواجه صاحب، تڏهوڪي پروگرام مينيجر مُحمّد نقي صاحب مرحُوم سان گهڻو مصرُوف هُجي ته چُپ چاپ سندس ڪمري مان اُٿي وڃي، سامهون قادري صاحب جي ڪمري، جنهن جي ٻاهران ”انچارج، زرعي پروگرام“ جي تختي لڳل هُوندي هُئي، جو پردو هٽائي جهاتي پائبي... اڪثر قادري صاحب پنهنجي سِيٽ تي ويٺل ملندو ۽ اوچتو ڏسي، انوکي انداز ۾ گرمجوشيءَ مان رڙ ڪندو... ”قاضِي صاحب... دي گريٽ...!!!“ مخصُوص انداز ۾ دروازي تائين ايندو ۽ اچي ملندو هو... ۽ پوءِ ”ويٺي جنين وٽ ڏُکندو ڏُور ٿئي...“ جي سراپا تصويرَ بڻجي ويندو هو. ٻن ٽن منٽن کان پوءِ سندس بنا بريڪ گُفتگُوءَ جي وچئُون ”پاز“ (وِٿي) ڳولَي، جي کيس چئبو هو ته ”خواجه صاحب وٽان چورِيءَ کسڪي آيو آهيان...“ ته چوندو هو: ”اڇا! پوءِ توهان وڃو... مان ۳ لڳي تائين هتي آفيس ۾ هُوندُس... پوءِ اوهان کي ۲ نمبر اسٽُوڊيو ۾ ملندُس. اوهان واندا ٿي اچو، ته پوءِ ٻاهر هلي چانهه پيئنداسُون.“ اهو سلسلو اڪيچار مُلاقاتُن تي مُحيط رهيو ۽ تڏهن وڌي ويو، جڏهن ۲۰۰۲ع ۾ ”ڪي ٽي اين“ جو آغاز ٿيو ۽ قادري صاحب به ڪي ٽي اين ابتدائي ڊرامن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيا. پاڪستان ٽيليويزن جي اهم ۽ انوکي اداڪار جي حيثيت سان ته سندس سُڃاڻَ جهرَ جهنگ ۾ تڏهن به مشهُور هُئي.آءِ آءِ چُندريگر روڊ تي، ”خيرآباد ڪيفي“ جي ڀر ۾ بمبئي هوٽل بلڊنگ (جيڪا هاڻي ڊَهي چُڪي آهي) جي اڍائي ڪمرن واري ”ڪي ٽِي اين“ جي ابتدائي آفيس جي سوڙهي ڪوريڊور ۾ (جنهن ۾هڪڙي ڀت سان ٽيڪ ڏئي هڪڙو ماڻهُو بيهي ۽ ٻئي ڀت سان ٽيڪ ڏئي ٻيو ماڻهُو... تڏهن به وچان ٽئين ماڻهُوءَ جو گذرڻ مُشڪل ٿي پوندو هو...) اُن ڪاريڊور ۾ قادري صاحب سان ڏنل مختصر ٽهڪن کان وٺي شُوٽنگ جي لوڪيشنز تي ڪيل طويل ترين ڪچهريُون، بحثَ ۽ وڏا وڏا ٽهڪ اڻ وسرندڙ آهن. مان انهن ڏينهن ۾ ”محفل“ پروگرام جي ميزباني ڪندو هُئس، جنهن جي شُوٽنگ انهن ئي لوڪيشنز تي ٿيندي هُئي، جن تي ”ڪي ٽي اين“ جي ڊرامن جي شُوٽنگ هلندڙ هُوندي هُئي، تنهنڪري مُنهنجن اڪثر پروگرامن ۾ حاضرين طور انهن ڊرامن جي ڪاسٽ به ويٺل هُوندي هُئي. مُون کي ياد آهي ته قادري صاحب به مُنهنجي ”محفل“ جي ڪيترن ئي پروگرامن ۾ سڄي سڄِي رات ”آڊيَنس“ ۾ ويٺل هُوندو هو. اُنهن ڏينهن ۾ انور سولنگي صاحب پنهنجو ئي لکيل هڪ ”سولو پلي“ ڪي ٽي اين لاءِ ڊائريڪٽ ڪيو هو، جنهن ۾ ٻن مُک دوستن جا مرڪزي ڪردارَ، پاڻ انور سولنگي صاحبَ ۽ حُسين قادري صاحب نڀايا، جيڪي ٻن هندُو دوستن جا ڪردار هُئا... مُون کي ڊرامي جو نالو ته ياد ڪونه ٿو اچي، پر اُن ۾ انور سولنگي صاحب جي ڪريڪٽر جو نالو ”گرڌارِي“ هو. ڊرامي ۾ هڪ جاءِ تي قادري صاحب جو ڊائلاگ هو: ”گرڌاري! ويساهه گهاتِي ڪري وئين...“ اُهو ڊائلاگ، قادري صاحب ايڏو بهترين طريقي سان، پرفارمنس جي اعليٰ انداز ۾، ٿڌو ساهُه ڀري چيو، جو اُن ڏينهن کان پوءِ جڏهن به مان قادري صاحب سان مليُس ته کيس ڀاڪُر پائي، سندس اُهو ڊائلاگ، سندس ئي انداز ۾ چوندو هُئس ته ”گرڌارِي! ويساهه گهاتي ڪري وئين...!“ هُو بظاهر هڪ سڌو، سادو، علم، ادب، فلسفي کان نابلد ماڻهُو لڳندو هو، پر جڏهن تصوّف کان وٺي انساني وجُود جي اسرارن بابت ڳالهائڻ شرُوع ڪندو هو، ته حيران ڪري ڇڏيندو هو. اصل ۾ هُو جيترو ڳُوڙهو هو، اُن جي لَکا عامَ کي ڪونه ڏيندو هو. هُو هر قسم جي نمائش کان بي نياز، غرُور، تڪبُّر ۽ ڪاوڙ کان آجو الله لوڪ هو، جيڪو جڏهن ملندو هو ته ٻِٽا ڀاڪُرَ پائي بيحد خوشيءَ جو اظهار ڪندو هو ۽ اهو چئي شرمندو ڪندو هو ته ”مان توهان جو مدّاح آهيان...” اهو اصل ۾ هُن جو همّت افزائيءَ جو انداز هو، جنهن يقيناً سندس ڪيترن جُونيئرس کي اڳتي وَڌڻ جو موقعو فراهم ڪيو ۽ ٽي. وي. ڊرامن جي سيٽ تي به هن جا جُونيئر ترين اداڪار هُن سان ڪم ڪرڻ ۾ “ڪمفرٽ ايبل“ رهيا. هُو نه فقط ريڊيي جو ڀلو انائُونسر، ٽي ويءَ جو پنهنجي انداز ۽ اسلُوب جو اڪيلو اداڪار هو، بلڪه اسٽيج جو به هڪ برجستو آرٽسٽ هو.۱۹۹۶ع ۾ ريڊيي حيدرآباد جي ۴۲هين سالگرهه جي تقريب ۾ مزرا قليچ بيگ جي ڊرامي ”انڪوائري آفيسر“ کان وٺِي، فيبروري ۲۰۱۸ع ۾ ڪراچيءَ ۾ مُنعقد ڪيل ”سنڌ ٿيئٽر فيسٽيول“ ۾ پيش ڪيل مُحمّد عُثمان ڏيپلائيءَ جي ڊرامي ”سجائِي مُوڙِيءَ“ تائين هُن ڪيترن ئي ڪامياب ٿيئٽرس ۾ نمايان ڪردارَ ادا ڪيا ۽ حاضرين جُون دليُون مَنڊيُون. قادري صاحب ”ڀٽائي آرٽ ڪائُونسل“ جي بينر هيٺ آخري ڪجهه سالن ۾ انتهائي يادگار ٿيئٽرس ۾ انتهائي ڏُکيا ڪردار عُمدگيءَ سان نڀايا. پي ٽي ويءَ کان ڪي ٽي اين ۽ ٻين خانگي چينلن تائين جن جن ڊرامن ۾ هُن پنهنجي اداڪاريءَ جو ڪمال ڪم ڪيو، اُنهن جي هڪ ڊگِهي لسٽ آهي. ڳائبا ڳيچَ ناهن... ڳائبا ڳُڻَ آهن... جيڪي پاڻ قادري صاحب جا ڳايُون پيا... پر اهو ڳُڻن ڳائڻ جو سلسلو وقتي ناهي. مان سمجهان ٿو ته هڪ فنڪار جي طبعي پُڄاڻيءَ کان پوءِ ئي صحيح معنيٰ ۾ اُن جي مڃتا جو دؤر شرُوع ٿئي ٿو ۽ اُن جي زندگيءَ جي ڪُل پورهئي جي نُقطهء اختتام پُڄاڻان ئي اُن جي انداز، مڪتبِ فڪر ۽ اسٽائيل جي حوالي سان مُطالعو به ٿئي ٿو، تبصرو به... ته اُن مان واٽُون به ڳولجن ٿيُون... ۽ مُون کي پڪ آهي ته قادري صاحب جي ڪم جي مڃتا جو آغاز هاڻي ٿيندو. حُسين قادرِي صاحب جي طبعي وڇوڙي جو ڏُک، اظهار کان اؤکو آهي. سندس زندگيءَ سان ڀرپُور ٽهڪن جي سِڪَ، سريرَ ۾ هاڻي هميشه رهڻي آهي. فطرت جي اصُول تحت سندس وڇوڙي کي قبُول ڪرڻ کان سواءِ ٻي ڪا واهه ناهي، نه ته دل چوي ٿي ته جي هُو هڪ لحذي لاءِ به سامهُون اچي وڃي ته کيس آليُن اکين سان اهو ئي جُملو چوندُس، جيڪو ڪڏهن ٽهڪ ڏئي ڀاڪر پائي کيس چوندو هُئس ته: ”گرڌاري! ويساهه گهاتِي ڪري وئين...“ (روزاني ”ڪاوش“ حيدرآباد جي ايڊيٽوريل صفحي تي، اربع، ۸ مئي ۲۰۱۹ع تي شايع ٿيل، نامياري اداڪار ۽ ريڊيو انائُونسر، مُحمّد حُسين قادريءَ جي ياد ۾ لکيل ڪالم ”گرڌاري، ويساهه گهاتِي ڪري وئين.)
جانيءَ جي جدائي نسيم بخاري سنڌ جي مشهور شاعر اياز جاني جي اوچتي وڇوڙي واري خبر دل تي وِڄَ جيان ڪڙڪي آهي، اياز جي جان رڳو ادبي تخلص ئي نه هو، پر هو حقيقت ۾ به جاني هو، جيڪو به هن سان مليو آهي، اُهو جهٽ ۾ جانيءَ جو ٿي ويو آهي. هن جو اخلاق، لهجو، انداز ۽ خلوص وسرڻ جهڙو ناهي، هو رڳو معصوم دل جو ئي مالڪ نه هو، پر پنهنجي ڪردار ۾ به سراپا معصوم هو. هٺ ۽ هوڏ کان ڪوهين ڪوڙ پري هو. موت اٽل ۽ اڻٽر آهي، پر اياز جانيءَ جو موت هزارين جيءَ جهوري ويو آهي، هن جي عمر وڃڻ ۽ وڇوڙي واري نه هئي. هن جو جوانيءَ وارو موت سنڌ جي ساڃاهه جي دل ۾ تڏا وڇائي ويو آهي. اياز جاني زندگيءَ جي تلخين وارو زهر سدائين پيتو، وڇوڙا، محروميون، تنگ دستي ۽ بي رخيون هن جي حياتيءَ جو حصو هيون. دل جي تنهائيءَ جي ليکڪ پنهنجي شعري مجموعي جي اشاعت، ڇهه مهينا پوءِ هن فاني جهان کي الوداع ڪيو آهي. هن وقت سان وفائي، دوستن يارن ۽ مٽن مائٽن سان نڀايو، پر هن سان ڪنهن نڀايو؟ ڪير هن جي حال تي هليو؟ ڪنهن هن جي ڏکن سورن کي پوري سنجيدگي سان سمجهيو؟ اياز جاني لکيو هو ته: وقت تو سان وفا ڪري ٿا وڃون، تهمتون پاڻ تي ڌري ٿا وڃون، زندگي موت جي سواري آ، سا سواري اسان ڪري ٿا وڃون. اياز جانيءَ جي موت واري سواري سنڌ کي سوڳوار ڪري وئي آهي، سنڌ پنهنجي سهڻي ۽ سيبتي شاعر جي وڇوڙي تي اداس آهي. اياز جاني پنهنجي هم عمر ۽ هم عصر شاعرن ۾ پڪو پختو شاعر هو، جنهن جي دل ۾ ديس جو درد هو ۽ ديس جي هر فرد جو درد هو، هن جي مٽيءَ سان محبت تي ڀونءَ سان بيحد پيار هو، اهو ئي سبب هو جو هن لکيو هو ته: ڀونءَ کي ڀاڪر ڀريو، ڀاڱا نه ٿيو، ڏاڍ جو ڏونگر ڏريو، ڀاڱا نه ٿيو. سوچ کي ارپيو ڪشادو آسمان، پير ڌرتيءَ تي ڌريو، ڀاڱا نه ٿيو. ڪا به اونداهي سدا رهڻي نه آ، ڄاڻ ڪو ڏيئو ٻريو، ڀاڱا نه ٿيو. اياز جاني زبردستي رومانوي شاعر آهي، هن وٽ ٻيو ڪجهه باقي رهيو هجي يا نه پر عشق سلامت آهي. ان عشق جو ئي ڪمال هو، جنهن اياز کي جاني بڻايو. اياز جو ته هڪڙو جاني هوندو، پر جي تخليق سفر کي جڳ جو جاني بڻائي ڇڏيو، ان کي جاني جي پنهنجي پرينءَ لاءِ جذبن جي جهلڪ پسو. سوا پرين جي جڏهن به گذري، سڄي حياتي اداس گذري، جڏهن به سوچيم ته سٽ اڀري، سڄي حياتي اداس گذري. ڪڏهن جدائي جي جاڳ ساڙيو، ڪڏهن اميدن جي آڳ ساڙيو، نه ڏينهن جهوميو نه رات اُجري، سڄي حياتي اداس گذري. اياز جاني سنڌ پرست شاعر هو، هن وٽ پنهنجي قوم، سماج ۽ سنڌ ۾ تت نوان خواب هئا. هو ظلمن ۽ انيائن سان اکيون اکين ۾ ملائي ڳالهائيندڙ ليکڪ هو، تڏهن ئي ته پنهنجي معصوم جذبن جو اظهار هنن لفظن ۾ ڪيو اٿائين ته: لانگ بوٽن کي کڻو، تارون کڻو، ڪي گل رکو، سرحدن تان سڏڪندڙ سارون کڻو، ڪي گل رکو. هر طرف وحشي روين جي اڃا اوناڙ آ، هي ڪهاڙيون، تير تلوارون کڻو، ڪي گل رکو. ڌرتيءَ سان دل لڳي جي شاهديءَ لاءِ اياز جاني جا اهي شعر ئي ڪافي آهن ته، قدم قدم تي گلاب رت جا ڪي کيت کيڙي، ڪيان مان صدقي، اي سنڌ! توتي ٻنهي جهانن جي سونهن ميڙي، ڪيان مان صدقي. سڄي حياتي فضول نعرن غلام سوچن جي ور چڙهي وئي، نون سُرن ۾ نئين حياتيءَ جا گيت ڇيڙي، ڪيان مان صدقي. اياز جاني هڪ شاعر طور جيڪا مڃتا ماڻي، اهڙو داد هر ڪنهن جي حصي ۾ ناهي ايندو، پر جنهن رياست ۾ اسان رهون ٿا، ان جي حاڪمن کي شاعرن تي ڪو جيءَ جهُٻو ناهي ايندو ۽ انهن جي روشني تي حقيقت ۾ اياز جانيءَ جي روح کي رهڙا ڏنا، ڪراچي ۾ رهندڙ ماڻهوءَ کي نئين ديري ۾ نوڪري ڏني وئي. هن سان گڏ جن ٻين کي آرڊر مليا، اهي پنهنجو جڳاڙ ڪري ويا، پر اياز جڳاڙي نه هو، ان ڪري هن کان جڳاڙ نه ٿيو، هو هڪ استاد هو، سڄي ڪراچي ۾ ڪٿي به هن لاءِ ڪا گنجائش نه ڪڍي وئي. ڪراچي ۽ نئين ديري جي پنڌن هن کي جيڪي پيڙائون بخشيون، انهن پيڙائن تي کيس دل جو عارضو عطا ٿيو. اياز جاني کي جڏهن پهريون هارٽ اٽيڪ ٿيو هو ته هن جي علاج جي حوالي سان ڪمشنر لاڙڪاڻي اڪبر لغاري ڪوششون ورتيون هيون، نتيجي ۾ ثقافت کاتي سندس سار لڌي هئي، هو ٻه ڏينهن اڳ شڪارپور سامي ڪل سنڌ مشاعري ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ شڪارپور جي سيڪريٽري سجاد مهر جي دعوت تي آيو هو. اياز جانيءَ جي وڇوڙي تي ان کي پنهنجا هم عمر ۽ هم عمر دوست ضرور شعري ڀيٽا پيش ڪندا. شاعرن ۾ اڪثر اها خامي ڏٺي وئي آهي ته سندن قول ۽ فعل ۾ تضاد هوندو آهي. اياز جاني ان تضاد کان آجو هو، هن جو جهڙو اندر اُجرو هو، هو ٻاهران به اهڙو ئي معصوم هو. حقيقت اها آهي ته اياز جانيءَ جي وڃڻ جي ويل نه هئي. اياز جاني جي جيون تي اسان اڄ جڏهن سوچ ويچار ڪري رهيا آهيون، تڏهن اسان کي ان جي انهن احساسن تي به نظرثاني ڪرڻ گهرجي ته جيئن وري ڪي ٻيا شاعراڻي پيڙا مان نه گذرن. هن لکيو هو ته: بي مزي يار ٿي ويا آهيون، روح تي بار ٿي ويا آهيون. هوند اڻ هوند جي پٺيان هلندي، پاڻ تي وار ٿي ويا آهيون. اياز جاني ان نتيجي تي پهتو هو ته انسان بي وس ۽ لاچار آهي، قسمت جي آڏو هڪ رانديڪو آهي، هو خواب ڏسي سگهي ٿو، پر انهن جي تعبيرن کان گهڻو پري آهي، هو خواهشون ڪري سگهي ٿو، پر انهن کي حقيقت جو روپ ڏيڻ سولو ناهي. اياز جاني جنهن شهر ڪراچي ۾ پئي رهيو، ان جي بدلجندڙ رنگن ۽ روين کي به هن نه وساريو آهي. اياز جاني جڏهن ماهوار رسالو ”همرچو“ ڪڍندو هو، تڏهن ان سان اڪثر رابطو رهندو هو، جيڪو بعد ۾ به برقرار رهيو. هن جي علمي، ادبي خدمتن جي خراج لاءِ هڪ زبردست مقالي لکڻ جي ضرورت آهي، هتي ته فقط هن جي وڇوڙي ۽ سار کي سمايو آهي. اياز جاني ۾ جيڪا سڀ کان وڏي خوبي مون کي ڏسڻ ۾ آئي ته هن وٽ ڪا وڏائي نه هئي، هو پاڻ کي ٻين شاعرن جيان مٿڀرو نه سمجهندو هو، هو شهرتن جي بلندين تي هوندي به پنهنجي ڌرتي تي پير رکندو هو. هو هر ڪنهن کي عزتون ڏيندو هو. ڪنهن به ننڊ وڏائي واري ڪامپليڪس جهڙي بيماري هن ۾ نه هئي. هو سنڌ جو سدا بهار شاعر هو، هن جا شعر پنهنجي ماڻهن ۽ انهن جي دردن جي ڀرپور نشاندهي ڪن ٿا. هن پنهنجي دردن کي به ڪجهه اهڙي طرح سان اظهاريو آهي جو هر ڪنهن کي اهي پنهنجا ٿا لڳن. اهو ئي سبب آهي ته اياز عوام جو به جاني آهي، اياز جاني کي اسان جڏهن به سڏيو هو، اتي سڪ سان آيو. ادبي سنگت شڪارپور سنڌ جي تاريخي ماڳ ڪوٽڏيجي ۾ ڪل سنڌ مشاعرو ڪيو هو، اتي به آيو هو، اسان سان شڪارپور ماضي ڪل سنڌ مشاعري ۾ به گڏ هو. هو يارن جو يار هو، بي وڏائي ماڻهو هو، محبت جو متلاشي انسان هو، هن کي جتان به پيار جي ڪا پڪ ملي هن اُتي پنهنجا پکا اڏيا. هو انهن سمورين انساني عظمتن سان مالامال هو، جيڪي ڪنهن به ماڻهوءَ کي مڻيادار بڻائينديون آهن. هو جن خوبين جو مالڪ هو، اهي خلق ۾ گهڻن ۾ نه هونديون آهن، هو سماج کي بهتريءَ ڏانهن وٺي وڃڻ لاءِ نه رڳو قلمي پورهيا ڪندو هو، پر عملي طور تي ان طرح جي اڳڀرائي به ڪندو هو. هو سماج جو سرمايو هو، هو چاهي ها ته گهر ويٺي پگهار کڻي پئي سگهيو، پر حق حلال جي روزي هن جي پهرين ترجيح هئي، هن پنهنجي ڪردار سان قرب ڪمايو، هن تاريخ ٺاهي، هن ڪڏهن ڪا درباري سٽ نه لکي، پر سدائين پنهنجي شعرن ۾ استحصالين سان اٽڪندو رهيو. ”چڱو بس موڪلاڻي آ“ زرار پيرزادو اياز جانيءَ جو شعر آهي ته: ”فنا جو سڏ ٿو گونجي، اسان جي سڏ وراڻي آ، چڱو بس موڪلاڻي آ.“ اياز جانيءَ جي لاڏاڻي جي خبر جنهن به ٻڌي تنهن کان دانهن نڪري وئي.! ڇاڪاڻ ته هو ڪجهه هفتا اڳ ئي ڪراچي جي جناح اسپتال مان اينجيو پلاسٽي ڪرائي صحتياب ٿي گهر آيو هو. اياز جانيءَ کي مهينو ڏيڍ اڳ لاڙڪاڻي ۾ دل جو دورو پيو هو. تڏهن اسان سڀني جو خيال هو ته لاڙڪاڻي ۾ ته هي بچي نه سگهندو تنهن ڪري شل زندگي کيس ايتري مُهلت ڏئي جو هو پاڻ کڻائي ڪراچيءَ پهچي سگهي ۽ واقعي به پوءِ اهو معجزو ٿيو ۽ اياز جانيءَ کي زندگيءَ جناح اسپتال ڪراچيءَ تائين پهچڻ جو موقعو ڏنو. اسان ته ان خوشفهميءَ ۾ هياسين ته اياز جاني لاڙڪاڻي مان زندهه موٽي آيو آهي ۽ ڪراچيءَ ۾ نئين زندگي ماڻي اٿائين پر ان المئي تي ڇا چئجي ته هن جو موت، وري به لاڙڪاڻي جي ئي اسپتال ۾ وڃي ٿيو. هو پنهنجي محسن اڪبر لغاريءَ جنهن لاڙڪاڻي مان ايمبولينس ڪرائي اياز جانيءَ کي ڪراچي موڪلڻ ۾ انتظامي سهڪار ڪيو هو تنهن جي ڪتاب جي مهورتي تقريب لاءِ لاڙڪاڻي آيل هو ۽ اتي ئي وري موت مٿس حملو ڪري ورتو. اسان ته سک جو ساهه کنيوسين پر اها خبر نه هُئي ته ڪو موت هر قيمت تي سندس سر کڻڻ لاءِ آتو هو ۽ پاڇي جيان ڪو سندس پويان لڳل هو. اياز جاني رڳو شاعري ڪندو نه هو پر هن ته پنهنجي سڄي زندگي شاعراڻي نموني گذاري. تنهن ڪري سندس زندگي سورن ۾ گذري. هو مڪمل ۽ حقيقي اديب هو. ڳالهائيندو هو ته ڄڻ ڪو ڪتاب ڳالهائي رهيو آهي ڪو مضمون آهي جيڪو اظهاري رهيو آهي. هُن سڀ ڪجهه پنهنجي شاعريءَ ۾ لکي ڇڏيو آهي. سندس شاعري جو ڪتاب سندس آتم ڪٿا به آهي ته پيغام به آهي ته وصعيت به آهي. پنهنجي گهر لاءِ، دوستن لاءِ ۽ ڌرتي واسين لاءِ. ٻيو ته ڇڏيو هو موت جي حوالي ٿيڻ جو ڪارڻ به ٻڌائي ٿو ۽ چئي ٿو ته ”موت پرينءَ جو سڏ هو، جي نه ته هئن اجري. جاني ڪهڙي پار ويو.؟! اياز جانيءَ نه رڳو ذاتي طور ڏک ڏٺا پر سنڌي ادبي سنگت شاخ گلشن حديد مان جڏهن سندس ميمبر شپ ختم ڪئي وئي ته ان جو به کيس وڏو سور هو. سنگت حديد جنهن جو هو بانيڪار هو، ۽ جنهن سنڌي ادبي سنگت جي نالي هن پنهنجي شعري مجموعو ارپيو آهي. سا سنگت بجاءِ ان جي ته ان کي ”تاحيات ميمبر“ بڻائي ها، هڪڙن خسيس مفادن ڪري، چونڊ کٽڻ لاءِ سنگت جي بانيڪار جي ميمبر شپ ئي ختم ڪري ڇڏي. اهي ڳالهيون ان ڪري، ڪرڻ گهرجن ته گهٽ ۾ گهٽ اڳتي لاءِ اکيون کلي وڃن ۽ ڪنهن ٻئي سان اهڙي بي قدري نه ٿئي. جڏهن سنگت شاخ حديد ٻن ڌڙن ۾ ورهائڻ جي سازش رٿي وئي ته جانيءَ ان کي ٻه اڌ ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ سنگت، ان ڌڙي جي حوالي ڪري ڇڏي. ۽ چيائين ته: ”سڀ جانيءَ کي اچي گوليون هڻو، لاش تي ڳالهيون ڪريو، ڀاڱا نه ٿيو“. ”ڀاڱا نه ٿيو اياز جانيءَ جي سنڌي قوم کي وصيت به آهي.“ هر هوا کان سنڀالجو جاني، لاٽ ٻار ته مان هليو ويندس. ڪراچي جي اسپتال ۾ اياز جانيءَ جي عيادت جو موقعو مليو. اتي هو هڪ اديب دوست کي ٻڌائي رهيو هو ته ”يار لڳي ٿو ته منهنجي دل مون کان ڪاوڙجي وئي آهي ته تو پنهنجي شعري مجموعي ۾ مونکي ”درواڙ دل“ چئي ڇو ايڏو بار وڌو آهي...“ ”دوست پيا چون ته ڪتاب تي رڳو ”دل جي تنهائي“ نالو رک پر مان لڳي ٿو ته ڪتاب تي ڳرو نالو رکيو آهي ۽ منهنجي دل اهو بار برداشت نه ڪري سگهي آهي ۽ بيمار ٿي پئي آهي.“ ”منهنجي دراوڙ دل اڄ جي زماني وارين دلين سان ڪٿي ٿي هلي سگهي سو اها ڪاوڙجي وئي.“ هاءِ جاني! اسان کان جدا ٿي ويو رزاق عاصي 6 جون کان 4آڪٽوبر تائين وقت جي ڪا وڏي وٿي ناهي، پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اسان کي هر نئين سال جي مان ۾آجياڻو ڏيڻ لاءِ ڪنهن جي دلبر، ڪنهن جي مٺڙي، ڪنهن جي پياري، ڪنهن جي عاشق، ڪنهن جي محبوب، پنهنجي ٻچڙن جي بابا، هڪ سانئڻ، وني جي ور ۽ سموري سنڌ جي جاني! جي سالگرهه کان اڳ ورسي ملهائڻي پوندي، اياز جاني جنهن جي رعبدار قد ڪاٺ کي عطا ٿيل مک تي معصوم مرڪ ڪيتري حسين هئي،ا هو سڀ ڄاڻن ٿا جن به هن سان گڏ ويهي ٽهڪ ڏنا هوندا، ڪنهن سفر سانگي ساڻس گڏ هليا هوندا، يا شاعري جهڙي محبوبه جي حسناڪين تي ڪجهه ڳالهايو هوندو، منهنجي هن رولاڪ روح سان واقفيت ڪا وڏي عمر ته نٿي رکي، جيڪا هن جي هر عادت، ڪمزوري ۽ هر مجبوري کان واقف هجي پر جڏهن به هن کي ڏٺو مرڪندي ئي ڏٺو، هن کي مرڪ ڄڻ ته ورثي ۾ مليل هئي، منهنجي دل چوي ٿي ته هُن هر درد کي مرڪندي قبوليو هوندو، تڏهن ته هن لکيو هوته: آزاد فضائن جِي، قلت ۾ گذاريون ٿا! ڇو نيٺ گذاريون ٿا!؟ * نابين انائن جِي، علت ۾ گذاريون ٿا ! ڇو نيٺ گذاريون ٿا !؟ هو ”دراوڙ دل جي تنهائي“ جو خالق ان نسل مان ئي هئو جنهن قبيلي سنڌو سلطنت جي گادي واري شهر جي اڏاوت ڪئي هئي، جنهن کي سر جان مارشل پنج هزار ورهين کانپوءِ مُهين جي دڙي جي نالي سان ڳولهي لڌو هو، هن جي مرڪ ۾ سمبارا جو ناچ ۽ اکين ۾ هزارين ورهين جي تهذيب جي وڏائي جهڪلندي هئي، هو نه رڳو ”دراوڙ دل جي تنهائي“ جو تخليقڪار هو پر هن پنهنجي ڌرتي جي لاءِ همرچا به ويهي سهيڙيا پر هو پنهنجي جوهر ۾ جديد دور جي فن، فڪر ۽ گهاڙيٽن جي گُهرجائن جو پورائو ڪندڙ وايون، گيت ، به تخليق ڪيا آهن، جنهن کي پڙهي ائين محسوس ٿئي ٿو ته هڪ اياز جي سڪ لاهڻ لاءِ سنڌ کي ٻيو اياز مليو هو، جنهن پهرئين اياز بعد ٻئي اياز طور پاڻ مڃائڻ لاءِ حساسيت جون سرحدون پار ڪري، ڪاون مٿان هلڻ جهڙو درد محسوس ڪيو هوندو، هن هر ڪربلا ، هر ڪاهه توڙي هر دور ۾ مليل دردن کي محسوس ڪندي، ڌرتي ڌڻين جي لاءِ اهو به لکيو ته: سوچيو ته سزائن جِي، ذلت ۾گذاريون ٿا ! ڇو نيٺ گذاريون ٿا !؟ * نابين انائن جِي، علت ۾ گذاريون ٿا ! ڇو نيٺ گذاريون ٿا !؟ * بي روح صدائن جِي، ملت ۾ گذاريون ٿا ! ڇو نيٺ گذاريون ٿا !؟ هن محبوب ديس جي نڪوري نِهين جهڙي شهر ڪراچي ۾ دهشت ۽ وحشت جي ڀوڳنائن کي به تمام ويجهي کان ڏٺو هيو، تڏهن ته اندر ۾ ساهه کڻدڙ قديم گهاتُن جي وسندي سون مياڻي کي ڏسي هن کي ان شهر جي اڏيندڙن مهاڻن کان وڃايل سڃاڻپ کي ڳولهڻ ۽ هن وڃايل محبتن کان پڇاڻي لاءِ پنڌ ڪيو ، هن جي اکين ورهاڱو ڀلي نه ڏٺو هجي، پر ڌرتي جي هنجهه مان ڪري پيل ٻارن جي صدائن کي هن محسوس ضرور ڪيو هو، هن جي نيڻن کان ننڊ رسڻ جا گهڻا ئي سبب هوندا، پر سندس اکين جي آلاڻ پنهنجي پاڻ کان پڇائن جو سبب ضرور معلوم ڪيو هوندو ۽ پوءِ ڪنهنجي محبتن ۽ اقرار توڙي انڪار کان رسي شايد هن جي دل انڪري بيهڻ جو فيصلو ڪيو ، ته هن محبتن کي سدا حيات رهڻ جون دعائون پئي ڏنيون ته: محبت تون ڪٿي آهين؟ ڀلا خوش رهه جتي آهين ! ڪراچيءَ ۾ ته دهشت آ، اتي ترسڻ نه ٿي چاهين .. ڀلا خوش رهه جتي آهين ! وڃي نڪران نئين ديري، اتي پيرا پئي ڊاهين .. ڀلا خوش رهه جتي آهين ! ڏٺو مون اوچتو من ۾، اتي سڀ ٿَڪ ٿي لاهين .. ڀلا خوش رهه جتي آهين ! (نوٽ: 4 آڪٽوبر 1967ع اياز جاني جي ڄمڻ جي تاريخ آهي) آهيان مٽي سنڌ جي! ادل سولنگي شاعري لفظن جي سنگتراشي آهي ۽ اهڙو ئي سنگتراش شاعر هو اياز جاني، اياز جاني نه رڳو خوبصورت وايون لکيون، پر هن انتهائي جديد غزل لکي سنڌي ادب کي خوشحال ڪيو، جنهن جي هڪ وائي آهي ته: ”ٿوهر ٿوهر ساعتون، صحرا صحرا سال، گذري ويندي زندگي“. اياز جاني انفرادي درد کي جنهن نموني سان اجتماعي درد جو نالو ڏنو آهي اهو ان جو ئي فني ۽ فڪري ڪمال آهي، هن لکيو ته؛ مان ئي راءِ ڏياچ هان، مان ئي مڱڻهار، آهيان مِٽي سنڌ جي. ڀٽ، درازا، جهوڪ مان، ڪَڇُ ڀڄُ مان گِرنارِ، آهيان مِٽي سنڌ جي، اياز جاني جنهن وائي کي نئون رنگ روپ ڏنو جنهن سنڌ جي محاڪاتي پس منظر ۾ جديد وائي لکي جنهن مان نظم، بيت ۽ غزل جون سِڪون لهڻ لڳيون. جنهن لکيو ته: سانت ڳهي ويندي، پنهنجي اَندر جو، ڪو ته ڪڙو کڙڪائي. آسروند اکيون، چاهن ٿيون گهر جو، ڪو ته ڪڙو کڙڪائي. ڪو محسوس ڪري، اوسيئڙو در جو. ڪو ته ڪڙو کڙڪائي. اياز جاني نئين ديري کان ڪراچيءَ تائين نه رڳو علمي ۽ عملي سفر ڪيو پر هن ته گڏوگڏ سنڌي ادب جو اتهاسڪ سفر به ڪيو، اسان جا ڪيترائي ڏينهن ۽ راتيون ادب جي تخليقي سفر ۾ گڏ پنڌ ڪندي گذريون، اسان جنهن نسل ۽ پيڙهيءَ سان تعلق رکون ٿا ان نسل سنڌي ادب ۾ ڪيترن ئي ڪٺور روين ۽ روايتن کي ٽوڙيندي وڏي جدوجهد ۽ بغاوت ڪئي آهي، سنڌي ادب جي تيز رفتار گاڏيءَ ۾ چڙهڻ ۽ ان ۾ وري پنهنجي جاءِ والارڻ ڏاڍو ڏکيو مرحلو رهيو آهي، جنهن ۾ اسان جي ٽهي ڄڻ ته ادبي ميدان ۾ رڪ جا چڻا چٻاڙيا آهن. سينيئر اديبن جا چڙ ڏياريندڙ رويا، هم عمر اديبن، شاعرن جون مهم جويون، اسان جي تخليقي پنڌ ۾ ڪيتريون ئي رڪاوٽون کڙيون ڪيون هونديون، پر انهن سڀني تڪليفن باوجود اسان جي پيڙهي محسوس ڪري ٿي ته ساڄي ۽ کاٻي ڌر جي وچان پنهنجي جاءِ ٺاهڻ وارو مرحلو پلصراط تان گذرڻ واري عمل جيان ڏکيو رهيو آهي، اڄ تائين اسان جا وڏڙا اديب گهڻي ڀاڱي اسان کان ۽ اسان جي لکڻين کان لاتعلق رهيا آهن، جن جو صرف پنهنجي لکڻين مٿان سج لهندو ۽ اڀرندو رهيو آهي. اياز جاني انهن تخليقڪارن مان هڪ رهيو آهي، جن پنهنجي لڳاتار محنت ۽ ادبي ڪرت ۾ پنهنجا پير پٿون ڪندي مانائتي منزل ماڻي آهي. مها ڪوي شيخ اياز جي تخليقي تسلسل ۾ تخليقي وکون کڻندڙ اياز جاني سنڌي شاعريءَ جي مٿي جو موڙ رهيو آهي. سائين شمشير الحيدري چواڻي ته: شاعريءَ جي ديوي رت تي پلبي آهي ۽ واقعي به ائين ئي آهي ته شاعري محبوبا جيان مڪمل ڌيان گهرندڙ ادبي وٿ آهي جنهن کان ڪنهن به ريت منهن نٿو موڙي سگهجي. مها ڪوي شيخ اياز چيو ته: پهريون پهريون حرف خدا جو ڪن فيڪون. شاعر، موسيقار، مصور، سڀ ۾ ساڳيو جوش جنون ڪن فيڪون. شاعر پنهنجي ٻولي، ڪلچر، تهذيب ۽ روايتن جا امين هوندا آهن ۽ اياز جاني پنهنجي مزاج ۾ اهي سموريون خوبيون رکندڙ اهڙو ڪوتاڪار آهي جنهن تي سنڌي ادب، سنڌي ٻولي، سنڌي شاعري فخر محسوس ڪندي رهندي. جڳن کان جيءُ ويڳاڻو، الائي ڇا تلاشي ٿو؟ اُڏاڻو آسمانن ڏي، وساري آب ۽ داڻو الائي ڇا تلاشي ٿو؟ سنڀاري سڏ مٽيءَ جو، پسي ٿو ڪاڪ جو ماڻو، الائي ڇا تلاشي ٿو. وٺي ٿو جام موکيءَ کان، ڏسي ٿو روح ۾ گهاڻو، الائي ڇا تلاشي ٿو. ڪا صدين جي اڃ آهي آءُ نيڻن ۾. تنهنجو آهي، جو به آهي، گهاءُ نيڻ ۾. او مسافر پيار جا تو پل ڪڏهن ڀوڳيا؟ تو ڪيو محسوس ڪو پٿراءُ نيڻن ۾. من ۾ ٿاڪ تنهنجي نيڻن جا، چپ هيراڪ تنهنجي نيڻن جا، راز سرجيا نه سي به ڄاڻن ٿا، ڇا ته ادراڪ تنهنجي نيڻن جا. مُهين جي دڙي جي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ هي منهنجو پيارو دوست، 27 مئي 2016ع قلندر لعل شهباز جي ادبي ڪانفرنس ۾ ٻين دوستن سان گڏجي شريڪ ٿياسين، هن کي پنهنجي ڪتاب ”دراوڙ دل جي تنهائي“ جي مهورت ڪراچي ۾ ڪرائڻ جو وڏو شوق هو. جيڪو هو پاڻ سان گڏ کيون ويو. هن سان کوڙ ساريون گهاريل گهڙيون، کوڙ ساريون محبتون ۽ کوڙ ساريون يادگيريون لاڳاپيل رهيون آهن، هن جو تخليقي پورهيو سدائين هن جي ياد ڏياريندو رهندو. اياز جاني جي شاعراڻي ڪٿ ڪندي انور ابڙي لکيو آهي ته: جديد سنڌي شاعريءَ ڀٽائيءَ کان وٺي اڄ جي دور تائين ڪٿي به ٿَڪُ ناهي ڀڳو. ان جي اڻَڀن وارن ۾ جڏهن پراڻي توڙي نئين ٽهيءَ جي شاعرن آڱريون ڦيريون آهن ته ان جي سونهن چئوڏس چٽاڻو ڪيو آهي، اياز جاني انهيءَ سٿ جو اڄوڪي ٽهيءَ جو هڪ اڳواڻ شاعر آهي، هي جنهن ”فڪري گهراڻي“ سان تعلق رکي ٿو ان جا لفظ ”ظلمات“ جي ذڪر سان ڪنبندا ناهن، پر اهي سچائيءَ جي اظهار کي سڀ کان اعليٰ سمجهندا آهن. اياز جاني جنهن لکڻ جي شروعات 1980 ۾ سرهاڻ ۽ گل ڦل رسالي ۾ لکڻ سان ڪئي، هن سنڌي ادبي سنگت نئين ديري، گلشن حديد ۽ رمپا پلازا ڪراچيءَ جي گڏجاڻين ۾ ڀرپور شرڪت ڪندي پنهنجو تخليقي سفر ڪيو، ادبي تخليقي سفر سان گڏ هن ماهوار رسالي سارس، لهرون ۽ همرچو رسالن جي ايڊيٽنگ به ڪئي، پنهنجي تخليقي سفر ۾هن سڄي سنڌ جي ادبي پروگرامن ۽ گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪئي ۽ پنهنجي شاعريءَ جي اڏام کي جاري رکيو. سيوهڻ، درازا، جهوڪ ۽ ڀٽ هن جي شاعريءَ مان ليئا پائيندي نظر اچن ٿا، اياز جاني پنهنجي مزاج ۽ سماجي وهنوار ۾ نهايت ئي سنجيدگي، سادگي ۽ ڌيرج سان، سهپ، رواداري، روشن خيالي ۽ سيڪيولر سماج جي اڏاوت ڪندڙن ۾ شامل رهيو، سنڌي شاعريءَ جا بنياد ڌرتيءَ جي اونهاين ۾ پيل آهن. اياز جاني سچل ۽ قلندر جي عرس جي موقعي تي ادبي تقريبن ۽ ڪانفرنسن ۾ پنهنجي شاعري پيش ڪري، اعليٰ شاعر هجڻ جا ايوارڊ ماڻيا، اياز جاني جي ڪتاب ”دراوڙ دل جي تنهائي“ ڀلي اسان جي اجتماعي ويڳاڻپ ۽ اڪيلائپ جو ڏيک ڏيندڙ عنوان هجي پر دراوڙ دل جي تنهائيءَ ۾ جيڪا شاعري ڏنل آهي جنهن ۾ صرف ٻه صنفون وائي ۽ غزل ڏنا ويا آهن، اُها اُتساهه ڏيندڙ آهي. اياز جاني هڪ ئي وقت وائي ۽ غزل سان جيڪو فني ۽ فڪري طرح نڀاءُ ڪيو آهي جهڙي نموني هن جي شاعري ميچوئر ٿي پڙهندڙن آڏو پيش ڪئي وئي آهي، اهو به هڪ سڀاويڪ عمل آهي. سنڌي ادب ۾ اياز جاني جهڙو پڪو پختو شاعر ٻوليءَ ۽ شاعراڻي فن ڏانهن ذميوار رهندڙ اسان جي ٽهيءَ مان هڪ اهڙو ليکڪ رهيو آهي، جنهن سنڌي جديد ادب ۽ سنڌي شاعريءَ جي اڳواڻي ڪندڙن مان چئجي ته ڪو به وڌاءُ ڪو نه ٿيندو. اياز جاني سماجي توڙي دوستاڻي ماحول ۾ انارڪيءَ جي روين جو گهڻو شڪار هوندي به نهايت ئي بردباريءَ سان اڻ تڪراري رهندي ڀرپور نموني پنهنجي ادبي زندگي گذاري، هن جو دوستن جو حلقو تمام گهڻو وسيع رهيو، ڪمون شهيد کان گلشن حديد تائين اياز جاني جي دوستين جا داستان ٻڌڻ ۾ ايندا رهيا آهن، اياز جاني سنڌي ادب ۾ پنهنجي شاعراڻي حيثيت سان سدائين ياد رهندو، هن پوئتي ڇڏيا آهن، هڪ بيواهه، چار پٽ، هڪ نياڻي ۽ اڻ ڇپيل ڪتاب، اڻ ڇپيل ڪتابن ۾ ”مٽيءَ جي روشني“، ”اڏري آيل خواب“ ۽ ”وارياسو چنڊ“. اياز جاني جنهن پنهنجي سموري زندگي علم ۽ ادب جي آبياري ڪندي گذاري، هن ڪراچي يونيورسٽيءَ جي شاهه لطيف چيئر ۾ ريسرچ آفيسر طور به خدمتون سرانجام ڏنيون. وڏي ڳالهه ته اياز جاني رتي ديري جي جنهن ڪاليج ۾ پڙهيو هو انهيءَ ڪاليج ۾ هو ليڪچرار به مقرر ٿيو، اياز جاني پنهنجي سمورين ادبي، علمي سرگرمين جي حوالي سان هڪ تحرڪ جو نالو رهيو ۽ هن هڪ اداري طور سنجيدگيءَ سان ڪم ڪيو، جيڪو ايندڙ نسلن جي قومي ذميواري ۽ قومي تحرڪ لاءِ سندن رهنمائي ڪندو رهندو، منهنجو هن سان ادبي ياراڻو رهيو، هڪٻئي کان پري رهڻ باوجود اسان هڪٻئي کي فون جي ذريعي پنهنجي حالن احوالن، مسئلن ۽ معاملن کان آگاهي ڏيندا رهندا هئاسين، ها پر هن وڃڻ ويل نه رڳو مون کي پر سموريءَ سنڌ کي ڪا به آگاهي نه ڏني، سندس ئي شعر آهي ته: ”فَنا جو سڏ ٿو گونجي، اسان جي سَڏَ وراڻي آ، چڱو بس موڪلاڻي آ“ اياز جانيءَ ڏاڍي تڪڙ ڪئي!؟ ڊاڪٽر مرلي ڌر اياز جانيءَ کي مان ڪجهه سالن کان سڃاڻيان، پهريون دفعو هن منهنجو بڪين جي عالمي ڏينهن تي لکيل مضمون پڙهي مون ڏانهن فون ڪيو ۽ پنهنجو تعارف اهو چئي ڪرايائين ته ”مان اياز جاني آهيان، اوهان جو ادبي دوست“ ۽ چيائين ته سائين اوهان مضمون لکي مون کي ڊيڄاري ڇڏيو آهي. ان مضمون ۾ مون مٺن پيشابن وارن کي بڪين جي بچاءُ جون تجويزون ڏنيون هيون ۽ لکيو هيو ته ان مرض ۾ مبتلا عورتون ۽ مرد پنهنجيون بڪيون ضرور چڪاس ڪرائين. اياز به شگر جي بيماري ۾ مبتلا هيو. هڪ ڀيري مون وٽ آيو ۽ رت ۽ پيشاب چڪاس ڪرايائين، شگر قابو ۾ نه هيس، انهن ڏينهن ۾ هو ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ملازم هيو. ايئن اياز سان ملاقات به ٿيندي رهي، فون تي رابطو به رهيو جڏهن به پاڻ کي يا گهر جي ڪنهن ڀاتي کي ڪو طبي مسئلو ٿيندو هيس ته مون کي فون ضرور ڪندو هيو. آخر ۾ جڏهن دل واري وارڊ ۾ داخل ٿيو ته هڪ ڏينهن فون ڪيائين ته ڪجهه رت جا ٽيسٽ ڪرائڻا آهن جيڪي مون ڪرايس. ملڻ لاءِ به چيائين. هڪ دفعو وڃڻ چاهيم ته خبر پئي ته کيس هفتي کن لاءِ ڊسچارج ڪيو ويو آهي. فوري طور تي اينجيوگرافي، (دل جي نسن جو ايڪسري) نه پئي ٿي سگهيس ڇاڪاڻ ته بڪين جو ڪم ظاهر ڪندڙ رت جو ٽيسٽ ڪريئٽنين وڌيل هيس ان هوندي اينجيوگرافي ڪرڻ سان بڪي جو ڪم وڌيڪ متاثر ٿيندو آهي. مٺا پيشاب دل جون نسون به بند ڪندا آهن ته وري بڪين کي به متاثر ڪندا آهن. جاني جون بڪيون به ٿوريون متاثر ٿيون ميرن ۽ دل جي نس به بند هيس.اها حالت ان ڪري ٿيس جو اياز مون وٽ فقط ٻه دفعا چڪاس لاءِ آيو جڏهن ته گهٽ ۾ گهٽ هر ٽئين مهيني چڪاس ڪرائڻ کپندا هيس. ماڻهو به ڇا ڪري، زماني ۾ ٻيا به ڪيترائي مسئلا آهن خاص ڪري ٽين دنيا جي غريب ملڪن جي ماڻهن سان ته پريشانيون به انيڪ آهن ۽ وري جي هو حساس شاعر هجي ته پوءِ ته دل متاثر ٿيڻ کان رهي نه ٿي سگهي. جاني ڏاڍو نماڻو ماڻهو هيو. هميشه پيار ۽ محبت سان لفظ ادا ڪندو هيو. جناح ۾ جڏهن آخري ڀيرو داخل هو ته فون ڪري چيائين ته ادا هڪ دفعو ملڻ ضرور اچو، اوهين ڊاڪٽر آهيو توهان جي اچڻ سان منهنجي تسلي ٿيندي ۽ ڊاڪٽر به خيال ڪندا. مون کي افسوس آهي ته مان اياز سان آخر ۾ ملي نه سگهيس. اياز وڃڻ ۾ جلدي ڪئي. اياز هن دنيا مان وقت کان اڳ موڪلائي ويو. اياز سفر ڪرڻ ۾ به جلدي ڪئي. وقت تي دوائون به نه کاڌائين، اينجيوپلاسٽي کانپوءِ گهٽ ۾ گهٽ 5 هفتا جفاڪشي ڪرڻ جي منع هوندي آهي. پر مشاعري ۽ ادب سان محبت اوڏانهن وٺي ويس. هاڻ جيڪو ٿيو سو ٿي ويو، ادب ۽ انسانيت جو وڏو نقصان ٿيو. هڪ نيڪ ۽ نماڻو ماڻهو ۽ هڪ سٺو شاعر اسان کان وڇڙي ويو. اڳتي لاءِ اسان جن اديبن کي پنهنجو خيال ڪرڻ گهرجي. اياز جانيءَ کانپوءِ سندس ڪٽنب جي سار لهڻ جي گهرج زرار پيرزادو اياز جانيءَ جي لاڏاڻي سان برابر سنڌي ادب، هڪ پاورفل اديب، شاعر ۽ هاڪاري سوچ رکندڙ دانشور کان محروم ٿي ويو آهي، تنهن ادبي هاڃي تي ته هر ڪو ڳالهائي ۽ لکي ٿو جيڪو به ضروري آهي. اياز جانيءَ جي قلمي پورهئي کي ڪتابي شڪل ۾ آڻڻ لاءِ هاڻي اياز جاني اڪيڊمي يا فائونڊيشن ٺاهڻ گهرجي جنهن کي ثقافت کاتي جو مالي سهڪار هجي ۽ اڪيڊمي جي پليٽ فارم تان اياز جانيءَ جي اڻ ڇپيل شاعري، مضمون يا رسالن ۾ لکيل ايڊيٽوريل توڙي ڪالمن کي سهيڙي ڪتابي شڪل ڏيڻ گهرجي. پر ان ادبي ڪم سان گڏوگڏ هاڻي اياز جانيءَ جي چئن پٽن، هڪ نياڻي ۽ بيوه تي ٻڌل اياز جاني جي فيملي لاءِ به سوچڻو پوندو. اياز جانيءَ جا ٻه وڏا پٽ آهن جن مان گهٽ ۾ گهٽ هڪ پٽ کي ڪا مستقل پگهار واري سرڪاري نوڪري حڪومت طرفان يا ڪنهن خانگي اداري طرفان ملڻ گهرجي. اياز جاني 17 هين گريڊ جو ليڪچرار هو. ٽي سال سروس ڪيائين. انهيءَ سروس هلندي جيئن ته هو وفات ڪري ويو آهي تنهن ڪري سرڪاري قائدن ضابطن تحت سندس معاوضي جي جيڪا رقم ٿئي ٿي، پينشن وغيره ٺهي ٿي ته اها فوري طور تي اياز جانيءَ جي ڪٽنب کي ادا ڪئي وڃي. انهيءَ لاءِ تعليم جي وزير نثار کهڙي کي ذاتي دلچسپي وٺي اياز جاني جي فيملي کي ترت پيسا ڏيارڻ جو بندوبست ڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته هيءُ ڪٽنب ان جو حقدار به آهي. ايئن سنڌ جي وڏي وزير کي به صوابديدي فنڊن مان ڪجهه حصو اياز جاني جي حقدار فيملي کي ڏيڻ گهرجي يا وڏي وزير کان ڏيارڻ گهرجي. اياز جانيءَ جا ننڍڙا ٻار جن اسڪولن ۾ پڙهي رهيا آهن تن جي پرائمري توڙي هائير تعليم لاءِ به تعليم جي وزير نثار کهڙي کي في وغيره معاف ڪرائڻ جو حڪم ڏيڻ گهرجي. اياز جانيءَ جا ٻار جڏهن به بيمار ٿين ته انهن جو اسپتالن مان سرڪاري يا خانگي طور مفت علاج ڪرائڻ جو بندوبست ڪرڻ گهرجي. اياز جانيءَ جي شعري مجموعي ”دراوٽ دل جي تنهائي“ کي سنڌي لئنگويج اٿارٽي طرفان سالياني ايوارڊ لاءِ نامزد ڪرڻ جو بندوبست ٿيڻ گهرجي. ميرٽ تي شاعريءَ جو بهترين ڪتاب ثابت ٿئي ته ان جي رقم به سندس ڪٽنب کي ملي سگهي ٿي. ايئن سنڌي ادبي بورڊ، سنڌي ادبي سنگت، شاهه لطيف ڪراچي چيئر، شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور جي سنڌي شعبي کي به پنهنجي وس وت آهر اياز جانيءَ جي ڪٽنب لاءِ جيڪا ڀلائي ٿي سگهي سا ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته انهن مٿي ڄاڻايل ادارن سان اياز جانيءَ سڌي يا اڻ سڌي نموني گڏ ڪم ڪيو آهي شاهه لطيف يونيورسٽيءَ مان اياز جانيءَ ايم اي سنڌي جي ڊگري ماڻي يعني ان يونيورسٽيءَ جو شاگرد هو ۽ شاهه لطيف چيئر ڪراچي يونيورسٽي ۾ ڪجهه وقت ريسرچ آفيسر طور ڪم ڪيائين. سنڌي ادبي سنگت ته سندس وجود جو ٻيو نالو آهي. سنگت حديد جو ته بانيڪار هو. سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته اهو سڀ انهيءَ احساس وچان ڪرڻ گهرجي ته اياز جانيءَ جي لاڏاڻي سان سڀ کان وڏو نه سوچي سگهجندڙ نقصان سندس ڪٽنب جو ٿيو آهي. اياز جاني کي لاڙڪاڻي اسپتال۾ جيئن مون ڏٺو ڊاڪٽر سريش هوتچنداڻي صبح جا پنج وڳا هئا مان سول اسپتال جي دل واري شعبي ۾ نائيٽ ڊيوٽي تي هيس ۽ آفيس ۾ صوفي تي آهليو پيو هوس دل جي شعبي ۾ ڊيوٽي هجي ۽ اک لڳي سو نا ممڪن آهي 3 کان پنج وڳا اسُر مهل جو اهڙو ٽائيم آهي جنهن ۾ ڪڏهن ڪڏهن مريض ايندا آهن نه ته آرام ملي ويندي آهي هونئن ته دل 0.6 سيڪنڊن ۾ هڪڙو دفعو ڌڙڪي ٿي سا جي ٻه ٽي ڌڙڪا يعني ٻه ٽي يا پنج سيڪنڊ به بيهي ته سمجهو انسان ويو. دل جي بيماري جهڙو سولو موت ڪنهن ٻي بيماري ۾ ناهي ايندو. ٻين مرضن ۾ انسان لوڙيندو آهي. پر دل جو دؤرو اهڙي شي آهي جو موت لکيل اٿس ته خوشنصيب آهي اهڙي موت تي ماڻهو چوندا آهن يار اڳهرو کلي ڳالهائي پيو ۽ هاڻي نه تو ڏٺو نه مون ڏٺو، يا وري ادا هاڻي هاڻي منهن ڌوئي ماني لاءِ چيائين ماني کڻي آيس ته بس ساهه جو پکي پرواز ڪري ويو هو. سو ڳالهه پئي ڪيم صبح جو پنجين وڳي جي ته جڏهن آنءُ صوفي تي ليٽل هيس ته اڪبر لغاري ”جيڪو هينئر لاڙڪاڻي ڊويزن جو ڪمشنر آهي“ در تي اچي پهتو چيائين ڊاڪٽر صاحب مريض سيريئس آهي ته مان صوفي تان ٽپ ڏئي ڊوڙندو آءِ سي يو پهتم مريض ڏٺم نه نالو پڇيم نه پار پتا بس ڪمشنر اڪبر لغاري صاحب ٻڌايو ٽي هفتا اڳ اينجوپلاسٽي ٿي اٿس، مون تڪڙ ۾ اي.سي جي ڊسپينسر وارڊ بواءِ کي آڪسيجن لاسڪس اينٽي بيوٽڪ انجيڪشن ايمرجنسي ٽري ۽ سڪر چيڪ ڪرڻ لاءِ چيو سيڪنڊن ۾ سمورا عمل ٿي ويا پر مريض جي سيني تان سهڪو ۽ ڦڦڙن ۾ پيل پاڻي جو شور ختم نه ٿيو اڪبر لغاري صاحب ٻڌايو ته رات 2 وڳي تائين ڪچهري ڪئي آهي. ڪمشنر صاحب خود پگهر ۾ شل لڳو پيو هو کيس شگر وڌي وڃڻ جي ڳڻتي تمام گهڻي بکي پئي جڏهن ته شگر گلوڪوميٽر تي 464 ۽ ليبارٽري ۾ 300 آئي هئي. اڪبر لغاري صاحب ٻڌايو ته ٻه ڏينهن انسولين به استعمال نه ڪئي اٿائين. لاسڪس انجيڪشن جا 12 ايمپول لڳڻ باوجود پيشاب ڪيٿيٽر ۾ گهٽ آيو هو آئسوڪيٽ هڻڻ کانپوءِ بلڊ پريشر ڪنٽرول ٿي وري شوٽ اپ ٿيو پر ساهه کڻڻ ۾ بدستور ڇڪ هئي تيسيتائين وارڊ جا ڪنسلٽنٽ اسسٽنٽ پروفيسر آغا رياض پٺاڻ ۽ ڊاڪٽر فياض مجتبيٰ شاهه (ڪارڊيولاجسٽ) وارڊ ۾ پهچي چڪا هئا. پر جيئن ته ننڊ دوران ڪا شئي (جنهن ۾ پاڻي يا ڪا ٻي شئي) ساهه جي نلين ۾ وڃڻ ڪري ڦڦڙن مان پاڻي نڪرڻ محال ۽ ڦڦڙ آڪسيجن کڻڻ کان جواب ڏئي بيٺا هئا. جنهن ڪري ڪنسلٽنٽن جي صلاح سان کيس وينٽيليٽر تي شفٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو. ايم ايس صاحب جو نمائندو وارڊ ۾ پهچي چڪو هو جنهن آڪسيجن واري ايمبولنس گهرائي مريض کي ميڊيسن يونٽ آئي سي يو ۾ وينٽيليٽر تي منقتل ڪرايو. جنهن کانپوءِ سومر جي ڏينهن صبح جو 9 وڳي ڪنهن اديب دوست ٻڌايو ته Best Poet Ayaz Jani no more with us مان شاڪ ۾ اچي ويم ته هي ڇا آهي. ياد آيو ته ٻه مهينا اڳ ته هن سان منهنجي پهرين ڪچهري منهنجي وارڊ جي 6 نمبر ڪمري ۾ ٿي هئي جڏهن مان ٻه ٽي ڏينهن موڪل ڪري ڊيوٽيءَ تي چڙهيم ته ڊاڪٽرن چيو ابا تنهن جي برادري جو همراهه 6 نمبر ڪمري ۾ پيو اٿئي وڃي ملي اچيس مايوس لڳو پيو آ ڪا دلجاءِ ڏئي اچيس، مان ساڻس ملڻ ڪمري ۾ ويم کيس ٽي ڏينهن داخل ٿئي ٿيا هئا NSTEMI جو پروٽوڪول مليل هو پر پوءِ به رکي رکي سور جون دانهون ڪري رهيو هو، لڳي پيو ته دل جي دوري دل جي مشڪن کي سخت نقصان رسايو هو، شگر جو مريض اڳ ئي هيو مٿان سون تي سهاڳو شاعر به هيو. سو دل واقعي سندس دراوڙ هئي سو لڳي پيو ته جي ٽئي ويلسس بلاڪ هوندس ته باءِ پاس نه ڪرائڻو پويس، نه ته اينجيوپلاسٽي ضرور ٿيندس. مون ڏٺو ته هو ڏاڍو اداس پئي لڳو، کيس لڳو پئي ته دراوڙ دل ساڻس وفا نه ڪندي جڏهن ته ٿورو ڊپريشن ۾ به لڳو. مون کيس پنهنجي شرٽ جا بٽڻ کولي چيريل سينو ڏيکاربو ته سمجهي ويو ۽ کيس پنهنجو تعارف ڪرايو هن مونکي نه سڃاتو پر چيائين نالو ٻڌل ٿو لڳي. لڳي به ڇو نه تقريبن 2 سالن کان لکڻ ڇڏي ويو آهيان سوچيندو آهيان ته لکان به ته ڇو لکان؟ خير اهو پراڻو قصو آ ٻئي دفعي هو منهنجي ڀاڻيجي سان گڏ رتوديرو ڪاليج ۾ ليڪچرر رهيو منهنجو ڀاڻج ڪنهن وقت ۾ اياز جاني جو نالو کڻي ذڪر ڪندو رهندو هيو اهو منهنجو ڀاڻيجو 2 سال اڳ گذاري ويو آهي. اياز سان ان وقت ڪافي دير ڪچهري ٿيندي رهي جتي ٽهڪ ڏيڻو هو اتي مرڪي چپ ٿيو وڃي، کيس چيو هيم؛ اياز صاحب رب جي رضا سمجهو يا پنهنجي ڪا ناداني يا وري تاريخ جو جبر توهان جي دراوڙ دل توهان جي ڌيان جي طالب آهي ان کي ٺيڪ ته ڪرڻو پوندو، روئي به ٺيڪ ڪرائڻي ته کلي به ٺيڪ ڪرائڻي پر ان جو جواب سندس هن وائي جيان هيو ته؛ سانت ڳيهي ويندي پنهنجي اندر جو ڪو ته ڪڙو کڙڪائي اڄ جڏهن اسان کان هميشه هو وڇڙيو آهي ته هو ائين به ناهي ويو باقاعده موڪلائي ويو آهي. فنا جو سڏ ٿو گونجي اسان جي سڏ وراڻي آ چڱو بس موڪلاڻي آ سنڌي شاعري جي جاني “اياز جاني” جي مرتئي تي جنم اتهاس ۾ رکجي خادم بالادي زندگي جا سوين رنگ آهن، سوين ڪيفيتون آهن، لقاءَ آهن، منظر آهن مظهر آهن، ساهه جي هڪڙي هڪڙي پل کي احساس خيال محسوسات جو هڪ سلسلو آهي، ان کي محسوس ڪري ان کي يادگار بنائڻ لاءِ يا زندگي جي سوين رنگن مان پنهنجي محسوسات جي بنياد تي پنهنجا تاثر، خيال تصور جوڙي، انهن کي منفرد سمجهه۽ هڪ تصوراتي شبيهه ڏين لاءِ هر تخليقار جو هڪ الڳ لهجو آهي، تصور ۽ خيال جي هڪ منفرد دنيا آهي، اظهار جو هڪ دل آويز ڊڪشن آهي. ڪائنات جي معني مان معني تخليق ڪرڻ هڪ سچي تخليق جو بنيادي فريض آهي ،هر تخليقار وٽ هڪ پنهنجي دنيا ٿئي ٿي ، خيال تصور، تشبيه استعاره ٻولي ان ڪائنات جا ننڍڙا جز آهن هو پنهنجي تخليقي قدرت سان انهن جزن کي مسلسل فڪر جي نئين انداز سان تحرڪ ڏئي انساني سوچ لاءِ نئين پيڪر تراشي ڪندو رهي ٿو ، جئين هر وقت زندگي ۾ زندگي نئين جاهه جلال سان نظر ايندي رهي، ڪائنات مان ڪائنات جي سمجهه ملندي رهي، تخليقار پنهنجي مشاهدي مطالعي سان جيڪو ادراڪ جوڙيندو آهي ان مان ئي ان جي تخليق جو عظيم فلسفو نسري نروار ٿيندو آهي. ان ڪري آرٽ زندگي جي تهذيب، فڪر، ثقافتي عمل جوهر رکندڙ مڪتب علم ۽ صفت آهي، ان جوهر کي اهوئي ڳولهي سگهي ٿو، جيڪو جوهري هجي جنهن جي نظر روشن ڪرڻن جيان صاف تيز ۽ شفاف هجي، جيڪو اونڌهه ۽ روشني ۾ تميز جو انساني ڪارج ڄاڻيندڙ هجي ،جيڪو جوهر مان موتي جوڙي زندگي .کي ياقوت ۽ مرجان جهڙوسڀاءُ ۽ صفت ڏئي سگهي. پنهنجي طبيعت ۾ ڌيمو مزاج پنهنجي گفتگو ۾ ترتيب ۽ ٻئي لاء تعظيم رکندڙ محبت رکندڙ عزت احترام وارو رويو رکندڙ اياز جاني به اهڙو ئي تخليقڪار هو، جيڪو جوهري هو جيڪو پنهنجي مشاهدي ۽ ادراڪ سان زندگي ،انسان ۽ تحرڪ جون مختلف صفتون ڳولهي لهندو هو اجالي جي تمنا جو قدم اتهاس ۾ رکجي جنم اتهاس ۾ رکجي بغاوت کي لکي چمندي، قلم اتهاس ۾ رکجي جنم اتهاس ۾ رکجي. قومن جي باوقار اوسر ارتقا، واڌ ويجهه ، قومن جو مظبوط ٿيڻ معاشرتي صف بندي ٿيڻ، فردن ۽ قومن جو منظم ٿيڻ جو جيڪو سفر آهي جيڪا جستجو آهي جيڪا جاکوڙ آهي حقيقت ۾ اها سموري تحريڪ ان اونده ۽ ٻاٽ خلاف آهي جيڪا اوندهه جمودي ذهنن ۾ هوندي آهي، جيڪا اوندهه ان قوتن جي روين ۽ ڪوڙن فڪرن ۾ هوندي آهي جيڪي قوتون انسان جي اوسر واڌ ويجه ه۽ ڌرتي تي انسان ۽ انسانيت جي باوقار بقا جي خلاف هونديون آهن. ان اوندهه کي شڪست ڏيڻ لاء زندگي کي روشني جو پيامبر بنائڻ لاء حياتي جي هر ساهه ۾ اجالي جي تمنا پيدا ڪرڻ سان ئي قومون فرد معاشره اتهاس۾ پنهنجو روشن مستقبل ڳولهي لهندا آهن .زندگي جي هر ساه ۾ اجالي جي تمنا، ڏئي اتهاس ۾ جنم کي قائم دائم رکڻ واري صفت ڀال اياز جاني کان سواء ٻيو ڪير ٿو تخليق ڪري سگهي. ڇو ته هو جوهري هو، نظر شناس هو. هو زندگي جي ظاهري ۽ داخلي مقصدن کي سمجندڙ هو. هو شين جي قطعي مقصديت کي سمجندڙ هو. ان جو لفظ لفظ زندگي جي مضبوط صداقت، سچ ۽ ويساهه جو بنياد وجهندڙ هو. لاٽ لياري مان ٻرندي، ٻرندي ٻاٽ ۾ جڙندي جڙندي سوڀ جي، واٽ لياري مان ٻرندي ٻرندي ٻاٽ ۾ هر تخليقار جي نظر صدين تي محيط هوندي آهي ڇو ته فطرت طرفان محسوسات جي جهان کي زمان ۽ مڪان کان مٿاهون ٿي محسوس ڪرڻ لاء هر سچي فنڪار شاعر آرٽسٽ وٽ ازل جو روح ۽ ابد جي اک هوندي آهي هو پنهنجي اهڙي لافاني محسوسات سان قومن جي آئيندي جا امڪان پيدا ڪندو آهي نه صرف امڪان پيدا ڪندو آهي پر هو پنهنجي تخليقن ۽ تحريرن ذريعي انهن امڪانن لاء انسانن فردن جو ويساه ۽ تائيد ۽ تجديد به حاصل ڪندو آهي هو قومن جو ويساهه پختو ڪندو آهي آهي جيئن جستجو ۽ جاکوڙ ذريعي قومون فرد معاشره تصوريل آئيندي جي امڪان جي حقيقت کي دريافت ڪري لهن. درواڙ دل جي تنهائي، وصل جو ڪاج ماڻيندي جڏهن سوراج ماڻيندي مٽي ارڏي وجودن جي وڃي معراج ماڻيندي جڏهن سوراج ماڻيندي ڀلا اهڙو تخليقار شاعر ڪيئن ٿو مري سگهي ؟ جيڪو ٻاٽ ۾ لاٽ اڀاريندو هجي، جيڪو جياپي جي عظيم مقصد خاطر موت کي شڪست ڏيڻ جو حوصلو ڏيندڙ هجي ڀلا محبتن جا پيامبر ۽ صداقتن جا سفير ڪڏهن مئا آهن ڇا؟اياز جاني زندگي جي تلخ تجربن ۾ شاعراڻي جماليات اوتي زندگي جي محبوبيت ڏانهن ماڻهو .کي مائل ڪندڙ شاعر هو سفر ۾ آ ته هر آڪاس کان اڳتي وڃي ماڻهو ته ماڻهو کي مڃي ماڻهو اثر ۾ آ ته هر احساس کان اڳتي وڃي ماڻهو ته ماڻهو کي مڃي ماڻهو. اياز جاني جو ڊڪشن نرالو هن جو لهجو منفرد، هن جي گفتگو ۾ فطري سڀاءُ هن جي طبيعت ۾ ميٺاج .