— ابن الرومي
يا مَن يَضِنُّ بصَوتِ الطّائرِ الغَرِدِ ما كنتُ أحسَبُ هذا البُخلَ في أحَدِ لَولا اتّقائِي شِهابًا مِنكَ يُحرِقني بـ نارِهِ لاسْتَرقتُ السَّمعَ مِن بُعُدِ —
برنامج #الذواقة على #قناة_المجدبرنامج واقعي تنافسي بين 26 متسابقيهدف لتطوير قدراتهم ومهاراتهم في "صناعة المحتوى"عبر منافسة مختلفة التحديات وفقرات إثرائية ته...
Shop Top seller of Premium Rattan Cane Webbing- Wholesaler by JassyArtCraft located in Ho Chi Minh, Vietnam. Speedy replies! Has a history of replying to messages quickly.
حل فخم 😍✅ بدون لوم او عتاب راح تخلي الرجل اللي يهملك ويتجاهلك يتجنن في غيابك ويرجع ليكي مشتاق ملهوف😉 سعد الرفاعي
مولوي حاجي احمد ملاح ورسيءَ جي مناسبت سان محمد سليمان وساڻ اڄوڪو ڏينهن سنڌ جي ان عظيم شخصيت جي ورسيءَ جو ڏينهن آهي جنهن دنيا جي تاريخ ۾ هڪ اهڙو عظيم ڪارنامو سر انجام ڏنو جيڪو ان کان اڳ ڪنهن به ڪو نه ڏنو هو۔ اڄوڪي ڏينهن ۱۹ جولاء ۱۹۶۹ع تي مشهور سنڌي عالم ۽ شاعر مولوي حاجي احمد ملاح جي ورسي جو ڏينهن آهي جنهن قرآن شريف جو پهريون منظوم ترجمو سنڌي ٻولي ۾ ڪيو۔ اسان سنڌ سلامت جي پليٽ فارم تان سنڌ جي هن عظيم هستيء کي سلام پيش ڪيون ٿا۔ سنڌ امن، سلامتي ۽ شانتي جي ڌرتي آهي. جنهن ڪيترن ئي صوفين، بزرگن، عالمن مفڪرن ۽ شاعرن کي جنم ڏئي ماتا جو ڪردار امن طريقي سان نڀاهيو آهي. انهن عظيم هستين مان حاجي احمد ملاح به هڪ هو. جنهن ڪوڙ ڪپت، ٺڳي ۽ ڪٽپرڻي جهڙن موذي مرضن جون پاڙون پٽي، حق، سچ، علم ۽ ساڃاهه جي پوک پوکي. مولوي صاحب پنهنجي خطبي ۽ شاعري ذريعي ماڻهن جي دلين ۾ سجاگي جي لهر پيدا ڪئي۔ حاجي احمد ملاح ولد نانگو ملاح ۱۱ فيبروري ۱۸۷۷ع تي ڳوٺ ڪنڊي ديهه لوهڻ بدين ۾ پيدا ٿيو۔ هو پنهنجي وقت جو تمام وڏو عالم، شارح ۽ شاعر ٿي گذريو آهي۔ هو سنڌ ۾ رائج جهالت وارين رسمن جي خلاف کُلي عام شاعري ڪندو هو۔ هن ڪيترائي ڪتاب لکيا ۽ بيت ۽ شاعري ڪئي پر سندس نرالو ڪم قرآن شريف جون نظم ۽ شاعريء ۾ ترجمو ڪرڻ هو۔ جيڪو نورالقرآن جي نالي سان مشهور آهي۔ نه پالي ٿو پرور ته پالي ٿو ڪير، سنڀالي نه سو، پوءِ سنڀالي ٿو ڪير، کڻي پاٽ مان وجھي پيٽ ۾، نون نالين مان نڪالي ٿو ڪير. ڪهڙيءَ صورت پوڄين صورت؟ صاحب جوڙيئي سهڻي صورت، ماڻهو بنيو موتي مورت ــ پٽڙي پاڻيءَ پاتي پورت، لک لحظي جنهن ۾ لاه ــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه. پرور ڏئي ٿو پٽ ۽ کير ــ تون ٿو پوڄين پير، فقير، ورهن کان جي گذريا وير ــــ ساهه نه آهي منجھ سرير، سي ڪئين وجھندا ٻئي ۾ ساه؟ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه. آئون ته ڏوهاري ڏٻرو ـــــ قادر! ڪريين منهن جو ڪم، داور! لاهين دل جو غم ــــ ”احمد“ کي، جي آخر دم، نعمت ڪلمون ڪج نيباه ـــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه. احمد ملاح لاڙ جي فطرت جهڙو شاعر، مولوي ۽ حاجي ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ سنڌ جي هن ناليواري عالم، شاعر حاجي احمد ملاح، ۱۱ فيبروري ۱۸۹۶ع تي روپا ماڙيءَ جي آمهون سامهون تعلقي بدين جي ڳوٺ ڪنڊو ۾ جنم ورتو، سندس والد نانگيو ملاح هڪ هاري هيو، ماءُ جو نالو سڀائي هئس، حاجي احمد ملاح جو والد سندس ڄمڻ کان پوءِ چند سالن ۾ وفات ڪري ويو، مال چارڻ جي ڪم کي ناپسند ڪندي هو يارهن سالن جي عمر ۾ ئي علم جي تحصيل لاءِ سرگردان ٿيو، پهريائين قرآن پاڪ حاجي عبدالله مينڌري واري وٽ پڙهيائين ۽ پوءِ مولوي محمد هاشم ڪڇي وٽ فارسيءَ جي تعليم ورتائين ۽ ان کان پوءِ نانگو شاهه جي مدرسن ۾ عربي، فارسيءَ ۽ سنڌيءَ کي پڙهيائين. احمد ملاح ننڍپڻ کان ئي شاعري شروع ڪئي جنهن ۾ اڳتي هلي مختلف مدرسن ۽ مڪتبن ۾ پڙهڻ ۽ عالمن ۽ شاعرن جي صحبت سان پختگي پيدا ٿيندي رهي، سندس شاعريءَ ۾ حياتيءَ جي جدوجهد، طبيعت جي بهادري، سچائي، ايمانداري، اخلاق ۽ مذهبي عقيدي جي مظبوطي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. هو هڪ بي ڊپو ۽ بهادر انسان هو سندس ننڍ پڻ مسڪينيءَ ۾ گذريو ته آخر تائين حياتي مشڪلن کي منهن ڏيندي گذري ته به طبع ۾ حليم ۽ خدا پاڪ تي توڪل رکندڙ هيو وڏي ڄمار حاصل ٿيس ۱۹ جولاءِ ۱۹۶۹ع تي وفات مهل ۹2 سالن جو هو، آخري ٻه سال ڪافي بيمار پڻ هو باقي هن سڄي حياتي صحتمند ڪٽي هئي، مدرسي مظهر العلوم ۾ پڙهائيندو هو ۽ پوءِ مدرسي انوار العلوم جو بنياد پڻ ۱۹32ع ۾ رکيائين هن سياست ۾ پڻ حصو ورتو تحريڪ خلاف ۾ پڻ حصو ورتائين سندس جو شيلي شاعريءَ انگريزن خلاف نفرت پڙڪائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. مولوي صاحب جي حياتيءَ جا ٻه دور اهم آهن هڪ ۱۹۷۷ع کان ۱۹۴۷ع تائين ۽ ٻيو ۱۹۴۷ع کان ۱۹۶۹ع تائين انگريز سرڪار جي دور جون حالتون پاڪستان هندوستان جو ٺهڻ ۽ ملڪي سياسي حالتون ۽ باغيانه خيال سندس شاعريءَ ۾ بلڪل چٽا پسجن پيا، کيس انگريز دور ۾ جيل نيو ويو ۽ قيد ۾ پڻ کيس ڪافي تڪليفون ڏنيون ويون. انگريزن جي خلاف سڄي هندوستان ۾ تحريڪون عمل ۾ آئيون، پير صاحب پاڳاري جو ڦاسي چڙهڻ، ڀڳت ڪنور رام ۽ الله بخش سومرو جو شهيد ٿيڻ ۽ حُرن جي جنگ ۽ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ جون مارشلائون، ون يونٽ، بنگلاديش جدا ٿيڻ لاءِ تحريڪ ۽ ٻيون ڪيتريون قومي ۽ بين الاقوامي حالتون جن کان سندس شاعري متاثر ٿي، سي شاعريءَ ۾ واضح طور ڏسجن پيون. مولوي احمد ملاح جو شمار سنڌي ادب جي اهم شاعرن ۾ ٿيئي ٿو، هن بيشمار بيت، غزل، ڏوهيڙا، ڪافيون، وايون، مولود، مداحون ۽ مناجاتون چيا آهن، کيس فارسي، عربي، سرائيڪي ۽ سنڌي ٻوليءَ تي مهارت حاصل هئي، خاص طور فارسي شاعريءَ کان متاثر هيو ۽ عربي ادب جو وڏو مطالعو ڪيو هئائين. “نور القرآن”، قرآن پاڪ جو منظوم ترجمو سندس اهڙي ڪاوش آهي جنهن کي نه فقط هن صديءَ ۾ پر هميشه مڃتا ملندي رهندي اهو ترجمو سندس محنت ۽ علميت جو دليل ۽ وڏي ديني خدمت آهي، هن ترجمي معرفت مولوي صاحب نه فقط عربي زبان جي اکرن جو ترجمو ڪيو آهي پر قرآن پاڪ جي حڪمن ۽ هدايتن کي پر اثر انداز سان نظمي ويس ڍڪائي سنڌي ٻوليءَ ۾ اهم ترين ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي، هي ترجمو ڏهن سالن ۾ مڪمل ٿيو پنهنجي سوانح عمريءَ ۾ اهو هن ريت لکيو اٿن، پنجونجاهه کان پوءِ پيم پهه ترجمي سنڌيءَ سندو، عمر پوري پنجهٺ ۾ ترجمو ٿيڙو تمام. هيءُ قرآن پاڪ جو پهريون منظوم ترجمو آهي جو سنڌي ٻوليءَ ۾ بيت جي صورت ۾ آهي مولوي صاحب بيت جي صنف کي هن ترجمي لاءِ موزون سمجهيو ۽ سڄو مڪمل ترجمو بيت جي صورت ۾ ٿيوآهي، مولوي صاحب جا نثر ۽ نظم ۾ ڪيترائي ڪتاب آهن “معرفت الله”، “گلزار احمد”، “گلشن احمد”، “هيڪڙائي حق”، “فتح لنواري”، “شرڪ چٽ”، “بياض احمد”، “پيغام احمد”، “ديوان احمد”، “نور القرآن” ۽ ٻيا ڪتاب آهن سندن فن تي پڻ ڪيترن ئي عالمن ۽ اديبن ڪم ڪيو آهي جن ۾ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، علامه قاسمي، شمشير الحيدري ۽ ٻيا آهن پروفيسر ڊاڪٽر عبدالله ملاح مولوي صاحب جي باري ۾ پي ايڇ ڊيءَ جو مقالو، “مولوي حاجي احمد ملاح جي شخصيت ۽ شاعري جو تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو” لکي سنڌيونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي، تاج جويو سندن جي باري ۾ “موحد شاعر: مولوي حاجي احمد ملاح” ڪتاب ترتيب ڏنو جيڪو ماڻڪ موتي تنظيم شايع ڪيو. هو توحيد جو مبلغ هيو، لنواري شريف ۾ خواجه محمد زمان جي درگاهه تي نقلي حج ٿيندڙ کي ختم ڪرڻ لاءِ هن بدعت خلاف جهاد ڪيو. احمد ملاح سنڌ جو هڪ بي نظير شاعر ۽ عالم هيو، سندس شاعري سنڌي سماج جي ثقافتي، تاريخي، سياسي، سماجي ۽ مذهبي قدرن جي ڄاڻ ڏئي ٿي، هن جو دور هڪ صديءَ تي محيط آهي ۽ سندس شاعريءَ ذريعي سنڌ جي پوريءَ هڪ صديءَ جي تاريخ جڙي ٿي ڪيترائي واقعاتي ۽ تاريخي شعر ملاح جي شاعريءَ ۾ ملن ٿا. احمد ملاح جي شاعري سندس اندر جي اُڌمن جو برجستو اظهار آهي هو فطررتاً حساس ۽ مٺيءَ دل وارو ماڻهو هو جنهن کي نه فقط مذهب ۾ ٻيا ئي ناپسند هئي پر حياتيءَ جي هر رويي ۾ سچائي، سادگي ۽ سٻاجهائي پسند هئي سندس شاعري لغت جو وڏو خزانو آهي وٽس لفظن جا اڻ ملهه انبار ۽ تجنيس حرفيءَ جا سهڻا ڪمال آهن، جيئن مثال طور، دم ڪو آهيون، خواب آهي يا خيال، هي بزرگيون بادشاهيون، خواب آهي يا خيال، خاڪ ٿيندا خاڪ ۾، خاقان توڻي خان سڀ، هي خوشيون هي نگاهيون، خواب آهي يا خيال، هي حڪم هي حڪمتون، هي حرف توڻي حرفتون، شغل شاديون شوق شاهيون، خواب آهي يا خيال. مولوي احمد ملاح قادر الڪلام شاعر هو، سندس شاعراڻين خوبين کيس اعليٰ مقام عطا ڪيو نظم جي تقريباً هر صنف تي طبع آزمائي ڪيائين ته نثر ۾ پڻ وڏو اهل قلم هو، سندس ڪلام فصاحت بلاغت ۽ روانيءَ سان ڀرپور آهي ۽ سنڌ ۾ ڪيترن ئي فنڪارن هن جي ڪلام کي ڳايو آهي. حُسن وارا ڪيئن هزارين منجهه هينين تون هيڪڙو، جاءِ بجاءِ گڏ جانءِ جاني جينين تون هيڪڙو. (احمد ملاح) مولانا حاجي احمد ملاح اشرف عبدالله ميمڻ سنڌ امن، سلامتي ۽ شانتي جي ڌرتي آهي. جنهن ڪيترن ئي صوفين، بزرگن، عالمن مفڪرن ۽ شاعرن کي جنم ڏئي ماتا جو ڪردار امن طريقي سان نڀاهيو آهي. سنڌڙي پنهنجن سپوتن ۽ محب وطن کي سچائي ۽ ساڃاهه جي ستي پيارڻ سان گڏوگڏ محبت، اخوت، ڀائپي ۽ همدردي جهڙن قيمتي اوصافن جو دامن مضبوطي سان پڪڙڻ جي هدايت ڏيڻ ۾ ڪا ڪسر ناهي ڇڏي ۽ کين سنڌڙيءَ جا هڙئي لاڏلا سندس ماتا جي حڪم ۽ فرمان جي تابعداري ڪندي مشڪل پنڌ کي سوکو ۽ آسان بڻائي ويا آهن. انهن منجھان حاجي احمد ملاح به هڪ هو. جنهن ڪوڙ ڪپت، ٺڳي ۽ ڪٽپرڻي جهڙن موذي مرضن جون پاڙون پٽي، حق، سچ، علم ۽ ساڃاهه جي پوک پوکي. حاجي احمد ملاح لاڙ جي شهر بدين ۾ تڏهن اک کولي جڏهن جهالت جو جهان اڏيل هو سوين بلڪه هزارين ان نڀاڳ جي ٻيڙي تي سوار هئا. هن سماج جي ماڻهن اسلامي احڪامن جي وڏي هيراڦيري ڪئي ۽ بدعت پکيڙي حاجي احمد ملاح ته انهن سڀني ڳالهين جو ڪٽر ويري هو. بدعت جهالت جي ڪوڙن رواجن ۽ رسمن کي ٽوڙڻ ۽ وهمن توڙي وسوسن کان ماڻهن کي آجو ڪرڻ جي لاءِ مولانا صاحب پاڻ پتوڙيو. مولوي صاحب وڏو شاعر، متقي، پرهيزگار ۽ عالم هو. مولوي صاحب پنهنجي خطبي ۽ شاعري ذريعي ماڻهن جي دلين ۾ سجاگي جي لهر پيدا ڪئي. مولوي صاحب جو وڏو ڪارنامون سنڌي ٻولي ۾ منظوم قرآن شريف جو ترجمون آهي. مولوي صاحب پنهنجي سموري زندگي حق تعاليٰ جي وحدانيت جي پرچار ڪندي گذاري ۽ پنهنجي شاعري جي ذريعي ماڻهن ۾ خدا جي وحدانيت جو شعور ڏنو. مولوي صاحب جي هڪ مشهور شعر جو مصرع آهي ته: نه پالي ٿو پرور ته پالي ٿو ڪير، سنڀالي نه سو، پوءِ سنڀالي ٿو ڪير، کڻي پاٽ مان وجھي پيٽ ۾، نون نالين مان نڪالي ٿو ڪير. مولوي احمد ملاح سنڌ جو باڪمال عالم ۽ شاعر رکيل مورائي سنڌ ڌرتيءَ تي ڪائنات جو خالق مهربان آهي، ان ڪري ئي نه هن ذرتيءَ کي هڪ کان وڌيڪ اعزاز بخشا اٿائين. خاص طور هن ڌرتي کي هُن جيڪي اعزاز بخشا آهن، انهن مان سنڌ جا پهاڙ، سمنڊ، ٿر ۽ زرعي حصا اهڙا اعزاز آهن، جن سنڌ کي سدائين خوشحال رکيو آهي، ٻئي طرف سنڌ لاءِ ڀٽائي خود هڪ اعزاز آهي ۽ ان کانپوءِ سنڌ جون ڪيتريون علمي، ادبي ۽ ڏاهپ رکندڙ شخصيتون پڻ سنڌ لاءِ ڪنهن اعزاز کان گهٽ نه آهن. علمي ادبي حوالي ۾ قدرت ٿر سان جيڪي ڀال ڀلايا آهن، اهي ڪيترن نالن جي روپ ۾ ظاهر آهن، لاڙ سان جيڪا قدرت جي لنئون لڳل آهي، انهيءَ جو اندازو ان شخص مان لڳائي سگهجي ٿو جيڪو لاڙ جي لالڻن جي هڪ ڊگهي فهرست ۾ بنهه نرالو آهي، سندس آبرو نرالي آهي، سندس احترام نرالو آهي ۽ اهو سڀ ڪجهه نرالو ان ڪري آهي ته هُن جو علمي ادبي ڪم نرالو آهي، انسانيت جي لاءِ قبول ڪيل ضابطه حيات ۽ مسلمانن جي مقدس ڪتاب قرآن پاڪ جو پهريون منظوم ترجمو ڪندڙ جهڙو اعليٰ اعزاز سنڌ جي لاڙ ڏانهن وڃي ٿو، جنهن اعزاز لاءِ شايد اسلامي دنيا جا ڪيترائي ملڪ سڪندا هجن، پر قدرت اهو اعزاز سنڌ کي بخشو ۽ ان اعزاز کي عربستان جي ڌڻين جنهن شان مان سان شايع ڪيو آهي، اهو پڻ هڪ اعزاز کان گهٽ نه آهي، جنهن اعزاز جو نالو آهي، ”نور القرآن“ جنهن جو منظوم ترجمو ڪيو آهي، اسان جي ڀلاري نالي واري شاعر عالم ۽ اديب مولوي احمد ملاح: احترام سان لکيو ويندڙ نالو مولوي احمد ملاح پنهنجي ذات ۾ هڪ باڪمال شاعر، مقرر علماءُ ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه، اڄ جي علمي ادبي ۽ شعوري دنيا واري سڌ ۾ ٽي شخص اهڙا رهيا آهن، جن جي سنڌ وٽ خاص جڳهه آهي، هڪ مولوي غلام رسول جتوئي، ”خطبهءِ رسولي“ جو خالق، هڪ محمد عثمان ڏيپلائي، ”نورِ توحيد“ جو خالق“ ۽ هڪ مولوي احمد ملاح، ”ديوان احمد“ جو خالق، اتر سنڌ مولوي غلام رسول جتوئيءَ تي فخر ڪندي، ٿر محمد ڏيپلائي تي فخر ڪندو ۽ ائين لاڙ پٽ مولوي احمد ملاح تي فخر ڪندو. مولوي احمد ملاح پنهنجي علمي ۽ شاعراڻي عظمت ته رکي ئي ٿو پر عملي طور هُن جيڪا سنڌ جي مذهبي، مسلڪي ۽ عقيدي وارين بدعتن خلاف جنگ ڪئي آهي، اها هڪ الڳ تاريخ جو حصو آهي، جن شخصن مولوي صاحب جو دور اکين سان ڏٺو اُهي اهڙي شاهدي ڏئي سگهن ٿا ۽ جن سندس دور نه ڏٺو، اُهي هُن جي شاعري پڙهي اندازو لڳائي سگهندا ته مولوي احمد ڪهڙي علمي ۽ ادبي حيثيت جو مالڪ آهي. لاڙ پٽ جي علمي ادبي ماحول تي جيڪو مولوي احمد ملاح جو اثر آهي، اهو اڄ جا جديد دور جا لکندڙ به لنوائي نه سگهندا، اڄ جي لاڙ پٽ جي ليکڪن وٽ جيڪو لاڙ جو حُسن آهي ۽ جيڪو لاڙ جي ٻوليءَ ۽ ثقافت جو حسن آهي، ان ۾ گهڻو حصو مولوي احمد ملاح جو آهي، مولوي صاحب جي غزلن جا جيتوڻيڪ ننڍا ننڍا مجموعا ته شايع ٿيل آهن، پر ڏهاڪو کن سال اڳ محترم عبدالغفور ”عابد“ صاحب جي ڪوششن سان ”ديوان احمد“ پڻ شايع ٿيو هو، جيڪو چڱو ئي ضخيم ڪتاب هو، جنهن ۾ مولوي صاحب جا غزل شامل هُئا ۽ انهن غزلن ۾ جيڪا لاڙ جي ثقافتي سونهن هُئي اها پنهنجو مثال پاڻ آهي، ائين به آهي ته مولوي صاحب جو چڱو چوکو شعر نا صحانه پڻ آهي، پر هو اول آخر هڪ مڪمل شاعر آهي، ان ۾ ٻه ڳالهيون نه آهن ۽ ساڳئي وقت اهو به آهي ته مولوي احمد ملاح جي غزل ۾ جيڪو به ڪجهه آهي، اُهو سڀ سندس تخليقي اُپت آهي، هُن وٽ ٻوليءَ جو رچاءُ پنهنجو آهي، تشبيهون پنهنجون آهن، تمثيلون پنهنجون آهن، اشارا قنايا پنهنجا آهن، رديف قافعا پنهنجا آهن، لسانياتي ۽ ثقافتي سونهن پنهنجي آهي، ۽ اهم ڳالهه ته چوڻ جو ڍنگ پنهنجو آهي، هڪ مڪمل شاعر لاءِ ايترو ڪجهه هجڻ ڪافي آهي. مولوي احمد ملاح هڪ شاعر سان گڏ هڪ مبلغ آهي، هڪ مذهبي عالم به آهي، ڇاڪاڻ ته اهو سندس شعوري پاسو آهي، جنهن ڪري هُن پنهنجي شاعريءَ کان تبليغ جو ڪم به ڀرپور نموني ورتو آهي، جنهن ۾ هو مڪمل ڪامياب ويو آهي، پر اهو به سچ آهي، هُن جڏهن شاعري کان تبليغ جو ڪم ورتو آهي، تڏهن به وٽيس شاعري موجود رهي آهي، جديد تنقيد ۾ تمام گهڻو وقت هڪ جملو استعمال ٿيندو رهندو هُئو ته ”بهترين فن ذريعي بهترين پروپيگنڊا، بهترين ادب آهي“ مولوي صاحب مٿئين جملي تي بنهه پورو لهي ٿو. جيڪا هر لکندڙ جي وس جي ڳالهه نه آهي ۽ جڏهن اهو شاعر هجي ته ڳالهه اڃا به ڏکي ٿيو پوي بھرحال مولوي احمد ملاح ويهين صديءَ جي شروع ۾ يعني ۱۹۰۰ع ۾ پيدا ٿيو هن زندگي جا اٺهتر سال ڄمار ماڻي ۱۹۶۹ع ۾ وفات ڪئي. تازو ئي مولوي احمد ملاح جهڙي عالي شاعر ۽ عالم جي سڀ شاعري گڏي هڪ ڪليات ۾ آندي وئي آهي ۽ اها ايتري گهڻي آهي جو ڪليات جا ٻه جلد جوڙيا ويا آهن، ٻنهي جلدن ۾ دبل ڪلائون سائيز جا هڪ هزار ٻه سئو ٻاهتر صفحا آهن، هي محنت ۽ محبت وارو ڪم احترام لائق پروفيسر ضرار رستماڻي صاحب ڪيو آهي، جنهن لاءِ هو گهڻو جس لهڻي جو هُن صاحب هڪ ڪامل شاعر جو سمورو ڪلام گڏ ڪيو آهي ۽ ان کي ٻن جلدن جي ڪليات ۾ هڪ وڏي خرچ سان شايع ڪيو آهي، ائين ڪري هُن صاحب سنڌي پڙهندڙن کي هڪ اعليٰ شاعر ۽ عالم هڪ هنڌ گڏ ڪري ڏنو آهي، جيڪو مڪمل طرح پڙهڻ لاءِ شايد ڪنهن به پڙهندڙ لاءِ ڏکيو ٿئي ها! مولوي صاحب ڀلي لاڙ پٽ جو شاعر هُئو ۽ اتي ئي هوسڄي ڄمار لکندو ۽ پڙهندو رهيو پر هڪ شاعر طور سنڌ جو شاعر آهي ۽ سموري سنڌ ۾ احترام ۽ پيار سان پڙهيو وڃي ٿو، ڀلي مذهبي شدت پسندي ڪري سنڌ جو نوجوان ان بيزاريءَ جو شڪار رهيو هُجي پر مولوي احمد ملاح جي شاعراڻي عظمت کان هو ڪڏهن به انڪاري نه رهيو آهي ۽ هاڻ جڏهن سندس سموري شاعري اڄ جو نوجوان ڌيان سان پڙهندو ته يقينن هو، ڏانهُس وڌيڪ ڌيان ڏيندو. اهڙي پڪ آهي، ٻن جلدن جو هي اعليٰ شاعريءَ جو ڪليات منهنجي دوست ۽ نامياري صحافي فيض کوسي مون ڏانهن تحفي طور موڪليو آهي. مان سندس احسان مڃيندي دل ۾ بيحد خوش آهيان ته هُن مون ڏانهن هڪ املهه ڪتاب موڪليو آهي جيڪو اڄ جي لکندڙن کي ضرور پڙهڻ گهرجي ٻيءَ صورت ۾ هُو هڪ شاعراڻي ڪليات کان محروم رهجي ويندا. جيڪي سندس علم ۾ هڪ سدائين رهجي ويندڙ ڪمي هوندي ۽ بس! احمد ملاح مولوي سنڌ جي بيمثال ۽ عوامي شاعر، مولوي حاجي احمد ملاح، تعلقي بدين جي هڪ ڳوٺ ”ڪنڊيءَ“ ۾ پهرين فيبروري ۱۸۷۷ع تي جنم ورتو. سندس والد جو نالو ”نانگيو“ هو. هن شروعاتي تعليم، ڀڳڙا ميمڻ، ٻهڊميءَ، نانگي شاهه ۽ سجاول جي مڪتبن ۽ مدرسن مان حاصل ڪئي. بعد ۾ ”رپ“ مان تعليم مُڪمل ڪري دستاربندي ڪيائين. تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ هن مختلف مڪتبن ۽ مدرسن ۾ درس ۽ تدريس جا فرض سرانجام ڏنا. نورمحمد منڌري، لاکي پير، ٻهڊميءَ ۽ ڪنڊيءَ جي مدرسن ۾ پڙهائيندو رهيو. ان کان پوءِ بدين جي مدرسي ”مظهر العلوم“ ۾ معلم جي حيثيت سان پڙهائيندو رهيو. سال ۱۹۳۲ع ڌاري مذهبي فرقيواريت ۽ فسادن جي ڪري مدرسي کي خيرآباد چئي بدين جي هڪ علائقي ۾ گهر اڏي، غريب آباد محلو جوڙيائين. اتي ئي هڪ مدرسو ”انوار العلوم“ قائم ڪري، سنڌ جي ناليوارن عالمن، مولانا عبدالوهاب، مولانا عبدالغفور سيتائي، مولوي محمود ۽ مولوي گل محمد کي معلم طور مقرر ڪيائين. مولانا صاحب هڪ انقلابي شخصيت هو، جنهن خلافت تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو. ۱۹۲۲ع ۾ گرفتار ٿيو ۽ ۴ مهينا جيل ڪاٽيائين. ”جميعت علماءِ سنڌ“ ۾ پڻ سرگرم رهيو. مولوي حاجي احمد ملاح جو سنڌ جي وڏن ۽ اعليٰ پايي جي شاعرن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. سندس شاعريءَ جو انداز عوامي آهي، جنهن کي جهر جهنگ ۾ ڳايو وڃي ٿو. سندس شاعريءَ جو وڏو حصو، مذهبي شاعريءَ تي ٻڌل آهي. تنهن هوندي به سندس شاعريءَ ۾ مزاحيه، جمالياتي ۽ انقلابي پهلو نمايان آهن. هيءُ تجنيسِ حرفيءَ جو شهنشاهه ۽ غزل جو سٺو شاعر تسليم ڪيو وڃي ٿو. سندس علمي ڪارنامو، قرآن مجيد جو ”نورالقرآن“ جي نالي سان سنڌي بيتن ۾ منظوم ترجمو ڪرڻ آهي. بلاشڪ سندس انهيءَ عظيم ڪم سان سنڌي ٻوليءَ کي وڏو مقام حاصل ٿيو آهي. قرآن مجيد جو سڄي دنيا ۾ اهو پهريون منظوم ترجمو آهي. اُن جو پهريون ڇاپو ارباب الله جُڙئي مولانا صاحب جي زندگيءَ ۾ (۱۹۶۹ع ڌاري) ڇپائي پڌرو ڪيو. اُن ترجمي جو ٻيو ڇاپو مهراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد ۱۹۷۸ع ۾ ڇپائي منظر عام تي آندو. ان ۾ علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جو مقدمو اعليٰ معيار جو شاهڪار آهي. هن قرآن پاڪ جي ترجمي جي اهميت کي محسوس ڪندي، ڪجهه سال اڳ، اهو سعودي عرب جي سرڪار پاران ڇپائي مفت تقسيم ڪيو ويو. ان جي ڇپائي ۽ گيٽ اپ، تمام سهڻو ۽ اعليٰ درجي جو آهي. سندس شاعريءَ جي مجموعن مان ”ديوانِ احمد“، ”گلشنِ احمد“، ”گلزارِ احمد“، ”بياضِ احمد“، ”هيڪڙائي حق“، ”پيغام احمد“ ۽ ”غزليات احمد“ ڇپيل آهن. نثر ۾ هڪ ڪتاب ”معرفة الا اللہ“ پڻ ڇپيل اٿس. سندس شخصيت، زندگي ۽ علمي خدمتن تي تاج جويي ”موحد شاعر مولانا حاجي احمد ملاح“ (۲۰۰۳ع) ترتيب ڏئي ڇپايو آهي. سنڌ جي هن بيمثال شاعر ۱۹ جولاءِ ۱۹۶۹ع تي وفات ڪئي. سندس مزار بدين شهر ۾، معصومن جي مقام ۾ آهي. سندس هڪ ئي تصوير موجود هئي، نوجوان مصور حفيظ قريشيءَ ان تان خوبصورت تصوير پينٽ ڪئي آهي، جيڪا هن وقت مولانا صاحب جي واحد تصوير آهي. حاجي احمد ملاح سنڌ دوست انسان عبدالمجيد ملاح الله تعاليٰ انسان ذات جي رهنمائي جي لاءِ هڪ لک ۲۴ هزار جي لڳ ڀڳ پيغمبر موڪليا جنن انسانن تائين الله جي وحدانيت جو پيغام پهچايو ۽ آخر ۾ پنهنجي پياري رسول حضرت محمد ﷺتي پاڪ ڪتاب قرآن مجيد نازل ڪري ان کي قيامت تائين جي ماڻهن لاءِ هدايت ۽ رهنمائي جو سرچشمو بنايو. نبوت ۽ رسالت جي سلسلي ختم ٿيڻ کان پوءِ اسلام جي تعليم کي عام ڪرڻ ۽ پکيڙڻ جو فريضو هن امت جي علماءِ ڪرامن ۽ نيڪ انسانن تي عائد ٿئي ٿو. اصحاب سڳورن، محدثين ۽ وقت به وقت علماءِ ڪرامن الله جي دين جي تعليم ۽ توحيد جي دعوت پکيڙڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا پئي ڪيو آهي. اهڙن ئي نيڪ انسانن جي صف مان هڪ نالو مولانا حاجي احمد ملاح رحه جو به آهي جنهن الله تعاليٰ جي آخري ڪتاب قرآن مجيد جو سنڌي ٻولي ۾ منظوم ترجمو ڪيو جيڪو اعزاز سنڌي ٻولي کان سواءِ ٻي ڪنهن به ٻولي کي حاصل نه ٿيو آهي. سنڌي ٻولي ۾ منظوم قرآن مجيد جو اهو ترجمو جيڪو ”نورالقرآن“ جي نالي سان سعودي حڪومت پاران ڇپائي وڏي تعداد ۾ منظرعام تي آندو ويو. اهو اڄ به پوري دنيا جي مسلم لائبريرين ۾ موجود آهي جڏهن ته انهي کان اڳ اهو ترجمو شايع ڪرڻ جو اعزاز مولوي صاحب جي ساٿي ۽ رفيق ارباب الهجڙيو کي حاصل ٿيو جنهن کان پوءِ دائود فائونڊيشن ڪراچي، مهراڻ آرٽ ڪائونسل حيدرآباد پاران پڻ شايع ڪيو ويو. مولوي احمد ملاح جيڪو بدين تعلقي جي قديم ۽ تاريخي ماڳ روپا ماڙي، شهيد دودو سومرو جي اوڀر طرف ٻه ڪلوميٽر مفاصلي تي موجود ديهه لوهڻ جي ڳوٺ ڪنڊو ۾ جنم ورتو. اهو ڳوٺ ڪنڊو جي نالي سان انهي ڪري مشهور ٿيو جو اتي جي زمين وارياسي هئي اتي ڪنڊيون ۽ ڪرڙ تمام گھڻا ٿيندا هئا ۽ اتي ڪنڊي جيڪا وڌي وڏو وڻ ٿي جنهن جي مناسبت سان اهو ڳوٺ ”ڪنڊو“ جي نالي سان سڏجڻ لڳو. مولانا حاجي احمد ملاح کي پڙهڻ جو شوق جاڳيو هڪ ڏينهن صبح جو مال چارڻ لاءِ جهنگ ۾ ويو اتي ڍور جهنگ ۾ ڇڏي پاڻ ٻهڍمي جي هڪ مڪتب ۾ پڙهڻ هليو ويو. جنهن کان پوءِ ڀڳڙا ميمڻ ۽ سجاول جي مدرسن ۾ عربي، فارسي جو علم حاصل ڪري مڪمل عالم ٿي دستاربندي جي پڳ ٻڌي جيڪا ان وقت تعلقي بدين جي ڳوٺ رپ لڳ گھڙو ۾ مشهور عالم دين مولانا خير محمد مگسي ”خضري“ هٿان دستاربندي ٿي. ديني علم حاصل ڪرڻ کان پوءِ واپس پنهنجي ڳوٺ اچي ڪجهه عرصو اتي ئي رهيو جنهن کان پوءِ ديني فريضي يعني دين جي تبليغ جي ڪم ۾ لڳي ويا. شاعري جو کيس ننڍي هوندي ئي شوق هو. هن سماج اندر پکڙيل مختلف سماجي براين شرڪ بدعت جهڙن رسمن خلاف پنهنجي شاعري ذريعي جهاد ڪيو ۽ انهن جو رد ڪري الله جي توحيد وحدانيت ۽ سنت جو پيغام ماڻهن تائين پهچايو. سندس شاعري ماڻهن ۾ سٺي مقبوليت حاصل ڪئي. پاڻ هڪ مدرسو مظهرالعلوم نالي سان بدين شهر ۾ ميرواهه جي ڪپ تي قائم ڪيو. انهي مدرسي جي مقبوليت ۽ ڪاميابي سبب حاسد ۽ پيٽوڙي ملن کي ڏکي لڳي ۽ انهن مولوين جي مقبوليت گھٽجڻ لڳي ۽ انهن پاران اهو چيو ويو ته مولوي احمد ملاح وهابي ٿي ويو آهي. مولوين جي اهڙي روش جي ڪري مولوي احمد ملاح دين جي تبليغ ۽ الله سائين جي خالص توحيد جي پرچارڪ ڪرڻ کان باز نه آيو جنهن جي ڪري سڀني مولوين گڏجي کيس سندس ۱۳ ساٿين سميت وهابي هئڻ جو چئي مدرسي مظهر العلوم کي ڇڏڻ تي مجبور ڪيو. مولوي صاحب کي رب تعاليٰ جي نصرت حاصل ٿي جنهن کي بدين شهر جي قاضيه واهه ڪپ تي ان وقت سنڌ جي وزير اعليٰ مير غلام علي ٽالپر دوستي جو هٿ وڌائيندي مدرسي مسجد ۽ رهائش لاءِ زمين منظور ڪري ڏني انهي تي دوستن جي تعاون ۽ الله تعاليٰ جي مدد ۽ تائيد سان هڪ مدرسو انوارالعلوم نالي سان ٺهرايو ۽ مسجد ٺهرائي ۽ مولوي جي رهائش سان گڏ اتي ٻيا به گهر آباد ٿيڻ لڳا ۽ انهي علائقي جو نالو غريب آباد رکيو ويو. انهي سان گڏ مولوي صاحب معاشري ۾ موجود بدعت ۽ شرڪ جي خلاف پڻ باقاعده جهاد شروع ڪري ڏنو. جنهن جي ڪري هڪ طرف ڪيتريون ئي پيراڻيون گاديون ويران ٿيڻ لڳيون ماڻهو شرڪ جي دلدل مان نڪري توحيد جي نور سان منور ٿيڻ لڳا ۽ مولوي صاحب جو ساٿ ڏيڻ لڳا جنهن ۾ ابڙا، بوهڙ، گھراڻا، پنائي سيد، مير خاندان، وهڻائي خاندان ۽ ٻيون برادريون شامل آهن. مولوي صاحب جي شاعري ۽ توحيد پرست عالم هئڻ جي ڪري علائقي ۾ وڏي سياسي پذيرائي پڻ حاصل ٿي سندس علم ۽ شاعري سبب ڪافي ماڻهو فيض حاصل ڪيو جنن ۾ مير غلام علي ٽالپر، شهيد الله بخش سومرو، مير علي احمد ٽالپر، مير رسول بخش ٽالپر، ارباب خانصاحب توڳاچي، ارباب الهجڙيو، مير بنده علي خان ٽالپر، مير غلام محمد خان ٽالپر، بلالاڻي فقير، مير الله بچايو خان ٽالپر، مير ملڪ محمد خان ٽالپر، ڪليڪٽر مسيح الزمان، بئريسٽر خالد اسحاق کان علاوه مقامي طور تي ارباب جمعون ابڙو، رئيس نورمحمد بوهڙ، سيد عبدالله شاهه، سيد شاهن شاهه، محمد اشرف ٿيٻو، جانڻ لوهار، پير حاجي حسن بخش، ڊاڪٽر نذير حسين حيدري، حاجي حسين ملاح، بچل ٽڪورو، وڏيرو ڪمال الدين مينڌرو، رئيس پوڙهو خان ڀرڳڙي، رئيس نبي بخش ڀرڳڙي، سيد مقبول شاهه آف وهڻائي، وڏيرو قابل جوکيو، مير نورحسن ٽالپر، رئيس عبدالرحمان جروار، مير صاحب خان ٽالپر، مير ولي محمد خان ٽالپر، ارباب نورمحمد راهمون سندس دوستي ۾ آيا. جڏهن ته علماءِ ڪرامن ۾ مولوي عبدالرحيم پڇمي، مولانا محمد صادق کڏي وارو، مولانا دين محمد وفائي، مولوي محمد عمر جوڻيجو، مولانا عبدالغفور سيتائي، مولوي عبدالرحيم جنائي، مولوي خير محمد نظاماڻي، مولوي گل محمد خاصخيلي، مولوي عبدالله جوڻيجو، مولوي عبدالوهاب لنڊ، حاجي حسين گوپانگ، مولوي محمد هارون چنه، مولوي عبدالڪريم سمون، مولوي احمد پنهور، مولوي عبدالحق رباني، مولوي علي محمد مهيري، حاجي شير محمد ٽالپر، مولوي علي محمد سنهڙي وارو، مولوي محمد اسماعيل لغاري مسڻ وڏي، پير احسان الله شاهه راشدي جھنڊي وارو، مولانا حمادالله، مولانا سلطان احمد رتيديرو ۽ مولانا غلام الله راولپنڊي وارو ۽ ٻيا علماءِ ڪرام سندس دوستي ۾ رهيا. مولانا حاجي احمد ملاح وڏو شاعر هئڻ ڪري سندس شاعري جا ڪيترائي ڪتاب آهن جيڪي سندس دوست ساٿي مولوي عبدالله جوڻيجو جن ڇپائي منظر عام تي آندا جنهن ۾ ديوان احمد، گلزار احمد، هيڪڙائي حق، بياض احمد، گلشن احمد، غزليات احمد، فتح لواري ۽ نثر ۾ معرفت الله شامل آهن ۽ ڪليات احمد جيڪو هن وقت تازو پروفيسر ضرار رستماڻي ٽن واليم ۾ ڇپرايو آهي. انهن سڀني شاعري جي ڪتابن جا ڪيترائي ايڊيشن ڇپجي منظر عام تي اچي چڪا آهن. مولوي صاحب جو وڏي ۾ وڏو ڪارنامون قرآن مجيد جو منظوم ترجمو نورالقرآن آهي ۽ ٻيو ڪارنامون لواري ۾ ٿيندڙ مصنوعي حج کي بند ڪرائڻ آهي. هن عظيم انسان پنهنجي سموري زندگي الله جي دين جي پرچار ۽ توحيد جي سر بلندي لاءِ وقف ڪري ڇڏي. مولوي احمد ملاح کي شاعري ۾ حرف تجنيس جو بادشاهه شاعر ڪري سڏيو وڃي ٿو. سندس ڪلام ۽ شاعري کي سنڌ جي وڏن فنڪارن پڻ ڳايو آهي جن ۾ استاد عثمان ڪڇي، استاد مٺو ڪڇي. عابده پروين، مصري ڏيپلائي، حسن ڪڇي، حافظ لقمان عالماڻي، حيدر کوسو، اسحاق ڪارو، ٻڍو فقير، سميت ٻين فنڪارن ڳايو آهي ۽ هن وقت به استاد الهڏنو جوڻيجو، ڪريم ڪڇي ۽ ٻيا فنڪار مولوي حاجي احمد ملاح جي شاعري کي بهترين انداز ۾ ڳاين ٿا. جڏهن ته ديني مجلسن ۾ حاجي غازي ڪنڀار، حافظ الهڏنو ملاح ۽ جان محمد راڄو مولوي ملاح جي شاعري پڻ چوندا رهيا آهن. مولوي احمد ملاح رح جي شاعري کان جيڪي متاثر ٿيا ۽ کيس پنهنجو استاد مڃيو انهن ۾ ابراهيم منشي، سرويچ سجاولي، عبدالمبين پنائي، حاجي محمد حاڪم ٽالپر ۽ ٻيا شامل آهن جنن جي شاعري ۾ مولانا احمد ملاح جي شاعري جو اثر پسي سگھجي ٿو. موجوده وقت ۾ جيڪي شاعر آهن انهن ۾ حافظ محمد نظاماڻي، حافظ خليل کوسو مولوي حاجي احمد ملاح رح جي شاعري کي دلي طور تي پڙهن ٿا ۽ بهتر سمجهي ان جي شاعري سان محبت ڪن ٿا ۽ شاعري جي ڪنهن به محفل ۾ مولوي صاحب جي شاعري جو ذڪر ڪرڻ فرض سمجھن ٿا. انهي کان علاوه بدين جي علمي شخصيت سائين محمد صديق مرهم ملاح کي مولوي صاحب جي شاعري جو حافظ ڪوٺيو وڃي ٿو. مولوي صاحب جي شاعري کي سهڻن اکرن ۾ لکندڙ ڪاتبن ۾ حافظ نعت الله هاليپوٽو، عبدالمجيد ابڙو، ماستر الهجڙيو ملاح، مولوي عبدالله جوڻيجو، ماستر الله ورايو عمراڻي شامل آهن. مولوي صاحب جي ڪيل علمي ادبي خدمتن ۽ شاعري کي عام ڪرڻ جي لاءِ هڪ ادارو ”مولوي حاجي احمد ملاح اڪيڊمي“ طور قائم ڪيل آهي جنهن تحت ڪتابي اشاعت جو سلسلو جاري آهي. مولوي صاحب پنهنجي سڄي زندگي الله جي دين جي لاءِ وقف ڪندي هن علائقي ۾ توحيد رباني جو علم بلند ڪندي ۹۰ سالن جي ڄمار ۾ ۱۹ جولاءِ ۱۹۶۹ بروز ڇنڇر جي ڏينهن منجھند ۳:۳۰ منٽن تي هن جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو سندس جنازي ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي. سندس آخري آرام گاهه ڪينٽ روڊ بدين ۾ موجود معصومن جي قبرستان ۾ آهي. احمد ملاح مولوي آصف جمال سومرو سنڌ جي بيمثال ۽ عوامي شاعر، مولوي حاجي احمد ملاح، تعلقي بدين جي هڪ ڳوٺ “ڪنڊيءَ” ۾ پهرين فيبروري ۱۸۷۷ع تي جنم ورتو. سندس والد جو نالو “نانگيو” هو. هن شروعاتي تعليم، ڀڳڙا ميمڻ، ٻهڊميءَ، نانگي شاھ ۽ سجاول جي مڪتبن ۽ مدرسن مان حاصل ڪئي. بعد ۾ “رپ” مان تعليم مُڪمل ڪري دستاربندي ڪيائين. تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ هن مختلف مڪتبن ۽ مدرسن ۾ درس ۽ تدريس جا فرض سرانجام ڏنا. نورمحمد منڌري، لاکي پير، ٻهڊميءَ ۽ ڪنڊيءَ جي مدرسن ۾ پڙهائيندو رهيو. ان کان پوءِ بدين جي مدرسي “مظهرالعلوم” ۾ معلم جي حيثيت سان پڙهائيندو رهيو. ۱۹۳۲ع ڌاري مذهبي فرقيواريت ۽ فسادن جي ڪري مدرسي کي خيرآباد چئي بدين جي هڪ علائقي ۾ گهر اڏي، غريب آباد محلو جوڙيائين، اتي ئي هڪ مدرسو “انوارالعلوم” قائم ڪري، سنڌ جي ناليوارن عالمن، مولانا عبدالوهاب، مولانا عبدالغفور سيتائي، مولوي محمود ۽ مولوي گل محمد کي معلم طور مقرر ڪيائين. مولانا صاحب هڪ انقلابي شخصيت هو، جنهن خلافت تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو. ۱۹۲۲ع ۾ گرفتار ٿيو ۽ ۴ مهينا جيل ڪاٽيائين. “جميعت علماءِ سنڌ” ۾ پڻ سرگرم رهيو. مولوي حاجي احمد ملاح سنڌ جي وڏن ۽ اعليٰ پايي جي شاعرن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. سندس شاعريءَ جو انداز عوامي آهي، جنهن کي جهر جهنگ ۾ ڳايو وڃي ٿو. سندس شاعريءَ جو وڏو حصو، مذهبي شاعريءَ تي ٻڌل آهي، تنهن هوندي به سندس شاعريءَ ۾ مزاحيه، جمالياتي ۽ انقلابي پهلو نمايان آهن. هيءُ تجنيسِ حرفيءَ جو شهنشاھ ۽ غزل جو سٺو شاعر تسليم ڪيو وڃي ٿو. سندس عالمي ڪارنامو، قرآن مجيد جو “نورالقرآن” جي نالي سان سنڌي بيتن ۾ منظوم ترجمو ڪرڻ آهي، بلاشڪ سندس انهيءَ عظيم ڪم سان سنڌي ٻوليءَ کي وڏو مقام حاصل ٿيو آهي. قرآن مجيد جو سڄي دنيا ۾ اهو پهريون منظوم ترجمو آهي. اُن جو پهريون ڇاپو ارباب الله جُڙئي مولانا صاحب جي زندگيءَ ۾ (۱۹۶۹ع ڌاري) ڇپائي پڌرو ڪيو. اُن ترجمي جو ٻيو ڇاپو مهراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد ۱۹۷۸ع ۾ ڇپائي منظر عام تي آندو، ان ۾ علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جو مقدمو اعليٰ معيار جو شاهڪار آهي. هن قرآن پاڪ جي ترجمي جي اهميت کي محسوس ڪندي ڪجھ سال اڳ اهو سعودي عرب جي سرڪار پاران ڇپائي مفت تقسيم ڪيو ويو، ان جي ڇپائي ۽ گيٽ اپ تمام سهڻو ۽ اعليٰ درجي جو آهي. سندس شاعريءَ جي مجموعن مان “ديوانِ احمد”، “گلشنِ احمد”، “گلزارِ احمد”، “بياضِ احمد”، “هيڪڙائي حق”، “پيغام احمد” ۽ “غزليات احمد” ڇپيل آهن. نثر ۾ هڪ ڪتاب “معرفة الاالله” پڻ ڇپيل اٿس. سندس شخصيت، زندگي ۽ علمي خدمتن تي تاج جويي “موحد شاعر مولانا حاجي احمد ملاح” (۲۰۰۳ع) ترتيب ڏئي ڇپايو آهي. سنڌ جي هن بيمثال شاعر ۱۹ جولاءِ ۱۹۶۹ع تي وفات ڪئي. سندس مزار بدين شهر ۾، معصومن جي مقام ۾ آهي. سندس هڪ ئي تصوير موجود هئي، نوجوان مصور حفيظ قريشيءَ ان تان خوبصورت تصوير پينٽ ڪئي آهي، جيڪا هن وقت مولانا صاحب جي واحد تصوير آهي. سندس زندگي جي مشن کي موجود وقت ۾ پروفيسر ضرار رستماڻي پورو ڪري رهيو آهي. پروفيسر صاحب سندس ڪلام کي ن رڳو سانڍي ڇپرائي پيو بلڪي جيڪي واڌايون انجي ڪلام ۾ ڪيو ويون آهن انهن کي ب درست ڪري پيو. ملوي احمد ملاح صاحب جي زندگي جي بهترين نموني موجود وقت ۾ انسائيڪلوپيڊيا پروفيسر ضرار رستماڻي صاحب آهي. قوم جي بي حسي چئبي يا پنهنجن کي نوازڻ پر جيڪو ڪم ملوي احمد ملاح ڪري ويو آهي سنڌي ٻولي جي واڌءُ لاءِ اهيو ن ڪنهن شاعر اڄ ڏينهن تائين ڪيو آهي ن ڪنهن ٻئي شخص پر سندس ڪلام کي سرڪاري سطح تي ڪا ب موٽ ڪون ملي آهي. حاجي احمد ملاح ھيڪڙائي حق جو وڏي۾ وڏو مبلغ محمد موسيٰ جوکيو حاجي احمد ملاح گھڻ رُخي شخصيت جو مالڪ هو. سندن شخصيت تي لکڻ لاءِ اسان کي تاريخ جي ورق گرداني ڪرڻي پوندي، جيئن اسان کي پروڙ پوي ته انهن ماڻهن ڪهڙن مشڪل ترين دورن ۾ حق ۽ سچ جي پرچار ڪئي. قدرت جي سڀني نعمتن سان مالا مال آهي. انهي ڪري هن ڌرتي جا رهواسي سدائين خوشحال ماڻهو ۽ سدا سٻاجهڙا رهيا آهن. انهن تي هميشه دنيا جي حريص، مڪار، فريبي ماڻهن جون غاصبانا نظرون هونديون آهن. موهن جي دڙي جي وقت کان اڄ ڏينهن تائين سنڌ جا ماڻهو اهي پيڙاهون ڀوڳيندا رهيا آهن. دنيا جو مشهور سياح، البيروني، جنهن سڄي دنيا جو سير وسفر ڪيو آهي. انهي پنهنجي مشهور سفرنامي ۾ لکيو آهي ته؛ “سڄي دنيا ۾ واحد سنڌ ملڪ آهي. جتي مسافرن کي ماني اجهو مفت مهيا ٿئي ٿو. ” البيروني اڳتي لکي ٿو ته؛ “اهڙا ملڪ جنهن جا ماڻهو اهڙا فراخ دل هجن، اهي پنهنجو وجود برقرار رکي نه سگهندا آهن. هميشه سازشن مڪارين، ٺڳين ۽ منافقين جو شڪار ٿيندا رهندا آهن”. مولوي حاجي احمد ملاح جو هڪ اهڙي مڪتبه فڪر سان واسطو هو. جنهن جو برصغير جي تاريخ ۾ اهم ڪردار رهيو آهي. اهو مڪتبه فڪر آهي” مظهردالعلوم ديوبند” جنگ آزادي جي تحريڪ ۾ مظهردالعلوم جي عالمن جو تمام وڏو حصو رهيو آهي. دارالعلوم جو ناظم حضرت مولانا حسين احمد مدني هندستان جي مسلمانن جي وڏي ۾ وڏي جماعت جمعيت العلماءِ هند جو صدر به رهيو آهي. هندستان ۾ آزادي جي حساب سان جيڪي مشهور تحريڪون هليون جن ۾ خلافت تحريڪ، ريشمي رومال واري تحريڪ ۽ ٻين تحريڪن ۾ جمعيت العلماءِ هند جي عالمن جو ڪليدي رول رهيو آهي. اسان جي سنڌ ۾ به مولانا عبيدالله سنڌي، مولانا محمد صادق کڏي وارا، مولانا عبدالحق رباني، مولانا شاھ محمد امروٽي ۽ حضرت مولانا حاجي احمد ملاح جو ڪردار تاريخ جو سونهري باب آهي. مولوي حاجي احمد ملاح صاحب انگريزن جي دور ۾ انهن تحريڪن جي عتاب ۾ جيل به ڪاٽيو. مولوي حاجي احمد ملاح جو جيڪو وڏي ۾ وڏو ڪارنامو آهي. اهو آهي شرڪ جي خلاف اعلان جنگ، وهم پرستي، قبر پرستي، نام نهاد پيري مريدي خلاف اعلان جهاد، مولوي صاحب سڄي زندگي انهي محاذ تي دليري سان وڙهيو. اهو اهڙو دور هو جڏهن پيري مريدي خلاف هڪ لفظ ڳالهائڻ به جرعت جو ڪم هو. پر مولوي صاحب پنهنجن مختصر ساٿين سان گڏجي پيري مريدي جي شيش محل کي پٿر هڻي ڀورڀور ڪري ڇڏيو. مولوي صاحب جي سّٿ جو هڪ ٻيو ساٿي محمد عثمان ڏيپلائي پيري مريدي کي هڪ مهلڪ مرض سمجهي انهي جي خلاف ڪتابي سلسلو شروع ڪيو. ڏيپلائي صاحب مرشد جي ڪن، نڪ کان وٺي هر عضوي تي ڪتاب لکيو، انهي کان علاوه پيري مريدي سان واسطو رکندڙ هر موضوع تي سون جي تعداد ۾ ڪتاب شايع ٿيل آهن. ڏيپلائي صاحب جي ڪتابن سنڌ ۾ تمام گهڻي سجاڳي آندي. مولوي صاحب جو ٻيو ساٿي جيڪا سنڌ ۾ نهايت قابلِ احترام شخصيت آهي. اهو هو مولانا عبدالحق رباني هو به پيري مريدي جي خلاف تمام گهڻو سرگرم رهيو. هن تي به مرشدن جي طرفان دڙڪا دهمان به ٿيا. پر هو ڪنهن جي به عتاب ۾ نه آيو ۽ سدائين سرخرو رهيو. مولوي احمد ملاح جيڪو جسماني طور ضعيف ۽ ڪمزور هوندو هو ۽ هن جي دوستن جو به محدود حلقو هوندو هو. پر تنهن هوندي به سڄي زندگي پنهنجي عظيم مقصد خاطر سدائين حالت جنگ ۾ رهيا. هن جو مخالف طبقو پيسي پرور، ماڻهن جي گهڻائي ۽ سرڪار جي سرپرستي هيٺ هو. پر مولوي صاحب حق ۽ سچ تي هو. ۽ هن جي اڳيان ڪابه وڏي رڪاوٽ جٽا ڪري نه سگهي. اڄ جي دور ۾ مولوي صاحب جو نظريو عام آهي. ۽ باطل نظريه رد ٿي چُڪا آهن. ڪو دور اهو به هو جو وهابي لفظ دشمن لاءِ للڪار هئي. ڪن لاءِ گار به هئي. ته وري ڪن لاءِ هڪ اعزاز هو. انهي وقت مولوي صاحب جي ماڙي وهابين جي درسگاھ ۽ اڪيلي مسجد هئي. اڄ جي دور ۾ مولوي صاحب جا معتقد ڪنهن وڏي گادي نشين جي مريدن کان گهڻائي ۾ آهن. اڳتي هلي گادي نشينن جا نشان رهن يا نه رهن. پر مولوي حاجي احمد ملاح جو نالو قيامت تائين زنده جاويد رهندو. مولوي احمد ملاح داڪٽر محمد علي محمدي اڄ سنڌي ٻوليءَ جي شاعر، عالم تجنيس حرفي جي بادشاہ مولوي احمد ملاح جي ۵۳ ھين ورسي آهي. ھن سنڌي زبان ۾ قرآن شريف جو منظوم ترجمو لکي ھڪ طرف عربي ٻوليءَ جي اونھي ادراڪ ۽ ٻي طرف سنڌي ٻوليءَ جي خزاني کي ڀريو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ مرحوم جڏهن سنڌي لغت جي پروجيڪٽ تي ڪم ڪري رهيو هو ته سندس چوڻ هو ته جيستائين مولوي صاحب جو قرآن شريف جو منظوم ترجمو منظر عام تي نٿو اچي تيستائين لغت اڌوري ھوندي. سندس ڪليات احمد به سنڌي ٻوليءَ جي شاعري ۾ ھڪ خاص مقام رکي ٿو. لاڙ پٽ جي ھن عظيم عالم جي شاعري تي ڪيترن ئي ڪم ڪيو آهي. انھن ۾ ضرار رستماڻي ۽ سائين ڊاڪٽر محمد اسماعيل ميمڻ جو نالو سر فهرست آهي. سوانح : سنڌ جي بيمثال ۽ عوامي شاعر، مولوي حاجي احمد ملاح، تعلقي بدين جي هڪ ڳوٺ ”ڪنڊيءَ“ ۾ پهرين فيبروري ۱۸۷۷ع تي جنم ورتو. سندس والد جو نالو ”نانگيو“ هو. هن شروعاتي تعليم، ڀڳڙا ميمڻ، ٻهڊميءَ، نانگي شاهه ۽ سجاول جي مڪتبن ۽ مدرسن مان حاصل ڪئي. بعد ۾ ”رپ“ مان تعليم مُڪمل ڪري دستاربندي ڪيائين. تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ هن مختلف مڪتبن ۽ مدرسن ۾ درس ۽ تدريس جا فرض سرانجام ڏنا. نورمحمد منڌري، لاکي پير، ٻهڊميءَ ۽ ڪنڊيءَ جي مدرسن ۾ پڙهائيندو رهيو. ان کان پوءِ بدين جي مدرسي ”مظهرالعلوم“ ۾ معلم جي حيثيت سان پڙهائيندو رهيو. ۱۹۳۲ع ڌاري مذهبي فرقيواريت ۽ فسادن جي ڪري مدرسي کي خيرآباد چئي -بدين- جي هڪ علائقي ۾ گهر اڏي، غريب -آباد- محلو جوڙيائين، اتي ئي هڪ مدرسو ”انوارالعلوم“ قائم ڪري، سنڌ جي ناليوارن عالمن، مولانا عبدالوهاب، مولانا عبدالغفور سيتائي، مولوي محمود ۽ مولوي گل محمد کي معلم طور مقرر ڪيائين. مولانا صاحب هڪ انقلابي شخصيت هو، جنهن خلافت تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو. ۱۹۲۲ع ۾ گرفتار ٿيو ۽ ۴ مهينا جيل ڪاٽيائين. ڪڇ جي عالم مولانا عبدالرحيم پچمي جو به شاگرد آهي. سندس وفات ۱۹ جولاءِ ۱۹۶۹ع تي بدين ۾ ٿي. سندس قرآن شريف جو منظوم ترجمو مختلف ادارن پاران ڇپجي چڪو آهي. انھن ۾ ھڪ نسخو سعودي عرب مان به ڇپيل آهي. سندس شاعري ۾ ايترو ته رس ۽ چس آهي جو لاڙپٽ ۾ ڪيترائي ڳائڻا ڳائين ٿا. افسوس جو سنڌ جو ثقافت کاتو ھن ڏس ۾ ھميشه ماٺ جا مڱ وات ۾ وجھيو پيو گھمي. (داڪٽر محمد علي محمدي پنوعاقلجي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۹ جولاءِ ۲۰۲۲ع تي رکيل/کنيل)
حافظ محمد بخش خاصخيلي سنڌ جو انقلابي استاد غلام نبي بهراڻي انسان جڏهن ارتقا جا مرحلا طئه ڪري، شعور جي آخري سطح تي پهچندو آهي ته شاهه عنايت شهيد، لينن، ڪارل مارڪس ٿي پوندو آهي. هن شعوري سطح تي انسان ٻين لاءِ جيئڻ جي سگهه رکندڙ هجي ٿو. ”حافظ محمد بخش خاصخيلي وڏو صاحب“ جي سڃاڻپ رکندڙ تعليم کاتي ۾ Beat Officers جي حيثيت سان ڪم ڪندڙ، شاهه جي رسالي جو حافظ ۽ پارکو هو. منهنجي ٻاروتڻ واري دور ۾، جڏهن شعور ۽ عقل جي سطح تي مون کي نه ڇهيو هو. پهرئين کان پنجين ڪلاس تائين ”حافظ محمد بخش خاصخيلي“ کي مان ”وڏو صاحب“ جي حيثيت سان سڃاڻندو هوس. قد آور شخصيت، وار ڪلهن تائين، هڪ جادوئي Personality رکندڙ هو. ڳوٺ جي بزرگن کي تعليم جي واڌ ويجهه جون ترغيبون ڏيندڙ، هي رعبدار شخصيت، سڀني جي وچ ۾ الڳ ٿلڳ حيثيت رکندڙ هو. منهنجي هاءِ اسڪول نوان جتوئي ۾، مڊل تعليم دوران مان کيس شاعر جي حيثيت سان سڃاڻڻ لڳو هوس. قد آور قومپرست ھن شخصيت کي ون يونٽ تحريڪ دوران قومي شاعر جو مقام بخشي چڪا هئا. ون يونٽ خلاف سندس آواز قوم سان مليو ته اهو آواز هينئن اٿيو: نيڪ نظر تون ديدي ٿي مر، هوش محمد شيدي ٿي مر، تون نه لڪ، نه گيدي ٿي مر، ائين نه چنيسر، گيدي ٿي مر. سنڌ تان هڪڙو يونٽ لاهه، لا الله اِلا الله گهڻ رخي ۽ هن اڏول شخصيت وٽ، آدرش هئا. جن ذريعي هن ڌرتي ڌڻين تي ٿيندڙ ڪلور مٽائڻ ٿي گهريا، سماجي جاڳرتا هجي، قومي مسئلو هجي، معاشي استحصال هجي، هن ارڏي انسان مظلومن جو آواز ۽ پڪار بڻجي هر جدوجهد جي سرواڻي ڪئي، اها تحريڪ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي هاري حقن لاءِ هجي يا ڪا ٻئي. حافظ محمد بخش خاصخيلي هر جلسي جو شان ۽ عوام آواز بڻجي ٿو. عوام جي آواز کي دٻائيندڙن کي للڪاري ٿو ۽ عوام کي اتساهي ٿو. هن عوامي مسئلن ۽ اشوز کي به شاعري جي زينت بڻايو. ”حافظ کي وڏيرڪي سوچ ۽ ان جي هارين سان رويي تي به شڪايتون رهيون. چوي ٿو: هو ته پهتو آ انسان چنڊ تي، هتي ڪانهي ڪئي گار ڀوتار بند. حافظ سماجي مسئلن توڙي قومي مسئلن کي پنهنجي شاعريءَ ذريعي پيغام ۾ پوئي عام ماڻهن جي زبان بڻيو آهي. ”حافظ محمد بخش خاصخيلي، جنهن جو جنم نوان جتوئي ۾. مورو ۽ ڀرپاسي جي سياسي شعور جو سرواڻ ۽ ميٽنگس ۾ نظر اچي ٿو. اتي ”حافظ“ پاڻ زير عتاب آيل ڀي لڳي ٿو، اهو جاگيردارن جو عقاب هجي يا، مارشل لائي لٽيرن جو، جن ڌاڙيل ڪلچر کي عروج ٿي پهچايو جنهن لاءِ چوي ٿو: ماڻهو کي ٿو کائي ماڻهو، راهه تي ماريو جاڳڻ جاڙو. هنن ڦٽايو اوڙو پاڙو، ڌاڙيلن جي آڙ ۾ ڌاڙو. حافظ مارشل لا نظام خلاف، جمهوري جدوجهد کي گهڻو ويجهو رهيو هو. هو هر صنف جو ڄاڻو سگهڙ، اديب خاص طور لطيف جي پارکوءَ جي حيثيت ۾ سڃاڻپ رکندڙ هو، اهو سبب هو جو ”حافظ“ سنڌ اندر لطيف جو پارکو جي حيثيت ۾ اديبن آڏو خاص مقام رکندڙ هو. قومي تحريڪ ۽ ڪالا باغ ڊيم خلاف ٿيندڙ احتجاجن ۾ آڏو آڏو رهيو ۽ للڪار بڻيو. چوي ٿو: توسان هاڻي پاڻي ٿيندو، ڌار حقو ۽ پاڻي ٿيندو، پنهنجو الڳ پاڻي ٿيندو، پاڻي تي ئي پاڻي ٿيندو. حافظ ڳوٺن ۾ اوطاقن تي ڪچهرين جو مور هو، بزرگ به کيس احترام واري نظر سان ڏسندا هئا. هو عوامي آواز جو سگهارو ڪردار هو. هو مزاحمتي شاعري ڪندي دشمن لاءِ هميشه للڪار بڻيل هوندو هو. ”حافظ محمد بخش خاصخيلي جي زندگي ۾ جيڪي به اوڀاريون ۽ لهواريون آيون هن همت سان، جذبي سان انهن کي منهن ڏنو، ٻين لاءِ مشعل راهه بڻيو. جڏهن انسان پاڻ عمل راهه هجي ٿو ته ڪيڏا به طاقتور طوفان کيس جهڪائي نه ٿا سگهن. اهي ماڻهو جيڪي ٻين لاءِ جيئن ٿا هميشه امر بڻجي وڃن ٿا. اسان هميشه انسانن کي دفن ٿيندي ڏٺو آهي. همت ۽ جرئت جو مظاهرو ڪندڙ ڀل ڪنهن به قبرستان ۾ دفن ٿيندا هجن پر اسان جي دلين ۾ هميشه زندهه هوندا آهن. صوفي منش هي انسان دوست نظريو رکندڙ شخص حافظ محمد بخش خاصخيلي سڄي سنگت جو، عام ماڻهن جو ڀرجهلو هو. اڙانگي عشق ۾ ڦاٿل هي ارڏو انسان، سڄي سنڌ ۽ خاص طور هن علائقي جي ماڻهن کي باشعور بڻايو، ماڻهن کي شعور ڏنو، ان شعور جي لاٽ ڀڙڪو کائي باهه بڻجي چڪي آهي. اها باهه سماجي نابرابري جو خاتمو آڻيندي. حافظ محمد بخش ذاتي مفادن کي هميشه اجتماعي مفادن مٿان ترجيح ڏئي هميشه هميشه امر بڻجي ويو. حافظ محمد بخش خاصخيلي هڪ شخص جيڪو ڪچهريءَ جو مور هئو اي آر سولنگي زندگيءَ جا اڻونجاهه سال گذري ويا آهن پر مان انهن ڪي سال، ڪن اهم يادگيرين جي ڪري من ۾ محفوظ رهجي ويا آهن. جن مان هڪ سال اهو به آهي جنهن جي يادکي کڻي مان هي سٽون لکي رهيون آهيان. شايد اهو اوڻيهه سؤ اسيءَ جو يا ايڪاسيءَ جو سال هئو ۽ ان کي سنڌي ساهت سال ڪري سنڌ ۾ ملهايو پئي ويو. سڄي سنڌ ۾ ادبي ڪانفرنسون ۽ مشاعرا ٿي رهيا هئا. جنهن سلسلي ۾ نوان جتوئيءَ جي هاءِ اسڪول ۾ به هڪ ادبي ڪانفرنس ۽ مشاعري جو بندوبست ڪيو ويو هئو. حيدرآباد کان خان محمد پنهور مرحوم آيل هئو ۽ باقي اوسي پاسي جا شاعر ۽ اديب سڏيا ويا هئا. جن ۾ هڪ نوجوان/ٻارڙي شاعر طور مان به شريڪ ٿيو هوس. مون کي گمان آهي ته اهو منهنجو موري کان ٻاهر شعر پڙهڻ جو پهريون موقعو هجي، بهرحال انهيءَ موقعي تي سائين استاد بخاريءَ ۽ سائين راشد مورائيءَ کان پوءِ جنهن شاعر، ان دور جي ٻوليءَ ۾ مشاعرو لٽيو هئو ان شاعر/سگهڙ جو نالو حافظ محمد بخش خاصخيلي هئو، جيڪو منهنجي اکين پهريون ڀيرو ڏٺو هئو. سچ پچ هو پنهنجي جوڙ جڪ مان هڪ ڳوٺاڻو لڳو هئو. اهڙو ڳوٺاڻو جيڪو ڳوٺ ۾ چڱو مڙس ته ٿي سگهي ٿو پر شاعر نه! اڇي قميص شلوار، ڪارو سليپر پيرن ۾، وار ڪجهه ڊگها، بت جو ڀريل ۽ اجرڪ ڳچيءَ ۾، جيتوڻيڪ، مون کي ياد ٿو اچي ته اهي سياري جا ڏينهن بنهه نه هئا. پوءِ اڳتي هلي خبر پئي ته اجرڪ حافظ سائين اڪثر ٻارهو ئي ڪلهي تي رکندو هئو، اڳتي هلي سندس ڪنڌ ۾ اجرڪ جي جڳهه گيڙوءَ چادر والاري، “ اهي ڏينهن اهي شينهن” اڄ حافظ سائين تي لکندي، فقط پنهنجي يادن جي ورقن کي ئي آڏو رکڻو ٿو پوي، ڇاڪاڻ ته سندس ڪجهه به لکيل منهنجي آڏو نه آهي، شايد گهڻن لکڻ وارن جي آڏو نه هجي. شايد لکيت ۾ ڪجهه حافظ سائينءَ جي گهر ۾ به ڪجهه نه هجي، سبب اهو آهي ته حافظ سائين خود به لکڻ کان وڌيڪ اهميت پنهنجي حافظي کي ڏيندو هئو. پوءِ به ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي کيسي مان ڪي پاڻ ڪاغذ ڪڍي پڙهندي مون کيس ضرور ڏٺو پر اڪثر نثري لکڻيءَ طور، مون کيس پني تي ڏسي شعر پڙهندي شايد ڪڏهن نه ڏٺو هجي، ٻيءَ طرح هو پنهنجي مزاج ۾ اهڙو شاعر هئو، جيڪي شعر کي لکڻ يا پڙهڻ کان وڌيڪ اسٽيج تي ٻڌائڻ وڌيڪ پسند ڪندا آهن ۽ جڏهن اهي شعر اسٽيج تي پڙهندا آهن، ته هو پنهنجي شعر لکڻ واري مقصد/ڪارج کي پورو ٿيندي محسوس ڪندا آهن، سچ اهو به آهي ته سندن شعر پني تي پڙهڻ کان وڌيڪ سندن واتا ٻڌندي سٺو لڳندو هئو. گذريل دور سنڌ کي اهڙا ڪيترا ئي شاعر ڏنا، جن اسان جي قومي تحريڪ کي وڏو ٻل ڏنو ۽ اسان جي قومي تحريڪ جي جلسن کي جلا بخشي. خاص طور استاد بخاري، سائين راشد مورائي، سرويچ سجاولي، ابراهيم منشي، محمد خان مجيدي، سرڪش سنڌي ۽ ٻيا ڪيترا ئي نالا انهيءَ ۾ سلسلي ۾ ڳڻائي سگهجن ٿا ۽ پڪ سان سائين حافظ محمد بخش انهيءَ سلسلي جو شاعر هئو. اها ڳالهه الڳ آهي ته مٿين شاعرن تخليق واري پاسي به ڌيان ڏنو، جڏهن ته حافظ سائين ان کي هلڪو محسوس ڪندي، ان طرف ڌيان گهٽ ڏنو. اهو ئي سبب آهي جو هو لکت ۾ ڪو گهڻو شعر ڇڏي نه سگهيو. جنهن ڪري مٿس لکندي ڪنهن ڪميءَ جو، ڪجهه نه هجڻ جو احساس شدت سان محسوس ٿي رهيو آهي. حافظ سائين ڊگهو عرصو سنڌ لاءِ، ان جي مسئلن جي حل لاءِ، انهيءَ جي آزاديءَ ۽ خوشحاليءَ لاءِ هڪ سپاهيءَ جيان وڙهندو رهيو، ان لاءِ هن ڪنهن پارٽي ظابطي جي گهرج محسوس ڪا نه ڪئي، ڇاڪاڻ ته هن سنڌ کي عظيم سمجهيو ٿي ۽ جنهن به ان جي چڱائيءَ لاءِ آواز اٿاريو ٿي، ان آواز سان حافظ جو آواز شامل رهيو ٿي، نه رڳو شامل رهيو ٿي پر. پري پري تائين ٻڌڻ ۾ پڻ ايندو رهيو ٿي. سنڌ جي حوالي سان جنهن به سياسي پارٽيءَ سڏ ڏنو، ان تي حافظ جيءُ چيو ۽ پيرين اگهاڙو اتي پهتو، اها شاهدي سنڌ جي قومي سياست جا گذريل پنجاهه سال ڏيندا جن سالن جي سفري آڳنڌ تي هن جي پيرن جا چٽيل نشان وقت ڊاهي نه سگهيو آهي. حافظ محمد بخش خاصخيلي، بنيادي طور هڪ استاد هئو ۽ اهڙو استاد، جنهن کي سهي معنيٰ ۾ استاد ڪوٺي سگهجي، ۽ جنهن دور ۾ هو پرائمري استاد هئو، ان دور ۾ استاد هجڻ، هڪ معزز ترين شخص هجڻ جي برابر لکيو ويندو هئو. جيڪو اڄ ان جي بنهه ابتڙ سمجهيو ٿو وڃي، استاد کان سواءِ حافظ سائين هڪ رڄ چڱو مڙس هجڻ جون سڀ خوبيون به پاڻ ۾ رکندو هئو، مون کي خبر ناهي ته هو ڪلاسيقي راڳن جو ڪيترو ڄاڻو هئو، پر اها خبر اٿم ته هو راڳ (ڪلاسيڪل/نيم ڪلاسيڪل) جو عاشق ضرور هئو، ڇاڪاڻ ته جڏهن هو شاهه سائينءَ يا ڪنهن ٻئي شاعر جون سٽون جهونگاريندو هئو ته اهي، سُر ۾ هونديون هيون، خاص طور شاهه جي شاعري ته سندس روح ۾ رچي ويل هئي، جنهن کي اڪثر جهونگاريندو رهندو هئو. مان وري پنهنجي حافظي تي زور ڏيان ٿو ته جيئن اهي سٽون درست لکي سگهان جيڪي مون ڪيئي ڀيرا سندس واتان ٻڌيون هيون. شايد اهي سٽون هي آهن، جيڪي ڪنهن آڳاٽي شاعر جون آهن. پنهوارن کان پوءِ ڙي عمر، منهنجو داد ڌنارن ڪو نه ڪيو. جن کي جهونگاريندي ڪڏهن ڪڏهن هو ڳوڙها ڳاڙي وهندو هئو. ۽ اتي موجود سڀني جون به اکيون آليون ٿي وينديون هيون. ڳوٺاڻي ٻوليءَ ۾ ڪنهن به اهڙي شخص کي ڪچهريءَ جو مور ڪوٺبو آهي، جنهن جي ڳالهائڻ مان هڪ آسيس ايندي هجي ۽ جنهن کي ٻڌڻ لاءِ ڪيترو به وقت قربان ڪري سگهجي. پڪ سان مون سائين حافظ محمد بخش کي سدائين ائين محسوس ڪيو، توڻي جو هو پاڻ به ڪچهريءَ جو ڪوڏيو هئو. ۽ ڪنهن به ڪچهريءَ ۾ هن جي موجودگي، هن کي ڪچهري جو مور ثابت ڪندي هئي، اهڙا منهنجا اڻ ڳڻيا مشاهدا آهن، پر هڪ ڪچهري ته مون کان ڪڏهن نه وسرندي. محرابپور ۾ ڪنهن فنڪشن ۾ شرڪت لاءِ آئون ڪراچيءَ آيل هوس ۽ حافظ سائين پڻ موري کان آيل هئو. اسان جي رهائش هڪ ئي هنڌ هئي، حافظ سائين سوير ئي وڃي سمهي رهيو، اتفاق سان اسان جنهن وقت سهمڻ لاءِ آياسين اهو وقت سندس جاڳڻ جو هئو، اسان سهمڻ جي ڪئي ته هو جاڳيو، حق موجود چيائين ۽ شروع ڪيائين. پنهوارن کان پوءِ ڙي عمر! منهنجو داد ڌنارن ڪو نه ڪيو. اسان کي ننڊ ڪرڻ جي ڳڻتي ۽ حافظ سائينءَ کي ڪچهري ڪرڻ جو شوق، نيٺ ٿيو ائين ته اها سڄي رات فنڪشن ۾ گذري ۽ سڄو ڏينهن سائين حافظ سان ڪچهريءَ ۽ سفر ۾ گذري ويو. اهڙي شاهدي منهنجو دوست اسد سولنگي ڏيئي سگهي ٿو. جيڪو به گڏ هئو. ان ئي سفر ۾ مون هالاڻيءَ جي درٻار صاحب ڏٺي، جتي گروگرنٿ صاحب رکيل آهي. مون ۱۹۸۸ع ۾ مورو ڇڏيو ته حافظ سائينءَ سان ملڻ به گهٽيو، پوءِ به ڪڏهن ڪڏهن ملڻ ٿيندو هئو، پر سندس جدوجهد جو ڏس پتو ڪنهن طرح پوندو رهندو يا منهنجو دوست ادريس جتوئي ملندو هئو ته ٻڌائيندو هئو. پورهيت اڳواڻ ڪامريڊ ڄام ساقيءَ سکر کان لانگ مارچ شروع ڪيو ته حافظ ان سان ڪراچيءَ تائين پيرين پنڌ ڪيو، سندس پير پٿون تي پيا، پر هن وضعدار مڙس نه رڳو پاڻ ان لانگ مارچ کي ماڳ تي رسايو پر سڀني پانڌين جو سفر به پنهنجي ڪچهرين ۽ راڳن ساڻ آسان بڻايو. ائين سندس اوطاق پڻ سنڌ جي ثقافت جو هڪ اهڃاڻ بڻيل رهي. جتي نه رڳو ڪچهريون ۽ راڳ رهاڻ ٿيندي رهندي هئي پر قومي تحريڪ جا قافلا به اچي اتي ٿڪ ڀڃندا هئا ۽ قومي گڏجاڻيون ڪندا هئا. ڪيتريون ئي قومي ڪچهريون ۽ جلسا نوان جتوئي ۾ ٿيا جيڪي حافظ سائين جي شرڪت سان يادگار بڻيا ۽ منهنجي يادن جي ميراث طور مون وٽ سانڍيل آهن. ائين سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سندس ڪچهرين جون يادون وکريل آهن. ڇاڪاڻ ته لڳ ڀڳ هن سڄي سنڌ جو سفر ڪيو هئو. هو شاعر هئو، سگهڙ هئو، استاد هئو، سيلاني هئو، شاهه جو پارکو هئو، سنڌ جي ثقافتي ڳڻن جو ڄاڻو هئو، ٻوليءَ جو ماهر هئو، ڇا هئو، اهو هڪ ويهڪ ۾ طئه ڪرڻ نهايت ڏکيو آهي. پر اهو آسانيءَ سان هر شخص چئي سگهي ٿو ته هو اهڙو شخص هئو جنهن کي “ گههِ جو گهڙو “ واري استعاري طور ياد ڪري سگهجي ٿو. هو اهڙو ٻاجهارو شخص هئو، جنهن جي ڀاڪر ۾ اچي من چوندو هئو ته سندس اهو ٻاجهارو ڀاڪر ائين ئي مضبوط رهي ۽ زندگيءَ جي پڄاڻي اچي وڃي، شايد اهي شخص جيڪي کانئس اڳ هيءُ جهان ڇڏي ويا آهن، سندس ڀاڪرن جي گرمائش اتي به محسوس ڪندا هجن، ۽ جيڪي جيئرا آهن، اهي اهڙي پڪ ڏياري سگهن ٿا. گهٽ ۾ گهٽ هن جو مشهور نظم: پاڻيءَ تي ئي پاڻي ٿيندو، پنهنجو گڏ نه پاڻي ٿيندو. ۽ سندس ڀاڪرن جي ٻاجهائپ مون کان ته هن عمر ۾ ڪڏهن به نه وسرندي، اهڙو يقين منهنجو روح ۽ منهنجو اعتماد ڏين ٿا، مون کي پنهنجو پاڻ تي مڪمل اعتبار آهي ۽ جيڪي پنهنجو پاڻ تي اعتبار ڪندا آهن، اهي پنهنجي حافظي کي سدائين اعتبار جوڳو رکندا آهن، اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪجهه به لکڻ وقت اهي پنهنجي حافظي مان ڪهڙن واقعن ۽ حادثن کي پني تي آڻڻ چاهن ٿا ۽ ڪهڙن کي حافظي ۾ ئي رهڻ ڏين ٿا. اهو سندن نجي معاملو هوندو آهي، جنهن جو اختيار فقط کين وٽ هوندو آهي. ائين حافظ سائينءَ کي به پنهنجي حافظي تي اعتبار رهيو ۽ اهو سندس آخري گهڙيءَ تائين قائم رهيو، جنهن ڪري هن جي زندگيءَ ۾ ڪاغذ ايتري اهميت ماڻي نه سگهيو، جيتري اڄ اسان ان کي ڏئي رهيا آهيون، جيتوڻيڪ جديد دنيا ۾ رهندڙ نئون نسل ته اڄ ڪلهه ڪاغذ توڻي قلم کان بنهه پري وڃي رهيو آهي، هن جي آڏو ڪمپيوٽر جو ڪي بورڊ ۽ موبائيل فون جي اسڪرين آهي پر سندس الميو اهو آهي ته سندس ميراث ۾ حافظو شامل نه آهي، جيڪو ئي کيس سماج سان ۽ ان جي قدرن سان جوڙي رکڻ جو سبب بڻجي ٿو، اهو ئي سبب آهي، جنهن ڪري هو شايد پنهنجي قدرن سان جڙي نه سگهي. جن قدرن کان اسان پاڻ الڳ ٿيڻ نٿا چاهيون. ڇاڪاڻ ته اسان جا قدر ئي اسان جي سٺي يا نه سٺي هجڻ جو مثال ڏيئي سگهندا. جيڪي قدر اڄ تبديل ٿي رهيا آهن. حافظ محمد بخش خاصخيلي جن قدرن جو پاسدار هئو اسان انهن ۾ پنهنجو ننڍپڻ گذاريو، جنهن ڪري انهن قدرن کي سانڍڻ ۽ انهن سان پيار ڪرڻ اسان لاءِ ته لازمي آهي، پر اسان جو ايندڙ نسل انهن قدرن کي سنڀالي، وقت شايد انهن کي اهڙو موقعو نه ڏئي ۽ بس. حافظ محمد بخش خاصخيلي سنڌ جي نقشي جهڙو ماڻهو مظهرعلي خاصخيلي ۲۵ ڊسمبر تي ۲۰۰۲ ۾سنڌ ڌرتيءَ کان اهڙو محبوب ماڻهو جسماني طور تي جدا ٿي ويو هو جنهن جي صورت هميشه سنڌ جي نقشي وارو ڏيک ڏيندي هئي،ان شخصيت کي سڄي سنڌ حافظ محمد بخش خاصخيلي جي نالي سان ساري ٿي ۽ عقيدت مان ٻه ڳوڙها ڳاڙي کيس سلام پيش ڪري ٿي. اهو آمر ضياءُ جي مارشل لا وارو دور هو جڏهن سڄي سنڌ ۾سنڌي ماڻهن جي مٿان ظلم ۽ جبر جا پهاڙ ڪيرايا ويا هئا ان وقت سنڌ جي نانءُ جي شاعري ڪرڻ رڳو ڏوهه ئي نه سمجهو ويندو هو پر اهڙي شاعري ڪندڙ شاعرن کي تمام گهڻيون اذيتون ۽ تڪليفون ڏنيون وينديون هيون ان وقت سنڌ جي چيڪي مٽي مان ڳوهجي جنم وٺندڙ حافظ محمد بخش خاصخيلي جنهن جي ڪلهن ۾ سدائين سيارو هجي يا اونهارو اجرڪ پهريل هوندو هو سندس سفيد اڇا وار هن جي اهڙي نشاني هوندا هئا جيڪا کيس سنڌ جي جهرجهنگ واهڻ وستي ڳوٺن ۾ سڃاڻپ جو سبب بڻجندي هئي. حافظ محمد خاصخيلي جتي به ويندو هو اتي ننڍڙا معصوم ٻارڙا به کيس چاهه ۽ پيار مان مامون حافظ سڏي ٻکين پئجي ويندا هئا. ان جو سبب اهو هوندو هو ته حافظ محمد خاصخيلي هميشهه پيار، محبت جو درس ڏيندو هو ٻين کي به ان راهه تي هلڻ جون هدايتون ڪندو هو هي ته مرشد لطيف جي کاهوڙي سر جو اهو ڪردار هو جنهن کي لطيف سائينءَ پنهنجي بيتن ۾ بيان ڪيو آهي ته؛ کرڪڻا لاهي سک نه ستا ڪڏهين اوسيئڙو آهي، کاهوڙين کي پنڌ جو. شاهه سائين جي هنن سٽن جي حافظ محمد بخش هميشهه پچار ڪئي سندس سفيد ۽ اڇا وار سدائين کير ٿر جي جبل جي چوٽين جو ڏيک ڏيندا هئا هن کي سنڌ ڌرتيءَ سان ايترو پيار ۽ محبت هوندي هئي جو جڏهن آمر جنرل ضياءُ الحق مارشل لا واري ٽائيم ۾ سنڌي ماڻهن مٿان ڏمريل هوندو هو ۽ سنڌ جو نالو وٺڻ به ڏوهه تصور ڪيو ويندو هو ان وقت جنرل آمر ضياءُ الحق ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ان وقت حافظ محمد بخش خاصخيلي ۱۴ بندن تي جيڪو نظم لکيو اهو سڄي سنڌ ۾ ڄڻ ته سنڌ جو ڪيس وڙهڻ لاءِ ترجمان ٿي اڀريو. توسان هاڻي پاڻي ٿيندو، ڌار حقو ۽ پاڻي ٿيندو، پاڻيءَ تي ئي پاڻي ٿيندو، پنهنجو گڏ نه پاڻي ٿيندو. هر سنڌ واسيءَ جي وات حافظ محمد بخش خاصخيلي جو هي نظم ٻڌڻ لاءِ ملندو هو. ان وقت حافظ محمد بخش خاصخيلي هر سياسي ميڙاڪي ڳوٺ، جهرجهنگ، گلي واهڻ، وستيءَ ۾ پيادل پنڌ ڪري ڪچهرين ۾ به پهچندو هو ته ماڻهن جا ميڙ ڪٺا ٿي ويندا هئا ۽ حافظ کي مجبور ڪري چوندا هئا ته اهو نظم ٻڌاءِ ۽ اڄ ڏينهن تائين حافظ محمد بخش خاصخيلي جو هي نظم ڪالاباغ ڊيم جي خلاف احتجاج دوران مزاحمت جو ڪرداربڻبو آيو آهي. هن لطيف سرڪار جي پيروڪار پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪيترائي لاها چاڙها ۽ تڪليفون ڏٺيون هن جي عمر ان وقت ۱۴ سال هئي جنهن ڏينهن هو پنهنجي مينهن لاءِ ٻنيءَ مان گاهه ڪري رهيو هو، اهو شام جو پهر هو ۽ سخت گرمي هئي ان وقت هڪ واٽهڙو هن جي زندگي تبديل ڪري ڇڏي هن گاهه جي ڀري مس ڪئي هئي ته ڀرسان لنگهندڙ مسافر کانئس جروار ڳوٺ جيڪو نوان جتوئي جي ڀر ۾ آهي جي پڇا ڪئي جتي لونگ ڪوريجي جو مدرسو قائم ڪيل هو هن درويش صفت نينگر ڏاٽو اتي ڇڏي ان مسافر کي ان جروار ڳوٺ ڏانهن وٺي ويو جيڪو سڏ پنڌ جي فاصلي تي هو مگر انهيءَ سڏ پنڌ دوران ان مسافر هن نينگر کي اهڙيون ته پٽيون پڙهايون جو هن پڪو پهه ڪيو ته هو پڙهي وڏو عالم ضرور ٿيندو. اهو ۱۹۴۵ وارو سال هو. جڏهن هن مدرسي ۾ داخلا ورتي وڏي عمر هجڻ ڪري تعليمي آفيسر هن کي ٻيون ۽ ٽيون گڏجي امتحان ڏيڻ جي اجازت ڏني ۽ هن ان دوران ۱۱ سيپارهه قرآن جا به پڙهي پڄائي ورتا هئا ۽ وڏي محنت سان چوٿون ۽ پنجون پڙهي پاس ڪيو هو، مدرسي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ ڪري مٿس مذهبي رنگ چڙهيل هوندو هو اهو ئي سبب آهي ته هُن ۱۹۵۶ ۾ جماعت اسلامي جي ميمبرشپ ورتي ۽ لاڳيتو سرگرم رهيو پر سندس طبيعت ۾ سنڌ جو عشق سمايل هو هن مستاني نوجوان جماعت اسلامي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. جڏهن ايوب خان ون يونٽ مڙهيو ۽ جماعت اسلامي ان جي حمايت ڪئي. جنهن کان پوءِ صوفين جي سنگت ۾ اهڙو رنگجي ويو جو آخري وقت تائين سندس مٿان صوفياڻو رنگ طاري رهيو حافظ سنڌ ڌرتيءَ ۽ ان جي رهواسين جي عشق ۾ مڪمل گهيرجي ويو. هيءُ سنڌ سان عشق کي پنهنجو ايمان سمجهندو هو ان جي ڪري هيٺ ڏنل سٽن ۾ هينئن چيو اٿئين ته؛ نڌڻڪي قوم سان ناتو نڀائڻ ڪو وري ايندو مقدس ٿڃ ماتا جي ملهائڻ ڪو وري ايندو. هنن سٽن ۾ حافظ محمد بخش سنڌ ڌرتيءَ سان پنهنجي عشق جي ڳالهه بيان ڪئي آهي ۽ سندس اندر ۾ جيڪو وطن جي حب جو جذبو لڪل آهي اهو پڻ هنن سٽن ۾ ڏسي سگهجي ٿو؛ جڏهن تون نه هئين ۽ جڏهن مان نه هيڙس وڌي تون وڏو ٿئين، وڏو مان به ٿيڙس. جڏهن تنهنجو منهنجو نه بابا هيو ڪيو. نه نانو هيو ۽ نه ڏاڏو هيو ڪيو تڏهن سنڌ ڌرتي سدا شاد هئڙي. سکي سبز ۽ شاد آباد هئڙي. اڄ جڏهن وري ۲۵ ڊسمبر جو ڏينهن آيو آهي ته حافظ محمد بخش خاصخيلي جون يادون به تري آيون آهن ۽ کيس ياد ڪري سلام پيش ڪرڻ کان رهي نٿو سگهجي ڇو ته هن وقت سنڌ مٿان جن حالتن کي هٿ سان پيدا ڪرايو ويو آهي، انهن حالتن کي منهن ڏئڻ جي لاءِ به حافظ محمد بخش جهڙن کاهوڙي قرداررکندڙ شاعرن اديبن ۽ سياسي ليڊرن جي ضرورت آهي. (ڏيھاڙي عوامي آواز، ۲۵ ڊسمبر ۲۰۱۹ع ۾ ڇپيل)