پنهنجي طبعيت ۾ جيترو ڌيمو پنهنجي تخليقي فڪر ۾ اوڏو ئي ارڏو اياز جاني جي هر سٽ، هن جي هر وائي ، هن جي هر غزل . هن جي هر نظم ۾ زندگي جو ڳاٽ اوچو آ سرحد تي ڪنهن عظيم مقصد خاطر وڙهندڙ سپاهي جيان . وڄي ٿو ساز وحدت جو،سڄو سنسار جهومي ٿو اسان جو جو پيار جهومي ٿو خدا جو ٿوپسان جلوو ڏسان ٿو ٻار جهومي ٿو اسان پيار جهومي ٿو اياز جاني اهو پل ڪٿي آ غفور ميمڻ آئون پنهنجي گهر جي لائبرري کي هر موڪل واري ڏينهن اٿلائي پٿلائي ڏسندو آهيان، ضرور ڪو نه ڪو ڪتاب اهڙو هٿ ۾ اچي ويندو آهي، جيڪو سوچ جي اٿاهه ساگر ۾ گم ڪري ڇڏيندو آهي. اڄ جڏهن منهنجي هٿ ۾ ڪتاب ”دراوڙ دل جي تنهائي“ آيو، جنهن تي اياز جاني جي هٿ اکرين سٽون پڙهي، ماضي جي حسين لمحن ۾ گم ٿي ويس. زندگي ڪاغذ جي ٻيڙي وانگر ئي ته آهي جنهن جي نه منزل نه ڀروسو بس ڏينهن مڙئي ڏُون، آهي سڀ ٻاراڻي راند ڪڏهن خوشي ڪڏهن غم، ميلا ته سجندا رهندا، پر انسان فنا آهي، خالي ماڻهو ۾ مڳي آهي. جو آهي سو پل آهي پر اهو پل به هٿ نٿو اچي اڃا ڪالهه جي ڳالهه آهي اياز جي شاعري سنگت ۾ ٻڌندا هئاسين ڪڏهن جهونگاري ٻڌائيندو هو ته لڳندو هو ته هي مست ملنگ ماڻهو آهي هن جي اندر ۾ اٿاهه سمنڊ آهن جن ۾ جذبا ڇولي هڻن ٿا. هن شاعري ۾ جيڏو جمال هو اوترو پيار هو پر هن جي شخصيت ۾ جيتري پنهنجائپ هئي اوتري اڪيلائي هئي. هو يگانو ماڻهو هو. جيڪو سنڌي سماج ۽ ادب سان جڙيل هو. من ۾ ٿاڪ تنهنجي نيڻن جا چپ هيراڪ تنهنجي نيڻن جا، جهڙيون سٽون جڙيندڙ اياز جاني ائين اسان وٽان هليو ويندو ڪڏهن اسان سوچيو به نه هو. کيس شگر جهڙو مرض ته گهڻي عرصي کان هو پر سندس ارڏي طبيعت اهڙي بيماري کي لفٽ ئي نه ڪرائيندي هئي. کلندي چوندو هو ته ميان انب ته کائون پوءِ مري هونءَ ئي وينداسين. اسان جڏهن به ملنداهئاسين ته ڪچهريون هلنديون هيون پاڻ پنهنجي شاعري کان وڌيڪ ٻين جي شاعري ٻڌائيندو هو کيس ڪا به شعر جي سٽ به وڻندي هئي ته مون کي ٻڌائيندو. ساڻس منهنجي ملاقات ۱۹۹۱ع ۾ ٿي جڏهن اسان گلشن حديد ۾ سنڌي ادبي سنگت جو بنياد رکيو هو پاڻ باقاعدي سان سنگت ۾ ايندو هو پوءِ آهستي آهستي انهيءَ سنگت جو روح روان ٿي ويو. کيس قائد آباد ما ن لڏائي آئون گلشن حديد وٺي آيس ڪيترائي سال منهنجو پاڙيسري رهيو اسان جو ڏک ۽ سک ۾ ساٿ رهيو. گلشن حديد جي سنگت کي باقاعدي پاڻ ڄمائي سيڪريٽري ٿيو هو. منهنجي زندگي جي پهرئين ڪتاب ۽ پهريون پروگرام به حديد ۾ اياز ئي ڪرايو هو. ۱۹۹۵ع جي ڳالهه آهي جڏهن اسان حديد ۾ ادبي ميڙو مچايو. سندس زندگي جو اهم پهلو اهو هو ته پاڻ ايماندار ۽ سچو هو انهيءَ معاملي ۾ هو ڪٿي به سمجهوتو نه ڪندو هو. سندس خاندان سان به اختلاف اصولن تي مون ٿيندي ڏٺا. هڪ دفعو مون وٽ مشورو وٺڻ آيو ته آئون PTCL جي نوڪري ڇڏيان ٿو. ڏوڪڙ جام ملندا باقي ٻي نوڪري ريسرچ آفيسر طو مون کي يونيورسٽي ۾ تون وٺي ڏي. مون کيس سمجهايو ته ڏاڍو سڪون سان ويٺو آهين شاعري ڪريو اديبن جي جوڙ توڙ ۽ ادارن ۾ ٿيندڙ سازشن کان پري ئي رهو ته بهتر پر پاڻ نه مڃيائين ۽ مڃي به ڇو. اديب هڪ بي چين وجود ئي ته هوندو آهي ريسٽ زون ۾ رهي ته اديب ڇو هجي واپاري نه هجي.! ٿيو به ائين ادارن جي سازشن، گروپ بندي ۽ آمراڻي ذهنيت وارن جي ور چڙهي ويو، ماڻهو اسان جي وچ ۾ اختلاف پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. اختلافن جي باوجود به اسان هڪ ٻئي جي ادبي تخليقن کي ساراهڻ ۽ صحتمند تنقيد ڪندا رهياسين جو سندس شاعري تي مون سوجهري ۾ مضمون لکيو ته هُن پاڻ مسيج ڪري منهنجو ٿورو مڃيو هو. هو اڪثر چوندو هو منهنجي شاعري کي ڪو تنقيد نگار مليو ته تون ملئين مون کي لڳندو آهي، منهنجي اندر جي اڌمن کي تون زبان ڏئي ڇڏيندو آهين، منهنجي شاعري کي تون لفظن مان ڪڍي آفاقي بنائي ڇڏيندو آهين، غوث پيرزادي سان ته دليون هيس چوندو هو اسان وڙهندا به آهيون ته حد کان وڌيڪ پر سري به نٿي هڪ ٻئي سواءِ غوث آهي به پيارو ماڻهو ٻارن وانگر ڪاوڙبو آهي ته ٻارن وانگر ڊڪون ڏئي روئي به پوندو آهي پر پرچي ته ڄڻ ڪڏن وڙهياسين ئي ڪو نه. اياز جاني جو جڏهن شاعري جو پهريون ڪتاب ڇپيو هو ته مون کي ڏاڍي خوشي ٿي هئي من ۾ تانگهو هئي ته ڪتاب ملي ته ان تي ڀرپور تنقيد لکان. هوڏانهن وري اياز خود به تانگهه ۾ هو ته ڪتاب غفور کي گهر وڃي ڏئي اچان پر دير ڇا جي؟؟ بس انسان جا ويڇا، انا، ٺلهي مستي، خالي فاصلا ڪڏهن دل ۾ ايندو هو ته کيس وڃي ٻانهن کان وٺي چوان ته ڇڏ ڪاوڙ جيڪو ٿيو سو منهنجي کاتي ۾ وجهي ڇڏ پر کل يار کڻ اکيون ته وڃن سور سنڌا ڪري، هوڏانهن اياز وٽ به اها تانگهي هئي جو سامي ميمڻ کي چيائين ته “يار هڪ ڳالهه ٻڌ غفور سان منهنجو ٺاهه ڪراءِ” سامي مصروف ماڻهو آهي ايترو جو کيس دل جو دورو پيو، پر اهو ئي جاکوڙي. هوڏانهن اياز جي پوسٽنگ به رتي ديري ڪاليج ۾ ٿي ويئي ته پري رهيو. هڪ ڏينهن اڪبر لغاري صاحب مون کي ٽيليفون ڪري پنهنجي ڪتاب جي مهورت ڪرڻ جي دعوت ڏني ته لاڙڪاڻي اچ. خبرناهي ڇا مون ٿورو سوچيو ۽ ها ڪري ويٺس. لاڙڪاڻي ۾ اڪبر لغاري ڪمشنر هائوس ۾ چيو ته اياز ۽ غوث آيل آهن ڊرائنگ رو۾ ۾ ويٺا آهن توهان جا ڪي اختلاف آهن ڇا؟ مون چيو ته اهڙا به ناهن جو نه ملجي، هلو ته ساڻن ملون. ڊرائنگ روم ۾ جو آياسين ته ٻکين پئجي وياسين. بس اياز جي خوشي جي حد نه رهي. پاڻ ڏاڍو خوش ٿيو. مون کيس پنهنجو نئون ڪتاب تحفي ۾ ڏنو ته انهي جي لي آئوٽ تي ڳالهائڻ لڳو ۽ چيائين؛ يار منهنجي دل جي خواهش هئي ته پاڻ ملون ۽ تو کي ڪتاب ڏيان. پر تون لاڙڪاڻي ڪيئن؟ اسان ته تو کي الاهي ڀيرا چوندا هئاسين ته لاڙڪاڻي هل پر تون نه آئين، اڄ ڪيئن آئين؟ مون چيو ته؛ بس شايد توهان سان ملڻ آيس. انهيءَ ڏينهن اسان خوب ڪچهري ڪئي. اسان جي ملڻ جي خوشي غوث کي اڃا وڌيڪ پئي ٿي. جو هن سمجهيو پئي ته اصل دوستي هئي اسان جي ڌار ڇو ٿياسين. ان ڏينهن پروگرام ۾ اياز ڏاڍو خوش هو. وڏي آواز سان ڳالهيون پئي ڪيائين. وري منظور ڪوهيار جو اسٽيج ڊرامو ڏٺوسين. رات جو ڪمشنر هائوس ۾ پاڻ ۽ غوث، آرام لاءِ ڪمري ۾ ويا ۽ اسان وري اڪبر، اسحاق سميجو ۽ ڪجھه ٻيا دوست ڪچهري ۾ ويهي رهياسين. اڪبر چيو؛ سڀاڻي توهان کي گاڏي ڏيندس ڪراچي توهان کي ڇڏي ايندي. اياز ۽ غوث به چيو هو ته؛ اسان گڏ هلنداسين. رات جا ٽي لڳي پندرھن منٽ ٿيا هوندا ته اوچتو ڪو ماڻهو ڊوڙندو آيو؛ توهان جي دوست جي طبيعت خراب ٿي پئي آهي. اسان فورن کيس سهارو ڏئي گاڏي ۾ آندو ۽ اسپتال وٺي آياسين. سندس شگر ٽيسٽ ڪرڻ تي خبر پئي ته اها ۴۶۰ تي هئي. پاڻ آهستي آهستي هوش مان نڪري رهيو هو. اسان صبح تائين اتي علاج جي ڊوڙ ڊڪ ۾ بيٺا رهياسين. آخر ڊاڪٽرن کيس ICU ۾ داخل ڪيو ۽ وينٽيليٽر لڳايو. اڪبر لغاري چيو ته؛ آئون هتي موجود آهيان، توهان ڀلي وڃو. غوث مطمئن نه هو. مطمئن ته آئون به نه هئس، ڇو جو حالت سڌري نه رهي هئي. اسپتال جي حالت به خراب هئي، ڪا سهوليت نه هئي پر بي وس هئاسين. آئون ۽ هڪ ٻيو دوست ڪراچي نڪري آياسين. پر ٻئي ڏينهن اها منحوس خبر آئي ته اياز نه رهيو. ماڻهوءَ ۾ خالي مستي آهي ٺلهي ڀڳت ٿو ڪري، آهي ڪجهه به نه. پاڻي جو ڦوٽو ته آهي، آيو ۽ ويو. ڇا جي انا ڇا جي “مان”. مون کي ته ائين لڳو ڄڻ اڪبر لغاري جي دعوت ته بهانو هئي. اياز پئي چيو؛ يار هاڻ اچ ته پرچي پئون. مون وٽ ته ٽائيم ناهي جو هاڻ ڪراچي اچان، بس اڄ هاڻ لاڙڪاڻي اچ جو وقت ٿورو آهي. هو کاهوڙي ماڻهو هو، شخصيت ۾ نرالو الڳ ٿلڳ، سندس اندر جي ڪائنات خوبصورت هئي جنهن جو عڪس سندس شاعري ڏئي ٿي. هن جي شاعري هن جو نثر هن جون تقريرون ڪنهن رواجي خاني ۾ ناهن هو ڪمال جو شاعر هو جنهن تي آئون ضرور مقالو لکندس. بس شيخ اياز جو شعر ذهن تي تري اچي ٿو. يار سان پيار جي ڳالهه آ، ڪا ته اقرار جي ڳالهه آ چنڊ لائون ٿو لهي مٿان، ڪنهن جي دلدار جي ڳالهه آ اي اياز ! اوچتو موت ڇو؟ بس اها خار جي ڳالهه آهي. اياز جانيءَ جي ياد ۾ رکيل مورائي ڪالهه! اياز جانيءَ جي وفات جو ڏينهن هو؟ تڪڙ ۾ چئي وڃڻ سولو آهي جو سموري سٽ ۾ ڪاٿي به فل اسٽاپ، ڪاما، دم ۽ اڌ دم جو استعمال نٿو ٿئي. پر.... ان ڏينهن جي درد جي شدت جڏهن محسوس ڪجي ٿي ته وري هڪ نئين درد ۽ پيڙا جي درياهه مان گذرڻو پوي ٿو، پوءِ به اهو قبولڻ ڏکيو بڻجي پوي ٿو ته اياز جاني وفات ڪري ويو آهي وقت کان اڳ اوچتو وڇڙي ويل دوست ائين ٻچتائي ۾ وجهي ڇڏيندا آهن. سندن وفات کي قبولڻ ۽ نه قبولڻ جي وچ وارو سفر پلصراط تان گذرڻ وارو سفر هوندو آهي ۽ سچ پچ ته اهو سفر جڏهن اياز جانيءَ جهڙي شاعر ۽ جي وفات جو هجي ته پڪ سان ان سفر کي ڪو به نالو ڏيڻ ڏکيو آهي. گهٽ ۾ گهٽ مون لاءِ ته ائين آهي. ڇهه جون اسان لاءِ، نئين سنڌي شاعريءَ لاءِ نئون احساس کڻي ايندڙ سنڌي غزل لاءِ، پنهنجي آس جو درد کڻي ايندڙ سنڌي وائيءَ لاءِ اڀاڳو ڏينهن آهي. هونئن ڏينهن سڀاڳا يا اڀاڳا نه ٿيندا آهن. منهنجو اهڙو مڃڻ آهي، پر اهي پاڻ سان سڀاڳيون/ اڀاڳيون نسبتون ضرورکڻي ايندا آهن. اهڙيون نسبتون کڻي ايندڙ انساني تاريخ جا ڪيترائي ڏهاڙا آهن. جن مان هڪ ڏينهن ڇهه جون به آهي. جنهن جي نسبت سنڌي نئين شاعراڻي ادب لاءِ نڀاڳ جي علامت ئي آهي. ايندڙ زندگيءَ ۾ هيءُ ڏينهن اسان کان شايد نه وسري سگهي، پوءِ کڻي اهو لکيل صورت ۾ نه به هجي. اسان جي دلين تي اهو ڏينهن چٽو لکيل آهي. جنهن ڏينهن اسان اياز جانيءَ جون جي سدائين مرڪندڙ جهري تي هڪ مستقل خاموشي ڏٺي هئي. هيءَ اهڙي خاموشي هئي. جنهن کي سنڌي محاوري ۾ ”موت جهڙي خاموشي“ چئبو آهي. ڇا سچ پچ موت خاموشيءَ جو نالو آهي.؟ جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ اياز جانيءَ جا شعر خاموش ڪٿي آهن؟ آنءُ مفلس ۽ شهر تنهنجي ۾ ڪيترا واڪ تنهنجي نيڻن جا چئني پاسي واڪ، آواز، سڏڪا، گلشن حديد ۽ اسٽيل ٽائون جي وچ واري مقام جي دائري ۾ خاموشي ڪٿي هئي. اها ته فقط اياز جانيءَ جي چهري تي ئي هئي ۽ ان کانپوءِ لڳاتار اسان جي من ۾ آهي. اسان جي اکين ۾ ته سدائين سندس مرڪندڙ اکين وارو چهرو موجود آهي ۽ زبان تي سندس ڏک پريل احساس جو اظهار ڪاٺ جو چهرو، اکيون پٿر رکي ڪئين ملجي وچ ۾ خنجر رکي ۽ هو بيحد بهادر شخص اهو سڀ ڏسندي محسوس ڪندي پنهنجي چهري تي سدا بهار مرڪ رکي سگهيو، پڪ سان اهو سندس بردباري ۽ بهادريءَ جو ڪمال ئي چئبو. نئين ديري جهڙي ننڍڙي شهر کان سفر جي شروعات ڪندڙ اياز جانيءَ ڪراچيءَ جهڙي وڏي شهر تائين رسندي ڇا پاتو ۽ ڇا وڃايو، ان جو پوتاميل سندس شاعريءَ ۾ ته موجود آهي. پر هُن پنهنجي زبان سان ڪڏهن به بيان نه ڪيو. دل ۾ سانڍيو. ان دل ۾، جنهن ساڻس وفائي نه ڪئي. جيتوڻيڪ هُن اُن دل کي دراوڙ ڪوٺيو هئو! پر هيءُ دراوڙي وڙ ته ڪونه هئو! سفر ۾ ساڻ نه هلڻ واري کي همسفر ڪيئن ڪوٺبو؟ هن جي دل هن جي همسفر نه رهي ۽ هُو اسان کان اڌ سفر ۾ موڪلائي ويو. اسين جيڪي سفر ۾ آهيون، اهي کيس ڪيئن وساري سگهنداسين؟ جنهن شاعراڻي ماڳ تي رسڻ لاءِ هن سفر شروع ڪيو، اهو ماڳ کيس ڪئين وساري سگهندو. اياز جانيءَ هڪ شاعراڻي ڪتاب ڇپجڻ جو خواب سانڍيو، جيڪو ساڀيا ماڻي ويو. سندس ڪتاب ”دراوڙ دل جي تنهائي“ جي نالي سان ڇپيو، ان جي شاندار مهورت لاڙڪاڻي ۾ ٿي، سندس گهيڻي دل گهريا دوست ان ۾ شريڪ رهيا. پنهنجي هڪ ننڍڙي ذاتي گهر جو خواب هن حياتيءَ ۾ ساڀيان ٿيندي ڏٺو، آبرودار جيا پي جو بنياد کيس ميسر ٿيو ۽ پوءِ سڀ ملندڙ حاصلاتون ڪنهن لاءِ حاصل سفر جي ڌوڙ ۾ گم ٿي ويون نه اڳتي نظر وڃي سگهي ۽ نه پوئتي اک ڏسي سگهي. وچ ۾ رهجي وڃي. هڪ سڏڪندڙ ۽ کيس سڏيندڙ آواز – اياز جاني .....! اهو ڏينهن ڇهه جون جو هئو ۽ -ڪالهه ڇهه جون هُئي.. اياز جاني سندس وڇوڙي جو ڏينهن رکيل مورائي ڇَهَه جُون ! اياز جانيءَ جي وفات جو ڏينهن آهي؟ تڪڙ ۾ چئي وڃڻ سولو آهي جو سموري سٽ ۾ ڪاٿي به فل اسٽاپ، ڪاما، دم ۽ اڌ دم جو استعمال نٿو ٿئي. پر... . ان ڏينهن جي درد جي شدت جڏهن محسوس ڪجي ٿي ته وري هڪ نئين درد ۽ پيڙا جي درياهه مان گذڻو پوي ٿو، اڄوڪو ڏينهن سنڌي ادب لاءِ اهو اڀاڳو ڏينهن آهي، جنهن ڏينهن سنڌي ادب پنهنجو هڪ اهم ليکڪ/ شاعر وڃايو هئو پوءِ به اهو قبولڻ ڏکيو بڻجي پوي ٿو ته اياز جاني وفات ڪري ويو آهي وقت کان اڳ اچانڪ وڇڙي ويل دوست ائين ٻچتائي ۾ وجهي ڇڏيندا آهن. منهنجي ذهن ۾ مها قوي شيخ اياز جي هي سِٽ اڀري آئي آهي. واريءَ منجهه وڃائيا، تنهنجا پيرا مون. شام لٿي آهي سندن وفات کي قبولڻ ۽ نه قبولڻ جي وچ وارو سفر پلصراط تان گذرڻ وارو سفر هوندو آهي ۽ سچ پچ ته اهو سفر جڏهن اياز جانيءَ جهڙي شاعر ۽ دلبر دوست جي وفات جو هجي ته پڪ سان ان سفر کي ڪوبه نالو ڏيڻ ڏکيو آهي. گهٽ ۾ گهٽ مون لاءِ ته ائين آهي. ڇهه جون اسان لاءِ، نئين سنڌي شاعريءَ لاءِ نئون احساس کڻي ايندڙ سنڌي غزل لاءِ، پنهنجي آس جو درد کڻي ايندڙ سنڌي وائيءَ لاءِ اڀاڳو ڏينهن آهي. ان ڳالهه ۾ هاڻ هر ڏينهن وڌيڪ يقين پختو ٿي رهيو آهي. هونئن ڏينهن سڀاڳا يا اڀاڳا نه ٿيندا آهن. منهنجو اهڙو مڃڻ آهي، پر اهي پاڻ سان سڀاڳيون / اڀاڳيون نسبتون ضرورکڻي ايندا آهن. اهڙيون نسبتون کڻي ايندڙ انساني تاريخ جا ڪيترائي ڏهاڙا آهن. جن مان هڪ ڏينهن ڇهه جون به آهي. جنهن جي نسبت سنڌي نئين شاعراڻي ادب لاءِ هن صديءَ ۾ نڀاڳ جي علامت ئي آهي. ايندڙ زندگيءَ ۾ هيءُ ڏينهن اسان کان شايد نه وسري سگهي، پوءِ کڻي اهو پنن تي لکيل صورت ۾ نه به هجي. اسان جي دلين تي اهو ڏينهن چٽو لکيل آهي. جنهن ڏينهن اسان اياز جانيءَ جي سدائين مرڪندڙ جهري تي هڪ مستقل خاموشي ڏٺي هئي. هيءَ اهڙي خاموشي هئي. جنهن کي سنڌي محاوري ۾ “موت جهڙي خاموشي” چئبو آهي. ڇا سچ پچ موت خاموشيءَ جو نالو آهي. ؟ جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ اياز جانيءَ جا شعر خاموش ڪٿي آهن؟ آنءُ مفلس ۽ شهر تنهنجي ۾ ڪيترا واڪ تنهنجي نيڻن جا چئني پاسي واڪ، آواز، سڏڪا، گلشن حديد ۽ اسٽيل ٽائون جي وچ واري مقام جي دائري ۾ خاموشي ڪٿي هئي. اها ته فقط اياز جانيءَ جي چهري تي ئي هئي ۽ ان کانپوءِ لڳاتار اسان جي من ۾ آهي. اسان جي اکين ۾ ته سدائين سندس مرڪندڙ اکين وارو چهرو موجود آهي ۽ زبان تي سندس ڏک پريل احساس جو اظهار ڪاٺ جو چهرو، اکيون پٿر رکي ڪئين ملجي وچ ۾ خنجر رکي ۽ هو بيحد بهادر شخص اهو سڀ ڏسندي محسوس ڪندي پنهنجي چهري تي سدا بهار مرڪ رکي سگهيو، پڪ سان اهو سندس بردباري ۽ بهادريءَ جو ڪمال ئي چئبو. نئين ديري جهڙي ننڍڙي ڳوٺ نما شهر کان سفر جي شروعات ڪندڙ اياز جانيءَ ڪراچيءَ جهڙي وڏي شهر تائين رسندي ڇا پاتو ۽ ڇا وڃايو، ان جو پوتاميل سندس شاعريءَ ۾ ته موجود آهي. پر هُن پنهنجي زبان سان ڪڏهن به بيان نه ڪيو. دل ۾ سانڍيو. ان دل ۾، جنهن ساڻس ڪڏهن به وفائي نه ڪئي. جيتوڻيڪ هُن اُن دل کي دراوڙ ڪوٺيو هئو! پر هيءَ دراوڙي وڙ ته ڪونه هئو! سفر ۾ ساڻ نه هلڻ واري کي همسفر ڪيئن ڪوٺبو؟ هن جي دل هن جي همسفر نه رهي ۽ هُو اسان کان اڌ سفر ۾ موڪلائي ويو. اسين جيڪي سفر ۾ آهيون، اهي کيس ڪيئن وساري سگهنداسين؟ جنهن شاعراڻي ماڳ تي رسڻ لاءِ هن سفر شروع ڪيو، اهو ماڳ کيس ڪئين وساري سگهندو. اياز جانيءَ هڪ شاعراڻي ڪتاب ڇپجڻ جو خواب سانڍيو، جيڪو ساڀيا ماڻي ويو. سندس ڪتاب “دراوڙ دل جي تنهائي” جي نالي سان ڇپيو، ان جي شاندار مهورت لاڙڪاڻي ۾ ٿي، سندس گهڻي ئي دل گهريا دوست ان ۾ شريڪ رهيا. پنهنجي هڪ ننڍڙي ذاتي گهر جو خواب هن حياتيءَ ۾ ساڀيا ٿيندي ڏٺو، آبرودار جياپي جو بنياد کيس ميسر ٿيو ۽ پوءِ سڀ ملندڙ حاصلاتون ڪنهن لاءِ حاصل سفر جي ڌوڙ ۾ گم ٿي ويون نه اڳتي نظر وڃي سگهي ۽ نه پوئتي اک ڏسي سگهي. وچ ۾ رهجي وڃي. هڪ سڏڪندڙ ۽ کيس سڏيندڙ آواز – اياز جاني ... .. ! اهو ڏينهن ڇهه جون جو هئو ۽ -اڄ وري ڇهه جون آهي... . (ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۶ جون ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
ماسٽر محمد ابراهيم ڪڇي لب ۽ لهجي وارو منفرد سنڌي ڪلاڪار ناصر مقصود گل سنڌي لغت موجب ’ڪڇ‘ لفظ جي معنى ’ماٿري‘، ’وادي‘ يا ’هيٺاهين زمين‘ آهي، ان ئي نالي سان ننڍي کنڊ ۾ سنڌ جي پاڙي ۾ عربي سمنڊ جي ڪناري تي هندوستان جو هڪ علائقو ’ڪڇ‘ پڻ موجود آهي، جنهن جون سرحدون سنڌ جي ڏکڻ-اوڀر سان لڳن ٿيون، محققن جو اهو خيال آهي ته اهو علائقو عربي سمنڊ جي ڪناري تي هڪ ماٿري هجڻ ڪري قديم زماني کان ’ڪڇ‘ جي نالي سان سڏجي ٿو. تاريخ جا ورق ان ڳالهه جا شاهد آهن ته سنڌ جا مارو ماڻهو، خاص ڪري لاڙي، ٿري، ڪاڇائي ۽ ڪڇي اڪثر ڏڪر وارين حالتن سان منهن ڏيندا رهيا آهن ۽ هر حالت ۾ محنت سندن شان ۽ مان رهندي آئي آهي. صدين کان ڪڇ جا ملاح، جهازرانن طور مشهور هئا. تاريخ ۾ ڪن هنڌن تي اهي به شاهديون ملن ٿيون ته ڪڇ جا محنت ڪش ڪڇي ايترا ته هوشيار ۽ جفاڪش هوندا هئا، جو سن ۱۷۰۲ع ڌاري ڪڇي ملاحن هڪ سامونڊي ٻيڙو بنا ڪنهن ٻاهرين مدد جي جوڙي تيار ڪيو، جيڪو ننڍي کنڊ کان ڪاميابيءَ سان انگلينڊ روانو ڪيو ويو. هي ته هيو ڪڇ سان وابسته محنتي ملاحن توڙي جان فشان جهاز رانن جو ذڪر، پر جيڪڏهن ڪڇ واري علائقي سان واڳيل سر جي سفر بابت کوجنا ڪبي ته ڪيترائي سريلا آواز هن خطي مان گونجندي ٻڌي سگھبا، انهن آوازن مان هڪ اهڙو آواز به آهي، جنهن پنهنجي منفرد انداز ۾ جڏهن ڀٽائي توڙي ٻين شاعرن جا ٻول ڳايا، ته هر ٻڌڻ واري پنهنجي من ۾ راحت محسوس ڪئي، اهو مٺڙو ۽ سدا حيات آواز ماسٽر محمد ابراهيم جو آهي. سنڌ جي سدا حيات ڪلاڪار ماسٽر محمد ابراهيم جا وڏا به اصل ڪڇ واري علائقي جا رهواسي هئا، پر ماسٽر محمد ابراهيم پاران ڏنل هڪ انٽرويو ۾ ان ڳالهه جو به پتو پوي ٿو ته سندس وڏا اصل عبرستان جا رهاڪو هئا، جيڪي بعد ۾ هجرت ڪري ’ڪڇ‘ ۾ اچي آباد ٿيا هئا. ماسٽر محمد ابراهيم جو جنم ڪڇ کان ۳۶ ميل ڏکڻ ۾ واقع ’سلايا‘ نالي ڳوٺ ۾ ۳۱ جون ۱۹۲۰ع تي ٿيو. سندس مادري زبان ڪڇي هئي. محمد ابراهيم جو جنم اهڙي خاندان ۾ ٿيو، جنهن خاندان ۾ تعليم جي وڏي اهميت هئي ۽ موسيقيءَ جو تصور ئي نه ڪيو ويندو هو. محمد ابراهيم جو والد احمد ڪڇي هڪ پڙهيل لکيل ڪامورو هو، جيڪو ريلوي کاتي ۾ اسٽيشن ماستر جي حيثيت سان ڪم ڪندو هو. ساڳئيءَ طرح محمد ابراهيم جو هڪ چاچو پوليس کاتي ۾ ايس. پي هو. سندس ٻيا چاچا ۽ مائٽ به چڱن عهدن تي فائز هئا، جنهنڪري محمد ابراهيم جي والد جي پڻ اها خواهش هئي ته سندس پٽ لکي پڙهي ڪو وڏو آفيسر ٿئي. محمد ابراهيم کي بنيادي تعليم لاءِ جڏهن اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو، تڏهن کان ئي سندس دل تعليم سان ڪانه ٿي لڳي، ڇاڪاڻ جو ننڍپڻ ۾ ئي سندس روح ۾ راڳ طرف رغبت پيوست ٿيل هئي، تنهنڪري هو اسڪول توڙي گھر ۾ اڪثر ويٺو جھونگاريندو رهندو هو. سندس استادن انهيءَ سموري حقيقت کان محمد ابراهيم جي والد کي شڪايتي نموني آگاهه ڪيو، جنهن تي سندس والد کي مٺيان لڳي ۽ محمد ابراهيم کي سختيءَ سان تعليم طرف توجهه ڏيڻ جي هدايت ڪئي. جڏهن ماسٽر محمد ابراهيم ڪجھه درجا پڙهي ورتا ۽ سندس والد ڏٺو ته سندس دل پڙهائيءَ سان ڪانه ٿي لڳي ته پوءِ مجبور ۽ مايوس ٿي، هنر جي سکيا ڏيارڻ لاءِ محمد ابراهيم کي پنهنجي هڪ واسطيدار سيٺ رگھومل ڏانهن بمبئي (هاڻوڪي ممبئي) طرف اماڻيائين، سيٺ رگھومل بمبئي توڙي ڀرپاسي ۾ قائم ڪيترين ئي ملن ۽ ڪارخانن جو مالڪ هو. ان زماني ۾ بمبئي سنڌ جو حصو هوندي هئي ۽ اتي ڪيتريون ئي ملون ۽ تربيت گاهون هيون، جتان تيار ڪيل مال اولهه جي ملڪن ڏانهن اماڻيو ويندو هو. محمد ابراهيم کي سيٺ رگهو مل پنهنجي گھر ۾ رهايو ۽ هڪ تربيت گاهه ’ڀاڪا ٽيڪنيڪل‘ ۾ داخل پڻ ڪرايو، جتي محمد ابراهيم ٽيڪنيڪل تربيت حاصل ڪندو رهيو. پر عجيب اتفاق اهو ٿيو، جو اهي ڏينهن ماسٽر محمد ابراهيم جي موسيقيءَ جي بنيادي تربيت لاءِ تمام ڪارائتا ثابت ٿيا، ڇاڪاڻ جو سيٺ رگھومل جي ڌيءَ ’سوشيلڊ ٺاڪر‘ کي راڳ سکڻ جو ڏاڍو شوق هو، تنهنڪري هڪ استاد ’نارائڻ رائو وياس‘ کيس راڳ جي تربيت ڏيڻ لاءِ سندن گھر ۾ ايندو هو. هيءُ اهو استاد هو، جيڪو ان وقت هند جي مشهور موسيقيءَ جي درسگاهه ’گانڌرو سنگيت مهاوديالا‘ ۾ شاگردن کي راڳ جي سکيا ڏيندو هو. محمد ابراهيم به موقعي جو فائدو وٺندي کانئس راڳ جي سکيا وٺڻ شروع ڪئي. پر ٿوري ئي عرصي ۾ اها خبر محمد ابراهيم جي پيءُ کي پئي، جنهن پنهنجي دوست سيٺ کي چوائي موڪليو ته سندس پٽ کي بمبئيءَ کان احمد آباد ڏانهن موڪليو وڃي. نتيجي ۾ ماسٽر محمد ابراهيم وڃي احمد آباد پهتو. احمدآباد کي هندن وٽ هڪ مذهبي حيثيت حاصل هئي، جيڪا هينئر به آهي، ڇاڪاڻ جو سومنات مندر احمدآباد جي ڀر ۾ ئي آهي. هي اهو زمانو هو، جڏهن هندو ڳائڻن جو تمام گھڻو عروج هوندو هو، سندن ڳائڻ جو انداز به منفرد هو، جنهن کي هو ’ڀڳتي‘ ڪوٺيندا هئا. انهن ڏينهن ۾ احمدآباد ۾ موسيقيءَ جو هڪ وڏو استاد رهندو هو، جنهن کي وقت جي سنگيتڪارن پاران ’پنڊت‘ جو لقب مليل هو، جيڪو اتفاق سان محمد ابراهيم جي بمبئيءَ واري استاد ’نارائڻ رائو وياس‘ جو ڀاءُ هو. تنهنڪري ماسٽر محمد ابراهيم قسمت آزمائيندي پنهنجي پهرين استاد ’نارائڻ رائو وياس‘ جي معرفت پنهنجي ٻئي استاد سان وڃي مليو، جنهن پنهنجي ڀاءُ جو نالو ۽ حوالو ٻڌي مٿس شفقت جو هٿ رکيو، اهڙي نموني ماسٽر محمد ابراهيم کي راڳ جي سکيا جو سلسلو جاري رکڻ ۾ ڪنهن به قسم جي رنڊڪ ڪانه ٿي ۽ هتي به کيس موسيقيءَ جي اهڙي ئي سکيا ملندي رهي، جهڙي هو ان کان اڳ بمبئيءَ ۾ وٺي چڪو هو. ٻئي طرف احمد آباد ۾ به ساڳئي قسم جي تربيت گاهه ۾ ٽيڪنيڪل تربيت جي سکيا لاءِ داخلا ورتائين، اهڙيءَ ريت جيترو عرصو ٽيڪنيڪل تربيت حاصل ڪيائين، اوترو ئي عرصو راڳ ڳائڻ جي تربيت پڻ حاصل ڪندو رهيو. ماسٽر محمد ابراهيم احمدآباد مان موٽي وڃي پنهنجن مائٽن وٽ پهتو، پر ستت ئي ۱۹۴۶ع ڌاري سندس والد وفات ڪري ويو ۽ هو پنهنجي پيءُ جي رحلت کانپوءِ ڪڇ کان ڪراچيءَ لڏي آيو، جتي کيس بحريه جي هڪ ڪمپني ’محمد الاحمدي‘ ۾ پاڻيءَ وارن جهازن جي ميڪينڪل انجنيئر طور ملازمت ملي، جتان کيس ساڍا ڇهه سو روپيا ماهوار پگھار ملڻ لڳي، جيڪا هڪ ڪٽنب جي ڪفالت جي لاءِ ان وقت ۾ ڪافي هوندي هئي. اڳتي هلي ورهاڱي کان بعد ۱۹۴۸ع ۾ جڏهن ريڊيو ڪراچيءَ جو قيام عمل ۾ آيو، تڏهن ريڊيو تي محمد ابراهيم پنهنجي قسمت آزمائڻ جي خاطر آڊيشن ڏيڻ آيو، جنهن آڊيشن ۾ ننڍي کنڊ جي معتبر ۽ سگھاري براڊڪاسٽر زيڊ اي بخاريءَ (ذوالفقار علي بخاري) کيس ڪامياب قرار ڏنو، جنهن سوڀ ماڻڻ بعد محمد ابراهيم نه فقط ريڊيو تي هڪ ايپرووڊ آرٽسٽ طور ڪامياب ٿيو، پر ريڊيو ڪراچيءَ تي کيس موسيقيءَ جي شعبي ۾ مستقل ملازم طور پڻ مقرر ڪيو ويو، جنهنڪري هن سامونڊي جهازن جي ميڪينڪل انجنيئر جهڙي نوڪري به ڇڏي ڏني. ماسٽر محمد ابراهيم جيئن ته فطري طور تي راڳ جو عاشق هو، جنهن جي هن تربيت به حاصل ڪئي هئي، تنهنڪري ڪراچيءَ ۾ ملازمت دوران هو انهيءَ تلاش ۾ هو ته کيس ڪا اهڙي سنگت ملي، جنهن سان سندس موسيقيءَ واري شوق جو پورائو به ٿي سگھي. انهن ڏينهن ۾ سندس ملاقات محمد جمن هالي سان ٿي، جيڪو هڪ نامياري شاعر هجڻ سان گڏ راڳ ٻڌڻ جو شوقين پڻ هو، سندس گھر جي هيٺان هڪ اوطاق هوندي هئي، جتي راڳ جون محفلون ٿينديون رهنديون هيون. اتي ساز به رکيل هوندا هئا ۽ وڏا وڏا فنڪار ايندا ويندا هئا. پنهنجي روح کي ريجھائڻ لاءِ محمد ابراهيم به اتي ايندو رهندو هو. ۱۹۵۵ع ۾ جڏهن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو افتتاح ٿيو، تڏهن کيس حيدرآباد ريڊئي تي ميوزڪ ڪمپوزر جي حيثيت سان مقرر ڪيو ويو. اها هڪ لڪل حقيقت آهي ته ماسٽر محمد ابراهيم پنهنجي موسيقيءَ واري ڪيريئر جي شروعات ۾ اردو، گجراتي ۽ ڪڇيءَ ۾ ڳائيندو هو، ڇاڪاڻ جو سندس مادري ٻولي ڪڇي هئي، ان ڪري شروعات ۾ کيس سنڌي تمام گھٽ ايندي هئي. پوءِ پنهنجي جهازن واري ڪمپنيءَ ۾ ملازمت دؤران ڪراچيءَ ۾ ڪياماڙيءَ جي آس پاس سنڌي وسندين ۾ سنڌين سان ملڻ جلڻ سبب ڀرپور محنت ڪري سنڌي سکيو ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڳائڻ شروع ڪيائين ۽ پنهنجي منفرد انداز سبب جلد ٻڌندڙن ۾ پسنديدگي حاصل ڪري ورتائين. محمد ابراهيم سنڌيءَ سان گڏ اردو ۽ فارسي ٻولين ۾ به ڪلام چوندو هو. سندس گائيڪيءَ جو اهو اصول هوندو هو، ته پاڻ جنهن به شاعر جو ڪلام چوندو هو ته موضوع جي مناسبت سان ان ڪلام جي شروع توڙي وچ ۾ بيت به انهيءَ شاعر جا چوندو هو. سندس حافظو انتهائي سٺو هوندو هو، جو سڄي سڄي رات محفل ۾ بنا ڪنهن لکيل تحرير يا بنا ڪنهن ڊائري وغيره جي ياد ڳائيندو هو. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جو هڪ وڏو تعداد کيس ياد هوندو هو، اهو ئي سبب آهي جو هن شاهه سائين جي ڪلام کي گھڻو ڳايو. پوءِ سچل، سامي، حمل، بيدل، علامه اقبال، وارث شاهه، بابا بلي شاهه، خواجه غلام فريد، حافظ جامي، سعدي، غالب، ميران ٻائي، مصري شاهه، طالب المولى ۽ محمد جمن هالي جي بيتن، واين، ڪافين، گيتن ۽ غزلن کي جڏهن به ڳايو ته ٻڌندڙن جي من کي موهي وڌائين. محمد ابراهيم سنڌي فلمن ۾ پسِ پرده ڳائيندڙ مقبول ڪلاڪار پڻ رهيو هن جن فلمن جا گيت ڳايا، انهن مان ڪجھه مشهور فلمن ۾ عمر مارئي، سسئي پنهون، پرديسي، مارو، پرائي زمين ۽ تنهنجون ڳالهيون سڄڻ ۽ ٻيون ڪيتريون ئي مشهور فلمون شامل آهن. آگسٽ ۱۹۵۱ع ۾ موسيقار احمد علي چاگلا پاڪستان جي قومي تراني جي ڌن ٺاهي ۽ تراني جي ريڪارڊنگ جي ڪورس جي لاءِ جن آوازن جي چونڊ ڪئي ته انهن آوازن ۾ محمد ابراهيم جو آواز پڻ شامل هو، اهڙي طرح محمد ابراهيم اهو واحد سنڌي ڪلاڪار هو، جنهن جو آواز پاڪستان جي قومي تراني جي پهرين سرڪاري ريڪارڊنگ لاءِ چونڊيو ويو، اهو ترانو ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ ۾ ريڪارڊ ٿيو ۽ اها قديم ريڪارڊنگ اڄ تائين پاڪستان ٽيلي ويزن ۽ ريڊيو پاڪستان جي هر اسٽيشن تان روزاني نشريات جي آخر ۾ نشر ٿيندي آهي. محمد ابراهيم پنهنجو فن پنهنجي ڪيترن ئي شاگردن تائين منتقل پڻ ڪيو، سندس شاگردن ۾ روبينا قريشي، سشيلا مهتاڻي، عبدالله پنهور، عبدالله ڪڇي، فقير امير بخش، جيجي زرينه بلوچ ۽ احمد ابراهيم قابلِ ذڪر آهن. ماسٽر محمد ابراهيم انتهائي سادو گذاريندو هو ۽ سادو هنڊائيندو هو. اخلاقي طور تي ايتريقدر مضبوط هوندو هو، جو اڄ سوڌو ڪنهنجي واتان سندس ڪا گلا يا غيبت ٻڌڻ ۾ نه آئي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو هو، جو راڳ جي محفل کان علاوه دوستن جي نجي ڪچهريءَ ۾ سنگت پاران کيس ڪلام ٻڌائڻ لاءِ چيو ويندو هو ۽ جيڪڏهن اتي ساز وغيره موجود ڪونه هوندا هئا ته ماچيس جي دٻيءَ تي آڱرين کي حرڪت ڏئي، ان مان ڦٽندڙ رڌم تي ئي ٻه ڪلام جھونگاري به ٻڌندڙن جي دل رکندو هو. محمد ابراهيم سنڌ جي راڳ کي دنيا ٻين ملڪن ۾ به روشناس ڪرايو، پاڪستان کان سواءِ هندستان، بنگلاديش ۽ ٻين ملڪن ۾ به فن جو مظاهرو ڪيائين. ماسٽر محمد ابراهيم ۳ مئي ۱۹۷۷ع تي هيءُ فاني جهان ڇڏي، وڃي پنهنجي مالڪ حقيقيءَ سان مليو، سندس وفات سان هڪ عظيم فنڪار کان سنڌ واسي محروم ٿي ويا. سندس اهو خال سالن گذرڻ بعد به اڄ تائين محسوس ڪيو پيو وڃي. سندس پڄاڻان سندس هڪ پٽ احمد ابراهيم پنهنجي پيءُ جي ورثي کي عملي طور اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي، مگر موت کيس اجازت نه ڏني. سندس ٻيو پٽ نور محمد بالا آهي، جيڪو راڳ طرف مائل نه آهي، البته ٿوري گھڻي شاعري يا نثر لکندو آهي. محمد ابراهيم جي گائيڪيءَ جو انداز سنڌي موسيقيءَ جي هڪ اهم ۽ منفرد ’مڪتبه فڪر‘ جي حيثيت سان سڃاتو وڃي ٿو، خدا پنهنجي رحمت ۾محمد ابراهيم کي جاءِ ڏي. (اڄ ماسٽر محمد ابراهيم جي ۳۸هين ورسي آهي) استاد محمد ابراهيم سُر ۽ سنگيت جو بادشاهه محمد سليمان وساڻ اڄوڪي ڏينهن ۳ مئي تي سنڌ جي ڪلاسيڪل ڳائڻي استاد محمد ابراهيم جي ورسي آهي۔ موسيقي جي دنيا جي سريلي ڳائڻي استاد محمد ابراهيم جي پيدائش احمد ڪڇي جي گهر ۾ ۱۹۲۰ع ۾ ٿي. سندس پيدائش جي جڳهه هندستان جي علائقي ڪڇ جي راڄڌاني ڀُڄ کان ڇٽيهه ميل ڏکڻ توناهاربر پورٽ ويجهو ڳوٺ سيلايا آهي. ننڍپڻ کان ئي ڳائڻ جو شوق رکندڙ استاد محمد ابراهيم اسڪول جي زماني ۾ اسيمبلي ۾ پڙجهندڙ پرارٿا (دعا) جي اڳواڻي ڪندو هو ۽ هن جي راڳ سان دل لڳي وئي ۽ پڙهڻ تان شوق کڄي ويو. سندس ڳائڻ تي گهر وارن کي اعتراض هوندو هو. موسيقي جي شوق ۾ کيس گهر ڇڏڻو پيو ۽ ڳائڻ جي چڪر ۾ هن جو مڱڻو به ٽٽي ويو. پاڻ هندستان ۾ ناليوارن راڳين کان راڳ جي سکيا ورتي. ۱۹۴۶ع ۾ والد جي وفات کانپوءِ هو هندستان کان ڪراچي آيو ۽ هتي به ڳائڻ وڄائڻ جو سلسلو جاري رکيو. ڪراچي ۾ نيوي جهازن ۾ مڪينڪ جي نوڪري ملي پر اها به ڳائڻ جي ڪري وڃائي ويٺو. ڇو جو هي اڪثر ڪري ڳائڻ ۾ مگن رهندو هو. آخرڪار ڳائڻ جي ڪري برادري وارن به هن کي الڳ ڪري ڇڏيو. پر هن پنهنجو شوق نه ڇڏيو ۽ آخر تائين شوق سان سلهاڙيل رهيو. ڪراچي ۾ هو پهريان ڪڇي ۾ ڳائيندو هو پر پوءِ هن سنڌي سکي ورتي ۽ هو سنڌي، اردو. ڪڇي ۽ گجراتي ۾ ڳائڻ لڳو. ۱۹۴۸ع ۾ ريڊيو ڪراچي جو بنياد پيو ته هي به اتان جي بنيادي ڳائڻن ۾ شامل ٿيو. ۱۹۵۵ع ۾ جڏهن ريڊيو حيدرآباد جي شروعات ٿي ته استاد محمد ابراهيم کي به اوڏانهن ڪمپوزر طور بدلي ڪيو ويو ۽ ريڊيو حيدرآباد تان پهرين فنڪار جو آواز سندس ئي هيو. سنڌي سنگيت يونيورسٽي جو خطاب ماڻيندڙ ۽ ننڍي کنڊ جو سدا حيات فنڪار ۽ امر موسيقار ماسٽر محمد ابراهيم سنگيت سان لاڳاپيل فنڪارن، توڙي سنڌي شاعرن ۽ شاهه عبداللطيف جي شاعري کي جهر جهنگ تائين پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن هزارين ڪلامن جون ڌنون ڪمپوز ڪيون، نه صرف اهو پر پاڻ سنڌي فلمن ۾ ڳائيندڙ پهريون سنڌي فنڪار پڻ هيو. سندن مشهور فلمن ۾ عمر مارئي، سسئي پنهون، پرديسي، مارو، پرائي زمين ۽ تنهنجون ڳالهيون سڄڻ شامل آهن. محمد ابراهيم واحد راڳي هو جيڪو شاهه جو ڪلام ڳائڻ کان اڳ ۽ پوءِ ڏوهيڙا چوندو هو. پاڻ ڪورس، دوگانا ۽ سولو گيت ڳائڻ ۾وڏي مهارت رکندڙ هو. استاد محمد ابراهيم پهريون سنڌي راڳي هو جنهن جو آواز پاڪستان جي قومي تراني ۾ شامل آهي، شاهه عبداللطيف، سچل، سامي، بابا فريد، غالب، ڪبير، حمل فقير، رکيل شاهه، طالب المولا ۽ ٻين ڪيترن ئي شاعرن کي ڳايو. سندس ۱۶ آڊيو ڪيسٽ اڄ به مارڪيٽ ۾ موجود آهن. پاڻ اسٽيج، ريڊيو، ٽي وي، فلم ۽ گرافون تي آخري وقت تائين ڳائيندو رهيو. سنڌي راڳين ۾ استاد محمد ابراهيم واحد راڳي هو جنهن وڌ کان وڌ شاهه عبداللطيف ڀٽائي کي ڳايو آهي. موسيقي جو هي سدا بهار آواز ۳ مئي ۱۹۷۲ع تي اسان کان هميشه لاءِ موڪلائي ويو. پاڻ پاڪستان کان سواءِ هندستان، بنگلاديش ۽ ٻين ملڪن ۾ فن جو مظاهرو ڪيو، محمد ابراهيم اردو، سنڌي، گجراتي، ڪڇي، پنجابي، بلوچي، پشتو ۽ سرائيڪي ۾ ڳايو جڏهن ته حمد، نعت، مرثيو، ڪافي، وائي، گيت، غزل ۽ نظم وغيره پڻ ڳايا آهن. شاهه سائين جي رسالي ۾ پيش ڪيل لوڪ قصن کي خوبصورتي سان ڳائي خاص مقبوليت حاصل ڪين. استاد محمد ابراهيم شاگردي ۾ سڀ کان وڌيڪ عورتن کي راڳ جي دنيا ۾ متعارف ڪرايو، انهن ۾ ڪيترن ئي عورتن کي هن راڳ جي سکيا ڏني. جنهن ۾ روبينه قريشي، زرينه بلوچ، سوشيلا مهتاڻي، امينه، شيلا مهتلاڻي، نور بانو، طاهرا شيخ، رقيه خانم، غزاله بلقيس، فرح جوڻيجو، شهنيلا قريشي، زيب النساءَ، حميده جوڻيجو جڏهن ته مردن ۾ عبدالله ڪڇي، فقير عبدالغفور، عبدالله پنهور، سيد لطيف شاهه، احمد ابراهيم، مولا بخش لاسي، ابراهيم رايو، احمد علي، ماسٽر جان عبدالرشيد ۽ ٻيا شامل آهن. ماسٽر محمد ابراهيم سنڌ جو نه وسرندڙ راڳي حميد ڀٽو سنڌ ۾ هزارين راڳ جي راڻن توڙي راڻين سنڌ جي راڳ کي هميشه زندهه رکيو آهي، اهڙن ئي راڳ جي راڻن ۾ استاد محمد ابراهيم پڻ هڪ آهي، جنهن سنڌ جي راڳ کي پنهنجي منفرد ڳائڪي سبب سموري دنيا ۾ راڳ وسيلي سنڌ جو ڳاٽ اوچو رکيو آهي، هو ڪو خانداني ميراثي يا گويو نه هيو، جنهن پنهنجي خاندان سان راڳ جي ڪري ڪيتريون ئي بغاوتون ڪري سنڌ جو اهو گويو ثابت ٿيو جيڪو سنڌ جي وڏن وڏن گوين کان به وڏو گويو بڻجندي سنڌ کي سوين ٻيا اهڙا فنڪار به ڏنا جن جو ميراثي خاندانن سان ڪوبه تعلق نه هيو. اهڙو ئي امر راڳي استاد محمد ابراهيم ۳۱ جون ۱۹۲۰ع ۾ مانڊوي جي ڳوٺ سلايا ڪڇ ۾ احمد ڪڇي جي گهر ۾ پيدا ٿيو. سندس والد احمد ڪڇي ٽونا هاربر ريلوي اسٽيشن تي اسٽيشن ماسٽرطور پنهنجون خدمتون سر انجام ڏئي رهيو هو. احمد ڪڇي جي وڏڙن جو اصل تعلق عربستان سان هو، جيڪي عربستان کان هجرت ڪري ’ڪڇ‘ جي علائقي ۾ اچي آباد ٿيا هئا. ماسٽر محمد ابراهيم جي مادري ٻولي ڪڇي هئي. محمد ابراهيم جو خاندان تعليم جي اهميت کان بخوبي واقف هو ۽ ان خاندان ۾ گائڪي جو ڪوبه تصور نه هو. اهڙيءَ طرح سان محمد ابراهيم جو چاچو پوليس کاتي ۾ ملازم هو، ان ڪري محمد ابراهيم جي والد جي خواهش هئي ته سندس پٽ لکي پڙهي وڏو آفيسر بڻجي، اهڙي خيال تحت محمد ابراهيم کي بنيادي تعليم لاءِ اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو پر تعليم سان دل نه لڳس، کيس ننڍپڻ ۾ ئي راڳ سان عشق ظاهر ٿي رهيو هو جنهن ڪري هو اسڪول توڙي گھر ۾ اڪثر جھونگاريندو رهندو هو. محمد ابراهيم جي اهڙي صورتحال بابت سندس استادن محمد ابراهيم جي والد کي آگاهه ڪيو، جنهن تي سندس والد پريشان ٿيو ۽ کيس تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ سخت هدايت ڪئي ، جنهن جي نتيجي ۾ هن ابتدائي تعليم حاصل ڪئي. محمد ابراهيم جي والد جڏهن ڏٺو ته سندس پٽ جي تعليم سان دل ئي نه ٿي لڳي ته هن کيس هنر سيکارڻ لاءِ ممبئي، هندستان ۾ موجود پنهنجي صنعتڪار دوست رگهو ناٿ ڏانهن موڪلي ڏنو ته جيئن هو مڪينڪ جو ڪم سکي سگهي جڏهن ته ممبئي ۾ سيٺ رگهو مل استاد ابراهيم کي پنهنجي گھر ۾ رهايو ۽ هڪ تربيت گاهه ’ڀاڪا ٽيڪنيڪل‘ ۾ داخلا وٺي ڏني جتي محمد ابراهيم فني سکيا وٺڻ لڳو . انهن ڏينهن ۾ سيٺ رگھومل جي ڌيءَ ’سوشيلا ٺاڪر‘ کي راڳ سکڻ جو ڏاڍو شوق هو، تنهنڪري هڪ استاد ’نارائڻ رائو وياس‘ کيس راڳ جي تربيت ڏيڻ لاءِ سندن گھر ايندو هو جنهن مان فائدو حاصل ڪندي محمد ابراهيم کانئس راڳ جي سکيا حاصل ڪرڻ لڳو، اهڙي صورتحال جي کڙڪ پوڻ بعد محمد ابراهيم جي والد پنهنجي دوست کي نياپو ڪيو ته سندس پٽ کي بمبئيءَ کان احمد آباد موڪليو وڃي، اهڙي طرح سان محمد ابراهيم احمد آباد پهتو، جتي موسيقيءَ جو هڪ وڏو استاد رهندو هوجنهن کي راڳ جو پنڊت سڏيو ويندو هو جيڪو ’نارائڻ رائو وياس‘ جو ڀاءُ هو، جنهن سبب ماسٽر محمد ابراهيم پنهنجي پهرين استاد ’نارائڻ رائو وياس‘ جي معرفت سان ملاقات ڪئي، جنهن پنهنجي ڀاءُ جو شاگرد هجڻ سبب کيس پنهنجي شاگرديءَ ۾ ورتو. جتي هن راڳ جي سکيا وٺڻ شروع ڪئي جنهن بابت سندس والد کي خبر پئي ته هو صدمي ۾ بيمار ٿي پيو. ماسٽر محمد ابراهيم پنهنجي والد جي بيماريءَ جو ٻڌي احمدآباد پهتو تنهن کان اڳ ۱۹۴۶ع ڌاري گذاري ويو.اهڙي صدمي سهڻ کان پوءِ محمد ابراهيم پنهنجي ڪٽنب سميت ڪڇ مان لڏي ڪراچيءَ پهتو، جتي پيٽ جي گذر سفر لاءِ بحريه جي هڪ ڪمپني ’محمد الاحمدي‘ ۾ پاڻيءَجي جهازن تي ملازمت ڪئي. برصغير جي ورهاڱي بعد ۱۹۴۸ع ۾ ريڊيو ڪراچيءَ جو بنياد وجهڻ بعد محمد ابراهيم پنهنجي قسمت آزمائي ڪندي آڊيشن ڏنو جنهن ۾ ننڍي کنڊ جي معتبر ۽ سگھاري براڊڪاسٽر زيڊ . اي بخاريءَ (ذوالفقار علي بخاري) کيس ڪامياب قرار ڏيندي نوڪري ڏني. ڪراچي ريڊيو تي ملازمت دوران سندس ملاقات شاعر محمد جمن هالي سان ٿي، ان جي گھر جي هيٺان اوطاق ۾ راڳ جون محفلون ٿينديون هيون جتي ان وقت جا وڏا وڏا فنڪار محفلون مچائيندا هئا اتي محمد ابراهيم به انهن فنڪارن سان گڏجي محفلن ۾ ڳائيندو وڄائيندو رهيو. اهڙي طرح سان ۱۹۵۵ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو افتتاح ٿيو ته سندس ميوزڪ ڪمپوزر طور مقرري ڪئي وئي ۽ ڪراچي کي خيرآباد ڪندي ڪافي عرصو حيدر آباد ۾ سڪونت پذير ٿيو. محمد ابراهيم پنهنجي ڳائڻ جي شروعات ۾ اردو، گجراتي ۽ ڪڇي ٻولين سان ڪئي. ان ڪري جو سندس مادري ٻولي ڪڇي هئي، جنهن بعد ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ رهڻ کان پوءِ سنڌي ڳائڻ سميت سنڌي ٻولي پڻ سکندو رهيو، پنهنجي جهازن واري نوڪري دوران ڪراچيءَ جي ڪياماڙيءَ واري علائقي ۾ رهائش سبب هن اتي رهندڙ سنڌين توڙي بلوچن سان دوستين سبب سنڌي ٻولي کي سمجهڻ ۽ ڳالهائڻ جي شروعات ڪئي. ريڊيو حيدرآباد تي جڏهن سنڌيءَ ۾ ڪلام ڳائڻ شروع ڪيا ۽ پذيرائي ملڻ بعد سنڌي ڳائڻ واري فن ۾ مهارت حاصل ڪندو رهيو سندس گائيڪيءَ جو اهو اصول هوندو هو ته هو جنهن به شاعر جو ڪلام ڳائيندو هو ته ان جي شروعات توڙي وچ ۾ بيت به انهيءَ شاعر جا اچاريندو هو، سندس حافظو تمام گهڻو بهتر هوندو هو جنهن ڪري هو محفلن ۾ بنا ڪنهن لکيل تحرير جي ڪلام کي ياد ڳائيندو هو، کيس شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جو تمام وڏو حصو ياد هوندو هو، اهڙي طرح سان هن حضرت سچل سرمست، سامي، حمل، بيدل، علامه اقبال، وارث شاهه، بابا بلي شاهه، خواجه غلام فريد، حافظ، جامي، سعدي، غالب، ميران ٻائي، مصري شاهه، طالب المولى ۽ محمد جمن هالي جي بيتن، واين، ڪافين، گيتن ۽ غزلن کي جڏهن به ڳايو ته ٻڌندڙن کي پنهنجي ڳائڪي ۾ جڪڙي ڇڏيندو هو. اهڙي طرح محمد ابراهيم سنڌي فلمن جي بيڪ گرائونڊ موسيقي ڏني. هن جي مشهور فلمن ۾ عمر مارئي، سسئي پنهون، پرديسي، مارو، پرائي زمين ۽ تنهنجون ڳالهيون سڄڻ ۽ ٻيون ڪيتريون ئي فلمون شامل آهن جن ۾ فن موسيقي کي ترتيب ڏنو ۽ فلمي گيت ڳايا. ان زماني ۾ آگسٽ ۱۹۵۱ع ۾ موسيقار احمد علي چاگلا پاڪستان جي قومي تراني جي ڌن ٺاهي ۽ تراني جي ريڪارڊنگ جي ڪورس جي لاءِ جن آوازن جي چونڊ ڪئي ته انهن آوازن ۾ محمد ابراهيم جو آواز پڻ شامل آهي، اهڙي طرح محمد ابراهيم اهو واحد سنڌي راڳي هو، جنهن جي آواز کي پاڪستان جي قومي تراني جي پهرين سرڪاري ريڪارڊنگ لاءِ چونڊيو ويو، جيڪو ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ ۾ ريڪارڊ ڪيو ويو هو، محمد ابراهيم انهيءَ دوران سنڌ جي ڪيترن ئي ان وقت جي راڳ جي شوقينن کي پنهنجي شاگرديءَ ۾ ورتو انهن ۾ روبينا قريشي، سوشيلا مهتاڻي، استاد عبدالله پنهور، عبدالله ڪڇي، فقير امير بخش، جيجي زرينه بلوچ ۽ احمد ابراهيم، امينه، شيلا مهتلاڻي، نوربانو، طاهرا شيخ، رقيا خانم، غزالا بلقيس، فرح جوڻيجو، شهنيلا قريشي، زيب النساءَ، حميدا جوڻيجو، سيد لطيف شاهه، مولا بخش لاسي، ابراهيم رايو، احمد علي، ماسٽر جان عبدالرشيد ۽ ٻيا سوين فنڪار شامل آهن جن راڳ جي سکيا وٺي سنڌي فن جي تمام گهڻي خدمت ڪئي. محمد ابراهيم پاڪستان کان علاوه انڊيا ۽ بنگلاديش سميت ٻين ملڪن ۾ فن جو مظاهرو ڪيو. کيس قدرت فن سان مالا مال ڪيو هو، جنهن ڪري فني دنيا ۾ تمام گهڻي پذرائي ملندي رهي. ماسٽر محمد ابراهيم هزارن جي تعداد ۾ نغما ڳايا ۽ ڪمپوز ڪيا. هن شاعريءَ جي هر صنف جهڙوڪ، حمد، نعت، منقبت، مرثيو، ڪافي وائي، گيت، غزل ۽ نظم وغيره ڳايا آهن. وطن جا نغما، ٻارڙن لاءِ گيت، لوڪ گيت، لوڪ داستان ۽ فلمي نغما به ڳايا جڏهن ته صوفي شاعرن کان وٺي جديد شاعرن تائين جي شاعري ڳائي. هن جن سنڌي فلمن جا نغما ڳايا هُن ريڊيي، ٽي ويءَ، گرامو فون ۽ ڪيسٽ جي دنيا ۾ به پاڻ مڃايو ۽ ٽي ويءَ تي ڪمپوزر جي حيثيت سان ڪم ڪيو. هن ڀٽائي رح جي بيتن کي اصلي شڪل ۾ ڳائي لطيف سرڪار جي پيغام کي گهر گهر پهچايو جڏهن ته ان کان اڳ جا فنڪار شاهه سائين جي ڪلام کي صحيح نموني سان نه ڳائي سگهندا هئا. محمد ابراهيم پنهنجي رنگ سان ڪافي يا نغمي جي ابتدا ۽ وچ ۾ بيتن (ڏوهيڙن) چوڻ جو رواج عام جام ڪيو. ماسٽر محمد ابراهيم سڀ کان گهڻو لطيف سرڪار جي ڪلام کي ڳايو آهي، هن جي شهرت ۽ سڃاڻپ جو ڪلام بڻيو سو هو (ايندو سڄڻ سائين الا منهنجو ايندو ڍولڻ سائين) جنهن جو شاعر پڻ شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح آهي، محمد ابراهيم جي آواز ۾ درد ۽ سوز سمايل هوندو هو. محمد ابراهيم جو پهريون مقبول ڪلام “ايندو سڄڻ سائين، الا منهنجو ايندو ڍولڻ سائين” آهي. محمد ابراهيم جي گهر واري جو نالو خديجا هو، جنهن مان کيس ۴ نياڻيون ۽ ۲ پٽ آهن، سندس هڪ پٽ نور محمد بالا شاعر ۽ استاد آهي ۽ ٻيو پٽ محمد صديق احمد جيڪو احمد ابراهيم جي نالي سان راڳي طور پنهنجي سڃاڻپ ڪرائي چڪو آهي. محمد ابراهيم جي ڳائڻ سان تمام گهڻي دلچسپي هئي جنهن ڪري ئي پوليس کاتي ۾ ڪم ڪندڙ سندس چاچي پنهنجي نياڻيءَ جو محمد ابراهيم سان ٿيل مڻو اهو چئي ٽوڙي ڇڏيو ته آءَ پنهنجي نياڻي ڳائڻي کي نه ڏيندس، تنهن هوندي به محمد ابراهيم ڳائڻ واري شوق کي نه ڇڏيو. جڏهن ته سندس خاندان ۾ راڳ ڳائڻ کي عيب سمجهو ويندو هو. محمد جمن پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي اها وصيعت ڪئي هئي ته هو جڏهن گذاري وڃي ته سندس قبر تي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جو هي بيت لکرائجو، اهڙي سندس وصيت تي خاندان پاران عمل ڪندي ڀٽائي سائين جو هيٺيون بيت لکرايو ويو. جا ڀونءِ پيرن مون، سا ڀونءِ مٿي سڄڻين، ڌگ لٽبا ڌوڙ ۾، اڀي ڏٺاسون، ڏينهن مڙوئي ڏون، اٿي لوچ لطيف چئي. زندگي جي آخر تائين هو فن جي خدمت ڪندو رهيو، وفات کان اڳ ڊگهو عرصو بيمار ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ماسٽر محمد ابراهيم ۳ مئي ۱۹۷۷ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو، سندس آخري آرام گاهه ميوي شاهه قبرستان ۾ آهي. اڄ سنڌ جي ڪلاسيڪل ڳائڻي استاد محمد ابراهيم جي ورسي آهي. سموري سنڌ کيس عقيدت ڀريو سلام پيش ڪري ٿي. استاد محمد ابراهيم استاد محمد ابراهيم جي پيدائش، احمد ڪڇي جي گهر ۾ ۱۹۲۰ع ڌاران گڏيل هندستان جي علائقي ڪڇ ڀُڄ کان ڇٽيهه ميل ڏکڻ، توناهاربر پورٽ ويجهو ڳوٺ سيلايا ۾ ٿي. ٻاروتڻ کان ئي ڳائڻ جو شوق رکندڙ استاد محمد ابراهيم اسڪولي زماني ۾ اسيمبليءَ دوران شاگردن پاران پڙهي ويندڙ ”دعا“ ۾ ٻارن جي اڳواڻي ڪندو هو. سندس ڳائڻ تي گهر وارن کي اعتراض هوندو هو. موسيقي جي شوق ۾ کيس گهر ڇڏڻو پيو ۽ ڳائڻ جي چڪر ۾ هن جو مڱڻو به ٽٽو، پر هُن هندستان ۾ ناليوارن راڳين کان راڳ جي سکيا وٺندو رهيو. ۱۹۴۶ع ۾ والد جي وفات کانپوءِ هُو هندستان کان ڪراچي آيو ۽ هتي به ڳائڻ وڄائڻ جو سلسلو جاري رکيائين. ڪراچيءَ ۾ نيوي جهازن ۾ مڪينڪ جي نوڪري مليس پر اها به ڳائڻ جي ڪري وڃائي ويٺو. هُو اڪثر ڳائڻ ۾ مگن رهندو هو.. آخرڪار ڳائڻ جي ڪري برادري وارن به هن کي الڳ ڪري ڇڏيو.. پر هن پنهنجو شوق نه ڇڏيو ۽ آخر تائين شوق سان سلهاڙيل رهيو. ڪراچي ۾ هُو پهريان ڪڇي زبان ۾ ڳائيندو هو پر پوء هن سنڌي سکي ورتي ۽ هو سنڌي، اردو، ڪڇي ۽ گجراتي زبانن ۾ ڳائڻ لڳو. ۱۹۴۸ع ۾ ريڊيو ڪراچي جو بنياد پيو ته هي به اتان جي بنيادي ڳائڻن ۾ شامل ٿيو. ۱۹۵۵ع ۾ جڏهن ريڊيو حيدرآباد جي شروعات ٿي ته استاد محمد ابراهيم کي به اوڏانهن ڪمپوزر طور بدلي ڪيو ويو ۽ ريڊيو حيدرآباد تان پهرين فنڪار جو آواز سندس ئي هيو. ”سنڌي سنگيت جي يونيورسٽيءَ“ جو خطاب ماڻيندڙ، برصغير جو سداحيات فنڪار، موسيقار ماسٽر محمد ابراهيم سنگيت سان لاڳاپيل فنڪارن، توڙي سنڌ جي شاعرن ۽ خاص ڪري حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام کي جهر جهنگ تائين پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو رهيو. هن هزارين ڪلامن جون ڌنون ڪمپوز ڪيون، نه صرف ايترو پر پاڻ سنڌي فلمن ۾ پلي بيڪ طور ڳائيندڙ پهريون ڪلاڪار پڻ هيو. جن فلمن لاءِ هن ڳايو تن ۾ عمر مارئي، سسئي پنهون، پرديسي، مارو، پرائي زمين ۽ تنهنجون ڳالهيون سڄڻ شامل آهن. محمد ابراهيم ڪورس، دوگانا ۽ سولو گيت ڳائڻ ۾وڏي مهارت رکندڙ راڳي هو. استاد محمد ابراهيم پهريون سنڌي راڳي هو، جنهن جو آواز پاڪستان جي قومي تراني ۾ شامل آهي، هُن شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، سامي، بابا فريد، غالب، ڪبير، حمل فقير، رکيل شاهه، طالب الموليٰ ۽ ٻين ڪيترن ئي شاعرن کي ڳايو. هُو واحد راڳي هو، جنهن وڌ کان وڌ شاهه عبداللطيف ڀٽائي کي ڳايو آهي، رسالي ۾ پيش ڪيل لوڪ قصن کي خوبصورتي سان ڳائي خاص مقبوليت حاصل ڪيائين. استاد محمد ابراهيم اردو، سنڌي، گجراتي، ڪڇي، پنجابي، بلوچي، پشتو ۽ سرائيڪي زبانن ۾ ڳايو، هُن پاڪستان سميت هندستان، بنگلاديش ۽ ٻين ملڪن ۾ پڻ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. استاد محمد ابراهيم کان سکيا وٺندڙ گلوڪارن ۽ گلوڪارائن ۾ روبينه قريشي، زرينه بلوچ، سوشيلا مهتاڻي، شيلا مهتلاڻي، امينه، نور بانو، طاهرا شيخ، رقيه خانم، غزاله بلقيس، فرح جوڻيجو، شهنيلا قريشي، زيب النساءَ، حميده جوڻيجو، عبدالله ڪڇي، فقير عبدالغفور، عبدالله پنهور، سيد لطيف شاهه، سندس فرزند احمد ابراهيم، مولا بخش لاسي، ابراهيم رايو، احمد علي، ماسٽر جان عبدالرشيد ۽ ٻيا شامل آهن. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي سندس ڳايل ڪلام، توڙي ترتيب ڏنل ڌنن جو بي بها خزانو موجود آهي، سندس آواز، انداز ۽ موسيقيءَ جا عاشق اڄ به ساڳي طرح ساڻس پيار ڪن ٿا. سنڌي موسيقيءَ جو سدا بهار آواز، سنڌ جي ڪيترن ئي راڳين جي سکيا ڪندڙ عظيم موسيقار استاد محمد ابراهيم ۳ مئي ۱۹۷۲ع تي هن عارضي دنيا کي هميشه لاءِ ڇڏي دارالبقا ڏانهن روانو ٿيو. سنڌي سنگيت جي تاريخ موسيقيءَ جي هن مهان شخصيت جي خدمتن کي ڪڏهن به فراموش نٿي ڪري سگهي. سندس سُر ۽ آلاپ رهندي دنيا تائين کيس زنده ۽ جاويد رکندا.
ملڪ نديم وطن دوست ۽ عوامي شاعر راشد شر آزاد فضا ۽ باندي رھڻ ۾ رات ڏينهن جو فرق آھي ڇو ته آزاد معاشرن جا فرد ذھني توڙي جسماني طور خوش رھي زندگي جون سموريون بهارون خوشي سان گذاري جيئن ٿا. ٻئي پاسي تنگ زنجيرن ۾ جڪڙيل غلام سماج جو ھر فرد عذاب ۾ هوندو آھي، خاص ڪري غلام سماج جو باشعور فرد عام ماڻھن جي ڀيٽ ۾ سوايو پيڙيل ھوندو آھي ايتريقدر جو غلام معاشرن ۾ ھر با شعور ماڻھو جو موت به زندگي جي اڌ پڪي اڌ ڪچي عمر ۾ يعنيٰ وقت کان گھڻو اڳي ٿيندو آھي، تنگ سماج ۾ باشعور ماڻھو جو موت ھر ھر پيو ٿيندو آھي جنهن جو سبب اهو آھي ته سمورا باشعور ذھن پوري سماج فطرت تي سوچڻ جا جدوجهد ڪندڙ فڪري دماغ ھوندا آھن، جيڪي راتين جون راتيون جاڳي دنيا جهان ۾ تبديلي جا خواب ڏسندا رهندا آھن. پيڙيل طبقن جا سمورا اجتماعي درد ۽ سور جيتريقدر ھڪ باشعور فرد ڀوڳيندو آھي ايترو درد ڀوڳيندڙ درد جو حصو بذات خود عام ماڻھو به ناھن ھوندا ڇو ته عام ماڻھو پنهنجي ڳچيءَ ۾ پاتل غلامي جي زنجيرن کي الهامي آفت سمجهي ھي لفظ اچاريندو آھي ته جيڪي رب جي رضا ٻئي پاسي ان جي ڀيٽ ۾ ھڪ باشعور ليکڪ اديب قومي غلامي کي ھٿرادو سامراجي نظام شاهي جي سازش سمجهي پنهنجي قوم کي ان سامراجي غلامي کان آزادي حاصل ڪرڻ جا جتن ڪندا رهندا آھن.باشعور انسان پراوا درد پنهنجا سمجهندا آهن ھو قوم جا ۽ قوم جي ماڻھن جا ڏک ڏوجهرا پنهنجا ڪري ايئن سمجهندا آھن ڄڻ اهي سمورا درد ھنن جي چيلھه تي وزن ھجن جن دردن ۾ ھو نه صرف پچندا پڄرندا لڇندا ۽ لوچيندا آھن بلڪه هو پنهنجي حصي جي ھڪ جاکوڙي مسلسل جدوجهد به ڪندا رھندا آھن. سرمائيداراڻي نظام جي چنبي ۾ غلام معاشرن جي باشعور فردن جي زندگي ڄڻ اذيت بڻيل ھوندي آھي جنهن ۾ ھو ھر روز مري هر روز پيا جيئندا آھن. ھا سماج جو سور ديس جي دانھن جي درد عذاب ۽ پيڙا تي رت روئڻ جا جيڪي ڳوڙھا ھڪ باشعور ماڻھو ڳاڙيندو آھي اھي ڏاڍا املھه ھوندا آھن جيڪي ان باشعور ماڻھو کي توڙي جو ظاهري طور اذيت ڏيندا رهندا آھن پر کيس تاريخ ۾ ھميشه لاءِ سرخرو به ڪري ڇڏيندا آھن. اھڙن باشعور سماج جي جينيئس ڪردارن مان اسانجي سنڌي ادب ۾ به املھه انسان پيدا ٿيندا رھيا آھن جن پنهنجون سموريون زندگيون تاريخ ادب سماج فطرت تي سوچڻ سمجهڻ ۽ دنيا کي تبديل ڪرڻ جي فڪر ۾ گذاري تاريخ ۾ محروم ٿي مرڻ کان بچي پنهنجي زندگي ماھر ڪري گذاري آھي. پاڻ، اڄ ان باشعور ماڻھن مان سنڌي ادب جي ھڪ عوامي اديب، اسڪالر جو ذڪر ڪنداسين. چھري جي ھڪ پاسي ھلڪي مرڪ جنهن مرڪ جو پيغام مايوسي کان انڪار ساڳئي چھري جي ٻي پاسي ڪاوڙ غصو جنهن جو مطلب ۽ مقصد ڄڻ وطن جا سور صدما ھن ھمراھ جي جسم مٿان ڊڪندا ڊوڙندا هجن. اھو ڪھڙي وطن ڌرتي جو عالم اديب آھي جنهنجي منهن تي مرڪ به آھي ته ساڳي منهن ۾ گھنج ۽ ڪاوڙ به آھي. يقينن ان پار پتن کان پوءِ سنڌي ادب سان چاھ رکي ادب پڙھندڙ دوست سڃاڻي ۽ سمجهي ويا ھوندا ته اھي پار پتا ته اسانجي سنڌي ادب جي سلڇڻي اديب ڌرتيءَ جي عاشق ڊاڪٽر ملڪ نديم جا آھن. ڊاڪٽر ملڪ نديم توڙي جو سماج جي سورن جا زوردار ڌڪ پنهنجي چيلھه مٿان معاشري جو وزن ويل واقعا برداشت ڪري اسانکان عمر جي پوڙھائپ واري دور کان گھڻو اڳ يعنيٰ مرڻ جي مند کان گھڻو اڳ جسماني طور تي جدا ٿي ويو پر ڊاڪٽر ملڪ نديم ان مختصر ۽ ٿوري زندگي ۾ پنهنجو اھڙو ته سھڻو فڪر ڦهلائي ويو جو ھو اڄ به تاريخ جي تارازي ۾ جيئرو جاڳرو نظر پيو اچي. پاڻ ڌرتي چمون ٿا ڇو جو سائين پنهنجي ڪرنگھي تي دنيا جون ريلون ھلن ٿيون. ڊاڪٽر ملڪ نديم پنهنجي مصروف ۽ مختصر زندگي ۾ سنڌي ٻولي ادب جي خدمت پنهنجي حصي آھر ھڪ اسڪالر اديب جي حيثيت سان ڪئي. ڊاڪٽر ملڪ نديم سنڌي شاعري ۾ نوان تجربا ڪرڻ کانسواءِ نثر ۾ به سگهارو لکيو. سندس لکڻين ۾ ڪالم ڪهاڻيون ۽ تحقيقي مقالا پڻ اچي وڃن ٿا. سندس ڪجھه ڪتاب به ڇپيل آھن جن ۾ اياز ڏوھي آھي، ڀٽائي بک ھڙتال تي، سچل جي سيني ۾ سنگرام وغيره جھڙا انمول معياري ڪتاب اچي وڃن ٿا. سنڌي شاعري جي دنيا ۾ ملڪ نديم جو تعارف ڏاڍو دلچسپ آھي. ملڪ نديم صاحب جي گفتگو ۽ اخبارن رسالن ۾ سندس ڇپيل انٽرويو به شاعراڻي انداز جا لڳن ٿا، پر اڃا به ھڪ وڏي اھم ڳالھه اھا آھي ته ملڪ نديم جي سموري شاعري جاندار به آھي ته سندس تجريدي نظمن کي اڏار جا پر به آھن جيڪي پنهنجي فني فڪري قوت ذريعي سموري سماج جي زمين تي بانبڙا پائي آسمان تي پر ھڻي اڏامي پنهنجي سماج کان ويندي سڄي دنيا سنسار جي سلامي ڪندي نظر ايندا آھن. تنھنجي سڏ تي اُڀ اورانگھي ايندس سوريءَ تي تون چوين ته اچان کوريءَ تي تون چوين ته اچان ھن ھوڏ تان ڪين مان ھٽندس تنهنجي سڏ تي اڀ اورانگھي ايندس ڪيترو ته جاندار ۽ ڪمال جو تخيل آھي جنهن ۾ شاعر اڀ اورانگھڻ يعنيٰ آسماني واٽ جي ڳالھه ڪئي آھي. خبر ناھي ته ڊاڪٽر ملڪ نديم صاحب اھو خيال ڪھڙي ڪيفيت ۾ پني تي اتاريو ھوندو پر سندس مٿئين تخيل کي غور سان پڙھڻ سان اسانکي ھڪ صاف ۽ چٽي ڳالھه نظر اچي ٿي ته دنيا جي ڊوھن ڏوھن ڪوڙن ڪوٽ قلعن کي ان وقت لتاڙڻ ۾ دير نه ڪنداسين، جڏھن ڌرتي ۽ ڌرتي جا مظلوم مسڪين ماڻھو سڏ ڪندا، جڏھن ڌرتي مٿان ڪوڙ جا ڪوٽ اڏي پيڙيل طبقي جي مظلوم ماڻھن کي غلام ڪري مسڪينن مٿان مارو ماري ڪئي ويندي ۽ ان وقت ڌرتي جي سيني مان نڪتل چيخ جو آواز ھر باشعور فرد لاءِ عام سڏ نه ھوندو اھو سڏ نه صرف ڌرتي ۽ ڌرتي جي ماڻھن جو ھوندو بلڪه ان سڏ سان تاريخ جا پَلَوَ به سلھاڙيل ھوندا پوءِ جيڪي ان سڏ کي سنجيدگي سان ورنائي پنهنجو قلم ۽ علم سستي شھرت ۾ نه وڪڻي پنهنجو فڪر ڌرتي کان ڌار نه ڪندا يقينن اھي انسان ملڪ نديم جيئن ڌرتي جا شاعر ۽ تاريخ جا باشعور املھه ماڻھو ٿي ويندا. ڊاڪٽر ملڪ نديم جھڙي وطن دوست، عوامي شاعر جي شاعري سان توڙي جو اسانجي ادبي پبلشر ادارن دوکو ڪري ملڪ نديم جي ۲۰ ڪتابن جيتري اڻڇپيل شاعري جي مواد مان سندس ھڪ ڪتاب به ناھن ڇپرائي سگھيا پر تاريخ ھن شاعر سان انصاف ضرور ڪيو آھي جو ملڪ نديم جا سنڌي سماج جي عوامي ٻولي عوام جي جذبن جي ترجماني ڪندڙ تجريدي نظم سنڌ ھند ۾ خاص ڪري سوشل ميڊيا جي ذريعي مشھور ٿيندا پيا وڃن. اسان سنڌي ادب جي هن عوامي شاعر لاءِ ادبي لڏي خاص ڪري سنڌي ادبي سنگت ۽ ٻين پبلشر ادارن کان اھا گھر ٿا ڪيون ته ھن انقلابي شاعر جي شاعري جو ڳوڙھو ۲۰ ڪتابن جيترو مواد ڊاڪٽر ملڪ نديم جي پٽ سڪندر مهراڻ کان وٺي سندس شاعري ڇپائي سنڌي ٻولي ادب ۾ معياري شاعري جي فقدان جو خاتمو آندو وڃي. توشام ملڻ جو واعدو ڪيو آ، شام تائين ته مان پوڙھو ٿي ويندس!. اڻويھين ويھين گريڊ جا ملازم سڻڀين پوسٽن لاءِ وڏيرن وزيرن پيرن ميرن جون اوطاقون زبان سان صاف ڪري رھيا آھن. ملڪ نديم جو بي تڪلف انٽرويو س. نالو سڄو؟ ج. عبدالرزاق ملڪ نديم. س. سڃاڻپ؟ ج. ملڪ نديم. س. پيدائش جي تاريخ ۽ جاءِ؟ ج. ۰۸، ۰۴، ۱۹۴۶. س. تعليم؟ ج. ايم اي سنڌي، ايل ايل بي، پي ايڇ ڊي. س. پيشو؟ ج. پروفيسر، شاه عبداللطيف يونيورسٽي. س. پهرين ملاقات ۾ ماڻهن جي ڪهڙي ڳالھ جو جائزو وٺندا آهيو؟ ج. ڪڏهن به اهو خيال نه ڪيو اٿم؟ س. توهان جي روزاني زندگيءَ جو بنيادي اصول؟ ج. مرڪي ماڻهن سان ملڻ ۽ اڌ ڪلاڪ واڪنگ. س. اداس لمحن ۾ ڇا ڪندا آهيو؟ ج. زال سان پيار، ٻارن سان راند ۽ ماءُ سان ڳالھيون. س. خوش لمحن ۾ ڇا ڪندا؟ ج. ڪٽنب ۽ دوستن ۾ خوشي ورهائيندو آهيان. س. ڪهڙي ڳالھ تي خوش ٿيندا آهيو؟ ج. چڱي شيءِّ تي، چڱي ڪم ڪرڻ تي، چڱي ڪردار ادا ڪرڻ تي. س. ڪهڙي ڳالھ تي چڙ لڳندي اٿو؟ ج. هر بري ڳالھ تي. س. ڪهڙين ڳالھين تي روئڻ ايندو اٿو؟ ج. اڳ ڪڏهن به نه رنو آهيان. تازو ڌيءُ جي شاديءَ تي موڪلاڻيءَ تي روئي پيم. س. توهان جي عادت، جنهن مان گهر وارا بيزار هجن؟ ج. اها انهن کي خبر. س. هڪ سپنو جيڪو ساڀيان ٿيو؟ ج. منهنجا سپنا خطرناڪ ۽ ڀيانڪ هوندا آهن. س. ڪو واقعو جيڪو توهان کي چڀندو هجي؟ ج. اهڙو ڪو به واقعو ڪونهي. س. زندگيءَ جي اها گهڙي، جنهن زندگي بدلائي ڇڏي؟ ج. زندگيءَ ۾ تبديلي، آهستي آهستي ايندي آهي. س. آرسي ڏسڻ سان خيال ايندو اٿو؟ ج. ها مان سهڻو آهيان. س. ڪاش زندگيءَ جا اهي ڏينهن موٽي اچن؟ ج.اها اجائي ۽ خيالي خواهش آهي، ڪو به فائدو ڪونهي. س. شاگرديءَ واري زماني ۾ ڪهڙو سبجيڪٽ نه وڻندو هيو؟ ج. انگي حساب. س. وڻندڙ شعر؟ ج. سڀ سٺا شعر. س. وڻندڙ اديب؟ ج. جمال ابڙو، امر جليل. س. وڻندڙ سياستدان؟ ج. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، سندس ڌيءُ بينظير ڀٽو ۽ رسول بخش پليجو. س. وڻندڙ شاعر؟ ج. شيخ اياز ۽ قمر شهباز. س. وڻندڙ ڪتاب؟ ج. سڀ سٺا ڪتاب. س. وڻندڙ اخبارون؟ ج.سڀ سٺيون اخبارون. س. وڻندڙ صحافي؟ ج. دستگير ڀٽي ۽ غلام نبي صوفي. س. وڻندڙ ايڊيٽر؟ ج. سابق ايڊيٽر سراج ۽ حميد سنڌي. س. وڻندڙ فلم؟ ج. تمام گهڻيون آهن. س. وڻندڙ ادڪار / اداڪارا؟ ج. سابق هيرو پريم ناٿ، دليپ ڪمار ۽ اڄوڪو ونود کنا، مصطفيٰ قريشي ۽ اميتاڀ بچن. س. وڻندڙ گلوڪار/ گلوڪارا؟ ج. محمد يوسف، عابده پروين. س. وڻندڙ لوڪ فنڪار/ فنڪاره؟ ج. زرينه بلوچ ۽ الڻ فقير. س. وڻندڙ گيت؟ ج. گهڻا آهن. س. وڻندڙ شهر؟ ج. ڪنڌڪوٽ، اباڻو شهر. س. وڻندڙ رنگ؟ ج. ڳاڙهو ۽ سائو. س. وڻندڙ ٽي وي ڊرامو؟ ج. ڪو به نه. س. وڻندڙ ريڊيو پروگرام؟ ج. ڪو به نه. س. ۲۴ ڪلاڪن ۾ وڻندڙ ڪلاڪ؟ ج. زال سان محبت ڪرڻ وارو وقت. س. وڻندڙ ڏينهن؟ ج. هر ڏينهن جو هر پهر هر مهيني جو هر ڏينهن زنده رهندي وڻندو آهي. س. وڻندڙ لباس؟ ج. سٿڻ قميص. س. وڻندڙ راند؟ ج. ڪرڪيٽ. س. وڻندڙ رانديگر؟ ج. اڳ فضل محمود هاڻ عمران خان. س. وڻندڙ سواري. ج. ڪا به نه هر هڪ ۾ خطرو آهي. س. وڻندڙ خوشبو؟ ج. ميندي جي، ميندي رتن هٿڙن جي، عورت جي. س. وڻندڙ گل؟ ج. رابيل. س. وڻندڙ کاڌو؟ ج. بک ۾ هر شيءِ، ڍؤَ ۾ چونڊ. س. وڻندڙ مشروب؟ ج. کير ۽ چانھ. س. وڻندڙ ميوو؟ ج. مهانگو آهي، جيڪو وٺبو اهو وڻندو آهي. س. وڻندڙ ڏڻ؟ ج. سڀئي. س. وڻندڙ موضوع؟ ج. ادب، آرٽ، فلم سياست ۽ تعليم. س. ڪهڙي پکي، جانور جيت کان ڊپ ٿيندو اٿو؟ ج. نانگ ۽ وڇون کان ڊپ ٿيندو آهي. س. ڪهڙي سفر کان ڊپ ٿيندو اٿو؟ ج. هر سفر کان ڊپ ٿيندو آهي، هر سفر ۾ سلامتي جي ڪا خاطري ڪونهي. س. توهان جي نظر ۾ سائنس جي بهترين ايجاد؟ ج. هر شيءِ بهترين آهي. س. هڪ وهم جو توهان کي پريشان ڪندو آهي. ج. ڪو به نه. س. هڪ شخصيت، جيڪا شدت سان ياد ايندي اٿو؟ ج. سوال واضح ناهي. زنده ته قمر شهباز. س. توهان طبيعت جي لحاظ کان ڪهڙي قسم جا ماڻهو آهيو؟ ج. پاڻ کي جاچيو نه اٿم پر دوست جذباتي چوندا آهن. س. هڪ غلطي جنهن تي پشيمان آهيو؟ ج. هن وقت تائين ڪيتريون غلطيون ڪيون اٿم. س. هڪ ڪم جنهن تي فخر اٿو؟ ج. ادب تخليق ڪرڻ تي فخر آهي. س. توهان جو مشن؟ ج. سنڌ خوشحال ۽ خوبصورت ٿئي. س. زندگي جي خواهش جنهن لاءِ زندھ رهو ٿا؟ ج. سنڌ ۽ ٻار خوشحال ٿين. (سنڌي ٻولي سان) ملڪ نديم مارچ ۾ وڇڙيل ھڪ پياري جي ياد لطيف نوناري نائين مارچ ملڪ نديم جي وڇوڙي جي ڏھين ورسي آھي. مون مارچ 1985ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جو شاھ لطيف ڪيمپس خيرپور جوائن ڪيو ته ان وقت سنڌي، انگريزي، اردو، اسلاميات ۽ پاڪستان اسٽڊيز جا شعبا مضمونن جي صورت ۾ ڪمپلسري سبجيڪٽس جي سري ھيٺ ايندا ھئا ۽ انھن سڀني مضمونن جا استاد ھڪ آفس ۾ ويھي ھڪ ٻئي کان فيض وٺندا ھئاسين. ملڪ نديم ٺيٺ اتراڌي لھجي ۾ڳالھائيندڙ سانورو سڄڻ ھو. شيخ اياز جن اديبن کي سندن ڏانءَ جي مڃتا ۾ نوڪريون ڏنيون ھيون، ملڪ نديم انھن مان ھڪ ھو. ھونئن ت مون کيس ستر جي بيل باٽم ڏھاڪي کان ڏسندو آيو ھئس پر ڪا ڄاڻ سڃاڻ ڪون ھئي. منھنجي جوائننگ وقت سائين ڪنھن ڪم سانگي موڪل تي ويل ھو. بھرحال ملاقات ٿي ت خبر پئي ت نديم سندن تخلص ھو جيڪو فلم اسٽار نديم جي ڪم کان متاثر ٿي رکيو ويو ھو. منھنجو پھريون تاثراھو ھو ت سائين فلمن جو شوقين ھوندو ۽ ڇاڪاڻ تھ سندن ڳالھائڻ جو انداز ب عوامي ۽ روزمرھ جي ٻولي ۾ ھو، تنھنڪري عوامي ماڻھو ھوندو. سنڌ جي تعليمي ادارن ۾خصوصي طور ۽ عمومي طور شھري زندگي ۾ ان وقت ھر ماڻھو پاڻکي سياست جو آڙيڪاپ ماھر شمارجڻ پسند ڪندو ھو.لوڪل سين کان بين الاقوامي منظرنامي تائين سياسي تجزيا وقت گذارڻ جو بھترين طريقو مڃبا ھئا. ھفتي جي ھڪ ڏينھن ڪيمپس جي بس استادن کي سکر جو سير ڪرائڻ ھلندي ھئي يونيورسٽي جي ٽن چئن گھرن تي مشتمل سڪيلڌي ڪالوني جا رھائشي ۽ بيچلر ھاسٽل ۾ سٿيل بقايا استادي عملوان سھولت مان فائدووٺندو ھو.ھڪ ھفتي بس جي سفر دوران ملڪ نديم صاحب اوچتو سوال ڪيو: ”نوناري، تون به اھڙا سياسي ٺڪاوَ ھڻڻ ڄاڻيندو آھين يا نھ؟“ ان لمحي تائين مون ملڪ نديم جي شاعري جا ھڪ ٻھ اسم رسالن ۾ پڙھيا ھئا۽ اثرجي ٻوڏ ۽ سيڪ ٻنھي کان محفوظ ھئس. سندن اوچتي سوال من ۾ ڪيئي سوال پيدا ڪيا. مون فورن چيو: ”سائين ٺڪاوَ ھڻڻ تھ سولو ڪم آھي جيڪڏھن ٻڌندڙ لاعلم يا جاھل ھجن.“ منھنجي جواب کين خوش ڪيو. پاڻمرادو ٻڌايائون: ”مان ذوالفقار ڀٽي جو پرستار رھيو آھيان ۽ سياسي طور رسول بخش پليجي کي پسند ڪندو آھيان.“ان وقت تائين پڙھيل سنڌين جي خاصي اڪثريت پليجي صاحب کي ڏاھو ماڻھو سمجھڻ لڳي ھئي. ”تون ڪھڙي ڌڙي کي بھتر ٿو سمجھين؟“ ان کان اڳ جو مان ڪنھن راءِ کي قائم ڪيان، ملڪ نديم سڌو سوال ڪيو. مون کلندي کين ٻڌايو تھ منھنجي خاندان جا اڌ کان مٿي فرد مرد ۽ عورتون ٺڪر پليجسٽ آھن، پر مان ذاتي طور ڪابھ وابستگي ڪنھن بھ ڌڙي سان ڪونھ ٿو رکان. منھنجي دلچسپي فقط تعليم ۽ ادب سان آھي. نديم صاحب فورن اعتماد سان ھڪ وڏو ٽھڪ ڏيندي چيو تھ ”غيرجانبداري جو ڍونگ ڪجھ پڙھيل منڪر ڪندا آھن. لڳي ٿو تھ تون بھ انھن مان ھڪ آھين. ادب ۾ بھ رجعت پرستي ۽ ترقي پسندي جا ٻھ ضدي لاڙا آھن. تنھنجي نام نھاد غيرجانبداري اتي بھ برقرار آھي يا نھ؟ مون نئون سر ڪاموڏ ۽ ڪجھ تجريدي شعر لکيا آھن. تون انھن کي پڙھي مونکي ھڪ غير جانبدار راءِ ڏجانءِ. سکر کان موٽي توڏانھن اھي ڪاوشون موڪليندس. سڪون سان پڙھي راءِ ڏجانءِ.“ ملڪ نديم ھميشھ ائين ئي سڌو۽ بيباڪ رھيو. ھن جو سڄو وجود ۽ ڪم نري مزاحمت ھو. پنھنجي تجريدي تجربن ۾ بھ ھو شاڪنگ اظھار کي مزاحمت جو ھڪ رنگ سمجھندو ھو. ھو تنقيد کي اڪثر کلي دل سان قبول ڪندو ھو، جيڪڏھن ڪا ڳالھ ڀانءِ نھ پوندي ھيس تھ پوءِ دليلن جا ڌوڙيا لائي ڏيندو ھو. مون سندس نئون سر ڪاموڏ ورائي ورائي پڙھيو ۽ پوري خلوص سان کيس ٻڌايم تھ جديد حسيت سان لکيل اھو ڪم نھايت لاجواب ھو. ٽھڪ ڏيئي چيائين تھ ھڪ موٽو تنقيدي فائيل پڙھڻ لاءِ موڪليندومانءِ. پڙھي پوءِ راءِ ڏجانءِ. ان فائيل اندر ڪا ھڪ راءِ بھ اھڙي نھ ھئي جنھنکي پڙھي تخليقڪار پنھنجي ڪم کي لاڀائتوسمجھي. ھڪ مھربان تھ کيس ”گاسليٽي اديب“ جو خطاب بھ ڏنو. سڄي تنقيد جو بنيادي دليل اھوھو تھ جن سرن کي شاھ لطيف ڳايو، تن سرن کي ڪو ٻيو ھٿ لائڻ جو ڪفر نھ ڪري. شيخ اياز بھ ساڳي ڪفر جو ڪم ڪيو آھي، پر ڪنھن ب تنقيدي ملي ڪفر جي فتوا نھ ڏني آھي. ھڪ دفعو مون ملڪ نديم کي صلاح ڏني تھ سڌي سوٽي بجاءِ مام ۾ مارئي ڳائي. فورن چيائين تھ ”اھو ڪم تھ شايد منھنجي تجريد بھ نھ ڪري!“ برابر ائين ئي ھو. سندس تجريد تي بھ اگھاڙپ جا الزام لڳا. اڄ ھر ٽيون شاعر پنھنجي تصورن ۾ تجريد جا ٻرڪا ڏئي ٿو پر شعر دلڪش شمارجن ٿا. جنھن سماجي ڪلاس جي ابتر حالتن ھن جي اظھار ۾ مزاحمت اوتي ھئي، سو ڪلاس اڄ بھ وجودي ويڙھ ۾ آھي. ملڪ نديم اڄ بھ اوترو ئي تز لڳي ٿو جيترو اڄ کان ٽيھارو سال اڳ ھو. ذائقي لاءِ سندس ھڪ پرين غزل ھيٺ رکجي ٿو. غزل ڪو اهڙو نئون جهان ملي جت ماڻهوءّ کي ڪو مان ملي مان درس ڏيان دلبري جا ڪو ڌرتي تي انسان ملي جيڪو نه ڪنهن کي بک ماري سو ڀونءّ مٿي ڀڳوان ملي ڏيکاريانس تخليق جا عيب جي رستي تي رحمان ملي ملي ته پنهنجو حق ملي غربت کي نه دان ملي۔ ملڪ نديم ملڪ عبدالرزاق المعروف ملڪ نديم منظور پرواز اڄ سنڌ جي ھڪ عظيم منفرد شاعراديب پروفيسر سائين ملڪ عبدالرزاق المعروف ملڪ نديم جي ڏھين ورسي آھي. ھو جيڪب آباد ضلعي جي ان خطي ڪنڌڪوٽ سان تعلق رکندو ھو جيڪو مالي لحاظ کان ته وڏو خوشحال علائقو ھيو پر تعليمي شعور ۾ پٺتي پيل علائقو ھوندو ھيو پوءِ جڏھن سنڌ جو عظيم شاعر اديب ڪامورو سائين قمر شھباز ۱۹٦٦ ۾ اتان جي ھڪ پرائيويٽ ڊگري ڪاليج جو پرنسيپال ٿيو ته تعليمي ۽ ثقافتي سرگرمين ۾ بي انتھا اضافو اچڻ شروع ٿي ويو ۽ سندس اتي ٻه ٽي سال رھڻ دوران ھي علائقو تعليمي ميدان ۾ تمام اڳتي نڪري ويو جو سنڌ جو ارڏو نوجوان يوسف جکراڻي به سندس زير سايه وڌيو ويجھيو جيڪو پوءِ شھادت وٺي ويو. قمر شھباز جو ملڪ نديم سان ھلڪو ڦلڪو شاعريءَ جي ڪري اڳ ۾ ئي لاڳاپو ھيو ۽ ھن کيس اتي پنھنجي ئي ڪاليج ۾ ڪلارڪي جي پوسٽ تي مامور ڪيو ۽ ھو تعليمي ميدان ۾ سندس ٻانھن ٻيلي ٿي مدد ڪندو آيو. پوءِ قمر شھباز جي سي ايس پي آفيسر ٿيڻ ۽ ڪاليج ڇڏڻ کانپوءِ ملڪ نديم به ڪاليج ڇڏي اڳتي نڪري ويو ۽ ڪراچيءَ آيو جتي ھلال پاڪستان ۾ سب ايڊيٽر جي نوڪري ڪيائين ۽ فيڊرل ڪيپيٽل ايريا ۾ رھڻ لڳو جتي به سنڌي ادبي سنگت تحت ادبي سرگرمين ۾ باقائده حصو وٺندو ھو. ان کانپوءِ وقت گذرڻ سان شيخ اياز جي نظر ڪرم سان سنڌ يونورسٽي ۾ سنڌي جو ليڪچرر ٿيو. ان وچ ۾ سندس شاعريءَ جو دور دورو ھلندو رھيو جيڪا مختلف رسالن ۾ ڇپبي رھي جيڪا زياده تر مزاحمتي شاعري ئي ھوندي ھئي. ان کان پوءِ سندس پوسٽنگ شاھ عبدالطيف يونورسٽي خيرپور ۾ ٿي جتي آخر تائين رھيو ۽ سنڌي شعبي جو چيئرمن ٿي رٽائر ڪيائين. ھن پنھنجي مزاحمتي طبيعت جي ڪري سدا ڏک ڏٺا ۽ اولاد لاء به روزگار جو ڪو خاطرخواه بندوبست ڪري نه سگھيو جيڪو سچن سنڌي اديبن جو الميو رھيو آھي. ھو ۱۹٦٦ کان اسانجو دوست ھيو ۽ اڪثر شڪارپور ايندو رھندو ھو. ھن سنڌي ادب ۽ شاعريءَ تي قوم کي ست ڪتاب ڏنا ۽ سندس نظرياتي ليڊر رسول بخش پليجو ۽ عشق ذوالفقار علي ڀٽو سان ڪندو ھو. ھو سنڌ ۾ تجريدي شاعريءَ جو موجد به ھيو ھن وقت سندس وڏو پٽ سڪندر مھراڻ سندس ادبي وارث آھي جيڪو وڏا مرحلا ڪاٽي خيرپور يونورسٽيءَ ۾ ننڍي نوڪري ڪري رھيو آھي. رب پاڪ ملڪ نديم کي جنت ۾ جاءِ ڏني ھوندي ۽ اسان سندس خاندان جي آباديءَ لاءِ سدا دعاگو آھيون. آمين. ملڪ نديم قومي انقلابي مزاحمتي ۽ عوامي شاعر قاسم ملڪ سنڌي ٻولي جو قومي، انقلابي، مزاحمتي ۽ عوامي شاعر ملڪ نديم، جنھن جي اڄ ڏھين ورسي آھي. ملڪ نديم سنڌي ادب جو ھڪ اوھو وڏو نالو آھي، جنھن پنھنجي قومي ۽ انقلابي شاعري ذريعي عوام وٽ مانُ ۽ مڃتا ماڻي چڪو آھي. ملڪ نديم جي شاعري، مظلومن، محڪومن، ھيڻن ھارين، پٺتي پيل پورھيتن جي دکن. دردن، صدمن، سورن، ناحقن، ناانصافين ۽ محرومين جي شاعري آھي ۽ محروم طبقن کي لٽيدڙن. ڦريندڙن، ايزائيندڙن، عذاب ڏيندڙن، ناحق ناانصافيون ڪندڙن، ظلم زيادتون ڪندڙن، عوام جو وات مان گرھ کسيندڙن، سرمائيدارن، سيٺين، حرام خور جاگيردارن، وڏيرن، ڀوتارن، ڪمدارن، ميرن پيرن ۽ قومي غدارن ۽ قبضا ڪندڙن ڌارين خلاف بغاوت ۽ باھ سان ڀرپو شاعري لکي آھي، ڇپرائي آھي ۽ ھزارن لکن ماڻھن جي ھجومن ۾ پڙھي آھي. نيٺ ته اُٿندا سٺ لک ڏاٽا ڏيھ اسان جي ڏاڏاڻي جا نيٺ ته ڊھندا ڌرٿيءَ تان دستور زنجير ۽ گھاڻي جا ملڪ نديم. ھر دور جي جابر ۽ ظالم حڪمرانن سان ٽڪراءَ ۾ رھيو ۽ ھر اونداھين دور جو انڪاري رھيو، ھر ڪوڙ ڪيني جو انڪاري رھيو، ھر ظلم زيادتي جو انڪاري رھيو، ھر ناحق ناانصافي جو انڪاري رھيو ۽ اُنھن خلاف شاعري ذريعي ٽڪر کائيندو رھيو، اوھي ظالم ۽ ڦورو چاھي مُلڪ جا حڪمران ھئا يا ادارن جا سربراھ ھئا. قومي جبر خلاف به سندس شاعري مذاھمت سان ڀرپور آھي. اسان ڏرتي چميون ٿا ڇوجو سائين اسان جي ڪرنگھن تي دنيا جون ريلون ھلن ٿيون. اسان ساري دنيا جي مظلومن سان پيار ڪندا آھيون، اسان انٽرنيشنل آھيون، پر جڏھن سموري دنيا جون حرامي لوڌون منھنجي ديس ۾ ڪاھي اچن ٿيون، قبضو ڪرڻ لاءِ تڏھن مان ڏرتي چميان ٿو، انتھا درجي جو پيار ڪيان ٿو قومي نيشنل ٿيان ٿو.قومي ٿيان ٿو. ملڪ نديم ھميشه نواڻ جو قائل رھيو، سچ جو ساٿي رھيو، سونھن جو قائل رھيو، قومي ۽ طبقاتي انقلاب جي لاءِ ڪوشان رھيو ۽ جدوجھد ڪندو رھيو. سياسي حوالي سان توڙي ادبي حوالي سان، پنھنجي فڪر نظريئي سان آخري دم تائين ثابت قدم رھيو. کيس ڪو به ڇوھو، آنڌي، طوفان، زلزلو يا ڪابه لوڀ، لالچ. پنھنجي اصولن ۽ آدرشن کان پري ڪري نه سگھي. اڄ ملڪ نديم اسان وٽ موجود ناھي، پر سندس فڪر سدائين موجود رھندو. ملڪ نديم شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ ڪالم نگار تعارف ۽ پيشڪش؛ احساس ميرل ڇٺيءَ جو نالو؛ عبدالرزاق ادبي؛ نالو ملڪ نديم ولد؛ موريو خان ذات؛ ملڪ جنم؛ ۸ اپريل ۱۹۴۸ع تعليم؛ ايم اي، پي ايڇ ڊي ڪرت؛ پروفيسر رهائش؛ ڪنڌ ڪوٽ لکڻ جي شروعات؛ سال ۱۹۶. ع ڇپيل مواد؛ روح رحاڻ. سهڻي، تحريڪ، اديون، سوجهرو، ڪينجهر، تقريبن سڀني رسالن ۽ اخبارن ۾. ڇپيل ڪتاب؛ 1=سچل سرمست ٻارن لاءّ ڇپائيندڙ سنڌيالوجي 2=تجريدي نظم 3=سچل جي سيني ۾ سنگرام 4=ڀٽائي بک هڙتال تي 5=اياز ڏوهي آهي 6=منهنجي جواني ڪنهن به موسم نه چورائي شاعري لکيل صنفون؛ شاعري جون سڀ صنفون، پاڻ تجريدي نظم جو خالق، نثر ۾ تحقيق، مضمون، مقالا، ريسرچ، ڪالم ۽ ڪهاڻيون. سندس شاعريء مان ڪجھ چونڊ سنڌ جو نئون قومي گيت سنڌ ناهي تصور، سنڌ ناهي عقيدو، سنڌ ناهي پرستي، سنڌ اسان جو کاڌو ۽ خوراڪ آهي، اسانجي بدن جي پوشاڪ آهي، اسانجي محبت جي ماڪ آهي، جي تون حقن جو انڪاري آهين، مان وارثن وانگي واري وٺندس_ سنڌ اسان جي مرضن جو علاج آهي، اسانجو پورهيو ڪرت ۽ ڪاج آهي، اسانجو ادب آرٽ ۽ رواج آهي، جي تون حقن جو انڪاري آهين، مان وارثن وانگي واري وٺندس_ سنڌ جنهن کي تون بڻايو سڃ آهي، بربٽ ٻيٽ ۽ رڃ آهي، اها ڪروڙين لوڪ جي اڄ آهي، جي تون حقن جو انڪاري آهين، مان وارثن وانگي واري وٺندس_ سنڌ پهاڙن ۾ سون چاندي آهي، هيرا جواهر ڀونءّ ۾ باندي، ڌاريي پاڻ سان ڪاشيءّ نه آندي، جي تون حقن جو انڪاري آهين، مان وارثن وانگي واري وٺندس_ سنڌ سمنڊ کربين قيمت وارو، اربن کان وڌ درياءّ سارو، ڪروڙن جو پاڻي کارو، جي تون حقن جو انڪاري آهين، مان وارٽن وانگي واري وٺندس_ سنڌ گئس جو ڪٿي ملھ نه ڪو ئي، ڪروڙن کان وڌ تيل سڀوئي، لکن کان وڌ ڪپھ لوئي، جي تون حقن جو انڪاري آهين، مان وارثن وانگي واري وٺندس، سنڌ ٿر ۾ آهن کوڙ خزانا، زمين اندران موتي ڌاڻا، ڳه ڳٽا ۽ سڳيون ڳانا، جي تون حقن جو انڪاري آهين، مان وارثن وانگي واري وٺندس، سنڌ ڪشمور کان ڪراچي تائين، تاريخ جاگرافي ڪلچر سائين، آه اسانجو زنده جيستائين، جي تون حقن جو انڪاري آهين، مان وارثن وانگي واري وٺندس_ ملڪ نديم گيت سڏي پنهنجي سنڌ ٻڌو سر تي ڪفن- ساٿي هلندا هلوڙي هلندا هلو راه آئي ڏکي ڀونءّ آهي بۡکي ايئن ٿئي نه الا ٿيون راه ۾ دفن- ساٿي هلندا هلوڙي هلندا هلو تاڻيو لوها سينا لڳن سال مهينا ٿيندي نيٺ ختم هي راه ڪٺن - ساٿي هلندا هلو ڙي هلندا هلو هن ڀيري گۡهري ديس رت ڦڙي ڦڙو ڦڙو ڪري رنڱيو سارو چمن- ساٿي هلندا هلو ڙي هلندا هلو جو بيٺو ڪۡٺو ڄڻ ديس رٺۡو اسين دنيا کڻي جي پرتو وطن- ساٿي هلندا هلوڙي هلندا هلو راه ڪٺن وئي منزل مرڪي پئي مانجهي مرڪي وڌو باقي ٿورو جتن -ساٿي هلندا هلو ڙي هلندا هلو۔ بيت چهرن مٿان چهرا، اسان سڀ اداڪار، ٻاهر ٻهڪون ٽهڪون ،من ۾ مڪار، سچ ڪري سهڪار، ته اندر پنهنجا اجاريون۔ نظم هوءَ مون موچي لاءِ در تي واجهائيندي هوندي ڇاڪاڻ ته هن جي ٿيل آ قرآن سان شادي هو ڪرڻ چاهي ٿي هڪ انسان سان شادي
مير محمد پيرزادو ڏي ٽهڪ ته منهنجي ڏات کِلي ياسر قاضي مير محمد پيرزادو سنڌ ادب ۾ هڪ گيت جي شاعر جي حيثيت سان سڃاتو وڃي ٿو ۽ سندس اها سڃاڻپ ڪنهن هڪ صنف ۾ مهارت هئڻ جي حوالي سان کيس محدود ڪو نه ٿي ڪري ڇاڪاڻ ته مير محمد نه رڳو گيت عمدگيءَ سان لکيو آهي پر هن سنڌي شاعريءَ جي ڪلاسيڪي توڙي جديد هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي آهي ۽ هر صنف سان اهڙو سهڻي نموني نباهه ڪيو آهي جو مان هن کي نه صرف گيتن جو بهترين شاعر چوندس بلڪ کيس آل رائونڊر شاعر ڪوٺيندس. ڇاڪاڻ ته هن جنهن به صنف تي قلم کنيو ان صنف کي امر ڪري ڇڏيو. اهڙا شاعر سنڌ ۾ گهٽ پيدا ٿيا آهن جن گيت کي پنهنجي سڃاڻپ بنايو هجي خاص طور تي اهي گيت جا ئي شاعر آهن. سنڌ ۾ گيت جي بي تاج بادشاهه بردي سنڌيءَ کان پوءِ سندس همعصر شاعرن يا کانئس پوءِ وارن شاعرن مان سواءِ سائين مير محمد جي ٻيو ڪو به اهڙو پختو شاعر ڪونه ٿو ملي جنهن گيت کي ايڏو سنجيدگيءَ سان لکيو هجي. پيرزادي صاحب جي شاعريءَ جا ٻه مجموعا “مکڙيون ماڪ ڦڙا” ۽ “ليار نيڻن ۾ ڦٽا” منظر عام تي اچي مڃتا ماڻي چڪا آهن جن ۾ ان گيت کان سواءِ دوها، بيت، وايون، نظم ۽ غزل پڻ جهجهي تعداد ۾ ڏنا آهن جيڪي پڻ گيتن جا سڀ جا سڀ ساهه ۾ سانڍڻ جهڙا آهن. اچو ته پيرزادي صاحب جي شاعريءَ جي ڪتاب “ليار نيڻن ۾ ڦٽا” جا ورڪ ورايون. هن ڪتاب جو مهاڳ سنڌ جي سينئر معروف شاعر ڊاڪٽر تنوير عباسيءِ لکيو آهي. جنهن مان هن مٿي چيل ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي، چوي ٿو ته “بردي سنڌيءَ کانپوءِ هن ئي شاعر گيت جي صنف سان لئون لاتي آهي. کانئس پوءِ مير محمد پيرزادو گيت جي صنف جو بهترين شاعر آهي.” ساڳي ڳالهه جي تصديق تاج جويو ڪتاب جي آخر ۾ سائين مير محمد جي شخصيت تي لکيل مقالي ۾ به ڪري ٿو ته مير محمد پيرزادو، هري دلگير، گورڌن محبوباڻي، شيخ اياز ۽ بردي سنڌيءَ کانپوءِ گيت جو وڏي شاعر آهي. هن جا بيت دوها ۽ وايون به آئون چوندس ته سندس گيتن توسيع آهن ته پوءِ اچو ته گيت جي ان بهترين شاعر جي گيتن کي پڙهي ڏسون. گيت ڳائجڻ واري صنف آهي، جنهن کي هرڪوئي هر وقت آسانيءَ سان جهونگاري سگهي، ان لاءِ گيت جي سڀ کان پهرين ضرورت اها لئه ۽ رڌم آهي جيڪا ڳائيندڙ لاءِ اٽڪاءَ جو باعث نه بڻجي ۽ ٻڌندڙ به ان لئه جي تسلسل تي جهومي، انهن ٻنهي شرطن کي سائين مير محمد اهڙي سهڻي انداز ۾ پورو ڪيو آهي جو سندس هر گيت پنهنجو الڳ حسن رکي ٿو ۽ سندس هر گيت وري وري ڳائڻ جهڙو آهي. جدائيءَ جي آلاپن ۽ پرينءَ جي اچڻ جي آس سان واسيل هن گيت ۾ بيقراريءَ جو بيان ڪيڏو پيارو ٿيل آهي. ڪانگ اڏايان ڦالون پايان، جوڀن ۾ ئي جيڏا سرتا پريت ڪيئي ڇو ڪانگهاري، تو سان دلڙي لائي مون آ، پيار جي پونجي هاري، آءُ جواري، پريم ڏوهاري، آهه ڪيان يا زاري، چئه ته ڀلا مان ڪهڙو تو سان، سينو ساهيان، ڦالون پايان! گيت جي صنف ۾ ڪوئي مقرر ڪيل گهاڙيٽو ناهي هوندو ۽ نه ئي بند يا ٿلهه ۾ سٽن جي تعداد يا ماترائن جي مخصوص وزن جي پابندي آهي فقط وراڻيءَ جو ورجاءُ لازمي آهي. پيرزادي صاحب انهيءَ آزاديءَ مان فائدو وٺندي، گيت کي ننڍي توڙي وڏي هر وزن تي لکيو آهي ۽ سٽن جي تعداد ۾ به مناسب ڦير ڦار آڻي اسانکي هر گيت ۾ نواڻ ڏني آهي. سندس هي گيت به ڪيڏو نه خوبصورت تاثر ٿو ڏئي. رات تارن ڀري! مڃ کڻي او چري، مونکي ڀاڪر ڀري، پنهنجي ڪر گود ۾، هير تو۾ گهلي رات سانوڻ سندي، سينڌ ۾ گل هڻي، ماڪ ۾ مهڪندي، ڪيتري آن ٺري، سچ ته او سانوري، مونکي ڀاڪر ڀري، پنهنجي ڪر گود ۾. هن گيت ۾ روايتي موضوع کان هٽي ڪري ڪيڏي پياري ڳالهه چئي آهي. گيت ٺاهيان پيو، گيت ٺاهيان پيو، گهٽا کي جڏهن گهاو کوڻيون ڏين، سندس نيڻن مان نير ٽم ٽم وهن، دکي ٿي تڏهن دوست! دانهيان پيو، گيت ٺاهيان پيو، گيت ٺاهيان پيو. گيت وانگر دوهو به هندي صنف آهي ۽ اسان جي پنهنجي صنف آهي پر اڄڪلهه دوهي کي به ايترو ڪثرت سان ڪونه ٿو لکيو وڃي جيترو اهڙيءَ سهڻيءَ صنف کي لکيو وڃڻ گهرجي. سائين مير محمد هن ڪتاب ۾ جيترا دوها ڏنا آهن سي سڀ جا سڀ پنهنجي الڳ الڳ سونهن رکن ٿا. سڳنڌ مٽيءَ جي سرهي سرهي، ساهه اندر وئي پيهي، پرڏيهيءَ جو پيار به ڪهڙو، يار هجي ڪو ڏيهي، چنڊ ڪلاسان هير ملي ٿي ڇيڙي دل جا ساز، روڪ ڀلي جي رڪجي سگهجن، اندر جا آواز دوهو ان حوالي سان مشڪل صنف آهي جو هن صنف ۾ ٻن سٽن ۾ پنهنجون سموريون محسوسات سمائجن ٿيون ۽ مختصر سٽن ۾ سڄي ڳالهه چوڻ ڪو سولو ڪم ڪونهي پر شاعر ٻن سٽن ۾ ڪٿي ڪٿي تمام وڏو خيال به انوکي انداز ۾ ماپرايو آهي. سندس ڪافي دوهن ۾ سٽن مان منظر نگاري ائين ڇلڪي ٿي ڄڻ ته اهو منظر وڊيو فلم جيان اسان جي آڏو ڦرندو هجي. سندس اهڙي سچي منظر نگاري سان ڀرپور ڪجهه دوها هيٺ ڏجن ٿا: ڇپر وٿين مان چانڊوڪيءَ جا چئاڪا ڀت تي ائين، ڪاريءَ شيدڻ رات جي منهن تي، ڪوڙهه لڳي ويو جيئن، سينو تنهنجو ڌرتي، جنهن تي جوڙي ٽڪرين جي، سوچ اسان جي پنڇي کيڏي راند انهن تي ئي. وئگن جي آ سيٽ پٺيئن تي ٽهڪن موسيقي، ڄڻ ته پهاڙي جهرڻي جي آ، لهر نئين موٽي، هتي ڇپر جي وٿين مان چانڊوڪيءَ جو ڀت تي پوڻ ڪاري شيدڻ جي منهن تي ڪوڙهه سان تشبيهه يا ٽهڪن کي مڌر موسيقي سڏڻ، اهڙيون تشبيهون آهن جيڪي اڳ پڙهڻ لاءِ نه مليون آهن. اها نواڻ ئي شاعر کي انفراديت بخشي ٿي. سائين مير محمد جا مسلسل ڪجهه دوها آهن جن مان هر هڪ ۾ ان ڪنهن نه ڪنهن جڳهه جو ذڪر ڪيو آهي. يقينن اهي دوها اتان جي سير کان پوءِ لکيا ويا آهن. جڏهن ته انهن سڀني دوهن کي ملائي هڪ منظوم سفرنامو چئجي ته ان ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونه ٿيندو. انهن دوهن ۾ ٽيڪسلا جي کنڊرن، ميوزيم، جوليان لڪ، نٿيا گلي، تڪيا محرم شاهه، ڪڇ پهاڙيءَ، ڪوهه مريءَ، راولپنڊيءَ، ايڪو جبل ۽ ٻين جاين جو ذڪر آهي. اچو ته انهيءَ منظوم سفرنامي جا ڪجهه دوها پڙهون. ميوزيم جي مون ڪنڊ ۾ ويهي مورت ڏانهن ڏٺو، مک تي سچ ڪڙو هو جن جي من پر هوس مٺو، چنڊ سندو اڌ کائي ويو آ، ڄڻ ته بکيو هي لڪ، نٿيا گليءَ جي نينگرڙيءَ جو، آڙوءَ اڌ ۾ چڪ، گيت ۽ دوهي جيان، سائين مير محمد جا بيت پڙهي ڏسبا ته انهن جي سونهن جي ساک به هر پڙهندڙ ڏيندو، بيت سنڌ جي قديم صنف آهي جنهن کي ڀٽائي ۽ سچل کان وٺي موجوده ٽهيءَ جي هر شاعر لکيو آهي ۽ هر دور ۾ بيت جي ٻوليءَ توڙي انداز ۾ واضع فرق آيو آهي. اڄڪلهه بيت کي جديد انداز ۾ لکيو ٿو وڃي پر پيرزادي صاحب جي بيتن جي خاص خوبي اها آهي ته نئين انداز ۾ به ٻولي اهائي ٻهراڙيءَ واري استعمال ڪئي اٿائين، جيڪا هاريءَ ناريءَ ۽ مزدور جي سمجهه جهڙي آهي ۽ هڪ ڪلاسيڪل صنف کي نئين انداز ۽ خاص ڳوٺاڻي ٻوليءَ ۾ لکڻ هڪ ڪمال آهي. اڇو اوڍيو آهه جو، وينگس وڳو پس، پرين اٿيو پلنگ تان، آهه ڀڃي آرس، نيريءَ ساڙهيءَ مان بکي لال بدن ٿو ائين، نير نديءَ مان لڙهندي سهڻيءَ جو تن جيئن، جر ڀلا پو ڪيئن، ڍڪي روپ رتولڙو، مٿي ڏنل بيتن ۾ نيري ساڙهيءَ مان جهاڪا پائيندڙ بدن کي سهڻيءَ جي ٻڏندڙ تن سان تشبيهه ۽ من جي ميڻ بتيءَ جيان ڳرڻ واري ڳالهه ڏاڍي سهڻي آهي ۽ بلڪل نئين آهي. وائي به سنڌ جي پنهنجي صنف آهي ۽ صدين کان لکبي پئي اچي پر اڃا تائين پنهنجي سونهن برقرار رکيو پئي اچي، سائين مير محمد ٻين ڪلاسيڪل صنفن وانگر وائي به لکي آهي ۽ ٻين صنفن وانگر هن صنف سان به باقاعدي انصاف ڪيو آهي. کيپ ۾ ڪوئي کڙو، رات جو رابيل جا، باک کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ ڳلن تان ڳوڙها ڳڙو، کيپ ۾ ڪوئي کڙو، رات جو رابيل جا، ڏات لاءِ ڳوليم ڏهر، پر نه هان پائي سگهيو، مان اڃو سنسار ۾ هان، تنهنجي نيڻن ۾ آ جر، پر نه هان پائي سگهيو، ڇيڪ رنيون ڇوريون بار دل جو ٿيو جهڪو، سو حياتيون سون جهڙيون، گهور هڪ تان گهوريون، بار دل جو ٿيو جهڪو، وائين ۾ به ٻين صنفن وانگر منظر نگاريءَ جا عڪس چٽا ۽ سهڻا بيان ٿيل آهن. جئين سندس وائين جا هيٺيان ڪجهه ٽڪرا: رنگ ڇهڻ لاءِ گل مٿان ويٺل پوپٽ پر تي، دستڪ هير ڌري ٿي، ڦٽين سندي کيت تي چمڪو چنڊ سندو، کڙ کٻيتو ٽمڪيو، شرمائي ڪنهن ڳالهه تي توجو ٽهڪ ڏنو، کڙ کٻيتو ٽمڪيو، غزل اها سهڻي ۽ سدا بهار صنف آهي جنهن کي هر دور جي جديد صنفن ۾ شمار ڪيو ويو آهي. سائين مير محمد پيرزادي جا غزل به پڙهندڙ کي مڪمل طور هڪ بهترين غزل گو شاعر طور محسوس ٿيندا پر جيڪڏهن سندس وايون، بيت گيت ۽ دوها پڙهبا ته هو مڪمل طور ڪلاسيڪي صنفن جو شاعر لڳندو، بهرحال اهو اڳ به چئي آياسين ته پيرزادو صاحب هر صنف لکي ۽ هر صنف سان سهڻو نباهه ڪيو. سندس غزلن جي ڀاڱي ۾ به هر صفحي مان نج سنڌي لفظن جي خوشبو ۽ تشبيهه جي مهڪ ملندي. خوشبو در کڙڪائي ٿي، رت بسنتي ڳائي ٿي، جڏهين جان واسو ڪري ٿي انهن ۾، هيئين جا هندورا هُلائن هوائون، نانءَ چيڙي ٿي نديءَ ٿي رس ڀريون ڪي راڳڻيون، ڄڻ ته ڇوليون ٿيو وڄائن، هارمونيم هير تي، شرم ٻوٽي جيئن وڃي ٿي هٿ لڳي شرمائجي، تيئن وڃي ڪومل جسم ڀاڪر اندر ڪومائجي. مير محمد پيرزادو هو جيڪو ڪاغان جو قصاگو آهي منور سراج هو جنهن جي سڃاڻپ هڪ شاعر طور آهي، ۽ جنهن کي گيت جو شاعر سڏيو وڃي ٿو ۽ مون وٽ به جنهن جو پهريون ۽ آخري تعارف هڪ شاعر جي حوالي سان آهي پر الائي ڇو، هو منهنجي حواسن ۾ هڪ شاعر کان وڌيڪ هڪ قصاگو طور شامل رهيو آهي! اهڙو قصاگو جنهن جي اندر جي آڪاس ۾ هزارين قصن جا ستارا جرڪندا ٿا رهن! اهڙو قصاگو جيڪو اڻٽيهين اونداهيءَ رات ۾ قصو کڻندو آهي ته هوائن جي زبان تي تالا لڳي ويندا آهن ۽ ٻڌندڙ پنهنجي وجود کان بي خبر بڻجي قصي جو حصو ٿي ويندا آهن، ممڪن آهي ته هن ڪڏهن به ڪا ڪهاڻي/ قصو نه لکيو هجي پر فطري شاعر، گائڪ، قصاگو ۽ آرٽسٽ اضافي Instruments جا محتاج نه هوندا آهن اُهي پنهنجي روح ۾ پنهنجو سنسار هوندا آهن. ان سان ڪو فرق نه ٿو پوي . ڪويل ڪوئي گيت نه لکندي آهي ته ڇا اُها سريلي نه آهي؟ درياهه جي لھر ڪائي ڌُن ڪمپوز نه ڪندي آهي ته ڇا اُها رڌم کان محروم سڏبي؟ جولئٽ جي عاشق روميو ڪوئي شعر نه لکيو ته ڇا هن جي دل شاعريءَ کان خالي هئي؟ احساس جي آڏو سَنَدنِ ۽ لقبن جا ٺپا بنهه بي معنيٰ هوندا آهن. هو منهنجي لاءِ ڪاغان جي انهن قصاگو پوڙهن جئان حسين ۽ دلنشين قصاگو آهي جيڪي ٻاهران ايندڙ مسافرن کي ڍنڍ سيف الملوڪ جي ڪنارن وٽ ويهي پنهنجي مخصوص مٺي لھجي ۽ سيف الملوڪ ڍنڍ سان منسوب قصو ٻڌائيندا آهن ته ڪنهن سهڻيءَ عورت جي سلوڻيءَ اک جھڙي ڍنڍ برفاني جبلن مان قطرو قطرو ٿي وهندڙ پاڻيءَ سان ڀرجندي آهي لڙڪ لڙڪ ٿي خالي ٿيندي آهي.... جنهنجو پاڻي چانڊوڪيءَ جھڙو اُجرو آهي، جنهن ۾ چنڊ پنهنجو عڪس ڏسي مُرڪندو آهي ۽ جنهن جي اوجل پاڻيءَ ۾ هر چوڏهينءَ جي رات پريون وهنجڻ اينديون آهن ڪاغان جي انهن قصاگو پوڙهن جي ڪهاڻيءَ ۾ ايڏو ڪجھه آهي جو دور دراز جا Tourist ڪجھه معاوضو ادا ڪري بار بار اهو ساڳيو قصو پيا ٻڌندا آهن! ۽ قصي جي مڌ مان ڍاپي نه ڍاپندا آهن. بلڪل بلڪل بلڪل ائين آهي اسان جو هي قصاگو جنهن کي اسين ۽ اوهين مير محمد پيرزادو سڏيون ٿا. هو جڏهن اڪثر ادبي محفل ۾ ڳالھائيندو آهي ته محسوس ٿيندو آهي ڄڻ مان ڪنهن ادبي محفل ۾ نه ويٺو آهيان پر ڪنهن عظيم عبادت گاهه ۾ ويٺو آهيان، مقدس مريم جي اداس مُرڪ جي گھيري ۾ آهيان ۽ مصلوب عيسيٰ جي آڏو آهيان. هو ڳالھائيندو آهي ته لڳندو آهي ڄڻ فطرت پنهنجي آس پاس سان مخاطب آهي. سچ ته کيس ٻڌندي ماڻهو سراپا سماعت بڻجي ويندو آهي! پنڊ پاهڻ ٿي ويندو آهي. در اصل دوستو! ڪجھه ماڻهو پنهنجي ڳالھين جي هيٺان هوندا آهن ۽ ڪجھه ماڻهو پنهنجي ڳالھين جي مٿان هوندا آهن! جيڪي پنهنجي ڳالھين جي هيٺان پوريل هوندا آهن اُهي ڳالھيون ته وڏيون، گھڻيون، رنگين ۽ دلڪش ڪندا آهن پر نه ڪو انهن جي ڳالھين ۾ ڪوئي اثر هوندو آهي ۽ نه سندن لھجي ۾ ڪو درد هوندو آهي انهن وٽ فنڪاراڻي ٺاهه ٺوهه ۽ ادائگيءَ جو ڍنگ ته هوندو آهي پر انهن وٽ جيءَ جو اهو جنون نه هوندو آهي جيڪو ڳالھين ۾ ڳهر پيدا ڪندو آهي ۽ لھجي ۾ لھوءَ جھڙي گرمي ڀريندو آهي! ۽ اهو اعزاز فقط انهن وٽ هوندو آهي جيڪي پنهنجي ڳالھين جي هيٺان نه پر مٿان هوندا آهن. اُهي ماڻهو هوندا آهن جن جي ڳالھه ۽ عمل ۾ وٿيSpace نه هوندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو جڏهن اهي ماڻهو ڳالھائيندا آهن ته لڳندو آهي وقت جي پيرن ۾ ڏانوڻ پئجي ويا آهن ۽ تاريخ جي رفتار ڌيمي ٿي وئي آهي. هونءَ ته اسان وٽ وات راڌن جي ڪائي ڪمي ڪانهي! (ايڪ ڍونڊو هزار ملتي هين) واري حالت آهي. سنڌ جي کوڙ المين مان هڪ وڏو الميو اها اجائي ڄاڙي بازي به آهي. منهنجو خيال آهي ته گھڻو ڳالھائڻ جو حق فقط ٻن قسمن جي ماڻهن کي هجڻ گھرجي. هڪ: ڪلاس روم ۾ بيٺل استاد کي. ۽ ٻيو: دل جي ڳالھه ڪندڙ ديواني کي. ۽ مير محمد پيرزادو دل جي ڳالھه ڪندڙ اُهو ديوانو آهي جنهن جي ديوانگي سوين سياڻپن کان مٿاهين آهي. ڇو ته اها ديوانگي درد جي دين آهي . اها ديوانگي عشق جي عطا آهي . ان ديوانگي کان محروم ماڻهو مُڏو ۽ مردار ٿي پوندو آهي، ان ديوانگي کان وانجھيل ماڻهو Pleasing culture جو ڦلترو خوشامد جو کودو Status Quo جو انڌو پيلپائو ۽ پنهنجي مخصوص ڪلاس جو نمائندو ٿي رهجي ويندو آهي هو ته ديوانگيءَ جي دهليز تي بيٺل اُهو عاشق آهي جيڪو گھر ٻاري روشني ڪندو آهي ۽ سَوَ وڃائي ساءُ بچائيندو آهي. ڪاغان جي انهن پوڙهن قصاگوئن جي قبيلي جو اهڙو قصاگو آهي جنهن جي خوابن، خيالن، يادگيرن ۽ احساسن ۾ هڪڙي اداس سيف الملوڪ ڍنڍ موجود آهي ۽ هن جي اها اداس سيف الملوڪ ڍنڍ سنڌ آهي. سنڌ جيڪا هن قصاگو جي سيني ۾ ڌڙڪندڙ دل جئان ڏکاري آهي ...... سنڌ جيڪا ڪنهن اداس ۽ زخمي عورت جي اک مان وهندڙ لڙڪن ۾ آلي آهي جيڪا سيف الملوڪ جئان مانسرور مان قطرو قطرو ٿي سيراب ٿئي ٿي ۽ لڙڪ لڙڪ ٿي لاڙ جئان بنجر ٿئي ٿي ٿر جئان ريگستان ٿئي ٿي! هن جو ڏک هر حالت ۾ Justified آهي. هُو ڪنهن ازل جي اداس قصاگو جئان اسان جھڙن Tourists کي بنا معاوضي هن ديس جي هڪ هڪ زخم جي ڪهاڻي ٻڌائي ٿو، ڪهاڻي جنهن ۾ سچ آهي، سونهن آهي، درد آهي، آرٽ آهي، محبت آهي، Wisdoms آهي . هو اهڙو قصاگو آهي جنهن لاءِ سنڌ سياستدان جئان محظ هڪڙو ڪارڊ ناهي ......... سوڪالڊ دانشورن جئان ڄاڙي ٺوڪڻ جو موضوع ناهي، اسان جھڙن اديبن جئان آڱر وڍائي شهيدن جي قطار ۾ شامل ٿيڻ جي سيڙهي ناهي، صحافين ۽ ڪالم نگارن جئان خبرن جو خاصIssue ناهي، پر هُن لاءِ سنڌ عبادت گاهه آهي ........ ڪعبه قبلو آهي...... دين ايمان آهي هن لاءِ سنڌ فيشن طور ڳالھائڻ، فيشن طور نه ڳالھائڻ، فيشن طور ڏکارو ٿيڻ، فيشن طور طنز ڪرڻ ۽ فيشن طور ان جو دفاع ۽ وڪالت ڪرڻ جو معاملو نه آهي پر سنڌ هن جي لاءِ سر جو سودو ڪرڻ جھڙي وٿ آهي، وقار آهي، اعزاز آهي عشق آهي ۽ درد جو دائرو آهي ...... دائرو جنهن ۾ سڄي سنڌ ئي سنڌ آهي ۽ سنڌ جي مٿان آڪاس ۾ چمڪندڙ سنڌ جو هڪڙو جھونو عاشق چنڊ به آهي، چنڊ جيڪو زخمي زخمي آهي ان زخمي چنڊ جو نالو “جي ايم سيد” آهي جنهن کي پَراوَنِ گھٽ پنهنجن گھڻو گھايو. انهن پنهنجن ويندي ويندي سندس پٺيءَ ۾ اهڙو خنجر کوڙيو جو ان مان اڄ تائين رت ٽمي رهيو آهي ۽ ساري سنڌ جي ڇاتي لھو لھو ٿي وئي آهي . مير محمد پيرزادي جون اکيون انهيءَ پٺيءَ ۾ کتل خنجر جون جاڙيون شاهد آهن. سو سندس اکين جي نمناڪي ۽ لھجي جي اداسي بي وجھ ناهي . درد جي انهيءَ دائري ۾ سمجھه ۽ سُرت جون اُهي ڳالھيون به ولين جئان ڦهليون پيون آهن جھڙيون ڳالھيون زهر جي پيالي لاءِ منتظر ارسطو اٿينس جي ڳلين ۾ ڪندو هو. ڳالھيون جيڪي ڳليءَ ڳليءَ ۾ هوائون بڻجي هُلنديون هيون ۽ نوجوانن جا نيڻ روشن ڪنديون هيون ته مير محمد جون ڳالھيون سمجھه جون اهي سُرڪون آهن جن جو سواد ماڻي سڪرنڊ سميت سنڌ جي انيڪ ذهنن تان زنگ لھي ويا ۽ سندن اکيون اجريون ٿي ويون، جڏهن کين ڀٽائيءَ جي ڀر ۾ ويهاري ٻڌايو ته: سُرمو سفيديءَ جو، جڏهن پاتو جن، تڏهن ڏٺي تن، اڇائي عالم جي. هي قصاگو جنهن مهل دل جي سمفني تي ڀٽائيءَ جو ذڪر ڇيڙيندو آهي ته سندس سينو سمنڊ ٿي ويندو آهي ۽ اکيون لھرون لھرون ٿي وينديون اٿس هو جنهن پل وجدان جھڙي ڪيفيت ۾ اچي اسان پرهه جي پياڪن کي ان شاعر جا اهڙا بيت ٻڌائيندو آهي. هڪ ڌرتتي ماءِ، ٻي سندي سڄڻئين، هلي ۽ واجھاءِ، ٻنهين ڄيرن وچ ۾. ۽ : “لڙيو سج لڪن ۾، راسيون رتائين، مون کي ماريائين، اديون اونداهو ڪري.” ۽ پنهنجيءَ دل جي ردم تي انهن بيتن جي حسناڪيءَ تي ڳالھائيندو آهي ته اسان جي لاءِ احساسن ۽ معنائن جا نوان در کلي پوندا آهن، ۽ ڀٽائيءَ سان اسان جي عشق جي تجديد ٿيڻ لڳندي آهي .... ۽ اسين پرهه جا پياڪ، ڀٽائيءَ جي قدمن ۾ سربسجود ٿي ويندا آهيون. هو اهڙو قصاگو آهي، جيڪو مون کي اڪثر پنهنجيءَ خاموشيءَ ۾ هڪ ڳالھه ۽ پنهنجيءَ ڳالھه ۾ هڪ خاموشي ڀاسندو آهي . اهڙي خاموشي، جيڪا پنهنجي پاڻ ۾ هڪ عظيم عبادت آهي، هن جو پنهنجو به ته هڪ شعر آهي ته : سانت به ڪڏهين ڳائيندي آ، ماڻهوءَ-من پِرِڀائيندي آ. هو جنهن جي ڳالھه ۾ انور پيرزادي کي پاتل گلابي سنڌي ٽوپيءَ ۾ پويل ٽڪن جي روشن حسناڪي به آهي، ته موهن جي دڙي جي ماڻهوءَ سوڀي جي سوچ جو سواد به آهي ! هو، جنهن جي قصي ۾ جمال ابڙي جي ڪهاڻين جي خوشبو به آهي ته مهاڪوي اياز جي شعرن جو رڌم ۽ مٺاڻ به آهي! هو، جنهن جي تربيت ۾ رسول حمزه توف واري ديس سان دلبريءَ جي سُتي به شامل آهي، ته گرو رجنيش جي گفتگوءَ جو رنگ به آهي؛ سو منهنجي لاءِ هڪڙو اهڙو منفرد ماڻهو آهي، جنهن سان منهنجو ان ڳالھه ۾ اعتبار پختو ٿي ويندو آهي ته عقل، مطق، دليل ۽ بحث ثانوي سطح جي Phenomena آهي، جڏهن ته عشق ادراڪ، جذبو ۽ وجدان اول درجي واري Phenomena آهي، هن سان ملي مون ڄاتو آهي ته عشق جن جو ايمان نه آهي، انهن جي عقل جا سڀ سرٽيفيڪيٽ ڪوڙا هوندا آهن. دوستو! هُو جيڪو هڪ ئي وقت پنهنجي ذات ۾ هڪ محفل آهي، هڪ ميلو آهي، جھميلو آهي، سو پنهنجي اندر ۾ اڪيلو به آهي. هو هڪڙو شفيق پيءُ هئڻ سان گڏ هڪڙو اداس مسافر پيءُ به آهي ... ڀيڻ جو اڪيلو ڀايڙو به آهي. تنها پٽ به آهي، پنهنجي ابي امان جو! کوڙ سارن دوستن ساٿين کان محروم رهجي ويل دوست آهي، انيڪ حادثن جو اڪيلو شاهد پنهنجي ديس جئان زخمي زخمي، وياڪل وياڪل! پر پوءِ به هن جي چپن تي سدائين معصوم ٻار جي مُرڪ محوِ رقص هوندي آهي، اهڙي مُرڪ جيڪا ڪنهن فاتح سپهه سالار جي نيڻن ۾ هوندي آهي، ڇو جو هو هن ديس جو اهڙو قصاگو آهي، جنهن جي سيني ۾ سوين ستارن جھڙا قصا جرڪندا ٿا رهن ۽ هو ڄاڻي ٿو ته قصو لازوال هوندو آهي، قصو ڪڏهن به ختم نه ٿيندو آهي، قصو سدائين قائم دائم رهندو آهي. قصو قائم آهي ته پوءِ ڏک ڪهڙو؟ هو پنهنجي لاءِ ڄڻ ڪاغان جو قصو آهي!! (سائين مير محمد پيرزادي سان ملھايل شام لاءِ لکيل تاثر) سائين مير محمد پيرزادو چوڻ ڏکيو آهي رکيل مورائي مني صديءَ جي ڄمار ماڻي، مٽيءَ جي مهانتا جا گيت لکندڙ شاعر سائين مير محمد پيرزادو اڄ پاڻ اُن مٽيءَ ماءُ جي جهوليءَ ۾ سمهي رهيو آهي، جنهن جهوليءَ کي اسان زندگيءَ ۾ ابدي آرامگاهه چوندا آهيون. چانڊوڪين جهڙي جرڪندڙ مرڪ چهري تي رکندڙ سائين مير محمد چڱي عرصي کان الڳ الڳ بيمارين سان، جهڙيندو رهيو ۽ عملي توڻي تخليقي طور زندگيءَ جي هر خوشگوار رنگ جا گيت لکي موت کي للڪاريندو رهيو، پر جنهن کي موت چئجي ٿو آخر اهو ئي زندگيءَ تي فتح حاصل ڪري ٿو ائين هر انسان حيات مان هٿ ڪڍي ڇڏي ٿو، جيئن ڪالهه ٻن پهرن جو سائين مير محمد پيرزادي پنهنجي حيات مان هٿ ڪڍي ڇڏيا. ۽ اڄ هو مٽيءَ جي جهول ۾ ابدي آرامي آهي. شخص کي هليو وڃڻو آهي، اڳ يا پوءِ، پر جيڪي شخص پوئتي رهجي وڃن ٿا انهن لاءِ پنهنجي کوٽ پوري ڪرڻ ڏاڍي ڏکي آهي. سائين مير محمد پنهنجي هڪ حياتيءَ جا سمورا ڏينهن گذاري ويندو رهيو، هن کي وڃڻو ئي هئو، پر نقصان انهن جو ٿيو آهي، جيڪي پوئتي رهجي ويا آهن. ڪيترن ئي حوالن ۾ جيڪو ڪجهه پوئتي رهجي ويو آهي ان ۾ اڄ سائين مير محمد موجود نه آهي ۽ هن جي غير موجودگي شايد گذرندڙ عمر ايندڙ عمر اسان سڀني کي تڪليف ڏيندي رهندي، اسان اهي سڀ جيڪي ڪنهن به تعلق ۾ ساڻس جڙيل رهياسين. سندس گهر ڀاتين، اولاد، عزيزن مائٽن کان ٻاهر جن شخصن کي سدائين ڏک رسندو، اهي شخص اُهي آهن جن جو ساڻس ادبي، نظرياتي ۽ هڪ عالم طور واسطو رهيو آهي، ۽ هڪ تڪليف ساهتي پرڳڻي جي آخري شهر سڪرنڊ کي به لڳاتار رهندي، جنهن شهر کيس جهڙوڪ ٻيو جنم ڏنو هئو. اهو سچ آهي ته هن جي مٽيءَ ٻلهڙيجيءَ جي هئي ۽ آخر ۾ به انهيءَ مٽيءَ ساڻ وڃي ملي. اڄ هو پنهنجن انهن پيارن سان گڏ آهي، جن سان هن رانديون رهيون، پٽي ۽ سليٽ کڻي ٻوڪي ٻڌي علم جا پهريان سبق پڙهڻ لاءِ ويندو هئو، ٻلهڙيجيءَ جي مٽيءَ تي هن پهريان قدم کنيا، پهريان سبق پڙهيو. پهرين دوستن جو حلقو جوڙيو، اهڙو حلقو جيڪو زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين اکين ۾ رهندو آهي ۽ دل ۾ ديرو ڪري ويٺل هوندو آهي. جيستائين اکيون بند ٿينديون آهن ۽ دل ڌڙڪڻ ڇڏيندي آهي، تيستائين اهي يار گڏ گڏ هوندا آهن اهي معصوم محبتن سميت شخص جي وجود جو اهڙو حصو هوندا آهن، جهڙي امڙ جي ٿڃ رت جي صورت ۾ انسان جي وجود ۾ موجود هوندي آهي. ۽ سڪرنڊ سائين مير محمد جي آخري ابدي سڃاڻپ! علم ۾ ادب ۾، سياست ۾ وطن دوستيءَ ۽ روشن خياليءَ ۾ سچ پچ جيترو سائين مير محمد سڪرنڊ کي ڏنو، اوترو ئي سڪرنڊ کيس موٽائي ڏنو.هن کيس گيت ڏنا، سڪرنڊ کيس مڃتا جي موٽ ڏني، هن شعور جي ڏياري ٻاري سڪرنڊ جي نوجوانن ان ۾ تيل بدران پنهنجو رت وجهي ان کي روشن رکيو. جنهن روشنيءَ ۾ سندس خوبصورت چهرو سدائين ٻهڪندو نظر آيو ۽ اهو ئي سندس ٻهڪندڙ چهرو جناح اسپتال جي وارڊ ستين جي بيڊ تي بيسُڌ ستل هوندي به ٻهڪندو رهيو. اهو ضرور هئو ته نوجواني کي پار ڪري ٻڍاپي جا آثار سندس چهري تي پنهنجا نشان ڇڏي ويا هئا ٻيءَ طرح اهو مرڪندڙ مهانڊو جنهن جي ۽ اندر ۾ رهجي ويل اڻ ڳڻيا گيت ٻاهر نڪرڻ لاءِ اڇلون ڏيئي رهيا هئا، پر زندگيءَ جي پويان ايندڙ ابد جي ڊوڙ ايتري تيز هئي جو کيس انهن گيت جي اظهارڻ جو موقعو ئي نه ڏنائين. ائين سائين مير محمد ڪيترائي اڻ اظهاريل گيت پنهنجي اندر ۾ سانڍي ڪالهه ٻن پهرن جو اسان سڀني اکن بنا موڪلائي پنهنجي ان زندگيءَ ۾ پير پاتو جنهن زندگيءَ کي مختلف مذهبن ۽ نظرين الڳ الڳ اظهاريو آهي ۽ جيڪا زندگي پنهنجي الڳ الڳ روپ مٽائڻ جي صورت ۾ جاري آهي ازل کان ابد تائين! ازل ۽ ابد جي وچ ۾ڪيترائي انسان پنهنجي پنهنجي عمر ڪاٽي روانا ٿي وڃن ٿا. ڳائجن اهي ٿا، ياد اهي ڪيا وڃن ٿا جيڪي پٺتي ڪجهه امرُ ڇڏي وڃن ٿا جيڪو ڪڏهن به مري نٿو، روپ نٿو بدلائي، چهرو نٿو تبديل ڪري، يقينن سائين مير محمد پيرزادو هڪ شخص جي حوالي ۾ اهڙو شخص هئو ۽ هڪ تخليقڪار طور به اهڙو تخليقار هئو جيڪو سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب ۾ به سدائين رهڻو آهي. ڀلي هو پنهنجي زندگيءَ جي هڪ روپ کي تبديل ڪري ڪنهن ٻي نئين زندگيءَ جي شروعات ڪري چڪو آهي. پوئتي رهجي ويل اسين شخص جيڪي ساڻس ڪنهن به تعلق ۾ جڙيل هئاسين ان کان ٻاهر سنڌ ۽ سنڌي ادب، سنڌي شاعريءَ جي حوالي ۾ هو سموري سنڌ کان ڪڏهن وسري سگهي. اهو چوڻ ڏکيو آهي. ڪنهن دوست کي سندس شاديءَ تي ڪو ڪتاب گفٽ ڪندي، سائين مير محمد جو هڪ شعر لکيو هوم تنهنجي شاديءَ ڪوٺ ملي، پهتس ڳوڙهن جهول ڀري. اڄ جڏهن ڏيڍ ڏينهن جي نه ملڻ کانپوءِ هو اسان کان سدائين لاءِ وڇڙي ويو آهي ۽ سندس وڇوڙي جي سُڌ پئي آهي ته سنڌي ٻوليءَ جو ڪو به شعر تڪڙ ۾ ياد نه اچي رهيو آهي ڄڻ حافظو موڪلائي ويو آهي، اهو حافظو جنهن ۾ سندس ڪيترائي شعر ۽ ٻيو گهڻو ئي ڪجهه محفوظ رهندو هئو. ۽ ڳوڙها آهن جيڪي رڪجڻ جو نالو ئي نٿا وٺن.