محمد ابراهيم جويو هڪ صديءَ جو پڙاڏو پروفيسر محمد سليم ميمڻ اڄ ۱۳ آگسٽ آهي. سائين محمد ابراهيم جويي جي ۱۰۲ين سالگرهه. کين ان سڀاڳي ڏينهن جون مبارڪون هجن. جويو صاحب، سنڌ ڌرتيءَ جو اهو چمڪندڙ تارو آهي، جيڪو گذريل هڪ صديءَ کان سنڌ جو آواز بڻجي، ان جي افق تي چمڪي، هن ڌرتيءَ ۽ ان جي رهاڪن لاءِ پنهنجي لکڻين وسيلي پنهنجي آواز کي انهن ايوانن تائين پهچائيندو رهيو آهي، جن وٽ هن ڌرتيءَ جي رهواسين جي قسمت جي فيصلي ڪرڻ جو اختيار رهيو آهي، اها ٻي ڳالهه آهي ته انهن، هن عظيم ڏاهي جي ڳالهين تي ڌيان نه ڌريو آهي. محمد ابراهيم جويي جي هڪ صديءَ جي آدرشي حياتي کي هن ايڏو ته مُحرڪ، متحرڪ ۽ ڪارائتو ۽ بامقصد بڻايو آهي، جنهن جو مثال سنڌ جي تاريخ ۾ ملڻ محال آهي. جويو صاحب پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات هڪ استاد جي حيثيت سان ڪئي، پر پاڻ سدائين ان حيثيت کي برقرار رکندو آيو آهي، ڪٿي شاگردن کي تعليم ڏيندي، ڪٿي سياسي، سماجي ڪارڪنن کي سکيا ڏيندي، ته وري ڪٿي سياسي اڳواڻن جي به تربيت ۽ رهنمائي ڪندي نظر اچي ٿو. هڪ استاد سان گڏ پاڻ هڪ ڏاهو به آهي، جنهن سنڌ بابت هميشه پاڻ کي پتوڙيو آهي. سندس فڪر سندس لکڻين مان جرڪندو نظر اچي ٿو. سندس فڪر جي مٽي بنيادي طور تي ٽن ڌارائن مان ڳوهيل آهي. بنيادي طور تي پاڻ پنهنجي قوم ۽ سنڌ ڌرتيءَ جو سچو عاشق آهي، سنڌ سان سندس عشق جو جمال عمر جي هن وهيءَ ۾ به پسي سگهجي ٿو ته پنهنجي ڪمزور بُت، هاٺي ۽ ڪاٺي جي هوندي به سندس حوصلا، سندس سوچ ۽ سندس فڪر ڌرتيءَ لاءِ ڪيئن بکندو نظر اچي ٿو. ۱۳ آگسٽ ۲۰۱۴ع کان ۱۳ آگسٽ ۲۰۱۵ع تائين محمد ابراهيم جويو سؤ ساله جشن ڪاميٽي پاران ملهايل مختلف جلسن، ڪانفرنسن ۽ گڏجاڻين ۾ سندس اتساهيندڙ رويو ۽ سوچ ان جو هڪ واضح مثال آهي. سراج الحق هڪ هنڌ لکيو آهي ته، ”قوم ۽ وطن سان عشق ئي جويي صاحب جو مذهب آهي. هن هميشه روشن سنڌ جو خواب ڏٺو ۽ ان جي ساڀيان لاءِ جاکوڙيندو رهيو آهي، جنهن جو اظهار هن پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جا مون سپنن ۾ سوچي“ ۾ ڪيو اٿس. ان ڪتاب جي مضمونن ۾ هن دنيا جا سڀ عظيم اصول، آدرش، قدر ۽ روايتون سامهون رکي، اهي سپنا ڏٺا ۽ انهن جي ساڀيان لاءِ حل ۽ نبيرا به تجويز ڪيا آهن.“ جويي صاحب جي فڪر جو ٻيو پهلو ماديت پسندي ۽ عقليت پسندي آهي. ارڙهين صدي جي ماديت پسندي ۽ اڳتي هلي ان ۾ ٿيل جدلي ۽ تاريخي ماديت وارا واڌارا ۽ سڌارا، سندس سوچ جو محور رهيا آهن، ۽ سڄي ڄمار اُن جي پرچار ۽ ٻين کي ان لاءِ اتساهيندو رهيو آهي. جويو صاحب بنيادي طور تي هڪ سيڪيولر سوچ جو مالڪ هو. هن سڄي ڄمار پنهنجي لکڻين ۾ ان فڪر جو پرچار ڪيو آهي، جيڪو اڄ ڏينهن تائين جاري آهي. جويي صاحب جي زندگيءَ جو جيڪڏهن جائزو وٺجي ته پاڻ ننڍپڻ کان ئي ماءُ ۽ پيءُ جي پيار کان محروم رهيو، ڏاڏي ۽ ڏاڏيءَ جي قرب ۾ پلجي وڏو ٿيندڙ محمد ابراهيم جويو، جڏهن اسڪول جي چانئٺ اُڪري، اُتي تعليم پرائڻ لاءِ پهچي ٿو ته سندس استاد ٽيڪڻ مل سندس آدرشي استاد جي حيثيت ۾ کيس اتساهيندو نظر اچي ٿو. اسڪول ۾ داخل ٿيڻ جو پهريون ڏينهن، سندس زندگيءَ جي اهم ڏينهن مان آهي. پنهنجي زندگيءَ جي پهرئين اهم ڏينهن ۽ پنهنجي استاد سائين ٽيڪڻ مل جي ڪردار ۽ شخصيت تي هڪ خاڪي ۾ لکيو اٿس: ”پنهنجي ننڍپڻ جي پهرين يادگيريءَ مان پهريون هڪڙي جيڪا پياري ۾ پياري يادگيري منهنجي دل تي سدائين تري ايندي آهي، سا آهي منهنجي اسڪول ۾ وڃڻ جي پهرين ڏينهن جي يادگيري. منهنجي ڏاڏِي مون کي اسڪول وٺي هلي هئي. ان کان اڳ ڏاڏو مرهيات ناني احمد موچيءَ کان جُتي جوڙائي آيو هو. منهنجي غريب امڙ مون لاءِ ڪپڙن جو نئون جوڙو سُبيو هو ۽ ٽِڪن واري ٽوپي ٽونئر سان، قلم ۽ سليٽ رکڻ لاءِ هڪ بُجڪي تيار ڪئي هئي، جنهن تي به هُن ٽِڪون جَڙيون هيون ۽ ڀرت ڀري ان کي سهڻو بڻايو هو. ڪنهن دفعي آءٌ پنهنجي امڙ جي ڳالهه به لکندس، هينئر به جڏهن آءٌ هي اکر لکي رهيو آهيان، ته منهنجي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا آهن ۽ منهنجو هانءُ به ڀرجي آيو آهي.“ ”هميشه کير جهڙو اجو اجرو ڍلو چولو پائيندو هو، جنهن جي ڳچي پٽي واري هوندي هئي ۽ ڊيگهه گوڏن تائين هوندي هئي. ٻانهون کليل ۽ ويڪريون هونديون هيون، جنهن کي ڪم ڪرڻ وقت کنجي مٿي چاڙهي ڇڏيندو هو. جڏهن ته ويڪرن پائنچن وارو پاجامو پائيندو هو. پيرن ۾ ڪاري چمڙي جي جُتي ۽ مٿي تي ڪاري مخملي ٽوپي. هو عمر ۾ پنجويهن کان ٽيهن ورهين جو نوجوان هو. ڊگهو قد، ماسيرو بُت، ڪڻڪ رنگو، گول چهرو، ڊگهو نڪ، وڏيون ڪاريون اکيون، ويڪري پيشاني، وڏيرن جهڙا وڏا ڪن، جڏهن ڪنهن کي چتائي ڏسندو هو ته لڳندو هو ته پاڻ چهري جي نقش نگارن مان ان شخص جي ڪردار جي خاصيتن کي پروڙيندو هجي. سندس اکين جي چمڪ ٻين جي اکين ۾ ائين ليئا پائيندي هئي، ڄڻ ڪنهن شيءِ جي ڳولا ۾ هجن. سندس ڳالهائڻ جو انداز عجيب، دلڪش ۽ وڻندڙ هوندو هو. آواز سريلو پر کڙڪي وارو، ٻڌندڙ به ڇرڪي پوي. ڳالهائيندي سندس چپن تي هميشه مرڪ هوندي هئي. ڳالهائڻ جو ڏانءُ به ڪو کانئس سکي. ٻين جي ڳالهين کي ڏاڍي پاٻوهه مان ٻڌندو هو. سائين ٽيڪڻ مل ڳوٺ آباد جو رهواسي ڪونه هو بلڪ اتان ويهه ميل پرتي آراضي نالي ڳوٺ جو رهاڪو هو. پاڻ هر ڇنڇر تي پنهنجي ڳوٺ هليو ويندو هو ۽ سومر ڏينهن صبح جو سويل اچي اسڪول پهچندو هو. هر ڀيري ٻارن لاءِ کائڻ جي ڪانه ڪا شيءَ ضرور پاڻ سان آڻيندا هئا. ڪڏهن ڪا مٺائي، ڪڏهن ٻاجهر يا جوئر جي ماني مان ٺهيل ڪُٽي، ڪڏهن مٺي ماني، ڪڏهن بوندي، ڪڏهن مائو. ايندي ئي چوندا هئا ٻارو ڏسو! امان هن ڀيري اوهان لاءِ ڇا موڪليو آهي، اهو چوندي پاڻ سان آندل سوکڙي ٻارن ۾ ورهائي ڇڏيندو هئو. سائين ٽيڪڻ مل جي ميز جي خاني ۾ ٺڪر جي برنيءَ ۾ ٿڌ، زڪام ۽ کنگهه کان بچاءَ لاءِ گوريون، جن ۾ لونگ ۽ ڪارا مرچ پيل هوندا هئا، هميشه موجود رهنديون هيون، اهي به پاڻ پنهنجي گهران آڻيندو هئو، ۽ چوندو هو ته منهنجي ڪاڪي ٺاهيون آهن. پنهنجي بابي کي ”ڪاڪا“ ڪوٺيندو هئو، سندس والد شايد ويد هو. سياري ۾ ٿڌ لڳڻ، زڪام، کنگهه ۽ بخار جهڙا مرض ڳوٺن ۾ عام جام هوندا هئا، ۽ ڳوٺاڻا هميشه اهڙين بيمارين ۾ ورتا پيا هوندا هئا. ان مند ۾ سائين ٽيڪڻ مل جنهن به ٻار کي زڪام، کنگهه، بخار يا ٿڌ ۾ ورتل ڏسندو هو ته کيس پنهنجي ويجهو سڏي، خاني مان دوا جي برني ڪڍي کيس دوا چٽائي ڇڏيندو هو.“ ٽيڪڻ مل جي زندگيءَ جا عڪس، ابراهيم جويي جي زندگيءَ مان اسان کي جهلڪندا نظر اچن ٿا. پاڻ سڄي ڄمار ٽيڪڻ مل کي هڪ رول ماڊل جي حيثيت ۾ پسندو ۽ ان جي زندگيءَ مان اتساهه حاصل ڪندو رهيو، ڇاڪاڻ ته ٽيڪڻ مل نه فقط هڪ استاد هو، پر ساڳي وقت هڪ سماجي ڪارڪن بلڪ سماج سڌارڪ پڻ هو. جويو صاحب ننڍي کنڊ جي مارڪسي دانشور ايم. اين. راءِ جي سياسي پارٽي ”ريڊيڪل هيومنسٽ پارٽي“ جو ميمبر به هو ۽ انهن جي اخبار کي ڪجهه وقت تائين ايڊيٽر جي حيثيت ۾ ڏسندو رهيو. ايم. اين. راءِ جي سوچ ۽ فڪر، جويي صاحب جي عملي زندگيءَ کي نوان رخ ڏنا ۽ پاڻ سڄي ڄمار هڪ قومي ڏاهي جي حيثيت ۾ قومي سياست سان لاڳاپيل رهيو. سرڪاري نوڪري هوندي به هن جيڪو سياسي ادب تخليق ڪيو، تنهن جي کيس وقت به وقت سزا به ڀوڳڻي پئي، پر سندس ارادو اٽل ۽ پَهه پڪو هو ۽ پاڻ ان واٽ تي هلندي، زندگيءَ جا هڪ سؤ ٻه سال مڪمل ڪري رهيو آهي. ان اڙانگي واٽ تي هلندي سندس گهريلو زندگي به سخت متاثر ٿي، جنهن جا اگرا اثر ڪٽنب جي ڀاتين تي به پيا، پر پاڻ انهن سختين ۽ ڏاڍ کي خوش اسلوبيءَ سان منهن ڏيندو رهيو. ورهاڱي وقت جيتوڻيڪ سندس عمر ڪا گهڻي ڪانه هئي، هُو فقط ۳۰ ورهين جو هو، پر سندس شعور ۽ سياسي سوچ جي پختگي کيس ورهاڱي جي وقت جي حالتن ۽ مستقبل جي اگرن نتيجن کان باخبر ڪري رهي هئي. ان صورتحال کي آڏو رکندي ابراهيم جويي صاحب، سنڌ جي وڏيرن، واڳ ڌڻين ۽ سياستدانن کي باخبر رکڻ لاءِ ۱۹۴۶ع ڌاريSave Sindh Save the Continent from the Feudal Lords, Capitalists and their Communalist ڪتاب لکيو. ڪتاب لکڻ جي ڏوهه ۾ ان وقت جي سنڌ جي تعليم جي وزير پير الاهي بخش، جيڪو سنڌ مدرسه بورڊ جو چيئرمين پڻ هو، کيس نوڪريءَ مان ڪڍرائي ڇڏيو. ان سڄي صورتحال کي جويي صاحب خنده پيشانيءَ سان قبول ڪيو. ڪتاب جي اشاعت ۽ نوڪريءَ کان جواب ملڻ تي واويلا ڪرڻ بدران پنهنجي سياسي مقصدن جي حاصلات لاءِ وڌيڪ سرگرم ٿي ويو ۽ وقت وڃائڻ کان سواءِ سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبرن ڏانهن هڪ کليل خط لکيو، جنهن ۾ ڪتاب ۾ ڏنل نڪتن جي وڌيڪ وضاحت ڪئي ويئي هئي ۽ سنڌ جي عوام پاران گهر ڪئي ويئي هئي ته، شخصي، گروهي ۽ طبقاتي مفادن بدران پارلياماني سياست ۾ هلندڙ سازشن کي ٻُنجو ڏنو وڃي ۽ سماجي حقن جي تحفظ لاءِ اثرائتا اپاءَ ورتا وڃن. ابراهيم جويي اهو خط، اسيمبلي جي ميمبرن کي سنڌ بچايو ڪميٽي جي اعزازي سيڪريٽري جي حيثيت ۾ لکيو. ان خط کي سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر جي اخبارن ۾ وڏي پئماني تي پذيرائي ملي. ڳالهه اتي پوري ڪانه ٿي، بلڪ پاڻ سنڌ اسيمبليءَ جي هڪ هڪ ميمبر سان ملاقات ڪري به کين سنڌي قوم جي جذبن، خيالن ۽ اندر جي اڌمن کي پهچائڻ جي مهم شروع ڪيائين، جنهن جو مقصد فقط اهو هو ته سنڌ اسيمبليءَ جا ميمبر انهن حالتن ۽ معاملن کي چڱيءَ ريت سمجهن، جن کي سنڌ ۽ سنڌي عوام منهن ڏيئي رهيا هئا. منهنجي ذاتي راءِ اها آهي ته ”سنڌ بچايو کنڊ بچايو“، جيڪو جويي صاحب جو پهريون ڪتاب هو، تنهن ۾ جويي صاحب جن جن حالتن ۽ صورتحال جي اڳڪٿي ڪئي هئي، ورهاڱي کان پوءِ سنڌ انهن حالتن ۽ صورتحال جي وڪڙ ۾ وڪڙجندي ويئي ۽ ڏينهون ڏينهن حالتون خراب کان خراب تر ٿينديون ويون ۽ جويي صاحب جا خدشا ۽ اڳڪٿيون درست ثابت ٿين پيون. جويي صاحب جو اهو ڪتاب هڪ بنيادي ڪتاب جي حيثيت رکي ٿو. ان کان پوءِ جويي صاحب جيڪي به ڪتاب، مضمون ۽ مقالا لکيا آهن، تن جو ماخذ اهو ئي ڪتاب آهي. ان ڪتاب تي اڳتي هلي سرڪار پابندي مڙهي ڇڏي. تازو محمد ابراهيم جويو سؤ ساله جشن ڪاميٽي، اصل انگريزي ڪتاب ۽ ان جي سنڌي ترجمي کي شايع ڪرايو آهي. هونئن ته جويي صاحب پنهنجي شعوري زندگيءَ ۾ ڪيترن ئي شعبن ۾ ڪم ڪيو ۽ مختلف ادارن ۾ مختلف حيثيت ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون، پر سندس ڪم ۽ مقصد بنيادي طور تي فقط اهو هو ته پاڻ سنڌين جي شعورسازي ڪري. هڪ دانشور ۽ اديب کي پنهنجي قوم، وطن ۽ ٻوليءَ سان جيڪا دلي وابستگي هجي ۽ ان جي آئيندي جي سلامتي، مانَ ۽ شانَ لاءِ جيڪا بي لوث اون ۽ دورانديش نگاهه هجڻ گهرجي، ان جو سنڌ ۾ هڪ وڏو مثال سائين محمد ابراهيم جويو آهي. ٻولي، جيئن ته قومن جي سڃاڻپ ۽ سماج جي شعوري توڙي تحت الشعور جي ترجمان هوندي آهي، تنهن ڪري جويو صاحب هڪ اديب، ڏاهي جي حيثيت ۾ سنڌي ٻوليءَ بابت سدائين حساس رهيو آهي، بلڪ اهو چوڻ وڌيڪ مناسب ٿيندو ته پاڻ سڄي ڄمار ٻوليءَ جي بچاءَ، واڌاري، سڌاري ۽ ان کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ لاءِ هميشه پاڻ پتوڙيندو رهيو آهي. ثقافت جي صوبائي وزير سسئي پليجو، جنهن دؤر ۾ سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ لاءِ سنڌ اسيمبليءَ ۾ ان معاملي کي کنيو ته سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ لاءِ گهربل سڀيئي دستاويز، محمد ابراهيم جويي صاحب تيار ڪيا هئا. اهڙي ريت هي مرد مجاهد عمر جي هن مرحلي ۾ به سنڌ، سنڌين ۽ سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ڪرڻ ۾ رڌل آهي. ابراهيم جويو صاحب توهان کي جنم ڏينهن مبارڪ هجي. ابراهيم جويو صديءَ جي ساڃاهه جو سفر طئه ڪندڙ عتيق ملاح - حيدرآباد سنڌ جو ڏاهي، عالم، اديب ۽ دانشور محمد ابراهيم جويو پنهنجي ۱۰۳ هين سالگرهه ملهائي آهي، محمد ابراهيم جويو جي سالگرهه جي موقعي تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تقريبون ٿيون ۽ کيس سنڌي ٻولي، ادب ۽ وطن جي خدمت ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو ويو. محمد ابراهيم جويو ۱۳ آگسٽ ۱۹۱۵ع تي اڳوڻي ضلعي دادو ۽ هاڻوڪي ضلعي ڄامشورو جي ڳوٺ آباد ۾ هاري محمد خان جويو جي گهر ۾ جنم ورتو، هو هڪ غريب گهراڻي سان تعلق رکندڙ هو، پر هن تعليم کي نه ڇڏيو، معاشي حالتون بهتر نه هجڻ باوجود هن تعليم حاصل ڪئي. سنڌيڪا موجب هن پرائمري تعليم جا چار درجا ڳوٺ ۾ پڙهيا، ۱۹۲۷ع ۾ اي وي اسڪول سن ۾ داخل ٿيو، جتي سائين جي ايم سيد جي تعاون سان ٽي درجا انگريزي پڙهي، هن ۱۹۳۰ع ۾ سنڌ مدرسي ڪراچي ۾ داخلا ورتي، جتي چوٿين کان ستين درجي تائين پڙهيو، هن ۱۹۳۸ع ۾ ڊي جي سنڌ ڪاليج مان بي اي جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ هن اتي ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي ۽ منگهارام ملڪاڻي جهڙن استادن جي صحبت ۽ محبت حاصل ڪئي، ۱۹۴۰ع ۾ سنڌ مدرسي طرفان بي ٽي ڪرڻ لاءِ بمبئي جي ايس ٽي ڪاليج پڙهڻ ويو، جتان موٽندي ئي کيس ۱۹۴۱ع ۾ سنڌ مدرسي ۾ اسسٽنٽ ماسٽر مقرر ڪيو ويو، هو مختلف عهدن تي رهيو، پر هن پنهنجي رستي کي نه ڇڏيو، هو هڪ صديءَ جو سفر پورو ڪري زندگي جون ۱۰۳ بهارون مڪمل ڪري چڪو آهي، پر سندس حوصلا اڄ به بلند آهن، هن علم، ادب، شاعري ۽ عالمي ادب توڙي سياست سميت مختلف موضوعن کي تمام گهڻو لکيو آهي ۽ هن جا ڪيترائي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، هن مختلف علمي ۽ ادبي ادارن جي ڀلائي لاءِ ڪردار ادا ڪيو، سائين جي ايم سيد کي هن جو پهريون تعليمي مددگار پڻ سمجهيو وڃي ٿو. محمد ابراهيم جويو پنهنجي سالگرهه حيدرآباد واري رهائشگاهه تي ملهائي، جڏهن ته سندس سان محبت جي اظهار لاءِ مختلف ادبي حلقن پاران پڻ سالگرهه ملهائي وئي، سنڌي ادبي سنگت پاران سنڌ جي سمورين شاخن ۾ محمد ابراهيم جويو جي سالگرهه جي حوالي سان تقريبون ڪوٺائڻ جو اعلان ڪيو ويو هو ۽ مختلف هنڌن تي اهڙيون تقريبون ٿيون، محمد ابراهيم جويو جي سالگرهه جي موقعي تي مختلف سياسي، سماجي تنظيمن جي اڳواڻن، اديبن، شاعرن ۽ ليکڪن سندس گهر تي پهچي کيس سالگرهه جون مبارڪون ڏنيون ۽ کيس گلدستن ۽ اجرڪن جا تحفا پڻ ڏنا. محمد ابراهيم جويو پنهنجي سالگرهه جي موقعي تي عوامي آواز معرفت سنڌ جي ماڻهن لاءِ پيغام ڏيندي چيو ته هو سنڌي قوم جو احسان مند آهي، هو پنهنجي زندگي مان ڪڏهن به مايوس ناهي ٿيو. هن چيو ته اها ڳالهه منهنجي لاءِ واضح آهي ته حياتي کان وڌيڪ مقصد اوچو هوندو آهي ۽ جيترو به مون ڪم ڪيو آهي، ان مان مطمئن آهيان، اهو احساس ضرور ٿئي ٿو ته تويل عمري جي ڪري هن عمر جي حصي ۾ هو گهڻا ڪم نه ڪري سگهيو آهيان، اڄ جي دور ۾ به ڪيترائي ڪم رهجي ويا آهن. محمد ابراهيم جويو چيو ته اها به حقيقت آهي ته ڪيترائي ماڻهو پنهنجي زندگي ۾ ئي رهجي ويل ڪم پورا ڪندا ۽ ڪري رهيا آهن. محمد ابراهيم جويو يقين ڏياريندي چيو ته کيس اهو يقين آهي ته هي علم ۽ قلم جو ڪم ڪڏهن به کٽڻو ناهي، سوچ جي فڪر جو هي ڀرپور جهرڻو سدائين پيو وهڻو آهي. هن سنڌ جي موجوده صورتحال تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته هن وقت سنڌ جي جيڪا صورتحال محسوس ڪيان ٿو ان تي ڪافي ارمان اٿم، پر اهو ڏکيو وقت گهڻو عرصو نه رهندو ۽ اسان جي ٻڌي اسان کي ان سڄي صورتحال مان ڪڍي سگهي ٿي. سنڌ جي اديبن، ليکڪن، دانشورن ۽ سياسي اڳواڻن محمد ابراهيم جويو کي ۱۰۳ سالگرهه جي موقعي تي مبارڪون ڏيندي سنڌ جي علم، ادب، ٻولي جي خدمت ڪرڻ ۽ سنڌ جي ماڻهن کي فڪري طرح سگهارو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ تي کيس سلام پيش ڪيو آهي. محمد ابراهيم جويو سنڌ جي علم، ادب ۽ وطن دوست سياست کي هٿي ڏيارڻ وارو ڪم ڪيو آهي، هو اڄ به بلند حوصلن سان سنڌ جي آجپي، خوشحالي ۽ ترقي جي خوابن جي سچ ٿيڻ لاءِ پراميد رهيو آهي، محمد ابراهيم جويو هڪ صديءَ جي جدوجهد، عمل ۽ پيڙا جي علامت آهي، هن سنڌ کي جديد فڪر ۽ قومي شعور ڏنو آهي، هو قلمي پورهيي سان گڏ عملي جدوجهد جي ميدان ۾ رهيو آهي، هو اڄ به سنڌ جي لاءِ فڪرمند آهي، سنڌ ۾ سياسي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ وارو سلسلو بند نه ٿيو ته سنڌ جا اديب ۽ شاعر سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪندا. سنڌي ادبي سنگت ۽ خانه بدوش رائٽرس ڪيفي پاران حيدرآباد ۾ خانه بدوش رائٽرس ڪيفي ۾ سنڌ جي ڏاهي محمد ابراهيم جويو جي ۱۰۳ هين سالگرهه واري تقريب ملهائي وئي، جنهن ۾ سياسي، سماجي اڳواڻن، اديبن ۽ شاعرن شرڪت ڪئي. سالگرهه واري هن تقريب کي عوامي تحريڪ جي سربراهه رسول بخش پليجي خطاب ڪندي چيو ته محمد ابراهيم جويو هڪ ئي پاسي بيٺل هو ۽ آهي، ان ۾ ڪا به تبديلي نه آئي، محمد ابراهيم جويو سنڌ مدرسي ۾ منهنجا مضمون ڏسي مونکي پنهنجي آفيس ۾ سڏايو، هن منهنجي لکڻين ۾ پڙهيو ته سنڌين جا گهر سٺا ان ڪري نه آهن ته هو غلام آهن ۽ انگريزن جون رهائشگاهون ان ڪري سٺيون آهن ته هو حڪمران آهن. هن چيو ته محمد ابراهيم جويو کي اهي شاگرد وڻندا هئا، جيڪي انگريزي ۾ سٺي ڄاڻ رکندا هئا، ان ڪري آئون به انگريزي پڙهندو هوس. هن چيو ته محمد ابراهيم شروع کان وٺي اهو ئي رهيو آهي، جيڪو اڄ نظر اچي ٿو، هن ۾ سڀ کان وڏي خاصيت اها آهي ته هو ڪنهن به بااثر ۽ وڏيري جي پويان نه لڳو آهي، سنڌ ۾ محمد ابراهيم جويو جهڙو ڪو به ماڻهو نه ڄائو آهي، شل ان کانپوءِ به ٻيو ڪو پيدا ٿئي. هن ماضيءَ جي يادين کي ورجائيندي چيو ته ايوب جي مارشلا ۾ سياست تي پابندي هئي، ان ڪري مون، محمد ابراهيم جويو ۽ زرينا بلوچ گڏجي ميوزڪ لور ڪلب ٺاهيو، ان ۾ اسان شاهه لطيف ۽ شيخ اياز جي شاعري کي نئين انداز ۾ پيش ڪيو. سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري نسرين الطاف چيو ته محمد ابراهيم جويو پنهنجي فن ۽ فڪر ذريعي پنهنجو فرض پورو ڪيو، هاڻ اسان جو ڪم آهي ته ان فڪر تي هلون ۽ ان جي قلمي پورهيي جو فائدو وٺون، سوشل ميڊيا پڙهڻ جي رجحان کي گهٽايو آهي. سالگرهه واري تقريب ۾ سنڌ جي قومي ڪارڪنن جي گمشدگين واري معاملي تي پڻ سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو، نسرين الطاف سنڌي ادبي سنگت جي جوائنٽ سيڪريٽري جي حيثيت ۾ ڳالهائيندي چيو ته اسان مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ مان گم ڪيل ماڻهن کي ظاهر ڪري آزاد ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ ادبي سنگت سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪندي، سڄي سنڌ جا اديب ۽ شاعر جدوجهد جي ميدان ۾ هوندا، اهڙي طرح نامياري اديب تاج جويو چيو ته محمد ابراهيم جويو جديد سنڌ جو فڪري سرواڻ آهي، هن جديد ادب جي سرپرستي ڪئي آهي، هو جديد سنڌي ادب جو سرجڻهار آهي، سنڌي ادبي سنگت گم ڪيل ماڻهن تي واضح موقف اختيار ڪيو آهي، مختلف آجياڻي وارين تقريبن ۾ کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي گمشدگين جي مذمت ڪئي آهي، سنڌي ادبي سنگت سنڌ سان گڏ بيهندي، سڄي سنڌ مان هن هفتي ۾ ۱۵۰ ماڻهن کي کنڀيو ويو آهي. هن سپريم ڪورٽ کي اپيل ڪندي چيو ته گنڀي گم ڪيل ماڻهن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ پاڻمرادو نوٽيس وٺي ۽ لڪل قوتن کي سامهون آندو وڃي. تاج جويو چيو ته محمد ابراهيم جويو جديد سنڌي ادب جو سرجڻهار آهي، سمورو نئون سنڌي ادب جويو صاحب جي فڪري سوچ جو عڪس آهي، هن جي سنڌ جي خودمختيار حيثيت لاءِ ورهاڱي کان اڳ به ڪتاب لکيو، ون يونٽ خلاف جدوجهد ڪئي، سنڌي ٻولي قومي ٻولي واري تحريڪ ۾ به ڀرپور حصو ورتو، محمد ابراهيم جويو جديد سنڌي شاعري کي به نئون رخ ڏنو، هن سنڌ جي نئين نسل کي فڪري طرح سگهارو ڪيو. ان موقعي تي ڊاڪٽر محبوب بخاري، قومپرست اڳواڻ قمر الزمان راڄپر، ڊاڪٽر دودي مهيري، نوجوان شاعر علي آڪاش، نامياري شاعر عزيز گوپانگ، حسين مسرت شاهه، محسن جويو ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي علم، ادب ۽ قومي وحدت کي اوچو رکڻ وارا سڀئي ابراهيم جويو جي علم جي پيداوار آهن، اڄ جي سنڌ جي علمي ۽ ادبي تحريڪ جيڪڏهن ڊڪٽيشن وٺڻ وارن مان نه هجي ها ته سنڌ جي کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن کي ائين نه کنڀيو پيو وڃي ها، سياسي ڪارڪن ادب کي نوان لاڙا ۽ رجحان ڏين ٿا، سياسي ڪارڪن ادب جي ميدان ۾ اديبن ۽ ليکڪن کي جوش ۽ جذبو ڏين ٿا. محمد ابراهيم جويو صديءَ جي تاريخ آهي، هن سنڌ جي ماڻهن کي شعور ۽ فڪر ڏنو آهي، ان شعور ۽ فڪر کي اڳتي وڌائڻ جي ضرورت آهي، محمد ابراهيم جويو جهڙن ڪردارن کي مڃتا ملي آهي ۽ ملندي رهندي، اسان کي سوچڻو پوندو سائين جي ايم سيد، رسول بخش پليجو ۽ محمد ابراهيم جويو جهڙيون شخصيتون هاڻ ڇو نٿيون پيدا ٿين، هنن ڪردار گهٽ سهولتون هوندي وڏا ادارا ٺاهيا، پر اسان سموريون سهولتن هوندي به ادارن مان اهو لاڀ حاصل نه ڪري سگهيا آهيون. محمد ابراهيم جويو جي سڄي ڄمار علمي، ادبي ۽ سياسي جدوجهد ۾ گذري، محمد ابراهيم وطن ۽ قوم جي خدمت ڪئي آهي، هن سياسي ادب کي تمام گهڻو ڪجهه ڏنو آهي. هنن چيو ته پرائمري ۾ ٻارڙن کي انگريزي پڙهائڻ واري رجحان جي محمد ابراهيم جويو مخالفت ڪئي، محمد ابراهيم جويو چيو هو ته ٻارڙن کي پنهنجي مادري زبان ۾ تعليم ڏني وڃي، جويو صاحب جي زندگي ڪم ۽ عمل ۾ ڪامياب زندگي آهي. محمد ابراهيم جويو جو ورهاڱي کان اڳ وارو لکڻ وارو طريقيڪار طبقاتي هو، هو هاري جدوجهدن سان سلهاڙيل هو، پورهيتن ۽ هارين جي حقن لاءِ جاکوڙ ڪندو رهيو، هن ترقي پسند فڪر کي سنڌ ۾ رائج ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي. محمد ابراهيم جويو سنڌ جي ماڻهن کي شعور ۽ ساڃاهه ڏني آهي، محمد ابراهيم جويو جهڙن ڪردارن تمام گهڻا ماڻهو ٺاهيا، انهن کي علمي، ادبي ۽ سياسي حوالي سان شعور ڏنو. هنن چيو ته محمد ابراهيم جويو کي پنهنجي شخصيت جي تعريف پسند نه ايندي آهي، محمد ابراهيم جويو هڪ صديءَ جو اوجاڳو آهي، هڪ صديءَ جي ازيت ۽ پيڙا آهي، محمد ابراهيم پنهنجي زندگي جو مقصد سنڌ جي ماڻهن جي نجات رهيو آهي. محمد ابراهيم جويو جي سالگرهه جي حوالي سان عوامي آواز سان ڳالهائيندي، عوامي جمهوري پارٽي جي مرڪزي صدر امان الله شيخ چيو ته؛ سنڌ ۾ ۲۰ صديءَ ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا سياسي دانشور ۽ ڏاها پيدا ٿيا آهن. انهن ۾ محمد ابراهيم جويو شامل آهي ۽ محمد ابراهيم جويو جو نالو مٿي نظر اچي رهيو آهي. هن جون لکڻيون تاريخ تي اثر انداز ٿيندڙ آهن. محمد ابراهيم جويو، انهن اديبن ۽ دانشورن جي ڀيٽ ۾ عظيم آهي، جيڪي پنهنجي ذاتي مفادن خاطر وڪرو ٿيڻ ۽ مصلحت پسندي جو شڪار ٿي وڃن ٿا. محمد ابراهيم جويو، هڪ عظيم انسان آهي. هن جون سنڌ جي علم، ادب ۽ سياست لاءِ تمام گهڻيون خدمتون آهن. هن چيو ته؛ محمد ابراهيم جويو جي پيروي ڪرڻ جي دعويداري ڪندڙ، کوڙ سارا دانشور پنهنجي ذاتي مفادن کي قومي مفادن تي ترجيح ڏين ٿا ۽ سنڌ ۾ فڪري مايوسي پکيڙڻ کانسواءِ ڪو به ڪارائتو ڪم ڪرڻ کان لاچار آهن. نامياري اديب ۽ ليکڪ مدد علي سنڌي چيو؛ محمد ابراهيم جويو جون سنڌ جي علم ۽ ادب لاءِ خدمتون لازوال آهن، هن ون يونٽ خلاف سنڌ جي اديبن کي متحرڪ ڪيو، اهڙا گهٽ ماڻهو هوندا آهن، جن کي پنهنجي زندگي ۾ ئي خراج تحسين پيش ڪيو وڃي ٿو. هن کي جيترو خراج تحسين پيش ڪجي اهو گهٽ آهي، هن سنڌ جي علم ۽ ادب کي تمام گهڻو ڪجهه ڏنو آهي، هن جون ڪيتريون ئي لکڻيون اڃا به ڇپجي سگهن ٿيون، پر علمي ۽ ادبي ادارن جي تباهي جي ڪري اهو ڪم مڪمل نه ٿي سگهيو آهي، آئون محمد ابراهيم جويو جي سٺي صحت لاءِ دعاڳو آهيان. سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر مشتاق ڦل چيو ته محمد ابراهيم جويو سنڌي ادب جي جديد دور جو مثال آهي، هي اهو واحد اديب آهي جيڪو نون اديبن جون لکڻيون پڙهي ٿو، انهن جا ڪتاب پڙهي ٿو، پروف جي غلطين ۽ گرامر جي غلطين کي ڳولي ڪتاب تي پنهنجي راءِ ڏئي ٿو ۽ نون اديبن جي حوصلا افزائيءَ وارو ڪم پڻ ڪندو رهيو آهي. محمد ابراهيم جويو جديد سنڌ جي شعور جو اڏڻهار رکيل مورائي سنڌ کي نيئن سنڌ اڏڻ جو شعور ڏيندڙ سائين محمد ابراهيم جويو هڪ صديءَ جو سفر پارڪري ٻيءَ صديءَ تي پنهنجي ٻڍاپي جي ڇانَو ڪري بيٺل آهي، جنهن ڇانَو ۾ اڄ به ڪيترائي شخص علم جي آسيس وٺڻ لاءِ اچي ويهن ٿا. سائين جوئي صاحب جي سڄي ڄمار جي ڪيل علمي ۽ ادبي خدمتن بابت سدائين لکيو ويندو رهيو آهي ۽ اڳتي به لکبو رهبو. تازوئي جوئي صاحب سان گڏ، اڌ صدي علمي ۽ ادبي مسافت ۾ رهندڙ پروفيسر اعجاز احمد قريشيءَ پڻ مٿس هڪ بيحد اهم ڪتاب لکيو آهي. جنهن جو عنوان آهي ” محد ابراهيم جويو، جديد سنڌ جي شعور جو اڏڻهارُ“ سچ پچ ته هيءَ ڪتاب جوئي صاحب کي هڪ اهڙي ڀيٽا آهي جيڪا هُو اسان سنڌ وارن کان لهڻي به ٿو، ساڳئي وقت هن ڪتاب ۾ جوئي صاحب جي هڪ صديءَ تي ڦهليل سفر جي مختلف ڏسائن جا عڪس به آهن ته هُن جي ڪيل علمي ۽ ادبي جدوجهد جا پيرا کنيل به آهن ته هُن جي شخص جا به ڪي پاسا ظاهر ڪيا ويا آهن ۽ اهي اڄ جي پڙهندڙ لاءِ حوالائي / مستند ريفرنس ان ڪري آهن جو اعجاز قريشي صاحب سندس سفر ۾ ساڻس گڏ گڏ يا سندس پيرن تي پير رکي هليو آهي، هُن کيس پڙهيو آهي، پرکيو آهي ۽ شخص طور سندس ويجهو رهيو آهي. اعجاز قريشي صاحب اسان جي انهن اديبن، دانشورن ۽ تعليمدانن مان آهي، جن مسلسل نئين سنڌ اڏڻ جا نه رڳو خواب ڏٺا آهن پر انهن خوابن جي سا ڀيا لاءِ پنهنجون عمريون به ڏنيون آهن، ڪيترائي ڪتاب لکندڙ، ترجمو ڪندڙ ۽ ترتيب ڏيندڙ پروفيسر اعجاز احمد قريشي وطن دوست عالمن ۽ اديبن جي پهريئن صف جي اها شخصيت رهيو آهي جنهن سنڌ جي آجپي ۽ خوشحاليءَ لاءِ الڳ الڳ فورمن تان هڪ ڊگهي ويڙهه ڪئي آهي، اها ويڙهه هن پهرين شاگر طور عملي طرح ڪئي آهي ۽ پوءِ قلم وسيلي لڳاتا ڪئي آهي، ان ڪري اڄوڪي سنڌ ۾ هُو هڪ آبرودار نالو آهي، سنڌ جي ڏاهپ ۾هن جو حصو آهي سندس سائين جوئي صاحب بابت الڳ الڳ وقتن تي لکيل مضمون جڏهن هاڻ هڪ ڪتاب جي صورت ۾ ظاهر ٿيا آهن ته ڪتابي شڪل ۾ اهي جوئي صاحب جي الڳ الڳ پهلوئن جي واقفيت ڏيئي وڃن ٿا. نَون الڳ الڳ عنوانن سان ڇپيل هنن مضمونن ۾ تفصيل سان جوئي صاحب جي ڪيل جدوجهد جو پتو پئجي ٿو. اهو ته سچ آهي ته جويو صاحب تاريخ ٺاهيندڙ به آهي ته ادارا ٺاهيندڙ به، شخص ٺاهيندڙ آهي نه شعور وڌائيندڙ به. ۽ ائين به آهي ته سندس ساٿ ۾ جيڪي شخص رهيا آهن انهن مٿان سندس شعوري اثر ته رهڻو ئي آهي ۽ اهو آهي، نيئن سنڌ اڏڻ جُو خواب. جنهن جي ساڀيا لاءِ هو پنهنجي همسفرن سان گڏ نڪتو هُئو، نوجوان محمد ابراهيم جويو ۽ اڄ هُو ڪيترائي طوفان، سرديون، گرميون، لڪ ۽ لانگها پار ڪري، هڪ صديءَ کي اکين ۾ سانڍي، مُرڪي رهيو آهي. سندس مرڪڻ ان حاصلات لاءِ آهي ته هُن جيڪو سفر چونڊيو هُئو ان سفر ۾ کانئُس پوءِ به ڪيترا ئي شخص پنڌ جاري رکيو اچن ٿا ۽ اڳتي به جاري رکندا. انهن مان هڪ پروفيسر اعجاز قريشي به آهي، جنهن سندس سفر جي ماڳن مڪانن جا عڪس پنهنجي هن ڪتاب ۾ ڏنا آهن، جنهن کي هُن ”جديد سنڌ جي شعور جو اڏڻهار“ نالو ڏنو آهي. هي ڪتاب اڄ جي پڙهندڙن لاءِ لازمي پڙهيو ويندڙ نصاب جيان آهي، جنهن مان هُو انهن جي شعوري اڳواڻ سائين جوئي صاحب جي جدوجهد جو اندازو به لڳائي سگهندا ساڳئي وقت اهو سفر به جاري رکي سگهندا، جنهن تي هلي، نئين سنڌ اڏڻ جو خواب ساڀيا ماڻيندو. سياسي، شعور، تاريخي شعور، مادي شعور ۽ سماجي شعور جو گڏيل مجموعو آهي سائين محمد ابراهيم جويو ۽ ساڻس گڏ سفر ۾ هلندڙ به شاهه سائين جي هن سٽ وانگر آهن. جهڙو پنهون پاڻ، تهڙي سٽا ساٿ جي. دعا آهي ته ساٿ هلندو رهي ۽ ان ساٿ جي هر مسافر جي هٿ ۾ ڪجهه ڪتاب ضرور هجن، جن مان هڪ ڪتاب هيءُ آهي، جيڪو کين پنهنجي ساٿ ڌڻي سرواڻ جي گذريل سفر کان واقف ڪندو هلندو. جيئن پروفيسر اعجاز احمد قريشي صاحب لکيو آهي ۽ اسين سڀ جوئي صاحب سان شعوري طور نسبت رکندڙ شخص به چئون ٿا ته هو ئي آهي جنهن لاءِ چئي سگهجي ٿو ته ” جديد سنڌ جي شعور جو اڏڻهار“ آهي ان ۾ ٻه ڳالهيون نه آهن. ڪتاب ۾ ڪيتريون ئي اهم تصويرون پڻ ڏنل آهن، جيڪي جوئي صاحب جي سفر سان گڏ اعجاز قريشي صاحب جي سفر کي پڻ واضح ڪري رهيون آهن، هڪ سئو چوونجاهه صفحن جو هيءُ پڪي جلد وارو ڪتاب پيڪاڪ پرنٽرز ۽ پبلشرز ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو آهي، ڪتاب جو ملهه ٻه سئو رپيا آهي، سڀ کان اهم ته هي ڪتاب پڙهڻ ۽ پُرجهڻ جهڙو آهي. محمد ابراهيم جويو سنڌي ٻولي ۽ ادب جو گھڻ گھرو رضوان گل ڪجهه ماڻهو قومن جي علم، ادب، ثقافت ۽ ذهني اوسر جي حوالي سان پيڙهه جي پٿر واري حيثيت جا حامل هوندا آهن ۽ پنهنجي علمي بصيرت ذريعي قومي شعور ۽ جاڳرتا پيدا ڪرڻ جي حوالي سان سڃاتا ويندا آهن. اهڙا ماڻهو ڪنهن به ٻولي ۽ علم و ادب لاءِ سرمايو هجن ٿا. سنڌي قوم جي ذهني تربيت ۾ جن ماڻهن تمام ڀرپور ۽ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي انهن ۾ محمد ابراهيم جويي جو نالو وڏي اهميت وارو آهي. ابراهيم جويو نظرياتي حوالي سان اڄ به اُتي ئي موجود آهي ۽ ان ئي فڪر سان سلهاڙيل آهي جتان هن پنهنجو سفر شروع ڪيو هو. هن جي خيالن ۽ نظرين سنڌ جي ماڻهن جي ذهني لاڙن ۾ انقلابي تبديليون آنديون. جويو صاحب جتي به ليڪچر ڏنا، اتي ماڻهو سندس مداح ٿي پيا. سائين جي ايم سيّد ۽ شيخ اياز جهڙين قدآور ۽ مَهان شخصيتن کان پوءِ ابراهيم جويو ۽ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي ۽ اهڙا چند ئي ٻيا ماڻهو وڃي بچيا آهن، جن سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن لاءِ پاڻ پتوڙيو ۽ وڙيو آهي. ڪنهن وڏي شخصيت بابت لکڻ ان ڪري به ڪافي ڏکيو هوندو آهي جو ان جي ڪيل پورهئي جا ڪيترائي رخ هوندا آهن، جن کي هڪ ئي وقت پوري ذميواريءَ سان بيان ڪرڻو هوندو آهي ۽ ٻيو ته پنهنجو قد ان وقت هماليه جي چوٽيءَ جي هيٺان بيٺل ننڍري ڪِوِل جيترو ڏسي به اهو گمان ٿيندو آهي ته شايد سندس محبت ۽ محنت سان ڪيل پورهئي جو ڪاٿو ڪري نه سگهجي ۽ سندس ذڪر ڀرپور انداز سان ٿيڻ کان رهجي وڃي. جويي صاحب جو نالو يقيناً اهڙين ئي شخيتن ۾ شامل آهي. محمد ابراهيم جويو تعلقي سيوهڻ جي لڪي تيرٿ ڀرسان ڳوٺ آباد ۾ ۱۳ آگسٽ ۱۹۱۵ع تي جنم ورتو، بنيادي تعليم آباد ۽ سنَ ۽ بعد ۾ مئٽرڪ ۱۹۳۴ ۾ سنڌ مدرسي ڪراچي، انٽر ۱۹۳۶ ۾ ڊِي جي (ڏيارام ڄيٺمل) ڪاليج، گريجوئيشن ۱۹۳۸ ۾ ڊي جي ڪاليج ڪراچي ۽ بِي ٽِي ۱۹۴۲ ۾ بمبئي مان ڪيائين. ۱۹۳۸ ۾ سنڌ مدرسي ۾ انگريزي استاد جي حيثيت سان ملازمت جو آغاز ڪيائين، ۱۹۴۲ ۾ ميونسپل هاءِ اسڪول ٺٽي جو هيڊ ماستر ٿيو، جنهن بعد گورنمينٽ ڪاليج فار مين ۾ استاد ٿيو. ۱۹۵۱ ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري ۽ ۱۹۵۵ ۾ ٽه ماهي ”مهراڻ“ جو ايڊيٽر پڻ رهيو. اهڙي طرح ۱۹۷۳ ۾ نوڪريءَ تان رٽائرمينٽ ورتائين. ۱۹۹۷ کان ۲۰۰۲ تائين کيس سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمئن طور خدمت ڪرڻ جو موقعو مليو. ڪراچي ۾ ملازمت دؤران اڪثر سنڌي ادبي سنگت جون گڏجاڻيون به منعقد ڪرائيندو رهيو. سائين جي ايم سيد سان گڏجي سنڌ جو ڪيس به وڙهيو، بي ڊپو ٿي لکندو ۽ پروگرامن ۾ بيباڪيءَ ڳالهائيندو رهيو. وقت جي حڪمرانن سان اصولي ڳالهين تي مهاڏو اٽڪائڻ ۾ هن ڪا به جِجَهڪ محسوس نه ڪئي. پاڻ هميشه هڪ اديب ۽ دانشور طور ڀرپور مزاحمتي ڪردار نڀائيندو رهيو آهي. ابراهيم جويو هڪ ئي وقت بهترين نقاد ۽ دانشور به آهي ته مترجم ۽ سچو سياسي ڪارڪن به. هن هميشه هڪ ڪارڪن جيان ئي ڪم ڪيو آهي، پر سندس سوچ، فڪر ۽ ڏاهپ کيس ماڻهن جي دلين ۾ هڪ اڳواڻ واري حيثيت ڏياري آهي. پنهنجي ارادن تي اٽل رهڻ وارو هي کاهوڙي هر دؤر ۾ سنڌيت جو نعرو بلند ڪندو رهيو آهي. شيخ اياز سان سندس تمام گهڻي ويجهڙائي ۽ دوستيءَ جو سٻنڌ رهيو ۽ سائين جي ايم سيد ۽ رسول بخش پليجي جي سنڌي ماڻهن کي آزادي ۽ سندن حق ڏيارڻ واري جدوجهد ۾ پڻ سندس اهم ڪردار رهيو. هن ترقي پسند نظريي جي پرچار ۾ پنهنجا ڪيترائي هم خيال دوست پيدا ڪيا. محمد ابراهيم جويي جن ڪتابن جا ترجما ڪيا سي انتهائي ڪارائتا آهن. هن ادبي بورڊ ۾ ڪجهه معياري ڪتابن جا ترجما ٻين ناليوارن ليکڪن ۽ مترجمن کان به ڪرايا. سائين جي ايم سيّد جي ڪتابن جي شايع ڪرائڻ لاءِ پاڻ پروف ريڊنگ کان ويندي آخري مرحلن تائين جُڙيل رهيو. ساڳئي ريت هن سنڌ جي بيحد وڏي شاعر شيخ اياز جي ڪتابن جا بهترين مهاڳ پڻ لکيائين جن مان اياز کي وڏو اتساهه مليو. شيخ اياز، ابراهيم جويي بابت لکيو آهي ته: ”ابراهيم جويي ۾ ڪوئي تذبذَب نه آهي، هن جا سياسي نظريا ۽ زندگيءَ جا اصول طَي شده آهن، جن ۾ ڦير گھير جي ڪائي گنجائش نه آهي. ترتيب ۽ تسلسل هن جي زندگيءَ جون نمايان خوبيون آهن، پسِ پردا رهي هن نئين سنڌ جي ذهني تربيت ڪئي آهي.“ ابراهيم جويي بابت ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي لکيو آهي: ”محمد ابراهيم جويو هڪ اهڙو عالم، اديب، محقق، دانشور ۽ سياسي گُرو آهي، جنهن تي تمام گهڻو لکجڻ کپندو هو، پر هن يار نه ڪجهه پاڻ تي لکيو ۽ نه ڪنهن ٻئي کيس خاص ڪريڊٽ ڏنو. جِي ايم سيد، شيخ اياز، رسول بخش پليجو، مان پاڻ ۽ سنڌ جو سمورو ادبي لڏو محمد ابراهيم جويي جا مقروض آهيون. هن اسان کي صرف ڏنو آهي، ورتو ڪجهه به نه آهي.“ ابراهيم جويو بحيثيت اديب ۽ دانشور گهڻو مشهور آهي، پر هي هڪ باشعور سياسي ڄاڻ رکندڙ خاموش ۽ گم نام ڪارڪن رهيو آهي. هن تاريخي نوعيت وارا ۽ انتهائي ذميواريءَ وارا ڪم پڻ سرانجام ڏنا آهن. جويو صاحب وڏي سياسي بصيرت رکندڙ ماڻهو آهي. اهو ئي سبب آهي جو سياسي ڄاڻ ڏيندڙ سندس انتهائي لاڀائتا ليک دستاويز جي حيثيت رکندڙ آهن. محمد ابراهيم جويي ڪيترائي ڪتاب ترتيب ڏنا ۽ ڪيترائي ترجمو به ڪيا. هڪ ڪتاب انگريزي ٻوليءَ ۾ ”سيوِ سنڌ سيوِ ڪانٽينينٽ فرام فيوڊل لارڊس ڪيپيٽلس“ ۱۹۴۷ ۾ هن شايع ڪرايو، جنهن سبب کيس ملازمت تان به هٿ ڌوئڻا پيا. بعد ۾ مدرسي جي شاگردن هن جي حمايت ۾ جلسا جلوس ڪڍيا. ٽه ماهي رسالو ”مهراڻ“ ۱۹۵۵ ۾ شايع ڪرائڻ شروع ڪيائين، جنهن ۾ ناليوارن ليکڪن جي ليکن شايع ڪرڻ کان علاوه نون لکندڙن جي تمام گهڻي همت افزائي ۽ اصلاح پڻ ڪيائين. جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي نوان لکندڙ اڀري آيا. ”ادب ٻولي تعليم“، ”شاهه سچل سامي“، ”هوءَ جا ٽمڪي باهڙي“، ”سيڪيولرزم ۽ اقليت پسندي“، ”علم تدريس مظلومن لاءِ“ (ترجمو)، ”ٻارن جو مسيح“ (ترجمو)، ”وحشي جيوت جا نشان“، ”ماڻهو جو ڀاڳ“، ”فلسفي جو ابتدائي ڪورس“ (ترجمو)، ”شدان جو باندي“، ”مهڪريءَ جا مضمون“ (ترجمو)، ”سنڌ منهنجي خوابن جي“، ”ادب ۽ سياست عوام لاءِ“ ۽ ان کان علاوه ٻيا ڪيترائي ڪتاب پاڻ ترتيب ڏنائين ۽ ترجمو ڪيائين. محمد ابراهيم جويو اڄ سوڌو ڌرتيءَ لاءِ پاڻ ارپڻ واري جذبي تحت ڪم ڪري رهيو آهي. محمد ابراھيم جويو جُوڻ مَٽائي آيل جوتشي سنگرام سنڌ ۾ هڪ مشهور لوڪ ڪهاڻي آهي، جيڪا اسان به ننڍي هوندي، ڪيترا ئي ڀيرا پنهنجن وڏڙن کان ٻُڌي هئي سون. اوهان جي ٻالڪپڻ جي يادگيرين کي تازو ڪرڻ لاءِ آءٌ اُهـا لـوڪ وارتا اوهان جي شيوا ۾ عرض رکان ٿو. ڳالهه ڪندا آهن ته؛ ڪنهن زماني ۾ هڪ ماڻهو، ڏاڍو ڏکيو جيوّنُ گذاري رهيو هو. سندس زندگيءَ جو هر پل ڄڻ ته هن لاءِ ڪنهن وڏيءَ آزمائش جي گهڙيءَ کان گهٽ نه هوندو هو. هُو هر روز الائي ته ڪيترا ئي ڀيرا جيئندو ۽ مرندو هو. ماڻهو سندس حالت مان عبرت حاصل ڪندا هئا. انهيءَ دوران هڪ ڏينهن ڪو زماني شناس جوتشي، جيڪو پنهنجي جوڳ تپسيا سبب، جوتش وِديا جي ٻَل تي، ماڻهوءَ جي جيوّن ۾ ليئو پائي، اُن جي حالت بابت راز ڄاڻي سگهندو هو، ۽ جيڪڏهن ڪنهن تي ڪَهَل آيس ته اُن جي مستقبل بابت اڳڪٿي به ڪري سگهندو هو، سو وٽس آيو. هِن جي بِپتا ڏسي، مٿس ڪَهَلُ آيس ۽ چـيائينس ته؛ ”تنهنجو بخت، هڪ گهاٽي وڻ جي هيٺان، اَگهور ننڊ ۾ ستو پيو آهي. جيڪـڏهن تون کيس ڳولي ۽ جاڳائي وٺيـن ته جيڪـر تنهـنجا سـڀ لُـڙ لهـي پـون. تون وڏو بختوَر ۽ سُکيو سُهنجو ٿي پوين!“ قسمت جي ستايل اُن شخص، وڏي بيچينيءَ وچان ۽ نماڻائيءَ سان کيس وينتي ڪئي؛ ”مهرباني ڪري منھنجي ڀاڳُ جو ڏَس پتو ڏي ته اُهو ڪهڙيءَ جُوءِ ۾ ملندو.“ تنهن تي اُن جوتشيءَ، مٿس ترسُ کائيندي چيو؛ ”چار ئي ڏِس وڃي ڳولا ڪرينس. هڪ هنڌ اُهو تنهنجو ڀاڳُ تو کي گهاٽي بڙ جي وڻ هيٺان سُتل ملندو. وڃي کيس جاڳاءِ ۽ پنهنجا ڪشٽَ دُور ڪر.“ ايئن چئي اُهو رمتو جوڳي، پنهنجي راهه وٺي، اَلوپ ٿي ويو. پنهنجي ڏُجهاري جيوّنَ ۾ سُک جي سُهائيندڙ سُندر ساعتن جي امڪانَ بابت، اُن نام ڪَٺئي جوتشيءَ جي واتان شُڀ واڻي ٻُڌي، همراهَه جي جيءَ ۾ اُدم لاءِ اُتساھُ ڪَر کڻڻ لڳو. هُن منَ ئي منَ ۾ الائي ته ڪيترا ئي خيالي لڏوُ ٺاهي، کائي ڇڏيا. سندس دل گد گد ڪري رهي هئي. رکي رکي خيال اچي رهيا هئس؛ ”ڏُک جا ڏينهنَ اِجهو ڪِي ختم ٿيا!“ هُو پنهنجو ڀاڳُ جاڳائڻ لاءِ ڀانت ڀانت جي ترڪيبن آزمائڻ لاءِ، پنهنجا وِيچار ويڙهائڻ لڳو. ٻئي ڏينهن سعيو ڪري، ۽ پڪو پَهه ڪري، پنهنجي ڀاڳ جي ڳولا ۾ هڪ طرف مُنهن ڪري، نڪري پيو. نَڪ جي سِڌ ۾، سڄو ڏينهن هلندو رهيو. هيڏانهن هوڏانهن پڻ نظرون ڊوڙائيندو رهيو، ڪشالا ڪڍندو رهيو، تان جو سجَ ٽُٻي ڏني، پر کيس پنهنجي ڀاڳُ جو ڪٿي به ڪو آثار نظر نه آيو ۽ ائين ٿڪو، ٽُٽو، اُداس منَ سان هو پنهنجي گهر ڏانهن واپس وريو. ٻئي ڏينهن وري ساڳي ڪِرت، ساڳي جستجو، ساڳي ڳولا. ائين هو اَٽل اِرادي سان پنهنجي بخت جي ڳولا ۾ جُنبي ويو. هر روز پرڀات ويلي هُو ڪنهن نه ڪنهن ڏِسُ ڏانهن نڪري ويندو هو ۽ سڄو ڏينهن ڀٽڪڻ کان پوءِ سانجهيءَ ٽاڻي هميشه وانگر، مايوس ۽ نامُراد بڻجي واپس موٽي ايندو هو. اِن ريت هُو ٽي دِشائون رُلي ڀٽڪي چڪو هو، پر پوءِ به همت نه هاريائين. سُک جي ڏينهن جي آس سندس اندر ۾ آنڌ مانڌ مچائي ڏني هئي. هُو هاڻي مڪمل طرح بيدار ٿي چڪو هو، پنهنجي ”بخت“، پنهنجي ”نصيب“ تي ڏمريل هو. هاڻي هُن پنهنجيءَ ”قسمت“، ”قسمت جي لکئي“ تي ماتم ڪرڻ ڇڏي ڏنو هو! هُو هر روز هڪ نئين اُمنگ ۽ اُميد سان وري نئين ڏِسُ جو پنڌ ڪرڻ لاءِ نڪري ويندو هو. نيٺ هڪ ڏينهن هلندي هلندي، ٽاڪ منجهند جو پري کان هڪ بڙ جو وڻ نظر آيس. کيس پنهنجي اميد ساڀيان ٿيندي محسوس ٿي. سندس دل زور سان ڌڪ ڌڪ ڪري، ڌڙڪڻ لڳي ۽ تکيون تکيون وِکون کڻي، جڏهن اُن وڻ وٽ پهتو ته جان کڻي ڏسي ته سندس ڀاڳُ، اُن وڻ جي گهاٽيءَ ۽ ٿڌيءَ ڇانءَ ۾ اَگهور ننڊ ۾ سُتو پيو هو. همراهه پنهنجي ڀاڳ کي سُڃاڻي، ننڊ مان جاڳائڻ شروع ڪيائين. وڏا جتن ڪرڻ کان پوءِ مَس وڃي اُن اک کولي ۽ هن ڏانهن ننڊاکڙن نيڻن سان ڏسي، پاسو ورائي، وري سُمهي پيو. همراهه وري خلل ڪري، جڏهن کيس ٻيهر جاڳايو ته سندس ڀاڳُ مٿس ڪاوڙجي پيو ۽ ڪروڌ مان کيس گهُورڻ لڳو. همراهَه کي تِهان ئي جوش ۾ ڏسي، ڪجهه ماٺو ٿيو ۽ کانئس حال احوال ورتائين. اِن تي همراهَه چيس؛ ”تون منهنجو ڀاڳُ آهين؛ تون هتي سُتو ننڊون پيو ٿو ڪرين ۽ هوڏانهن منهنجو جيئڻ جنجال بڻيل آهي. مون تو کي سڃاتو آهي ۽ وڏا ڪشالا ڪڍي، تو کي ڳولي لڌو اٿم. تنهن ڪري، هاڻي نڀاڳ جي ننڊ ڇڏ ۽ اُٿ ۽ مون سان گڏجي گهر هلُ ته ڪي منهنجا ڏينهنَ بدلجن ۽ آءٌ سُک جون ڪي گهڙيون جيئان، آءٌ ڏاڍو ڏُکارو آهيان.“ همراهَه جي ڳالهه ٻُڌي، سندس بخت وراڻيو: ”ٺيڪ آهه، ٺيڪ آهه. پر، ڏسين نٿو ته ٻاهر ڪهڙي نه نِٽهڻ اُس آهي، ساهه کڻڻ به دُشوار آهي. هينئر تون به ٿڪل آھين، ڪي گهڙيون هِن وڻ جي ٿڌيءَ ڇانوَ ۾ آرام ڪر! ڏينهن ڪجهه ٿڌو ٿئي، پوءِ آءٌ تو سان گڏجي هلندس، تون دلجاءِ ڪر.“ ائين چئي اُهو سندس ڀاڳُ وري سُمهي پيو. همراهه ٻيو ڪو چارو نه ڏسي، ۽ وري دل کي آٿت ڏيندي ته سندس ڀاڳُ شام ڌاري ساڻس گڏ هلڻ جو وچن ڪيو آھي، سو ضرور ساڻس گڏ هلندو ۽ پوءِ سڀ سڻايون ٿي پونديون. ائين سوچي، پاڻ به اُن وڻ هيٺان سمهي پيو. همراهه ٿڪل هو، سو ننڊ کيس گهيري وئي ۽ هُو مٺيءَ ننڊ جي من لُڀائيندڙ وادين ۾ گُم ٿي ويو. سج لٿو، رات آئي ۽ وئي؛ ٻيو سج اُڀريو، منجهند ٿي، پر نه پاڻ جاڳيو ۽ نه ئي وري سندس ڀاڳ! جنهن جوتشيءَ کيس ڀاڳُ جو ڏَسُ ڏنو هو، سو پنهنجيءَ گيان شڪتيءَ سان سڄيءَ صورتحال تي نظر رکي رهيو هو، سو اِها ماجرا ڏسي پريشان ٿي ويو. پنهنجي مُنهن هم ڪلام ٿيندي، ڀُڻڪندي چيائين: ”مار! جنهن همراهه کي پنهنجو بخت جاڳائڻ لاءِ موڪليو هئم، سو ته ماڳهين پاڻ ئي نڀاڳ جي ننڊ سُمهي پيو آهي! ائين ته سندس جيوّنُ نه فقط مشڪل پر سندس جيئڻ به جنجال بڻجي پوندو.“ اِهو خيال من ۾ سمائي، اُن جوتشيءَ اچي همراههَ کي ننڊ مان سُجاڳ ڪيو ۽ چيائينس؛ ”تون هن جي ڳالهين ۾ ڇو ڦاسي پئين؟ اِها ڳالهه ئي ته تنهنجي ڏکن جو ڪارڻ آهي؛ تنهنڪري، نڀاڳ جي ننڊ ڇڏ ۽ عمل جي گرميءَ سان پنهنجو بخت جاڳاءِ. ٻيءَ صورت ۾ بدبختي تنهنجو مقدر بڻيل رهندي، سو ويٺو سڄي ڄمار اُن جو ماتم ڪجانءِ! پر هاڻي، پنهنجي بدبختيءَ جو ذميوار تون پاڻ هوندين!“ جوتشيءَ جي اِن ڳالهه مٿس گهرو اثر ڪيو ۽ جوش ۾ اچي پاڻ به بيدار ٿيو ۽ پنهنجي سُتل ڀاڳ کي هٿوڙا هڻي جاڳايائين. جيتوڻيڪ اُن گهڻي ئي گوهيون هنيون ۽ گوٿناٿ ڪئي، پر همراهه جيڪو هاڻي بيدار ٿي چڪو هو، تنهن اُن جا هڙ ئي حيلا بهانا ناڪام بڻائي ڇڏيا ۽ پنهنجو بخت بيدار ڪري، سُک جا ڏينهن گذارڻ لڳو. اسان سنڌين جو حال به اُن همراهه وانگر ئي آهي. پنهنجي بخت سان گڏ اسين پاڻ به نڀاڳ جي مٺي اَگهور ننڊ ۾ غلطان آهيون ۽ ويٺا ”قسمت جو لکيو“ لوڙيون. اسان جي جيوّنَ ۾ به هڪ جوتشي آيل آهي. اُهو آدُجڳادي جوتشي جُوڻ مٽائي سائين محمد ابراهيم جويي جي روپ ۾ آيو آهي ۽ گذريل لڳ ڀڳ مُني صديءَ کان وٺي لڳاتار اسان کي نڀاڳ جي ننڊ مان بيدار ڪرڻ ۽ پنهنجو ڀاڳُ جاڳائڻ جا ڏَس ۽ گُر ڏَسي رهيو آهي. ضرورت فقط اِن ڳالهه جي آهي ته اسين پنهنجيءَ حالت، پنهنجيءَ دُرگت ڏانهن سنجيده روّيو اختيار ڪريون ۽ اُن جو اِدراڪ ڪري، عمل ۽ جدوجهد سان پنهنجو ۽ پنهنجن ايندڙ نسلن جو بخت سنواريون ۽ سُک جون ڪي گهڙيون شان ۽ مانَ سان گذاريون. هڪ صديءَ کان جاڳيل اکيون ٻوٽجي ويون ادل سولنگي نئين سنڌ اڏڻ جي لاءِ علمي ۽ عملي جدوجهد ڪندڙ، سنڌ جو ڏاهو محمد ابراهيم جويو، زندگيءَ جا سمورا پل پهر سنڌ جي فڪري اڏات واري ڪرت ۾ ڪتب آڻيندي ۹ نومبر ۲۰۱۷ع تي سنڌ واسين جي اکين ۾ وڇوڙي جا وڍ ڏئي سنڌ امڙ جي هنجهه ۾ سدائين لاءِ وڃي آرامي ٿيو. محمد ابراهيم جويو لڪي تيرٿ ڀرسان هڪ ننڍڙي ڳوٺ آباد ۾ هاري گهراڻي ۾ پيدا ٿيو، سائين محمد خان جويي جي هن سڀاڳي نينگر پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان پرائي، سن جي سقراط سائين جي ايم سيد جڏهن هن ننڍڙي ٻالڪ کي ڏٺو ته کيس وڌيڪ تعليم پرائڻ لاءِ سندس ڏاڏي کي چيو ته هن کي انگريزي پڙهائڻ لاءِ سن جي اسڪول ۾ داخل ڪرايو وڃي. محمد ابراهيم جويي جڏهن ٽي درجا انگريزي “سن“ جي اسڪول مان پاس ڪيا ته وڌيڪ تعليم پرائڻ لاءِ سائين جي ايم سيد کيس سنڌ مدرسي ۾ داخل ڪرايو. محمد ابراهيم جويو، نازڪ نفيس، سلڇڻو ۽ ذهين نينگر هيو، جڏهن سنڌ مدرسي ۾ داخل ٿيو، تڏهن مدرسي جو پرنسپال/هيڊ ماستر عمر بن محمد دائود پوٽو هيو، جنهن جو تعلق ان ٽلٽيءَ سان هيو، جنهن ٽلٽيءَ ۾ مخدوم بلاول جهڙا محبت وطن، عالم، اڪابر ۽ قومي اڳواڻ علم پرائڻ سانگي ڪيترا ئي ورهيه رهائش پذير هئا. سائين جي ايم سيد سن جو رهواسي جيڪو مخدوم بلاول جي بهادر خليفي حيدر شاهه سنائي جو پونئير هئوجنهن نئين سنڌ اڏڻ جا خوبصورت خواب پنهنجي نيڻن ۾ اُڻيا هئا. اڳتي هلي سنڌ ڌرتيءَ جا هي ٽيئي سپوت سنڌ جي علم، عقل، ڏاهپ ۽ جدوجهد جا مهندار ٿي سنڌ جي سينڌ سنوارڻ لڳا. ان زماني ۾ سائين جي ايم سيد عمر بن محمد دائود پوٽو ۽ محمد ابراهيم جويو اهڙا نالا رهيا آهن، جن اڳتي هلي سنڌي ادب، سنڌي ٻولي، سنڌ جي قومي تشخص، سنڌ جي ڪلچر سنڌ جي تاريخ، سنڌ جي لطيف ۽ سنڌ جي سورمن جي مان ۽ مريادا لاءِ علمي پورهيو ڪيو ۽ سنڌ سان پنهنجي تاريخي ورثي جي سڃاڻپ ڪرائي ۽ سنڌ ۾ علمي سجاڳيءَ جو تحرڪ پيدا ڪيو. اڳتي هلي محمد ابراهيم جويو سائين جي ايم سيد جو سندس فڪري جدوجد ۾ ساٿاري ۽ ٻانهن ٻيلي بڻيو ۽ وڏي حد تائين سنڌ جي روشن خيالي واري تحريڪ جو روح روان به بڻجي ويو، محمد ابراهيم جويو، سنڌ ڌرتيءَ جي سڀاڳ جي علامت ۽ اهڃاڻ رهيو، جنهن سموري زندگي علم ۽ شعور، ڏات ۽ ڏاهپ، فن ۽ فڪر، حب الوطني ۽ روشن خيالي،سهپ ۽ رواداري، سياسي ۽ سماجي سجاڳي لاءِ پاڻ پتوڙيو، زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين سائين محمد ابراهيم جويي علم ۽ شعور جون مشعلون ٻاري سنڌ کي شعور جي روشني ڏيندو رهيو، جنهن جي علمي، ادبي جاکوڙي جدوجهد ۽ هڪ مڪمل صديءَ جي تاريخ جو مشاهدو آهي ته هن سنڌ جي علمي، ادبي سنوار ۾ پنهنجون سموريون صلاحيتون ڪتب آڻيندي لازوال مثال قائم ڪيو. سنڌ واسين ارسطو ۽ سقراط ته ڪو نه ڏٺو پر هنن سائين جي ايم سيد ۽ محمد ابراهيم جويي کي ضرور ڏٺو، جن سنڌ جي عشق ۾ فنا ٿيڻ جي روايت قائم ڪئي. سائين محمد ابراهيم جويي پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات سنڌ مدرسي کان ڪئي ۽ ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان اڳ سنڌ سان مستقبل ۾ ٿيندڙ سازشن ۽ ويساهه گهاتين جو ادراڪ رکندي ”سيو سنڌ، سيو سب ڪانٽيننٽ /سنڌ بچايو، کنڊ بچايو“ جهڙو لازوال ڪتاب تخليق ڪيو. جنهن جي پاداش ۾ ان وقت جي تعليم جي وزير” پير الاهي بخش کيس نوڪريءَ تان لاهي ڇڏيو، ياد رهي ته پير الاهي بخش سنڌ مان سنڌي ٻوليءَ کي نيڪالي ڏيڻ ۾ ڌارين جو ساٿ ڏيندي سڀ کان پهرين ڪراچي شهر مان ۱۳ سئو سنڌي اسڪول بند ڪرايا هئا. سائين محمد ابراهيم جويو، اينٽي ون يونٽ فرنٽ ۽ بزم صوفياءِ سنڌ جي جدوجهد ۾ سنڌ ۽ سيد سان گڏ ايوبي شاهيءَ سان مهاڏو اٽڪائي پاڻ ملهايو، جنهن جي ڏوهه ۾ کيس ڪوهاٽ بدلي ڪيو ويو هو، سائين محمد ابراهيم جويو سنڌي ادبي سنگت کي سنڌ جي ترقي پسند ۾روشن خيال تنظيم طور نه رڳو قبوليو پر ان مقصد جي حاصلات لاءِ مسلسل سنڌي ادبي سنگت سان سلهاڙيل رهندي ان جي زيادتين جي رهنمائي ڪندو رهيو. جويو صاحب ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سان گڏ سنڌ هاري ڪميٽي جي مقصدن سان سهمت ٿيندي ان جدوجهد ۾ شامل رهيو، پنهنجي شاگرد رسول بخش پليجي جي عوامي تحريڪ کي به پنهنجي اخلاقي،علمي، ادبي ۽ سياسي حمايت سان اڳتي وڌايو. هو مارڪسوادي هجڻ باوجود هتان جي اشتراڪين سان قومي سوال تي سدائين ٽڪراءَ واري پوزيشن ۾ رهيو. سائين محمد ابراهيم جويو آزاد سنڌ ۽ سيڪيولر سماج جو حامي ۽ گهرجائو هئو، جنهن لاءِ سندس ڪوششون جاري رهيون. سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري، چيئرمين رهندڙ سائين محمد ابراهيم جويي ”مهراڻ“ کي جيڪو مٿاهون مقام ڏياريو ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي نيڪ ناميءَ لاءِ جيڪو پاڻ پتوڙيو اهو به تاريخ جو اهم حصو ۽ سندس علمي ادبي ڪاميابين ۽ ڪامرانين جو هڪ اعليٰ مثال رهيو آهي، سنڌ جي نصاب کي سيڪيولر، روشن خيال ۽ انسان دوست بڻائڻ لاءِ سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين جي حيثيت سان ڪيل سندس پورهيو سدائين ياد رکيو ويندو. سائين محمد ابراهيم جويو سرونٽس آف سنڌ، سوسائٽي ۽ سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت جي بينر هيٺ ڪيترا ئي ڪرائتا ڪتاب ڇپرائي سنڌ جي علم ۽ ادب جي خدمت ڪئي.. سائين جويي صاحب شاهه سچل سامي، سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعرن جي ٽه مورتي بابت ڪتاب لکڻ سميت عالمي ادب جي شاهڪار ڪتابن جو سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري سنڌي ادب کي مالا مال ڪيو. سندس ترجمو ڪيل ڪتابن سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ ادبي دنيا ۾ هڪ نئين روشني ۽ شعوري انقلابي هلچل پيدا ڪئي. سياسي ادارن ۾ سائين محمد ابراهيم جويي جي ترجمو ڪيل ڪتابن کي اسٽڊي سرڪل ۾ باقائدگي سان پڙهايو ويندو هيو. سائين جي ايم سيد نئين سنڌ جو خواب ڏٺو، ان خواب جي ساڀيان لاءِ محمد ابراهيم جويي زندگيءَ جي هر گهڙي جدوجهد ۾ گذاري ڪندي.هن نئين سنڌ ۾ علمي سجاڳي پيدا ڪري روشن خيال ذهن پيا ڪيا، جنهن پنهنجي قلم ذريعي روسو ۽ والٽيئرجيان ڪردار ادا ڪيو. وطن دوستي، سماجي انصاف، جمهوري سماج جي اڏاوت لاءِ علمي ادبي ميدان ۾ ڪيل سندس جدوجهد سماج جي اڏاوت لاءِ علمي ادبي ميدان ۾ ڪيل خدمتون ڪڏهن به وساري نٿيون سگهجن. سائين محمد ابراهيم جويو سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيڻ واري عملي جدوجهد ۾ سنڌي ادبي سنگت جي اڳواڻي ڪئي ۽ سنڌ دشمنن، رٿائن ۽ سازشن خلاف سخت مزاحمت ڪئي. سائين محمد ابراهيم جويي سنڌ ۾ مادري ٻوليءَ ۾ تعليم ڏيارڻ جي حق کي مڃرائڻ لاءِ مثالي جدوجهد ڪئي. ۱۹۶۰ع ۾ شريف ڪميٽي سنڌ جي مادري تعليم واري حق کي پٺي ڏيندي سنڌي ٻوليءَ جي تعليم کي پرائمري تعليم تائين محدود ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا، تڏهن سائين محمد ابراهيم جويي جي اڳواڻي ۾ سنڌ جي عالمن، اديبن، تعليمي ماهرن ۽ دانشورن ”شريف ڪميشنن“ خلاف مزاحمت ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ شريف ڪميشن کي اهڙو فيصلو واپس وٺڻ تي مجبور ڪيو ويو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي تعليم واري فطري حق کي مڃرايو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي تاريخي حيثيت کي بحال ڪرايو. جرمن ڏاهي ارنيسٽ ٽرمپ شاهه لطيف جي دنيا ۾ هڪ وڏي شاعر طور سڃاڻپ ڪرائي ۽ شاهه سائين جي شاعريءَ تي تحقيق ڪري دنيا جو وڏو شاعر قبول ڪرايو، اهڙي طرح سائين محمد ابراهيم جويي سنڌ جي ويهين صديءَ جي وڏي شاعرشيخ اياز جي سڃاڻپ ڪرائي، هن شيخ اياز کي سنڌي شاعريءَ جي اوچي پد تي ويهارڻ لاءِ پنهنجون علمي، ادبي، صلاحيتون ڪتب آڻيندي شيخ اياز کي سنڌ جي ٻولي جي نج پڻي ۽ ڪارائتي نموني ٻوليءَ جو استعمال ڪرڻ سان شيخ اياز کي صدين جو سرجڻهار بڻائي ڇڏيو. شيخ اياز جي شاعراڻي سنوار ۾ جنهنجو علمي ڪردار هيو، جنهن سندس ڪتابن جا شاهڪار مهاڳ لکي، سندس شاعريءَ جي خوبين، فني ۽ فڪري اڏار ۾ وسعت پيدا ڪئي، شيخ اياز جنهن جي شاعريءَ جون پاڙون پنهنجي ڌرتيءَ جي پاتال ۾ کتل هيون ۽ سندس فني ۽ فڪري اڌارون آڪاش جي پولارن تائين جاري هيون. شيخ اياز جيڪو روايتي شاعراڻي گدلي سينور ۾ ڪنهن ڪنول جيئن کڙيو هو ۽ گگهه انڌاري ۾ چڪور جيان چنڊ ڏانهن اڏارون ڪندي ڏوهاري بڻيو هو. اياز جيڪو محمد ابراهيم جويي وانگر سنڌ ۾ نئين انسان کي تخليق ڪرڻ لاءِ سندس مٽيءَ کي ٻيهر ڳوهڻ جو ڏوهاري بڻيو هو، اياز جنهن وٽ به انوکي ڏات جي جيڪا تند هئي، اها تلوارن سان ويڙهاند ڪندي هئي، جنهن جي ڏات ڏيا کان ڀاري بر بُرج لڏندي ۽ ڀُرندي محسوس ٿيندا هئا، جنهن جي شاعراڻي اظهار سان هيٿار بند به هيڻا ٿيندي محسوس ٿيندا هئا، ان شيخ اياز کي اياز جي مرتبي تي پهچائڻ لاءِ محمد ابراهيم جويي جي علمي، ادي فڪري رهنمائي واري ڪردار ڱي ڪيئن ٿو وساري سگهجي، ان شيخ اياز کي ڪيئن ٿو وساري سگهجي، جنهن محمد ابراهيم جويي ڏانهن سندس محبت ۽ مڃتا ۾ جي ”ڪاڪ ڪڪور يا ڪاپڙي“ جي سري هيٺ لازوال خط لکي، پنهنجي محسن دوست ۽ رهبر سان پنهنجي اندر ۾ پلجندڙ احساسن ۽ اڌمن کان کيس آگاهه ڪيو پر پنهنجي تخليقي نواڻ کان به باخبر رکيو، جنهن جي پس منظر ۾ محمد ابرهيم جويي شيخ اياز جي تخليقي اڏار کي مٿاهون ۽ اُتاهون رکڻ لاءِ پنهنجون سموريون علمي صلاحيتون ڪتب آنديون. محمد ابراهيم جيويو، سنڌ جي اعليٰ انسانن ۽ اعليٰ ادارن سان رهي نه رڳو اعليٰ انساني قدرن کي پنهنجي زندگيءَ جي امُلهه ميراث ڄاتو پر انهن اعلي انساني قدرن کي پنهنجي سماج ۾ رائج ڪرڻ لاءِ ڀرپور ۽ عملي ڪوششون ڪيون. سائين جي ايم سيد، حشو ڪيولراماڻي، عمر بن محمد دائود پوٽو، علامه آءِ آءِ قاضي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، قاضي فيض محمد، شيخ عبدالمجيد سنڌي، ڪامريڊ حيدربخش جتوئي، پير حسام الدين راشدي، رسول بخش پليجو، رشيد ڀٽي، سرالج الحق ميمڻ، شمشير الحيدري، حميد سنڌي، غلام محمد گدائي، غلام مصطفيٰ شاهه، عبدالڪريم گدائي، سرويچ سجاولي، محمد خان مجيدي، منشي ابراهيم، استاد بخاري، تنوير عباسي، ڄام ساقي، عبدالواحد آريسر وانگر سنڌ جي علمي، ادبي، سياسي ۽ قومي ورثي جي وارثي ڪندڙ ۽ ان شعوري روايت کي حب الوطنيءَ سان سلهاڙي نئين نسل ڏانهن پنهنجي قومي ورثي کي منتقل ڪرڻ واري عملي جدوجهد جو مهندار ۽ نئين نسل جو سونهون رهندڙ هڪ باڪردار عالم، اڪابر، اديب، دانشور، تعليمي ماهر جو رتبو ماڻيندڙ سائين محمد ابراهيم جويو جنهن پنهنجي سڄي ڄمار، علم جي روشني ڦهلائڻ واري صالح عمل کي ورجائيندي گذاري، جنهن پنهنجي نيڻن ۾ اڻيل پنهنجي خوبصورت خوابن واري سنڌ جي نئين سر اڏاوت ڪندي زندگيءَ جا سمورا پل پهر ارپي ڇڏيا، جنهن سنڌ ۾ علم ۽ ادب جا واهڙ نه پر ڪيئي درياهه وهائي سنڌ جي ذهنن کي زرخيرز بڻائي ڇڏيو. انڊس سولائيزيشن جو سفر جڏهن مُهين جي دڙي ۾ ختم ٿيو ته وري اتان نئون سفر شروع ٿيو، جيڪو مهاراجا ڏاهر جي ديول بندر کان ٿيندو روٻاهه ماڙي کان ويندي ڄام نظام جي ٺٽي ننگر کان ٿيندو مخدوم بلاول ۽ ڄام سارنگ جي ٽلٽيءَ کان ٿيندو، شهيد شاهه عنايت جي جهوڪ ۽ شاهه لطيف جي ڀٽ کان روپلي جي ڪارونجهر تائين هيمون ڪالاڻي جي سکر شهيد ۽ هوش محمد جي مياڻي کا سورهيه بادشاهه جي مکي ٻيلي کان ٿيندو، سن جي سائين جي ايم سيد تائين اچي پڳو.اتان کان ان سفر ۾ جيڪي سنڌ جا عالم، اڪابر، دانشور، قومي اڳواڻ، اديب ۽ شاعر انڊس سولائيزيشن جي ان سفر جاري رکندي نظر اچن ٿا. انهن جو مٿي ذڪر ڪيو ويوآهي، ٿلهي ليکي هن قومي قافلي جي اڳواڻي سائين جي ايم سيد شيخ اياز ۽ سائين محمد ابراهيم جويو ڪندي نظر اچن ٿا. نئين سنڌ جو هي شعوري سفر جنهن ۾ هزارين پانڌيئڙا شامل رهيا آهن ۽ مستقبل ۾ لکين پانڌيئڙا پنهنجي منزل ماڻڻ لاءِ انفرادي مفادن جي سوڙهين ٿيندڙ گهٽين مان نڪري اجتماعي مفادن واري شاهي رستي تي جدوجهد جون مشعلون ٻاري غلاميءَ جي گگهه انڌاري مان پاڻ اڪاري آجپي جي لال ڪنوار سان ضرور لائون لهندا ۽ گهوٽ اڻ موٽ ٿيندا ۽ محمد ابراهيم جويي جي خوابن جهڙيءَ آزاد، خوشحال، علم،عقل، شعور، ڏاهپ، فن، فڪر، ڏات، ڏانءَ، هنر ۽ ڪاريگريءَ سان مالا مال سنڌ اڏيندا. اها سنڌ جنهن سنڌ لاءِ اسان جي وڏڙن تاريخ جي هر دور ۾ پنهنجا سهائي سنڌ وطن جي آزاديءَ لاءِ پنهنجو رت ۽ ست قربان ڪيو آهي، پنهنجي وطن جي هزارين ورهين جي شعور جي روشنيءَ ۾ وکون کڻندڙ قومون ۽ پنهنجي قومي روايتن جي پاسداري ڪندڙ قومون ڏاڍ جا ڏونگر ڏاري پنهنجي منزل ڏانهن نوان رستا ٺاهينديون آهن، محمد ابراهيم جويو، مثال آهي، قومن جي تاريخي علم، شعور ، پنهنجي ثقافتي ۽ تهذيبي روايتن کي برقرار رکڻ جو، سائين محمد ابراهيم جويو، اهو محبت وطن، عالم، اديب، دانشور ۽ قومي اڳواڻ هيو، جنهن پنهنجي قوم جي علمي ادبي پيڙهه پختي ڪرڻ لاءِ سڄي ڄمار ڪشالا ڪندي گذاري ، جنهن ادارا جوڙيا، جنهن نئين سماج جي تخليق لاءِ شعوري ڪوششون ڪيون، جنهن نه رڳو پنهنجون اکيون سجاڳ رکيون پر سنڌ جي سمورن سڄڻن ۽ ساڃاهه وندن جي اکين ۾ سنڌ جو الڪو ۽ اوجاڳو جاڳايو، جڏهن به سنڌ پنهنجي منزل ماڻيندي۽ تڏهن هزارين شهيدن سان گڏ سائين جي ايم سيد، شيخ اياز ۽ محمد ابراهيم جويي جي عظمت کي سلام ڪيو ويندو. محمد ابراهيم جويو گهڻ پاسائين شخصيت ۽ گهڻين ئي خوبين جو مالڪ هيو، جويو صاحب سڀ کان پهرين هڪ قابل ۽ قابل احترام استاد هيو، جنهن سنڌي ٻوليءَ جي تاريخي قومي حيثيت کي برقرار رکڻ جي عملي جدوجهد ڪئي، جنهن ٻوليءَ جي ادارن جي اڏاوت ڪئي، جويو صاحب، صاحب ڪمال اديب هيو، جنهن جون لکڻيون شعور، سجاڳي ۽ روشن خياليءَ جون ساکي رهيون آهن، جويي صاحب اعليٰ درجي جو ايڊيٽر ۽ ترجمي نگار هيو، جنهن عالمي ادب مان چونڊ ڪتابن جو ترجمو ڪري سنڌ جي علم ۽ ادب کي سگهارو ڪيو، جويو صاحب اعليٰ قسم جو منتظم ۽ سياسي سماجي اڳواڻ هيو، جنهن سنڌ جي سماج کي علمي بنيادن تي مضبوط ڪرڻ جون رٿون رٿيون ۽ جدوجهد ڪئي، جويو صاحب جديد سنڌي ادب جي بانيڪارن مان هيو، جنهن مسلسل سنڌي ادب جي سوڙ ۽ سنوار ڪندي گذاري. سائين محمد ابراهيم جويي، فلسفي جو ابتدائي ڪوس، فڪر جي آزادي ، علم تدرسي، مظلومن لاءِ، گليلو، وحشي جيوت جا نشان، جهڙا شاهڪار ڪتاب ترجمان ڪيا، جويي صاحب شيخ اياز جي ڪتاب ”وڄون وسڻ آڻيون، ڪي جو ٻيجل ٻوليو، ڪپر ٿو ڪن ڪري، راڄ گهاٽ تي چنڊ، لڙيو سج لڪن ۾، بڙ جي ڇانو، اڳتي کان گهاٽي، محمد علي مانجهي، منشي ابراهيم ۽ نورالهدي شاهه جي ڪتابن جا مهاڳ به لکيا، جيڪي جديد سنڌي ادب جا شاهڪار مهاڳ آهن. غربت جي گهاڻي ۾ پيڙجندڙ هڪ عريب گهراڻي جو ٻالڪ يتيميءَ جون پيڙائون ڀوڳيندڙ،ڪيئن سنڌ جي شعور ۽ ساڃاهه جو روشن ستارو بڻجي اُڀرندو، اها ڪنهن کي به ڄاڻ ڪو نه هئي، وقت ۽ حالتون انسان کي ٺاهينديون ۽ ڊاهينديون رهيون آهن پر هن ٻالڪ جو سڀاڳ هئو، جو کيس سائين جي ايم سيد جهڙو سڄڻ مليو، جنهن کيس علم حاصل ڪرڻ ۾ مدد ۽ رهنمائي ڪئي. سائين جي ايم سيد جي فڪري ڇانو ۾ رهندي هن ٻالڪ پنهنجي علم جي حاصلات لاءِ نهايت ئي ذميواري سان زندگي جا پل پهر ڪتب آندا ۽ پنهنجي منزل ماڻي ورتي، هي ڏاهو شخص پنهنجي زندگيءَ ۾ آمريتن جي عتاب هيٺ به رهيو ۽ آمريتن سان ويڙهاند ۾ به مصروف رهيو، جنهن جي علمي حيثيت ان رتبي تي پهتي. سموري سنڌ کيس اهم حيثيت ۽ قبوليت ڏئي هڪ وڏڙي جيان کيس قبوليو ۽ مان ڏنو ۽ سائين جويي صاحب به بنا ڪنهن فرق جي سنڌ جي سمورين ڌرين کي عزت ۽ احترام ڏنو ۽ کين علمي شعور کان آگاهه ڪيو، دنيا ۾ يتيم ۽ غريب ٻالڪ ڪيئن پنهنجي زماني جا وڏا ماڻهو ٿيندا آهن، ان ڳالهه کي سمجهڻ لاءِ اسان وٽ سڀ کان وڏو مثال به سائين محمد ابراهيم جويي جو ئي آهي. جنهن سماجي اونداهي مان پنڌ ڪندي علم ۽ شعور جي روشنيءَ واري منزل ماڻي، پنهنجي سماج جي رهبري ۽ رهنمائي ڪئي، محمد ابراهيم جويو قومي سياست جي مورچي جو اهڙو سپاهي ۽ اهڙو سپهه سالار هيو، جيڪو سياسي جنگ وڙهڻ جو وڏو ماهر ۽ رٿا بندي ڪندڙ ماهر ۽ ڄاتو شخص هيو، جنهن پنهنجي علمي شعور کي ڌرتي دشمنن خلاف خوب ڪتب آندو، جنهن وٽ پنهنجي بچاءَ ۽ سلامتي جا ڪيترا ئي قيمتي گڻ هئا، جنهن جي آڌار تي هن ڌرتيءَ جو ڪيس نهايت ئي خبرداريءَ سان دليلن، مثالن ۽ ڏاهپ ذريعي پيش ڪيو ۽ پنهنجي فطري ۽ تاريخي حقن جي حاصلات لاءِ ميدان ملهايو، جنهن پنهنجي ڏاهپ سان سنڌ جي حقن لاءِ جهيڙيندڙ ڌرين جي وچ ۾ ڳانڍاپي واريءَ پل جو ڪردر ادا ڪيو ۽ قومي تحريڪ جي رهنمائي ڪئي، سائين جي ايم سيد کانپوءِ قومي تحريڪ لاءِ محمد ابراهيم جي شخصيت انتهائي مان ۽ مرتبي واري رهي، ڇاڪاڻ جو پنهنجي علمي حيثيت ۾ مٿاهون، باڪردار ۽ اعتماد جوڳو هيو، جنهن جي ڪري قومي تحريڪ جي قيادت لاءِ هيءُ ڏاهو شخص انتهائي احترام لائق رهيو، اهيو ئي سبب آهي جو سندس مرتئي پڄاڻان کيس سنڌ ڌرتيءَ جي قومي تراني جي گونج ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، جنهن پنهنجي مٽيءَ سان ملي امرتا ماڻي ورتي آهي. سائين محمد ابراهيم جويو هڪ صديءَ جي سفر جِي پُڄاڻي.! شاهد حسين تيوڻو سنڌ جي هن عظيم ڌرتيءَ پنهنجي ڪک مان هر دور ۾ ڪيترا ئي اتم ۽ اعلى انسان پئي پيدا ڪيا آهن جن سنڌ جي سيڌ کي سنوارڻ ان سان محبت ۽ انچ انچ جو پئي بچاءَ ڪيو آهي اهڙا ڪيترا ئي ڪردار موجود آهن جن ڌرتيءَ سان عشق جي ڏوهه ۾ سوليون به سينگارڻ ۾ فخر محسوس ڪيو ۽ مرڪندي مرڪندي هميشه لاءِ امر بڻجي ويا. پر ڪڏهن به اهڙن انسانن پنهنجي ڌرتيءَ ۽ ان جي مٽيءَ جي خوشبوءَ سان محبت کي گھٽ نه ڪيو ۽ توڙي جو صدين جي صفر ۽ زندگيءَ جي آخري پلن ۾ به ڌرتيءَ سان اٿاهه محبت جو اظهار ڪيو. اهڙن اتم انسانن ۾ محمد ابراهيم جويي جو نالو سونهري ۽ چٽن اکرن ۾ لکيل نظر ايندو. جنهن هڪ صديءَ جي صفر کان به وڌيڪ وقت هن ڌرتيءَ تي رهندڙ ماروئڙن کي شعور ڏيڻ لاءِ ارپيو ۽ وقت سان گڏ هن جھوني مڙس جنهن جي جسم جي توانائي ته ضرور گهٽ ٿي هئي پر هن جون سوچون تمام عظيم ۽ جبلن کان به اونچيون هيون جن زندگيءَ جي ان عرصي ۾ به نوجوانن کي پئي همٿايو. ۽ ڌرتيءَ سان محبت جو پئي درس ڏنو. سائين محمد ابراهيم جويو جنهن جو خال ڀرجڻ تمام ڏکيو شايد صدين تائين ڀرجڻ ممڪن ئي ناهي. سائين جهڙو اڏول انسان جيڪي هلندڙ گهمندڙ هڪ صدي جي تاريخ هو جيڪو پنهنجي محبوب مٽيءَ ۾ هميشه لاءِ آرامي ٿيو. سائين محمد ابراهيم جويو ۱۳ آگسٽ ۱۹۱۵ع ۾ تيرٿ لکي ضلعو دادو موجوده ضلعي ڄامشوري ۾ پنهنجي محسن والد محمد خان جويي جي گهر ۾ اک کولي ۽ پنهنجي زندگيءَ جي سفر جي شروعات ڪئي. نهايت خلوص ۽ نيڪ نيتيءَ سان علم جي واڌاري لاءِ لوچيندو رهيو. جڏهن ته سائين جويي صاحب ۱۹۵۱ع تائين سنڌي ادبي بورڊ ۾ سيڪرٽري جي عهدي تي خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. سائين کي وري ٻيهر ۱۹۶۱ع ۾ ساڳئي ئي عهدي تي مقرر ڪيو ويو ۽ ۱۹۷۳ع تائين سيڪريٽريءَ جي حيثيت سان به سنڌي ادبي بورڊ ۾ ڪم ڪيو پر سائين ڪجهه وقت چئرمين جي حيثيت سان به سنڌي ادبي بورڊ ۾ ڪم ڪيو. سائين جويو صاحب جيڪو هڪ صديءَ کان به ڊگهي تاريخ رکندڙ عظيم انسان هو جنهن کي سنڌ جو ٻچو ٻچو هڪ وڏي ليکڪ، عالم ۽ سنڌي قوم پرست جي حيثيت سان سڃاڻندو هو. جويي صاحب جي اڻٿڪ محنت ۽ جدوجهد هئي جنهن هزارين ڪتابن جو مطالعي سان گڏ ڪيترا ئي درجنن جا درجن ڪتاب لکيا ۽ ڪيترن ئي يورپي ليکڪن کي به پڙهيو ۽ انهن جي مشهور ڪتابن کي سنڌي ۾ ترجمو ڪيو ۽ انهن کي ڇپرايو سائين ابراهيم جويو جيڪو سائين جي ايم سيد جو ويجھو ساٿي ۽ قوم پرست هو جنهن سنڌ ۽ سنڌيت کي پنهنجو مرڪز بڻائي ۷۰ کان به وڌيڪ سالن جو عرصو سنڌي قوم کي شعور ڏيڻ لاءِ ڪتاب لکندو رهيو. جنهن ۾ تاريخ، فلسفو، ڪهاڻيون مهاڳ، مضمون، مقالا تقريبن ۶۰ ڪتابن مان ڪيترا ئي ڪتاب جن وڏي شهريت پڻ ماڻي پاڪستان اڪيڊمي آف لٽريسيءَ جي حيثيت سان ۲۰۱۳ ع ۾ لٽريسي ايوارڊ سان پڻ نوازيو ويو. پر حقيقت ته سائين جي اڻٿڪ محنت ۽ ان جي جستجو جي اڳيان اهڙا ڪيترا ئي ”ايوارڊ“ به ڪا اهميت نه ٿا رکن. ڇو ته سائين هڪ ئي وقت گهڻ-رخي شخصيت جو مالڪ اتاهون انسان هو. هن جهوني مڙس جي اکين ۾ گهوري ڏسڻ سان سنڌ جي خوشحالي امن امان، ترقي جا هزارين خواب سانڀيل هئا پر حقيقت ۾ ته هن جهوني مڙس ڌرتيءَ ماءُ جي مٽيءَ سان لڳاءُ هجڻ جي ڏوهه ۾ وقت جي فرعونن هٿان ڪيترا ئي ڀيرا زندگيءَ ۾ تڪليف کي به سٺو پر پنهنجي ماتر ڀوميءَ جي سڪ کي گهٽ ٿيڻ نه ڏنو. ۽ ڏٺو وڃي ته اهڙن ئي عظيم پٽن تي مائرن کي ناز هوندو آهي. محمد ابراهيم جويي جي شخصي ۽ فڪري تاريخ مدثر کهاوڙ اسان جي سونهاري سنڌ ڪيترا ئي دانشور، اديب، شاعر، مفڪر پيدا ڪيا آهن جن پنهنجي جوڀن جواني ۽ دنيا ڇڏڻ کانپوء به انهن جو نالو صدين تائين ياد ڪيو وڃي ٿو. شاعر، اديب، ليکڪ، مفڪر دنيا ڇڏي ته وڃن ٿا پر انهن جون يادون ۽ سماج ۾ ڪيل خدمتون وساري نٿيون سگهجن انهن مان اسان جي سنڌ جو ڏاهو محمد ابراهيم جويو صاحب به هڪ آهي. ناميارو عالم، اديب ۽ ڏاهو محمد ابراهيم جويو ۱۳ آگسٽ ۱۹۱۵ع تي اڳوڻي ضلعي دادوءَ (۽ هاڻي ڄامشوري) جي ڳوٺ ’آباد‘ ۾ هڪ هاريءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. ٽن سالن جو هو ته سندس والد محمد خان جويو، پهرين مهاڀاري جنگ بعد پکڙيل وڏيءَ بيماريءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. محمد ابراهيم جويي جو ننڍپڻ غربت ۾ گذريو، پر هن همت نه هاريندي، پرائمريءَ جا چار درجا ڳوٺ ۾ پڙهي، ۱۹۲۷ع ۾ اي. وي اسڪول سَن ۾ داخل ٿيو، جتي سائين جي. ايم. سيد جي مهربانين سان ٽي درجا انگريزي پڙهي، ۱۹۳۰ع ۾ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ ۾ داخلا ورتائين. جتي چوٿين کان ستين درجي تائين پڙهيو، هن ۱۹۳۴ع ۾ مئٽرڪ جي امتحان ۾ سنڌ مدرسة السلام مان ٻِي پوزيشن ماڻي ۽ ۲۰ رپيا ماهوار اسڪالرشپ حاصل ڪيائين. سنڌ مدرسي ۾ ان وقت علامه عمر بن محمد دائود پوٽو پرنسپال هو ۽ جويو صاحب سندس لائق شاگردن ۾ نمايان هو. جويي صاحب ۱۹۳۸ع ۾ ڊي. جي سنڌ ڪاليج مان بي. اي جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ کيس ڪاليج ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ۽ منگهارام ملڪاڻيءَ جهڙن استادن جي صحبت ۽ محبت حاصل رهي. ۱۹۴۰ع ۾ سنڌ مدرسي طرفان بي. ٽي ڪرڻ لاءِ بمبئيءَ جي ايس. ٽي ڪاليج پڙهڻ ويو، جتان موٽندي ئي کيس ۱۹۴۱ع ۾ سنڌ مدرسي ۾ ’اسسٽنٽ ماستر‘ مقرر ڪيو ويو. محمد ابراهيم جويي زندگيءَ جو پهريون سنڌي مضمون ”پڃري جا پکي“ ۱۴ سالن جي عمر ۾ لکيو، سندس انگريزي ۾ پهريون مضمون Democracy in School Administration سال ۱۹۴۶ع ۾ سنڌ مدرسي جي مئگزين ’ڪرانيڪل‘ ۾ ڇپيو. سائين جي. ايم. سيد سندس پهريون تعليمي مددگار هو. هُو ٻن مفڪرن سائين جي ايم سيد ۽ ايم. اين راءِ کان گهڻو متاثر هو، ۽ پهرين پارٽي جنهن ۾ شموليت ڪيائين، اها هئي ايم اين راءِ جي ‘Radical Democratic Party’. هُن ايم. اين راءِ جي ڪتاب ‘Historical Role of Islam’ جو سنڌي ترجمو ’اسلام جو تاريخي ڪارنامو‘ جي عنوان سان ڪيو. علمي زندگيءَ ۾ جويي صاحب سنڌ دوستيءَ جي راهه ۾ سرڪار جا عتاب ۽ ناراضگيون به برداشت ڪيون. ۱۹۴۷ع ۾ سنڌ مدرسي ۾ پڙهائڻ دؤران هن هڪ ڪتاب ’سنڌ بچايو- کنڊ بچايو‘Save Sindh, Save the Continent from Feudal Lords, Capitalists and their Communalists لکيو، جنهن جي ڏوهه ۾ سنڌ مدرسي بورڊ جي صدر ۽ (تڏهوڪي وزير تعليم) سندس ملازمت ختم ڪرڻ جو حڪمنامو جاري ڪيو هو. جويي صاحب جي اهليت کي مڃيندي، ٺٽي ميونسپالٽيءَ جي چيئرمين موليڏني عباسيءَ کيس ميونسپل هاءِ اسڪول ٺٽي جو هيڊ ماستر ٿيڻ جي آڇ ڪئي، جتي ٻن سالن تائين ۲۰۰ رپيا پگهار تي پڙهايائين. بعد ۾ اهو اسڪول به سرڪاري تحويل ۾ ورتو ويو، جتان بدلي ٿي ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فار مئن، حيدرآباد ۾ اسسٽنٽ ماسٽر طور فرض نڀايائين. ۱۹۵۱ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چونڊ سان ڪلاس ٻئين گزيٽيڊ آفيسر طور ”هاءِ پاور ايگزيڪٽو ڪاميٽي فار سنڌي لٽريچر“ جو سيڪريٽري مقرر ٿيو. ۱۹۵۴ع ۾ هاءِ پاور ڪميٽيءَ کي ’سنڌي ادبي بورڊ‘ جي نالي سان نئين سر تشڪيل ڏنو ويو، جتي ۱۹۶۱ع تائين سيڪريٽريءَ طور جانفشانيءَ سان ڪم ڪيائين. ان دوران جويو صاحب (۵۶-۱۹۵۵) ٻه سال بورڊ جي ٽماهي ’مهراڻ‘ جو ايڊيٽر به رهيو، جنهن دوران هُن جديد ادب جي وڏي سرپرستي ڪئي ۽ ’مهراڻ‘ جو اهو دؤر يادگار ليکيو وڃي ٿو. ۱۹۶۳ع کان ۱۹۶۷ع تائين هُو آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي پاڪستان ٽيڪسٽ بڪ بورڊ لاهور، ڪراچي، ڪوئيٽا ۽ حيدرآباد ۾ رهيو، ان عرصي ۾ پنج سال اعزازي طرح سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري پڻ رهيو. نومبر ۱۹۶۹ع ۾ ون يونٽ جي خاتمي جي اعلان بعد هُو سنڌ ۾ رجسٽرار ڊپارٽمينٽل ايگزئمنيشن، ڊائريڪٽوريٽ آف ايڊيوڪيشن مقرر ٿي حيدرآباد ۾ آيو. پوءِ ۱۹۷۱ع ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جو ميمبر به ٿيو. هن ڪيترا ئي نصابي ڪتاب به لکيا. ۱۹۷۲ع ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر، بيورو آف ڪريڪيولم ائنڊ ايڪٽينشن سروسز سنڌ، حيدرآباد مقرر ٿيو، جتان آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي ۽ بعد ۾ سيڪريٽري سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ مقرر ٿيو ۽ ۱۲ آگسٽ ۱۹۷۳ع تي رٽائر ڪيائين. ابراهيم جويي جو سنڌي ادبي سنگت سان به ابتدا کان وٺي واسطو رهيو ۽ ۵۶-۱۹۵۴ واري دؤر ۾ سنڌي ادب ۽ ادبي سنگت جي ’نئين جاڳرتا‘Renaissance جو اهم اڳواڻ رهيو. هُو سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد شاخ جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر به رهيو. ۱۹۷۳ع ڌاري هُن ڪجهه سڄاڻ اديبن سان گڏجي ”سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت“ نالي اداري جو بنياد وڌو، پاڻ ان جو صدر ٿيو ۽ ان ئي پليٽ فارم تان چاليهه کن ڪتاب چپائي پڌرا ڪيائين. ۱۹۷۳ع ۾ ”سنڌ فرينڊس سرڪل“ قائم ڪري، ان طرفان ۲۰ ڪتاب شايع ڪرايائين. سرونٽس آف سنڌ سوسائٽيءَ جو ۱۹۸۲ع کان وائيس پريزيڊنٽ رهندو اچي. پنهنجي دوست، نامياري ليکڪ سراج الحق ميمڻ جي تحرڪ ۽ سرپرستيءَ ۾ ’سنڌ ايڊيوڪيشن ٽرسٽ‘ جو بنياد رکيائين، پاڻ ان جو وائيس چيئرمين ۽ مئنيجنگ ٽرسٽي رهيو. سنڌ ايڊيوڪيشن ٽرسٽ واري عاليشان عمارت سراج صاحب ٽرسٽ کي سونپي علم ۽ قلم دوستيءَ جو ثبوت ڏنو. هن ٽرسٽ جي ذريعي ليڪچرن جو سلسلو هلايو، جن ۾ اهم اديبن ۽ دانشورن ليڪچر ڏنا جن کي ڇپائي پڌرو ڪيائين. جويي صاحب ۱۹۹۷ع کان ۲۰۰۲ع تائين سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين رهيو ۽ ۱۹۹۸ع کان هيل تائين، مختلف مرحلن ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي بورڊ آف گورنرس، مالي ڪاميٽي، پبليڪيشن ڪاميٽيءَ ۽ ادبي تحقيقي ڪاميٽيءَ جي ميمبر طور به ذميواريُون نڀائيندو ۽ اٿارٽيءَ جي اسڪيمن ۾ مددگار رهيو. جڏهن ۱۹۹۸ع ۾ شيخ اياز فائونڊيشن جو قيام عمل ۾ آيو ته کيس ان جو چيئرمئن مقرر ڪيو ويو. فائونڊيشن طرفان هن وقت تائين ڇهه ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيا ويا آهن. ان کان علاوه پاڻ شيخ اياز چيئر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي صلاحڪار بورڊ جو به ۲۰۰۰ع کان ميمبر رهيو آهي. ان کان سواءِ ٿياسافيڪل سوسائٽي، حيدرآباد جو وائيس پريزيڊنٽ پڻ. جويي صاحب، سنڌ جي مهان شاعر شيخ اياز جي ڪيترن ڪتابن جا مهاڳ لکيا. ويجهڙائيءَ ۾ سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتي پاران ڇپجندڙ شيخ اياز جي سموري شاعريءَ ۽ نثر جي ۲۲ جامع جُلدن جي سربراهي پڻ جويي صاحب کي ڏني وئي، جنهن ڪاميٽيءَ جو سيڪريٽري تاج جويو رهيو. سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد بابت نامياري اديب سراج جي لکيل اهم ڪتاب ”سنڌي ٻولي“ (۱۹۶۴ع) جي مهاڳ لکڻ سان گڏ جويي صاحب سوين نوجوان اديبن ۽ شاعرن جي ڪتابن تي به مهاڳ لکيا ۽ سنڌ ۾ ”مهاڳ نويسيءَ“ جي فن جو استاد ليکيو وڃي ٿو. هن دنيا جي ڪلاسيڪي ادب مان خاص ڪري فڪري، نظرياتي ۽ فلسفياڻي نوعيت جا ڪيترا ڪتاب ترجمو ڪري، سنڌي ماڻهن جي فڪري غربت جو خاتمو آڻڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. جويي صاحب کي چئن پٽن ۽ ٻن نياڻين جو اولاد ٿيو، جن مان نيلوفر جويو ڪهاڻيڪار هئي. تازو مئي ۲۰۰۹ع ۾ سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتي حڪومت سنڌ پاران پهريون ڀيرو محمد ابراهيم جويي جي مڃتا ۾ هڪ تقريب انڊس هوٽل حيدرآباد ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ثقافت ۽ سياحت جي صوبائي وزير، محترمه سسئي پليجو، سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر نثار احمد کهڙي سميت جويي صاحب جي شاگردن، مداحن ۽ اديبن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي جويي صاحب کي سنڌ جي سمورن ادبي، علمي ادارن ۽ يونيورسٽين پاران اوارڊ، شيلڊُون ۽ گلن جا تحفا ڏئي، سندس خدمتن جو اعتراف ڪيو ويو. جڏهن ته سنڌ ميوزيم، حيدرآباد ۾ ’ابراهيم جويو ڪارنر‘ پڻ قائم ڪيو ويو آهي. هو لاڏاڻي وقت صحافي ڪالونيءَ، حيدرآباد ۾ رهائش پذير هيو. محمدابراهيم جويي صاحب ۹ نومبر ۲۰۱۷ع تي پنهنجي گهر حيدرآباد ۾ خميس ڏينهن صبح جو وفات ڪري ويو. محمد ابراهيم جويي لاءِ سنڌ اسيمبلي مان ٺھراءُ به پاس ڪيو ويو ۽ محمد ابراهيم جويو جي ڪيل خدمتن کي پڻ ساراهيو ويو. محمد ابراهيم جويو سنڌ جي ڏاهپ جو پيغمبر طارق عزيز شيخ سنڌ جو عالم، اديب ترجمي نگار ۽ تعليمدان محمد ابراهم جويو انهن ڏاهن منجهان ڳڻيو وڃي ٿو. جن سنڌي ادب جي آبياري ڪئي. سائين ابراهيم جويو ترقي پسند لاڙو رکندڙ رهيو ، سنڌ جو عاشق ۽ قومي نظريو رکندڙ مفڪر رهيو جويو صاحب ۱۳ آگسٽ ۱۹۱۵ تي ڳوٺ آباد، ضلعو ڄامشورو ۾ پيدا ٿيو، سندس والد محمد خان جويو غريب هاري هئو پر سندس ارادو هو ته پٽ کي پڙهايان. محمد ابراهيم جويو ٽن ورهين جو هو ته سندس والد وفات ڪري ويو، والد جي وفات بعد پڙهڻ جي ڄمار وارو ٿيو ته سندس والده کيس اسڪول ۾ داخل ڪرايو ڏکين ڏينهن هئڻ باوجود ابتدائي تعليم حاصل ڪري ورتائين . ۱۲ ورهين جي ڄمار ۾ دادو جي تاريخي شهر سن ۾ اي وي اسڪول ۾ داخل ٿيو. سن جيڪو رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جو اباڻو علائقو آهي، اتي سائين جي ايم سيد پاران جوئي صاحب جي تعليم ۾ مالي سهڪار ساڻس رهيو، هي وقت هو جڏهن جويو صاحب ڏاڍي محنت سان پڙهي رهيو هو. اها ئي اها ڳالهه هئي جنهن سائين جي ايم سيد کي به متاثر ڪيو هو. سائين جي ايم سيد علم، ڏاهپ ۽ سياست جو سمنڊ هو ۽ علم سان چاهه رکندڙن جو کيس وڏو قدر هو. جويو صاحب علمي شوق سبب ادبي ۽ سياسي ميڙاڪن ۾ سائين جي ايم سيد سان گڏ رهيو. اهڙي ريت سندس فڪري تربيت به ٿيندي رهي. انهي کانپوءِ سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچيءَ ۾ داخلا ورتائين ۽ مئٽرڪ ڪري فارغ ٿيو، مئٽرڪ ۾ پوزيشن اچڻ سبب اداري پاران اسڪالر شپ حاصل ڪيائين ۽ گريجوئيشن مڪمل ڪرڻ کان هڪدم پوءِ بمبئي ڪاليج مان بي ٽي ڪرڻ ويو جڏهن واپس موٽيو ته سنڌ مدرسته الاسلام ۾ ئي استاد جي عهدي تي مقرر ڪيو ويو. جويو صاحب سيڪيولر رهيو، هن ڪڏهن به مذهب کي سنڌ ۽ علم جي وچ ۾ ناهي آندو مون کي عوامي آواز اخبار لاءِ انٽرويو ڏيندي چيو هئائين ته آئون سيڪيولر ازم جو حامي آهيان فلاح بهبود جو ڀلو سوشلزم ۾ آهي، انهي سوچ جا ماڻهو جتي گڏ ٿين ٿا. اتي وڃي آواز ۾ آواز ملايون ٿا. جوئي صاحب لکڻ جي شروعات ترجمي سان ڪئي هئي، سنڌ مدرسته الاسلام جي تدريسي رسالي ”ڪرانيڪل“ ۾ ترجمن وارا ليک شايع ڪرايائين، سندس علمي ادبي زندگيءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ تعداد ترجمو ڪيل مضمونن ۽ ڪتابن جو رهيو آهي. انهي زماني ۾ ايم اين راءِ جي انگريزي ڪتاب جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ”اسلام جو تاريخي ڪارنامو“ جي نالي سان ڪيو هئائين هي ۱۹۴۵ع جو سن هو. انهي کانپوءِ مختلف ملڪن جو ادب ۽ سياسي لٽريچر وقت سر ترجمو ڪندو رهيو جن ۾ خاص طور تي انقلابي تحريڪن بابت مواد شامل رهيو، جوئي صاحب جي ڪيل علمي پورهئي جو تفصيل هن ريت آهي، (۱) اسلام جو تاريخي ڪارنامو (ترجمو) (۲) سنڌ بچايو، کنڊ بچايو (۳) ايميلي عرف تعليم (ترجمو) (۴) ٻارن جي تعليم (ترجمو) (۵) وحشي جيوت جا نشان (ترجمو) (۶) سنڌي زبان جي بنيادي لغت (۷) فڪفر جي آزادي (ترجمو) (۸) گليلو انگريزي ڊرامي جو (ترجمو) (۹) شاهه سچل سامي، (۱۰) ٻارن جو ميسج (ترجمو) (۱۱) ماڻهوءَ جو ڀاڳ، (۱۲) عورت زاد، عورتن جي تحريڪ آزادي (ترجمو) (۱۳) فلسفي جو ابتدائي ڪورس (ترجمو) (۱۴) علم تدريس مظلومن لاءِ (ترجمو) (۱۵) مهڪريءَ جا مضمون (ترجمو) (۱۶) اسان جي ٻولي اسان جي تعليم، (۱۷) فرينچ انقلاب (ترجمو) (۱۸) مُٺ مُٺ موتين جي (۱۹) هوءَ جا ٽمڪي باهڙي (۲ جلدن ۾) (۲۰) خط ٻن اديبن جا، (۲۱) ڳالهيون ڪتابن جون (۲۲) خط ٻن استادن جا (۲۳) خط دوستن جا، ان کان علاوه ثقافت کاتي پاران مون ڏات انوکي آندي آ، ۲۰۱۲ ۾ جوئي صاحب جو لکيل ڪتاب آهي، جڏهن ته اردو دانشور مظهر جميل، ”محمد ابراهيم جويو: ايڪ صدي ڪي آواز“ نالي ڪتاب لکيو جيڪو پڻ ثقافت کاتي ڇپرايو آهي، جنهن ۾ جوئي صاحب جي سوانح آهي. جويو صاحب هڪ صديءَ جي تاريخ هو. سنڌ جو مزاج ۽ فڪر به ان کي ئي چئي سگهجي ٿو. گذريل صديءَ ۾ سنڌ ۾ هزارين ادبي، دانشور، ڏاها جنم وٺي، ڪردار نڀائي ويا، پر جن شخصيتن سنڌ ڌرتيءَ تي پنهنجو اثر ڇڏيو، فڪر ڏنو، اهي سائين جي ايم سيد، شيخ اياز ۽ محمد ابراهيم جويو صاحب آهن. ترقي پسند ذهن ۽ روشن خيال سوچ رکندڙ سنڌ جي هن ڏاهي سنڌي ادبي بورڊ لاءِ جاکوڙ ڪئي ۽ آخرڪار ان جو قيام يقيني بڻايو. ۱۹۵۱ع کان وٺي اڃان جڏهن بورڊ وجود ۾ ڪونه آيو هو، انهي جي وجود لاءِ جويو صاحب ڀڄ ڊڪ ۾ اڳڀرو رهيو. ۱۹۵۴ع ۾ هيءَ ادارو هاءِ پاور ايگزيڪيوٽو ڪميٽي فار سنڌي لٽريچر مان تبديل ٿي ”سنڌي ادبي بورڊ“ بڻيو، جويو صاحٻ اڳوڻي اداري جو سيڪنڊ آفيسر ڪميشن ذريعي چونڊجي آيو هو. ادبي بورڊ وجود ۾ اچڻ بعد ان جي گهڻي کان گهڻي جوڙجڪ پاڻ ڪيائون ”مهراڻ“ رسالو شاهڪار بڻائڻ ۾ جوئي صاحب جو اهم ڪردار رهيو جنهن ان جي ڏهه ورهيه سرپرستي ڪئي. هو سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جو به سيڪريٽري رهيو ۽ نهايت معياري نصاب جي تياري ڪيائين، ماهر تعيلم هئڻ ڪري ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ کي جويو صاحب هڪ سرمايو ملي ويو، جنهن سنڌ جي تدريسي ڪتابن ۾ معياري ۽ جديد انداز آندو پاڻ به ڪتاب لکيائين ۽ سڄي سنڌ مان وڏن عالمن ۽ اديبن کان به تعليمي لحاظ کان مدد ورتائين، هو بيورو آف ڪريڪيوليم جو به ڊائريڪٽر رهيو. سنڌي ادبي سنگت جي حوالي سان پڻ اديبن جي تنظيم کي متحرڪ ڪيائين. سنڌ جي حوالي سان ڪيترا ئي قومي ۽ ادبي معاملا هن پليٽ فارم تان اٿاريائين، ادبي سنگت جي بنياد کان وٺي جوئي صاحب ان ۾ ڪردار نڀايو، ادبي سنگت کان علاوه ”سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت“ ۽ ”سنڌ فرينڊس سرڪل“ نالي پڻ جوئي صاحب اديبن جا نوان ۽ متحرڪ يونٽ کوليا جنهن جي ذريعي سنڌي ڪتاب شايع ڪرايا ويا. سنڌ جا ڪيس اٿاريا ويا ۽ اديبن ۽ شاعرن کي گڏ ڪيو ويو. اهو جوئي صاحب جي شخصيت جو ڪمال هو جو هن هر ننڍي وڏي اديب جي عزت ڪئي ۽ عزت ڪرائي سڀني سنڌي اديبن کي هڪ هنڌ ڪٺو ڪري سهگارو اتحاد بڻايو. تعليم جي حوالي سان جوئي صاحب جون ڪيل خدمتون به اهميت جوڳيون آهن، سنڌ مدرسي ۾ ۱۹۴۱ع کان استاد طور مقرر ٿيو، جنهن بعد ۱۹۴۷ع ۾ ميونسپل ٺٽي هاءِ اسڪول ۾ ٻن سالن تائين هيڊ ماستر بڻيو، تڏهن ۲۰۰ رپيا پگهار کنيائين، ٻن ورهين بعد ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد ۾ اسٽنٽ ماستر طور بدلي ٿيو، ۱۹۵۱ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾امتحان پاس ڪيائين ۽ گزيٽيڊ آفيسر طور ”هاءِ پاور ايگزيڪيو ڪميٽي فار سنڌي لٽريچر جو سيڪريٽري مقرر ٿيو، ۱۹۶۷ع ۾ گرونرمينٽ هاءِ اسڪول جيڪب آباد جو هيڊ ماستر مقرر ٿيو، ۱۹۶۸ع ۾ گورنمينٽ ٽريننگ اسڪول ڪوهاٽ جو پرنسيپال بڻيو، ۱۹۶۹ع ۾ رجسٽرار ڊپاررٽمينٽل ايگزئميشن، ڊائريڪٽوريٽ آف ايجوڪيشن حيدرآباد مقرر ٿيو، ۱۹۷۱ع ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جو ميمبر ۽ ۱۹۷۲ع ۾ اتي ئي ڊپٽي ڊائريڪٽر مقرر ٿيو جتان ۱۹۷۳ع ۾ ريٽائرڊ ٿي سروس مڪمل ڪيائين. ريٽائرمينٽ کانپوءِ جويو صاحب مڪمل طور تي ادب حوالي ٿي ويو، جنهن سڄو سارو وقت علمي ادبي، سرگرمين کي ڏنو، ڪيترا ئي مقالا، مضمون ۽ ترجمان به ڪيائين شاهه سائين لطيف جي حوالي سان پڻ ڪم ڪيائين، ادبي حلقا قائم ڪيائين ۽ قومي سجاڳيءَ وارو سلسلو فڪري انداز ۾ اڳتي وڌايائين، سائين جي ايم سيد شيخ اياز، سراج ۽ ناميارن مدبرن ساٿين سان گڏ جي اهڙو نظرياتي ڪم ڪيائين جو سنڌي ٻولي، علم، ادب ۽ قوم کي پنهنجي منفرد سڃاڻپ ملي. سنڌ بابت جوئي صاحب جو موقف هميشه سگهارو رهندو آيو. هن عوامي آواز اخبار لاءِ مون کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو هو ته سنڌ پاڪستان سان انهيءَ لاءِ شامل ڪونه ٿي هئي ته سنڌين کي اقليت ۾ بدلايو وڃي، پر انهي لاءِ شامل ٿيا هئاسون ته جن قومن گڏجي پاڪستان ٺاهيو آهي سي سڀئي هڪ جيتريون حقدار آهن، اها زندگي جنهن ۾ ماڻهو بيوس هجي سا موت جهڙي آهي. ساڳي ريت اها آزادي جنهن ۾ اختيار نه هجي بي اختيار هجي، اها بي معنيٰ آهي، اها غلامي آهي. اسان سنڌ کي پاڪستان ۾ باوقار ۽ بااختيار ڏسڻ چاهيون ٿا. اهو حق تڏهن ملندو جڏهن سنڌين ۽ پاڪستان جي ٻين قومن کي هڪجيترو حق ملندو ۽ برادري ايندي.