بادل جمالي کُتيري ٻيلي جو ماڻهو پير عبيد راشدي لال پشپ لکيو هو ته ”مون آڏو هڪ سوال اڀرندو آهي ته ليکڪ جي اندرين تهن مان لڳاتار هڪ ندي وهي ٿي، انهيءَ مان اڻ ڳڻيون لهرون وکرن ٿيون جنهن جي شور جو انت نه وري ڳاڻيٽو هوندو آهي. محترم بادل جماليءَ جي داخلي دنيا مان جيڪي بي انت اڻ ڳڻيون لهرون وکرن ٿيون، سي سندس اباڻي پٽ وٽان وهندڙ روهڙي ڪئنال وانگر آهن يا سنڌ جي شهر ڪراچيءَ جي سمنڊ جهڙيون، بادل جماليءَ جي اندر مان پلٽو هڻندڙ مضمون ۽ برجستي ڪهاڻي ٻروچڪي گج ڀرت ۽ سنڌي ٽوپيءَ وانگر لکن ۾ پڌري آهي. بادل جمالي ۱۹۷۵ع کان زندگي جي سمنڊ مان نه ڄاڻ ڪيترا موتي، پٿر ڪوڏ سپون ميڙي ڪهاڻين جي مال جوڙيندڙو ٿو هلي. هن جي ڪهاڻي ڪونج ڪتاران آهي يا روهڙي ڪئنال جي ٽاپ تان مٽندڙ اوٺي وڳ جيان،پر آهي موهيندڙ. هن جا احساس سمند وانگر بيڪنار آهن. هن جي اندر ۾ هڪ وقت منهوڙي ٻيٽ تي پئي پراڻي مندر جون گهنٽيون آهن ته مڪي مديني شريف ۽ نجف شهر مان پڙاڏجندڙ ٻانگ جا پاڪ ڪلما به وسندا آهن هو وچٿرو آهي. هو سچل جي وائي جو ورلاپ آهي. بادل جمالي، ڪميٽيڊ ليک آهي، ڪهاڻيءَ جي خصوصيت اها به بيان ڪري سگهجي ٿي ته انهيءَ ۾ زندگيءَ جي ڪنهن هڪ هاڃي، ڪيفيت پيرائتي نموني بيان ڪجي، سماج ۾ ٿيندڙ اٿل پٿل ۽ ڏاڍ کي اثرائتي ۽ نرالي ڍنگ ۾ پيش ڪجي ڪهاڻي نه رڳو ڪنهن امير جي ڊرائنگ، ڊائننگ هال جو گلدان آهي پر ڪهاڻي روهڙي ڪئنال جي بند تي پاڻ مرادو ڦٽل سر جو ٻوڙو به آهي. بادل لاءِ روهڙي ڪئنال ائين آهي جيئن ميخائل شولوخوف ۽ ميڪسم گورڪيءَ ولاءِ وولگا ندي هپ ڏکن جو ڊگهو رڻ پٽ جهاڳي پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن جي ڪرسيءَ تي ويٺو.ڪرسيءَ تي ويهڻ کانپوءِ ماڻهن جي روش مٽجي ويندي آهي. پر هن ۾ ڪا به تبديلي نه آئي. فنڪارن، اداڪارن ۽ ليکڪن کي مانُ ۽ عزت ڏيندو هو. پي ٽي وي تي ڪن کان هو سکيو ته ڪن جي هن رهنمائي ڪئي. بادل جو ن ڪهاڻيون فرد جي داخلي ڪيفيت کان وٺي، قوم، قبيلي سان ٿيل ڏاڍ جو الميو بيان ڪن ٿيون. محترم بادل جي پسند جو ليکڪ ننڍي کنڊ جو وڏو ليکڪ سعادت حسن منٽو آهي. منٽو وانگر چٽي ۽ سهڻي نموني سان ڪهاڻي لکي ٿو، هن جي ڪهاڻين ۾ خوبصورت تشبيهون، استعارا ۽ اثرائتا مڪالما آهن هن جي ڪهاڻين ۾ سعادت حسن منٽو، امر جليل، علي بابا ۽ جمال ابڙي جي فڪر وانگر هڪ بي ڊپو باغي بي چين روح ۽ منفرد موضوع آهن، جي ڊگهي وقت تائين پڙهندڙن تي اثر ڇڏين ٿا. انهيءَ ڪري ڪيترا پڙهندڙ کيس جيءَ ۾ جايون ڏيندا آهن بادل سنڌ جو آهي پر آسمان جي بادل وانگر سندس روح جي ڪا حد نه آهي. بادل جمالي حساس ۽ خوددار آهي. کيس پاڻ وڻائڻ جي بيماري نه آهي. هو هروڀرو ڪنهن ادبي ڪاڄ ۾ نه ويندو آهي.جيستائين ڪو کيس ور ور ڪري سڪ مان نه سڏي منهنجي خيال ۾ اها سندس سٺي وصف آهي. ادبي دنيا ۾ جتي وڏي ادارڪ. دل ونڊڻ وارا ۽ مرڪندڙ ماڻهو آهن ته اُتي ڪي پٿر دل انا جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل ماڻهو پڻ آهن. ان جو مثال اهو ڏيندس ته جڏهن ڪهن ليکڪ جي ڪهاڻي، آرٽيڪل ۽ شاعري متاثر ڪندي اٿم ته انهيءَ ڏانهن سڪ جو هٿ ڊگهو ڪندو آهيان ۽ پوءِ هو ٻه ٽي ڏينهن چاهه جا ڏئي اوپرا ٿيو وڃن ۽ نه ملڻ جا بهانا ڪندا آهن. هو هوندا پنهنجن شهرن ۾ پر مسيج ياڪال تي جواب ڏيندا ” پير واقعي ابن پير آهين. هاڻ هاڻ قومي شاهراههَ تان تنهنجي ڳوٺ جا وڻ ڏسندي مٽيوآهيان. بادل جماليءَ جا ٻه ڪتاب ”سنگرام“ ۽ ”پاڙي ناهي پروڙ“ ڇپيل آهن اڃا به وٽس ٻن ڪتابن جيتريون ڪهاڻيون آهن. ڪتاب ”سنگرام“ جي ارپنا خود هڪ ماسٽر پيس ڪهاڻي آهي. جنهن ۾ پورهيت پنهوار جي همت حوصلي ۽ جدوجهد جي مڃتا آهي. جي تتيءَ ٿڌيءَ روڊ رستن، واٽر ڪورسن تي ٻن ٽڪرن لاءِ ڪمائين ٿا. روڊ رستا، پلازه ۽ فصل آباد ٿي وڃن ٿا. پر پورهيتن جا اهي ساڳيا ڪکاوان گهر! بادل لکي ٿو ڪو به انقلاب اچي يا ڪو نئون نظام، پر مزدور جي اها ڇلي اها ئي تغاري ٺيڪيدارن،جمعدارن جادڙڪا ڇڙٻون، ڪنهن ڪچهريءَ ۾ بادل کان لکڻ جو ڪارڻ پڇيم، هو کي پل لاءِ چهچ سائي ڇٻر ۽ ڪنارن سان لڳل گلاب ڏسي خاموش ٿي ويو ۽ پوءِ رکي مٺو ڳالهائيندي چيائين ” سائين پير شاھ صدر جي شاھ آباد واري بنگلي جي باغيچي جي خوشبوءِ تنهنجي هن فارم هائوس ۾ وسي ٿي“ بادل جي اکين ۾ ماما سائين شاھ صدر جي شاھ آباد واري اٺاس کن جي ولار تي ڦهليل عاليشان بنگلي جا پارڪ ۽ گلاب لهڻ لڳا. شاھ صاحب جو اهو بنگلو 1950 واري ڏهاڪي جي شروعاتي ۾ جڙي راس ٿيو هو. جنهن جي مهاڙي تي برڪت منزل 1952ع لکيل هوندو هو. هي اهو زمانو هو. جو جڏهن حيدراباد، سانگهڙ، مٽياري ضلعن ۾ ڪنهن امير جو اهڙو بنگلو نه هوندو هو. بيڊ رومن سان گڏ هڪ ذاتي ناياب ڪتابن واري لائبريري هوندي هئي. جنهن ۾ ڪتابن سان گڏ پراڻين اخبارن جا سيٽ ٿيل فائل هوندا هئا. ”مون لکڻ جو ڪارڻ پڇيو هو؟“ مرڪندي پڇيم. وراڻيائين: ”عام ماڻهوءَ جي ياد تي وقت جو هوائون ليپو ڏئي ڇڏينديون آهن پر ليکڪ جي اندر ۾ ورهه پراڻين باغن باغيچن ۾ ٻرندڦ فانوسن ۽ پراڻين گهرن ۾ گاسليٽ وارن هٿ بتين جي بوءِ ۽ روشني واسيل هوندي آهي گلاب ڇڻي ويندا آهن، لالٽين جي وٽ اجهامي ويندي آهي پر انهن جي هٻڪار حواسن سان اک ٻوٽ ڪري احساسن جي ڪوري ڪاغذ تي لفظن جي چمي ڏئي ويندي آهي.“ ”بادل يار اڄ وس وسڪار ڪر لفظن جي ڇم برسات ڪر؟“ مون کيس کولڻ ٿي چاهيو، ”ليکڪ آڏو زندگيءَ جون تلخ انفرادي ۽ اجتماعي حقيقتون هونديون آهن، قلم کان ڪنهن مشعل جو ڪم وٺڻو پوي ٿو، لکڻ ڏکندڙ دل جي وارتا آهي“ بادل وضاحت ڪري چپ ٿي ويو، پر هو چپ ڪٿي هو، ٻاهر پام سنگل ۽ بادام جي لامن تي پکين لات ٽي لنئي، ملازم ٽيبل تي پليٽ ۾ پيل صوفي ٻير، زيتون ۽ ڇري رکي پر تي موٽي ويو”بسم الله“ کيس صلاحيم. بادل چپن ۾ بسم الله چئي ۽ ڳاڙهي صوفي ٻير کي لاٽون سمجهي ڦيرائڻ لڳو ۽ وکريل لهجي ۾ چيو ”رت آئي ڳاڙهن ٻيرن جي“ ”مرحوم سائين شاھ صدر جون دعوتون ياد هوندئي؟” بادل پڇيو. وراڻيم: ”نوابشاھ سانگهڙ جا روينيو ۽ آبپاشي کاتي جا آفيسر ۽ وزير ته هميشه ايندا هئا. پر هڪ ڀيرو پير سائين پاڳارو، محمد خان جوڻيجو، ڄام صادق علي، سيد ذوافلقار علي شاھ ڄاموٽ ۽ ڄام سبب علي، پير صاحب سان گڏ ها. پير صاحب جو ڊگهو جلوس هالا بئراج موريءَ کان روهڙي ڪئنال، علي بحر ٽاپ تائين هو، واهن جي ٽاپ تي حر جماعت جا جمالي، لغاري ۽ سنجراڻي فقير خوشيءَ مان نعرا هڻي رهيا هئا. مرحوم پير صاحب جيئن سائين شاھ صدر مرحوم جي بنگلي تي لٿو، پير صاحب سامهون نئين اڏجندڙ مسجد ڏسي وڃي بيلچو کنيو، تغاري ڀري ڄام صادق علي ۽ مرحوم محمد خان جوڻيجي کان کڻايون. بادل جمالي ڏسڻ ۾ خاموش توري تڪي ڳالهائڻ وارو پنهنجو پاڻ ۾ گم رهڻ وارو، پر اندر مشاهديءَ جا ست سمنڊ ڇليل اٿس، هن وٽ پي ٽي وي شوبز جون اڻ ڳڻيون نه وسرڻ جهڙيون ساروڻيون آهن. هو عابده پروين، استاد منظور علي خان، لتا، روشن آرا بيگم، اقبال بانو، محمد رفيع، وحيدمراد، زيبا محمد علي ۽ پٺاڻي خان جو نالو وڏي سڪ ۽ پاٻوھ مان کڻندو آهي. هو مهل موقعي جي نزاڪت سان انهن جا ٻول جهونگاريندو به آهي. بادل جمالي سنڌ جي نالي واري ڪهاڻيڪار، شاعر، ناٽڪ نويس ۽ پروڊيوسر سان ڪچهري عبدالسبحان جمالي وطن جي مٽي ۽ ماڻهن سان اڻمئي محبت ڪندڙ بکر جمالي واسي شخصيت ليکڪ، شاعر، محقق، اداڪار، پروڊيوسر، ڊائريڪٽر ۽ سماجي ڪارڪن جي سڃاڻپ رکندڙ نثري ادب ۽ اداڪاري فيلڊ ۾ پنهنجي باوقار ڪردار جي مالڪ بادل جمالي جو اصل نالو محمد سليمان جمالي آهي هن ۲۹ مئي ۱۹۴۷ع تي ڳوٺ شهداد جمالي ۾ جنم ورتو هن پنهنجو ننڍپڻ بکر جمالي جي ڀر سان ڳوٺ شهداد جمالي ۾ گذاريو شروعاتي تعليم ڳوٺ علي مراد جمالي مان حاصل ڪئي ان کانپوءِ ميٽرڪ هن گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول بکر جمالي مان ۱۹۶۹ع ۾ ڪئي. ميٽرڪ کانپوءِ ڪراچي فلم انڊسٽريز ۱۹۷۳ع ۾ پهتو اُتي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر طور ڪم ڪيو. ۱۹۷۴ع ۾ پاڪستان ٽيليوزن نيٽ ورڪ ۾ نوڪري ملي هن اُتي پروڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر طور ڪم ڪيو ۽ ۲۰۰۷ع ۾ اُتان ريٽائر ٿيو. سنڌي ادب سان لڳاءُ هجڻ سبب هينئر سيڪريٽري طور سنڌي ادبي بورڊ نيو سعيد آباد ۾ ڪم ڪري رهيو آهي هن پنهنجي پهرين ڪتاب “پاڙي ناهي پروڙ” جو (نسيم کرل) گولڊ ميڊلسٽ آهي اهو ڪتاب ۱۹۸۰ع ۾ لکيو هو. س: توهان کي ادب ۾ ڪڏهن ۽ ڪيئن شوق ٿيو؟ ج: ادب پڙهڻ ۽ لکڻ جو شوق ننڍپڻ کان هو مون شاعري سان لکڻ جي شروعات ڪئي ۽ اڳتي هلي جڏهن آئون ڪراچي پهتس ته منهنجوواسطوسنڌي ادب سان ٿيو، مون ڪهاڻين کي ترجيع ڏني ۽ پوءِ مون ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيو ۽ پوءِ اڳتي آئون شاعري نه ڪري سگهيس ءِ ڪهاڻيڪار ٿي ڪري سامهون آيس. دوستن ڪهاڻيون پسند ڪيون. س: اوهان سنڌي ادب ۾ ڪهاڻين جا ڪهڙا ڪتاب لکيا آهن؟ ج: پهريون ڪتاب “پاڙي ناهي پروڙ” مون ۱۹۸۰ ۾لکيو جنهن کي ۱۹۸۰ جو بهترين ڪهاڻين جو مجموعو سمجهي نسيم کرل گولڊ مڊ ميڊل مليو ۽ ساڳئي سال شاعري تي شيخ اياز کي به مليو. ان کانپوءِ منهنجو ٻيو ڪتاب (سنگرام) ۱۹۸۷ ۾آيو ۽ ان کان علاوه (چونڊ سنڌي ڪهاڻيون) ۱۹۷۵ کان ۱۹۸۰ جي وچ واريون جيڪي ڪهاڻيون هيون انهن جي چونڊ مون ڪئي هئي. ريٽائير ٿيڻ کانپوءِ مون ۲۰۱۳کان ڪهاڻيون لکيون آهن ۽ هاڻي سٺو مجموعو ٿيو آهي انشاءالله تمام جلد نئين ڪتاب جي صورت ۾ ڏيندس. س: محمد دائود بلوچ سان ڪهڙن ڪتابن تي ڪم ڪيو ۽ ڪڏهن ڪيو؟ ج: مون محمد دائود بلوچ سان گڏ (چار ڪهاڻيڪار چار نقادس) جي نالي سان هڪ ڪتاب ترتيب ڏنو هو جيڪومنصور پبليڪيشن جو مالڪ به هو ۽ اسان جو مانوارو دوست هو ان کان سواءِ ان ساڳئي اداري لاء ٻه ڪتاب ڪهاڻي نمبر جي نالي سان مون ۽ محمد دائود گڏجي ۱۹۸۲ ۽ ۱۹۸۳ ۾ ترتيبت ڏنا هئا. س: توهان ڪهڙي قسم جي شاعري ڪئي پنهنجي ڪا شاعري ٻڌايو؟ ج: جيڪا منهنجي شروعاتي شاعري هئي اها رومانوي قسم جي هئي پر تڏهن اهڙي خاص يا شاندارشاعري نه هئي جنهن تي آئون فخر ڪيان ۽ انهي ڪري ڇپائي نه ٿي سگهي ڇاڪاڻ ته اها ڪچي ڦڪي شاعري هئي ان زماني جي منهنجي لکيل شاعري هن ريت هئي. نحص پنهنجي تي نادم ناهيان جي وقت جي بازي مون نه کٽي جيت اسان جي ٿئي يا نه ٿئي هار ته هميشه پنهنجي آ س: سنڌي ادب جي بهتري جي لاءِ ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو آهي؟ ج: هڪ ليکڪ طور سنڌي ادبي بورڊ جي ميمبر ۽ ورڪر جي حيثيت سان ۱۹۷۵ ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڪراچي ۾ جوائننگ ڪئي هئي، ورڪر جي حيثيت سان ۽ ميمبر جي حيثيت سان مون اتي تقريبن اٺ کان ڏهه سال سنگت ۾ گذاريا جتي منهنجي ڪردارکي ڏاڍو ساراهيو ويو، ادب ،لکڻ ، تنقيد ۽ رهنمائي جي حوالي سان دوستن تمام گهڻي تعريف ڪئي منهنجوڏاڍو سٺو ۽ پازيٽيو ڪردار رهيو. س: سنڌي ادب جي حوالي سان سنڌي ڪهاڻي جي پڙهڻ ، تخليق ڪرڻ ۽ غلطين جي باري ۾ ڇا چوندا؟ ج: ڪہاڻين جو پڙهڻ هر وقت هر دور ۾ هوندو آهي پر ادب ۾هاڻي ڪهاڻين جو رجهان بدلجندو پيو وڃي عام پڙهندڙ کي هينئر معياري ڪتاب نٿو ملي ڇاڪاڻ ته ڪهاڻين ۾ ٻولي غلط لکي ويندي آهي. شاعري ۾ پڻ ٻولي جو غلط استعمال ڪيو ويندو آهي، مذڪر ۽ مونث جو تقريبن فرق ئي ختم ٿي ويو آهي جئين ٿو ڪير محسوس ڪري تئين ٿو لکي هو پنهنجو معيار ڪونه ٿو ڏسي ته آئون مارڪيٽ ۾ ڪهڙي شئي موڪليان پيو ان جو ڪهڙو معيار هجي ڇاڪاڻ ته تخليقڪار کي جڏهن پنهنجي معيارجي خبر نه آهي ته اهو ٻولي کي ڇا ڏسندو مٿان وري اصلاح به نه ٿي ٿئي ڇاڪاڻ ته اڳ ايڊيٽر هوندا هئا اهي ان شئي کي پڙهي درست ڪري پوءِ ڇاپيندا هئا. هاڻي ته ايڊيٽر به اسان جا دوست اهڙا وڃي ٿيا آهن جن کي اها توفيق به ڪانهي جو هو غلط کي صحيح ڪن جنهن جي ڪري اها شئي غلط لکي وئي آهي ته هاڻي اها ڇپجي به غلط پئي ۽ اها جاري آهي هاڻ ڪو ماڻهو ڪٿي جملو پڙهيو (منهنجي آواز خراب آهي) ته هو به چوڻ شروع ڪندو ته (منهنجي آواز خراب آهي) جنهن ڪري اسان کي سنڌي ٻولي جو معيار بهتر ڪرڻ گهرجي ۽ ايڊيٽرن کي به گهرجي ته اهڙيون غلطيون جتي ٿين ٿيون انهن کي درست ڪري اصلاح ڪن اهو انهن جو فرض آهي. س: ٽيڪنالاجي جي استعمال سان ادب ۽ اخلاق تي ڪهڙو اثر پئي ٿو؟ ج: اڳئي اسان ڪهاڻين ۾ ٽيلي فون کي وڏي اهميت ڏيندا هئاسين وڏو ڪاري رنگ جو پي ٽي سي ايل وارن جو سيٽ هوندو هو ان ذريعي گفتگو ٿيندي هئي ماڻهو ڪمرن تائين محدود هوندا هئا. هن وقت موبائل جو زمانو اچي ويو آهي هر ڪنهن جي کيسي ۾ موبائل آهي اوهان جبل تي هجو، جهنگ ۾ هجو،يا کڻي باغ ۾ هجو جنهن سان وڻي ڳالهائي سگهو ٿا اها سهولت تازي آئي آهي اسان جي دور ۾ پابنديون هيون ايتري قدر جو ڪهاڻيڪارن لاءِ پيار ڪرڻ جي جڳهن ته پيار جو اظهار ڪرڻ محبوبه کي ڏکيو لڳندو هو هاڻي ته ڪو به مسئلو ڪونهي هاڻي وڏي آزادي ٿي وئي آهي جو هر هنڌ مرد توڙي عورت وٽ موبائل آهن هر ڪو ڳالهائي سگهي ٿو هن وقت موبائل جي ڪري معاشري تي تمام غلط اثر پئجي رهيو آهي اهڙي طرح اهي سڀ ڳالهيون ادب ۽ اخلاق تي به اثر انداز ٿين ٿيون ڇاڪاڻ ته ماڻهو هاڻي دلير ٿي ويو آهي اڳيون ڳالهيون ناهن رهيو. اڳي ڪنهن سان پنهنجي دل جي ڳالهه ڪرڻ ڏاڍي ڏکي هئي پر اڄڪلهه هلندي ڦرندي ماڻهو دل جي ڳالهه چئي ٿا وٺن. ان ڪري اهي تبديليون معاشري سان گڏوگڏ ادب ۽ اخلاق تي به اثر انداز ٿين ٿيون هاڻي اهڙو معتبر قسم جو ادب تخليق ڪجي جيڪو هر ڪنهن جي لاءِ قابل قبول هجي اهو اڄ به مشڪل آهي ڇو جو ماڻهو اڄ به لکڻ تي ويهي ٿو ته هو شعور جي وهڪري ۾ اهڙيون شيون لکي ويندو آهي جيڪي عام ماڻهن جي اڳيان ڳالهائڻ جهڙيون نه هونديون آهن پوءِ انهن تي تنقيد ٿيندي آهي پر معتبر ادب ته اهو آهي جيڪو سڀني جي لاءِ هڪجهڙو هجي مرد توڙي عورت سڀ پڙهي سگهن ۽ ان ۾ بي ادبي نه هجي. س: اليڪٽرانڪ ميڊيا جي اچڻ سان ادب تي ڪهڙو اثر پيو آهي؟ ج: اليڪٽرانڪ ميڊيا جي اچڻ سان ڪتابن جي وڪري تي ضرور اثر ٿيو آهي ڇاڪاڻ ته اڳي هزار ڪتاب مهيني ٻن ۾ وڪامبا هئا هاڻي نٿا وڪامن ڇو جو تڏهن لکڻ پڙهڻ کي گھڻي ترجيع ڏني ويندي هئي ڇاڪاڻ ته اڳي ماڻهن وٽ وقت گذارڻ جي لاءِ ڪا ٻي مصروفيت نه هوندي هئي هاڻي الڪيٽرانڪ ميڊيا اچي وئي آهي ان کانپوءِ سڄو ڪريڊٽ ٽي وي ڏانهن وڃي ٿو، توهان ڊراما ڏسو، ميوزڪ ٻڌو ۽ ٻيا پروگرام ڏسو اهي سڀ شيون ڏسڻ کانپوءِ ماڻهو وٽ ڪتاب پڙهڻ لاءِ ٿورو وقت ٿو بچي تنهن هوندي به جنهن جي ادب سان دلچسپي آهي اهو اڄ به پڙهي ٿو، ڪتابن جو وڪرو اڄ به جاري آهي. س: سنڌي ادب شاعري ۽ آرٽ جي حوالي سان ڪهڙي حيثيت رکي ٿو؟ ج: ادب، شاعري ۽ آرٽ اهي ٽئي ساڳيا چئبا ڇاڪاڻ جو ٽئي ادب سان ملندڙ آهن، اوهان انهن کي الڳ نه ٿا ڪري سگهو، ادب تمام وسيع آهي اوهان جي موسيقي ان ۾ اچي ٿي وڃي، اوهان جي شاعري ان ۾ اچي ٿي وڃي، ڊرامه به ان ۾ اچي ٿا وڃن، تقرير به ان ۾ اچي، ايستائين ٻولي سڄي ان دائيري ۾ آهي. س: پاڪستان ٽيليوزن نيٽ ورڪ ۾ اوهان عوام لاءِ ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو؟ ج: مون وڌ کان وڌ ادبي پروگرام ڪيا آهن، ادب ۽ ٻولي جي حوالي سان تمام خوبصورت پروگرام ڪيا آهن. ان ۾ اسان بحث مباحثو، ڪريڪيولم ۾ غلطيون جهڙوڪ اسان واري دور جا ڪتاب ٻارن کي پڙهايا ويندا هئا ۱۹۵۰ واري ڇاپي سبب ٻار پريشان ٿيا ڇو جو مارڪيٽ ۾ اهي ڪتاب نه پيا ملن. ان تي اسان تعليمي آفيسرن کي گھرايو ۽ تمام سخت بحث ڪيا ان ۾ مون سان ڪافي تعليم کاتي جا آفيسر ناراض به ٿيا پر بعد ۾ ٽيليوزن تي جڏهن اهي پروگرام ڏٺائون ته کين خبر پئي ته اسين پنهنجي جاءِ تي صحيح هئاسين ۽ اصل ۾ غلطيون هنن جو هيون جن کي بعد ۾ هنن تسليم به ڪيو هو ان کان پوءِ هنن ان ڌيان طلب مسئلي تي غور ڪرڻ جو واعدو ڪيو. جنهن کان هنن جيڪي ڪتاب مارڪيٽ ۾ ناهن انهن جي جاءِ تي نوان ڪتاب ڏنا. پاڪستان ٽيليوزن نيٽ ورڪ جي پليٽ فارم تان مون پروڊيوسر جي حيثيت سان ادب جي لاءِ سٺا ادبي پروگرام ڪيا ۽ بيشمار مشاعره ڪيا ادبي مباحثه ڪيم ڪيترائي ليکڪ، فنڪار، ادب جا ماڻهو مون متعارف ڪرايا آهن ۽ وڌ ۾ وڌ پاڪستان ٽيلي وزن نيٽ ورڪ مون ادب جي حوالي سان وڌ ۾ وڌ ڪم ڪيو. س: پاڪستاني ڊرامن کي دنيا ۾ گھڻي چاهه سان ڏٺو وڃي ٿو، هن جو ڪريڊٽ ڪنهن ڏانهن وڃي ٿو؟ ج: ڪنهن هڪڙي ماڻهو کي نه پر سڄو ڪريڊٽ پاڪستان ٽيليوزن نيٽ ورڪ جو آهي ڇاڪاڻ ته پاڪستان ٽيليوزن نيٽ ورڪ نه صرف پاڪستان جو پهريون پر دنيا جو وڏو ادارو به رهي چڪو آهي هن جا جيڪي ڊائريڪٽر هئا انهن کي ٻين ملڪن ۾ تربيتون ڏياريون ويو، ان کان پوءِ انهن تمام خوبصورت ڊرامه ڪيا آهن، انهن نه صرف پاڪستان ۾ پر پاڪستان کان ٻاهر پڻ وڏو نالو ڪمايو خاص ڪري هندستان جي فلمي اڪيڊمي جيڪا پونا ۾ هئي ان ۾اداڪارن کي سکيا طور پاڪستان جا ڊرامه ڏيکاريا ويندا هئا ته اداڪاري ڪيئن ڪجي ڊائريڪشن ڪيئن ڪجي اهي پونا جي ڊائريڪٽرن جو ڳالهيون آهن. ان کان پوءِ اسان جا تمام وڏا بهترين ڊائريڪٽ محمد نثار حسين جيڪو لانگ پلي ڪندو هو طويل دورانيا جو وڏو ڊائريڪٽر هو. ان کانپوءِ ياورحيات، شهزاد خليل، شعيب منصور، سيد محسن علي ۽ قاسم جلالي اهي سڀ اسان جا وڏا ڊائريڪٽر هئا ۽ اسان انهن کان تربيت حاصل ڪئي انڪري اسان به پنهنجي حال سارو سٺا ڊرامه ڪيا خاص ڪري سنڌي ۾ جيڪي اڄ تائين يادگار آهن. س: ڇا پرائيويٽ چينل اچڻ کانپوءِ پي ٽي وي جي ڏسندڙن ۾ گھٽتائي آئي آهي؟ ج: جي بلڪل گھٽتائي آئي آهي ڇاڪاڻ ته پي ٽي وي هڪ قومي ادارو آهي ان جي پنهنجي سرڪاري پاليسي آهي ڇا ڪرڻ گھرجي ڇا نه ڪرڻ گھرجي، جڏهن ته پرائيوٽ ادارا جيڪي آهن اهي ان پاليسي ته عمل نه ٿا ڪن اهي هر قسم جون شيون ڏيکاريندا آهن، اهي پنهنجي مالڪ جي مرضي تي ٿا هلن. چينل جا مالڪ جيڪڏهن پاڻ بهادر آهن ته اهي هر قسم جون شيون جيڪي هو هلائڻ چاهين عشق محبت جون هجن يا جيڪو به ڪجهه پرائويٽ چينل ذريعي ڏيکاري سگھن ٿا انهن کي آزادي آهي. پي ٽي وي ۾ اڄ به اها ناهي، پي ٽي جو پروڊيوسر يا ڊائريڪٽر جڏهن سوچين ٿا ته انهن کي هزارين پابندين کي منهن ڏيڻو پوندو آهي ان پابندين جي باوجود به هو پنهنجن ڊرامن کي مٿي ڪري رهيا آهن جو اڄ به دنيا ۾ انهن جو نالو آهي ڪڏهن اهو دور هو ته ٽي وي تي ڪا سيرل هلندي هئي ته ماڻهو مارڪيٽون بند ڪري ان کي ڏسندا هئا اهو سڄو دور پي ٽي وي سان هو هاڻي اوهان وٽ وڏا چينل آهن. جنهن ۾ ڊرامن جي ڪروڙين روپين جي بجيٽ آهي پر توهان جو مارڪيٽون هيئنر بند نه ٿيو ٿين ڇو جو اداڪاري يا ڊائريڪشن جو معيار اهو ناهي جيڪو پي ٽي وي جو هو. س: نوجوان نسل ۾ ڀارت جي ڊرامن ۽ فلمن جو شوق تمام گھڻي حد تائين پيدا ٿي ويو آهي، ڇا سماج تي هنن جي ثقافت جا منفي اثر پئجي سگھن ٿا؟ ج: اهو اسان تي هندوستاني ثقافت جو حملو آهي ۽ اهو ٿيندو رهيو آهي ۽ اسان جا نوجوان واقعي متاثر ٿين پيا اهو جيڪو ٽين ايج يا ارلي ٽوئنٽي ۾ جيڪي نوجوان آهن انهن نوجوانن ۾ ڇوڪرا هجن توڙي ڇوڪريون هجن انهن کي اهي انڊيا جون شيون متاثر ڪن ٿيون. هاڻي "بي بي تيري چٽيان ڪلائيان" آهي اهو پاڪستاني چينل طرفان ته ڪون ٿو ٿي سگهي ۽ نه ڪو ٻيو چينل اهڙو ڪرڻ جو سوچيندو به. انڊيا مان ڊائريڪٽ اهي شيون اچن ٿيو ۽ ماڻهو ڏسن ٿا حيرت ان تي آهي ته اڄ اسان جي شادين جي موقعن تي اهي انڊين گانا هلن ٿا جن ۾ "عشق ڪمينا" يا "چولي ڪي پيڇي ڪيا هي" پڻ شامل آهن. اسان پي ٽي وي ذريعي اهي شيون عوام کي نٿا ڏيکاريون توهان پنهجن پرائيويٽ طريقن سان اهي سڀ شيون گھرن ۾ فيملين کي به ڏيکاريو ٿا ان ڪري اها ٻي پاليسي آهي. ڪجهه ماڻهن فلمن جي آزادي ۽ ڊرامن تي پابندي هڻڻ جي ڳالهه گورنمينٽ جي سامهون رکي ته گورنمينٽ جو اهو موقف آيو ته ٽي وي تي فيملي چينل به آهن ۽ فلمن کي ماڻهو پاڻ شوق سان ڏسڻ چاهين ٿا. ان ۾ اها شئي جيڪي توهان ڏسڻ لاءِ ويا اها توهان ڏسي سگهو پيا پر ٽي وي گھر گھر موجود آهي هن ۾ اهڙو ڪجهه نه ڏيکاريو ويندو آهي ڇاڪاڻ ته گھر ۾ ويٺي ڏسندڙن کي اهو ناهي خبر اڳيان ڇا ايندو تڏهن ڊرامن ۾ آزادي نه ٿا ڏئي سگهون. س: سنڌي ادب ۾ اوهان جي نظر ۾ سٺا ليکڪ ڪهڙا آهن؟ ج: سڀني سٺو ڪم ڪيو آهي ۽ ڪن پيا پر ڪجهه خاص لکيڪ آهن جن تمام بهترين ڪم ڪيو آهي جيئن جمال ابڙو صاحب جيڪو منهنجو روحاني استاد پڻ آهي، آغا سليم جيڪو ڪمال جو افسانا نگار ۽ نثر نگار هو ان کانپوءِ سائين امر جليل آهي، نسيم کرل هو، ميڊم مهتاب جا افسانه، ميڊم خيرالنساءِ جعفري جنهنجا افسانا توهان پڙهندئو ته توهان کي خبر پوندي ته اهي ڪمال جا ليکڪ هئا. س: نوجوانن کي ڪهڙو پيغام ڏيندا؟ ج: عام پيغام آهي پڙهو گھڻو پڙهندئو ته ذهن کلندئو انگريزي ادب پڙهو اردو ادب پڙهو سنڌي ادب پڙهو پر پڙهو ۽ ان کي پروڙيو ۽ پنهنجي وڪيبلري جيڪا آهي اُها وسيح ڪيو لفظ پنهنجي ذهن ۾ تمام گهڻا شامل ڪيو انهن جي معنيٰ اوهان کي اچڻ گھرجي ٻي ڳالهه ته پنهنجو ذهن کليل رکو ڪٿي به وڃو مشاهدو ڪيو ڪاريگر وٽ ويندئو ته ڏسو ڪم ڪيئن ٿو ڪري محنت ڪش وٽ ويندا ته ڏسو محنت ڪيئن ٿو ڪري پنهنجي دل ۾ جنون پيدا ڪيو ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪريو. بادل جمالي سنڌي ڪهاڻيءَ کي بادل جي جنم ڏينهن جون مبارڪون رکيل مورائي هو شخص/ ليکڪ جيڪو اسان جي نسل لاءِ سدائين احترام وارو رهيو آهي، هن جڏهن ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون هيون تڏهن سنڌي ادب جي آسمان تي لکندڙن جي هڪ ڪهڪشان جرڪي رهي هئي، جن مان ڪيترا ئي هن جهان سان ۽ سنڌي ادب سان ناتو ٽوڙي ٻئي جهان ۾ وڃي سکي/دکي ٿيا آهن پر جيڪي اڄ اسان پنهنجي اکين آڏو نه رڳو ڏسي رهيا آهيون پر اهي سدا بهار به آهن ۽ باوجود گهڻي وٿيءَ جي اڄ تائين پنهنجي پنهنجي فيلڊ ۾ لکي به رهيا آهن ۽ ڪڏهن به “ورچي نه ويٺا” آهن، انهن اسان جي احترام لائق لکندڙن مان بادل جمالي صاحب به آهي، ساڳئي وقت سندس همعصر لکندڙ ڀاءُ نور گهلو به آهي، جيڪو چڱي وٿيءَ کان پوءِ ئي سهي پر مسلسل لکي رهيو آهي. بادل جمالي صاحب تڏهن به اسان ۽ سنڌي ادب لاءِ اهم هئو، جڏهن هن پنهنجو پهريون ڪهاڻي ڪتاب “پاڙي ناهه پروڙ” اسان کي ڏنو هئو ۽ اڄ به اسان ۽ سنڌي ادب لاءِ اوترو ئي آبرودار آهي، جڏهن هن پنهنجو اڄ تائين آخري ڪهاڻي ڪتاب “اويلو مسافر” ڏنو آهي، وچ جو عرصو اهو آهي جيڪو هو پي ٽي وي جو پروڊيوسر هوندي ڪهاڻي کان وڌيڪ ناٽڪ جي ويجهو رهيو. هن جي کاتي ۾ سنڌي ناٽڪ ته آهي ئي آهي، پر ٻيا ڪيترا ئي ادبي پروگرام به آهن جن جي معرفت هن اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ ادب جي خدمت ڪئي ۽ ڪيترن نوجوانن اديبن کي هن اليڪٽرانڪ ميڊيا تي متعارف ڪرايو، جيڪي اڄ پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ ڏئي رهيا آهن. سنڌي ناٽڪ کي پي ٽي وي تان اعليٰ مرتبو ڏيارڻ ۾ ٻين سنڌي پروڊيوسرن سان گڏ بادل جمالي صاحب جو به هڪ وڏو حصو آهي، پر سچ اهو آهي هن جي ٻين سڀني شعبن کان وڌيڪ اسان کي عزيز سندس هڪ ڪهاڻيڪار وارو ڪم آهي، جيڪو سندس پهرين ۽ آخري سڃاڻپ آهي. هو “پاڙي ناهه پروڙ” کان “سنگرام” تائين ۽ اتان کان وٺي “ اويلو مسافر” تائين سنڌي ٻوليءَ جو هڪ اهڙو ڪهاڻيڪار آهي جنهن ڪهاڻين معرفت سنڌي ٻوليءَ کي شاهوڪار ڪيو آهي. بادل جمالي صاحب جي ڪهاڻين جا موضوع ڳوٺاڻي زندگيءَ جا به آهن ته شهري زندگيءَ جا به آهن، سندس ڪهاڻين ۾ زرعي زندگي جي اوريجنلٽي به آهي ته شهري زندگيءَ جون چمڪندڙ مصنوعي روشنيون به آهن ۽ انهن روشنين پٺيان غضبناڪ اونداهي به آهي جيڪا شهري ماحول مان جنم وٺندي آهي. ايئن سندس ٻولي صاف، سٺي، وڻندڙ ۽ احساس کڻي ايندڙ آهي، جنهن ۾ ڪي به ور وڪڙ نه هوندا آهن، سندس ڪهاڻي جي اڻت ڪهاڻيءَ جون مروج سڀ گهرجون پوريون ڪندڙ رهي آهي، جنهن ڪري سندس ڪهاڻيون سندس همعصرن توڻي کائنس پوءِ ايندڙ ۽ لکندڙ ڪهاڻيڪارن توڻي پرهندڙن جي ذهنن ۽ دلين ۾ ياد رهجي ويون آهن، نه رڳو موضوعاتي حوالي ۾ پر پنهنجي سموري احساس سان گڏ! ۽ ڪهاڻي جي حاصلات لاءِ ٻيو ڇا گهرجي؟!! ڪڏهن ڪڏهن بادل جمالي صاحب جون ڪهاڻيون پڙهي محسوس ٿيندو آهي ته جيڪڏهن هو ان ئي موضوع تي ڪو ناول سنڌي ادب کي ڏئي، ڇاڪاڻ ته وٽس ٻوليءَ جي سونهن، موضوع جي چونڊ ۽ ان جي اڻت نهايت وڻندڙ هوندي آهي، اميد ڪجي ٿي ته هو اسان کي گهٽ ۾ گهٽ هڪ ناول ضرور ڏيندو ۽ ايستائين پڪ سان اسان سندس صحت لاءِ ۽ وڏي آورجا لاءِ گهڻيون گهڻيون نيڪ خواهشون سانڍيون ٿا!. بادل جمالي صاحب اڳوڻي ضلعي حيدرآباد ۽ هاڻوڪي مٽياري جي تعلقي هالا جي هڪ ننڍي ڳوٺ شهداد جماليءَ ۾ جنم ورتو، سندس جنم ننڍي کنڊ ۾ سدائين ياد رکيو ويندڙ سال ۱۹۴۷ع ۾ مئي مهيني جي ۲۹ تاريخ تي ٿيو. هونئن سال جا سڀ ڏينهن مقدس ٿين ٿا پر اسان پنهنجي عالمن ۽ اديبن جي جنم ڏينهن کي وڌيڪ ڀاڳ وارو ڏينهن سمجهندا آهيون ۽ پڪ سان اڄ جو ڏينهن به سنڌي ٻولي ۽ ادب لاءِ خاص طور تخليقي ادب ۾ ڪهاڻيءَ لاءِ ڀاڳ وارو ڏينهن آهي، ڇو ته اهو بادل جماليءَ صاحب جي جنم جو ڏينهن آهي. سندس تعليمي لياقتون سندس سرٽيفڪيٽن ۾ درج آهن جن کي اڪيڊمڪ ادارن ۽ حوالن ۾ استعمال ڪري سگهبو، هت سندس حوالو نج ادبي آهي ۽ ادب ۾ نصاب جي اهميت ثانوي آهي، تخليق جي اهميت اوليت واري آهي ۽ اها ئي اهميت بادل صاحب جي سنڌي ادب ۾ آهي جيڪا سدائين رهڻي آهي. اڄ بادل جمالي صاحب جو جنم ڏينهن آهي، پڪ سان اهو سنڌي ادب لاءِ اهم ڏينهن آهي، سنڌ جي ادبي دنيا پاران کيس گهڻيون مبارڪون ۽ خواهش آهي ته هو پنهنجي گذرندڙ حياتيءَ جو ڪجهه وقت لڳاتار سنڌي ادب خاص طور سنڌي ڪهاڻي کي ارپيندو واڌو هڪ ناول کي به.! بادل جمالي اسان جو هيرو آهي علي بخش پٺاڻ بادل جمالي، سنڌي ٻوليءَ جي تخليقي ۽ منفرد ڪهاڻيڪار طور ڄاتو ۽ سڃاتو وڃي ٿو. توڙي جو سندس ڪهاڻين جي شايع ٿيل ٽنهي مجموعن “پاڙي ناهه پروڙ، “سنگرام” ۽ “اويلو مسافر” ۾ ڇپيل توڙي اڻ ڇپيل ڪهاڻين جو مجموعي انگ صرف ۴۲ ڪهاڻيون آهي پر اهي ڪهاڻيون پنهجن موضوعن، ڪهاڻي پڻي، ٻولي، پيش ڪش جي انداز ۽ تخليقي خوبين سان ڀرپور سنڌي ادب جي نمايان ڪهاڻين واري حيثيت رکن ٿيون ۽ انهن بادل جماليءَ جي نالي کي سنڌي ڪهاڻيءَ جو خوبصورت حوالو بڻائي ڇڏيو آهي. ايتريقدر جو سنڌي ڪهاڻيءَ جو ذڪر بادل جي ڪهاڻين جي ذڪر کان سواءِ اڻپورو هوندو آهي. بادل جماليءَ لکڻ جي شروعات ۱۹۷۰ع واري ڏهاڪي ۾ شاعريءَ سان ڪئي پر جلد ئي شاعريءَ کي ڇڏي هن ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون. ۽ جلد ئي هڪ سگهاري ڪهاڻيڪار طور پاڻ مڃرائي ورتو. ڇاڪاڻ ته سندس ڪهاڻين جي ٻوليءَ ۾ پڪل ميوي جهڙو رس ۽ چس هو پر سندس ڪردار نگاري ۽ منظرنگاريءَ به ڪمال فن واري هئي. سندس مشاهدو ته منڊيءَ تي ٽِڪَ وانگر هيو جنهن مان چُڪ ڪڍڻ سُئيءَ جي پاکڙي مان اٺ کي پار ڪرائڻ برابر هيو. ۱۹۷۰ع واري انهيءَ ڏهاڪي ۾ آرٽس ڪائونسل ۾ سنڌي ادبي سنگت ڪراچي جون گڏجاڻيون ٿينديون هيون جن ۾ تاج بلوچ، انور پيرزادو، عبدالرحمان نقاش ۽ هدايت منگيءَ جهڙا سينيئر ليکڪ ۽ نقاد موجود هوندا هئا انهن جي موجودگيءَ ۾ بادل جماليءَ پنهنجي پهرين ڪهاڻي “خيرات” پڙهي هئي. جنهن جي بي پناهه ساراهه ٿيڻ تي هن لڳاتار هر هفتي ڪهاڻي پڙهڻ شروع ڪئي هئي ۽ مسلسل پنج گڏجاڻين ۾ هن پنج ڪهاڻيون پڙهيون هيون. بادل جي ڪهاڻين کي ته ساراهيو ويو پر سينيئر ليکڪن پاران همت افزائيءَ جي نتيجي ۾ کيس تمام گهڻو اتساهه مليو هو ۽ سندس ڪهاڻي “خفتي” امداد حسينيءَ جي ادارت ۾ شايع ٿيندڙ سنڌي ادبي بورڊ جي معياري مخزن “مهراڻ” ۾ شايع ٿي هئي. ۽ ۱۹۸۰ع ۾ اهي ڪهاڻيون “پاڙي ناهه پروڙ” جي عنوان سان شايع ٿيون ته بادل جماليءَ کي سگا پاران “نسيم کرل گولڊ ميڊل” مليو. سندس لکڻ جو سلسلو تيزيءَ سان جاري رهيو ۽ ٽن سالن جي وقفي کان پوءِ ۱۹۸۳ع ۾ سندس ڪهاڻين جو ٻيو مجموعو “سنگرام” جي عنوان سان شايع ٿيو. هن جي ٻنهي مجوموعن ۾ شامل ڪهاڻين کي قارين ٿوڙي نقادن وٽان تمام سٺي موٽ ملي. خاص طور تي “خفتي”، “پاڙي ناهه پروڙ”، “ماڳ سندو مامرو”، “نوابي” ۽ “ڀورو گلاڻي” کي سنڌي ادب جون شاهڪار ڪهاڻيون سڏيو ويو. اهڙيءَ طرح بادل جماليءَ ڪجهه ماڊرن ڪهاڻيون پڻ لکيون جن ۾ “جيون جي زنجير ۾ جڪڙيل هڪ شخص”، “گگهه اونداهيءَ ۾ کسجي ويل ٽارچ”، “ويچارو انسان”، خواب نٿا نيڻن ۾ ماپن” ۽ ٻيون ڪهاڻيون شامل آهن. بادل جماليءَ جي ڪهاڻين جي فني پختگيءَ جو اندازو ان مان به لڳائي سگهجي ٿو ته جڏهن هن ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ماسٽرس پئي ڪئي، تڏهن ئي جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جو وڏو نالو سائين اياز قادري بادل جماليءَ جون اهي ڪهاڻيون پنهنجي ڪلاس ۾ شاگردن کي پڙهائيندو هيو. بادل جماليءَ پنهنجي ڪهاڻين ۾ زندگيءَ جي حقيقي رنگ ڀريندي عام ماڻهن جي احساسن جي ترجماني ڪئي ۽ سندن مسئلن ۽ محرومين جي نمائندگي اهڙي ته زبردست انداز سان ڪئي آهي جو سندس ڪهاڻيون پڙهندي انهن ڪردارن جي تڪليفن تي اسان به ڏکارا ٿي پئون ٿا ۽ ڪٿي ڪٿي ته لڙڪن کي اکين جي بند ۾ قابو ڪرڻ به اوکو بڻجي ٿو وڃي. پنهنجي ڪهاڻين جي انهن ڪردارن بابت بادل جو پنهنجو چوڻ پڻ اهو آهي ته، “پنهنجي ڪهاڻين جي ڪردارن جون مجبوريون ۽ انهن جون حالتون منهنجي اکين اڳيان ڦرنديون رهنديون آهن ۽ اڪثر منهنجو ويهاڻو ڳوڙهن سان آلو ٿي ويندو آهي.” بادل جمالي واقعي تمام حساس ڪهاڻيڪار آهي هو رڳو ڪردارن کي ڪهاڻين جا موضوع نه ٿو بڻائي پر انهن جي اهنجن، تڪليفن ۽ دردن کي محسوس ڪري ڍنڍڪرون ڏئي روئي به پئي ٿو. سائين محمد علي پٺاڻ، ڊاڪٽر احسان دانش ۽ پروفيسر رضوان گل سان يوٽيوب چئنل “ساهت ٽي وي” تي ڪچهري ڪندي بادل جو چوڻ هو ته، “ڪو وڏو ماڻهو پيار مان ڪلهي تي ٿڦڪي هڻي ڳلي لڳائيندو آهي ته به منهنجون اکيون ڀرجي اينديون آهن. ۽ ڪو پيارو ماڻهو اکيون ڪَرڙيون ڪري ڏسندو آهي ته به ٻارن وانگر روئي پوندو آهيان.” بادل جمالي چوندو آهي ته ٽي ويءَ جا ڊراما هجن يا ڪهاڻيون هو بنا ڪنهن خوف يا دٻاءَ جي لکندو رهيو آهي ۽ ڪڏهن به کيس نتيجن جي پرواهه نه رهي آهي. پنهنجي لکڻين جي حوالي سان به هو واضح موقف رکي ٿو ۽ چوي ٿو ته، لکڻ لاءِ ته مان ويٺي ويٺي ناول به لکي سگهان ٿو پر مون کي مقدار کان وڌيڪ معيار جو فڪر ماريندو آهي ۽ مان پنهنجي ڪهاڻي ايسيتائين مڪمل نه سمجهندو آهيان جيسيتائين ان مان مطمئن نه ٿيندو آهيان. ۽ ڪو ليکڪ جيڪڏهن پنهنجي ڪهاڻيءَ ۾ ترميم نه ڪرڻ جي دعويٰ ٿو ڪري ته مان ان کي مبالغو ئي سمجهندو آهيان.” بادل جمالي ۲۹ مئي ۱۹۴۷ع تي مٽياري ضلعي ۾ نيو سعيد آباد ويجهو ڳوٺ بکر جماليءَ ۾ پئدا ٿيو. اتان ئي شروعاتي تعليم به حاصل ڪيائين. هو پاڻ ڪهاڻيڪار ته آهي پر سندس زندگي پڻ هڪ دلچسپ ڪهاڻيءَ کان گهٽ نه آهي. هو پنهنجي جيون ڪهاڻي بيان ڪندي شروعات اتان ڪندو آهي ته، ڇهين ڪلاس ۾ پڙهندي هو جڏهن اڃان ۱۱ ورهين جو هيو ته سندس سِرَ تان ابي جي ڇپر ڇانوَ نه رهي هئي، انهيءَ يتيمي ۽ غربت کيس مئٽرڪ ۾ نمايان نمبرن سان پاس ٿيڻ باوجود سندس ڊاڪٽر بڻجڻ وارو خواب چڪنا چور ڪري ڇڏيو هو. شاگرديءَ جي ان زماني ۾ کيس فلمن جو پڻ ڏاڍو شوق هوندو هيو ۽ فلم انڊسٽريءَ جا وڏا نالا غلام حيدر صديقي، بابو ڀائي، اي ڪيو پيرزادو ۽ ٻيا فلمن جي شوٽنگ جي سلسلي ۾ سندس ڳوٺ ايندا هئا ته هو ڊوڙي وڃي اها شوٽنگ ڏسندو هو. ڪراچيءَ ۾ بادل جمالي هڪ فلم ۾ هدايتڪار آغا نظر ڪاوش جو اسسٽنٽ مقرر ٿيو پر جلد ئي انهيءَ فلم جو پروڊيوسر آغا صغير مرزا گذاري ويو، فلم بند ٿي وئي ۽ بادل بي روزگار ٿي ويو جنهن ڪري ڪجهه مهينا هڪ ڊاڪٽر وٽ ڪمپائونڊر جي نوڪري پڻ ڪيائين. ۽ ڪجهه عرصو سراج جي نگرانيءَ ۾ انور پيرزادي، فقير محمد لاشاري، دستگير ڀٽي، هدايت منگي ۽ ٻين سان گڏ “روزاني هلال پاڪستان” ۾ پڻ ڪم ڪيائين. انهن ڏينهن ۾ ئي مشهور اداڪار نور محمد لاشاريءَ نه رڳو بادل کي ريڊيو پاڪستان ۽ پي ٽي ويءَ تي نوڪريءَ لاءِ درخواستون ڏياريون هيون پر کيس وٺي وڃي ٻنهي ادارن جي جنرل مئنيجرس سان به ملايو هو. اهڙي طرح کيس ۱۹۷۴ع ۾ پي ٽي وي جي اسڪرپٽ سيڪشن ۾ نوڪري ملي وئي ۽ هن ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ خانگي طور پنهنجي پڙهائي به جاري رکي. کيس ۱۹۸۵ع ۾ پي ٽي ويءَ تي اسسٽنٽ پروڊيوسر، ۱۹۸۹ع ۾ پروڊيوسر ۽ بعد ۾ سينيئر پروڊيوسر مقرر ڪيو ويو. پي ٽي ويءَ تي سندس پهرين ڊرامه سيريل رزاق مهر جي يونيورسٽيءَ جي موضوع تي لکيل “وڇوٽيون هئي. جنهن بعد هن رحمت الله ماڃوٺيءَ جي “قربتون”، حفيظ ڪنڀر جي “منزلون ۽ مسافر”، ماڪن شاهه رضويءَ جي “ڪجل ڀنا نيڻ” سميت انور ابڙي، ڪيهر شوڪت ۽ ٻين ليکن جون ڪيتريون ئي سيريل ۽ سولو پليز ڪيا. ان سان گڏو گڏ هن ٻارڙن جو پروگرام “روشن تارا”، ادبي پروگرام “سنڌ رنگ” ۽ ٻيا ڪيترائي پروگرام ڪيائين. پي ٽي ويءَ تي ايامڪاريءَ دوران بادل جماليءَ ڪيترن ئي نون اداڪارن ۽ فنڪارن کي پڻ متعارف ڪرايو جيڪي اڄ ڪلهه شوبز جي دنيا جا وڏا نالا آهن. پي ٽي ويءَ تي مصروفيتن سبب هو ڪهاڻيون لکڻ کان مڪمل طور ڪٽجي ويو هو پر ۲۰۰۷ع ۾ پي ٽي ويءَ تان رٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ بادل جماليءَ ڪهاڻيءَ ڏانهن ٻيهر موٽ کاڌي ۽ ۳۰ سالن جي وٿيءَ کان پوءِ “ٽامي” جهڙي شاهڪار ڪهاڻيءَ سان شروعات ڪيائين. ۽ پوءِ لڳاتار “مَنَ جون اکيون”،”خان ڊولپرز”، “امان” ۽ ٻيون ڪيتريون ئي ساهه ۾ سانڍڻ جهڙيون ڪهاڻيون لکيائين. سندس نين ڪهاڻين جو مجموعو “اويلو مسافر” ۲۰۱۷ع ۾ شايع ٿيو ته ان کي به اهڙي ئي ڀرپور موٽ ملي، جيڪا سندس پهرين مجموعي، “پاڙي ناهه پروڙ” ۽ “سنگرام” کي ملي هئي. کيس انهيءَ ڪتاب تي اڪيڊمي آف ليٽرس پاڪستان پاران بهترين ڪهاڻين جو ايوارڊ پڻ مليو. ادبي دنيا سان نئين سر سلهاڙجڻ جو سمورو ڪريڊٽ هو پنهنجي پياري دوست سائين محمد علي پٺاڻ کي ڏيندو آهي ۽ چوندو آهي ته، “جيڪڏهن ۲۰۱۳ع ۾ محمد علي پٺاڻ لڳاتار زور نه ڀريندو رهي ها ته مان شايد ٻيهر ڪهاڻيون نه لکان ها. ڇو ته ٻيو مجموعو “سنگرام” شايع ٿيڻ بعد مون ٻيهر ڪڏهن به نه لکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو هو.” هاڻي بادل جماليءَ جو نَون ڪهاڻين تي ٻڌل چوٿون مجموعو ڇپائيءَ لاءِ تيار آهي، جيڪو پڙهندڙن جي هٿن تائين ايندو ته يقينن پسند ڪيو ويندو. اڄ ۷۳ هين جنم ڏينهن جي موقعي تي اسان جون نيڪ تمنائون پنهنجي محبوب ليکڪ سان گڏ آهن ته شال سندس صحت ۽ قلم سلامت رهي ۽ هو سنڌي ادب جي جهولي ايئن ئي شاندار ڪهاڻين سان ڀريندو رهي.
عبدالستار ايڌي الوداع! الوداع مهتاب اڪبر راشدي ”هم“ ٽي وي لاءِ عبدالستار ايڌيءَ جو انٽرويو ورتو هيم، آخر ۾ انٽرويو ختم ڪندي جڏهن هي اکر چيم ته؛ ”هن انٽرويو ذريعي مان ٽي وي ڏسڻ وارن کي ڏيکارڻ ٿي چاهيان ته ڏسو! فرشتا ههڙا ٿيندا آهن.“ تڏهن ايڌي صاحب هڪ لمحي لاءِ ششدر ٿي ويو. زبان ڏندن هيٺان ڏنائين. ڄڻ توبهه ڪندو هجي ۽ سندس اکين ۾ ڳوڙها ڇُلڪي پيا. ڪمال شخص هو، اڄ هر ماڻهو تعزيتي پيغام ذريعي سندس نالي سان پنهنجو نالو ڳڻائي فخر محسوس پيو ڪري. وزير اعظم طرفان اعلان ڪيل ملڪ جو وڏو اعزاز به هن جي اڳيان ننڍڙو پيو لڳي. صدر پاڪستان به ڪنهن ڳڻپ ۾ ناهي. ائين چوان ته غلط نه ٿيندو ته اڄ ڄڻ ته سڄو پاڪستان يتيم ٿي ويو آهي. رضاڪارانه طور تي، هر هنڌ ماڻهن، سندس ايثال و صواب لاءِ قرآن خوانيون ۽ لنگر شروع ڪري ڏنا آهن. پاڪستان جي تاريخ ۾، عبدالستار ايڌي ئي اهڙو شخص آهي، جيڪو ڪا وڏي حڪومتي حيثيت نه رکڻ جي باوجود، اڄ سڀني جي توجهه جو مرڪز آهي. ماڻهن جي دلين ۾ وسندڙ هن شخص لاءِ پاڪستان جو جهنڊو جهُڪايو ويو آهي. ڪراچيءَ جي نيشنل اسٽيڊيم، جنهن ۾ ۳۵ هزار ماڻهن جي گنجائش آهي، سا جاءِ به ننڍي ٿي چڪي. ماڻهو دل سان، سندس جنازي ۾ شريڪ ٿيا، اڄ پاڪستان، دنيا جي خبرن ۾، ڪنهن دهشت گردي، بم ڌماڪي ۽ انساني جانين جي زبان جي بجاءِ هڪ اهڙي شخص جي موت جي حوالي سان ذڪر هيٺ آهي، جيڪو جڏهن جيئرو هو ته زندگيءَ جو هڪ هڪ لمحو، رڳو انسانن جي خدمت ۾ گذاري ويو. سندس سفر آخرت ۾ فوجي دستن، گارڊ آف آنر ڏنو. هو پاڻ ته انسانن جو خادم هو، پر سندس جنازي ۾ وي آءِ پي ۽ وي وي آءِ پيز جي لاءِ، اسٽيڊيم ۾ نماز جنازه لاءِ رستا ۽ گيٽ متعين ڪيا ويا. فيصل ايڌي، ڀلي ته چوندو رهي ته عبدالستار ايڌيءَ کي وي آءِ پي پروٽوڪول نه ڏنو وڃي. پر اِهو اعزاز ته هن کي رب عطا ڪيو آهي. بلڪ اِهو ملڪ لاءِ اعزاز آهي ته هنن پنهنجي هن سُپوت کي وڏي شان ۽ مان سان الوداع چيو. ملڪ جي پنهنجي عزت به ان ۾ ئي هئي. گجرات ۾ پيدا ٿيندڙ عبدالستار ايڌي، وچولي طبقي سان تعلق رکندڙ ڪپڙيءَ جي واپاريءَ جي گهر ۾ جنم ورتو، سندس ننڍپڻ بلڪل ائين ئي گذريو، جيئن ڪنهن به ڳوٺ جي عام ٻار جو گذرندو آهي، ڏاند گاڏين تي چڙهڻ، پٽاٽا، ٽماٽا ۽ ٻيون ڀاڄيون کڻي ويندڙ گاڏين مان، ٽماٽا کڻي کائڻ ۽ هڪٻئي کي چُٽڻ ۽ ڏاند کاڏيءَ واري جي چهبڪ کائڻ کان پاڻ بچائڻ لاءِ ڀڄڻ. ننڍي هوندي سندس امڙ اسڪول موڪلڻ مهل سندس تِريءَ تي ٻه پايون رکي کيس چوندي هئي ته هڪ پائي تون پاڻ تي خرچ ڪر پر ٻي پائي ڪنهن ضرورت مند کي ڏئي ڇڏجانءِ، ننڍپڻ جون ساروڻيون سليندي ايڌي صاحب اِهو به ٻڌايو ته، ڪڏهن به پرائو حق نه کائجانءِ ماءُ جي هنج مان اهو سبق وٺندڙ عبدالستار ايڌي، پنهنجي ماءُ جي دُعائن سان ئي، انسانن جي دلين ۾ گهر ٺاهي ويو، انٽرويو ۾ اِهو به ٻڌايو هئاسين ته ننڍي هوندي، منهنجا دوست مون کي ”شيخ چلي“ چوندا هئا، ڇاڪاڻ ته مان ننڍي هوندي کان ئي ڪجهه ڪرڻ جا خواب ڏسندو هئس، هو مون تي کلندا هئا، ۽ چوندا هئا ته تون شيخ چلي آهين، ان تي مون کيس کلي چيو هو ته ايڌي صاحب! شيخ چلي ته صرف پنهنجي لاءِ خواب ڏسندو هو، پر توهان ته پاڻ کي ڇڏي، باقي ٻين انسانن لاءِ خواب به ڏٺا ۽ انهن کي ساڀيان به ڪيو، اِهو ممڪن ڪيئن ٿيو.؟ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته الله تعاليٰ، ڪن ماڻهن کي ڪنهن وڏي ڪم لاءِ منتخب ڪندو آهي، پوءِ اهڙي شخص لاءِ نه ته اعليٰ تعليم يافته هئڻ ضرور هوندو آهي ۽ نه ئي فصيح و بليغ هئڻ، نه ئي پنهنجن جي سرپرستي، جڏهن هن حضرت موسيٰ عليه سلام کي نبوت عطا ڪئي ته زبان ۾ لُڪنت هئڻ باوجود هن رَبَ جو پيغام ماڻهن تائن پهچايو، حضرت يوسف عليه السلام کي پيءُ ۽ ماءُ جو وڇوڙو ڏنائين ته جواب ۾ پيغمبري به عطا فرمايائين، ۽ انت ڏسو ته جنهن کي پنهنجو محبوب چيائين اُهو محمد صه اُمي (اڻ پڙهيل) هيو، پر پهريون صرف جيڪو سندس واتان چورايو هويو اُهو هيو، ”اقراءَ“ يعني ”پڙهه“! رب جي انهن ئي حِڪمتن جو هڪ وڏو مثال ۲۰ ۽ ۲۱ صديءَ ۾ عبدالستار ايڌي به چئي سگهجي ٿو، جنهن انسان ذات جي خدمت جي جذبي تحت جنهن اداري جو بنياد وڌو ۽ جهڙو انتظامي ڍانچو تيار ڪيو، تنهن کي سکڻ لاءِ ته IBA (Institute of Business Administration) ۽ لاهور يونيورسٽيءَ آف مئنجمينٽ سائنسز (LUMS) ۽ TOBM (Institute of Business Management) جهڙن ادارن ۾ ڇهه اٺ سال پڙهائي ڪرڻي پوندي آهي، پر عبدالستار ايڌي ته پنهنجي ات ۾ ادارو هو، جنهن کي IBA، ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري ڏئي، پنهنجو پاڻ کي سُرخرو ڪيو. عبدالستار ايڌيءَ کي هندوستان جي ورهاڱي کانپوءِ، سنڌ ڌرتيءَ تي اچڻ نصيب ٿيو، ۱۹۵۱ ۾ پنج هزار روپين جي ذاتي پئسن مان کارادر ۾ هڪ ڊسپينسري کولي، خدمت خلق، جو آغاز ڪيو، اڳتي هلي اُها عمارت خريد ڪري، ڪم کي اڃا اڳتي وڌايائين، پهرين ايمبولينس خريد ڪري، ان جو ڊرائيور به پاڻ ٿيو. حڪومت کان نه ڪڏهن ڪا گرانٽ ورتائين ۽ نه ئي ڪنهن مدد جو طلبگار ٿيو، سندس چوڻ مطابق، هن کي عام پاڪستاني ماڻهن ۾ وڏو يقين ۽ اميد هئي، هن جتي ۽ جڏهن به جهول جهليو، عام ماڻهوءَ کيس مايوس نه ڪيو، لاهور جي ڪنهن رستي تي بيٺو ته صبح اٺين وڳي کان رات اٺين تائين پنجن کان ڇهه ڪروڙ سندس جهوليءَ ۾ پئجي ويندا هئا، اِهي انگ اکر ايڌي صاحب جي پنهنجي زباني آهن، جيڪي مون کي انٽرويو ڏيندي ٻڌايائين، اڄ کان پنج سال اڳ ورتل انٽرويو ۾ ان وقت تائين هن جي ڏنل معلومات مطابق ايڌي فائونڊيشن وٽ ۱۷ سئو ايمبولينسز هيون، جيڪي اڄ ۲۰۰۰ کن آهن، ۱۷ يتيم خانا هلندڙ آهن، جنهن کي سندس ڌيءُ هلائيندي آهي، اٺ هزار ماڻهو مختلف ايڌي سينٽرز ۾ رهندڙ هئا، جن جي ٽن وقتن جي ماني جو انتظام هيو، ان کان علاوه نفسياتي مريضن جون رهائشگاهون، عورتن لاءِ دار الامان، بيمارن لاءِ شفاخانه، يتيم ٻارن لاءِ رهائش ۽ پڙهڻ جا انتظام، مرده خانه، قدرتي آفتن جي نتيجي ۾ ڪئمپون، کاڌو پيتو هر شيءِ ضرورتمندن تائين پهچائڻ انهن سڀني ادارن کي هلائڻ لاءِ اڍائي کان ٽي اَرب روپيا، پاڪستان جا ماڻهو کيس مُهيا ڪري ڏين ٿا. جهول جهلي پئسا ميڙڻ واري عمل لاءِ چيائين ته، ”مان ته فقير ماڻهو آهيان، جهول جهليندو آهيان“ پر عام ماڻهن کي اِهو احساس ڏيارڻ لاءِ ته، پاڻ جهڙن انسانن جي مدد ڪرڻ ۾ حصو وٺن جنهن لاءِ سندن هڪ روپيو به وڏي اهميت رکي ٿو“ ڪنهن کي به اکيون پوري پئسو ڏيڻ لاءِ اڳلي ماڻهوءَ جي ديانت داريءَ تي ويساهه ضروري آهي، اِهو ويساهه عبدالستار ايڌيءَ پنهنجي رهڻي ڪهڻي ۽ عملي طرح سان پنهنجي ڪم ڪار سان ماڻهن جي دلين ۾ پيدا ڪيو، سڄي عمر ٻن مليشيا جي وڳن ۾ زندگي گذاريائين، پلاسٽڪ جي جُتي، سا به جڏهن ڇڳي ته موچيءَ کان ڳنڍرائي وري وري پاتائين، سندس صبح جو ناشتو ۽ هڪ ماني ۽ چانهن جو ڪوپ، منجهند جو ٿورا چانور ۽ گوشت جو رس وارو ٻوڙ ۽ رات جو کير ۽ رَٻَ. جنهن شخص جي هٿان ڪروڙين ۽ اربين روپيا خرچ ٿيندا هجن، تنهن کي مايا جو موهه ڇو نه ٿيو؟ اُهو، کارادر ۽ ميٺادر جي کُڏڙيءَ جهڙي گهر ۾ ڇو پيو رهيو؟ عبدالله شاهه غازيءَ جي مزار جي پاسي ۾ ڪنهن سخي انسان طرفان تحفتا مليل هزارين گز واري عاليشان گهر ۾ ڇو نه رهيو؟ اُتي ته هن ننڍڙين يتيم ڇوڪرين لاءِ رهائش ۽ اسڪول جو انتظام ڪري کين سُکيو ڪري ڇڏيو هو، هن سَڀُ سُکَ ٻين لاءِ مهيا ڪيا پر پنهنجي لاءِ رڳو ٻين لاءِ سُک مُهيا ڪرڻ جو ذمو کنيائين. منهنجي لاءِ اِها حيرت جي ڳالهه هئي جڏهن هن اِهو ٻڌايو ته هن ڪارل مارڪس ۽ لينن جا ڪتاب، گجراتي زبان ۾ ترجمو ٿيل پڙهيا هئا، سوشلزم جي نظرئي کان متاثر هو ۽ اهو به چئي ڏنائين ته اسلام به ته اِهو ئي ٿو سيکاري، امام ابوذر غفاريءَ جي تعليمات مان به حوالا به ڏنائين ته ڪربلا جي معرڪو به هن لاءِ هڪ وڏو مثال هو، يزيد جهڙي زر جي پڄاري ۽ جاهه وحشم جي دلداده حق ۽ انصاف جي راهه تي هلڻ واري رسول جي ڏوهٽي حسين عليه السلام خلاف تلوار کنئي، حسين عليه جو سر قلم ٿيو، نيزي تي چاڙهيو ويو، پر اڄ تاريخ ۾ يزيد لعنت ۽ ملامت جي علامت بڻجي ويو ۽ حسين هر دل ۾ جيئرو آهي. اِها خبر هوندي هئي ته کيس ڪهڙي ڳالهه جي منصوبا بندي ڪرڻي آهي، ۽ ان جا ڏور رس نتيجا ڪهڙا حاصل ڪرڻا آهن، هن جو هر منصوبو پائيدار ۽ مستقبل کي نظر ۾ رکي ٺاهيو ويو هو. معاشري جي ڏتڙيل ماڻهن لاءِ ايڌي آخري سهارو هو، جي ايڌي ايمبولينسز، ايڌي، سرد خانه نه هجڻ ته لاش رستن تي رلندا رهن ها، وارثن جي اچڻ تائين، فوت ٿيل ۽ حادثن ۾ مارجي ويلن جي لاشن لاءِ ايڌي فائونڊيشن طرفان قائم ڪيل سرد خانه وڏي نعمت آهن. ياد ٿو اچيم، اسان وٽ هڪ چوڪيدار هيو. ان جو هڪ ڀاءُ ڪراچيءَ ۾ ڪنهن حادثي جو شڪار ٿي ويو. هنن مسڪينن، اڻ پڙهيل ماڻهن کي دير سان خبر پئي. سالن کانپوءِ ۽ ڪنهن ڏس ڏنن ته ضرور ايڌيءَ وارن ان کي دفنايو هوندو. اتان پڇا ڪريو. مرَڻ واري جي ماءُ اسان جي گهر آئي. کيس پاڻ وٽ ٽڪايم. سيڪريٽري سوشل ويلفيئر هئس. پنهنجي آفيس جي هڪ ماڻهوءَ کي فوٽو ڏيئي، ايڌي وارن جي سهراب ڳوٺ واري آفيس ڏانهن موڪليم. هڪ ٻن ڏينهن اندر، ايڌيءَ جي رڪارڊ مان، ان فوت ٿيل ماڻهوءَ جي تصوير سان ڀيٽي، قبر جي جاءِ ۽ نمبر هٿ اچي ويو. مواچ ڳوٺ ۾ ايڌيءَ جي قبرستان ۾ فوتيءَ جي امڙ وڃي، پٽ جي قبر کي اکين سان ڏٺو ۽ سندس دل کي صبر آيو. پوءِ هر سال جيستائين جيئري هئي، پٽ جي قبر تي ايندي رهي. ايڌي سروسز جو هڪ ٻيو تجربو ان مهل ٿيو، جڏهن سيڪريٽري تعليم هئڻ دؤران، اسان جو ايڊيشنل سيڪريٽري رسول بخش ڦلپوٽو عيد جون موڪلون گذاري پاڻ پنهنجي زال ۽ ٻن ٻارن سان ڪراچي ايندي، خيرپور ويجهو حادثي جو شڪار ٿيو. زخمين جي حالت نازڪ هئي، خاص ڪري ڦلپوٽو صاحب پاڻ ۽ سندس گهرواري. مون کي آفيس ۾ خيرپور جي اسپتال مان ڊاڪٽر فون ڪري اِهو چيو ته جيڪڏهن ايئر ايمبولينس جو انتظام ڪري سگهون ته بهتر، ور نه هتي ڳالهه اسان جي وس کان چڙهيل آهي. تڏهن به ايڌي ايئر ايمبولينس ئي اسان جي ڪم آئي ۽ ڦلپوٽو صاحب ۽ سندس گهرواريءَ کي ايئر لفٽ ڪري ڪراچي پهچايو ويو. سندس ٻار گهٽ زخمي هئا سي روڊر ذريعي ڪراچي پهتا. الله جي مهربانيءَ سان نه صرف سڀ ڄڻا محفوظ رهيا، بلڪ ايئر ايمبولينس ذريعي وقت تي ڪراچي پهچڻ سبب، ڦلپوٽو صاحب ۽ سندس گهرواريءَ کي ضروري طبي امداد به ملي وئي. ايڌي صاحب جو هڪ خواب هي به هو ته هر ۵۰۰ ڪلوميٽرن کانپوءِ هڪ اسپتال تعمير ڪرائي پر سندس اِهو منصوبو عمل ۾ نه اچي سگهيو، انسانيت ۾ يقين رکڻ واري هن شخص لاءِ انسانيت ئي سندس مذهب هو، اسلام جي بنيادي اصولن تي عمل ڪندي، محنت ۽ وقت جي پابندي کي زندگيءَ جو جُز بڻايائين، زڪوات چور ۽ ٽيڪس چورن کان نفرت ڪندڙ مرڻ کانپوءِ پنهنجيون اکيون عطيو ڪري ويو، انٽرويو ۾ ايڌي صاحب ٻه انتهائي اهم ڳالهيون چيون، هڪ ته اِهو چيائين ته اسان وٽ هر گهٽيءَ جي ڪُنڊ تي مسجد ٺهي پئي آهي، پر ڏسان ٿو ته منهنجي پاڙي ۾ جتي پنجويهه هزار ماڻهو رهن ٿا، نماز مهل ڏهن کان وڌيڪ ماڻهو به نه هوندا آهن، سياستدانن، اسيمبلين ۽ جمهوريت لاءِ پنهنجي ساد پر واضح انداز ۾ چيائين ته ”هي وڏا ماڻهو، امير، سرمايه دار ۽ جاگيردار اسيمبلين ۾ ويهي جمهوريت جا رڳو نعرا ٿا هڻن پر اِهي سڀ ڪوڙا ۽ رياڪار آهن، عام ماڻهوءَ جي بهتريءَ سان انهن کي ڪو سروڪار ناهي“. پنجويهه سال اڳ پنهنجي قبر پاڻ تيار ڪرڻ وارو عبدالستار ايڌي پنهنجو وارو وڄائي ويو، بيشڪ پاڪستان به پاڻ ملهايو، سڄو پاڪستان هن فقير صوفي منش جي سوڳ تي متحد آهي، چيف آف آرمي اسٽاف راحيل شريف سميت، اعليٰ حڪومتي شخصيتون سندس جنازي ۾ شريڪ ٿيون، هي شخص پنهنجي مرڻ تي سڀني کي متحد ڪري هڪ جاءِ تي گڏ ڪري ويو، عبدالستار ايڌيءَ جي لفظن سان ڪالم جي پڄاڻي ڪنديس: ”پاڪستان جا ماڻهو، سخي ۽ عظيم آهن، هو ڏيڻ وارن مان آهن، حڪومت چاهي ته پاڪستان ٻه هڪ فلاحي رياست بڻجي سگهي ٿو“ الوداع! عبدالستار ايڌي، الوداع عبدالستار ايڌي پنهنجو وارو وڄائي ويو ڊاڪٽر مرلي ڌر عبدالستار ايڌي - نماڻو، سادگي پسند، قناعت پسند، عظيم انسان، تاريخ ۸ جولاءِ جي رات جو ۱۱ وڳي اسان کان موڪلائي ويو، هوُ گذريل ۱۰ سالن کان بڪين جي عارضي ۾ مبتلا هُيو. شگر ۽ بلڊ پريشر گڏجي سندس وڏو نقصان ڪيو، مون ايڌي جو نالو اُن وقت ٻڌو جڏهن هُن صدر ۾ اُهي لاش جيڪي ٻيو ڪو سنڀالڻ ۽ کڻڻ وارو ڪو به نه هو هُن پنهنجي پٺيءَ ۽ ڪلهن تي کڻي پهچايا هُيا، اُهو ڏينهن ۽ اڄ تائين ايڌي هر اُن جڳهه تي نظر آيو جتي مخلوق مشڪل ۾ هئي، پوءِ زلزلو هجي يا سيلاب، روڊ حادثو هجي يا موت، ايڌي پنهنجي ايمبولينس سميت اتي موجود ڏٺو ويو. پهرين ايمبولينس هميشه ايڌي جي نظر آئي، سادگي ۾ گذارڻ وارو ايڌي جنهن هڪ دفعو چيو ته هُو ماني ناشتي ۾ هميشه پاروٿي کائيندو آهي، هو هميشه هڪ ئي لباس يعني شلوار ۽ قميص ۾ نظر آيو، ايس آءِ يو ٽي ۾ گذريل ۱۰ سالن کان مان اُن کي ڏسندو رهيس هوُ ڪڏهن به ڪنهن اٽالي سان گڏ نه آيو نه ڪڏهن وري اِهو محسوس ڪرايائين ته هوُ ايڏو وڏو ماڻهو آهي. هميشه خاموشي سان آيو، چڪاس ڪرائي خاموشي سان هليو ويو، گذريل ۳ سالن کان ڊائلسس تي هُيو ۽ ڊائلسس به هُن ڪڏهن به الڳ ڪمري ۾ نه ڪرائي، سڀني مريضن سان گڏ ڊائلسس ڪرائڻ پسند ڪئي، ڊائلسس هفتي ۾ ۳ دفعا ڪرائڻ بدران ٻه دفعا ڪرائيندو هُيو ڇاڪاڻ ته هُن کي اِهو وقت ڏُکي انسانيت کي ڏيڻو هوندو هُيو، ڪڏهن ڪڏهن خير جي ڪمن ۾ مشغول هجڻ ڪري هُو ڊائلسس تي نه ايندو هُيو اهڙي حالت ۾ ڊاڪٽر اديب الحسن رضوي اُن کي گهران پاڻ وڃي وٺي ايندو هُيو. ڇاڪاڻ ته اديب رضوي ڊائلسس جي اهميت سمجهندي کين مڃرائي وٺي ايندو هو. بيماري جي هوندي به هُو ڦيٿا ڪُرسي تي ويهي ماڻهن کان چندو وٺندو رهيو، هن کي ايس آءِ يو ٽي پاران گردن جي پيوند ڪاري لاءِ ٻاهر ملڪ عِلاج ڪرائڻ جي آڇ ڪئي وئي، جيڪا هن نه مڃي. هوُ هميشه عوام جو هڏ ڏوکي رهيو ۽ پنهنجي ذميداري کان هڪ منٽ به غافل نه رهيو، هُن هميشه پنهنجي ادارن تي ئي اعتماد ڪيو اسان جي سياسي دامن، آفيسرن وانگر نه جو پنهنجو علاج هميشه ملڪ کان ٻاهر ڪرائن، ۷۰ سالن ۾ اسان جي حڪمرانن هڪ اهڙي اسپتال به ناهي ٺاهي جنهن ۾ هو پنهنجو علاج ڪرائي سگهن. نتيجي ۾ هو پنهنجي علاج تي ٻاهرن ملڪن ۾ وڃي ڪروڙين رپيا خرچ ڪري ڇڏين ٿا. ايڌي صاحب پنهنجو علاج پنهنجي مُلڪ ۾ ئي ڪرائڻ چاهيو ۽ ان جو ايس آءِ يو ٽي تي اعتماد هُيو، ڪجهه عُمر ۽ ٻيو بيماري ٻنهي کيس جهوري وڌو هُيو، کاڌو هونئن به سادو ئي کائيندو هُيو، ويتر کاڌي جي مقدار اڃا به گهٽجي وڃي ته ماڻهو جي قوتِ مدافعت اڃا به ڪمزور ٿي ٿي وڃي، ايڌي جو ميٺادر ۾ ڏاڍو سادو ۽ ننڍڙو گهر هيو هو چاهي ها ته بنگلي ۾ رهي سگهي پيو پر هُن اِئين نه ڪيو، ۵ جولاءِ تي ايڌي طبعيت جي خرابي ڪري آءِ سي يو ۾ داخل ٿيو، اٺين جولاءِ تي ايڌي صاحب جي طبعيت وڌيڪ خراب ٿي وئي ساهه جي سوڙهه ٿيڻ لڳي، دل به ڪمزور ٿيڻ لڳي، ايڌي صاحب کي هٿرادو ساهه کڻڻ جي مشين ”وينٽي ليٽر“ تي لڳايو ويو، دل ۽ بلڊ پريشر کي ٺيڪ رکڻ لاءِ دوائون شروع ڪيون ويون، ايڌي جو پورو خاندان ۽ ڊاڪٽر اديب الحسن رضوي جي رهنمائي ۾ ڊاڪٽرن جي ٽيم صبح کان رات تائين موجود رهي، مون کي ايڌي جو هڪ انٽرويو ٿو ياد اچي جنهن ۾ هُن چيو ته هوُ ”داس ڪيپيٽل“ پڙهيل آهي ۽ اُن کان ئي متاثر ٿي هُن انسانن جي ڀلائي وارو ٻيڙو کنيو، هوُ آخر تائين اُن رستي تي هلندو رهيو ڪڏهن به پنهنجي مقصد تان تِر جيترو به نه هٽيو، هُن پنهنجون اکيون عطيو ڪرڻ جي جيڪا وصيت ڪئي هئي، خاندان اُن کي به پورو ڪيو ۽ ايڌي جي نماڻي اکين سان هاڻ ٻه معصوم ٻيهر دُنيا کي ڏسڻ جي قابل ٿيندا، روشن ٿيندا، سو ايڌي پنهنجو وارو وڄائي ويو ۽ امر ٿي ويو. عبدالستار ايڌي فقير منش نادر علي ابڙو بيماري کان ويڙهاند ڪندي ڪندي نيٺ غريبن، يتيمن جو يار، فقير منش درويش انسان دوست، جڳ مشهور سماج سڌارڪ عبدالستار ايڌي ۹۲ سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو سندس لاڏاڻي واري خبر انتهائي دل جھوريندڙ هئي، هڪ وقت تائين پاڪستان جي سڃاڻپ بڻيل هي فقير صفت انسان ۲۰۱۳ کان ڊائيلاسز تي هو ۽ بيماري سندن کي هڪ پل لاءِ به سک سان ساهه نه کڻڻ ڏنو پر هي بيماري جي بستري تي به پنهنجي ڪم ساڻ نڀائو ڪندو رهيو سندن جي عيادت ڪرڻ لاءِ ملڪ ۽ پرڏيهه مان سياسي سماجي توڙي ٻيا حلقا ايندا رهيا جيڪي سندن جي وڏي ڄمار لاءِ دعا ڏيندي سندن خدمتن کي مڃتا پيش ڪندا هئا پر هي فقير صفت انسان سڀني لاءِ دعاگو رهندو هو هن جي نظر ۾ انسانيت ئي سڀڪجهھ هئي. هو انسانيت جي ڀلي ۽ بهتري لاءِ جاکوڙيندو رهيو، عبدالستار ايڌي اهو انسان هو جنهن مرڻ کان اڳ ئي ۲۵ سال پهريان پنهنجي قبر تيار ڪرائي ڇڏي هئي، ان پنهنجون اکيون وصعيت ڪري عطئي طور ڏيڻ سميت پنهنجي عضوا به ضرورتمندن کي ڏيڻ جو چيو آهي، عبدالستار ايڌي آخر لمحن تائين زندگي جي هن سفر ۾ انسانيت جي ڀلي ۽ بهتري لاءِ جاکوڙيندو رهيو آخري وقت تي مرڻ کان پهريان سندن کي ساهه کڻڻ ۾ تمام گهڻي ڏکيائي پيش اچي رهي هئي هو مسلسل ۱۰ سالن کان وٺي گڙدن جي تڪليف سبب بيمار رهيو ۽ سندن جو هر ۳ ڏينهن تي ڊائيلاسز ٿيندو هو، هو بي سهارن ماڻهن جو سهارو هو، روڊن تي ويهي انهن لاءِ خيراتون وٺندو هو، ڏڪاريل لکين ماڻهن کي پاڻ وٽ نه رڳو پناهه ڏيندو هو بلڪه انهن جو کاڌ خوراڪ، علاج ۽ روزگار جو به بندوبست ڪندو هو، ايڌي گم ٿيل ٻارڙن کي پنهنجي گهروارن سان ملائڻ لاءِ سڄي ملڪ ۾ هڪ بس سروس پڻ هلائي جنهن ذريعي سوين گم ٿيل ٻارن کي پنهنجي والدين تائين پهچايو. ۱۹۲۸ع ۾ گجرات جي علائقي بانٽوا ۾ جنم وٺندڙ عبدالستار ايڌي جو خاندان ۱۹۴۷ع ۾ پاڪستان لڏي آيو، عبدالستار ايڌي ان وقت ننڍي عمر جو هو، هن ڪراچي ۾ پورهيو شروع ڪيو هول سيل جي مارڪيٽ ۾ ڪميشن ايجنٽ طور ڪم ڪندو رهيو، جڏهن ته ڪيترن ئي دڪانن تي مزدوري به ڪئي، ايڌي ۱۱ سالن جي عمر ۾ پنهنجي معذور ماءُ کي سهارو ڏنو، هوءِ جسماني طور معذور هجڻ سان گڏ ذهني طور به معذور هئي، ايڌي پنهنجو سڄو وقت ماءُ جي خدمت ۾ گذاريندو هو، ماءُ جي وفات بعد هن کي اهو خيال آيو ته دنيا ۾ اهڙي قسم جا لکين ماڻهو آهن، جن جي پرگهور لهڻ وارو ڪير به نه آهي، ان ڪري هن جي ذهن ۾ سماجي ادارو قائم ڪرڻ جو خيال آيو. هن ڪراچي ۾ شرعاتي طور ننڍي ڊسپينسري شروع ڪئي، جنهن ۾ مريضن جو مفت علاج ڪيو ويندو هو، ان کانپوءِ آهستي آهستي هن پنهنجي اداري کي وڌائڻ شروع ڪيو، ايڌي جي ڊسپينسري ۾ نرس طور ڪم ڪندڙ بلقيس ايڌي سان ۱۹۶۵ع ۾ شادي ڪرڻ بعد هن کي انساني خدمت لاءِ هڪ ساٿي ملي ويو، ٻنهي گڏجي ايڌي فائونڊيشن جو قيام عمل ۾ آندو، جنهن جي آفيس ميٺار در واري علائقي ۾ قائم ڪئي وئي، اهڙي طرح پاڪستان ۾ سماجي خدمت جو پهريون ساک وارو ادارو هلڻ سروع ٿيو جنهن وقت اهو ادارو قائم ٿيو، ان وقت چندي مان ۵ هزار رپيا گڏ ڪيا ويا هئا، بعد ۾ ايڌي فائونڊيشن جو نيٽ ورڪ سڄي ملڪ ۾ پکڙجي ويو، ايڌي فائونڊيشن جا ملڪ ۾ ڪيترائي ادارا ڪم ڪري رهيا آهن، جن ۾ لاوارث ۽ لاپتا ٿيل ٻارڙن لاءِ ادارو، سڄي ملڪ ۾ ايمبولينس سروس، يتيم ۽ بي سهارا ماڻهن کي سنڀالڻ جو ادارو، ڪراچي ۾ لاوارث فوتي ماڻهن جو قبرستان، گم ٿيل ماڻهن کي ڳولڻ جو ادارو، معذور جانورن جي هاسٽل، بکايل ماڻهن کي کاڌو کارائڻ لاءِ دسترخوان، لاوارث لاشن کي دفنائڻ جو ادارو ۽ ٻيا ڪيترائي ادارا شامل آهن، عبدالستار ايڌي ۽ بلقيس ايڌي نه رڳو ٻين سماجي خدمتن ۾ مصروف رهيا پر ان سان گڏ بي سهارا ۽ لاوارث نياڻين جي شآدي به ڪرائي، ايڌي طرفان نياڻين جي شادي ڪرائڻ دوران ڏاج پڻ ڏنو وڃي ٿو. هن وقت ايڌي فائونڊيشن جي سربراهه بلقيس ايڌي آهي، جيڪا ويم گهر ۽ عورتن جي ڀلائي وارا ادارا هلائي ٿي، ايڌي فائونڊيشن وٽ ۲۰ هزار کان وڌيڪ ننڍي عمر جا ٻارڙا ۽ ۵۰ هزار جي لڳ ڀڳ يتيم ٻار ڪفالت هيٺ آهن، ايڌي فائونڊيشن ۴۰ هزار کان وڌيڪ نياڻين کي نرسنگ جي تعليم ڏياري انهن کي معاشري جو ڪارآمد فرد بڻايو آهي، ايڌي فائونڊيشن جو نيٽ ورڪ سڄي ملڪ ۾ پکڙيل آهي، جڏهن ته آمريڪا، برطانيا، آفريڪا ۽ يو اي اِي سميت دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ايڌي فائونڊيشن جو ڪم هلي رهيو آهي. ۲۰ هزار ٻارڙن جون زندگيون بچايون آهن. ايڌي طرفان ڪجهھ سال پهرين اعلان ڪيو ويو ته تازن ڄاول ٻارڙن کي گند ڪچري ۽ رستن تي اڇلائي موت جي حوالي ڪرڻ بدران ايڌي جي پينگهي ۾ رکيو وڃي، ڪوبه سوال نه پڇيو ويندو، اهڙي طرح اهو سلسلو شروع ٿيو، ايڌي فائونڊيشنل موجب هيل تائين اهڙن اٽڪل ۲۰ هزار ٻارڙن جون زندگيون بچايون ويون آهن، انهن ٻارڙن جي نه رڳوو سٺي پرورش ڪئي وڃي ٿي پر تعليم به ڏياري وڃي ٿي، اهڙن ٻارن جي والدين جي خاني ۾ پيءُ جو نالو عبدالستار ايڌي ۽ ماءُ جو نالو بلقيس ايڌي لکيو وڃي ٿو، انهن ٻارن کي پڙهائي لکائي معاشري جو ڪارآمد فرد بڻايو وڃي ٿو، ملڪ جي سمورن ايڌي مرڪزن ٻاهران جھولا موجود آهن، اتي ڪيترائي غريب ۽ مسڪين والدين به اچن ٿا ۽ پنهنجا ٻار ايڌي حوالي ڪن ٿا، ڇاڪاڻ ته اهي ٻارن جو خرچ برداشت نٿا ڪري سگهن، ڪيترائي ماڻهو غربت سبب ٻار سنڀالڻ لاءِ ايڌي کي ڏين ٿا، انهن کان ڪوبه سوال نٿو ڪيو وڃي ۽ ٻارن کي ايڌي هوم ۾ رکيو وڃي ٿو. مهيني ۾ وڇڙيل ٻارڙن کي والدين سان ملائڻ لاءِ هلايل بس ذريعي ۲۲ ٻارڙن کي والدين سان ملايو ويو. عبدالستار ايڌي کي زندگي ۾ تمام وڏا ايوارڊ مليا جن ۾ رامون ميگسيسي ايوارڊ، ۱۸۹۹ع ۾ لينن امن ايوارڊ، ۱۹۹۳ع ۾ پائو،ل هيسر فيلو ايوارڊ، ۱۹۹۸ع آمريڪا ۾ زلزلي متاثرن لاءِ سماجي ڪم ڪرڻ تي اڳوڻي سويت يونين کان امن ايوارڊ، يو اي اِي کان ۲۰۰۵ع ۾ رضا ڪاراڻي طبي ڪوششن تي همدان ايوارڊ، ۲۰۰۰ع ۾ انٽرنيشنل بيلزان پرائيز، ۲۰۰۱ع ۾ ڀارت طرفان امن ۽ سلامتي ايوارڊ، ۲۰۰۴ع ۾ امن ايوارڊ ممبئي، ۲۰۰۵ع ۾ امن ايوارڊ حيدرآباد دکن، ۲۰۰۷ع ۾ گانڌي امن ايوارڊ، ۲۰۰۸ع ۾ ڏکڻ ڪوريا امن ايوارڊ، ۲۰۰۶ع ۾ آءِ بي اي ڪراچي مان ڊاڪٽريت جي اعزازي ڊگري، ۲۰۰۹ع ۾ يونيسڪو من جيت سنگهه ايوارڊ، ۱۹۸۹ع ۾ سنڌ حڪومت طرفان بهترين سماج سڌارڪ جو ايوارڊ، ۱۹۸۹ع ۾ صدارتي ايوارڊ نشان امتياز، ۱۹۹۲ع ۾ پاڪستان سوڪ ايوارڊ، پاڪ آرمي طرفان اعزازي شيلڊ، ايڇ آر سي پي طرفان هيمن رائيٽس ايوارڊ ۽ ٻيا ڪيترائي ايوارڊ ۽ اعزاز مليا، عبدالستار ايڌي کي امن جي نوبل انعام لاءِ به نامزد ڪيو ويو، جنهن لاءِ پٽيشن تي ۳۰ هزار ماڻهن صحيحون ڪيون. عبدالستار ايڌي کي پرڏيهه ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ تي تمام گهڻو ڀوگڻو پيو ۽ سندن کي ۱۹۸۰ جي شروع ۾ لبنا ۾ داخل ٿيڻ دوران کيس لبناني فورسز گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته ۲۰۰۶ع ۾ کيس ٽورنٽو ڪئناڊا جي ائيرپورٽ تي ۱۶ ڪلاڪن لاءِ حراست ۾ رکيو ويو، جنوري ۲۰۰۸ع ۾ کيس آمريڪا جي جان ايف ڪئنيڊي ايئرپورٽ نيو يارڪ ۾ آمريڪي اميگريشن عملدارن اٽڪل ۸ ڪلاڪن تائين جاچ هيٺ رکيو، هن جو پاسپورٽ ضبط ڪيو ويو ۽ ٻيا دستاويز به تحويل ۾ ورتا ويا، ان کانسواءِ هن ٻيون به ڪيتريون ئي تڪليفون ڀوڳيون. بنيادي طور تي پاڻ سادگي پسند هو. هن هميشه ۲ کان وڌيڪ وڳيا سبرائي نه رکيا، جتي به سادي پائيندو هو، گهڻي قدر پنڌ هلندو هو پر آخر ڏهاڙن ۾ علالت سبب ايڌي ايمبولينس ۾ هڪ شهر کان ٻئي شهر ۾ سفر ڪندو، هو وهنجڻ لاءِ پاڻي به تمام گهٽ استعمال ڪندو هو، هن ايڌي فائونڊيشن کان ڪڏهن به پگهار نه ورتي، ڪراچي ۾ ايڌي ڪلينڪ جي مٿان ٺهيل ۲ ڪمرن واري گهر ۾ سڄي عمر گذاري، هن سموريون خوشيون ۽ عيد جا ڏهاڙا به سماجي خدمتن ڪندي گذاريا، ملازمن موجب هو اڪثر عيدون ايڌي فائونڊيشن ۾ يتيم ۽ بي سهارا ماڻهن سان گڏ ملهايون هو تمام سادو کائيندو هو. پاڻ بنيادي طور تي جھموريت پسند هو جھموريت واري نظام هيٺ ٿيندڙ بلدياتي چونڊن ۾ حصو ورتو، سيٺين جي سخت مخالفت باوجود بلدياتي چونڊن ۾ عبدالستار ايڌي بنا مقابلي ڪامياب ٿيو، ۱۹۶۴ع صدارتي چونڊن ۾ صدر ايوب خان جي مقابلي ۾ هن قائداعظم محمد علي جناح جي ڀيڻ فاطمه جناح جو ساٿ ڏنو، ۱۹۷۰ع جي عام چونڊن ۾ عبدالستار ايڌي ڪراچي جي کارادر واري تڪ تان قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ٻنهي سيٽن تان چونڊون وڙهيون پر پيپلزپارٽي جي اميدوارن جي مقابلي ۾ هارائي ويو، چونڊن ۾ شڪست کائڻ کانپوءِ عبدالستار ايڌي ٻيهر ڪڏهن به سڌي ريت چونڊن ۾ حصو نه ورتو. عبدالستار ايڌي جي لاڏاڻي سان گڏ ملڪي تاريخ جو سماجي بهبود جي محور تي چمڪندڙ ستارو هميشه لاءِ شانت ٿي ويو آهي سندن جي خدمتن کي ڪڏهن به وسارڻ باوجود به وساري نه سگهبو ۽ هميشه سندن جون خدمتون پاڪستاني عوام کي ياد رهنديون الله پاڪ شل پوئينرن کي صبر ۽ ايڌي صاحب کي جنت الفردوس ۾ جاءِ ڏي. عبدالستار ايڌي کيس خراج ڪيئن پيش ڪجي؟ زرار پيرزادو اسان پنهنجي زندگيءَ ۾ برابر فرشتا ۽ پيغمبر نه ڏٺا پر ها فرشتن ۽ پيغمبرن جهڙا ماڻهو ضرور ڏٺا ۽ اهڙن فرشتن ۽ پيغمبرن جهڙن ماڻهن مان هڪ عبدالستار ايڌي به هو. اسان فرشتن ۽ پيغمبرن جون جيڪي به فضيلتون ٻڌيون آهن سي سموريون فضيلتون اسان عبدالستار ايڌيءَ ۾ ڏٺيون ۽ ايڌيءَ پنهنجي روپ ۾ اهو ويساهه پختو ڪيو ته واقعي به هن ڌرتي تي اهڙا ماڻهو پيدا ٿيا هوندا ۽ پيدا ٿي سگهن ٿا. عبدالستار ايڌي رڳو پنهنجي ذات ۾ ادارو نه هو پر هن ”ايڌي فائونڊيشن“ جي نالي ۾ ادارو ٺاهي ثابت ڪيو ته هو ”ذات“ کان وڌيڪ اجتماعيت“ ۾ ويساهه رکندو هو. عبدالستار ايڌيءَ پنهنجي مرڪز آڏو پينگها رکي عوام کي اپيل ڪئي ته پنهنجا ڏوهه لڪائڻ لاءِ نون ڄميل ٻارن کي ڍيرن ۽ نالن تي نه اڇلايو پر اسانجن مرڪزن آڏو رکيل پينگهن ۾ رکي وڃو ۽ پوءِ انهن پينگهن ۾ رکيل ٻارن کي وارثي ڏنائين، پيءُ جي نالي طور پنهنجو نالو ۽ والده جي نالي ۾ پنهنجي گهرواري بلقيس ايڌيءَ جو نالو ڏنائين. حقوق العباد ڇا ٿيندو آهي، الله جي ماڻهن کي ڪيئن تعظيم ڏبي آهي، ڏک ۽ تڪليف ۾ ڪيئن ساڻن پير کڻبو آهي، بي سهارن ۽ غريب غربي جو ڪيئن پرجهلو بڻيو آهي. فنا جو فڪر ڇا آهي، نفس کي ڪيئن ماربو آهي، پنهنجي ذات کي ڪيئن قربان ڪبو آهي، تنهن سبق جو نالو آهي عبدالستار ايڌي. اِهو آهي عبدالستار ايڌي جنهن کي حسن مجتبيٰ ”پاڪستان جو فادر ٽريسا“ ٿو ڪوٺي سو واقعي به مظلومن، بي پهچ ۽ يتيم ٻارن جو ابو هو ۽ بقول مئڊم مهتاب اڪبر راشدي جي ته پاڪستان هن عظيم انسان کان پوءِ يتيم ٿي ويو آهي. سبق ته ڪير به لکي ۽ پڙهائي سگهي ٿو، پر ڪير پنهنجي عمل ۾ سراپا سبق هجي يا سبق جهڙو ٿي ڏيکاري، سو ڪارنامو فرشتن ۽ پيغمبرن جهڙو عبدالستار ايڌي ئي ڏيکاري سگهي ٿو. عبدالستار ايڌي صاحب کي نه جيئري ڪنهن مڃتا ۽ پروٽوڪول جي گهرج هُئي ۽ نه مرڻ پڄاڻان، هُن کي جيڪڏهن حقيقي معنيٰ ۾ خراج پيش ڪري سگهجي ٿو ته سو اِهو ئي آهي ته هن رياست کي ”فلاحي عوامي رياست“ بڻائجي. سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته عبدالستار ايڌيءَ کي جيئن ته رياست مان اهڙي اُميد نه هُئي تنهن ڪري هُن ايڌي فائونڊيشن نالي پنهنجي هڪ فلاحي ۽ عوامي رياست ٺاهي به ڏيکاري ته هلائي به ڏيکاري. عبدالستار ايڌي انسانيت جي عظيم علمبردار ۽ سندس وڇوڙو الطاف پيرزادو عبدالستار ايڌي پهرين جنوري ۱۹۲۸ع تي ڀارتي رياست گجرات جي وسندي بانٽوا ۾ ڄائو. يارهن سالن جو مَسَ هو ته سندس امڙ شديد بيمار ٿي پئي، جنهن جي ڪري ماءُ جي سار سنڀال ۽ تيماداريءَ جي سموري ذميواري مٿس اچي وئي. چون ٿا ته هن ننڍڙي عمر ۾ امڙ جي خدمت جي جيڪا ذميواري نڀائي، تنهن منجهس انسانيت جي خدمت جو اهڙو ته جذبو جاڳايو جو هو پوين پساهن تائين بس ”انسان ذات“ جي خدمت جو عَلمُ هٿن ۾ کنيو جيئرو رهيو، هونئن به اهو جيئڻ ڪهڙو جيئڻ، جيڪو فقط پنهنجي ذات ۽ پنهنجي مٽن مائٽن لاءِ هجي. اصل جيئڻ ته چئبو ئي ان کي آهي، جڏهن ٻين لاءِ جيئجي، پنهنجي زندگي ٻين لاءِ ارپي ڇڏجي، اهڙن ماڻهن جي خدمت ۾ زندگي گذارجي جن سان ڀلي ته ڪو سنڱ نه هجي، ڀلي ته ڪو رشتو نه هجي، پر انسانيت جي جذبي جي ڪري انهن جو ئي مِٽُ ٿي وڃجي، جيڪي بيواهه هجن، يتيم هجن، لاوارث هجن ۽ سماج کين پنهنجو ڪرڻ کان انڪاري هجي. سو ايڌي صاحب به معراج تي پهچڻ لاءِ“ محبوب تائين رَسڻ لاءِ اهڙي پنڌ پيو، جنهن پنڌ تي اڄ جي لالچ ۽ حرص واري دور ۾ ورلي ئي ڪو اُسهيو هجي. عبدالستار ايڌي، ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کانپوءِ هندستان کان هجرت ڪري سنڌ آيو ۽ سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ جي قديم وسندي ميٺا دو ۾ اچي ديرا ڄمايائين. سندس والد جيتوڻيڪ ڪپڙي جو سوداگر هيو ۽ ايڌي صاحب به وقتي طور سندس ٻانهن ٻيلي رهيو پر ”او ڪو ٻيو فهم جنهن سان پسجي پرينءَ کي“ وانگر هن جي ان سوداگريءَ سان نه پئي ۽ هن سنڌ لڏي اچڻ جي فقط چئن سالن کانپوءِ يعني ۱۹۵۱ع ۾ هڪ مقامي ڊاڪٽر جي تعاون سان ميٺادر ۾ هڪ ڊسپينسري قائم ڪئي، ان ڊسپينسريءَ جي قيام جو مقصد به بي پهچ ۽ غريب مريضن جو علاجُ ڪرڻ هو، ايڌي صاحب چون ٿا ته رات جو گهر وڃڻ بدران ڊسپينسريءَ اڳيان بينچ تي ئي سمهي پوندو هو ته متان ڪو مريض اچي، کيس ڊسپينسري بند ملي ۽ سندس علاج ٿي نه سگهي. انسانيت جي انهيءَ جذبي تحت ئي هن اڳتي هلي ۱۹۵۷ع ۾ ايڌي فائونڊيشن جو بنيادُ وڌو، جيڪو دنيا جو وڏي ۾ وڏو فلاحي ادارو ثابت ٿيو. ايڌي فائونڊيشن تحت ايڌي ايمبولنس سروس شروع ڪئي وئي، جيڪا دنيا جي وڏ ۾ وڏي ايمبولنس سروس ثابت ٿي. هن پنهنجي فلاحي ڪم جو اهرو ته نيٽ ورڪ جوڙيو جو بيواهن لاءِ، لاوارث ٻارن لاءِ، يتيمن لاءِ ادارا قائم ڪرڻ سان گڏوگڏ، لاوارث لاشن جي مالڪي ڪري، انهن کي وهنجاري، سهنجاري خوشبودار بڻائي، پنهنجي هٿن سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪرڻ ڄڻ ته ريت بڻائي ڇڏيائين، انهيءَ روايت عبدالستار ايڌيءَ کي سمورن عهدن ۽ پروٽوڪولن کان اُتم بڻائي ڇڏيو. هو ڏيهه ۽ پرڏيهه ۾ جهولي پاڻ ٺاهڻ، پنهنجا اثاثا وڌائڻ، پنهنجي خاندان کي ڪنهن منزل تي رسائڻ لاءِ نه جهليندو هو پر هو اها خيرات حقيقي معنيٰ ۾ انسانيت جي خدمت لاءِ اسعتمال ڪندو هو. اهو بلڪل درست آهي ته عبدالستار ايڌي نه ته سنڌ ڄائو هو، نه ئي وري ڌرتي ڌڻي، پر ڪيئن انڪار ڪري سگهجي ٿو ته هن جيڪي ڪم ڪيو، انسانن جي جيڪا خدمت ڪئي، سان اڄ ڏينهن تائين ڌرتي ڌڻي ڪنهن سرنديءَ واري ته ٺهيو پر ڪنهن حڪمران کان به نه پُڳي آهي، عبدالستار ايڌي سرحدن جي خولَ ۾ بند هئڻ تي يقين نه رکندو هو، هو ته سڄي عالم جي خوشحالي ۽ چڱائيءَ ۾ يقين رکندو هو، تنهن ڪري فلسطين هجي، يا نيپال، بوسنيا هجي يا ڪو ٻيو علائقو، جتي به ڪا آفت آئي، ڪنهن انساني الميي جنم ورتو، عبدالستار ايڌي اتي وڃي پهچندو هو ۽ جيڪي به وسيلا ميسر هوندا هئس انهن آهر اتي جي ماڻهن جي خدمت ڪندو هو. جيڪڏهن ڪو ٻار گم ٿي ويندو هو ته ان کي پناهه ايڌي ڏيندو هو، جيڪڏهن ڪا عورت بي گهر ٿيندي هئي ته ان جو سهارو عبدالستار ايڌي هوندو هو، جيڪڏهن ڪا ڪنواري ماءُ پنهنجي ڪيل ڏوهه جي سزا، پنهنجي ئي ڪُکِ مان ڄڻيل ٻار کي گند جي ڍير تي اڇلائي ڏيندي هئي ته ان کي ڪُتن ۽ ٻين جانورن جو کاڄُ ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ پينگهو ايڌي ڏيندو هو ۽ ان يتيم ٻارُ کي نانءُ به ايڌي صاحب ئي ڏيندو هو. هو جيئن هٿين خالي آيو، تيئن ئي هليو ويو، نه ته ڪنهن کي ڦرڻ جو الزام نه لُٽڻ جو، هو سڄي ڄمار چنڊ جي چانڊاڻ جهڙو چٽو انسان رهيو. عبدالستار ايڌيءَ پنهنجي عملن جي ذريعي ثابت ڪيو ته ارادو هجي ته هٿين خالي ماڻهو به گهڻو ڪجهه ڪري سگهي ٿو، جيڪو هن ڪري به ڏيکاريو، هو نه ته بااثر هو، نه ئي واپاري ۽ نه ئي امير، هو عوام کان گهري عوام تي خرچ ڪرڻ وارو انسان هو، سندس اهڙي ڪردار ئي کيس دنيا ۾ لازوال ۽ بي مثال بڻائي ڇڏيو. هڪ طرف عبدالستار ايڌي آهي، سندس مشن، عمل ۽ ڪردار ۽ ٻئي پاسي اسان جي ملڪ جا وس وارا جن وٽ اختيار، وسيلا سڀ ڪجهه آهي پر اهو سڀ ڪجهه هوندي به هو انسانيت جي خدمت کان عاري آهن، هنن اهڙو ڪو هڪڙو ادارو به نه بڻايو آهي جهڙو ايڌيءَ ٺاهيو. ايڌي ميٺا در کان جنهن عمل جي شروعات ڪئي، سو نيٽ ورڪ ملڪ جي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ ته قائم ٿيو، ويندي پرڏيهه تائين به وڃي پهتو. عبدالستار ايڌيءَ ۸ جولاءِ تي سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورولاجي اينڊ ٽرانسپلانٽيشن مان اسان کان وڇڙي ويو آهي، سندس مشن کي جاري رکڻ، جيئرو رکڻ لاءِ هڪ ته جيڪي سرنديءَ وارا ۽ هوند وارا آهن، تن کي ايڌي صاحب جي پير تي هلڻ گهرجي، ٻيو ته حڪمرانن کي به سليفي ڪلچر يا آڱر ڪٽائي شهيدن جي لسٽ ۾ شامل کان هاڻي اڳتي وڌڻو پوندو. ملڪ کي ۽ سنڌ کي ٺاهڻو آهي ته عبدالستار ايڌي، گمبٽ ۾ طبي اداري کي عروج تي پهچائيندڙ ڊاڪٽر ڀٽي ۽ ڊاڪٽر اديب رضويءَ جي مثال کي سامهون رکڻو پوندو. عبدالستار ايڌيءَ کي مڪمل سرڪاري اعزاز، شانَ ۽ شوڪت سان هن دنيا مان رخصت ڪيو ويو، هو ان ڪري به سُرخرو ٿي هُن پار ڏانهن هليو ويو، جو هُن هِن جهان ۾ جيڪي ڪجهه به ڪيو سو چڱو ئي ڪيو، تنهن ڪري چڱي جو نتيجو به چڱو ئي نڪرندو آهي. ايڌي صاحب جيڪي ادارا جوڙي ۽ عوامي خدمت جا جيڪي بنياد رکي ويو آهي سي جيئن ته حق هلال جي پورهئي مان پيل جڙيل ۽ پَيل آهن. تنهن ڪري انهن کي ڪو لهر لوڏو اچڻ جو ڪو امڪان ڪونهي، سندس وئي پڄاڻان، سندس پونئيرن، خاص ڪري سندس بيواهه ۽ پٽ تي وڏيون ذميواريون اچي ويون آهن، هو جيئن ته عوامي خدمت واري ڪم ۾ سندس ساٿي پئي رهيا آهن، تنهن ڪري اميد ڪري سگهجي ٿي ته هو ايڌي صاحب کانپوءِ به ان جو مشن بنا ڪنهن رنڊ روڪ ۽ جهول جي جاري رکندا. ايڌي صاحب جيئري ته يتيمن، بيواهن ۽ بي سهارن کي سهارو ڏنو ۽ مُئي پڄاڻان به عطيي ۾ ڏنل پنهنجي اکين ذريعي ٻن انسانن کي نور ڏئي ويو آهي، تنهن ڪري هو مُئي پڄاڻان به جيئرو رهندو. ايڌي صاحب کي نه رڳو سنڌ، پر سڄو ملڪ ۽ سڄي دنيا هميشه ياد رکندي. عبدالستار ايڌيءَ جو لاڏاڻو مظهر خاصخيلي انهن ۲۰ هزار معصوم ٻارڙن کان هن وقت ڪير پڇي، جن کي اهي والدين لاوارث سمجھي ان ايڌي جي لڳايل پينگھن ۾ ڦٽو ڪري ويا هئا، جن ۾ ڪيتريون معصوم نياڻيون آهن. انهن سمورن ان وقت جڏهن ٻڌو هوندو ته هنن کي پيءُ وارو پيار ۽ نالو ڏيندڙ اهو عبدالستار ايڌي هن دنيا مان هليو ويو آهي. ان وقت هنن جي ڪيفيت ڪهڙي هوندي. اها ڳالهه هتي چند لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگھان. اهو درد اهي معصوم گلن جهڙو چهرو رکندڙ ٻارڙا سمجھي سگھن ٿا. ڇو جو اڃا هو هن دنيا ۾ پيدا مس ٿيا ته انهن کي سندن انهن والدين ماءُ ۽ پيءُ اکيون کولڻ کان پهريان، لاوارث سمجھي پنهنجي گھر مان ڪڍي ڦٽو ڪيو ڄڻ هو هنن جا مٽ ۽ مائٽ ئي نه هجن. ان حوالي سان سڄي ملڪ مان هزارين اهڙن والدين پنهنجي اولاد کي ان ايڌي جي حوالي ڪري ڇڏيو جنهن انهن والدين کان واعدو ڪيو ته هو انهن جي باري ۾ ڪنهن کي به ڪجھه نه ٻڌائيندو ته هيءَ ڇوڪري يا وري ڇوڪرو هن وٽ ڪير ڇڏي ويو آهي. عبدالستار ايڌي، پنهنجي سڄي زندگي انسانيت جي خدمت جي لاءِ ارپي ڇڏي هئي. محبتي انسان لکين بي سهارن جو سهارو، يتيمن جو وارث ۽ ڏکايلن انسانن لاءِ مسيحا رهيو. هن هميشه انسانيت جي خدمت تي زور ڏنو. هن لکين يتيم بي سهارا ماڻهن لاءِ روڊن تي ويهي خيرات به ورتي. هن سماج جي ڌڪاريل لکين انسانن کي پاڻ وٽ نه رڳي پناهه ڏني پر انهن جي کاڌخوراڪ، علاج ۽ روزگار جو باعزت طريقي سان بندوبست پڻ ڪيو. ايڌي، گم ٿيل ٻارڙن کي پنهنجي گھروارن سان ملائڻ جي لاءِ هڪ بس سروس سڄي ملڪ ۾ شروع ڪئي. جنهن سان سوين گم ٿيل ٻارڙن کي پنهنجي والدين سان ملايو. هن عظيم انسان جو جنم، گجرات جي علائقي بانٽوا هندستان ۾ ۱۹۲۸ ۾ ٿيو. عبدالستار ايڌي جو خاندان، هندستان کان سنڌ ۾ ۱۹۴۷ ۾ لڏي آيو. ان وقت عبدالستار ايڌي تمام ننڍي عمر جو هو. هن ڪراچي جي شهر اندر مزدوريءَ سان گڏ پورهيو ڪرڻ شروع ڪري ڏنو ۽ هول سيل جي مارڪيٽ ۾ ڪميشن ايجنٽ طور تي ڪم ڪندو رهيو ۽ پنهنجي عمر جو ڪيترو حصو مختلف دڪانن تي مزدوري پڻ ڪندو رهيو. هن ۱۱ سالن جي عمر ۾ پنهنجي معذور ماءُ کي سهارو ڏنو جيڪا جسماني معذور هجڻ سان گڏ ذهني طور به معذور بڻيل هئي. ايڌي پنهنجو سڄو وقت پنهنجي امڙ جي خدمت ۾ گذاريندو هو. ماءُ جي وفات کان پوءِ هن کي اهو خيال آيو ته هن جي ماءُ جيان سڄي دنيا ۾ لکين اهڙا معذور آهن جن جو ڪير به نه آهي ڇو نه انهن جو هو سهارو بڻجي. اهڙو ڪم ڪري ۽ انهن جي مدد ڪري، ان لاءِ سندس ذهن ۾ اها ڳالهه آئي ته هو اهڙا ادارا جوڙائيندو جيڪي انهن جي مدد ڪندا ۽ هن اهڙي ڪم ڪرڻ جي شروعات، هڪ ننڍڙي ڊسپيسنري کولي ڪئي. جنهن ۾ ايندڙ مريضن جو علاج مفت ۾ ڪندو هو. ان کانپوءِ آهستي آهستي هن پنهنجي اداري کي وڌائڻ شروع ڪري ڏنو. ايڌي جي ڊسپينسري ۾ نرس طور ڪم ڪندڙ بلقيس ايڌي سان ۱۹۶۵ ۾ شادي ڪئي. ان کان پوءِ کيس وڌيڪ خدمت ڪرڻ جي لاءِ هڪ ساٿي ملي ويو. ٻنهي گڏجي ايڌي فائونڊيشن جو قيام عمل ۾ آندو، جنهن جي پهرين آفيس ميٺادر واري علائقي ۾ قائم ڪئي وئي. اهڙي طرح پاڪستان ۾ هڪ سٺي ساک رکندڙ سماجي خدمت جو پهريون ادارو هلڻ شروع ٿي ويو. جنهن وقت اهو ادارو قائم ٿيو، ان وقت چندي مان ۵ هزار رپيه گڏ ٿيا هئا. بعد ۾ ايڌي فائونڊيشن جو نيٽ ورڪ سڄي ملڪ ۾ پکڙجي ويو. ايڌي فائونڊيشن جا ڪيترا ئي ادارا سڄي ملڪ ۾ هن وقت ڪم ڪري رهيا آهن جن ۾ لاوارث عورتن لاءِ ادارو، لاوارث بزرگن جي لاءِ ادارو، لاوارث ۽ لاپتا ٿيل ٻارڙن جي لاءِ ادارو، سڄي ملڪ اندر ايمبولنس سروس، يتيم ۽ بي سهارا ماڻهن کي سنڀالڻ جو ادارو، ڪراچي ۾ لاوارث فوتي دفن ڪرڻ وارو ادارو ۽ قبرستان، گم ٿي ويل ماڻهن کي ڳولڻ وارو ادارو، بيمار ٿيل جانورن جو علاج ڪرڻ لاءِ قائم ڪيل اسپتال ۽ معذور جانورن جي هاسٽل وارو ادارو، بکايل ماڻهن کي کاڌو کارائڻ لاءِ دسترخوان، بي وارث ۽ لاوارث بڻيل لاشن کي دفن ڪرڻ واري اداري سميت ٻيا ڪيترا ئي ادارا شامل آهن. هن وقت ايڌي فائونڊيشن جي سربراهه بلقيس ايڌي آهي جيڪا ويم گھر سان گڏ عورتن جي ٻين ڀلائي وارن ادارن کي هلائي ٿي. هن اداري پاران هزارين اهڙين نيا ڻين جون شاديو ن ڪرايو ويون آهن ۽ انهن کي ڏاج به هن اداري پاران ڏنو ويندو آهي. ايڌي فائونڊيشن وٽ هن وقت به ۲۰ هزار کان وڌيڪ ننڍي عمر جا ٻارڙا ۽ ۵۰ هزار کان مٿي ٻارڙا ڪفالت هيٺ آهن. ايڌي فائونڊيشن ۴۰ هزار کان مٿي نياڻين کي نرسنگ جي تعليم ڏياري، انهن کي معاشري جو ڪارآمد فرد بڻايو آهي. عبدالستار ايڌي پنهنجي سموري زندي سادگي سان گذاري ڇڏي. هن زندگي ۾ ۲ وڳن کان مٿي پنهنجي لاءِ ڪپڙا نه رکيا ۽ تمام سادو کائيندو هو. اڄ جڏهن هڪ اهڙو سٺو انسان جنهن وٽ هر مذهب کان انسان مٿي هوندو هو، هن ڪڏهن به ڪنهن کان مذهب ذات نسل جي باري ۾ نه پڇيو. اهڙا انسان ڪڏهن ڪڏهن جنم وٺندا آهن ۽ انهن کي پوءِ موت ماري ناهي سگھندو. اڄ جنهن ڀلوڙ انسان اسان کان جسماني طور تي جدائي ڪئي آهي، ان کي ڪڏهن به نٿو وساري سگھجي. اوهان ۽ اسان کان ڀلي اهو عبدالستار ايڌي وسري وڃي پر انهن هزارين پنهنجن پاران اڇلايلن کان اهو ايڌي ڪٿي وسرندو جن کي هن پيءُ جو پيار به ڏنو ۽ ماءُ جي گود به. ڀلي ڪير ڪنهن جي لاءِ ڀلو هجي، ڪير ڪنهن جي لاءِ. سچ ته وري به اهو آهي ته جنهن وٽ انسانيت جي درد کي سمجھڻ واري دل ۽ ان سان گڏ اک آهي، اهو انسان هن دنيان ۾ اچڻ جو پنهنجو مقصد سمجھي ويو هوندو. جيڪڏهن هن ملڪ ۾ قانون هجي ته انهن سمورن ماڻهن کي گرفتار ڪري جيل جي پويان بيهاري ڇڏي جن پنهنجي جنسي عياشي جي خاطر اهڙن ٻارن کي جنم وٺرايو ۽ ان کان پوءِ کين ائين روڊ رستن تي يا وري عبدالستار ايڌي پاران لڳرايل پينگھن ۾ وجھي ڦٽو ڪري هليا ويا جن کي اهو ايڌي سهارو ڏيڻ جي لاءِ موجود هو جيڪو اڄ جسماني طور تي هميشه جي لاءِ موڪلاڻي ڪري ويو آهي. ايڌي صاحب سان ملو زيب سنڌي ”آٰءٌ پنهنجي ميٺادر آفيس ٻاهران فٽ پاٿ تي ويٺس. ساڳئي جاءِ تي، جت چاليهه سال اڳ پنهنجي ماءُ جي لاڏاڻي کان پوءِ پنهنجي سامان جي هَڙَ رکي ويٺو هئس... هاڻ وانگر تڏهن به مسجد جي مينارن مان الله اڪبر، الله اڪبر واري پڪار چوڌاري پکڙي هئي ۽ ان کان پوءِ زندگيءَ جا رنگ جاڳڻ لڳا هئا ۽ ڏينهن ظاهر ٿيڻ لڳو هو.“ اهي عبدالستار ايڌي صاحب جي آتم ڪهاڻيءَ جي يارهين باب جون ابتدائي سٽون آهن. ايڌي صاحب، ڪروڙين ماڻهن کي ته اداس ڪري ويو آهي، پر اها فوٽ پاٿ ۽ اهي سمورا رستا به اداس آهن، جن تي ويهي هو غريبن، مسڪينن ۽ معصومن لاءِ جهولي ڦهلائي خيرات گهرڻ ۾ به هٻڪ محسوس نه ڪندو هو. هن دنيا ۾ هر ماڻهو فقط هڪڙو ئي ڀيرو اچي ٿو، ڪنهن کي به ست جنم نٿا ملن. جيڪي ماڻهو فقط پنهنجي لاءِ جيئن ٿا، اهي مرڻ کان پوءِ وسري وڃن ٿا. جيڪي ماڻهو ٻين لاءِ جيئن ٿا، اهي ياد رکيا وڃن ٿا. دنيا ۾ اهڙا ٿورا ماڻهو هوندا آهن، جيڪي مرڻ کان پوءِ نه فقط ياد رکيا وڃن ٿا، پر اهي دلين ۾ زندهه به رهن. بظاهر ته ايڌي صاحب جي زندگيءَ جو باب پڄاڻيءَ تي پهتو، پر ڪير چوندو ته ايڌي صاحب مري ويو آهي!؟ جيسين ايڌي صاحب جون نيڪيون زندهه آهن، تيسين هو مري نٿو سگهي. اسان انهن لکين غريبن، مسڪينن، ۽ يتيمن جي صورت ۾ به ايڌي صاحب سان ملي سگهون ٿا، جن سڀني جو هو سڀ ڪجهه هو ته، ساڳئي وقت ايڌي صاحب سان سندس آتم ڪٿا ۾ به ملي سگهون ٿا. بيشڪ ته اها آتم ڪٿا هن پنهنجي هٿ سان ويهي ڪونه لکي هئي، جو انسانيت جي هن حقيقي خدمتگار وٽ ايترو وقت ئي نه هو، جو هو ويهي پنهنجي لاءِ سوچي ۽ ڪجهه لکي. سندس اها آتم ڪٿا Edhi:A Mirror To The Blind لکي ائين وئي ته محترمه تهمينا درانيءَ مختلف وقتن تي ايڌي صاحب جي زندگيءَ جو احوال رڪارڊ ڪيو ۽ پوءِ چاليهن ڪلاڪن جي رڪارڊنگ کي هن ڪاغذ تي اتاريو ۽ ڪتابي صورت ڏني. انهيءَ آتم ڪٿا جو اسلم خواجا سنڌيءَ ۾ پڻ ترجمو ڪيو هو. اها آتم ڪٿا پڙهڻ سان خبر پوي ٿي ته، ايڌي صاحب جي اندر ۾ هڪ رحمدل ۽ باغي انسان موجود هو، جنهن پنهنجي وقت ۾ سيٺين جي رائج ڪيل سسٽم کي چئلينج به ڪيو هو. انهيءَ حوالي سان ايڌي صاحب پنهنجي آتم ڪٿا ۾ ٻڌائي ٿو، ”۱۹۴۸ع ۾ هڪ اخباري اشتهار وسيلي ميٺا در ۾ هڪ خيراتي اداري قائم ٿيڻ جي خبر پئي. پنهنجي لاءِ پهريون ڀيرو ڪو ڍنگ جو ڪم محسوس ڪندي جوش وچان وڃي اتي رضاڪار ٿيس. جڏهن چڱن مڙسن رجسٽريشن لاءِ اَٺن ماڻهن جي منظوري ڏني ته مان انهن ماڻهن ۾ سڀ کان ننڍو هئس، وڏي ڄمار وارن ماڻهن کي رڳو ڪاميٽيءَ جي ميٽنگ ۾ شرڪت ڪرڻي هئي. جڏهن برادريءَ وارن بابا کان پڇيو ته انهيءَ ڪم لاءِ تون ڇا ٿو ڏئين ته بابا مون ڏانهن اشارو ڪري چيو، مون انهيءَ ڪم لاءِ رقم کان به وڌيڪ توهان کي هڪ انسان ڏنو آهي، توهان هن جو ڪم ڏسجو!“ انهيءَ ڊسپينسريءَ ۾ فقط ايڌي صاحب جي ذات ڀائي بانٽوا ميمڻ کي ته مفت علاج جون سهولتون ڏنيون ويون، پر ٻين ذاتين سان تعلق رکندڙ غريب ماڻهن کي مفت علاج لاءِ انتهائي پريشان ڪندڙ ڊگهن مرحلن منجهان گذرڻو ٿي پيو، جيڪا ڳالهه دل ۾ انسانيت جو درد رکندڙ نوجوان عبدالستار ايڌيءَ کي پسند نه هئي. ڪاميٽيءَ جي گڏجاڻي ٿي ته نوجوان ايڌي خاموش نه رهي سگهيو ۽ هن چئي ڏنو، ”هن گڏجاڻيءَ جي ڪهڙي ضرورت آهي، ڇو ته ڪم عمل سان ٿيندو آهي، ڳالهين سان ڪجهه ناهي ٿيندو!“ ڪميٽيءَ جي ٻين ميمبرن نوجوان ايڌيءَ کي دٻائڻ ۽ هيسائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اهو نوجوان ايڌي انسانيت جي درد سبب خاموش ڪيئن ٿي رهي سگهيو. اهو ئي سبب آهي ته جڏهن ڊسپينسريءَ جي مالي مدد ڪندڙ سيٺين هڪ خيراتي پروگرام ڪرايو ته نوجوان ايڌي اتي پهچي ويو. ايڌي صاحب پنهنجي آتم ڪٿا ۾ ٻڌائي ٿو ته؛ ”با اثر ماڻهن جي تقريرن ۽ هڪ ٻئي کي ساراهڻ واري مشق پوري ٿيڻ ۽ زندهه باد جي نعرن کان پوءِ مان حاضرين منجهان پنهنجي جاءِ تان اٿي بيٺس ۽ ڪجهه ڳالهائڻ لاءِ اجازت گهريم. مان هڪ گمنام شخص هئس. غير اهم هوندي به شاهوڪارن ۽ بااثر ماڻهن اڳيان ڳالهائڻ لاءِ زور ڀرڻ جي ردعمل طور هجوم ۾ بيچيني پکڙجي وئي. وڏن صاحبن جا ايجنٽ پنهنجي جاين تان اٿي رڙيون ڪرڻ لڳا ته تون پاڻ کي سمجهين ڇاٿو، ويهي رهه، نه ته توکي ٽنگو ٽالي ڪري ٻاهر اڇلي اينداسين. اتي موجود ماڻهن منجهان ڪنهن رڙ ڪري چيو ته، ڳالهائڻ ڏيوس، ٻڌو ته چوي ڇاٿو! ڪجهه ماڻهن ٽهڪ ڏنا ته ڪجهه ماڻهن مون کي دڙڪا ڏنا. منهنجي اڳيان اهي ماڻهو ويٺل هئا، جن کي قائد اعظم محمد علي جناح پاڪستان جي معاشي ترقيءَ لاءِ اهم سڏيو هو. ٿڌو ساهه کڻي کين خيراتي ڪمن بابت پنهنجا خيال ٻڌائي، سندن طريقي کي رد ڪندي چيم ته توهان بيواهن ۽ يتيمن آڏو ڪجهه سِڪا اڇلائي کين سدائين لاءِ اپاهج ٿا بڻايو، پر سندن مستقل بحاليءَ لاءِ ڪجهه به نٿا ڪيو. توهان چاهيو ٿا ته، حالتن جا ماريل اهي ماڻهو هر مهيني توهان جي اڳيان گيسيون ڪندا رهن. توهان پنهنجي امداد عيوض سندن اکين ۾ احسانمنديءَ جا تِرورا ڏسڻ جا بکيا آهيو. سلائي مشينون ۽ پراڻا ڪپڙا ڏيڻ وارن پروگرامن تي وڏا خرچ ڪري شهرت حاصل ڪرڻ ٿا چاهيو. وري پئسا خرچ ڪري اهي خبرون ۽ تقريرون اخبارن ۾ ٿا ڇپرايو ته جيئن، جن ماڻهن توهان جا ٺٺ ٺانگر پروگرامن ۾ ناهن ڏٺا، انهن کي اخبارن وسيلي خبر پئجي سگهي. انهيءَ طريقي سان عزت نٿي ماڻي سگهجي. اهو عوامي ڀلائيءَ وارو ڪم ناهي. اهو نه خدا واسطي آهي نه ان جي مخلوق لاءِ. اهو عمل فقط پنهنجي شهرت وڌائڻ جو ذريعو آهي.“ اهو چوڻ کان پوءِ ايڌي صاحب ٻڌائي ٿو ته، ”جوتن، ڪرسين ۽ لٺين جو وسڪارو شروع ٿي ويو... هو منهنجي توهين ڪري رهيا هئا، منهنجي اسٽيج تان لهڻ لاءِ رڙيون ڪري رهيا هئا. اسٽيج تان لهي مون پنهنجي بانٽوا جي نوجوان دوستن ڏانهن حمايت لاءِ نهاريو پر هنن نظرون ڦيرائي ڇڏيون... جيئن ته مان سيٺين جي ڪم جو نه هئس، ان ڪري مون کي اتان هليو وڃڻ ۽ وري ڪڏهن به دسپينسريءَ تي نه اچڻ جو حڪم ڏنو ويو.“ نوجوان ايڌي شهرت جي بکين سيٺين جي محفل مان ته هليو ويو، پر هو انهن سيٺين لاءِ بغاوت جو عملي نمونو ۽ هڪ وڏو چئلينج بڻجي ويو. اهو چئلينج اڳتي هلي هڪ مشن بڻجي ويو. اهڙو مشن، جيڪو انسانيت جي درد جو درمان ٿي پيو. انسانيت جي خدمت جي نالي تي اخبارن ۾ فوٽو ڇپرائڻ جهڙي سستي شهرت جا بکيا اهي سيٺيون ته مري کپي ويا ۽ اڄ انهن جو نالو وٺڻ وارو ڪير به ناهي، پر اهو غريب شخص عبدالستار ايڌي، جنهن پان جي مانڊڻي هلائڻ کان وٺي ڪپڙي جي دڪان تي نوڪري ڪرڻ، ۽ کير کپائڻ کان وٺي اخباري هاڪر وارا پورهيا به ڪيا هئا، انهيءَ جو نه فقط نالو سدا سلامت رهندو، پر هو لکين انسانن جي دلين ۾ به سدائين زندهه رهندو. هن جي ياد گلاب جي گلن جيان سدائين مهڪندي رهندي، ڇاڪاڻ ته نه فقط فڪر پر انسانيت جو موت به ڪڏهن نٿو ٿئي. توهان اڄ به ايڌي صاحب سان ملڻ چاهيو ته ڪنهن اهڙي نادار انسان جي دل ۾ جهاتي پائي ڏسو، جنهن جون اذيتون ايڌي صاحب جي وسيلي ختم ٿيون هجن. ڪنهن اهڙي پوڙهي عورت جي چهري جي گـُهنجن ۾ به ايڌي صاحب نظر اچي ويندو، جنهن کي سندس پُٽَ ۽ نُنهن ايڌي سينٽر ۾ اڇلائي ويا هجن. ڪنهن اهڙي انسان جي زخمن جي نشانن ۾ به ايڌي نظر اچي ويندو، جنهن کي هن رستي تان کڻي سندس زخمن تي پها رکيا هوندا. ايڌي صاحب جو نوراني چهرو توهان کي انهيءَ معصوم ٻار جي مُرڪ ۾ به نظر ايندو، جنهن کي سندس ماءُ بدناميءَ جي خوف سبب ايڌي سينٽر ٻاهران رکيل جُهولي ۾ وجهي وئي هوندي... ۽ ها، جيڪڏهن توهان وٽ درد وندي دل موجود آهي ۽ توهان ڪنهن مسڪين جي مدد ڪري سگهو ٿا ته، ايڌي صاحب جو عڪس توهان کي انهيءَ مسڪين جي اکين ۾ به نظر اچي ويندو، ڀل ته انهيءَ مسڪين جي اکين ۾ ايڌي صاحب جو اهو عڪس توهان جي شڪل صورت جهڙو ئي ڇو نه هجي! تون پنهنجي رب کان راضي- هو تو کان راضي محمود شام ”اي اطمينان پائيندڙ روح، پنهنجي رب ڏانهن واپس هل، تون ان کان راضي- هو تو کان راضي، تون منهنجي ممتاز ماڻهن ۾ داخل ٿي وڃن، منهنجي بهشت ۾ داخل ٿي وڃن.“ سورت الفجر- پاره ۳۰ بهشت جا دروازا کلي رهيا آهن، فرشتا استقبال جي لاءِ موجود آهن. ان کان وڌيڪ اطمينان حاصل ڪندڙ روح ڪهڙو ٿي سگهي ٿي، جنهن پنهنجي زندگيءَ جو هر لمحو الله تعاليٰ جي نائب يعني حضرتِ انسان جي خدمت ۾ گذاري ڇڏيو. جيڪو الله تعاليٰ جي مهرباني، ڪرم، رحم ۽ رحمت جي صفتن جو مجسم پيڪر هو. جيڪو انسان جي پيدائش کان موت تائين ان جو خيال رکندو آهي. جيڪو هن دنيا ۾ ايندڙ هر زندگي کي پنهنجي ذميداري سمجهندو آهي. لاوارث ٻارن کي به پناهه ڏيندو هو، لاوارث لاشن کي به عزت ۽ احترام سان سپرد خاڪ ڪندو هو. پهرين امانت طور تي، پوءِ جڏهن وارث ملي وڃن ته ان جي حوالي ڪري ڇڏيندو هو. هن انسان کي انسان سمجهي، ان جي سلامتي جي ڳڻتي هئي. اهو نه ڏٺو ته اهو مسلمان آهي يا غير مسلم، پاڪستاني آهي يا غير ملڪي، پنجابي آهي يا سنڌي، پختون آهي يا سرائيڪي، بلوچي آهي يا ڪشميري، گلگتي آهي يا اردو ڳالهائيندڙ يا ٻي ڪنهن ٻولي وارو. جيڪو صرف اهو ڏسندو هو ته هو الله تعاليٰ جي مخلوق آهي. هن جو آغوش صرف انسان جي لاءِ نه هو، صرف حيوان جي لاءِ نه هو، هو ته جانورن جي خدمت به انهيءَ خلوص ۽ عقيدت سان ڪندو هو. ان جي زخمن تي به مرهم اهڙي طرح رکندو هو. هو اسان سڀني جي گناهن جو ڪفارو ادا ڪري رهيو هو. هو اسان سڀني جي غفلتن جي تلافي ڪري رهيو هو. هو حڪمران نه هو، پر هو سڀ فرض سرانجام ڏيندو هو، جيڪا حڪومتي سربراهن جي ذميداري آهي، هو بلدياتي ادارو نه هو پر هو سڀ فرض نڀائي رهيو هو، جيڪو ميونسپل ڪميٽين سان منسوب آهي. هو اسان مان هو پر هُن ۾ ڪا خامي نه هئي، جنهن جا اسان حقدار هوندا آهيون. هو اسان مان هو، پر هو سراپا خير هو. سراپا درد هو. ۱۹۷۰ع جي ڏهاڪي کان پهرين پاڪستان ريڊ ڪراس جي ايمبولينسن جو انتظار ڪندو هو. ڪراچي جي بسم الله بلڊنگ ڪِرڻ وقت اهو فرشتو سامهون آيو هو، پوءِ ته هن جو درد وکرندو رهيو، سڀ کان وڏي شهر ۾ ڪهڙي طرح ايمبولينسن ۽ رضاڪارن جو هڪ دائرو ڦهلجندو رهيو. آسمان جي اک ڏسندي رهي ته هن مملڪتِ خداداد ۾ جتي ظالمن جابرن جو تسلط آهي، جتي شقي القب جاگيردار آهن، فرعونيت جا پيروڪار سردار آهن، جتي رعايا جو خون پيئندڙ حڪمران آهي، جتي ڪڏهن باوردي آمر اڇي ۽ ڪاري جا مالڪ بڻجي ويندا آهن، جتي ڪڏهن چونڊيل آمر وڏي مينڊيٽ سان گڏ اسان جي قسمت جو فيصلو ڪندا آهن، جتي ڪڏهن چونڊيل آمر مذهب جي نالي تي انسانن کي ورهائيندو ويندو آهي، جتي فرقن جي حوالي سان الله جي پيارن جو خون وهايو ويندو آهي، جتي واپاري، صنعتڪار خريدارن جا کيسا ڪٽيندا آهن، جتي ڊاڪٽر اسٽريچر تي مريضن جي ساهن جي قيمت وصول ڪندا آهن، جتي ماڻهو حادثن ۾ شديد زخمي ٿيلن کي تڙپندي ڇڏي هليا ويندا آهن. جتي ڪڏهن مذهب جي نالي تي باهه ۽ پاڻي جي راند کيڏي ويندي آهي، جتي مختلف مسلڪ هجڻ تي مسيحائن کي تيغ ڪيو ويندو آهي. جتي خاموش اڪثريت آواز بلند ڪرڻ سان ڊڄندي آهي، هن جو نالو سلامتي جي علامت بڻجي ويو آهي. جتي باهه لڳندي هئي، خون وهندو هو، لاش ڪرندا هئا، اُتي هن جون ايمبولينس گاڏيون ئي پهچي وينديون هيون، هُن درد مند جو ساٿ ڏيڻ جي لاءِ پاڪستاني ڪنڊ ڪڙڇ کان دردمند نوجوان بزرگ هن قافلي جو حصو بڻجندا رهيا. هن مملڪت جي ماڻهن جي فطرت ۾ جيڪو به نيڪي جو عنصر هو، اهو ان عظيم شخص جي اداري جي ڪري معاشري جي خدمت جو سبب بڻجي ويو. پئسي وارا پنهنجي مغفرت جي لاءِ هن کي ڪروڙين رپيا ڏيڻ لڳا، پنهنجون وڏيون وڏيون عمارتون هن جي نالي ڪري ڇڏيون. سڄي زندگي پنهنجي پٽن ۽ نياڻين کي پنهنجي جگر جو خون ڏيندڙ ماءُ پيءُ کي جڏهن پٿر دل اولاد بار سمجهڻ لڳو ته هن پنهنجا دروازا انهن لاءِ کولي ڇڏيا. پڙهيل لکيل هستيون پنهنجي پوڙهائپ هتي اطمينان سان گذارڻ لڳا، انهن جو احترام ڪيو ويندو هو، انهن کي آرام ۽ اطمينان سان گڏ کاڌو به کارايو ويندو هو. غريبن ۽ نادارن جي بک مٽائڻ جي لاءِ دسترخوان به وسيع ٿيندا رهيا، پاڪستان ۾ ئي نه پر پاڪستان کان ٻاهر به هو انسانيت جي تحفظ جي لاءِ پهچڻ لڳو، حڪومتن هن کي بغير ويزا پنهنجي سرحدن ۾ داخل ٿيڻ ڏنو. دنيا حيران ٿيندي هئي ته غافلن، منافقن، ظالمن، فريبين، خود غرضن ۽ هر روح کي موت جو ذائقو چکڻو آهي، هڪ ڏينهن سڀني کي وڃڻو آهي، پر جڏهن عبدالستار ايڌي جهڙا انسان سفرِ آخرت کانپوءِ پنهنجي خالقِ حقيقي جي حضور ۾ پيش ٿيندو آهي ته آواز ايندو آهي: ”اي اطمينان پائيندڙ روح پنهنجي رب ڏانهن واپس هل، تو هن کان راضي- هو تو کان راضي، تون منهنجي ممتاز ماڻهن ۾ داخل ٿي وڃ، منهنجي جنت ۾ داخل ٿي وڃ..“ ايڌيءَ جي ايمانداري سبتيون ڳالهيون ثريا ڪپري-آمريڪا گذريل ڏيڍ مهيني ۾ ڪجهه ماڻهو دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا، جن تي لکڻ وقت ماڻهو سوچ ۾ پئجي ويندو آهي ته هن جبل جيڏي ڊگهي شخصيت تي ڇا لکجي؟ ۳ جون ۲۰۱۶ع تي محمد علي دنيا کي الوداع چيو ته هاڻ ۸ جولاءِ تي عبدالستار ايڌي دنيا مٽائي ويو. جيڪي ماڻهو صرف پاڪستان جي حالتن کان واقف آهن، انهن کي حيرت ٿي سگهي ٿي ته محمد علي ۽ عبدالستار ايڌي هڪ جهڙي ئي عادتن جا مالڪ هئا، ٻنهي کي دنيا ۾ رائج اڻ برابري واري نظام خلاف ويڙهه ڪرڻ جي صلاحيت هئي. محمد علي کي پئسا سندس باڪسنگ ۽ شهرت جي ڪري مليا پر ايڌي صاحب پنهنجي ايمانداري جي ڪري هڪ اهڙي ملڪ جي ماڻهن کي Lord Macaulay جي ڏنل تعليم (جيڪا غريب سان گڏ ويهڻ کي ناپسند ڪرڻ سيکاريندي آهي، انهن کي هر ڪنهن محفل ۾ شامل نه ڪرڻ، انهن کي بي وقوف ٺاهي انهن جا پئسا ڦٻائڻ جا نت نوان طريقا سيکاريندي آهن) جي ابتڙ انهن ماڻهن جون عادتون مٽائي غريبن جي مدد ڪرڻ تي راضي ڪيو ۽ هڪ بي ايماني تي ٻڌل ملڪ اندر ايمانداري سان ادارا جوڙڻ جو مثال قائم ڪيو، اها ايمانداري جيڪا مسلمانن جي سڃاڻپ هئي ۽ ان تي هاڻي خود مسلمان حيران آهن! آهي نه عجيب ڳالھه، يعني هنن کي ياد ئي ناهي رهيو ته هندوستان ۽ سنڌ جون حالتون ڪهڙيون هيون ۽ يورپ ڪيترو ڪنگلو ۽ بي ايمان هيو. اڳ سڄي دنيا جا مسلمان ائين ئي ايماندار هئا، جهڙا سنڌ جا ماڻهو آهن ۽ جهڙو ايڌي صاحب هيو ۽ ان ڪري ئي هندوستان دنيا جو امير ترين ملڪ هيو ۽ گورن جا ملڪ گندگي جو ڍير هيا جتي غريبن جو استحصال ڪيو ويندو هو، بيواهن جا حق کاڌا ويندا هيا ۽ پئسن جي ونڊ بي ايماني سان ڪيو ويندو هئو. پر Lord Macaulay کي ديسين جا پئسا ڦري، هندوستان کي ڪنگلو ڪري ۽ ديسين کي غلام ٺاهڻ لاءِ بي ايمانن جو ٽولو کپندو هيو، جيڪو انگريزن جي وڃڻ کان پوءِ به انگريزي غلامي ۾ رڌل هجي ۽ ملڪ کي قرضي ۽ اپاهج ڪري رکي سو ان ڪري هن فارسيءَ بدران انگريزي آڻي، سمورو نصاب مٽائي ڇڏيو ۽ جيڪي به شهر هندوستان ۾ سهڻا سهڻا اڏيل هيا، انهن کي گهڻي ڀاڱي سنڌ جي حيدرآباد واري قلعي وانگر ڊاهي پٽ ڪيو ته ايندڙ نسل کي اهو ٻڌائجي ته توهان ته ڪجھه به نه ٿا ٺاهي سگهو، سڀ ڪجھه اسان توهان کي سيکاريو آهي. نتيجي ۾ هندوستاني ۽ سنڌي غريب ٿي ويا ۽ ڪنگلا انگريز رئيس ٿي اڀريا! هن وقت جيڪي اسٽبلشمينٽ ۾ ويٺل آهن، اهي انهيءَ سوچ جا پيروڪار آهن ته ايڌي جهڙا “اڻ پڙهيل” ماڻهو ته هنن جا غلام آهن، اصل شيءِ ته انگريزن جي ٽئڪنالاجي آهي، جيڪا روز نيون ايجادون ڪندا رهن ٿا. اها ٽئڪنالاجي انگريزن ايجاد ڪئي ئي ناهي پر چوري ڪئي آهي پر پاڻ ان بحث ۾ في الحال نه ٿا وڃون. ايڌي صاحب جو جنم بانٽوا جي پتڪڙي علائقي ۾ ٿيو، جيڪو ان وقت جهونا ڳڙھه رياست جو حصو هو، جتي ڪنهن وقت ۾ بي نظير ڀٽو صاحبه جو ڏاڏو سر شاهنواز ڀٽو وزير اعظم رهي چڪو هيو. ان بانٽوا مان ايڌي صاحب سنڌ جي عاليشان طور اڏيل راڄڌاني واري شهر ڪراچي ڏانهن هجرت ڪري آيو، جتي هندوستان جي بهار صوبي جا ماڻهو به گهڻي تعداد ۾ لڏي آيا. سنڌ ڌرتي هر ڪنهن کي خوش آمديد چيو ڇو ته سنڌ ڌرتي اسلام ۽ صوفي سوچ جو مرڪز آهي، جتي ٻولي، نسل، رنگ ۽ پئسي جي حساب سان سلوڪ ڪرڻ ۽ بي ايماني کي گناهه ڪبيره سمجهيو ويندو آهي ۽ ايڌي صاحب ان جذبي کي مان ڏنو. اهو ان ڪري هو ته کيس سندس ماءُ طرفان اها ئي تربيت ڏني وئي، جيڪا هڪ سچي مسلمان ماءُ پنهنجي ٻار کي ڏيندي آهي. سندس ماءَ کيس ٻه آنا ڏئي اهو چوندي هئي ته هڪ آنو تنهنجو ۽ ٻيو آنو ڪنهن ٻئي کي ڏجانءِ، مطلب ته ايڌي صاحب کي ڪوڙ ڳالهائڻ سيکاريو ئي نه ويو. هو فقط ايمانداري سکيو. مان ذاتي طور اهو ڄاڻان ٿي ته ٻار کي پالڻ جو طريقو ئي ان کي انسان ٺاهيندو آهي، امريڪا جون ڊگريون کيس انسان نٿيون بڻائين. منهنجي ناني حاجي سوڀي ڪپري هڪ ولي الله گهراڻي ۾ اک کولي، جتي کيس سندس ماءُ بنا وضوءَ جي کير نه ڏيندي هئي. سو اهو ٻار اڳتي هلي پنهنجي ابن ڏاڏن وانگر هڪ پرهيزگار، سڄي رات عبادت ڪرڻ وارو ڪامل انسان ٿيو، جنهن کي ساري اسين گورن جي تعليم وارا صرف ڳوڙها ڳاڙي سگهون ٿا ته ڪاش اسين گورن جي ملڪ جون ڊگريون وٺڻ تي پئسا خرچڻ بدران کانئس ڪجھه علم سکون ها ڇو ته امريڪي ڊگرين سان اسين سندس عظمت تي پهچي نٿا سگهون. سندس زندگي لطيف جي هن بيت وانگر هئي جنهن ۾ هو چوي ٿو ته، الف گڏي ميم سيِن، جَني وڌو پيٽ، ڏاتار ۽ منگتو، ٻئي مٺايون ميٽ، ڏاتار مُٺ هيٺ، مٺ مٿانهين منڱڻي. محنت جو ثمر ضرور ملندو آهي. جيڪو ماڻهو سڄي رات خدا جي عبادت ڪري ٿو ته ولايت جون اعليٰ منزلون ماڻي ٿو، جيڪڏهن ڪو ماڻهو ايڌي صاحب وانگر انسانن جي خدمت ۾ ڏينهن رات هڪ ڪري ٿو ته ان کي جيئري ئي ان جو ثمر ملي ٿو. اڄ پاڪستان جي وڏن شهرن جا ماڻهو ايڌي صاحب جي ايمانداري تي حيران آهن، ڇو ته هنن جي تربيت اهڙي طريقي سان ٿي رهي آهي، جو هنن کي اها ڳالھه عجيب لڳي رهي آهي، پر اها ئي اها واٽ آهي، جنهن تي هلي هڪ عزت ماڻي ٿو، پاڪستان جا اعليٰ عهديدار جڏهن امريڪا اچن ٿا ته هنن کي امريڪي حقارت سان ڏسن ٿا، حالانڪ هو انگريزي اسڪولن ۾ پڙهيل آهن، سندن عورتون گورن جي نقل ڪندي ابو جهل جي زماني جا مختصر ڪپڙا پائي اهو سمجهن ٿيون ته گورا هنن جي عزت ڪندا، پر هنن کي جلد ئي اندازو ٿي ويندو آهي ته اها هنن جي ڀل آهي، پر اهي ساڳيا امريڪي يا يورپي حڪمران ۽ ڪامورا ايڌي صاحب کي حقارت سان ڏسڻ جي جرئت نه ٿا ڪري سگهن. ايڌي صاحب هن وقت سنڌ جي راڄڌاني جي علائقي سهراب ڳوٺ ۾ ستل آهي، پر اسان کي اهو چئي ويو آهي ته محنت، ايمانداري، وقت جي پابندي ڪيو ته ملڪ کي نه ڪو لهر، نه ڪو لوڏو. ڇو ته هي دنيا فاني آهي ۽ آخر ۾ صرف هر ڪنهن جي ڳالھه وڃي رهندي آهي. اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارين، آديسي اٿي ويا، مڙهيون مون مارين، جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا. عظيم تر ايڌي مرلي ڌر ايڌي عظيم هيو، هاڻ هو عظيم تر ٿي ويو آهي. پنهنجون اکيون عطيو ڪري ويو. ايڌي پنهنجا سمورا عضوا عطيو ڪيا هيا. هن ايس آءِ يو ٽي ۾ موت کان پوءِ پنهنجا عضوا عطيو ڪرڻ جو وچن ڪيو هيو. بدقسمتي سان هن جا ٻيا عضوا عطيو نه ٿي سگهيا. ايڌي وٽ موت کان پوءِ جيڪو ڪجهه ڏيڻ لاءِ هيو، اُهي فقط اکيون هيون، جيڪي هو موت کان پوءِ به ڏئي ويو. اها آهي ڪنهن ماڻهو جي مهانتا. ايڌي مهان هيو. ان زندگيءَ ۾ هزارين لکين ماڻهن کي پنهنجو وقت، خدمتون ۽ زندگي ڏني. موت کان پوءِ به ٻن ماڻهن کي روشني ڏنائين. هاڻ به ايڌي اوهان کي ڏسي ٿو. ايڌي انهن ٻن اکين سان، هن دنيا کي ڏسندو رهندو. اوهان کي ڏسندو رهندو. عبدالستار ايڌي ايس آءِ يو ٽي ۾ ۱۰ سال ايندو رهيو. انتهائي سادگي، ماٺيڻو، قناعت پسند ۽ خدمتگار. ايڌي ڪڏهن به خاص ورتاءُ جو متلاشي نه رهيو. ڊاڪٽر اديب رضوي هن جي عزت ڪندو هيو ۽ هو اديب رضوي جي عزت ڪندو هيو ۽ هو اديب رضوي جي ڳالهه رکندو هيو. هڪ دفعي هو ڊائلاسس ڪرائڻ لاءِ نه آيو. ڊاڪٽر اديب رضويءَ ان کي فون ڪيو ته ان جي ڊائلاسس تمام ضروري آهي. پوءِ به اچڻ نه پئي چاهيائين. بقول ان جي پٽ فيصل ايڌي جي ته ايڌي صاحب ڪڏهن ڪڏهن ضد به ڪندو آهي ۽ جڏهن ضد ڪندو آهي ته پوءِ هو ڪنهن جي به نه ٻڌندو آهي. اديب صاحب کي پاڻ ان جي گهر اچڻو پيو. جيڪو همراهه ڊاڪٽر اديب رضوي سان گڏ ان جي گهر ويو. ان ٻڌايو ته ايڌي صاحب جو گهر انتهائي سادو ۽ بغير ڪنهن لوازمات جي هيو. تنهن ڏينهن هڪ ٽي وي چينل تي ٻڌم ته هڪ دفعو هن تجزيه نگار کان پڇيو ته مون مان تو کي ڌپ ته ڪو نه ٿي اچي؟ همراهه پڇيو ته هو ائين ڇا لاءِ ٿو پڇي ته ايڌي صاحب وراڻيو ته جسم تي پهريل ڪپڙن جو جوڙو گذريل هڪ مهيني کان پهريو اٿم تنهن ڪري هو پڇي ٿو. اهو هيو ايڌي. خدمت اهو ئي ڪري سگهندو، جيڪو پاڻ کي وساريندو، پنهنجي سک کي وساريندو. ايڌيءَ پاڻ کي وساريو، پنهنجي آرام ۽ سک کي وساريو. تڏهن ان ايڌي چورايو. هڪ اندازي مطابق پاڪستان ۾ ۱۳ لک ماڻهو اکين جي روشنائي کان محروم آهن. انهن کي روشنائي کپي. انهن کي اکيون کپن. ۱۵۰ هزار کان وڌيڪ ماڻهو هر سال بڪين، جگر، دل، لبلبو جي مستقل بيمارين ۾ مبتلا ٿين ٿا. انهن کي دل، جگر ۽ بڪيون کپن. اهي ڪير ڏيندو؟ ايڌي جي رستي تي هلڻ وارا، اڳتي اچن. فقط ايڌي جي واهه واهه ڪرڻ سان ڪجهه نه ورندو. ايڌي جي رستي تي هلڻ سان، هر ايڌيءَ کي مان ڏئي سگهبو. ايڌي عظيم مان عظيم تر ٿي ويو. هن ٻن ماڻهن کي دنيا ٻيهر ڏسڻ جي قابل بڻايو. ايڌي، ايمبولينس تي ايندو هيو. خاموشيءَ سان انتظار گاهه ۾ ويهندو هيو. ڪنهن خاص ورتاءَ جي خواهش ڪڏهن نه ڪيائين. جڏهن ڊائلاسس شروع ٿي ته پاڻ چئي ڪري پنهنجي ڊائلاسس ان ئي جڳهه تي ڪرايائين جتي ٻين سڀني جي ڊائلاسس ٿيندي هئي. هڪ دفعو هن چيو ته مان وڏن ماڻهن وٽ چندو وٺڻ ناهيان ويندو. مون کي جڏهن به پئسن جي ضرورت هوندي آهي ته مان رستي تي ڪشتو جهلي بيهندو آهيان ۽ ماڻهو پاڻ مون کي پئسا ڏئي ويندا آهن. ايڌي گهٽ ڳالهائيندو هيو. هن ڪڏهن پنهنجي شان ۾ پروگرام نه ڪرايا. ڪڏهن ڪو اشتهار نه ڇپرايو. ايڌي انسانيت جو علمبردار هيو ۽ هميشه رهيو. شال ايڌي جون اکيون هميشه چڱو ڏسن. عبدالستار ايڌي انسان ذات جو بي لوث خدمتگار ابراهيم لاشاري جئين ته سياڻن سچ چيو آ ته؛ ”چڱو انسان ڪڏهن به ڪو نه ٿو مري. هو پنهنجي زندگي ۾ جيڪا نيڪي يا ڪم ڪري ٿو، انهيءَ جي عيوض سندس نالو قيامت تائين زندهه رهي ٿو.