“ جويو صاحب سنڌ جي برابري جو خواب ڏسندو رهيو. هن سڄي ڄمار سنڌ جي حقن لاءِ ويڙهه ڪئي، نظرياتي ۽ فڪري طرح ڪم ڪيو آهي، جڏهن به سنڌ سان اناصنافي ٿي جوئي صاحب پنهنجو رد عمل ڏنو. محفلن ۾ تقريرن ذريعي، اخبارن ۽ رسالن ۾ مضمونن ذريعي يا وري سماجي اڳواڻڻ ۽ دانشورن جا فورم ٺاهڻ جي صورت ۾ نهايت سنجيده طبيعت هئڻ سبب ساڻس ملڻ وارن به پنهنجو مزاج اهڙو ڪرڻ شروع ڪيو. نون ليکڪن ۽ ادب سان چاهه رکندڙن کي هميشه هٿي وٺرايائين، انهن جي ذهني صلاحيت کي روشن ڪيائين، جوئي صاحب سان هڪ ڀيرو ڪير ملاقات ڪري آيو ڄڻ ڪو تاريخ، علم ۽ ادب جو فلسفو پڙهي نڪتو، سيڪيولر هئڻ ڪري شاهه لطيف کي سنڌ جو قومي شاعر چوندو رهيو، ڪڏهن به بزرگ ۽ اولياءِ نه چيائين سچل کي جو شيلو مفڪر ڪوٺيائين پر مست الست نه ڪوٺيائين. ۲۰۰۹ع ۾ جوئي صاحب جي مڃتا لاءِ سنڌ حڪومت پاران شاندار تقريب ڪئي وئي ۽ کيس مڃتا شيلڊ ڏني وئي. حيدرآباد ۾ سنڌ ميوزم ۾ ”ابراهيم جويو ڪارنر“ قائم ڪيو ويو، ۲۰۱۱ع ۾ جوئي صاحب جي طبيعت تمام بگڙي وئي هئي جنهن ڪري هڪدم حيدرآباد مان ڪراچي شفٽ ڪري سندس علاج ڪيو ويو هو. جويو صاحب سنڌ ۾نثر کي وڏي ترقي ڏيڻ واري شخصيت رهيو، هن ڪيترن ئي ڪتاب جا شاندار مهاڳ لکيا، جيڪڏهن اهي سمورا مهاڳ گڏ ڪري هڪ جاءِ تي رکجن تڏهن به نثر جو عاليشان ڪتاب ٺهي پوندو. وڏي ڄمار هئڻ باوجود نوجوان اديبن سان عزت ۽ مانائتي انداز ۾ ملندو رهيو. سندس چوڻ هو ته ”سڀئي هڪ ٻئي کان سکون ٿا، ڪو به ماڻهو مٿانهون ناهي سڀ عزت ۾ برابر آهن“. جوئي صاحب جهڙي سوچ سنڌ جي هر دانشور جي بڻجي وڃي ته سنڌي دانشور سهڻو لکڻ سان گڏ دل دماغ جا به سهڻا ٿي وڃن، سنڌ جي قسمت چڱيءَ آهي جو سائين جي ايم سيد کانپوءِ جويو صاحب اسان کي مليو جنهن ۾ علمي ۽ نظرياتي گڻ اهي ئي نظر آيا. جوئي صاحب سان سندس پياري دوست مرحوم ابن حيات پنهور جي پٽ لطيف اياز پنهور سان گڏجي صحافي ڪالونيءَ ۾سندس گهر وڃي ڪچهريون ڪيم ته سائينءَ هميشه مانائتي موٽ ڏني ۽ ڊگها بحث ڪيائين جيڪي لاڀ وارا ثابت ٿيا، هڪ ڀيري جناح اسپتال ڪراچي جي سامهون ٽيلي فون ڪمپني جي آفيسرن جي ڪالوني ۾ آيو، جتي سندس پٽ جو گهر هو، سوهاڪي اسٽيڊيم ۾ عوامي آواز جي آفيس هليو آيو ۽ مون کي عزت ڏنائين جو رسمي دعوت تي تڪليف ڪئي هئائين، مون موقعي جو فائدو وٺندي سائين جو تفصيلي انٽرويو ڪري ڇڏيو، جنهن سنڌ جي علمي ادبي ۽ سياسي حلقي ۾ اثر ڏيکاريو، انهيءَ انٽرويو جو حوالو، انگريزي اخبار ”ڊان“ ۾ ڇپيو سنڌي اخبار جي تبصري هيٺ ڀلي نموني شايع ڪيو ويو، جويو صاحب سنڌ جي ڏاهپ جو پيامبر رهيو جنهن جي ڪردار کي ڪڏهن به فراموش نٿو ڪري سگهجي. محمد ابراهيم جويو سنڌي ادب جو پارس مير نادر علي ابڙو پنهنجي ادبي ۽ علمي گهراڻي هجڻ سبب مون کي ٻالڪپڻ کان ئي سنڌي ادب جي نمايان شخصيتن سان ملڻ جو موقعو ميسر ٿيو. ڇو ته بابا سائين ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي شام واري روزاني ڪچهرين ۾ به گهڻي قدر سندن ادبي دوست ئي گڏ ٿيندا هئا، جتي سنڌ جي سڀني وڏن ليکڪن کي مان بابا سائين جي ڪچهرين ۾ ڏٺو ۽ جڏهن به بابا سائين جي حيدرآباد بدلي ٿيندي هئي ته پاڻ پنهنجي سڀني کان وڌيڪ ويجهي دوست چاچا محمد ابراهيم جويو سان وڌيڪ وقت گذاريندا هئا. مون کي ياد آهي هڪ ڏينهن مان به بابا سائينءَ جن سان گڏ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو ويو هئس، جتي چاچا ابراهيم جويو سان ويهي ڪچهري ڪرڻ لڳا هئا ۽ مون بابا جن کي چئي سنڌي ادبي بورڊ مان ڪيترا ئي ڪتاب وٺي گاڏي جي ڊڪي ڀري ڇڏي هئي. اهڙيءَ ريت چاچا ابراهيم جويو منهنجي ان معصومانه خواهش کي پورو ڪيو ۽ پوءِ پاڻ زندگيءَ ۾ منهنجي پسنديده شخصيت بڻجي ويو. ڪتابن سان منهنجي رغبت ۽ لڳاءُ ڪا نئين ڳالهه ناهي، پر امڙ سانئڻ ٻڌائيندي آهي ته مان ٻالڪپڻ ۾ به جڏهن اڃان اسڪول وڃڻ جهڙو نه هيس تڏهن به اڪثر گهر مان ڪجهه ڪتاب کڻي پراڻي اسڪولي ٿيلهي ۾ وجهي سڄي گهر ۾ گهمائيندو وتندو هيس ۽ منهنجي ان عمل تي سمورا گهر ڀاتي کلندا هئا ته پاڻ کان وڏو ٿيلهو کنيو اٿم. پوءِ عمر سان گڏ اهو چاهه ويتر وڌڻ لڳو ۽ ڪتابن جي ويجهو ٿيندو ويس. منهنجي لاءِ اها هڪ وڏي سرهائي جي ڳالهه آهي ته مون جويي صاحب جهڙي مانائتي شخصيت کي ويجهڙائيءَ کان ڏٺو، سندن لبن تي هميشه سنڌي ادب ۽ زبان جي واڌاري ۽ سنڌي سماج جي خوشحالي جون ڳالهيون رهيون. ڏٺو وڃي ته سنڌي ادب جو هي اڻٿڪ ڪردار، ادب کي ڪيترا ئي اهم ڪتاب ڏئي چڪو آهي. جنهن ۾ ادبي ٻولي ۽ ان جي فلسفيانه پيڙاهي جو وڏو عنصر موجود آهي. سندن حياتي جو احاطو ڪبو ته پوري هڪ صديءَ جو دؤر هن ادبي ميدان لاءِ ڏنو آهي ۽ ساڻن جڏهن به ڪچهري ٿيندي هئي ته هو سنڌ جي مڙنئي مسئلن، خاص ڪري تعليمي، ثقافتي، معاشرتي اوسر ۽ اقتصادي آجپي جي ڳالهه ڪندو هو. سنڌ جي هن سٻاجھڙي ڏاهي، ڪشادي صاف دل، سادي فطرت ۽ درگذر ڪندڙ طبيعت جي مالڪ سائين ابراهيم جويو جو بنيادي تعلق تعلقي ڪوٽڙي ضلعي ڄامشورو جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ’’آباد‘‘ سان هو، جتي هڪ محنت ڪش هاريءَ ميان محمد جويو جي گهر ۾ ۱۳ آگسٽ ۱۹۱۵ع ۾ جنم ٿيو ۽ سندن والد جي ان وقت وفات ٿي جڏهن محمد ابراهيم جويو جن تمام ننڍا هئا. جڏهن ته سندن ڏاڏو محبوب جويو کي ڳوٺ ۾ وڌيڪ پڙهيل لکيل ۽ سمجهدار هجڻ جي ڪري ’’آخوند‘‘ جي نالي سان سڏيو ويندو هو. محترم محمد ابراهيم جويو پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ ئي حاصل ڪئي ۽ بعد ۾ ۱۹۲۷ع ڌاري اينگلو ورٽيڪلر (اي. وي) اسڪول سن ۾ داخلا ورتائون. جنهن بعد اڳيان تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ کين سنڌ مدرسه ڪراچي جي تعليم حاصل ڪرڻي پئي، جتي لوڪل بورڊ طرفان کيس ڏهه رپيا ماهانا وظيفو به جاري ٿيو. ان زماني ۾ اهو وظيفو انهن شاگردن کي ئي ملندو هو، جن جي تعليمي ڪارڪردگي نمايان هوندي هئي ۽ ابراهيم جويو صاحب اڳيان هلي سنڌ مدرسه ۾ اسسٽنٽ ٽيچر جي حيثيت سان ٻن سالن تائين خدمت به سرانجام ڏني، جنهن سان سندس ڪردار سنڌ واسين لاءِ هڪ فڪري استاد ۽ شعوري شخصيت طور پڻ رهيو آهي. ويهين صدي عيسوي جي شروعاتي ڏهاڪن ۾ جڏهن سنڌ انگريزن کان آجپي واري تحريڪ شروع ڪئي، ان زماني ۾ ايم اين راءِ جي فڪري تحريڪ اڀري رهي هئي ۽ ان فڪري ماحول ۾ محمد ابراهيم جويو ان تحريڪ جو فڪري ۽ شعوري طور تي ڳوڙهو اڀياس ڪيو. ان زماني ۾ هن ايم اين راءِ جي مضمونن جو مطالعو پڻ شروع ڪيو. جيڪي ان وقت جي ٽائمز آف انڊيا ۾ شايع ٿيندا هئا. جنهن سان جويو صاحب کي اهو احساس ٿيو ته سنڌ ۾ سائنسي ۽ تعليمي شعور جي جيڪا گهٽتائي آهي تنهن لاءِ جاڳرتا جي انتهائي اشد ضروت آهي ۽ اڳيان هلي جڏهن ننڍي کنڊ جي ورهاڱي جي ڳالهه ٿي ۽ حڪمران طبقي مسلمانن لاءِ هڪ الڳ مسلم رياست جو مطالبو ڪيو ته ان وقت محمد ابراهيم جويو جهڙي دورانديش ۽ قابل ڏاهي اهو محسوس ڪري ورتو ته آئنده لاءِ سنڌ ۾ سماجي، علمي ۽ فڪري طور ڪي مشڪلاتون پيش اچي سگهن ٿيون ۽ ان حوالي سان سنڌ واسين جي جاڳرتا لاءِ پاڻ هڪ ڪتاب پڻ رقم ڪيو. سنڌي ادب ۾ جويي صاحب بين الاقوامي ادب کي متعارف ڪرائڻ لاءِ پرڏيهي ڪتابن کي ترجمو ڪري ڪيترا ئي انيڪ ڪتاب به ڇپرايا، جنهن ذريعي هن پنهنجي ترجمن ۾ فڪري ۽ شعوري طور سنڌ ۾ جديد سائنسي علم جي اوسر، ٻوليءَ جي تحفظ ۽ سماجي سڌارن بابت وسيع ڄاڻ ڏنائون ۽ گڏوگڏ هن سنڌ کي روايتي ذات پرستي، وڏيرائي سوچ ۽ تعليمي کوٽ مان پڻ ڪڍڻ ٿي چاهيو. اهڙيءَ ريت هن هميشه پنهنجي قلم ذريعي ٻولي، تعليم، ادب ۽ سماج جي وڏي خدمت ڪئي ۽ اهو چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته اڄ سنڌ ۾ علمي، ادبي ۽ فڪري طور تي جيڪو پڪو پختو شعور آهي تنهن ۾ نمايان حصو جويو صاحب جو به آهي ۽ سنڌي ادب جي ڪيترن وڏن ليکڪن شيخ اياز، سراج ميمڻ، حسام الدين راشدي، محمد عثمان ڏيپلائي، الهداد ٻوهيو ۽ ٻين ڪيترن وڏن ناليوارين شخصيتن محمد ابراهيم جويو منجهان گهڻو ڪجهه سکيو. محمد ابراهيم جويو سنڌ جو اهو دانشور، مفڪر، معلم ۽ اديب هو، جنهن پنهنجي زندگي جو مقصد سنڌي ادب جي خدمت لاءِ وقف ڪيو ۽ سنڌ جي حساسيت کي محسوس ڪندي هن سنجيده مزاج ۽ گهڻ پاسائين، اتساهيندڙ ڪردار هميشه سنڌ لاءِ هڪ روشن خواب ڏٺو. هڪ شانائتي شرڌانجلي سائين محمد ابراهيم جويي جي شان ۾! حسن منصور سنگرام سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يُورولاجي اينڊ ٽرانسپلانٽيشن (S.I.U.T) جي آغا حسن عابدي آڊيٽوريم ۾ سائين محمد ابراهيم جويي جي ياد ۾ ڇنڇر ۱۸ نومبر ۲۰۱۷ تي هڪ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو، جنھن ۾ مقررن سائين محمد ابراهيم جويي جي علمي ۽ ادبي خدمتن تي کيس ڀرپور ڀيٽا پيش ڪئي. مقررن جو چوڻ هو ته سائين جويي صاحب اُن دور ۾، جڏهن ملڪ ۾ اظھار جي آزاديءَ تي پھرا هوندا هئا، پنھنجن شاگردن منجھه عقلي سوچ ۽ ساڃاههَ جي آبياري ڪئي، هُن نسلن کي اُتساههُ ڏنو ۽ تنقيد ۽ تشريحي تدريس واري اصول کي اپنايو. S.I.U.T جي ڊائريڪٽر، ڊاڪٽر اديب الحسن رضويءَ تعزيتي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي چيو ته، ”ڪي ماڻھو پنھنجي پويان ڌن دولت ڇڏيندا آهن، ڪي وري غير معمولي اِدارا قائم ڪري، پنھنجي وِرثي طور پويان ڇڏيندا آهن، پر جويي جھڙا ماڻھو پنھنجو وِرثو پنھنجن ڪتابن جي صورت ۾ ايندڙ نسلن کي منتقل ڪندا آهن، اُهي ڪتاب مستقبل تي اثر انداز ٿيندا آهن.“ هيءُ ميڙاڪو اُن سلسلي جي هڪ ڪڙي هو، جنھن تحت سموريءَ سنڌ ۾ اُن هستيءَ کي سندس علمي ۽ ادبي خدمتن جي مڃتا طور ڀيٽا پيش ڪئي پئي وڃي، جنھن پنھنجي ۱۰۲ ورهين جي ڄمار دوران اعلى پايي جا عالماڻا ڪتاب لکيا ۽ دنيا جي عظيم ڏاهن، فلسفين ۽ ليکڪن، جھڙوڪ رُوسو، والٽيئر، پائيلو فريري، شيلي ۽ ٽئگور جا ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري، اُن جي تونگريءَ ۾ بيمثال اضافو ڪيو. ڊاڪٽر رضويءَ چيو ته هُن جويي صاحب بابت اُن وقت ٻُڌو جڏهن کيس سندس لکيل هڪ خط مليو هو، جنھن ۾ هُن کيس اڪيڊمي آف ليٽرس پاران سن ۲۰۱۱ ۾ ڏنل ”ڪمالَ فن ايوارڊ“ ۾ مليل رقم، ايوارڊ سُوڌي، S.I.U.T کي عطيو ڏيڻ جي اِڇا ڏيکاري هئي. ”اسان کيس قائل ڪرڻ لاءِ ڏاڍا جتن ڪيا ته جنھن ٻُڍاپڻ واريءَ عمر ۾ پاڻ هئا، تنھن ۾ اُها رقم کين ڏاڍي ڪم اچي ها، ڇو ته سندس آمدنيءَ جو ٻيو ڪو ذريعو به نه هو، پر پاڻ پنھنجي اِرادي ۾ ڏاڍا اَٽل هئا“، S.I.U.T سربراهه چيو. مسٽر جويو S.I.U.T ۾ آيو ۽ هتي اچي ڏاڍو سَرهو ٿيو هو. ”مون نٿي ڄاتو ته عظيم ليکڪ اهڙين پَوِتُر، اهڙين اَڇيَنِ اُجرين دلين جا مالڪ به هوندا آهن. اُهي جيڪي ڪجھه ڏسن وائسن ٿا، ۽ مُشاهدو ڪن ٿا، تنھن کي پنھنجي وجود جو حصو بڻائي ڇڏين ٿا“، هُن [ڊاڪٽر رضويءَ] چيو. اُستاد ۽ ڪالم نويس توصيف احمد خان ميڙاڪي کي خطاب ڪندي چيو مسٽر جويي پنھنجيءَ ڄمار جا ۱۰۲ ورهيه پنھنجن شاگردن جا ذهن بدلائڻ ۾ گُذاريا. ”بحيثيت اُستاد، سندس قد ڪاٺ رِيس ڪرڻ جوڳو هو. جنھن دور ۾ ڪلاس روم جي بحث مباحثن تي ڪَرڙي نظر رکي ويندي هئي، هِن ماڻھوءَ ڪلاسن اندر پنھنجي علمي ۽ ادبي قابليت جو استعمال بيباڪيءَ سان ڪيو، هُو پنھنجي ڳالھه چوڻ کان ڪڏهن به نه ڪيٻائيندو هو.“ هُن وڌيڪ چيو ته مسٽر جويو ڪلاس رُومس کان هَٽِي ڪري به سنڌ جي مسئلن تي بحث ڪندو هو ۽ هُن ڪڏهن به پنھنجو پاڻ کي ڪتابن جي نصاب تائين محدود نه رکيو، جيئن اُن وقت جا اڪثر استاد ڪندا هئا. هينئر به گھڻا تڻا استاد ائين ئي ڪري رهيا آهن [يعني اُهي پنھنجو پاڻ کي فقط ڪتابن جي نصاب تائين ئي محدود رکن ٿا]. ”جڏهن مستقبل ۾ رُونما ٿيندڙ واقعا نِروار ٿيا، ته سندس تجزياتي دُورانديشيءَ کيس درست ثابت ڪيو ۽ ملڪ تي ڏُور رس اثر ڇڏيا.“ صحافي، غازي صلاح الدين چيو ته جڏهن پاڪستان وجود ۾ آيو، جويو صاحب اُن وقت ۳۲ ورهين جو هو. هُن پاڪستان جي قيام وارا ڏينھن پنھنجي اکين سان ڏٺا هئا ۽ سندس ڏاهپ ڀريءَ قابليت جا تجلا تن ڏينھن ۾ لکيل سندس ڪتاب، ’سنڌ بچايو، وڏو کنڊ بچايو-جاگيردارن، سرمائيدارن ۽ سندن حوارين کان‘، ۾ نِروار ٿيا هئا. ”هُو ايڏو ته هر دل عزيز هو جو ذوالفقار علي ڀٽو پنھنجي جوانيءَ وارن ڏينھن ۾ ساڻس ملڻ جون سَڌُون ڪندو هو ۽ جڏهن ڀٽو صاحب ساڻس مليو، ته اُمالڪ سندس مُک مان نڪري ويو: ”اڇا، ته هيءُ آهي مسٽر جويو!“ هُن وڌيڪ ڳالھائيندي چيو ته مسٽر جويو ٽِن نسلن تائين ماڻھن لاءِ هڪ آدرشي انسان رهيو آهي ۽ پنھنجو انعام S.I.U.T کي ڏيڻ، جيڪو ڪراچيءَ جو هڪ اِدارو آهي، واضح طور تي سندس اِن سوچ کي ظاهر ڪري ٿو ته ڪراچيءَ جو سنڌ سان ڪيڏو نه اَساسي تعلق آهي. ”اُها سنڌ جي لازمي جُز آهي“، هُن چيو. ”اهڙي دور ۾، جڏهن غير تعصبي liberal، سنساري secular، ۽ انسان دوست قدُر پوين پساهن ۾ آهن، مسٽر جويي پنھنجي سموري زندگي سنسار-واديsecular ۽ ترقي پسند نظرين جي پرچار ۾ وقف ڪري ڇڏي ۽ هُو اُنھن قدُرن تي پنھنجي آخري پساهه تائين اَٽل بيٺو رهيو. مسٽر شفيق احمد پراچا ميڙاڪي ۾ ڳالھائيندي چيو ته مسٽر جويو هڪ اهڙو مالھي هو، جيڪو پنھنجي گُلشن جي هر هڪ گُل سان بي انت پيار ڪندو هو ۽ هُن اُنھن جي نھايت پريم سان سار لڌي. ليکڪ مظھر جميل گھُر ڪئي ته ڪنھن يونيورسٽيءَ ۾ مسٽر جويي جي نانءُ تي ترجمي ۽ تحقيق جي چيئر قائم ڪئي وڃي. تعليم دان ڊاڪٽر فھميدا حسين چيو ته هُن هڪ اُستاد ۽ سماج سُڌارڪ جي حيثيت ۾ ڪيترن ئي نسلن کي اُتساههُ ڏنو. سنڌ يونيورسٽيءَ جي اڳوڻي وائيس چانسلر، مظھرالحق صديقيءَ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي بيتُ پاڇا هِي نه پاڙيان، سَرتيُون! سُئيءَ ساڻُ، ڍَڪي اُگھاڙي کي، ڪين ڍَڪيائين پاڻُ، ٻِيھر ڄاپِي ڄاڻُ، ابر جي اوصاف کي. جو حوالو ڏيئي چيائين ته جويو صاحب جو سموُرو جيوّنُ سُئيءَ مثل هو، جيڪا ٻين جي اوگھڙ ڍَڪڻ لاءِ ڪپڙا سِبي ٿي، پر پاڻ سدائين اُگھاڙي رهي ٿي. ڊاڪٽر مُرليڌر اُن ميڙاڪي جي ڪارروائي هلائي. [نوٽ: هن مضمون ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي مرحوم جو لفظ استعمال ڪيو ويو آهي، پر آءٌ سائين جويي صاحب لاءِ اُهو استعمال ڪرڻ جي همٿ ٻَڌي نه سگھيو آهيان، تنھن لاءِ معافيءَ جو طلبگار آهيان- سنڌيڪار] (روزاني ”ڊان“ ڪراچي، ۱۹ نومبر ۲۰۱۷، جي ٿورن سان) کنيل ڏيھاڙي عبرت بتاريخ ۲۳ نومبر ۲۰۱۷ع تان ٿورن سان) محمد ابراهيم جويو هڪ صديءَ جي روشني سارنگ جويو سنڌ اڀياس اڪيڊمي ۽ سراج انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز پاران ڪالھه بتاريخ ۱۵ نومبر ۲۰۱۷ جي شام جو ۴ وڳي کان ۷ وڳي تائين جديد سنڌ جي اڏڻھار سائين ابراھيم جويي جي ياد ۾ “A Legend never Dies” جي عنوان تي زيبسٽ جي ۹۰ آڊيٽوريم ۾ ھڪ شاندار تقريب ٿي گُذري. ھن پروگرام جي شروعات سنڌ اڀياس اڪيڊميءَ پاران پڙھائي ويندڙ ڪورس سنڌ اسٽڊيز جي شاگردن ۽ سنڌ اڀياس اڪيڊميءَ جي ريسرچ ايسوسيئيٽ سارنگ جويي شاھ لطيف جي بيت “اول الله عليم، اعلي عالمٰ جو ڌڻي” سان ڳائي ڪئي، جيڪا ڌُن سنڌ اسٽڊيز جي شاگردن ۽ سنڌ اڀياس اڪيڊميءَ جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر غزالا رحمان جي ٺاھيل آھي. ان کان پوءِ ھن پروگرام جي ماڊريٽر ڊاڪٽر غزالا رحمان سنڌ اڀياس اڪيڊمي ۽ سراج انسٽيٽيوٽ پاران سڀني آيل مھمانن کي آجياڻو ڏنو، جنھن کان پوءِ سنڌ اڀياس اڪيڊمي سنڌ اسٽڊيز جي شاگردياڻي خوشبخت ميمڻ سائين ابراھيم جويي جي زندگيءَ تي مختصر روشني وجھندي چيو ته، “ جويو صاحب سان مُنھنجي ڪڏھن به مُلاقات نه ٿيل ھُئي پر ان بابت اسان سنڌ اسٽڊيز جي ڪورس ۾ پڙھيو آھي، ھو ھڪ وڏي علمي شخصيت ھُئا، جن جا ڪيترا ئي ڪتاب لکيل آھن ان کان پوءِ سنڌ اڀياس جي ھڪ ٻئي شاگرد شھروز جمالي ڳالھائيندي چيو ته، “ سائين جن سنڌ جي ايڏي وڏي شخصيت آھي، جو ان تي ڳالھڻ جي آئون جسارت به نه ٿو ڪري سگھان، بس ايترو ئي چئي سگھان ٿو ته سائين جتي به رھيا ۽ جيڪي به ادارا ٺاھيا، اُتي ايمانداريءَ سان ڪم ڪيو، ۽ اسان کي به ايمانداريءَ سان ئي ڪم ڪرڻ گھرجي جنھن کان پوءِ نعيم چانڊيي ڳالھائيندي چيو ته، “سائين ابراھيم جويي جو تعارف مون وٽ سندن ناياب ترجمن جي ڪري آھي، شيلي، ٽئگور، شيڪسپيئر، پائلو فريري جا ترجما جيڪي جويي صاحب ڪيا آھن، اھي ناياب آھن، ان کان پوءِ سائين ابراھيم جويي جي پوٽيءَ بُشريٰ جويو ڳالھائيندي چيو ته، “ مُنھنجو نه رڳو ڏاڏا سائين ابراھيم جويي سان لاڳاپو آھي، پر آئون شيخ اياز جي به ڏُھٽي آھيان، ان لاءِ مون تي پريشر ھوندو ھو ته تون ھيڏين وڏين شخصيتن جي اولاد آھين توھان ڇا ڪيو آھي، منھنجو ڏاڏا بابا سان ڏاڍو ڪلوز رشتو ھو، جيڪو شايد ڪنھن سان به نه ھو، اسان سان گھڻو پيار ڪندو ھو، آئون کانئن سوشل ازم ۽ سنڌي آئڊيالاجي جي باري ۾ پُڇندي ھُيس، پر جنھن طريقي سان ھو اسان کي سمجھائيندا ھُئا اھو نھايت سولو ھوندو ھو. ھڪ اھم ڳالھ ڏاڏا بابا جي اھا ھُئي ته پاڻ سادي زندگي گُذاريندا ھُئا، اسان کي به زندگي سادگي ءَ سان گُذارڻ گھرجي ۽ ڪتابن سان پيار ڪرڻ گھرجي، ڏاڏا بابا ته پنھنجي لائبريري به ڊونيٽ ڪري ڇڏي ته جيئن سنڌ جا نوجوان ذھن اھي ڪتاب پڙھن.” ان کان پوءِ سنڌ جي ناليواري ليکڪ تاج جويي ڳالھائيندي چيو ته، سائين ابراھيم جويي جو سنڌ تي وڏو ڪم ته ترقي پسند ادب جي آبياري ڪرڻ ۽ ان کي ھٿي وٺرائڻ ھو، پر ان کان به اھم ڪم جويي صاحب جو اھو ڊاڪيومينٽ آھي، جيڪو سائين ۱۹۴۷ ۾ “سيو سنڌ سيو دي ڪانٽينينٽ” جي نالي سان لکيو، جنھن ۾ سائين جيڪا اڳڪٿي ڪئي ته اسان پاڪستان ۾ شامل ته ٿيون ٿا، پر اسان ٻئي درجي جي شھري جي حيثيت وارو رويپ رکيو ويندو، جنھن سان اسان جي ٻوليءَ، ثقافت ۽ قومي شناخت کي خطرو ٿيندو، اھي ڳالھيون اڄ به سئو آنا سچ آھن. “ جنھن کان پوءِ سحر گل ڀٽيءَ ڳالھائيندي چيو ته، “سائين جويو صاحب سنڌ جو شعور ساز ھو، جنھن پنھنجين لکڻين ۽ ترجمن ذريعي سنڌ ۾ ترقي پسند لاڙن کي متعارف ڪرايو، سائين جو ھڪ ڪتاب “سيڪيولرازم ۽ عقليت پسندي” دراصل ٻن اسڪول آف ٿاٽس جي وچ ۾ ڊبيٽ آھي، جنھن ذريعي سائين عقليت پسنديءَ کي ھٿي وٺرائي آھي. ان کان علاوه سائين سنڌ اندر جديديت لاڙن کي متعارف ڪرايو. “ ان کان پوءِ ڊائريڪٽر سنڌ اڀياس اڪيڊمي ڊاڪٽر غزالا رحمان رفيق سائين ابراھيم جويي جو سنڌ اڀياس اڪيڊميءَ سان تعلق تي ڳالھائيندي چيو ته، “سائين ابراھيم جويي جي آئون ٿورائتي آھيان جو انھن جي شفقت جو ھٿ ھميشه مون مٿان ۽ اسان جي اداري سنڌ اڀياس مٿان رھندو آيو، ھو مونکي پيار مان بابلي به چوندو ھو، منھنجو ساڻن تعلق ڏاڏا عبدالرحمان، چاچا لُطف رحمان ۽ بابا حسن علي عبدالرحمان جي ڪري به رھيو، مون کي سائينءَ ئي ٻُڌايو ته بابلي تنھنجو ڏاڏو سنڌ مدرسته الاسلام ۾ اسٽڊي سرڪل ھلائيندو ھو، جن جا موضوع ان وقت شيڪسپيئرس جا ڊراما، شيلي، گوئٽي، ۽ ٻيا ھوندا ھُئا ان کان علاوه ون يونٽ جي دور ۾ جڏھن اوھان جو والد سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر ھو، تڏھن ھو حيدرآباد ۾ مٺارام ھاسٽل ۾ اسٽڊي سرڪل ھلائيندو ھو، جنھن کان پوءِ سارنگ جويي ڳالھائيندي چيو ته، “جان جان ھُئي جيئري ورچي نه ويٺي، وڃي ڀونءِ پيٺي ساريندين کي سڄڻين. سائين ابراھيم جويو جديد ۽ ترقي پسند سنڌ جو اڏيندڙ ھو. ابراهيم جويو سنڌي ادب جو پارس مير نادر علي ابڙو پنهنجي ادبي ۽ علمي گهراڻي هجڻ سبب مون کي ٻالڪپڻ کان ئي سنڌي ادب جي نمايان شخصيتن سان ملڻ جو موقعو ميسر ٿيو. ڇو ته بابا سائين ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي شام واري روزاني ڪچهرين ۾ به گهڻي قدر سندن ادبي دوست ئي گڏ ٿيندا هئا، جتي سنڌ جي سڀني وڏن ليکڪن کي مان بابا سائين جي ڪچهرين ۾ ڏٺو ۽ جڏهن به بابا سائين جي حيدرآباد بدلي ٿيندي هئي ته پاڻ پنهنجي سڀني کان وڌيڪ ويجهي دوست چاچا محمد ابراهيم جويو سان وڌيڪ وقت گذاريندا هئا. مون کي ياد آهي هڪ ڏينهن مان به بابا سائين جن سان گڏ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو ويو هئس، جتي چاچا ابراهيم جويو سان ويهي ڪچهري ڪرڻ لڳا هئا ۽ مون بابا جن کي چئي سنڌي ادبي بورڊ مان ڪيترائي ڪتاب وٺي گاڏي جي ڊڪي ڀري ڇڏي هئي. اهڙي ريت چاچا ابراهيم جويو منهنجي ان معصومانه خواهش کي پورو ڪيو ۽ پوءِ پاڻ زندگي ۾ منهنجي پسنديده شخصيت بڻجي ويو. ڪتابن سان منهنجي رغبت ۽ لڳاءُ ڪا نئين ڳالهه ناهي، پر امڙ سانئڻ ٻڌائيندي آهي ته مان ٻالڪپڻ ۾ به جڏهن اڃان مان اسڪول وڃڻ جهڙو نه هيس تڏهن به اڪثر گهر مان ڪجهه ڪتاب کڻي پراڻي اسڪولي ٿيلهي ۾ وجهي سڄي گهر ۾ گهمائيندو وتندو هيس ۽ منهنجي ان عمل تي سمورا گهر ڀاتي کلندا هئا ته پاڻ کان وڏو ٿيلهو کنيو اٿم. پوءِ عمر سان گڏ اهو چاهه ويتر وڌڻ لڳو ۽ ڪتابن جي ويجهو ٿيندو ويس. منهنجا لاءِ اها هڪ وڏي سرهائي جي ڳالهه آهي ته مون جويي صاحب جهڙي مانائتي شخصيت کي ويجهڙائيءَ کان ڏٺو، سندن لبن تي هميشه سنڌي ادب ۽ زبان جي واڌاري ۽ سنڌي سماج جي خوشحالي جون ڳالهيون رهيون آهن، ڏٺو وڃي ته سنڌي ادب جو هي اڻ ٿڪ ڪردار، ادب کي ڪيترائي اهم ڪتاب ڏئي چڪو آهي. جنهن ۾ ادبي ٻولي ۽ ان جي فلسفيانه پيڙاهي جو وڏو عنصر موجود آهي. سندن حياتي جو احاطو ڪبو ته پوري هڪ صديءَ جو دؤر هن ادبي ميدان لاءِ ڏنو آهي ۽ ساڻن جڏهن به ڪچهري ٿيندي آهي ته هو سنڌ جي مڙنئي مسئلن، خاص ڪري تعليمي، ثقافتي، معاشرتي اوسر ۽ اقتصادي آجپي جي ڳالهه ڪندو آهي. سنڌ جي هن سٻاجھڙي ڏاهي، ڪشادي صاف دل، سادي فطرت ۽ درگذر ڪندڙ طبيعت جي مالڪ سائين ابراهيم جويو جو بنيادي تعلق تعلقي ڪوٽڙي ضلعي ڄامشورو جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ “آباد” سان آهي، جتي هڪ محنت ڪش هاريءَ ميان محمد جويو جي گهر ۾ ۱۳ آگسٽ ۱۹۱۵ع ۾ جنم ٿيو ۽ سندن والد جي ان وقت وفات ٿي جڏهن محمد ابراهيم جويو جن تمام ننڍا هئا. جڏهن ته سندن ڏاڏو محبوب جويو کي ڳوٺ ۾ وڌيڪ پڙهيل لکيل ۽ سمجهدار هجڻ جي ڪري “آخوند” جي نالي سان سڏيو ويندو هيو. محترم محمد ابراهيم جويو پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ ئي حاصل ڪئي ۽ بعد ۾ ۱۹۲۷ع ڌاري اينگلو ورٽيڪلر (اي. وي) اسڪول سن ۾ داخلا ورتائون. جنهن بعد اڳيان تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ کين سنڌ مدرسه ڪراچي جي تعليم حاصل ڪرڻي پئي، جتي لوڪل بورڊ طرفان کيس ڏهه رپيا ماهانا وظيفو به جاري ٿيو،ان زماني ۾ اهو وظيفو انهن شاگردن کي ئي ملندو هو جن جي تعليمي ڪارڪردگي نمايان هوندي هئي ۽ ابراهيم جويو صاحب اڳيان هلي سنڌ مدرسه ۾ اسسٽنٽ ٽيچر جي حيثيت سان ٻن سالن تائين خدمت به سرانجام ڏني، جنهن سان سندس ڪردار سنڌ واسين لاءِ هڪ فڪري استاد ۽ شعوري شخصيت طور پڻ رهيو آهي. ويهين صدي عيسوي جي شروعاتي ڏهاڪن ۾ جڏهن سنڌ انگريزن کان آجپي واري تحريڪ شروع ڪئي ويئي، ان زماني ۾ ايم. اين. راءِ جي فڪري تحريڪ اڀري رهي هئي ۽ ان فڪري ماحول ۾ محمد ابراهيم جويو ان تحريڪ جو فڪري ۽ شعوري طور تي ڳوڙهو اڀياس ڪيو. ان زماني ۾ هن ايم. اين. راءِ جي مضمونن جو مطالعو پڻ شروع ڪيو. جيڪي ان وقت جي ٽائميز آف انڊيا ۾ شايع ٿيندا هئا. جنهن سان جويو صاحب کي اهو احساس ٿيو ته سنڌ ۾ سائنسي ۽ تعليمي شعور جي جيڪا گهٽتائي آهي تنهن لاءِ جاڳرتا جي انتهائي اشد ضروت آهي ۽ اڳيان هلي جڏهن ننڍي کنڊ جي ورهاڱي جي ڳالهه ٿي ۽ حڪمرانن طبقي مسلمانن لاءِ هڪ الڳ مسلم رياست جو مطالبو ڪيو ته ان وقت محمد ابراهيم جويو جهڙي دور انديش ۽ قابل ڏاهي اهو محسوس ڪري ورتو ته آئنده لاءِ سنڌ ۾ سماجي، علمي ۽ فڪري طور ڪي مشڪلاتون پيش اچي سگهن ٿيون ۽ ان حوالي سان سنڌ واسين جي جاڳرتا لاءِ پاڻ هڪ ڪتاب پڻ رقم ڪيو. سنڌي ادب ۾ جويي صاحب بين الاقوامي ادب کي متعارف ڪرائڻ لاءِ پرڏيهي ڪتابن کي ترجمو ڪري ڪيترائي انيڪ ڪتاب به ڇپرايا، جنهن ذريعي هن پنهنجي ترجمن ۾ فڪري ۽ شعوري طور سنڌ ۾ جديد سائنسي علم جي اوسر، ٻوليءَ جي تحفظ ۽ سماجي سڌارن بابت وسيع ڄاڻ ڏنائون ۽ گڏوگڏ هن سنڌ کي روايتي ذات پرستي، وڏيرائي سوچ ۽ تعليمي کوٽ مان پڻ ڪڍڻ ٿي چاهيو، اهڙي ريت هن هميشه پنهنجي قلم ذريعي ٻولي، تعليم، ادب ۽ سماج جي وڏي خدمت ڪئي ۽ اهو چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته اڄ سنڌ ۾ علمي، ادبي ۽ فڪري طور تي جيڪو پڪو پختو شعور آهي تنهن ۾ نمايان حصو جويو صاحب به آهي ۽ سنڌي ادب جي ڪيترن وڏن ليکڪن شيخ اياز، سراج ميمڻ، حسام الدين راشدي، محمد عثمان ڏيپلائي، الهداد ٻوهيو ۽ ٻين ڪيترن وڏن ناليواري شخصيتن محمد ابراهيم جويو منجهان گهڻو ڪجهه سکيو آهي. محمد ابراهيم جويو سنڌ جو اهو دانشور، مفڪر، معلم ۽ اديب آهي جنهن پنهنجي زندگي جو مقصد سنڌي ادب جي خدمت لاءِ وقف ڪري چڪو آهي ۽ سنڌ جي حساسيت کي محسوس ڪندي هو سنجيده مزاج ۽ گهڻ پاسائو اتساهيندڙ ڏيندڙ ڪردار هميشه سنڌ لاءِ هڪ روشن خواب به ڏسندو رهيو آهي. محمد ابراهيم جويو سندس وڇوڙي تي دودو ديشي سنڌ جي هڪ صدي جو آواز هميشه لاءِ بند ٿي ويو پر ان سڏ پراڏو صدين تائين قائم رهڻو آهي هڪ سنڌ دوست عالم اديب اسان کان هميشه لاءِ طبقاتي طور هميشه لاءِ وڇڙي آهي پر ان جون محبتن جا سبق هميشه اسان کي ياد رهندا سنڌ جو هڪ عظيم محقق اديب ليکڪ محمد ابراهيم جويو اسان کان موڪلائي چڪو آهي جنهن کي ديس جي مٽي پنهنجي دل ۾ گهرائي ورتو پر هن جو پيغام ڪڏهن به ختم ٿيڻو نه آهي هن ڪتاب هميشه اسان سان گڏ رهندا جنهن ۾ اسان نه صرف هن نظرياتي تصوير ڏسي سگهون ٿا پر ٻڌايل واٽ تي هلندي پنهنجي سنڌ کي به سنواري ۽ سنگاري سگهون ٿا. محمد ابراهيم جو سائين جي ايم سيد سان گڏجي سنڌ جو ڪيس وڙهيو ۽ بي ڊپو ٿي سنڌ لاءِ لکندو رهيو ۽ سائين جي ايم سيد جي پروگرامن ۾ بي باڪي شرڪت سان گڏ ڳالهائيندو رهيو محمد ابراهيم جويو سان منهنجي پهرئين ملاقات ڀائو قمر ڀٽي جي ڪتاب سائين جي ايم سيد جي ساسي ذاتي زندگي بابت لکيل ڪتاب جي مهورت حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ٿي جنهن ۾ هن جو آواز گفتگو سمجهاڻي ڳالهائڻ ايڏو ته ڀرجست هو جو مان سندس جو تفصيلي ڳالهه مان مطميئن ٿيس ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ ٻيا به گهڻا اديب ليکڪ ۽ محقق شاعر ۽ سگهڙ موجود آهن پر محمد ابراهيم جويو هڪ سچو انسان ۽ سنڌ دوست قومپرست ۽ سائين جي ايم سيد جو وفادار ساٿي نظر آيو ڇاڪاڻ ته جڏهن به سن شهر ۾ رهبر سائين جي ايم سيد جي سالگراهه تي وڃڻ ٿيندو هو ته سيد جي مزار مونکي اديب محمد ابراهيم جويو نظر ايندو هو اهو ڏسي مونکي ڏاڍي خوشي ٿيندي هئي. ته هيڏو جهونو اديب محمد ابراهيم جويو سائين جي مزار تي اچي ڪري اهيو پنهنجي سچائي ۽ سنڌ پرستي ۽ قومپرستي جو ثبوت ڏيندو هو.محمد ابراهيم جويو هڪ صدي جي آدريش حياتي کي هن ايڏو ته متحرڪ ۽ ڪارائتو ۽ بامقيد بڻايو جنهن جو مثال سنڌ جي تاريخ ۾ ملڻ محامل آهي جويو صاحب پنهنجي عملي زندگي جي شروعات هڪ استاد جي حيثيت سان ڪئي پر پاڻ سدائي ان حيثيت کي برقرار رکندو آيو. ڪٿي شاگردن کي تعليم ڏياريندي ڪٿي سياسي ڪارڪنن کي سکيا ڏيندي ۽ وري ڪٿي سياسي اڳواڻن جي تربيت ۽ رهنمائي ڪندي نظر آيو. محمد ابراهيم جويو هڪ ئي وقت بهترين نقاد ۽ دانشور هو ته ۽ سچو ڪارڪن هو ۽ هو هميشه ڪارڪنن جيان ڪم ڪندو رهيو پر سندس سوچ فڪر ڏاهپ کيس ماڻهن جي دلين ۾ هڪ اڳواڻ واري حيثيت ڏياري پنهنجي ارادن تي اٽل رهڻ وارو هي کاوڙي انسان هر دور ۾ سنڌيت جو نعرو بلند ڪندو رهيو. استاد بخاري، ابراهيم منشي، شيخ اياز سان تمام گهڻي ويجهڻائپ ۽ دوستي جو سبب سنڌ هيو. سائين جي ايم سيد ۽ سنڌي ماڻهن کي آزادي ڏيارڻ ۽ حق ڏيارڻ واري جدوجهد ۾ اهم ڪردار رهيو قومپرست نظريي جي پرچار ۽ پنهنجا ڪيترائي هم خيالي دوست پيدا ڪيا سائين جي ايم سيد جا ڪتاب شايع ڪرائڻ لاءِ پاڻ پروفرينڊنگ کان آخري مرحلن تائين گڏ رهيو ساڳئي ريت هن وڏي شاعر شيخ اياز جي ڪتاب جا مهاڳ پڻ لکيا. سائين محمد ابراهيم جويو سان منهنجي آخري ملاقات ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي ڪتاب جي مهورت ڪلهوڙا ڪالوني ۾ سنڌ هاري ڪاميٽي جي پروگرام ۾ ٿي جتي پڻ مونکي ڀرجستو انسان ۽ قومپرست وارو خيال نظر آيو محمد ابراهيم جويو پنهنجي جدوجهد کي مات نه ڏني. ۽ هو اڳتي وڌندو رهيو ۽ سنڌي ادبي بورڊ وسيلي ڏاهپ سڃانهه جا سبق ورجايا جيڪي هئينر همت حاصل ڪن ۽ سجاڳ ٿي پنهنجي سنڌ جي وارثي کي سبڀالي سگهن ٿا. محمد ابراهيم جويو پنهنجي ڪوک مان اهڙا هزارين انسان پيدا ڪيا آهن جن هر ڏوکي ويل ڌرتي ۽ ڌرتي ڌڻين جي حفاظت ۽ پنهنجي تن من جي قرباني ڏئي ڪري سنڌ واسين جو مان مٿاهون ڪيو آهي. اهي آهن قومپرست ۽ سنڌ دوست جيڪي پنهنجي وس ۽ وتهار جدوجهد ڪندا پيا اچن. محمد ابراهيم جويو جو خال ڀرجڻ لاءِ شايد صديون انتظار ڪرڻو پوندو ۽ هن صدي جو آواز الوداع چئي ڌرتي ماءُ جي هنج ۾ هميشه لاءِ آرامي ٿي ويو مان ۽ سهاري سنڌ ۾ جويو صاحب جو دنيا ڇڏڻ کانپوءِ ان جو نالو صدين تائين ياد رهندو. استاد بخاري جي شاعري وانگر “جو عام اجاري جئيندو رهندو جو قوم اجاري جئيندو رهندو،مونکي تاريخ ۽ تقدير ڏني پڪ آ، جو سنڌ سنواري اهو جيئندو رهندو جيئندو رهندو”. محمد ابراھيم جويو سنڌ لاءِ سندر سپنا ڏسندڙ هستي مهتاب اڪبر راشدي ڪيڏي نه خوش نصيبي اٿم، جو اڄ اُن ٻاجهاري روح جي سامهون بيٺي آهيان، جيڪو پنهنجي زندگيءَ جو سفر، شانت من ۽ ايڪانت سان طئي ڪندو، هڪ صديءَ جي چانئٺ تي پير پائي رهيو آهي. سونهاري سنڌ جو هي پڪو عاشق عشق جا هڙئي مرحلا ايئن ٽپي ۽ اهڙي نموني ئي نڀائي آيو آهي، جيئن عشق جي ڪتاب ۾ لکيل هوندا آهن. جنهن جو پهريون اصول ئي هوندو آهي، پاڻ ارپڻ، خود سپردگي بس، پنهنجي محبوب کي ڏسندو وڃ، هو جيڪو چوي اُهو ڪندو وڃ، موٽ ۾ اُن کان ڪجهه گهر نه، ڇو ته ان محبوب وٽ اڳ ۾ ئي ڏيڻ لاءِ ايترو ڪجهه آهي، جو جهولن جا جهول ڀري به ميڙيندا وڃون ته سندس ڏنل خزانا کٽڻ جا ناهن. محمد ابراهيم جوئي جو اهو محبوب آهي، امڙ وانگر مٺڙي، سٻاجهي، ٻاجهاري” سنڌ“ ۽ هيءُ اُن جو ٻڌو ٻانهو. اسان مان جنهن به جوئي صاحب کي ويجهي کان ڏٺو، هنن جي تحريرن کي پڙهيو آهي ته اهو يقينن ان نتيجي تي پهتو هوندو ته، هن جي سوچ جو محُرڪ ۽ مرڪز هن جو وطن ۽ اُن جا ماڻهو رهيا آهن اها ڳالهه مان ڏاڍي پختي يقين سان چوان ٿي ته نوانوي سالن ۾ گهاريل، سندس زندگيءَ جي هر گهڙي، سندس وات مان نڪتل هر گفتو ۽ قلم مان سرجيل ڏاهپ ۽ سوچ جا هڙئي نقطا، هنجي ديس ۽ ديس واسين لاءِ ئي چيل لکيل آهن. پنهنجي محبتن ۾ ته ماڻهون خود غرض ٿي ويندا آهن پر هو جيڪو انتها درجي جو وطن دوست آهي هن جو ته عشق ئي عجيب آهي. هٿ وٺي سڀني کي پنهنجي اکين سان اُن محبوب ڌرتيءَ جي حسنا ڪي ٿو ڏيکارڻ چاهي. جيڪا سندن اکين ۾ صديءَ کان سمايل آهي. ڌرتي سان سندس محبت جي فلسفي۾، سندس اهو پختو يقين آهي ته وطن جي محبت ماڻن لاءِ، توهان پاڻ به اهڙائي ٿي وڃو. جهڙو توهان پنهنجي ڌرتيءَ کي ڏسو ٿا ڌرتي جا نقش ونگار اُن جون روايتون ۽ اُن جو اخلاق. محمد ابراهيم جوئي، جنهن سنڌ کي سچائي ان جي روايتن ۾ انسانيت کي زنده ڏٺو آهي. اهڙي انسانيت، جنهن جو مقصد ئي اهو هجي ته ڪنهن کي ڪو هاڃو نه رسي ڪنهن کي ڪو نقصان نه پهچي. اها ئي ته سنڌ جي روايت آهي ۽ جڏهين سراج الحق ميمڻ، سائين ابراهيم جوئي جو ويجهو دوست اسان کي اهو ٻڌائي ته، محمد ابراهيم جوئي جو عقيدو آهي ته سنڌ پنهنجي حيثيت ۾ مڪمل ترين وطن آهي، ملڪ آهي، جنهن ۾ هر اُها شئي آهي. جيڪا هڪ ملڪ، هڪ وطن ۾ هئڻ گهرجي. هن وٽ هڪ سمنڊ آهي، هڪ درياھ آهي. هن وٽ ڪارونجهر ۽ هالار جهڙا جبل آهن. هن وٽ ٿر جهڙو ريگستان آهي، ماٿريون آهن، ڇپر ۽ ڇانورا آهن. هن جا صبح حسين ۽ شامون سحر انگيز آهن ته انهن سڀني شين کي اُڏو رکندي سنڌ جي هيءَ شخصيت، سنڌ واسين کان ”همه گيريت“ کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه ٿي سگهي.“ اڄ سنڌ جي سٻاجهڙي سپوت، نئين سنڌ جي معمار نوانوي سالن جي جوان همت شخص جي سنڌ واسين مٿان ڪيل ٿورن لاهڻ جو موقعو آيو آهي. سنڌ واسين به پاڻ ملهايو آهي. هن جي شان ۽ مان مطابق کيس ڀيٽا ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سنڌي اخبارن سهڻي نموني پنهنجي فرض ادائگي ڪئي آهي. سئو سالا جشن جي رٿ جوڙيندڙ ڪميٽيءَ پوري طرح فعال آهي. اڄ ان سلسلي جي هيءَ پهرين ڪڙي آهي ۽ هي سنڌ ڄائو، هن صديءَ جو هي مهان ڏاهو اسان جي وچ ۾ ويٺو آهي، دل ۾ هو به مطمئن هوندو ته دل جي جنهن ويساھ سان هن. سنڌ ۽ سنڌ واسين جي روايتن تي يقين ڪيو، اُهي سڀ سچيون آهن. سنڌ واسي محبت ڪري به ڄاڻن ۽ اوتري ئي محبت مورُ سوڌي موٽائي به ڄاڻن، اڄوڪي هن تقريب ۾۽ اڳتي رٿيل مختلف رهاڻين ۾ محمد ابراهيم جوئي جي هڪ صديءَ جي پورهئي تي ڪيترائي مقالا لکيا ويندا. هن جي ڪيل ڪمن جي اپٽار ٿيندي، سندس تحريرن تي تجزيا ۽ تبصرا ٿيندا. اهو هڪ نه کٽندڙ سلسلو ٿيندو، جيڪو اسان جي اُسرندڙ نسل کي هن جي سوچ جي همه گيريت، سنڌ جي ترقيءَ لاءِ سندس اکين ۾ سرجيل سپنن ۽ سندس قلم مان نڪتل مقصد جي حصول لاءِ جدوجهد جي رهبريءَ کان آگاهه ڪندو رهندو، پر مان سندس زندگي جي انهن گوشن ۾ جهاتي پائڻ ٿي چاهيان، جيڪي اڄ به سندس يادگيرين ۾ چٽا آهن، اُهي هنڌ جن هن کي ڪائنات جي آفاقيت کان روشناس ڪرايو، اُهي سيبتيون مايون، جن رت جي مختلف رشتن ۾ ٻڌجي کيس انهن لاڳاپن جي عزت ۽ محبت ڪرڻ سيکاري ۽ اُهو اُستاد، جنهن آڱر پڪڙي کيس سندس ننڍري ڳوٺ آباد جي پرسڪون دنيا مان ڪڍي، هڪ پرهجوم ۽ مسئلن سان ٽمٽار دنيا ۾ همت ۽ اعتماد سان پنهنجي سڃاڻ ۽ مقام حاصل ڪرڻ لاءِ تيار ڪري روانو ڪيو. عورت هئڻ جي ناطي، ان ڳالهه ۾ پڪو ويساھ اٿم ته هر ماڻهوءَ جي شخصيت تي انهن عورتن جو ضرور ڪونه ڪو اثر پوي ٿو، جن سان هنن پنهنجو ٻاروتڻ گذاريو هجي. جوئي صاحب جي ساروڻين ۾ به، پنهنجي اُن ڏاڏيءَ جي ياد، ڏيئي جي روشنيءَ مثل جرڪي ٿي، جنهن ۾ پرڀات مهل مصلي تي نماز پڙهڻ کان پوءِ مداحون کيس مٺڙي ننڊ مان جاڳائينديون هيون، هو ستي ستي، اهي مداحون ٻڌي، هن جي مٺڙي سُر ۾ گم ٿي ويندو هو. کانئس اُهو صبح به نه ٿو وسري، جڏهين سندس ڏاڏيءَ کيس پهرين ڏينهن اسڪول وڃڻ لاءِ تيار ڪيو، هن کي ياد آهن سڀ کان پهرين بسم الله پڙهي، الحمد پڙهيو ۽ بُڪ کڻي دعا گهريائين. سندس ڏاڏو، هن لاءِ احمد موچيءَ کان خاص جُتي جوڙائي آيو هو، سندس امڙ، اسڪول وڃڻ لاءِ ڪپڙڻ جو نئون وڳو سبيو هو، ٽونئر سان ٽڪن واري ٽوپي به ٺاهي، قلم ۽ سليٽ رکڻ لاءِ هڪ بجڪي تيار ڪئي هئي، جنهن کي ٽڪون جڙي، سهڻي ڀرت سان سينگاري پوءِ ننڍڙو محمد ابراهيم، نئون جوڙو اوڍي، نئين جتي پائي، مٿي ۾ ٽوئنرن واري ٽوپي ۽ ڪُلهي ۾ ٻُجڪي وجهي ڏاڏيءَ جي هٿ ۾ هٿ ڏيئي، پهرين ڏينهن اسڪول ويو. مان سوچيان ٿي ته اها ڪيڏي نه خوشبختي هئي، ننڍڙي محمد ابراهيم جي، جنهن لاءِ علم جو دروازو، هڪ عورت کوليو. هڪ سڄاڻ، بااعتماد ۽ ٻاجهاري مائي، جيڪا جڏهن اسڪول جي اڱڻ ۾ داخل ٿي ته، اُستاد به اُٿي بيٺو ۽ساڻس گڏ سندس ساڃاھ وند شآگرد به اُٿي بيٺا. اهو ڄڻ ته سنڌ جي انهن سهڻين روايتن جو مظهر هو، جنهن ۾ عورت جي عزت ڪرڻ ۽ مان ڏيڻ، سڀ کان مٿانهون گڻ ليکيو ويندو هو. اُها سيبتي ڏاڏي، پنهنجي پوٽي کي اسڪول داخل ڪرائڻ جي خوشيءَ ۾ پتاشن سان ڀريل ٽٻڻي به کڻي وئي جيڪي هن ٻارن ۾ ورهايا. جوئي صاحب جي دل ۽ دماغ تي، پنهنجي مٺڙي امڙ جي زندگيءَ جا هڙئي ڏک ڏاکڙا اڄ به ايئن ئي نقش آهن، جيئن اُن ڪچي وهيءَ ۾ هن کي سهندي ڏٺا ۽ محسوس ڪيا هئا. سندس امڙ جڏهين گذاري ويئي تڏهين، جويو صاحب ڪراچيءَ ۾ ڇهون درجو انگريزي پڙهندو هو هن جو موت حادثاتي ٿيو، درياھ جي ڪپ تي ٽين ڪپڙن جو ڌوئڻ وئي هئي ته پير ترڪي ويس، بلڪل ايئن جيئن سندس پهروٺي ڌيءَ ڀاڳڀري به ڪجهه سال اڳ اهڙي ئي نموني لهرن جي حوالي ٿي هئي، ۽ ڪناري ته بيٺل هٿ مهٽيندا رهجي ويا، کيس بچائي نه سگهيا، پنهنجي مٺڙيءَ ماءُ جي وڇوڙي تي، پنهنجن يادگيرين کي جيئندي، جويو صاحب لکي ٿو، ” اڄ امڙ جو مان هڪڙوئي پٽ اوڻانوي ورهين جي عمر ۾ اڃا جيان پيو سچ ته مائون ويچاريون نورَ نوازيل، نيڪ دل نماڻيون، جيءَ جياريندڙ،پاڻ گهوريندڙ ۽ ڇاڇا نه جڳ کي دان ڏيئي ويندڙ پر عيوض ۾ ڪجهه نه ڪنهن کان گهرندڙ هجن ٿيون. هن گهڙيءَ به سڀ کان وڌيڪ چاهنا منهنجي پاڻيءَ ۾ پاڻيءَ جي دنيا سان ملڻ جي آهي جت منهنجي يتيم ڀيڻ ڀاڳڀري ۽ منهنجي دکياري امڙ ڪامل ٻائي کي پوئين دم کڻڻ جي مهلت ملي سگهي هئي.“ محمد ابراهيم جوئي صاحب تي، اولين تاثر ڇڏڻ وارن ۾ سندس پهريون استاد سائين ٽيڪڻ مل هيو جيڪو هنن جو استاد به هو ته ڳوٺ ۾ بيماري سيماريءَ ۾ شاگردن کي کنگهه مهل چاٽا به چٽائيندو هو ته بخار ويل ڪوئنين جون ڪوڙيون ٽڪيون به کارائيندو هو. جيڪو سنڌي ڪتابن مان ڪهاڻيون ڪڍي، انهن مان زندگيءَ جو فلسفو به سمجهائيندو هو. اهڙي ئي هڪڙي، ڪتي ۽ سندس پاڇي واري ڪهاڻي به هئي ۽ ان ڪهاڻيءَ مان پنج لفظ ڪامُ (سڌ) ڪروڌ (ڪاوڙ) لوڀ (هٻڇ)، موهه (انڌو چاھ)، اهنڪار (وڏائي) ڪڍي انهن جي معنيٰ ٻڌائي، شاگردن کي اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته اهو ڪتو جيئن ته ڪامي، ڪروڌي، لوڀي، موهي ۽ اهنڪاري هو، اهي پنج ئي خرابيون ان ۾ هيو ۽ اهي ئي پنج خراب عادتون يا ڪُلڇڻ ماڻهوءَ جا ٻه وڏي ۾ وڏا دشمن آهن. جيڪو ماڻهو انهن کان بچي ٿو، سوئي ماڻهو، ماڻهو سڏجڻ جي لائق ٿو بڻجي. جڏهين محمد ابراهيم کي چوٿون درجو پهرين نمبر سان پاس ڪرڻ تي امتحانن واري وڏي صاحب کيس به ڪتاب، هڪ ”گلدستو“ سنڌ ادب جا چونڊ مضمون، جيڪي ديوان ڏيارام وسڻ مل ۽ ديوان ليلا رام پريم چند جي گڏيل ڪاوش هئي، ٻيو مرزا قليچ بيگ جو ”گلن جي ٽوڪري“ جيڪو هڪ مشهور جرمن ناول جي انگريزي ترجمي جو بهترين سنڌي ترجمو هو، کيس مليا، ته سائين ٽيڪڻ مل کيس مبارڪباد ڏيندي چيو ته ”پٽ ابراهيم تون ڏاڍو ڀاڳ وارو آهين جو اهڙا ٻه ڪتاب، هن ئي عمر ۾، توکي مليا آهن، اهي ڪتاب تون وري وري پڙهج، تون انهنجي پڙهڻ مان ڪڏهين به ڪو نه ٿڪبين، انهنجون ڳالهيون توکي سڄي عمر ڪم اينديون،“ ۽ پوءِ جويو صاحب لکي ٿو، ”آنءُ انهيءَ هدايت لاءِ پنهنجي پياري سائين ٽيڪڻ مل جو شڪرگذار آهيان. جو سندن اها هدايت مون سورنهن آنا سچي ۽ صحيح ڏٺي ۽ ان تي پورو عمل ڪيم. هن وقت آنءُ ذهني طرح ۽ عملي دنيا ۾ جيئن به آهيان ۽ جو ڪجهه به آهي ان لاءِ اهي ٻه ڪتاب آنءُ پنهنجا محترم ۽ مشفق استاد سمجهان ٿو.“ اهڙي طرح ئي جوئي صاحب جي ان مهل اُسرندڙ شخصيت، ڪامريڊ ايم اين راءِ جي فڪر ۽ فلسفي جا گهاٽا اثر نظر اچن ٿا. جيڪي هنن پاڻ تمام تفصيل سان هڪ مضمون، ”ڪامريڊ ايم اين راءِ ۽ منهنجو فڪري سفر “ ۾ بيان ڪيا آهن. پر اڄ اسان جنهن شخصيت کي هن جي سامهون سندس سوچ ۽ فڪر جي مڃتا لاءِ گڏ ٿيا آهيون، تڏهين معاشري ۾ ادا ڪيل سندس هاڪاري ڪردار ۽ تحرير مان جيڪا ڳالهه اُڀري ۽ نکرجي سامهون آئي آهي اها هيءَ ته هن سندس سڄي زندگي نيڪي جي پرچار ڪندي گذاري. هن علم کي ئي ترقيءَ ۽ سجاڳيءَ جو اهڃاڻ ڄاتو آهي. هو سماجي مت ڀيد ۽ ڇوت ڇات ۾ يقين نه رکندڙ ۽ انسانيت ۾ ويساھ رکندڙ روح آهي. هو پنهنجي ڌرتيءَ جو عاشق ۽ هن ۾ ويساھ رکندڙ آهي. هن جي سوچ ۾ عقليت پسندي آهي، هو هر وقت هر معاملي ۾ متحرڪ نظر اچي ٿو. هو پنهنجي سماج کي، انڌن اونڌن وهمن ۽ عقيدن کان ٻاهر ڏسڻ ٿو چاهي. شڪست خوردگيءَ جي هن جي لغت ۾ ڪاجاءِ ڪانهي. وڏيرا شاهي ڪامورا شاهي ۽ پير پرستيءَ کي هو سنڌ واسين لاءِ زهر قاتل ٿو سمجهي. هن جي قلم جي جنگ هميشه رجعت پسند سوچ جي خلاف رهي آهي. هو حقيقت شناسيءَ جو پرچار رهيو آهي ۽ سندس سوچ هميشه انسان جي اعليٰ قدرن جي گرد ڦرندي رهي آهي. محمد ابراهيم جوئي کي جڏهن اسان نئين سنڌ جو معمار چئون ٿا ته، يقين رکو هن ان سوچ جو بنياد ئي، بنيادي انساني لڳ لاڳاپن، ۽ بهترين انساني قدرن تي رکيو آهي. جيڪو هُو پنهنجي ديس واسين ۾ ڏسڻ چاهي ٿو ۽ کيس يقين آهي ته جي هو چاهي ته انهن لاءِ هن سماج کي بدلائڻ ۾ دير نه لڳندي. ته دوستو! اچو ته اسان جوئي صاحب جي انهن اکين ۾ جهاتي پايون، جنهن سنڌ لاءِ سندر سپنا جوڙيا آهن، ايڪتا، محبت ۽ ترقيءَ جا خواب ڏٺا آهن، اهو جيئرو جاڳندو شخص جنهن پنهنجو نور نچوئي، راتيون جاڳي پنهنجي ستل قوم کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اها قوم، اڄ هن کي ڀيٽا ڏيڻ مهل اهو به وچن ڪري ته، هن جي ڏٺل، سپنن کي هوءَ ساڀيان ڪندي، جيڪا سنڌ، جوئي صاحب پنهنجي سپنن ۾ سوچي، تنهن جي تعمير ڪندي اهو ئي هن لاءِ سالگرھ جو وڏي ۾ وڏو تحفو هوندو. (محمد ابراهيم جوئي جي سئو سالا جشن جي تقريب ۾ پڙهيل مقالو) سائين محمد ابراهيم جويو پروفائيل آگسٽ ۱۳-۱۹۱۵ع – نومبر ۰۹-۲۰۱۷ع ناميارو عالم، اديب ۽ ڏاهو محمد ابراهيم جويو ۱۳ آگسٽ ۱۹۱۵ع تي اڳوڻي ضلعي دادوءَ (۽ هاڻي ڄامشوري) جي ڳوٺ ’آباد‘ ۾ هڪ هاريءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. ٽن سالن جو هو ته سندس والد محمد خان جويو، پهرين مهاڀاري جنگ بعد پکڙيل وڏيءَ بيماريءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. محمد ابراهيم جويي جو ننڍپڻ غربت ۾ گذريو، پر همت نه هاريندي، پرائمريءَ جا چار درجا ڳوٺ ۾ پڙهي، ۱۹۲۷ع ۾ اي. وي اسڪول، سَن ۾ داخل ٿيو، جتي سائين جي ايم سيد جي مهربانين سان ٽي درجا انگريزي پڙهي، ۱۹۳۰ع ۾ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ ۾ داخلا ورتائين. جتي چوٿين کان ستين درجي تائين پڙهيو، ان زماني ۾ ستون درجو مئٽرڪ شمار ٿيندو هو، هن ۱۹۳۴ع ۾ مئٽرڪ جي امتحان ۾ سنڌ مدرسة السلام مان ٻِي پوزيشن ماڻي ۽ ۲۰ رپيا ماهوار اسڪالرشپ حاصل ڪيائين. سنڌ مدرسي ۾ ان وقت علامه عمر بن محمد دائود پوٽو پرنسپال هو ۽ جويو صاحب سندس لائق شاگردن ۾ نمايان هو. جويي صاحب ۱۹۳۸ع ۾ ڊي جي سنڌ ڪاليج مان بي اي جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ کيس ڪاليج ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ۽ منگهارام ملڪاڻيءَ جهڙن استادن جي صحبت ۽ محبت حاصل رهي. ۱۹۴۰ع ۾ سنڌ مدرسي طرفان بي. ٽي ڪرڻ لاءِ بمبئيءَ جي ايس ٽي ڪاليج پڙهڻ ويو، جتان موٽندي ئي کيس ۱۹۴۱ع ۾ سنڌ مدرسي ۾ ’اسسٽنٽ ماسٽر‘ مقرر ڪيو ويو. محمد ابراهيم جويي زندگيءَ جو پهريون سنڌي مضمون ”پڃري جا پکي“ ۱۴ سالن جي عمر ۾ لکيو، سندس انگريزي ۾ پهريون مضمون Democracy in School Administration سال ۱۹۴۶ع ۾ سنڌ مدرسي جي مئگزين ’ڪرانيڪل‘ ۾ ڇپيو. سائين جي ايم سيد سندس پهريون تعليمي مددگار هو. هُو ٻن مفڪرن سائين جي ايم سيد ۽ ايم. اين راءِ کان گهڻو متاثر هو، ۽ پهرين پارٽي جنهن ۾ شموليت ڪيائين، اها هئي ايم اين راءِ جيRadical Democratic Party . هُن ايم اين راءِ جي ڪتابHistorical Role of Islam جو سنڌي ترجمو ’اسلام جو تاريخي ڪارنامو‘ جي عنوان سان ڪيو. علمي زندگيءَ ۾ جويي صاحب سنڌ دوستيءَ جي راهه ۾ سرڪار جا عتاب ۽ ناراضگيون به برداشت ڪيون. ۱۹۴۷ع ۾ سنڌ مدرسي ۾ پڙهائڻ دؤران هن هڪ ڪتاب ’سنڌ بچايو- کنڊ بچايو‘ Save Sindh، Save the Continent from Feudal Lords، Capitalists and their Communalists لکيو، جنهن جي ڏوهه ۾ سنڌ مدرسي بورڊ جي صدر ۽ (تڏهوڪي وزير تعليم) سندس ملازمت ختم ڪرڻ جو حڪمنامو جاري ڪيو هو. جويي صاحب جي اهليت کي مڃيندي، ٺٽي ميونسپالٽيءَ جي چيئرمئِن موليڏني عباسيءَ کيس ميونسپل هاءِ اسڪول ٺٽي جو هيڊ ماستر ٿيڻ جي آڇ ڪئي، جتي ٻن سالن تائين ۲۰۰ رپيا پگهار تي پڙهايائين. بعد ۾ اهو اسڪول به سرڪاري تحويل ۾ ورتو ويو، جتان بدلي ٿي ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فار مئن، حيدرآباد ۾ اسسٽنٽ ماسٽر طور فرض نڀايائين. ۱۹۵۱ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چونڊ سان ڪلاس ٻئين گزيٽيڊ آفيسر طور ”هاءِ پاور ايگزيڪٽو ڪاميٽي فار سنڌي لٽريچر“ جو سيڪريٽري مقرر ٿيو. ۱۹۵۴ع ۾ هاءِ پاور ڪميٽيءَ کي ’سنڌي ادبي بورڊ‘ جي نالي سان نئين سر تشڪيل ڏنو ويو، جتي ۱۹۶۱ع تائين سيڪريٽريءَ طور جانفشانيءَ سان ڪم ڪيائين. ان دوران جويو صاحب (۵۶-۱۹۵۵) ٻه سال بورڊ جي ٽماهي ’مهراڻ‘ جو ايڊيٽر به رهيو، جنهن دوران هُن جديد ادب جي وڏي سرپرستي ڪئي ۽ ’مهراڻ‘ جو اهو دؤر يادگار ليکيو وڃي ٿو. ۱۹۶۳ع کان ۱۹۶۷ع تائين هُو آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي پاڪستان ٽيڪسٽ بڪ بورڊ لاهور، ڪراچي، ڪوئيٽا ۽ حيدرآباد ۾ رهيو، ان عرصي ۾ پنج سال اعزازي طرح سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري پڻ رهيو. جولاءِ ۱۹۶۷ع ۾ جويي صاحب هڪ مضمون لکي ’سليم احمد‘ جي فرضي نالي سان ڇپايو، جنهن جو عنوان هو: ’اولهه پاڪستان ۾ ٻولين جو مسئلو‘. جنهن تان ناراض ٿي سرڪار کيس گورنمينٽ هاءِ اسڪول جيڪب آباد ۾ هيڊ ماستر طور بدلي ڪري ڇڏيو. اها سرڪاري ناراضگي پوءِ به ٿڌي نه ٿي ۽ کيس ۱۹۶۸ع ۾ گورنمينٽ ٽريننگ اسڪول ڪوهاٽ جو پرنسپال ڪري موڪليو ويو، جتي لڳ ڀڳ ٻه سال کن رهيو. نومبر ۱۹۶۹ع ۾ ون يونٽ جي خاتمي جي اعلان بعد هُو سنڌ ۾ رجسٽرار ڊپارٽمينٽل ايگزئمنيشن، ڊائريڪٽوريٽ آف ايڊيوڪيشن مقرر ٿي حيدرآباد ۾ آيو. پوءِ ۱۹۷۱ع ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جو ميمبر به ٿيو. هن ڪيترائي نصابي ڪتاب به لکيا. ۱۹۷۲ع ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر، بيورو آف ڪريڪيولم ائنڊ ايڪٽينشن سروسز سنڌ، حيدرآباد مقرر ٿيو، جتان آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي ۽ بعد ۾ سيڪريٽري سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ مقرر ٿيو ۽ ۱۲ آگسٽ ۱۹۷۳ع تي رٽائر ڪيائين. ابراهيم جويي جو سنڌي ادبي سنگت سان به ابتدا کان وٺي واسطو رهيو ۽ ۵۶-۱۹۵۴ واري دؤر ۾ سنڌي ادب ۽ ادبي سنگت جي ’نئين جاڳرتا‘ (Renaissance) جو اهم اڳواڻ رهيو. هُو اڄ به سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد شاخ جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر آهي. ۱۹۷۳ع ڌاري هُن ڪجهه سڄاڻ اديبن سان گڏجي ”سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت“ نالي اداري جو بنياد وڌو، پاڻ ان جو صدر ٿيو ۽ ان ئي پليٽ فارم تان چاليهه کن ڪتاب چپائي پڌرا ڪيائين. ۱۹۷۳ع ۾ ”سنڌ فرينڊس سرڪل“ قائم ڪري، ان طرفان ۲۰ ڪتاب شايع ڪرايائين. سرونٽس آف سنڌ سوسائٽيءَ جو ۱۹۸۲ع کان وائيس پريزيڊنٽ رهندو اچي. پنهنجي دوست، نامياري ليکڪ سراج الحق ميمڻ جي تحرڪ ۽ سرپرستيءَ ۾ ’سنڌ ايڊيوڪيشن ٽرسٽ‘ جو بنياد رکيائين، پاڻ ان جو وائيس چيئرمين ۽ مئنيجنگ ٽرسٽي آهي. سنڌ ايڊيوڪيشن ٽرسٽ واري عاليشان عمارت سراج صاحب ٽرسٽ کي سونپي علم ۽ قلم دوستيءَ جو ثبوت ڏنو. هن ٽرسٽ جي ذريعي ليڪچرن جو سلسلو هلايو، جن ۾ اهم اديبن ۽ دانشورن ليڪچر ڏنا جن کي ڇپائي پڌرو ڪيائين. جويو صاحب ۱۹۹۷ع کان ۲۰۰۲ع تائين سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمئن رهيو ۽ ۱۹۹۸ع کان هيل تائين، مختلف مرحلن ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي بورڊ آف گورنرس، مالي ڪاميٽي، پبليڪيشن ڪاميٽيءَ ۽ ادبي تحقيقي ڪاميٽيءَ جي ميمبر طور به ذميواريُون نڀائيندو اچي ۽ اٿارٽيءَ جي اسڪيمن ۾ مددگار رهيو آهي. جڏهن ۱۹۹۸ع ۾ شيخ اياز فائونڊيشن جو قيام عمل ۾ آيو ته کيس ان جو چيئرمئن مقرر ڪيو ويو. فائونڊيشن طرفان هن وقت تائين ڇهه ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيا ويا آهن. ان کان علاوه پاڻ شيخ اياز چيئر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي صلاحڪار بورڊ جو به ۲۰۰۰ع کان ميمبر رهيو آهي. ان کان سواءِ ٿياسافيڪل سوسائٽي، حيدرآباد جو وائيس پريزيڊنٽ پڻ آهي. بنيادي لغت)، (ساٿين سان گڏجي تيار ڪيل: ۱۹۷۶ع)، (۷). ’فِڪر جي آزادي ‘:اسٽيفن زويگ جي ڪتاب ‘The Right to Heresy’ جو ترجمو، (جون ۱۹۷۷ع)، (۸). ’گليلو ‘:برنالٽ بريخت جي ڊرامي ‘Life of Gallileo’ جو ترجمو (۱۹۷۷ع)، (۹). ’شاهه- سچل- سامي ‘:(۱۶۸۹-۱۸۵۰- هڪ مطالعو) (۱۹۷۸ع)، (۱۰). ’ٻارن جو مسيح ‘:اينڊ بلائٽن جي ڪتاب ‘Children’s Life of Christ’ جو ترجمو (۱۹۸۰ع)، (۱۱). ’ماڻهوءَ جو ڀاڳ ‘:(ناٽڪ، لوڪ ڪهاڻيون، شاعري وغيره) (۱۹۸۰ع)، (۱۲). ’عورتازاد‘ (عورتن جي تحريڪ آزادي ):ترتيب ۽ ترجمو(۱۹۸۳ع)، (۱۳). ’فلسفي جو ابتدائي ڪورس ‘:جارج پوليزر جي ڪتاب جو ترجمو (۱۹۸۴ع)، (۱۴). ’علم تدريس مظلومن لاءِ ‘:پائلو فراري جي ڪتاب ‘Pedagogy of the Oppressed’ جو ترجمو ۹۸۴ع)، (۱۵). ’مهڪريءَ جا مضمون ‘:(ترتيب، ترجمو ۽ پيش لفظ) (۱۹۸۳ع)، (۱۶). ’اسان جي ٻولي، اسان جي تعليم ‘:(ترتيب)، (۱۹۸۵ع)، (۱۷). ’فرينچ انقلاب ‘:ايميل ايرڪمن اليگزانڊر چيتريان جي ڪتاب جو ترجمو (۱۹۹۰ع)، (۱۸). ’مُٺِ مُٺ موتين جي ‘:(هفتيوار ’هدايت‘، حيدرآباد ۾ ڇپيل مواد مان چونڊ)، (۱۹۹۲ع)، (۱۹). ’هوءَ جا ٽمڪي باهڙي‘ (پهريون جلد ):مضمون ۽ ترجما (۱۹۹۵ع)، (۲۰). ’ادب- ٻولي- تعليم ‘:(هُوءَ جا ٽمڪي باهڙي‘، جلد ٻيو) (۱۹۹۸ع)، (۲۱). خط ٻن اديبن جا ‘:(عبدالقادر جوڻيجي ۽ محمد ابراهيم جويي جا خط) (۱۹۹۹ع)، (۲۲). ’ڳالهيون ڪتابن جون‘، ڀاڱو پهريون(۲۰۰۲ع)، (۲۳). ’خط ٻن اُستادن جا ‘:(محمد ابراهيم جويو ۽ غلام علي چنا) (۲۰۰۳ع)، (۲۴). ڳالهيون ڪتابن جون‘ (ڀاڱو ٻيو) (۲۰۰۳ع)، (۲۵). خط دوستن جا (جلد پهريون: پيار، نبارُ، اٿاههُ (ابن حيات پنهور ۽ محمد ابراهيم جويي جا خط) (۲۰۰۸ع)، (۲۶). Sindh Betrayed: Her Right to Redemption; Essays and Articles، Letters (۱۹۴۲-۲۰۰۳)، (۲۰۰۶). ان کان سواءِ سنڌيءَ ۽ انگريزيءَ ۾ ٻولين جي مسئلي، ون يونٽ جي خاتمي ۽ ڪراچيءَ جي عليحدگيءَ جي مسئلي، استادن، ڪريڪيولم، نصاب، ادب، سياست، شاهه لطيف، سنڌي سماج، چونڊن جي ڌار سرشتي ۽ شخصيتن تي خاڪا ۽ ٻين موضوعن تي سوين مضمون، ڪتابچا ۽ پترا لکيل ۽ ڇپيل اٿس. جن جي ذريعي هن سنڌ جي ٽن پيڙهين جي ذهني تربيت ڪئي آهي. جويي صاحب کي چئن پٽن ۽ ٻن نياڻين جو اولاد ٿيو، جن مان نيلوفر جويو ڪهاڻيڪار هئي. تازو مئي ۲۰۰۹ع ۾ سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتي حڪومت سنڌ پاران پهريون ڀيرو محمد ابراهيم جويي جي مڃتا ۾ هڪ تقريب انڊس هوٽل حيدرآباد ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ثقافت ۽ سياحت جي صوبائي وزير، محترمه سسئي پليجو، سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر نثار احمد کهڙي سميت جويي صاحب جي شاگردن، مداحن ۽ اديبن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي جويي صاحب کي سنڌ جي سمورن ادبي، علمي ادارن ۽ يونيورسٽين پاران اوارڊ، شيلڊُون ۽ گلن جا تحفا ڏئي، سندس خدمتن جو اعتراف ڪيو ويو. جڏهن ته سنڌ ميوزيم، حيدرآباد ۾ ’ابراهيم جويو ڪارنر‘ پڻ قائم ڪيو ويو آهي. هو لاڏاڻي وقت صحافي ڪالونيءَ، حيدرآباد ۾ رهائش پذير هيو. محمدابراهيم جويي صاحب ۹.نومبر ۲۰۱۷ع تي پنهنجي گهر واقع صحافي ڪالوني حيدرآباد ۾ خميس ڏينهن صبح جو ۹ لڳي ۵۶ منٽن تي وفات ڪئي. سائين محمد ابراهيم جويو سنڌ جو عظيم ڏاهو نور سنڌي سائين محمد ابراهيم جويو سنڌ جو عظيم ڏاهو، دانشور ۽ علمي ادبي شخصيت ھو. علمي توڙي ادبي دنيا ۾ ڪيل سندس خدمتون اڻ وسرندڙ آهن. پاڻ سنڌ جو قومي سرمايو ھو. سندس شخصيت اسان سنڌ واسين لاءِ هڪ يونيورسٽي جي حيثيت رکي ٿي. پاڻ تعليمي ماهر، شفيق استاد، اديب، دانشور، ترجمي نگار رھيو، پاڻ سڄي زندگي سنڌي ٻوليءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو. جڏهن پاڪستان ٺهڻ بعد سنڌي ٻولي کي ڪاپاري ڌڪ لڳو ته پاڻ ان خلاف سراپا احتجاج بنجي ويو. سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان احتجاجي مهم جي اڳواڻي ڪئي ۽ ان خلاف اخبارن ۾ مضمون لکيا. سنڌي ٻوليءَ کي صوبي سنڌ جي سرڪاري ٻولي قرار ڏنو ويو. ۱۹۴۶ع ۾ پاڻ انگريزي ۾ ڪتاب ”سيو سنڌ سيو دي ڪانٽيننٽ“ (سنڌ بچايو ننڍو کنڊ بچايو) لکي مثال قائم ڪيو. حقيقت تي مبني مواد واري اهڙي ڪتاب تي وقت جا حڪمران مٿس ناراض ٿيا. جويو صاحب ان وقت سنڌ مدرسي ڪراچي ۾ استاد هو ۽ کيس ان ڪتاب لکڻ جي ڏوهه ۾ سنڌ مدرسي جي ان وقت جي صدر پير الاهي بخش ملازمت تان هٽائي ڇڏيو. ون يونٽ خلاف سندس وڏي جدوجهد رهي ۽ ان ڏوهه ۾ کيس ۲ سالن لاءِ صوبي بدر ڪيو ويو. پاڻ لاتعداد مختلف ٻولين جي ڪتابن کي سنڌي ۾ ترجمو ڪيو. جيڪو سندس وڏو ڪارنامو آهي. پاڻ سنڌي ادبي سنگت جي بانيڪارن مان هڪ ھو. پاڻ ڪراچي ۾ سنڌي ادبي سنگت جون سرگرميون جاري رکيون. ان کان اڳ پاڻ مشهور اديب ڊاڪٽر گربخشاڻي جي سرپرستيءَ هيٺ هلندڙ سنڌي ادبي سرڪل ۾ سرگرم رهيو. ۱۹۵۳ع چونڊيل اسيمبلي ۾ جيڪي سنڌي ٻوليءَ لاءِ انگريزي ۾ پيش ڪيل ٺهراءَ جي نظرثاني ڪندڙن ۾ سائين جي ايم سيد، علي محمد راشدي، عبدالستار پيرزادو، محمد ابراهيم جويو هو. نوان ليکڪ پيدا ڪرڻ ۽ اڀرندڙ ليکڪن جي همٿ افزائي ۽ کين اڳتي آڻڻ ۾ سندس شاندار ڪردار رهيو. سنڌ ڌرتي ۽ سنڌ واسين سان ٿيندڙ ويساهه گهاتين، سنڌ جي حقن، سنڌ جي ٻولي ۽ ثقافت جي حفاظت لاءِ هر دور ۾ محمد ابراهيم جويو جو هڪ ليکڪ، هڪ دانشور ۽ هڪ ڏاهي جي حيثيت سان شاندار ڪردار رهيو. ان حوالي سان پاڻ لاتعداد مضمون لکيائون. کيس سنڌي ٻولي جي ترقي، سڌاري جو فڪر رهيو. ان حوالي سان مختلف اخبارن، رسالن ۾ سندس مضمون شايع ٿيندا رهيا. پاڻ جڏهن پاڪستان ٽيڪسٽ بڪ بورڊ سنڌ لاءِ انچارج مقرر ڪيو ويو، ساڳئي وقت سنڌي ادبي بورڊ جي اعزازي سيڪريٽري طور ادب لاءِ پاڻ پتوڙيو. ساڳئي وقت پاڻ سليم احمد جي فرضي نالي سان انگريزي ۾ هڪ وال بروشر ”لينگويج پرابلم ان ويسٽ پاڪستان“ لکيو، جنهن ۾ جويو صاحب پاڪستان جي قومي زبانن جي اهميت ۽ تاريخ بابت ملڪ اندر ٻوليءَ جي مسئلي کي بهترين حل ڏنو. جڏهن اهو راز کليو ته اهو پمفليٽ محمد ابراهيم جويو جو لکيل آهي ته وقت جي حڪمرانن کيس بدلي ڪري سزا طور جيڪب آباد هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر مقرر ڪيو ته جيئن هو گهر کان پري رهي ڀلي پريشان ٿئي پر پاڻ اتي رهي به پنهنجو قومي ادبي ڪم جاري رکيو. شيخ اياز جي معرفت ترقي پسند ادبين، دانشورن لاءِ پاڪستان ادبي انجمن نالي تنظيم جو قيام آندو. ان جو پڌرنامو اردو، انگريزي، بنگالي، پشتو، سنڌي ۾ ڇپايو ويو. جنهن وڏي هلچل مچائي ڇڏي ۽ اها ڳالهه راز نه رهي ۽ حڪمرانن مٿس وڌيڪ ناراض ٿي سزا طور کيس پشاور موڪليو ۽ آرڊر ۾ لکيو ويو ته کيس جتي ماڻهن سان سندس رابطو گهٽ رهي، اتي رکيو وڃي ۽ کيس ڪوهاٽ ٽريننگ ڪاليج ۾ پرنسيپل طور مقرر ڪيو ويو. محمد ابراهيم جويو سن ويجهو ڳوٺ آباد ۾ ۱۹۱۵ع ۾ ڄائو، ننڍڙي ڄمار ۾ پهرين سندس والد پوءِ امڙ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا. سندس پالنا سار سنڀال سندس ڏاڏي ڪئي. ۴ درجا پنهنجي ڳوٺ ۾ ۵ درجو ڳوٺ تيرٿ لکي ۾، فائينل اي وي هاءِ اسڪول سن ۾ ڪئي. جتي سندس ملاقات سائين جي ايم سيد سان ٿي ۽ هنن جي دوستي ٿي وئي. ميٽرڪ ۱۹۳۰ع ۾ سنڌ مدرسو ڪراچي مان پاس ڪيائين، جتي سندس استادن ۽ ان دور جون مشهور علمي ادبي شخصيتون، ڊاڪٽر گربخشاڻي، پروفيسر منگهارام، پروفيسر ٽي ايم آڏواڻي، ڊاڪٽر ڊيو آرٿ، ڪاڪا ڀيرومل، مهر چند ۽ ٻيا هئا، اتان بي اي پاس ڪري ۱۹۳۸ع ۾ انهيءَ اداري ۾ استاد طور مقرر ٿيو. سندس سيو سنڌ سيو دي ڪانٽيننٽ لکڻ جي ڏوهه ۾ نوڪري ختم ٿيڻ بعد ڪجهه سال بيروزگار رهيو ۽ ۱۹۴۹ع ۾ کيس ميونسپل هاءِ اسڪول ٺٽو ۾ هيڊ ماستر طور مقرر ڪيو ويو. جتي شاگردن ۾ غير نصابي سرگرميون شروع ڪيون. ٺٽو ۽ جيڪب آباد جي ان وقت جي اسڪولن جي استادن ۽ شاگردن جو چوڻ آهي ته پاڻ شفيق استاد هو، والدين جهڙو پيار ڏيندو هو، ڪڏهن به شاگردن کي مار نه ڏني. هر ڳالهه پيار سان سمجهائيندو هو. شاگردن کي اولاد وانگر سمجهندو هو، سندس پڙهائڻ جو طريقو اهڙو ته پُراثر هو جو شاگرد چاهيندا هئا ته سندس پيرڊ ختم ئي نه ٿئي. انهن اسڪولن ۾ شاگردن جا ڊراما، ڊبيٽ پروگرام به ڪرايا ۽ شام جو اسڪول جي گرائونڊ تي شاگردن سان گڏ راند روند به رهندو هو. ۱۹۵۴ع ۾ هاءِ پاور ايگزيڪيوٽو ڪميٽي فار سنڌي لٽريچر ۾ نالو ڏنو ويو، ان جو ۱۰ سال سيڪريٽري مقرر رهيو. ان دوران به پاڻ سنڌي ادب جي بي مثال خدمت ڪئي. ۳ ماهي مهراڻ رسالي جو ايڊيٽر به رهيو. ۱۹۶۱ع ۾ڊائريڪٽوريٽ آف ايڊيوڪيشن حيدرآباد ۾ پبليڪيشن آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي مقرر ڪيو ويو. ان بعد ساڳئي بورڊ جو حيدرآباد، ڪراچي، ڪوئيٽا ريجن جو انچارج رهيو. ۱۹۶۸ع گورنمينٽ ٽريننگ ڪاليج ڪوهاٽ جو پرنسيپل، ۱۹۷۰ع ۾ حيدرآباد ڊويزن تعليم کاتي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر رهيو. ساڳئي سال کيس سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. ۱۹۷۱ع ۾ تعليم کاتو خيرپور ڊويزن ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر رهيو. پاڻ ۱۹۷۳ع ۾ بيورو آف ڪريڪيولم اينڊ ايڪٽينشن سروس سنڌ ۾ ڊائريڪٽر ٿيو ۽ انهيءَ سال ان عهدي تان ريٽارئرڊ ٿيو. سندس اهم ادبي ۽ نصابي ڪتاب ۾ روسو جي ايملي جو ترجمو بليو ٽارچ مضمون ٻارن جي تعليم جو ترجمو، سنڌي پهريون ڪتاب، سنڌي بالغن جي تعليم جا ۳ ڪتاب، سنڌي ريڊر درجو چوٿون، سنڌي سپليمينٽري، درجو ڇهون، سنڌي اختياري درجو ڇهون، پاڪستان جي تاريخ لازمي درجو نائون ۽ ڏهون، دنيا جي تاريخ جو ترجمو، درجو نائون ۽ ڏهون، ٽيچرس گائيڊ ٽو ٽيچنگ آف سائنس درجو ٻيون ۽ ٽيون، ٽيچرس گائيڊ ٽو ٽيچنگ آف سائنس درجو چوٿون ۽ پنجون، فلسفي جو بنيادي ڪورس ترجمو گئليلو، ترجمو، ٻارن جو مسيح، ترجمو فڪر جي آزادي، ترجمو شاهه سچل سامي، هوءَ جا ٽمڪي باهڙي، وحشي جيوت جا نشان ترجمو ۽ ٻيا ڪيترائي ڪتاب لکيائون. پاڻ شاعري تي به عبور رکندو هو. سنڌي شاعري جو بهترين پارکو هو. پاڻ شيخ اياز جي ڪيترن ئي شاعري جي مجموعن جا خوبصورت مهاڳ لکيا. سنڌي ادبي بورڊ جي مهراڻ رسالي جي ايڊيٽري دوران رسالو سرڪاري هئڻ باوجود کليل طرح سنڌيت جي پرچار ڪئي. پاڻ سچو قومپرست هو. مهان شاعر شيخ اياز پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ لکي ٿو ته محمد ابراهيم جويو سنڌي شاعري جو وڏو پارکو آهي، هو لکي ٿو ته سوڀو گيانچنداڻي، حشو ڪيولراماڻي ۽ محمد ابراهيم جويو اهي ۳ شخصيتون آهن، جن منهنجي ننڍڙي عمر ۾ تربيت ڪئي. جي مان انهن سان نه ملان هان ته مان، ڪجهه نه هجان ها. انهن سان منهنجي عقيدت ۽ محبت ائين رهي آهي جيئن رومي جي شمس تبريز سان. ابراهيم جويو سنڌ جو اُهو عظيم انسان هو، جنهن سنڌ ۽ سنڌ واسين کي سُکيو ۽ ستابو ڏسڻ پئي گهريو ۽ ان واسطي هُن پوري زندگي جدوجهد جاري رکي. پاڻ ۹نومبر ۲۰۱۷ع تي ھن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا. اڄ سندن پھرين ورسي ملھائي پئي وڃي. سياحت ثقافت کاتي پاران ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ سندس ياد ۾ ميڙاڪو ڪوٺايو ويو آهي. محمد ابراهيم جويو ڪڏهن ڪڏهن ته سارجو... علي ڏنو جروار سنڌ سونهاري هر دؤر ۾ ڪيترائي ڏاها، اديب، دانشور، شاعر ۽ ليکڪ پيدا ڪيا آهن، جن مان سائين محمد ابراهيم جويو به هڪ آهي. سائين محمد ابراهيم جويو جي اڄ پهرين ورسي آهي، جنهن حوالي سان ڪجهه سِٽون پيش ڪجن ٿيون. محمد ابراهيم جويو سنڌ جو اهو اهلِ علم ۽ دانشور هو جيڪو هڪ اداري جي حيثيت رکي ٿو. پاڻ سڄي زندگي حق، سچ، علم، ادب توڙي سنڌ ڌرتي لاءِ پتوڙيندو رهيو آهي. ان جي پاداش ۾ کيس ڪيتريون ئي تڪليفون برداشت ڪرڻيون پيون. ايتري حد تائين جو نوڪريءَ تان به هٿ کڻڻو پيو هوس. اهڙين حالتن ۾ به سنڌ سنڌ ڪندو رهيو. ڪڏهن به پنهنجي مقصد تان نه هٽيو. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ۽ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌ سان ٿيندڙ سڀني زيادتين تي اسٽينڊ وٺي مخالفت ڪندو رهيو، جن ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو قيام، سنڌ يونيورسٽيءَ جو قيام، سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جو قيام ۽ ٻين اهڙن هاڪاري منصوبن لاءِ به جاکوڙيندو رهيو ته وري ون يونٽ خلاف تحريڪ کان وٺي ڪالا باغ ڊيم جي مخالفت ۾ هر اول دستي جو ڪردار ادا ڪندو رهيو. سنڌ جا ڪيترائي اديب اهڙا آهن جن جي باقاعدگيءَ سان تربيت ڪيائين، جن اڳتي هلي تمام گهڻو نالو ڪمايو. انهن ۾ غلام رباني آگرو ۽ ٻيا شامل آهن، جن سائينءَ جي تربيت مان فيض پرائي سنڌي ٻوليءَ جي تمام گهڻي خدمت ڪئي ۽ ڪيترائي ناياب ڪتاب تخليق ڪيا. آئون ۽ سنڌي ٻوليءَ جو بهترين ليکڪ اڪبر سومرو هڪ دفعي ساڻس ملڻ وياسين، اڪبر جا ڪجهه شايع ٿيل ڪتاب کيس پيش ڪيا، جنهن تي چيائين ته اڪبر به منهنجن انهن شاگردن مان آهي جن سنڌي ادب ۾ تمام گهڻو نالو ڪمايو آهي. اهڙيءَ ريت غلام رباني آگرو لاءِ به اهي لفظ ورجايائين. سنڌ جي هر مسئلي توڙي اِشوءَ تي ٻين سڀني کان هر وقت اڳرو رهندو هو. ڪڏهن به نتيجن جي پرواهه نه ڪيائين، بس هڪ اهڙي خاموش خدمتگار وانگر سنڌ ڌرتي جي خدمت ۽ حفاظت ڪندو رهيو، جن لاءِ اهو مشهور آهي ته اهي پنهنجن فرضن جي ادائيگي ڪندي ڪنهن طرف نهاريندا به ناهن، بس اهي پنهنجن حقن جي حاصلات لاءِ سوچيندا ۽ جاکوڙيندا رهيا آهن. سائين محمد ابراهيم جويو به انهن مان هڪ آهي، جن کي هر وقت سنڌ جي حقن جي تات رهندي هئي. ووٽر لسٽون سنڌيءَ ۾ ڇاپيو، ۴ مارچ جي شاگرد تحريڪ، ايم آر ڊي جون تحريڪون توڙي ٻيا سنڌ سان جيڪي به لاڳاپيل مسئلا رهيا آهن، تن متعلق هر وقت کيس اونو ۽ يادگيري رهندي هئي. هڪ دفعي سيد اڪبر، قادر بخش طالباڻي، رفيق جروار ۽ آئون زبيده ڪاليج وٽان پيادل سٽي گيٽ هوٽل طرف اچي رهيا هئاسين ته سامهون سائين محمد ابراهيم جويو گهر طرف وڃي رهيو هو، جيئن ئي سيد اڪبر ۽ قادر بخش طالباڻي تي نظر پيس ته گاڏي واري کي بيهاريائين ۽ اسان کي چيائين ته پاڻ سڀني کي يعني سنڌي ماڻهن کي هڪ ڏينهن ڌرتيءَ لاءِ ڪڍڻو پوندو، ڇو ته هن وقت سنڌ ڌرتي انتهائي سورن ۽ تڪليفن ۾ آهي. ياد رهي ته هي اهي ڏهاڙا هئا، جڏهن ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ لساني فساد عروج تي هئا. ان وقت ۳۰ سيپٽمبر وارو واقعو به تازو ئي ٿيو هو، ته اهڙي صورتحال ۾ به هو سنڌ لاءِ سوچيندو ۽ اداس ٿيندو رهندو هو. ايم آر ڊي تحريڪ دوران هدايت رسالي جو چيف ايڊيٽر هو، جنهن مختصر شايع ٿيل پرچن ۾ سنڌ بابت، جمهوريت بابت ۽ ايم آر ڊي جي تحريڪ بابت گهڻو ڪجهه شايع ڪيو. هن وقت هو اسان ۾ موجود نه آهي، پر سندس يادون موجود آهن، آئون اڄ جيڪو ڪجهه آهيان ان جي ڪري آهيان، ڇو ته لکڻ ۽ پڙهڻ جي معاملي ۾ وٽانئس ڪيتريون ئي ڳالهيون سکيون ۽ پرايون آهن. پاڻ سدائين نجي ڪچهرين ۾، ليڪچرز ۾ يا وري تقريرن ۾ ۽ تحريرن ۾ چوندو هو لکڻ لاءِ پڙهڻ ضروري آهي، توهان پڙهندا رهو، لکڻ پاڻيهي سکي ويندا. انهيءَ قسم جون هدايتون ۽ نصيحتون اڄ ڏينهن تائين اسان جن پتڪڙن ذهنن ۾ موجود آهن ۽ سندن ئي ٿورن توڙي ڪاوشن سان هي ٻه چار سِٽون لکڻ جي سگهه ساري سگهون ٿا. آئون اڄ سندس پهرين ورسيءَ جي حوالي سان سنڌ واسين کي هي اپيل ڪندس ته اهي سائين محمد ابراهيم جويي جون لکڻيون، تحريرون، ليڪچر وغيره سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکيڙين ته جيئن اسان جي سنڌ ۾ محبت، ٻڌي، اتحاد ۽ ايڪو قائم رهي سگهي ۽ سنڌ خوشحالي ماڻي سگهي. سندس ورسي جي حوالي سان ڊاڪٽر آڪاش انصاريءَ جي هي سِٽ ذهن ۾ تري اچي ٿي: ”ڪڏهن ڪڏهن ته سارجو“ سائين محمد ابراهيم جويي جا همعمر اديب، دانشور ۽ شاعر به پنهنجي طور تي سنڌ ۽ سنڌ واسين لاءِ گهڻو ڪجهه مواد ڇڏي ويا آهن، جن ۾ شيخ اياز، نياز همايوني، جمال ابڙو، پير حسام الدين راشدي ۽ ٻيا شامل آهن. اسان سنڌ واسين کي گهرجي ته ان دؤر جون لکڻيون ٻيهر پڙهون ۽ انهيءَ دؤر ۾ پنهنجي ڏاهن جي ڪيل تخليقن مان سبق پرايون. محمد ابراهيم جويو سندس شخصي ۽ فڪري تاريخ مدثر کهاوڙ اسان جي سونهاري سنڌ ڪيترا ئي دانشو، اديب، شاعر، مفڪر پيدا ڪيا آهن جن پنهنجي جوڀن جواني ۽ دنيا ڇڏڻ کانپوء به انهن جو نالو صدين تائين ياد ڪيو وڃي ٿو. شاعر، اديب، ليکڪ، مفڪر دنيا ڇڏي ته وڃن ٿا پر انهن جون يادون ۽ سماج ۾ ڪيل خدمتون وساري نٿيون سگهجن انهن مان اسان جي سنڌ جو ڏاهو محمد ابراهيم جويو صاحب به هڪ آهي. ناميارو عالم، اديب ۽ ڏاهو محمد ابراهيم جويو ۱۳ آگسٽ ۱۹۱۵ع تي اڳوڻي ضلعي دادوءَ (۽ هاڻي ڄامشوري) جي ڳوٺ ’آباد‘ ۾ هڪ هاريءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. ٽن سالن جو هو ته سندس والد محمد خان جويو، پهرين مهاڀاري جنگ بعد پکڙيل وڏيءَ بيماريءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. محمد ابراهيم جويي جو ننڍپڻ غربت ۾ گذريو، پر همت نه هاريندي، پرائمريءَ جا چار درجا ڳوٺ ۾ پڙهي، ۱۹۲۷ع ۾ اي. وي اسڪول سَن ۾ داخل ٿيو، جتي سائين جي ايم سيد جي مهربانين سان ٽي درجا انگريزي پڙهي، ۱۹۳۰ع ۾ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ ۾ داخلا ورتائين. جتي چوٿين کان ستين درجي تائين پڙهيو، ان زماني ۾ ستون درجو مئٽرڪ شمار ٿيندو هو، هن ۱۹۳۴ع ۾ مئٽرڪ جي امتحان ۾ سنڌ مدرسة السلام مان ٻِي پوزيشن ماڻي ۽ ۲۰ رپيا ماهوار اسڪالرشپ حاصل ڪيائين. سنڌ مدرسي ۾ ان وقت علامه عمر بن محمد دائود پوٽو پرنسپال هو ۽ جويو صاحب سندس لائق شاگردن ۾ نمايان هو. جويي صاحب ۱۹۳۸ع ۾ ڊي. جي سنڌ ڪاليج مان بي. اي جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ کيس ڪاليج ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ۽ منگهارام ملڪاڻيءَ جهڙن استادن جي صحبت ۽ محبت حاصل رهي. ۱۹۴۰ع ۾ سنڌ مدرسي طرفان بي. ٽي ڪرڻ لاءِ بمبئيءَ جي ايس. ٽي ڪاليج پڙهڻ ويو، جتان موٽندي ئي کيس ۱۹۴۱ع ۾ سنڌ مدرسي ۾ ’اسسٽنٽ ماسٽر‘ مقرر ڪيو ويو. محمد ابراهيم جويي زندگيءَ جو پهريون سنڌي مضمون ”پڃري جا پکي“ ۱۴ سالن جي عمر ۾ لکيو، سندس انگريزي ۾ پهريون مضمون Democracy in School Administration سال ۱۹۴۶ع ۾ سنڌ مدرسي جي مئگزين ’ڪرانيڪل‘ ۾ ڇپيو. سائين جي ايم سيد سندس پهريون تعليمي مددگار هو. هُو ٻن مفڪرن سائين جي ايم سيد ۽ ايم اين راءِ کان گهڻو متاثر هو، ۽ پهرين پارٽي جنهن ۾ شموليت ڪيائين، اها هئي ايم اين راءِ جيRadical Democratic Party . هُن ايم اين راءِ جي ڪتابHistorical Role of Islam جو سنڌي ترجمو ’اسلام جو تاريخي ڪارنامو‘ جي عنوان سان ڪيو. علمي زندگيءَ ۾ جويي صاحب سنڌ دوستيءَ جي راهه ۾ سرڪار جا عتاب ۽ ناراضگيون به برداشت ڪيون. ۱۹۴۷ع ۾ سنڌ مدرسي ۾ پڙهائڻ دؤران هن هڪ ڪتاب ’سنڌ بچايو- کنڊ بچايو‘Save Sindh، Save the Continent from Feudal Lords، Capitalists and their Communalists لکيو، جنهن جي ڏوهه ۾ سنڌ مدرسي بورڊ جي صدر ۽ (تڏهوڪي وزير تعليم) سندس ملازمت ختم ڪرڻ جو حڪمنامو جاري ڪيو هو. جويي صاحب جي اهليت کي مڃيندي، ٺٽي ميونسپالٽيءَ جي چيئرمئِن موليڏني عباسيءَ کيس ميونسپل هاءِ اسڪول ٺٽي جو هيڊ ماستر ٿيڻ جي آڇ ڪئي، جتي ٻن سالن تائين ۲۰۰ رپيا پگهار تي پڙهايائين. بعد ۾ اهو اسڪول به سرڪاري تحويل ۾ ورتو ويو، جتان بدلي ٿي ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فار مئن، حيدرآباد ۾ اسسٽنٽ ماسٽر طور فرض نڀايائين. ۱۹۵۱ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چونڊ سان ڪلاس ٻئين گزيٽيڊ آفيسر طور ”هاءِ پاور ايگزيڪٽو ڪاميٽي فار سنڌي لٽريچر“ جو سيڪريٽري مقرر ٿيو. ۱۹۵۴ع ۾ هاءِ پاور ڪميٽيءَ کي ’سنڌي ادبي بورڊ‘ جي نالي سان نئين سر تشڪيل ڏنو ويو، جتي ۱۹۶۱ع تائين سيڪريٽريءَ طور جانفشانيءَ سان ڪم ڪيائين. ان دوران جويو صاحب (۵۶-۱۹۵۵) ٻه سال بورڊ جي ٽماهي ’مهراڻ‘ جو ايڊيٽر به رهيو، جنهن دوران هُن جديد ادب جي وڏي سرپرستي ڪئي ۽ ’مهراڻ‘ جو اهو دؤر يادگار ليکيو وڃي ٿو. ۱۹۶۳ع کان ۱۹۶۷ع تائين هُو آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي پاڪستان ٽيڪسٽ بڪ بورڊ لاهور، ڪراچي، ڪوئيٽا ۽ حيدرآباد ۾ رهيو، ان عرصي ۾ پنج سال اعزازي طرح سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري پڻ رهيو. نومبر ۱۹۶۹ع ۾ ون يونٽ جي خاتمي جي اعلان بعد هُو سنڌ ۾ رجسٽرار ڊپارٽمينٽل ايگزئمنيشن، ڊائريڪٽوريٽ آف ايڊيوڪيشن مقرر ٿي حيدرآباد ۾ آيو. پوءِ ۱۹۷۱ع ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جو ميمبر به ٿيو. هن ڪيترائي نصابي ڪتاب به لکيا. ۱۹۷۲ع ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر، بيورو آف ڪريڪيولم ائنڊ ايڪٽينشن سروسز سنڌ، حيدرآباد مقرر ٿيو، جتان آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي ۽ بعد ۾ سيڪريٽري سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ مقرر ٿيو ۽ ۱۲ آگسٽ ۱۹۷۳ع تي رٽائر ڪيائين. ابراهيم جويي جو سنڌي ادبي سنگت سان به ابتدا کان وٺي واسطو رهيو ۽ ۵۶-۱۹۵۴ واري دؤر ۾ سنڌي ادب ۽ ادبي سنگت جي ’نئين جاڳرتا‘Renaissance جو اهم اڳواڻ رهيو. هُو اڄ به سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد شاخ جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر آهي. ۱۹۷۳ع ڌاري هُن ڪجهه سڄاڻ اديبن سان گڏجي ”سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت“ نالي اداري جو بنياد وڌو، پاڻ ان جو صدر ٿيو ۽ ان ئي پليٽ فارم تان چاليهه کن ڪتاب چپائي پڌرا ڪيائين. ۱۹۷۳ع ۾ ”سنڌ فرينڊس سرڪل“ قائم ڪري، ان طرفان ۲۰ ڪتاب شايع ڪرايائين. سرونٽس آف سنڌ سوسائٽيءَ جو ۱۹۸۲ع کان وائيس پريزيڊنٽ رهندو اچي. پنهنجي دوست، نامياري ليکڪ سراج الحق ميمڻ جي تحرڪ ۽ سرپرستيءَ ۾ ’سنڌ ايڊيوڪيشن ٽرسٽ‘ جو بنياد رکيائين، پاڻ ان جو وائيس چيئرمين ۽ مئنيجنگ ٽرسٽي آهي. سنڌ ايڊيوڪيشن ٽرسٽ واري عاليشان عمارت سراج صاحب ٽرسٽ کي سونپي علم ۽ قلم دوستيءَ جو ثبوت ڏنو. هن ٽرسٽ جي ذريعي ليڪچرن جو سلسلو هلايو، جن ۾ اهم اديبن ۽ دانشورن ليڪچر ڏنا جن کي ڇپائي پڌرو ڪيائين. جويو صاحب ۱۹۹۷ع کان ۲۰۰۲ع تائين سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمئن رهيو ۽ ۱۹۹۸ع کان هيل تائين، مختلف مرحلن ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي بورڊ آف گورنرس، مالي ڪاميٽي، پبليڪيشن ڪاميٽيءَ ۽ ادبي تحقيقي ڪاميٽيءَ جي ميمبر طور به ذميواريُون نڀائيندو اچي ۽ اٿارٽيءَ جي اسڪيمن ۾ مددگار رهيو آهي. جڏهن ۱۹۹۸ع ۾ شيخ اياز فائونڊيشن جو قيام عمل ۾ آيو ته کيس ان جو چيئرمئن مقرر ڪيو ويو. فائونڊيشن طرفان هن وقت تائين ڇهه ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيا ويا آهن. ان کان علاوه پاڻ شيخ اياز چيئر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي صلاحڪار بورڊ جو به ۲۰۰۰ع کان ميمبر رهيو آهي. ان کان سواءِ ٿياسافيڪل سوسائٽي، حيدرآباد جو وائيس پريزيڊنٽ پڻ آهي. جويي صاحب، سنڌ جي مهان شاعر شيخ اياز جي ڪيترن ڪتابن جا مهاڳ لکيا. ويجهڙائيءَ ۾ سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتي پاران ڇپجندڙ شيخ اياز جي سموري شاعريءَ ۽ نثر جي ۲۲ جامع جُلدن جي سربراهي پڻ جويي صاحب کي ڏني وئي آهي، جنهن ڪاميٽيءَ جو سيڪريٽري تاج جويو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد بابت نامياري اديب سراج جي لکيل اهم ڪتاب ”سنڌي ٻولي“ (۱۹۶۴ع) جي مهاڳ لکڻ سان گڏ جويي صاحب سوين نوجوان اديبن ۽ شاعرن جي ڪتابن تي به مهاڳ لکيا آهن ۽ سنڌ ۾ ”مهاڳ نويسيءَ“ جي فن جو استاد ليکيو وڃي ٿو. هن دنيا جي ڪلاسيڪي ادب مان خاص ڪري فڪري، نظرياتي ۽ فلسفياڻي نوعيت جا ڪيترا ڪتاب ترجمو ڪري، سنڌي ماڻهن جي فڪري غربت جو خاتمو آڻڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. محمد ابراهيم جويي ڪيترن ئي ڪتابن جا ترجما ڪيا ۽ ڪيترائي ڪتاب لکيا جيڪي ڪجهه بيان ڪجن ٿا. (۱). اسلام جو تاريخي ڪارنامو: ايم. اين. راءِ جي ڪتاب جو ترجمو (۱۹۴۵ع)، (۲). Save Sindh، Save the Continent (۱۹۴۵)، (۳). ايميلي عرف تعليم: جي. جي روسي جي ڪتاب جو ترجمو (۱۹۶۹ع)، (۴). ٻارن جي تعليم: پليو ٽارچ جي ڪتاب جو ترجمو (۱۹۷۲ع)، (۵). وحشي جيوت جا نِشان ‘:هاوَرڊ موئر جي ڪتاب ‘Savage Survivals’ جو ترجمو، (۱۹۷۶ع)، (۶). سنڌي زبان جي بنيادي لغت: (وڌايل بنيادي لغت ۽ ڪاروباري بنيادي لغت)، (ساٿين سان گڏجي تيار ڪيل: ۱۹۷۶ع)، (۷). ’فِڪر جي آزادي ‘: اسٽيفن زويگ جي ڪتابThe Right to Heresy جو ترجمو، (جون ۱۹۷۷ع)، (۸). ’گليلو ‘:برنالٽ بريخت جي ڊراميLife of Galileo جو ترجمو (۱۹۷۷ع)، (۹). ’شاهه- سچل- سامي ‘:(۱۶۸۹-۱۸۵۰- هڪ مطالعو) (۱۹۷۸ع)، (۱۰). ’ٻارن جو مسيح ‘:اينڊ بلائٽن جي ڪتاب ‘Children’s Life of Christ’ جو ترجمو (۱۹۸۰ع)، (۱۱). ’ماڻهوءَ جو ڀاڳ ‘:(ناٽڪ، لوڪ ڪهاڻيون، شاعري وغيره) (۱۹۸۰ع)، (۱۲). ’عورتازاد‘ (عورتن جي تحريڪ آزادي ):ترتيب ۽ ترجمو(۱۹۸۳ع)، (۱۳). ’فلسفي جو ابتدائي ڪورس ‘:جارج پوليزر جي ڪتاب جو ترجمو (۱۹۸۴ع)، (۱۴). ’علم تدريس مظلومن لاءِ ‘:پائلو فراري جي ڪتاب ‘Pedagogy of the Oppressed’ جو ترجمو ۹۸۴ع)، (۱۵). ’مهڪريءَ جا مضمون ‘:(ترتيب، ترجمو ۽ پيش لفظ) (۱۹۸۳ع)، (۱۶). ’اسان جي ٻولي، اسان جي تعليم ‘:(ترتيب)، (۱۹۸۵ع)، (۱۷). ’فرينچ انقلاب ‘:ايميل ايرڪمن اليگزانڊر چيتريان جي ڪتاب جو ترجمو (۱۹۹۰ع)، (۱۸). ’مُٺِ مُٺ موتين جي ‘:(هفتيوار ’هدايت‘، حيدرآباد ۾ ڇپيل مواد مان چونڊ)، (۱۹۹۲ع)، (۱۹). ’هوءَ جا ٽمڪي باهڙي‘ (پهريون جلد ):مضمون ۽ ترجما (۱۹۹۵ع)، (۲۰). ’ادب- ٻولي- تعليم ‘:(هُوءَ جا ٽمڪي باهڙي‘، جلد ٻيو) (۱۹۹۸ع)، (۲۱). خط ٻن اديبن جا ‘:(عبدالقادر جوڻيجي ۽ محمد ابراهيم جويي جا خط) (۱۹۹۹ع)، (۲۲). ’ڳالهيون ڪتابن جون‘، ڀاڱو پهريون(۲۰۰۲ع)، (۲۳). ’خط ٻن اُستادن جا ‘:(محمد ابراهيم جويو ۽ غلام علي چنا) (۲۰۰۳ع)، (۲۴). ڳالهيون ڪتابن جون‘ (ڀاڱو ٻيو) (۲۰۰۳ع)، (۲۵). خط دوستن جا (جلد پهريون: پيار، نبارُ، اٿاههُ (ابن حيات پنهور ۽ محمد ابراهيم جويي جا خط) (۲۰۰۸ع)، (۲۶). Sindh Betrayed: Her Right to Redemption; Essays and Articles، Letters (1942-2003)، (2006). ان کان سواءِ سنڌيءَ ۽ انگريزيءَ ۾ ٻولين جي مسئلي، ون يونٽ جي خاتمي ۽ ڪراچيءَ جي عليحدگيءَ جي مسئلي، استادن، ڪريڪيولم، نصاب، ادب، سياست، شاهه لطيف، سنڌي سماج، چونڊن جي ڌار سرشتي ۽ شخصيتن تي خاڪا ۽ ٻين موضوعن تي سوين مضمون، ڪتابچا ۽ پترا لکيل ۽ ڇپيل اٿس. جن جي ذريعي هن سنڌ جي ٽن پيڙهين جي ذهني تربيت ڪئي آهي. جويي صاحب کي چئن پٽن ۽ ٻن نياڻين جو اولاد ٿيو، جن مان نيلوفر جويو ڪهاڻيڪار هئي. تازو مئي ۲۰۰۹ع ۾ سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتي حڪومت سنڌ پاران پهريون ڀيرو محمد ابراهيم جويي جي مڃتا ۾ هڪ تقريب انڊس هوٽل حيدرآباد ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ثقافت ۽ سياحت جي صوبائي وزير، محترمه سسئي پليجو، سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر نثار احمد کهڙي سميت جويي صاحب جي شاگردن، مداحن ۽ اديبن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي جويي صاحب کي سنڌ جي سمورن ادبي، علمي ادارن ۽ يونيورسٽين پاران اوارڊ، شيلڊُون ۽ گلن جا تحفا ڏئي، سندس خدمتن جو اعتراف ڪيو ويو. جڏهن ته سنڌ ميوزيم، حيدرآباد ۾ ’ابراهيم جويو ڪارنر‘ پڻ قائم ڪيو ويو آهي. هو لاڏاڻي وقت صحافي ڪالونيءَ، حيدرآباد ۾ محمد ابراهيم جويو رهائش پذير هيو. محمدابراهيم جويي صاحب ۹ نومبر ۲۰۱۷ع تي پنهنجي گهر واقع صحافي ڪالوني حيدرآباد ۾ وفات ڪري پوري سنڌ سوڳوار ڪري ويو. محمد ابراهيم جويو لاء سنڌ اسيمبلي مان ٺھراءُ به پاس ڪيو ويو هيو ۽ محمد ابراهيم جويو جي ڪيل خدمتن کي پڻ ساراهيو ويو. اڄ سندس جي پهرين ورسي آهي جنهن ڪري سنڌ جي مختلف جڳهن تي محمد ابراهيم جويو کي ياد ڪري ڀيٽا پيش ڪئي ويندي. محمد ابراهيم جويو جسماني طور تي اسان کان ته جدا ٿي ويو آهي پر وسريو ناهي. سائين محمد ابراهيم جويو سنڌ جي اميدن جو اٽلس- ۲۰۱۹ مئي ۱۵ سڪندر گلاب سومرو جنهن ڏينهن کان ڪتابن کي پڙهڻ جو شوق جاڳيو، جتي سنڌ ڏيهه سان گڏ ڏيساور جي لکارين جا ڪتاب خريد ڪري پڙهڻ کي پنهنجي عادت بڻائي ڇڏي هئي سين، اتي سائين محمد ابراهيم جويي جا ڪتاب به، اسان جي ٽيبل جي زينت بڻجندا رهندا هئا. اسڪول جي زماني کان وٺي ڪاليج ۽ ڪاليج واري وقت کان يونيورسٽي ۾ داخل ٿيڻ ۽ يونيورسٽي ڇڏڻ تائين، سائين جي ڪتابن کي پڙهڻ پنهنجي لاءِ ضروري سمجهندا هئاسين. اسان اهو ڇو ضروري سمجهندا هئاسين ته، سائين محمد ابراهيم جويي جا ڪتاب ضرور پڙهڻ گهرجن؟ ان جا ڪيترائي سبب هئا. جن مان ڪجهه هيٺ بيان ڪجن ٿا. هڪ سنڌي هجڻ جي ناتي يونيورسٽي ۾ اسان جي سياست جو محور سنڌ هوندي هئي. سنڌ متعلق معلومات جو ذريعو يا ته سائين جي ايم سيد جا ڪتاب، شيخ اياز جا ڪتاب، ايم ايڇ پنهور جا ڪتاب يا وري سائين محمد ابراهيم جويو (سائين م ا جويو) جا ڪتاب، جيڪي اسانجي سياسي جدوجهد واري حلقه مطالعو (اسٽڊي سرڪل) ۾ اسان جي رهبري ۽ رهنمائي ڪندا رهندا هئا. سائين محمد ابراهيم جويو جي ڪتابن مان جيڪا معلومات، ڄاڻ ۽ علم اسان جهڙن نالي ماتر ڪامريڊن کي ملندي / ملندو هئو اسان کي هي احساس ڏياريندو هئو ته سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جو مستقبل اسان جي پنهنجن هٿن ۾ آهي. جيڪڏهن اسان پنهنجي ڌرتي ۽ ٻولي نه سنڀالي ته، اسان تاريخ ٿي وينداسين. مارڪيٽ ۾ اهڙا ڪتاب جيڪي سنڌي ۾ لکيل هجن ۽ انهن ۾ سنڌ متعلق مناسب ڄاڻ شامل هجي، نه هجڻ جي برابر هوندا هئا. جيڪڏهن ملي به ويندا هئا ته، انهن ڪتابن ۾ سنڌ جي تاريخ جي باري ۾ غلط معلومات ڏنل هوندي هئي يعني سرسري ڄاڻ جيڪا اسان جي ڪم جي بلڪل نه هوندي هئي. سڀ کان اهم ڳالهه ته سائين م ا جويو جا ڪتاب تمام گهڻو اتسائيندڙ هوندا هئا (آهن) ڪتاب کي جڏهن هٿ ۾ کڻبو هئو ته، جيسيتائين پڙهي پورو نه ڪندا هئاسين ڪتاب مان هٿ نه ڪڍندا هئاسين. سائين محمد ابراهيم جويو جا ڪتاب اسان کي هي موقعو مهيا ڪري ڏيندا هئا ته اسان جي سياست جو مرڪز هميشهه سنڌ ئي رهي ۽ اهي سندس هي ڪتاب ئي آهن جو سنڌ سان محبت اڄ به قائم ۽ دائم آهي. سائين محمد ابراهيم جويو جي ڪتابن مان اسان کي هي درس ۾ مليو ته، ڌرتي ۽ ٻولي جي خدمت ڪرڻ لاءِ ضروري ناهي ته، ماڻهو سياست کي پنهنجو پيشو يا عادت يا مجبوري بڻائي ڪري. هن کان علاوهه به کوڙ سارا اهڙا شعبا آهن جن جي وسيلي اسان ڌرتي ۽ ٻولي جي خدمت خوب ڪري سگهون ٿا. جنهن جو وڏو مثال سائين پاڻ آهي. آخري پر، نه حتمي، سائين جا ڪتاب ترقي پسند ادب جا شاهڪار، روشن خيالي جا مينار ۽ پنهنجي مسئلن کي عقليت ۽ سائنسي بنيادن تي حل ڪرڻ جو درس ڏيندا هئا. هي به حقيقت آهي ته، انسان فطرتي طور تي انهن شين ڏانهن گهڻو راغب ٿئي ٿو جنهن سان هن جو ثقافتي تعلق هجي ٿو. ٻولي پنهنجي هڙني لهجن سميت، ڌرتي، ڌرتي تي موجود وڻ ٽڻ، نديون، درياءَ، سمنڊ، هوائون، پهاڙ، واديون، فصل، ريتون رسمون، ڪاڄ ، رانديون، ميلا ملاکڙا، ڍنڍون ۽ ڍورا، موسمون، آبهوا، ماحوليات ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه جيڪو ان ڌرتي تي موجود هجي ٿو ان سان انسان جو جيڪو رشتو جڙي ٿو اهو ڏاڍو مضبوط هجي ٿو. انسان جو پنهنجي ڌرتي سان لاڳاپيل هرشيءِ سان جذباتي لڳاءُ هجي ٿو اهوئي سبب آهي جو سائين م ا جويو سئو سال به جيئي ٿو ته، ڪٿي به ڪنهن به مهل پنهنجو رشتو پنهنجي ڌرتي سان ٽوڙي نٿو پر، هو ان لاءِ هر نئين آئي ڏينهن نوان خواب ڏسي ٿو، پنهنجي وطن جي انهن ماڻهن کي مخاطب ٿئي ٿو جن جي هٿن ۾ وطن جي قسمت هجي ٿي ۽ ايندڙ نسل جو مستقبل هجي ٿو پنهنجي هڪ پمفليٽ ۽ خط وسيلي (۲۵ جون ۱۹۴۷ پاڪستان جي ٺهڻ کان تقريبن ڏيڍ مهينو اڳ) خبردار ڪري رهيو آهي ته، توهان هوشيار ٿيو، تاريخ هر قوم کي زندگي ۾ صرف هڪ موقعو ڏئي ٿي. انگريز (۱۹۴۷- ۱۶۱۲ مجموعي عرصو ۳۳۵ سال، ۱۶۱۲–۱۷۵۷ دوران ايسٽ انڊيا ڪمپني طور، ۱۷۵۷-۱۸۵۸ دوران ڪمپني جي حاڪميت طور ۽ ۱۸۵۸-۱۹۴۷ دوران براه راست برطانوي راڄ طور) هتان ٽپڙ گول ڪري رهيا آهن، ننڍي کنڊ جو ورهاڱو ٿي رهيو آهي ۽ ٻه ملڪ ٺهڻ وڃي رهيا آهن توهان ڪنهن جي به پاسي نه وڃو پر، پنهنجي سنڌ ڌرتي کي هڪ آزاد ملڪ جي حيثيت ۾ بحال ڪرڻ جي لاءِ سوچيو ڇو ته، سنڌ هميشهه هڪ آزاد پرڳڻو رهي آهي. اڄ قسمت جي ديوي توهان جي در تي ٺڪ ٺڪ ڪري رهي آهي. ٻيلي ڏاها ٿيو اهڙو فيصلو نه ڪيو جو سنڌ جو آئيندو هميشهه جي لاءِ اونداهو ٿي وڃي. پنهنجي ڪتابچي “سنڌ بچايو کنڊ بچايو” (وڏيرن کان، سرمائيدارن کان ۽ انهن جي فرقيواريت کان) جي عنوان هيٺ نوجوان ابراهيم ۽ سنڌ رنيئزنز ايسوسئيشن (سنڌ سجاڳي انجمن) جي اعزازي سيڪريٽري جي حيثيت ۾ پنهنجي ان ساڳي ڳالهه کي ورجائي رهيو آهي بقول شبير نظاماڻي جي “جڏهن اهو فيصلو ٿي چڪو هو ته ننڍي کنڊ جو ورهاڱو ٿيندو ۽ ان مان ٻه ملڪ هندستان ۽ پاڪستان جنم وٺندا. ان وقت جي سنڌ اسمبلي ۶۰ ميمبرن تي مشتمل هئي جنهن ۾ اڪثريت مسلمان ميمبرن جي هئي. هي ڪتابچو انهن ۽ ٻين اسمبلي ميمبرن لاءِ لکيو ويو هو ته جيئن انهن کي خبردار ڪري سگهجي ته اهي جنهن اسمبلي جا ميمبر آهن ان تي تاريخ هڪ اهم بار وجهي ڇڏيو آهي. جيڪڏهن انهن اهو وزن تاريخي سمجهه ۽ ڏاهپ جي آڌارا تي نه کنيو ته سنڌ ۽ سنڌ جا ماڻهو هڪ غلامي جي کاهي مان نڪرڻ بدران ان کاهي ّذريعي ٻي کڏ ۾ وڃي ڪرندا جتان انهن جو نڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پوندو”. (ص ۱۰، روزاني سنڌ ايڪسپريس، حيدرآباد، ۱۰ نومبر، ۲۰۱۷). سوال ٿو پيدا ٿئي ته سائين م ا جويو هي سڀ ڳالهيون ڇو، ڇالاءِ ۽ ڪنهن لاءِ ڪري رهيو هيو؟ نوجوان ابراهيم کي آخر هي الڪو ڇو اچي لڳو هو ته، تاريخ اسان کي پاڻ موقعو ڏئي رهي آهي پر اسان جي پنهنجي سنڌ اسمبلي جا ميمبر مذهب جي الائي ڪهڙي عشق ۾ مبتلا آهن جو هنن کي سندس جي ڳالهه سمجهه ۾ ڪونه ٿي اچي. تاريخ، فلسفي ۽ ڏاهپ جي شاگرد جي حيثيت سائين کي اهو خطرو نظر اچي رهيو هيو ته، هن خطي جنهن تي پاڪستان ٺهي رهيو آهي ان خطي ۾ پنجاب هڪ اهڙو علائقو آهي جنهن جو نه ته ڪو اصول آهي ۽ نه هن جو ڪو دين ايمان سان واسطو آهي. رنجيت سنگهه جي دور کان وٺي سنڌ تي ڪاهون ٿينديون رهيون آهن پر هر ڀيري هنن کي ناڪامي پلئه پئي آهي. پنجاب جي نظر سنڌ تي آهي ۽ مذهب جي آڙ ۾ ٺهندڙ هن نئين رياست جا اثرات تمام گهڻو اگرا نڪرندا! سائين هنن کي سمجهائي رهيو هيو ته، مذهب بهانو، نئون ملڪ پاڪستان آستانو ۽ سنڌ نشانو آهي. پر افسوس سنڌ اسمبلي جي ميمبرن اهوئي ڪجهه ڪيو جنهن جو انديشو هو. سائين محمد ابراهيم جويو کي نوجوان ۽ هڪ شاگرد سمجهي هن جي ڳالهه ۽ ڏاهپ تي ڪو ڌيان نه ڌريو ويو پر تاريخ ڏاڍي بي رحم آهي ان بي رحم تاريخ ثابت ڪيو ته، سائين محمد ابراهيم جويو جيڪو ڪجهه پنهنجي هڪ ننڍڙي پمفليٽ ۽ ڪتابچي ذريعي چيو ۽ لکيو اهو سچ ثابت ٿيو. تاريخ هميشهه کان ڏاهن سان دوستي رکندي آئي آهي ۽ ان دوستي جي نتيجي ۾ ڏاهن به هن سان خوب نڀايو آهي. اها ڏاهپ ئي آهي جيڪا هڪ سوچيندڙ انسان کي نه صرف سوال ڪرڻ سيکاري ٿي پر، هن جي ارد گرد ٿيندڙ مظهرن تي سوال پڻ اٿارڻ لاءِ اڀاري ٿي ۽ هڪ ڏاهو انسان جڏهن ارد گرد ٿيندڙ عجيب و غريب حرڪتن، انيائن ۽ ڏهڪائن جيڪي يا ته خدا جي نالي تي ٿي رهيون هونديون آهن يا پنهنجي اڻڄاڻائي جي سبب ماڻهو لٽجي ۽ ڦٽجي رهيا هوندا آهن انهن تي سوال اٿاري ٿو ته، معاشري ۾ هن خلاف باهه ٻري وڃي ٿي، طرح طرح جا القاب، تحمتون ۽ الزام لڳايا وڃن ٿا ايتري تائين جو ان سوال ڪرڻ واري جي ايمان تي شڪ ڪيو وڃي ٿو ۽ ڪفر جون فتوائون صادر ڪيون وڃن ٿيون. سائين م ا جويو جڏهن سنڌ کي پنهنجو اهو سماج موٽائي ڏيڻ جي ڳالهه ڪري ٿو جيڪو اصل ۾ سنڌ جي سڃاڻپ هئي ۽ ان لاءِ هو ڪتاب “سيڪيولرازم ۽ عقليت پسندي” لکي سنڌ جي نوجوانن کي مخاطب ٿئي ٿو ۽ وهمن، وسوسن، توهم پرستي، انڌي عقيدي پسندي کي ننديدي هو سنڌ جي نوجوانن کي مخاطب ٿيندي چئي رهيو آهي ته توهان پنهنجي هر مسئلي کي عقل ۽ علم جي بنياد تي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو نڪي ڪنهن لولي لنگڙي ملي جي چوڻ تي ڦيڻا پڙهائي بيمارين کي ڀڄايو، گهرو اڻبڻتن تي بيبن کان تعويذ نه وٺو پر ڏاهپ ئي اها شئي آهي جنهن کي ساڻ کڻي توهان پنهنجا کوڙ سارا مامرا، معاملا ۽ مسئلا خود به خود حل ڪري سگهو ٿا.. جامي چانڊيو بطور هڪ ايڊيٽر لکي ٿو، “پنجاهه ۽ سٺ جي ڏهاڪي ۾ هتي به اوهام پرستي جي مقابلي ۾ عقليت پسندي جا لاڙا متعارف ٿيڻ شروع ٿيا. سنڌ ۾ اهڙا روشن خيال عنصر اڀري رهيا هئا جن جي بنيادي تربيت ۱۶هين صدي کان ۱۹هين صديءَ جي ان نئين سجاڳي جي فڪر منجهان ٿي هئي ۽ نتيجي ۾ انهن سنڌ ۾ دنيا جي اڳتي وڌي ويل سائنسي شعور کي متعارف ڪرائڻ شروع ڪيو. سنڌ ۾ ان نئين سجاگي جي سفر جو پهريون امين م ا جويو هو”. (ص ۸-۹، ڪتاب سيڪيولرازم ۽ عقليت پسندي، ڇاپو ٽيون، سال ۲۰۱۴، از م ا جويو). جڏهن هن ڪتاب جو واهپو وڌي ٿو ۽ ماڻهو هن ڪتاب کي پڙهڻ شروع ڪن ٿا ته هن خلاف واويلا وڌي ٿي. هو جڏهن مذهب جي نالي تي هلندڙ دڪانداري کي نندي ٿو ته هن خلاف هي آواز اٿن ٿا ته، هو سنڌ ۾ انتشار پکيڙي رهيو آهي ۽ نوجوانن کي مذهب کان ڏور ڪري رهيو آهي. جامي چانڊيو پنهنجي ان ساڳي ڳالهه جي سلسلي کي اڳتي وڌائيندي لکي ٿو، “۽ ڇاڪاڻ ته سندن بنيادي جهيڙو آهي ئي عقل، سائنسي علم، دليل ۽ مادي شعور سان، ان ڪري سندن نشانو به اهڙا ماڻهو، قدر ۽ رجحان آهن جيڪي تاريخ، فطرت ۽ سماج جي مادي شعور جي ترجماني ڪن ٿا. هڪ رسالي (نام نهاد) “بيداري” ۾ هڪ اهڙي ئي صاحب (محمد موسى ڀُٽي) طويل مضمون لکي پنهنجيءَ پر ۾ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته سنڌي سماج جي هن پست حالي جو سبب سائنسي ۽ مادي فڪر جي ترويج آهي ۽ ان سڄي “ڏوهه” جو “ذميوار” جويي صاحب کي قرار ڏئي کيس “مجرم” جي لقب سان مخاطب ڪيو آهي. جويو صاحب جا ڪيترائي اهڙا ڪتاب، مضمون، ڪالم، ليڪچر ۽ لکڻيون آهن جن کي پڙهڻ کانپوءِ انسان سوچڻ تي مجبور ٿئي ٿو. هو جڏهن هي سوچي ٿو ته، ڪاش سنڌ وطن ۾ امن هجي، بهاري هجي، سماجي انصاف هجي ته هو جويو صاحب جو ڪتاب “سنڌ جا مون سپنن ۾ سوچي” کڻي پڙهڻ شروع ڪري ٿو. هو جڏهن هڪ تعليمي ماهر، تعليمي منتظم يا استاد هجي ٿو ۽ پنهنجي کيتر ۾ تعليم کي سڌارڻ جا سانڀاها ڪري ٿو ته هو سائين پاران ترجمو ڪيل ڪتاب “تعليم جو مسيحائي ڪردار” پڙهي ٿو، هو جڏهن فڪر ۽ ڏاهپ جي ڳالهه ڪري ٿو ته هن سامهون سائين جو ڪتاب “فڪر جي آزادي” پيو آهي، هو جڏهن اخلاق جي دائرن ۾ رهندي صحيح ڇا آهي، غلط ڇا آهي گناهه ۽ ثواب جو تصور ڪيتري قدر مذهبي آهي، ڪيتري قدر سماجي يا ضرورت آڌار آهي. ماڻهو ڏوهه ۽ ڊوهه ڇوٿو ڪري، هو جيڪڏهن چڱو آهي ته پنهنجي نظر ۾ ۽ جيڪڏهن برو يا خراب آهي ته ٻين جي نظر ۾، ائين ڇو آهي. انسان ۽ حيوان جو تعلق پنهنجو پاڻ سان، معاشري سان ڪيتري قدر منطقي آهي؟ هنن ۽ اهڙن کور سارن سوالن جي جوابن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ جويو صاحب جو ڪتاب “وحشي جيوت جا نشان” پڙهي ٿو. جويو صاحب نه ڪنهن تعارف جو محتاج هيو ۽ نه ئي هن کي ڀيٽا يا مڃتا جي ضرورت آهي. جويو صاحب ته خود هڪ تعارف آهي روشن خيالي جو، شعور جو، علم ۽ عقل جو ۽ هڪ صدي جي عرصي دوران سندس ڪيل ڪم هن کي خود ڀيٽا ڏئي رهيو آهي، مڃتا ڏئي رهيو آهي. ضرورت آهي ته بس هن ڳالهه جي ته حڪومت هن جي قومي پورهيي کي دنيا جي مختلف ٻولين ۾ ترجمو ڪرائي ڏيهان ڏيهه روشناس ڪرائي ۽ هي ٻڌائي ته، دنيا ۾ هڪ خطو اهڙو به آهي جنهن کي سنڌ چون، ۽ جڏهن دنيا وارا هي پڇا ڪن ته سنڌ جا ماڻهو پنهنجن ڏاهن سان ايترو گهڻو پيار ڇوٿا ڪن ته جواب هي هجڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته اسان جا ڏاها سنڌ سان بي پناهه پيار ڪن ٿا. سنڌ جي نوجوانن، علم و ادب سان واسطو رکندڙ ادڙن ۽ ادڙين، سياسي و سماجي ڪارڪنن سماج سڌارڪ تنظيمن، اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽي ۾ درس ۽ تدريس سان واسطو رکندڙ، پڙهندڙ شاگردن، فنونِ لطيفه، آرٽ، موسيقي ۽ فلمڪاري، ناٽڪ نويسي سان لاڳاپيل دوستن ۽ سنڌ اسمبلي (سنڌ راڄ سڀا) ۾ سنڌي عوام جي ووٽ تي چونڊجي آيل ميمبرن وٽ جيڪڏهن سنڌ کي بهتر بڻائڻ جا خواب آهن، منصوبا ۽ رٿائون آهن، سنڌي عوام کي بنيادي سهولتون مهيا ڪري ڏيڻ جا قول اقرار آهن ته پوءِ توهان سڀني کي سائين محمد ابراهيم جويي جي ڪتابن کي پڙهڻ گهرجي ۽ پنهنجن خوابن، منصوبن ۽ رٿائن ۽ قول اقرارن کي سائين جي خوابن، منصوبن ۽ رٿائن سان سلهاڙي ڏسو ۽ عمل ڪري ڏسو يقين ڄاڻو توهان کي ڪاميابي ضرور ملندي اهو انهيءَ ڪري ٿو چوان ڇاڪاڻ ته سائين محمد ابراهيم جويو سنڌ جي اميدن جو اٽلس آهي ۽ جيڪدهن اسان سڀئي ملي ڪري هي فيصلو ڪيون ته ٻيلي گهڻو ٿيو هاڻي اسان جو حدف سنڌ جي بهتري ۽ عوام کي مناسب پر بنيادي سهولتون يقينن سندن چاٺ تي مهيا ڪري ڏنيون وينديون ته اسان هڙئي نه صرف سنڌ جا معمار ثابت ٿينداسين پر اسان هڪ نئين تاريخ رقم ڪنداسين. هڪ سهڻي سنڌ من مهڻي سنڌ. ابراھيم جويو صاحب جون يادون ڊاڪٽر آزاد قاضي نامور عالم محمد ابراهيم جويي صاحب سان هون ته ڪيتريون ئي يادون وابسته آهن پر هتي يوسف جي خريدارن ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ٻه چار ڳالهيون پيش ڪجن ٿيون. ۲۰۰۳ع ۾ سائين جي ايم سيد جي ۱۰۰ سالا جشن ملهائڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو ته ان ۾ جويي صاحب مکيه صلاحڪار هو. سمورا پروگرام سندس صلاح سان ٿيا. ايتري قدر جومختلف عالمن کان سيد جي حوالي سان ڌار ڌار عنوانن تي مقالا لکرائڻن واري اهم رٿا پڻ پاڻ تيار ڪرايائين. ان سلسلي ۾ جويي صاحب سان جيڪي لاڳيتيون ملاقاتون ٿيون انهن ۾ اهو خيال آيو ته جويي صاحب ۽ سائين جي ايم سيد جي خط وڪتابت کي ڪتابي شڪل ۾ اچڻ گھرجي. ٿيو ائين ته هڪ ڏينهن جويي صاحب سان ڪچهري ڪندي سامهون ريڪ تي رکيل فائيلن تي نظر پئجي وئي جن مان هڪ تي لکيل هو سائين جي ايم سيد جا خط!. منهنجي ذهن ۾ هڪ دم ڪتاب تيار ڪرڻ جو خيال آيو. جويي صاحب کان اجازت وٺي، اهو فائيل کڻي ويس ۽ سائين جي ايم سيد جي لائبريري مان جويي صاحب پاران سيد کي لکيل خطن جي ڳولا ڦولا ۾ لڳي ويس ڪتاب تيار ڪرڻ جي سلسلي ۾ چونڊ ترتيب کان وٺي هر عمل تائين جويو صاحب جو تعاون رهيو. ايتري قدر جو مون جڏهن کيس مواد لاءِ مهاڳ طور ڪجھه لکي ڏيڻ لاءِ چيوته پاڻ مون ڏانهن شفقت واري نظر سان ڏسندي چيو هيائين ته ڀاءُ اوهان ئي ٻه اکر لکي وٺو اها ڳالهه مون لاءِ وڏو اعزاز هئي تڏهن مون اهو مهاڳ لکي جويي صاحب کي ڏيکاريو. ڪتاب سندس ان رهبري ۾ تيار ڪري ورتو مواد جي ترتيب وقت جويي صاحب جي پاران اخترڪاڪي پوٽي جي نالي ۾ لکيل هڪ مضمون “انقلابي مُلي جو سياسي پوسٽمارٽم” جو ذڪر آيو ته کين گذارش ڪيم ته هاڻِ ته اهو اوهان جي نالي ۾ شايع ٿيڻ گھرجي پاڻ منهنجي ان راءِ سان سهمت ٿيندي کلي نه رڳو اجازت ڏنائين پر ان تي موجوده نئون نالو به پاڻ ئي تجويز ڪيائون، اهو مضمون ڪتاب ۾ شامل آهي. ڪتاب جي عنوان تي صلاح پئي ڪئي سون ته پاڻ، سڏ پڙاڏو نالو تجويز ڪيائين ان تي مون کين اها ياد دهاني ڪرائڻ چاهي ته ڪيرت ٻاٻاڻي جو ڪتاب پڻ اهڙي نالي سان آهي، تڏهن پاڻ چيائين ته ان عنوان جو ٻيو مطلب آهي. پنهنجي نالي جو مفهوم اهو آهي ته سيد سنڌ جو سڏ آهي ۽ جويو ان جو پڙاڏو آهي . جويو صاحب سنڌي قوم جي وسيح تر اتحاد جو وڏو شيدائي ۽ خواهش مند هو ڪيئي ڀيرا ڪچهرين دوران اهو اظهار ڪيائين ته سنڌ جون سياسي ڌريون مڪمل طور گڏجي جدوجهد ڪرڻ واري مرحلي تائين پهچن ئي پهچن ان کان اڳ جيڪڏهن اهي سڀ هڪ جاءِ ويهي گڏجي چانهه جو ڪوپ پي اٿن تڏهن به پنهنجن توڙي پروان تي اها ڳالهه وڏو اثر ڇڏيندي. سندس اها خواهش ئي هئي جنهن ڪري ٻه ڀيرا سنڌ جي وسيح تر اتحادن لاءِ ٿيندڙ ڪوششن ۾ پاڻ سرگرمِ عمل رهيو. هڪڙو سائين جي ايم سيد جي سربراهيءَ ۾ ٿيندڙ اتحاد ۽ ٻيو ممتاز علي خان ڀٽي جي سربراهيءَ ۾ ٿيندڙ اتحاد. سائين جي ايم سيد سان ته سندس ننڍ پڻ کان لنوَ لڳل هئي پر ممتاز علي ڀٽو جيڪو نه رڳو نالي چڙهيو وڏيرو هو پر پوءِ هٿ ٺوڪيو سردار به ٿي ويو، جويي صاحب جهڙي سوشلٽ خيال رکندڙ دانشور سنڌ جي وسيح تر مفاد لاءِ سڀ ڳالهيون درگذر ڪري ان جي سربراهيءَ ۾ به ڪم ڪيو. سندس اها ايمانداري ۽ سچائي اهڙن پاڻ پڻي جو شڪار سياست بازن لاءِ بهترين سبق آهي جيڪي ڳالهيون ته اتحاد جون ڪندا آهن پر عمل ۾ ايندڙ وسيح تر اتحادن ۾ هي وڏيرو آهي ۽ ڦلاڻو وڏيرن جو ساٿاري آهي، جهڙيون فتوائون ڏيئي ڦيٽاري وجھڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. سنڌ ۾ ڊگھي عرصي کان هتان واري سياسي وايو منڊل ۾ سنڌ جي حيثيت واري تعين واري حوالي سان بحث هلندا پئي آيا آهن جنهن جي نتيجي ۾ نوان اتحادي، نوان دوست ۽ مخالف واريون صفون ٺهنديون ۽ ڊهنديون رهيون آهن. اهو هڪ فطري عمل آهي ان سموري مهي ولوڙڻ ۾ ۱۹۴۰ وارن قراردادد جو بار بار ذڪر ٿيندو پئي رهيو آهي، هڪ طرف حڪمران قوتن به مختلف حوالن سان سوچڻ شروع ڪيو آهي ته ٻئي طرف اڳ انقلاب جون دعوائون ڪندڙ ۱۹۴۰ واري قرارداد سان ڪلهو هڻڻ لاءِ پنهنجي پنهنجي جماعتن جا نشان جهڙوڪ جهنڊا ۽ نارا تبديل ڪري ميدان ۾ لٿا آهن. ڪير ڪٿي ٿو بيهي، ڪهڙي ٿو سياست ڪري اهو هر ڪنهن کي حق آهي پر اهو ڪنهن کي به اختيار ڪونهي ته هو پنهنجون من پسند ڳالهيون ٻين سان لاڳو ڪري. تازو جويي صاحب بابت مضمون لکندي هڪ اهڙي سياست ڪار جيڪو ڦيريون کائڻ ۾ مشهور آهي، لکيو آهي ته: “جويي صاحب حيدرآباد ۾ ٿيل هڪ تقريب ۾ اظهار ڪيو ته ۱۹۴۰ع واري ٺهراءَ جو مقصد قومي وحدتن جي آزاد ۽ خودمختيار Sovereign and Autonomous حيثيت هو”. اها ڳالهه ان مهربان حسب معمول اڌوري، اڻپوري ۽ پنهنجي من پسند پيش ڪئي آهي جنهن جو بنياد ان ٻڌ سڌ واري معلومات تي آهي جيڪا کيس پنهنجي موڪليل نمائندي کان ملي سگھي. ان پروگرام ڪرائڻ ۾ منهنجو وڏو عمل دخل هو اهو پروگرام ڪنهن سياسي جماعت جو نه پر جي ايم سيد فائونڊيشن جو ڪرايل هو ان موقعي تي جويي صاحب ۱۹۴۰ واري قرارداد کي اهميت ڏيڻ ۽ ان تي ڳالهائڻ بجاءِ پنهنجو اڳ شايع ڪرايل مضمون “پاڪستان جو ٺهراءُ جيئن اهو ۳ مارچ ۴۳ تي سنڌ ليجسليٽو اسيمبليءَ ۾ بحث هيٺ آيو” فوٽو اسٽيٽ ڪرائي کڻي آيو هو. ۱۹۴۰ع جي قراردات جو مختصر ذڪر ڪرڻ بعد سائين جي ايم سيد جي ان مان مطمئن نه هئڻ جو ذڪر ڪندي ۱۹۴۳ع واري نئين سر پاس ڪرايل قرارداد بابت اهو ڇپيل پيپر پڙهيو هيائين جيڪو سندس ڪتاب سڏ پڙاڏو کان سواءِ ٻين به ڪيترين جاين تي شايع ٿيل آهي. محمد ابراهيم جويو مون سي ڏٺا ماءُ ڊاڪٽر دُر محمد پٺاڻ جناب محمد ابراهيم ولد محمد خان جويو ۱۲ آگسٽ ۱۹۱۵ع تي ڳوٺ آباد ۾ ڄائو، ابتدائي چار درجا ڳوٺ جي اسڪول ۾ پڙهڻ کان پوءِ لڪيءَ جي اسڪول ۾ داخل ٿيو ۽ اتي ڇهين درجي سنڌيءَ تائين تعليم ورتائين. انگريزي تعليم ”اي وي اسڪول“ سن ۽ ”سنڌ مدرسي“ مان ورتائين. سال ۱۹۳۴ع ۾ مئٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ جويو صاحب ”ڊي جي سنڌ ڪاليج“ ڪراچي ۾ داخل ٿيو، جتان ۱۹۳۸ ع ۾ بي اي ڪيائين. گريجوئيشن ڪرڻ کان پوءِ جويي صاحب ”سنڌ مدرسي“ ۾ استاد جي حيثيت سان پنهنجي ملازمت جو آغاز ڪيو. انهي ئي ملازمت دوران ۱۹۴۰ع ۾ بمبئي مان بي ٽي جو امتحان پاس ڪري آيو. ورهاڱي کان ڪجهه وقت ”سنڌ کي بچايو، ننڍي کنڊ کي بچايو“ نالي انگريزي ۾ ڪتاب لکيائين. وطن دوستيءَ جي انهيءَ جذبي پنهنجي ملازمت تان هٿ کڻايا. ورهاڱي کان پوءِ ۱۹۴۸ع ۾ جويو صاحب “ميونسپل هاءِ اسڪول” ٺٽي جو هيڊ ماستر ٿيو .جڏهن وقت جي سرڪار انهيءَ اسڪول کي تحويل ۾ ورتو کيس “ٽرينگ ڪاليج فارمين”حيدرآباد ڏانهن بدلي ڪيو ويو، جتي ۱۹۵۱ع تائين ڪم ڪيائين. انهيءَ کان پوءِ مارچ ۱۹۵۴ کان وٺي فيبروري ۱۹۶۱ع تائين “سنڌي ادبي بورڊ” جو سيڪريٽري ٿي رهيو. فيبروري ۱۹۶۱ع ۾ کيس حيدرآباد ريجن جي تعليمي ڊائريڪوٽريٽ ۾ پبليڪيشن آفيسر مقرر ڪيو ويو. جنهن کان پوءِ نومبر ۱۹۶۲ع ۾ “اولهه پاڪستان ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ۾ آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي مقرر ٿيو. ۱۹۶۳ع کان آگسٽ ۱۹۶۷ع تائين انهيءَ بورڊ جي حيدرآباد، ڪراچي ۽ ڪوئٽيا ريجن جو انچارج ٿي رهيو، ۽ ساڳي ئي وقت ”سنڌي ادبي بورڊ“ جي اعزازي سيڪريٽريءَ جي حيثيت سان به ڪم ڪيائين. ان کان پوءِ ”گورنمنٽ هاءِ اسڪول جيڪب آباد“ جو هيڊ ماستر ۽ مارچ ۱۹۶۸ع کان نومبر تائين ”گورنمينٽ ٽرينگ ڪاليج ڪوهاٽ“ جو پرنسپال ٿي ڪم ڪيائين. تنهن بعد سيپٽمبر ۱۹۷۰ع تائين حيدرآباد ريجن جي تعليمي ڊائريڪٽريٽ ۾ “کاتي جي امتحانن” جو رجسٽرار مقرر ٿيو. ان کان پوءِ جنوري ۱۹۷۱ع تائين تعليم کاتي جو ڊپٽي ڊائريڪٽر، آگسٽ ۱۹۷۱ع تائين ”سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ“ جو سيڪريٽري، سيپٽمبر ۱۹۷۱ع کان جولاءِ ۱۹۷۲ع تائين خيرپور ڊويزن ۾ اسڪولن جو انسپيڪٽر ۽ ان کان پوءِ ٻن مهينن لاءِ “ايڊيوڪيشن ايڪسٽيشن” جو ڊپٽي ڊائريڪٽر ٿي رهيو. آخر ۾ ۲۱ آگسٽ ۱۹۷۳ع تي “سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ” جي آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي جي عهدي تان رٽائر ڪيائين. جويي صاحب سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جا دل تي گهڙا ڀريا آهن. کين هڪ “استاد-اديب” جي حيثيت حاصل آهي، هن دور جا ڪتيرائي نامور اديب ۽ شاعر سندس نظرياتي تربيت جي رنگ ۾ ورتل آهن. هن صاحب ڀريا پندرهن سال “سنڌي ادبي بورڊ” جي خدمت ڪئي آهي، ۽ سندس دور جي “سنڌي ادبي بورڊ” جي ڪارڪردگي اڄ به مثال جي حيثيت رکي ٿي. سندس ئي ڪوشش سان “سنڌي ادبي بورڊ” ٻارڙن لاءِ” گل ڦل” رسالو جاري ٿيو. ان کان سواءِ پاڻ ۱۹۵۵ع کان ۱۹۵۶ع تائين ٽه ماهي “مهراڻ” جو ايڊيٽر به ٿي رهيو. جويي صاحب جي ڪوششن سان ۱۹۶۴ع ۾ “سنڌي اديبن جي ڪو آپريٽو سوسائٽي” قائم ٿي، جنهن طرفان سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي تعريف جوڳي خدمت ٿي رهي آهي. جويو صاحب نه رڳو تعليم جو ماهر ۽ اشاعتي مسئلن جي ڄاڻو جي حيثيت رکي ٿو، بلڪ سنڌي علم ادب جي دنيا ۾ اديب جي روپ ۾ به ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. پاڻ ڪجهه شاعري به ڪئي اٿس، ليڪن شاعر کان وڌيڪ مترجم ۽ ليکڪ جي حيثيت سان مشهور آهن. سندس لکيل توڙي ترجمو ٿيل ڪتابن جو وچور هن ريت ٿئي ٿو. “ايملي عرف تعليم“ (تعليم- ۱۹۵۰)، “گل” (تربيت -۱۹۵۶)، “سنڌي پهريون ڪتاب“ (نصابي ڪتاب -۱۹۶۰)، “آسان سنڌي پهريون ڪتاب” (نصابي ڪتاب -۱۹۶۱)، “تاريخ پاڪستان” (تاريخ- ۱۹۶۲)، “سنڌي چوٿون ڪتاب“ (نصابي ڪتاب- ۱۹۶۲)، “سنڌي پرائيمري“ (نصابي ڪتاب- ۱۹۶۲)، “سنڌي ڇهون ڪتاب” (نصابي-۱۹۶۶)، “سنڌي چوٿون ڪتاب” (نصابي ڪتاب- ۱۹۶۷)، “سنڌي پنجون ڪتاب” (نصابي ڪتاب-۱۹۶۷)، “سنڌي ڇهون ڪتاب” (نصابي-۱۹۶۷)، “سنڌي ستون ڪتاب” (نصابي-۱۹۶۷)، “ٻارن جي تعليم” (تعليم- ۱۹۷۲)، “انگي حساب” (نصابي- ۱۹۷۳)، “اچو ته لکون” (تعليم- ۱۹۷۳)، “بالغن جي تعليم استادن جو رهبر” (تعليم- ۱۹۷۳)، “اچو ته وڌيڪ پڙهون” (تعليمي/ نصابي -۱۹۷۳)، “سنڌي زبان جي بنيادي لغت” (لسانيات، ساڻي مرتب-۱۹۷۳)، “سنڌي زبان جي ڪاروباري بنيادي لغت” (لسانيات، ساڻي مرتب ۱۹۷۴)، “سنڌي زبان جي وڌايل لغت” (لسانيات، ساڻي مرتب- ۱۹۷۳)، “سنڌي ٻيو ڪتاب“ (نصابي- ۱۹۷۳)، “سماجي اڀياس“ (نصابي)، “گليلو“ (ترجمو ناٽڪ -۱۹۷۷)، “فڪر جي آزادي” (ترجمو) ۽ “شاھ، سچل سامي“ (تنقيد- ۱۹۷۸). جويو صاحب سنڌ جي انهن چونڊ ماڻهن مان هڪ آهي، جيڪي پنهنجي ذات ۾ هڪ مڪمل انجمن هوندا آهن. جويو صاحب هڪ مڪمل تحريڪ آهي ۽ پنهنجيءَ جاءِ تي هڪ آدرش آهي، اهو آدرش جنهن کي ڀرپور نموني سان چاهيو به ويو ۽ جنهن سان نفرتون ڪندي به ڪونه گهٽايو ويو. پوءِ به انهن سردين ۽ گرمين کي سهندي، گل ۽ خار جا مزا ماڻيندي به پنهنجي منزل طرف روان آهي. جويي صاحب سان “غائبانه ڏيٺ“ ته گهڻو اڳ ٿي چڪي هئي، پر کيس ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جو موقعو ڪراچيءَ ۾ اچڻ کان پوءِ مليو. مون کي ياد ٿو پئي ته آئون جڏهن ڏوڪري هاءِ اسڪول ۾ استاد هئس، ان وقت جويو صاحب اسان جو آفيسر ۽ انسپيڪٽر آف اسڪولس هو. هن صاحب انهيءَ ايامڪاريءَ ۾ پنهنجي زبردست هاءِ اسڪولن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي پنهنجي تاريخ مرتب ڪري ڏانهس موڪلين. انهيءَ سلسلي ۾ اسان جي اسڪولن ڏانهن به هڪ سوالنامو موڪليو ويو هو. هيڊ ماستر جي منشا تي ڏوڪري هاءِ اسڪول جي تاريخ مون کي ئي لکڻي پئي. مون کي ياد ٿو پئي ته انهيءَ مختصر تاريخ ۾ مون سموري ڏوڪري تعلقي جي ثقافتي ۽ ادبي ادارن ۽ شخصين تي به لکيو هو. ان کانسواءِ اسڪول جي پيدا ڪيل عالمن، اديبن، شاعرن ۽ آفيسرن جو وچور به ڏنو هو. ستت ئي جويو صاحب بدلي ٿي ويو ۽ خيرپور ڊويزن جي اسڪولن جي تاريخ جو اهم ڪم اڌورو رهجي ٿو. جويي صاحب جي بدلي ٿيڻ کان پوءِ اسان به ڏوڪري هاءِ اسڪول ۾ ٽڪاءُ نه ڪيو. جنگشاهي جي هاءِ اسڪول کان ڦرندا گهرندا اچي ڪراچيءَ جي ڪاليج ۾ پهتاسين. منهنجو ڪراچي اچڻ نئين جنم وٺڻ جي برابر هو. اڳ ۾ علمي ۽ ادبي ذوق هوندو هو، پر هاڻي هتي سُري پـُري پنهنجي جاءِ به وٺڻ لڳس. ائين ٿيو جو جناب وفائي صاحب ۽ سندس “آزاد“ مون کي لکڻ ۽ ڇپجڻ جو موقعو فراهم ڪيو. انهيءَ ڪري شهر ۾ “آزاد“ جي آفيس هڪ اهڙي جاءِ بڻجي وئي، جنهنجو هفتي ۾ هڪ اڌ چڪر هڻڻ ضروري ٿي پيو. “آزاد“ جي آفيس ۾ مون دنيا جا ڪيترا ئي رنگ ڏٺا. وزيرن ۽ وڪيلن کي به ايندو ڏٺم ته پيرن ۽ فقيرن کي به ڀيرا ڀريندي ڏٺم. ان کان سواءِ ڪيترين ئي علمي ادبي شخصيتن سان ملاقات به هتي ئي ٿي. جن مان جويو صاحب به هڪ هو. جويو صاحب پهرين ئي جهلڪ ۾ مون کي عالم، اديب ۽ دانشور نظر آيو. هن صاحب سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ جا بي لوث خدمت ڪئي آهي، انهيءَ ڪري ساڻس عقيدت ته اڳ ئي هئي؛ ليڪن اها عقيدت هاڻي قربت ۾ بدلجي وئي. آئون انهيءَ وقت ڌاري “آزاد“ لاءِ لڳاتار لکڻ لڳو هوس. جيئن ته “آزاد“ جويي صاحب ڏي به ويندي آهي، ان ڪري هن صاحب منهنجي لکڻين مان منهنجي شخصيت جي تلاش شروع ڪئي. منهنجو خيال آهي ته هن صاحب مون کي ”هڪ جذباتي مگر محنتي نوجوان“ جي حيثيت ۾ تسليم ڪيو. آئون وري کيس ماٺيڻو، برد بار، همدرد ۽ خير خواھ ڪري ڄاڻيندو آهيان. “آزاد“ ۾ جڏهن “سگهڙ سنگت“ جو سلسلو شروع ڪيم ته ملاقاتن ۾ آئون کانئس راءِ وٺندو هوس . پاڻ چوندو هو ته هيڏي ساريءَ جاکوڙ جي نتيجي ۾ تون رڳو هڪ مڪمل سگهڙ کي ڳولهي سگهيو آهين. اهو آهي ٽنڊي باگي جو محمد طالب لوهار، جيتوڻيڪ جويئي صاحب کي منهنجي ڪم ۽ ان جي طريقه ڪار سان ڪيترا ئي اختلاف هوندا هئا، پر ان هوندي به منهنجي ڪڏهن همت شڪني نه ڪيائين. ويتر چوندو رهيو ته جيترو ممڪن ٿي سگهي، اوترو سگهڙن کان ”راست گوئيون“ هٿ ڪيون وڃن. مون انهيءَ سلسلي ڪجهه ڪوشش به ڪئي. موجوده دور جي سنڌي ليکڪن ۾ جويو صاحب اسلوب ۽ ٻوليءَ جي معاملي ۾ پنهنجو منفرد مقام رکي ٿو. پيرائتي مگر مختصر ۽ جامع نموني ۾ ڳالهه کي نڀائڻ ڪو کانئس سکي. جيڪڏهن ڪنهن ڪتاب جو ترجمو ڪندو ته ان تي اصلوڪي هئڻ جو گمان پيو ٿيندو. پر جي اصلوڪو ڪتاب لکندو ته ٻوليءَ ۾ چار چنڊ لڳائي ڇڏيندو. سندس لکيل ڪتاب “شاھ، سچل ۽ سامي” مون کي ايترو ته پسند آيو، جو مون ان ڪتاب جون ٽيهارو کن ڪاپيون وٺي ڏيهي توڙي پرڏيهي دوستن ۾ ورهائيون. ساڳي نموني سان سندس ترجمو ٿيل ڪتاب “فڪر جي آزادي” به پڙهڻ وٽان آهي، جڏهن مون اهو ڪتاب پڙهيو ته الائي ڪيترا دفعا روئڻ به آيو ته کلڻ به. روئڻ ان ڪري ته انسان جڏهن انڌ جي گهوڙي تي چڙهي ٿو ته ڇا ڇا نه ٿو ڪري ۽ کلڻ ان ڪري ته ڪتاب پڙهڻ وقت اهو تاثر ملندو هو ته انسان کي ماري ته سگهجي ٿو پر کيس شڪست ڏئي نه ٿي سگهجي. (فيبروري ۱۹۸۱ ع) محمد ابراھيم جويو جديد سنڌ جي شعور جو اڏڻهار پروفيسر اعجاز قريشي گذريل سال ۹ نومبر تي سنڌ جو هڪ عظيم انسان سائين محمد ابراهيم جويو اسان کان هميشه لاءِ جدا ٿي ويو، سائين سڄي عمر يعني حياتيءَ جا ۱۰۲ سال سنڌ کي ارپيا ۽ سنڌ جي ماڻهن جي خدمت ڪئي. سنڌي ٻولي ۽ ادب سان انتهائي پيار ڪيو، جڏهن به سائين سان ملبو هو ته پاڻ سنڌي نوجوانن لاءِ نت نوان پيغام ڏيندو رهيو ۽ انهن جي شعور کي اڏڻ لاءِ پاڻ ارپيو. اڄ جڏهن هو اسان وٽ ناهي تڏهن سندس علمي/ادبي پورهيو سنڌ کي پيڙهيون ۽ صديون ياد رهندو. سائين سموري زندگي ۽ ان جو هر هڪ پل هڪ مقصد جي پنڌ تي هلندي گذاريو، هن ڪڏهن به لکڻ ۽ پڙهڻ، يعني قلم ۽ علم کي ذهني عياشي ۽ دماغي ورونهن جو وسيلو نه بڻايو. ان جي ابتڙ هن جو لکيل هر لفظ هڪ مقصد، هڪ تمنا، هڪ خواب ۽ ان جي ساڀيان جي ڏس ۾ قدم کڻي هلي ٿو، سندس هر هڪ جملو سندس سوچ جي پاتالن کان هلندي، هن جي قلم جي نوڪ تي اچي ڪا ڳر تي جرڪي پوي ٿو ۽ لڳ ڀڳ هڪ صديءَ جي ڊگهي سفر م هو ڪٿي به، ڪڏهن به ٿڪو يا مايوس نه ٿيو، ڪٿ به هن ساهي نه کنئي، لڳاتار منزلون لتاڙيون، فقط هڪ منزل کي رسڻ جي لاءِ ڇاڪاڻ ته هو ڄاڻي پيو ته حرڪت ۾ ئي برڪت آهي، ۽ هڪ خواب جي ساڀيا ٿيڻ لاءِ هن ڪيترا نه پنڌ ڪيا۽ هن ڪيترا نه ڏاکڙا ۽ ڏک ڏٺا، پر هن ڪٿي به ايئن ناهي چيو ته: ايئن ئي رهيس راهه ۾، ايئن ئي هٿ هڻي، ويا خيال کڻي،ماءُ منهنجو جندڙو. پر ان جي ابتڙ سندس سموري زندگي لطيف جي هن بيت جو اجرو ۽ چٽو عڪس آهي: ٿڪيائي ٿر ٿيل چڙهه چڪيائي چوٽئين، هلندي هوت پنهونءَ ڏي، ڀوءَ مڙيوئي ڀيل، اٿي رائو ريل، ويٺن تان واري وري، سنڌ ۾ نئين علم جي روشني پکيڙڻ ۽ جديد فڪر ۽ نظرين جا واس وٺرائڻ جي سلسلي ۾ سائين جويي صاحب جي ڀاڱي ڀائيواري بنهه بنيادي قسم جي آهي. هن سدائين، خير، خوشي، خوبي، امن، سلامي، سک ۽ انصاف لاءِ آواز اٿاريو ۽ بديءَ جون قوتون ۽ شر جي شيطانن خلاف علم بلند ڪيو. هن سدائين استحصال ۽ استبداد جي دادن خلاف ببانگ دهل ڳالهايو ۽ لکيو. هن هميشه اميرن، وزيرن، وڏيرن، جاگيردارن جي ڪارستانين ۽ ڪارنامن کي بي نقاب ڪيو ۽ مذهب جي آڙ ۾ ٿيندر انسانيت خلاف اڍنگاين ۽ مورک پاين کي للڪاريو. اهو ئي سبب آهي جو غلام رباني آگري هن لاچيو آهي ته: ” هي پيدائشي باغي آهي پر علم ۽ ڏاهپ جي مٿاهين ڏاڪي تي پهچي به هن پاڻ پڏائڻ کان پاسو ڪيو آهي. هن ڪڏهن به زبان کي مان جي ورڊ تي ناهي هيرايو. انا پرستي، طمع پروري، حرص، لالچ ۽ لوڀ جا لينگها سندس دامن تي نه ڏٺا ويا آهن، سندس من به هن جي هن اڇيءَ کاڌيءَ جيان اڇو ۽ بي داغ آهي ۽ اسين خوش نصيب آهيون جو اسان اڻويهين ۽ ويهين صديءَ جي هڪ عظيم ڏاهي ۽ ساڃهه وند کي اکين سان ڏٺو ۽ مون کي ذاتي حوالي سان ان ڳالهه تي فخر رهندو ته آئون پڻ ان دور جو آهيان، جنهن دور جو محمد ابراهيم جويو رهيوآهي ۽ آئون سمجهان ٿو ته لطيف سائينءَ به اهڙا ڪردار ڏٺا هئا، جن لاءِ هن چيو هو: بُک وڌائون بُگرئين، جوڳي ڪندا جي، طلب نه رکن طعام سين، اوتيو پيئن اڃ، لاهوتين لطيف چئي، من ماري ڪيو مُڃ، سامي جهاڳي سُڃ وسنهن کي ويجهو ٿيا، روسي ناول نگار ۽ شاعر پاسترنڪ جي جڳ مشهور ڪتاب ڊاڪٽر زواگو ۾ هڪ هنڌ بيان ڪيو ويو آهي ته: ”شايد هر زندگي ۾ ٻين خاص ماڻهن کانسواءِ هڪ ڳجهي ۽ هستي آهي، جيڪا سڏڻ کانسواءِ ئي مدد لاءِ پهچي ويندي آهي“. اهي سٽون پڙهي جڏهن آئون سائين ابراهيم جويي تي سوچان ٿو، جنهن جا هونئن ته هزارين يار، درست ۽ ساٿي آهن، پر اها ڪهڙي ڳجهي ۽ اڻ لکي طاقت آهي، جيڪا سدائين ساڻس گڏ آهي، هڪ جسم طور نه پر هڪ روح طور هن سان دمبدم ۽ هر قدم گڏ هلي ٿي، ان جي جواب لاءِ پاڻ ۾ جهاتي پائجي ٿي ته اندر جي فضائن ۾ ” سنڌ جو نالو پر کولي اڏندڙ پنڇيءَ جي ڀڙڪي جيان گونجڻ لڳي ٿو، تحقيق، اها سنڌ ئي آهي، جنهن سان سندس جنم جنم جو رشتو آهي، جيڪا هن سان سدائين ساڻ رهي آهي، اها ئي قوت آهي، جنهن جو جلوو ۽ جهلڪ اسان کي جويي صاحب جي پوري حياتيءَ ۾ نطر اچي ٿي. پوءِ ڪڏهن ڪيهي ته ڪڏهن ڪيهي، ڪڏهن ڪنهن روپ ۾ ته، ڪڏهن ڪنهنءَ رنگ ۾. ايڪ قصر در لک ڪوڙين ڪڻس ڳڙکيون، جيڏان ڪريان پرک، تيڏان صاحب سامهان. سنڌ، سنڌي قوم، سنڌي ٻولي، سنڌ جي تاريخ، سنڌي ثقافت سان جويي صاحب جو سچو عشق رهيو، هو خوابن جي سودائي نه پر ساڀيان جو سوداگر هئو. هن هيترن ڪتابن ۽ ادارن جا سانگ ان عشق جي روايتن کي ان جي حقيقي جوهر ۾ برقرار ۽ بحال رکڻ لاءِ رچايا، سنڌ سان عشق جو اعليٰ اقرار ۽ دعويٰ ته گهڻائي ڪن ٿا پر ان نينهن جي ناتي ۽ ان جي گهرجن سان نڀاءُ ڪنهن ڪنهن جي وس آهي، سنڌ سان محبت فقط سڏ جو نالو ناهي، پر ”سر کي سٽ“ ۾ ڏيڻ جو اهڃاڻ آهي ۽ جويو صاحب اهو مرد قلندر هئو، جيڪو هر دور جي ڇوهين ۽ چٽين ڇولين ۽ سير ۾ گهاگهائي گهڙيو. هن ڪڏهن به محبتن ۽ اصولن تي سوديبازي نه ڪئي. محمد ابراهيم جويو جديد سنڌ جي شعور جو اَڏڻِهارُ! پروفيسر اعجاز قريشي پلئه پايو پُوڻيون، در در ڦيرا ڏي، ڪا مون ڪَتائي، آئون ڪاپائتي آهيان. سائين محمد ابراهيم جويي به سنڌ جي سپنن جا منجهيل ڦورا کڻي سانڀر کان وٺي هوڪا ڏنا آهن. هن اڪيلي ڪتڻ کان ساٿ کي سڏي ارٽ کي اوڏو ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ هن ڪتڻ وارا ڏينهن ويهي نه وڃائيا آهن. هن سدائين ڏور ارٽ ۾ وجهي ڪتيو آهي ۽ مٿي ۾ موڙيءَ جو ڪَسو خيال ۽ ڀاونا ڀلجي به نه آئي اٿس. جيتوڻيڪ اهي ڪتڻ سندا ڏينهڙا، هن ۽ سندس ساٿين جي مٿان ڏکيا گذريا، تڏهن به جهڙي تهڙي حال سان هو پنهنجي ساٿ کي همٿائيندو رهيو ۽ جڏهن به تاڃي توريندي عيب نڪتا ته هن سڀ کان پَر ۾ پڇيو ۽ ان جي حصي جا ڀڙا هن پاڻ ڀڳا، هن بيڪاريءَ تي پاڻ نه هيريو ۽ سدائين چت جو چرخو چوريو. هن نئين ائٽ جي تمنا من ۾ رکي، سدائين ڀڳو ئي ڀيريو، ڇو ته وقت جي تقاضا اها هئي ته جيترو به ۽ جو ڪجهه به موجود آهي. ان سان هڏ هلائجي: ڀَڳو ئي ڀير، جان سين رتو راس ٿئي! هن ڪڏهن به رنڊا روڙڻ وارو اٻهرو عمل نه ڪيو. پر چت ۾ چاهت رکي ڌيان ۽ من سان سنهو ڪتيو. هن صرافن جي پرواهه نه ڪئي. پر سدائين ڪاپي سان ڪم رکيو آهي. آئون جڏهن به کيس ڏسندو هوس ته لطيف جي هيءَ سٽ چپن تي اچي ويندي هئي: مُنهن محراب پرينءَ جو، جامع سڀُ جهانُ. هيءُ سنڌ جو سچو کاهوڙي، جنهن ڪيئي ڏونگر ڏولاوا ڏٺا ۽ رڃن ۾ راتيون ڪٽيون ۽ ڏٿ ڏوريو. پاڻ هڪ ازلي درد جو نهوڙيل ۽ هڪ انوکي وچن سان سندس ساهه سٻنڌ هو، جنهن لاءِ اياز چيو هو: ڪنهن وچن جي واسطي پنهنجي اياز! زندگي بنواس ۾ گذري وئي. ۽ اهو وچن ۽ واسطو ان ڌرتيءَ ۽ ڌن سان آهي، جيڪا اسان جي ازلي ملڪيت آهي: جڏهن “ڪُن” چيائون، اسان کي ملي، اهائي ته ڌرتي، اهوئي ته ڌن، انهيءَ لاءِ بنواس ڀوڳيون پيا، انهيءَ سان اسان جو انوکو وچن. ۽ جنهن سان اهو انوکو وچن آهي اُها گنجي ڏونگر گام آهي. اها اسان جي سنڌ آهي، جنهن کي لوچڻ جي لاءِ لاهوتي ٿيڻو پوندو آهي. ان جي پروڙ ٻيا سڀ ضرور ڇڏائي ڇڏيندي آهي، ۽ ان پروڙ جو هڪ پارکو محمد ابراهيم جويو به آهي ۽ ان سان گڏ سندس کاهوڙڪي کير آهي ۽ اڄ سنڌ سنڌ ۾ علم، آگاهي، ڏاهپ، سرت، ساڃاهه ۽ سچ جو، جيڪو مچ ٻري رهيو آهي، اهو ان ئي کاهوڙڪي کير جو ٻاريل آهي ۽ ان جو مهندار اهوئي فقير منش انسان آهي. لاريب، جنهن سنڌوءَ جي ساڃاهه جا اهي مٽ چڪائي آڻي اتر واءَ ۾ کوليا آهن، جن جو ساءُ ۽ کيپ خبار اڳي ڪنهن به نه ڄاتو هو. جنهن تي ڪيئي متارا مست ٿيا آهن. ڪيترن ان مڌ جي سُرڪ کي سو کان وڌيڪ ڀانيو آهي. ان ڪري پير حسام الدين راشديءَ کي چوڻو پيو ته: “اسان کي سنڌ سان محبت جو سبق جويي صاحب ئي ڏنو.” فقط ايترو ئي نه پر سنڌ جي عظيم شاعر شيخ اياز به اهڙو اعتراف ڪيو آهي ته: “هڪ شام جو مون ابراهيم کي پنهنجا اردو نظم ٻڌايا، جي هن کي ڏاڍا پسند آيا، جڏهن هي سٽون پڙهيون: يه دنيا، يه آماجگاهي تمنا، ڪهان جا رهي هي يه رقاصهءِ روز و شب نوڪ خنجر په يون ناچتي جا رهي هي ڪه جيسي اُسي يه يقين هوگيا هو ڪه اب پائون ڇلني نه هون گي. تڏهن ابراهيم چيو هو، “اياز، توکي مان وري به چوان ٿو ته تون پنهنجي ڏات اجائي وڃائي رهيو آهين، تون پنهنجي ڏات کي منطقي نتيجي تي رڳو سنڌيءَ ۾ پهچائي سگهين ٿو!” مون ڏک سان ڏسي ابراهيم کي چيو هو، “پر توکان سواءِ مون کي سنڌيءَ ۾ ٻڌڻ وارو ڪير آهي؟” ان تي ابراهيم سختيءَ سان چيو هو، “اسان ٻه ڪافي آهيون، اسان ٻه چاهيون ته سنڌ کي بدلائي سگهون ٿا.” “Save Sindh save the continent” جي مصنف جو ضد ڪنهن وقت ڏاڍو سجايو ثابت ٿيو آهي.” شيخ اياز اڄ اسان جي سنڌي شاعريءَ جو ڄڻ ته ديو مالائي ڪردار بنجي ويو آهي. هن جي شاعريءَ جي منڊ ۾ سڄي سنڌ منڊجي ويئي آهي. جيڪڏهن شاهه لطيف سنڌي شاعريءَ جو روح آهي ته شيخ اياز ان کي سرير بخش پورڻتا تائين پهچايو ۽ جيڪڏهن اسين شيخ اياز جي ڳالهه ڪريون ٿا ته ابراهيم جويي جي ذڪر کانسواءِ اها ڳالهه اڌوري آهي. اهو ابراهيم جويو ئي هو، جنهن سندس ڏات ۾ اجهل درياهه ڇوليون هڻندي ڏٺو ۽ هن اهو به ڄاتو ته جنهن ڏسا ۾ اهو درياهه وهندو پيو وڃي، اهو لاڀائتو ۽ سڦل نٿو ٿي سگهي ۽ ابراهيم جويي ان جي نشاندهي ڪئي ۽ اياز ان تي لبيڪ ڪئي. ائين واقعي آهي ٻه ڄڻا ڪافي ثابت ٿيا ۽ انهن اهي ڪم ۽ ڪارناما سرانجام ڏنا، جن تي اڄ اسين ناز ڪري رهيا آهيون ۽ اياز چيو: مون ڏات انوکي آندي آ، ٿي تند وڙهي تلوارن سان. اهو تلوار سان تند جي ويڙهه جو پهريون سبق شيخ اياز کي محمد ابراهيم جويي ڏنو ۽ هن کي سدائين “اسان جو شاعر” ڪري پڪاريو ۽ اسان جي ان شاعر، جنهن جي شاعري جويي صاحب جي لفظن ۾ سنڌي ٻوليءَ جو ڪرشمو آهي، کي صراط المستقيم تي آڻڻ وارو هيءُ عظيم انسان ئي آهي. سنڌ ملڪ تاريخ جي اولين سڌريل سماجن ۾ پنهنجي هڪ اڳ حيثيت رکي ٿو ۽ ظاهر آهي ته ڏاهپ، سرت ۽ شعور کانسواءِ ڪو ملڪ ڪيئن مهذب ۽ سڌريل ٿي سگهي ٿو. تاريخ ۾ سنڌ جي ماڻهن جي وسيع ذهن ۽ روشن دماغيءَ جا ڪيترا ئي مثال ملن ٿا. اچو ته هن سلسلي ۾ هي اقتباس پڙهون. “سن ۵۱۹ ق م ڌاري ايران جي ڪياني شهنشاهه دارا اول سنڌو نديءَ جو مغربي علائقو پنهنجي حڪومت هيٺ آندو. اٽڪل ٻه صديون پوءِ سڪندر اعظم سن ۳۲۶ ق م ڌاري سنڌ فتح ڪئي. جڏهن سنڌو ماٿريءَ ۾ ٽئڪسيلا، جهلم ۽ سنڌ جون خودمختيار شهري رياستون قائم هيون، پوءِ ٻن صدين تائين ڌارين جي يلغارن ۽ قتل ۽ غارتگري جا واقعا ٿيندا رهيا. ويهارو کن سال (۳۰۵-۳۲۵ ق م) تائين يوناني راڄ ۽ تهذيبي- ثقافتي آميزش جاري رهي. انهيءَ دؤر جو هڪ واقعو خاص اهم ۽ دلچسپ آهي: جڏهن يوناني فوج سيوهڻ جي راجا “سامبس” کي شڪست ڏني. تڏهن به عام ماڻهن ويڙهه بند نه ڪئي. معلوم ٿيو ته عام ماڻهو پنهنجي ڏاهن ماڻهن جي اثر هيٺ آهن ۽ انهن کي پڪڙيو ويو. سڪندر اعظم ۽ سندس يوناني عاملن سوچيو ته سنڌين جي ڏاهپ کي پرکڻ جو سٺو موقعو آهي، سوچيائون ته هر هڪ سنڌي ڏاهو يوناني عاملن جي پڇيل هڪ سوال جو صحيح جواب ڏئي ته سندس جان بخشي ويندي نه ته قتل ڪيو ويندو. پهرين سيوهاڻي ڏاهي کان پڇيائون ته: “مري ويل انسانن ۽ زنده انسانن جو صحيح تناسب ڇا آهي؟” هن جواب ڏنو ته “ڪجهه به نه، ڇاڪاڻ ته جيڪي مري ويا سي ڳاڻيٽي ۾ نه ايندا.” اِئين ڪيترن ئي ڏاهن جا جواب ٻُڌي هو لاجواب ٿي ويا. آخر ۾ پڇيائون ته ڪنهن انسان کي ڪيستائين ذميوار سمجهجي؟ چيائين ته: “جيستائين هو زندگي کان وڌيڪ موت جي تمنا رکندو هجي.” مٿيون بيان “مشاهير يونان ۽ روم” ۾ موجود آهي، جيستائين پوئين سوال جنهن ۾ اهو پڇيو ويو آهي ته ڪير ماڻهو ڪيترو ذميوار آهي؟ ۽ ان جي جواب، جيستائين اهو زندگيءَ کان وڌيڪ موت جو تمنا رکي ٿو جو تعلق آهي، ته صدين جي ان ڏاهپ محمد ابراهيم جويي وٽ پهچي نئون موڙ ۽ نئون گس ڳوليو آهي. هيءُ اهو چوي ٿو ته زندگي موت جي تمنا نه پر جيئڻ جو جذبو ۽ جولان آهي ۽ جيستائين جيئرو رهڻو آهي، ان وقت تائين پنهنجون لازم ذميواريون ۽ گهربل ڪم ڪرڻا آهن. اهڙيون ڏاهپ ۽ سرت جون ڏياٽيون اسان جي سامهون آهن. “سيوَ سنڌ سيو دي ڪانٽيننٽ” کان “هوءَ جي ٽمڪي باهڙي” تائين اڌ صديءَ کان وڏو سفر آهي. ان وقت ۾ سوين ذميواريون سندس ڪلهن تي آيون آهن ۽ هن سوين ڪتاب لکيا آهن. سوين ڪتاب لکرايا آهن، جيڪي سندس نگرانيءَ هيٺ ڇپيا آهن. اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ٿي سگهيو آهي جو سائينءَ سموري زندگي ۽ ان جو هر هڪ پل هڪ مقصد جي پنڌ تي هلندي گذاريو آهي. هن ڪڏهن به لکڻ ۽ پڙهڻ. يعني قلم ۽ علم کي ذهني عياشي ۽ دماغي ورونهن جو وسيلو نه بڻايو آهي، ان جي ابتڙ هن جو لکيل هر لفظ هڪ مقصد، هڪ تمنا، هڪ خواب ۽ ان جي ساڀيا جي ڏس ۾ قدم کڻي هلي ٿو. سندس هر هڪ جملو سندس سوچ جي پاتالن کان هلندي هن جي قلم جي نوڪ تي اچي ڪاڳر تي جرڪي پوي ٿو. ۽ لڳ ڀڳ هڪ صديءَ جي ڊگهي سفر ۾ هو ڪٿي به، ڪڏهن به ٿڪو يا مايوس نه ٿيو، ڪٿي به هن ساهي نه کنئي. لڳاتار منزلون لتاڙيون فقط هڪ منزل کي رسڻ جي لاءِ ڇاڪاڻ ته هُن ڄاتو ٿي، ته حرڪت ۾ ئي برڪت آهي پر اها حرڪت جيڪا ڪنهن ماڳ ڏانهن ڪنهن منزل ڏانهن وٺي ويندي هجي. ۽ سندس ماڳ، جيڪو اسان سڀني جو ماڳ به آهي، ان ڪري هي پاڻ “سنڌ منهنجي خوابن جي” جو نالو ڏئي ٿو ۽ هڪ خواب جي ساڀيان ٿيڻ لاءِ هن ڪيترا نه پنڌ ڪيا ۽ هن ڪيترا نه ڏاکڙا ۽ ڏک ڏٺا پر هن ڪٿي به ائين نه چيو ته: ائين ئي رهيس راهه ۾، ائين ئي هٿ هڻي، ويا خيال کڻي، ماءِ منهنجو ڄندڙو. پر ان جي ابتڙ سندس سموري زندگي لطيف جي هن بيت جو اجرو ۽ چٽو عڪس رهي: ٿڪيائي ٿر ٿيل چڙهه چڪيائي چوٽئين هلندي هوت پنهونءَ ڏي، ڀو مڙيوئي ڀيل، اٿي رائو ريل، ويٺن تان واري وري. سنڌ ۾ نئين علم جي روشني پکيڙڻ ۽ جديد فڪر ۽ نظرين جا واس وٺرائڻ جي سلسلي ۾ سائين جويي صاحب جي ڀاڱي ڀائيواري بنهه بنيادي قسم جي آهي. هن سدائين، خير، خوشي، خوبي، امن، سلامتي، سک ۽ انصاف لاءِ آواز اٿاريو ۽ بديءَ جون قوتون ۽ شر جي شيطانن خلاف علم بلند ڪيو. هن سدائين استحصال ۽ استبداد جي دادن خلاف ببانگ دهل ڳالهايو ۽ لکيو. هن هميشه اميرن وزيرن، وڏيرن، جاگيردارن جي ڪارستانين ۽ ڪارنامن کي بي نقاب ڪيو ۽ مذهب جي آڙ ۾ ٿيندڙ انسانيت خلاف اڍنگاين ۽ مورک پاين کي للڪاريو. سنڌ، ۽ سنڌي قوم، سنڌي ٻولي، سنڌي تاريخ، سنڌي ثقافت سان جويي صاحب جو سچو عشق هو. هو خوابن جو سودائي نه پر ساڀيائن جو سوداگر هو. هن هيترن ڪتابن ۽ ادارن جا سانگ ان عشق جي روايتن کي ان جي حقيقي جوهر ۾ برقرار ۽ بحال رکڻ لاءِ رچايا. سنڌ سان عشق جو اعلان اقرار ۽ دعويٰ ته گهڻا ئي ڪن ٿا پر ان نينهن جي ناتي سان نڀاءُ ۽ ان جي تقاضائن سان نڀاءُ ڪنهن ڪنهن جي وس آهي. سنڌ سان محبت فقط سڏ جو نالو ناهي، پر “سر کي سٽ” ۾ ڏيڻ جو اهڃاڻ آهي ۽ جويو صاحب اهو مرد قلندر هو جنهن هر دؤر جي چوهين ۽ چٽين ڇولين ۽ سير ۾ گهاگهائي گهڙيو آهي. هن ڪڏهن به محبتن ۽ اصولن تي سوديبازي نه ڪئي. محمد ابراهيم جويو حاجي جمالي پاڪستاني اديب، ترجميڪار، معلم ۽ دانشور، عالم، اديب ۽ ڏاهو محمد ابراهيم جويو ۱۳ آگسٽ ۱۹۱۵ع تي اڳوڻي ضلعي دادوءَ (۽ هاڻي ڄامشوري ضلعي) جي ڳوٺ ’آباد‘ ۾ هڪ هاريءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. ٽن سالن جو هو ته سندس والد محمد خان جويو، پهرين مهاڀاري جنگ بعد پکڙيل وڏيءَ بيماريءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. تعليم محمد ابراهيم جويي جو ننڍپڻ غربت ۾ گذريو، پر همت نه هاريندي، پرائمريءَ جا چار درجا ڳوٺ ۾ پڙهي، ۱۹۲۷ع ۾ اي. وي اسڪول، سَن ۾ داخل ٿيو، جتي سائين جي. ايم. سيد جي مهربانين سان ٽي درجا انگريزي پڙهي، ۱۹۳۰ع ۾ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ ۾ داخلا ورتائين. جتي چوٿين کان ستين درجي تائين پڙهيو، ان زماني ۾ ستون درجو مئٽرڪ شمار ٿيندو هو، هن ۱۹۳۴ع ۾ مئٽرڪ جي امتحان ۾ سنڌ مدرسة السلام مان ٻِي پوزيشن ماڻي ۽ ۲۰ رپيا ماهوار اسڪالرشپ حاصل ڪيائين. سنڌ مدرسي ۾ ان وقت علامه عمر بن محمد دائود پوٽو پرنسپال هو ۽ جويو صاحب سندس لائق شاگردن ۾ نمايان هو. جويي صاحب ۱۹۳۸ع ۾ ڊي. جي سنڌ ڪاليج مان بي. اي جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ کيس ڪاليج ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ۽ منگهارام ملڪاڻيءَ جهڙن استادن جي صحبت ۽ محبت حاصل رهي. ملازمتي، سياسي ۽ ادبي خدمتون ۱۹۴۰ع ۾ سنڌ مدرسي طرفان بي. ٽي ڪرڻ لاءِ بمبئيءَ جي ايس. ٽي ڪاليج پڙهڻ ويو، جتان موٽندي ئي کيس ۱۹۴۱ع ۾ سنڌ مدرسي ۾ ’اسسٽنٽ ماسٽر‘ مقرر ڪيو ويو. محمد ابراهيم جويي زندگيءَ جو پهريون سنڌي مضمون “پڃري جا پکي” ۱۴ سالن جي عمر ۾ لکيو، سندس انگريزي ۾ پهريون مضمون Democracy in School Administration سال ۱۹۴۶ع ۾ سنڌ مدرسي جي مئگزين ’ڪرانيڪل‘ ۾ ڇپيو. سائين جي. ايم. سيد سندس پهريون تعليمي مددگار هو. هُو ٻن مفڪرن سائين جي ايم سيد ۽ ايم. اين راءِ کان گهڻو متاثر هو، ۽ پهرين پارٽي جنهن ۾ شموليت ڪيائين، اها هئي ايم. اين. راءِ جي ‘Radical Democratic Party’. هُن ايم. اين راءِ جي ڪتاب ‘Historical Role of Islam’ جو سنڌي ترجمو ’اسلام جو تاريخي ڪارنامو‘ جي عنوان سان ڪيو. علمي زندگيءَ ۾ جويي صاحب سنڌ دوستيءَ جي راھ ۾ سرڪار جا عتاب ۽ ناراضگيون به برداشت ڪيون. ۱۹۴۷ع ۾ سنڌ مدرسي ۾ پڙهائڻ دؤران هن هڪ ڪتاب ’سنڌ بچايو- کنڊ بچايو‘Save Sindh، Save the Continent from Feudal Lords، Capitalists and their Communalists لکيو، جنهن جي ڏوهه ۾ سنڌ مدرسي بورڊ جي صدر ۽ (تڏهوڪي وزير تعليم) سندس ملازمت ختم ڪرڻ جو حڪمنامو جاري ڪيو هو. جويي صاحب جي اهليت کي مڃيندي، ٺٽي ميونسپالٽيءَ جي چيئرمئِن موليڏني عباسيءَ کيس ميونسپل هاءِ اسڪول ٺٽي جو هيڊ ماستر ٿيڻ جي آڇ ڪئي، جتي ٻن سالن تائين ۲۰۰ رپيا پگهار تي پڙهايائين. بعد ۾ اهو اسڪول به سرڪاري تحويل ۾ ورتو ويو، جتان بدلي ٿي ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فار مئن، حيدرآباد ۾ اسسٽنٽ ماسٽر طور فرض نڀايائين. ۱۹۵۱ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چونڊ سان ڪلاس ٻئين گزيٽيڊ آفيسر طور “هاءِ پاور ايگزيڪٽو ڪاميٽي فار سنڌي لٽريچر” جو سيڪريٽري مقرر ٿيو. ۱۹۵۴ع ۾ هاءِ پاور ڪميٽيءَ کي ’سنڌي ادبي بورڊ‘ جي نالي سان نئين سر تشڪيل ڏنو ويو، جتي ۱۹۶۱ع تائين سيڪريٽريءَ طور جانفشانيءَ سان ڪم ڪيائين. ان دوران جويو صاحب (۵۶-۱۹۵۵) ٻه سال بورڊ جي ٽماهي ’مهراڻ‘ جو ايڊيٽر به رهيو، جنهن دوران هُن جديد ادب جي وڏي سرپرستي ڪئي ۽ ’مهراڻ‘ جو اهو دؤر يادگار ليکيو وڃي ٿو. ۱۹۶۳ع کان ۱۹۶۷ع تائين هُو آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي پاڪستان ٽيڪسٽ بڪ بورڊ لاهور، ڪراچي، ڪوئيٽا ۽ حيدرآباد ۾ رهيو، ان عرصي ۾ پنج سال اعزازي طرح سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري پڻ رهيو. جولاءِ ۱۹۶۷ع ۾ جويي صاحب هڪ مضمون لکي ’سليم احمد‘ جي فرضي نالي سان ڇپايو، جنهن جو عنوان هو: ’اولھ پاڪستان ۾ ٻولين جو مسئلو‘. جنهن تان ناراض ٿي سرڪار کيس گورنمينٽ هاءِ اسڪول جيڪب آباد ۾ هيڊ ماستر طور بدلي ڪري ڇڏيو. اها سرڪاري ناراضگي پوءِ به ٿڌي نه ٿي ۽ کيس ۱۹۶۸ع ۾ گورنمينٽ ٽريننگ اسڪول ڪوهاٽ جو پرنسپال ڪري موڪليو ويو، جتي لڳ ڀڳ ٻه سال کن رهيو. نومبر ۱۹۶۹ع ۾ ون يونٽ جي خاتمي جي اعلان بعد هُو سنڌ ۾ رجسٽرار ڊپارٽمينٽل ايگزئمنيشن، ڊائريڪٽوريٽ آف ايڊيوڪيشن مقرر ٿي حيدرآباد ۾ آيو. پوءِ ۱۹۷۱ع ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جو ميمبر به ٿيو. هن ڪيترائي نصابي ڪتاب به لکيا. ۱۹۷۲ع ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر، بيورو آف ڪريڪيولم ائنڊ ايڪٽينشن سروسز سنڌ، حيدرآباد مقرر ٿيو، جتان آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي ۽ بعد ۾ سيڪريٽري سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ مقرر ٿيو ۽ ۱۲ آگسٽ ۱۹۷۳ع تي رٽائر ڪيائين. ابراهيم جويي جو سنڌي ادبي سنگت سان به ابتدا کان وٺي واسطو رهيو ۽ ۵۶-۱۹۵۴ واري دؤر ۾ سنڌي ادب ۽ ادبي سنگت جي ’نئين جاڳرتا‘ (Renaissance) جو اهم اڳواڻ رهيو. هُو سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد شاخ جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر به رھيو. ۱۹۷۳ع ڌاري هُن ڪجھ سڄاڻ اديبن سان گڏجي “سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت” نالي اداري جو بنياد وڌو، پاڻ ان جو صدر ٿيو ۽ ان ئي پليٽ فارم تان چاليھ کن ڪتاب چپائي پڌرا ڪيائين. ۱۹۷۳ع ۾ “سنڌ فرينڊس سرڪل” قائم ڪري، ان طرفان ۲۰ ڪتاب شايع ڪرايائين. سرونٽس آف سنڌ سوسائٽيءَ جو ۱۹۸۲ع کان وائيس پريزيڊنٽ رهندو اچي. پنهنجي دوست، نامياري ليکڪ سراج الحق ميمڻ جي تحرڪ ۽ سرپرستيءَ ۾ ’سنڌ ايڊيوڪيشن ٽرسٽ‘ جو بنياد رکيائين، پاڻ ان جو وائيس چيئرمين ۽ مئنيجنگ ٽرسٽي آهي. سنڌ ايڊيوڪيشن ٽرسٽ واري عاليشان عمارت سراج صاحب ٽرسٽ کي سونپي علم ۽ قلم دوستيءَ جو ثبوت ڏنو. هن ٽرسٽ جي ذريعي ليڪچرن جو سلسلو هلايو، جن ۾ اهم اديبن ۽ دانشورن ليڪچر ڏنا جن کي ڇپائي پڌرو ڪيائين. جويو صاحب ۱۹۹۷ع کان ۲۰۰۲ع تائين سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمئن رهيو ۽ ۱۹۹۸ع کان آخري ڏينھن تائين، مختلف مرحلن ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي بورڊ آف گورنرس، مالي ڪاميٽي، پبليڪيشن ڪاميٽيءَ ۽ ادبي تحقيقي ڪاميٽيءَ جي ميمبر طور به ذميواريُون نڀايائين ۽ اٿارٽيءَ جي اسڪيمن ۾ مددگار رهيو. جڏهن ۱۹۹۸ع ۾ شيخ اياز فائونڊيشن جو قيام عمل ۾ آيو ته کيس ان جو چيئرمئن مقرر ڪيو ويو. ان کان علاوه پاڻ شيخ اياز چيئر، شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي صلاحڪار بورڊ جو به ۲۰۰۰ع کان آخري ڏينھن تائين رڪن رھيو. ان کان سواءِ ٿياسافيڪل سوسائٽي، حيدرآباد جو وائيس پريزيڊنٽ پڻ رھيو. جويي صاحب، سنڌ جي شاعر شيخ اياز جي ڪيترن ڪتابن جا مهاڳ لکيا. سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتي پاران ڇپجندڙ شيخ اياز جي سموري شاعريءَ ۽ نثر جي ۲۲ جامع جُلدن جي سربراهي پڻ جويي صاحب کي ڏني وئي، جنهن ڪاميٽيءَ جو سيڪريٽري تاج جويو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد بابت نامياري اديب سراج جي لکيل اهم ڪتاب “سنڌي ٻولي” (۱۹۶۴ع) جي مهاڳ لکڻ سان گڏ جويي صاحب سوين نوجوان اديبن ۽ شاعرن جي ڪتابن تي به مهاڳ لکيا ۽ سنڌ ۾ “مهاڳ نويسيءَ” جي فن جو استاد ليکيو ويو. هن دنيا جي ڪلاسيڪي ادب مان خاص ڪري فڪري، نظرياتي ۽ فلسفياڻي نوعيت جا ڪيترا ڪتاب ترجمو ڪري، سنڌي ماڻهن جي فڪري غربت جو خاتمو آڻڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. ڪتاب محمد ابراهيم جويي جي ڇپيل طبعزاد ۽ ترجمو ڪيل ڪتابن مان ڪجھ اهم ڪتابن جو تفصيل هن ريت آهي. اسلام جو تاريخي ڪارنامو: ايم. اين. راءِ جي ڪتاب جو ترجمو (۱۹۴۵ع)، Save Sindh، Save the Continent (۱۹۴۵) ايميلي عرف تعليم: جي. جي روسي جي ڪتاب جو ترجمو (۱۹۶۹ع)، ٻارن جي تعليم: پليو ٽارچ جي ڪتاب جو ترجمو (۱۹۷۲ع)، #وحشي جيوت جا نِشان‘:هاوَرڊ موئر جي ڪتاب ‘Savage Survivals’ جو ترجمو، (۱۹۷۶ع)، سنڌي زبان جي بنيادي لغت: (وڌايل بنيادي لغت ۽ ڪاروباري بنيادي لغت)، (ساٿين سان گڏجي تيار ڪيل: ۱۹۷۶ع)، ’فِڪر جي آزادي‘:اسٽيفن زويگ جي ڪتاب ‘The Right to Heresy’ جو ترجمو، (جون ۱۹۷۷ع)، ’گليلو ‘:برنالٽ بريخت جي ڊرامي ‘Life of Gallileo’ جو ترجمو (۱۹۷۷ع)، ’شاھ - سچل - سامي‘:(۱۶۸۹-۱۸۵۰- هڪ مطالعو) (۱۹۷۸ع)، ’ٻارن جو مسيح‘:اينڊ بلائٽن جي ڪتاب ‘Children’s Life of Christ’ جو ترجمو (۱۹۸۰ع)، ’ماڻهوءَ جو ڀاڳ‘:(ناٽڪ، لوڪ ڪهاڻيون، شاعري وغيره) (۱۹۸۰ع)، ’عورتازاد‘ (عورتن جي تحريڪ آزادي ):ترتيب ۽ ترجمو(۱۹۸۳ع)، ’فلسفي جو ابتدائي ڪورس‘:جارج پوليزر جي ڪتاب جو ترجمو (۱۹۸۴ع)، ’علم تدريس مظلومن لاءِ‘:پائلو فراري جي ڪتاب ‘Pedagogy of the Oppressed’ جو ترجمو ۹۸۴ع)، ’مهڪريءَ جا مضمون‘:(ترتيب، ترجمو ۽ پيش لفظ) (۱۹۸۳ع)، #’اسان جي ٻولي، اسان جي تعليم ‘:(ترتيب)، (۱۹۸۵ع)، ’فرينچ انقلاب‘:ايميل ايرڪمن اليگزانڊر چيتريان جي ڪتاب جو ترجمو (۱۹۹۰ع)، ’مُٺِ مُٺ موتين جي‘:(هفتيوار ’هدايت‘، حيدرآباد ۾ ڇپيل مواد مان چونڊ)، (۱۹۹۲ع)، ’هوءَ جا ٽمڪي باهڙي‘ (پهريون جلد ):مضمون ۽ ترجما (۱۹۹۵ع)، ’ادب - ٻولي - تعليم‘:(هُوءَ جا ٽمڪي باهڙي‘، جلد ٻيو) (۱۹۹۸ع)، خط ٻن اديبن جا‘:(عبدالقادر جوڻيجي ۽ محمد ابراهيم جويي جا خط) (۱۹۹۹ع)، ’ڳالهيون ڪتابن جون‘، ڀاڱو پهريون(۲۰۰۲ع)، ’خط ٻن اُستادن جا‘:(محمد ابراهيم جويو ۽ غلام علي چنا) (۲۰۰۳ع)، ’ڳالهيون ڪتابن جون‘ (ڀاڱو ٻيو) (۲۰۰۳ع)، (۲۵). خط دوستن جا (جلد پهريون: پيار، نبارُ، اٿاھُ (ابن حيات پنهور ۽ محمد ابراهيم جويي جا خط) (۲۰۰۸ع)، Sindh Betrayed: Her Right to Redemption; Essays and Articles، Letters (۱۹۴۲-۲۰۰۳)، (۲۰۰۶). ان کان سواءِ سنڌيءَ ۽ انگريزيءَ ۾ ٻولين جي مسئلي، ون يونٽ جي خاتمي ۽ ڪراچيءَ جي عليحدگيءَ جي مسئلي، استادن، ڪريڪيولم، نصاب، ادب، سياست، شاھ لطيف، سنڌي سماج، چونڊن جي ڌار سرشتي ۽ شخصيتن تي خاڪا ۽ ٻين موضوعن تي سوين مضمون، ڪتابچا ۽ پترا لکيل ۽ ڇپيل اٿس. جن جي ذريعي هن سنڌ جي ٽن پيڙهين جي ذهني تربيت ڪئي. ذاتي زندگي جويي صاحب کي چئن پٽن ۽ ٻن نياڻين جو اولاد ٿيو، جن مان نيلوفر جويو ڪهاڻيڪار هئي. مئي ۲۰۰۹ع ۾ سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتي حڪومت سنڌ پاران پهريون ڀيرو محمد ابراهيم جويي جي مڃتا ۾ هڪ تقريب انڊس هوٽل حيدرآباد ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ثقافت ۽ سياحت جي صوبائي وزير، محترمه سسئي پليجو، سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر نثار احمد کهڙي سميت جويي صاحب جي شاگردن، مداحن ۽ اديبن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي جويي صاحب کي سنڌ جي سمورن ادبي، علمي ادارن ۽ يونيورسٽين پاران اوارڊ، شيلڊُون ۽ گلن جا تحفا ڏئي، سندس خدمتن جو اعتراف ڪيو ويو. جڏهن ته سنڌ ميوزيم، حيدرآباد ۾ ’ابراهيم جويو ڪارنر‘ پڻ قائم ڪيو ويو. پنهنجي ۱۰۰ سالگرھ ۱۳ آگسٽ ۲۰۱۵ع تي ملهايائين. وفات محمد ابراهيم جويو ۹ نومبر ۲۰۱۷ع تي ۱۰۲ سال جي عمر ۾ حيدرآباد، پاڪستان ۾ وفات ڪري ويو. کيس سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ علامه آءِ آءِ قاضي جي مزار جي احاطي ۾ دفنايو ويو. جديد سنڌ جي اڏاوت ۽ محمد ابراهيم جويو علي محمد ميمڻ سنڌ جي برک ڏاهي، اديب، ليکڪ ۽ قلمڪار محمد ابراهيم جوئي جي ۱۰۶هين سالگرهه جو اهم ميڙاڪو سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن هيڊ آفيس، ڪراچي جي مظهر ميمڻ ريسورس سينٽر ۾ ڪوٺايو ويو. جنهن ۾ “جديد سنڌ جي اڏاوت ۽ محمد ابراهيم جوئي جي فڪر” جي حوالي سان سنڌ جي وڏين شخصيتن طرفان سنڌ جي تاريخ، ادب، سماج، سياست، تحريڪن ۽ نامور شخصيتن جي ڪردارن تي يادن جو مچ مچايو ويو. هن ميڙاڪي ۾ سائين محمد ابراهيم جوئي، ذوالفقار علي ڀٽو، جي ايم سيد، رسول بخش پليجو، شمشير الحيدري، ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ جي تاريخ ساز جدوجهد ۽ سنڌ جي بيشمار خدمتگارن ۽ خاموش ڪردارن جي ڪمن ۽ ڪارگذارين تي مقررن طرفان تفصيل سان روشني وڌي وئي ۽ تاريخي واقعن جي دلچسپ يادن ۽ يادگيرين سان ماحول مهڪي اٿيو. ميڙاڪي ۾ جوئي صاحب جي سالگرهه جو ڪيڪ ڪٽيو ويو ۽ سگا طرفان جوئي صاحب جي پاڪستان جي قائم ٿيڻ جي حوالي سان تاريخي دستاويزن ۽ تحريرن تي مشتمل انگريزي ۾ شايع ڪيل ڪتاب “The Betrayal Sindh Bides، The Day for Freedom” جي پڻ مهورت ڪئي وئي. هن ميڙاڪي ۾ اتفاق ڪيو ويو ته، “ڪراچي سميت سموري سنڌ ۾ ايندڙ ۳۰ سالن تائين هر قيمت تي امن ۽ تعليم اوليت رهي ته، سنڌي قوم، ملڪ جي ٻين قومن جي برابر ٿي ويندي ۽ پنهنجو گهربل مقام حاصل ڪري وٺندي”. سگا ڪراچي شاخ طرفان ڪوٺايل هن ميڙاڪي جي صدارت رفيق احمد جعفري چيئرمين سگا ڪئي ۽ شريڪ ٻين اهم شخصيتن ۾ سنڌ جي تحريڪي ڪردارن ۾ مسعود نوراني، اشفاق احمد ميمڻ خاص معاون وزير اعليٰ سنڌ، پروفيسر اعجاز قريشي، ڊاڪٽر عابده گهانگهرو، محمد ابراهيم جوئي جو فرزند محبوب جويو، اشرف کهاوڙ، ڌڻي بخش اوٺو ايڊووڪيٽ، غلام اڪبر ملڪ، مولابخش چنڊ ۽ ٻين پنهنجا ويچار ونڊيا. ميڙاڪي ۾ سنڌ جي جديد تاريخ، تحريڪن، فيصلن، هلچل، علمي ۽ سماجي ڪردارن ۽ محمد ابراهيم جوئي جي زندگي ۽ سندس حياتيءَ جي علمي ڪمن ۽ ڪاوشن سان لاڳاپيل واقعن ۽ ڪتابن جي يادن جا ورق اٿلايا ويا ۽ نئين سنڌ جي تعمير جي موضوع تي کليل نموني پنهنجا خيال پيش ڪيا. سنڌ جي شاگردن جي ۴ مارچ واري تحريڪ جي ڪردار مسعود نوراني جو پنهنجي خطاب ۾ چوڻ هو ته محمد ابراهيم جويو سنڌ جي تمام وڏي شخصيت هو، سندس هم عصرن ۾ حيدر بخش جتوئي، جي ايم سيد، قاضي فيض محمد، اي ڪي بروهي، تنوير عباسي، امداد حسيني ۽ نياز همايوني سميت سموري صديءَ جون اهم علمي، ادبي، فڪري ۽ تحريڪي ۽ سياسي شخصيتون شامل آهن ۽ انهن سان جوئي صاحب جا واسطا ۽ تعلق رهيا. مسعود نوراني چيو ته محمد براهيم جويو پاڻ بنيادي طور تي ترقي پسند هو ۽ هن جي سموري زندگي جو محور سنڌ هئي. جويو صاحب، مهاتما گانڌي کان متاثر هو ۽ هو عدم تشدد جو قائل هو ۽ پنهنجي قوم کي پڻ پنهنجي حقن، ترقي ۽ تعمير لاءِ هر وقت جدوجهد ڪرڻ جي تاڪيد ڪندو رهيو ۽ هو پنهنجي صحت جو خاص خيال رکندو هو. حيدرآباد ۾ پنهنجي گهر کان شهر جي مختلف هندن تي پنڌ هلڻ پسند ڪندو هو. مسعود نوراني ٻڌايو ته هڪ ڀيري هو ساڻس گڏ سينٽرل جيل حيدرآباد واري رستي تي وڃي رهيو هو ته، جويو صاحب رستي تي بيهي رهيو ۽ کوٽائي واري کڏ جي ڪناري تي ويهي ماڪوڙن کي چتائي ڏسڻ لڳو، منهنجي پڇڻ تي سڏي هڪ ماڪوڙو ڏيکاريائين جنهن جي چيلهه پڳل هئي ۽ هو مٿي اچڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيو هو ۽ وري ڪِري ٿي پيو ۽ اٿي وري ريڙهيون پائي هلڻ ٿي لڳو. جوئي صاحب منهنجو ڌيان ڇڪائيندي چيائين ته مسعود ! “اسان جي قوم جي به هن ماڪوڙي وانگر چيلهه پڳل آهي ۽ اسان کي پڻ هن ماڪوڙي وانگر پنهنجي جياپي لاءِ جدوجهد ڪرڻي آهي”. مسعود نوراني وڌيڪ چيو ته، ابراهيم جويو صاحب حالتن مطابق هلندو هو ۽ انتهاپسند نه هو ۽ ڪنهن به معاملي تي کلي سامهون نه ايندو هو. هن وٽ تمام گهڻي برداشت هئي ۽ هو ناممڪن حالتن مان به امڪانن ۽ ممڪن جي ڳولها ڪندو رهندو هو. محمد ابراهيم جوئي جي سالگرهه تقريب جي خاص مهمان اشفاق ميمڻ، اسپيشل اسسٽنٽ وزير اعليٰ سنڌ، پنهنجي خطاب ۾ چيو ته، سائين محمد براهيم جوئي کي سنڌ ۽ سنڌي ٻولي سان تمام گهڻو چاهه ۽ لاڳاپو هو. هو تعليم جي معاملي ۾ ترقي جي دنيا جي نقطن تي پنهنجي ٻولي جي ترويج ۽ ترقيءَ کي اهم سمجهندو هو. اشفاق ميمڻ ٻڌايو ته، صوبائي حڪومت جي سيڪريٽري تعليم جي حيثيت ۾ هن سنڌ جي ٻهراڙين جي اسڪولن ۾ پنجاب وانگر سنڌ ۾ پڻ پرائمري کان انگريزي تعليم رائج ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻ وارن فيصلن ۽ قدمن جي حوالي سان محمد ابراهيم جوئي سان تمام گهڻا بحث ۽ مباحثا ٿيا پر هو پرائمري کان انگريزي بجاءِ مادري ٻولي سنڌي کي پڙهائڻ لازمي قرار ڏيندو رهيو ۽ پرائمري کان ٻارڙن کي انگريزي پڙهائڻ جي حق ۾ نه هو. اهڙيءَ ريت، “عقل تي محبت سرسي ۽ اوليت حاصل ڪري وئي”. اشفاق ميمڻ جو چوڻ هو ته، پنجاب ۳۰ سال اڳ پنهنجي اسڪولن ۾ پرائمري کان ئي انگريزي تعليم رائج ڪئي ۽ هن وقت هو تعليم ۽ جديد دنياوي تعليم ۾ سنڌ کان گهڻو اڳتي آهي. سنڌ ۾ سگا جي خدمتن جي حوالي سان اشفاق ميمڻ جو چوڻ هو ته، سگا سنڌ جو تمام وڏو ادارو آهي، هن جي سماجي اهميت ۽ قدر و مقام کي ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ تمام گهڻو سمجهيو ۽ سنڌ جو تعليم سان بهتر مستقبل جو لاڳاپو ۽ حال کي بهتر بنائڻ لاءِ تعليم ۽ معياري تعليم کي عام ڪرڻ سگا جو مرڪز ۽ ڪم جو محور ۽ بنيادي نقطو بڻايو. سگا لابنگ جي حوالي سان سنڌ ۾ پنهنجيون ڪيتريون ئي مهمون شروع ڪيون ۽ انهن مان سنڌ کي لاڀ مليو آهي. اشفاق ميمڻ ٻڌايو ته، سگا جي تعليم عام ڪرڻ واري لابنگ جو هڪ مثال اهو پڻ آهي ته، وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو سان سگا جي اهم شخصيتن جي وفد خاص گڏجاڻيون ڪيون ۽ ڀٽو صاحب سان بحث مباحثن ذريعي سنڌ ۾ تعلقي سطح تي انٽرميڊيٽ ڪاليج قائم ڪرائڻ جو فيصلو ڪرايو ويو. اهڙيءَ ريت، سگا جا هن وقت پنهنجا به ۲۰ کان وڌيڪ روشن تارا اسڪول ۽ تعليمي ادارا هلي رهيا آهن. اشفاق ميمڻ چيو ته، سگا جون اهڙي قسم جون مهمون سي ايس ايس، بئنڪنگ سيڪٽر ۽ دنيا جي ٻين سمورن تعليمي شعبن ۽ مهارتن ۾ سنڌين کي پنهنجا حق ڏيارڻ ۽ رستا مهيا ڪرائڻ لاءِ هر وقت همٿايو ويندو رهيو آهي. ان سموري سماج سڌارڪ ۽ سماجي ڪمن ۾ سگا جا سمورا ساڃهه وند ۽ رضاڪار پنهنجي مدد پاڻ جي جذبي تحت ڪم ڪندا رهيا آهن. سگا جو اهو فڪر ۽ عمل “هڙان ۽ وڙان ڏئي ڪم ڪرڻ ۽ پاڻ ملهائڻ” واري شعوري جذبو جو عڪاس رهيو آهي. هن سموري تحريڪ جي اڌ صديءَ واري جاکوڙ جي مختلف رخن ۽ ڪردار تي يقينن، تفصيلي نموني تحقيق ڪرڻ ۽ ريڪارڊ تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. پروفيسر اعجاز قريشي چيو ته، سائين ابراهيم جوئي جا مختلف علمي موضوعن، تعليم، ادب، عالمي ادب ۽ دنيا جي شاندار ۽ اهم ڪتابن جا ترجما ٿيل آهن، جيڪي گذريل صدي کان پڙهندڙ جي اڃ اجهائيندا رهيا آهن ۽ اها تخليق ۽ شاهڪار ڪتاب صدين تائين پڙهندڙن جي علم ۾ واڌارو ۽ رهنمائي ڪندا رهندا. تقريب ۾ سنڌ گريجويٽس ائسوسئيشن جي چيئرمين رفيق احمد جعفري پنهنجي صدارتي خطاب ۾ چيو ته، محمد ابراهيم جويو سنڌ آهي ۽ سنڌ محمد ابراهيم جوئي کانسواءِ نامڪمل آهي. سندس صد ساله تقريبات ۽ ڪتابن جي اشاعت لاءِ هلايل مهم ۾ شريڪ ۽ شامل رهي ۽ هڪ وزني ڪتاب سگا کي شايع ڪرڻ جو اعزاز حاصل ٿيو، جنهن جي ڪجهه سال اڳ مهورت ته ڪئي وئي هئي پر ڪراچي ۾ سگا جي مرڪز ۾ سائين جوئي صاحب جي ۱۰۶هين سالگرهه واري ميڙاڪي ۾ ان ڪتاب جي مهورت ڪري پنهنجو اهو فرض ۽ قرض پڻ ادا ڪيو ويو آهي. هن چيو ته، جوئي صاحب جي سالگرهه جي حوالي سان ۱۳ آگسٽ يا ۲۲ آگسٽ وارو تڪرار ڪا وڏي ڳالهه نه آهي، سال جا سمورا ڏينهن محمد ابراهيم جوئي جا ئي ڏينهن آهن. (ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۵ آگسٽ ۲۰۲۱ع تي ڇپيل) سائين ابراهيم جويو جي ياد ۾ ادل سولنگي نئين سنڌ اڏڻ جي لاءِ علمي ۽ عملي جدوجهد ڪندڙ، سنڌ جو ڏاهو محمد ابراهيم جويو، زندگيءَ جا سمورا پل پهر سنڌ جي فڪري اڏات واري ڪرت ۾ ڪتب آڻيندي ۹ نومبر ۲۰۱۷ع تي سنڌ واسين جي اکين ۾ وڇوڙي جا وڍ ڏئي سنڌ امڙ جي هنجهه ۾ سدائين لاءِ وڃي آرامي ٿيو. محمد ابراهيم جويو لڪي تيرٿ ڀرسان هڪ ننڍڙي ڳوٺ آباد ۾ هاري گهراڻي ۾ پيدا ٿيو هو. اڳتي هلي محمد ابراهيم جويو سائين جي ايم سيد جو سندس فڪري جدوجد ۾ ساٿاري ۽ ٻانهن ٻيلي بڻيو ۽ وڏي حد تائين سنڌ جي روشن خيالي واري تحريڪ جو روح روان به بڻجي ويو، محمد ابراهيم جويو، سنڌ ڌرتيءَ جي سڀاڳ جي علامت ۽ اهڃاڻ رهيو، جنهن سموري زندگي علم ۽ شعور، ڏات ۽ ڏاهپ، فن ۽ فڪر، حب الوطني ۽ روشن خيالي،سهپ ۽ رواداري، سياسي ۽ سماجي سجاڳي لاءِ پاڻ پتوڙيو، زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين سائين محمد ابراهيم جويي علم ۽ شعور جون مشعلون ٻاري سنڌ کي شعور جي روشني ڏيندو رهيو، جنهن جي علمي، ادبي جاکوڙي جدوجهد ۽ هڪ مڪمل صديءَ جي تاريخ جو مشاهدو آهي ته هن سنڌ جي علمي، ادبي سنوار ۾ پنهنجون سموريون صلاحيتون ڪتب آڻيندي لازوال مثال قائم ڪيو. سائين محمد ابراهيم جويي پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات سنڌ مدرسي کان ڪئي ۽ ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان اڳ سنڌ سان مستقبل ۾ ٿيندڙ سازشن ۽ ويساهه گهاتين جو ادراڪ رکندي ”سيو سنڌ، سيو سب ڪانٽيننٽ /سنڌ بچايو، کنڊ بچايو“ جهڙو لازوال ڪتاب تخليق ڪيو. جنهن جي پاداش ۾ ان وقت جي تعليم جي وزير” پير الاهي بخش کيس نوڪريءَ تان لاهي ڇڏيو، ياد رهي ته پير الاهي بخش سنڌ مان سنڌي ٻوليءَ کي نيڪالي ڏيڻ ۾ ڌارين جو ساٿ ڏيندي سڀ کان پهرين ڪراچي شهر مان ۱۳ سئو سنڌي اسڪول بند ڪرايا هئا. سائين محمد ابراهيم جويو، اينٽي ون يونٽ فرنٽ ۽ بزم صوفياءِ سنڌ جي جدوجهد ۾ سنڌ ۽ سيد سان گڏ ايوبي شاهيءَ سان مهاڏو اٽڪائي پاڻ ملهايو، جنهن جي ڏوهه ۾ کيس ڪوهاٽ بدلي ڪيو ويو هو، سائين محمد ابراهيم جويو سنڌي ادبي سنگت کي سنڌ جي ترقي پسند ۾روشن خيال تنظيم طور نه رڳو قبوليو پر ان مقصد جي حاصلات لاءِ مسلسل سنڌي ادبي سنگت سان سلهاڙيل رهندي ان جي زيادتين جي رهنمائي ڪندو رهيو. جويو صاحب ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سان گڏ سنڌ هاري ڪميٽي جي مقصدن سان سهمت ٿيندي ان جدوجهد ۾ شامل رهيو، پنهنجي شاگرد رسول بخش پليجي جي عوامي تحريڪ کي به پنهنجي اخلاقي، علمي، ادبي ۽ سياسي حمايت سان اڳتي وڌايو. هو مارڪسوادي هجڻ باوجود هتان جي اشتراڪين سان قومي سوال تي سدائين ٽڪراءَ واري پوزيشن ۾ رهيو. سائين محمد ابراهيم جويو آزاد سنڌ ۽ سيڪيولر سماج جو حامي ۽ گهرجائو هئو، جنهن لاءِ سندس ڪوششون جاري رهيون. سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري، چيئرمين رهندڙ سائين محمد ابراهيم جويي ”مهراڻ“ کي جيڪو مٿاهون مقام ڏياريو ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي نيڪ ناميءَ لاءِ جيڪو پاڻ پتوڙيو اهو به تاريخ جو اهم حصو ۽ سندس علمي ادبي ڪاميابين ۽ ڪامرانين جو هڪ اعليٰ مثال رهيو آهي، سنڌ جي نصاب کي سيڪيولر، روشن خيال ۽ انسان دوست بڻائڻ لاءِ سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين جي حيثيت سان ڪيل سندس پورهيو سدائين ياد رکيو ويندو. سائين محمد ابراهيم جويو سرونٽس آف سنڌ، سوسائٽي ۽ سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت جي بينر هيٺ ڪيترا ئي ڪرائتا ڪتاب ڇپرائي سنڌ جي علم ۽ ادب جي خدمت ڪئي.. سائين جويي صاحب شاهه سچل سامي، سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعرن جي ٽه مورتي بابت ڪتاب لکڻ سميت عالمي ادب جي شاهڪار ڪتابن جو سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري سنڌي ادب کي مالا مال ڪيو. سندس ترجمو ڪيل ڪتابن سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ ادبي دنيا ۾ هڪ نئين روشني ۽ شعوري انقلابي هلچل پيدا ڪئي. سياسي ادارن ۾ سائين محمد ابراهيم جويي جي ترجمو ڪيل ڪتابن کي اسٽڊي سرڪل ۾ باقائدگي سان پڙهايو ويندو هيو. سائين جي ايم سيد نئين سنڌ جو خواب ڏٺو، ان خواب جي ساڀيان لاءِ محمد ابراهيم جويي زندگيءَ جي هر گهڙي جدوجهد ۾ گذاري ڪندي.هن نئين سنڌ ۾ علمي سجاڳي پيدا ڪري روشن خيال ذهن پيا ڪيا، جنهن پنهنجي قلم ذريعي روسو ۽ والٽيئرجيان ڪردار ادا ڪيو. وطن دوستي، سماجي انصاف، جمهوري سماج جي اڏاوت لاءِ علمي ادبي ميدان ۾ ڪيل سندس جدوجهد سماج جي اڏاوت لاءِ علمي ادبي ميدان ۾ ڪيل خدمتون ڪڏهن به وساري نٿيون سگهجن. سائين محمد ابراهيم جويو سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيڻ واري عملي جدوجهد ۾ سنڌي ادبي سنگت جي اڳواڻي ڪئي ۽ سنڌ دشمنن، رٿائن ۽ سازشن خلاف سخت مزاحمت ڪئي. سائين محمد ابراهيم جويي سنڌ ۾ مادري ٻوليءَ ۾ تعليم ڏيارڻ جي حق کي مڃرائڻ لاءِ مثالي جدوجهد ڪئي. جرمن ڏاهي ارنيسٽ ٽرمپ شاهه لطيف جي دنيا ۾ هڪ وڏي شاعر طور سڃاڻپ ڪرائي ۽ شاهه سائين جي شاعريءَ تي تحقيق ڪري دنيا جو وڏو شاعر قبول ڪرايو، اهڙي طرح سائين محمد ابراهيم جويي سنڌ جي ويهين صديءَ جي وڏي شاعرشيخ اياز جي سڃاڻپ ڪرائي، هن شيخ اياز کي سنڌي شاعريءَ جي اوچي پد تي ويهارڻ لاءِ پنهنجون علمي، ادبي، صلاحيتون ڪتب آڻيندي شيخ اياز کي سنڌ جي ٻولي جي نج پڻي ۽ ڪارائتي نموني ٻوليءَ جو استعمال ڪرڻ سان شيخ اياز کي صدين جو سرجڻهار بڻائي ڇڏيو. سائين جي ايم سيد، حشو ڪيولراماڻي، عمر بن محمد دائود پوٽو، علامه آءِ آءِ قاضي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، قاضي فيض محمد، شيخ عبدالمجيد سنڌي، ڪامريڊ حيدربخش جتوئي، پير حسام الدين راشدي، رسول بخش پليجو، رشيد ڀٽي، سرالج الحق ميمڻ، شمشير الحيدري، حميد سنڌي، غلام محمد گدائي، غلام مصطفيٰ شاهه، عبدالڪريم گدائي، سرويچ سجاولي، محمد خان مجيدي، منشي ابراهيم، استاد بخاري، تنوير عباسي، ڄام ساقي، عبدالواحد آريسر وانگر سنڌ جي علمي، ادبي، سياسي ۽ قومي ورثي جي وارثي ڪندڙ ۽ ان شعوري روايت کي حب الوطنيءَ سان سلهاڙي نئين نسل ڏانهن پنهنجي قومي ورثي کي منتقل ڪرڻ واري عملي جدوجهد جو مهندار ۽ نئين نسل جو سونهون رهندڙ هڪ باڪردار عالم، اڪابر، اديب، دانشور، تعليمي ماهر جو رتبو ماڻيندڙ سائين محمد ابراهيم جويو جنهن پنهنجي سڄي ڄمار، علم جي روشني ڦهلائڻ واري صالح عمل کي ورجائيندي گذاري، جنهن پنهنجي نيڻن ۾ اڻيل پنهنجي خوبصورت خوابن واري سنڌ جي نئين سر اڏاوت ڪندي زندگيءَ جا سمورا پل پهر ارپي ڇڏيا، جنهن سنڌ ۾ علم ۽ ادب جا واهڙ نه پر ڪيئي درياهه وهائي سنڌ جي ذهنن کي زرخيرز بڻائي ڇڏيو. (ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۹ نومبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل) سائين محمد ابراهيم جويو سنڌ جو عظيم ڏاهو علمي ادبي شخصيت نور سنڌي سائين محمد ابراهيم جويو سنڌ جو عظيم ڏاهو، علمي ادبي، شخصيت، دانشور ھو سندس علمي ادبي دنيا ۾ ڪيل خدمتون اڻ وسرندڙ آهن. پاڻ سنڌ جو قومي سرمايو آهي، سندس شخصيت اسان سنڌ واسين لاءِ هڪ يونيورسٽيءَ جي حيثيت رکي ٿي. پاڻ تعليمي ماهر، شفيق استاد، اديب، دانشور، ترجما نگار رھيو. پاڻ سنڌي ٻوليءَ لاءِ پتوڙيو، خاص ڪري جڏهن پاڪستان ٺهڻ بعد سنڌي ٻوليءَ کي ڪاپاري ڌڪ لڳو ته پاڻ ان خلاف سراپا احتجاج بنجي ويو. سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان احتجاجي مهم جي اڳواڻي ڪئي ۽ ان خلاف اخبارن ۾ مضمون لکيا، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌي ٻوليءَ کي صوبي سنڌ جي سرڪاري ٻولي قرار ڏنو ويو. ۱۹۴۶ع ۾ پاڻ انگريزيءَ ۾ ڪتاب ”سيو سنڌ سيو دي ڪانٽيننٽ“ سنڌ بچايو کنڊ کي بچايو لکي ڀنڀور کي باهه ڏيڻ وارو مثال قائم ڪيو. ان ڪتاب جو ٽائيٽل ڏاڍو خوبصورت ۽ معنيٰ خيز هو. ٽائيٽل تي سنڌ جو نقشو هو، حقيقت تي مبني مواد واري اهڙي ڪتاب تي وقت جا حڪمران مٿس ناراض ٿيا جويو صاحب ان وقت سنڌ مدرسي ڪراچيءَ ۾ استاد هو ۽ کيس ان ڪتاب لکڻ جي ڏوهه ۾ سنڌ مدرسي جي ان وقت جي صدر پير الاهي بخش ملازمت تان هٽائي ڇڏيو. ون يونٽ خلاف سندس وڏي جدو جهد رهي ۽ ان ڏوهه ۾ کيس ۲ سالن لاءِ صوبي بدر ڪيو ويو. پاڻ لاتعداد مختلف ٻولين جي ڪتابن کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو. جيڪو سندس وڏو ڪارنامو آهي. پاڻ سنڌي ادبي سنگت جي بانيڪارن مان هڪ ھو، پاڻ ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادبي سنگت جون سرگرميون جاري رکيون. ان کان اڳ پاڻ مشهور اديب ڊاڪٽر گر بخشاڻي جي سرپرستي هيٺ هلندڙ سنڌي ادبي سرڪل ۾ سرگرم رهيو. ۱۹۵۳ع ۾ چونڊيل اسيمبلي ۾ جيڪي سنڌي ٻولي لاءِ انگريزي ۾ پيش ڪيل ٺهراءَ جي نظرثاني ڪندڙن ۾ سائين جي ايم سيد، علي محمد راشدي، عبدالستار پيرزادو، محمد ابراهيم جويو هو. نوان ليکڪ پيدا ڪرڻ ۽ اڀرندڙ ليکڪن جي همٿ افزائي ۽ کين اڳتي آڻڻ ۾ سندس شاندار ڪردار رهيو سنڌ ڌرتي ۽ سنڌ واسين سان ٿيندڙ ويساهه گهاتين، سنڌ جي حقن، سنڌ جي ٻولي ثقافت جي حفاظت لاءِ هر دور ۾ محمد ابراهيم جويو جو هڪ ليکڪ هڪ دانشور هڪ ڏاهي جي حيثيت سان شاندار ڪردار رهيو، ان حوالي سان پاڻ لاتعداد مضمون لکيا کيس سنڌي ٻوليءَ جي ترقي، سڌاري جو فڪر رهيو، ان حوالي سان مختلف اخبارن، رسالن ۾ سندس مضمون شايع ٿيندا رهيا آهن. پاڻ جڏهن پاڪستان ٽيڪسٽ بورڊ سنڌ لاءِ انچارج مقرر ڪيو ويو، ساڳئي وقت پاڻ سنڌي ادبي بورڊ جو اعزازي سيڪريٽري طور ادب لاءِ پاڻ پتوڙيو ساڳئي وقت پاڻ سليم احمد جي فرضي نالي سان انگريزي ۾ هڪ وال بروشر ”لينگويج پرابلم ان ويسٽ پاڪستان“ لکيو جنهن ۾ جويو صاحب پاڪستان جي قومي زبانن جي اهميت ۽ تاريخ بابت ملڪ اندر ٻولي جي مسئلي کي بهترين حل ڏنو. جڏهن اهو راز راز نه رهيو ۽ ڳالهه کلي ته اهو پمفليٽ محمد ابراهيم جويو جو لکيو ته وقت جي حڪمرانن کيس بدلي ڪري سزا طور جيڪب آباد هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر مقرر ڪيو. ته جيئن هو گهر کان پري رهي ڀلي پريشان ٿئي پر پاڻ اتي رهي به پنهنجو قومي ادبي ڪم جاري رکيو. شيخ اياز جي معرفت ترقي پسند ادبين، دانشورن لاءِ پاڪستان ادبي انجمن نالي تنظيم جو قيام آندو. ان جو پڌرنامو اردو، انگريزي، بنگالي، پشتو، سنڌي ۾ ڇپايو ويو. جنهن وڏي هلچل مچائي ڇڏي، ۽ اها ڳالهه راز نه رهي ۽ حڪمرانن مٿس وڌيڪ نارض ٿي سزا طور کيس پشاور موڪليو ۽ آرڊر ۾ لکيو ويو ته کيس جتي ماڻهن سان سندس رابطو گهٽ رهي اتي رکيو وڃي ۽ کيس ڪوهاٽ ٽريننگ ڪاليج ۾ پرنسيپل طور مقرر ڪيو ويو. محمد ابراهيم جويو سن ويجهو ڳوٺ آباد ۾ ۱۹۱۵ع ۾ ڄائو، ننڍڙي ڄمار ۾ پهرين سندس والد پوءِ امڙ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا. سندس پالنا سار سنڀال سندس ڏاڏي ڪئي. ۴ درجا پنهنجي ڳوٺ ۾ ۵ درجو ڳوٺ تيرٿ لکي ۾ فائينل، اي وي هاءِ اسڪول سن ۾ڪئي. جتي سندسن ملاقات سائين جي ايم سيد سان ٿي ۽ هنن جي دوستي ٿي وئي. ميٽرڪ ۱۹۳۰ع ۾ سنڌ مدرسو ڪراچي مان پاس ڪيائين جتي سندس استادن ۽ ان دور جون مشهور علمي ادبي شخصيتون، ڊاڪٽر گر بخشاڻي، پروفيسر منگهارام، پروفيسر ٽي ايم آڏواڻي، ڊاڪٽر ڊيو آرٿ، ڪاڪا ڀيرو مل، مهر چند ۽ ٻيا هئا. اتان بي اي پاس ڪري ۱۹۳۸ع ۾ انهيءَ اداري ۾ استاد طور مقرر ٿيو. سندس سيو سنڌ سيو دي ڪانٽيننٽ لکڻ جي ڏوهه ۾ نوڪري ختم ٿيڻ بعد ڪجهه سال بيروزگار رهيو ۽ ۱۹۴۹ع ۾ کيس ميونسپل هاءِ اسڪول ٺٽو ۾ هيڊ ماستر طور مقرر ڪيو ويو، جتي شاگردن ۾ غير نصابي سرگرميون شروع ڪيون ٺٽو ۽ جيڪب آباد جي ان وقت جي اسڪولن جي استادن ۽ شاگردن جو چوڻ آهي ته پاڻ شفيق استاد هو. والدين جهڙو پيار ڏيندو هو، ڪڏهن به شاگردن کي مار نه ڏني، بي عزتو نه ڪيو. هر ڳالهه پيار سان سمجهائيندو هو. شاگردن کي اولاد وانگر سمجهندو هو، سندس پڙهائڻ جو طريقو اهڙو ته پر اثر هو جو شاگرد چاهيندا هئا ته سندس پيرڊ ختم ئي نه ٿئي. انهن اسڪولن ۾ شاگردن جا ڊراما، ڊبيٽ پروگرام به ڪرايا. ۽ شام جو اسڪول جي گرائونڊ تي شاگردن سان گڏ راند روند به رهندو هو. ۱۹۵۴ع ۾ هاءِ پاور ايگزيڪيوٽو ڪميٽي فار سنڌي لٽريچر ۾ نالو ڏنو ويو ان جو ۱۰ سال سيڪريٽري مقرر رهيو. ان دوران به پاڻ سنڌي ادب جي بي مثال خدمت ڪئي. ۳ ماهي مهراڻ رسالي جو ايڊيٽر به رهيو. ۱۹۶۱ع ۾ڊائريڪٽوريٽ آف ايڊيوڪيشن حيدرآباد ۾ پبليڪيشن آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي مقرر ڪيو ويو. ان بعد ساڳئي بورڊ جو حيدرآباد، ڪراچي، ڪوئيٽا ريجن جو انچارج رهيو. ۱۹۶۸ع گورنمنٽ ٽريننگ ڪاليج ڪوهاٽ جو پرنسيپل، ۱۹۷۰ع ۾ حيدرآباد ڊويزن تعليم کاتي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر رهيو. ساڳئي سال کيس سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. ۱۹۷۱ع ۾ تعليم کاتو خيرپور ڊويزن ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر رهيو. پاڻ ۱۹۷۳ع ۾ بيورو آف ڪريڪرلم اينڊ ايڪٽينشن سروس سنڌ ۾ ڊائريڪٽر ٿيو ۽ انهيءَ سال ان عهدي تان ريٽارئرڊ ٿيو. سندس اهم ادبي ۽ نصابي ڪتاب ۾ روسو جي ايملي جو ترجمو، بليو ٽارچ مضمون ٻارن جي تعليم جو ترجمو، سنڌي پهريون ڪتاب سنڌي بالغن جي تعليم جا ۳ ڪتاب، سنڌي ريڊر درجو چوٿون، سنڌي سپليمينٽري، درجو ڇهون، سنڌي اختياري درجو ڇهون، پاڪستان جي تاريخ لازمي درجو نائون ۽ ڏهون، دنيا جي تاريخ جو ترجمو، درجو نائون ۽ ڏهون، ٽيچرس گائيڊ ٽوٽيچنگ آف سائنس درجو ٻيون ۽ ٽيون، ٽيچرس گائيڊ ٽوٽيچنگ آف سائنس درجو چوٿون ۽ پنجون، فلسفي جو بنيادي ڪورس، ترجمو گئليلو، ترجمو، ٻارن جو مسيح، ترجمو فڪر جي آزادي، ترجمو شاهه سچل سامي، هوءَ جا ٽمڪي باهڙي، وحشي جيوت جا نشان ترجمو، محڪري جا مضمون ترجمو، ڳالهيون، ڪتابن جون، ٻولي ادب تعليم، اسلام جو تاريخ نامون ترجمو، اسان جي ٻولي اسان جي تعليم، ماڻهو جو ڀاڳ، خط ٻن استادن جا، مٺ مٺ موتين جي، عورت زاد، علم تدريس مظلومن لاءِ ترجمو”فرينچ انقلاب“ ترجمو، سيو سنڌ، سيو دي ڪانٽيننٽ، دي نيشن ان چينس ترجمو، پاڻ شاعري تي به عبور رکي ٿو. سنڌي شاعري جو بهترين پارکو آهي. پاڻ شيخ اياز جي ڪيترن ئي شاعري جي مجموعن جا خوبصورت مهاڳ لکيا. هر اديب، هر شاعر چاهي ٿو ته سندس ڪتاب جا مهاڳ سائين محمد ابراهيم جويو صاحب لکي. پاڻ سچو قومپرست ھو. مهان شاعر شيخ اياز پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ لکي ٿو ته محمد ابراهيم جويو سنڌي شاعري جو وڏو پارکو آهي، هو لکي ٿو ته سوڀو گيانچنداڻي، حشو ڪيولراماڻي ۽ محمد ابراهيم جويو اهي ۳ شخصيتون آهن جن منهنجي ننڍڙي عمر ۾ تربيت ڪئي آهي. جي مان انهن سان نه ملان هان ته مان، مان نه هجان هان، انهن سان منهنجي عقيدت ۽ محبت ائين رهي آهي جيئن رومي جي شمس تبريز سان رهي آهي. مشهور شاعر ليکڪ تاج جويو، محمد ابراهيم جويو بابت لکيل هڪ مضمون ۾ لکي ٿو ته محمد ابراهيم جويو ۽ شيخ اياز جي دوستي ۽ رفاقت فڪري رهي آهي، ان دوستيءَ جو محور ۽ محرڪ فقط سنڌ رهي آهي. ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکي ٿو ته، سنڌ جا ناميارا اديب حفيظ شيخ، سراج ميمڻ، رشيد آخوند، خواجه سليم، اياز قادري ۽ ٻيا ڪيترائي محمد ابراهيم جويو جي ميزباني ۾ سنڌ ادبي سنگت جون ڪراچي ۾ ٿيندڙ گڏجاڻين ۾ نپجي وڏا عالم ۽ اديب ٿي نڪتا آهن. پاڻ ڪيترن ئي اديبن جي ڪچين ڦڪين لکڻين کي درست ڪري سنواري مهراڻ رسالي ۾ شايع ڪيو. شيخ اياز کي همٿائڻ ۽ مٿي آڻڻ ۾ پڻ سندس جاکوڙ ۽ ڪردار آهي. محمد ابراهيم جويو صاحب مارڪسٽ آهي، پاڻ سياسي ڄاڻ رکندڙ شريف انسان تقرير، ۽ گفتگو جو جادو ئي انداز هر ڳالهه دليلن سان مڃائيندڙ پاڻ وڏا سهپ وارا گهڻ سهو. پاڻ ڪچهريون جو ڪوڏيو ھو هر ساڃاهه وند ماڻهو جي خواهش رهي ٿي ته هو جويو صاحب سان ملي ۽ ڪچهري ٻڌي. سندس لفظ موتين جي مالها وانگر آهن پاڻ سچ چوندڙ صاف دل ۽ هر ننڍي وڏي جي عزت ڪندڙ رهيو، سنڌ جو ھيءُ عظيم شخص ۹نومبر ۲۰۱۷ع تي لاڏاڻو ڪري ويو. اڄ سندس ۵ ورسي ملھائي پئي وڃي. (ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۹ نومبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
ڊاڪٽر خان محمد پنهور سنڌ جو هڪ خاموش خدمتگار عبدالمجيد پنهور ڊاڪٽر خان محمد پنهور کي وڇڙئي اڄ ٻارنهن سال ٿي ويا آهن. سندس محبتون ۽ گُڻَ اڄ به گلاب جي گلن وانگر تازا آهن. ڊاڪٽر خان محمد پنهور جي زندگي جو مقصد هر ماڻهو جي مدد ڪرڻ ۽ اتساهڻ هئو. محبتي ۽ همدرد انسان، سدائين ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ جي جستجو ۾ رُڌل رهندڙ ڊاڪٽر پنهور کان زندگي ۾ قدرت وڏا ڪم ورتا ۽ انهن ڪمن هن کي اَمَر ڪري ڇڏيو. سندس عام ماڻهو سان لحاظي ورتاءُ ۽ همدردي جو وڏو سبب شايد اهو به ٿي سگهي ٿو ته جنهن ماحول ۾ هن اک کولي، اهو مذهبي تعليم ۾ تمام اڳتي هئو. ڊاڪٽر خان محمد پنهور کي شروع کان زندگيءَ ۾ محنت جي سُتي پيل هئي. رات ڏينهن نه صرف علم جي تلاش ۽ ڪجهه ڪرڻ لاءِ هميشه سرگردان رهڻ سندس طبيعت جو حصو هئو. ڳوٺ مان ئي تعليم سان گڏ صحافت ۽ ادبي زندگي ۾ ٻارڙن جي ٻاري جي شاخ قائم ڪرڻ ذريعي پير پائڻ شامل آهن.اڳتي هلي سائين جي ايم سيد ۽ ان ذريعي شيخ عبدالمجيد سنڌي جهڙن هيرن سان ملاقاتن ڊاڪٽر پنهور جي ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ واري جستجو کي وڌيڪ جلا بخشي. هن کي سنڌ جي مشاهيرن سان ته ڄڻ عشق هئو ۽ ان جو وڌيڪ احساس هن کي معاشري جي بي حسي وڌيڪ احساس ڏياريندي هئي. ان جي ڪري ئي هن شيخ عبدالمجيد سنڌي سان وڌيڪ تعلق جوڙيو. شيخ صاحب برِصغير جي سياست جو سرواڻ هئو پر انتهائي سادو ۽ سٻاجهو انسان هئو. شيخ سنڌي ڊاڪٽر پنهور جو رول ماڊل چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. شيخ صاحب جي زندگي ۽ جدوجهد تي هلندي ڊاڪٽر پنهور صحافت کي ئي پنهنجو مشن بڻايو. هن سياست بجاءِ سماج سڌارڪ طور معاشري ۾ تبديلي لاءِ جاکوڙيو. سندس چوڻ هئو ته سياست اسان جهڙن ماڻهن جي پهچ کان ٻاهر آهي. هن سِگا ۾ پڻ انتهائي سرگرم ڪردار ادا ڪيو ۽ سِگا ۾ سرگرمين دوران سندس مَحور ۽ مرڪز عام ماڻهن جي تعليم ۽ انهن ۾ سجاڳي رهيو. صحافت هجي يا سماجي خدمتن جو شعبو، ڊاڪٽر پنهور ٻنهي شعبن سان ڀرپور نموني نڀايو. وسيلن جي اڻهوند، ماڻهن جي بيجا اختلافن ۽ تنقيدن جي باوجود ڊاڪٽر پنهور بنا ڪنهن سان شڪايت ڪرڻ جي خدمت واري پنهنجي ڌُن ۾ اڳ کان اڳرو رهيو. ڪامورو ٿيڻ جي بجاءِ هن استاد ٿيڻ کي ترجيح ڏني. هن سنڌ يونيورسٽي ۾ صحافت جو شعبو قائم ڪيو. صحافت جي نامياري استاد پروفيسر ذڪريا ساجد چواڻي ته سنڌ يونيورسٽي ۾ صحافت جو شعبو قائم ٿيڻ سان سنڌ جي نوجوانن کي صحافت پڙهڻ ۽ سنڌ جو موقف پيش ڪرڻ جو موقعو ملي سگهيو. اهڙي ريت سماجي شعبي ۾ ڊاڪٽر پنهور اتساهه ۽ نواڻ پيدا ڪئي. هن عام ۽ باشعور ماڻهن کي سماجي ڪمن لاءِ همٿايو. هڪ طرف هن جي تجويز تي سِگا جي پيلٽ فارم تان صحت جو سال، تعليم جو سال، ساهت سال، ڳوٺ سڌار سال ڪري ملهايو. صحت سال جي سلسلي ۾ سنڌ ۾ اکين جون مفت ڪئمپون لڳرايون. وڏن فزيشن ۽ سرجن انهن ڪئمپن ۾ ماڻهن جو مفت علاج ڪيو ۽ انهن کي دوائون ڏنيون. تعليم جو سال ملهائڻ لاءِ ڊاڪٽر پنهور سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ ۽ شهر شهر پهتو. ان سان ماڻهن ۾ تعليم لاءِ سجاڳيءَ جي تحريڪ پيدا ٿي. ڳوٺن جي ماڻهن پٽن سان گڏ نياڻين کي به تعليم ڏيارڻ شروع ڪئي. سنڌي ساهت سال ۱۹۸۱ع ۾ سنڌي اخبارن خاص نمبر شايع ڪيا، نوان ڪتاب شايع ٿيا ۽ سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ نئون اتساهه پيدا ڪيو. ۱۹۸۲ع ۾ ڊاڪٽر خان محمد پنهور ڳوٺ سڌار سنگت جو بنياد رکيو. ڳوٺ سڌار جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر پنهور هر ڳوٺ ۾ ويو. سندس ڳوٺاڻي ترقيءَ جي جذبي سنڌ جي هر ٽهيءَ کي ته اتساهيو پر سنڌ جي بزرگن هن سجاڳي واري ڪم ۾ عملي طور حصو ورتو. ڊاڪٽر پنهورپنهنجي ساٿين ڊاڪٽر حسين بخش ڪولاچي، روشن ٻگهيو، رسول بخش گچيرائي ۽ اسان جهڙن ننڍڙن ڪارڪنن کي گڏ کڻي هلڻ ۽ سماج جي ترقي واري قافلي ۾ هر شعبي جي ماڻهن کي شامل ڪرڻ سندس وڏو ڪمال هئو. ڊاڪٽر پنهور سڀني ڪمن لاءِ ٽيم ٺاهيندو هئو پر هو پاڻ به سڄي عمر هڪ ورڪر رهيو. هڪ سادو، سٻاجهو، اتساهيندڙ ۽ محنتي ماڻهو ۽ اهڙو ماڻهو جنهن جي اسان کي، اسان جي سماج کي کوٽ محسوس ٿيندي رهندي. هو سڀني جو دوست ۽ همدرد هئو ۽ سڀ کيس پنهنجو سمجهندا هئا. هن جو پنهنجي دوستن سان سدائين محبت ڀريو ورتاءُ هوند هئو، اهو ڀلي سڪندر ميمڻ هجي يا شمشير، هدايت يا تاجل هجن. دوستن سان دوستي جي حوالي سان هڪ واقعي بابت ٻڌائيندو هلان ته: ڪجهه دوستن اسلام آباد ۾ سندس ڪم بابت سخت اختلاف ڪيو ۽ ايتري تنقيد ڪئي جو هو ٻارڙن وانگر روئي پيو هئو، پر ان جي باوجود مون کي خبر آهي ته هو سدائين انهن دوستن سان ساڳي عزت ۽ محبت سان هلندو هئو. سنڌيونيورسٽي ۾ نوڪري دوران پڻ هن کي الاهي تڪليف کي منهن ڏيڻو پيو. پر ان جي باوجود هن ان تڪليف جو جواب ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ڪري ڏنو. سنڌي صحافت کي سنڌي سماج جي ترقيءَ جو اهم مورچو سمجهندو هئو. جڏهن سنڌي رسالن ۽ اخبارن جا اشتهار بند ٿي چڪا هئا ته ڊاڪٽر پنهور سنڌي اخبارن ۽ رسالن جي جماعت ٺاهي، سنڌي صحافت تي سيمينار ڪرايا. سنڌي صحافت ۾ سنڌي ڪمپيوٽر جي استعمال جي سلسلي ۾ سنڌي صحافت تي ٿيل سيمينار کان شروعات ٿي هئي. انهيءَ سيمينار لاءِ مهتاب اڪبر راشدي جي سربراهي ۾ سنڌالاجي پاران تاريخي سنڌي اخبارن جي نمائش لڳائي وئي هئي، جڏهن ته ماجد ڀرڳڙي جنهن کي سنڌي ڪمپيوٽنگ متعارف ڪرائڻ جو ڪريڊٽ وڃي ٿو، ان سنڌي ڪمپوزنگ تي پريزنٽيشن ڏني هئي . ڊاڪٽر پنهور جي ڪم ۾ سچائي هئي. هو اڪيلي سِر هڪ اداري جو ڪم ڪندو هئو. سندس ڪم مان ائين لڳندو هئو ته هو اڪيلو شخص نه پر هڪ ادارو ڪم ڪري رهيو آهي. هن ۾ ماڻهن کي سيکارڻ جو هڪ ڏانءُ هئو. ڊاڪٽر پنهور ادارن ٺاهڻ ۾ ۽ ٽيم ٺاهڻ ۽ ٽيم کي گڏجي کڻي هلڻ ۾ تمام گهڻو يقين رکندو هئو. سندس گهڻ-پهلوئي سرگرمين جو بنيادي مقصد سنڌجي ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ، ٻڌي پيدا ڪرڻ، انهن کي سماج لاءِ اتساهڻ هئو. هو هڪ عملي ماڻهو هئو. سندس هر عمل ڪنهن نه ڪنهن مثبت ڪم لاءِ ئي هوندو هئو. ڏهه سال مسلسل بيماري ۾ رهڻ جي باوجود نه هن ۾ سماج مان ڪا نا اميدي پيدا ٿي ۽ نه ئي ڪڏهن هن کي سماج سڌارڪ يا استاد هجڻ تي پاڻ کان ڪنهن قسم جي شڪايت. ڪڏهن ڪڏهن معاشري جي بي حسي جي ڳالهه نڪرندي هئي ته ڪو جواب ڏيڻ بجاءِ سندس اکين جي ڪنڊ مان ڳوڙها ڪري پوندا هئا. سنڌ ۾ ڊاڪٽر پنهور جون خدمتون سدائين ياد رهنديون هيون، هو سنڌ جو خاموش خدمتگار هو. روزانه ڪاوش جي ٿورن سان خان محمد پنهور بي لوث سماج سڌارڪ ثمينه ميمڻ سنڌي سماج جي بهتري ۽ ترقيءَ لاءِ توڙي تعليمي ميدان ۾ ويجهي ماضيءَ ۾ پاڻ پتوڙيندڙ شخصيتن ۾ سنڌ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ آراضي، تعلقي سيوهڻ ۾ جنم وٺندڙ ڊاڪٽر خان محمد پنهور جو ذڪر انتهائي سٺن لفظن ۾ ٿئي ٿو. ڊاڪٽر خان محمد پنهور ۲۷ جون ۱۹۴۹ع تي جنم ورتو، ٻالڪپڻ کان جواني تائين بنا ٿڪ ڀڃڻ جي، بنا ساهه پٽڻ جي، بنا ڪنهن ميار، پنهنجي مشن ۾ جنبيل رهيو، صحافت ۽ سماجي ڪم سندس رڳن ۽ روح ۾ سمايل هئا. ڳوٺ کان ويندي ڪراچي پوءِ حيدرآباد واري آخري سفر جي پڄاڻي ڄام شورو ۾ ڪيائين، تعليم جو سلسلو به مسافريءَ دوران طئي ڪيائين. پرائمري تعليم آراضي شهر، مڊل ڀان سعيد آباد، مئٽرڪ دادو، بي اي هالا ڪاليج، ايم اي ڪراچي يونيورسٽي مان ڪيائين. قدرت ڊاڪٽر پنهور کي پيدا هڪ غريب گهر ۾ ڪيو، پر کانئس وڏا ۽ بهترين ڪم ڪرايائين. محبت پڻ ملڪ جي ناميارن شخصيتن وٽان سکڻ جو ڏانءُ هن کي قدرت طرفان خاص عطئي طور نصيب ٿيو هو. ڪنهن سان ڪيئن ڪاوڙ ۾ ڳالهائجي اهو هن کي آيو ئي ڪونه. زندگيءَ جي شروعاتي ڏينهنِ ۾ صحافت سان پيچ اٽڪايائين ۽ آخر تائين صحافيءَ واري زندگي گذاريائين، شيخ اياز جي وائيس چانسلريءَ واري زماني ۾ شيخ صاحب طرفان سنڌ يونيورسٽي ۾ صحافت جو شعبو قائم ڪرڻ واري آڇ تي اچي سنڌ يونيورسٽي وسايائين، نوان دوست نوان ساٿي گڏجي صحافت جي شعبي کي مچايائين. انهيءَ دوران ڪيترائي رسالا ۽ ميگزين، سندس ادارت ۾ نڪتا. سرتاج، مارئي، ٻالڪ، نئون نياپو، سنڌي پبليڪيشن ۽ پارس کي آخر تائين اولاد وانگر پيار ۽ پاٻوهه سان ڏسندو ۽ ان لاءِ صلاحون ڏيندو هو، اهو ڀلي نواب شاهه ۾ نئين روشني اسڪولن واري پروجيڪٽ سان هجي يا جناح اسپتال جي آءِ سي يو ۽ ۱۶ وارڊ ۾ هجي، پر اهو ئي جملو پارس جو ڇا ٿيو. سدائين سنڌ جي تاريخ ساز شخصيتن سان رهيو ۽ انهن جي ئي واٽ تي هلندو رهيو. شيخ عبدالمجيد سنڌي ته سندس روحاني مرشد هئو، پيري مريدي جو قائل ته ڪونه هئو. پر شيخ سنڌيءَ سان جيڪا عقيدت هئي انهن جي ذڪر لاءِ ڪي لفظ مهيا ڪونه آهن. شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ سان سندس محبت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته آخري ڏينهنِ ۾ اسپتال جي بستري تي هوندي، سندس ڳالهائڻ واري سگهه جواب ڏيئي چڪي هئي، بيوسي ۽ بي حسي واري اسان جي هن سماج ۾ اسان وائڙن وانگر ڪڏهن ڊاڪٽرن، ڪڏهن انتظاميه، ڪڏهن پاڻ کي پئي پاراتو ڏنوسين، انهيءَ ڏينهن ۾ شايد اپريل مهيني جا پهريان ڏينهن هئا، اسان آزمودي خاطر پڇندا هئاسين. ڀائو شيخ صاحب جي ورسي پئي اچي ڪارڊ توهان جي نالي سان ڇپائڻا آهن، پر اسان کي شيخ صاحب جي تاريخ چڱي طرح ياد ڪونهي، پوءِ اسان کيس ڪا ٻي تاريخ ٻڌائيندا هئاسين، ڀلي کڻي ڪيڏي به غشيءَ جي حالت ۾ هجي، آهستي اکيون کولي چچريل آواز ۾ ٻڌائيندو هئو ۲۴ مئي. سندس ان ئي حالت ۾ هڪ دفعو سندس استاد پروفيسر ذڪريا ساجد کيس ايل.ايم.سي اسپتال ڏسڻ هليو، ساڳيو ئي حال بند اکيون ”خان مين ذڪريا ساجد هون“ گهڻي ڪوشش جي باوجود جڏهن آواز ساٿ ڪو نه ڏنو ته اکين مان ڳوڙها ڳاڙي پنهنجي استاد جي ڀليڪار لاءِ اٿڻ جي ڪوشش ڪيائين ۽ ائين تاج جوئي وارن سان آيل ”ڪونج“ جي ايڊيٽر سرڳواسي هري موٽواڻي سان پڻ ملي ”چچريل آواز ۾ ساڻس حال احوال ورتائين. پير حسام الدين راشدي طرفان ڏنل ڪئمرا ۽ ريڊيو سڄي عمر ياد رکيائين، سائين جي ايم سيد، رئيس ڪريم بخش نظاماڻي، حاتم علوي، قاضي فيض محمد، ڊاڪٽر غلام علي الانا، پير علي محمد شاهه راشدي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، سائين غلام مصطفيٰ شاهه، سائين ايڇ ايم خواجه، شمشيرالحيدري، ڊاڪٽر سليمان شيخ، هدايت بلوچ، تاجل بيوس، منصور عالم، سڪندر ميمڻ، رسول بخش گچيراڻي، روشن ٻگهيو، خالد شمس الحسن، خير محمد کوکر، ناز سنائي آخر تائين جيستائين سينسز ۾ هئا سندس حافظي تي رهيا. شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جو جڏهن به تذڪرو ڪندو هو ته انتهائي احترام سان. شيخ صاحب جي آخري ڏينهنِ جو تذڪرو ائين ڪندو هو ته شيخ صاحب هڪ دفعي ڀلجي پيا ۽ اسان کيس ڳولڻ لاءِ سخت پريشان هجون ۽ وري چوندو هو شيخ صاحب جڏهن سخت ضعيف ٿي پيا ته نماز به اشارن سان پڙهندا هئا. شيخ صاحب جي راهه تي هلندي آخر تائين انتهائي غريبي حال ۾ پنهور صاحب زندگي گذاري. سدائين سرڪاري گهر ۾ رهيو پڇاڙي ۾ جڏهن حافظو ڪمزور ٿي ويس ته ڪيتريون ڳالهيون ڀلجي ويندو هو. ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي نوڪري جي رٽائرمينٽ جي درخواست ٻه ٻه دفعا يونيورسٽي انتظاميه کي ڏيئي ايندو هئو. بيماريءَ جي بستري تي اشارن سان نماز ادا ڪندو هئو. سنڌ ڳوٺ سڌار سنگتن جان ساٿي پراڻا دوست سڀ کيس نالن سان ياد هوندا هئا. جڏهن به گڏجاڻي ٿيندي هئي ته سڀني نوجوانن کي انتهائي محبت سان سمجهائڻ، رهنمائي ڪرڻ اهڙي نموني جو سندس ان حڪم تي باقاعدي پيروي ڪن. شيخ عبدالمجيد سنڌي اڪيڊمي جيڪا شيخ صاحب جي زندگيءَ ۾ ئي قائم ڪيائين، ان جي پليٽ فارم تان شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي شخصيت کي اجاگر ڪرڻ، سندس ڪم کي نوجوان نسل کي روشناس ڪرائڻ، سنڌ جي تاريخ ساز شخصيتن جي ياد ۾ ميڙاڪا ڪرائڻ، سنڌي صحافت جي حوالي سان قومي ليول تي سمينار ۽ ڪانفرنسون ڪرائڻ، سنڌي ٻولي، سنڌي ساهت، سنڌي ادب، سنڌي سماج جي ڀلائيءَ جي لاءِ هر وقت تڙپ، هر وقت جستجو سندس زندگيءَ جو وڏو مقصد هئو، جيستائين صحت ساٿ ڏنس آخر تائين جتي به ويو هر دوست کي ڳولي ان سان مليو، بنا ميار جي ڪير سندس خيال ڪري ٿو نٿو ڪري، ڪير هن سان ملڻ آيو نه آيو، ’اهين دي او ڄاڻي سانون اپڻي توڙ نڀاوڻ ڏي. اسان ڪڏهن ڪڏهن کيس چوندا هئاسين ڀائو هُو ته توهان کي فون تي به ڪونه ٿا پڇن ته علامه مشرقي جو مثال ڏيندو هئو، ٻڌائيندو هو ته جڏهن علامه مشرقيءَ کان سندس سڀ ساٿي ۽ دوست پاسيرا ٿي ويا ته هو انهن کي خط لکي هدايت ڪندو هو ته فلاڻا تون فلاڻون ڪم ڪري ڇڏجان، فلاڻا تون فلاڻي کي هيئن چئجان. ڪنهن علامه صاحب کي چيو ته اهي ته هاڻي توهان کي ڇڏي ويا آهن ته جواب ڏيندو هو ته بابا انهن ڇڏيو آهي اسان ته ڪونه ڇڏيو آهي نه. تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ته ڊاڪٽر خان محمد پنهور جو خاص نعرو هوندو هئو. پڙهو اڳتي وڌو، ڪنهن کان پڇندو هئو. ”بابا ڇا پڙهيو آهين ۽ چوندو هو سائين ايم اي ڪئي آهي. هن سبجيڪٽ“ ۾، ته چوندو هوس ”بابا ايم فل ۾ داخلا وٺ، پوءِ پي ايڇ ڊي ڪري اڳتي وڌو، رڙهو ٻين کي مدد ڪيو انهن کي اڳتي وڌايو“. ڊاڪٽر خان محمد پنهور سڄي زندگي صاف ۽ سٿري نموني گذاري آخر تائين بيمار هوندي ڪنهن کي ميار نه ڏنائين، پر وري به ٻين جو خيال ڪيائين. ڊاڪٽر خان محمد پنهور گهڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ هئو، صحافت، ادب ۽ سماج، ساهت ۽ ٻين شعبن ۾ هميشه محنت سان نالو ڪمايائين ۽ انهن سان نڀايائين. ۲۷ مئي ۱۹۹۹ع تي صبح جو سوا اٺين وڳي، ايل ايم سي حيدرآباد جي آءِ سي يو وارڊ ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائين. شل نوجوانن کي سندس رهيل مشن کي پورو ڪرڻ جي توفيق ڏئي. خان محمد پنهور هڪ عملي انسان عظيم رند خان محمد پنهور دادو ضلعي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ آراضي ۾ هڪ غريب فرد جي گهر ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ آراضي ۾ حاصل ڪرڻ کانپوءِ وڌيڪ تعليم لاءِ پنهنجي وڏي ڀاءُ جان محمد پنهور جي سرپرستيءَ ھيٺ، ڀان سيدآباد هاءِ اسڪول ۽ هالا ڪاليج مان ٿيندو، حيدرآباد پهتو ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ مان بي اي ڪيائين. پنهنجي ٻالڪپڻ کان ئي ڏاڍو ايڪٽو هوندو هو. هو ٻارڙن جي ٻاري ۽ ٻيا پروگرام ترتيب ڏئي پنهنجو ۽ ساٿي ٻارڙن جون صلاحيتون وڌائيندو رهيو. هن پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات عبرت اخبار جي سب ايڊيٽر جي حيثيت سان ڪئي. پوءِ وري سرڪار جي سرپرستيءَ هيٺ نڪرندڙ ”نئين زندگي“ رسالي سان منسلڪ ٿيو. بعد ۾ سنڌ سرڪار جي اطلاعات واري کاتي ۾ انفارميشن آفيسر رهيو. ان زماني ۾ هو ذوالفقارعلي ڀٽي جي سنڌ جي دورن ۾ ڪوريج لاءِ گڏ هوندو هو. جتي هن جي مختلف شخصيتن سان لين دين ٿيندي هئي. پر هن جي ذهن جو لاڙو سماجي ۽ ادبي سرگرمين طرف هوندو هو. شايد ان ڪري ئي هن سرڪاري اداري واري نوڪري ڇڏي ۽ ڪراچي هليو ويو. جتي هو سماجي ۽ ادبي سرگرمين ۾ مشغول رهيو. اتي ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ايم اي صحافت ۾ ڪيائين، پوءِ اچي سنڌ يونيورسٽي جي ان وقت جي وائيس چانسلر شيخ اياز سان ملاقات ڪئي، جنهن کيس يونيورسٽيءَ ۾ صحافت جو شعبو کولڻ جي ترغيب ڏني. اهڙيءَ طرح هو سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ صحافت واري شعبي جو باني چيئرمين بڻيو. ان شعبي کلڻ سان سنڌي ۽ اردو اخبارن، ريڊيو ۽ ٽيليويزن تي ڪم ڪندڙ ڪارڪنن ۽ ملازمن کي وڏو فائدو پهتو. ڪيترا ئي نوجوان سنڌي صحافت ۾ داخل ٿيا. اهو سلسلو اڄ ڏينهن تائين هلندڙ آهي. مون کي به ائين لڳي ٿو ته خان محمد پنهور جي ذهن ۾ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن کي سجاڳ، باشعور ۽ ترقي يافته قوم طرف گامزن ڪرڻ جو پلان هو ۽ اهو گول حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي مسڪيني حالت، مالي وسيلن جي اڻهوند بعد پبلڪ ٽرانسپورٽ سهاري تي ڳوٺ ڳوٺ ۽ شهر شهر وڃي حاصل ڪرڻ ٿي چاهيو. خان محمد پنهور سنڌ جي هڪ وڏي سماجي ڀلائي واري تنظيم ”سگا“ جي ٽاپ ٽين باني ميمبرن مان هڪ باني ميمبر هو. هن سگا جي پليٽ فارم تان، حيدرآباد ۽ ان جي آسپاس ماهر ڊاڪٽرن جون ٽيمون وٺي مفت طبي ڪئمپون لڳائي، ماڻهن جي خدمت ڪئي. سگا جي ٻين مختلف فلاحي پروگرامن ۾ پيش پيش هوندو هو. کين ضياءَ الحق جي مارشل لا دور ۾ جڏهن سگا جي هائوسنگ سوسائٽي لاءِ گلشن شهباز واري هائوسنگ اسڪيم ۾ ۶۰ ايڪڙ زمين الاٽ ڪرائي. ان کان علاوه ضياءَ الحق جي زماني ۾ جڏهن سنڌ جا ڳوٺ ۽ شهر عتاب هيٺ هئا ڪو به ڌڻي سائين نظر ڪو نه ٿي آيو، تڏهن هن ۱۹۸۲ع ۾ سنڌ ڳوٺ سڌار سنگت جي نالي سان تنظيم رجسٽر ڪرائي ۽ ان جو باني چيئرمين بنيو. هن سنڌ جي ڳوٺن ۾ رهندڙ سجاڳ ماڻهن کي اپيل ڪئي ته هو پنهنجي ڳوٺن ۾ ڳوٺ سڌار سنگت جي نالي سان تنظيمون ٺاهي، پنهنجي مدد پاڻ ڪريو جي اصول تي، پنهنجي ڳوٺن جا مسئلا حل ڪن. پوءِ ته بسن ۽ لارين ۾ چڙهي سنڌ جي سوين ڳوٺن ۾ ويو ۽ اتي ڳوٺاڻن سان ڪچهريون ۽ سيمينار ڪري کين سجاڳ ڪيو. نتيجي ۾ سوين ڳوٺن ۾ تنظيمون ٺهي ويون ۽ ڪيترا ئي ڳوٺ ترقيءَ جي طرف گامزن ٿيا. جن ۾ بدين ضلعي ۾ ڳوٺ حاجي جاني رند، ڳوٺ عثمان ڪڇي ۽ ڳوٺ ولي محمد ملڪاڻي، ڄامشوري ۾ ڳوٺ سائينداد ملاح، نوشهروفيروز ۾ ڳوٺ گچيرو، ٿرپارڪر ۾ ڳوٺ سنڌ ڪولاچي، دادو ضلعي ۾ ڳوٺ فريدآباد ۽ ٺٽي ۾ ڳوٺ محمد ابراهيم جوکيو مثالي چئي سگهجن ٿا. هن ڳوٺاڻن کي ترغيب ڏني ته اوهان ڳوٺن کي سڌارڻ جي جستجو ۽ جاکوڙ ڪريو ته پوءِ سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارا ۽ تنظيمون اوهان جي مدد لاءِ اڳتي ضرور ايندا، باقي ماٺ ڪري ويهي رهڻ ۽ گمنامي جي گوشي ۾ رهڻ سان اوهين ۽ اوهان جا ڳوٺ فنا ٿي ويندا. جيئن ته آئون ۽ خان محمد پنهور صاحب سنڌ يونيورسٽي ڪالوني ڄامشورو ۾ رهندا هئاسين ۽ منهنجو هن سان ڏينهن رات جو واسطو هوندو هو ۽ آخر تائين رهيو. اسان کي حيرت ٿيندي هئي ته هيءُ ڪهڙي قسم جو ماڻهو آهي جيڪو سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ صحافت شعبو به هلائي ٿو ۽ ڳوٺاڻن سان به لهه وچڙ ۾ رهي ٿو. ڪراچيءَ به دوستن يارن سان ملڻ وڃي ٿو ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي اڪيڊمي به هلائي ٿو. ڊاڪٽر ائنميري شمل انسٽيٽيوٽ آف لينگويج حيدرآباد کي به سنڀالي پيو ۽ ماهوار رسالو پارس به ڪڍي پيو. سرتاج اخبار ميرپورخاص شايع ڪرائي ٿو ۽ پنهنجي ايم فل جي ٿيسز به تيار ڪري پيو. سماجي ۽ ادبي گڏجاڻيون ۽ سيمينارن ۾ شريڪ به ٿئي ٿو ۽ عبرت ۾ ويچار ڪالم به لکي ٿو. شادين غمين کي مس ڪو نه ٿو ڪري. ناصر ۽ مجيد کي رات ڏينهن ڊوڙائي ٿو. وقت ڪڍي سائين جي ايم سيد، شيخ عبدالمجيد سنڌي، بٺوري ۾ غلام فريد حيدرآباد ۾ شيخ اسماعيل ۽ ڪراچي ۾ پير حسام الدين راشدي، حسين هارون ۽ ٻين ڪيترن ئي بزرگ ۽ معتبر شخصيتن سان ملاقاتون به ڪندو رهي ٿو. اهو سڀ ڏسي ڏاڍو تعجب لڳندو هو. مطلب ته خان محمد پنهور جو سڀني ڪارڪنن کي اهو چوڻ هو ته؛ انسان جي زندگي تمام مختصر آهي، ان جو هڪ لمحو به وڏو قيمتي آهي، جنهن کي ضايع ڪرڻ نه گهرجي. آخرڪار هو برين ٽيومر جهڙي بيماري ۾ وٺجي ويو، جنهن جو لنڊن سوڌو علاج ڪرايو ويو پر هو ان بيماريءَ مان صحتياب نه ٿي سگهيو ۽ ۲۷ مئي ۱۹۹۹ع تي هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. انا لله وانا اليه راجعون. خان محمد پنهور نه وسرڻ جهڙو شخص عظيم سنڌي خان محمد پنهور صاحب ڄائو نپنو وڏو آراضي ۾ ٿيو. جتي جئندل شاھ جو راڄ مٿان وڏو دٻدٻو ۽ رعب تان به هو. ڪوڙل شاھ به سنڌ اسيمبلي جو ميمبر ۽ جيلن وارو وزير جئندل شاھ جو پٽ هو. شاھ صاحبن طرفان سندن وڏڙن جي ٻه چار ايڪڙ زمين تي قبضي کانپوءِ لڏي اچي مورو سڪونت اختيار ڪيائون. سڀ کان وڏو ڀاءُ خان محمد پنهور ايريگيشن مورو ۾ دارغو هو. اهو ئي سندس لڏي اچڻ جو سبب هو. تمام مسڪين هئا وڏن ماڻهن سان پڄڻ هنن جي وس ڪو نه هو. هي ۱۹۶۶-۶۷-۶۸ جا سال هئا. ايوب شاهي لوڏن ۾ هئي. ون يونٽ خلاف سڄي قوم ڀڙڪو کائي اٿي ۴ مارچ کانپوءِ وڌيڪ ڀڀڙ ڀڙڪي اٿيو. ۽ گدائي جو اهو شعر گونجڻ لڳو ته لاٽ ٻرندي رهي ساٿ هلندو رهي. نوجوان ساٿيو. سنڌ جا وارثو. انهيءَ اٿل پٿل ۾ خان محمد پنهور پنهنجي دوست سڪندر الزمان سڪندر مورائي سان گڏ تحريڪ کي سرگرم ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر ڪا نه ڇڏي. موري لڏي اچڻ وقت مسواڙي جاءِ به سڪندر جي پاڙي ۾ ورتائون. ٻئي هڪ ٻئي جا سچ پچ ته ڀائرن جهڙا مثالي دوست ۽ هم عمر هئا. مورو ۾ سڄي سنڌ کان اول فاطمه جناح جي حق ۾ سنڌ يونيورسٽي جي ڇاھٺ ستھٺ ۾ شاگردن سان گڏ جلوس ناصر مورائي جي اڳواڻي ۾ نڪتو جنهن کان پوءِ تمام جلد سڪندر زمان ميمڻ، خان محمد پنهور، غلام محمد مگسي، مظهر ميمڻ، محبوب مورائي جي اڳواڻيءَ ۾ جلوس نڪتو. جنهن نه رڳو مورو پر سڄي سنڌ ۾ اٿل پٿل مچائي ڇڏي. هنن ئي دوستن جي گڏيل ڪوشش سان هوشو ڊي مورو ۾ ملهايو ويو. جنهن ۾ حيدر بخش جتوئي، باقر شاھ، رسول بخش پليجو، ذوالفقار علي ڀٽو، شيخ اياز، ڄام ساقي، اختر بلوچ، رياض بلوچ وغيره شريڪ ٿيا. مورو جي هنن تحريڪن ۾ خاڪي جويو، مولانا عزيزالله ٻوهيو، هارون سومرو، غلام النبي مورائي، مٺل ڪمالاڻي، راشد مورائي، نصر الله ميمڻ (سنڌي) وغيره وغيره جي اهم ڪردار تحريڪ کي اوج ڏئي ڇڏيو آخر ون يونٽ ٽٽو تحريڪ رنگ لاتو. خان محمد پنهور کي ان سڄي عمل ۾ مون اڻٿڪ محنتي ۽ سچي ورڪرن جي حيثيت سان نه رڳو ڏنو پر تمام گهڻو متاثر به ٿيس. مورو رهڻ دوران منهنجي هن سان دوستي سڪندر الزمان، قمرالزمان ۽ عزيز شيخ جي ڪري ٿي جا مرڻ گهڙي تائين قائم ۽ دائم رهي. مون خان محمد پنهور کي هلندي به ڏٺو ته اڏامندي به ڏٺو. هو غريب هوندي به سنڌ جي گهڻ پاسائين شخصيت هيو. اها نعمت به قدرت طرفان ڪنهن ڪنهن جي نصيب ۾ ايندي آهي هر ڪنهن جي هي وس جي ڳالهه ناهي. سال ۱۹۷۳ع ۾ جڏهن پنهور صاحب عبرت اخبار ۾ نوڪري ڪندو هيو ۽ هن سان گڏ لال بتي اسپتال حيدرآباد جي ديوان مشتاق وارڊ ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي جي عيادت ڪرڻ لاءِ گڏ وياسين ته راشد مورائي به اسان سان ساٿ ۾ گڏ هيو. خان محمد پنهور جي هيءَ شيخ صاحب سان تفصلي پهرين ملاقات هئي جا شيخ صاحب ڊاڪٽرن جي منع باوجود ۾ اسان سان ڪئي ملاقات دوران محمد عثمان ڏيپلائي ظفر حسن، ڊاڪٽر قادر بخش ڪاندڙو به ايندا ويا. اها ئي منهنجي پهرين ۽ آخري شيخ عبدالمجيد سنڌي سان ملاقات هئي. سنهڙو اڇو ململ جو پهراڻ سادي هرک جي شلوار ناس جي دٻلي جا هو هر هر ڏيندو ٿي رهيو. هيءُ هند ۽ سنڌ جو وڏو دماغ هو جنهن لاءِ سائين جي ايم سيد لکيو ته آءٌ پنهنجي سياسي رهنمائي شيخ عبدالمجيد سنڌي کان وٺندو رهيس. ڪيڏو وڏو نالو ڪيڏي وڏي سادگي ڪمال اهو ته هن سڀ ڪجهه هوندي ڪجهه به نه ٺاهيو. پنهنجو شاهوڪار مذهب هن سندس چواڻي ته مسلمانن جي خدمت لاءِ اختيار ڪيو. هن اسان سڀني کي اسپتال ۾ ميار ڏيندي چيو چٽي طرح ياد اٿم. محمد عثمان ڏيپلائي ڏانهن اشارو ڪندي. اي بابا ڏيپلائي تون به ته منهنجي خلاف لکندو هيئن نه اوهان اسان شيخن کي اڃا مسلمان هجڻ لاءِ تيار ئي ناهيو. شيخ ميجب ۽ شيخ اياز تي به اڃا تائين ڪافر جون تهمتون آهن. شيخ صاحب پنهنجي مستي ۾ ڳالهائيندو رهيو ۽ چوندو رهيو ته اڄ مون سان سنڌ جا نوجوان ملڻ آيا آهن مان ڏاڍو خوش آهيان. خان محمد پنهور شيخ عبدالمجيد سنڌي جي پنهنجي وت ۽ وس آهر تمام گهڻي خدمت ڪئي سو به تڏهن جڏهن قوم شيخ صاحب کي مڪمل وساري ڇڏيو هيو. شيخ صاحب تي کوڙ ڪتاب، انٽرويو مطلب ته اٿندي ويهندي پنهور صاحب جي زبان تي رڳو شيخ عبدالمجيد سنڌي هو. هو ڄڻ ته شيخ صاحب جي گهر جو ڀاتي هجي ويندي مرڻ گهڙي تائين ڪلهي ڪانڌي ٿي شيخ صاحب کي مڪلي تي ابدي آرامي ڪري آيو. پنهور صاحب پنهنجي زندگيءَ ۾ تمام گهڻا سماجي ۽ سياسي ڪم ڪيا. جن تي ويهي ويچاربو ته کوڙ سارا ڪاغذ ڪارا نيرا ڳاڙها ساوا ٿي ويندا. ان سان گڏ پنهور صاحب کوڙ سارن رسالن ۾ نه رڳو ڪم ڪيو پر پاڻ رسالا به ڪڍيائين. کوڙ ساريون نوڪريون به ڪيائين روشني اسڪول نواب شاھ، ضلع آفيسر دوران جا ان هن سان گڏ ضلعي پوري اندر اسڪول کولڻ سان گڏ همڻ وقت به گڏ هوندو هيس. هو ننڊ جو دشمن هر وقت ڪم ئي ڪم. آخر ۾ مان هن سان گڏ هلڻ کان لنوائيندو هيس. فقير طبيعت جو تمام محبتي ماڻهو هو. هن سڄي سنڌ ۾ پيار ورهايو. اسان جي زندگي سڌارڻ سنوارڻ ۾ به خان محمد پنور جو وڏو ساٿ رهيو آهي مورو سندس گهر هو جنهن کي حيدرآباد ڪراچي ۽ دادو جيان خاص اهميت ڏيندو رهيو. هن جي صدقي سڄي سنڌ جي کوڙ سارن سڄاڻ شخصين سان ڄاڻ سڄاڻ وڌي هو ئي سنڌ جون نامور شخصيتون مورو ياترا لاءِ وٺي آيو. جن ۾ هري موٽواڻي، نند جويري، نند ڇڳاڻي، ڊاڪٽر الهواريو محمدي، محمد ابراهيم جويو، سائين جي ايم سيد، حيدر بخش جتوئي، ڄام ساقي، ڊاڪٽر حسين بخش ڪولاچي، شمشير الحيدري، تاجل بيوس، اڪبر قاضي وغيره، هو سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي باني ميمبرن مان هيو. پر سگا جي ساٿين جو هن ڏانهن رويو ڪڏهن به درست نه رهيو. اهو ئي سبب هيو جو هن ڳوٺ سڌار سنگت ٺاهي ۽ سالن دوران سگا کان سرگرمي هٽائي ڳوٺ سڌار سنگت ۾ ڪم ڪندو رهيو. سنڌ يونيورسٽي ۾ شعبي صحافت جو باني چيئرمين به رهيو. هن جي محنت همت ۽ قلم سان سچ پچ ته حيدرآباد ۾ ڪل سنڌ ملاکڙو ٿيو جنهن ۾ مير رسول بخش ٽالپور گورنر سنڌ، ايس ايم عباسي شريڪ ٿيا. هن ئي ملاکڙي ۾ پهلوان غلام سرور جتوئي، سڀني پهلوانن مٿان سرسي حاصل ڪري ملهه جي دنيا جو وڏي ۾ وڏو اعزاز ”چيمپيئن سنڌ پاڪستان“ جو اعزاز ماڻيو. ننڍي عمر ۾ گهڻي ڪم ڪرڻ ڪري، کيس برين ٽيومر ٿيو. ٽي چار دفعا آپريشن کان پوءِ به بيماري ۾ بهتري نه اچي سگهي. هر طرح جي يادداشت خان محمد پنهور کان موڪلاڻي وئي. ان هوندي هو پنهنجي موري واري گهر کان منهنجي دڪان تائين بلڪل اڪيلو صحيح سلامت ايندو رهندو هو. واپسي تي آءٌ سندس گهر وٺي ويندو هيس. آخري ملاقات پنهور صاحب سان ڄامشوري واري سندس سرڪاري گهر ۾ اسلم عباسيءَ سان گڏ ٿي. جتي بيڊ تي آءُ هن کي هٿ ۾ هٿ ڏئي ويٺو رهيس ۽ اسلم کي پنهنجي دوستي ۽ ڪم جي باري ٻڌائيندو رهيس. اکيون کولي هو مونکي گهوري گهوري ڏسندو رهيو پر هو ڪجهه چوڻ کان لاچار هو. ان کان ٻئي ڏينهن تي ادي نسيم پنهور جو اهو ڏک ڀريو ڏوراپو به آيو. ته سنڌي ماڻهو پنهور صاحب کي وساري ويٺا آهن. پنهور صاحب ته سڀ ڪجهه پنهنجي قوم لاءِ ڪيو پر اڄ کيس ٻچن جي رهڻ لاءِ گهر به ڪونهي. آخر هو ڏنل هٿ ۾ هٿ الڳ ڪري ۲۷ مئي تي هميشه لاءِ وڇڙي ويو. پنهور صاحب سنڌ لاءِ هڪ مثالي شخصيت سان گڏ محبت جو فرد نه پر ادارو هيو. هر ڏينهن پنهور سان پيار ڪندڙن جو تعداد وڌندو ٿو رهي. سڪندر زمان، ادي نسيم پنهور ۽ عبدالمجيد پنهور جي ڪوششن سان هر سال خان محمد پنهور ٽرسٽ طرفان سندس شاندار ورسي به ملهائي وڃي ٿي. ڊاڪٽر خان محمد پنهور سنڌ جو خاموش ۽ معصوم مددگار رکيل مورائي جيڪڏهن سيوهڻ جو پراڻو نالو ”شيوُ اسٿان“ آهي ته پوءِ پڪ سان جنهن شخص جو آءٌ ذڪر ڪري رهيو آهيان، اهو پڻ شيو ڀڳوان جو ڪو اوتار ٿي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته پنهنجي حصي کان شخصي طور وڌيڪ ڪم ڪرڻ وارن شخصن کي جيستائين جديد علم ماڻهن وٽ نه پهتا هئا، ديومالائي ڪردار سڏائيندا هئا. ان ڪري جو انهن جو ڪيل ڪم ايترو گهڻو هوندو هو، جو اڄ جي هن جديد دنيا ۾ اعتبار ۾ نه اچڻ جوڳو آهي. سندن مهم جو شخصيتون اڄ به انسانن لاءِ سمجهه ۾ نه ايندڙ آهن، جنهن ڪري اهي سڀ ديو مالائي بڻيل آهن، هندو مذهب ۾ اهڙين شخصيتن کي ڪنهن نه ڀڳوان جو اوتار ڪري سڏيندا آهن ۽ اسان مسلمان انهن کي وليءُ سمجهندا آهيون، پر هيءُ شخص انهن سڀني عقيدي پرستيءَ وارن اعزازن کان پري جديد دنيا جو هڪ لکيل پڙهيل شخص هو، جنهن جو جنم ته سيوهڻ ڀرسان آراضيءَ ۾ ٿيو پر اڄ به سموري سنڌ هن معصوم ۽ سنڌ جي خاموش مددگار لاءِ اعزازي طور پنهنجي جهولي جهلي بيٺي آهي ته سندس جهوليءَ ۾ وري قدرت ڪو ٻيو اهڙو پٽ وجهي. هن شخص جنهن جا ڪيترائي حوالا ڏئي سگهجن ٿا، جي کاتي ۾ شاگرديءَ واري دور ۾ سياسي خدمتون، تعلقمي خدمتون، صحافتي خدمتون، ادبي خدمتون ۽ سماجي خدمتون ۽ ٻيو ڪيتريون ئي خدمتون جيڪي پڻ ڳڻا ئي سگهجن ٿيون، هن شخص جو نالو خان محمد پنهور هئو! جنهن کي مون پهريون ڀيرو ۱۹۸۱ع جي سال ۾ ان وقت ڏٺو، جڏهن سنڌ جي عالمن، اديبن ۽ شاعرن ان سال کي ساهت سال ڪري ملهايو هو ۽ هو. ان سلسلي ۾ نوان جتوئيءَ ۾ ٿيندڙ ساهت ڪانفرنس ۾ مهمان خاص طور شريڪ ٿيو هو ۽ مون ان ۾ پنهنجو غالبن پهريون شعر پڙهيو هو، ان کان پوءِ هن سان سندس زندگيءَ جي آخري گهڙيءَ تائين تعلق رهيو، شايد ان جو ٻين سببن سان گڏ. هڪ سبب اهو به هجي ته اسين سڀ موري جا اديب، شاعر هن سان پيار ڪندا هئاسين ڇاڪاڻ جو مورائي هوندي هن جي ساهراڻي آڪهه هئاسين: دنيا جو مان ڀايان ٿو وڏو سچ اهو آهي ته ڪو به شخص يا ته پنهنجي ماءُ جي ٻوليءَ سان محبت ڪندو آهي يا محبوبه جي ٻوليءَ سان، يا ماءُ جي ڳوٺ/شهر کي پنهنجو ڪندو آهي، يا محبوبه جي ڳوٺ /شهر کي پنهنجو ڪندو آهي، ائين خان محمد آراضيءَ جو جنم ورتل، موري جو ٿي ويو جو ڄڻ سندس اهو ئي جنم هنڌ هجي. هن موري جي ان دور شاگرد سياست جي نهايت ئي اهم ۽ سنجيده نوجوان ڪردارن سڪندر الزمان ۽ قمر الزمان ميمڻ جي ڀيڻ سان وهانءُ ڪيو ۽ پوءِ هو اسان جو ئي ٿي ويو، اهو سندس شخصي لڳاءُ هو، ٻيءَ طرح هن شخص صحافت ۾ هلچل، نئون نياپو ۽ ٻين رسالن کان پوءِ آخر پارس رسالو ڪڍي، پنهنجي دور ۾ جيڪا سنڌي ادب جي رهنمائي ڪئي اها تاريخ جي صفحن ۾ محفوظ آهي. هن نه رڳو تعليمي طور پنهنجي خاندان کي قابل بڻايو پر سنڌ جا اڻ ڳڻيا شخص اهڙا هوندا جيڪي سندس مالي مدد سان تعليمي حوالي ۾ اڳتي آيا هوندا، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ماس ڪميونيڪيشن جو شعبو سندس اڻ ٿڪ محنتن جو نتيجو آهي، لاتعداد ڪتابن جي ايڊيٽنگ ۽ سهيڙ سندس نالي سان سڃاپجي ٿي، پر خاص طور تي سندس سهيڙيل شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي لکيڻن تي ٻڌل ڪتاب نعره ۽ مستانا ۽ شيخ صاحب بابت ڪتاب ”هونداسي حيات“ يادگار ڪتاب آهن. ڀلجان نٿو ته خان محمد پنهور پنهنجي ڊاڪٽريءَ جي لاءِ جيڪو موضوع چونڊيو هو، اهو به شيخ عبدالمجيد ئي هو، جيڪا ٿيسز پوءِ ”ٻري جن ٻاري“ جي نالي سان سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪئي، ائين هن نه رڳو پاڻ لکڻ پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جو ڪم ڪيو پر لاتعداد ٻين شخص کي پڻ هن الڳ الڳ شعبن ۾ اڳتي آندو. اسان جو دوست مجيد پنهور ۽ ناصر پنهور ته سندس اولاد جيان ئي آهن، مان ڀايان ٿو ته سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن (سگا) کي جوڙيندڙن ۾ به خان محمد پنهور جو ٻين سان گڏ اوترو ئي حصو آهي ۽ آخري گهڙيءَ تائين سندس ساٿ سگا سان رهندو آيو، اڄ جي حوالي ۾ هڪ نهايت اهم ڪريڊٽ خان محمد ڏانهن اهو به وڃي ٿو ته جڏهن سنڌي ماڻهن کي اين جي اوز جو تصور به نه هو، تڏهن هن شخص پنهنجي دوستن سان گڏجي ”ڳوٺ سڌار سنگت“ نالي تنظيم جوڙي، جنهن منڇر جي مهاڻن لاءِ ۽ ان کان ٻاهر سڄي سنڌ ۾ جيڪو ڪم ڪيو اهو اڄ به يادگار آهي، جڏهن ته ان دور کان پوءِ، ٻانهن ٻيلي ٺاهيندڙ جاويد جبار ڪروڙ پتي ٿي ويو. خان محمد سان ڪم ڪندڙ ٻيا ڪيئي دوست شخصي طور اڄ ڏوڪڙن ۾ پاڻ کي تورين ٿا، پر هن سنڌ جي بيحد ايماندار پٽ، شخصي طور هڪ رپيو به پنهنجي ڪتب آڻڻ کي عيب سمجهيو. شايد ان جو سبب هن جون آئيڊل اهي شخصيتون هيون، جن سان رهي هن ائين زندگي گذارڻ جو سبق سکيو هو، جيڪي شخصيتون هيون، سائين جي ايم سيد، شيخ عبدالمجيد ۽ حسام الدين شاهه راشدي. لڳندو آهي ته هيءُ ان اخلاق، خلوص، سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ جي آخري ڪڙي هو. مون کي ياد ٿو اچي ته سائين جي ايم سيد جي نياڻي ڊاڪٽر درشهوار سيد جڏهن انگلينڊ مان پي ايڇ ڊيءَ جي اعليٰ ڊگري وٺي سنڌ واپس آئي هئي ته ان سان پهرين ملاقات ۽ ان جو پهريون انٽرويو به خان محمد پنهور ئي ڪيو هو، جيڪو پارس جي هڪ پرچي ۾ شايع ٿيو هو، پنهنجي زندگي هر شخص جي خاندان لاءِ ته اهم هوندي ئي آهي، پر خان محمد جي زندگيءَ جيترين زندگين ۽ انهن جي خاندانن کي تعليمي، سماجي ۽ مالي طور پاڻ ڀرو ڪيو، شايد ئي سندس نسل ۽ همعصرن مان ڪو اهڙو شخص هجي، جيتوڻيڪ اڄ جا انهن ئي شعبن ۾ وڄندڙ نالا خود انهيءَ معيار تي شايد لهي سگهن. جن پنهنجي ڪم کان ڪيترائي ئي ڀيرا وڌيڪ سنڌ کان وصول ڪيو آهي. اسيءَ واري ڏهاڪي ۾ محمد خان جوڻيجي جي وزير اعظميٰ واري دور ۾ نئين روشني اسڪول، بالغن کي پڙهائڻ لاءِ شروع ڪيا ويا ته خان محمد نواب شاهه ڪئمپ آفيس ۾ ڪم شروع ڪيو ۽ اهڙو ڪم شروع ڪيو جنهن سندس صحت کي بنهه ڊانوانڊول ڪري ڇڏيو. مون کي ياد آهي ته هڪ رات ادو عظيم سنڌي ۽ مان کيس وٽ رهياسين، اسان ڏٺو ته هو صبح جو چئين وڳي اٿندو هو، ڇهين وڳي گهر ڇڏيندو هو، سڄو ڏينهن الڳ الڳ هنڌن تي ويندو هو ۽ سج لٿي کان پوءِ واپس گهر موٽندو هو، هن جي سنڌ سان محبت، پنهنجي ڪم سان لڳاءَ ۽ اڻٿڪ محنت ڪري، اهو ئي دور سندس صحت لاءِ گهڻو نقصانڪار ثابت ٿيو، بظاهر هو اهڙو ڪو به ڏيک نه ڏيندو هو ته هو ٿڪل آهي يا جسماني طور ڪمزور ٿي رهيو آهي پر اندران اندران هو پؤڻو پوندو ويو ۽ آخر ٻاهر وڃي هن کي هڪ ڏکوئيندڙ آپريشن ڪرائڻو پيو. جيتوڻيڪ وقتي طور علاج ڪرائي واپس ته آيو پر هو مستقل طور ٺيڪ نه ٿي سگهيو، زندگيءَ جو وقت زندگي رهڻي ئي آهي ۽ ڊاڪٽر خان محدم پنهور به پنهنجن دوستن ۽ همعصرن جي وچ ۾ موجود ته هو، پر ڄڻ اندر اندر ۾ هڪ ٽٽل شخص جيان ۽ ٻاهر ٻاهر هو ساڳيو بهادر کل مک، دوستن سان، همعصرن سان ۽ پنهنجي جدوجهد سان جڙيل، زندگيءَ جي آخري گهڙيءَ تائين، شايد ڀٽائي هيءَ سٽ خان محمد پنهور لاءِ ئي چئي هئي: جان جان دعويٰ دم، تان تان پرت پنهوار سين هن جنهن ڏينهن پنهنجن پنهوارن سان پريت ٽوڙي اهو ستاويهين مئي جو ڏينهن هو، پر هن اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ۽ پنهنجي آخري دم تائين پنهنجي پريت جو آبرو رکي. موٽ ۾ سنڌ سندس ان پريت کي پنهنجي پاند ۾ سنڀالي رکيو آهي. هڪ پل به ان جي اکين مان ۽ دل مان سندس چهرو ۽ سندس ياد نه وئي آهي. سنڌي ماڻهن اڄ تائين هن کي ائين ياد رکيو آهي، جيئن پنهنجي محبوبن کي، پنهنجي پيارن کي ياد رکبو آهي، ڇا اهو هن جي جدوجهد جو ثمر نه آهي؟ جو جڏهن به ۽ جنهن کي به سندس ياد ايندي آهي ته ان وقت اهي اکيون جُهڙ جيان جهمي پونديون آهن. خان محمد پنهور سنڌ پرست تعليم دوست شخصيت عبداش پنھور سنڌ کي تعليم شعور جي ضرورت آهي، تنهن ڪري پنهنجا ٻچڙا پڙهايو. پاڻ کي ڏکيو بُکيو رکي به انهن کي اسڪول موڪليو. اهڙيون ڳالهيون جنهن مهان ماڻهوءَ ڪيون ۽ اسان جي ٽهي ڪنن سان ٻڌيون، انهيءَ تعليم دوست سنڌ پرست شخصيت کي سنڌ جي لوڙهن ويڙهن، ڳوٺاڻي اوطاقي ٻوليءَ جو رکوالو لوڪ ڳوٺ سنڌ سڌار سنگت جي اڳواڻ سائين خان محمد پنهور جي نالي سان سڃاڻي ٿو. جيڪو پڻ غير معمولي حالتن مان گذريو آهي. جنھن پنھنجي پوري ڄمار فڪري پورهيو ڪندي گذاري آهي. ڇو ته پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ اسان ماڻهو خاص ڪري سموري سنڌ جا ماڻهو انتهائي غيرمعمولي حالتن ۾ رهيا آهيون ۽ اهڙين غيرمعمولي تنگ حالتن جو ڌرتي لوڪ داستان درد وقت جي پهرين وزيراعظم سان جُڙيل آهي، جنهن سنڌ جون زمنيون تيل وال ڪرڻ لاءِ ڪوڙا ڪليم شروع ڪرايا ۽ باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جيڪو انهن غير معمولي حالتن کان ڏهه سال اڳ سنڌ هاري ڪاميٽيءَ کي سرگرم ڪري چُڪو هو، تنهن پهرين محاذ ۽ پهرين صف ۾ اهڙي قسم جي هچائن سان مها مهاڏو اٽڪايو هو. پاڪستان ۾ غير معمولي حالتون برپا ڪرڻ ۾ تيهان پوءِ سڪندر مرزا، فيلڊ مارشل جنرل ايوب، جنرل ضيا کان پرويز مشرف جهڙا ڪردار ڳڻائي سگهجن ٿا. اهڙي تاريخ ۾ اصل ڌرتي ڌڻي لوڪ کي اڳتي وڌڻ، شعوري طور ترقي ۽ تعليم سميت زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ اڳتي اچڻ جھڙوڪ ناممڪن بڻجي پيو هو. سنڌ جا اهي ماڻهو جيڪي وائسراءِ سان گڏ هئا، اهڙو هڪڙو ئي خاص طبقو حڪمران رهندو پيو اچي. اهڙي قسم جي اڍنگي ورتاءُ سبب خاص ڪري سنڌ پنهنجي سياسي شعور جو ردعمل ڏيڻ شروع ڪيو، جيئن تازي تاريخ ۾ ڪالاباغ ڊيم مخالف ردعمل، ٻيٽن جي والار تي ردعمل، ٻٽي انتظامي مقامي نظام تي ردعمل، تيهان اڳ نه رڳو ڪوڙا ڪليم رد ڪرائي زمين هارين ۾ مفت ورهائڻ جو ردعمل ڏنو ويو پر خاص ڪري ون يونٽ مخالف تحريڪ سنڌي ٻولي بچائڻ واري تحريڪ ۾ سنڌ جو سياسي شعور بنا بندوق هلائڻ جي بئنرز جي قوت تي نعرو لڳائي لڳائي لوڪ نروار ٿيو ته نه کپي، ون يونٽ نه کپي. سنڌ واسين جيڪو اهو ردعمل ڏنو تنهن ۾ شاندار ڪاميابيون پڻ مليون آهن. ناڪام نه ٿيا آهيو ڇو ته شاعر چيو ته ٽوڙيو ڳٽ ون يونٽ ٽوڙي ڇڏيو. ان غير معمولي ڪيفيت مان ڳوٺ سڌار سنگت جي باني سرواڻ سائين خان محمد پنهور پڻ گذريو هو، سندس جوڙيوال سائين قلندر شاهه لڪياري رهيو. شعوري ٻلهه هن سن جي سائين جي ايم سيد ۽ بکوديرو جي جتوئي کان حاصل ڪيو هو. روبرو ڪچهرين ۾ ٻڌايائين ته شاگرديءَ جي زماني ۾ صحافت جو خفت هو تڏهن سائين جي ايم سيد خط لکي ڏنو ته وڃ اخباري مالڪ کي ڏي، توکي نوڪري ملي ويندي. کلي چيائين ته نوڪري ملي ۶۰ رپيا ماهوار پگهار ڏنائون. شڪر آهي توکي ۸۰۰ ٿا ڏين، مون ۸۰۰ جي رڳو ڳالهه ٻڌي هئي. جڏهن مون کي اها پگهار ۱۶۰۰ ملي هئي، اها پهرين اخباري نوڪري جي پهرين پگهار آهي. سنڌ يونيورسٽي پروفيسر سماجي شعبو ۽ ڊاڪٽري صحافت جي شعبي ۾ ڪندڙ خان محمد پنهور جي مٺڙي لهجي ۾ ڳالهائڻ جو انداز نرالو هوندو هو. سندس ٻولي ٻاجهاري هوندي هئي. ديس دنيا ۾ صحافت جو شعبو هر دور ۾ غيرمعمولي تنگ حالتن جو اڀياسي آئينو ڏيکاريندو رهندو آهي، تڏهن چوندا آهن ته صحافي ڪڏهن به رٽائر نه ٿيندو آهي. صحافت کاٻي هٿ جو کيل آهي تمام گهٽ ماڻهن کي خبر آهي ته اهو کاٻو هٿ ڇا آهي؟ کاٻڙ ۾ ڪهڙي نموني جي گڙٻڙ هوندي آهي! صحافتي شعبي ۾ ٻوٿ ڪاريون رڍون شامل ٿي ويون آهن، حرام خوري تيز رفتاريءَ سان وڌي پئي، جنهن سبب کاٻڙ ڪمزور ۽ ساڄڙ سگهارو ٿي رهيو آهي. سنڌ هاري ڪاميٽي جو ترجمان آواز هاري حقدار ته پوءِ جي ڳالهه آهي تيهان اڳ سنڌ ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي جڏهن سنڌي ٻولي واري صحافت شروع ڪئي، تنهن کي جديد صحافتي صف قرار ڏيئي سگهجي ٿو. تنهن سفر ۾ اڳتي هلي عثمان ڏيپلائي وڌيو، جنهن لفظ عبرت سان اخبار لوڪ پڌري ڪئي هئي. لڳ ڀڳ عبرت ۽ هاري حقدار جو لوڪ پڌرو ٿيڻ ساڳيو دور آهي. سنڌي صحافتي انهي دور بابت سنڌ ڳوٺ سڌار سنگت جي سرواڻ تعليم دوست شخصيت خان محمد پنهور جو ڪتاب “ٻري جن ٻاري” کان رسالو پارس جا پرچا تاريخ ساز مواد آهي. پنهنجي يادگيرين ۾ جرمني ڄائي سنڌي سڀا جو حصو ٿي ويل اينميري شمل لکيو آهي ته “مون کي سموري سنڌ جي ماڳن جو سير بشمول مڪلي ۽ موهن جو دڙو خان محمد پنهور ڪرايو آهي.” تعليم دوست شخصيت خان محمد پنهور سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ صحافتي شعبي جي باني هجڻ جو اعزاز رکي ٿو. ڇو ته جڏهن ڀٽو دور ۾ او آءِ سي اسلام آباد بيٺڪ ٿي، تڏهن ڀٽو جا گهاٽا يار ڪرنل معمر قذافي ۽ ياسر عرفات جي ميزباني جنهن آفيسر حوالي ڪئي، اهو ڪم ڀٽو طرفان تعليم دوست شخصيت خان محمد پنهور کي اهو چئي ڏنو ته سنڌي رسمن طور مهمانن جي ميزباني اوهان کي ڪرڻي آهي. جڏهن ڀٽو، خان محمد پنهور مان تمام گهڻو خوش ٿيو ته کانئس پڇيو اڄ جيڪو گهرندي اهو اوهان کي ملندو. تڏهن ھن تعليم دوست شخصيت سنڌ يونيورسٽي ۾ صحافت جو شبعو کولرائڻ جي گهر ڪئي۔ اها ڳالهه خان محمد پنهور روبرو مون کي ڪچهرين ۾ نوي جي ڏهاڪي دوران ٻڌائي هئي. هو گرمي سرديءَ جي پراوهه نه ڪندو هو. هڪڙي ڀيري اسان جي شهر دوڙ ۾ ايل ايم سي مان ڊاڪٽري پڙهي پهتل ڊاڪٽر سيد حبيب احمد شاهه جيلاني نئون نئون نجي اسپتال جو ڪم شروع ڪيو ته اسان گڏجي ڳوٺ سڌار سنگت جي پليٽ فارم ۽ سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جي سهڪارن سان گڏجي دوڙ ڀرسان ڳوٺ انڙ جتي صرف هاري پورهيت رهندا آهن، اتي باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي ورسي جي موقعي تي مفت ميڊيڪل ڪيمپ کڻي تقريب ڪئي. ۲۱ مئي نوابشاهه ضلعي واري سخت گرميءَ دوران به خان محمد پنهور پاڻ انهيءَ تقريب ۾ خاص مهمان هو ۽ شرڪت ڪئي، سموري تقريب دوران شريڪ عمل رهيو. ڳوٺ سڌار سنگت بابت ڪچهرين دوران هو چوندو رهندو هو ته جيڪڏهن ڳوٺ آباد اسڪيم سنڌ سرڪار جي وزارت بهتر انداز سان ڪم ڪرڻ شروع ڪري ته سنڌ جا سمورا ڳوٺ بنيادي سماجي مسئلن جي عذاب کان آجپو حاصل ڪري سگهن ٿا. ڳوٺن کي روڊ هجڻ گهرجن ته جيئن زرعي پيداوار سان گڏ بيمار ۽ لاچار ماڻهو به جلد شهر پهچي اسپتال ۾ ڪنهن ڊاڪٽر وٽ پنهنجو علاج ڪرائي سگهي. وڏن ڳوٺن ۾ اسڪول هئڻ کپن ته جيئن ننڍڙا ٻارڙا بنيادي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ پڙهي شهرن جي وڏن اسڪولن پهچي سگهن. جيڪڏهن سنڌي قوم جديد زماني مان ڪجهه سکڻ چاهي ۽ پرائڻ چاهي، ترقي ڪرڻ چاهي ته پوءِ تمام بهتر اوزار ۽ زيور تعليم آهي. پنهنجا ٻارڙا سڀني کي، هارين پورهتن کي ته لازمي پڙهائڻ کپن. خان محمد پنهور اهو سنيهو کڻي ڳوٺ سڌار سنگت جا ڳوٺ ڳوٺ ۾ يونٽ کولرائيندو رهيو پر جڏهن وقت جي وزيراعظم محمد خان جوڻيجو سنڌڙي واري ڳوٺ آباد پڪا ڳوٺ اسڪيمون شروع ڪيون تڏهن تعليم هن تمام زور سان اهو مطالبو ڪيو ته هاڻ دير نه ٿيڻ کپي پر سنڌ دشمن نوڪر شاهي وقت جي وزيراعظم محمد خان جوڻيجو جي رٿا رلائي ڇڏي. نئين روشني اسڪول پڻ ناڪام رٿا ثابت ٿي، جنهن جو ذميوار وقت جو وزيراعظم محمد خان جوڻيجو نه پر سنڌ دشمن سنڌ جي نوڪر شاهي آهي. تعليم دوست شخصيت خان محمد پنهور رسالو پارس انهيءَ مقصد لاءِ ڀرپور آواز بنايو هو. هو ساڳئي وقت سگا کان سنڌي ادبي سنگت تائين سرگرم جاکوڙي ڪردار رهيو. هن جي ڳوٺ آراضي ڀرسان هڪڙي واهڙ ڳوٺ هو ته ٻئي طرف سن جا سياسي اولڙا هئا. اعجاز قريشي ساڳئي دور ۾ ساماڻيو ته سنڌ جو صحافتي ارڏو ڪردار مدد علي سنڌي پڻ ساڳئي دور ۾ ساماڻيو. خان محمد پنهور صحافتي سفر ۾ روزاني عبرت حيدرآباد سان گهڻو وقت جڙيل رهيو. جڏهن مان به عبرت سان واڳيل هوس ته ڪچهرين دوران هدايتون ڪندو رهندو هو ته سنڌي صحافت سٺو عوامي مورچو آهي، تنهن کان ڪڏهن به ڌار نه ٿجاءِ. هن اها به هدايت ڪئي ته جيڪي ڪجهه ڏسين پسين ٿو اهو لک، قلم جي قوت تمام وڏي قوت آهي. جيڪو جڳت ۾ ڏسو ٿا، پسو ٿا اهو لکو. لکڻ نه ڇڏيو، پڙهڻ نه وساريو، پڙهڻ لکڻ سان ماڻهو بهتر انسان ٿئي ٿو. تنهن ڪري وڌيڪ مان انهي حوالي سان خوش قسمت آهيان ته انهيءَ سکڻ واري ڄمار دوران کانئس گهڻو ڪجهه سکڻ لکڻ پڙهڻ جو موقعو مليو. محبتون مليون، پيار مليو، انساني دوستيءَ جو وکر مليو. صحافت ادب احترام جو رستو مليو، هُن جهڙو سماجي تعليم ۾ بهترين استاد مليو، جديد سنڌي صحافت جي محقق سان گڏ شيخ عبدالمجيد سنڌي جي صحافت، دليل شخصيت کي سمجهڻ جو پڻ شاندار موقعو مليو. هڪڙي ڀيري شيخ عبدالمجيد سنڌي جي آخري آرام گاهه تي مدد علي سنڌيءَ سان گڏ حاضري ڀري ته وڏي احترام سان مدد علي سنڌي تنهن تربت کي ادب احترام جو سلام ڪندي چيو ته ڏس هي اصل سنڌ جا هيرا آهن. هي سچا کرا ماڻهو هئا. پڙهيو ضرور هو سمجهيو شيخ عبدالمجيد سنڌي کي خان محمد پنهور ۽ مدد علي سنڌيءَ جي وسيلي. ڇو ته مدد علي سنڌي جي اندر ۾ جيڪا سنڌ آهي سا آواز جي انداز ۾ سنڌ جي وقت جي وڏي وزير ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم جي رني ڪوٽ قلعي واري ڪانفرنس جي خطاب جو تاريخي حوالو آهي. مدد علي سنڌي اهو ڪمال جو ڪم ڪيو جو ونگي جي ڄام ۽ لسٻيلي جي ڄام کي تاريخ سان جوڙي ڇڏيو هو. جيڪي سنڌ جا ڄام آهن، سنڌي پنهنجي سڀاءَ ۾ وڏي رتبي واري پڳدار کي پاڳارو ۽ ڄام سڏيندا آهن، باقي لفظ آغا، خان، سردار وارا لفظ ۽ ٻيا اکر رتبا ٻين قومن جي تاريخ سان جڙيل آهن. سوڍو، ڪنور، راڻو به سنڌي رتبو آهي پر سڀني کان وڌيڪ رتبو ڄام جو آهي، تنهن ڪري لاکيڻي لطيف لفظ ڄام کي وڌيڪ رتبي سان پنهنجي شعر ۾ ڪتب آڻي ڇڏيو آهي. خان محمد پنهور پڻ تمام سٻاجهي ٻولي ڳالهائيندو هو ۽ ماڻهن کي سمجهائڻ جي جاکوڙ ڪندڙ رهيو ته سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جي سرواڻ باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جا ساٿي هاري ورڪر ٿورو سياسي لهجي ۾ ڳوٺن ۾ ڳالهيون ڪندا آهن. اسان ڳوٺ سڌار سنگت وارا سماجي طور ڳوٺاڻن سان ملندا آهيون، ڪم ساڳيو آهي صرف انداز تبديل ٿيل آهي. هاڻ اوهان سمجهو ته فڪري طور ڪيتري سگهاري انداز سان خان محمد پنهور پنهنجي پرچارڪ دوران تمام سادي طريقي سان پيغام پهچائي ڇڏيو هو. سندس يگاني ڪردار جو ٻيو اهم جوڙي ۾ شامل عبدالغفور الستي به رهيو. يوسف سنڌي جو وڏو ڀاءُ جيڪو ون يونٽ تحريڪ ۾ ضلعي ٺٽي ۾ انتهائي سگهارو انقلابي ڪردار رهيو آهي. هي سنڌ جا خاموش فڪري فقير سپاهي رهيا آهن، جيڪي ڪڏهن به اسٽيج جا محتاج نه رهيا، پر اسٽيج انهن لاءِ محتاج رهيا. اڄ تعليم دوست شخصيت خان محمد پنهور جي ورسي آهي، جيڪو ڪڏهن وسريو ئي ناهي ته انهيءَ کي ياد ڇو ڪيون؟ (ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۸ مئي ۲۰۲۱ع تي ڇپيل) ڊاڪٽر خان محمد پنهور (۲۷جون۱۹۴۹ع ــ ۲۷مئي ۱۹۹۹ع) - سيوهڻ جون ادبي شخصيتون) مير حاجن مير ڊاڪٽر خان محمد پنهور ولد محمد يعقوب پنهور ولد چنگل پنهور تعلقي سيوهڻ جي قديم ڳوٺ آراضي ۾ پيدا ٿيو، ابتدائي تعليم آراضي مان، حاصل ڪيائين، پوءِ ڀان سعيد آباد، ۽ هالا مان ۱۹۶۸ع تي انٽر جي تعليم حاصل ڪيائين ڪراچي يونيورسٽي مان جنرلزم جي ڊگري حاصل ڪيائين کيس ننڍي هوندي ئي ادبي پروگرام ۾ شرڪت ڪرڻ جو شوق هو، سماج سڌارڪ، جي ننڍي هوندئي ڪا ستي مليل هيس. سندس شخصيت کي ٽن حصن ۾ ورهائجي ٿو. (۱) سماج سڌارڪ (۲) نوڪري (۳) ادبي دنيا. سماج سڌارڪ: ڊاڪٽر خان محمد پنهور ننڍي هوندي ئي سماج ۽ سماجي تنظيمن سان لاڳاپيل رهيو. هن کي سماج جو درد هو. هو ٻين جا درد ڏسي خاموش نه ويهندو هو. هن جي ذهن ۽ دل ۾ سماج ۽ ماڻهن لاءِ هڪ الڳ دنيا ٺهيل هئي. هن جي اک الٽي نموني سماج کي ڏسندي هئي. سماج ۾ گدلاڻ کي صاف ڪرڻ لاءِ رات ڏينهن جاکوڙيندو رهيو. سندس سماج ۾ ڪردار گهرائي سچائي وارو رهيو، هن ڳوٺ سڌار سنگت جو ۱۹۸۳ع بنياد رکيو.هن ڳوٺ ڳوٺ ماڻهن کي ليڪچر ڏئي ماڻهن کي چيو ته پنهنجا ٻار پڙهايو ڳوٺن جو حالتون تبديل ڪريو، ۽ ان سان گڏ ڳوٺن ۾ وڏا وڏا سماج سڌارڪ ۽ اديب وٺي ويندو هو. جيئن ماڻهن تي اثر پئي. هو به ٻار پڙهائن ۽ ڳوٺن کي شهري ماحول مطابق تبديل ڪن. هن ڳوٺ سڌار سنگت جي پليٽ فارم تي ڪيئي اسڪول ۽ غريبن کي گهر ٺهرائي ڏنا. هن محمد خان جوڻيجي وزير اعظم پاڪستان جي دؤر ۾ روشني اسڪولن واري پروگرام ۾ به بهترين ڪم ڪيو. هن M.R.D خلاف تحريڪن ۾ شرڪت ڪئي. ۽ ضياالحق جي دؤر ۾ جڏهن سگا تي بين لڳل هو ته ان وقت به هو سگا سان لاڳاپيل هو. ڊاڪٽر سليمان شيخ لکي ٿو ته” ۱۹۶۸ع ۾ خان محمد پنهور سان پهرين ملاقات هئي. جڏهن سگا جو بنياد پيو ته خان محمد پنهور ان جي پهرين ميمبرن مان ئي هو. سگا ۾ جيڪو ميڊيڪل ڪئمپن جو رواج هاڻ عام ٿي ويو آهي. پر اهو خان محمد پنهور جي ذهن جي پيداوار آهي. (شيخ، ۲۰۰۴: ۳۷) ڊاڪٽر خان محمد پنهور کي رات ڏينهن سماج جو اونو هوندو هو. ٻهراڙين ميڊيڪل ڪئمپون لڳائڻ، ادبي پروگرام ڪرائڻ ۽ ڳوٺن جي حالتن مسئلن تي بي رياءِ ٿي ڳالهائيندو هو. غريبن جي مدد هڙان وڙان ڪندو هو “خان محمد هڪ فرد” هڪ تحريڪ، هڪ علامت ۽ هڪ اتساهه ڏياريندڙ علامت هئو. سندس ڪيترائي شاگرد ۽ ساٿي سياست، صحافت ۽ سماجي ڪم جون ڏاڪڻيون استعمال ڪري وڏن سماجي رتبن ۽ مالي فائدن حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا. اها انهن جي چونڊ هئي پر هن پنهنجي پوري شعور سان فقيري اختيار ڪئي. ۽ وقت جو اٽل فيصلو آهي ته اهائي راهه اصل فائدي ۽ وڏي عزت ۽ احترام واري آهي.”( لڪياري، ۲۰۰۴: ۲۲-۲۳) غريب شاگردن لاءِ پوئرليف فنڊ پڻ قائم ڪيائين. نوڪري پهرين ڊاڪٽر خان محمد پنهور ٽيلفور آپريٽر ٿيو. ان کان پوءِ سنڌ سرڪار جي اطلاعات واري کاتي ۾ انفارميشن آفيسر رهيو ۱۹۷۷ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ۽ نامور شاعر شيخ اياز جي دؤر ۾ جرنلزم جو ليڪچرار ٿيو. سنڌ يونيورسٽي ۾ جرنلزم ڊپارٽمينٽ قائم ڪرڻ جي سندس ئي خواهش هئي. شيخ اياز جرنلزم ڊپارٽمينٽ قائم ڪري کيس نوڪري ڏني. ڊاڪٽر صاحب جرنلزم ڊپارٽمينٽ جو انچارج ۽ چيئرمين پڻ رهيو ۱۹۹۸ع ۱۱ سال سروس ڇڏي رٽائر ٿيو. ادبي دنيا ڊاڪٽر خان محمد پنهور پبلشر ايڊيٽر، ليکڪ، مرتب ۽ اسڪالر هيو. سندس لکت جو نمونو عالمانه هيو. هن شرعات ۾ ننڍا ننڍا رسالا ڪڍيا. جن ۾ بزم گلشن، منڇر ادب، ٻارن جي ٻاري، ٻالڪ نئون نياپو سنڌي پلبيڪشن ماهوار رسالو جاري ڪيائين. جنهن جا پير حسام الدين راشد نمبر ۽ شيخ عبدالمجيد نمبر صحافتي، ادبي لکڻين يادگار حيثيت رکن ٿا. سرتاج ۽ پارس نالي به رسلا ڪڍيائين هوندا سي حيات (ترتيب) ۱۹۷۸ع نعرو مستانه (ترتيب) ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جا ڪالم. Shaik Abdul Majeed Sindhi Life & Achivements. ٻري جن ٻاري ۱۹۹۵ع ٻري جن ٻاري ڊاڪٽر خان محمد پنهور جو ايم فل (M.Phil) مقالو آهي. هي مقالو “شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جون صحافتي علمي ۽ ادبي خدمتون “ تي لکيل آهي. هي مقالو ڊاڪٽر صاحب لکيو ته پهرين هو، پر سنڌي ادبي بورڊ ۱۹۹۵ع ۾ ڇپيو آهي ان کان پهرين سندس PH.D ۱۹۹۱ع ۾ ڇپجي چڪي هئي. هن ڪتاب ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ ادبي علمي، سياسي صحافتي خدمتن کي بهترين نموني بيان ڪيو ويو آهي. الوحيد جو، سنڌ جي صحافت، سياست ۽ علم ادب ۾ حصو ۱۹۹۱ع مٿيون ڪتاب ڊاڪٽر خان محمد پنهور صاحب جو PH.D مقالو آهي. الوحيد اخبار جي جاري ڪرڻ جو مقصد هيئن بيان ڪري ٿو. عام مسلمانن ۾ سياسي شعور پيدا ڪرڻ مقامات مقدس ۽ هندستان کان آزادي لاءِ مسلمانن ۾ اتحاد پيدا ڪرڻ. مسلمانن ۽ خاص طور سنڌ جي ماڻهن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ. مسلمانن جي مرڪز خلافت جي قائم ۽ دائم واسطي جدوجهد ڪرڻ. الوحيد جي تاريخ شاهد آهي ته انهن مقاصدن حاصل ڪرڻ لاءِ وڏو جدوجهد ڪئي آهي. ان ڏس ۾ الوحيد جي ايڊيٽرن، مالڪن ۽ ٻين ڪارڪن کي جيلن جون سزائون ڏنڊ ۽ ٻيا ڏکيا ڏينهن ۽ تڪليفون ڪاٽڻيون پيون.” (پنهور، ۱۹۹۵: ۱۹۳) ڊاڪٽر خان محمد جون ڪيل ادبي خدمتون ادبي تاريخ ۾ هڪ خاص جاءِ والارين ٿيون. هن جا مختلف پاسا صحافت، سماجيات، ڳوٺ سڌار سنگت ميڊيڪل ڪئمپون سماج کي شعور ڏيڻ لاءِ سڄي زندگي جا کوڙيندو رهيو طارق عالم ابڙو لکي ٿو ته: اسان سڀ اهو ڄاڻندي ته خان محمد پنهور ڪو عام انسان نه، پر هن قوم جي بهتر زندگي لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ انسان آهي. جيڪي پنهنجي سموري ڄمار ۽ جتي به رسيو “مسڪين جهان خان کوسي،” جي اڌوري خواب کي مڪمل ڪرڻ جي هر ممڪن جاکوڙ ڪندو رهيو هن عجب شخص پنهنجي علمي زندگي ۾ ڪا وڏي مسند ماڻڻ لاءِ ڪنهن جي پيرن هيٺان قالين نه ڇڪيو ڪنهن جي ڪرسي نه کسڪائي، ها پر ائين ضرور ٿيو ته جن کي هن چيچ کان وٺي هلڻ سکياريو يا جن کي هن پاڻ دعوت ڏئي پنهنجي جوڙيل جاءِ ۾ مستقبل جي تعمير ڪرڻ لاءِ وٺي اچي آباد ڪيو تن کيس اڳتي اچي لويو. خان محمد پنهور ڪنهن شخص جو نالو ناهي هڪ تحريڪ جو نالو خان محمد پنهور آهي. (عالم، ۲۰۰۴: ۸۳) سنڌ يونيورسٽي جي جرنلزم ڊپارٽمينٽ جو بنياد وجهندڙ، سماج سڌارڪ، ايڊيٽر، عالم، محقق، استاد، سوشل ورڪر ڊاڪٽر خان محمد پنهور راهه رباني ورتي کيس سنڌ يونيورسٽي جي قبرستان ريلوي اسٽيشن ڄامشورو ويجهو مدفن ڪيو ويو. سندس وڇوڙي تي امداد حسيني لکيو ته سچ ته اهو آهي ته خان محمد پنهور به هڪ “بحر” هو هن زندگي ۾ جيڪا جاکوڙ ڪئي ۽ سنڌ لاءِ جيڪو به ڪم ڪيو ان جي اهميت آهي. پوءِ اها سگا لاءِ هجي يا ڳوٺ سڌار سنگت لاءِ هر فنڪشن ۾ سندس شرڪت لازمي هوندي هئي. (حسيني، ۲۰۰۴: ۱۲۵) مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي فرمائي ٿو ته خان محمد پنهور ۽ عابد لغاري ماڻهو نه جن آهن. (قاسمي، ۲۰۰۴: ۲۱) سندس لکڻي جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو.’الحيد‘ اخبار ۱۵مارچ ۱۹۲۰ع ۾ جاري ٿي هيءَ اخبار ڪيئن جاري ٿي؟ ڇو جاري ٿي؟ ۽ سندس وجود وٺڻ ۽ جاري ڪرڻ جا مقصد ڪهڙا هئا؟ انهن سڀني معاملن تي هن ٿيسز ۾ غور ڪري انهن معاملن تي ويچاريو ويو آهي. سڀ کان پهرين اخبار جي اجراءَ تي ڪجهه بحث ڪجي ٿو. جيئن الوحيد جي ڪهاڻيءَ ۾ منڍ کان آخر تائين پهچائي سگهجي سنڌ ۾ پهرين خلافت ڪانفرنس ۱۹۱۹ع ۾ حيدرآباد علامه الحاج حافظ مفتي مخدوم غلام محمد ملڪاڻيءَ جي زير صدارت منعقد ٿي جنهن ۾ سنڌ جا علماءَ ڪرام به اڪثريت ۾ آيل هئا. انهن ليڊرن ۾ مجاهد اسلام مولانا سيد تاج محمد امروٽي، مولانا غلام عمر سوني جتوئي وارو مولانا حامدالله لاڙائي، مولانا دين محمد وفائي. مولانا حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، مولانا محمد صادق کڏي وارو ڪراچي مولانا محمد صديق مورائي پير غلام مجددم مٽياري، مولانا عبدالرحيم مگسي، راشدي ڀائر، شيخ عبدالمجيد سنڌي عبدالجبار وڪيل، ڊاڪٽر انور محمد وڪيل، ۽ ٻيا ڪيترائي ليڊر اچي شريڪ ٿيا. خان بهادر غلام محمد ڀرڳڙي سياست سبب انگريزن جي جيل مان آزاد ٿي انهيءَ ڏيرن اچي شريڪ ٿيو هو. پنهور ۱۹۹۱ع ۶۸) شيخ، محمد سليمان، ڊاڪٽر، ۲۰۰۴: خان محمد پنهور، مرتب، ناصر پنهور ،ڊاڪٽر خان محمد پنهور ميموريل ٽرسٽ، ڄام شورو. لڪياري، قلندر شاهه،۲۰۰۴: خان محمد پنهور، مرتب، ناصر پنهور ،ڊاڪٽر خان محمد پنهور ميموريل ٽرسٽ ڄام شورو. پنهور، خان محمد، ڊاڪٽر، ۱۹۹۵: ٻري جن ٻاري، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو. عالم، طارق، ابڙو، ۲۰۰۴: خان محمد پنهور، مرتب، ناصر پنهور ،ڊاڪٽر خان محمد ميموريل ٽرسٽ، ڄام شورو. حسيني، امداد، ۲۰۰۴: خان محمد پنهور، مرتب، ناصر پنهور ،ڊاڪٽر خان محمد ميموريل ٽرسٽ، ڄام شورو. قاسمي، غلام مصطفيٰ، علامه،۲۰۰۴: خان محمد پنهور،مرتب، ناصر پنهور،ڊاڪٽرخان محمد پنهور ميموريل ٽرسٽ ڄام شورو. پنهور، خان محمد ڊاڪٽر،۱۹۹۱: الوحيد جو سنڌ جي صحافت ، سياست ۽ علم ادب ۾ حصو. (مير حاجن مير جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۰ پريل ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل) Dr. Khan Muhammad Panhwar A Man of Action By: Khalid Hussain Channa A dictum “Actions speak louder than words” rightly represents when it comes to describe the life and struggle of a great social reformer Dr. Khan Muhammad Panhwar. One of his prime missions was to reform villages of Sindh. He made continuous field work in sizzling heat or biting cold from dawn to dusk for the neglected, downtrodden and poor class of people leading a miserable life in the remote areas of Sindh in an attempt to establish prosperous and well developed peaceful Sindh. His role for the promotion of girls-education in the remote areas of Sindh proved revolutionary. Dr Khan Muhammad Panhwar was an institute who enables lots people to aware poor villagers of their rights and work collaboratively for making model villages. He was born on 27 June 1949 in a small village Aarazi near Sehwan taluka. He got primary education from government school Aarazi, middle from Bhan syedabad , matric from Dadu, B.A from Hala college and M.A from Karachi university. He travelled a lot and made friends in whole Sindh. It was his quality that he knew names of most the people working with him. Dr Khan Muhammad Panhwar started practical life with journalism and remained with it till the last breath. He founded mass communication department when Shaikh Ayaz was Vice Chancellor of University of Sindh and issued magazines Sartaj, Marvie, Baalak, Naoun Niyapo. He used to bring out Paras monthly magazine. When a ban was imposed on SGA volunteers working in government, he founded Goth Sudhar Sanghat and worked with great commitment and determination for the reformation of villages in Sindh. He opened many schools and encouraged education of girls in villages of Sindh. He worked as director to Naee Roshni Schools for many years. He never complained, never cried but fought the battle of life bravely against all odds. He passed away on 27 May 1999 at ICU of LUMS Hyderabad but his selfless services and works in society are exemplary that blesses immortality to Dr Khan Muhammad Panhwar today and ever.
سيد امداد محمد شاھ سنڌ جو بي داغ سياستدان ۽ مخلص سماج سڌارڪ سهيل ميمڻ وچولي طبقي جي پڙهيل لکيل سماج سڌارڪ، سياستدان، سائين جي ايم سيد جي ننڍي فرزند، سياست ۾ شرافت ۽ ايمانداريءَ جي روايت برقرار رکندڙ ۽ سنڌي روايتن جي بهادر سپاهي، سائين امداد محمد شاهه جي اڄ نائين ورسي آهي. ۳۰ ڊسمبر ۱۹۳۵ع تي سن ۾ جنم وٺندڙ سيد امداد محمد شاهه پنهنجي پرائمري تعليم سن ۾ ۽ پوءِ سيڪنڊري تعليم ڪراچي جي سينٽ پيٽرڪ مشنري اسڪول ۾ ورتي، انٽر ميڊيئٽ ۽ سائنس ۾ گريجويشن پڻ ڪراچيءَ جي مشهور ڊي جي ڪاليج مان ڪرڻ بعد اسلاميه ڪاليج مان قانون جي ڊگري حاصل ڪئي. سائين امداد محمد شاهه اصولن جو ايترو ته پڪو هو پنهنجي اولاد جي به نه ٻڌندو هو. ٺيٺ سنڌي لهجي ۾ گفتگو ڪندو هو، انگريزيءَ تي عبور حاصل هئس، سادو کائيندو هو ۽ سادو پائيندو هو، وڏي گاڏي رکي وڏيرن وانگر ڳوٺ وارن تي داٻي بجاءِ عام ڪار ۾ سفر ڪندو هو، روڊ جو سفر سائين امداد شاهه ايترو ڪيو جو جيڪڏهن چئجي ته سندس اڌ زندگي روڊ تي سفر ۾ گذري ته به غلط نه ٿيندو. هو چوندو هو، پرڻو ڀلي ڪنهن جو نه کائي سگهجي ته خير آهي پر مرڻي تي اڳ يا پوءِ ضرور پهچجي. اهوئي سبب هو جو سائين امداد محمد شاهه جي ڪارجي ڊگيءَ ۾ اجرڪون هميشه پيل هونديون هيون. سائين امداد محمد شاهه وٽ، سائين جي ايم سيد جيان شام جو کل، ڀوڳ جي محفل نه لڳي اهو ممڪن نه هو. قانون جو ايترو احترام ڪندو هو جو، پنهنجي ڪار جي ريڊيو جو لائسنس به ٺهرائيندو هو. ڏوهارين لاءِ پويون ڏينهن هو، سندس چوڻ هو ته جي ڪو ڏوهاري درياهه ۾ ٻڏندو هجي ۽ توهان کي بچائڻ لاءِ هٿ ڏئي ته، ان کي هٿ کان وٺي درياهه مان ڪڍڻ بجاءِ، اڃا به ڌڪو ڏئي ڇڏجي. سائين امداد محمد شاهه طبيعت ۾ صوفي هو، ملڪ جي سڀني صوبن ۾ اڪثر صوفين اوليائن جي درگاهن تي ويندو رهندو هو. سائين امداد محمد شاهه جو وقت سائين جي ايم سيد جو فرزند هجڻ ڪري ننڍي کنڊ جي اهڙن با اصول ۽ باضمير ماڻهن سان گذريو، جيڪي سنڌ جي اصل سڃاڻ ۽ فخر هئا ۽ آهن. سائين امداد شاهه انهن عظيم هستين کان پرايو ۽ اهڙو ئي بااصول، شريف ۽ سماج سڌارڪ انسان ٿيو. ننڍپڻ ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي سرپرستيءَ ۾ سندس تربيت ٿي. سائين امداد شاهه، پارسين کان سڀ کان وڌيڪ متاثر هو، هو چوندو هو ته پارسي ته مرڻ بعد به پنهنجو جسم پکين کي کارائين ٿا ۽ ملڪ ۾ عضون جي پيوندڪاري پارسين کان ئي شروع ٿي. سڪرنڊ تعلقي جي ڳوٺ مجيد ڪيريو ۾ سائين امداد محمد شاهه جي زمينداري رهي، انهيءَ ڳوٺ ۾ پهريون پرائمري اسڪول ۱۹۶۰ ۾ سندس ئي ڪوششن سان قائم ٿيو ۽ پوءِ تعلقي سڪرنڊ جا مڊل اسڪول مجيد ڪيريو، صابو راهو، کڏهر، محراب پور، گبر ڏاهري، مير محمد جوڻو، لاکاٽ، لاکا آباد ۽ رمضان راهو سائين امداد محمد شاهه ئي قائم ڪرايا. علائقي جي ڳوٺن دليل راهو، خيبر لکمير، لانڍي، حسن جمالي، مهر علي جمالي، محمد فقير لغاري، ٻڍل شاهه، بچل پور ۽ ماڙي جلباڻي، جا هاءِ اسڪول ۽ قاضي احمد هائير سيڪنڊري اسڪول به امداد محمد شاهه ئي قائم ڪرايو. ان کان علاوه سنڌوءَ جي بچاءُ بندن تي سندس نظر هميشه رهي، ان کي ڪڏهن به ڪمزور ٿيڻ نه ڏنائين. صحت جي سهولتن لاءِ ڪيترائي بي ايڇ يو قائم ڪرايائين. سائين امداد محمد شاهه سياست جي شروعات عوامي ليگ کان ڪئي. بنگلاديش ٺهڻ بعد سائين امداد شاهه ڪنهن ٻي پارٽيءَ ۾ شامل نه ٿيو. ۱۹۷۹ع ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل نوابشاهه ۾ آزاد اميدوار طور بيٺو ۽ ڪامياب ٿيو، ان بعد ۱۹۸۵ع ۽ ۱۹۸۸ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي آيو ۽ مخالف ڌر جو اڳواڻ بڻيو، سائين امداد محمد شاهه بي باڪ ۽ بي پرواهه ٿي ڳالهائيندو هو، کيس نوابشاهه ضلعي جي سيدن جي سياست جو ماسٽر مائينڊ سڏيو ويندو هو. سائين امداد محمد شاهه ثقافتي ميدان ۾ پڻ پاڻ ملهايو، حمل فقير جو ميلو شروع ڪرائڻ جو بنياد سائين امداد شاهه ئي وڌو. سائين جي ايم سيد کان پوءِ سائين امداد محمد شاهه به قومپرست ڪارڪنن جي ٽيڪ ۽ ڏڍ هو، پري پري هو پر پوءِ به سندس هوندي ڪارڪنن کي وارث هجڻ جو احساس ٿيندو هو. هو سکر ايندو هو ته مٿئين طبقي جي دوستن وٽ نه رهندو هو، جيڪي ساڻس ايم پي ايز رهيا ۽ کيس منٿون ڪندا هئا يا ناراض ٿيڻ جي ڌمڪي ڏيندا هئا، مونکي اهو اعزاز حاصل آهي ته سائين امداد محمد شاهه جڏهن به سکر ايندو هو ته مونکي خدمت جو شرف بخشيندو هو. سيد امداد محمد شاهه جا آخري سال پڻ پنهنجي ڳوٺ مجيد ڪيريو ۾ زمينون سنڀالڻ، راڄوڻي فيصلا ڪرڻ، حمل فقير جو ميلو لڳرائڻ، مرڻي پرڻي ماڻهن سان پير ڀرڻ، ڳوٺاڻن، سياسي ڪارڪنن، اديبن ۽ هر ايندڙ ويندڙ سان ڪچهري ڪرڻ، پنهنجن ئي قائم ڪرايل اسڪولن ۽ اسپتالن جي سار سنڀال لهڻ، مالڪي ڪرڻ گذاريا. سيد امداد محمد شاهه ڪجهه وقت بيمار رهڻ بعد ۲۹ سيپٽمبر ۲۰۰۴ع تي گذاري ويو، کيس وصيت موجب سندس پنهنجي ٻنين ۾ ڳوٺ مجيد ڪيريو ۾ دفنايو ويو. سيد امداد محمد شاهه هڪ صالح قومپرست اڳواڻ ابو ايلسا سنڌ جي سياست ۾ صالح اڳواڻن جي هڪ ڊگهي قطار آهي، جن جا نالا وٺڻ سان تاريخ جا ڪيئي دور ياد اچي وڃن ٿا، سيد امداد محمد شاهه به انهن نالن مان هڪ آهي، هو بنيادي طور تي هڪ بهترين سماج سڌارڪ هو، سياست کيس وڏڙن جي طرفان ورثي ۾ ملي، پر هن مخلص سماجي اڳواڻ ۽ اصول پرست پارلياماني سياستدان طور پنهنجي سڃاڻپ پنهنجي ڪردار ذريعي ڪرائي، سن ۾ جنهن بنگلي ۾ هن وقت سائين جلال محمود شاهه ويهندو آهي، ان بنگلي جي مرمت سائين امداد محمد شاهه ڪرائي، شام جو وقت هو ماڻهن سان ڪچهري دوران سائين امداد محمد شاهه چيو ته اسان جا وڏڙا گهڻو ڪجهه ڇڏي ويا آهن ۽ اسان کي مرمت ڪرائڻ به ڏکي لڳي ٿي، پر پوءِ به نڀائي وينداسين. ”ٻري جن ٻاري، هلو تڪيا پسون تن جا“ لطيف جو شعر چئي هن وڌيڪ چيو ته اسان پنهنجو فرض نڀايون پيا، اميد ته اسان جا پونئير ٻاريندا، سائين امداد محمد شاهه جي سماجي ڪم جو بنياد شاهه حيدر ايجوڪيشنل سوسائيٽي آهي، ان کي لڳ ڀڳ ۴۰ سال ٿي ويا آهن، جيڪا هينئر به پنهنجو ڪم جاري رکندي پئي اچي، ان تنظيم جو بنياد وجهڻ وقت سن شهر جي هر دڪاندار کي ان ڳالهه جو پابند بڻايو ويو هو ته هر دڪاندار روزانو ۵ پيسا جمع ڪرائيندو ۽ رقم گڏ ڪرڻ لاءِ هڪ وڏو ڀانڊارو ٺهرايو ويو هو ۽ سوسائيٽي لاءِ شايد ۴۰ ايڪڙ زمين به رکي وئي هئي، سوسائيٽي جو ڪم صرف ۽ صرف غريب شاگردن کي يونيفارم ۽ ڪتاب ڏنا ويندا هئا ۽ اداري طرفان هڪ هاسٽل به ٺهرائي وئي هئي، جنهن ۾ ٻاهريان شاگرد، ڊيوٽي ڪندڙ ملازم ۽ آفيسر ماني کائيندا هئا، انهن شاگردن ۾ تازو چونڊيل ايم پي اي فقير داد کوسو به آهي، مهراڻ، لمس ۽ سنڌ يونيورسٽي ۾ غريب شاگردن جي فيس ۽ ٻيو خرچ ٻه ادارو ادا ڪري ٿو، تازو شاهه حيدر ايجوڪيشنل سوسائٽي طرفان لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي، سنڌ يونيورسٽي ۽ قائدعوام يونيورسٽي سان سائين جي ايم سيد، سيد امداد محمد شاهه ۽ جيجي درشهوار سيد جي نالن تي غريب شاگردن کي اسڪالرشپ ڏيڻ جو معاهدو ڪيو ويو آهي، سائين امداد محمد شاهه جو اهو خواب هو ته اهڙا ادارا قائم ڪري بهتر تعليم ۽ بهتر سماج اڏي سگهجن ٿا، سياسي زندگي ۾ سائين امداد محمد شاهه هڪ بهترين پارليامينٽيرين ۽ اصول پسند سياستدان هو، شيخ مجيب الرحمان جي عوامي ليگ سنڌ جو اڳواڻ به هو، ان پارٽيءَ ۾ شموليت کان اڳ ۾ سائين جي ايم سيد کان اجازت ورتي هئائين، پر اتي به هن پنهنجي ايمانداري سان ڪم ڪيو، ۱۹۸۸ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي آيو ۽ جڏهن به اسيمبليءَ ۾ خطاب ڪندو هو ته خاموشي ڇائنجي ويندي هئي، ٻيو عبدالحميد خان جتوئي لاءِ به مشهور هوندو هو، اهو به جڏهن قومي اسيمبليءَ ۾ ڳالهائيندو هو ته ايوان ۾ جيڪڏهن سئي به اڇلائجي ته ان جو آواز به ٻڌڻ ۾ ايندو هو، ان دور ۾ سائين جي ايم سيد کي اسيمبليءَ ۾ غدار قرار ڏيڻ لاءِ ڪجهه ميمبرن گوڙ ڪيو هو ته عبدالحميد جتوئي گجگوڙ تي کين خاموش ڪرائي چيو ته جي پاڪستان ۾ توهان ويٺا آهيو ان جو جي ايم سيد سنڌ اسيمبليءَ مان ٺهراءُ پاس ڪرايو هو. ايئن ئي جڏهن به عبدالحميد جتوئي اسيمبليءَ ۾ ڳالهائيندو هو ته خاموشي ڇائنجي ويندي هئي، سنڌ اسيمبليءَ ۾ تقرير لاءِ سائين امداد محمد شاهه اٿندو هو ته سمورا ميمبر کيس سنجيدگي سان ٻڌندا هئا، هن جي اسيمبلي ۾ احتجاج جو به انداز هڪ نرالو هوندو هو، توڙي ڦاٽڪ جي اسيرن جي آزادي لاءِ اسيمبلي ۾ زمين تي اجرڪ وڇائي ان تي ويهي احتجاج ڪيو هو، سندس هڪ ٻيو تاريخي ڪردار به وسارڻ جهڙو نه آهي، ايم آر ڊي جي دور ۾ سڪرنڊ ويجهو ڳوٺ پنهون خان چانڊيو ۾ فوجين جي گولين سان پروڻ ٿيل ڳوٺاڻن جي لاش به فوجين وٽان پاڻ کڻائي نوابشاهه اسپتال آندا ۽ ان جي ڪفن ۽ دفن جو به بندوبست ڪرايائين، سنڌ اڄ اهڙي ڪردار کي ياد ڪندي پنهجو ڪنڌ فخر کان اوچو ڪري رهي آهي. سيد امداد محمد شاهه سنڌ جو محب وطن اڳواڻ ۽ سماج سڌارڪ ايم حنيف لاشاري سنڌ ڌرتيءَ تي اهڙن سنڌ امڙ جي پٽن جنم ورتو آهي جن کي سنڌ جي خدمت جو اونو هجڻ ڪري اڻ ٿڪ ڪوششن، قربانيءَ جي جذبي ۽ پنهنجي وس آهر سنڌ جي خدمت ڪندا رهيا آهن.انهن سنڌ امڙ جي پٽن مان سيد امداد محمد شاهه پڻ هڪ آهي. سيد امداد محمد شاهه جو جنم ۳۰ ڊسمبر ۱۹۳۵ع تي سنڌ جي تاريخي شهر سن ۾ ٿيو. سن جو شهر سنڌ جي قومي، ادبي، ثقافتي تاريخ ۾ نمايان حيثيت رکي ٿو. سن سنڌ جي فڪري تربيت ۽ قومي هلچل جو مرڪز رهيو آهي. سن جي سرزمين تان سنڌ جي حقن لاءِ هميشه آواز گونجيو آهي. بزرگ هستي سيد حيدر شاهه سنائي کان سائين جي ايم سيد ۽ سيد امداد محمد شاهه تائين سن سنڌ جي قومي حقن لاءِ هلچل ۽ جدوجهد ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي. سيد امداد محمد شاهه جي شخصيت سنڌ جي سياست ۽ سماجي خدمت ۾ ڪنهن به تعارف جي محتاج نه آهي. هن پنهنجي حياتي دوران سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي قومي حقن لاءِ جيڪا جدوجهد ڪئي/آواز اٿاريو ان کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي. پوءِ ڇو نه اهو سنڌ اسيمبلي جو ايوان هجي يا سنڌ جو ٻيو ڪو پيلٽ فارم! سيد امداد محمد شاهه هر محاذ تي سنڌ جي حقن لاءِ آواز اٿاريو ۽ وقت جي حاڪمن سان ٽڪر به کاڌو. سندس صوبائي اسيمبلي توڙي ٻين سياسي پيلٽ فارمن تي ادا ڪيل ڪردار، جدوجهد هڪ يادگار مثال ۽ اڻ وسرندڙ باب آهي. هي پنهنجي تاريخي ڪردار، عمل ۽ جدوجهد عيوض هميشه زندهه آهي. سيد امداد محمد شاهه جو جنم سائين جي ايم سيد جي گهر ۾ ۳۰ سيپٽمبر ۱۹۳۵ع ۾ ٿيو. هن ابتدائي تعليم جا ٻه درجا سن جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۾ حاصل ڪيا ۽ پرائمري کان مئٽرڪ ۵۴-۱۹۵۳ع تائين سينٽ پيٽرڪس اسڪول ڪراچي مان تعليم پرائڻ بعد انٽر ميڊيٽ ۽ بي. ايس. سي، ڊي جي سائنس ڪاليج ڪراچي مان حاصل ڪرڻ بعد ۱۹۶۵ع ۾ وڪالت جي ڊگري ايل. ايل .بي اسلاميه لا ڪاليج ڪراچي مان مڪمل ڪيائون. جنهن بعد ڪجهه وقت قاضي فيض محمد سان وڪالت به ڪيائون. سائين امداد محمد شاهه ڪراچيءَ مان پڙهائي دوران موڪلن ۾ جڏهن سن واپس موٽيا پئي ته سائين ڏٺو ته سن ۽ آسپاس ۾ تعليم جو فقدان آهي ۽ غربت سبب سوين شاگرد تعليم به نٿا پرائي سگهن ان وقت دادو ضلعو ڪراچي ۾ هوندو هو ۽ تعلقو ڪوٽڙي هو. تعلقي ڪوٽڙي جو ٻيو نمبر وڏو شهر سن هو پر ان وقت مڊل اسڪول نه هجڻ ڪري سوين شاگرد پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ بعد گهر ويهي رهندا هئا يا ڪي شاگرد دوڪان کولي پنهنجو روزگار ۾ لڳي ويندا هئا. پر اڳتي تعليم حاصل ڪري نه سگهندا هئا. سن ۾ پرائمري تائين تعليم هئڻ ڪري به سوين شاگردن سن سميت ٻين آسپاس جي علائقن جي شاگردن جيان غربت سبب اڳتي تعليم حاصل نه ڪري سگهندا هئا صرف سرنديءَ وارن جا ٻار ۽ سن جا مقامي ڪجهه ٻار اعليٰ تعليم پرائڻ لاءِ پڙهائي خاطر ٻاهر مشڪل سان نڪري سگهندا هئا. سائين امداد محمد شاهه جڏهن پاڻ اسڪول جو دورو ڪيائون ته ڏٺائين ته پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ به ٻهراڙيءَ جا ڪجهه نه هجڻ برابر شاگرد پڙهائي حاصل ڪري رهيا هئا، سائين امداد محمد شاهه، سائين عبدالواحد ميمڻ جيڪو ان وقت پرائمري اسڪول جو هيڊ ماستر هيو ۽ اسڪول جي استاد سائين محمد عرس کان سبب پڇيا ته انهن کين ٻڌايو ته سن ۽ پسگردائي وارن علائقن ۾ پڙهائي جو شعور نه آهي جنهن جو سبب غربت آهي. هتي صرف سرنديءَ وارا ميمڻ آهن، جيڪي پڻ پنهنجن ٻارن کي ستين درجي تائين پڙهائڻ بعد دوڪانن تي ويهارين ٿا. اسين بمشڪل ۲۰، ۲۵ شاگرد ڪري سگهون ٿا ۽ ٻهراڙين ۾ اسڪول نه هجڻ ڪري اتي جا رهواسي پنهنجن ٻارن کي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ به سن طرف نه ٿا موڪلي سگهن . سائين عبدالواحد ميمڻ ۽ سائين محمد عرس ملاح ، سائين امداد محمد شاهه کي هڪ تجويز ڏني ته جڏهن اسين ننڍا هئاسين ته ان وقت سائين جي ايم سيد ضلعو دادو (جيڪو ان وقت ڪراچي ضلعي ۾ هو)، ان دوران سن ۾ جامع مسجد ۾ مدرسي کي هلائڻ لاءِ فري فوڊMess کولرايو هو. جنهن ۾ کاڌي وغيره جو پڻ انتظام هو. جنهن ۾ شاگرد سائين عنايت الله گائنچو ۽ ٻيا پري، پري کان پڙهڻ ايندا هئا. هن وقت غلام محمد ڏاوچ دادو وارو (جيڪو هن وقت ڊي سي آهي) ۽ محمد ابراهيم جويو صاحب (جيڪو هن وقت ملڪ جو ڏاهو ۽ اديب آهي) لڪي آباد مان پڻ انهيءَ مدرسي جا پڙهندڙ هئا ۽ تعليم حاصل ڪندا هئا. اوهين به اهڙو فري بورڊنگ کولرايو ته ماڻهو اچن نه ته غربت سبب اچي نه سگهندا. ٻئي ڏينهن تي سائين امداد محمد شاهه سن جي شهرين جي ميٽنگ گهرائي ۽ تعليم جي بهتري لاءِ شاهه حيدر ايجوڪيشنل سوسائٽي جو بنياد وڌو، جنهن ۾ سائين محمد عرس اها تجويز پيش ڪئي ته هتان جا مقامي روزگار وارا ڪجهه چندو گڏ ڪندا جنهن ۾ سن ۽ آس پاس جي ڳوٺن جي شاگردن کي سن ۾ ئي هاسٽل قائم ڪرائي کين کاڌو مفت فراهم ڪيو ويندو ته جيئن اهي انٽر تائين بهتر تعيلم حاصل ڪري سگهندا. اها تجويز شهرين کي وڻي ۽ وس آهر مالي مدد ڪئي. ۽ ڌرم شالا جي بلڊنگ ۾ جيڪا هن وقت (شاهه حيدر ايڊيوڪيشنل سوسائٽي جي ملڪيت آهي) ۽ پرائمري اسڪول جي سامهون آهي. ان جي مرمت ڪرائي ۽ ۱۹۵۶ع ۾ ان ۾ مڊل اسڪول کولرايو. ان جي پٺيان هڪ وڏي عمارت به هوندي هئي، جنهن ۾ بورڊنگ هائوس کولرايو. جنهن ۾ آس پاس جا شاگرد اچي رهيا. انهي دوران ۸۲ شاگرد اچي رهيا. ان فري فوڊ ۾ انڙپور، ٻڍاپور، چارا، ڄامشورو، مانجهند، لاکا ۽ مٽياري کان ويندي لڪي، آمري ۽ ڇڇر جا شاگرد رهندا هئا. سائين عبدالواحد ميمڻ ۽ سائين محمد عرس ملاح صاحب جن سڄو انتظام سنڀاليندا هئا شاگردن کي کاڌي پيتي ۽ رهائش سميت ٻيون سهولتون شاهه حيدر ايجوڪيشنل سوسائٽي (شيس) پاران ڪجهه شهرين جي چندي ۽ ڪجهه سائين امداد محمد شاهه جي خرچ مان مهيا ڪري ڏيندا هئا ته جيئن اُهي غريب شاگرد آساني سان پڙهائي حاصل ڪري سگهن. انهيءَ مڊل اسڪول دادو کان وٺي درياهه جي اورئين ڀر مٽيارين تائين تعليمي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو. شاهه حيدر ايجوڪيشنل سوسائٽِي (شيس) جي اسڪالرشپ ۽ فري فوڊ (ميس) واري ڪامياب عمل مان ڪيترائي شاگرد پڙهي اڳتي نڪتا کين يونيورسٽين تائين به ڪجهه شاگردن جي شاهه حيدر ايجوڪيشنل سوسائٽي (شيس) پاران سهڪار ڪيو ويو. انهن ڪجهه ڪامياب شاگردن مان هيٺ ڪجهه نالا ڏجن ٿا. فقير داد کوسو، بشير سولنگي، شبير سولنگي، سيد محمد علي شاهه ۽ ٻيا شاگرد شامل هئا. فقير داد کوسو سنڌ يونيورسٽيءَ جي دور ۾ قومپرست شاگرد اڳواڻيءَ مان سياست جي شروعات ڪئي اڄ اهو سنڌ اسيمبلي ۾ ٿاڻي بولاخان تڪ جو ايم پي اي ميمبر آهي سندس محنت ۽ شاهه حيدر سوسائٽي جي ساٿ ڪري اڄ اهو اسيمبلي جي ايوانن ۾ ويهي پنهنجي تڪ جي نمائندگي ڪري رهيو آهي. بشير احمد سولنگي لمس يونيورسٽِيءَ مان پڙهائي بعد ڊاڪٽري ڊگري حاصل ڪرڻ بعد هڪ سٺو ڊاڪٽر بڻيو ۽ اهو وڏو ڊاڪٽر ٿي اڀريو ۽ ضلعي مٽياري ۽ ضلعي حيدرآباد جو ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر پڻ ٿي رهيو، ڪجهه وقت ڊپٽي ڊي جي هيلٿ به رهيو ۽ هن وقت پاڻ رٽائرڊ آفيسر آهن. شبير احمد سولنگي مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ۽ سيد محمد علي شاهه انجنيئرنگ يونيورسٽي لاهور مان ڊگري حاصل ڪرڻ بعد وڏا انجنيئر بڻيا ۽ سرڪاري اداري ۾ انجنيئر طور خدمتون سرانجام ڏنيون. سائين امداد محمد شاهه پاران قائم ڪيل فلاحي اداري شاهه حيدر ايجوڪيشنل سوسائٽي (شيس) پاران هن وقت به سيد امداد محمد شاهه جي فرزند ڊاڪٽر سيد ضياءُ شاهه به پنهنجي والد جيان غريب ۽ بي پهچ شاگردن جي اعليٰ تعليم لاءِ جدوجهد جاري رکندو اچي جنهن ۾ يونيورسٽي تائين پهچندڙ غريب هوشيار شاگردن کي شاهه حيدر ايجوڪيشنل سوسائٽي پاران اسڪالرشپ ڏني ويندي آهي ۽ يونيورسٽي تائين پڙهائي جو سمورو خرچ شاهه حيدر ايجوڪيشنل سوسائٽي (شيس) برداشت ڪري رهي آهي. هن وقت ڪيترائي شاگرد مهراڻ انجنيرنگ يونيورسٽي ڄامشور ۽ قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاهه ۾ زير تعليم آهن. سندس پڙهائيءَ جو سمورو خرچ سائين امداد محمد شاهه پاران قائم ڪيل فلاحي اداري شاهه حيدر ايجوڪيشنل سوسائٽي طرفان سندس فرزند ڊاڪٽر سيد ضياءُ شاهه ۽ سائين امداد محمد شاهه جي وڏي نياڻي جيجي نيلوفر محمد شاهه برداشت ڪري رهيا آهن. ۽ ان سان گڏوگڏ قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاهه ۾ پڻ يونيورسٽي ٽاپ شاگرد کي ۲۰۱۳ع کان هن وقت تائين گولڊ ميڊل ڏيڻ جو سلسلو پڻ جاري ۽ ساري آهي. سائين امداد محمد شاهه جي وڇوڙي بعد سائين امداد محمد شاهه جي فلاحي ڪمن کي جاري رکڻ لاءِ سندس فرزندن سيد جلال محمود شاهه، ڊاڪٽر سيد ضياءُ شاهه ۽ سيد زين شاهه ۲۰۰۷ع ۾ سندس نالي سان هڪ ٻيو فلاحي ادارو امداد فائونڊيشن جو پڻ بنياد وڌو جيڪو پڻ نوابشاهه ضلعي جي مستحق ماڻهن جي مدد ڪري رهيو آهي تعليم ۽ صحت سميت ٻين مسئلن جي بهتري لاءِ هن وقت اهو ادارو پنهنجي مدد پاڻ تحت ئي روان دوان آهي هن وقت امداد فائونڊيشن جو موجوده چيئرمين پروفيسر انعام ڀٽي آهي. سيد امداد محمد شاهه ۱۹۸۵ع کان ۱۹۸۸ع ۽ ۱۹۸۸ کان ۱۹۹۰ع تائين ٻه دفعا سنڌ اسيمبليءَ جو صوبائي ميمبر چونڊيو ويو ته پنهنجي تڪ سڪرنڊ سميت سنڌ جي ٻين تڪن جي مسئلن ۽ ترقياتي ڪمن لاءِ اسيمبليءَ اندر ڀرپور آواز اٿاريندو رهيو. جڏهن ته ٻين تڪن لاءِ آواز اٿارڻ تي انهن تڪن جا معزز ميمبر صاحبان سيد امداد محمد شاهه تي ناراض به ٿيندا هئا. جو سيد امداد محمد شاهه سندن تڪن جي عوام لاءِ سندن بدران آواز اٿاريندو هو. پر سيد امداد محمد شاهه پاڻ ڪڏهن به ناراض نه ٿيو بلڪه مشڪندي انهي کي مخاطب ٿي چوندو هو ته مون لاءِ سموري سنڌ اکين جو نور آهي آئون چاهيان ٿو ته پوري سنڌ ۾ تعليم جي روشني ڦهلجي. کيس سندس انهن خدمتن جي سلسلي ۾ سنڌ جي ڏورانهن علائقن خاص ڪري ڏکويل ٿرين ، بدين ۽ جيڪب آباد جي علائقن مان خط ايندا هئا ته سندس ٻارن جي تعليم لاءِ کين اسڪول گهرجن نتيجي ۾ پاڻ انهن جي مطالبن جو پورائو ڪندو هو. سيد امداد محمد شاهه ٻهراڙي جي ماڻهن کي شهرن تائين پهچڻ ۽ پنهنجي خام مال کي منڊين تائين رسائڻ جي سلسلي ۾ پنهنجي علائقي ۾ رستن جو ڄار وڇارايو نتيجي ۾ ننڍا ننڍا ڳوٺ شهرن سان ڳنڍجي پيا آهن ۽ عوام ۾ ڪافي خوشحالي پيدا ٿي پئي آهي اهڙن رستن جي وچور ۾ موريو لاکو کان سعيدآباد، کڏهر کان سرهاري، سرهاري روڊ کان مير خان لغاري وايا حمل فقير، مير خان لغاري کان ڪنب ليمان ريگيوليٽر وايا ڇپر کوسو ۽ فضل ڪيريو، سرهاري روڊ کان عيسو ڪيريو وايا کڏهر روڊ، صابو راهو کان صوبدار حاجاڻو وايا علي بخش سنجراڻي، هالا برانچ کان سعيد خان لاکو وايا، محمد خان مگسي، محرابپور کان مراد علي چانڊيو، محرابپور کان قومي شاهراهه وايا راهب شاهه کان ريڻ شاخ. انهن کان سواءِ نواب ولي محمد شاهراهه کان رمضان راهو وايا، لونگ سومرو، سڪرنڊ، نوابشاهه روڊ کان خان محمد انڙ قومي شاهراهه کان ڪنگو، علي آباد کان بچاءَ بند مجيد ڪيريو کان مڏ، مڏ کان ڇتن شاهه، ڇتن شاهه کان يارمحمد ٽانوري، قومي شاهراهه تي مشائخ کان يارمحمد ٽانوري، نوابشاهه کان کڏهر روڊ کان علي مراد ڀٽو، نوابشاهه روڊ کان سرهاري روڊ قومي شاهراهه تي ڳوٺ دڌ کان جمن کيڙو ڳوٺ تائين لنڪ روڊ ۽ مراد ڪيريو، بخشو مگسي، ٻاجهي چانڊيو، رحيمون ڪيريو لنڪ روڊ اچي وڃن ٿا. اهڙي طرح سان سيد امداد محمد شاهه نه صرف ٻهراڙي جي ننڍن ننڍن ڳوٺن ۽ واهڻن کي رسستن جي ذريعي پاڻ ۾ ملايو پر انهن کي شاهراهه سان به ڳنڍي ڇڏيو. سيد امداد محمد شاهه، ايوب خان جي مارشل لا واري دور خلاف جدوجهد ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ سرگرم رهيو ۽ ايوب خان جي مقابلي ۾ قائداعظم جي ڀيڻ محترمه فاطمه جناح جي حمايت ۾ اليڪشن مهم ۾ ڀرپور حصو ورتو. پاڻ ۱۹۸۵ع ۽ ۱۹۸۸ع ۾ سنڌ اسيمبلي جو ميمبر رهيو. ۱۹۹۸ع ۾ مظلوم قومن کي حق ڏيارڻ لاءِ برک سياستدان عطاءُ الله مينگل، اجمل خٽڪ ۽ ٻين سان گڏجي پونم جو قيام عمل ۾ آندو. هو ۹۰ع واري ڏهاڪي ۾ اليڪشني سياست کان پاسيرو رهيو ۽ سڪرنڊ ويجهو ڳوٺ مجيد ڪيريي ۾ زمينداري ڪرڻ لڳو، پر ان دوران سنڌ جي حقن واري جدوجهد ۾ مصروف عمل رهيو. جواني کان آخر تائين زمينداري سان گڏ سياست ۽ سماجي ڪمن ۾ سرگرم رهيو. سيد امداد محمد شاهه اسيمبلي ميمبر هئڻ دوران سنڌ جي قومي مسئلن تي جيڪا نمائندگي ڪئي ۽ آواز اٿاريو، اهو قابل تعريف آهي ان کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي. اڪثر ميمبر جڏهن مصلحتن خاطر خاموش هوندا هئا .ان دور ۾ اسيمبلي ۾ سيد امداد محمد شاهه سنڌ جو ڪيس بهادري ۽ دليري سان پيش ڪيو. سيد امداد محمد شاهه سنڌ اسيمبلي جي ميمبري دوارن پهريون ميمبر هو جنهن ڪالاباغ ڊئم خلاف اسيمبلي ۾ احتجاجي ڌرڻو هنيو. سيد امداد محمد شاهه ۱۰ آگسٽ ۱۹۹۸ع تي پ پ چيئرپرسن بينظير ڀٽو، رسول بخش پليجو، بشير خان قريشي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سنڌ پنجاب جي دنگ تي ڪالاباغ ڊئم رٿا خلاف لکين ماڻهن جي ڌرڻي ۾ بيماري ۽ پيرسني ۽ سخت گرمي باوجود شرڪت ڪئي. سندس هڪ ٻي خاصيت اها به هئي ته هو هميشهه سائين جي ايم سيد وانگر تنگ نظر قومپرست شائونزم جو سخت مخالف هو. هو سنڌ اندر رهندڙ ماڻهن جي وچ ۾ محبت ۽ ڀائيچاري جو وڏو حمايتي هو. سائين جي ايم سيد وانگر امداد محمد شاهه پڻ سنڌين ۽ اردو ڳالهائيندڙن جي وچ ۾ ويجهڙائي ۽ سنڌ ۾ مستقل امن امان جي قيام لاءِ ڪوششون ڪيون ۽ سنڌ کي امن جو گهوارو بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. عوامي ليگ، جيئي سنڌ قومي محاذ، جيئي سنڌ تحريڪ، اينٽي ڪالا باغ ايڪشن ڪاميٽي، اينٽي ڪالاباغ ڊئم فرنٽ، نيشنل عوامي پارٽي، سنڌ هاري ڪاميٽي، اينٽي گريٽر ٿل ڪئنال ايڪشن ڪاميٽي، اينٽي ون يونٽ تحريڪ، پونم، ۽ ٻين پارٽين جي جلسن ۾ سندس تقريرون هميشهه ڪنن ۾ ٻرنديون رهنديون. عطاءُ الله مينگل، اجمل خٽڪ، محمود اچڪزئي، شيخ مجيب الرحمان، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي جي ساٿي سيد امداد محمد شاهه جي زندگي، ڪردار ۽ جدوجهد تي سنڌ ۽ سنڌين کي هميشهه فخر رهندو ڇو ته هن هميشهه وڏي واڪي سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪئي ۽ عملي طور به ان تي ثابت قدم رهيو. سيد امداد محمد شاهه سنڌ دوست ۽ بااصول قومپرست اڳواڻ هو. هو ڪيترين ئي تعليمي سوسائٽين جو باني چيئرمين ۽ ميمبر رهيو. جهڙوڪ: شاهه حيدر ايجوڪيشنل سوسائٽي (شيس). محمد هاشم ٺٺوي ايڊيوڪيشنل سوسائٽي. سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچي طرفان قائم ڪيل قائد اعظم پبلڪ اسڪول درساڻو ڇني. ڪراچي يونيورسٽي جي سينيٽ جو ميمبر وغيره. ان کان علاوه حمل فقير يادگار ڪميٽي جو بانيڪار پڻ رهيو. پاڪستان جي مظلوم قومن جي اتحاد (PONAM) جو قيام پڻ سيد امداد محمد شاهه جي ڪاوشن جو نتيجو رهيو. سندس آئيڊيل شخصيتون شيخ عبدالمجيد سنڌي، غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي، خان عبدالغفار خان هئا. جڏهن ته پاڻ سفر/سياحت جا پڻ شوقين رهيا ۽ موجوده پاڪستان جا چار ئي صوبا، هاڻوڪو بنگلاديش، ڀارت، جاپان، برطانيا، فرانس، اسپين، آمريڪا، هالينڊ سميت ٻين ملڪن جو سير و سفر پڻ ڪيا. سندس آئيڊيل ڪميونٽي: پارسي ۽ فلاحي ڪم ڪرڻ هو. سيد امداد محمد شاهه نوابشاه ضلعي، تعلقي سڪرنڊ ۽ اباڻي تعلقي ڪوٽڙي ۾ ڪيترائي سماجي ڪم ڪيا. اسڪول، اسپتالون، ٺهرايون. ڊرينج سسٽم ۽ رستا ٺهرايا. اهوئي سبب هو جو هو جڏهن به پنهنجي سڪرنڊ واري تڪ مان چونڊن ۾ حصو وٺندو هو ته سندس مقابلي ۾ ڪنهن به پارٽيءَ جو اميدوار کٽي نه سگهندو هو. زندگيءَ ساڻس وفا نه ڪئي ۽ هن عظيم انسان جي سموري زندگي مسلسل جدوجهد ۽ سماجي خدمتون ڪندي گذري بيماريءَ جي حالت ۾ به وفات کان هڪ ڏينهن اڳ اسڪولن جو دورو ڪيو هئائين . ۲۹ سيپٽمبر ۲۰۰۴ع تي دل جو دورو پوڻ سبب ۶۹ سالن جي ڄمار ۾ سنڌ جو ناميارو قومپرست اڳواڻ ۽ سماج سڌارڪ سيد امداد محمد شاهه سنڌ امڙ جي هنج ۾ آرامي ٿيو. سندس وفات تي هزارين چاهيندڙ زارو قطار ۽ اوڇنگارون ڏيندا روئيندا رهيا. کيس ڳوٺ مجيد ڪيريي ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. سندس اسيمبليءَ ۾ ڪيل تقريرون ۽ سنڌ جي حقن لاءِ آواز اٿاريندڙ سيد امداد محمد شاهه کي ان وقت جا اسيمبلي ميمبر توڙي مخالف ۽ سندس چاهيندڙ اڄ به ياد ڪن ٿا. ڀلا ڀونءِ نه وسرن، نه ڳُڻا چڙهن نه چِت، اڻ لوڀي ۽ نينهُن گهڻو، اهڙا سڄڻ ڪِٿ، جان جان وڃان جِت، تان تان هوءِ پرين جي. (شاهه) سائين امداد محمد شاھ روايتي قدرن جو مالڪ سھيل ميمڻ سنڌ هن وقت جنهن ماڻهپي جي قحط واري دور مان گذري رهي آهي، ايئن اڳ ڪڏهن به نه گذري آهي. هر عالم، فاضل، علم جو اڪابر، قلم جو ڌڻي، سياسي ليڊر توڙي ورڪر، ڪامورو توڙي نوڪر، پنهنجي قيمت لڳرائڻ جي جستجو ۾ لڳو آهي. اهڙي ماحول ۾ اهي هستيون وڌيڪ ياد اچن ٿيون، جن زندگي اصولن تحت، ايمانداري سان ۽ ماڻهن جي خدمت ۾ گذاري. سائين جي ايم سيد جو ننڍو پٽ سيد امداد محمد شاهه به اهڙن ئي ماڻهن مان هڪ آهي. اڄ سندس تيرهين ورسي آهي. سائين امداد محمد شاهه ۳۰ ڊسمبر ۱۹۳۵ع تي سن ۾ پيدا ٿيو. سن ۾ پرائمري تعليم کانپوءِ سيڪنڊري تعليم ڪراچي ۾ حاصل ڪري حيدرآباد مان قانون جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ ڪجهه سال وڪيل طور ڪم ڪيو. سائين امداد محمد شاهه پنهنجي سياسي زندگيءَ جي شروعات شيخ مجيب الرحمان جي عوامي ليگ سان ڪئي ۽ ان عوامي ليگ جي هاري فرنٽ جو مرڪزي صدر به رهيو. بنگلاديش ٺهڻ بعد عوامي ليگ بنگلاديش ۾ رهجي وئي ۽ ان کان پوءِ سائين امداد شاهه ڪڏهن به ڪنهن سياسي پارٽيءَ جو ميمبر نه رهيو. سائينءَ، ايوب جي مارشل لا خلاف بهرو ورتو ۽ فاطمه جناح جي حق ۾ چونڊ مهم پڻ هلائي. سائين امداد شاهه ۱۹۷۹ع ۾ نواب شاهه ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ چونڊجي آيو. ۱۹۸۵ع ۽ ۱۹۸۸ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو. ان دوران سائين سنڌ اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جو هڪ موثر اڳواڻ رهيو. سائين امداد محمد شاهه سنڌ جي مستقل رهواسين، سنڌين ۽ اردو ڳالهائيندڙن وچ ۾ هم آهنگي ۽ ويجهڙائپ جو وڏو قائل هو. طبيعت ۾ سائين جي ايم سيد وانگر شفيق، پر اصولن تي لوهه، ڀوڳ چرچا ڪرڻ وارو، سٺي ماني جي ڳولها ۾ لياري جي ٻاڪڙا هوٽلن جي ڳولها به جاري رکڻ وارو ۽ ماڻهو شناس شخصيت هو. سيد امداد محمد شاهه هڪ اهڙي شخصيت آهي، جنهن سائين جي ايم سيد جو لائق فرزند هجڻ سان گڏوگڏ بااصول ۽ ”سماج سڌارڪ“ واري نئين سڃاڻپ پڻ ٺاهي. هو ننڍي پئماني تي ئي سهي، پر ضلعي نوابشاهه ۽ درياهه جي هن پار سن واري علائقي سميت سڄي ضلعي دادو ۽ ڄامشوري ۾ هڪ ”ريفارمر“ طور سڃاپجي ٿو. سندس تڪ ۾ ڊاڪٽر، استاد، انجنيئر ۽ ڪاموري لاءِ ٻه صورتون هونديون هيون، يا ته اتي ڪم ڪري يا وري پنهنجي بدلي ڪرائي هليو وڃي، اتي ٽئين ڪا به ڳالهه نه ٿيندي هئي. چور ۽ ڏوهاري ماڻهو لاءِ سائين وٽ رحم جي گنجائش نه هوندي هئي. سماج کي صاف رکڻ لاءِ سائين ڏوهارين کي سخت سزائن ڏيڻ جو وڏو حامي هو. ذاتي تعلقات رکڻ ۽ نڀائڻ ڪو سائين جي ايم سيد ۽ سندس پٽن کان سکي. هر سال انبن جي مند ۾ ٻه کوکا سڪرنڊ کان ڊرائيور امام الدين سائين جي ڪار ۾ کڻي اچي روهڙي ۾ منهنجي گهر ڏي ته سائين انب موڪليا آهن ته ان کان وڏو ڪهڙو تحفو! انب روهڙي ۾ به جام ملن ٿا ۽ ۲ هزار جي انبن لاءِ پنج هزار جو پيٽرول خرچ ٿيو پئي، پر سائين امداد محمد شاهه جي محبت، سڪ، چاهت ۽ ياد رکڻ جي خبر پوي ٿي، جو انب موڪلڻ واري سندس دلبري لکندي هن وقت به اکين ۾ ڳوڙها اچي وڃن ٿا. سائين جي گاڏي جي ڊگي اجرڪن سان ڀريل هوندي هئي، مان ۽ سندس ڊرائيور سائين سان ڀوڳ ڪندا هئاسين ته سائين توهان انتظار ۾ هوندا آهيو ته ڪو فوت ٿئي ته اجرڪ کڻي پڄان. سائين ان تي پهريان مرڪندو هو ۽ پو سيريس ٿي چوندو هو، بابا! پرڻي ڀلي نه پڄي سگهجي، پر مرڻي ضرور وڃجي. سائين امداد محمد شاهه ۲۲ مئي ۲۰۰۰ع تي واشنگٽن ۾ امريڪي ڪانگريس جي انساني حقن جي ڪاڪس ۾ بي خوف تقرير ڪندي چيو هو ته: ”مان سائين جي ايم سيد جو پٽ آهيان، جنهن جي زندگيءَ جو وڏو حصو سنڌي ماڻهن جي حقِ خود اراديت، آجپي ۽ خوشحاليءَ لاءِ جدوجهد ڪرڻ جي ڏوهه ۾ جيل ۽ نظريندي ۾ گذريو آهي ۽ سندس وفات به قيد ۾ ئي ٿي. سنڌ ننڍي کنڊ ۾ اهو خطو آهي جيڪو انگريز سڀ کان آخر ۾ حاصل ڪري سگهيا ۽ سنڌ کي ڇڏڻ وقت کيس پنهنجي فيصلي جو اختيار ڏنو وڃي ها ته، هو نئين مسلم بلاڪ ۾ ويندا يا خودمختيار رهڻ چاهيندا پر ائين نه ڪيو ويو، نتيجو سامهون آهي ته امن، عدم تشدد، ڀائيچاري ۽ محبت واري سرزمين هجڻ هتي فقط خواب رهجي ويو آهي.“ سائين وڌيڪ چيو هو ته، ”سنڌي هڪ قوم آهن، جنهن کي تاريخي پس منظر، جاگرافي حدون، سامونڊي ڪنارا، امير ترين ثقافت، ٻولي ۽ قومي ورثو آهي. سنڌ وٽ صوفي ازم جو پيار ۽ محبت وارو پيغام آهي. ڀائيچارو، برداشت، عدم تشدد ۽ سيڪيولر ازم سنڌي قوم جي رت ۾ شامل آهي، پر مان هتي ٻڌائڻ چاهيندس ته سنڌ سان وفاق ۽ مذهب جي نالي ۾ انصاف نه ٿيو آهي. سنڌ جي لکين ايڪڙ بيراجي زمين مالِ غنيمت سمجهي ورهائي وئي. ڳائڻا گانو ڳائين ته زمين انهن کي سنڌ ۾ ملي، ڪرڪيٽيئر ڇڪو هڻن ته زمين انهن کي سنڌ جي ملندي آهي.“ سائين امداد محمد شاهه پنهنجي انهيءَ تقرير ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن، نوڪرين، سياست، ثقافت، ريڊيو، ٽي وي، مارشلائن، گورنر راڄن، وڏيرا شاهي، ۱۹۷۳ع جي آئين، بلوچن جي مسئلن، بنگالين جي قتلِ عام، سنڌو درياهه جو پاڻي چورائڻ، روڪڻ، ڊيم ٺاهڻ ۽ هر ناانصافي تي تفصيل سان ڳالهايو ۽ سنڌ جي هڪ سچي وڪيل جيان سنڌ جو ڪيس وڏي بهادريءَ سان رکيو. هميشه اڇو وڳو، عام اڇي ٽوپي پائيندڙ، چانهن جو بيحد شوقين، ماڻهوءَ کي اسڪين ڪندڙ تيز، پر خوبصورت اکين جو مالڪ سنڌ جو هيءُ سماجي سائنسدان سياستدان ۲۹ سيپٽمبر ۲۰۰۴ع تي اربع ڏينهن ڪجهه وقت بيمار رهڻ بعد سڪرنڊ تعلقي جي ڳوٺ مجيد ڪيريو ۾ گذاري ويو. کيس سندس وصيت موجب مجيد ڪيريو ۾ پنهنجي ٻنيءَ ۾ دفن ڪيو ويو، جو کيس ٻني ۽ ڍور مال سان عشق هو. انهيءَ ڳوٺ مجيد ڪيريو بابت سائين امداد شاهه هڪ ڀيري ٻڌايو هو ته، جڏهن هو سن کان لڏي اچي ان ڳوٺ ۾ رهڻ لڳو ته ڪجهه خوشامدي آيا ته سائين هن ڳوٺ جو نالو امداد محمد شاهه رکون. سائين انهن سان اهڙي ڪئي، جو وڃي ٿيا خير- سائين کين چيو ته، ”مان اوڌر تي اچي مجيد جي ڳوٺ ۾ رهيو آهيان، ۽ اوهين وري ان جو نالو تبديل ڪرڻ جي ڳالهه پيا ڪريو.“ سيد امداد محمد شاهه قومپرست سياست جو روشن باب آزاد انور ڪانڌڙو سن جو شهر سنڌ جي قومي، ادبي، ثقافتي تاريخ ۾ نمايان حيثيت رکي ٿو. سن سنڌ جي فڪري تربيت ۽ قومي هلچل جو مرڪز رهيو آهي. سن جي سرزمين تان سنڌ جي حقن لاءِ هميشه آواز گونجيو آهي. سيد حيدر شاهه سنائي کان سائين جي ايم سيد ۽ امداد محمد شاهه تائين سن سنڌ جي قومي حقن لاءِ هلچل ۽ جدوجهد۾ نمايان ڪردار ادا ڪيوآهي. امداد محمد شاهه جي شخصيت سنڌ جي سياست ۾ ڪنهن به تعارف جي محتاج نه آهي. هن پنهنجي حياتي دوران سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي قومي حقن لاءِ جيڪا جدوجهد ڪئي/ آواز اٿاريو ان کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي. پوءِ ڇو نه اهو سنڌ اسيمبلي جو ايوان هجي يا سنڌ جو ٻيو ڪوئي پيلٽ فارم. امداد محمد شاهه هر محاذ تي سنڌ جي حقن لاءِ آواز اٿاريو ۽ وقت جي حاڪمن سان ٽڪر به کاڌو. اڄ جڏهن هو اسان وٽ جسماني طور موجود نه آهي ته اسين محسوس ڪريون ٿا ته ويجهڙائي ۾ عبدالحميد خان جتوئي کان پوءِ سنڌ جي هڪ ٻئي وفادار مخلص، بي باڪ، بهادر ۽ سچي دل سان پيار ڪندڙ شخصيت کان محروم ٿي وئي آهي. سندس صوبائي اسيمبلي توڙي ٻين سياسي پيلٽ فارمن تي ادا ڪيل ڪردار، جدوجهد هڪ يادگار مثال ۽ اڻ وسرندڙ باب آهي. هو سنڌ جي قومپرست سياست جو روشن باب هو. امداد محمد شاهه سنڌ جو آواز هو. سنڌ جو آواز سچ جو آواز ۽ حق جو آواز هوندو آهي. امداد محمد شاهه جسماني طور اسان کان وڇڙي ويو آهي، پر هو پنهنجي تاريخي ڪردار، عمل، جدوجهد جي ڪري ڪڏهن به مرڻو نه آهي. امداد محمد شاهه ۳۰ ڊسمبر ۱۹۳۵ع تي سائين جي ايم سيد جي گهر ۾ سن ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم ڳوٺ ۾ بعد ۾ ۱۹۴۸ع ۾ گرامر اسڪول ڪراچي مان پاس ڪرڻ بعد پي ايس سي به اتي ئي پڙهيو. جڏهن ته ۱۹۶۵ع ۾ ڪراچي ۾ اسلاميه لا ڪاليج مان ايل ايل بي پاس ڪيائين. هو ڪجهه وقت قاضي فيض محمد سان وڪالت به ڪئي. سيد امداد محمد شاهه سياست جي شروعات مجيب الرحمان جي عوامي ليگ ۾ شموليت سان ڪئي ۽ عوامي ليگ سنڌ جو نائب صدر ۽ مرڪزي ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي جو ميمبر رهيو. بنگال سانحي بعد عوامي ليگ جي سياست کان پاسيرو ٿيو. سيد امداد محمد شاهه زندگيءَ جو وڏو عرصو ۽ عملي زندگي حيدر منزل ڪراچي ۾ گذاري، هو يونين ڪائونسل جو چيئرمين به رهيو. جتي تعليم عام ڪرڻ لاءِ ايجوڪيشن سوسائٽي به جوڙي ، سيد امداد محمد شاهه ايوب خان جي مارشل لا واري دور خلاف جدوجهد ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ سرگرم رهيو ۽ ايوب خان جي مقابلي ۾ قائداعظم جي ڀيڻ محترمه فاطمه جناح جي حمايت ۾ اليڪشن مهم ۾ ڀرپور حصو ورتو. پاڻ ۱۹۸۵ع ۽ ۱۹۸۸ع ۾ سنڌ اسيمبلي جو ميمبر رهيو. ۱۹۹۸ع ۾ مظلوم قومن کي حق ڏيارڻ لاءِ برک سياستدان عطاءُ الله مينگل، اجمل خٽڪ ۽ ٻين سان گڏجي پونم جو قيام عمل ۾ آندو. هو ۹۰ع واري ڏهاڪي ۾ اليڪشن سياست کان پاسيرو رهيو ۽ سڪرنڊ ويجهو ڳوٺ مجيد ڪيريو ۾ زمينداري ڪرڻ لڳو، پر ان دوران ۾ سنڌ جي حقن واري جدوجهد ۾ مصروف عمل رهيو. جواني کان آخر تائين زمينداري سان گڏ سياست ۾ سرگرم رهيو. سيد امداد محمد شاهه اسيمبلي ميمبر هئڻ دوران سنڌ جي قومي مسئلن تي جيڪا نمائندگي ڪئي ۽ آواز اٿاريو، اهو قابل تعريف آهي ان کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي. اڪثر ميمبر جڏهن مصلحتن خاطر خاموش هوندا آهن پر ان دور ۾ اسيمبلي ۾ سيد امداد محمد شاهه سنڌ جو ڪيس بهادري ۽ دليري سان پيش ڪيو. سيد امداد محمد شاهه سنڌ اسيمبلي جي ميمبري دوارن اهڙو پهريون ميمبر هو جنهن ڪالاباغ ڊئم خلاف اسيمبلي ۾ احتجاجي ڌرڻو هنيو. سيد امداد محمد شاهه ۱۰ آگسٽ ۱۹۹۸ع تي پ پ چيئرپرسن بينظير ڀٽو، رسول بخش پليجو، بشير خان قريشي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سنڌ پنجاب جي دنگ تي ڪالاباغ ڊئم رٿا خلاف لکين ماڻهن جي ڌرڻي ۾ بيماري ۽ پيرسني ۽ سخت گرمي باوجود شرڪت ڪئي. سندس هڪ ٻي خاصيت اها به هئي ته هو هميشه سائين جي ايم سيد، عبدالواحد آريسر وانگر تنگ نظر قومپرست شائونزم جو سخت مخالف هو. هو سنڌ اندر رهڻ وارن ماڻهن جي وچ ۾ محبت ۽ ڀائيچاري جو وڏو حمايتي هو. سائين جي ايم سيد وانگر امداد محمد شاهه پڻ سنڌين ۽ مهاجرن جي وچ ۾ ويجهڙائي ۽ سنڌ ۾ مستقل امن امان جي قيام لاءِ ڪوششون ڪيون ۽ سنڌ کي امن جو گهوارو بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ڪالاباغ ڊئم جو مسئلو هجي، سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري هجي يا فوجي ڇانوڻين جو مسئلو، امن امان جو مسئلو هجي يا صوبائي خودمختياري، سيد جي نظربنديءَ جو مسئلو هجي يا ڪوئي ٻيو مسئلي تي هن ڀرپور آواز اٿاريو. زندگيءَ جو وڏو عرصو حڪمرانن جي مخالفت ۾ گذارڻ ڪري سندس تڪ کي ترقياتي ڪمن، نوڪرين ۽ ٻين سهولتن جي حوالي سان نظرانداز ڪيو پر هن ان جي پرواهه نه ڪئي. ايوب خان، ضياءَ الحق کان نوازشريف، بينظير ۽ ٻين وقت جي حاڪمن سان سيد امداد محمد شاهه سنڌ جي حقن خاطر ٽڪر کاڌو، سيد امداد محمد شاهه هڪ انصاف پسند، ايماندار شخص هو. ذاتي ڪردار جي حوالي سان به هن صاف شفاف ماڻهو رهيو. علائقي ۾ ڏوهارين ۽ لوفرن جو سخت دشمن تصور ڪيو ويندو هو. اڄ جي دور ۾ جڏهن هڪڙن ماڻهن سنڌ جي نالي کي ڪمائڻ جو طريقو سمجهي ان جي نالي کي ڪيش ڪرائي وڏا فائدا حاصل ڪيا. پر امداد محمد شاهه سنڌ جي حوالي سان پنهنجي اصولي موقف تي آخر تائين ثابت قدم رهيو ۽ سدائين اسيمبلين ۾ مخالف ڌر ۾ رهيو ۽ قومي حقن لاءِ ويڙهه ڪندو رهيو. اڄ جي نفسانفسي واري دور ۾ جڏهن هڪڙن ماڻهن جي سنڌ جي نالي کي ڪمائڻ جو طريقو سمجهي، ان جي نالي کي ڪيش ڪرائي مال کائي رهيا آهن/ فائدا حاصل ڪري رهيا آهن. ان هوندي به امداد محمد شاهه سنڌ جي حوالي سان پنهنجي اصولي موقف تي ثابت قدم رهيو. هو جيڪڏهن چاهي ها ته سنڌ جي ٻين جاگيردارن، رئيسن، وڏيرن جيان حڪمرانن سان (Under deal) ڪندي ڪروڙين رپيا ڪمائي ها پر هن ايئن نه ڪيو. امداد محمد شاهه پنهنجي حياتي جي عرصي دوران ملڪ جي ايوانن ۾ سنڌ جوڪيس وڏي بهادري ۽دليري سان وڙهندو رهيو. پاڻ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي حقن لاءِ جيڪا جدوجهد ڪئي سندس اهو ڪارنامو سنڌ جي تاريخ ۾ سونهري حرفن ۾ لکيو ويندو. سنڌ ڪيس جي حوالي سان سنڌ اسيمبلي ۾ ڪيل سندس تقريرون اڄ به ماڻهن جي ڪنن ۾ گونجي رهيون آهن. هو جمهوريت پسند، ترقي پسند ۽ سنڌ سان پيار ڪندڙ يا اصول پارليامينٽرين هو. هن سنڌ جي مسئلي تي ڪڏهن به ڪمپرومائيز نه ڪئي. اڪثر حالتن ۾ ڪنهن ماڻهو جي زندگيءَ ۾ نه پر ان جي موت کانپوءِ ئي تعين ڪيو آهي ته اهو ڪيڏو اهم ۽ وڏو ماڻهو هيو. سچ پچ سيد امداد محمد شاهه سنڌ جو موجوده دور ۾ سنڌ سان بيحد پيار ڪندڙ، سچو ۽ باصول پنهنجو دور جو وڏو قومپرست اڳواڻ هو. عوامي ليگ ، جيئي سنڌ قومي محاذ، جيئي سنڌ تحريڪ، اينٽي ڪالا باغ ايڪشن ڪاميٽي، اينٽي ڪالاباغ ڊئم فرنٽ، نيشنل عوامي پارٽي، سنڌ هاري ڪاميٽي،ا ينٽي گريٽر ٿل ڪئنال ايڪشن ڪاميٽي، اينٽي ون يونٽ تحريڪ، پونم، سنڌ قومي محاذ ۽ ٻين پارٽين جي جلسن ۾ سندس تقريرون هميشه ڪنن ۾ ٻرنديون رهنديون. عطاءُ الله مينگل، اجمل خٽڪ، محمود اچڪزئي، شيخ مجيب الرحمان، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي جي ساٿي سيد امداد محمد شاهه جي زندگي، ڪردار ۽ جدوجهد تي سنڌ ۽ سنڌين کي هميشه فخر رهندو ڇو ته هن هميشه وڏي واڪي سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪئي ۽ عملي طور به ان جي ثابت قدم رهيو. سيد امداد محمد شاهه جي جاءِ هاڻي ڪير ڀريندو؟ مونکي گهٽ ۾ گهٽ سنڌ ۾ اهڙو ماڻهو نظر نه ٿو اچي. سچ پچ سيد امداد محمد شاهه سنڌ دوست ۽ بااصول قومپرست اڳواڻ هو. افسوس زندگيءَ ساڻس وفا نه ڪئي ۽ هو ۲۹ سيپٽمبر ۲۰۰۴ع تي دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو. کيس ساڳي ڏهاڙي هزارين آلين اکين سان سندس وصيت موجب ڳوٺ مجيد ڪيريو ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. سندس خال ڪڏهن به ڀرجي نه ٿو سگهي. سائين امداد محمد شاھ سھيل ميمڻ سائين امداد محمد شاھ جي اڄ چوڏينهن ورسي آهي. ۲۰ سال اڳ نواز شريف جي حڪومتي دور ۾ ڪالاباغ ڊيم خلاف ان وقت جي اپوزيشن ليڊر شھيد محترمه بينظير ڀٽو جي پيپلز پارٽي سميت سنڌ جي قومپرست پارٽين، اديبن، دانشورن ۽ سڄاڻ ڌرين پاران سنڌ - پنجاب دنگ تي واقع ڪمون شھيد وٽ تاريخي ڌرڻو ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو ھو ۽ ساڳي ڏينھن تي اٽڪ پل وٽ اي اين پي جي سربراھ ولي خان جي اڳواڻي ۾ پڻ ڌرڻي ھڻڻ جو اعلان ڪيو ويو ھو. ۱۰ آگسٽ ۱۹۹۸ع تي شھيد محترمه بينظير ڀٽو، سائين امداد محمد شاھ، بشير خان قريشي ۽ سنڌ جي تقريبن سڀني پارٽين جي قيادت جي اڳواڻيءَ ۾ سنڌ-پنجاب دنگ تي ڪمون شھيد وٽ ڌرڻو هنيو ويو. ڌرڻي کان هڪ ڏينهن اڳ ئي سڀني پارٽين جي قيادت سکر ضلعي ۾ اچي پنهنجن پنهنجن پيارن وٽ مهمان ٿي هئي. سائين امداد محمد شاهه مون وٽ روهڙي ۾ ۱۹ تاريخ منجهند جو ئي پهچي ويو. شام جو سائين جي هڪ ويجهي دوست جيڪو ساڻس گڏ سنڌ اسيمبليءَ ۾ ايم پي اي رهيو هو، ان فون ڪري هجت ڪندي کيس پاڻ وٽ اچي رهڻ جو ضد ڪيو، پر سائين امداد محمد شاھ کيس چيو ته مان ڪنهن ٻئي وٽ اچي مهمان ٿيان ها ته پو ڀلي ناراض ٿيو ها، مان ته روهڙي ۾ پنهنجي گهر اچي رهيو آهيان. ڪجهه به ٿئي اتي ئي رهندس. (هي سٽون لکندي سائين امداد جي محبت جي ياد ۾ منهنجي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا آهن) سائين امداد محمد شاھ اهڙو ئي شاندار ماڻهو هو، جيڪو آرام ۽ آسائش وارا بنگلا ڇڏي پاڻ سان محبت ڪرڻ وارن وٽ اچي ترسندو هو. امداد محمد شاهه سن جي سيد حيدر شاهه سنائيءَ جي خاندان جو چشم چراغ آهي. هن سنڌ جي سائين جي ايم سيد جي گهر ۾ ۳۰ سيپٽمبر ۱۹۳۵ع تي سومر جي ڏينهن جنم ورتو. ابتدائي سنڌيءَ جا ٽي درجا سن جي پرائمري اسڪول مان پاس ڪيائين، جنهن کان پوءِ کيس ڪراچيءَ جي گرامر اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو، جتي ۱۹۴۸ع تائين پڙهندو رهيو. هندستان جي ورهاڱي سبب لڏي آيل مسلمانن کي ڪراچيءَ جي اسڪولن ۾ رهايو ويو ۽ اسڪول بند ڪيا ويا، ان ڪري پاڻ ڳوٺ موٽي آيو. جنهن کان پوءِ واپس ڪراچي ۾ کيس سينٽ پيٽرڪ اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو، جتان ۵۴- ۱۹۵۳ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين. پوءِ ڊي جي سائنس ڪاليج ۾ داخل ٿيو. سندس ارادو انٽر سائنس ڪري ميڊيڪل ڪاليج ۾ پڙهڻ جو هو، پر اها خواهش گهرو حالتن سبب پوري ٿي نه سگهي، ڇاڪاڻ ته سندس وڏو ڀاءُ امير حيدر شاهه اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ لنڊن هليو ويو ۽ سندس والد سائين جي ايم سيد کي ون يونٽ جي مخالفت سبب جيل ۾ قيد ڪيو ويو، ان ڪري کيس تعليم سان گڏ گهرو ذميواريون سنڀالڻيون پئجي ويون. بي ايس سي جو امتحان پاس ڪري ڳوٺ سن اچي زمينداري سنڀاليائين. بعد ۾ اسلاميه ڪاليج ڪراچيءَ ۾ داخلا وٺي ۱۹۶۵ع ۾ ايل ايل بي جي ڊگري حاصل ڪيائين. امداد محمد شاهه کي پنهنجي اباڻي زمينداري حصي مان زمين جو حصو تعلقي سڪرنڊ جي ڳوٺ مجيد ڪيريي ۾ مليو، ان ڪري اُتي رهڻ سبب سنڌ جي مشهور قومي ڪارڪن قاضي فيض محمد ايڊووڪيٽ سان گڏجي نوابشاهه ۾ وڪالت ڪيائين. امداد محمد شاهه تعليمي ميدان ۾ ڪافي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. هن ۱۹۵۶ع ۾ سن ۾ مڊل اسڪول کولرايو ۽ ٻهراڙيءَ جي شاگردن لاءِ مفت رهائش ۽ کاڌي پيتي جي انتظام لاءِ شاهه حيدر ايجيوڪيشنل سوسائٽي قائم ڪئي. (جيڪا اڄڪلهه وڌيڪ وڏي پئماني تي سندس ٻيون نمبر پٽ ڊاڪٽر ضياءَ شاهه هلائي رهيو آهي.)