“ اهڙيءَ ريت ۸ جولاءِ ۲۰۱۶ع تي عظيم ڪردار جو مالڪ عبدالستار ايڌي هي سونهن ڀريو سنسار ڇڏي هميشه لاءِ پاڻ کي تاريخ ۾ امر ڪري وڇڙي ويو. پر پاڻ هاڻ هميشه امر ڪردار واري حيثيت سان ياد ايندو رهندو، هن دنيا منجهه ڪيترائي عظيم ۽ ڀلارا انسان ٿي گذريا آهن، جن پنهنجي سڄي زندگي انسان ذات جي خدمت ڪندي گذاري آهي اهڙن انسانن منجهان غريبن، يتيمن جو يار انسان ذات جو بي لوث خدمتگار دنيا جي عظيم هستي ناليوارو سماج سڌارڪ عبدالستار ايڌي پڻ هڪ آهي. عبدالستار ايڌي سال ۱۹۲۸ع ڌاري گجرات رياست جي جهونا ڳڙهه جي ڀرسان هڪ ڳوٺ بانٽوا جي نيڪ مرد شخصيت عبدالشڪور ايڌي جي گهر کان زندگي جو حسين سفر شروع ڪيو هو سندس امڙ جو نالو غربي! هو سندس والد ڪپڙي جو واپاري هو، عبدالستار ايڌي يارنهن سالن جو ٿيو ته سندس مٺڙي امڙ شگر جي مرض ۾ مبتلا ٿي وئي ۽ شگر جي مرض ڪري سندس مٿان فالج جو سخت حملو ٿي پيو هن ان زماني ۾ پنهنجي امڙ جي بي حد خدمت ڪئي. ايڌي صاحب کي ننڍپڻ کان ئي ٻين جي خدمت ڪرڻ جو قائل هوندو هو. سندس والد عبدالشڪور ايڌي صاحب اسڪول ۾ داخل ڪرايو پر پڙهڻ سان ڪابه دلچسپي نه هوندي هيس، سڄو ڏينهن راند روند تي ڌيان هوندو هيس. هڪ ڏينهن سندس استاد عبدالستار ايڌي کي ڪلاس جو مانيٽر بڻايو تنهن بعد پڙهڻ سان وري دلچسپي وڌيس. هن عظيم انسان جي تربيت به امڙ جي هٿن ۾ ٿي ڇو جو والد واپاري هجڻ ڪري اڪثر گهر کان ٻاهر رهندو هو عبدالستار ايڌي کي ننڍي هوندي مسڪينن، غريبن، ۽ ذهني اپاهج انسانن سان بيحد همدردي هوندي هئي. يارهن سالن جي عمر کان نماز ۽ روزي جو پابند هوندو هو پر ڪڏهن به مذهبي انتها پسند نه رهيو، ننڍي عمر ۾ مشهور واپاري سيٺ حاجي عبدالله نالي جي دوڪان تي ۵ رپيا پگهار تي مزدور ٿي بيٺو، هي ڪپڙن جا تاڪيا پٺن تي کڻي گهر گهر وڃي وڪڻندو هو، هن هڪ ننڍڙو دوڪان به کوليو هو هن ۱۵ سالن جي عمر ۾ رسمي تعليم پوري ڪئي، عبدالستار ايڌي ننڍي هوندي گجراتي اخبارن جو مطالعو پڻ ڪندو هو هو بمبئي سماچار ذريعي مارڪس ۽ لينن جي نظريي کان واقف ٿيو، سندس ذهن ۾ تبديلي مئڪسم گورڪي جي ناول (ماءُ) آندي سندس من ۾ ٻين جي خدمت ڪرڻ جو جذبو وڌي ويو. پاڪستان قائم ٿيڻ بعد هندو مسلم فسادن جي خطري سبب ٽيهه هزار ميمڻن سان گڏجي هن جو خاندان سندس ڏاڏو حاجي رحمت الله پاڪستان هجرت ڪري ڪراچي جي پسگردائي ملير ۾ اچي رهيا، هن سال ۱۹۵۱ع ڌاري پنهنجي گڏ ڪيل پيسن منجهان هڪ ننڍڙو دڪان خريد ڪيو، هڪ ڊاڪٽر جي مدد سان هڪ ننڍڙي ڊسپينسري پڻ کولي ورتي جتي هن طبي امداد جي سکيا پڻ ورتي. شروع شروع ۾ هي ڊسپينسري جي سامهون پيل هڪ بينچ تي ئي سمهي آرام ڪندي نظر آيو. سندس خيال هو ته جيئن ضرورت پوڻ واري انسان جي مدد ڪرڻ لاءِ ترت پهچي سگهان. سال ۱۹۵۷ع ڌاري جڏهن ڪراچي شهر ۾ هڪ وڏي پيماني تي وبا (فلو) جو مرض ڦهليو هو ته عبدالستار ايڌي ترت فوري طور تي پنهنجون خدمتون پيش ڪيون. هن ڪراچي جي هر هنڌ مختلف هنڌن تي خيما کوڙي وس آهر خدمت ڪري مريضن کي مفت دوائون پڻ ڏنيون، اهڙي فلاحي ڪم ۾ دولتمند ماڻهن عبدالستار ايڌي جي تمام گهڻي دل کولي مدد ڪئي. ان زماني ۾ ان چندي جي پئسن منجهان عبدالستار ايڌي ڊسپينسري واري سڄي جاءِ خريد ڪري ان ئي جاءِ تي هڪ ويم گهر (ميٽرنٽي سينٽر ۽ هڪ نرسن جي تربيت لاءِ اسڪول کوليائين، انهي زماني ۾ ايڌي فائونڊيشن جو بنياد وڌائين، ان زماني ۾ هڪ ڪاروباري شخصيت هن عظيم انسان کي جهجي امداي رقم ڏني جنهن منجهان هن هڪ ايمبولينس خريد ڪئي جيڪا هو پاڻ هلائيندو هو. بي بي سي جي رپوٽ موجب سال ۲۰۰۲ع کان ۲۰۰۸ع تائين سڄي پاڪستان ۾ ايڌي سينٽر تمام گهڻي حد تائين سماجي ڪمن ۾ مصروف رهيا آهن هن وقت اٽڪل ۶۰۰ کان مٿي ايمبولينس گاڏيون سڄي ملڪ جي سينٽرن تي موجود آهن ان کان علاوه هوائي سروس پڻ حاصل اٿن جيڪا ڪنهن به وقت حادثي ۾ ترت طبي سهولتن سان گڏ تيار رهي ٿي تنهن کان سواءِ ڪيترن ئي شهرن منجهه ڪلينڪون، ميٽرنٽي هوم، پاڳل خانا، پناهه گاهون، ۽ اسڪول پڻ کوليا ويا آهن. ايڌي فائونڊيشن هر مشڪل گهڙي ۾ سڄي دنيا ۾ مدد فراهم ڪندو رهي ٿو، هي انسان ذات جو هڏڏوکي عبدالستار ايڌي پاڻ خود وڃي امدادي سرگرمين ۾ حصو وٺندو هو. ايڌي فائونڊيشن پاڪستان کان علاوه دنيا جي مختلف ملڪن بوسنيا، افغانستان، عراق، چيچنيا، سوڊان، ايٿوپيا ۽ قدرتي آفت سٽيل ٻيٽن سماترا ۽ انڊومان ۾ به ڪم ڪندي رهي آهي. ۱۶آگسٽ ۲۰۰۶ع ۾ عبدالستار ايڌي جي گهرواري ميڊم بلقيس ايڌي ۽ ڪبري ايڌي انٽرنيشنل ايمبولينس فائونڊيشن پڻ قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، جنهن تحت ايران، آمريڪا، شام، اسرائيل، ڀارت، بنگلاديش، برطانيا، سميت امير توڙي غريب ملڪ ۾ ايڌي کي ايمبولينس عطئي طور ڏني وئي. سال ۱۹۹۷ع جي عالمي رڪارڊ (گنيز بڪ آف دي ورلڊ رڪارڊ) موجب ايڌي فائونڊيشن جي ايمبولينس سروس کي دنيا جي وڏي مان وڏي سروس قرار ڏنو ويو ان کان علاوه بنا ڪنهن موڪل جي ايڌي کي ڪم ڪرڻ جي مڃتا پڻ مليل آهي، عبدالستار ايڌي سياست پڻ ڪئي سال ۱۹۶۴ ڌاري هن صدر ايوب خان خلاف محترمه فاطمه جناح جو ساٿ ڏنو، بعد ۾ ٿورو عرصو خاموش ٿي ويٺو پر ۱۹۷۰ع ۾ هن ٻيهر سياست ۾ حصو ورتو مڱر قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ٻنهي سيٽن تي کيس شڪست ملي، عبدالستار ايڌي ۱۹۶۵ع ۾ ايڌي ڊسپينسري ۾ نرس طور ڪم ڪندڙ بلقيس کي شادي ڪرڻ جي آڇ ڏني جيڪا بلقيس اها آڇ قبول ڪري سال ۱۹۶۶ع اپريل جي ۱۹ تاريخ تي عبدالستار ايڌي ۽ بلقيس ايڌي شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويا. عبدالستار ايڌي کي مڃتا طور ڏيهه پرڏيهه ۾ ڪيترائي ايوارڊ ۽ اعزاز سان نوازيو ويو حڪومت پاڪستان هن انسانيت جي هڏڏوکي خدمتگار شخص لاءِ امن جي نوبل انعام لاءِ به نامزد ڪيو هو، ايڌي کي سال ۱۹۸۸ع ۾ لينن ايوارڊ پڻ مليو تنهن کان سواءِ اٽلي، آمريڪا، ڪوريا، ڀارت، يواي آي ۽ ٻين ملڪن ۾ پڻ ايوارڊ ڏنا ويا هئا. سنڌ حڪومت سال ۱۹۸۹ع ۾ پڻ عبدالستار ايڌي کي ننڍي کنڊ جي عظيم سماج سڌارڪ ايوارڊ ڏنو ايڌي پرڏيهه ۾ سماجي ڪمن ڪرڻ تي گرفتارين ۽ غير قانوني حراست کي پڻ منهن ڏنو، انسان ذات جو وڏو خدمت گار، امن جو علمبردار انتهائي سادي شخصيت جو مالڪ هو ڪڏهن به غرور نه ڪيائين ٻن وڳن کان وڌيڪ ڪپڙا نه رکندو هو، هو سدائين سادي زندگي گذارڻ جو قائل هو. هن عظيم انسان ايڌي ڪلينڪ مٿان ٺهيل ٻن ڪمرن جي گهر ۾ سڄي زندگي گذاري ڪڏهن به عيش عشرت جي حوس نه لڳس هميشه عيد جي ڏينهن بي سهارن سان گڏ عيد گذاريندو هو، انسانيت جو هي خدمتگار عبدالستار ايڌي گذريل ڏهن سالن کان گڙدن جي تڪليف ۾ مبتلا ٿي ويو هو، سال ۲۰۱۳ع کان ايس آءِ يو ٽي منجهان ڊائيلاسز ڪرائيندو رهيو پر صحت سندس ساٿ ڇڏي ڏنو. يتيمن جو يار انسان ذات جو سچو خدمدگار عبدالستار ايڌي ۸۸ سال ۶ مهينا ۷ ڏينهن زندگي جا پل گذاري هزارين يتيمن ۽ هزارين بي سهارا انسانن ۽ سڄي دنيا کان ۸ جولاءِ ۲۰۱۶ع جمعي جي ڀلاري ڏينهن موڪلائي هميشه هميشه لاءِ راهه رباني ٿي ويو گهر واري سميت چئن ٻارن فيصل ايڌي، ڪبري ايڌي، زينت ايڌي، ۽ الماس ايڌي سميت ڪروڙين ماڻهون سوڳوار ڇڏي ويو. سندس سرڪاري اعزاز سان نيشنل اسٽيڊيم ۾ نماز جنازا ادا ڪرڻ بعد وصيعت موجب ايڌي وليج ڪراچي ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، ياد رهي ته هن عظيم انسان ۲۵ سال اڳ پنهنجي قبر پاڻ تيار ڪرائي هئي ۽ وصيعت پڻ ڪئي هئي ته مون کي پهريل ڪپڙن ۾ ئي دفنايو وڃي. هي عظيم انسان ته هاڻ اسان وٽ ناهي رهيو پر سندس ڪيل خدمتون هميشه هميشه لاءِ ياد رهنديون. اڄ ۸ جولاءِ ۲۰۱۸ع تي سندس ٻي ورسي ملهائي ويندي. عبدالستار ايڌي انسان ذات جو بي لوث خدمتگار ابراهيم لاشاري جئين ته سياڻن سچ چيو آ ته “چڱو انسان ڪڏهن به ڪو نه ٿو مري؛ هو پنهنجي زندگي ۾ جيڪا نيڪي يا ڪم ڪري ٿو انهي جي عيوض سندس نالو قيامت تائين زنده رهي ٿو. هن دنيا منجھ ڪيترا ئي عظيم ۽ ڀلارا انسان ٿي گذريا آهن، جن پنهنجي سڄي زندگي انسان ذات جي خدمت ڪندي گذاري آهي اهڙن انسانن منجهان غريبن، يتيمن جو يار انسان ذات جو بي لوث خدمتگار دنيا جي عظيم هستي ناليوارو سماج سڌارڪ عبدالستار ايڌي پڻ هڪ آهي. عبدالستار ايڌي سال ۱۹۲۸ع ڌاري گجرات رياست جي جهونا ڳڙھ جي ڀرسان هڪ ڳوٺ بانٽوا جي نيڪ مرد شخصيت عبدالشڪور ايڌي جي گهر کان زندگي جو حسين سفر شروع ڪيو هو سندس امڙ جو نالو غربي! هو سندس والد ڪپڙي جو واپاري هو، عبدالستار ايڌي يارنهن سالن جو ٿيو ته سندس مٺڙي امڙ شگر جي مرض ۾ مبتلا ٿي وئي ۽ شگر جي مرض ڪري سندس فالج جو سخت حملو ٿي پيو هن ان زماني ۾ پنهنجي امڙ جي بي حد خدمت ڪئي. سندس کي ننڍپڻ کان ئي ٻين جي خدمت ڪرڻ جو قائل هوندو هو. سندس والد عبدالشڪور ايڌي صاحب اسڪول ۾ داخل ڪرايو مڱر پڙهڻ سان ڪابه دلچسپي نه هوندي هيس، سڄو ڏينهن راند روند تي ڌيان هوندو هيس. هڪ ڏينهن سندس استاد عبدالستار ايڌي کي ڪلاس جو مانيٽر بڻايو تنهن بعد پڙهڻ سان وري دلچسپي وڌيس. هن عظيم انسان جي تربيت به امڙ جي هٿن ۾ ٿي ڇو جو والد واپاري هجڻ ڪري اڪثر گهر کان ٻاهر رهندو هو عبدالستار ايڌي کي ننڍي هوندي مسڪينن، غريبن، ۽ ذهني اپاهجن انسانن سان بيهد همدردي هوندي هئي. يارهن سالن جي عمر کان نماز ۽ روزي جو پابند هوندو هو مڱر ڪڏهن به مذهبي انتها پسند نه رهيو، ننڍي عمر ۾ مشهور واپاري سيٺ حاجي عبدالله نالي جي دوڪان تي ۵ روپيه پگهار تي مزدور ٿي بيٺو، هي ڪپڙن جا تاڪيا پٺن تي کڻي گهر گهر وڃي وڪڻندو هو، هن هڪ ننڍڙو دوڪان به کوليو هو هن ۱۵ سالن جي عمر ۾ رسمي تعليم پوري ڪئي، عبدالستار ايڌي ننڍي هوندي گجراتي اخبارن جو مطالعو پڻ ڪندو هو هن بمبئي سماچار ذريعي مارڪس ۽ لينن جي نظري کان واقف ٿيو، سندس ذهن ۾ تبديلي مئڪسم گورڪي جي ناول (ماءَ) آندي سندس من ۾ ٻين جي خدمت ڪرڻ جو جذبو وڌي ويو. پاڪستان قائم ٿيڻ بعد هندو مسلم فسادن جي خطري سبب ٽيھ هزار ميمڻ سان گڏجي هن جو خاندان سندس ڏاڏو حاجي رحمت الله پاڪستان هجرت ڪري ڪراچي جي پسگردائي ملير ۾ اچي رهيا، هن سال ۱۹۵۱ع ڌاري پنهنجي گڏ ڪيل پيسن منجهان هڪ ننڍڙو دڪان خريد ڪيو، هڪ ڊاڪٽر جي مدد سان هڪ ننڍڙي ڊسپينسري پڻ کولي ورتي جتي هن طبي امداد جي سکيا پڻ ورتي شروع شروع ۾ هي ڊسپينسري جي سامهون پيل هڪ بينچ تي ئي سمهي آرام ڪندي نظر آيو سندس خيال. ته جيئن ضرورت پوڻ واري انسان جي مدد ڪرڻ لاءِ ترت پهچي سگهان، سال ۱۹۵۷ع ڌاري جڏهن ڪراچي شهر ۾ هڪ وڏي پيماني تي وبا (فلو) جو مرض ڦهليو هو ته عبدالستار ايڌي ترت فوري طور تي پنهنجون خدمتون پيش ڪيون. هن ڪراچي جي هر هنڌ مختلف هنڌن تي خيما کوڙي وس آهر خدمت ڪري مريضن کي مفت دوائون پڻ ڏنيون، اهڙي فلاحي ڪم ۾ دولتمند ماڻهن عبدالستارايڌي جي تمام گهڻي دل کولي مدد ڪئي، ان زماني ۾ ان چندي جي پئسن منجهان عبدالستار ايڌي ڊسپينسري واري سڄي جاءِ خريد ڪري ان ئي جاءِ تي هڪ ويم گهر ( ميٽرنٽي سينٽر ۽ هڪ نرسن جي تربيت لاءِ اسڪول کوليائين، انهي زماني ۾ ايڌي فائونڊيشن جو بنياد وڌهائين، ان زماني ۾ هڪ ڪاروباري شخصيت هن عظيم انسان کي جهجي امداي رقم ڏني جنهن منجهان هن هڪ ايمبولينس خريد ڪئي جيڪا هو پاڻ هلائيندو هو. بي بي سي جي رپوٽ موجب سال ۲۰۰۲ع کان ۲۰۰۸ع تائين سڄي پاڪستان ۾ ايڌي سينٽر تمام گهڻي حد تائين سماجي ڪمن ۾ مصروف رهيا آهن هن وقت تقريبا ۶۰۰ کان مٿي ايمبولينس گاڏيون سڄي ملڪ جي سينٽرن تي موجود آهن ان کان علاوه هوائي سروس پڻ حاصل اٿن جيڪا ڪنهن به وقت حادثي ۾ ترت طبي سهولتن سان گڏ تيار رهي ٿي تنهن کان سواءِ ڪيترن ئي شهرن منجھ ڪلينڪون، ميٽرنٽي هوم، پاڳل خانا، پناهگاهون، ۽ اسڪول پڻ کوليا ويا آهن ايڌي فائونڊيشن هر مشڪل گهڙي ۾ سڄي دنيا ۾ مدد فرامي ڪندو رهي ٿو، هي انسان ذات جو هڏڏوکي عبدالستار ايڌي پاڻ خود وڃي امدادي سرگرمين ۾ حصو وٺندو هو. ايڌي فائونڊيشن پاڪستان کان علاوه دنيا جي مختلف ملڪن بوسنيا، افغانستان، عراق، چيچنيا، سوڊان، ايٿوپيا ۽ قدرتي آفت سٽيل ٻيٽن سماترا ۽ انڊومان ۾ به ڪم ڪندي رهي آهي. ۱۶آگسٽ ۲۰۰۶ع ۾ عبدالستار ايڌي جي گهرواري ميڊم بلقيس ايڌي ۽ ڪبري ايڌي انٽرنيشنل ايمبولينس فائونڊيشن پڻ قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، جنهن تحت ايران، آمريڪا، شام، اسرائيل، ڀارت، بنگلاديش، برطانيه، سميت امير توڙي غريب ملڪ ۾ ايڌي جي ايمبولينس عطئي طور ڏني وئي. سال ۱۹۹۷ع جي عالمي رڪارڊ (گنيز بڪ آف دي ورلڊ رڪارڊ) موجب ايڌي فائونڊيشن جي ايمبولينس سروس کي دنيا جي وڏي مان وڏي سروس قرار ڏنو ويو انکان علاوه بنا ڪنهن موڪل جي ايڌي کي ڪم ڪرڻ جي مڃتا پڻ مليل آهي، عبدالستارايڌي سياست پڻ ڪئي سال ۱۹۶۴ ڌاري هن صدر ايوب خان خلاف محترمه فاطمه جناح جو ساٿ ڏنو، بعد ۾ ٿورو عرصو خاموش ٿي ويٺو مڱر ۱۹۷۰ع ۾ هن ٻيهر سياست ۾ حصو ورتو مڱر قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ٻنهي سيٽن تي شڪست ملي، عبدالستار ايڌي ۱۹۶۵ع ۾ ايڌي ڊسپينسري ۾ نرس طور ڪم ڪندڙ بلقيس کي شادي ڪرڻ جي آڇ ڏني جيڪا بلقيس اهيا آڇ قبول ڪري سال ۱۹۶۶ع اپريل جي ۱۹ تاريخ تي عبدالستار ايڌي ۽ بلقيس ايڌي شادي جي ٻڌڻ ۾ ٻڌجي ويا. عبدالستار ايڌي کي مڃتا طور ڏيھ پرڏيھ ۾ ڪيترا ئي ايوارڊ ۽ اعزاز سان نوازيو ويو حڪومت پاڪستان هن انسانيت جي هڏڏوکي خدمتگار شخص لاءِ امن جي نوبل انعام لاءِ به نامزد ڪيو هو، ايڌي کي سال ۱۹۸۸ع ۾ لينن ايوارڊ پڻ مليو تنهن کان سواءِ اٽلي، آمريڪا، ڪوريا، ڀارت، يو_اي_آي ۽ ٻين ملڪن ۾ پڻ ايوارڊ ڏنا ويا هئا. سنڌ حڪومت سال ۱۹۸۹ع ۾ پڻ عبدالستار ايڌي کي ننڍي کنڊ جي عظيم سماج سڌارڪ ايوارڊ ڏنو ايڌي پرڏيھ ۾ سماجي ڪمن ڪرڻ تي گرفتاريون ۽ غير قانوني حراست کي پڻ منهن ڏنو، انسان ذات جو وڏو خمتدگار، امن جو علمبردار انتهائي سادي شخصيت جو مالڪ هو ڪڏهن به غرور نه ڪيائين ٻن وڳن کان وڌيڪ ڪپڙا نه رکندو هو، هو سدائين سادي زندگي گذارڻ جو قائل هو. هي عظيم انسان ايڌي ڪلينڪ مٿان ٺهيل ٻن ڪمرن جي گهر ۾ سڄي زندگي گذاري ڪڏهن به عيش عشرت جي حوس نه لڳس هميشه عيد جي ڏينهن بي سهارن سان گڏ عيد گذاريندو هو، انسانيت جي هي خدمتگار عبدالستار ايڌي گذريل ڏهن سالن کان گڙدن جي تڪليف ۾ مبتلا ٿي ويو هو، سال ۲۰۱۳ع کان ايس، آءِ، يو، ٽي منجهان ڊائيلاسز ڪرائيندو رهيو مگر صحت ساٿ ڇڏي ڏنو، يتيمن جو يار انسان ذات جو سچو خدمدگار عبدالستار ايڌي ۸۸ سال ۶ مهينا ۷ ڏينهن زندگي جا پل گذاري هزارين يتيمن ۽ هزارين بي سهارا انسان ۽ سڄي دنيا کان ۸ جولاءِ ۲۰۱۶ جمعي جي ڀلاري ڏينهن موڪلائي هميشه هميشه لاءِ راھ رباني ٿي ويو گهر واري سميت چئن ٻارن فيصل ايڌي، ڪبري ايڌي، زينت ايڌي، ۽ الماس ايڌي سميت ڪروڙين ماڻهن سوڳوار ڇڏي ويو. سندس سرڪاري اعزاز سان نيشنل اسٽيڊيم ۾ نمازي جنازه ادا ڪرڻ بعد وصيت موجب ايڌي وليج ڪراچي ۾ مٽي ماءَ حوالي ڪيو ويو، ياد رهي ته هن عظيم انسان ۲۵ سال اڳ پنهنجي قبر پاڻ تيار ڪرائي هئي ۽ وصيت پڻ ڪئي هئي ته مون کي پهريل ڪپڙن ۾ دفنايو وڃي. هي عظيم انسان ته هاڻ اسان وٽ ناهي رهيو مڱر سندس ڪيل خدمتون هميشه هميشه لاءِ ياد رهنديون. اڄ ۸ جولاءِ ۲۰۱۷ تي سندس پهرين ورسي ملهائي ويندي. عبدالستار ايڌي صاحب ملڪ جو ٽرينڊ سيٽر خادم رياض احمد آگرو برطانيا جو برصغير ڇڏڻ کانپوءِ ٻه ملڪ وجود ۾ آيا، هڪ هندستان ۽ ٻيو پاڪستان، ٻنهي ملڪن آزاديءَ کانپوءِ الڳ الڳ ترجيحات مقرر ڪيون، ان وقت سوشلسٽ نظريو دنيا کي متاثر ڪري رهيو هو، هندستان جي جنگِ آزادي وڙهندڙ پارٽي ڪانگريس جا ڪيترائي اڳواڻ سوشلسٽ ۽ سيڪيولر خيالن جا هئا، جن ۾ ان جو پهريون وزيراعظم جواهر لعل نهرو پڻ شامل آهي، سندس ڌيءُ ڏانهن جيل مان لکيل خط (جن ۾ هن تاريخ تي تجزيو ڪيو آهي) ڪتابي صورت ۾ ڇپيل آهن، هڪ خط چنگيز خان متعلق لکي ٿو ته ”مان شايد ضرورت کان وڌيڪ تفصيل سان چنگيز خان جو احوال لکي ڇڏيو، پر مان ڇا ڪريان، ان شخص لاءِ مون کي ڪشش آهي، ڇا اها تعجب جي ڳالهه نه آهي ته هڪ خانه بدوش قوم جي جاگيرداري نظام جو هڪ خونخوار ۽ ظالم جنگجو سردار مون جهڙي هڪ مسڪين شخص کي وڻي، جيڪو امن، آتشي ۽ عدم تشدد جو حامي آهي، جيڪو شهر جو رهندڙ آهي ۽ جنهن کي جاگيرداريءَ لاءِ سخت نفرت آهي.“ هن فقري مان نهروءَ جو لاڙو معلوم ٿي سگهي ٿو، هندستان ۾ آزاديءَ کانپوءِ جاگيرداريءَ جو خاتمو ڪري خانگي زمين رکڻ جي حد سترهن ايڪڙ مقرر ڪئي ويئي، بچيل زمين بي زمين هارين ۾ ورهائي ويئي، جنهن سان معاشي انصاف کي هٿي ملي. پر اسان وٽ قصو ان جي ابتڙ رهيو، ملڪ جي بانيءَ جو بدقسمتيءَ سان حياتيءَ ساٿ نه ڏنو، جو هو پنهنجي (Vision) مطابق نئين ملڪ جي راهن جو تعين ڪري. سندس جانشين ان بصيرت کان عاري هئا، جنهن تحت هن ملڪ حاصل ڪيو هو، اهڙو اظهار هن پنهنجي زندگيءَ ۾ به ڪيو هو ته ”منهنجي کيسي ۾ سڀ کوٽا سڪا آهن“. هُنن جيڪو رستو اختيار ڪيو، اهو ملڪ کي منزل کان پري ڪندو ويو . سنڌ ۾ وري بي زمين هارين ۽ غريب ماڻهن کي هندن طرفان ڇڏيل زمينن مان ڪجهه کي نه مليو، نه صرف اها زمين پر جيڪا مسلمانن جي هندن وٽ گروي رکيل هئي سا پڻ هندستان کان آيل مهاجرن کي ڪليمن ۾ ڏني ويئي، ويجهڙائي ۾ ڪراچيءَ يونيورسٽيءَ جي پاڪستان اسٽڊي ڊپارٽمينٽ (Political Dynamics of Sindh) نالي سان هڪ ڪتاب شايع ڪرايو آهي، جنهن ۾ ان وقت ڪليمن ۾ ڏنل زرعي زمينن جا سمورا تفصيل ڏنل آهن، جن جو تعداد ۲۵ لک ايڪڙ جي لڳ ڀڳ آهي. ڪجهه ئي وقت اندر محسوس ٿيڻ لڳو ته هي ملڪ جاگيردارن، ملڪن، ٽوانن، سردارن، نوابن ۽ خان بهادرن لاءِ ٺهيو آهي، هتي غريبن کي ڪي گهڻا موقعا ميسر ڪونه هوندا. گذريل لڳ ڀڳ ستر سالن جي تاريخ ته ان ڳالهه جي شاهد آهي. مٿئين پس منظر ۾ ڏٺو وڃي ته ملڪ جي غريب ۽ لاچار ماڻهن، جن جو تعداد ڪروڙن ۾ آهي، انهن لاءِ ڪنهن فلاحي ڪم ڪرڻ جي ڪيتري نه ضرورت هوندي ۽ انهيءَ پس منظر ۾ ئي عبدالستار ايڌي کي سمجهڻ گهرجي. عبدالستار ايڌي خدمت ۽ سادگيءَ ۾ مهاتما گانڌي، علامه عنايت الله مشرقي، باچا خان واري سلسلي جي ڪڙي آهي، باچا خان لاءِ مشهور آهي ته هن ڪنهن چندي مهم دوران بوٽ پالش ڪيا هئا. ايڌي صاحب دمت جي ڪمن ۾ گانڌيءَ سان مشابهت رکي ٿو. هتي الميو اهو آهي ته گفتار جا غازي عام جام ملندا، جيڪي زباني حد تائين محدود هوندا، پر ايڌيءَ ۱۹۵۰ع ۾ ڊسپينسريءَ جي سطح کان ڪراچيءَ ۾ خدمت جي ڪم جو آغاز ڪيو. شروعات ۾ کيس گهڻا وسيلا نه هئا، پر هن ننڍي سطح کان عملي ڪم ڪيو، قدرت سندس مدد ڪندي ويئي، ماڻهن کي جڏهن هن جي سچائي نظر آئي ته انهن سندس دل کولي مدد ڪئي، ائين سندس فلاح جو دائرو وڌندو ويو. ۱۹۶۵ع تائين هن ايمبولنس سروس پڻ شروع ڪئي، جنهن ۾ جنگ جا زخمي پڻ کنيا ويا. عجيب ڳالهه آهي ته جنهن خطي سان سندس تعلق آهي يعني هندستان جو علائقو گجرات، ان سڄي برصغير وڏا وڏا عملي ماڻهو پيدا ڪيا، جن جي موجوده دور جي تاريخ تي ڇاپ آهي، مثال طور مهاتما گاندي، محمد علي جناح (قائداعظم جي پيدائش ته سنڌ ۾ ٿي پر سندس والد جو تعلق به گجرات سان هو) ۽ ايڌي صاحب به ۱۹۲۸ع ۾ گجرات ۾ پيدا ٿيو هو. ايڌي صاحب جي لاءِ چيو وڃي ٿو ته سندس نالي سان مولانا جو نالو ڳنڍڻ صحيح نه آهي، البته هو سوشلسٽ فلسفي کان متاثر هو، اها ڳالهه ڪيتري حد تائين صحيح آهي سو چئي نه ٿو سگجي پر هو پڪو صوفي ضرور هو. هن صرف ٻن درجن تائين تعليم حاصل ڪئي. عشق جي شادي به ڪئي ۽ ان لاءِ تلقين ڪندو هو ته پيار جي شادي ڪريو، ڇوته اها ڏاج جي لعنت کان پاڪ آهي، چون ٿا ته هن کي سماجي ڪمن جو جذبو پنهنجي فالج زده ماءُ جي خدمت دوران آيو، جڏهن ان جي وفات ٿي ته ان وقت هن جي عمر اڻويهه سال هئي. حبيب جالب جي هڪ گيت ”چهري نهين سماج ڪو بدلو، لٽيرون ڪي راج ڪو بدلو“ گيت پڻ کيس متاثر ڪيو. هن گيت سندس اندر ويٺل خادم کي اهڙو جاڳايو جو هو وري نه سُتو، اڄڪلهه پنجاب جو وزيراعلى به پاڻ کي خادم اعلى سڏائي ٿو، هن کي مخدوم اعلى چئي سگهجي ٿو. ايڌيءَ سان ڪو به غريب يا ضرورتمند ڪنهن نا انصافيءَ يا ڪم ڪار لاءِ چوندو هو ته هو کيس تلقين ڪندو هو ته ”حاجي صاحب نجام بدلو“ جب تڪ ”نجام“ تبديل نهين هوتا، غريب ڪي حڪومت قائم نهين هوگي، مسائل حل نهين هونگي.“ پر ايڌي صاحب کي شايد اندازو نه هو ته هن سرزمين ۾ اهي جزا ئي گهٽ آهن جيڪي نظام کي بدلائن، هتان جو حڪمران طبقو جنهن جو تعلق ڪنهن سان به هجي ڪم ساڳيا هوندا. حڪومتي وسيلا پنهنجي ذاتي استعمال ۾ آڻڻ، جمهوريت هجي يا ٻي ڪا حڪومت. اشرافيا جو ساڳيو ٽولو هر دفعي ويس مٽائي اچي ٿو. ايڌيءَ سان ويجهڙائيءَ سان ڪم ڪندڙ سندس ساٿين جو چوڻ آهي ته هو جڏهن ڪم ڪندو هو ته ڪنهن روبوٽ وانگر لڳندو هو، پوءِ اهو ڪم پنهنجي ڪنهن سينٽر جي سرد خانن ۾ رکيل لاشن کي نالن جي بجاءِ نمبرن سان چوڻ، مردن توڙي نون ڄاول ٻارن کي غسل ڏيڻ، غريبن کي کاڌو کارائڻ هي سڀ ڪم هو غير جذباتي انداز ۾ ڪندو هو، پر جڏهن کيس ڪير ويجهڙائيءَ کان ڏسندو هو ته هو صوفي ۽ معصوم ٻار واري طبيعت رکڻ وارو زنده دل انسان هو. سندس ضرورتون محدود هونديون هيون، سادگيءَ سان زندگي گذاريندو هو، ٻن وڳن تائين ڪپڙا رکيا. هن مليل چندي کي ڪڏهن به پنهنجي ذات تي استعمال نه ڪيو. هو سنڌي به ڳالهائيندو هو ۽ سنڌ جي هر شهر ۾ ايڌي مرڪز کوليا، يتيم ٻارڙن لاءِ ايڌي گهرکوليا، انهن گهرن ۾ رهندڙ ٻارڙا کيس نانا سڏيندا هئا. هن نه صرف پاڪستان ۾ فلاحي ڪم ڪيا، پر جڏهن هيٽيءَ ۾ سيلاب ۽ آمريڪا ۾ قطرينا طوفان آيو ته هن اتي وڃي به ڦاٿل ۽ ضرورت مند ماڻهن جي مدد ڪئي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته اهڙن موقعن تي آمريڪا اچڻ دوران ايئر پورٽ تي سندس حليي جي ڪري تفصيلي جاچ پڙتال ڪرائي يا پاسپورٽ رکي ڇڏيندا هئا، پر اهڙيون ننڍڙيون رڪاوٽون ايڌيءَ کي ڪٿي ٿيون روڪين. پاڪستان ۾ ڪهڙيون به حالتون رهيون، ايڌي سروس ۽ ايمبولنس هر صورت ۾ پنهنجو ڪم جاري رکيو. پاڪستان ۾ ڪو به ڪم ڪرڻ توڙي جو اهو فلاحي يا خير جو ئي ڇو نه هجي، اهو ڪرڻ سولو نه آهي، ڇوته هي ملڪ ٻهروپين سان ڀريل آهي، سڀني سياسي جماعتن (قومي يا نسلي) جا سربراهه، پاڻ کي سڀ کان وڏو غريب ۽ انسان دوست چورائڻ ۽ زباني حد تائين ان جي پرچار ڪندا رهندا آهن. حالانڪه سندن ذاتي دولت جا راز سئٽزرلينڊ، لنڊن ۽ دبئي ۾ کلي رهيا آهن. ايڌيءَ جي جڏهن مقبوليت وڌي ۽ سندس ڪم نمايان نظر اچڻ لڳو ته ڪراچيءَ جي هڪ جماعت به اهڙو ادارو ٺاهيو، جيڪو به فلاحي ڪم ڪرڻ جو ڏيک ڏيندو يا ٿورا گهڻا ڪندو آهي، سندن نظر سنڌ جي شهرن خاص طور ڪراچيءَ مان فطرو، زڪوات ۽ عيد الاضحى لاءِ قربانيءَ جي جانورن جي کلن تي هئي جا رقم پڻ ڀتي وانگر اوڳاڙي ٿيڻ لڳي. سندن خواهش ۽ ڪوشش رهي ته شهر ۾ ڪو به ٻيو ادارو اهو ڪم نه ڪري، ان ڪري عبدالستار ايڌيءَ کي پڻ شديد مخالفت کي منهن ڏيڻو پيو، ميرپورخاص ۾ سندس هڪ ساٿي جي يرغمال ٿيڻ کانپوءِ اعلان ڪيو ته هو پاڪستان ۾ پنهنجو سمورو فلاحي ڪم بند ڪري انڊيا ۾ شروع ڪري رهيو آهي، پر سنڌ جي ان وقت جي وزيراعلى ڄام صادق علي هن وٽ هلي ويو ۽ منٿ ڪئي ته هو وطن نه ڇڏي. ٻيو دفعو ۹۶-۱۹۹۵ع ۾ محترمه بينظير ڀٽو جي حڪومت هٽائڻ کانپوءِ به کيس دٻاءُ وڌو ويو ته هو ان سيٽ اپ جي حمايت ڪري پر هو لنڊن هليو ويو، جتي پريس ڪانفرنس پڻ ڪئي، پر هر مخالفت هوندي هن پنهنجو مشن نه صرف جاري رکيو، پر ان جو دائرو وڌائيندو ويو. ايڌيءَ جي ايمبولنس ۽ ايئر ايمبولنس سروس اميرن توڙي غريبن جا لاش بنا فرق سندس اباڻن علائقن تائين پهچايا، پوءِ اهو ڄام صادق جو هجي يا مرتضى ڀٽو جو يا وري ڪنهن عام ماڻهوءَ جو. موجوده دور ۾ نوان خيال ۽ لاڙا مغرب کان ايندا رهن ٿا، باقي دنيا انهن جي تقليد ڪري ٿي، مثال طور تي بل گيٽ مائڪرو سافٽ ٽيڪنالاجيءَ جو بنياد رکيو، ان سان مواصلات جو جديد نظام ممڪن ٿي سگهيو، مارڪ زوڪر برگ، پنهنجي يونيورسٽيءَ ۾ دوستن جو نيٽ ورڪ قائم ڪرڻ لاءِ فيس بُڪ ٺاهيو، جيڪو اڳتي هلي سوشل ميڊيا جو اهم ٿنڀو ثابت ٿيو. اهڙي طرح پاڪستان ۾ سماجي ڪم جو (Trend Setter) ايڌي صاحب آهي. ان جي تقليد ۾ به ٻيا ڪيترائي ادارا ٺهيا، پر ايڌيءَ جي ايمبولنس ۾ هندوءَ جو لاش ته عيسائيءَ جو لاش يا مريض بنا ڪنهن تفريق جي کنيو ويندو هو. سندس ايجنڊا صرف انسانيت هئي، هن پنهنجي ذات جي نفي ڪري انسان دوستيءَ جي ڪم کي ترجيح ڏني. آخر ۾ ملندڙ دولت جي انبارن هوندي سادي زندگي گذاري. کيس سڀ کان وڏو خراج عقيدت اهو ٿي سگهي ٿو ته سندس مشن ائين ئي هلي جيئن هن پنهنجي زندگيءَ ۾ هلايو. هيڻن جو ايڌي ڪلال اڳئين هفتي مولانا عبدالستار ايڌي وفات ڪري ويو، اهو جيڪو پاڻ کي ڪڏهن مولانا ڪو نه سڏائيندو هو. (هونئن به اسلامي تاريخ يا مسلمانن جي تاريخ ۾ علمائي حق ۽ علمائي سُو جو تصور صدين کان هلندو پيو اچي ۽ اڄڪلهه جي سالن ۾ ملڪ جي حالت ڏسي، جيڪو سدائين ويلي وقت آهر مقتل گاهه پيو بڻايو ويندو آهي ۽ ايڌي صاحب کي سوچي اهو تصور ويتر چٽو بڻجي اڳيان اچيو وڃي.) اسان ڏٺو، دنيا ڏٺو ته مرحوم کي پروٽوڪول يا سرڪاري اعزاز سان غسل ڏياريو ويو، ڪفنايو ويو ته دفنايو به ويو. سندس جنازي جي نماز پڻ سرڪاري سطح تي پڙهائي وئي. سندس جنازي جي ايڏي وڏي پروٽوڪول کي وري اسان جي ”قومي“ ميڊيا ويتر وڌيڪ سرڪاري بڻائي ڇڏيو، جنهن اسان جهڙن اٻوجهن ۽ حساب ڪتاب جي ڪچن کي اهو ياد ڏياريو ته ملڪ جي باني قائداعظم جي جنازي جهڙو ئي پروٽوڪول مرحوم ايڌيءَ کي به ڏنو. جيتوڻيڪ قائداعظم کي سندس زندگيءَ جي آخري گهڙين ۾ سرڪار سڳوري مڪمل طور تي پروٽوڪول کان بي نياز/ آجو ڪري ڇڏيو هو. مرحوم عبدالستار ايڌيءَ جي جنازي کي مليل اعزاز کي ڏسي اها چوڻي ياد اچيو وڃي، جيڪا اسان سڀني جي ٻڌل هوندي ته، ”ڪاميابيءَ جا سَوَ پيءَ هوندا آهن يا پيدا ٿي پوندا آهن.“ انهيءَ کي هاڃو چئجي، ٻچاپڙائي چئجي، شهرت جي بک چئجي يا هر چڱي ڳالهه تي دعويٰ ڌرڻ ۽ هر فائديمند منظرنامي کي پاڻ ڏانهن منسوب ڪرڻ جي ڏاڍ مڙسي چئجي جو اهو شخص جيڪو سڄي ڄمار اڻ هوند وارن، نڌڻڪن، بي واهين ۽ لٿڙيل ۽ لتاڙيل ماڻهن جو هڏ ڏوکي ۽ انهن جو پنهنجو ٿي رهيو، جن لاءِ هو سڄي عمر جيئندو رهيو، انهن سڀني کي حفاظت، سلامتي، اعزاز جو ڀوت بڇائي اوڏو اچڻ ئي ڪونه ڏنو ويو. (ميڊيا ۾ ته اهو به آيو آهي ته پهرين ته سندس پٽ فيصل ايڌي کي به پيءُ جي ميت کان ڇڊو ڪري بيهاريو ويو هو.) سو منهنجا سائين پاڻ جهڙن کي ته اعتراض ڪرڻ، پيشاني گهنجائڻ جو نه ڪو حق آهي نه ئي پاڻ ۾ دم پر لقاءَ اهو ڏسڻ ۾ آيو ته جنهن ۾ جيترو زور آهي، سگهه آهي اهو ئي هن ملڪ ۾ هر چڱائيءَ جو دعويدار هجڻ جو حقدار آهي. هونئن به هن ملڪ جي ميڊيا جا پنجاهه کن چئنل ۽ سون هزارن جي انگ ۾ شايع ٿيندڙ اخبارن جن ڌرين جي ثنا خواني ۾ چوويهه ئي ڪلاڪ ربط النسان هجن ته پاڻ کي ڇو ته ساڙ وٺي! ۽ انهن به ٻڌائي ڇڏيو بلڪه بار بار ٻڌائيندا ۽ ٻڌرائيندا رهندا آيا آهن ته سڀ گڻ اسان ۾ آهن، عقل کان وٺي بهادري تائين، حب الوطني کان وٺي سکي زندگي جيئڻ جو حق رکڻ واري ڳالهه فقط اسان ۾ آ، اسان جي آ، ائين عبدالستار ايڌي به اسان جو آ! مڙئي ڳالهه مان ڳالهه نڪرندي پئي اچي. ايڌي صاحب جي آخري ڏينهن ۾ پاڻ ڏٺو ته اهو ڪهڙو هو جنهن جو هن ملڪ ۾ ڳڻپ ۾ اچڻ جوڳو نالو هجي يا جيڪو پاڻ پنهنجو نالو ڳڻائڻ لاءِ اتاولو رهندو هجي سو کانئس طبيعت پڇڻ جو بهانو ڪري ساڻس فوٽو سيشن واري موقعي جو فائدو نه ورتو هجي!؟ اهي به ويا جن سدائين وڏي عيد تي کانئس اضحيٰ جون کلون ڦريون هونديون. اهي به ويا جيڪي سڄي ڄمار سندس سادي رهڻي ڪهڻي ۽ کاڌي پيتي ۽ ڏيک ويک کان بي نياز طبيعت تي ٺٺوليون ڪيون هونديون! اهي به پهتا جيڪي هن ملڪ جي عام زندگيءَ کان واقف ئي ڪو نه آهن، جن کي ٻڌڻ ۾ فقط اهو آيو هوندو ته ”ايڌي صاحب ڪو چڱو ماڻهو آهي. چڱائي جا ڪم پيو ڪري، اربها روپين مان پائي ميري ڪونه ڪري. اهو شخص جيڪو وڏي واڪي چوندو هو ته ڪير نيڪ نيتي سان کانئس پائي پائي جو ليکو چوکو پڇي سگهي ٿو. اهي به سندس طبيعت پڇڻ ويا جن هٿن ۾ اربين کربين آيا هوندا، پر جن اڄ ڏينهن تائين ڪڏهن ڪنهن کي ليکي چوکي جو ٻڌايو نه ئي ڪنهن کي ان جو حقدار سمجهيو، جيڪي هر مروج پرک جي اصولن کان مبرا آهن. ها البت انهن مان ڪو به کيس پڇڻ ڪونه ويو، جن کي اها ڳالهه ڪندي گگهي پئجي ويندي آهي ته حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم ان بيمار پوڙهيءَ کي به پڇڻ لاءِ ويا هئا جيڪا روز مٿائن ٻُهر اڇلائيندي هئي ۽ ان جي پيروي جي دعويٰ ڪندي ڪندي نه سندن ڳياڙي ٿي ٿڪجي نه ته سندن ڄڀ ٿي تارونءَ سان لڳي! بهرحال هن ملڪ ۾ ائين هلندو آيو آهي ۽ ائين ئي پيو هلندو! سو مون چوڻ پئي چاهيو ته ڪيئن نه مختلف ماڻهن کي عبدالستار ايڌي جهان ڇڏي اسان جي آڏو آندو ۽ سندن پت وائکي ڪئي آهي. هن ملڪ ۾ سماجي خدمت جي ڏس ۾ هڪ ٻئي وڏي جو ذڪر بي عمل نه ٿيندو، اهو هو مرحوم اختر حميد خان، جنهن ”اورنگي پائلٽ پروجيڪٽ“ شروع ڪيو هو. اڄڪلهه جڏهن NGO’s وارن تي اهي الزام لڳندا پيا اچن ته اهي يا سندن منصوبا مالي بدديانتي جو شڪار ٿا بڻجن ۽ مختلف ڊونرز کان ملندڙ ڪروڙين روپين جي رقمن ۾ گهوٻيون ٿا هڻن تڏهن سندس چوڻ ۾ اچي ٿو ته ڊونرز نوٽن جا ٻورا ڀري سندس پويان پيا هلندا هئا پر ان ڪڏهن اهڙي مدد قبول ڪا نه ڪئي. اها ئي ساڳي طبيعت ايڌي صاحب جي پڻ سڄي ڄمار رهي. ان پڻ ڪڏهن ڪنهن کان بيجا مدد ڪا نه گهري بلڪه بارها ”وڏن“ جي آڇيل مدد توڙي رقم کي رد ڪيو هوندو. هن ڪڏهن به ڪنهن سماجي يا سياسي طور تي بدعنوان شخص جو روپيو قبولي سندس ”آخرت سنوارڻ“ واري ”نيڪ عمل“ ۾ ٻانهن ٻيلي بنجڻ وارو ڪڌو ڪم ڪو نه ڪيو. هو سڄي عمر دکي انسانيت جو هڏ ڏوکي ٿي رهيو ۽ بي واهين ۽ سماج جي هيٺئين طبقي مان ملڻ واري سهائتا کي اوليت ڏيندو هو. اها ڳالهه عام طور تي ٻڌائي ٿي وڃي ته هو سوشلسٽ خيالن جو هو. اها ڳالهه اسان ان شخص کان ٻڌي جيڪو ساڻس انهن ڏينهن افغانستان جي سفر تي گڏ ويل هو. جڏهن ان اڀاڳي ڌرتيءَ تي آمريڪا جا بمبار ”ڪارپيٽ بمباري“ ڪندا هئا ۽ ايڌي صاحب اتي ان ئي پنهنجي ڪم جي سرانجامي لاءِ ويل هو، يعني ته ڦٽيلن جي مرهم پٽي ۽ دوا دارون ڪرڻ ۽ قتل ٿيلن کي ڌرتيءَ حوالي ڪرڻ. هاڻي ته ان ڳالهه جي تصديق سندس فرزند به ڪري ٿو. جيئن مون شروعات ۾ لکيو آهي ته ”ڪاميابيءَ جا سئو پيءُ هوندا آهن.“ ائين ڪنهن يار ته اهو به لکيو ته ”مرحوم کيس اهو به ٻڌايو ته پاڻ اسٽالن کان به متاثر هو. آءٌ ان دوست جي سچائيءَ تي شڪ ڪو نه ٿو آڻيان پر ان ڳالهه ۾ حيرت جو پهلو اهو آهي ته عبدالستار ايڌي سادگي جو آدرش نما پتلو ۽ نهٺائيءَ جو نمونو هو ۽ اسٽالن ته وڏي جاهه و جلال سان جيئرو رهيو ۽ هيبت جو اهڃاڻ هو! مولانا ايڌيءَ جي جهان ڇڏڻ کانپوءِ سندس باري ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون ظاهر ٿيڻ لڳيون آهن. اهو به ظاهر ٿيو آهي ته ملڪ ۾ جيڪي بنهه ڏاڍا آهن، هر هڪ کان، قانون کان، انصاف، انهن به کانئس فرمائشون ڪيون! تڏهن اهو سوچي ساهه لُڪيءَ ۾ اچي ٿو وڃي ته هن ملڪ ۾ سماجي ۽ خير جو ڪم ڪرڻ لاءِ به طاقتورن جي آنڪي ڀريو! نه ته هتي الزام هڻڻ هونئن ئي ڏاڍو سولو آهي، خاص ڪري بي واهين تي ۽ خاص ڪري سگهن پاران. ڪيڏو ته جيئڻ ڏکيو آهي! ڪوهيارو ڪيچ ويو شوڪت لوهار "Every man’s life ends in the same way, It’s only the details of how he lived, And how he died that distinguishes, One man from another." (Ernest hemming way) ”هر ماڻهوءَ جي حياتي هِڪ جهڙي طرح پوري ٿئي ٿي، اِهي جيون جا تفصيل ۽ تجربا آهن، جيڪي ٻڌائين ٿا ته هُن ڪهڙي ريت زندگي گذاري، صِرف اِهي گهاريل گهڙيون ئي هڪ ماڻهو جي زندگاني کي ٻئي کان ممتاز ڪن ٿيون.“ مٿين ڳالهه جڳ مشهور آمريڪي ليکڪ ارنيسٽ هيمنگوي جي آهي، جنهن جيون بابت ڪيڏو نه خوبصورت نقشو پيش ڪيو آهي جو ماڻهو ماڻهو کان ڪيئن مختلف ٿئي ٿو. هر ساهه واري شيءِ جو اختمام اچڻو آهي. اِهي زندگي جون گهاريل گهڙيون آهن، جيڪي هِڪ ماڻهو جي زندگي کي ٻئي جي زندگي کان جدا ڪن ٿيون. اِنسان جي زندگي جي شروعات به روئڻ کان ۽ اختتام به روئڻ کان، وچ وارو عرصو، ڀڄ ڊُڪ، ڇڪ ڇڪان، وٺ وٺان وارو، نيٺ خبر اها پوندي جو موت جو پروانو اچي پهچندو. زندگي جا ڪئين رنگ روپ آهن، زندگي ڪنهن ڏور سحرا ۾ گهاريل ڪنهن پل جو نانءُ به ٿي سگهي ٿي. زندگي ڪنهن اڇوت کان زندگي ۾ پهريون ڀيرو گهريل پاڻي جو گلاس به ٿي سگهي ٿي، زندگي بندوق جي نالي ۾ ٺاهيل پکي جو نال به ٿي سگهي ٿي. زندگي ڪنهن ٻهروپئي جي ڪردار ۾ تحليل اهو وجود به ٿي سگهي ٿي، جنهن جون انيڪ معنائون آهن، زندگي ڪنهن ڳاڙهي ڳل تي باک ڦٽڻ به آهي، زندگي جا ڪئين روپ ٿين ٿا، اصل مسئلو ان کي اهڙي نموني گذارڻ آهي جو ماڻهو ان کي ياد رکن. هِن وقت هي انسان هِڪ اهڙي بدترين وحشي دؤر مان گذري رهيو آهي، جتي ان کي جهنگ جي درندن بجاءِ ٻن ٽنگن واري مِرون مثل ماڻهو نالي مخلوق کان ئي خطرو آهي. روزانو ماڻهو پنهنجن لاشن کي پنهنجن ڪلهن تي کڻي پنهنجو پاڻ کي ڳولهي رهيو آهي. انسانيت کي بچائيندڙ ماڻهو آڱرين تي ڳڻڻ جيترا آهن ۽ ان کي نيست و نابود ڪرڻ وارا ڪروڙين ۾ آهن. غالب چواڻي ته: ابن مريم هُوا ڪري ڪوئي، ميري درد ڪي دوا ڪري ڪوئي. درد جي دوا ڪرڻ وارو ڪوبه ڪونهي، هر ماڻهو درد ڏيڻ ته ڄاڻي ٿو، پر درد ونڊڻ لاءِ ڪوبه تيار نه آهي. اسان مان ڪيترا اهڙا ماڻهو آهن، جيڪي سينو تاڻي اِهو چون ته ها آئون آهيان انسانيت جو مسيحا، آئون آهيان جيڪو ماڻهو جي درد کي ميڙي پنهنجي سيني ۾ وجهي سگهان ٿو. شايد ڪو به نه! انسانيت هاڻي يتيم ٿي وئي آهي، هر ساهه ساڻو آهي، موجوده دؤر ۾ ڪنهن يتيم ٻار جي مٿي تي هٿ ڦيري ان کي اجهو ڏيڻ وارو يار هتان ڪوچ ڪري ويو آهي. اِهو ڪوهيارو ڪيچ هليو ويو آهي، جيڪو يتيمن جو يار ۽ انسانيت کي لڄائيندڙ هِن ڪربلا جهڙي مصنوعي مهذب دؤر جو حقيقي مُحسن عبدالستار ايڌي اسان ۾ نه رهيو آهي. هُو گهڻو عرصو بيمار رهڻ جي ڪري پنهنجي هم خيال اديب رضوي جي اسپتال جي انتهائي نگهداشت واري وارڊ ۾ هو ته کيس وينٽيليٽر تي رکيو ويو، جنهن کانپوءِ سندس روح جو پکيئڙو هميشه لاءِ پرواز ڪري ويو. عبدالستار پنهنجي اندر ۾ دربدر انسانن لاءِ ٿر جي گهاٽي ڇانوَ هو، درد مارين لاءِ ملير جي ٿڌڙي هوا هو. هُو اڄ سڄي انسانيت کي سوڳوار ڪري مالڪ حقيقي وٽ وڃي پهتو آهي. عبدالستار ايڌي گهڻي عرصي کان عليل هو، کيس هڪ ٻن روڳن ان کي هيڻو ڪري وڌو هو. هُن جا ٻئي گڙدا فيل ٿي چڪا هئا ۽ ۲۰۱۳ع کان هُو ڊائلاسز تي هلي رهيو هو. هن کي پرڏيهه مان علاج ڪرائڻ جي آڇ پڻ ڪئي وئي هئي، جنهن کي هُن رد ڪري هن ڏيهه ۾ ئي علاج ڪرائڻ تي اسرار ڪيو هو. هي فقير منش انسان جيڪو سدائين پهراڻ ۽ سادي جُتي پيرن ۾ پائي پيو هلندو هو، هُن ڪڏهن به شاهاڻي زندگي کي ويجهو اچڻ ڪونه ڏنو، هن ۹۲ سال ڄمار ماڻي، عبدالستار ايڌي اصل گجرات (هندوستان) سان تعلق رکندڙ هو ۽ ورهاڱي دوران پاڪستان آيو. هڪڙي ننڍڙي گهر کي ڊسپينسري ۽ هڪ گاڏي کي ايمبولينس بڻايائين، سندس اصل انقلاب سندس امڙ جي لاڏاڻي کانپوءِ آيو ۽ هن پنهنجو پاڻ کي انسانيت لاءِ وقف ڪري ڇڏيو. هُو ۽ سندس جيون ساٿياڻي بلقيس ايڌي سدائين سفر ۾ رهيا ۽ انسانيت جي ڏک ۽ درد لاءِ مرهم ثابت ٿيندا رهيا. عبدالستار ايڌي کي ڪئين ڏيهي توڙي پرڏيهي ايوارڊ به مليا ۽ سندس نالو نوبل انعام لاءِ پڻ تجويز ٿيو، پر ايڌي صاحب جو اصل انعام هن واڳون جهڙي وقت ۾ ڏکي انسانيت جي ڪيل اِها خدمت آهي، جيڪا پنهنجو مٽ پاڻ آهي. دنيا جي سڀ کان وڏي ايمبولينس سروس رکندڙ هي انسانيت جو مسيحا اڄ اسان ۾ موجود نه رهيو آهي. هن ملڪ ۾ موجود ايڌي سينٽرن ٻاهران پينگها رکرائي انهن معصوم گلن کي پڻ بچائي ورتو، جيڪي ڪاري رات جي پٺيان جنم وٺندڙ هئا ۽ انهن جي والدين جي خاني ۾ بابا عبدالستار ايڌي ۽ ماءُ جي خاني ۾ بلقيس ايڌي جو نالو درج ڪيو ويو. ايڏي جرئت اسان وٽ ڪٿي آهي؟ اسان وٽ ته اڃا تائين ”ڪانءُ حلال آهي يا حرام، فرشتا مائي آهن يا مرد، هندو ۽ مسلمان هِڪ ٿانءُ ۾ کائي سگهن ٿا يا نه“ جهڙا سوال روزانو ٽي وي شوز ۾ ڪيا وڃن ٿا، اُتي لاشن جي رکوالي ڪرڻ ڪو سولو ڪم آهي ڇا؟ اسان وٽ هونئن ته عوام نالي مخلوق پوري طرح لاوارث آهي، جو ان جو ڌڻي اڃا تائين ڄائو ئي ناهي. بنا مفاد جي ته اسين ڪنهن کي مئسيج به ڪونه ڪندا آهيون، اُتي لاوارث لاشن جي رکوالي ڪرڻ، واقعي ڪمال جو ڪم آهي. عبدالستار ايڌي بغير ڪنهن رنگ، نسل، مذهب، فرقي ۽ لساني فرق جي انسانيت جي مدد ڪئي. هُو جيتري تائين جيئرو هُو، تيتري تائين به ڏکوئيلن لاءِ نم جو وڻ هو ۽ جي هو هي فاني جهان ڇڏي ويو، تڏهن به هن فقير ماڻهو جي سادگي ۽ انسان دوستي کي سلام هجي جو هن پنهنجي تن تي پاتل پهراڻ کي ئي ڪفن طور چونڊيو ۽ پنهنجي سڀني عضون کي عطئي طور پيش ڪيو، جن مان سندس اکيون عطئي ۾ حاصل ڪيون ويون آهن. درد جي آوي ۾ دکندڙ جديد دؤر جي هِن آدم لاءِ هُو هڪ وڏو آسرو هو. اڄ جتي اسان جي حڪمرانن کي نڇ به اڇي ٿي ته هُو لنڊن ۽ آمريڪا علاج لاءِ وڃن ٿا، اُتي علاج جي آفر کي رد ڪرڻ واقعي ايڌي صاحب جو ئي ڪردار ٿي سگهي ٿو. دنيا ۾ انسانيت سان پيار ڪندڙ Philanthropist ماڻهو تمام گهٽ آهن، بلڪ اسين هڙ ئي انسان دشمن Misanthropist آهيون، اُتي هي هِڪ اهڙو ماڻهو هو، جنهن جيڪڏهن ماڻهن کان مدد لاءِ جهول جهلي ته صرف ۽ صرف ڀٽڪندڙ انسانيت کي اجهو ڏيڻ لاءِ. روزانو کوڙ ماڻهو اهڙا آهن، جيڪي درد ته ڏئي ويندا آهن پر ڪوبه دوا ڏيڻ وارو ڪونه آهي. موجوده وقت ۾ جتي اسان جو ملڪ ۽ خاص طور سنڌ جن مسئلن کي منهن ڏئي رهي آهي، اتي اهڙي ماڻهو جو رحلت فرمائڻ يقينن وڏو نقصان آهي. حڪومت کي گهرجي ته سندس نالي پٺيان ڏکوئيلن انسانن کي سنڀالڻ لاءِ ڪو وڏو ادارو جوڙائي. عبدالستار ايڌي صاحب جي زندگي هِڪ اهم دستاويز آهي، جيڪو دربدر انسانن لاءِ ڇپر ۽ ڇانوَ آهي. اسان سڀني کي سندن ڪيل ڪم ۽ گذاريل زندگي جي پيروي ڪرڻ گهرجي. خدمت خلق ڊاڪٽر فهميده حسين ”ايڌي، ايڌي، ايڌي“ چور به پيا چون ته مور به پيا چون، رشوت خور، حرام خور، ڳنڍي ڇوڙ، يتيمن جو مال هڙپ ڪندڙ، زڪوات، خيرات جي نالي ۾ ماڻهن کان رقمون وٺي جاوا ڪندڙ، سڀني کي ايڌيءَ سان اوچتو پيار جاڳي پيو آهي ۽ جنهن خدمت خلق جي ڪري ايڌيءَ سماج ۾ ايڏي عزت ماڻي آهي، انهيءَ جي نالي ۾ سياستدان، مولوي ۽ ڪي اين جي اوز الائي ڪهڙا ڪهڙا ڪاروبار ٿا ڪن جن جي ڪا حد ڪو حساب ڪونهي. خود اسان پنهنجي هنن گناهگار اکين سان اهڙا اهڙا واقعا ڏٺا آهن جو اهڙن ماڻهن جي ڪري چڱن ماڻهن تان به جهڙوڪر اعتبار کڄيو وڃي. اهڙا ڪي واقعا ذهن تي تري آيا آهن جيڪي اوهان سان شيئر ڪريان ٿي. ستر جي ڏهاڪي جي ڳالهه آهي جڏهن سنڌ ۾ زبردست ٻوڏ آئي هئي ۽ مختلف تنطيمن کانسواءِ انفرادي طور به ماڻهن امداد ڪٺي ڪري ٻوڏ جي پاڻيءَ ۾ گهيريل ڳوٺن يا ڪيمپن ۾ بي يارو مددگار مسڪين ڳوٺاڻن جي سهائتا پئي ڪئي. تن ڏينهن ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت هئي جنهن جي طرفان هڪ ”سيلاب فنڊ“ به قائم ڪيو ويو هو. جن ماڻهن انهيءَ ۾ حصو پئي ورتو انهن ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جو هڪ وڏو ٽولو به هو، انهن ۾ ڇوڪرن جي سرواڻي مرحوم يوسف جکراڻيءَ پئي ڪئي ۽ ڇوڪرين جي سرواڻي منهنجي ڀيڻ انيس پئي ڪئي. اهي ٽوليون ٺاهي گهر گهر وڃي ماڻهن کان پئسا، سيڌو سامان، ٻارن لاءِ بسڪيٽ، کير جا دٻا ۽ ٻيو کاڌي پيتي جو سامان، عورتن ۽ مردن جا ڪپڙا، هنڌ بسترا، ٿانوَ ٿپا وغيره گڏ ڪري شام جو اسان جي گاڏي کاتي واري گهر (هاڻي سنڌ ايجوڪيشن ٽرسٽ) جي اڱڻ ۾ اچي رکندا هئا، جتي شام جو وري ٻيون ٽوليون انهن جي پيڪنگ ڪري، پيڪيٽ ٺاهي صبح جو ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ڏيڻ وينديون هيون. اهڙيءَ طرح جيڪي پئسا ملندا هئا انهن جو به حساب ڪري امانت طور مون وٽ رکندا هئا. تڏهن آئون سنڌ يونيورسٽيءَ جي اولد ڪيمپس ۾ ليڪچرار هئس ۽ منهنجا ڪي شاگرد به ان ڪم ۾ شامل هئا. ارادو اهو هو ته انهن پئسن جو سيلاب فنڊ جي نالي ۾ بينڪ ڊرافٽ ٺهرائي ڀٽي صاحب کي پيش ڪجي جنهن جو هڪ جلسو حيدرآباد ۾ ٿيڻو هو. هتي اهو واضح ڪندي هلان ته ان ڪم ۾ قوم پرست شاگرد تنظيم ۽ سپاف جا ڪارڪن توڙي انفرادي حيثيت ۾ شاگرد شاگردياڻيون گڏ هوندا هئا، سڀني جو مقصد هڪڙو ئي هو سنڌ جي ڏکويل ماڻهن جي سهائتا ۽ سچ ته اهو آهي ته ماڻهن به دل کولي چندا ڏنا ۽ ٻيو سامان ڏنو جنهن سان اسان جي گهر جو اڱڻ روز ڀرجي ويندو هو ۽ روز صبح جو اهو ورهائبو هو. هفتي کن ۾ چندي جي رقم به چڱي خاصي جمع ٿي وئي، تڏهن اهو طئي ڪيو ويو ته صبح جو ان جو بينڪ ڊرافٽ ٺهرائجي. ان ميٽنگ دوران هڪ ڇوڪريءَ اوچتو ڦاٽ کاڌو ۽ چيائين؛ ”ڀلا سڀ پئسا ڏئي ڇڏيندئو ڇا؟ اسين جو هيترن ڏينهن کان خوار ٿيا آهيون، اسان جو به ته حصو ڪڍو.“ اسان جا ته واڄٽ وڄي ويا، وائڙن وانگر هڪ ٻئي کي ڏسڻ لڳاسين. وري چوڻ لڳي ”مهيني کن ۾ منهنجي شادي آهي وڌيڪ نه ته به هڪڙي منڊيءَ جيترا ته پئسا ڏيو، ايترو ته حق آهي منهنجو.“ سندس مطالبي مڃڻ کان انڪار تي صفا مڇرجي پئي ۽ گار گند ڪرڻ لڳي، گهر اسان جو هو جنهن ۾ هوءَ مهمان هئي، اسان کيس سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي پر هوءَ تيز کان تيز ٿيندي وئي ۽ ڌمڪيون ڏيڻ لڳي. نيٺ مرحوم يوسف جکراڻيءَ دڙڪو ڏنس ته ”مائي ماٺ ڪر ۽ نڪر هتان نه ته...“ مس مس هن مان جان ڇٽي، پوءِ اهي پئسا بينڪ ڊرافٽ جي صورت ۾ انيس مرحوم ڀٽي صاحب کي جلسي دوران اسٽيج تي وڃي ڏنا. ان ڇوڪريءَ جي شادي ٿي ۽ هوءَ ڪراچيءَ ۾ وڃي رهڻ لڳي. ڪجهه وقت کانپوءِ ٽي وي ڊرامن ۾ اداڪاري ڪرڻ لڳي ۽ مشهور ٿيڻ کان پوءِ هاڻي سنڌ جي غريبن جي ”خدمت خلق“ ڪرڻ لاءِ پنهنجي اين جي او کولي اٿس. ڪڏهن ڪڏهن ملندي آهي ته اک کڻي نهاري به ڪا نه سگهندي آهي ۽ اکيون چورائي هلي ويندي آهي. دل ته چوي ٿي ته سندس نالو به لکان پر هن عمل ۾ ڏهٽن پوٽن ۽ سندس مداحن ۾ اجايو خوار ٿيندي سو ڍڪي ڀلي آهي. سمجهڻ وارا هونءَ ئي سمجهي ويندا. بهرحال تازو مرحوم ايڌيءَ بابت سندس تاثرات به ٽي ويءَ تي نشر ٿيا ته ماضيءَ جو سمورو منظر اکين اڳيان اچي ويم. وري هڪ ٻيو واقعو ٻڌايانوَ، چند سال اڳ هڪ خاتون سرڪاري عملدار جي گهر دعوت ۾ وڃڻ ٿيو. مانِيءَ کان پوءِ آئون باٿ روم لاءِ ٻاهر نڪتس ته ڏٺم ته لائونج ۾ هڪ پاسي کير جا دٻا، منرل واٽر جون بوتلون، ڪمبل ۽ ٻيو کاڌي پيتي جو سامان بنڊلن جي صورت ۾ رکيل هو ۽ انهن تي ”سيلاب زدگان“ جو ٺپو لڳل هو، جيڪو ڪنهن غير ملڪي تنظيم طرفان عطيي طور حڪومت جي اداري کي مليل هو. هن کي ڪو اوچتو خيال آيو سو اها منهنجي پٺيان هلي آئي. مون کيس ڏٺو ته پڇيومانس ته ”هي سامان ٻوڏ متاثرن کي ڪو نه پهچائي سگهيا ڇا؟“ ته چوڻ لڳي، اسان کي جيڪو سامان مليو ان مان اڌو اڌ وزير ۽ سيڪريٽريءَ کي گهر پهچائڻو پيو تڏهن مون به سوچيو ته آخر اسان کي به ته پنهنجو رڌڻو هلائڻو آهي، ان مان ٿورو اسان کنيو ته ڪهڙي اربع خطا ٿي پوندي. ان ڪري مون به پنهنجو حصو کنيو ته پنهنجي اسٽاف کي به ڏنم“. ”يا بي حيائي تيرا آسرا“ نڪ جي ڏاڍائي ان کي چئبو آهي. دينا داستي پرائي مال تي ٽوپي نراڙ تي. آئون سمجهندي هئس ته اهڙا ڪڌا ڪم عورتون ڪو نه ڪنديون آهن پر حيرت اها اٿم ته اها عملدار ته عورت هئي پر سندس وزير صاحبه به عورت هئي جيڪا ”خدمت خلق“ جي حوالي سان مشهوريءَ سبب وزير بڻائي وئي هئي. اهي عورتون جيڪي غريبن ۽ مستحقن لاءِ مليل خيرات مان به نه ٽريون، سي پنهنجي اولاد جي ڪهڙي تربيت ڪنديون!! اهو به شڪر آهي جو اڃا سنڌ ۾ نيڪ ۽ دردمند دليون رکندڙ ماڻهن جو ڏڪار ڪو نه پيو آهي ۽ سرنديءَ وارن سان گڏ غريب ماڻهو به ضرورتمندن جي مدد ڪن ٿا، ان جو مثال به مون پنهنجي اکين سان ڏٺو آهي. ۲۰۱۰ع واري مها ٻوڏ جي نتيجي ۾ تمام گهڻا ماڻهو دربدر ٿيا ۽ شهرن ۾ کين ڪيمپن ۾ ترسايو ويو. تڏهن آئون لينگويج اٿارٽيءَ ۾ هئس. ان جي عمارت کان ٿورو پوئتي وحدت ڪالونيءَ جي هڪ اسڪول ۾ لڳايل ڪيمپ ۾ ڪيترا ئي ٻوڏ ستايل ڪٽنب اچي ويٺا هئا. هڪ ڏينهن اوڏانهن ويس ته ڏٺم ته ٽيهارو کن ٻار ڇهن کان ٻارنهن سالن جي عمرين جا، اجايو پئي رُليا ۽ امداد ۾ ايندڙ مانيءَ تي وڙهيا، مون کي هڪڙو خيال آيو ته ڇو نه انهن ٻارن کي هٿيڪو ڪجي ۽ سندن وقت سجايو ڪجي، سو پنهنجي آفيس اچي محترم تاج جويي سان صلاح ڪيم ۽ سنڌي ڪلاسن لاءِ مخصوص هال ۾ انهن ٻارن کي پڙهائڻ جو بندوبست ڪرڻ جو سوچيوسين، جنهن دوران کين منجهند جي ماني به کارائجي ايئن اسان اتي ٻارن کي آڻي گڏ ڪيو. اٿارٽيءَ ۾ جن آفيسرن وٽ گاڏيون هيون انهن ٻارن کي صبح جو کڻڻ ۽ واپس ڇڏڻ جو ذمو کنيو، مون سندن مانيءَ جي بندوبست لاءِ روز هڪڙي ديڳ ڏيڻي ڪئي ۽ چيوسين ته اها ماني پلاسٽڪ جي دٻن ۾ وجهي واپس وڃڻ مهل ٻارن کي ڏجي ته جيئن پويان رهيل ننڍا ٻار به کائي سگهن، پر يقين ڪريو ته چند ڏينهن ۾ جيئن ماڻهن کي خبر پوندي وئي، رضاڪاراڻي طور امداد لاءِ ماڻهو پاڻ ايندا رهيا، ٻن استادن خوشيءَ سان اچي روز ڪلاس ورتا. کين درسي ڪتابن سان گڏ آکاڻين جا ڪتاب پڙهي ٻڌايا ويا يا پڙهڻ لاءِ ڏنا ويا. اٿارٽيءَ جي ملازمن پنهنجي طرفان بسڪيٽن جا پڙا، ٽافيون ۽ چاڪليٽ ۽ ٻيون شيون پئي ٻارن ۾ روز ورهايون. ڪيترن اديبن، منجهند جي مانيءَ لاءِ ديڳيون ڏيڻيون ڪيون، باقي اسان پاڻ پئي پورت ڪئي. اهو ڪلاس مهيني کان مٿي هليو. اتفاق سان اهو رمضان شريف جو مهينو هو، جنهن جي آخر ۾ عيد جي لاءِ ڪيترا ئي اسڪولن ڪاليجن جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون ٻارن لاءِ سوکڙيون، چوڙيون ۽ رانديڪا وغيره وٺي آيا ۽ ساڻن رانديون کيڏيائون. اسان سڀني گڏجي انهن کي نوان ڪپڙا ۽ بوٽ وٺي ڏنا. ان مهل معصوم ٻارن جي چهرن تي آيل خوشيءَ جا تاثر ۽ انمول مرڪ ڏسي دل گدگد پئي ٿي. انسان کي انسان جي مدد ڪرڻ سان جيڪا دلي تسڪين ٿي ملي ان جو ڪو جواب ڪونهي. پر اسان جي اها خوشي ڪن سائينءَ جي سنوارين کي ڪا نه وڻي ۽ اها تنقيد ڪئي وئي ته ”اٿارٽيءَ جو اهو ڪم ته ڪونهي جو ان جا وسيلا ايئن غير متعلق ڪمن ۽ سرگرمين ۾ خرچ ڪجن“. کين ڪهڙي خبر ته اهي ادارا سنڌي قوم لاءِ ئي ٺهيا آهن، معصوم ٻارن کي سنڌي پڙهائڻ غير متعلق ڪم هو يا نه، پر اها ڳالهه يقيني هئي ته اٿارٽيءَ جي آفيس جو ڪار-وهنوار متاثر ڪو نه ٿيو، ان جو هڪ رپيو به خرچ ڪو نه ٿيو، بس صرف هڪڙو ڪمرو ۽ ان ۾ رکيل ڪرسيون استعمال ٿيون. سنڌي قوم جي ڏتڙيل ٻچڙن کي ڪجهه وقت لاءِ نفسياتي ۽ ذهني آسودگي ڏيڻ کي جرم سمجهڻ وارا ڇا ڄاڻن ته ”خدمت خلق“ ڇا ٿيندي آهي ۽ قوم جو درد ڇا هوندو آهي؟ انهن تنقيد ڪرڻ وارن مان هڪ صاحب جو ايڌي صاحب جي باري ۾ لکيل خراج تحسين فيس بڪ تي پوسٽ ٿيل آهي جنهن ۾ هن انسانيت جي خدمت ڪرڻ سبب ايڌي صاحب کي عظمت جا سرٽيفڪيٽ ڏنا آهن. جيڪو ماڻهو هڪ ننڍڙي نيڪي نه سڃاڻي سگهي، ان جي پوسٽ کي آئون ته صرف ڏيکاءُ ٿي سمجهان. مرحوم ايڌيءَ کي ٻن لڙڪن جي ڀيٽا ڏيڻ وڌيڪ اهم آهي جو اهي دل جي سچائيءَ جو ثبوت هوندا، ۽ سندس نقش قدم تي هلڻ ئي هن لاءِ صحيح خراج تحسين هوندو!! ٺلهيون دعوائون ۽ ڏيکاءُ ڪرڻ بدران پنهنجن ماڻهن جي وارثي ڪرڻ ئي سچ پچ ته ”خدمت خلق“ آهي، جيڪا ايڌي صاحب عملي طور ڪري ڏيکاري ۽ تاريخ ۾ امر ٿي ويو. ايڌي جنھن کي سنڌ جي مڃتا عبدالخالق جوڻيجو عبدالستار ايڌي هاڻي اسان سان ناهي رهيو. هي عظيم انسان دنيا ته ڇڏي ويو پر پنهنجي عظمت جا نه مٽجندڙ نشان هميشه لاءِ ڇڏي ويو جيڪي هر هنڌ، ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙيل ڏسي سگهجن ٿا. هن پنهنجي سڄي زندگي انسان ذات جي خدمت ۾ گذاري ۽ خدمت به اهڙي جو ان کي عبادت جي درجي تائين پهچائي ڇڏيائين. هن جي مٿان نه رڳو هن ملڪ پر سڄي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان زندگيءَ جي هر شعبي سان واسطو رکندڙ ماڻهو مڃتا، عزت، احترام، پيار ۽ پاٻوهه جا گل ڇٽي رهيا آهن. بطور هڪ سنڌي قومپرست جي مان کيس عظيم شاهه لطيف جي هنن حڪمت ڀريل لفظن ذريعي خراج پيش ڪريان ٿو ته ”روزا نمازون پڻ چڱو ڪم، پر اهو ڪو ٻيو فهم جنهن سان پسجي پرينءَ کي“. سنڌ ۾ سماجي ڪم ۽ ڏتڙيلن جي خدمت ڪرڻ جي هڪ ڊگهي ۽ شاندار روايت موجود رهي آهي جيڪا رڳو انسانن تائين به محدود ڪانه هئي پر پکين ۽ جانورن تائين پهتل هئي ۽ جنهن جا چمڪندڙ نشان شڪارپور کان ڪراچيءَ تائين پکڙيل آهن. پر افسوس ته ورهاڱي سان اهو سڀ ڪجهه ذري گهٽ ختم ٿي ويو. ان کان پوءِ آيو عبدالستار ايڌي جنهن نه رڳو انهن عظيم روايتن کي وري جياريو پر انهن کي وڌيڪ بلندين تائين پهچايو. جديد ۽ پاڻ ۾ ڳنڍيل دنيا جي سهوليتن جو فائدو وٺندي ۽ پنهنجي خداداد صلاحيتن کي استعمال ڪندي هن پنهنجي خدمت واري ڪم کي ڪراچيءَ کان سڄي سنڌ، پاڪستان، ننڍي کنڊ ۽ دنيا جي مختلف کنڊن تائين وڌايو. هن جي ڪم جي حد ۽ پيار جو دائرو ڪنهن هڪ خطي، برادري، ذات، فرقي يا مذهب جي پابندين کان آجو هئو. سندس ئي لفظ آهن ته ”انسانيت جو ڪو به مذهب نه هوندو آهي“. هو حقيقي معنيٰ ۾ هڪ انسان دوست، بين الاقواميت پسند ۽ سوشلسٽ هئو. هو پيار، امن ۽ ڀائيچاري جو علمبردار هئو. اهي ئي سنڌ جي اٺ هزار ساله تهذيب جا بنيادي جزا آهن ۽ پوءِ يڪو صوفين جي هن ڌرتيءَ جو اهوئي پيغام رهيو آهي. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته ايڌي صاحب ان پيغام جي عملي شڪل هئو. ان لاءِ اسان سندس سدائين ٿورائتا رهنداسين. سنڌ جي ڌرتي شادابي، خوشحالي، نهٺائي ۽ سخاوت وارين پنهنجي خاصيتن ڪري دنيا جي مختلف حصن کان ماڻهن جي هتي اچڻ جو سبب بڻبي رهي آهي. انهن ٻاهرين ماڻهن کي ٻن خانن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. هڪڙا اهي جيڪي قبضي، بالادستي ۽ ڦرلٽ جي ارادي سان آيا. انهن سان سنڌي ماڻهن زندگي موت جون چوٽون کاڌيون آهن ۽ آخر تائين مزاحمت ڪئي آهي. ٻيا اهي جيڪي ايمانداري، وفاداري ۽ سچائيءَ جا جذبا کڻي آيا ۽ جن جو مقصد پيار، امن، ڀائيچاري، خوشحالي ۽ انسانيت جي خدمت وارن آدرشن جي آبياري ڪرڻ هئو. اهي هن ڌرتيءَ جي رهواسين جا هيرا بڻجي ويا ۽ هميشه انهن جي عزت، احترام ۽ تعظيم جا حقدار رهيا. ان قسم جي انسانن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي، جي.ايم.سيد، هوش محمد شيدي، مسڪين جهان خان کوسو، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ ڊاڪٽر جي.ايم.مهڪري جا نالا اچي وڃن ٿا. عبدالستار ايڌي ان لسٽ ۾ تازو اضافو آهي. عبدالستار ايڌي پنهنجي زندگي مظلوم، محڪوم ۽ مٽيءَ هاڻن ماڻهن جي خدمت لاءِ وقف ڪئي ۽ پاڻ کي نادار، نراس، محتاج ۽ مسڪين ماڻهن جي صفن ۾ بيهاريو. هو انهن جي وچ ۾ رهيو، انهن کي پسند ڪندو هئو ۽ انهن سان پيار ڪندو هئو ۽ انهن جي ئي وچ ۾ مرڻ جو خواهشمند هئو. هن انهن امير ۽ بالادست طبقي وارن سان ڪڏهن ڪو واسطو نه رکيو جن جو پاڪستان جي رياست ۽ سماج تي قبضو آهي. هن جابرن کان نه ڪڏهن ڪجهه گهريو ۽ نه ورتو. ۽ نه ئي انهن کي سندس ڪم سان ڪا دلچسپي رهي جيستائين هو جيئرو هئو. جيئن ئي سندس وفات ٿي انهن ٽولن بنا دير جي سندس شخصيت تي قبضو ڪري ورتو. جن ماڻهن سندس زندگيءَ ۾ هن جي روح کي رنجايو انهن موت کان پوءِ سندس جسم کي هائجيڪ ڪري ورتو. انهن پڪو بندوبست ڪيو ته جيئن سندس آخري وصيت به پوري نه ٿئي ته ”سندس جنازي خاطر روڊ بند نه ڪيا وڃن“. اصل ۾ انهن کي خوف هئو ته ڪٿي هي انسان دوست ۽ سوشلسٽ فقير مسڪين ۽ مصيبتن جي ماريل ماڻهن جي ميڙاڪن جو مرڪز نه بڻجي وڃي ڇاڪاڻ ته انهن ڄاتو ٿئي ته جيڪڏهن مسڪين، مظلوم ۽ محڪوم متحد ٿي ويا ته سندن مانڊاڻ انهن جي اتحاد جي سٽ سهي ڪونه سگهندو. عبدالستار ايڌي هڪ حقيقي وڏو ماڻهو عمران تاجواني ۱۹۲۸ع ۾ انڊيا گجرات جي هڪ ميمڻ خاندان ۾ هڪ ڇوڪرو ڄائو جنهن جو نالو عبدالستار رکيو ويو. عبدالستار کي ننڍپڻ ۾ ئي، سندس ماءُ سيکاريو هو ته؛ ”غريبن جي مدد ڪريو. اٻوجهه ۽ لاچارن جي ڪم اچو ۽ انسانيت جي خدمت ڪرڻ کپي.“ اهو سبق عبدالستار کي هميشه هميشه جي لاءِ ياد ٿي ويو. ورهاڱي کان اڳ، پهرين عبدالستار جو خاندان، انڊيا گجرات مان هجرت ڪري پاڪستان ۾ اچي وسيو. عبدالستار جو تعلق، ميمڻ ڪميونٽي سان هو. هن ڪميونٽيءَ واپار ۾ وڏا ڪمال ڏيکاريا آهن. جوانيءَ ۾ هر ماڻهو جا ڪجهه خواب هوندا آهن. دولت، نوڪري، گاڏي، عشق، محبت ۽ ٻيا گهڻا مشغلا ۽ خواهشون. پر عبدالستار هڪ الڳ قسم جو نوجوان هو، جنهن جا خواب ۽ منزل؛ دولت، گاڏي، دنياوي لذتون نه هيون. عبدالستار جنهن رستي جي چونڊ ڪئي، اهو رستو هو خدمت جو- انسانيت جي خدمت جو؛ اٻوجهه مسڪينن ۽ لاچارن جي خدمت جو. وسائل جي اڻهوند عبدالستار جي جذبه خدمت جي جنون ۾ ڪا گهٽتائي ڪو نه آندي. هن نيڪ ڪم جي شروعات ڪندي، عبدالستار سڀ کان پهرين سوشل آرگنائيزيشن سان گڏجي ڪم ڪيو پنهنجي پاڻ تي يقين ۽ ”الله مدد ڪندو“ واري ايمان ساڻ عبدالستار سڀ کان پهرين، هڪ ڊسپينسري قائم ڪئي، جنهن ۾ غريب لاچارن جو مفت علاج ڪيو ويندو هو. ڪجهه عرصي کانپوءِ، عبدالستار هڪ پراڻي وين خريد ڪئي، جنهن جو نالو غريب ماڻهو جي وين رکيو ويو ۽ هو ان ۾ ويهي غريب بيمار ماڻهن کي اسپتال کان گهر ۽ گهر کان اسپتال پهچائڻ جو ڪم سرانجام ڏيندو هو. ڏسندي ڏسندي عبدالستار جو نالو هر زبان تي اچڻ لڳو. هن بي مثال ڪم جي شروعات جو پهريون قدم عبدالستار پاڻ کنيو ۽ ان ڏينهن کانپوءِ عبدالستار ڪڏهن مڙي پويان نه ڏٺو ۽ پاڻهي پاڻهي رستو ٺهندو ويو. عبدالستار ايڌي کي ماڻهن چندو ڏيڻ شروع ڪيو ۽ عبدالستار مالي طور تي مضبوط ٿيندو رهيو ۽ عبدالستار جي ڊسپينسري تمام منظم نموني سان ڪم شروع ڪيو. سڀ کان پهرين عبدالستار پنهنجي ڊسپينسري ۾ گهربل نرسنگ اسٽاف ۽ ٻيو اسٽاف ڀرتي ڪيو ۽ هاڻي اها جڳهه هئي جتي ان جي ملاقات بلقيس سان ٿي. ۱۴ آگسٽ ۱۹۴۷ع ۾ پاڪستان کي ٻه خوشيون مليون، هڪڙو پاڪستان آزاد ٿيو ۽ ٻيو بلقيس پيدا ٿي. بلقيس ايڌي فائونڊيشن ۾ تمام دل و جان سان ڪم ڪيو. ۱۹۶۶ع ۾ بلقيس ۽ عبدالستار جي شادي ٿي وئي. عبدالستار جي قائم ڪيل ويلفيئر، ڏينهن رات ڪم ڪندي رهي ۽ آهستي آهستي عبدالستار جي قائم ڪيل ويلفيئر، هڪ شهر کان ٻئي شهر، ٽئين شهر ۽ پوءِ سڄي ملڪ ۾ ڦهلجڻ لڳي. ائين عبدالستار ايڌي سڄي ملڪ ۾ سڃاتو وڃڻ لڳو. ۱۹۷۳ع ۾ ڪراچيءَ اندر هڪ پراڻي بلڊنگ ڪري پئي. ان حادثي جي امدادي ڪمن جي لاءِ، سڀ کان پهرين ايڌي فائونڊيشن جا رضاڪار پهتا، جنهن جي اڳواڻي ايڌي صاحب پاڻ ڪري رهيا هئا. اتان اهو سلسلو باقاعدي شروع ٿي ويو ۽ جڏهن به ملڪ جي ڪنهن به شهر ۾ ڪو حادثو يا دهشتگردي ٿئي يا ڪا قدرتي آفت سان ڪو به جاني يا مالي نقصان ٿيندو هو ته ان جي امدادي ڪم ڪارن لاءِ سڀ کان پهرين ايڌي فائونڊيشن جا رضاڪار حرڪت ۾ ايندا هئا ۽ رياست جون ذميواريون ايڌي فائونڊيشن سرانجام ڏيڻ لڳي. ايڌي ويلفيئر آرگنائيزيشن، اها واحد آرگنائيزيشن آهي، جنهن وٽ پنهنجي ايئر ايمبولينس به آهي، جنهن جي وسيلي اھا دشوار جڳهن تي به پهچي امدادي ڪم سرانجام ڏيندي آهي. اڄ ايڌي فائونڊيشن، پاڪستان جي سڀ کان وڏي ۽ ڪامياب ويلفيئر آرگنائيزيشن طور سڃاتي وڃي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ انھيءَ کي ڪروڙين روپيا چندي جي صورت ۾ ملن ٿا. ايڌيءَ جي ڪراچيءَ ۾ قائم ڪيل، صرف ۸ شاخون غريب ۽ لاچار ماڻهن جو مفت علاج ڪري رهيون آهن. ان کان علاوه هڪ اکين جي استپال، هڪ ڪينسر اسپتال، ٻه بلڊ بئنڪ پڻ ڪراچيءَ ۾ ايڌي فائونڊيشن جي زير نگرانيءَ ۾ ڪم ڪري رهيون آهن. ان کان علاوه، ايڌي فائونڊيشن جي نگرانيءَ ۾ هڪ ليگل ايڊ ڊپارٽمينٽ پڻ ڪم ڪري رهيو آهي، جيڪو غريب لاچار ماڻهن کي مفت قانوني سهولتون مهيا ڪري ٿو ۽ اھو ليگل ايڊ ڊپارٽمينٽ، ڪيترن ئي غريب بيگناهه قيدين کي وڪيلن جي سهولت پڻ ڏئي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترا ئي بيگناهه قيدي آزاد ٿيو وڃن. بلقيس ايڌيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ قائم ڪيل ”اپنا گهر“ پڻ، ڪراچيءَ جي غريب لاچار ماڻهن جي لاءِ، ڪاڙهي جي لُڪ ۾ ٿڌي ڇانو جو احساس ڏياريندڙ، انتهائي قابلِ تعريف ۽ قابلِ ذڪر آهي. هن اپنا گهر ۾ ۲۰۰۰۰ هزار کان وڌيڪ ٻار پلجن پيا، جن جي ٽن وقتن جي ماني، علم ۽ هنر جي ذميداري پڻ ايڌي فائونڊيشن جي ذمي آهي. هڪ ملين کان وڌيڪ غريب ٻارن جي ڊليوري پڻ ”اپنا گهر“ ۾ مفت ڪرائي ويندي آهي. ڇا اڄ ڪا ماءُ عبدالستار جي ماءُ وانگر، پنهنجي پٽ کي نصيحت ڪري ٿي؟ ڇا اڄ ڪو نوجوان عبدالستار واري رستي جي چونڊ ڪندو؟ هڪ حقيقي وڏو ماڻهو، عبدالستار پاڪستانين ۾ موجود وڏن ماڻهن ۾، سڀ کان وڏو ماڻهو آهي.