امداد محمد شاهه ۱۹۷۹ع ۾ ضلعي ڪائونسل نوابشاهه جي ميمبر چونڊجڻ بعد تعلقي سڪرنڊ جي ٻهراڙيءَ ۾ تعليم جي ترقيءَ لاءِ وڏيون ڪوششون ڪري تعلقي ۾ ڪيترا ئي پرائمري، مڊل ۽ هاءِ اسڪول قائم ڪرايائين. خاص ڪري ڇوڪرين جي تعليم لاءِ اسڪول کولرايائين. سڪرنڊ شهر ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ سائنس جا ڌار ڌار ڪاليج کولرايائين. قاضي احمد جي هاءِ اسڪول کي هائير سيڪنڊري اسڪول جو درجو ڏياريائين. سائين امداد محمد شاهه پنهنجي سياسي زندگيءَ جي شروعات شيخ مجيب الرحمان جي عوامي ليگ سان ڪئي ۽ ان عوامي ليگ جي هاري فرنٽ جو مرڪزي صدر به رهيو. بنگلاديش ٺهڻ بعد عوامي ليگ بنگلاديش ۾ رهجي وئي ۽ ان کان پوءِ سائين امداد شاهه ڪڏهن به ڪنهن سياسي پارٽيءَ جو ميمبر نه رهيو. سائينءَ، ايوب جي مارشل لا خلاف بهرو ورتو ۽ فاطمه جناح جي حق ۾ چونڊ مهم پڻ هلائي. سائين امداد محمد شاهه سنڌ جي مستقل رهواسين، سنڌين ۽ اردو ڳالهائيندڙن وچ ۾ هم آهنگي ۽ ويجهڙائپ جو وڏو قائل هو. امداد محمد شاهه ۱۹۸۵ع ۽ ۱۹۸۸ع ۾ ٻه ڀيرا سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ۽ اڪيلي مخالف ڌر جي ميمبر جي حيثيت ۾ سنڌ جي حقن لاءِ ڀرپور آواز اٿاريائين. هو ڪيترين ئي تعليمي سوسائٽين جو باني، چيئرمين ۽ ميمبر رهيو آهي، جهڙوڪ شاهه حيدر ايجيوڪيشنل سوسائٽي سن، محمد هاشم ٺٽوي ايڊجوڪيشنل سوسائٽي، سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچيءَ طرفان قائم ڪيل قائداعظم پبلڪ اسڪول درساڻو ڇني ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سينيٽ جو ميمبر وغيره. سائين امداد محمد شاهه نوابشاهه ضلعي تعلقي سڪرنڊ ۽ تعلقي ڪوٽڙيءَ ۾ ڪيترا ئي سماجي ڪم ڪيا. اسڪول، اسپتالون ٺهرايون. ڊرينيج سسٽم ۽ رستا ٺهرايا. اهو ئي سبب هو، جو هو جڏهن به پنهنجي سڪرنڊ واري تڪ مان چونڊن ۾ بيٺو ته سندس مقابلي ۾ ڪنهن به پارٽيءَ جو اميدوار کٽي نه سگهيو. امداد محمد شاهه ڪجهه وقت ”پونم“ جي پليٽفارم تان سنڌ ۽ ٻين ننڍن صوبن جي قومي حقن لاءِ جدوجهد ۾ به سرگرم رهيو. سائين امداد محمد شاهه جي وفات ۲۹ سيپٽمبر ۲۰۰۴ع تي ٿي. کيس ڳوٺ مجيد ڪيريي ۾ سندس ٻنيءَ ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. سندس نالي پويان هڪ فلاحي ادارو ”امداد فائونڊيشن“ ۲۰۰۷ع کان ڪم ڪري پيو. سيد امداد محمد شاھ غلام حسين جوڻو سنڌ هيرن جي کاڻ آهي. جنهن ۾ ڪيترائي هيرا جنم وٺندا رهيا آهن. اهڙن هيرن مان ته سيد امداد محمد شاهه به هڪ هو، جيڪو هڪ محبتي انسان هو. پيار ۽ پاٻوهه جي خصلتن جو مالڪ هو، کيس سنڌ جي عوام سان تمام گهڻي محبت هوندي هئي. سندس، پيار ۽ محبت هميشه سنڌي ماڻهن کي هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ جو درس ڏنو آهي، ان جي بدلي ۾، ماڻهو به، هن سان محبت ڪندا هئا. جنهن ڪري هر وقت هن وٽ عوام جا ميڙا ڏٺاسون. هن جون ڪچهريون قائم ۽ دائم رهيون. سائين امداد محمد شاهه، بلند اخلاق جو مالڪ هو. سندس شخصيت تي نظر وجهبي ته سندس ڪردار جي باري ۾ مڪمل ڄاڻ ملندي. انهيءَ ڪردار مان، معلوم ٿئي ٿو ته شاهه صاحب هڪ سماجي ڪارڪن جي حيثيت سان عوام الناس جي خدمت ڪندو رهيو. پاڻ ٻه دفعا سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر پڻ ٿيو. ان دوران سڄي سنڌ ۾ خوب ترقياتي ڪم ڪرايائين. خاص ڪري پنهنجي تڪ، تعلقي سڪرنڊ ۾ عوام جي ڀلائي لاءِ جيڪي ڪم ڪرايائين، سي ڪنهن کان ڳجها ۽ لڪل ڪونه آهن. هر ڳوٺ ۾ اسڪول قائم ڪرايا ويا. سندس چوڻ هو ته نوجوانن کي تعليم جي زيور سان منور ڪري،انهن ۾شعور پيدا ڪيو وڃي ته جيئن هو پنهنجي ۽ پرائي دوست ۽ دشمن جي پرک ڪري سگهن. تنهن کانسواءِ هر ڳوٺ تائين روڊ جي سهولت پڻ ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي هئائين. هن وقت هر ننڍي توڙي وڏي ڳوٺ ۾ روڊن جي سهولت موجود آهي. ان کانسواءِ عوام کي علاج جي سهولت ڏيارڻ لاءِ اسپتالون اڄ به موجود آهن. جتي مفت ۾ دوائون ملي رهيون آهن ۽ علاج ٿي رهيو آهي. هاڻ غريب ماڻهو وڏين اسپتالن جي وڃڻ بدران مذڪوره اسپتالن جو رخ ڪن ٿا. اتي هو آساني سان پهچي ويندا آهن. ياد رهي ته اسپتالون به بنيادي سهولتن ۾ شمار ٿين ٿيون. شاهه صاحب، گهر گهر کي بجلي فراهم ڪرڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي. نتيجي ۾ تڪ جي اڪثر ڳوٺن ۾ بجلي جا بلب ٻرڻ لڳا ۽ روشني ڏسڻ ۾ آئي. بجلي جي ڪري رنگيني ۽ رونق پڻ پيدا ٿي ويئي. جڏهن ته ڪو هڪ اڌ ڳوٺ بجلي جي سهولت کان رهجي ويو ته اها هڪ ٻي ڳالهه آهي. ان لاءِ به سائين ڪوشش ضرور ڪئي هوندي. ڪيترن ئي نوجوانن کي سرڪاري نوڪريون وٺي ڏنائين، جنهن ڪري سوين ماڻهو روزگار سان لڳي ويا. غربت ۽ بدحاليءَ جي زندگيءَ مان نڪري خوشحالي واري زندگي گذارڻ لڳا. اهو ئي سبب آهي جو اهي سائين امداد محمد شاهه کي اڄ به دعائن ۾ ياد ڪندا رهن ٿا. سيد امداد محمد شاهه امن پسند ۽ صلح پسند شخص هو. جڏهن به ڪا ڌر فيصلي لاءِ هلي آئي، انهن جو فيصلو ڪري کين ٺاهي ڇڏيندو هو ۽ ٻئي ڌريون کير کنڊ ٿي وينديون هيون. پاڻ ۾ ڀائرن وانگر رهڻ لڳنديون هيون. فيصلا بي رياءَ ڪرڻ ڪري، سنڌ ۾ ڏاڍي مشهوري ماڻيائين. “مکڻ مان وار ڪڍڻ ” وانگر، جهيڙي ۽ فساد جو نبيرو ڪرڻ، سندس اصولن ۾ شامل هو. سندس خيال هو ته سنڌ ۾ رهندڙ ماڻهن کي وڙهندي ڏسڻ نه ٿو گهران. پر کين هڪ پليٽ فارم تي متحد، متفق ڏسڻ سان خوشي ٿئي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو کيس قومپرست سياستدانن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. جڏهن ايم آر ڊي جي تحريڪ هلي رهي هئي. سنڌ سڄي باهه جيان ٻرندي نظر آئي پئي. ان وقت ڳوٺ پنهل خان چانڊيو لڳ سڪرنڊ ۾ ايم آر ڊي جو واقعو ٿيو هو. ڪجهه ڳوٺاڻا فوجين جي گولين جو کاڄ ٿي شهيد ٿي ويا. ڪو به ماڻهو، انهن جا لاش وصول ڪرڻ لاءِ تيار ڪونه ٿي نظر آيو. اهڙي حالت ۾ هن بهادر ۽ عظيم انسان پنهنجي سر جو سانگو لاهي، اهي لاش وصول ڪيا ۽ ڪفن ۽ دفن جو سمورين رسمن تائين انهن جي پونئيرن سان گڏ ۽ سندن ڏک ۾ برابر جو شريڪ ٿيو ۽ انهن سان همدردي ۽ عذرخواهي به ڪيائين. سندس هن ڪارنامي کي هميشه ياد رکيو ويندو. سيد امداد محمد شاهه رهزن، قاتل، لچ ۽ لوفر جو سخت مخالف هوندو هو. ڪڏهن به انهن سان نرمي اختيار ڪونه ڪيائين. هميشه انهن تي سختي ڪندو رهيو ته جيئن هو پنهنجي ڏوهن کان باز اچي سگهن. تاريخي ماڳن ۽ مڪانن جي حفاظت ڪرڻ لاءِ ڪوشان رهيو. اهو ئي سبب آهي جو، سنڌ جو مشهور نالي وارو شاعر ”حمل فقير لغاري“ جي مزار تي ميلو لڳرايائين ۽ تر جي سڀني ماڻهن کي هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر ڪونه ڇڏيائين. هن ميلي ۾ سڄي سنڌ جا ماڻهو شرڪت ڪرڻ لاءِ ايندا رهيا. جن جي رهائش ۽ کاڌو خوراڪ جو به مناسب بندوبست ڪندو رهيو. سندس وفات کانپوءِ اهو سلسلو ختم ٿي ويو آهي. اهو نه رڳو حمل فقير لغاري جي مزار تي ميلو لڳايو ويندو هو. پر سندس ڪوشش سان سنڌ جي تاريخي ۽ نامور شخصيتن جي مزار جي ڳولا ڪري انهن جي قبرن کي پڻ پڪو ڪرايائين ته جيئن اهي مسمار نه ٿي سگهن. اهڙي طرح اهڙو تاريخي ورثو هميشه محفوظ ڪيو ويو. سائين، اهڙي تاريخي ورثي کي پنهنجو سرمايو، ملڪيت ۽ دولت سمجهندو هو. انهيءَ ورثي بابت وڏي ڄاڻ به هيس. هونئن به پاڻ، علم دوست شخصيت هو. وسيع مطالعو ڪيو هئائين. جنهن ڪري تاريخي ڄاڻ جي ميدان ۾ وڏي مهارت رکندڙ هو. سندس چوڻ هو ته تاريخي ورثي جي حفاظت ۽ سنڀال ڪرڻ اسان جي فرضن ۾ شامل آهي. جنهن ڪري هر ماڻهو کي اهو فرض نڀائڻ گهرجي. ياد رهي ته پاڻ هڪ زميندا هو، جنهن ڪري زراعت جي شعبي ۾ وڏي ڄاڻ هيس، ٻجن، پاڻي جي استعمال، پيدائش وغيره جي معاملن ۾ وڏي دسترس ۽ قابليت هوندي هيس. خود زرعي ماهر به هن کان مشورو وٺڻ لاءِ ايندا هئا. جن کي پنهنجن مفيد مشورن سان نوازيندو رهيو. اهي سڀ مشورا سندس تجربن ۽ مشاهدن تي مشتمل هئا. مطلب ته سيد امداد محمد شاهه هڪ گهڻ رخي شخصيت هو. عوام جي خدمت ڪرڻ، سندس ايماني جز هو، اوليت ۽ ترجيحي بنيادن تي اهڙي خدمت ڪندو رهيو. عوام جي فلاح ۽ بهبود لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو. اهو ئي سبب آهي جو کيس، سماجي ڪارڪن ڪري سڏجي ته ڪو وڌاءَ ڪونه ٿيندو. هيءَ عظيم شخصيت جيڪا بيشمار خوبين جي مالڪ هئي، سا ڌڻي تعاليٰ جي سڏ تي لبيڪ چئي، ۲۹ سيپٽمبر ۲۰۰۴ع تي وڃي هميشه لاءَ آرامي ٿي ۽ اسان کان وڇڙي وئي. سندس ڪل ڄمار اوڻهتر سال ٿي، سندس مزار ڳوٺ مجيد ڪيريو تعلقي سڪرنڊ ۾ آهي. جيڪا ايندڙ ويندڙ نگاهن جو مرڪز بڻيل آهي. سندس وڇوڙي جي ڪري هڪ وڏو خال پيدا ٿيو آهي. جيڪو ڀرجڻ ڏاڍو ڏکيو لڳي ٿو. اڄ اسان سندس ڪيل عوامي خدمتن کي ڀيٽا ڏيندي سلام پيش ڪريون ٿا ۽ دعاگو آهيون ته مولا پاڪ سندس مزار تي بيشمار رحمتون نازل فرمائي. اها به دعا آهي ته ڌڻي تعاليٰ سندس پونيئرن کي سندس نقش قدم تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي. آمين. جان جان هئي، جيئري، ورچي نه ويٺي، وڃي ڀونءِ پيٺي، ساريندي کي سڄڻين. (شاهه) (ڏيھاڙي پنھنجي اخبار، ۲۹ سيپٽمبر ۲۰۲۰ع ۾ ڇپيل) سنڌ جو امداد جيئن مون ڏٺو فدا حسين شيخ گهڻي وقت کان ذهن ۾ اهو خيال ستائيندو پي آيس ته سائين امداد محمد شاهه کي جيئن مون ڏٺو ايئن لکان پر پنهنجي آتم ڪٿا ۾ گهڻين مجبورين ڪري سمجهان ٿو ته دير لڳي ويندي ۽ متان حياتي وفا نه ڪري ۽ سنڌ جي هن عظيم ۽ امين سماجي ڏاهي، سڌارڪ، اشراف سياستدان ۽ فقير طبعيت انسان جي ذاتي زندگي اعليٰ آدرشن ۽ اصولن جي باري ۾، توڙي جو اهي عالم آشڪار آهن پر جيئن مون هن کي ڏٺو ۽ سندس بيباڪ رمزن کي سمجهيو اسان ٻه ٽي دوست، ڊاڪٽر منظور خشڪ، اسماعيل وساڻ ۽ راقم جيڪي کين پنهنجي اولاد کان وڌيڪ عزيز هئا. اهي هجتون، دل لڳيون سامان، راز نياز، قربابئتيون ڪچهريون ۽ مستيون متان ڪنهن ٻي دوست ۽ واسطيدار جي گڏ ڪرڻ کان گهڻيون هجن يا کيس خبر ئي نه هجي، انهي ڪري بهتر سمجهيم ته سائين امداد جي يارهين ورسي جي مناسبت سان اهي رڪارڊ ڪرائي ڇڏجن. ”پوربيا پوري ويا، آسڻ اڄ صبوح، کٿوري خوشبوءِ، آهي انهيءَ ڀيڻئين.“ منهنجي سائين امداد سان ملاقات جولاءِ ۱۹۷۶ع ۾ ٿي، جڏهن نواب شاهه ۾ راشننگ آفيسر مقرر ٿيس. ٿيو هيئن جو هڪ ڏينهن پنهنجي آفيس، لال بلڊنگ نواب شاهه ۾ ويٺو هوس ته هڪڙو ماڻهو سائين امداد جي راشن ڪارڊ ۾ ٻن ماڻهن، جيڪي شايد سندس پٽ هئا جو اضافو ڪرائڻ آيو. پڇيومانس ته؛ ”ب“ فارم کڻي آيو آهين؟“ چيائين؛ ”هائو؟“ پڇيومانس؛ ”راشن ڪارڊ تنهنجو آهي.“ جواب ۾ چيائين؛ ”سائين امداد شاهه جو آهي.“ منهنجي پڇڻ تي ته؛ اهو ڪير آهي؟ چيائين؛ ”سائين جي ايم سيد جو پٽ آهي.“ آئون پنهنجي ڪرسي تان اٿي بيهي رهيس. همراهه کي ڪرسيءَ تي ويهڻ جو اشارو ڪندي، پٽيوالي کي ڊوڙايم ته چانهه وٺي اچ. جيستائين پٽيوالو چانهه وٺي اچي، مون ڪارڊ ۾ ٻن جي بدران ڇهه ماڻهن جو اضافو ڪري ڪارڊ کيس ڏنو. اهو ماڻهو هو سندس ڊرائيور محمد خان، جڏهن هن ڏٺو ته ڇهه ماڻهن جو اضافو ٿي ويو ته، هن مون کي يڪدم ڪارڊ واپس ڏيندي چيو؛ ”سائين، اهي ڪٽيو جو سائين مون سان وڙهندو. ڇاڪاڻ ته هو بلڪل ايماندار آهي ۽ اهو برداشت نه ڪندو.“ چيومانس؛ ”تون سائين امداد وٽ ڇا ڪندو آهين؟“ چيائين؛ ”ڊرائيور آهيان.“ مون چيو؛ ”ٺيڪ آهي! تون ذاتي نوڪر آهين.“ مون ڊرائيور جي ٻارن جو اضافو ڪري ڪارڊ ۾ انگ ساڳيو رکي، درست ڪري ڪارڊ ڏنو، ۽ پڇيومانس ته؛ ”سائينءَ سان ملاقات ڏکي يا سولي؟“ چيائين؛ ”سولي.“ محمد خان هليو ويو. مون کي اچي اڻتڻ ٿي ته سائينءَ سان ملاقات ڪجي. پر ڪنهن چڱي دوست جي ڳولا ۾ هئس. پندرنهن، ويهن ڏينهن کانپوءِ احمد خان ٺٽيار نوري جي آڌار اچي نواب شاهه سهڙيو هو. گهڻو وقت سن ۾ يوسي جو سيڪريٽري ٿي رهيو هو. چيومانس سائين امداد سان ملڻو آهي. چيائين هلو ته هلون. اسان شام جي وقت ٽانگي تي چڙهي سائين جي نواب شاهه واري گهر روانو ٿياسون. اڃا اڌ پنڌ ۾ هئاسون ته هن رڙ ڪئي؛ سائين گاڏي ۾ سامهون پيو اچي، هٿ به کنيائين ته سائين واري گاڏي اڳتي هلي اسان جي لاءِ بيهي رهي. ٽانگي واري کي ٿورو بيهڻ جو چئي اسان وڃي سائين سان ملياسون، جيڪو اسان جي لاءِ اڳيئي گاڏي مان لٿو بيٺو هو. چيائين؛ ٽانگي مان هٿ ڪڍو ۽ مون سان گاڏي ۾ ويهو. سائين اچي مرحوم قاضي فيض محمد جي آفيس تي لٿو ۽ اسان کي به پاڻ سان اندر وٺي ويو. مون کي ڏندين آڱريون تڏهن اچي ويون جڏهن پاڻ هڪ اسٽول تي ويهي رهيو ۽ مون کي ڪرسي تي ويهڻ لاءِ چيائين. مون گهڻيون منٿون ڪيونمانس پر نه مڙيو. قاضي صاحب چانهه وغيره پياري ٿوري ڪچهري به ٿي. چيومانس؛ سائين آئون ڪڏهن گهر واري اوطاق تي ايندس ته وري ڪچهري لڳندي. چيائين بابا جڏهن وڻي تڏهن اچو، منهنجي آفيس اتان ويجهي هئي ۽ آئون موڪلائي هليو ويس. اتفاق هيئن ٿيو جو آئون ڪجهه ڏينهن ۾ نواب شاهه کان ٺٽي بدلي ٿي ويس ۽ ايئن وري رابطو نه ڪيم. تانجو مون کي سنڌ سرڪار جاتي ۾ (جيڪو منهنجو ڳوٺ آهي) غوث بخش بزنجي مرحوم جي ۸۴، ۸۵ع ۾ جلسي ڪرڻ جي سزا ۾ نوڪري مان معطل ڪيو، جو مقامي وڏيرن جيڪي سائين ڪوڙل شاهه جي پارٽيءَ جي هئا، جي اڳواڻن مون تي الزام هنيو ته مون حڪومت مخالف جلسو ڪرايو آهي. بهرحال بحالي جي گهڻي ڪوشش باوجود وزيراعليٰ سنڌ مون کي بحال ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيو ته اٺ ايم پي اي ۽ هڪ وزير ڪوڙل شاهه انهي ۾ پيش پيش هئا ۽ هنن جو مطالبو هو ته فدا حسين شيخ کي نوڪري مان کي خارج ڪيو وڃي. مان ٻيو آسرو نه ڏسي، شاهه محمد شاهه کي ساڻ ڪري وڃي سائين امداد وٽ لٿس. جنهن چيو ته ڪوشش ڪريون ٿا ۽ سڄو مهينو گوڏو ٻڌي ڪراچي مون سان ويهي رهيو جو غوث علي شاهه ٽائيم ئي نه پيو ڏئي. سائين امداد پاڻ پريشان هو ته شاهه ايترو بي محابو ته ڪڏهن ڪو نه ٿيو آهي. انهي سڄي مهيني ۾ ايم پي اي هاسٽل ۾ سائين سان گڏ رهڻ ڪري مون کي نوڪري جو ڏک وسري ويو جو سڄو ڏينهن دوستن جي آوت، جاوت ۽ ڊاڙ ٺڪاءَ ۽ سائين امداد جي خوش اخلاقي ۽ خوش مزاج طبيعت مونکي ويتر موهي وڌو. سائين جي ايم سيد چوندو هو ته؛ ”ابا اهو ڪهڙو شيخ معطل ٿيو آهي جو سائين امداد، نه سن ٿو اچي، نه نواب شاهه.“ مهيني جي آخري ڏينهن تي دلچسپ صورتحال اها ٿي جو سائين امداد چيو ته فدا وڏو ڪو نڀاڳو آهين جو غوث علي شاهه مون کي وقت نه ٿو ڏئي، انهي ڪري رات آئون تنهنجي کڙي ڏنڀيندس. مون سمجهيو سائين مذاق پيو ڪري، صبح منهنجي عادت هئي ٿورو دير سان اٿندو هوس پر سائين سويرو اٿندو هو جو ماڻهو ڪمن ڪارن لاءِ اچي ويندا هئا. اهڙو ڪو ماڻهو جيڪو سگريٽ پي رهيو هو، سو سائين انهيءَ کان سگريٽ وٺي اوچتو منهنجي کڙي تي رکيو. آئون ٽپ ڏئي اٿيس. مون چيو؛ سائين ڇا ٿا ڪريو؟ سائين چيو؛ اهو ئي جو ڪنهن نڀاڳي سان ڪبو آهي. سڀ ويٺل ماڻهو سائين ۽ مون سميت کل ۾ رڙهي وياسون ۽ تعجب جي حد نه رهي جو اڃا چانهه ئي پيتيسون ته وزيراعليٰ جو فون آيو ته رات اٺين بجي سائين جي چيف منسٽر سان ملاقات آهي پوءِ ته هيڪاري اسان سڀ کل ۾ ڇڙيون هڻڻ لڳاسون ۽ خير سان ٻئي ڏينهن آئون بحال ٿي ويس، پر جيڪو مون کي ساندھ مهينو سائين امداد سان گڏ گذارڻ جو مليو، اهو منهنجي زندگي تي وڏا اثر ڇڏي ويو. مونکي سندس شخصيت ساندھ چوڏهين جي چنڊ وانگر نکريل نظر آئي. جنهن مون کي سندس آدرشن جي مئي تي مهراڻ ۽ خوب ٽٻيون هڻڻ جو موقعو فراهم ڪيو. آئون جيڪڏهن ائين چوان ته غلط نه هوندس ته جيڪڏهن سائين جي ايم سيد سنڌ جو عاشق ته، اهو مانوارو سيد امداد شاهه هو، جنهن تي سنڌ عاشق هئي. سندس ايم پي اي هاسٽل جي ڪمري نمبر ۶ تي، سڄي سنڌ جي ماڻهن جا ڪم سانگي انبوهه هوندا هئا. جڏهن ته انهن ماڻهن جي تڪن مان چونڊجي آيل ميمبرن جا دروازا هر سائيل تي بند هئا. پر هن فقير طبيعت انسان ڪنهن ماڻهو کي ايئن به نه چيو ته باباس تون ٻئي تڪ جو يا ٻئي ضلعي جو آهين، پوءِ چاهي اهو ڪم ڪنهن نوڪري جو هجي يا بهبود ڀلائي يا ڪنهن ترقياتي رٿا جو، هر ماڻهوءَ سان بنا رنگ نسل جي گڏجي ويندو هو ۽ وري انهي ڪم جي پروگريس به وٺندو هو هڪ ڏينهن مون چيومانس ته سائين سخت بيمار آهيو ٻيو ته اهي ماڻهو اوهان جا ووٽر به ڪو نه آهن ۽ ڇتا پيپلا به آهن، ڇڏيون ته وڃي پنهنجي پنهنجي ايم پي اي جي درن تي ڌڪا جهلين، جو اوهان کي هلائي، هلائي بيحال ٿا ڪريو وجهن، پاڻ فرمايائون ته بابا تون سمجهين ٿو ته آئون صرف سڪرنڊ تعلقي جو ايم پي اي آهيان پر ايئن نه آهي، آئون سڄي سنڌ جو نمائندو آهيان ۽ مون کي سنڌ جو هر ماڻهو پنهنجو لڳندو آهي ۽ پنهنجن سنڌ جي ماڻهن کي خصيص وزيرن جيڪي پنهنجي پيٽ ڀرڻ کان واندا نه آهن، انهن جي اڳيان ذليل ٿيندي ڏسڻ نه ٿو چاهيان، مون کي انهي وقت اکين ۾ لڙڪ اچي ويا ۽ شاهه لطيف جو هيٺيون بيت به دل تي تري آيو. ”جيها جي تيها، مارو مون مڃيا، مون جيڏيون ملير ۾، چونڊين موڪ ميها، منهنجي آهه اها، ڪڏهن ڪيرائيندي ڪوٽ کي“. اهڙي پيار ۽ پاٻوهه وارا رويا ته هئس عام ۽ اڻواقف ماڻهن سان پر سنڌ اسيمبلي ۾ سندس ڪو به مٽ يا ثاني نه هو، سنڌ جي هر مسئلي تي جنهن بيباڪيءَ ۽ قابليت سان مسئلن جي اپٽار ۽ ان جي قبوليت ڪرائي انهي جو رڪارڊ ته سنڌ اسيمبلي ۾ محفوظ آهي نه صرف ايترو پر ضرورت پئي ته اسيمبلي ٻاهران عام قومي ڪارڪنن سان بک هڙتال تي ويهي رهندو هو، هڪ دفعي جڏهن محترمه بينظير ڀٽو وزيراعظم هئي ۽ آصف زرداري سندس مڙس گڏجي ڀينگ پئي ڪئي ۽ وزير صاحب به مال ميڙڻ ۾ پورا هئا ته اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي سائين امداد محمد ساهه هيٺون شعر پڙهيو ته عبدالله شاهه جيڪو ان وقت اسپيڪر هو، رڙ ڪري چيو ته هاڻ ٿو گاريون ڏئي. ”گرگ مير و سگ وزير و موش ديوان مي شود زاغ ضابط خر تنابي، ملڪ ويران مي شود“ سائين امداد، حافظ شيرازي جو شعر ته پڙهي ويو پر پوءِ اسپيڪر سندس مائيڪ بند ڪرائي ڇڏيو. هڪ دفعي سائين سنڌ جي ڪنهن مسئلي تي اسيمبلي فلور تان تقرير ڪري رهيو هو ته انهيءَ دوران، وزيراعليٰ سائين قائم علي شاهه ايوان ۾ داخل ٿيو، تڏهن سندس مڇون رکيل هيون، سائين امداد کي وارو لڳو ۽ شاهه صاحب ڏانهن ڏسندي تقرير ۾ چيائين ته جيڪڏهن ڪنهن مڇون رکيون ته حڪمراني ۾ ڪهڙو فرق پوندو. سائين چوندو هو ته هڪڙي خواهش اٿم ته اسيمبليءَ ۾ بابا (جي ايم سيد) جي سيٽ تي وڃي ويهان معنيٰ اپوزيشن ليڊر ٿيان ۽ ايئن ٿيو. اڳئين اليڪشن ۾ اپوزيشن جي سيٽ تي ويٺو ۽ هڪڙي ماڻهو سڄي اسيمبلي ۾ نه رڳو سنڌ جي شاندار نمائندگي ڪئي پر اسيمبلي کي اڱرين تي هلايو، ڪٺ موشن، پر يو وليج موشن، ريزوليشن، پر يو وليج ڪاميٽيون، بجيٽ تقريرون ۽ تجويزون آئوٽ ۽ سوال جواب واري وقفي تي به ڇانيل رهندو هو، مون کي ساڻس گڏ رهڻ جو الاهي فائدو ٿيو جو اهي سڀ شيون مون کي سمجهائيندو هو ۽ مون کان اڪثر لکرائيندو به هو، ايئن آئون به اسيمبلي جي قانون کان گهڻو واقف ٿي ويس، سندس بيوروڪريسي ۾ ايڏي عزت هئي جو کاتي جي وزيرن جي به نه هئي. ڇو جو سائين ذاتي ڪم ۽ خانچي بازي کان سوين ڪوهه ڏور هوندو هو، آفيسرن کي خبر هئي ته امداد شاهه ڪو به غلط ڪم نه چوندو، انهي ڪري هر آفيسر کيس تمام وڏي عزت سان پيش ايندا هئو. آئون جڏهن به ڪراچي ۾ هوندس هوس ته رهندو ئي وٽس هئس. چاهي اها حيدر منزل هجي يا ايم پي اي هاسٽل، مون ڌٺو ته اڪثر سيڪريٽري کيس لفٽ تائين ڇڏڻ ايندا هئا. اڪثر ڪم ڪار وارا سائين سان سيڪريٽري جي آفيسن ۾ گهڙي پوندا پر مون ايئن ڪڏهن نه ڪيو، هڪ دفعو فرمايائين گهڻا ڪامريڊ ٽوپي نرڙ تي رکي مون سان آفيسن ۾ گهڙي پوندا آهن پر تون منهنجي چوڻ تي به اندر نٿو هلين، انهي جو ڪهڙو سبب آهي؟ چيو مانس قبله آئون اچان ته اوهان لاءِ ٿو نه آفيسرن لاءِ ٻيو هر ڪم هو توهان جي ڪري ڪندا نڪو اوهان سان گڏ هلڻ وارن جي ڪري سو آئون ڇو هلان پوءِ خوش ٿي منهنجي پٺي ٺپريندو هو. هڪ دفعو مون کي پاڻ ٻڌائين ته غوث علي شاهه صاحب کيس هڪ ڀيري چيو ته امداد سڀ ايم پي اي پلاٽن جي پٺيان آتا آهن ۽ هنن جي قانون مطابق هڪ هڪ جي Entitlement به آهي پوءِ تون ڇو نه ٿو گهرين، وڌيڪ چيائين تون گهر نه گهر مون تنهنجي لاءِ هڪ سٺو پلاٽ رکيو آهي، سائين وراڻيو شاهه صاحب مهرباني، پلاٽ انهن کي ڏي جن کي خدا بک ڏني آهي، مون کي جيڪڏهن ڏيئي سگهين ته ماڻهن جا ڪم ۽ ترقياتي اسڪيمون ڏي باقي اهڙيون جي مون کي صلاحون ڏنئين ته پنهنجي برادري ختم ٿي ويندي. سائين امداد ٻڌايو ته غوث علي شاهه سمجهيو ته امداد ٿوري تي راضي ڪو نه ٿيندو، سو ڪجهه مهينن کانپوءِ واري ملاقات ۾ هڪ فليٽ سائيت جو نقشو اڳيان رکندي چيائين ته امداد هي مون تنهنجي لاءِ رکي آهي. غوث علي شاهه جو اهو چوڻ ۽ سائين امداد جو ٽپ ڏيئي اٿڻ، ڏوراپو ڏيندي چيائين مڙو ڪو نه ٿا، توهان منهنجي قيمت لڳايو ويٺا آهيو، توهان کي خبر آهي ته جڏهن مون سنڌ جو وزيراعليٰ ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ته فليٽ سائيٽ ڇا ڪندس. غوث علي شاهه صاحب شرمسار ٿي کانئس معافي ورتي ۽ وري ڪڏهن به اهڙي آفر نه ڪيائين، البت سائين امداد جي پبلڪ اسڪيمن تي خاطر خواهه ڌيان ڏيندو هو، اهڙي لالچ ۽ لوڀ کان پري رهڻ وارن کي شاهه لطيف هيئين سيگاريو آهي ”ٻجها ڪوه ٻجهن، ته سپن ۾ ڇا سچي، ڦريو ڦهيارن کي، ورثو وات وجهن، سنڌي ذات هنجن، مُنهن لايو موتي چڻي.“ هڪ دفعيسائين امداد جي ورسي جي موقعي تي ادريس راجپوت سيڪريٽري ايريگيشن، انڪشاف ڪيو ته سائين امداد راجپوت هڪ الڳ پاڻي جي نالي جي اسڪيم کڻي آيو ۽ پوءِ انهي کجي مسلسل پيو پوئواري ڪندو هو، انهي تي راجپوت صاحب کي شڪ پيو ته شايد امداد شاهه پنهنجي ٻني لاءِ اها نالي ٿو ڪڍرائي انهي ڪري سيڪريٽري صاحب خود سر زمين ڏسڻ ويو جيڪا ضلعي نواب شاهه ۾ هئي کيس وڃي حيرت ٿي ته انهي ناليءَ جي ڪمانڊ ۾ رڳو غريبن جون زمينون هيون ۽ امداد شاهه جو هڪ ايڪڙ به نه هو. اصولن جي پاسداري دور انديشي ۽ پنهنجي والد جي ناياب روايتن کي برقرار رکڻ جا ڪجهه اهم واقعا به ٻڌندا هلو. محمد خان جوڻيجي جي وزارت اعظميٰ دوران وزيراعظم صاحب سائين امداد کي سنڌ جو وزيراعليٰ ٿيڻ جي پيشڪش ڪئي. پهريائين ته نياپن ۽ اڻ سڏي طريقي سان پر پوءِ ذاتي رابطو به ڪيائين ته مهرباني ڪري سنڌ جي وزيراعليٰ جو عهدو قبول ڪريو، پر سائين جي ناڪاري جواب تي انهي وقت جي گورنر جهانداد خان کي اهو ٽاسڪ حوالي ڪيو ويو. ته ڪنهن به قيمت تي امداد شاهه کي وزارت اعليٰ لاءِ راصي ڪيو وڃي. هڪ ڏينهن آئون ڳوٺان اچي هڪ بجي ڌاري حيدر منزل تي پهتس، ڏٺم ته سائين معمول جي خلاف تيار ٿي نڪرڻ وارو هو. آئين چڱو ٿيو جي آئين، توسان هڪ صلاح ڪرڻي اٿم، ڳالهه ڪري ٻڌايائين ۽ پوءِ چيائين ته تنهنجي ڪهڙي صلاح آهي، جو آئون وڃان ٿو، گورنر صاحب منهنجي انتطار ۾ آهي، چيومانس ته سائين هڪ ته اوهان جو والد محترم نظر بند آهي ۽ ٻيو ته اوهان جي سنڌ جي باري ۾ هڪ الڳ سوچ آهي ۽ ڇا توهان کي پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ اهو ڪرڻ ڏيندي ۽ جيڪڏهن اوهان کي عهدو ڏئي مهيني ٻن ۾ محمد خان جوڻيجي سميت اوهان کي گهر روانو ڪري ڇڏين ته پوءِ اوهان جي فيملي سياست خصوصن سائين جي ايم سيد جي سياست جو ڇا ٿيندو. پاڻ چيائين ته آئون اڳئي اهو سوچيو ويٺو هوس پر تنهنجو امتحان پئي ورتم، ايئن چئي پاڻ گورنر صاحب ڏانهن هليو ويو۔ ڪلاڪ ٻن کان پوءِ واپس موٽي آيو آئون حيدر منزل تي موجود ئي هيس اچي حال احوال ڪيائين چيائين وڏي صاحب کان جند ڇڏائي آيس، شاهه لطيف ڇا خوب چيو آهي ته ”قوت نه قرار يا ڪاپڙي موهيا ڪنهن نه مال، جي ڇورين ڏنا ڇال ته به لاهوتي لنگهي ويا“. وڌيڪ گورنر صاحب چيو ته انهي فيصلي کيس وڏي حيرت ۾ وڌو آهي ۽ اهو به چيائين ته ڀلا جي اوهان نٿا ٿيو ته ڪنهن چڱي ماڻهو جو نالو ڏيو، جنهن کي وزيراعليٰ ڪيون، سائين چيس ته منهنجي نظر ۾ اوهان جي سيٽ اپ ۾ مون کي غوث علي شاهه صاحب کان ڪو بهتر ماڻهو نه ٿو لڳي، هو هاءِ ڪورٽ جو جج به رهيو آهي ۽ تعليم کاتي جو وزير به آهي، پوءِ ٿيو به ايئن غوث علي شاهه کي وزيراعليٰ مقرر ڪري کيس ڪنهن کان سيٽ خالي ڪرائي چونڊرايو ويو. سينيٽ جي اليڪشن هجي پير پاڳاري صاحب پاران بوستان علي هوتي صاحب نامزد هو، سائين امداد ۽ آئون اسيمبلي مان شام جو حيدر منزل پهتاسون، خبر پئي ته هوتي صاحب آيو هو ۽ پير سائين جو فون به آيو هو. مون کي سائين چيو ته ڀڄ ته ڀڄون جو پير صاحب جو فون يا هوتي اچي ويو ۽ پير صاحب سان رابطو ڪرائي ڇڏيائين ته هو اسان جو وڏو آهي، جواب ڪو نه ڏئي سگهبو، جو ٻئي ڏينهن تي سينيٽ جي اليڪشن هئي. سو نوڪرن کي سمجهائي ڇڏيو ۽ اسان وڃي پراڻي ايئرپورٽ واري هوٽل۾ ويهي رهياسون. جو سائين جو چوڻ هو ته کيس ووٽ چاچي عبدالحميد جتوئي جي پٽ اعجاز کي ڏيڻو آهي. سڄي رات ايئرپورٽ تي ويٺا رهياسون، ڪنهن کي خبر ڪو نه هئي ته اسان ڪٿي آهيون، ان وقت اڃا موبائل فون ڪو نه هيون، صبح جو سوير تيار ٿي سائين وڃي اعجاز جتوئي کي ووٽ ڪيو، نوڪرن ٻڌايو ته آخري دفعو هوتي صاحب رات جو هڪ بجي به آيو هو، ايئن سائين پنهنجي ضمير، والد جي دوست ۽ قوم پرست اڳواڻ عبدالحميد جتوئي کي اتم رکيو. ضلعي ۾ جتوئي صاحبن جي اثر گهٽائڻ خاطر پاڻ ڪوشش ڪري ضلعو نوشهروفيروز ٺهريائين ۽ نه صرف ايترو پر نوشهروفيروز ۾ سندن اثر محدود ڪرڻ خاطر غوث علي شاھ کي چئي مراد شاھ ڀريا واري کي وزير ڪرايائين. جيڪو جتوئي صاحب جو خاص ماڻهو هو ۽ سياست به انهن جي پٺيان ڪندو هو پر وزير ٿيڻ کانپوءِ شاھ صاحب جتوئي صاحبن کي ڳچيءَ ۾ پئجي ويو ۽ انهيءَ حڪمت عمليءَ تحت نوشهري ۾ شاھ صاحب وڌيڪ بااثر ٿي ويا. اهو ئي سبب هو جو سيد امداد شاھ تي قاضي احمد، نوابشاھ روڊ تي حملو ڪرايو ويو. پر خير سان سائين بچي ويو. کيس خبر پئي ته حاجي غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي جيڪو سائين جي ايم سيد جو پڳ مٽ يار هو جي قبر سندس پونيئرن جي بي ڌياني ڪري زبون حالت ۾ آهي ته پاڻ نوابشاھ مان اسهي پورو هفتو ميرپور خاص ۽ جيمس آباد ۾ رهي سندس قبر ٻڌرائي پوءِ موٽيو. اهڙي طرح ٺوڙهي شهيدن جو يادگار به پنهنجهي نگراني ۾ ٺهرايائين. جي ٻهراڙين جي لاءِ آفندي پبلڪ اسڪول به سائين امداد جي ڪوشش سان وجود ۾ آيو جو وزيراعليٰ کان اسڪول جي لاءِ پنج سو ايڪڙ زمين الاٽ ڪرايائين. نوابشاھ ڀرسان نه رڳو صوفي شاعر حمل فقير جي مزار ٺهريائين پر سنڌ جي هن وڏي شاعر جو زبردست ساليانو ميلو پڻ لڳرايائين ۽ جيڪو اڃا جاري آهي سنڌ مدرسو بورڊ، سنڌ اسيمبلي، سيد ايسوسيئيشن، نوابشاھ ضلعي جون مختلف ڪميٽيون ۽ پاڪستان سياسي Alliance پونم ۾ به ڏاڍو فعال ڪردار ادا ڪيا آهن. ۾ سندس بصيرت ۽ تعميري تنقيد ۽ صلاح مشهورن تي هڪ دفعو عبدالرحيم مندو خيل چيو ته شاھ صاحب اها اسان قوم پرستن جي بدنصيبي آهي جو اوهان جهڙي نبض شناس ۽ زيرڪ سياستدان سان اسان جي ملاقات تمام دير سان ٿي آهي، جڏهن اوهانجي صحت گهڻي متاثر ٿي چڪي آهي. ٻيو ته ڇڏيو رسول بخش پليجي جهڙو ماڻهو جيڪو سواءِ پنهنجي تعريف جي ٻي ڪنهن تي اک به نه ڇنڊي اهو به امداد محمد شاھ جي حڪمت عملي ۽ سياست جي ساراھ جا ڍڪ پيو ڀريندو آهي. ٻه ڀيرا سنڌ اسيمبلي جو ميمبر رهيو. هڪ دفعو نان پارٽي ۱۹۸۵ واري اليڪشن ۾ ٻيو ڀيرو ۱۹۹۳ع ۾ سيد بشير شاھ احمد جي ڪوششن سان پ پ سيد امداد محمد شاھ جي خلاف اميدوارن نه بيهاريو، انهنَ ٻنهي دورن ۾ سائين امداد سنڌ جي عام طرح ۽ پنهنجي تڪ جي خاص ڪري جيڪا خدمت ڪئي اها اڄ به ضرب مثل آهي. روڊ رستا، اسڪول، اسپتالون، هنري سکيا گهر ۽ بجلي وغيره سندس اهم ترجيحات ۾ هيون، انهيءَ لاءِ پنهنجون ذاتي زمينون ڏيڻ کان به نه ڪيٻائيندو هو، مجيد ڪيريو جنهن ۾ سندس زمينون آهن اتي لڳ ڀڳ ۳۰ يا ۴۰ ايڪڙ زمين فوڊ کاتي کي مفت ڏيئي گدام ٺهريائين جيئن اتي پنجاھ سئو ماڻهو پنهنجو روزگار ڪري سگهن، هاءِ اسڪول ٺهرايائين ڇو ته پاڻ ٻارن جي پڙهائي ۾ وڏي دلچسپي وٺندو هو ۽ تقريبن هر هفتي ٻارن جي حاضري ۽ استادن جي حاضري جو پڇاڻو ڪندو هو. عام ماڻهن سان رويو بنا ڪنهن اوچ نيچ جي هوندو هوس، سخت بيماري جي حالت ۾ به هر ماڻهو سان ڪوشش ڪري اٿي بيهي ملندو هو ۽ ماڻهو جي سڃاڻپ جي بي پناھ صلاحيت رکندو هو. حيرت ته اها ٿيندي هئي جو ايندڙ ماڻهو ڏسي اهو ٻڌائي وٺندو هو ته هو ڪهڙي ڪم سان پيو اچي. هڪ دفعي آئون وٽس مجيد ڪيري ۾ ويٺو هوس ته هڪ ماڻهو پري کان ڏسي چيائين ته اهو همراھ ڦلاڻي ڪم لاءِ پيو اچي هو همراھ ڪافي دير ڪچهري ڪرڻ کانپوءِ موڪلائي وڃڻ لڳو ته مون سائين امداد جي منهن ۾ معنيٰ خيز نظر سان ڏٺو پاڻ به کلي ڏنائين ۽ چيائين اهو اڳيان وڃي وري موٽندو ۽ ڪم چوندو ٿيو به ائين، مون چيومانس سائين ولي آهيو يا جوتشي بابا. اهو به ٻڌائيندو هلان ته سنڌ ۾ بيباڪ ۽ بيرياءُ فيصلن ڪرڻ ۾ ٻن ماڻهن وڏي مشهوري ماڻي ۽ تمام پيچيده فيصلا وٽن اينداهئا، انهن ۾ نمبر پهريون عبدالحميد خان جتوئي هو ۽ ٻئي نمبر تي سائين امداد محمد شاھ هو. سادگي جي ته انتهائي هئي. بلڪل، سادو درويش صفت ماڻهو هو ڪڏهن ڪڏهن چوندو هو ته دل چوي ٿي ته گيڙو ڪپڙا ڪري ٻڌ جو بڪشو ٿي گهران نڪري وڃان، منجهنس ڪو به ٺٺ ٺانگر نه هو اڪثر شادين ۾ مون کيس ڏٺو ته پويان پيل ڪرسين تي عام ماڻهن سان گڏ ويهي رهندو هو، جڏهن ته ٻين ٺڙڪو وڏيرن جو ڪنڌ اڳين پيل صوفن ڏانهن هوندو هو. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪاڄ ڌڻي ڊوڙندا ايندا ۽ کيس منٿون ڪري اڳيان وڃي ويهاريندا هئا. دفعي جي ڳالهه آهي جو سندس ڊرائيور چيس ته سڀني ايم پي ايز پنهنجي گاڏين تي ايم پي اي جو مونو گرام لڳايو آهي نتيجن انهن جي چيڪنگ وغيره ڪو نه ٿي ٿئي ۽ پاڻ کي جتي ڪٿي پوليس ۽ رينجرز وارا تنگ ڪن ٿا. انهيءَ ڪري اجازت ڏيو ته آئون اهو مونو گرام لڳايان. سائين چيس ڇو پاڻ کيپون ٿا پاس ڪريون جو چيڪنگ مان جند ڇڏايون. منهنجي گاڏي تي مونو گرام نه لڳاءِ. آئون ڪڏهن ڪڏهن ساڻس گڏ سفر ڪندو هوس. جتي پوليس يا رينجرس روڪيندي هئي ته پاڻ بنا چوڻ جي گاڏي مان لهي بيهندو هو ۽ انهن کي اشارو ڪندو ته چيڪ ڪري وٺو ۽ تعارف پڇڻ تي ايم پي اي وغيره ڪو نه ٻڌائيندو هو بلڪه فقط چوندو ”امداد“ مونکي ڏاڍي حيرت ٿيندي هئي آئون چوندو هوس ته سائين تعارف ڪرائڻ ۾ به ڪنجوسي ٿا ڪريو ته چوندو هو ته سڄو تعارف ڪرايان ته هو باادب ٿي ملن، انهي جي مون کي ضرورت ڪونهي. جو اهو عالم هو جو ممتاز علي خان ڀٽو جڏهن اقتدار کان آئوٽ هو ۽ نوابشاھ وارد ٿيو ته ڪنهن سندس ماني نه جلهي پر امداد شاھ توڙي جو سياسي طرح ممتاز خان سان گڏ نه هو پر سندس مان ۾ شاندار دعوت ڪئي پوءِ خير سان ممتاز علي خان نگران وزيراعليٰ ٿيو ۽ نوابشاھ آيو ته سائين امداد جيڪو ان وقت سخت بيمار هو. ان جي عيادت لاءِ به نه لڙيو. ائين جڏهن آصف زرداري عتاب هيٺ هو ۽ جيل ۾ هو ته ڪمن ڪارن لاءِ سائين امداد ڏانهن چٺيون لکندو هو ۽ چاچا لکي خط ۾ مخاطب ٿيندو هو پر جڏهن زرداري صاحب پاور ۾ آيو ته سائين امداد گذاري چڪو هو پر زرداري صاحب عذر خواهي لاءِ به نه لڙيو. نه فقط ايترو پر سائين امداد جي نوابشاھ واري گهر ۽ پلاٽ تي به قبضي جي ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين، جي زرداري صاحب لاءِ سيڪيورٽي مسئلو آهي، جو المرتضيٰ هائوس، زرداري هائوس جي پاسي ۾ آهي. پر سائين امداد جي لائق پٽ زين شاھ ڦڏي جي تياري ڪئي ته وري زرداريءَ ڏوڪڙن تي وٺڻ جي ڪوشش پر سائين زين اهو نه مڃيو. آر ڊي واري تحريڪ ۾ جڏهن قاضي احمد ويجهو ڳوٺ پنهل چانڊيو وٽ فوج ڪارروائي ڪندي ٻارنهن چوڏانهن ماڻهو ماري وڌا ته خوف هراس کان ماڻهو ڳوٺ ڇڏي ويا پر اهو سائين امداد محمد شاھ هو جنهن ڊاڪٽر منظور کي اسپتال روانو ڪري لسٽ ورتي ته ڪهڙا مري ويا۽ ڪهڙا زخمي آهن ۽ پوءِ جنازن دفن ڪفن جو انتظام ڪيو ۽ جنازي نماز پڙهي. جنهن ۾ هڪ به پيپلو يا جيالو شريڪ نه ٿيو صرف سائين امداد ۽ سندس ساٿي ڊاڪٽر منظور خشڪ، اسماعيل وساڻ ۽ انور شيخ وغيره شامل ٿيا. ابڙو وڏ وڙو، سوڙو سمون سونهن سڀن تنهن در سڀ اچن، ته ڪڌ نه ڪڍي ڪڇ ڌڻي تڪ وارن کي ڇا ته ڏنائي، هاءِ اسڪول، مڊل اسڪول روڊ، بجلي، واٽر سپلاءِ اسڪيمون ۽ ڊرينيج سسٽم. انهن شين جي ڏيڻ جو انداز مون پوري سنڌ ۾ ڪٿي ڪو نه ڏٺو. مون سڄي سنڌ ۾ نوڪري ڪئي آهي جتي عام طرح وڏيرا، ٺيڪيدار سان ساز باز ڪري يا ته پئسا هڙپ ڪري ويندا آهن ۽ ناقص ڪم ڪرائيندا آهن يا وري ڪو چڱو وڏيرو يا ايم پي اي، ايم اين اي هوندو آهي ته صرف پنهنجن ووٽرن کي اسڪيمون ۽ نوڪريون ڏيندو آهي هاڻ ته، هر شئي نيلامي تي آهي حد ته اها آهي ته ڪڻڪ جي سيزن ۾ فوڊ ڊپارٽمينٽ کان بارداڻو وٺي کپائي ڇڏيندا آهن. پر ٿوري ڄاڻ سائين امداد جي تر جي به وٺو. هر ڪم ميرٽ تي هڪ وڃي آئون ويٺو هوس ته هڪ ڳوٺ جو چڱو مڙس آيو ۽ چيائين اسان سدائين توهان کي ووٽ ڏنا آهن پر توهان اسڪيمون۽ اسڪول توهان جي ۽ اسانجي مخالفن کي ڏنو آهي اهو صحيح نه آهي. سائين چيس ته بابا تنهنجي ڳوٺ ۾ گهر گهڻا آهن ۽ گهڻيون نياڻيون پڙهڻ لائق آهن. وڏيري چيو ته سائين پندرنهن ويهه گهر آهن ۽ اٺ، ڏھ ڇوڪريون پڙهڻ جيڏيون آهن، سائين پڇيس ته پنهنجي مخالفن جي ڳوٺ جي وسندي گهڻي آهي چيائين ته ان ۾ چاليهه پنجاھ گهر آهن ۽ ٽيهارو کن ڇوڪريون پڙهڻ جيتريون هونديون پر آهن ته پنهنجا مخالف، سائين چيس ته بابا ڏاهو ٿي آئون ايڏي وڏي ڳوٺ کي ڇڏي، انهن کي سهولت کان رڳو انهيءَ ڪري محروم ڪريان جوهي مون کي ووٽ نٿا ڏين ۽ تون ئي ٻڌاءِ ته هو پنجن سالن لاءِ ٻيو نمائندو ڪٿان آڻين، انهيءَ ڪري چونڊجي وڃڻ کانپوءِ آئون مخالف چاهي مواقف جو نمائندو آهيان آئون حيران رهجي ويس سوچيم ته منهنجي ڳوٺ جا وڏيرا ته گٽر جي نالي به پنهنجي مخالف پاڙي کي ڪو نه ڏين ۽ سچي پچي سوچيندو هوس ته ڪاش سائين امداد سان، سائين جي ايم سيد جي سياست جي ريڊ لائين نه هجي ها ته هو پنهنجو بلاخوف، بيريا ۽ مدبرانه صلاحيتون استعمال ڪري سنڌ کي گل ۽ گلزار ڪري ڇڏي ها. چاچي حاڪم علي زرداري سان به ڪچهريون تي ويندو هوس ۽ هو سنڌ جي هر سيد جو نالو وٺي گُٿا لفظ ڳالهائيندو هو. سواءِ سائين امداد محمد شاھ جي، بلڪه سندس تعريف ڪرڻ کانسواءِ رهي نه سگهندو هو. هڪ دفعي آئون قاسم مير جت سان گڏ سندس ڪلفٽن واري بنگلي تي ملڻ ويس ته ڪچهري ڪندي اچي سنڌ جي سيد تي شروع ٿيو سائين امداد جي ته تعريف ڪيائين پر سائين جي ايم سيد جي نالي سخت گُٿا لفظ ڳالهايائين. مونکان، اهو سٺو نه ٿيو، جهڙو گٿو لفظ سائين وڏي کي ڳالهايائين اهڙو ئي مون کيس اتي جو اتي جارحانه انداز ۾ چيو ۽ آئون ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ۽ پيلو ٿيس ويس. چاچي حاڪم علي، قاسم ميرجت کي چيو ته ابا نوجوان کي روڪ هي ته مورڳو مونسان وڙهي ٿو. انهي ڏينهن کانپوءِ آئون وري ڪڏهن حاڪم عليءَ وٽ نه ويس. ٻي ڳالهه ٻڌائيندو هلان ته سائين امداد ۽ سائين جي ايم سيد جي طبيعتن ۾ هڪ وڏو تضاد هو. سائين وڏو Optimist هو ۽ سائين امداد ان جي برعڪس pessimist هو. مطلب ته سائين وڏو ٻين ماڻهن يا شاگرد تنظيمن ۾ اميدون وڌيڪ رکندو هو، انهي ڪري سندس سياست مان پڇاڻو نڪتل هو. جڏهن ته سائين امداد Practical ماڻهو ۽ هر ڪم جي خامين تي وڌيڪ ڌيان ڏيندو هو ۽ منهنجي ٿوري گهڻي مطالعي مطابق دنيا جا گهڻا انقلابي pessimist هئا يا practical هئا. جنهن ڪري پنهنجي مقصدن ۾ ڪامياب رهيا اهو ئي سبب هو جو سائين امداد، چئي سنڌ واري سياست کان پاسيرو رهيو ۽ سائين وڏي وٽ پڇاڻي جي عمل سست هجڻ ڪري ”جيئي سنڌ“ ڊزن کان مٿي ڌڙن ۾ ورهائجي ويئي بلڪ منهنجو ايماندار خيال ته اهو آهي ته ڌڙن جي گهڻائي سائين وڏي کي پنهنجو Cover ٺاهي پنهنجي پنهنجي ايجنڊا تي ڪم ڪرڻ لڳل هئي. نتيجو اهو ٿيو ته اڄ اهي تنظيمون نه رڳو حڪمت عملي کان خالي آهن پر سندن اڪثر ليڊرن کي دنيا جي سياست جي به ڪا خبر چار ناهي ۽ نه ئي اهي ڪنهن Talk Shows ۾ ڳالهائڻ جي صلاحيت رکن ٿا. سائين وڏو گذاري ويو ته آئون ڪجهه وڏن قومپرست ليڊرن سان سن ۾ رهيل هوس. سائين وڏي جو وڇوڙو انهن کان برداشت نه ٿيو سو غم کي غلطان ڪرڻ لاءِ پهرين رات سن جو ٺرو گهرايائون، آئون ڪجهه ڪڇي نه سگهيس. صبح انهن مان ٻن وڏن ليڊرن، جن کي پنهنجون پارٽيون هيون. مونکي چيو ته اوهان سان سائين امداد تمام گهڻون ٿو ٺهي ۽ سائين وڏي جي گذارڻ کانپوءِ اهي ڌڙا هڪٻئي جي سامهون اچي ويندا، انهي ڪري سائين امداد کي چئو ته هو پاڻ اڳواڻي ڪري. مون به وجهه وٺي ۽ سائين جو موڊ ڏسي پنهنجي پاران سائين امداد وٽ اها تجويز رکي. پهرين ته هو منهنجي منهن ۾ سواليه انداز ۾ تڪيندو رهيو پوءِ پڇيائين توکي اهو ڪنهن چيو آهي. مون ڪوڙ ڳالهايو ته اها منهنجي پنهنجي سوچ آهي، انهي تي مونکي چيائين انهن ليڊرن صاحبن کي وڌيڪ آئون سڃاڻان يا تون! آئون خاموش ٿي ويس ۽ ليڊر صاحبن کي ڪو به جواب ڏيڻ کان ڪنٽار ڪري ويس. سال ۱۹۹۵ع جي ڳالهه آهي ته سائين امداد گهڻو بيمار هو مونکي ۽ ڊاڪٽر منظور کي چيائين ته مون سان گڏ لنڊن هلو، جتي سندس چيڪ اپ رٿيل هو. پر گڏوگڏ ورلڊ سنڌي ڪانگرس جو ساليانو ميڙاڪو به هو. آئون ۽ سائين بشير احمد شاھ ساڻس گڏ وياسون ۽ سندس تيمارداري ڪئي، اسان جڏهن لنڊن پهتاسون. ته اها به خبر پئي ته ولي خان صاحب به دل جو آپريشن ڪرايو آهي. سائين چيو ته چيڪ اپ واري تاريخ ۾ اڃا ٻه ٽي ڏينهن آهن هلو ته ولي خان صاحب کان طبيعت پڇي اچون، سو برهمنگم وياسون، اتان ساڳئي ڏينهن موٽي آياسون، ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي سالياني ميڙاڪي جي ڪري اُتي جيئي سنڌ جا وڏا جبرا ليڊر به لٿل هئا، انهن مان هڪ ته هاڻي جيئي سنڌ ڇڏي ڪنهن اقتداري پارٽي ۾ شامل آهي. جڏهن انهن کي خبر پئي ته سائين امداد ولي خان وٺان ٿي آيو آهي ٻئي ڏينهن سردار عطاءُ الله خان مينگل ڏانهن سنڀريل آهي ته هڪڙي ليڊر صاحب، مونکي چيو ته جيئي سنڌ جا ته اڳواڻ اسان آهيون، امداد ته ان ۾active آهي ڪو نه پر سائين جي ايم سيد جي پٽ هجڻ جي ناتي، هن جي وڏي حيثيت آهي، ۽ اسان کي پاڻ سان گڏ نه وٺي وڃڻ ڪري سندن ساک تي ناڪاري اثر مرتب ٿيندا، تنهن ڪري توهان سائين امداد کي سمجهايو ته اسانکي به پاڻ سان کڻي هلي، مون مهربان اڳواڻ کي چيو ته ڪو وجهه وٺي ضرور سائين سان ڳالهائيندس. رات جو ڪچهري، ڪندي مون سائين وٽ اهو ڪيس هن انداز ۾ رکيو ته سائين توهان مختلف سياسي ماڻهن سان ملو ٿا پر توهان جيئي سنڌ جا نمائندا ته نه آهيو، هتي ٻه جبرا اڳواڻ جيڪي سائين وڏي جا ويجها ساٿي آهن انهن کي ساڻ نه کڻڻ، انهن جي پوزيشن خراب ڪرڻ جي برابر آهي جو سياسي ڌريون انهن تي اعتبار يا اعتماد نه ڪنديون انهي ڪري اوهانکي اهو مناسب نٿو لڳي جو اهم سياسي ماڻهو ملڻ مهل انهن کي نظر انداز ڪريو. بعد ۾ پڇيائين ته ليڊر صاحبن اهڙي شڪايت ڪئي آهي ڇا، مون وراڻيو نه سائين، آئون پاڻ اهو بهتر ٿو سمجهان جو سائين وڏي جا نمائندا ته هو آهن توهان ته ڪو نه آهيون، جواب چيائين ته جيڪڏهن آئون هنن کي وٺي ويندس ته اها انهن تي اعتماد جي confirmation ٿي ويندي، پوءِ هو پنهنجي اصل ڌنڌي چندي خوري ۾ لڳي ويندا. مون کڻي بس ڪئي ۽ اهو جواب ليڊر صاحب کي ٻڌائڻ جي سگهه نه ساري. سائين امداد ۾ ڪنهن مسئلي جي تهه تي پهچڻ ۽ Observation جي صلاحيت گهڻي هئي جيڪو مون جهڙو عام ماڻهو Notice نه ڪندو هو. هڪ دفعو هيئن ٿيو جو آئون ساڻس گڏ حيدر منزل پهتس ته سائين نوڪرن کي سڏي چيو ته هن هر ڀيري حيدر منزل تي اوپرا ۽ واپاري ٽائيپ ماڻهو ڏٺا آهن، جيڪي کيس به نه سڃاڻن، اهي ڪير ٿو وٺي اچي. نوڪرن چيو ته سائين ڦلاڻي ليڊر لاءِ ايندا آهن پوءِ ڪلاڪ کن ويهي ليڊر سان ڳالهائي هليا ويندا آهن ۽ هر ڀيري مختلف ماڻهو هوندا آهن، سائين نوڪرن تي تپي باهه ٿي ويو. چئي اوهان کيس ڇو نه ٻڌايو. نوڪرن انهن ليڊرن جا نالا کنيا جيڪي شرم کان آئون هت ڪونه ٿو لکي سگهان، سائين حڪم ڪيو ته سندس ڪمري کي تالو هڻي ڇڏيو ۽ انهن ليڊرن کي حيدر منزل تي اچڻ نه ڏيو، اهي حيدر منزل کي ڀتي خوري جو اڏو ٺاهيو ويٺا آهن، حالانڪه مون به اهڙا ايندڙ ويندڙ کوڙ ڀيرا ڏٺا پر مون انهيءَ پهرائي ۽ انهن صاحبن کي ڪڏهن به ڪو نه پرکيو هو. سائين امداد پنهنجي آتم ڪٿا ڪجهه هيئن ٻڌائيندو هو ته، ٻنهي ڀائرن معنيٰ سائين امير حيدر شاھ جيڪو سندس وڏو ڀاءُ هو ۾ ٿوري گهڻي اڻبڻت ننڍي هوندي کان رهندي هئي ۽ ٿوري گهڻي ڳالهه تان سائين امير کيس پيو ڪُٽيندو هو بقول سائين امداد جي ته، مارڪٽ دوران هن وڏي ڀاءُ جي سامهون ڪڏهن هٿ به نه کنيو ۽ اها مارڪٽ جاري رهي. جڏهن امداد کي پهريون دل جو دورو پيو ته اها مار، بند ٿي، انهي ڪري سائين وڏي سائين امداد کي مجيد ڪيريي ٻه سئو کن ايڪڙ جيڪا غير آباد ٻني هئي ڏيئي سن مان روانو ڪري ڇڏيو. جيستائين زمين وغيره آباد ٿئي. تيستائين سائين مڙنيءَ نوابشاھ ۾ وڪالت ڪندو ۽ پيٽ پاليندو هو. ۽ ٻڌائيندو هو ته ڪڏهن ڪڏهن چاچو قاضي فيضن محمد کيس گاڏي ڏيندو هو جيڪا کيس مجيد ڪيري( جيڪو سڪرنڊ کان اٺ، ڏھ ڪلوميٽر کن پري هو) ڇڏي ويندي هئي ور نه اڪثر ٽانگي ۾ ايندو ويندو هو پوءِ آهستي آهستي زمينون به آباد ٿيون ۽ مجيد ڪيرئي ۽ نوابشاھ ۾ پير کوڙيا. سائين اهو ٻه ٻڌائيندو ته محرابپور وارو حاجي حسن بخش شاھ سائين وڏي (جي ايم سيد) جو دوست نه پر جهڙو سڳو ڀاءُ هئو. سائين حاجي حسن بخش جي ٿورڙي سياسي ڪناره ڪشي ڪري سندس ئي نوازيل امام علي انڙ ايتري مڳي ڪري ويو جو سندس پٽن شبير احمد شاھ ۽ بيشر احمد شاھ کي پيو ڊوڙائيندو هو، پر نيٺ سائين امداد ۽ بشير شاھ گڏجي سياسي طرح وڃي انڙن کي اهڙو گهر ڀيڙو ڪيو جو وري نه اڀري سگهيا، هڪ دفعو ڳالهه ڪيائين ته ماڻهو ڪيڏو نه ڪمزور هوندو آهي جو کيس جڏهن محروم ڀٽي جي ڏينهن ۾ گرفتار ڪيو ويو ته سندس ضمانت لاءِ بمع چاچي قاضي فيض محمد جي جيڪو جي ايم سيد جو دوست هو، ڪو به نوابشاھ ۾ وڪيل ٿيڻ لاءِ تيار نه هو. لک آفرينيون هجن استاد رشيد وڪيل کي جنهن اردو ڳالهائيندڙ هوندي به سندس ضمانت جي درخواست دائر ڪئي ۽ ضمانت ڪرائي ۽ ٽڪو به نه ورتائين. سائين امداد جهڙو پاڻ ڀلو ماڻهو هو اهڙو ئي سندس Aesthetic Sense به اعليٰ درجي هو. وٽس روايتي انداز ۾ ڪچهريون، رهاڻيون به جاري رهنديون هيون، انهن ۾ هر مڪتب فقر جا ماڻهو موجود هوندا هئا جنهن ۾ پنجابي، اردو، سنڌي ۽ ڪٽر مذهبي، ڪميونسٽ، قوم پرست سڀ هوندا هئا ۽ اهڙيون سُريليون ڪچهريون جنهن ۾ سيد، پير، شيخ ۽ ماڇيءَ جو به فرق نه هوندو هو ۽ هر قسم جو نظرياتي يا غير نظرياتي بحث کل ڀوڳ، ڊاڙ ٺڪاءُ ۽ هڪ ٻي سان حجتون پيون هلنديون هيون. پان لتا مگيشڪر، بڙي غلام علي ۽ منظور علي کي اختري ٻائي شوق سان ٻڌندو هو، نوابشاھ ۽ مجيد ڪيريي ۾ ڪجهه سندس مستقل ملاقاتي ۽ ڪجهه غير مستقل دوست احباب پيا شريڪ ٿيندا هئا. ۽ انهن سڀني ڪچهرين جو سرموڙ ڊاڪٽر منظور خشڪ هوندو هو، جنهن کانسواءِ ڄڻ ته ڪچهري اڌوري هوندي هئي. مستقل دوستن ۾ بشير احمد شاھ، اسماعيل وساڻ، ابراهيم ڇٽو، چاچو الهداد آگرو، شعبان ڀٽي، انور شيخ، لياقت آرائين، سائين محمد شاھ(ڦنڊر) چاچو يوسف ميمڻ، غلام مصطفيٰ ميمڻ (سي ايم او) ۽ ڪڏهن ڪڏهن ايندڙن ۾ ۾ چوڌري مجيد، ڪامريڊ حميدي، حاڪم علي زرداري، فدا ڏيرو، سائين شاھ محمد شاھ، زمان شاھ، چاچو علڻ، سائين بشير احمد شاھ، سڪندر ڀنگوار، غلام مصطفيٰ ڪورائي راقم ۽ انيڪ ماڻهو جن جا نالا ياد نه اٿم. ڪراچي ۾ حيدر منزل تي جيڪي مستقل دوست سائين وٽ ايندا هئا. انهن ۾ راقم سرفهرست هو. باقي ٻين دل گهرين ۾ ڪيپٽن ذلف، ابراهيم آگرو، مشتاق شيخ، سيد بشير احمد شاھ، سڪندر ڀنگوار ڪڏهن ڪڏهن وارن جي لسٽ تمام وڏي آهي. پر پاڻ ڪراچي ۾ هوندي جن دوستن ڏانهن ڪچهري لاءِ ويندو هو. انهن ۾ چاچو غلام مصطفيٰ شاھ (اڳوڻو وفاقي وزير) سائين مرحوم نور احمد شاھ(اڳوڻو سيڪريٽري)، سيد عبدالله شاھ، سيد علي قطب شاھ، جنهن کي پاڻ حجت مان ٿري ڍڳو چوندو هو. سيد سجاد علي شاھ، محمود هارون، سائين غوث علي شاھ، سيد افضال حيدر، احمد علي قريشي، چاچو غلام مصطفيٰ ڀرڳڙِ، سيد مراد علي شاھ ڀريا وارو، ابراهيم آگرو، ڪيپٽن ذلف مولانا شاھ احمد نوراني، سيد انتظار حسين زيدي، اختر جي قاضي، چاچو عبدالحميد جتوئي، سردار عطالله خان مينگل وغيره وغيره انهن سڀني مان ڪجهه اهڙا سائين جا ويجها خدمتگذار دوست هئا جن کي سائين جا ”نورتن“ سڏيو ويندو هو، جنهن ۾ ڊاڪٽر منظور، اسماعيل وساڻ ۽ هن مضمون جو ليکڪ شامل هو. اسان تي پاڻ نالا الڳ الڳ رکيا هئائين. هڪ ڏينهن سائين کي مون جنگ صفين جو واقعو ٻڌايو جيڪا حضرت علي ۽ حضرت معاويه جي وچ ۾ ٿي هئي، انهن ۾ عمر بن عاص جيڪا حرڪت ڪري حضرت علي مان جند ڇڏائي، جنهن جو ذڪر ڪري حضرت معاويه عمر بن عاص، جو مذاق اڏائيندو هو. سائين امداد کيس چيو ته اڄ کانپوءِ پنهنجو عمرو بن عاص ڊاڪٽر منظور آهي ۽ انهيءَ نالي سان سڏيندو هوس. اسماعيل وساڻ جيڪا ڪچهري ڪندو هو ته ان ۾ ڪو به جذباتي انداز نه هوندو هو ۽ ڊاڪٽر منظور جي صلاح تي اسماعيل وساڻ جو نالو پئجي ويو فرحتي حرامي، البت آئون ٻه درجا پڙهيل هوس ۽ تاريخي بحثن ۾ پيو الجهندو هوس ته مونکي پاڻ شيخ المشائخ سڏيندو هو ۽ ڪڏهن به فدا ڪري نه سڏيائين. سائين امداد دل جو به مريض، شوگر ۽ هاءِ بلڊ پريشر جو به مريض ۽ اڪثر اسپتال داخل ٿيندو رهندو هو پر جڏهن ڊاڪٽر سختي سان ملاقات تي پابندي لڳائيندا هئا ته به چوندو هو ته فدا ۽ منظور کي اندر موڪليو جنهن تي سائين جلال شاھ اسان تي پيو ناراض ٿيندو هو ۽ اسان پاڻ به پيا ڪترائيندا هئاسون پر سائين ضياءُ شاھ اسانکي لڪائي. اندر موڪليندو هو ۽ چوندو هو ته اوهان جي ڪچهري ۽ کل ڀوڳ سائين جي طبيعت بهتر ٿي ڪري. هڪ دفعو سائين امداد OMI اسپتال داخل هو پر سندس طبيعت ۾ ڪو به فرق نه آيو. ڊاڪٽر منظور سائين سان مذق ڪندي چيو ته ڊاڪٽر پروفيسر مسعود حميد جي اوهان جي فيملي مارڻ تي آنٽي تتل آهي جو سائين جي ايم سيد ۽ جيجي درشهوار کي به ماريو اٿئين هلو ته هلون جناح واري cardiovascular ۾ نه ته خير نه اٿو! پاڻ ڏاڍو کليو ۽ فورن ڇوڪرن کي گهرائي چيائين بابا هتان هاڻ جو هاڻ ڪڍ جتي ڊاڪٽر منظور چوي ٿو اتي هلي داخل ڪريو. ائين ٿيو ته جناح اسپتال ۾ سائين امداد ٻن ڏينهن ۾ ئي بهتر ٿي ويو. (هلندڙ) سائين امداد جي يارهين ورسي جي موقعي تي سيد امداد محمد شاھ جي ياد ۾ غلام حسين جوڻو سنڌ هيرن جي کاڻ آهي. جنهن ۾ ڪيترا ئي هيرا جنم وٺندا رهيا آهن. اهڙن هيرن مان ته سيد امداد محمد شاھ به هڪ هو، جيڪو هڪ محبتي انسان هو. پيار ۽ پاٻوھ جي خصلتن جو مالڪ هو، کيس سنڌ جي عوام سان تمام گهڻي محبت هوندي هئي. سندس، پيار ۽ محبت هميشه سنڌي ماڻهن کي هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ جو درس ڏنو آهي، ان جي بدلي ۾، ماڻهو به، هن سان محبت ڪندا هئا. جنهن ڪري هر وقت هن وٽ عوام جا ميڙا ڏٺاسون. هن جون ڪچهريون قائم ۽ دائم رهيون. سائين امداد محمد شاھ، بلند اخلاق جو مالڪ هو. سندس شخصيت تي نظر وجهبي ته سندس ڪردار جي باري ۾ مڪمل ڄاڻ ملندي. انهيءَ ڪردار مان، معلوم ٿئي ٿو ته شاھ صاحب هڪ سماجي ڪارڪن جي حيثيت سان عوام الناس جي خدمت ڪندو رهيو. پاڻ ٻه دفعا سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر پڻ ٿيو. ان دوران سڄي سنڌ ۾ خوب ترقياتي ڪم ڪرايائين. خاص ڪري پنهنجي تڪ، تعلقي سڪرنڊ ۾ عوام جي ڀلائي لاءِ جيڪي ڪم ڪرايائين، سي ڪنهن کان ڳجها ۽ لڪل ڪونه آهن. هر ڳوٺ ۾ اسڪول قائم ڪرايا ويا. سندس چوڻ هو ته نوجوانن کي تعليم جي زيور سان منور ڪري، انهن ۾شعور پيدا ڪيو وڃي ته جيئن هو پنهنجي ۽ پرائي دوست ۽ دشمن جي پرک ڪري سگهن. تنهن کانسواءِ هر ڳوٺ تائين روڊ جي سهولت پڻ ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي هئائين. هن وقت هر ننڍي توڙي وڏي ڳوٺ ۾ روڊن جي سهولت موجود آهي. ان کانسواءِ عوام کي علاج جي سهولت ڏيارڻ لاءِ اسپتالون اڄ به موجود آهن. جتي مفت ۾ دوائون ملي رهيون آهن ۽ علاج ٿي رهيو آهي. هاڻ غريب ماڻهو وڏين اسپتالن جي وڃڻ بدران مذڪوره اسپتالن جو رخ ڪن ٿا. اتي هو آساني سان پهچي ويندا آهن. ياد رهي ته اسپتالون به بنيادي سهولتن ۾ شمار ٿين ٿيون. شاھ صاحب گهر، گهر کي بجلي فراهم ڪرڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي. نتيجي ۾ تڪ جي اڪثر ڳوٺن ۾ بجلي جا بلب ٻرڻ لڳا ۽ روشني ڏسڻ ۾ آئي. بجلي جي ڪري رنگيني ۽ رونق پڻ پيدا ٿي ويئي. جڏهن ته ڪو هڪ اڌ ڳوٺ بجلي جي سهولت کان رهجي ويو ته اها هڪ ٻي ڳالھ آهي. ان لاءِ به سائين ڪوشش ضرور ڪئي هوندي. ڪيترن ئي نوجوانن کي سرڪاري نوڪريون وٺي ڏنائين، جنهن ڪري سوين ماڻهو روزگار سان لڳي ويا. غربت ۽ بدحاليءَ جي زندگيءَ مان نڪري خوشحالي واري زندگي گذارڻ لڳا. اهو ئي سبب آهي جو اهي سائين امداد محمد شاھ کي اڄ به دعائن ۾ ياد ڪندا رهن ٿا. سيد امداد محمد شاھ امن پسند ۽ صلح پسند شخص هو. جڏهن به ڪا ڌر فيصلي لاءِ هلي آئي، انهن جو فيصلو ڪري کين ٺاهي ڇڏيندو هو ۽ ٻئي ڌريون کير کنڊ ٿي وينديون هيون. پاڻ ۾ ڀائرن وانگر رهڻ لڳنديون هيون. فيصلا بي رياءَ ڪرڻ ڪري، سنڌ ۾ ڏاڍي مشهوري ماڻيائين. “مکڻ مان وار ڪڍڻ “وانگر، جهيڙي ۽ فساد جو نبيرو ڪرڻ، سندس اصولن ۾ شامل هو. سندس خيال هو ته سنڌ ۾ رهندڙ ماڻهن کي وڙهندي ڏسڻ نه ٿو گهران. پر کين هڪ پليٽ فارم تي متحد، متفق ڏسڻ سان خوشي ٿئي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو کيس قومپرست سياستدانن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. جڏهن ايم آر ڊي جي تحريڪ هلي رهي هئي. سنڌ سڄي باھ جيان ٻرندي نظر آئي پئي. ان وقت ڳوٺ پنهل خان چانڊيو لڳ سڪرنڊ ۾ ايم آر ڊي جو واقعو ٿيو هو. ڪجھ ڳوٺاڻا فوجين جي گولين جو کاڄ ٿي شهيد ٿي ويا. ڪو به ماڻهو، انهن جا لاش وصول ڪرڻ لاءِ تيار ڪونه ٿي نظر آيو. اهڙي حالت ۾ هن بهادر ۽ عظيم انسان پنهنجي سر جو سانگو لاهي، اهي لاش وصول ڪيا ۽ ڪفن ۽ دفن جو سمورين رسمن تائين انهن جي پونئيرن سان گڏ ۽ سندن ڏک ۾ برابر جو شريڪ ٿيو ۽ انهن سان همدردي ۽ عذرخواهي به ڪيائين. سندس هن ڪارنامي کي هميشه ياد رکيو ويندو. سيد امداد محمد شاھ رهزن، قاتل، لچ ۽ لوفر جو سخت مخالف هوندو هو. ڪڏهن به انهن سان نرمي اختيار ڪونه ڪيائين. هميشه انهن تي سختي ڪندو رهيو ته جيئن هو پنهنجي ڏوهن کان باز اچي سگهن. تاريخي ماڳن ۽ مڪانن جي حفاظت ڪرڻ لاءِ ڪوشان رهيو. اهو ئي سبب آهي جو، سنڌ جو مشهور نالي وارو شاعر “حمل فقير لغاري” جي مزار تي ميلو لڳرايائين ۽ تر جي سڀني ماڻهن کي هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر ڪونه ڇڏيائين. هن ميلي ۾ سڄي سنڌ جا ماڻهو شرڪت ڪرڻ لاءِ ايندا رهيا. جن جي رهائش ۽ کاڌو خوراڪ جو به مناسب بندوبست ڪندو رهيو. سندس وفات کانپوءِ اهو سلسلو ختم ٿي ويو آهي. اهو نه رڳو حمل فقير لغاري جي مزار تي ميلو لڳايو ويندو هو. پر سندس ڪوشش سان سنڌ جي تاريخي ۽ نامور شخصيتن جي مزار جي ڳولا ڪري انهن جي قبرن کي پڻ پڪو ڪرايائين ته جيئن اهي مسمار نه ٿي سگهن. اهڙي طرح اهڙو تاريخي ورثو هميشه محفوظ ڪيو ويو. سائين، اهڙي تاريخي ورثي کي پنهنجو سرمايو، ملڪيت ۽ دولت سمجهندو هو. انهيءَ ورثي بابت وڏي ڄاڻ به هيس. هونئن به پاڻ علم، دوست شخصيت هو. وسيع مطالعو ڪيو هئائين. جنهن ڪري تاريخي ڄاڻ جي ميدان ۾ وڏي مهارت رکندڙ هو. سندس چوڻ هو ته تاريخي ورثي جي حفاظت ۽ سنڀال ڪرڻ اسان جي فرضن ۾ شامل آهي. جنهن ڪري هر ماڻهو کي اهو فرض نڀائڻ گهرجي. ياد رهي ته پاڻ هڪ زميندا هو، جنهن ڪري زراعت جي شعبي ۾ وڏي ڄاڻ هيس، ٻجن، پاڻي جي استعمال، پيدائش وغيره جي معاملن ۾ وڏي دسترس ۽ قابليت هوندي هيس. خود زرعي ماهر به هن کان مشورو وٺڻ لاءِ ايندا هئا. جن کي پنهنجن مفيد مشورن سان نوازيندو رهيو. اهي سڀ مشورا سندس تجربن ۽ مشاهدن تي مشتمل هئا. مطلب ته سيد امداد محمد شاھ هڪ گهڻ رخي شخصيت هو. عوام جي خدمت ڪرڻ، سندس ايماني جز هو، اوليت ۽ ترجيحي بنيادن تي اهڙي خدمت ڪندو رهيو. عوام جي فلاح ۽ بهبود لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو. اهو ئي سبب آهي جو کيس، سماجي ڪارڪن ڪري سڏجي ته ڪو وڌاءَ ڪونه ٿيندو. هيءَ عظيم شخصيت جيڪا بيشمار خوبين جي مالڪ هئي، سا ڌڻي تعاليٰ جي سڏ تي لبيڪ چئي، ۲۹ سيپٽمبر ۲۰۰۴ع تي وڃي هميشه لاءَ آرامي ٿي ۽ اسان کان وڇڙي وئي. سندس ڪل ڄمار اوڻهتر سال ٿي، سندس مزار ڳوٺ مجيد ڪيريو تعلقي سڪرنڊ ۾ آهي. جيڪا ايندڙ ويندڙ نگاهن جو مرڪز بڻيل آهي. سندس وڇوڙي جي ڪري هڪ وڏو خال پيدا ٿيو آهي. جيڪو ڀرجڻ ڏاڍو ڏکيو لڳي ٿو. اڄ اسان سندس ڪيل عوامي خدمتن کي ڀيٽا ڏيندي سلام پيش ڪريون ٿا ۽ دعاگو آهيون ته مولا پاڪ سندس مزار تي بيشمار رحمتون نازل فرمائي. اها به دعا آهي ته ڌڻي تعاليٰ سندس پونيئرن کي سندس نقش قدم تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي. آمين. جان جان هئي جيئري، ورچي نه ويٺي، وڃي ڀونءِ پيٺي، ساريندي کي سڄڻين. (شاھ) (ڏھاڙي عوامي آواز، ۲۹ سيپٽمبر ۲۰۲۰ع) امداد محمد شاھ هڪ تاريخ ساز شخصيت قاضي جاويد سنائي جڳ مشهور سماج سڌارڪ سيد امداد محمد شاھ توڙي جو ايشيا جي نالي واري مفڪر اعظم ۽ ڏاهي سائين جي ايم سيد جو فرزند هو پر هن پنهنجي عملي ڪردار سان پنهنجي سڃاڻپ الڳ ڪرائي، سندن ذات ھڪ گھڻ رخي شخصيت ھئي۔ ڏٺو وڃي ته ھر انسان جي شخصيت گھڻ رخي ھوندي آھي پر تمام ٿورا ماڻھو اھڙا ھوندا آھن جن جي شخصيت جو ھر رخ شاھوڪار ھجي۔ سندس ذات جون نمايان خصوصيتون هيءَ هيون، شاندار تعليمي پس منظر (اھڙي دور ۾ تعليم يافته ھجڻ، جڏھن تعليمي سھولتون اڻلڀ ھيون. نمايان سياسي، تعليمي ۽ روحاني خانداني پس منظر، زراعت جي گهري ڄاڻ، اعليٰ سماجي ورڪر، مثالي سماجي منصف. امداد محمد شاهه ابتدائي پرائمري تعليم سن ۽ وڌيڪ تعليم ڪراچيءَ ۾ حاصل ڪيائون. قانون جي ڊگري حيدرآباد لا ڪاليج مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ ٻه سال وڪالت ڪئي. پاڻ سٺ جي ڏهاڪي ۾ سن کان سڪرنڊ جي علائقي ڳوٺ مجيد ڪيريو ۾ اچي آباد ٿيا هئا. سياسي ڪيريئر جي شروعات عوامي ليگ کان ڪئي. بنگلاديش جي الڳ ٿيڻ کانپوءِ ڪنهن به پارٽيءَ ۾ حصو نه ورتائون. امداد محمد شاھ سڄي حياتي جمهوريت جو پرجوش حامي رهيو. پاڻ ايوب خان جي مارشل لا خلاف ۽ محترمه فاطمه جناح جي اليڪشن مهم ۾ حصو ورتائون. قوم پرست سياست جي باني شخصيت غلام مرتضى شاه جو فرزند ھجڻ باوجود امداد محمد شاھ پاڻ کي پارٽي سياست کان پاسيرو رکيو۔ سڪرنڊ ۽ ان جي پس گردائيءَ ۾ پارٽي سياست، پيري مريدي، سرداري، ذات پات کان پاسيرو رھي سماجي سياست جو تصور امداد محمد شاھ ڏنو۔ سندن ذات جو محور اجتماعي تعليمي، سماجي خدمت ھئي۔ پاڻ پارلياماني سياست ۾ اچڻ کان پھرين، ۽ پوءِ انفرادي تعلقات ۽ مفادات کان بالاتر ٿي ھميشه عوام جي اجتماعي بهتري لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ ھئا۔ تعليم ۽ صحت جي شعبن سان سندن ڪمٽمنٽ انتھا درجي جي ھئي، پاڻ ذاتي، سماجي ۽ سياسي ڪوششون وٺي اسڪول، صحت جا بنيادي مرڪز نه صرف منظور ڪرائيندا ھئا، بلڪه انھن جي تعمير دوران ۽ ٺھڻ کانپوءِ عملي طور ڪم دوران ان جي انتھائي دلچسپي سان مڪمل پوئيواري ڪندا ھئا۔ سندن عام عادتن ۾ شمار ھو ته جڏھن ڪٿي اسڪول يا صحت مرڪز جي تعمير ٿيندي ھئي ته پاڻ موقعي تي اچانڪ پھچي ڪري معيار جو جائزو وٺندا ھئا۔ ڪنھن ڳوٺ ۾ يا رستي تي ڪو ٻار اسڪول ٽائيم تي ڏسندا ھئا ته اسڪول پھچي استادن کان آڏي پڇا ڪندا ھئا۔ اسڪول ۽ صحت مرڪز ۾ ذاتي ڪوششن سان قابل استادن، ڊاڪٽرن ۽ ٻئي طبي عملي جي پوسٽنگ ڪرائي انھن جي حاظري کي يقيني بنائيندا ھئا۔ عام ماڻھن جي فلاح تعليم ۾ سمجھڻ ڪري سندن خاص دلچسپي تعليم سان رھي ۽ هن آسپاس جي ڳوٺن ۾ کوڙ سارا تعليمي ادارا ۽ بيسڪ هيلٿ سينٽر منظو ڪرايا.۱۹۷۹ع ۾ پاڻ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل نوابشاھ جا ميمبر منتخب ٿيا. ۱۹۸۵ع ۽ ۱۹۸۸ع ۾ آزاد حيثيت ۾ سنڌ اسمبلي جو ميمبر منتخب ٿيا، سنڌ اسمبلي جو ميمبر منتخب ٿيڻ کانپوءِ پاڻ حڪومت ۾ شامل ٿي وزارت حاصل ڪري ذاتي مفاد حاصل ڪرڻ کان، اپوزيشن ۾ ويھي سنڌ جي اجتماعي مفادن جي تحفظ لاءِ آواز اٿاري اصولي سياست جو اهڙو شاندار مثال قائم ڪيو جنهن تي تاريخ جو ڳاٽ اوچو آهي. ان وقت سنڌ جي پاڻيءَ جي حق ۽ ڪالا باغ ڊيم جي خلاف سندن سنڌ اسمبلي جي ڏاڪڻ تي ڪيل بک ھڙتال ۽ احتجاج تاريخ جو حصو آھي۔ سماجي سطح تي بحيثيت منصف سندن ڪيل فيصلن کي سنڌ جي سطح تي ساراھيو ويندو رھيو آھي۔ سنڌ جي تاريخ ۾ جڏھن به سماجي خدمت، علم دوست ۽ بي داغ قيادت تي ورق لکبا ته انھن تي امداد محمد شاھ جو نالو نمايان سنهري لفظن طور جرڪندو. ۳۰ ڊسمبر اڄ سندس ۸۷ هون جنم ڏينهن آهي. (ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۳۰ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل) سائين امداد محمد شاهه سنڌ جو هڪ متحرڪ ۽ سڄڻ سياستدان حقيقت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ته سنڌ اها زرخيز ڌرتي آهي، جنهن جي ڪک مان انيڪ متحرڪ ۽ معتبر شخصيتن جنم ورتو آهي ۽ سنڌ جي اهڙين ئي باشعور ۽ متحرڪ شخصيتن مان سائين امداد محمد شاهه به هڪ هو، سائين امداد محمد شاهه، سنڌ جي قديم تاريخي شهر ”سن“ جي سيد حيدر شاهه سنائيءَ جي خاندان جو چشم چراغ هو ۽ هن، سنڌ جي عظيم سياستدان ۽ قومي رهبر سائين جي. ايم. سيد جي گهر ۾، ۳۰ سيپٽمبر ۱۹۳۵ع تي سومر جي ڏينهن جنم ورتو.، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ۾ آيل معلومات موجب، سائين امداد محمد شاهه ابتدائي سنڌيءَ جا ٽي درجا سن جي پرائمري اسڪول مان پاس ڪيا، جنهن کان پوءِ کيس ڪراچيءَ جي گرامر اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو، جتي ۱۹۴۸ع تائين پڙهندو رهيو. هندستان جي ورهاڱي سبب لڏي آيل مسلمانن کي ڪراچيءَ جي اسڪولن ۾ رهايو ويو ۽ اسڪول بند ڪيا ويا، ان ڪري پاڻ ڳوٺ موٽي آيو. جڏهن واپس ڪراچي گرامر اسڪول ۾ ويو، ته دير سان پهچڻ سبب سندس داخلا رد ڪئي وئي. ان کان پوءِ کيس سينٽ پيٽرڪ اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو، جتان ۱۹۵۳ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين. مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ ڊي. جي سائنس ڪاليج ۾ داخل ٿيو. سندس ارادو انٽر سائنس ڪري، ميڊيڪل ڪاليج ۾ پڙهڻ جو هو، پر اها خواهش گهرو حالتن سبب پوري ٿي نه سگهي، ڇاڪاڻ ته سندس وڏو ڀاءُ امير حيدرشاهه اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ لنڊن هليو ويو ۽ سندس والد سائين جي ايم سيد کي ون يونٽ جي مخالفت سبب جيل ۾ بند ڪيو ويو، ان ڪري کيس تعليم سان گڏ گهرو ذميواريون سنڀالڻيون پئجي ويون. اهڙيءَ طرح پاڻ بي. ايس. سي جو امتحان پاس ڪري پنهنجي اباڻي ڳوٺ ”سن“ اچي زمينداري سنڀاليائين. بعد ۾ اسلاميه ڪاليج ڪراچيءَ ۾ داخلا وٺي، ۱۹۶۵ع ۾، امتيازي حيثيت سان ايل. ايل. بي جي ڊگري حاصل ڪيائين. امداد محمد شاهه کي پنهنجي اباڻي زمينداري حصي مان زمين جو حصو تعلقي سڪرنڊ جي ڳوٺ مجيد ڪيريي ۾ مليو، ان ڪري اُتي رهڻ سبب، سنڌ جي مشهور قومي ڪارڪن قاضي فيض محمد ايڊيوڪيٽ سان گڏجي نوابشاهه ۾ وڪالت ڪيائين. سائين امداد محمد شاهه، تعليمي ميدان ۾ ڪافي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. هن ۱۹۵۶ع ۾ سن ۾ مڊل اسڪول کولرايو ۽ ٻهراڙيءَ جي شاگردن لاءِ مفت رهائش ۽ کاڌي پيتي جي انتظام لاءِ شاهه حيدر ايڊيوڪيشنل سوسائٽي قائم ڪئي. ۱۹۷۹ع ۾ ضلعي ڪائونسل نوابشاهه جي ميمبر چونڊجڻ بعد، تعلقي سڪرنڊ جي ٻهراڙيءَ ۾، تعليم جي ترقيءَ لاءِ وڏيون ڪوششون ڪري، تعلقي ۾ ڪيترائي پرائمري، مڊل ۽ هاءِ اسڪول قائم ڪرايائين. خاص ڪري ڇوڪرين جي تعليم لاءِ اسڪول کولايائين. سڪرنڊ شهر ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ سائنس جا ڌار ڌار ڪاليج کولرايائين. قاضي احمد جي هاءِ اسڪول کي هاير سيڪنڊري اسڪول جو درجو ڏياريائين. امداد محمد شاهه، ۱۹۸۵ع ۽ ۱۹۸۸ع ۾ ٻه ڀيرا سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ۽ اڪيلي مخالف ڌر جي ميمبر جي حيثيت ۾، سنڌ جي حقن لاءِ ڀرپور آواز اٿاريائين. هو ڪيترين ئي تعليمي سوسائٽين جو باني، چيئرمئن ۽ ميمبر رهيو آهي. جهڙوڪ شاهه حيدر ايڊيوڪيشنل سوسائٽي سن، محمد هاشم ٺٽوي ايڊيوڪيشنل سوسائٽي، سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ طرفان قائم ڪيل قائداعظم پبلڪ اسڪول درساڻو ڇني ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سينيٽ جو ميمبر وغيره. شاهه صاحب، نوابشاهه ضلعي، تعلقي سڪرنڊ ۽ تعلقي ڪوٽڙيءَ ۾ ڪيترائي سماجي ڪم ڪيائين، اسڪول، اسپتالون، موريون ٺهرايون. ڊرينيج سسٽم ۽ رستا ٺهرايائين. اهوئي سبب هو، جو هو جڏهن به پنهنجي سڪرنڊ واري تڪ مان چونڊن ۾ بيٺو ته سندس مقابلي ۾ ڪنهن به پارٽيءَ جو اميدوار کٽي نه سگهيو. سائين امداد محمد شاهه سياسي طرح عوامي ليگ جو ميمبر رهيو ۽ ڪجهه وقت ’پونم’جي پليٽفارم تان سنڌ ۽ ٻين ننڍن صوبن جي قومي حقن لاءِ جدوجهد ۾ به سرگرم رهيو. سائين امداد محمد شاهه جي انٽرويوز تي مشتمل هڪ ڪتاب ”زندگي کليل ڪتاب“، مارئي اڪيڊميءَ سڪرنڊ پاران ۱۹۹۹ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو هو. جڏهن ته ان کانسواءِ به سندس شخصيت تي ڪتاب ۽ آرٽيڪل شايع ٿيل آهن، سندس وفات ۲۹ سيپٽمبر ۲۰۰۴ع تي ٿي. کيس ڳوٺ مجيد ڪيريي ۾ مٽيءُ ماءُ حوالي ڪيو ويو. سندس نالي پويان هڪ فلاحي ادارو ”امداد فائونڊيشن“ ۲۰۰۷ع کان ڪم ڪري پيو، اهڙي طرح ڏٺو وڃي ته سائين امداد محمد شاهه سنڌ ۾ جديد قومپرستيءَ جي باني سائين جي ايم سيد جي فرزند هئڻ جي ناتي سان عملي طور تي سنڌي ماڻهن کي علم ۽ شعور جي حوالي سان سجاڳ ڪرڻ لاءِ سياسي ۽ سماجي طور تي هڪ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو ۽ اڄ به سندن تڪ جا ووٽر ۽ ٻيا ماڻهو انتهائي مان ۽ مرتبي سان کيس ياد ڪن ٿا، يقينن سيد امداد محمد شاهه سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ متحرڪ ۽ معتبر سياستدان طور ڄاتو ۽ سڃاتو وڃي ٿو ۽ يقيني طور تي پنهنجي عملي، اخلاقي، ڪردار جي ڪري هو اڄ به ماڻهن جي دلين ۾ وسيل آهي، جڏهن ته سندس سياسي ۽ سماجي خدمتن جي تسلسل کي سندس لائق فرزند سيد زين شاهه ۽ سيد جلال محمود شاهه اڄ به قائم رکيو اچن ٿا. (ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۳۰ سيپٽمبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