عبدالغفار ڀٽي تبسم جڏهن ڄام پنهون ڄائو ابراهيم لاشاري سهڻي ستابي سنڌ منجهه شاعرن جي ڪا ڪمي ناهي ۲۰ نومبر اڱاري ڏينهن ۱۹۵۱ع ڌاري اڄ کان ڇاھٺ سال اڳ وادي مهراڻ جي سياسي، سماجي، ثقافتي، ادبي ضلعي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ ميرپور ڀٽو جي نيڪ مرد محترم قادربخش ڀٽي جي گهر هڪ ذهين، نماڻي ۽ حساس طبعت جي ٻار عبدالغفار ڀٽي (تبسم) روئڻ بدران مرڪندي، مرڪندي پنهنجي مٺڙي امڙ جي گود ۾ جنم ورتو ته سندس جو گهر خوشين سان معطر بڻجي ويو، والدين کي اها پروڙ نه هئي ته اڳتي هلي اسان جو مرڪندڙ اکين جو ٺار پٽ شاعر بڻجي پنهنجو پنهنجي والدين جو نالو (تبسم عبدالغفار) سان ڏيهان ڏيهه مشهور ڪرائيندو، جڏهن هي ذهين ٻار درس ۽ تدريس حاصل ڪرڻ جي عمر لائق بڻيو ته کيس نصابي تعليم پرائڻ واسطي نئين ديري اسڪول منجهه داخل ڪرايو ويو، ڪجهه عرصو ان اسڪول منجهان پڙهي پوءِ ڳڙهي ياسين منجهان پرائمري جي تعليم پرايائين تعليم جي سلسلي کي اڳتي وڌائيندي سال ۱۹۶۶ع ڌاري مئٽرڪ جو امتحان هاءِ اسڪول نئو ن ديرو منجهان پاس ڪيائين تنهن بعد عبدالغفار تبسم گريجوئيشن جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ لاڙڪاڻي جي آرٽس ايند ڪامرس ڪاليجن مان سال ۱۹۷۲ع ۾ سند حاصل ڪئي. عبدالغفار تبسم کي سال ۱۹۷۴ع ڌاري سنڌ يونيورسٽي پڙهڻ جو شوق جاڳيس هن سنڌ يونيورسٽي جي شعبي (آءِ آر، انٽرنيشنل رليشنس) بين الاقوامي تعلقات واري شعبي منجهه (ٻيون نمبر) حاصل ڪري ڊگري پنهنجي نالي ڪيائين، سنڌ جي هن نماڻي طبعت جو شاعر سال ۱۹۶۴ع ڌاري پنهنجي من جو آواز شعر جي صورت ۾ پيش ڪري ادبي دنيا ۾ پير پاتائين، عبدالغفار تبسم ڏات واري ڏيهه منجهه پهريان (ناول) لکي پاڻ وٽ محفوظ ڪيائين، سال ۱۹۶۶ع ڌاري کان پوءِ شاعري ڪئي، ڳوٺ، ڳوٺ، وستي، واهڻ، شهر، جهر جنهگ ۾ سندس شاعري کي ايتري ته پذيرائي ملي جو ادبي حلقن ۾ واهه تبسم واهه جي لفظن جو هر طرف کان داد پئي حاصل ڪيائين جيڪو اڄ ڏينهن تائين تسلسل قائم ۽ دائم آهي. عبدالغفار تبسم صاحب پنهنجي من جو اظهار شاعري واري زبان ۾ ڪهڙي نه لاجواب نموني ڪري عام خلق کي ٻڌائي ٿو ته؛ ويندي ويندي گلاب ڏيندي وئي، سوچ جو نئون سراب ڏيندي وئي، هن نهاري چيڪو مٿئين چپ کي، بيٺلن کي حساب ڏيندي وئي، ڪوري ململ تي ڇيپ اجرڪ جي، خالي نيڻن ۾ خواب ڏيندي وئي، ميلي ۾ بيٺو هو ته تبسم کي، ڪو ڪهاڻي ڪتاب ڏيندي وئي. سنڌ جي هن ڏاهي شاعر سال ۱۹۷۲ع ڌاري سرڪاري ملازمت سان سلهاڙجي درس تدريس جي شعبي سان لاڳاپو رکي استاد بڻجي پنهنجا فرض سر انجام ڏيندو رهيو، تنهن بعد تبسم صاحب صحت کاتي جي شعبي فيملي پلاننگ بهبودي آبادي منجهه سال ۱۹۷۳ع ڌاري فيملي پلاننگ آفيسر واري عهدي تي ڪم ڪندو رهيو، پر جلدي ان نوڪري منجهان هٿ ڪڍي يونائيٽيڊ بئنڪ ۾ ڪلارڪ طور نوڪري ڪيائين ان نوڪري کي به ڪجهه عرصي بعد الواع چئي، سال ۱۹۷۵ع ۾ پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز منجهه آفيسر واري اهم منصب تي پنهنجا فرض سرانجام ڏيندو رهيو هن حساس طبعت جي شاعرانه صفت انسان کي مارشل لا وارو دورِ حڪومت ۾ سال ۱۹۸۱ع وارو سال سندس لاءِ سٺو ثابت نه ٿيو جڏهن ته (پي آءِ اي) واري اهم منصب تان حڪومت سندس جي نوڪري ختم ڪري پرگهر موڪلي ڇڏيو، پر سونهاري سنڌ جي هن ذهين بهترين شاعر، اديب همٿ نه هاري زندگي جي گاڏي هلائڻ لاءِ هي (ٺيڪداري) واري ڪرت سان سلهاڙجي ويو، سال ۱۹۸۳ع ڌاري سياست سان وابستگي واري جذبي تحت عام خلق جي خدمت ۾ يقين رکندي نئون ديرو جي عوام سندس کي ميونسپل ڪاميٽي جو (چئرمين) چونڊيو، جتي هن پنهنجي شفيق ۽ نماڻي طبعيت سان سال ۱۹۸۷ع تائين نئون ديروواسين جي محنت، ايمانداري، سچائي سان خدمت ڪندي نظر آيو نيٺ سال ۱۹۹۰ع ڌاري حڪومت سندس جي نوڪري واري عهدي کي هڪ ڀيرو ٻيهر بحال ڪندي (پي آءِ اي) ۾ ڪارگو آفيس ڪراچي منجهه ڪارگو سيلز پروموشن آفيسر جي عهدي تي مقرر ڪيو. محبت ۽ مرڪون ابدي طور رلندڙ سنڌ ڌرتي جو هي عوامي شاعر عبدالغفار تبسم صاحب پڙهيل ۽ اڻپڙهيل طبقي سان هڪ جيتري مقبوليت رکندڙ هي پهريو شاعر پڻ آهي سندس شاعري جي هر صنف جهڙوڪ گيت، غزل، بيت، وايون، نظم، آزاد نظم، ڪافيون وغيره طبع آزمائي ٿيل آهي پاڻ (نظم) جي لاجواب شاعر طور وڏي مقبوليت ماڻي آهي سندس شاعري ۾ هر موضوع جهڙوڪ محبتون، درد، سور، سوز، جدائي، وڇوڙو، سڪ، اڪير، رسڻ، پرچڻ، ميارون، ميلاپ، اوسيئرو تي دل کولي شعر چيا اٿائين سندس شاعري کي سنڌ جي سر سنگيت جي هر فنڪار پنهنجي آواز جي جادو سان ڳائي مشهوري ماڻي آهي. تبسم صاحب شاعري واري پهلو کي سونهاري سنڌ جو سگهارو اديب ۽ شاعر محترم امداد حسيني پنهنجي زباني سهڻن لفظن جي ڀيٽا ڏئي چوي ٿو ته تبسم صاحب بنيادي طور رومانوي شاعر آهي. اهو هڪ اهڙو موضوع آهي جيڪو آفاقي به آهي ته لازوال به اهڙي طرح عبدالغفار تبسم جي شاعراڻي صفت کي سنڌ جو ٻاراڻي ادب جو ڏاهو بهترين شاعر محترم ادل سومرو صاحب بيان ڪندي چوي ٿو ته: تبسم صاحب پيار جو شاعر آهي. هن جي سموري شاعري جو موضوع عاشقاڻو آهي هن جي ٻولي بنهه وڻندڙ ۽ سولي آهي هو وڌيڪ چوي ٿو ته سندس جي شاعري ۾ رومانيت جي سبب جي ڪري شاعري نوجوان طبقي ۾ بي حد مقبول آهي. ڌرتي سان محبت رکندڙ هي پيارو شاعر ننڍي وهي کان وٺي سياسي، ادبي، سماجي، ثقافتي محفلن ۽ گڏجاڻين ۾ نهايت دلچسپي سان شرڪت ڪندو نظر آيو آهي پاڻ هميشه علمي ادبي راڳ رنگ جي محفلن جو ميزبان به ٿيندو رهيو آهي سال ۱۹۸۱ع کان ۱۹۸۲ع ٻن سالن جي عرصي ۾ پاڪستان ٽيليويزن جي سنڌي پروگرام (سنڌ سينگار) جي ڪمپئرنگ ۽ ميزباني ڪندي پنهنجي ڏات سان پروگرام کي سونهن بخشيندو رهيو اهڙي ريت پاڻ هڪ سنڌي فلم ٺاهيائين پر هڪ سنڌي فلم (برسات جي رات) منجهه (هيرو) جو ڪردار پڻ زبردست نموني ادا ڪيائين جڏهن ته هڪ ٻئي سنڌي فلم (سهڻا سائين) ۾ ولن جو ڪردار به سهڻي نموني سان پرفارم ڪيائين پاڻ ٽيليويزن تي ڪيترن ئي سنڌي ڊرامن ۾ هيري جو ڪردار ادا ڪندو رهيو، سنڌ جو هي ناميارو شاعر ڪيترائي سال روزاني عوامي آواز اخبار منجهه پنهنجي من جو آواز (شعري ٽڪرو) لکي اخبار جي سونهن ۾ اضافو ڪندو رهيو. سونهاري سنڌ جي هن محبتي، مرڪون ورهائيندڙ شاعر کي سنڌ جا سمورا شاعر، اديب ڏات ڌڻي ادبي حلقي ۾ ادب ۽ احترام جي نظر سان ڏسندا آهن پاڻ به عبدالغفار تبسم صاحب پڻ هر ننڍي، وڏي اديب، شاعر کي جيئيءَ منجهه جايون ڏئي محبت ۽ مرڪن سان عزت ۽ احترام ڪندو نظر آيو آهي، پاڻ سيرسفر ڪرڻ جو پڻ ڪوڏيو آهي تبسم صاحب دنيا جي ڪيترئن ئي ملڪن جي سرزمين ڏسي ان جا نظارا پسي آيو آهي اهڙي ريت سال ۱۹۹۲ع متحده عرب امارت دبئي منجهه (سنڌي سدائين گڏ) تنظيم جي ڪوٽ تي شرڪت ڪئي تنهن بعد هن دنيا جي ٻين ملڪن جهڙوڪ آمريڪا منجهه (سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا پاران دعوت ۾ شڪاگو، ڪئيليورفنيا، واشنگٽن، نيويارڪ، ملائيشيا، ٿائلينڊ، سينگاپور، جرمني ۽ برطانيا به چڱي نموني گهمي ڦري آيو آهي، سنڌ جو هي پهريون شاعر آهي جنهن جي شاعري جي پهرين (سي ڊي ڪيسٽ) آمريڪا جهڙي ملڪ منجهان سال ۱۹۹۹ع ڌاري رليز پڻ ٿي، عبدالغفار تبسم سال ۱۹۶۶ع ڌاري پنهنجي شاعري جي پهرين مجموعي کي ڪتابي شڪل (گلن جهڙا ڳل) ڇپرائي پڌرو ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو، تنهن بعد سنڌ جي هن نماڻي، حساس طبعت جي سهڻي شاعر سنڌي ادب جي جهول ۾ ڪيترا ئي ڪتاب جهڙوڪ؛ گلن جهڙا ڳل سال ۱۹۶۶ع، شفق وارا ڇانورا، سال ۱۹۸۲ع مٽي جا سر سال ۱۹۹۱ع سوچون صحرا سراب سال ۱۹۹۵ع نيڻ جي آڳر سال ۱۹۹۶ع ڪندي ڪناري ناُو، سال ۱۹۹۹ع موسيقي، موسم، ۽ تبسم سال ۲۰۰۳ع اڀ هيٺان اڃارا گيت لڇن سال ۲۰۰۴ع، سج آرسيءَ ۾ سال ۲۰۰۵ع شامل آهن جن سنڌي ادب جي سونهن ۾ پڻ اضافو ڪيو ان کان علاوه عبدالغفار تبسم صاحب شاعري کانسواءِ سفرنامو ۽ آتم ڪهاڻي پڻ لکي آهي. اهڙي ريت سفرنامو (زندگي تنهنجا رنگ هزار) ۽ آتم ڪهاڻي (سي ئي جوڀن ڏينهڙا سال ۱۹۹۴ع ڌاري سنڌي ادب جي سونهن ۾ پڌرو ٿي اضافو ڪيو سنڌ جو هي سيبتو شاعر سال ۱۹۸۰ع ڌاري شادي جي ٻڌڻ ۾ ٻڌجي (اعوان خاندان) منجهان شادي ڪئي، جڏهن ته رب سائين اولاد ۾ پنجن پٽن خليل جبران، ارسلان، نوشيروان، زعفران، فاران ۽ هڪ نياڻي ساره غفار ڏنا آهن، جن سان پنهنجي زندگي جا پل ڪراچي ۾ گذاري رهيو آهي، پنهنجي سهڻي ڌرتي جو هي سهڻو، پيارو ۽ محبتي شاعر اڄ ۲۰ نومبر ۲۰۱۷ع سومر ڏينهن پنهنجي ۶۶ هين سالگرهه جو ڪيڪ گهر وارن سان گڏ ڪٽيندو ۽ ادبي کيتر جا سڀئي ساٿي هن حساس، نماڻي شاعر کي جنم ڏينهن جون مبارڪون پڻ چوندا منهنجي هن نامياري شاعر لاءِ رب پاڪ جي بارگاهه ۾ دعا جا هٿ ته سندس کي سٺي صحت ۽ وڏي ڄمار عطا ڪري ته جئين هو پنهنجي من اندر جي احوال سان سونهاري سنڌ جي ادب کي ڏات سان سر شار ڪندو رهي کيس جنم ڏينهن جون کوڙ ساريون مبارڪون، تبسم ڪهڙي نه شاندار ڳالهه شعر ۾ ٻڌائي ٿو ته: گل جي جواني، منهنجا جاني، تنهنجي اچڻ سان، مرڪي ٿي. عبدالغفار تبسم خوبصورت خيالن جو البيلو شاعر - ٻاھٺهين جنم ڏهاڙي جي مناسبت سان وزير فرهاد سولنگي عبدالغفار تبسم سنڌي ٻوليءَ جو اهو خوبصورت شاعر آهي جنهن نه رڳو پنهنجي شاعري جي حوالي سان سنڌي ماڻهن جي دلين ۾ جڳھ ٺاهي پر ان سان گڏ هو سٺو نثر نويس، موسيقار، اداڪار، ۽ بهترين منتظم رهيو آهي. سندس شخصيت جو سٻاجهو سڀاءِ هئڻ سبب هي هر ڪنهن جي دل ۾ جڳھ ٺاهڻ جو گر ڄاڻي ٿو. عبدالغفار تبسم ولد قادر بخش ڀٽي ۲۰ نومبر ۱۹۵۱ع ڳوٺ ميرپورڀٽو نئون ديرو ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتائين. پاڻ پرائمري تعليم نئين ديري ۽ ڳڙهي ياسين ۾ ورتائين ۱۹۶۶ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪري، بي اي آرٽس ۽ ڪامرس لاڙڪاڻي ڪاليج مان ۱۹۷۲ع ۾ ڪيائين. پاڻ بين الاقوامي تعلقات ۾ ماسٽر جي ڊگري سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ۱۹۷۴ع ڌاري فرسٽ ڪلاس ٻي پوزيشن ۾ پاس ڪيائين پاڻ شاگردي واري دور کان ڪيترن ئي تنظيمن سان وابسطا رهيو جنهن ۾ ڪاليج اسٽوڊنٽس يونين جو جنرل سيڪريٽري، سنڌ يونيورسٽي اسٽوڊنٽ يونين جو ڪلاس نمائندو، سنڌ آزاد ماروئڙا اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو عهديدار، گورنمينٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جي تقريري ۽ ادبي سوسائيٽي جو جوائنٽ سيڪريٽري ۽ لاڙڪاڻو اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن جو نائب صدر، الفتح اسٽوڊنٽس فيڊريشن نئون ديرو جو جنرل سيڪريٽري، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن نئون ديرو شاخ جو باني ميمبر ۽ نئون ديرو ڊرامائيٽڪ سوسائيٽي جو صدر ۽ سرپرست اعليٰ پڻ رهيو هن ان پليٽ فارم تان ڪيترائي ڊراما پيش ڪيا جنهن ۾ شيرين فرهاد، آغا حشرڪاشميري جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيل ڊرامو باغبان، تاريخي ڊرامو ليلان چنيسر ۽ ٻيا ڪيترائي ڊراما پيش ڪيا آهن. عبدالغفار تبسم پاڪستان ٽيليوزن ڪراچي سينٽر تان ڪيترا ئي ڊراما ڪيا جن ۾ بري هن ڀنڀور ۾، چنڊ رهين ٿو ڏور جنهن ۾ هيءَ بطور هيرو ڪم ڪيو. عبدالغفار تبسم سنڌي فلمن ۾ پڻ ڪم ڪيو جن ۾ ايس گل جي فلم سهڻا سائين ۾ بطور ولين ۽ فلم برسات جي رات ۾ بطور هيرو ڪم ڪيو. غفار تبسم پنهنجي لکڻ جي شروعات ۱۸، ۱۹ سالن جو عمر ۾ ڪئي سندس شاعريءَ جا ھن وقت تائين ھيٺ ڄاڻايل ۱۵ ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. 1. گلن جهڙا ڳل، 2. مٽيءَ جا سُر، 3. شفق وارا ڇانورا، 4. سوچون صحرا سراب، 5. نيڻن جي آڱر ۾، 6. موسيقي موسم ۽ تبسم، 7. اُڀ هيٺان اُڃارا گيت لڇن، 8. سج آرسيءَ ۾، 9. تنها ڪنڌيءَ مسافر، 10. جو پل جهومي جهول ۾، 11. سونهن کڻي ساڻيھ چميو، 12. پتڻ جون پڪارون ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا. عبدالغفار تبسم جي آتم ڪٿا جا ٽي ڪتاب جن مان هڪ ڪتاب هو جي جوڀن ڏينهنڙا ۱۹۹۴ع ۾ ڇپجي چڪو آهي باقي ٻه ڪتاب اڻ ڇپيل آهن. ان سان گڏ سندس سفرناما پڻ ترتيب ڏنل آهن، جن ۾ لنڊن ۽ آمريڪا جو سفرنامو زندگي تنهنجا رنگ هزار ڇپجي چڪو آهي. عبدالغفار تبسم جي ويجهڙائي علم، ادب ۽ آرٽ جي انهن سڀني دوستن سان رهي آهي جن سنڌ جي ثقافت جي دنيا ۾ پنهنجي ڏات جا رنگ ڀريا آهن. تبسم جي گيتن جي سي ڊي ورلڊ سنڌي انسٽيٽيوٽ آف آمريڪا طرفان موتين مالا جي عنوان تحت رليز ٿي. عبدالغفار تبسم شروعاتي دور ۾ ۱۹۷۲ع ۾ استاد ۽ فيملي پلاننگ آفيسر، ۱۹۷۳ع ڌاري يو بي ايل ۾ بئنڪ آفيسر، ۱۹۷۵ع پي آءِ اي ۾ آفيسر مقرر ٿيو. مارشلائي دور ۾ کيس نوڪري مان فارغ ڪيو ويو. ان کان پوءِ ۱۹۸۳ع ڌاري ميونسپل ڪاميٽي نئون ديرو جو چيئرمين ۱۹۸۷ع تائين رهيو. سال ۱۹۹۰ع ۾ واپس پي آءِ اي جي نوڪري ۾ بحال ٿيو ۽ ڪارگو مينيجر جي عهدي تان ۱۹ نومبر ۲۰۱۱ع تي رٽائرڊمينٽ ڪيائين. عبدالغفار تبسم ۱۹۸۰ع ڌاري اعواڻ فيملي مان شادي ڪئي. جنهن مان کيس پنج پٽ ۽ هڪ نياڻيءَ جو اولاد آهي. سندس ويجهڙائي شيخ اياز، استاد بخاري، تاجل بيوس ۽ شمشيرالحيدري سان هوندي هئي. راڳين ۾ استاد محمد يوسف، منظور سخيراڻي ۽ ٻيا ڪيترا ئي فنڪار سندس دوست ۽ ساٿي رهيا آهن پر سندس ويجهڙائپ محمد يوسف ۽ منظور سخيراڻي سان گهڻي رهي آهي. عبدالغفار تبسم پنهنجي اندر ۾ هڪ انجمن جي حيثيت رکي ٿو. هيءُ يارن جو يار ۽ محبتي ماڻهو، پنهنجي خوبصورت رويي ۽ ڏات سبب هر عمر جي ماڻهوءَ جي محبت ۽ پيار جو مرڪز رهيو آهي. تبسم پنهنجي نالي جيان هر وقت پنهنجي منهن تي مرڪ سجائي سڀني سان ملندو آهي. سندس ڪلام سنڌ جي سؤ کان مٿي فنڪارن ڳايا آهن. جن کي سڄي ملڪ ۽ ان کان ٻاهر ڀرپور موٽ ملي آهي. پاڻ موسيقي جو به ڄاڻو آهي، هن پنهنجا ڪيترا ئي گيت ڪمپوز ڪيا آهن، جن کي ڪيترن ئي فنڪارن ڳائي داد ورتو آهي. سندس ڪمپوزيشن (ها مان تنهنجي بنا ڪجھ به ته ناهيان) جنهن کي منظور سخيراڻي ڳايو ان کان علاوه ”سڪ سوز ۾ دل ساري ڪا سار ته لهبي آ“ کي شهنيلا علي ڳائي سڄي سنڌ ۾ مڃتا ماڻي. عبدالغفار تبسم کي سنڌي ٻولي ۽ ادبي خدمتن عيوض ڪيترا ئي ايوارڊ ملي چڪا آهن. جن ۾ پروڊڪشن آف ورلڊ، سنڌي انسٽيٽيوٽشن واشنگٽن طرفان ايوارڊ، عبرت اخبار ايوارڊ، سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ طرفان ايوارڊ، اڳواڻ پبليڪيشن ايوارڊ، ڊائو ميڊيڪل ڪاليج طرفان ايوارڊ ۽ ٻيا ڪيترائي ايوارڊ شامل آهن. سندس شاعريءَ جون ھيٺ ڄاڻايل، ڏھ آڊيو ڪيسٽون رليز ٿي چڪيون آهن. 1. چانڊوڪي جا مسافر، 2. همسفر، 3. منهنجا حسين خواب، 4. سانوڻ ۽ ساجن، 5. اداس، 6. بيقراري، 7. دردن جي دنيا، 8. دل جون صدائون، 9. منهنجا گيت، 10. ڪلھ رات ڪو سپني ۾ آيو. مٿي ڄاڻايل آڊيو واليم، مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آهن. عبدالغفار تبسم، هن وقت تائين به پنهنجي ٻولي ۽ ادب لاءِ پنهنجي ڏات کي استعمال هيٺ آڻي، سنڌي ادب جي خدمت ڪري رهيو آهي. اڄ سندس ۶۲ هين جنم ڏهاڙي جي موقعي تي کيس مبارڪ باد ڏيون ٿا. عبدالغفار ’تبسم‘ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سنڌ جو مشھور شاعر عبدالغفار ’تبسم‘ ولد قادربخش ڀٽي ۲۰ نومبر ۱۹۵۱ع تي ميرپور ڀٽي، تعلقي رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. پرائمري تعليم نئين ديري ۽ ڳڙهي ياسين ۾ ورتائين. مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول نئين ديري مان ۱۹۶۶ع ۾، بي.ا ي ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻي مان ۱۹۷۲ع ۾ ۽ ايم. اي (بين الاقوامي تعلقات) سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان ۱۹۷۴ع ۾ نمايان نمبرن ۾ حاصل ڪيائين. هيءُ ۱۹۷۲ع ۾ ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ اسٽوڊنٽس يونين جو جنرل سيڪريٽري، ۱۹۷۴ع ۾ يونيورسٽيءَ ۾ ڪلاس نمائندو، سنڌ آزاد ماروئڙا اسٽوڊنٽس فيڊريشن لاڙڪاڻي جو نائب صدر، ادبي سوسائٽي گورنمينٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جو جوائنٽ سيڪريٽري رهيو آهي. سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن نئين ديري جو باني، ڊراماٽڪ سوسائٽي نئين ديري جو صدر ۽ سرپرست بہ رهيو آهي. هن ڪيترن ئي ٽي. وي ڊرامن ۾ ’هيرو‘ جو رول ادا ڪيو اٿس، ڪيترين ئي علمي، ادبي ۽ راڳ جي محفلن جو ميزبان ٿيو. ٽيليويزن جي ’سنڌ سينگار‘ پروگرام جو ۱۹۸۱ع کان ۱۹۸۳ع تائين ڪمپيئر رهيو. هن سنڌي فلم ’برسات جي رات‘ ۾ هيرو جو ڪردار ۽ فلم ’سهڻا سائين‘ ۾ ولين جو ڪردار ادا ڪيو. ۱۹۷۲ع ۾ ماستري ڪيائين. ڪجھ وقت فيملي پلاننگ آفيسر رهيو، ۱۹۷۳ع ۾ يونائيٽيڊ بئنڪ ۾ ڪلرڪ ۽ ۱۹۷۵ع ۾ پي. آءِ. اي ۾ آفيسر ٿيو. مارشل لا دور ۾ ۱۹۸۱ع ۾ ملازمت تان لھڻ بعد ٺيڪيداري ڪيائين. ۱۹۸۳ع کان ۱۹۸۷ع تائين نئين ديري ميونسپالٽيءَ جو چيئرمئن چونڊيو ۽ ۱۹۹۰ع ۾ ٻيهر پي. آءِ. اي ۾ ملازمت تي بحال ٿيو. پي. آءِ. اي (ڪارگو) آفيس ڪراچيءَ ۾ سيلز پروموشن آفيسر (ڪارگو آفيسر) طور ڪم بہ ڪيائين ۽ ساڳئي عھدي تان رٽائر ڪيائين. تبسم ۶۵-۱۹۶۴ع کان شاعري شروع ڪئي. هن جي شاعري مختلف فنڪارن جهڙوڪ: منظور سخيراڻي، سرمد سنڌي، ثمينه ڪنول، صائمہ منظور، تعمير حسين، صادق فقير، شمن ميرالي ۽ ٻين ڳاتي آهي. ان کانسواءِ EMI گرامون فون ڪمپني سندس ڪجھ غزل ۽ ڪافيون محمد يوسف جي آواز ۾ رڪارڊ ڪرايون، پاڻ ڪافي عرصو روزاني اخبار ”عوامي آواز“ ۾ قطعا لکندو رهيو آهي. هن وقت سندس هي ڪتاب ڇپيل آهن: ’گلن جهڙا ڳل‘ (۱۹۷۶ع)، ’شفق وارا ڇانورا‘ (۱۹۸۲ع)،’زندگي تنھنجا رنگ هزار‘ (۱۹۹۴ع)، ’سوچون صحرا، سراب‘ (۱۹۹۵ع)، ’نيڻن جي آڳر ۾‘، (۱۹۹۶ع)، ’مٽيءَ جا سُر‘ (۱۹۹۹ع)،’تنها ڪنڌيءَ مسافر‘ (۱۹۹۹ع)، ’اُڀ هيٺان اڃارا گيت لڇن‘ (۲۰۰۱ع) ۽ ’موسيقي، موسم ۽ تبسم‘ (۲۰۰۳ع). سج آرسي ۾ (۲۰۰۵ع)، پل جهومي جهول ۾ (۲۰۰۶ع).’تبسم‘ جي گيتن جي پھرين سي. ڊي ”موتين مالها“ جي عنوان سان ورلڊ سنڌي انسٽيٽيوٽ واشنگٽن آمريڪا پاران ۱۹۹۹ع جاري ڪئي وئي ۽ ٻي سي. ڊي ”چانڊوڪين جا مسافر“ جي عنوان سان ۲۰۰۱ع ۾ لاڙڪاڻي مان جاري ڪئي وئي آهي. ان سان گڏ سندس شاعريءَ جون ٻيون بہ ڪافي سي ڊيون آيل آهن، جن ۾ مختلف فنڪارن سندس شاعري ڳائي آهي. عبدالغفار تبسم جي ڪتاب ”موسيقي، موسم ۽ تبسم جي پٺئين ٽائيٽل تي ناليواري شاعر تاج جويي لکيو آهي تہ: پنھنجي عمر ۽ ٽھيءَ ۾ جيڪا غفار مڃتا ماڻي آهي، اها هر ڪنھن کي نصيب نہ ٿي آهي، سندس منھن تي ڪڏهن بہ منافقين جا ماسڪ چڙهيل ناهن رهيا. هو اندر ٻاهر هڪ جھڙو اجرو ۽ شفاف آهي، تيئن سندس شاعري پڻ اجرن ۽ شفاف جذبن جو مجموعو آهي. سُر، سونهن ۽ سچ تبسم جي زندگيءَ جي منشور جا اهم نقطا آهن، جن وٽ الفت جو پنھنجو نيارو اسلوب آهي“. عبدالغفار تبسم ۱۹۸۰ع ۾ شادي ڪئي. کيس ۵ پٽ ۽ هڪ نياڻي جو اولاد آهي. (عبدالجبار آزاد منگيءَ جي فيسبڪ ٽائئم وال تان ۲۰ نومبر ۲۰۲۲ع تي کنيل) عبدالغفار تبسم اتساھ ۽ زندگيَ جو فڪري شاعر وحيدمحسن شاعر جو وجود زندگيَ جو فلسفو ھوندو آهي ان جي تخليقن مان انساني زندگيَ جون فڪري واٽون جنم وٺنديون آھن. ساڳي طرح ٻوليون شاعري ۽ ادب جي ذريعي زندھ رھنديون آهن ۽ وري شاعر پنهنجي ڪرت جي ذريعي زندھ رھندا آهن. موجوده دؤر جي شعري ادب جو مطالعو ڪيون ٿا ته اسان کي انهيَ ادب مان سنڌ جو ھڪ سھڻو ۽ محبوب شاعر عبدالغفار تبسم پنهنجي تخليقي جوت ۽ ڪرت سان وابستا ٻوليَ سان پيار ڪندي شاعري جا واھڙ وھائيندي مصروف نظر اچي ٿو! دنيا ۾ اھو ڏٺو وڃي ٿو ته شاعر تخليق سان ناتو نڀائيندي پنهنجي وجود جو احساس ڏياريندو رھي ٿو جيڪا ھڪ تمام وڏي ڳالھ آهي. عبدالغفار تبسم جي سڃاڻپ رومانوي شاعر طور وڌيڪ مضبوط ۽ سگھاري آهي جنهن جي ڪري سندس شاعري ۾ نرالپ ۽ رومانوي رنگ پنهنجي جوھر سان جڳمڳائيندو رھي ٿو. شاعر وٽ شاعراڻا احساس جھومي، نچي، ڪڏي تخليق تي ڇيريون پائي لھن ٿا ۽ سندس شاعري تي جدت جا ڪيئي حسين ڪومل احساسن جا گل ڦٽي پون ٿا جيڪي اسان جي نيڻن کي راحت ڏين ٿا ان ڪري اھڙي ڳالھ ڪرڻ ۾ ڪو وڌاء نه ھوندو اھا تخليق وڌيڪ سھڻي، سندر، ساھ ۾ سمائڻ جھڙي نفيس، نازڪ، نرمل ريشم ۽ اثرائتي بڻجي ماڻهن جي لبن تي رقص ڪري ٿي. عبدالغفار تبسم جي شاعري ۾ موسيقي جو سھڻو، سندر جھان جڙيل آهي ھن جي لفظن ۾ پيار، پريت، ڌرتي، سونهن، سينگار ۽ دلين جي موسمن جي البيلائي سار بڻجي وجود ۾ واسو ڪري ٿي جنهن جي اتساھ سان اداس ۽ مايوس دلڙيون پيار جي ڀاڪر ۾ ويڙھجي سڪون، سڪ محسوس ڪن ٿيون ۽ جيئڻ لاءِ اتساھ ڀريو زندگيَ جو فڪري شعور سھيڙي اڳتي وڌڻ جي جستجو ڪن ٿيون. جنهن جو سھرو سلڇڻي شاعر عبدالغفار تبسم ڏانهن وڃي ٿو جيڪو پنهنجي وجود ۾ املھ انسان آهي جنهن وٽ پيار ۽ محبت جا اڻ کٽ خزانا موجود آهن جيڪي ھميشھ مسڪرائي ورھائيندو رھي ٿو. عبدالغفار تبسم سگھارو شاعر، پيار ۽ پريت جو مجسم ڌرتي ۽ ٻوليَ جو ازلي عاشق سونهن، امن ۽ اقوام عالم جو خير خواھ اھڙو خوبصورت پيغامبر آهي جنهن جي خوشبو سڄي ڏيھ ۾ ڦھليل آهي ۽ ان کان علاوه ھو پنهنجن ماڻهن سان بي انتھا پيار ڪندڙ شاعر آهي. اھڙو سندس سڀاءُ ھن کي عظيم انسان بڻائي ٿو. تبسم جي گفتگو ۾ شائستگي ھوندي آهي ۽ ھن جا نيڻ سنڌو جل جيان جرڪندا رھن ٿا اھي اسان کي جيئڻ جي جماليات ڏئي محبت جو اھڙو درث ڏين ٿا ۽ وقت جي تاريخ ۾ گواھ بڻجي مرڪندا رھن ٿا جنهن مان ھزارين دليون اتساھ ماڻينديون رھن ٿيون. عبدالغفار تبسم “ڪوي کي جنم واڌايون”. ثناءُالله عتيق ڌرتيءَ جا اُو اَبل گهور وڃين توتان ماءُ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سندس گيتن جي مڌر آلاپن تي هڪ پورو نسل عاشق رهيو آهي. پنهنجي سٻاجهي طبيعت ۾ هوءَ هڪ سمنڊ آهي جنهن جي وجود ۾ درد، دک، وڇوڙن، اڪيلائين ۽ اداسين جا آبشار جتي آخر اچي پناهه وٺن ٿا. تبسم سان منهنجي پهرين سڃاڻپ استاد منظور سخيراڻي جي آواز ۾ سندس ڳايل گيتن، غزلن ۽ درد ڀريل لهجي جي شاعري سان ٿي هئي. سندس هڪ اهري ئي ڪلام ۾ تبسم کي دل جي قريب ڀائنيو هيم جڏهن هن پنهنجي محبوبا اڳيان اهيي انگل ۽ آرا ٿي ڪيا ته: پٽيندي گل پلاند ۾، ڪنڊن ۾ جي پئين ڪري، او پوپري او جل پري، ڏسي نٽائيندي نه ڪر! ايئن ئي تبسم جا شعر سنڌي رسالن ۾ ڇپجندا رهيا، سندس انٽرويوز پڻ سنڌي رسالن ۾ پڙهندا رهياسين. آخرڪار سنڏ يونيورسٽي ۾ پڙهائي دوران روپا ماڙي تي سنڌ يونيورسٽي پاران منعقد هڪ مشاعري ۾ تبسم سان پهريون سُٻنڌ جڙيو جيڪو پنهنجي منفرد هڳاءَ سان اڄ سوڌو سلامت قائم ۽ دائم آهي. مون تبسم جي هڪڙي سالگرهه لاڙڪاڻي جي المنصور هوٽل ۾ اٽينڊ ڪئي جنهن ۾ سنڌ جو سورهيه پُٽ بشير خان ڪراچي کان ڪهي اچي شامل ٿيو هيو. سڄي رات محفل موسيقي ۽ دوستن جا ۽ پياري سائين تبسم جا ٽهڪڙا ٻڌندا رهياسين صبح جو ناشتو پڻ گڏجي ڪيوسين. ڳچ سالن بعد ڪراچيءَ ۾ تبسم سان ملاقات ٿي قرب ڪري تاج هوٽل تي ڪهي آيا، منهنجو ٻارڙن جي شاعري جو مجموعو پاڻ سان کڻي ويا ته جيئن سولائي سان ٻه لفظ لکي سگهن. ٻئي ڏهاڙي پاڻ گڏجي سنڏ اسيمبلي منهنجي دوست سيد حسن شاهه سان ملاقات لاءِ گڏجي پهتاسين. ان عرصي بعد تبسم سان محبتن، قربتن ۽ تخليقي رابطن جو اڻکٽ سلسلو جاري ساري آهي. اڄ سائين تبسم جي سالگرهه آهي کيس سالگرهه جون لک لک واڌيون ڏيندي سندس وڏي ڄمار لاءِ دعائون ۽ سندس شاعريءَ جي بهار جي آجيان ڪجي ٿي. تبسم جي شاعري سادي لهجي ۾ دل جي ڌڙڪن جيان هوشربا طلسم آهي، جتي دل جي ڳڙکين کان زندگي جو سڄو سارو ٽڪساٺ مرڪندو، لڇندو ۽ جياپي جا جتن ڪندو نظر اچي. تبسم جا “گُلن جهڙا ڳل” ۽ سندس شاعريء جا “شفق وارا ڇانوار” پنهنجي ٽهيءَ جا وڏا روشن دليل آهن، جنهن ۾ تبسم پنهنجي پويتر پيار جو اظهار ڪندي چيو آهي ته: هر ڪا آس پُڄي ويندي پر، ننڍڙو آ ناڪافي جيون! تبسم جي شاعراڻي ٽئڪنيڪ پنهنجي ڌرتيءَ جي ڪُک منجهان سلا سلا ٿي اُڀري نسري آئي آهي. سندس شهڪار ملنسار مزاج جي مٽيءَ ۾ ڳوهيل لهجو به پٿر دل حسينائن جي دلين ۾ محبتن جا آبشار پيدا ڪندو هڪ محبوب ديويءَ اڳيان مجبور ٿي ڪري اهيو چوڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿا ته : دل جي در کان ته دُک هليا آيا، رات برسات جي بهاني تي! تبسم محبتن جي مسيحائي ڪندي هڪ هڪ جذبي هڪ هڪ اُڌمي جي اپٽار ايئن ڪري ٿو جو جدائيءِ جا ويچار اُٻاڻڪا ۽ اڇوتا بڻجي وڃن ٿا. سندس ڪمال جون سٽون آهن جنهن ۾ هڪ ڪرشماتي طبيعت کي فطري رنگ سان رنڱيندي هوء رومانوي ڪمال تي پهچي وڃي ٿو : دست شفقت مٿس تو ڪيو هوندو، گل گلابي تڏهن ٿيو هوندو! تبسم ڀري تري هجومن ۾ پنهنجي من جي مئڪدي جو هڪ انوکو ساقي رهيو آهي. جنهن وٽ بيساختگي ۽ پاڻمرادو اظهار تڙپي ۽ لڇي پوي ٿو جنهن جو ڪو اتو پتو، پار ۽ دنگ به نظرن کان اوجهل ٿيو وڃين. سندس نفيس احساسن جي غضب جهڙي اڻت ته ڏسو: سمنڊ ڪناري تي هوءَ چنڊ ڏسڻ آئي، سندس سندرتا، نرملتا ۽ دل جي اجري ديس جي زبان ڪيڏي نه دل تي جادوگري ڪندڙ آهي جڏهن تبسم چوي ٿو ته: ماڻهن وانگر تو ڀي ته منهنجو موتين جهڙو من نه سڃاتو، تبسم سان ڪاوڙجي پئي ان هِن هُن جي افواهن تي! تبسم نئين ديري جي مٺڙي مٽيءَ منجهان جڙيل جنم جنم جو جام آهي جنهن جي هڪ هڪ سُرڪ ۽ هڪ هڪ ڍُڪ ۾ سچائي، ارڏائي، ديس جي دلداري، محبتن جي مسيحائي، دُک جي اپتار، اٿاهه جذبن جي گلڪاري ۽ زماني جي نبض تي هڪ ڪامل ويڄ جا هٿ رکيل پيا نظر اچن ڇاڪاڻ جو تبسم جي شاعري محبت جي مدار ۽ فڪر جي فريم کان ٻاهر ڪونه نڪتو آهي. منهنجي ذهن جي ڀتين تي سندس قومي ڪاڄن ۾ پڙهيو ويندڙ گيت “ڌرتيءَ جا او ابل گهور وڃين توتان ماءُ “ پڙاڏا ٿي گونجندو رهيو آهي. سندس دل تي جادو ڪندڙ شاعري شال للاٽ ۾ لاٽ ٿي ٻرندي رهي. ڪيڏو ڀي درد هجئي پر تون هميشه لب تي، مون کي استاد چيو هو ته تبسم رکجانءِ! (ثناءُ الله عتيق جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۹ نومبر تي رکيل/ کنيل) عبدالغفار تبسم سنڌي زبان جو سرموڙ قوي - (سندس سالگرهه جي ڀيٽا) آصف رضا موريو نفيس انداز ۾ سليس سنڌي ٻولي کي شاعري طور پنهنجي اظهار جو ذريعو بڻائيندڙ عبدالغفار تبسم کي سنڌ جو نمائندو شاعر سڏجي ته بيجا ڪونه ٿيندو جنهن جي بااخلاق لهجي ۽ شائسته گفتگو مان صوفياڻو رنگ ڍنگ جهاتيون پائيندو آهي. سچ اهو پڻ آهي ته هو پنهنجي اٿڻ ويهڻ، کائڻ، پائڻ پهرڻ سان گڏ زندگي جي بيشمار معاملن ۾ مونکي پنهنجي ئي ڪنهن معياري رنگِ غزل جهڙو شاهڪار لڳندو آهي. نفرتن جي دنيا ۾ پيار ۽ پاٻوهه ونڊيندڙ تبسم جو نه رڳو تخلص شاعراڻو آهي پر سندس من موهيندڙ دلچسپ ۽ پروقار ادبي شخصيت کي پڻ شاعري کان الڳ ڪري ڪونه ٿو ڏسي سگهجي جو هو ادب نواز قوي انسان دوست هئڻ سان گڏ وطن پرست ۽ دوست نواز پڻ آهي. تبسم جي شخصيت ۾ جيڪا نفاست ۽ توازن آهي سو سندس شاعري ۾ پڻ ڏٺو ويو آهي. بزرگي واري عمر ۾ نوجوانن جهڙو شاداب لڳندڙ تبسم عزت شهرت جي ايڏي اونچي مقام تي پهچڻ جي باوجود پنهنجي شاعري، ادبي حلقي، سماجي سڃاڻ، دنياوي وهنوارن ۽ دوستي ياري جي تمام تقاضائن کي هڪ ڪرو نڀائيندڙ هن جي شخصيت جا تمام لڀائيندڙ ۽ دل آويز پاسا آهن. عبدالغفار تبسم جو جنم ۲۰ نومبر ۱۹۵۱ع ڌاري نئون ديرو(موجوده رتوديرو) تعلقي جي ڳوٺ ميرپور ڀٽو ۾ ٿيو. سندس والد جو نالو قادر بخش ڀٽي هيو. پرائمري پنج سال گورنمنٽ پرائمري اسڪول نئون ديرو ۽ پرائمري اسڪول ڳڙهي ياسين ۾ حاصل ڪيائين. ۱۹۶۳ع ۾ هو الفتح شاگرد فيڊريشن نئوڻ ديرو جو جنرل سيڪريٽري هئڻ سان گڏ سگا شاخ نئون ديرو جو باني ۽ نئون ديرو ڊراماٽڪ سوسائٽي جو صدر پڻ هوندو هيو. نائين جماعت تائين پبلڪ اسڪول حيدرآباد ۾، ڏهين جماعت کان فرسٽ ييئر ڦليلي سائنس ڪاليج حيدرآباد پڙهيو جڏهن ته بي اي ۱۹۷۲ع ڌاري گورنمنٽ ڪامرس آرٽس ڪاليج جناح باغ لاڙڪاڻو مان حاصل ڪيائين جتي پڙهائي دوران شاگرد يونين جو جنرل سيڪريٽري هوندو هيو. هو پڙهائين دوران بهترين مقرر هوندو هيو جنهن تقريري مقابلن ۾ انعام پڻ کٽيا. پاڻ ۱۹۷۴ع ڌاري سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان بين الاقوامي تعلقات ۾ ايم اي پڻ ڪيائين شاگرد يونين جو نمائندو ۽ سنڌ ماروئڙا اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو عهديدار هوندو هيو. کيس تعليم جو شوق پنهنجي والد جي وفات کان پوءِ ٿيوجيڪو نئون ديرو ۾ ڀٽو اسٽيٽ جو مينيجر هوندو هيو. والد جي مالڪ کي پياري ٿيڻ کان پوءِ سندس ڪلهن تي ذميدارين جو بار پيو ته هن ايندڙ ڏهن سالن تائين زندگي جو گاڏو هلائڻ لاءِ لاڙڪاڻو ۽ نئون ديرو ۾بيشمار ڪم ڪارون ۽ ڌنڌا ڌاڙي ڪيا، ڪاروبار ۾ فائدا نقصان ڪيا، ٺيڪيداري ڪئي ۽ نئون ديرو ۾ ميوزڪ سينٽر کوليو وغيره وغيره. هن نج ادبي ماڻهو سماجي مڃتا جي رڃ پنهنجا ترحا رارڻ لاءِ سياست جي خارزار وادي ۾ پنهنجو پاڻ آزمايو، ۱۹۸۱ع کا ۱۹۸۷ع تائين چار دفعا نئون ديرو ميونسپل ڪارپوريشن جو چيئرمن به مقرر ٿيو پر سياسي مزاج نه هئڻ سبب اهڙن جوکن ۾ ڪارگر انسان ڪونه ٿي سگهيو. ۱۹۷۲ع ۾ کيس انگريزي استاد طور پهرين ملي ۽ سندن پهرين پوسٽنگ نئون ديرو پرائري اسڪول ۾ ٿي. ڪجهه عرصي کان پوءِ هو اها نوڪري ڇڏي لاڙڪاڻو ۾ فيملي پلاننگ آفيسر مقرر ٿيو.۱۹۷۳ع کيس يوبي ايل بينڪ ۾ نوڪري ملي. ذوالفقار علي ڀٽو جي دورِ حڪومت ۾ دنيا گهمڻ جي شوق دل ۾ ڪر کنيو ته ٿورڙي ڪوشش کان پوءِ ۱۹۷۵ع ڌاري پي آءِ اي جي هيڊ آفيس جي ڪارگو سيڪشن ۾ ٽريني آفيسر مقرر ٿيو جتان جنرل ضياءُالحق جي مارشل دوران کيس نيڪالي ڏني وئي. پيپلز پارٽي جي دور ۾ حڪومت جي سهڪار سان اين آر سي ڪورٽ ۾ مارشل دوران ڪڍيل ملازمن جا ڪيس هلايا ويا ته ۱۹۹۰ع ۾ تبسم صاحب کي به وري ساڳي ملازمت تي بحال ڪيو ويو جتان ڪارگو مينيجر جي عهدي تان ۲۰۰۶ع ۾ وقت کان اڳ استيفا ڏنائين. ۱۹۸۰ع ڌري سندس شادي ٿي ۽ کيس خليل جبرا، ارسلان، نوشيروان، زعفران، فاران نالي پنهن تاريخي پٽن ۽ ساره غفار نالي هڪ نياڻي جي اولاد آهن. عبدالغفار تبسم سنڌ جي موجوده شاعر لڏي ۾ سڀ کان وڌيڪ ڳايو ويندڙ، ٻڌو ويندڙ ۽ هر ٽهيءَ جو پسنديده شاعر آهي جنهن سنڌي شاعري جي هر صنف تي انتهائي خوبصورت ۽ شاندار طبع آزمائي ڪئي آهي. تبسم تخلص رکڻ کان اڳ غفار، عادل ۽ غفار راهي جا تخلص پڻ آزمايائيندو رهيو آهي. شاعري جي ابتدا ۱۹۶۲ع ڌاري ڪيائون. پاڻ پهريون گيت ته “اچو ته گڏجي ڏينهن ملهايون” نئون ديرو ٿيٽر ناٽڪ مندلي ۾ جهونگاريو هيو. سندس شاعري کي نئون رخ سندس ڀاءُ محمد يوسف ڀٽي جي روڊ حادثاتي موت ڏنو جنهن جي ناگهاني موت تي تبسم هڪ تاثراتي غزل لکيو هيو جيڪو سندس دوست امداد حسين ميراڻي ڳائي ٻڌايو جنهن جو آواز مهدي حسن سان ملندو هيو. سندس نثر ۾ پهريون ناول “منزل منزل غم جا سايا” لکيو هئائين جيڪو قسطوار المرتضا اخبار لاڙڪاڻو ۾ ڇپندو رهيو جيڪا ڪنهن دور ۾ علي حسن ڌاريجو (علي مرتضا ڌاريجو جو والد) لاڙڪاڻو مان ڪڍندو هيو. اهڙي ريت پاڻ تخيل جي رٿ جي جو سوار ٿيو ته شاعري جي افق جا نوان نوان آسمان ڳولي اسان تائين پهچائيندو رهيو. سندس شاعري جو سي ڊي جي صورت ۾ پهريون جامع البم ورلڊ سنڌي انسٽيٽيوٽ پاران واشنگٽن مان پڌرو ڪيو ويو هيو. شوقيه شاعري کان ذوقيه شاعري ڏانهن پنهنجو پاڻ کي مڃرائيندڙ تبسم سنڌ جو اهڙو سدا بهار قوي آهي جنهن جي شاعري ۾ مستقل تازگي، ترنمي ۽ تازه خيالي سان گڏ سندس اسلوب تهه دار، دلچسپ ۽ بامعني رهيو آهي شايد اهو ئي سبب آهي جو سندس شاعري پڙهندڙن کي هر دور ۾ دائمي مزو ڏيندي آهي. جذب ۽ عرفان جون منزلون ماڻيندڙ هن شاعر وٽ غزل جو اهڙو منفرد انداز رهيو آهي جنهن کي نه رڳو اهو ته ڪا به ادبي هلچل هن وقت تائين متاثر ڪندي نظر ڪونه ٿي اچي پر ان جي ابتر پٺين ٻن ڏهاڪن ۾ تمام ادبي کيتر جي تمام تحريڪن کي سندس ڪلام جي سماجي، ادبي ۽ آفاقي حيثيتِ فڪر ڪنهن نه ڪنهن ريت متاثر ڪندي نظر اچي ٿي. سنڌي ادبي کيتر جا بيشمارسنجيدهه محقق ۽ نقاد کيس غزل جو انتهائي ممتاز شاعر پڻ مڃين ٿا جن جو اهو پڻ خيال آهي ته تبسم جيترو ڀرجلو شاعر آهي سنڌ جي ادبي کيتر ۾ کيس اوتري حيثيت اڃان تائين ڪونه ملي آهي جيتري جو هو اصليتن حقدار ٿئي ٿو. منهنجي خيال ۾ تبسم جو سنڌي زبان جي تاريخ جي انهن تمام استاد شاعرن منجهان ڳاڻيٽو ڪري سگهجي ٿو جيڪي غزل ۾ انساني تعلقات جي انتهائي پيچيده نفسياتي مطالعي ۽ پنهنجي اردگرد کي نهايت دلربا، دلنشين، دل آويز ۽ ڳوڙهي مشاهدي ۾ پيش ڪندا رهيا آهن. سندس شاعري مان جهاتيون پائيندڙ طرزِ احساس ۽ ردِعمل مان پڻ هن جي هڪ باخبر انسان جي دل و دماغ جي نشاندهي ٿئي ٿي جنهن کي نه رڳو شاعري جي تمام فني رمزن جي ساڃاهه آهي. “رنگين شاعري سنگين زندگي” جي مقولي تي پورو ٺهڪندر تبسم سنڌي زبان جو اهڙو سرموڙ شاعر آهي جنهن لاءِ ماڻهن جي دلين ۾ پهچڻ، انهن ۾ رهڻ ۽ راڄ ڪرڻ جو ڪامل وسيلو سندس شاعري جو اسلوب ئي آهي. عبدالغفار تبسم اسان جي موجود ٽهي جي انهن ڪجهه شاعرن منجهان آهي جن متعلق مون کي يقين آهي ته ڏينهن رات جي ڪنهن نه ڪنهن ويل، ڪنهن نه ڪنهن پاسي، دنيا جي ڪنهن نه ڪنهن ڪنڊ ڪڙڇ ۾، ڪٿي نه ڪٿي ٻڌو، پڙهيو ۽ جهونگاريون ضرور ويندو هوندو. توڙي جو سندس اندازِ بيان تمام گهڻو فهم هئڻ ڪري سندس شاعري جي پروڙ عام مطالعي مان به پئجي وڃي ٿي پر سندس ڪلام ۾ موجود چاشني ۽ دلربائي انداز باربار پڙهڻ ۽ وڌيڪ توجهه سان پڙهڻ لاءِ اڀاري ٿو جو هو انساني شعور جي نازڪ معاملات کي لفظن ذريعي منظر عام تي آڻڻ جو ڪمال پڻ رکي ٿو. سندس شاعري انساني نفسيات جي گهرائين ۾ لهي وڃڻ جي جادوگري کان پڻ واقفڪار لڳندي آهي. جهڙا رومانوي جذبات مون کي تبسم جي شاعري ۾ لڀندا آهن اهڙا ڪنهن ٻئي شاعر جي ڪلام ۾ گهٽ نظر آيا آهن. شاعري جو مقصد پنهنجي اندر جي اڌمن، اهنجن ۽ پيڙائن جهڙي مشڪل جذبن کي آسان لفظن جا ويس پارائي پيش ڪرڻو هوندو آهي جنهن ۾ تبسم جهڙي عظيم شاعر کي ڪامياب ٿيندي ڏٺو ويو آهي جو لفظن جي هن جادوگر جي پٽاري ۾ انيڪ انمول جذبن تئين لفظ ستا پيا هوندا آهن جيڪي هن جي سوچ جي اشاري تي چلولائيندي پنهنجا جلوا ڏيکارڻ لاءِ بيتاب هوندا آهن. سندس خاص ڪتاب هيٺ ڏجن ٿا. • گلڙن جهڙا ڳل، ۱۹۶۶ع • شفق وارا ڇانورا، ۱۹۸۲ع • مٽيءَ جا سر، ۱۹۹۱ع • زندگي تنهنجا رنگ هزار (سفرنامو) ۱۹۹۴ع • هن وقت تائين سندس بيشمار ڪتاب جهڙوڪ بشمول • سي ئي جوڀن ڏينهڙا (آتم ڪٿا) ۱۹۹۴ع • سوچون صحرا سراب،۱۹۹۵ع • نيڻن جي آڳر ۾،۱۹۹۶ع • ڪندي ڪناري ناُوسال ۱۹۹۹ع • تنها ڪنڌي مسافر، ۱۹۹۹ع • اڀ هيٺان اڃارا گيت لڇن ۲۰۰۱ع • امريڪا، ٿائيلينڊ، سنگاپور جو سفر نامو)، • موسيقي موسم ۽ تبسم، ۲۰۰۳ع • سج آرسي ۾، ۲۰۰۵ع • جو پل جهومي جهول ۾، ۱۰۰۶ع • لنڊن تنهنجا رنگ هزار (لنڊن، • سونهن کڻي ساڻيهه ڄميو، • پسڻ جون پڪارون وغيره شامل آهن. سندس شاعريءَ جون ھيٺ ڄاڻايل، ڏھ آڊيو ڪيسٽون رليز ٿي چڪيون آهن. • چانڊوڪي جا مسافر • همسفر • منهنجا حسين خواب • سانوڻ ۽ ساجن • اداس • بيقراري • دردن جي دنيا • دل جون صدائون • منهنجا گيت • ڪلھ رات ڪو سپني ۾ آيو. • ان کان علاوه سندس سرجيل خوبصورت گيتن تي مشتمل هڪ سي ڊي ورلڊ سنڌي انسٽيٽيوٽ آف آمريڪا طرفان موتين مالا جي عنوان تحت رليز ٿي چڪي آهي. سندس ادبي ۽ علمي ڪاوشن طور کيس بيشمار انعام ۽ ايوارڊ ملي چڪا آهن جن مان • عبرت اخبار ايوارڊ، • سنڌي انسٽيٽيوٽشن واشنگٽن طرفان ايوارڊ، • اڳواڻ پبليڪيشن ايوارڊ، • سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ طرفان ايوارڊ، • ڊائو ميڊيڪل ڪاليج طرفان ايوارڊ وغيره شامل آهن. تبسم پنهنجي شاعري ۾ ڪٿي ڪٿي پنهنجي حقيقت پاڻ لڳندو آهي جنهن جي پيڙا ۽ درد ئي سندس زندگي جو اهڙو سرمايو آهي جنهن سان هو پنهنجي پڙهندڙن سان تخيلي تعلق جوڙيندي نظر ايندو آهي. منهنجا تمام گهڻا دوست اديب، مورخ، شاعر، دانشور آهن جن مان ڪيترائي مونکي پنهنجي تحريرن کان کوڙ پري نظر ايندا آهن ۽ کوڙ وري پنهنجي ڪلام و بيان کان مٿاهان بيٺا هوندا ملندا آهن پر ان پسمنظر ۾ تبسم جي شخصيت پنهنجي تحريرن جي برابر بيٺي نظر ايندي آهي تنهنڪري ان تي لکڻ لاءِ منافق ٿيڻ جي ضرورت ڪونه هوندي آهي بلڪه ان تي لکڻ تمام سولو لڳندو آهي جو ان جي ڪار ڪمائي تي نه وڌاءُ ڪرڻ جي ضرورت پوندي آهي نه گهٽاءُ ڪرڻ جي. کيس ننڍي هوندي کان لکڻ پڙهڻ ۽ اداڪاري جو شوق هوندو هيس. سندس سنڌي اداڪار وسيم ۽ وحيدمراد سان ملندڙ خوبصورت ۽ هيروئڪ چهري سبب کيس فلمن ۽ ڊرامن جو شوق پڻ هوندو هيو. نئون ديرو ۾ پڙهائي دوران ڊراميٽڪ سوسائٽي جي صدر واري دور۾ هن باغبان، ليلا چنيسر، شيرين فرهاد وغيره ڊراما پڻ ڪيا. ۱۹۸۷ع ۾ هن پاڪستان ٽيلي ويزن جي ڊرامي بري هن ڀنڀور ۾ ۽ چنڊ رهين ٿو دور ۾ پڻ هيرو جو ڪردار ادا ڪيو هيو. ان کان علاوه پي ٽي وي جي بيشمار پروگرامن جو روح روان رهيو جهڙوڪ ۱۹۸۱ع کان هڪ سال لاءِ سنڌ سينگار جو ميزبان. ڪجهه سالن تائين آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي جي گورننگ باڊي جو ميمبر رهيو. تبسم ڪجهه فلمن ۾ پڻ ڪم ڪيو جن مان ۱۹۸۴ع ڌاري ايس ايم بروهي جي هدايات ۾ ٺهيل فلم برسات جي رات هئي جنهن ۾ هيرو جو ڪردار پاڻ ادا ڪيو هيائين جنهن جي شوٽنگ لاڙڪاڻو جي سمبارا هوٽل ۾ ٿي هئي جيڪا مان ٻه اڌائي ڏينهن ڏسڻ ويندو هيم جي ان دور ۾ مان سمبارا جي سامهون پوليس هيڊڪوارٽر ۾ رهندو هيم، فلم جي ٻي ڪاسٽ ۾صلاح الدين تنيو، منظورمراد، نسرين ناز، پونم، روشن عطا، منظور سخيراڻي ۽ ساقي شامل هيا. لاڙڪاڻا فلمز پڪچر هائوس ڪراچي پاران هي فلم ۱۹۸۵ع ڌاري عيدالفطر جي موقعي تي رليز ٿي هئي. سندس ٻي ڄاموٽ فلمز طرفان ۷ مارچ ۱۹۸۶ع تي هدايتڪار ايس گل جي ٺاهيل فلم سهڻاسائين ۾ تبسم ولن جو ڪردار اداڪيو هيو. ان فلم جو موسيقار غلام حيدر هيو جڏهن ته فلم جي ڪاسٽ ۾ غفار ڀٽي سان گڏ نورمحمد لاشاري، صلاح الدين تنيو، تهمينه، نيني ناز، ممتازڪنول، يارمحمد شاهه، روشن عطا، نسرين ناز، منظورمراد ۽ مشتاق جسڪاڻي شامل هيا. سنڌي ٻولي جي عظيم شاعر ناطي کيس دنيا ڀر ۾ گهرائي مان مرياده ڏني ويندي آهي. پاڻ مڃتا جي ان ماحول ذريعي انڊيا، امريڪا، ملائيشيا، سنگاپور، سعودي عربيه، دوبئي، بينڪاڪ، انگلنڊ، جرمني وغيره جي مختلف شهرن جون ياترائون ڪري چڪو آهي جن کي هو سفرنامن جي شڪل ڏئي اسان تائين پڻ پهچائيندو رهيو آهي. گذريل ڪيترن سالن تائين سنڌ جي ساڃاهه وند ادبي، سماجي حلقن ۾ تبسم جي شاعري بيشمار تخليقي، رومانوي ۽ مزاحمتي تحريڪن جي روح روان رهيو آهي. مان پڻ سوچ جي ارتقائي منزلن تي رسندي کان ئي سندس مداحن ۾ شامل رهيو آهيان جو تبسم جي شاعري پڙهندي ۽ ٻڌندي هڪ عجيب قسم جي ذهني، روماني ۽ جذباتي آزادي جو احساس جو واس وٺندو رهيو آهيان. (آصف رضا موريو جي فيسبڪ ٽائيم وال تي ۲۲ نومبر ۲۰۲۳ع تي رکيل) عبدالغفار تبسم سنڌي ٻوليءَ جو خوبصورت شاعر ۽ نامور شخصيت ارشادعلي ميراڻي سنڌ ڌرتيءَ هميشه ادب، ثقافت ۽ فن جي آبياري ۾ پنهنجي خاص مقام کي قائم رکيو آهي. اهڙي ئي سرسبز ادب جي دنيا ۾ عبدالغفار تخلص "تبسم" صاحب جو نالو هڪ روشن ستاري جيان چمڪي ٿو. سندس زندگي ۽ شخصيت مختلف رنگن ۽ مرحلن سان ڀري پيئي آهي، جن ۾ نه صرف شاعري پر اداڪاري، ميزباني، فلم سازي ۽ سماجي خدمتون به شامل آهن. عبدالغفار تبسم صاحب ۲۰ نومبر ۱۹۵۱ع تي ڳوٺ ميرپور ڀٽو، تعلقو رتو ديرو، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. پنهنجي پرائمري تعليم نئون ديرو ۽ ڳڙهي ياسين مان حاصل ڪئي. مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول نئون ديرو مان ۱۹۶۶ع ۾ مڪمل ڪيائين. اعليٰ تعليم لاءِ بي اي آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻي مان ۱۹۷۲ع ۾ گريجوئيشن ڪئي ۽ ايم اي (بين الاقوامي تعلقات) ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ۱۹۷۴ع ۾ ٻي پوزيشن حاصل ڪيائين. تبسم صاحب جو ادبي سفر ۱۹۶۴ع کان شروع ٿيو. سندس پهريون شعر ۱۹۶۶ع ۾ اورينٽل ڪاليج حيدرآباد جي هڪ مشاعري ۾ پيش ٿيو. هن وقت تائين سندس ڪيترائي شاعري مجموعا ڇپجي چڪا آهن، جن ۾: گلن جهڙا ڳل (۱۹۶۶ع) مٽي جا سر (۱۹۹۱ع) شفق وارا ڇانورا (۱۹۸۲ع) زندگي تنهنجا رنگ هزار (۱۹۹۴ع) سوچون صحرا سراب (۱۹۹۵ع) نيڻن جي آڳر ۾ (۱۹۹۶ع) تنها ڪنڌيءَ مسافر (۱۹۹۹ع) شامل آهن. تبسم صاحب جي شاعري ۾ محبت، ڌرتي ۽ انساني احساسن جو اظهار ملي ٿو، جيڪو سندس سوچ ۽ شخصيت جي عڪاسي ڪري ٿو. تبسم صاحب پنهنجي فني صلاحيتن کي به نکاريو. ۱۹۷۸ع ۾ مشهور ڊرامي بري هن ڀنڀور ۾ هيرو جو ڪردار ادا ڪيو. ٽيليويزن تي ڪيترائي سنڌي ڊراما پيش ڪيائين ۽ سنڌ سينگار پروگرام جو ميزبان رهيو. سنڌي فلم برسات جي رات ۾ هيرو جڏهن ته سهڻا سائين فلم ۾ ولن جو ڪردار ادا ڪيائين. تبسم صاحب ۱۹۸۳ع کان ۱۹۸۷ع تائين نئون ديرو ميونسپل ڪاميٽي جو چيئرمين رهيو ۽ شهر جي خدمت ۽ راڄوڻي فيصلن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيائين. پي آئي اي ۾ آفيسر جي حيثيت ۾ پڻ ذميواريون نڀايائين ۽ مارشل لا دوران ملازمت ختم ٿيڻ کانپوءِ ٺيڪيداري به ڪيائين. ۱۹۹۰ع ۾ ٻيهر پي آئي اي ۾ بحال ٿيو ۽ رٽائرمينٽ تائين پنهنجو فرض نڀايو. عبدالغفار تبسم صاحب جي شخصيت ڪيترين ئي صلاحيتن جو مجموعو آهي. شاعري، اداڪاري، ميزباني، سماجي خدمتون ۽ اعليٰ علمي قابليت سندس زندگيءَ جا روشن باب آهن. سنڌي ادب ۾ سندس خدمتون سدائين ياد رکڻ جوڳيون رهنديون. عبدالغفار تبسم جي شاعري سنڌي ثقافت، درد، محبت، ۽ سماجي حقيقتن جي نمائندگي ڪندي آهي. سندس شاعري نه رڳو داخلي جذباتن جو اظهار آهي، پر اهو سماجي ارتقا ۽ گڏيل شعور جي عڪاسي به آهي. سندس لفظن ۾ اها توانائي آهي، جيڪا دلين کي ڇهي ٿي، ۽ ذهنن کي جاڳائي ٿي. سندس شخصيت ۾ وقار، عاجزي، ۽ انسانيت جي خوشبو آهي، جيڪا سندس لکڻين ۾ نمايان آهي. تبسم نه رڳو شاعر آهي، پر هڪ اديب ۽ مفڪر به آهي، جيڪو پنهنجي سماج جي مسئلن کي شعوري انداز ۾ اجاگر ڪرڻ لاءِ قلم کڻي بيٺو آهي. تبسم جو ادبي سفر مختلف صفن تي مشتمل رهيو آهي، پر سندس شاعري خاص طور تي منفرد حيثيت رکي ٿي. هو جذبات، قدرتي مناظرن ۽ سنڌي ثقافت کي پنهنجي لفظن ۾ اهڙي انداز سان پيش ڪندو آهي، جو پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ کي هر لفظ پنهنجي دل جي ويجهو محسوس ٿيندو هجي. عبدالغفار تبسم جي شاعري جا موضوع گهڻ رخي آهن: سنڌ جي دريائن، ريگستانن، ۽ ماڻهن جي جدوجهد کي پنهنجي شاعري ۾ يادگار بڻايل آهي. محبت جي احساس کي سندس شاعريءَ ۾ اهميت حاصل آهي، جتي انساني عظمت ۽ جذبات جو وقار برقرار رهيوآهي. تبسم پنهنجي لفظن وسيلي سماج جي دردن ۽ مسئلن کي بيان ڪيو آهي، جيڪي هر سنڌي جي دل جي ڳالهه لڳن ٿا. سندس شاعريءَ ۾ سنڌ جي وڻن، گلن، ۽ فطرت جو عشق جاڳندو نظر اچي ٿو. عبدالغفار تبسم جي شاعري ۾ نه رڳو جذباتي حلاوت آهي، پر فڪري گهرائي به آهي. سندس لکڻيون سنڌي ادب لاءِ هڪ سرمايو آهن، جيڪي نه رڳو پڙهڻ وارن کي متاثر ڪن ٿيون، پر ادب جي طالب علمن لاءِ تحقيق جو اهم ذريعو پڻ آهن. تبسم جي شاعري پڙهڻ سان اهو محسوس ٿئي ٿو ته هو لفظن وسيلي پنهنجي دور جي سماجي، سياسي، ۽ ثقافتي حالتن کي قلمبند ڪري رهيو هو. عبدالغفار تبسم سنڌي ادب جي ان اُفق تي هڪ اهڙو تارو آهي، جنهن جي روشني سدائين سنڌ جي دلين ۽ ذهنن کي روشن ڪندي رهندي. سندس شاعري نه رڳو پڙهندڙن لاءِ خوشي ۽ جذبات جو ذريعو آهي، پر اها هڪ اهڙي فڪري ورثي جي نمائندگي به ڪري ٿي، جنهن تي سنڌي ادب کي هميشه فخر رهندو. عبدالغفار تبسم، بيشڪ، سنڌ جو هڪ وڏو شاعر ۽ اديب آهي، جنهن جا لفظ هميشه جيئرا رهندا. تبسم عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جو مطلب آهي "مرڪ" يا "هلڪي مرڪ". هي خوشي، محبت، سکون يا شائستگيءَ جو اظهار ڪري ٿو. تبسم هڪ اهڙو عمل آهي، جيڪو نه صرف دل کي خوش ڪري ٿو پر ٻين لاءِ پڻ محبت ۽ ويجهڙائيءَ جو سبب بڻجي ٿو. تبسم هڪ اهڙي خوبصورتي آهي، جيڪا ماڻهن جا دل ڳنڍي ٿي ۽ سماجي ماحول کي خوشگوار بڻائي ٿي. هي نه صرف اندروني سڪون جو ڪارڻ آهي پر ٻين لاءِ پڻ خوشيءَ جو ذريعو آهي. تبسم نئون ديرو جو هڪ نامور شاعر ۽ ادبي شخصيت آهي، جنهن جي شاعري سندس دور جي فڪر ۽ جذبات جي عڪاسي ڪري ٿي. سندس شاعري جو انداز منفرد ۽ سليس آهي، جيڪو عام ماڻهو جي دلين تائين پهچڻ جي صلاحيت رکي ٿو. تبسم پنهنجي ڪلام ۾ نه صرف عشق ۽ محبت جا رنگ آندا آهن، پر سماجي مسئلن ۽ انساني قدرن کي به تمام گهڻي اهميت ڏني آهي. عبدالغفار تبسم جو جنم ادبي ماحول ۾ ٿيو، جيڪو سنڌ جي ثقافت ۽ ادب جي لحاظ کان سدائين زرخيز رهيو آهي. ننڍپڻ کان ئي شاعري سان شوق هجڻ ڪري، هن شاعري جي ميدان ۾ پنهنجو پاڻ کي مڃايو. سندس ڪلام ۾ سنڌ جي مٽي جي خوشبو ۽ مقامي ماڻهن جي امنگن جو اظهار ملي ٿو. عبدالغفار تبسم جا موضوع وسيع آهن. هو عشق، محبت، سماجي ناانصافي، قوم پرستي، ۽ انساني قدرن تي شاعري ڪندو آهي. سندس شعرن ۾ سنڌي ٻولي جي حسن، ثقافت ۽ ورثي کي نمايان طور پيش ڪيو ويو آهي. هو پنهنجي ڪلام ذريعي نه صرف خوشين، پر ماڻهن جي ڏک ۽ سورن کي به بيان ڪري ٿو. عبدالغفار تبسم جا شايع ٿيل ڪتاب ، ادبي حلقن ۾ تمام گهڻو پسند ڪيا ويندا آهن. هو ادبي محفلن ۾ پڻ هڪ نمايان حيثيت رکي ٿو ۽ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٿيندڙ مشاعرن ۾ شرڪت ڪندو رهيو آهي. سندس شاعري نه صرف سنڌ ۾، پر ٻاهرين ملڪن ۾ به پڙهي ۽ پسند ڪئي ويندي آهي. عبدالغفار تبسم سنڌ جي ادبي دنيا ۾ هڪ اهم حيثيت رکي ٿو. سندس شاعري نسلن لاءِ مشعلِ راهه آهي ۽ ادب جي دنيا ۾ هڪ قيمتي ورثو آهي. هن پنهنجي لفظن ذريعي سنڌ جي ماڻهن ۽ ثقافت کي جنهن انداز سان پيش ڪيو آهي، اهو تاريخ ۾ هميشه ياد رهندو.
نارائڻ شيام هجي جا کاڻ خوبين جي وينا شرنگي پهتاسين ڪهڙي ماڳ وڃي ڇا ڪندين پڇي ها، ڏس ته هن سفر ۾ لنگهياسين ڪٿان ڪٿان. (شيام) سدا حيات شاعر شيام ڪهڙو ماڳ وڃي وسايو آهي، ان جو انت لهڻ ته مشڪل آهي، پر زندگيءَ جي سفر ۾ هو ڪٿان ڪٿان رهگذر ٿيو، ان سفر جو پيرو کڻن ته مشڪل آهي، جنهن تخليقي شعور جي منزل ۽ ماڳن جي بلندين کي شيام ڇهيو تنهن نقش پا، جي مٽيءَ جي خوشبو ۽ هڳاءَ جو واس جڏهن به، جنهن به ماڻيو آهي، اهو مدهوشيءَ جي عالم ۾ پاڻ وڃائي ويٺو آهي، هو سچ ۽ سنهن جو شاعر هو، سندس ٻوليءَ ۾ مٺاس، ۽ ان جو استعمال اهڙي ته ٺهڪندڙ نموني ڪيو آهي جو عبارت ۽ سندس اسٽائيل ٻين شاعرن کان الڳ ٿي بيهي ٿي، سندس شاعري بلندين کي ڇهي ٿي، پوءِ چاهي شاعريءَ ۾ ڪتب آندل تشبيهون هجن يا وري مُحاورا يا مثال – شيام پنهنجي رچنائن ۾ جا ٻولي ۽ لفظ ڪتب آندا آهن، تن جي باري ۾ شاعر سڳن آهوجا جو چوڻ آهي ته : هو اهڙا لفظ نه گهڙيندو آهي جن مان ٻوليءَ جي بگڙجڻ جو انديشو هجي، شيام پنهنجا لفظ گهڙيندو ضرور آهي پر اهڙا جن سان شاعريءَ ۽ ٻوليءَ جي خدمت ٿي سگهي، دهليءَ جي سدا حيات شاعر جي فڪر ۽ شخصيت جي ڪن پهلوئن کي اوهان آڏو پيش ڪندي خوشي ٿي رهي آهي، شيام سان ڪهڙي سال ملاقات ٿي، اهو ته ياد نه آهي پر ماضيءَ جي جهروڪن مان سندس ماٺيڻي شخصيت جا ڪي عڪس ۽ اولڙا اُڀري اچن ٿا، سندس گفتگو ٿڌي هير جيان، اڄ به اچي دڳ جهلي ٿي بيهي، تقريبن اڌ صديءَ شيام شاعريءَ جي نانءِ ڪري ڇڏي، دهليءَ جي هن سدا حيات شاعر جو جنم ۱۹۲۲ع ۾ ٿيو، ۱۹۳۹ع ۾ شاعريءَ جي شروعات ڪئي، سندس پتا ڪامورو هو، سندس ادبي پونجي. پنکڙيون (رباعيون ۽ روپ مايا کنڊ ڪاويه (۲) رنگ رتي لهر (۳) روشن ڇانورو) (۴) ماڪ ڀنا رابيل (۵) واريءَ ڀريو پلاند (۶) آڇيندي لڄ مران (۷) مهڪي ويل صبح (۸) ڏات ۽ حيات (ڀاڱو پهريون ۽ ٻيو) شيام کي مرڪزي ساهتيه اڪادميءَ طرفان ”آڇيندي لڄ مران“ تي انعام سان نوازيو ويو، ساهتيه اڪادميءَ طرفان شيام تي مونو گراف شايع ڪرايو، آهي. شيام – غزل، دوها، سورٺا، قطعه، رباعيون، هائڪو (تصويرون، گيت، سانيٽ، آزاد نظم کنڊ ڪاويه کي سونو چوڌريءَ ڪجهه ڦير ڦار سان منچ تي آندو آهي، جنهن ناٽيه روپانتر کي جبلپر ۾ سڀا جي پروگرام ۾ ڏسڻ وٽان موقعو مليو. لطيف فن ۾ موسيقيءَ کي اهم درجو آهي، شاعري ۽ موسيقي ٻنهي جو پاڻ ۾ گهرو رشتو آهي، جا شاعري دلين ۾ ديرو ٿي ڄمائي، وليم ورڊس ورٿ موجب. Poetry is the first and last of all the knowledge, it is as immortal as the heart William words worth شاعري اها شئي آهي جيڪا جٽادار آهي، شيام پنهنجي شاعريءَ ذريعي زنده آهي، سندس شاعري Immortal آهي. فن ۽ شخصيت جي ڪن پهلوئن تي نظرثاني ڪرڻ سان دهليءَ جي هن صدا حيات شاعر جا انيڪ پهلو اکين آڏو اُڀري اچن ٿا، شيام قد ڪاٺ جو پورو پنو يا ائين کڻي چئجي ته ڏٻرو، پر تخليقي شعور سان ڀرپور، ڏات هن تي مهربان رهي، سندس آواز جو مڌم لهجو، نرم (سافٽ) جڏهن به هن سان ملاقات ٿي مون کيس ڪڏهن به هاءِ پچ تي ڳالهائيندي نه ڏٺو، پهنجائپ وارو رويو، مٿي جا وار بلڪل ڇڍا اکين ۾ روشني، انهيءَ جي باوجود اڃان روشني ڏٺي اڃان روشني ڏٺي-جي ڌڻيءَ در پراٿنا جا روشني، جو نور سندس تخليقي سرمائي مان ڇلڪي ٿو، آل انڊيا ريڊيو جي پرڏيهي نشريات جي سنڌي سروس ۾ مون کيس ستر واري ڏهاڪي کان ڏٺ. سندس ڀاءُ هيم ناگواڻيءَ سان ته باقاعدي هفتي ۾ ٻه ٽي ڀيرا ملاقات ٿيندي هئي، پر نارائڻ شيام سان مهيني ٻن کانپوءِ ملاقات ٿيندي هئي، ادبي گلشن پروگرام لاءِ شعرو شاعري رڪارڊ ڪرائڻ ايندا هئا، سندن رڪارڊنگ ڪڏهن مان، ڪڏهن پروگرام آفيسر ڪندا هئا، ڪڏهن ممبئي، جئپور، ڀڄ يا احمد آباد جي آڪاشواڻي مرڪزن طرفان، سندن شاعري رڪارڊ ڪرائڻ جو خط ايندو هو، براڊڪاسنگ هائوس جي سيڪنڊ فلور تي اسان جو ڪمرو هوندو هو، ڪڏهن لفٽ هلندي هئي ڪڏهن نه، اسان هيٺ لهي ته ويندا هئاسين پر گهڙي گهڙي چڙهڻ کان ڪنارو ڪندا هئاسين. جو چڱي خاصي پريڊ ٿيندي هئي، اسان رڪارڊنگ جو ٽائيم گهڻو ڪري منجهند جو رکندا هئاسين، جو لنچ ۾ اسٽڊيو خالي ملندا هئا، موبائيل فون جي سهوليت به ڪانه هوندي هئي، گهڻو ڪري فون ٺپ ئي رهندا هئا، اهڙيءَ حالت ۾ نارائڻ شيام ڏاڪڻيون چڙهي مٿي يونٽ ۾ ايندا هئا، سندن چهري تي مٺي مرڪ ۽ چپن ۾ ٻه اکر ڳالهائي حال احوال وٺندا، سندس شخصيت جو هڪ رنگ اهو به شڪوه شڪايت نه ڪرڻ هن جا ڪيترائي غزل ريڊيو تان نشر ٿيندا هئا، حسين وادين ۾ کوئجي ويندا هئاسين، چپ نه چريا اک ڳالهايو پئي مون انهيءَ مرڪ لاءِ واجهايو پئي، چپ نه چريا... يا نئين آهي نت ناز وارن جي ٻولي نگهائن ادائن اشارن جي ٻولي، نارائڻ شيام آل انڊيو جي سنڌي سروس باقاعدي ٻڌندا هئا، تن ڏينهن پروگرام جي رسپشن به سٺي هوندي هئي ۽ آواز ڪليئر ٻڌڻ ۾ ايندو هو، جنهن ڳالهه جي ڄاڻ سندن شاعريءَ مان معلوم ٿي. ريڊيو سان وابسته قطعه ۾ فرمائي ٿو. دوست تنهنجو ڪلام رات ٻڌم اوچتو آيو دهلي ريڊيو تان سچ ته هر شعر ٿئي ڇهيو دل کي پر چوان واهه واهه ڪنهن لاءِ (شيام ) ريڊيو سان ئي وابسته پنهنجي ٻئي قطعه ۾ فرمائي ٿو : ڪنهنجو ريڊيو کليل هو پاڙي ۾ آيو آواز بنسريءَ جو پئي تنهنجي هٿ ۾ کليل هئي گيتا شيام ريڊيو مگر تو ٻڌو پئي! (شيام) هٿ ۾ گيتا هوندي بينسريءَ جي مڌر تان ۾ پاڻ کي مگن پائي ٿو، هن جو سنگيت سان روح جو رشتو رهيو، ماڻڻ لاءِ به سچائي، پرکڻ واري اک، شوق ۽ ذوق گهرجي! شيام ايترو قداور ۽ عظيم شاعر هو، سچ پچ ان وقت اهو احساس نه ٿيو جو شيام ڪڏهن به ان طرح جو احساس نه ڏياريو، عام رواجي شخصيت جيان سندن ننڊي چاهي وڏي سان وهنوار هڪجهڙو هوندو هو، جڏهن نارائڻ شيام جي شاعري هاڻي پڙهون ٿا يا فنڪارن جي آواز ۾ سندس گيت ٻڌو ٿا، تڏهن احساس ٿئي ٿو ته ڪجهه ڏات ۽ انهن جو ڏانو مان سندن حيات دوران رهنمائي حاصل ڪريون ها، شيام پاڻ فرمائي ٿو، شيام کي شعرن منجهان سمجهي سگهيس. گر چه مون سمجهي نه هن جي شاعري! (شيام) سندس شاعري سمجهڻ جي دعوا ڪري اسان ته ڇڏيو، ان کي سمجهڻ چڱن ڀلن جي وس کان ٻاهر آهي، پر ان جي ٻوليءَ جي سُنهن، ردم ۽ حسن کي ماڻي اندر ملهر ڊوڙي وڇي ٿي، ڪنهن به شاعر جي اها وڏي ڪاميابي آهي جو هن جي لکيل شعرن مان، هر ماڻهو کي لڳي ته هيءُ منهنجي زندگيءَ جو عڪس آهي، اهو ئي سبب آهي جو هر فنڪار ۽ هر اديب شيام جي شاعريءَ کي پئي ڪوٽ ڪيو آهي. شيام فرمايو آهي، شاعري محسوسات جو سريلو اظهار آهي، شاعري جذبات جي طوفان کي لفظن ۾ قابو ڪرڻ جو نالو آهي، جذبات کي لفظن ۾ قابو ڪرڻ سولو ناهي، مگر شاعر جيڪو تخليقي لفظن جو استعمال ڄاڻي ٿو، اڻ ٿيڻيءَ کي ٿيڻي ڪري ڏيکاري ٿو. شيام جي شاعري، جهرڻي جي ڪل ڪل جيان ڪڏهن اڇلون کائيندي، ڪڏهن البيلي نار جيان نچندي ٽپندي حسين وادين مان لگهندي، فضائن کي خوشبوءَ سان معطر ڪندي، هند سنڌ پهتي، ۱۹۶۸ع ۾ چيٽي چنڊ جي موقعي تي شيام ڪانسٽيٽيوشن ڪلب ۾ منهنجي سنڌ جي سفرنامي پکا ۽ پنهوار ڏٺي مون ڏينهن ٿيا رليز ڪندي پنهنجي ڌرتيءَ متعلق گهڻو ڪجهه چيو پر مون کي سندس هڪ سٽ اڄ به هانو ۾ هري ٿي، ورهاڱي اسان سان ڇا ڇا نه ڪيو، پنهنجي جنم ڀوميءَ کي ساريندي چنڊ کان سوال ڪري ٿو: روئي روئي هاءِ، مون جا چانڊوڪي ڇڏي تون ئي چنڊ ٻڌاءِ، اڄ به آهي سنڌ ۾؟ سنڌ جو نقشو عنوان تحت نظم ۾ جذبن جو اظهار ڪندي فرمائي ٿو: سنڌ جو نقشو ڏسندي ئي بس، هريا هانو ۾ گذريل ڏينهن، ڌوئي ساوا چهچ ڪيا وڻ، جيئن وسي سانوڻ جو مينهن! (شيام) ترائيل ۾ هو چوي ٿو: سنڌ کي ڪونه ڇڏائي ڪو سگهي سنڌين کان سنڌ سنڌين ۾ وسي سنڌ هتي سنڌ هُتي ملڪ بڻجي ٿو مٽيءَ سان نه مگر ماڻهن سان سنڌ کي ڪو نه ڇڏائي سگهي سنڌين کان! اڳتي ترائيل ۾ فرمائي ٿو: ڄاڻ ماڻهن جي پوي صاف سندن ٻوٽيءَ مان شيام ڳالهائجي سنڌي ٿي جتي، سنڌ اتي سنڌ کي پوني ۾ نارائڻ شيام، لڇمڻ ڪومل ۽ مان هئاسين، جتي موهن ڪلپنا گني سامتاڻي سان ڪنهن ڳالهه تي تڪرار ٿيو، شيام مونکي ٻانهه کان جهلي باهر وٺي آيو ۽ گهر جي بزرگ جيان ڇٽ بڻجي حفاظت ڪئي، سندس شخصيت جو اخلاقي قدرن وارو اهو پهلو ان وقت نظر آيو، ڪا به ساهتيه تي يا ادبي ميڙاڪي جي گفتگو شخصي دائري کان باهر نڪري ادبي تاريخ بڻجي ٿي، اڄ هتي ادبي بيٺڪ ۾ جيڪا به ڳالهه ٻولهه آهي اها اڳتي هلي ادبي تاريخ جو حصو بڻبي، خود سدا حيات شاعر شخصي آزمودن تي راءِ ظاهر ڪندي چوي ٿو: پنهنجي قسمت، تقدير سان مقابلو، پيار ماڻن جهڙن شخصي آزمودن جي تهن ۾ جيترو اونهو پيهي ڏسون ٿا اوترو جدا جدا ديسن، الڳ الڳ دورن جي ماڻهن جي ساڳين آزمودن ۾ ڪيڏي نه ويجهڙائي ۽ موافقت نظر ٿي اچي، جيترو گهڻو شخصي اوترو گهڻو ڪائناتي (شيام) شيام ته خوبين جي کاڻ هو، پر تعريف کان ڪوهين ڏور ها، پنهنجي زندگي ۽ شاعريءَ لاءِ فرمائين ٿا، هجي جا کاڻ خوبين جي ۽ خامين کان بنهه آجي نه پنهنجي زندگيءَ اهڙي، نه پنهنجي شاعري اهڙي دادا دلگير ڏات ۽ حيات جي مهاڳ ۾ لکيو آهي، شيام جي شاعريءَ جي واقفيت سڳن آهوجا جي روشن ڇانورو جي مهاڳ مان ملي ٿي، اڳتي فرمائين ٿا، ماڪ ڦڙا ۾ شيام جي پهرين تجرباتي شاعري آهي جنهن م خيال توڙي گهاڙيٽي جي نواڻ آهي، آزاد نظم، گيت، سانيٽ جا ڪامياب تجربا آهن، ٻولي صاف سٿري ۽ سرل آهي، شبدن ۾ رواني ۽ ردم آهي، دادا دلگير، شيام ۽ اياز جي دوستي جو ذڪر ڪندي لکيو آهي، سر نارائڻ شيام – نالي اياز جو مجموعو ڪونج پبليڪشن طرفان ڇپيو ۽ روپ مايا – کنڊ ڪاويه ۽ شاعريءَ متعلق لکن ٿا، اُن ۾ جماليات جا جهرڻا پاتا وڃن ٿا. شيام هڪ هند فرمايو آهي :پڙهندڙ، جڏهن شاعر سان تخيل جي راهه ۾ هم قدم ٿيندو تڏهن ئي شعر جو جمالياتي لطف ماڻي سگهندو، هونءَ به اهڙو ڪهڙو نئون سچ آهي، جو شاعر اظهاري ٿو؟ سڀڪجهه اڳي ئي چيل، ڏٺل ٻڌل آهي، صرف سندس اظهار جو انداز ئي نيارو آهي، جنهن راهه تان ان سچ تي پهتو آهي، ان سفر جو ئي لطف ته پڙهندڙ کي وٺڻو آهي شاعر جو پيرو کڻي. ۲۲ جولاءِ ۲۰۰۸ع تي دهلي سنڌي اڪادميءَ هڪ شام – نارائڻ شيام جي ناءَ ڪئي هئي، ڪماني آڊيٽريم ۾ ٻن مخملي آوازن پدم شري شانتي هيرانند ۽ گهنشام واسواڻيءَ سنگيت سان ان شام کي سنواري دهلي جي حاضرين جي دل جيتي شيام جي نالي ملهايل شام هڪ نئون رنگ، نئين خوشبو ۽ مسرت جون گهڙيون کڻي آئي، پدم شري شانتي هيرانند غزل پيش ڪري حاضرين جو خوب داد حاصل ڪيو، اک نه تارن ۾ ٻڏي...... زندگي جي راهه تي ڊوڙي... حسن کي ضد نه هو .... نه ئي آهي نت ناز وارن جي ٻولي ..... پنهنجي مخصوص انداز واري گايڪيءَ سان محفل کي رنگت بخشي، تاڙين جي گڙ گڙاهٽ ۽ لبن تي واهه! واهه!! رهي، هن سنهري شام جي رنگين سلسلي کي نوجوان ڳائيندڙ فنڪار گهنشام واسواڻيءَ سينگاريو، جنهن سنگيت جي سلسلي ۾ حسين نظارم، ڪائنات ، زندگي جو سچايون ۽ شاعر جي باڪمال شاعري کي پنهنجي آواز جي هيٺ مٿاهين لئه ۽ تال جي سنگم سان پر نور ڪري ڇڏيو، هن چيو : سٺا شاعر نيگيٽو نه ٿيندا آهن شيام جي شاعري جو عروج ۽ ڪماليت جو راز اهو ئي آهي جيئن ڪهڙي دنيا مٺي جي ڳالهه ڪريون، مرڪندڙ زندگيءَ جي ڳالهه ڪريون.... ان موقعي تي نارائڻ شيام جو فرزند ناگواڻي ۽ سندس ڀاءُ ڀڳوانداس ناگواڻيءَ به موجود هئا. مون لاءِ هيءَ شام ان لحاظ کان به يادگار هئي، جو نارائڻ شيام جڏهن حيات هئا، تڏهن شاعر نارائڻ شيام جي اجازت سان، شام سان هڪ شام، سنوارڻ جو شرف حاصل ٿيو ان تاريخي موقعي تي ڊاڪٽر هرومل سدرنگاڻي، لڇمڻ ڪومل ۽ ٻيون شخصيتون موجود هيون، جا نه صرف مون لاءِ پر سنڌي جاتيءَ لاءِ به بي بها سرمايو آهي، جنهن جي يادگار ويڊيو رڪارڊنگ موجود، ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي خادم ڏات ۽ حيات جي مُهاڳ ۾ فرمائي ٿو، شيام جي شاعري احساسن جي شاعري آهي شبد چتر ان جي جان آهن، شعر پڙهڻ سان اکين آڏو هڪ تصوير اڀري اچي ٿي ۽ پنهنجو مفهوم محسوس ڪرائي ٿي. چاندني رات ۽ اڪيلائي، ننڊ نيڻن ۾ هاءِ شرمائي گهنشام واسواڻي ۽ سُلکشڻا پنڊت هيءُ ڊيوٽ طور فلم هل ته ڀڄي هلون لاءِ ڳاتو آهي، دهلي سنڌي اڪادميءَ طرفان منعقد ڪيل هن ادبي بيٺڪ ۾ سدا حيات شاعر شيام جي شاعريءَ جي سفر ۾ اوهانکي همسفر بڻائيندي الوداع ڪنديس... شعر تو سان رهاڻيون ڪندا قرب مان مان نه هوندس ته ڇا ٿي پيو اي پرين آدمي ٿو جئي بس ڳڻيل ڏينهن ڪي شعر جي زندگي سج سنئين نت نئين! سندس شعر ذريعي اظهار وقت جي وڇوٽيءَ جي باوجود نت نئون آهي، مستقبل ۾ به ساڳ پيو جلوو پائيندو. نارائڻ شيام رکيل مورائي ڏھ جنوري ان شاعر جو شاعريءَ جي آڪاس تان الهي وڃڻ جو ڏينهن آهي، جنهن پنهنجي ٻاهرين غريبيءَ سان سنڌي شعر کي اهڙي اميري بخشي جيڪا سنڌ سان ۽ سنڌي شاعريءَ سان سدائين ساڻ رهِڻي آهي ۽ جيڪا ڪڏهن به گهٽجڻي نه آهي. هُن پنهنجي ڪيفيت جو اظهار هن طرح ڪيو هُئو ته: چتيون لڳل رنگين، ڪيڏيون ان تي آس جون، هيءَ دل آهي ڪين، ڪا گودڙي فقير جي. سنڌي شاعراڻي ادب جو اهو وڏو سچُ آهي ته هُن جي دل، فقير جي گودڙي نه هئي. هُن جي دل اها باک ڄڻيندڙ دل هُئي، جنهن پنهنجي تخليق سان هند ۽ سنڌ کي روشن ڪيو. هن ورهاڱي کان اڳ، سنڌ جي شعري ۽ ادب کي روشن ڪيو ۽ جڏهن ورهاڱي جو وَڍُ کائي هو هند پهتو ته اتي هُن اهائي روشني ڪئي، جنهن کي سنڌي ٻوليءَ جي غير معمولي نقاد ۽ شاعر سُڳن آهوجا، هڪ دور جي روشني ڪوٺيو آهي. ۽ هن جي ڏنل اها روشني اڄ به جرڪي رهي آهي ۽ شاعريءَ جي سفر تي هر اُسهڻ واري نوجوان جي راهه روشن ڪري رهي آهي. هُن جو نالو نارايڻ شيام هُئو. نارايڻ شام پنجويهين جولاءِ اوڻيهه سؤ ٻاويهن تي، سا هتي پرڳڻي جي هڪ ننڍي ڳوٺ کاهي قاسم تعلقي ۽ ضلعي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو ۽ ورهاڱي کانپوءِ، هُن عالم جي لاجواب شهر، دهليءَ ۾ وڃي اجهو اڏيو. جتي آخري ڏينهن تائين هو شاعراڻي روشنيءَ جي لاٽ روشن رکيون آيو. اها لاٽ ڏهين جنوريءَ اوڻيهه سؤ اڻانوي تائين ٻرندي رهي ۽ نيٺ قدرت جي هڪ ڊگهي ڦوڪ سان اجهامي وئي. نارائڻ شيام جي ڏنل روشني اها روشني آهي، جنهن جون پاڙون سنڌ جي ساهتي پرڳڻي جي شهر نوشهري فيروز ۾ کتل آهن، جنهن لاءِ نارائڻ شيام سدائين چنڊ کي ڏسي اظهاريندو هئو ته: روئيندي روئيندي هاءِ، مون جا چانڊوڪي ڇڏي، تون ئي چنڊ ٻڌاءِ، اڄ ڀي آهي سنڌ ۾. اها به عجيب ڳالهه آهي، ته نارائڻ شيام جو اظهار اهڙو نرم ۽ سيتل آهي، جهڙي چنڊ جي چانڊوڪي. هُن جي شاعري پرهه جي باک جهڙي وڻندڙ ۽ روح کي راحت ڏيندڙ آهي. سندس شاعراڻو ۽ اندر جو آواز هن شعر مان ڄاڻي سگهجي ٿو: رات ايئن ها سيج تي، وکريل تنهنجا وار. ڄڻ شاعر جي ذهن تي، رابط بنا اشعار. شاعر جي ذهن جي بيربطگي ۽ کليل وارن جي جي بيربطگي سونهن جا بيمثال اهڃاڻ آهي. جيڪي، نارائڻ شيام جي شعر ۾ نه رڳو پڙهي سگهڻ جهڙا آهن، پر اهي احساس اکين سان ڏسڻ جهڙا ۽ روح سان ماڻڻ جهڙا آهن. ايئن نارائڻ شيام سنڌي شاعريءَ جي ڪن کِڻن کي ماڻڻ جو احساس جاڳايو آهي، پنهنجي پڙهندڙن جي دل ۽ دماغ ۾. نارائڻ شيام سنڌي شعر ۾ جيڪو کِڻن کي تصويري سونهن ڏئي اظهاريو آهي، ان جو مثال جيڪڏهن ڪو ملندو ته اهو پڪ ئي پڪ وري به نارائڻ شيام ئي هوندو. نارائڻ شيام، سنڌي شاعريءَ کي درجن کن ڪتاب ڏنا. جن جا سِرا/ نالا به سندس طبيعت وانگر نهايت نفيس ۽ معصوم آهن. هو بنيادي طور بيحد معصوم شخص هُئو، سدائين مرڪندڙ ۽ بنهه ٿورو ڳالهائيندڙ، دوستن سان بيحد پيار ڪندڙ ۽ خود پيار ڪرڻ جهڙو شاعر جيڪو ڏهين جنوريءَ تي دهليءَ ۾ ديهانت ڪري ويو. پر اهو نه وسارڻ گهرجي ته سنڌ ۽ هند جي وچ ۾ جيڪا ادبي پل جڙيل آهي، انهيءَ جو هڪ مضبوط ٿنڀو اياز آهي ۽ ٻيو مضبوط ٿنڀو نارائڻ شيام آهي. باقي ٻيو سڀ ڪجهه پوءِ ٿو اچي. ها! نارائڻ شيام هند ۽ سنڌ جي وچ ۾ جڙيل پل تان پاڻ ڪڏهن به سفر ڪري سنڌ اچي نه سگهيو ۽ اهو ڏک هو دل ۾ سانڍي اسان کان جدا ٿي ويو. پر آخري گهڙيءَ تائين هڪ وشال ديس ۾ کيس اهو احساس ڏکوئيندو رهيو ته: الا ايئن نه ٿئي جو، ڪتابن ۾ پڙهجي، ته هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي. نارائڻ شيام سنڌ ۽ هند جو شاعر ۽ سندس شاعري گل مورو سنڌي ٻوليءَ جي هن سدا بهار شاعر نارائڻ شيام جولاءِ جي جهولن واري مهيني ۾ ساهتي پرڳڻي جي قديمي ڳوٺڙي کاهي قاسم نوشهروفيروز ۾ ديوان گوڪلداس ناگواڻيءَ جي آڳنڌ تي ۲۵ جولاءِ ۱۹۲۲ع ۾ اک کولي، اڄ به سنڌ توڙي هند ۾ ڏات ڏڻي ان راءِ تي مطفق آهن ته شيخ اياز کان پوءِ جيڪڏهن ٻيو سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو شاعر هو، اهو نارائڻ شيام هو اها به حقيقت مڃڻي پوندي ته شاهه لطيف کان پوءِ ڌرتيءَ جي فڪر جا شاعر سنڌ ۾ اياز، هند ۾ شيام، ۽ بنگال ۾ رابندر ناٿ ٽئگور هيا. جن جي شاعريءَ ۾ زندگيءَ جا ماڪ ڦڙا، پريت جون پنکڙيون، ڏات ۽ حيات جا روشن ڏيئا نظر اچن ٿا. هنن ڏات ڌڻين جو خواب آزادي، سوراج جو پنو، ۽ ڌرتيءَ جي خوشي ئي هو. تڏهن ته نارائڻ، ڀٽائي جي ڀونءِ تي لطيف جو ٻيجل بڻجي چوندو هيو. آءٌ گهٽين جو ڳائيندڙ آءٌ ڳايان ٿو جنتا جو راڳ نارائڻ شيام نارائڻ لاءِ جنتا، لطيف ۽ سچل جي ڌرتيءَ جا وارث هيا. جن جي خوشحالي ۽ شادابيءَ لاءِ ٻيجل ٻڻجي ٻاڪاريندو رهيو. سنڌ جي سڄڻن کي سجاڳيءَ جو درس ڏيندي پنهنجي ٻوليءَ ۾ ممتا جي ٻولي تي ٿيندڙ وارتائن جي نشاندهي ڪندي شاعراڻي انداز ۾ آگاهه ڪيو. الا ائين م ٿئي، جو ڪتابن ۾ پڙهجي. ته هي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي. نارائڻ آڌي رات جا گدڙ ٻاگهل جي ٻوليءَ تي ضرور وار ڪندا ائين ئي ٿيو. ورهاڱي جي بي رحم لڪيرن کان پوءِ جڏهن ون يونٽ جي واڳن ڀٽائي جي ٻوليءَ ۽ ڌرتيءَ کي پنهنجي وات ۾ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي ته اياز ڪارونجهر جي ڪوهيارن کي هيئن ڪوڪاريندو رهيو. سدا اُڀريا سنڌ ۾، ڪوپا ڪنچل لوڏ. هوڙيايون ۽ هوڏ، ڏسي پنهنجي ڏيهه سان. اياز جڏهن اُلهاس ننگر جي آڳنڌ تي اياز جي اها ڪوڪ نارائڻ جي ڪن تي پئي ته کيس آٿت ڏيندي چوندو رهيو: سنڌ سنڌين ۾ وسي، سنڌ هتي سنڌ هُتي، ملڪ بڻجي ٿو مٽيءَ سان نه مگر ماڻهن سان، ڄاڻ ماڻهن جي پوي صاف ٻوليءَ مان، شيام ڳالهائجي سنڌي ٿي، جتي، سنڌ اُتي، نارائڻ شيام جڏهن نارائڻ جي جندڙي مُڏي ڀريندي ڀُرڻ لڳي، سنڌڙي تي وار ٿيڻ لڳا، جهريل جيءَ ۾ باهه جا اُلا ٻرڻ لڳا، جڏهن به سنڌوءَ جي سڄڻ جو ڪو سنيهو کيس مليو. پنهنجا پور پريت جي پنن تي لکي هيئن اوريندو رهيو. اهي سُورن جون سوين صورتون پنهجي ساهه ۾ سانڍي پنهنجي قدرتي ماتاکي ياد ڪندو رهيو. ڇو ته ورهاڱي هن اندر ۾ وڍي وجهي ڇڏيا هئا. اسان جي هن ٻهڳڻي شاعر دوهي، بيت، وائي، نظم، آزاد نظم کان وٺي گيت، غزل تقريبن شاعري جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي. هو دوهي ۾ چوي ٿو: جاڳ جاڳ مومل مٺي، جاڳ سهاڳڻ جاڳ. موٽي وڃي مينڌرو، پٺي نه ڏئي ڀاڳ. نارائڻ شيام نارائڻ شيام ورهاڱي کان پوءِ هيءُ وڃي رهيو ۽ آخري گهڙيءَ تائين سنڌ ڏسڻ لاءِ تڙپندو رهيو. جنهن جو اظهار هن پنهنجي شاعريءَ ۾ هينئن ڪيو آهي. الائي ڪهڙيءَ گهڙيءَ ان مان شيام نڪتاسين. وطن ورڻ ته ڇا، سرحد ڏسڻ نصيب نه ٿي. شيام نارائڻ شيام ڀٽائيءَ جي فڪر جو به ڄاڻو هو، ڀٽائي کي خراج تحسين پيش ڪندي سنڌ سونهاري سان پنهنجي عقيدت ۽ محبت جو اظهار هن ريت ڪيو: اڄ شاهه جي رسالي تي نظرون کپي ويون، موٽي صدين کان پوءِ ٿي ڄڻ سنڌ مون ڏٺي، (۲) ٿر جون ڀٽون پري ۽ پري سنڌ جون ڀٽون، اڄ پاڻ وٽ نڪو شاهه نه ڪا مارئي ڏسان. سنڌ جي هن ساهتي پرڳڻي کي اهو فخر به ڪرڻ گهرجي. ته نوشهروفيروز جي ادبي تاريخ لاءِ اهو اعزاز به آهي جو هن ڀاڳ ڀريي خطي جي ڳوٺڙي کاهي قاسم سنڌ ۽ هند جي سدا حيات شاعر نارائڻ شيام کي جنم ڏنو. جيڪو سنڌ ۽ سنڌوءَ جي جياپي ۽ آجپي لاءِ آخري گهڙيءَ تائين. جهيڙويندو رهيو. هي وطن جو ويساهه سنڌ ۽ سنڌوءَ جو ساهه ۱۰ جنوري ۱۹۸۹ع تي سنڌ ۽ هند کان ساهتيءَ جو سپوت وڇڙي ويو. نارائڻ شيام وطن ورڻ ته ڇا جنھن کي سرحد ڏسڻ نصيب نه ٿي رکيل مورائي اڄ جڏهن سچ پچ سنڌي شاعريءَ جو وڏو حصو مقام ڏانهن وڃي رهيو آهي، تڏهن اسان جو اهو فخر اڌ رهجي وڃي ٿو ته سنڌ شاعريءَ جي معاملي ۾ خوشحال آهي. اهڙين حالتن ۾ اسان کي وري پنهنجي ماضيءَ ڏي ڏسڻو ٿو پوي ۽ ايئن وري هڪ نئون فخر ٿئي ٿو ته سنڌ وٽ شاعريءَ جي صورت ۾ ڪجهه آهي ضرور. وقتي طور جيڪڏهن ڪا تخليقي طور گهٽتائي آئي آهي ته ان جو ازالو وقت ڪري وٺندو. اهو اطمينان سرهائي بخشي ٿو. سنڌي شاعريءَ جي گهڻن ئي فخر جوڳن حوالن مان هڪ حوالو سنڌ جي ساهتي پرڳڻي مان جنم وٺندڙ نارائڻ شيام آهي. جيتوڻيڪ ايئن چوندي به اسان سنڌ وارن کي فخر ٿئي ٿو ۽ خود ساهتي پرڳڻي کي به فخر ٿئي ٿو ته هند ۾ سنڌي تخليقي شاعريءَ جا گهڻي ڀاڱي اهم نالا ساهتي پرڳڻي سان تعلق رکن ٿا. مثال طور؛ نارائڻ شيام، ايم ڪمل، ارجن حاسد، ارجن سڪايل ۽ لڇمڻ ڪومل. ادب جي ٻين شاخن ۾ اڻ ڳڻيا نالا ساهتي پرڳڻي سان واسطو رکن ٿا. پر انهن ۾ اهم حوالو سنڌ لاءِ فخر جوڳو اهو آهي ته نارائڻ شيام سنڌي ٻوليءَ جو شاعر آهي، لڇمڻ ڪومل ڪٿي لکيو آهي ته ”سٺ واري ڏهاڪي ۾ ايشين رائٽرس ڪانفرنس دهليءَ ۾ ٿي رهي هئي، جنهن جي مشاعري جي صدارت پابلو نرودا ڪري رهيو هو، جڏهن نارائڻ شيام پنهنجو ’روپ مايا‘ جي نالي سان نظم پڙهيو ۽ ان جو ترجمو پابلو نرودا ٻڌو ته ڪرسيءَ تان اٿي مائيڪ تي چيائين ته ڪنهن اڻ سڃاتل ٻوليءَ ۾ ههڙي شاعري ٿي رهي آهي؟“ ايئن نارائڻ شيام تي اسان سنڌي شاعري جي حوالي سان جيترو فخر ڪريون اهو گهٽ آهي. هو سنڌي شاعريءَ کي اهڙي نفاست ۽ نزاڪت ڏيندڙ شاعر آهي، جنهن جو مٽ وري ڪوبه شاعر نه ٿي سگهيو آهي. هن جي شاعري جي نزاڪت ۽ نفاست ڏسي ۽ پڙهي محسوس ٿيندو آهي ته سنڌي شاعري سورنهن ئي سينگار ڪري، پنهنجي ڀرپور جوانيءَ جو درشن ڪرائي رهي آهي. سندس شعر سندس نالي سان ئي سڃاپي ٿو. مثال طور هن سنڌ کان پري رهي، جڏهن محسوس ڪيو ته سنڌ هاڻ اسان جي نه رهي آهي ته هن پاڻ کي آٿت ڏيڻ لاءِ هيءَ ترائيل لکيو، جيڪو سرحدن جي ٻنهي پاسي ڏاڍو پڙهيو ويو ۽ شايد سنڌي ڪڏهن به هن شعر کي نه وساري سگهن: سنڌ کي ڪونه ڇڏائي ڪو سگهي سنڌين کان، سنڌ سنڌين ۾ وسي، سنڌ هِتي، سنڌ هُتي، ملڪ بڻجي ٿو مٽيءَ سان نه مگر ماڻهن سان، سنڌ کي ڪونه ڇڏائي ڪو سگهي سنڌين کان ڄاڻ ماڻهن جي پوءِ صاف سندن ٻوليءَ مان، شيامَ ڳالهائجي سنڌي ٿي جتي، سنڌ اُتي، سنڌ کي ڪونه ڇڏائي ڪو سگهي سنڌين کان، سنڌ سنڌين ۾ وسي، سنڌ هِتي، سنڌ هُتي. سنڌي ٻوليءَ جو سدابهار شاعر نارايڻ شيام جنهن سنڌ کان پري رهي تبديل ٿيل حالتن کان مايوس ٿي هيءُ شعر به لکيو ۽ رنو هو ته: الا ايئن مَ ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙهجي، ته هُئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي. نارائڻ شيام ۲۲ جولاءِ ۱۹۲۲ع ۾ ساهتي پرڳڻي جي ڳوٺ کاهي قاسم ضلعي نوشهري فيروز ۾ گوڪلداس ناگواڻيءَ جي گهر جنم ورتو. نارايڻ شيام اياز کان پوءِ سنڌيءَ جو وڏو شاعر مڃيو ويو آهي. سنڌ ۾ اياز ۽ هند ۾ نارايڻ شيام، ٻه اهڙا سنڌي شاعر هئا، جن هند ۽ سنڌ جي ادبي وايومنڊل کي ڳنڍي رکيو. نارايڻ شيام ورهاڱي کان پوءِ دهليءَ ۾ وڃي رهيو ۽ آخري گهڙيءَ تائين سنڌ ڏسڻ لاءِ تڙپندو رهيو. جنهن جو اظهار هن پنهنجي هڪ شعر ۾ هيئن ڪيو آهي: الائي ڪنهن گهڙيءَ ان مان شيام نڪتاسين، وطن ورڻ ته ڇا، سرحد ڏسڻ نصيب نه ٿي. ننڍو وات، وڏي ڳالهه؛ ليکي وڃي پر پوءِ چوڻ چاهيان ٿو ته نارايڻ شيام جي مٿين ٻن سٽن جو درد تارازيءَ جي هڪ پڙ ۾ وجهبو ۽ ٻئي پڙ ۾ ورهاڱي جي درد سان ڀريل ڪيئي ڪتاب رکبا ته هنن سٽن جو بار وڌي ويندو. ان درد ۽ پيڙا سان ڀريل شاعريءَ سان گڏ هُن سنڌي شاعريءَ کي نئين نفاست ۽ نزاڪت به ڏني، سندس شاعريءَ جا ڪيترائي ڪتاب، هند توڙي سنڌ ۾ ڇپيا آهن. مان ان چوڻ ۾ هن جي ڪا به وڏائي بيان نه ٿو ڪريان، پر اهو سچ آهي، ته نارايڻ شيام تي سموري سنڌ سان گڏ نوشهري فيروز جي ادبي تاريخ فخر ڪندي ته ان هڪ غير معمولي شاعر کي جنم ڏنو. نارائڻ شيام کي سندس ڪيترن ئي ڪتابن تي اڻ ڳڻيا انعام ڏنا ويا. آئون ته هوند ايئن چوان ته هن انعام وٺي انهن انعامن کي عزت بخشي آهي، سندس ڪتاب ”واريءَ ڀريو پلاند“ تي کيس مرڪزي ساهتيه اڪيڊميءَ ۱۹۷۰ع ۾ هند جو نهايت وڏو ادبي انعام ڏنو ويو. نارايڻ شيام ۱۰ جنوري ۱۹۸۹ع تي سنڌ نه ڏسي سگهڻ جي آس دل ۾ سانڍي عالم جي لاجواب شهر دهليءَ ۾ وفات ڪئي. سندس ڇپيل ڪتابن هيٺيان آهن: 1. ماڪ ڦڙا، (شاعري) ۱۹۵۳ع، (هري دلگير سان گڏ)، 2. پنکڙيون، (شاعري) ۱۹۵۵ع، 3. رنگ رتي لهر، (شاعري) ۱۹۵۶ع، 4. روشن ڇانورو، (شاعري) ۱۹۶۲ع، 5. ماڪ ڀنا رابيل (شاعري) ۱۹۶۴ع، 6. واريءَ ڀريو پلاند، (شاعري) ۱۹۶۸ع، 7. آڇيندي لڄ مران، (شاعري) ۱۹۸۲ع، 8. مهڪي ويل صبح جي، (شاعري) ۱۹۸۳ع، 9. نه سورنگ، نه سا سرهاڻ (شاعري) ۱۹۸۷ع، 10. بوند، لهرون ۽ سمنڊ (شاعري) ۱۹۸۸ع، 11. ڏات ۽ حيات-۱ (شاعري) ۱۹۸۸ع، 12. ڏات ۽ حيات-۲ (شاعري) ۱۹۹۸ع. اڄ سندس جنم ڏينهن تي سنڌ کيس ياد ڪري رهي آهي، هو سُرڳ ۾ به سنڌ جي ان گرم جوشيءَ کي محسوس ڪندو هوندو ۽ اسان جون نيڪ خواهشون قبول ڪندو اهڙي پڪ آهي. نارايڻ شيام تنهنجو قدر اڳتي ئي هلي ٿيندو رکيل مورائي شاعريءَ ۾ نارايڻ شيام جو پنهنجو مقام آهي، جيڪو ڪنهن به تعريف توڻي تنقيد جو محتاج هاڻ نه رهيو آهي. هند ۾ نارايڻ شيام ۽ سنڌ ۾ شيخ اياز، سنڌي شاعريءَ جون ٻه اهڙيو ڌارائون آهن، جيڪي لڳاتار گڏوگڏ هلنديون ته رهن ٿيون پرن ملن نٿيون. اياز گرجندڙ آواز آهي ۽ نارايڻ شيام بلڪل ڌيمو آواز! هو نوشهري ضلعي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ ڄائو، ڪي سال نوابشاهه ۾ پڙهيو ۽ پو ڪراچيءَ ۾ پڙهيو، ورهاڱي وقت ڪيترن سنڌين سان گڏ سندس خاندان به جلاوطن ٿي هند پهتو. هن دهليءَ ۾ آکيرو جوڙيو ۽ آخر تائين دهليءَ ۾ ئي رهيو، دهلي جيڪو غالب شهر به آهي، اهو چوڻ ٺيڪ رهندو ته اردوءَ ۾ جيڪا غالب جي حيثيت آهي، اهڙي ڀلي نارايڻ شيام سنڌيءَ ۾ نه ماڻي سگھيو هجي پر غالب ۽ شيام شاعريءَ ۾ جيڪا سانتيڪي لهر اُڀري ٿي اها ڪيترن ئي گرجندڙ آوازن کي دٻائي ڇڏي ٿي يا ٻوڙي وڃي ٿي. اڄ تائين سنڌ ۾ نارايڻ شيام جي شاعري ته لڳ ڀڳ سموري ڇپجي وئي آهي پر مٿس جيترو لکڻ گھربو هئو ايترو نه لکيو ويو آهي. ائين ڪري اسان پنهنجي هڪ وڏي شاعر جو مرتبو نه سڃاڻن جو گناهه ڪيو آهي. پر هند جي سنڌي شاعراڻي ادب ۾ شيام جو مرتبو گهڻو اوچو رکيو ويو آهي. جنهن جو هو حقدار آهي. منهنجي ڄمڻ کان هڪ سال پوءِ ۱۹۶۶ع ۾ ممبئي مان نڪرندڙ هند ۽ سنڌجي ادب کي ڳنڍيندڙ رسالي ”ڪونج“ پاران نارايڻ شيام تي هڪ خاص نمبر شايع ڪيو هئو، ۽ کيس اهڙي مڃتا ڏني وئي، جنهن جو مثال سنڌي ادب ۾ اڳ نٿو ملي. ان کانپوءِ سهڻي رسالي شخصيت نمبر ڪڍيا ۽ هند توڻي سنڌ جي ادب کي ڳنڍڻ ۾ اهڙو ئي ڪردار ادا ڪيو، جهڙو ڪونج. اڄ نه ڪا ڪو هري موٽواڻي رهيو آهي، نه طارق اشرف رهيو آهي ۽ نه ئي نارايڻ شيام. ها! البت نارايڻ شيام جو هڪ چاهيندڙ ۽ ساڳئي وقت دلي دوست به هري همٿائي جيئرو آهي، هو اجمير ۾ رهندڙ آهي ۽ سنڌي ٻوليءَ جو اعليٰ ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار آهي، سندس هڪ ناول ”اُساٽ“ تازو ئي سنڌ ۾ شايع ٿيو آهي، جيڪو ڪويتا پبليڪشن حيدرآباد پاران ڇپيو ويو آهي. اجنتا پبليڪيشن، هري همٿاڻي صاحب جي آهي. هن اداري کي اهو اعزاز حاصل آهي ته نارايڻ شام جا اڪثر ڪتاب هن اداري پاران ئي ڇپيا ويا آهن. آخر ۾ سندس سموري شاعري گڏي ٻن جلدن ۾ به هن ئي اداري ڇپي آهي. جنهن جو نالو آهي ”ڏات ۽ حيات“. هري همٿاڻي جو نارايڻ شيام سان عجيب موههُ رهيو آهي. تازو ئي هري همٿاڻي صاحب! هند ۾ نارايڻ شيام بابت هڪ ضخيم ڪتاب ڇپايو آهي، جنهن جو نالو آهي ”شخصيت ۽ شاعري نارايڻ شيام“ هند ۾ ساڍن چئن سئو صفحن جو سنڌي ڪتاب ڇپائڻ ڏاڍو ڏکيو آهي پر نارايڻ شيام تي هيءُ ڪتاب هري همٿاڻي صاحب جي عشق جو ڪرشمو ئي چئي سگھجي ٿو. جڏهن هند ۾ پڙهندڙ عدم موجود آهي، سنڌي لکندڙن منجھن ٿورا وڃي رهيا آهن. انهن حالتن ۾ ساڍن چئن سئو صفحن جو ڪتاب، نارايڻ شيام بابت ڇپائڻ عشق ئي آهي. جتي هڪ سئو صفحن جو ڪتاب به نه پڙهيو وڃي، پڙهندڙ اهي آهن، جيڪي لکندڙ به آهن، اتي نارايڻ شيام کي ائين ياد ڪرڻ سچ پچ سنڌي ٻوليءَ لاءِ. هند ۾ نارايڻ شيام جي هن شعر وانگر ئي معاملو آهي. چون ٿا شيام! تنهنجو قدر اڳتي ئي هلي ٿيندو ته سچ سنڌيءَ جي لئه زنده رهڻ جي هيءَ دعا آهي. ۽ هيءُ ڪتاب هڪ دعا مثل ئي آهي. هن ڪتاب ۾ ”ڪونج“ جو شايع ٿيل سڄو پرچو جيئن جو تيئن ڏنل آهي. شيام جي جن به ڪتابن تي ٻين عالمن، اديبن ۽ شاعرن جا مهاڳ لکيل آهن، اهي سڀ مهاڳ ڏنا ويا آهن. الڳ الڳ وقتن تي هند جي اديبن جيڪو شيام بابت لکيو آهي، اهو به شامل ڪيو ويو آهي ۽ اهم ڳالهه ته نارايڻ شيام جي ڪن چونڊ لکڻين کي به شامل ڪيو ويو آهي، جن ۾ ڪجھه سندس يادگيرين تي ٻڌل آهن ۽ ڪتاب ۾ اهم حصو اُهو آهي. جنهن ۾ شيام جا پنهنجا لکيل خط ڏنل آهن. خط ٻن حصن ۾ آهن، هڪڙا اُهي، جيڪي ڪونج ۾ ۱۹۶۶ع ۾ ڇپيل آهن ۽ ٻيا اهي جيڪي شيام اسيءَ واري ڏهاڪي ۾ دوستن ۽ اديبن کي لکيا آهن. جتي شيام ۽ سندس شاعريءَ کي سمجھڻ لاءِ سُڳن آهو جا جو جڳ مشهور ”روشن ڇانورو“ ڪتاب جو مهاڳ مدد ڪري ٿو ۽ ڊاڪٽر تنوير عباسيءُ جو سندس ڪتاب ”بوند، لهرون، سمنڊ“جو مهاڳ سندس شاعريءَ جي وياکيا ٿو ڪري، اتي سندس شخصيت جي باريڪين، طبيعت جي نفاستن، نظرين، شاعريءَ ڏانهن سندس روين کي اهي خط ظاهر ڪن ٿا، جيڪي هُن ڪن دوستن ڏي لکيا آهن. پڪ سان هيءُ اهڙا خط آهن، جيڪي ڇپجڻ جي منشا موجب نه لکيا ويا هئا، جيئن ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي “ ۾ آيل اياز صاحب جا خط، جيڪي ڇپجڻ جي منشا موجب ئي لکيا ويا هئا. يا ٻين ڪيترن اديبن جا ادب بابت خط. جيڪي ڇاپڻ لاءِ لکيا ويا آهن. شيام جا هيءَ خط جيئن ته ذاتي حوالي ۾ ادبي احوال آهن، ان ڪري هاڻ اهي خط ڇپجڻ وقت، ڪتاب جي مرتب جي اها مجبوري ٿي پئي آهي ته هُو انهن جا ڪي حصا ايڊٽ ڪري، ڇاپي کان الڳ ڪري ۽ ائين خطن ۾ آيل ڪن اديبن، شاعرن، ۽ عالمن جا نالا پڻ خطن مان ڪاٽي. برابر اها اُنهن شخصيتن جي مريادا جي گُھرج هوندي، پر ان مان جيڪو نقصان ٿئي ٿو، اهو هيءَ ته انهن خطن جي اصليت متاثر ٿي آهي. جڏهن شيام اهي خط لکيا هوندا ته پنهنجي ذميواريءَ سان لکيا هوندا ۽ هاڻ جڏهن شيام نه رهيو آهي ته اهي خط ايڊٽ ڪرڻ نه کپندا هئا. بهرحال هنن خطن مان شيام جي ڏات ۽ حيات آسانيءَ سان سمجھي سگھجي ٿي. هونءَ ته ڪنهن شخصيت کي سمورو سمجھڻ لاءِ سوين ڪتاب به گھٽ آهن ”شخصيت ۽ شاعري نارائڻ شيام“ هند ۾ ڪنهن به شخصيت تي نڪتل ڪنهن به ڪتاب کان اهم ڪتاب آهي. سبب اهو آهي ته نارايڻ شيام، هند ۾ رهندڙ ڪنهن به شاعر کان وڌيڪ اهم آهي. ان ڪري هُو سڀني کان وڌيڪ سرحد جي ٻنهي پاسي مڃتا لهڻي ٿو. ڪتاب ۾ شامل مواد جو سمورو اڀياس ۽ ان جي ڇنڊ ڇاڻ لاءِ الڳ وقت گھرجي ۽ پڪ سان هن هڪ اڀياسي ڪتاب تي، هڪ کان وڌيڪ اڀياس لکڻ گھرجن. جيڪي لکيا ويندا، اهڙي اميد آهي. پر هن ڪتاب ۾ شيام بابت جن لکيو آهي، اها خود اهڙي فهرست آهي، جيڪا ڪنهن به شخصيت جي باري ۾ ڄاڻائڻ اعزاز کان گھٽ نه آهي. اها فهرست هرومل سدارنگاڻي ”خادم“، فتح چند وسواڻي، شيخ اياز، سڳن آهوجا، ڊاڪٽر تنوير عباسي، هري دلگير، هريش واسواڻي، گوورڌن محبوباڻي، واسديو نرمل، ارجن حاسد، لڇمڻ ڪومل، واسديو موهي، هري همٿاڻي، ڍولڻ راهي، ٻين نالن تي ٻڌل آهي. هن سموري محنت پويان اسان جي ناليواري ڪهاڻيڪار هري همٿاڻي صاحب جي محنت کان وڌيڪ محبت شامل آهي. گڏوگڏ هن ڪتاب سهيڙڻ وقت ساڻس ٻانهن ٻيلي، اسانجو پيارو شاعر ڍولڻ راهي پڻ رهيو آهي. ان جو ذڪر نه ڪرڻ مناسب نه ٿيندو. پڪ سان ڍولڻ راهيءَ وٽ به شيام لاءِ هڪ خاص احترام آهي. جيڪو هن ڪتاب ۾ شامل آهي. ڪتاب اجمير مان اجنتا پبليڪيشن ڇپايو آهي، سنڌ ۾ هيءُ ڪتاب ضرور ڇپجڻ گھرجي. ائين اسان نارايڻ شيام کي هڪ ڀيٽا ڏينداسين. سنڌ جي عالمن، اديبن ۽ شاعرن لاءِ هيءُ ڪتاب هڪ اهم اڀياس آهي. جنهن جو مٽ سنڌ ۾ گهٽ ملندو. هن سانڍڻ جهڙي ڪتاب جو مهاڳ سنڌي ٻولي جي ڏاهي اديب سائين محمد ابراهيم جوئي صاحب لکيو آهي. نارايڻ شيام نئين سنڌي شاعريءَ جو جنم رکيل مورائي سنڌي شاعراڻي ادب ۾ جڏهن به نارايڻ شيام جو ذڪر ايندو ته سنڌ جي مٽيءَ جي ان حصي کي فخر ٿيندو، جنهن کي ساهتي پرڳڻو ڪوٺجي ٿو. ڇاڪاڻ ته هو ساهتڪ رُچيءَ سان ڀرپور ان پرڳڻي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ کاهي قاسم ۾ پنجويهين جولاءِ اوڻيهه سؤ ٻاويهن تي گوڪلداس ناگواڻي جي گهر ۾ ڄائو. هيءُ ڳوٺ ضلعي نوشهرو فيروز ۾ آهي. ٻي طرح نارايڻ شيام سنڌي شاعريءَ جو اهڙو نالو آهي جنهن تي سنڌي شاعري سدائين فخر ڪندي، نارايڻ شيام سنڌ کان جدا ٿي هند جهڙي وڏي ديس ۾ آخر ۾ دهليءَ جهڙي عاليشان شهر ۾ ٿانيڪو ٿيو ۽ آخري گهڙيءَ تائين دهليءَ ۾ رهيو. هو شيخ اياز، تنوير عباسي ۽ هري دلگير جو ھمعصر شاعر هو، پر هو شاعريءَ ۾ بنهه نرالو اسلوب رکندڙ شاعر هئو. نارايڻ شيام وٽ چنڊ جي نرم ۽ ٿڌي چانڊوڪيءَ جهڙا احساس آهن. سندس شاعراڻي ٻولي، سندس مزاج جيان نهايت نفيس ۽ شرميلي آهي. سندس شاعريءَ جا موضوع پڻ ائين نفيس ۽ معصوم آهن. هو پنهنجي مزاج ۾ هن تصوير جهڙو هئو. ساز رکيل ڀت ساڻ، بند اکيون چپ ڳائڻو، راڳن ساڻ رهاڻ. نارايڻ شام کي اهو اعزاز حاصل هئو، جو هن جپاني صنف هائيڪو کي پهريون ڀيرو سنڌيءَ ۾ آندو، جنهن کي هن تصوير جو نالو ڏنو ۽ پنهنجن تصويرن ۾ شيام جيڪو سنڌي شاعريءَ کي ڏنو اهو سندس نالي سان سڃاتو ويندو. سندس هڪ تصوير آهي. ماءُ ڏنس پئي مار، پوءِ به چنبڙي ماءُ کي، ٻار ڪڍيا پئي پار. نارايڻ شيام زندگيءَ جي ڪيترن ئي اهڙن ننڍڙن کڻن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ آندو آهي جيڪي هونئن شايد نظر نه اچڻ جهڙا آهن. هن جي شاعراڻي نظر ڏاڍي تيز هئي. هن جنهن به صنف تي لکيو، ان ۾ هڪ نئين تازگي آندي، ممڪن آهي ته انگريزيءَ جو سانيٽ پڻ پهريون ڀيرو سنڌي ويس ۾ نارايڻ شيام ئي آندو هجي، جنهن جي هڪ سلسلي کي هن ”روپ مايا“ جي نالي سان آندو، هيءُ ڊگهو سانيٽ جو فارم ۾ آندل نظم خود نارايڻ شيام جي شاعريءَ جو هڪ واڌو ساراهڻ جوڳو ڪم آهي. پر ان ۾ جيڪا تازگي نارايڻ شيام آندي آهي، اها کانئس اڳ سنڌي شاعريءَ ۾ نه ملندي، هندي ۽ سنڌي شاعريءَ جي صنف سورٺي کي نارايڻ شيام جيڪا تازگي ڏني اها سندس هن سورٺي مان ڏسي سگهجي ٿي. چتيون لڳل رنگين، ڪيڏيون اُن تي آس جون، هيءَ دل آهي ڪين، ڪا گودڙي فقير جي. نارايڻ شيام جي شاعري پڙهڻ ساڻ ئي دل ۽ دماغ ۾ هڪ نفيس تازگيءَ جو احساس اچي وڃي ٿو، جيڪو فقط کيس وٽ ئي آهي، ساڳئي وقت هڪ ٻي قديم صنف دوهو آهي، جنهن تان ڀٽائي سائينءَ پڻ اثر ورتو آهي، سنڌ جي لڳ ڀڳ سڀني شاعرن دوهو لکيو آهي، پر نارايڻ شيام جي دوهي ۾ هڪ ئي وقت پوپٽ جي پرن جهڙي رنگين تازگي آهي، ٻئي طرف گلاب جي پنکڙين جهڙو نفيس احساس ۽ تازگيءَ ڀريو هڳاءُ. رات ائين ها سيج تي رکريل تنهنجا وار، ڄڻ شاعر جي ذهن تي ربط بنا اشعار. شيام وٽ نه رڳو احساس جي نفيس اڻت آهي، پر هن وٽ ٻولي به نفيس آهي، جنهن ڪري هن جي شاعريءَ جو لهجو، منڇر جي ماٺي پاڻيءَ جيان نرم آهي، سندس اظهار نهايت چٽو، سادو بنا ڪنهن ابهام جي، پر اهو نهايت گهرو، سوچ ڏانهن وٺي ويندڙ ۽ پوءِ خاموش ڪرائي ڇڏيندڙ، سندس شاعريءَ ۾ واڪو نه آهي، نرم آهه آهي. ۽ ڪمال اهو آهي ته هن جي آهه ۾ جيڪا احساس جي شدت آهي، اها رڳو سندس ئي نصيب ۾ آيل آهي، هو سنڌ ڇڏي هند ويو، زندگيءَ جي انيڪ پيڙائن مان گذريو، هڪ موڙ تي کيس احساس ٿيو ته سندس سوچڻ ويچارڻ ۽ لکڻ سڀ ڪجهه اجايو آهي ۽ هن ذري گهٽ لکڻ ڇڏي ڏنو هئو. ان موڙ تي سندس بيمثال ڪتاب ”روشن ڇانورو“ تي نامياري نقاد ۽ شاعر سڳن آهوجا جو سندس ڪتاب تي اڄ تائين ڪنهن به سنڌي شاعراڻي ڪتاب تي نه لکيل، مهاڳ لکي کيس اهو احساس ڏياريو ته تون اهڙو شاعر آهين، جنهن سنڌي شاعريءَ کي هڪ نئين روشني ڏني آهي. هڪ نئون اسلوب ڏنو آهي، هڪ نئون احساس عطا ڪيو آهي، هڪ نئين ٻولي ڏني آهي. ان مهاڳ مٿس اهڙو اثر ڪيو جو هو نئين قوت سان اڏامڻ لڳو ۽ پوءِ هن جيڪو سنڌي شاعريءَ کي ڏنو اهو سڀ سنڌي شاعراڻي ادب جو فخر جوڳو سرمايو آهي. هند ۾ رهندڙ سڀني کيس کان پوءِ ايندڙ شاعرن سندس اثر قبوليو آهي، بلڪل ائين جيئن سنڌ ۾ شيخ اياز جي شاعريءَ جو اثر قبوليو ويو آهي. ائين سنڌي شاعريءَ جي هڪ دور کي ٻن نالن سان تاريخ ۾ ياد ڪري سگهبو، سنڌ ۾ شيخ اياز ۽ هند ۾ نارايڻ شيام، ساڳئي وقت هڪ روشني پنهنجي سامهون ٻيءَ روشنيءَ کي ٽربيوٽ ڏيندي لکيو هئو، هيءُ سنگرام سامهون آ نارايڻ شيام. ............................... ۽ ورهاڱي جي درد کي اڌ صدي ڀوڳندي نارايڻ شيام جيڪو لکيو اهو سڀ هاڻ هند توڻي سنڌ ۾ ڪتابن جي صورت ۾ موجود آهي، ورهاڱي بابت سرحد جي ٻنهي پاسي نثر توڻي نظم ۾ گهڻو لکيو ويو آهي. پر وطن جي سار کي جيئن نارايڻ شيام لکيو آهي ان جو مثال نٿو ملي. روئندي روئندي هاءِ، مون جا چانڊوڪي ڇڏي، تون ئي چنڊ ٻڌاءِ، اڄ ڀي آهي سنڌ ۾؟. ڌرتي جو وڇوڙو، دوستن جي جدائي، ٻوليءَ جي دوري، اندر جي اڪيلائي، اهي سڀ اهڙا احساس آهن، جيڪي شخص کي اندران اندران ڀوري ڇڏين ٿا، اندر جا اهي ڏک انسان کي ۽ خاص ڪري، حساس تخليقڪار کي، ڏاڍي تڪليف ڏين ٿا، شيام هند وڃي اها تڪليف ڏٺي ۽ ڀوڳي. هن هڪ ڀيرو ئي سنڌ کي ڏسڻ لاءِ ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر هو سنڌ کي ڏسي نه سگهيو ۽ هڪ وڏي آهه سندس دل مان نڪتي جنهن شاعراڻو اهڙو روپ ورتو، جهڙو روپ نثر جي هزارين صنفن ۾ شخصي طور مون کي نظر نه آيو آهي، اهو آهي: الائي ڪنهن گهڙيءَ ان مان شيام نڪتاسين، وطن ورڻ ته ڇا، سرحد ڏسڻ نصيب نه ٿي. ۽ ائين هو وطن سنڌ کي ڏسڻ لاءِ وجهائيندي ڏهين جنوري ۱۹۸۹ع تي دهليءَ ۾ گذاري ويو. ورهيه پوءِ سندس وڏي نياڻيءَ کي، اجمير ۾ ڏسي، منهنجي اها آس پوري ٿي، جيڪا سالن کان کيس ڏسڻ جي هئي. سندس نياڻيءَ جي اکين ۽ چهري ۾ نارايڻ شيام جيئرو جاڳندو مون کي ڏسڻ ۾ آيو ۽ ائين مان چوڻ ۾ حق بجانب آهيان ته مون نارايڻ شيام کي ڏٺو هو. جنهن ڪري جو منهنجي اکين ۾ اڄ به زندهه آهي. نارائڻ شيام سندس شاعريءَ تي هڪ نظر حسيب ناياب منگي شاعر سماج ۽ ذاتي زندگي جي ڏکن ۽ سکن جو مشاهدو ڪرڻ کانپوءِ تخليق ذريعي جيڪو پيغام ڏيئي ٿو سو ظاهري طور تي محسوس ڪري سگهجي ٿو ته اهو سندس اندر جي پيڙاهه جو نفسياتي توڙي جذباتي اظهار آهي پر حقيقت ۾ شاعر جڏهن محسوس ٿو ڪري ته هو پنهنجي لفظن سان جيڪو ڄار وڇائي ٿو سو پڙهندڙ آڏو نهايت ئي اهم آهي تڏهن اهڙي ٿو مالا پوئي جو سندس پيغام ذاتي نه پر اجتماعي سورن ۽ دردن جو حوالو بڻجي اڀري اچي ٿو. اهڙو خيال وري درد ۽ ڏک تي مشتمل نه آهي، کل، خوشي، پيار، پريت، تعريف ۽ محبت جي اظهار وغيره لاءِ به چئي سگهجي ٿو. شاعر جي شخصيت جو اڀياس ان جي خيالن، جذبن ۽ شعرن مان پسي سگهجي ٿو، عڪس، اشاري ۽ بيان مان جيڪي ڪجهه نتيجو پڙهندڙ ڪڍي ٿو، سو شاعر جي تڪليفن کي به ظاهر ڪري ٿو ته وري کيس مليل محبت جا عڪس به اڀاري پيش ڪري ٿو. حقيقت اِها آهي ته گهڻي قدر شاعري سماج ۾ ٿيندڙ ناانصافين کان شاعر مٿان گذرندڙ قيامت تائين جو کليل اظهار آهي جيڪو پڙهندڙ يا ٻڌندڙ تي ايترو ته جلدي اثر ڪري ٿو جو شاعر جي شاعري ماڻهن جي ذهنن تي نقش ٿي وڃي ٿي. اها ڪرامت ڪا اڄڪلهه جي نه آهي صديون اڳ جڏهن کان شاعريءَ لکڻ جي شروعات ٿي آهي ۽ چپن تي شاعري ورد ٿيڻ لڳي آهي تڏهن کان اڄ تائين اهو عام ٿي ويو آهي ته شاعري معاشري جي حقيقتن جي اظهار جو نالو آهي. ان ڪوشش ۾ جن به شاعرن پنهنجون محنتون پڙهندڙن آڏو پيش ڪيون آهن تن مان نارائڻ شيام جي ڪوشش سچ پچ ۾ نياپو ٿي اڀري آهي. هي سنڌي زبان جو اهو شاعر آهي جنهن جي نياپي ۾ پنهنجائپ جي خوشبو اچي ٿي. هو سنڌ کان تمام گهڻو پري دهليءَ ۾ ويٺو شعر لکي پر اسان جتي به سندس شعر کي پڙهون پيا اسان کي ائين محسوس ٿئي ٿو ته هو سنڌ ۾ آهي ۽ سنڌ لاءِ ٿو ٻڌائي. اهو ڪمال جن به ٿورڙن شاعرن کي نصيب ٿيو آهي انهن ۾ نارائڻ شيام پري کان پڌرو نظر ٿو اچي. “شيام” پنن جي ٻيڙي ٺاهي، گيتن ساڻ ڀري، سونپيم سنڌوءَ جي لهرن کي، من ڪا وير تري! جيئن مينهن جي پوڻ سان ڌرتي کي خوشبو کي گلن کي تازگي ملي وڃي تهڙي ريت نارائڻ شيام جي شاعري ۽ پڙهندڙ جي جذبن جو پاڻ ۾ گهرو تعلق آهي. نارائڻ شيام غزل جو باڪمال شاعر آهي. هن جي خيال ۾ جهڙي ريت پيار ۽ محبت ڇانيل آهي اهڙي طرح سندس غزلن ۾ ڌرتيءَ جي ڳالهه به اچي وڃي ٿي. هن جي ڪلام ۾ خاموشيءَ سان وهندڙ نديءَ جهڙي رواني به آهي ته انداز بيان دلفريب ۽ گهرو اثر ڇڏيندڙ آهي. تو ڏينهن ڏٺي ديپ ته ٻاريو، احساس انڌاري جو ڏياريو. ڪا عمر ٿي پرڏيهه ۾ رهندي، ڏيهي به ملڻ سان لڳو ڌاريو. تو جسم کي يا پيار کي ڪنهن جي، هئن روئي وڇوڙي ۾ ٿي ساريو. نارائڻ شيام جا غزل سندس جذبات جو آئينو ٿا لڳن، غزل جي صنف ۾ هن جيڪا مٽي ڳوهي آهي سا شاعريءَ ۾ ميدان ۾ پنهنجي سڳنڌ ڦهلائي چڪي آهي. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جن لکن ٿا ته “نارائڻ شيام بلند پايه سنڌي شاعر هو ۽ جديد شاعرن ۾ سندس حيثيت تمام مٿانهين هئي. شاعريءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪيائين. هر صنف ۾ نوان لاڙا، نئون رنگ ۽ نئون اسلوب پيدا ڪيائين. جدت ۽ انفراديت رنگيني ۽ رواني سندس شاعري جون خاص خوبيون آهن”. (سنڌي ادب جو تاريخي جائزو ص ۲۴۳). نارائڻ جي شاعري ۾ واقعي رواني ۽ نئون رنگ سمايل آهي. هن جي شاعريءَ ۾ عشق جي ڳالهه به گهڻي اچي ٿي. هئي بس منهنجي دل ۾روح پرور ياد تنهنجي ئي، ستارن پوءِ به پوئين رات پت ۾ چڻگ چڻڪائي. ـــــــ سامهون نه جي هجيم ته ساڻس ڪٿان رُسان، سامهون هجي ته ڪيئن رُسان، ڇا رُسي سڪان؟ ـــــــ انهن ئي اکين آگ دل ۾ لڳائي، انهن ئي اکين اگ دل جي وسائي. سندس گفتگو ڄڻ پراهون پڙاڏو، نگاهون ائين ڄاڻ ڀاڪر ۾ آئي. غزل جي سرزمين تي نارائڻ شيام جا تجربا خود غزل کي سنڌي ماحول جي ويس ۾ آڻڻ لاءِ شاعر جون ڪوششون ڪاميابي جي راهه ڏانهن وڌائيندي نظر اچن ٿيون. جهڙي ريت غزل شاعريءَ جي رنگين ۽ لطيف صنف آهي تهڙي ريت ئي شيام غزل سان نڀائي ڏيکاريو آهي. سندس چيل غزل ۾ پيار ۽ محبت سان گڏ سماجي حالتن جو به ذڪر ڪيل ڏسجي ٿو. ڊاڪٽر تنوير عباسي لکي ٿو ته “شيام جي شاعري اسان جي دور جي شاعري آهي. ويهين صديءَ جي شاعري آهي، ۽ شيام اسان جي دور جو، اسان جي جڳ جو، ويهينءَ صديءَ جو شاعر آهي. شيام لکي ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته غزل جي صنف محدود نه آهي. اُها وشال آهي. ان ۾ هر دور جي عڪسن، احساسن، جذبن، توڙي پيچيدگين کي سهڻي ريت سمائي سگهجي ٿو. رڳو ان لاءِ شيام جهڙي فنڪار جي ضرورت آهي”. (بوند لهرون ۽ سمنڊ : ص ۲۱) نارائڻ شيام بيتن ۽ رباعي جو به سٺو شاعر هو ، بيت هجن يا رباعي هن جي ڪلام ۾ فطري منظر نگاري ۽ سادگي ڪمال جي آهي. سندس ڪلام جي خوشبو ئي نرالي آهي. شيام پکين جي لات، هو پيهو ۽ نار ڀي، نيڻن مان جذبات، نيسر مان پاڻي وهي. ـــ روئي روئي هاءِ، مون جا چانڊوڪي ڇڏي، تون ئي چنڊ ٻڌاءِ، اڄ ڀي آهي سنڌ ۾؟ ـــــ شيام جا دوها هجن يا هائيڪا وائي هجي يا ترائيل پنهنجي تعريف پاڻ ٿيون ڪرائن. مطلب ته نارائڻ شيام سنڌي شاعريءَ جي ڪيترين ئي صنفن ۾ لکي ڪري هند هجي يا سنڌ ۾ مقبول ٿي ويو. اياز قادري “سنڌي غزل جي اوسر ۾” ۾ کيس “سنڌي جو شهزادو شاعر” ڪري لکيو آهي. اهڙي ريت پڻ گوبند مالهي جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته “شيام سنڌي ساهتيڪ گلشن جي اها ڪوئل آهي جنهن پنهنجي ڪنٺ سان نه، هردي سان سرشٽيءَ سماج ۽ انسانيت جي سندرتا ۽ مڌرتا نروار ڪئي آهي”. (ص ۵۴۲ ۽ ۵۴۳). شيام جيڪر ٿي پوان ها تار تنهنجي ساز جي، تنهنجون نازڪ آڱريون ڇيڙن ها منهنجي دل جو گيت. ليءِ هجان ها جيڪڏهن تنهنجي مڌر آواز جي، منهنجي دل جو گيت ٿئي ها هوند تنهنجي دل جو گيت. نارائڻ داس گوڪلداس ناگواڻي جو جنم نوشهروفيروز جي ڳوٺ کاهي قاسم ۾ ۱۵ جولاءِ ۱۹۲۲ع تي ٿيو هو. پرائمري تعليم نوشهروفيروز ۽ انگريزي تعليم نوابشاهه ۾ حاصل ڪري ڊي جي سنڌ ڪراچيءَ مان بي اي پاس ڪيائين. گورنمينٽ مدرسه هاءِ اسڪول نوابشاهه ۾ ملازمت به ڪيائين. هندستان لڏي ويو ته اتي پوسٽ ۽ ٽيليگراف آڊٽ آفيس دهليءَ ۾ نوڪري ڪرڻ لڳو. اسڪول ۾ پڙهڻ دوران شاعريءَ سان شوق پيدا ٿيس، هن پنهنجي والد کان شاعريءَ جا ڪجهه سبق ورتا، اهڙي ريت ڪشنچند عزيز به سندس رهبر بڻيو. حاجي محمون خادم، مولوي محمد عاقل، پرسرام ضياءُ ۽ هرومل سدارنگاڻي جي صحبت مان شاعريءَ جي فن ۽ عروض بابت گهڻو ڪجهه پرائيندو رهيو. سنڌ ۾ “سنڌي ادبي سرڪل” هجي يا هندستان ۾ “ساهتيه اڪيڊمي” جو حصو رهيو. ڏات جي حوالي سان گهڻا ئي ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ سندس حصي ۾ آيا. اهڙي طرح سندس ڪلام جا جيڪي ڪتاب ڇپجي ظاهر ٿيا تن ۾ “ماڪ ڦڙا پنکڙيون”، “رنگ رتي لهر”، “روشن ڇانورو”، “ماڪ ڀنا رابيل”، واريءَ ڀريو پلاند”، آڇيندي لڄ مران”، “مهڪي ويل صبح جي نه سورنگ نه سا سرهاڻ”، “بوند لهرون ۽ سمنڊ”، توڙي “ڏات ۽ حيات ٻه جلد” ڇپيل آهن. سنڌي ٻوليءَ جو ناليواري ڪوي نارائڻ شيام جنهن سدائين پنهنجي شاعريءَ ۾ پيار ۽ محبت توڙي امن ۽ ڀائيچاري جو پيغام ڏنو تنهن لاءِ هري دلگير “ڏات ۽ حيات” ۾ سچ لکيو ته “شيام غمن جي ڪنڊن سان ويڙهيل هوندي به سدائين گلاب وانگر ٽڙندو رهيو ۽ خوشبو ڏيندو رهيو” (ص۲۹) اها خوشبو ڏيندي ڏيندي هن ۱۰ جنوري ۱۹۸۹ع تي هي جهان ڇڏيو. سنڌي ٻوليءَ ۾ سندس امر رچنائون ايندڙ وقت تائين حيات رهنديون ۽ سندس شاعريءَ جي خوشبو ادبي چمن ۾ تازگيءَ جو سبب بڻجندي رهندي. نارائڻ شيام شيام جيڪو سنڌ مان نڪتو ۽ پوءِ ڪڏهن سنڌ جي سرحد به نه ڏٺائين. - سنڌي غزل جو وڏو شاعر - ۲۵ جولاءِ ۲۰۲۲ تي شيام جي ڄمڻ کي هڪ سؤ سال پورا ٿيندا. مصور حسين سنڌ توڙي هند جو مشهور شاعر ۽ سنڌي ٻوليءَ جو پرچارڪ نارائڻ شيام ۲۵ جولاءِ ۱۹۲۲ع تي نوشهروفيروز ضلعي جي ڳوٺ کاهي قاسم ۾ گوڪلداس ناگواڻيءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. نوشهروفيروز کي ساهتي پرڳڻي ۾ شمار ڪيو ويندو آهي ۽ ديوان ڪوڙو مل کلناڻي، حشو ڪيولراماڻي، عبدالخالق خليق، نارائڻ داس ڀمڀاڻي، لڇمڻ ڪومل، سوڌو سنڌي ٻوليءَ جا ڪيترائي مشهور اديب هن پرڳڻي سان تعلق رکن ٿا. نارائڻ شيام پنهنجي ابتدائي تعليم ڳوٺ مان حاصل ڪئي ۽ ان کان پوءِ بي. اي جي ڊگري ڊي جي سنڌ ڪاليج مان حاصل ڪري هو تعليم کاتي ۾ فارسيءَ جو استاد مقرر ٿيو. ڊي جي سنڌ ڪاليج ۾ پڙهڻ دوران سندس ڄاڻ سڃاڻ سنڌ جي مشهور شاعر شيخ اياز سان ٿي جيڪو به ان وقت ان ئي اداري مان تعليم پرائيندو هو. ۱۹۴۷ع ۾ هندستان ۽ پاڪستان جو ورهاڱو ٿيو ته هو اڃان ۲۵ سالن جو هو. مذهب جي بنياد تي ٿيل هن ورهاست ماڻهن جي اندر ۾ اهڙي ته نفرت جي باهه ڀڙڪائي وڌي جو ماڻهو پنهنجي ماڻهپي کان نڪري وحشي بڻجي پيا ۽ هندو توڙي مسلمان هڪٻئي جي خون جا پياسا بڻجي پيا. پنجاب ۾ ڪافي وڳوڙ ٿيا، اهڙيءَ طرح هندوستان جي مختلف علائقن ۾ پڻ هندو مسلم ڇڪتاڻ ٿي، سنڌ ۾ اڃان گهڻي ڀاڱي امن امان هو پر هتان جي سنڌي هندن ۾ خوف جي لهر ڇانيل هئي. اهڙيءَ طرح نارائڻ شيام کي پنهنجي ڪٽنب سوڌو ٻين لکين سنڌي هندن وانگر پنهنجي ڀونءِ مجبوري تحت ڇڏڻي پئجي وئي. جنهن کان پوءِ هو هندوستان جي مختلف شهرن ۾ شرنارٿري طور رهيو. ڪجهه وقت کان پوءِ کيس ٽيليگراف کاتي ۾ ڪلارڪي جي نوڪري ملي وئي جتان هن ۱۹۸۰ع ۾ هيڊ ڪلارڪ جي عهدي تان رٽائر ڪيو. شيام جي شاعريءَ جي شروعات ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچي کان ٿي، جتي هن پڙهائي دوران شيخ اياز، هري دلگير ۽ شيخ راز سان گڏجي ”سنڌ ادبي مرڪز“ جي پليٽفارم تان جديد سنڌي شاعريءَ جو بنياد وڌو. سندس شاعريءَ جو پهريون ڪتاب ۱۹۵۳ع ۾”ماڪ ڦڙا“ جي عنوان سان شايع ٿيو جنهن ۾ هري دلگير جي شاعري پڻ هئي. اهڙي طرح سندس ٻين ڇپيل ڪتاب جو تفصيل هن طرح آهي. پنکڙيون (رباعيون ۽ هڪ نظم ) ۱۹۵۵ع، رنگ رتي لهر (غزل) ۱۹۵۶ع، روشن ڇانورو (شاعري) ۱۹۶۱ع، واريءَ ڀريو پلاند(غزل) ۱۹۶۸ع، ماڪ ڀنا رابيل (شاعري) ۱۹۷۱ع، آڇيندي لڄ مران (غزل) ۱۹۷۱ع، مهڪي ويل صبح جي ( غزل) ۱۹۸۳ع، نه سو رنگ نه سا سرهاڻ، (شاعري) ۱۹۸۷ع، بوند لهرون ۽ سمنڊ(غزل) ۱۹۸۷ع، ڏات ۽ حيات( شاعري) ۱۹۸۸ع. نارائڻ شيام ان کان علاوه سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪبير ۽ غالب جي شاعريءَ بابت لکيل مونوگراف پڻ ترجمو ڪيا. ان کان سواءِ ۱۹۹۸ ۽ ۹۹ ۾ مصطفيٰ نانگراج سندس ٻه ڪتاب ”راهون پنڌ پيون“ (غزلن جي ڪليات) ۽ ”نکريو آهي نينهن “ (چونڊ شاعري )ڇپرايا. شيام جڏهن سنڌ ڇڏي تڏهن هو ۲۵، ۲۶ سالن جو هو، جنهن کان پوءِ سندس سڄي عمر هندوستان ۾ گذري پر هن سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ کي نه وساريو. عمر جي آخري گهڙين تائين کيس سنڌي ٻوليءَ جي چنتا هئي. سندس هڪ شعر آهي. الا ايئن مَ ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙهجي، ته هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي. هن سنڌ کي جوانيءَ ۾ ڇڏيو پر ان باوجود سنڌ سان ۽ سنڌي ٻوليءَ سان سندس اٽوٽ رشتو قائم رهيو. دهلي جهڙي شهر ۾ رهندي جتي مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻهو رهن ٿا هن پنهنجي مٺڙي ٻولي کي نه وساريو ۽ سنڌ جي ٻولي، سنڌ جي ڪردارن ۽ منظرن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ زنده رکندو آيو. ان حوالي سان ڊاڪٽر تنوير عباسي لکي ٿو. ” شيام غزل جهڙي ڌاريءَ صنف ۾ سنڌي لوڪ ڪهاڻين جا ڪردار، سنڌ متعلق پراڻين يادگيرين جا عڪس اهڙيءَ ته فنڪاريءَ سان آندا آهن جو غزل جو غزل جو تغزل به نه ٿو زخمي ٿئي ۽ شيام پنهنجو اظهار به ڪري وڃي ٿو. “ شيام جي شاعري جنم ڀومي ڇڏڻ جي درد سان ڀرپور آهي. سندس شاعري جلاوطنيءَ جي آتم ڪٿا آهي. هن جي شاعريءَ ۾ سنڌ جي چٽين چانڊوڪين ۽ گذري ويل وقت جون ڳالهيون آهن، سندس شاعري پڙهندي ڪيترا ڀيرا اهو احساس ٿئي ٿو ته هي ڪنهن ماڻهو جا نه پر اهڙي ڪونجڙي جي اندر جا احساس آهن جيڪا پوياڙيءَ جي پهر ۾ پنهنجي ولر کان وڇڙي وئي هجي ۽ ڪرلائي ڪرلائي پنهنجي ساٿين کي سڏيندي هجي. الائي ڪهڙي گهڙي شيام ان مان نڪتاسين، وطن ورڻ ته ڇا سرحد ڏسڻ نصيب نه ٿي. ****** روئي روئي هاءِ، مون جا چانڊوڪي ڇڏي. تون ئي چنڊ ٻڌاءِ. اڄ ڀي آهي سنڌ ۾. ******* گنگا جمنا امرت امرت، ٿڃ ته پنهنجي سنڌو آهي. . شيام جي دل ۾ مرڻ کان اڳ پنهنجي ڌرتي ڏسڻ جي وڏي حسرت هئي پر اها پوري نه ٿي سگهي. مشهور مفڪر محمد ابراهيم جويو سندس ان حسرت بابت لکي ٿو”هن ڪيترائي ڀيرا سنڌ اچڻ چاهيو پر سرحد جي لڪيرن ۽ ٻنهي طرفن جي سرڪارن جي ڪٺورتائيءَ کيس پنهنجي جنم ڀومي ڏسڻ کان دور رکيو. “ شيام جي شاعريءَ جا ڪيترائي رنگ آهن، هن جي شاعريءَ جا موضوع گوناگون آهن. جيئن ڪو پوپٽ باغ ۾ گهمندي مختلف گلن جو واس پيو وٺندو آهي شيام پڻ ايئن ئي مختلف موضوعن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. سندس شاعري رومانيت ۽ جماليات سان ڀرپور آهي. هن جا غزل جيڪي گهڻي ڀاڱي رديف کان خالي ۽ عام قافين تي ٻڌل آهن، خيال جي نفاست، سادگي ۽ لفظن جي چونڊ سان دل ۾ جاءِ ٺاهي وٺندڙ آهن. سندس شاعريءَ تي راءِ ڏيندي سنڌ جو ناليوارو شاعر ارجن حاسد لکي ٿو ”نارائڻ شيام جي غزل جون بي مثل ۽ نراليون وصفون کيس عالمي شاعرن ۾ بيهارين ٿيون. سنڌي غزل جي شاعريءَ ۾ اهڙو مثال ئي نه ٿو ملي جنهن جو مقابلو نارائڻ شيام جي غزل سان ٿي سگهي. “ سندس غزلن ۾سادگي ۽ نفاست ۽ خيالن جي گهرائي ته ڏسو گهميس شهر ۾ پئي اڪيلو اڪيلو، ته ڪو پاڻ جهڙو ملي پئي گهٽيءَ ۾. **** ڪيئي ڀيرا پنهنجو ئي در پاڻ مون کڙڪايو، مون پئي سمجهيو اندران ايندو منهنجو ئي آواز. ***** لکندي تنهنجا وار ڇُڙيل هئا، خط جي خوشبو هي به ڏسيو پئي. ***** هجي جا کاڻ خوبين جي ۽ عيبن کان بنهه آجي، نه پنهنجي زندگي اهڙي، نه پنهنجي شاعري اهڙي. سنڌ جو ناليوارو شاعر شيخ اياز، نارائڻ شيام جو گهاٽو دوست هو. ۱۹۶۵ع ۾ پاڪ ڀارت جنگ دوران اياز هڪ نظم ” هي سنگرام هو سنگرام، سامهون آ نارائڻ شيام “ لکيو هو ته اياز کي اهو نظم لکڻ جي ڏوهه ۾ قيد ڪيو ويو هو ۽ سندس ڪتابن تي پڻ پابندي وڌي وئي هئي. سنڌي ٻوليءَ جي هن سدا حيات شاعر ۱۰ جنوري ۱۹۸۹ع دهليءَ ۾ ديهانت ڪئي. سندس وفات کان پوءِ سندس سيهوڳي شاعر شيخ اياز کيس ڀيٽا ڏيندي ”سر نارائڻ شيام “ لکيو جنهن مان هڪ بيت هتي ڏجي ٿو. تنهنجي رک کڻي ويون، گنگا جون لهرون سنڌوءَ اُٻهريون، ٻانهون ڦهلايون گهڻو. (ڏھاڙي ڪاوش حيدرآباد جي سنڊي مئگزين ۲۴ جولاءِ ۲۰۲۲ع ۾ ڇپيل)