ڪامريڊ تاج محمد ابڙو املهه انسان غلام محمد ڪنڀر سنڌ جو نامور اديب، دانشور، جج، سياستدان، سماج سڌارڪ، صحافي ۽ استاد مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ۸ آگسٽ ۱۹۲۴ع تي شهدادڪوٽ ۾ ڄائو، شاگردي واري دؤر کان ئي پاڻ سياست ۾ سرگرم رهيا، پرائمري قمبر ۽ سيڪنڊري لاڙڪاڻي مان ڪرڻ بعد ايل ايل بي ڪراچي مان پاس ڪيائين، شاگردي واري دؤر ۾ سياست ۾ سرگرم رهيا. مسلم ليگ، ڪميونسٽ پارٽي، جيئي سنڌ، سنڌ هاري ڪميٽي، نعپ، پيپلز پارٽي سميت سنڌ عوامي اتحاد کان وٺي جيڪا تحريڪ سنڌ جي ڀلي ۽ آجپي لاءِ هئي، انهيءَ ۾ ڀرپور نموني حصو ورتائين. ايشيا جي سڀ کان وڏي ۾ وڏي ادبي تنظيم سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي باني ميمبرن ۾ سندن جو شمار ڪيو ويندو هو. هن لاڙڪاڻي واري اوطاق، سنڌ ۽ هند جي مشهور اوطاق تي سنڌي ادبي سنگت جو اجلاس ڪوٺرايو، ادب وسيلي انقلاب جي ان تحريڪ روشني جو پهريون ڪرڻو لاڙڪاڻي ۾ مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي اوطاق تان اڀريو ۽ پوري سنڌ ۾ ڦهلجي ويو ۽ سموري سنڌ کي جرڪائي ڇڏيائين. پاڪستان کان پهرين مشهوري سنڌي مسلمانن جي واحد اخبار ’الوحيد‘ جو ڪجهه وقت ايڊيٽر رهيو، جنهن پاڪستان جي تاريخ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو، پاڻ قائداعظم محمد علي جناح جي انگريزي اخبار دان جو سب ايڊيٽر پڻ رهيو. لاڙڪاڻي جي سنڌي ۽ اردو اديبن کي ويجهو ڪرڻ ۾ تمام وڏو ڪردار ادا ڪيائين ۽ انجمن ترقي اردو پاڪستان لاڙڪاڻي شاخ جو سرگرم ڪارڪن رهيو. لاڙڪاڻي جي تاريخ ۾ اهو ئي سبب آهي جو انجمن ترقي اردو جي عمارت ۾ جيڪا لائبريري قائم ڪيائين، ان جو نالو شاهه عبداللطيف ڀٽائي رکيائين، جيڪا پهرين سندس گهر جي ڀرسان هئي. لاڙڪاڻي جي تاريخ جي سڀ کان وڏي سنڌ جي لائبريري سر شاهنواز ڀٽو ميموريل لائبريري جو بنياد به مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو رکرايو، جيڪا اپر سنڌ جي واحد لائبريري آهي، جتان هزارن جي تعداد ۾ اڄ به شاگرد اديب ۽ دانشور فيضياب ٿي رهيا آهن. هي لاڙڪاڻي شهر سان لڳو لڳ بقاپور يونين ڪائونسل جو چيئرمين به رهيو، ريڊيو پاڪستان ڪراچي تي نيوز ڪاسٽر طور به ڪم ڪيائين ته گڏ قمبر هاءِ اسڪول ۾ انگريزي استاد جي حيثيت سان به پنهنجا فرض انجام ڏنائين، پاڪستان جو واحد اڳواڻ هو، جنهن کي ڪامريڊ جو خطاب مليو، هن کان پهريان خان عبدالولي خان، عطاءُ الله مينگل، مير غوث بخش خن بزنجو، اڪبر بگٽي، خير بخش مري، جي ايم سيد، ذوالفقار علي ڀٽو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، مخدوم طالب الموليٰ، حاڪم علي زرداري ۽ ٻين ملڪ جي ناميارن سياستدانن سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي سياست ڪئي، وڏيرا شاهي جي اثر رسوخ رکندڙ ضلعي جيڪب آباد ۾ شيخ المجيد سنڌي، قاضي فيض محمد، جي ايم سيد، غلام محمد لغاري جن جي مدد سان ضلعي ۾ هاري ڪاميٽيءَ جو بنياد وڌو. انهيءَ سلسلي ۾ صدر ايوب خان جي مقابلي ۾ مرڪزي اسيمبلي ۾ هن محترمه فاطمه جناح جو ساٿ ڏنو. سندس جو شمار ۱۹۵۳ع ۾ ڇپيل بايو گرافيڪل انسائيڪلو پيڊيا آف پاڪستان جنهن ۾ پنجن صوبن جي اهم ملڪ جي هڪ هزار وڏين شخصيتن منجهان هڪ قرار ڏنو ويو، انهيءَ کان علاوه پنجاب ڌرتي تان اردو ۾ ڇپجندڙ ڪتاب سنڌ ڪي چند انقلابي دانشور اور عوامي رهنما، جنهن جو ليکڪ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي آهي. ان ۾ سنڌ جي کاٻي ڌر جي ۱۵ اهم شخصيتن منجهان هڪ قرار ڏنو ويو، سندس ادبي هم اثر دوست اياز قادري، انيس انصاري، تنوير عباسي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، نسيم کرل، محمد ابراهيم جويو، جمال ابڙو، رسول بخش پليجو، شيخ اياز، حميد سنڌي، ڊاڪٽر غلام علي الانا، يوسف لغاري، سوڀو گيانچنداڻي، رشيد ڀٽي، پير حسام الدين شاهه راشدي، پير علي محمد راشدي، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي، هري دلگير درياڻي، سراج ميمڻ ۽ ٻيا کوڙ سارا نالا اچي ٿا وڃن. سندس جي ذاتي لائبريري ۾ هزارين ڪتاب آهن ۽ سنڌ جي وڏين لائبريرين ۾ شمار ڪئي ٿي وئي. سندس اولاد سنڌ جي وڏن اديبن جي صلاح تي لائبريري جا ڪتاب سر شاهنواز لائبريري ۽ سنڌ جي عظيم درسگاهه سنڌالاجي کي عطيي طور ڏنا ۽ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي نالي پويان سنڌالاجي ۾ هڪ الڳ ڪارنر قائم ڪيو ويو آهي، جتي سندن جا يادگار ڦوٽو ملڪ جي وڏي سياسي شخيتن سان ميوزيم ۽ سجائي رکيا ويا آهن. سندن کي سياست سان تمام گهڻو لڳاءُ رهيو. محترمه فاطمه جي ساٿ ڏيڻ تي سنڌ مان پاڻمرادو جلاوطني اختيار ڪيائين. بلوچستان ويو ۽ اتي نعپ جي اڳواڻن جي پناهه ۾ رهيو ۽ بلوچستان جي سردارن جي پناهه ۾ رهڻ دوران انهن کيس ڪوئيٽا ۽ سبي ۾ سرڪاري وڪيل ڪري رکرايو، هن مهل به سنڌ صوبي جو عوام ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي سياسي، سماجي، ادبي، قانوني خدمتن کي مدنظر رکندي سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو يادگار ڪاميٽيون ۽ بزم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جا بنياد وجهي سندن جون هر سال سنڌ صوبي ۾ ورسيون ۽ سالگرهون ملهائي رهيا آهن ۽ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سندس جي نالي پويان لائبريريون، روڊ ۽ باغ منسوب ٿيل آهن، اهڙيون شخصيتون زنده قومن جو اهڃاڻ هونديون آهن ۽ نوجوان ٽهيءَ لاءِ مڪمل مشعل راهه هونديون آهن، اهڙن مهمان انسانن جي خدمتن ڪارڻ ئي سنڌ جيئي ٿي ۽ انهن جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي. تاج محمد ابڙو سنڌ جو روشن ضمير قومي ڪارڪن نفيس احمد شيخ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو، سنڌ ۾ قومي جاڳرتا لاءِ جاکوڙ واري دلڪش گُلشن جو، هڪ نهايت ئي مَهڪندڙ ۽ شگفته گُلاب جو گُل هو! ۱۹۶۳ع ڌاري، جڏهن مون کي سنڌي ادبي بورڊ ۾ علمي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو، تڏهن اُن زماني ۾ ترقي پسند جديد سنڌي ادب جي تاريخي ترويج سان گڏ سنڌ ۾ قومي جاڳرتا لاءِ جرئتمندانه جدوجهد به پنهنجي عروج ۽ اوج اقبال تي هئي. هڪ طرف ون يونٽ جي سنڌ دشمن قهري نظام ۾ مظلوميت جو دؤر دؤرو هو ته ٻئي طرف بدترين آمريت تي مشتمل ايوب شاهي حڪومت، سنڌ جو ساهه سوڙهو ڪري رکيو هو. گهُٽ ٻُوسٽ جي اهڙي اذيتناڪ ماحول ۾ سنڌ جي سُڄاڻ ۽ باهمت عالمن ۽ محققن، روشن ذهن اديبن ۽ شاعرن، بي باڪ صحافين ۽ ليکڪن جتي ادب ۽ صحافت جي ميدانن ۾ بلند حوصلي سان سنڌ ڌرتيءَ جو پيغام پئي عام ڪيو، اُتي ساڳئي وقت سياست ۽ سماجي سُڌار شعبن ۾ وري نهايت ئي بي باڪ ۽ مخلص قومي خدمت گذارن وقت جي اسٽئبلشمينٽ سان مُنهن مقابلا ٿي قومي جاڳرتا لاءِ پاڻ پتوڙيندي جدوجهد ۽ جاکوڙ سان ڪيئي نوان قابل فخر ڪارناما پئي قائم ڪيا، جن مان تقريباً سڀني اهل دل ڪارڪنن جو تعلق کاٻيءَ ڌُر سان هو. اهڙين نيڪ نام هستين جا مبارڪ نالا اڄ هتي تحرير هيٺ آڻڻ ڄڻ هڪ وڏي شان ۽ شرف وارو خوشگوار فريضو پيو محسوس ڪريان. اول اول سائين جي ايم سيد جي چوڏهينءَ چنڊ شخصيت ۽ اُن کان پوءِ روشن ستارا: شيخ عبدالمجيد سنڌي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، قاضي فيض محمد، ڪامريڊ غلام محمد لغاري، ڪامريڊ جمال الدين بخاري، باقر شاهه، ڪامريڊ عبدالقادر، ڪامريڊ برڪت علي آزاد، ڪامريڊ نذير حسين جتوئي جلالي، مولانا عزيز الله جروار، ڪامريڊ عبدالخالق آزاد، ڪامريڊ نور محمد پليجو، ڪامريڊ پوهُو، ڪامريڊ عزيز سلام بخاري، محمد صالح عاجز، حفيظ قريشي، علي احمد قريشي، رسول بخش پليجو ۽ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو. (منهنجي خوش قسمتي آهي جو اِنهن سمورين هستين جو منهنجي مٿي تي پيار جو هٿ رهيو.) سنڌي ادبي بورڊ جي بانيڪار جي حيثيت ۾، سائين جي ايم سيد جي رهنمائي ته مستقل طرح هونءَ ئي بورڊ ۾ ڪم ڪندڙ ڪارڪنن لاءِ اُتساهه جو سبب هئي، پر بورڊ ۾ سائين محمد ابراهيم جويي، غلام رباني آگري ۽ مولانا غلام محمد گرامي جهڙن ٽن مخلص ڏاهن جي ”ٽِمورتيءَ“ کي اُن زماني ۾ هڪ خاص ”قومي چقمق“ جي حيثيت حاصل هئي، جنهن جي ڇِڪ ۽ سِڪ سبب سڄيءَ سنڌ جي محب وطن جاکوڙي قومي ڪارڪنن جو رُخ سدائين اِن ”ٽِمورتيءَ“ ڏانهن هوندو هو ۽ اُهي بورڊ کي پنهنجو هڪ ”فڪري مرڪز“ تصور ڪندا هئا. بورڊ ۾ اچي انهن تجربيڪار ۽ سينئر صلاحيتمند دوستن سان ويچار ونڊڻ ۽ صلاح مشورو ڪرڻ سندن معمول جو دستور هوندو هو. توڙي جو عملي ڪم جا موضوع اڪيچار هوندا هئا، پر مقصد جو ”مرڪزي نقطو“ فقط هڪ ئي هوندو هو: ”روشن، خود اختيار ۽ خوشحال سنڌ“. لاڙڪاڻي مان مخلص قومي ڪارڪن ڪامريڊ تاج محمد ابڙو، گاهي گاهي بورڊ ۾ ايندو هو. جويي صاحب سان ملاقاتون، رباني صاحب سان خيالن جي ڏي وٺ ۽ گرامي صاحب سان طويل ڪچهريون. ياد اٿم ته اهو روح پرور سلسلو ۱۹۶۳ع کان وٺي ۱۹۷۳ع تائين، منهنجي اکين اڳيان جاري رهيو ۽ ڪامريڊ تاج کي ڏسڻ پسڻ ۽ ملڻ جلڻ جا لاتعداد موقعا فراهم ٿيا. سچ! ته سراپا ”اخلاص“ هو. اهڙين ملاقاتن دوران، سائين تاج جي جنهن نمايان خوبين مون کي خاص طرح سان متاثر ڪيو، سا هئي سندس ”ذهانت ۽ سنجيدگي“ (۽ اها به ايتري قدر جو ڪامريڊ مون کي هميشه گهٽ-ڳالهائو محسوس ٿيندو هو) جويي صاحب، رباني صاحب ۽ گرامي صاحب وٽ ڪامريڊ تاج لاءِ غير معمولي طرح، بي انتها احترام هوندو هو ۽ هُو کيس جيءَ ۾ جايون ڏيندا هئا. ان حقيقت مان چٽيءَ طرح سان ثابت ٿيندو هو ته ”گهڙو ڀَريل آهي ۽ خوب ڀريل آهي!“ خاص طرح سان گرامي صاحب وٽ ڪامريڊ جون جيڪي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪچهريون جاري رهنديون هيون، تن جو تات-پرج هوندو هو: ”سنڌ جي عظمت جو احساس ۽ سنڌ جي روشن مستقبل لاءِ جرئتمندانه جاکوڙ ۽ جدوجهد.“ ٻئي طرف سائين تاج جو مطمع نظر سندس سنجيده روشن چهري مان پيو بُکندو هو: ”سنڌ جي ڏتڙيل ۽ پيڙهيل طبقن، خاص ڪري هارين جي ڇوٽڪاري لاءِ پاڻ پتوڙڻ ۽ اُنهن جي خوشحال مستقبل لاءِ جَتن ڪرڻ.“ فڪر و نظر جي اها مماثلت ئي کاٻيءَ ڌُر جي مزاحمتي آدرش وادي ٻين قومي ڪارڪنن وانگر ڪامريڊ تاج کي بورڊ ۾ وٺي ايندي هئي. ۱۹۷۰ع ڌاري، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي وفات ٿي. اُن کان اڳ سانده ست سال، شايد ئي ڪا شام اهڙي خالي گذري هجي جو ”هاري حقدار“ پريس ۽ ”حيدر محفل“ (اوطاق) تي منهنجو ڀيرو نه ٿيو هجي. شام جو روزانو، گرامي صاحب ۽ ”ڪراچي هوٽل“ پاڻ ۾ لازم ملزوم هوندا هئا. گڏجي گهران هيٺ لهبو هو ته چند قدمن تي ”حيدر محفل“! (باباءِ سنڌ جي وفات کانپوءِ به اهو سلسلو قائم رهيو.) ڪامريڊ جي وڏي فرزند مظهر حيدر ۽ گرامي صاحب جي دوستي مثالي هئي. ان ڪري ”حيدر محفل“ سدائين گهر وانگر ئي هو. اهڙي پس منظر ۾، سڄيءَ سنڌ جي سمورين آفتاب ۽ ماهتاب هستين کي بار بار ڏسڻ، بار بار ساڻن ملڻ جلڻ، اُٿڻ ويهڻ ۽ سندن خيالن کي ٻُڌڻ جا اڪيچار يادگار موقعا ملندا رهيا. اُتي ڪامريڊ تاج کي ”حيدر محفل“ ۾ باباءِ سنڌ وٽ، هڪ مستقل عقيدتمند جي حيثيت ۾ مون گهڻو ڏٺو ۽ خوب ڏٺو. دستور موجب، ڪامريد وٽ سائين تاج لاءِ جيءَ ۾ جايون هيون ۽ باباءِ سنڌ سندس ججهي عزت ڪندو هو. مون کي ياد آهي ته جتوئي صاحب جي وفات کانپوءِ به سائين تاج حيدر محفل تان ڀيرو ڪو نه ڀڳو ۽ سندس فرزندن مظهر حيدر وٽ گاهي گاهي سندس اچڻ پيو ٿيندو هو. ان طرح گرامي صاحب، ڪامريڊ غلام حسين سومري، ڪامريڊ عبدالمجيد لغاري ۽ ٻين هاري ڪارڪنن سان سندس محبت جو رستو قائم رهيو. ان ڳالهه مان ثابتي ٿي ملي ته ڪامريڊ تاج کي ”هاري ڪاز“ لاءِ هڪ مستحڪم ۽ مڪمل ”ڪمٽمينٽ“ هئي، جنهن تي هُو سدائين ڪاربند ۽ پختو رهيو. اڳتي هلي جڏهن ۱۹۷۳ع ڌاري بورڊ جون آفيسون شهر مان شفٽ ٿي، ڄامشوري ۾ قائم ٿيون ته اديبن، شاعرن ۽ قومي ڪارڪنن ۽ بورڊ جي وچ ۾ ڪجهه ماٺائي ۽ فرق پيدا ٿيا. جويو صاحب بورڊ ۾ نه رهيو ۽ گرامي صاحب جهان ڇڏيو. بدليل ماحول ۾، بورڊ به تبديل ٿيل رُخ اختيار ڪيو. سائين تاج وري بورڊ ۾ ڪڏهن نظر ڪو نه آيو. ڪامريڊ تاج سان آخري ملاقات ياد اٿم، لاڙڪاڻي ۾ سندس اوطاق تي سندس يادگار دعوت ۽ علمي ڪچهري شايد ۱۹۷۴ع جو سَن آهي، جو محمد علي جوهر آل سنڌ ادبي ڪانفرنس ۽ شاعري جو انتظام ڪيو هو. ٻن ڏينهن جي ان يادگار اجتماع کان پوءِ، گرامي صاحب کي سندس عقيدتمند ۽ نامياري محقق ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ، وڏيءَ سڪ سان پاڻ وٽ ٽِڪايو ۽ ڏاڍي خدمت ۽ خاطرداري ڪيائين. دعوتن جي ان سلسلي ۾ هڪ شام ڊاڪٽر شيخ عبدالقيوم ”طراز“ چانهه پارٽي ڪئي ۽ ڪامريڊ تاج پنهنجي اوطاق تي هڪ شاندار ضيافت جو اهتمام ڪيو. اهو به ياد اٿم ته اُن عشائيه ۾ مڇيءَ جا مختلف ڊشز ۽ خاص طرح بيهَن جو پُلاءُ مکيه اسم هئا. مقامي اديبن شاعرن سان گڏ سائين تاج پنهنجا دوست عبدالرزاق سومرو، چاڪر علي جوڻيجو، پروفيسر عبدالمنان چانڊيو، عبدالحق سولنگي ۽ ڪامريڊ جمال الدين بخاري به سڏيا هئا. ڪامريڊ تاج جهڙي عُمدي ڊنر کارائي، وري اهڙي ئي شاندار علمي ڪچهري به برپا ڪيائين. سندس محبت آفرين وسيع دسترخوان، وسرڻ جو ناهي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو صحيح معنيٰ ۾ هڪ اهلِ دل ۽ روشن ضمير ”سنڌ سڄڻ“ مخلص قومي ڪارڪن هو، جنهن جي سيني ۾ قدرت واري سنڌ جي خوشحاليءَ لاءِ هڪ مستقل تڙپ واري دردمند ۽ پُراُميد دل رکي هئي. تاج محمد ابڙو مرحوم منهنجو هم پيشه، هم مشرب ۽ همراز محمد ابراھيم جويو انگريزيءَ جي مشهور چوڻي آهي ته “مئن ازنون فرام دي ڪمپني هي ڪيپس.” مطلب ته “ماڻهو سڃاپجي ٿو سندس سنگت مان.” تاج محمد ابڙي جي سنگت ۾ سائين جي ايم سيد، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، شيخ اياز، شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ کان وٺي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، پير حسام الدين راشدي، سيد غلام مصطفيٰ شاهه، حفيظ قريشي، ضاضي فيض محمد، جمال الدين بخاري، برڪت علي آزاد، مولوي نذير حسين سنڌي، رشيد ڀٽي، گوبند مالهي، نسيم کرل، ڪيرت ٻاٻاڻي، هري دلگير درياڻي، ڪامريڊ مير محمد ٽالپر، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، سراج الحق ميمڻ حميد سنڌي، نور الدين سرڪي ۽ ٻيا سندس دور ۽ عمر جا ڪيئي مڻيادار، محبتي، ڀلارا ۽ ڀلمانس ڳڻيا وڃن ٿا، انهن مان گهڻن سان ۽ خود ساڻس سڌو سنگ منهنجو به رهيو آهي، ۽ انهن مان ڪيترن ئي ٻين سان نياز مندي جو شرف مون کي به نصيب ٿيل هو. پاڻ جڏهن صديءَ جي چاليهن وار ي ڏهاڪي جي شروع ۾ لاڙڪاڻي مان نڪري ڪراچيءَ پڙهڻ آيا، تڏهن کان وٺي تاحيات منهنجو ساڻس سڌو سنگ رهيو. ۱۹۴۱ع ۾ آءُ بمبئيءَ مان تدريسي تربيت وٺي، بي ٽيءَ جي ڊگري حاصل ڪري موٽيو هئس ۽ اچي پنهنجي مادر علمي سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچيءَ ۾ پنهنجي ماستريءَ جي منصب تي دخلڪار ٿيو هئس. بندر روڊ تي، سعيد منزل جي ڀرسان، حاجي چانڊو بلڊنگ ۾ هڪڙو فلئٽ مسواڙ تي وٺي، اسين پنج ڄڻا، دادو ضلعي جا ويٺل ٽي، سنڌ مدرسي جا ماستر حاجي خان لغاري، شير محمد راهوجو ۽ آءُ، ڪراچي لوڪل بورڊ جو اڪائونٽنٽ ڪلارڪ عبدالرحمان سومرو ۽ پنجون سکر ضلعي جو ويٺل جنرل پوسٽ آفيس ڪراچيءَ جو ڪلارڪ ڌڻي بخش دايو صاحب ان فليٽ ۾ رهائش ڪلب ٺاهي، ٿانيڪا ٿيا ويٺا هئاسين. هڪ ڏينهن محمد صالح مشوريءَ نالي خيرپور ناٿن شاهه جو هڪ جوشيلو اڌڙوٽ عمر جو همراهه حاجي خان لغاريءَ جو مهمان ٿي، اسان وٽ آيو. پاڻ فوج جي ڪنهن آفيس ۾ سينيئر ڪلارڪ هو. ڏاڍو ٿي ڳالهائين. ڪافي ڪي احوال هئس. آءُ پاڻ جيڪو بمبئيءَ مان پارٽيءَ جي باني اڳواڻ، ڪامريڊ ايم اين راءِ جا لکيل انگريزي مضمون پڙهي آيو هيس، سو محمد صالح مشوريءَ جي ملڪي ۽ عالمي ڳالهيان ۾ وٺجي ويس. ڳالهين ڳالهين ۾ هن مون کي ڪامريڊ برڪت علي آزاد جو ترجمو ڪيل سنڌي ڪتاب جو “نوجوانن” ڏانهن ۽ اصلي پرنس ڪروپاتڪن جو روسي زبان ۾ لکيل ۽ پوءِ انگريزيءَ ۾ آيل، ڪڍي ڏنو. ۽ پڻ علامه عنايت اللھ مشرقيءَ جي اردو ڪتاب “تدڪره” جو ڏاڍن دل لڀائيندڙ لفظن ۾ ذڪر ڪيائين، جيڪو ٻئي ڏينهن مون وٺي اچي پڙهڻ شروع ڪيو. نوجوانن ڏانهن ڪتابچو ته پهرين ڏينهن يڪساهي پڙهي پورو ڪيم. اهو ڪتابچو پهرينءَ ئي پڙهڻيءَ ۾ منهنجي دل ۾ ائين ويهي ويو، جو عمر ڀر منهنجو اهو بنهه ڄڻ “بائيبل” بڻجي ويو. علامه مشرقيءَ جو “تذڪره” ۽ جيڪو مذهب الاسلام جو سندس پنهنجو علقمنداڻو تعبير Rational interpretation سان رستي ۾ پڙهيم ۽ ان جي انيڪ معقول ڳالهين مان هڪ ڳالهه منهنجي ذهن تي پائدار اثر ڪيو. ڪنهن جو نالو عبداللھ هجي ۽ ٻئي جو گوپالداس وغيره! انهن ڏينهن ۾ ڊي، جي، سنڌ، ڪاليج، اين اي ڊي انجنيئرنگ ڪاليج، شهاڻي لاءِ ڪاليج جي مسلمان شاگردن دادو ضلعي جي شيخ انصاريءَ ۽ ٿرپارڪر جي ضلعي مان عبدالستار شيخ (۽ ٻين) مسلم ليگ ڏانهن مائل، “سنڌ مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن” ٺاهي هئي، اهي ٻيئي ڄڻا هڪ ڏينهن اسان جي ڪلب ۾ اچي نڪتا، ساڻن گڏ تاج محمد ابڙو به هو. جنهن کي ان ڏينهن مون پهريون ڀيرو ڏٺو هو. ٽنهي مان تاج محمد ابڙو مون کي ڳالهين ۽ مامرن جي تور تڪ ۽ ڇنڊڇاڻ ۾ وڌيڪ چست ۽ باخبر لڳو. ويندي ويندي هن کي مون محمد صالح مشوريءَ وارو ڪتابچو پڙهڻ لاءِ ڏنو. ٻئي ڏينهن هو هلي مون وٽ آيو، پر ڪتابچي جي تاثر ۾ مونکي هو بنهه سرشار ڏسڻ ۾ آيو، اهو ڏينهن ۽ سندس سڄي عمر پوءِ، اسين ٻيئي هڪٻئي جي سنگ ۾ ائين گڏ رهياسين جيئن يڪ ڪالب دو جان، ۽ اڄ به جڏهن هو پنهنجي ياد ۾ هو مون سان گڏ آهي. ۱۹۴۷ع تائين جيسين هو ڪراچيءَ ۾ پنهنجي تعليم ۾ جتيل هو، خاص ٻيا ٻه ڪتاب به مون هن کي سعيو ڪري پڙهڻ لاءِ ڏنا، هڪڙو ڪامريڊ ايم اين راءِ جو ڪتاب The Historical Role of Islam جنهن جو تن ڏينهن مون سنڌي “اسلام جو تاريخي ڪارنامو” نالي سان ڪيو هو ۽ ٻيو منهنجو پنهجو ۱۹۴۷ع ۾ شايع ڪيل انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتاب “Save Sindh save the continent from feudal lords capitalists & their communication” (سنڌ بچايو وڏو کنڊ بچايو. جاگيردارن ۽ سرمائيندارن ۽ سندن فرقيوار گهوٽالن کان)، جنهن جي سزا ۾ مون کي سنڌ مدرسي مان پنهنجي ڏهن سالن جي نوڪريءَ تان هٿ کڻڻو پيو هو. پر ماڻهوءَ جو سنگ رڳو ماڻهن سان نه پر ٻين شين سان پڻ تاحيات جڙجي ٿو ۽ جتيو رهي ٿو. مثال طور ڪتابن سان تاج محمد ابڙي ۽ منهنجو ٻيو سنگ ڪتابن جي ڌاڳي سان ڳنڍيل هو. ان جو هڪڙو مثال اهو آهي، جو انهن ڏينهن ۾ ٿنڪرس لئبرريءَ جي سلسلي جا انگريزي ڪتاب ولايت مان ڇپجي، سڄي دنيا ۾ شايع ٿيڻ لڳا هئا، ۽ سنڌ ۾ به اچڻ لڳا هئا. قيمت اهي اٺ آنا في ڪتاب، وڌ ۾ وڌڪ روپيو به ۽ جيستائين ۱۹۴۷ع تائين تاج محمد ڪراچي ۾ رهيو ۽ پوءِ به جيستائين انهن ڪتابن جو سلسلو جاري رهيو تيستائين اسين ٻيئي پاڻ ۾ انهن ڪتابن جي عشق ۾ ڀائيوار رهياسين، تان جو جڏهن پاڻ ۱۹۸۵ع ۾ نوڪريءَ تان رٽارئڊ ڪيائين تڏهن ٻنهي پاڻ ۾ ٿنڪرس لئبرريءَ جي ڪتابن جي لسٽن جي ڀيٽا ۽ مٽاسٽا ڪري ڏٺوسين ته مون وٽ ٽيهارو کن اهي ڪتاب موجود هئا ۽ وٽس به ڪجهه اوترا ئي هئا. ايئن ٻيا اهڙا منهنجا دوست مثال طور شيخ اياز، جمال صديقي، ڊاڪٽر نجم عباسي، سوڀو گيانچنداڻي ۽ ٻيا وقت بوقت هڪٻئي سان فخر ۽ خوشيءَ ۾ ڀرجي انهن بابت پيا حالي حوالي ٿيندا هئاسين. ٻيو سنگ ماڻهو جو ماڻهن سان زندگيءَ جي ڪن اهڙن مامرن جي حوالي سان پڻ ڳنڍجي ٿو ۽ محڪم بڻجي ٿو. مثال طور هم پيشگيءَ جو سنگ جيئن مون شروع ۽ آخر تائين ماستري ڪئي ته تاج محمد ابڙي به شروع ۾ سهي پر ماستري ضرور ڪئي! هيءُ ماستري جو، استاديءَ جو منصب به منهنجي تجربي ۽ مشاهدي ۾ اهڙو لڳڻو ۽ نه ڇڏڻو پڪو ۽ پختو رنگ ٿئي ٿو. جو ٿوري مدت ئي هجي پر ماڻهن جي طبيعتن کي سڄي عمر جي سڃاڻپ ۽ ساڳيائپ ڏيئي ٿو ڇڏي. ماستري، استادي، يعنيٰ سکڻ ۽ سيکارڻ، پڙهن ۽ پڙهائڻ، پنهنجي پورهئي مان پرائڻ ۽ پراپت ڪرڻ ۽ پوءِ سڀڪجهه ڏيئي ڇڏڻ جو اتساهه مون تاج محمد ابڙي ۽ منهنجن اهڙيءَ طبعيت رکندڙ سڀني ساٿين، سنگتين ۽ دوستن ۾، پاڻ کان چار رتيون ڪثر موجود ۽ عمل پيرا ڏٺو. پنهنجي پنهنجي پيشي جي سان لاڳاپيل فرض ادائي جي دائري ۾ ۽ ان کان ٻاهر زندگيءَ جي ٻين عام معاملن ۾ به، هن سر گهور ۽ من اڇل جي عادت کي پنهنجي من ورونهن ڪري ڇڏڻ کي اعليٰ اديبن، شاعرن، فنڪارن، استادن ۽ پڻ اعليٰ مقصدي سياست ۽ پبلڪ توڙي پرائيويٽ سروس جي دائري ۾ ماڻهو جي چاهي ته پنهنجي خاص سڃاڻپ بڻائي سگهي ٿو. ان لاءِ سڀ کان وڌيڪ ماڻهوءَ جو سنگ، فرد (Individual) جي حيثيت ۾، پنهنجي پاڻ سان، پنهنجي ذهن ۽ ضمير سان، پنهنجي مقصد حيات سان هئڻ لازم آهي. ائين ماڻهوءَ لاءِ تڏهن ئي ممڪن آهي، جو هو پاڻ کي پاڻ ڏانهن ذميدار، پاڻ وٽ جوبداه، سمجهي ۽ سو تڏهن ٿيندو جڏهن اوتري قدر پاڻ کي هو آزاد به ڄاڻي. ماڻهو ڪروڙين صدين ۽ لاتعداد جڳن کان ان آزاديءَ جي احساس ۽ ماڻهن لاءِ پنهنجي ڪائناتي آسپاس سان برسر پيڪار رهيو آهي، ۽ پنهنجي فطري عقل جي آڌار تي پنهنجي ان تخليقي جدوجهد ۾ همه تن ومن مصروف پڻ رهندو آيو آهي. تاج محمد ابڙي مرحوم ۽ منهنجي سنگ سڄي عمر انهيءَ اتساهه ۽ امنگ تي هم آواز ۽ اهڙي مقصد ۽ مشرب جي همراز هجڻ ۽ رهڻ تي پڻ قائم رهيو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو منير چانڊيو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو صاحب، سنڌ جو هڪ محب وطن ۽ انسان دوست اديب، سياستدان، صحافي، استاد ۽ سماج سڌارڪ هو. جنهن سنڌ ۾ پورهيت، مظلوم ۽ محڪوم عوام جي حقن لاءِ ۽ جاگيرداراڻي ۽ طبقاتي نظام جي ظلم، جبر، ڏاڍ، ڏهڪاءَ ۽ ٻين سمورين بڇڙاين جي خلاف جدوجھد ڪئي. هن سنڌ ۾ علمي، ادبي، سياسي، سماجي ۽ قومي نئين سجاڳيءَ لاءِ ۽ سماجي انصاف ۽ برابريءَ لاءِ پنهنجو پاڻ ارپي ڇڏيو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ۲ آگسٽ ۱۹۲۴ع تي لاڙڪاڻي ضلعي جي هڪ زميندار قادر بخش خان ابڙي جي گھر ۾ پيدا ٿيو. اولاد ۾ سڪيلڌو پٽ هو. اڃا ننڍو ئي هو ته سندس والد گذاري ويو. جنهن کان پوءِ مٿس وڏيءَ ڀيڻ ۽ ڀيڻيوي جي شفقت ۽ محبت رهي. سندس ڀيڻيوو محمد عثمان ميمڻ هڪ پوليس آفيسر هو، جنهن کي پنهنجي اولاد نه هئي، ان ڪري هن کيس پنهنجي اولاد جيئن پاليو ۽ پنهنجين محبتن جو مرڪز بڻائي ڇڏيائينس. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي صاحب پنهنجي ابتدائي تعليم، پنهنجي ان ئي عالم فاضل ڀيڻ وٽان پرائي، جيڪا سنڌيءَ سان گڏ فارسيءَ جي به سٺي ڄاڻو هئي. پرائمري تعليم قمبر مان حاصل ڪيائين. جنھن بعد گورنمينٽ هاءِ اسڪول قمبر ۾ داخل ٿيو، جيڪو ان وقت پنهنجي تعليمي معيار جي ڪري گھڻو مشهور هو، جتي ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي ۽ ٻيا ڪيترا ئي ناليوارا سياسي ۽ سماجي اڳواڻ ۽ اديب تعليم پرائي چڪا هئا. سندس ڀيڻيوي جي پوليس کاتي ۾ نوڪري هجڻ جي ڪري، مختلف شهرن ۾ بدلي ٿيندي رهندي هئي. ان ڪري هن قمبر هاءِ اسڪول جي هاسٽل ۾ رهي ترتيب سان تعليم پرائي. ان کان پوءِ هن مدرسه هاءِ اسڪول ۾ سيڪنڊري تعليم حاصل ڪئي، ۽ وڌيڪ تعليم پرائڻ لاءِ ڊي. جي ڪاليج ڪراچيءَ ۾ داخل ٿيو. ڪراچيءَ ۾ رهندي هو ريڊيو ڪراچيءَ تي نيوز ڪاسٽر مقرر ٿيو ۽ ڪيتري ئي وقت تائين پنهنجي وڻندڙ، صاف ۽ گونجدار آواز ۾ خبرون پڙهندو رهيو. ڪراچيءَ مان واپسيءَ کان پوءِ ميونسپل هاءِ اسڪول قمبر ۾ انگريزيءَ جو استاد مقرر ٿيو، پر سندس شخصيت کي اهو شعبو راس نه آيو. بعد ۾ ڪراچيءَ مان ايل ايل بي ڪرڻ کان پوءِ، لاڙڪاڻي ۾ وڪالت ڪرڻ شروع ڪيائين. ڪجهه وقت کان پوءِ اسسٽنٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر ۽ پوءِ ڊسٽرڪٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر مقرر ٿيو. انهيءَ عرصي ۾ هو سنڌ ۽ بلوچستان جي ڪيترن ئي شهرن ۾ بدلي ٿي، پنهنجا فرض سرانجام ڏيندو رهيو. هر هنڌ، قانون جي گھري ڄاڻ جي ڪري، پنهنجو اهڙو ڌاڪو ڄمائيندو رهيو، جو کيس ان جي ڄاڻ جي ڪري ۱۹۷۲ع ۾ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشنس جج بڻايو ويو. ۱۹۷۸ع ۾ ترقي ڪري ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشنس جج مقرر ٿيو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي شادي، بيگم حاڪمزادي ميمڻ سان ٿي. جنهن مان کيس چئن نيڪ نياڻين ۽ پنجن پٽن جو صالح اولاد ٿيو. سندس وڏي نياڻي خالده ابڙو آهي، جنهن گريجوئيشن تائين تعليم حاصل ڪئي. سندس شادي محمد صديق ميمڻ سان ٿي، جيڪو ڀان سيد آباد جو زميندار آهي ۽ گذريل بلدياتي اليڪشن ۾ ناظم پڻ رهيو آهي. سندس ٻي نياڻي ڊاڪٽر عابده ابڙو آهي، جيڪا سر ڪائوسجي جھانگير انسٽيٽيوٽ آف سائيڪياٽري حيدرآباد ۾ ڊاڪٽر آهي. سندس شادي ڊاڪٽر نجيب ميمڻ سان ٿي، جيڪو لياقت يونيورسٽي آف هيلٿ اينڊ ميڊيڪل سائنس ڄامشوري ۾ پروفيسر آهي. سندس ٽئين نياڻي شاهده پروين آهي، جيڪا سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي ۾ حيدرآباد ريجن جي پرائيويٽ اسڪولس ۽ ڪاليجز جي ڊپٽي ڊائريڪٽر آهي. هن جي شادي ڪوآپريٽيو هائوسنگ سوسائٽي جي رجسٽرار ساجد سرهيي سان ٿي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي چوٿين نياڻي سنڌ جي نوجوان شاعره، ڪالم نويسه ۽ مهراڻ ٽي وي جي عورتن جي پروگرام ’بنتِ هوا‘ جي ميزبان زاهده تاج ابڙو آهي. هوءَ حيدرآباد جي هڪ گرلس هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ مسلم هسٽري مضمون جي سبجيڪٽ اسپيشلسٽ آهي. سندس شادي ڊاڪٽر محمد اسماعيل ميمڻ سان ٿي، جيڪو سول اسپتال حيدرآباد ۾ ايڊيشنل ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ آهي. ان کان پوءِ سندس صالح پٽن ۾ سنڌ جو نوجوان ڪالم نويس ۽ اديب مير نادر علي ابڙو آهي. جيڪو سنڌ جي ۵۰ کان مٿي معروف ۽ ڪُنڊائيتن شخصيتن ۽ ايتري ئي تعداد ۾ ٻين سماجي ۽ ادبي موضوعن تي لکي چڪو آهي. جيڪو اينٽي ڪرپشن کاتي ۾ سرڪل آفيسر آهي. ان کان پوءِ سندس ٻيون پٽ حيدر علي ابڙو آهي، جيڪو لاڙڪاڻي ۾ وڪالت ڪري ٿو. سندس ٽيون پٽ گوهر علي ابڙو گورنمينٽ ڪاليج مٽياري ۾ پوليٽيڪل سائنس مضمون جو ليڪچرار آهي. سندس چوٿون فرزند مظهر علي ابڙو آهي، جيڪو ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جو ڊپٽي ڊسٽرڪٽ اٽارني آهي. سندس آخري فرزند ذوالفقار علي ابڙو آهي، جيڪو پڻ لاڙڪاڻي ۾ ئي وڪالت ڪري ٿو. ان مان چڱيءَ ريت معلوم ٿئي ٿو ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙي صاحب، پنهنجي ٻارن جي تعليم ۽ تربيت تي خاص ڌيان ڏنو. جيئن جيئن ڪامريڊ جي شخصيت جا علمي، ادبي، سياسي، صحافتي ۽ سماجي پاسا وڌيڪ نروار ٿيندا ويندا، ساڻس بي پناهه محبت ۽ احترام پيدا ٿيندو ويندو. هو پنهنجي سوچ ۽ عمل ۾ ڏاڍو نرالو انسان هو، ۽ سندس سنڌ ۽ سنڌي قوم جي نجات لاءِ جدوجھد ته غير معمولي هئي، پر سندس ذاتي سڀاءُ ۽ طبعيت جي وڏائي به ڏسڻ ۽ خراج تحسين پيش ڪرڻ جي لائق آهي. ڊاڪٽر اياز قادري لکي ٿو ته: تاج محمد کي شاگرديءَ واري زماني ۾ اخبار ڪڍڻ جو ڏاڍو چاهه هو. ان بابت مون سان صلاح ڪندو هو. مان هميشه چوندو هيومانس؛ ”تيل کانسواءِ ڏيئو نه ٻرندو. پاڻ تڪڙا ماڻهو آهيون، پيٽ ئي مشڪل سان ٿا پاليون. اخبار جي عياشي نه ڪري سگھنداسين. هن ڪجهه پئسا پاڻ ۽ ڪجهه پئسا دوستن کان هٿ ڪري ’نوجوان‘ نالي سان هڪ اخبار شروع ڪئي. ان جو ايڊيٽر مون کي مقرر ڪيائين.“ ان مٿئين ٽڪري کي پڙهڻ سان گڏ، ڊاڪٽر اياز قادري صاحب جي ئي لکيل هن ٻئي ٽڪري کي پڙهو ۽ ڪامريڊ تاج محمد جي وڏائي ۽ عظمت جو اندازو لڳايو. ”تاج محمد ابڙي جي ڪوشش سان، سال ۱۹۵۶ع ۾ لاڙڪاڻي جي تجر باغ ۾ شاهه عبداللطيف جي ورسي ملهائي وئي. جيتوڻيڪ ورسيءَ جو سڄو سمورو بندوبست هن پنهنجي هڙون توڙي وڙون ڪيو، پر جيڪي دعوت نامه جاري ڪيا ويا سي منهنجي نالي سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت جي حيثيت سان ويا. مان سمجھان ٿو ته لاڙڪاڻي جي تاريخ ۾ ڀٽائيءَ جي اهڙي شاندار ورسي اڳ ڪڏهن به نٿي هئي.“ تنوير عباسي صاحب لکي ٿو ته: ”ون يونٽ جو اونداهو دور هيو. ادب ذريعي انقلاب جي ان تحريڪ جي روشنيءَ جو پهريون ڪرڻو لاڙڪاڻي ۾ تاج محمد ابڙي جي اوطاق مان اسريو ۽ سڄيءَ سنڌ ۾ ڦهلجي ويو. .... تاج محمد ابڙو وڪيل هيو پر وڪيل کان وڌيڪ دانشور هيو. ادب، تاريخ، فلسفو سڀ پڙهندو هو. دوستن سان بحث ڪندو هو. هو رڳو پڙهڻ وارو نه هو بلڪ ڪڙهڻ وارو به هو. هاري تحريڪ، نيشنل عوامي پارٽي، سنڌ عوامي محاذ، ۽ بعد ۾ پي پي، مطلب ته جيڪا به تحريڪ سنڌ جي پيڙهيل طبقن جي بحالي ۽ آجپي جي لاءِ اٿي، ان ۾ ڀرپور حصو ورتائين.“ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جو انسانذات سان روح جو اٽوٽ رشتو هو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو پنهنجي زندگيءَ جو سمورو شعوري عرصو غريب ۽ مظلوم، پورهيت ۽ هاري عوام لاءِ عملي جدوجھد ڪندي گذاريو. ھن پنهنجي هڙان وڙان ادبي ۽ صحافتي شعبن ۾ خدمتون سر انجام ڏنيون. محمد ابراهيم جويو صاحب لکي ٿو ته: ”منهنجي نظر ۾ تاج محمد ابڙو انساني معاشري جي هر ڀَلان ڀَل ڀلمانَس وانگر، پنهنجي مثالي زندگيءَ ۾ سڄو شعوري عمر جو عرصو ٽن ڳالهين کان پرهيز ۾ رهيو ــ ذاتي ۽ گروهي حرص هَوس کان، نفرت ۽ وڏائيءَ کان ۽ تاريڪ خياليءَ جي هر مونجھاري ۽ انتشار کان، ۽ خالص ان ٽنهين منفي فڪر ۽ عملي آزار کان آزاد هجڻ سبب ئي سڄو وقت هو سنڌ ۽ سنڌي قوم جي نجات لاءِ عوام دوست قومي انقلاب جي مقصد سان پوريءَ محڪمتا سان واڳيل رهيو.“ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو صاحب، شخصي حوالي کان پڻ انتهائي اعليٰ ۽ وڏ ماڻهپي وارو انسان هيو. سائين انيس انصاري صاحب لکي ٿو ته: ”پنهنجي در تي ڪم ڪندڙن جي پيو پرگھور لهندو هو. کين سٺي کاڌي سان گڏ سٺا ڪپڙا وٺي ڏيندو هو. کين سٺي سواريءَ لاءِ سائيڪلون ۽ وقت ڏسڻ لاءِ واچون به وٺي ڏيندو هو.“ اها ڳالهه پڙهي سوچيو ته اڄ جي دور ۾ جتي ڪنهن غريب کي رڳو غربت جي ڪري انسان ئي نٿو سمجھيو وڃي ۽ ساڻس بلڪل نامناسب رويو اختيار ڪيو وڃي ٿو ۽ اهڙا رويا اسان جا ڪيترا ئي نام نهاد اديب ۽ شاعر وغيره پڻ رکندا اچن. اتي هن ماڻهوءَ جو ماڻهپو ڪيترو عظيم آهي. ان ئي حوالي سان سائين انيس انصاري صاحب جون لکيل ٻه ڳالهيون ٻيون به ڏاڍيون اعليٰ آدرشي لڳيون: ”سکر ۾ ابڙي صاحب جي گھر مان چوري ٿي وئي. چور سڄو گھر ٻهاري ويا. چوريءَ ۾ تاج محمد ابڙي جي گھر واري، والده ۽ ڀيڻ جا سونا زيور به شامل هئا. اها چوري پڪڙجي نه سگھي. البته پوليس جڏهن ڪجهه پڪڙيل زيور سڃاڻپ لاءِ سندس گھر آندا ته تاج محمد پنهجي گھر تاڪيد سان چيو ته هو صرف پنهنجا زيور، پنهنجا ڪن. پروان تي هٿ نه رکن. انهن زيورن ۾ ڪو به زيور سندس ڪو نه هو، ان ڪري پنهنجو نه ڪيائون.“ ان واقعي کي پڙهڻ کان پوءِ پڙهي سچ ته ڪيترو ئي وقت هن عظيم انسان جي باري ۾ سوچيندو رهجي ٿو. سندس سچائيءَ تي بي پناهه پيار ايندو رهي ٿو. اڄ جي دور ۾ جڏهن ڪنهن مسجد مان ڪو هيروئني ڪنهن نمازيءَ جي چپل چورائي ايندو آهي ته اهو وري ٻئي جماعتيءَ جي چپل پائي ايندو آهي، پر هن اڏول شخص جي اخلاقي سطح ته ڏسو! گھر آيل زيور موٽائي ڇڏيائين. هينئر جي سوچجي ته اسان مان اهڙا گھڻا ماڻهو اهڙو اخلاقي مظاهرو ڪري سگھن ٿا! هو پنهنجي وصيت نامي ۾ پنهنجي عيال کي هدايت ڪندي لکي ٿو ته؛ ”منهنجا دوست ڪافي آهن، پر هر ڪنهن کي پنهنجا مسئلا در پيش آهن. تنهنڪري انهن کي ڪا تڪليف نه ڏيندا. البته پاڻ ۾ اختلاف يا ڪنهن مسئلي تي سندن صلاح ضرور وٺندا. انهن جي هر وقت عزت ڪرڻ اوهان جو فرض آهي ۽ سندن اولاد سان پڻ تعلق رکڻ جي ڪوشش ڪندا. کانئن ڪڏهن به مالي مدد جي طلب نه ڪندا. ها البت ضرورت وقت اخلاقي مدد ضرور وٺندا ۽ مون کي يقين آهي ته هو ان ۾ پوئتي پير نه ڏيندا. مون تي منهنجا محسن ۽ دوست سدائين مهربان رهيا آهن، جن جو آئون شڪر گذار آهيان.“ سچ ته هن عظيم انسان جو هر عمل بنهه حيرت ۾ وجھندڙ آهي. اسان پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪيترن ئي نالي چڙهيل اديبن، شاعرن ۽ ڪامريڊن کي سندن شخصي زندگيءَ ۾ جيترو ننڍڙو ڏٺو آهي، اهو ڪنهن به نوجوان ليکڪ جي مايوس ٿيڻ لاءِ ڪافي آهي، پر ڪامريڊ تاج محمد ابڙو صاحب الاءِ ته ڪهڙي جُڳ جو ماڻهو هو! لطيف جي سر رامڪليءَ جو ڪو جيئرو جاڳندو ۽ حقيقي ڪردار هو؟ حضرت محمد صلعم جي انساني ڀلائيءَ واري پيغام جو عملي روپ هو؟ يا مارڪس جي پورهيت دوست فڪر جي عمل جو سچو پچو نادر شخص هو! هو اصل ۾ هو ڇا؟ پر يقيناَ هو اهو سڀ هو. نوري ۽ ناري، جوڳيئڙا جھان ۾، ٻري جن ٻاري، آئون نه جيئندس ان ري. (شاهه) تاج محمد ابڙو سندس شخصيت جا مختلف پاسا رئوف نظاماڻي سنڌ جو امله هيرو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو. هي ڪتاب محمد ابراهيم جويو جو ترتيب ڏنل آهي ۽ ۲۰۰۶ ۾ شائع ٿيو هو. هن وقت هي ڪتاب سنڌ سلامت جي ويب سائيٽ تي موجود آهي. هن ڪتاب ۾ مختلف ليکڪن، جن مان ڪي تاج محمد ابڙو سان ذاتي طور لاڳاپيل ۽ سندس دوست رهيا آهن ۽ ڪن رڳو سندس نالي ۽ ڪم متعلق ٻڌو آهي، سندس زندگي جي گھڻن پاسن متعلق لکيو آهي. تاج محمد پاڻ ڪڏهين ڪجھ به نه لکيو. جيڪڏهين ڪير کيس لکڻ لاء چوندو هو ته هو هٿ مٿي ڪري بيهي رهندو هو. پر ڪتاب جي مختلف مضمونن مان خبر پئي ٿي ته هو پاڻ هڪ گھڻ پاسائتي شخصيت جو مالڪ ۽ گھڻو پڙهيل لکيل ماڻهو هو. شروع ۾ ڪجھ عرصو استاد به رهيو. ان ڪري محمد ابراهيم جويو کيس پنهنجو هم پيشه چئي ٿو. صحافت سان سندس واسطو رهيو. هن ڪراچي ۾ ڪجھ عرصو الوحيد ۾ سب ايڊيٽر جي حيثيت ۾ نوڪري ڪئي ۽ ريڊيو ۾ انائونسر ٿي رهيو. نوجوان جي نالي سان پنهنجي هفتيوار اخبار به جاري ڪيائين جنهن جو ايڊيٽر اياز قادري هو پر مالي ڏکيائين جي ڪري گھڻي عرصي تائين ان کي جاري نه رکي سگھيو. ڪراچي ۾ سندس واسطو ڪميونسٽ پارٽي سان رهيو. هو اڳوڻي لائيٽ هائوس سينيما ويجھو پارٽي جي آفيس ۾ به ويندو هو. اتي هو. جمال بخاري، سوڀو گيانچنداڻي ۽ ٻين سان مليو. هو قادر بخش نظاماڻي کي پنهنجو استاد ڪري ليکيندو هو. هن مزدورن ۾ پارٽي جو ڪم به ڪيو پر قانون جي تعليم حاصل ڪرڻ کاننپوء لاڙڪاڻي هليو ويو جتي مختلف وڪيلن سان انهن جي جونيئرطور ڪم ڪيائين. لاڙڪاڻي ۾ جيئن ته گھڻا ڪارخانا ۽ مزدور نه هئا ان ڪري هتي موٽڻ کانپوء هن هارين ۾ ڪم ڪرڻ کي ترجيح ڏني ۽ حيدر بخش جتوئي سان سندس تعلق ٿيو. ساڳي وقت ڪميونسٽ پارٽي سان ڄڻ سندس واسطو هوندو ئي هو ۽ اهي مٿس اعتماد ۽ ڀروسو ڪندا هئا. اياز قادري پنهنجي مضمون ۾ ٻڌائي ٿو ته جڏهين مشهور ڪميونسٽ اڳواڻ حسن ناصر عتاب هيٺ ۽ روپوش هو ته ڪجھ ڏينهن لاء تاج محمد ابڙو جي اوطاق تي رهيو هو ۽ هن ڪنهن ڊپ ڊاء کانسواء کيس اتي رهايو هو. پر لڳي ائين ٿو ته لاڙڪاڻي موٽڻ کانپوء ان جي باوجود ته سندس تعلق حيدربخش جتوئي سان هو عملي سياست سان سندس واسطو ختم ٿي ويو هو. شروع ۾ ڪجھ عرصو سياست ۾ سرگرم رهڻ کانپوء هن وڪالت جو پيشو اختيار ڪيون. ائين چئي سگھجي ٿو ته تنظيمي طور سندس ڪنهن به سياسي ڌر ۽ جماعت سان واسطو نه رهيو. سنڌي ادبي سنگت کي هڪ مرڪز ڏيڻ ۾ به هن هڪ ڪردار ادا ڪيو. تنوير عباسي پنهنجي مضمون ۾ ٻڌائي ٿو ته هن رشيد ڀٽي ۽ مقبول ڀٽي اهو سوچيو ته مختلف جاين تي ڌار ڌار ادبي گڏجاڻيون ٿين ٿيون پوء ڇو نه انهن کي هڪ مرڪز تي گڏ ڪجي. ان وقت کين اهو موقعو لاڙڪاڻي ۾ جميعت الشعراء جي ڪانفرنس جي دعوت ملڻ سان هٿ اچي ويو. ان ڪانفرنس ۾ گھڻا هم خيال ليکڪ وغيره موجود هئا. ڪانفرنس کانپوء تاج محمد ابڙو اسان جي گڏجڻ جو انتظام پنهنجي جاء تي ڪيو جتي اسان گڏ ٿياسين ۽ سنگت جي نئين سر تنظيم ڪئيسين. اهڙي ريت اياز قادري ٻڌائي ٿو ته انهن ڏينهن ۾ لاڙڪاڻي ۾ لطيف ڊي جو هڪ شاندار پروگرام ڪيوسين جنهن جو سڄو خرچ ته تاج محمد پاڻ ڪيو پر ان جو سڄو ڪريڊٽ اياز قادري کي ڏنائين. . ان وقت لاڙڪاڻي ۾ سياسي ۽ ثقافتي لحاظ کان گھڻي سرگرمي ۽ گهما گهمي هوندي هئي. اياز قادري ٻڌائي ٿو ته شام جو مختلف جاين تي مختلف ماڻهن جون ڪچهريون ٿينديون هيون جن ۾ شهر ۽ ٻاهر جا گھڻا ماڻهو شريڪ ٿيندا هئا. لاهورين ۾ حاجي امير علي جي ڪچهري، پوسٽ آفيس جي سامهون عبدالغفور ڀرڳڙي جي ڪچهري، اسٽيشن جي ڦاٽڪ لڳ قاضي فضل الله جي ڪچهري، ٿورو هيٺ عبدالفتاح ميمڻ جي ڪچهري ۽ اهڙي ئي هڪ ڪحهري ٽائون ٿاڻي لڳ تاج مجمد ابڙو جي به هوندي هئي جيڪا انهن سڀني کان منفرد ۽ نرالي هوندي هئي. ان ڪچهري ۾ نه رڳو لاڙڪاڻي پر ٻين شهرن ۽ علائقن جا مختلف خيالن ۽ طبقن جا ماڻهو اچي شريڪ ٿيندا هئا ۽ چانه جي ديڳڙي هميشه گرم هوندي هئي. ان ڪچهري ۾ ڪڏهين ڪڏهين ذوالفقار علي ڀٽو، جنهن جي تاج محمد سان ويجھڙائي هوندي هئي ۽ هو مختلف معاملن ۾ ساڻس صلاح مشورا به ڪندو هو، اچي ويهندو هو. پڙهڻ سان کيس شروع کان ئي دلچسپي هئي. ڪراچي ۾ محمد ابراهيم جويو سان سندس تعلق جڙيو. هن کيس مختلف ڪتاب پڙهڻ لاء ڏنا. هو ٻڌائي ٿو ته ان وقت ٿنڪرس لائبريري جي سلسلي جا انگريزي ڪتاب ولايت ۾ ڇپجي سڄي دنيا ۾ شائع ٿيڻ لڳا هئا ۽ سنڌ ۾ به اچڻ لڳا هئا. انهن جي قيمت هوندي هئي اٺ آنا، ٻارنهن آنا في ڪتاب ۽ وڌ ۾ وڌ روپيو، ٻه ۽ جيستائين ۱۹۴۷ تائين تاج محمد ڪراچي ۾ رهيو ۽ پوء به جيستائين انهن ڪتابن جو سلسلو جاري رهيو تيساتئين اسين ٻيئي پاڻ ۾ انهن ڪتابن جي عشق ۾ ڀائيوار رهياسين. جڏهين پاڻ ۱۹۸۵ ۾ نوڪري تان رٽائر ڪيائين ته ڀيٽ ڪرڻ سان خبر پيئي ته ثنڪرس لائبريري جا جيترا ٽيهارو کن ڪتاب مون وٽ موجود هئا اوترا وٽس به هئا. اهڙي ريت ٽائيم ميگزين وٽس باقاعدي ايندو هو. وٽس ڪتابن جو چڱو خاصو ذخيرو هو. هو پوء وڪالت ڇڏي ذوالفقار علي ڀٽو جي چوڻ تي ايڊيشنل سنشن جج ۽ پوء سيشن جج ٿي رٽائر ٿيو. جج ٿيڻ کانپوء به سندس پنهنجن دوستن ۽ ٻين ماڻهن سان ساڳيو ورتاء هوندو هو. اياز پنهنجي مضمون ۾ ٻڌايو آهي ته جڏهين تاج محمد جي سکر ۾ تعيناتي هئي ته سندس ساڻس ڪجھ ذاتي ڳالهين تي اختلاف ٿيا هئا جيڪي پوء حل ٿي ويا هئا. جج هئڻ دوران به سندس طور طريقن ۾ گھڻو فرق نه آيو هو. سندس ڪوشش هوندي هئي ته عام ماڻهو کي انصاف ملي ۽ فائدو پهچي. ساڳي ريت شام جو سندس ڪچهري ٿيندي هئي. رٽائر ٿيڻ کانپوء آبهوا جي ڪري هن ٺٽي ۾ رهائش اختيار ڪئي پر لاڙڪاڻي سندس اچ وڃ هوندي هئي. هڪ ڀيري ٺٽي ۽ لاڙڪاڻي جي وچ ۾ سندس گھر وارن کان ڦر ٿي. ملزمن جي پڪڙجڻ کانپوء جڏهين تاج محمد جي گھر وارن کي سامان ڏيکاريو ويو ته هن کين خاص هدايت ڪئي ته رڳو اهو سامان کڻو جيڪو اوهان جو آهي. ان سامان مان ڪجھ به انهن جو نه هو ۽ اهو سامان ائين واپس ٿي ويو. ائين چئي سگھجي ٿو ته هو اهڙو شخص هو جنهن کي هڪ مثال طور پيش ڪري سگھجي ٿو. (رئوف نظاماڻيءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۴ آگسٽ ۲۰۲۲ع تي کنيل) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو تاريخ جو سرمايو فقير محمد سنڌي سنڌ جي اهم شخصيت ڪامريڊ تاج محمد ابڙو پنھنجي زندگيءَ ۾ قومي ۽ ثقافتي اهڃاڻن کي دلي داد به ڏنو ۽ ان قومي ڪردار کي تاريخ ۾ نئون موڙ به ڏنو. تاريخ ۾ تمام ٿورا فرد آهن جن قومن جي جاڳرتا کي پنھنجي زندگيءَ جو حصو سمجهي حقيقي رخن کي سماج اندر تبديليءَ، خوشحاليءَ جو پيڪر ڏئي سجاڳي جي دڳ لاٿو آهي. هي سر موڙ انسان جيڪو سدائين سنڌ جي تاريخ جو سرمايو رهندو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ۲- آگسٽ ۱۹۲۴ع تي ضلعي لاڙڪاڻي جي اڳوڻي تعلقي شھدادڪوٽ ۾ جنم ورتو. بنيادي طور هر انسان پنھنجي علائقي مان تعليم حاصل ڪندو آهي، اهڙي ريت ڪامريڊ تاج محمد ابڙو به قنبر، لاڙڪاڻي ۽ ڪراچيءَ مان تعليم حاصل ڪئي. ماحول جي اثر ڪري ڪامريڊ کي سياست طرف قدم وڌائڻو پيو۽ اها دلچسپي وڌندي رهي جنھن جي ڪري ڪامريڊ تاج محمد ابڙي پنھنجي ديس واسين جي آسانيءَ سان خدمت ڪرڻ جو رستو ڳوليو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ۱۹۴۷ع ۾ لاڙڪاڻي مان وڪالت شروع ڪئي. تاريخ جا ورق ٻڌائين ٿا ته ڪامريڊ گهڻي ڀاڱي فوجداري ڪيسن کي اهميت ڏيندو هو، رنگ نسل کان هٽي ڪري هر آيل ماڻهوءَ جي دل کولي مھمان نوازي ڪندو هو. شھيد ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ سيشن جج مقرر ٿيو ۽ اهڙي عھدي هوندي هن مڙس مٿير ڪڏهن به پنھنجي فرض ۾ ڪوتاهي نه ڪئي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو بنيادي طرح سوشلسٽ ۽ جمھوري خيالن جو حامي رهيو، ان ڪري هاري ڪميٽيءَ ۽ ٻين ترقي پسند جماعتن ڏانھن رخ رکندو هو. ان لاءِ ڪامريڊ جي روح ۾ پنھنجي وطن جي حُب، زبان يعني ٻوليءَ جو اُلڪو مستقل طور تي رهندو هو. ڪلچر، قومي ڪردار تي سدائين سرخرو رهيو، سياسي ۽ اقتصادي مفاد جي اصولن تي ڪڏهن به سوديبازي ڪونه ڪيائين. سماجي زندگيءَ جا طور طريقا قومي ڪردار، آرٽ ادب ۽ فن لطيف ذريعي عام انسانن تائين بھتر نموني سان پھچايا ۽ پاڻ به سماجي زندگيءَ جي ڇانوَ ۾ تربيت حاصل ڪندو رهيو. هي لاڙڪاڻي جو انمول انسان، جديد ادب جي سجاڳي جي دولت، جج، وڪيل ۽ بھترين سياستدان جو تاج پنھنجي سِرَ تي رکي قوم جي خدمت ڪئي. سنڌ جي ڏاهي محمد ابراهيم جويو جا ڪامريڊ تاج محمد ابڙي لاءِ لکيل ڪجهه سِٽون اوهان جي نظر ته: ”منھنجي نظر ۾ تاج محمد ابڙو انساني معاشري جي هر ڀَلان ڀل ڀلمانس وانگر، پنھنجي مثالي زندگيءَ ۾ سڄو شعوري عمر جو عرصو ٽن ڳالهين کان پرهيز ۾ رهيو. ذاتي ۽ گروهي حرص هَوس کان نفرت ۽ وڏائي کان ۽ تاريڪ خياليءَ جي هر مونجهاري ۽ انتشار کان ۽ خالص ان ٽنهين منفي فڪر ۽ عملي آزار کان آزاد هجڻ سبب ئي سڄو وقت هُو سنڌ ۽ سنڌي قوم جي نجات لاءِ عوام دوست قومي انقلاب جي مقصد سان پوري محڪمتا سان واڳيل رهيو.“ تنوير عباسيءَ جون سِٽون جيڪي ڪامريڊ لاءِ لکيل آهن، مختصر طور تي: سنڌي ادبي سنگت جو ڪنوينشن سڏائجي، جنھن ۾ سڀني ادبي سنگتن ۽ سندن شاخن کي گڏ ڪري سنڌ سنگت کي زور وٺائجي ۽ ان جو دستور وغيره منظور ڪرائجي. اهوو روشنيءَ جو پھريون ڪرڻو هو، جيڪو ون يونٽ جي اونداهي دؤر ۾ تاج ابڙي جي اوطاق مان ڦُٽو ۽ سڄي سنڌ کي جرڪائي ڇڏيائين. تاج محمد ابڙو وڪيل هو، پر وڪيل کان وڌيڪ دانشور هو. ادب، تاريخ، فلسفو سڀ پڙهندو هو، دوستن سان بحث ڪندو هو، لکيائين هڪ لفظ به ڪونه، پر پڙهيو به گهڻو ته ڪڙهيو به گهڻو. هو نه رڳو پڙهڻ وارو هو، پر ڪڙهڻ وارو به هو. هاري تحريڪ، نيشنل عوامي پارٽي، سنڌ عوامي محاذ ۽ بعد ۾ پ پ ۾، مطلب ته جيڪا به تحريڪ سنڌ جي پيڙهيل طبقن جي ڀلائيءَ ۽ آجپي جي لاءِ هئي، ان ۾ ڀرپور حصو ورتائين. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي زندگيءَ مان صاف ظاهر آهي ته هو سنڌي ڪلچر، جمھوريت جي رستي جو حامي هو، جنھن موجب هرهڪ انسان، قوم، مذهب ملڪ ۽ نسل جي جداگانه وجود ۽ حق خوداريءَ جو طرفدار ٿي رهيو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي پنھنجي زندگيءَ ۾ سمجهي ورتو هو ته جنھن وٽ طاقت آهي اهو تشدد جو حامي آهي. ان لاءِ ڪامريڊ کي طاقت هوندي به انسان ذات لاءِ گڏيل ڀائپي وارو پيڙهه جو پٿر رهيو. اهو پيڙهه جو پٿر سندس اوطاق هئي جتان سياسي ۽ ادبي دوست پنھنجي راهه هموار ڪري اڳتي وڌندا هئا. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي اوطاق شعور جي لاٽ کان گهٽ ڪونه هئي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو پنھنجي پيءُ ماءُ جو سڪيلڌو پُٽ هو پر پيءُ جي پرورش نه ملي سگهيس. ڀيڻ فاطمھ جي گهر گُذاريو. دنيا جا اُهي ٻارَ عظيم ٿيندا آهن، جن کي پيءُ ماءُ جي پرورش نه ملندي آهي، تمام گهڻا مثال منھنجي نظر ۾ آهن پر مضمون ۾ ڊيگهه گهڻي ٿي ويندي. مولانا جلال الدين رومي جي مثنوي مان ڪامريڊ تاج محمد ابڙي لاءِ ته، دل جو آئينو صاف ڪراءِ، ۽ ڪامريڊ جي دل جو آئينو بلڪل صاف هو. روميءَ چيو ته، جيڪي ڪنھن به ڪتاب پڙهڻ ۽ هنر سکڻ جا محتاج نه آهن، مگر انساني دلين کي لوڀ، ڪنجوسائي ۽ کوٽاين کان پاڪ ڪري ڇڏيندا آهن. جيئن سِپَ پنھنجي اندر ۾ سچا موتي سمائي چپ چاپ آرام ۾ پيئي رهي ٿي. تيئن اهڙي ڀرپور دل به راحت جي سمنڊ ۾ بي فڪري سان پيئي رهي. سپ کي ٽوٻن جي دست درازيءَ جو کٽڪو رهي ٿو، پر ان ڀرپور دل تي موت به غالب پئجي نٿو سگهي. واقعي ڪامريڊ تاج محمد ابڙي تي موت غالب نه رهي سگهيو، جسماني طور تي ڪامريڊ ۱۰- مارچ ۱۹۸۶ع تي لاڏاڻو ڪيو، پر پنھنجن دوستن ۽ تاريخ ۾ ڪامريڊ امر انسان آهي. (ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۱ مارچ ۲۰۲۳ع تي ڇپيل) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ساڃاهوند ساربان منظور ڪوهيار لاڙڪاڻي جو اڄوڪو جناح باغ، جيڪو ميرن جي زماني ۾ چانڊڪا پرڳڻي جي گورنر نواب ولي محمد جو باغ هو. سندس وفات ۱۸۳۸ع کان پوءِ نعش امانت طور رکرائي، مٿائنس تجر ٺهرائي وئي. جنهن جي ڪري اهو باغ تجر باغ نالي به سڏجڻ لڳو. انگريزن جي ايامڪاريءَ ۾ لاڙڪاڻي جي هڪ هڏڏوکي انسان ’ريجهو مل لاهوري‘ وبائي بيماري ۾ مبتلا ماڻهن جي خدمت ڪندي پراڻ ڏنا، ته سندس ياد ۾ ان دؤر جي ميونسپل ڪاميٽي، تجر باغ جو نالو ڦيرائي ريجهو مل پارڪ رکي ڇڏيو. ۱۹۴۷ع کانپوءِ اهو پارڪ به پاڪستاني بڻجي جناح باغ بڻجي ويو. پر اهو هنڌ انگريزن جي دؤر کان وٺي اڄ تائين لاڙڪاڻي واسين لاءِ هائيڊ پارڪ جهڙي حيثيت رکندو آيو آهي، جتي سياسي، سماجي، ثقافتي، مذهبي ۽ ادبي ميڙاڪا مچندا رهيا آهن. ۱۹۶۵ع ۾ آءٌ ڏهن سالن جو هيس، پاڪستان ۽ هندستان جي جنگ لڳي، سترهن ڏينهن کان پوءِ لاڙڪاڻي جي سڀني اسڪولن جي ٻارن کي جناح باغ ۾ آڻي، ’ايمان افروز جلسن‘ ۾ زوري شرڪت ڪرائي وئي، جيئن اڄڪلهه ڪرائي ويندي آهي، مون به پرائمري اسڪول جي شاگرد جي حيثيت سان شرڪت ڪئي، اڄ تائين اهو قومي گيت ياد آهي، جيڪو بک ۽ اُڃ تي استادن دڙڪا ڏئي ياد ڪرايو هو. اي خطئه لاهور تيري جانثارون ڪو سلام جڏهن ٻارهن تيرهن سالن جي عمر ٿي، ته گھر جا ڀاتي سودو سلف، گوشت مڇي وٺڻ لاءِ شهر موڪلڻ لڳا. جيڪڏهن پاڪستاني چونڪ يا مڇي مارڪيٽ وڃڻو هوندو هيو، ته لاهوري محلي کان گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڏانهن رخ ڪبو هو، پوءِ سول اسپتال ۽ آخر ۾ جناح باغ مان وچ ڪري منزل مقصود تي پهچبو هو. جناح باغ مان گذرندي رنگ وار (تاش راند جو هڪ قسم) کيڏندڙ ٽولن جا هوڪرا، مدارين جا ڪرتب، مشڪرن جو مشڪريون، سياسي، سماجي، ۽ ادبي جلسن کي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جا موقعا فراهم ٿيندا هيا. ڪڏهن ڪڏهن اهڙن جھميلن ۾ ڀاڄي وٺڻ به وسري ويندي هئي. پوءِ جڏهن خالي ڇلي سان گھر پهچبو هو ته گھر وارن جي دڙڪن ۽ دهمانن سان منهن ڏيڻو پئجي ويندو هو. مون جن شخصيتن کي جناح باغ ۾ ڏٺو ۽ ٻڌو، انهن ۾ قاضي فضل الله، محمد ايوب کهڙو، مولانا محمد قاسم مشوري، نصير الجتهادي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، عبدالغفور ڀرڳڙي، ممتاز علي ڀٽو، عبدالوحيد ڪٽپر، عبدالرزاق سومرو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ جمال الدين بخاري، ڪامريڊ تاج محمد ابڙو وغيره وغيره. ٻن شخصيتن جي تقرير جو انداز ڏاڍو منفرد هيو، هڪ ڪامريڊ جمال الدين بخاري جي تقرير،جيڪا باهه جي شعلي جيان ڀڙڪيلي هوندي هئي، ۽ ٻيو ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي تقرير جيڪا نار جي لوٽين جيان ٿڌي ۽ مٺي پاڻيءَ جهڙن لفظن جي پالوٽ ڪندي هئي. ايوبي آمريت جي خلاف جناح باغ يا غريب مقام ۾ پرجوش ۽ ٽوڙ ڦوڙ وارا جلسا ٿيندا هيا، پيپلز پارٽي جي جيالي مقرر عبدالوحيد ڪٽپر جي تقرير ٻڌڻ کان پوءِ، نوجوان واپس گھر ورندي ڪنهن نه ڪنهن سرڪاري دفتر جو بورڊ پٽيندا يا تعليمي ادارن جي دروازن ۾ لڳل شيشن کي پٿرن يا سروٽن سان چٽي پنهنجي نفرت جو اظهار ڪندا هيا. پر ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي تقرير ڏاڍي مدلل ۽ ملڪ جي ٻرندڙ مسئلن تي هوندي هئي، جيڪا جوش کان وڌيڪ هوش ۾ رهڻ ۽ سوچڻ تي مجبور ڪندي هئي. صدر ايوب ويو، يحيٰ آيو. ۱۹۷۰ع واري اليڪشن ٿي. اوڀر پاڪستان ۾ شيخ مجيب الرحمان کٽي ۽ اولهه ۾ ذوالفقار علي ڀٽي صاحب. پوءِ سياسي رساڪشي شروع ٿي. فوجي آپريشن شروع ٿيو. اوڀر پاڪستان جي بنگالين مزاحمت ڪئي. الشمس و البدر ۽ مڪتي باهني ٺهيون. اڳتي هلي۱۹۷۱ع ۾ هندستان ۽ پاڪستان جي جنگ لڳي ته جناح باغ ۾ چهل پهل وڌي وئي. خاڪسار تحريڪ قوم کي هوشياري وٺرائي، ’آگي چل پيڇي چل‘ واري پريڊ ٿيڻ لڳي، ٻيو ته ٺهيو شاهي بازار جي شيخ دوڪاندارن به جناح باغ ۾ ٽريننگ وٺڻ شروع ڪئي ۽ ظاهر ظهور گھاٽي جو سودو ڪيو. پر يحيٰ ميدان ڇڏي، جهنگلن ۽ درياهن ۾ وڙهڻ جو اعلان ڪيو ته شيخ صاحبن جو جوش ۽ جنون به ختم ٿي ويو . پر جي اها جنگ وڌيڪ هلي ها ته وڏو ڪِنُ ٿي ها. منهنجو ڪو ٻيو مطلب ڪانهي، سواءِ انهي جي ته شاهي بازار جا شيخ هڪ سياڻا ڪانوَ ۽ ٻيو ٿين ها جنگجو شاهين ته ڇا ٿا سمجهو!؟ جنگ جي خاتمي کان پوءِ ڀٽو صاحب اول صدر بڻيو ۽ پوءِ وزيراعظم ٿيو. جناح باغ ۾ شور وڌي ويو. جهڙوڪ ابن الوقت برساتي ڏيڏرن جو زمانو اچي ويو، جنهن جو گھر ۾ وٽي تي به نالو نه هوندو هو، سو جناح باغ جي اسٽيج تي چڙهي گھٽ ۾ گھٽ ڏيڍ لک برادري يا پنهنجي قوم سان پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيندو هو.جناح باغ جي اندر ٽائون هال جي عمارت نيشنل سينٽر بڻي. مرحوم خادم حسين شاهه بخاري ريزيڊيٽ ڊائريڪٽر ٿيو. هفتي ۾ گھٽ گھٽ ٽي چار سياسي سماجي پروگرام ٿيندا رهيا. انهيءَ دؤران مون ٻن ماڻهن ۾ تبديلي نه ڏٺي، هڪڙو هيو ڪامريڊ جمال الدين بخاري ۽ ٻيو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو. مون ڪڏهن به ڪامريڊ تاج محمد ابڙي کي درٻاري انداز ۾ تقرير ڪندي يا گٿا لفظ ڳالهائيندي نه ٻڌو ۽ سندس انداز اهو ئي مختصر مگر جامع ۽ پرفضيلت رهيو. جڏهن ته برساتي ڏيڏر ان زماني ۾ آپي کان ٻاهر هوندا هيا، اجايو سجايو پيا واڦيندا ۽ ٽان ٽان ڪندا رهندا هيا. جيڪڏهن انهن تي لکجي ته اها به جهڙوڪ لاڙڪاڻي جي سياسي ۽ سماجي تاريخ بڻبي. تاج محمد ابڙي جي ڪچهرين جو چوٻول اُن دؤر ۾ چڱن ماڻهن جي وٽان ٻڌبو هيو ته سندس اوطاق لاڙڪاڻي جو علمي ۽ ادبي مرڪز آهي. پر شرڪت ڪرڻ جو ڪڏهن به موقعو نصيب نه ٿيو، البت کيس نوڙي سلام ڪرڻ ۽ ملڻ جا ڪيترائي موقعا نصيب ٿيا ۽ ڪامريڊ هميشه مشفقانه ۽ پدرانه انداز ۾ ملندو رهيو. ۱۹۷۲ع جي دؤران نيشنل سينٽر جي آڊيٽوريم هال ۾، جڏهن مون ڪامريڊ تاج محمد کي مسلسل غير حاضر ڏٺو ته ڪامريڊ جمال الدين بخاري کان پڇيم: ’سائين ڪامريڊ تاج محمد صاحب نظر نه ٿو اچي اڄ ڪلهه؟‘ ٻڌايائين ته ڪامريڊ جج ٿي سکر پهتو آهي. پوءِ لاڙڪاڻي ۽ خصوصن جناح باغ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي ڪمي کي ڏاڍو محسوس ڪيو. ۱۹۷۹ع جو پرآشوب دؤر هيو. ضيائي مارشل لا عروج تي هئي، لاڙڪاڻي ۾ ڪنهن مسڪين جو اڳٺ اتفاق سان لڙڪي پوندو هو ته مارشلائي قانون جي ضد ۾ اچي ويندو هيو. اسٽيشن روڊ تي هڪ عجيب و غريب هوٽل کليو، نالو هيس تماچي ــــ اندرگھڙبو هو ته چار پنج ٿري چوئنرا ٺهيل هوندا هيا.۽ هر چوئنري اندر ڏهه ٻارنهن ڪرسيون پيون هونديون هيون شهر جا اڪثر کاٻي ڌر سان سلهاڙيل جوشيلا نوجوان ۽ نام نهاد ڪامريڊ پنهنجا پنهنجا ٽولا ٺاهيو ويٺا هوندا هيا. سندن ڀرسان انٽيليجنس جا ماڻهو به ڪن اوپڙا ڪيون ويٺا هوندا هيا. انهن چوئنرن جي اندر تيز تند ۽ ڪڏهن ڪڏهن سنجيدگي سان ستايل قوم کي جاڳائڻ جون تدبيرون ٿينديون هيون . انهن ٽولن ۾ هڪڙو ٽولو ڪامريڊ روشن شيخ جي ارد گرد به ويٺو هوندو هيو. ڪامريڊ روشن شيخ به عجيب اڌ راتي ڪردار هيو. جيڪو رات جو جاڳندو ۽ ڪم ڪرڻ جي مهل سمهي پوندو هيو. جنهن تي ڪڏهن نه ڪڏهن ضرور لکبو، اُهو هميشه اُنهن ماڻهن کي پنهنجي تنقيد جو نشانو بڻائيندو هيو، جن ڀٽي صاحب جي دؤر ۾ نوڪريون ورتيون. انهن ۾ خاص ڪري شيخ اياز ۽ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ٽارگيٽ هوندا هيا. مون به جڏهن سندس تنقيد ٻڌي ته اثر ورتو. هڪ ڏينهن بيڪر روڊ، پوءِ قائد عوام روڊ ۽ هاڻي عرف عام قائم شاهه بخاري روڊ تان لنگھندي ڪامريڊ جمال الدين جي منهن چڙهي ويس. مون تي ڪامريڊ روشن شيخ جو نئون نئون اثر هيو، سو ان حوالي سان سوال ڪري وڌم. ڪامريڊ جمال الدين نڪا ڪئي هم، نه ڪا ڪئي تم، هٿ کان ڇڪي گھر وٺي ويو، گھر جي بيٺڪ ۾ ويهاري چيائين؛ ”هاڻي چئو.“ مون چيو: ”سائين اڄڪلهه اِها عام تنقيد آهي ته ترقي پسندن ڀٽي صاحب جي زماني ۾ نوڪريون وٺي نظرياتي غداري ڪئي آهي.“ ”مثلن؟“ ”شيخ اياز ۽ تاج محمد ابڙي وغيره“ ”ٻڌ، ڪامريڊ تاج محمد ابڙي مون کان پڇيو هو ته ذوالفقار علي ڀٽو چاهي ٿو ته آءٌ ڪو منصب وٺان، تنهنجي ڇا راءِ آهي؟خبر ٿي مون ڇا چيو؟“ ”ڇا چيو؟“ ”مون چيو وڃي جج ٿيءُ، غريب ۽ مظلوم ماڻهن جي داد رسي ڪر، پوءِ هو جج ٿي ويو.“ مون وراڻيو؛ ”ڪامريڊ، پوءِ ته اُهو کاٻي ڌر وارن تي ليبل لڳندو ته هو پنهنجيون خدمتون ڪيش ڪرائن ٿا“. ڪامريڊ وراڻيو: ’اها ڳالهه ته ٻڌاءِ، جي ساڄي ڌر وارا پنهنجا ماڻهو سرڪاري ادارن ۾ موڪلن ته صحيح، جي اسان موڪليون ته غلط!؟ هن وقت سرڪاري شعبن ۾ وڌ ۾ وڌ ساڄي ڌر جا ماڻهو ويٺا آهن. ان ڪري جيڪي به پاليسيون ٺهن ٿيون، اُهي رجعت پسندانه آهن. اِن جو ٽوڙ اِهو آهي ته اسان جا ماڻهو به هر شعبي ۾ هجڻ گھرجن.“ مون کي ڪامريڊ روشن جو ڏنل بخار هيو، ڦيرائي سوال ڪيو مانس: ”پر جيڪڏهن اُهي موڪليل ماڻهو سرڪاري يا درٻاري ٿي وڃن ته ڇا اُهي نظريي سان سچا رهي سگھن ٿا؟“ ”اڙي ...! جڏهن رجعت پسندن جا ماڻهو پنهنجن سان سچا آهن، ته اوهان پنهنجن تي شڪ ڇو ٿا ڪيو...؟ ۽ ڪن کولي ٻڌي ڇڏ، ته هي جيڪو به ڀٽي صاحب سان ٿئي پيو، ان جو سبب اهو ئي آهي، ته اهم ادارن ۾ رجعت پسندن جو تعداد وڌيڪ آهي.“ ڪامريڊ اهو ٻڌائيندي جڏهن مونکي سواليه نگاهن سان ڏٺو ته مان لاجواب ٿي ويس. ۽ ذوالفقار علي ڀٽي سان ٿيندڙ عقوبتن جو سبب سمجهه ۾ اچي ويو. ۽ پوءِ مون کي احساس ٿيو ته ان وقت اِها ترقي پسندن جي حڪمت عملي هئي ته ائين ڪجي ۽ اُن حڪمت عملي سان ڪيترو نڀايو ويو، اِهو هڪ الڳ بحث آهي. پر اِها حقيقت آهي ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙي خوب نڀايو ۽ ابڙو وڏوڙو ٿي ڏيکاريو. ان جي شاهدي سنڌ جي معتبر شخصيت ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي به ڏئي ٿو: ”ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي زندگي جو مقصد هيو، ستل معاشري کي جاڳائڻ ۽ مظلوم ماڻهن جي داد رسي ڪرڻ ــ هُـو وڪيل هيو ته به ان راه تي گامزن هيو ۽ جج ٿيو ته به ساڳي مقصد جي تحت زندگي گذاريائين. سنڌ ۾ جيڪڏهن اهڙا ڪميٽيڊ ماڻهو سؤ کن به هجن ها ته معاشري ۾ انقلاب برپا ٿي سگھي پيو.“ مرحوم اياز قادري پنهنجي نجي ڪچهرين ۾ اسان کي ٻڌائيندو هيو ته لاڙڪاڻي ۾ جيڪا ترقي پسند ادب جي شمع روشن آهي، سا سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي جي پهرين سيڪريٽري جي حيثيت سان ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي ٻاريل آهي. ڪي ماڻهو اِهو به ڍيڪ ڏيندا آهن ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙي سنڌي ادبي سنگت جي باني مباني هوندي به ڪجهه نه لکيو. ته اِن جو تز جواب اِهو آهي ته ڪامريڊ ادب دوست ۽ ادب پرور اڳواڻ هيو. جتي ادب دوست ۽ ادب پرور اڳواڻ هوندا آهن، اُتي ئي سرجڻهارن ۽ تخليقارن جا قافلا روان دوان هوندا آهن. ۸ آگسٽ ۱۹۲۴ع ۾، هي شهدادڪوٽ ۾ ڄائو، زندگيءَ جي آخري گھڙين تائين پنهنجي ذهن ۽ ضمير سان سچو رهيو. سچ پڇو ته لاڙڪاڻي جي ترقي پسند اديبن کي ۱۰ مارچ ۱۹۸۶ع تي سندس وڇوڙي کان پوءِ اِهو شدت سان احساس ٿيو ته ساڃاهوند ساربان کان سواءِ معاشرتي رڃ جو سفر ڪيڏو نه ڏکيو هوندو آهي. ** ڪامريڊ تاج محمد ابڙو هڪ امر انسان جي امر ڪهاڻي ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ اڄ بحرانن جي دؤر ۾ ويچاري انسان کي جنهن ڳالهه سڀ کان وڌيڪ حيران ۽ پريشان ڪيو آهي، اها سندس ”نظرياتي بيهڪ“ آهي. اسان مان هرڪو صبح جو هڪ خيال جو آهي ته منجهند جو ٻي ڳنڍ ٻڌي بيهي ٿو. چيو ويندو آهي ته سانڊو گهڙيءَ پل ۾ رنگ بدلائي ٿو، ليڪن اڄ جو انسان نظرياتي حوالي سان ويٺي ويٺي الائي ڪيترا رنگ بدلائي وڃي ٿو! هيءَ ڳالهه اسان کي سياستدانن ۾ چٽيءَ طرح نظر ايندي. سياستدان جنهن پارٽيءَ ذريعي سياست جي ميدان ۾ ايندو، اها ڪپڙن بدلائڻ واريءَ ويرم کان به اڳ مٽائي، ڪنهن ٻيءَ پارٽيءَ ۾ شامل ٿي ويندو. اهو ئي سبب آهي، جو سياستدانن کي اڪثر ڪري ”ڍنڍ جا پکي“ به چيو ويندو آهي، جيڪي ڪڏهن هڪڙيءَ ڀر تي هوندا آهن ته ڪڏهن ٻيءَ ڪنڌيءَ تي هوندا آهن. هي نظرياتي خلفشار ڇو پيدا ٿيو آهي؟ ماڻهو پنهنجن پيرن تي بيهڻ لاءِ تيار ڇو نه آهي؟ انسان جو پنهنجي نظريي ۾ ايمان ڇو نه رهيو آهي؟ هي اسان جي دؤر جو اهم سوال آهي. جڏهن اڳواڻن جو اهو حشر وڃي رهيو آهي ته عام ماڻهوءَ جي نظرياتي بيهڪ ڪهڙي هوندي؟ هن سوال جو هڪڙو ئي جواب آهي. اهو هيءُ ته عوام اڳيان ”آدرش“ جو تصور آهي ئي ڪونه. ماڻهن کي ڪو اهڙو مثال ئي نٿو ملي، جنهن کان متاثر ٿي هُو پنهنجي حياتي انهيءَ انسان وانگر گذارين. پر هن ۾ ڏوهه ڪنهن جو؟ ڇا سنڌ ڀلا انسان پيدا ڪونه ڪيا آهن، جن کي ”مثالي“ چئي سگهجي؟ نه، ائين ڪونه آهي. سنڌ ته هر دؤر ۾ اهڙا آدرشي انسان پيدا ڪيا آهن، جيڪي پنهنجي وجود ۾ انجمن هئا، پر بد قسمتيءَ سان نه ته اسين انهن جا وارث ٿيڻ لاءِ تيار آهيون ۽ نه وري وس وارن اسان کي انهن آدرشن جي حياتيءَ کان باخبر ڪيو. ڪيڏي نه ڏک جي ڳالهه آهي ته مغربي ملڪن ۾ شخصيتن تي ڪم ڪرڻ لاءِ بين الاقوامي اهميت ۽ نوعيت وارا ادارا قائم ڪيا ويا آهن ۽ انهن ۾ دنيا جهان جي عالمن، اديبن، شاعرن، دانشورن ۽ مفڪرن وغيره بابت احوال ڪٺا ڪري شايع ڪيا وڃن ٿا، ليڪن سنڌ ۾ ڪوبه اهڙو ادارو ڪونهي، جيڪو اسان کي ٻڌائي سگهي ته هن ڌرتيءَ ڪهڙا ڪهڙا نه وڏا ماڻهو پيدا ڪيا آهن. جنهن قوم کي آدرش اکين ۾ نه هوندا آهن، اها قوم بي دڳي ٿي پوندي آهي. اها قوم اهڙي حال کي پهچندي آهي، جنهن کي اسين پهچي چڪا آهيون. هن وقت اسان اڳيان ”ڪامل شخصيت“، ”ڀلي انسان“ ۽ ”آدرشي ماڻهوءَ“ جو ڪوبه تصور ڪونهي، ان ڪري ڌارين آدرشن مان ڪنهن جي مُنڍي، ڪنهن جي زبان، ڪنهن جو دماغ ته ڪنهن جون اکيون کڻي اسين پاڻ کي ٺاهيون ٿا ۽ پوءِ حشر اهو ٿئي ٿو ته اسين ڪجهه به ٿي نٿا سگهون. سنڌ کي نظرياتي ڀونچال مان ڪڍڻ جو واحد طريقو هي آهي ته اسين نئين نسل اڳيان انهن انسانن کي مثال طور پيش ڪيون، جيڪي بي لوث ۽ پُرخلوص هئا، جيڪي هڪ ئي وقت تي وطن دوست به هئا ته عوام دوست به هئا، جن پنهنجيون حياتيون مثالي حيثيت ۾ گذاريون ۽ جن کي پڙهڻ ۽ محسوس ڪرڻ سان اسين به مثالي، ڀلا ۽ آدرشي انسان ٿي سگهون ٿا. اسان جا هي انسان اهڙا آهن، جن جي جتيءَ ۾ پير پئجي سگهي ٿو، ڇوته هو اسان مان هئا، اسان لاءِ هئا ۽ اسان جا هئا. پوءِ هيءَ ٻي ڳالهه آهي ته اسين کين پنهنجو نٿا ڪيون ۽ پنهنجو نٿا سمجهون. دنيا جهان جي ”وڏن انسانن“ تي نظر ڦيرائبي ته اهي هڪ يا وڌ ۾ وڌ زندگيِءَ جي ٻن شعبن ۾ سرگرم عمل نظر ايندا، ليڪن سنڌ اهڙا ماڻهو پيدا ڪيا آهن، جيڪي پنهنجي وجود ۾ انجمن هئا ۽ جن هڪ ئي وقت تي ڪيترن شعبن ۾ پاڻ ملهايو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو به انهن ۽ اهڙن ماڻهن مان هڪ هو. مرحوم هڪ ئي وقت تي ماهرِ قانون، علم دوست، سياسي شعور جو ڌڻي ۽ سماجي ڪارڪن ٿي رهيو ۽ هرهڪ شعبي ۾ مثالي ڪردار ادا ڪيائين. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو اهڙيءَ مقبول شخصيت جو مالڪ هو، جو سندس وفات کان پوءِ کيس ڪيترن دوستن ياد ڪيو آهي. نه فقط ايترو، پر انهن ماڻهن به قلم کنيو آهي، جن کيس تمام ويجهو ڪونه ڏٺو هوندو. ڪنهن به شخصيت جي مقبوليت جي ان کان وڌيڪ ٻي شاهدي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي ته کيس هن جهان ڇڏڻ کان پوءِ ياد ڪرڻ وارا گهڻا ماڻهو هجن. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي تي مون کان اڳ ڪيترن ئي قلم کنيو آهي، جن مان ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي، ڊاڪٽر اياز قادري، ڪامريڊ برڪت آزاد، انيس انصاري، ڊاڪٽر غلام علي سانگي، هدايت منگي، امان شيخ، شرف صديقي، محمد علي پٺاڻ، ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ، جي ايم سيد، ڪامريڊ ڄام ساقي، ڪامريڊ مير محمد ٽالپر، انور پيرزادي، ادل سومري، جسٽس نعيم الدين ۽ عنايت وارث جا نالا ذڪر لائق آهن. ٿيڻ ته ائين گهربو هو ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جهڙن انسانن جو ذڪر اسان جي نصابي ڪتابن ۾ هجي ها، پر نڌڻڪيءَ قوم جا اهڙا نصيب ڪٿي، جو ڪتابن ۽ اخبارن ۾ پنهنجي آدرشن جا احوال پڙهي سگهن. پر هيءَ ڳالهه به ڪنهن غنيمت کان گهٽ ڪانهي ته ڪامريڊ جي وفات کان پوءِ سندس مداح ۽ دوست مرحوم جي سوانح خواهه خدمتن تي ڪجهه نه ڪجهه لکندا اچن ٿا ۽ اهو اخبارن ۾ ڇپبو رهي ٿو. منهنجي خيال ۾ هاڻي ”تاج محمد ابڙو يادگار ڪاميٽي“ کي اهي سمورا مضمون ميڙي ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرائڻ گهرجن، پر شايد هن ڪاميٽيءَ لاءِ اهو مسئلو پيدا ٿئي ته ڪهڙو فرد يا ادارو ان جي مالي يا اخلاقي مدد ڪندو؟ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي کي مون ڪڏهن به روبرو ڏٺو ٻڌو نه، پر سنڌ جي تاريخ جي عاشق هئڻ جي ناتي سان مرحوم مون لاءِ اوپرو ڪونهي. مون کي ائين ٿو لڳي ته آءٌ سندس انهن ويجهن مان هڪ آهيان، جن ساڻس گڏ گذاريو هجي. جيڪڏهن مون کي سندس ڪا صحبت نصيب نه ٿي ته منهنجا بزرگ اديب ۽ شاعر ته ساڻس گڏ رهيا. محمد ابراهيم جويي، جمال ابڙي، شيخ اياز، رشيد ڀٽيءَ، ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌيءَ، مقبول ڀٽيءَ، اياز قادريءَ، ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ، انيس انصاريءَ، ڊاڪٽر سنديلي، شمشير الحيدريءَ ۽ نسيم کرل جيڪي ساڻس رهاڻيون ڪيون، انهن رهاڻين مان مون هن ريت رس ۽ چس ورتو، جو هنن مهربانن مان ڪنهن ته مون سان ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جا حوال ڪيا هوندا. ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي ۽ هري دلگير درياڻي هن وقت هتي ڪونه آهن، نه ته هُو به هن مرحوم ڪامريڊ بابت ڪيتريون ڳالهيون ٻڌائين ها، ڇوته اهي به سندس دوست رهيا. اديبن، شاعرن ۽ عالمن جون ڳالهيون نڪتيون آهن ته آءٌ اهو عرض ڪندو هلان ته اسان جي ڪامريڊ تاج محمد ابڙي ”ترقي پسند ادب“ جي تحريڪ ۾ جيڪو ڪردار ادا ڪيو، اهو اسان جي تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ آهي. سندس ئي ڪوششن سان لاڙڪاڻي ۾ ”سنڌي ادبي سنگت“ جي شاخ هلي. نه فقط ايترو، پر ”سنڌي ادبي سنگت“ سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي بنائڻ، سنڌي ثقافت کي بچائڻ ۽ ون يونٽ کي ٽوڙڻ لاءِ جيڪو به تحرڪ ورتو، ڪامريڊ تاج محمد ابڙو هر موڙ تي هن سنگت جو پهرين صف وارو ساٿي رهيو. ڪامريڊ ڪٿي به رهيو، هن علم ادب جي شمع کي ٻاري رکيو. لاڙڪاڻي ۾ رهيو ته ڊاڪٽر اياز قادري، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، انيس انصاري ۽ خادم حسين شاهه سندس ادبي حلقي جا رتن رهيا. پاڻ جڏهن سکر ۾ رهيو ته شيخ اياز، رشيد ڀٽيءَ ۽ فتاح ملڪ ساڻس ادبي روح رهاڻيون ڪيون. جڏهن خيرپور ۾ رهيو ته ڊاڪٽر تنوير عباسي سندس ساٿ ساٿي رهيو. ڪامريڊ جڏهن حيدرآباد ۾ آيو ته محمد ابراهيم جويو، زيب عاقلي، رسول بخش پليجي ۽ ڪامريڊ ڄام ساقيءَ جهڙا دانشور سندس اڱڻ تي ادبي محفلن مچائڻ وارن مان ٿي پيا. لاڙڪاڻي جي حوالي سان ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جا ادبي ڪارناما کيس لاڙڪاڻي جي تاريخ ۾ هميشه جاودان ۽ زنده رکندا. سر شاهنواز ڀٽو لائبريري ٺهرائڻ ۾ سندس جستجو ۽ لگن شامل رهي، ان کان اڳ پاڻ لاڙڪاڻي ۾ ”لطيف ڪانفرنس“ جو اهتمام ڪيائون ۽ ”لطيف دوستي“ جي جذبي تحت لاڙڪاڻي ۾ شاهه لطيف لائبريري قائم ڪرايائون، جيڪا هن وقت حالتن ۽ حادثن جو شڪار ٿي چڪي آهي. نه لطيف جي وارثن جي هٿ هيٺ رهي آهي ۽ نه ڪنهن فعال ادبي تنظيم جي نگرانيءَ هيٺ آهي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي هن ياد کي قائم رکڻ ۽ ڪارنامي کي باقي رکڻ جي تقاضا اها آهي ته لائبريري وري فعال ٿئي ۽ اهو ادارو اهڙن هٿن ۾ اچي، جيڪي شاهه لطيف لائبريريءَ کي سنڌ جي هڪ فعال ۽ مثالي لائبريري بڻائي سگهن، ته جيئن ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي انهن مقصدن ۽ منزلن کي ماڻي سگهجي، جن کي اڳيان رکي هن مرحوم اهڙي ڪوشش ڪئي. لاڙڪاڻي ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي ٻيو اهم ڪم هيءُ ڪيو ته سندس ڪوششن سان سنڌي اردو اديب ۽ شاعر هڪٻئي جي ويجهو آيا ۽ ”انجمن ترقي اردوءَ“ جي شاخ کلي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو علم دوست انسان هئڻ سان گڏ ترقي پسند شعور جو مالڪ پڻ هو. پڙهڻ واري زماني ۾ هن مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ حصو ورتو. پاڪستان جڙڻ کان اڳ ئي هو ”انقلابي سياست“ جو قائل ۽ مبلغ بڻجي چڪو هو. شاگرد سياست کان وٺي مزدور سياست تائين، انهن جي هر تحريڪ ۾ مدد ڪيائين. هاري تحريڪ ۽ نيشنل عوامي پارٽي ۽ سنڌ عوامي محاذ جي تاريخ جا ورق ورائي ڏسبا ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جون خدمتون نمايان طور نظر اينديون. ون يونٽ خلاف جيڪا تحريڪ هلي، هن مرحوم انهيءَ ۾ به ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. ڪامريڊ برڪت علي آزاد جو چوڻ آهي ته هن ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي تعاون سان ئي جيڪب آباد ۾ هاري تحريڪ جي شاخ کولائڻ ۾ پنهنجي سنگت جو ساٿ ڏنو هو. تاج محمد ابڙي جي دوست سياستدانن ۽ شاگرد سياستدانن جو حلقو تمام وسيع هو. چيو ويندو آهي ته جڏهن مرحوم ذوالفقار علي ڀٽو تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ لاڙڪاڻي آيو هو، ته سندس ڀاءُ سڪندر علي ڀٽي کيس ڪامريڊ تاج محمد ابڙي وٽ آڻي، سندس ڏيٺ وائٺ ڪرائي هئي، جتي نه فقط سياسي ڪچهريون ٿيون، پر اهڙين ڪچهرين ٻنهي کي هڪٻئي جي ويجهو آڻي ڇڏيو ۽ ٻئي هڪٻئي جا دوست بڻجي ويا. ڪامريڊ ڄام ساقي، رسول بخش پليجي ۽ امان الله شيخ، ڪامريڊ تاج محمد ابڙي وٽان سياست جا داؤ پيچ سکيا. مرحوم جي شاگرد سياستدانن جو تعداد گهڻو آهي، پر جيتري قدر سندس دوست سياستدانن جي حلقي جو تعلق آهي، ان لاءِ ايترو چئي سگهجي ٿو ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙي ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي جن سياستدانن سان گڏجي ڪم ڪيو، تن مان سائين جي ايم سيد، ولي خان، ايوب کهڙو، قاضي فضل الله، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، سوڀو گيانچنداڻي، عطاءَ الله مينگل، غوث بخش بزنجو، ڪامريڊ مير محمد ٽالپر، شيخ عبدالمجيد سنڌي، قاضي فيض محمد، ڪامريڊ غلام محمد لغاري، مير رسول بخش ٽالپر، مير علي احمد ٽالپر، فاضل راهو، رسول بخش پليجو، حاڪم علي زرداري ۽ ڪامريڊ جمال الدين بخاري وغيره جا نالا ذڪر لائق آهن. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي بي ڊي نظام ۾ ميمبر ٿيڻ کان وٺي يونين ڪائونسل جي چيئرمين ٿيڻ تائين ۽ ون يونٽ ٽوڙڻ واريءَ تحريڪ کان ايوب شاهيءَ خلاف تحريڪ تائين پنهنجي دور جي هر عوام دوست ۽ ترقي پسند سياسي تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو. اهڙيءَ ريت هُو پنهنجي زندگي قوم لاءِ ڪارائتي بڻائي ويو. هُو انهن آدرشن ۽ ڀلن انسانن مان هڪ هو، جن جي حياتي اسان لاءِ اتساهه جا انيڪ مثال ڇڏي ٿي. جيڪڏهن اسين چاهيون ته پاڻ کي انهن انسانن جهڙو بڻائي، تاريخ جي ورقن ۾ امر ٿي سگهون ٿا. (روزانه هلال پاڪستان، عوامي آواز، جاڳو، سنڌو، مهراڻ، سنڌ نيوز) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سنڌ جو درد رکندڙ حاڪم علي چانڊيو اسان جي سنڌ ڌرتيءَ تي ڪيترن ئي ليڊرن، عالمن، اديبن، شاعرن ۽ دانشورن جنم ورتو آھي جن پنھنجي سموري زندگي عوام جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏي انھن مان ڪامريڊ تاج محمد ابڙو به ھڪ آھي ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ۰۸ آگسٽ ۱۹۲۴ع ڌاري شھدادڪوٽ ۾ پيدا ٿيو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي پرائمري تعليم قمبر مان حاصل ڪئي، سيڪنڊري تعليم لاڙڪاڻي مان حاصل ڪري ايل ايل بي ڪراچيءَ مان پاس ڪئي، ڪامريڊ تاج محمد ابڙو شاگردي واري دور کان وٺي سياست ۾ سرگرم رھيو. مسلم ليگ ڪميونسٽ پارٽي جيئي سنڌ سنڌ ھاري ڪاميٽي نعپ پيپلزپارٽيءَ سميت سنڌ عوامي اتحاد کان وٺي جيڪا تحريڪ سنڌ جي ڀلي ۽ آجپي لاءِ بھتر محسوس ڪيائين، انھيءَ ۾ ڀرپور نموني حصو ورتائين، سنڌ جي نامور اديب دانشور جج سياستدان سماج سڌارڪ ۽ صحافي ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي ۳۲ ھين ورسي آھي ھن مختلف شعبن ۾ اڻ ڳڻيون ۽ شاندار خدمتون سرانجام ڏنيون آھن ايشيا جي وڏي ادبي تنظيم سنڌ ادبي سنگت سنڌ جي باني ميمبرن ۾ شمار ڪيو ويندو آهي. ھن جي لاڙڪاڻي واري، سنڌ ۽ ھند جي مشھور اوطاق تي سنڌي ادبي سنگت جو اجلاس ڪوٺايو ويو. ون يونٽ خلاف تحريڪ دوران روشنيءَ جو پھريون ڪرڻو لاڙڪاڻي ۾ مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي اوطاق تان اڀريو ۽ پوري سنڌ ۾ ڦھلجي ويو ۽ سموري سنڌ کي جرڪائي ڇڏيائين ڪامريڊ تاج محمد ابڙو قائد اعظم محمد علي جناح جي انگريزي اخبار جو ايڊيٽر پڻ رھيو لاڙڪاڻي جي تاريخ ۾ انجمن ترقي اردو جي عمارت ۾ جيڪا لائبريري قائم ڪيائين ان جو نالو شاھ عبداللطيف ڀٽائي رکيائين دنيا ۾ اھڙا ماڻهو گهٽ ھوندا آھن جيڪي ٻين ڪاڻ جيئن خاص طور تي ڪو وڏو عھدو رکندڙ ماڻهو پنھنجي خوشيءَ بدران ٻين جي خوشيءَ کي ترجيح ڏئي مايا جو موھ ۾ پوڻ بدران غريبن جي خدمت ڪري جيڪڏهن ڪو اھي گڻ رکي ٿو ته اھو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو آھي جيڪو جج جي عھدي تي ھجڻ باوجود تمام سادگيءَ سان پنھنجي زندگي گذاري ماڻهو سندس فقير طبعيت ۽ حساسيت تي حيرت کائيندا ھئا. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ڪنھن کي به جيڪڏهن ڏکيو ڏسندا ھئا ته پاڻ به ڏکارا ٿي ويندا ھئا ڪامريڊ تاج محمد ابڙو نرم دل، نرم مزاج، نرم لھجي ۽ نرم طبعيت جا مالڪ ھئا ڪامريڊ تاج محمد ابڙو غريبن جي ھڙوان وڙان مدد ڪندو ھيو ۽ جيڪڏهن قلب جي اک سان ڏسجي ته اھا ئي انسانيت آھي جو ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جو ننڍي ھوندي کان ئي ادب ۽ سياست طرف لاڙو ھيو، ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي سياسي سماجي ادبي ۽ قانوني خدمتن کي مد نظر ۾ رکندي پوري سنڌ ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي ورسي ملھائي ويندي آھي ۽ سندس نانءُ اڄ به چڱن ماڻهن جي فھرست ۾ مٿڀرو آھي ۽ سندس اولاد لاءِ ڄڻ ته ھو اھو وڏو خزانو ڇڏي ويو ھجي جو ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي ڪري ھن معاشري ۾ مان مريادا آھي ماڻهن جي دلين ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي لاءِ تمام گهڻو مان آھي ڇاڪاڻ ته ھوءَ پنھنجي زندگي پيار پاٻوھ انسانيت واري جذبي ۽ ھڏ ڏوکيءَ طور زندگي گذاري ويو آھي، ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي زندگيءَ ۾ حرس حوس نفرت ۽ وڏائيءَ کان پري ۽ بالاتر رھيو ۽ عوام دوستي وارا عنصر سندس سڃاڻپ بڻجي ويا جنھن جي ڪري سندس نالو اڄ به پيو ڳائجي اھڙا ماڻهو امر ھوندا آھن ۽ جڳ جڳ جيئندا رھندا آھن. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ۱۰ مارچ ۱۹۸۶ع تي اسان کان هميشه هميشه لاءِ وڇڙي وڃي مالڪ حقيقيءَ سان مليو سندس تدفين لاڙڪاڻي جي ابوبڪر قبرستان ۾ ڪئي وئي پر سنڌ لاءِ ڪيل سندس خدمتون صدين تائين ياد رکيون وينديون ۽ اھڙا ماڻهو تاريخ بڻجي هميشه لاءِ جيئندا رھندا آھن. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو انسان دوست ۽ فرض شناس شخصيت امداد علي اوڍو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سنڌ جي تاريخ جو املهه ڪردار آهي، جنهن پنهنجي مختصر زندگيءَ ۾ ڀرپور قومي جدوجهد ۾ نڀائڻ جي ڪوشش ڪئي. ۸ آگسٽ ۱۹۲۴ع ۾ هن جو جنم شهدادڪوٽ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. پرائمري تعليم قمبر علي خان ۾ حاصل ڪيائين ۽ سيڪنڊري تعليم لاڙڪاڻي ۾ پرايائين. لاڙڪاڻي ۾ پڙهائي دوران هن جو هم ڪلاسي ڊاڪٽر اياز قادري لکي ٿو ته: تاج محمد ابڙو منهنجو پيارو دوست هو. اسين هڪٻئي جي ڏک سک جا ساٿي هياسون، حال ڀائي ۽ همدرد هياسون. ڪامريڊ کي سياست سان دلچسپي هئي، انهيءَ دؤر ۾ مسلمانن جو لاڙو مسلم ليگ ۽ هندن جو لاڙو ڪانگريس ڏانهن هو. مسلم شاگردن وڏي سرگرمي سان مسلم ليگ لاءِ ڪم پئي ڪيو. هي دؤر ۱۹۴۲ع جو هيو. ان زماني ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو پورهيتن جي حقن جي ڳالهه ڪندو هو، غريبن جي مسئلن کي سمجهڻ ۽ انهن کي حل ڪرڻ متعلق ويچاريندو هو، مسڪين ماڻهو جي ڏکايل صورتحال تي ڏکارو ٿي ويندو هو ۽ آسائتو هوندو هو ته غريبي جو خاتمو ڪيئن آڻجي؟ انهيءَ جذبي هن ۾ سوچڻ واري ذات پيدا ڪئي. انهيءَ سوچ هن کي پڙهڻ ڏي راغب ڪيو. جيئن جيئن هن پڙهائي تي زور ڏنو، تيئن هن ۾ قومي جذبي تحت جدوجهد ڪرڻ وارو جذبو اجاگر ٿيو. هن اهو سمجهيو هو ته علم حاصل ڪري ئي شعوري طرح پنهنجي مسڪين ماڻهو جي تقدير بدلائڻ لاءِ جاکوڙ ڪري سگهجي ٿي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي ۱۹۴۳ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪئي. مسلمانن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جو رجحان گهٽ هيو. وڏن ماڻهن جا ٻار پڙهندا هئا، مسڪين ماڻهن لاءِ تعليم حاصل ڪرڻ ڄڻ ممڪن ڪونه هو. هندو گهڻو ڪري شهرن ۾ رهندا هيا ۽ ڪاروبار سان انهن جو تعلق هو، ان ڪري پڙهائي ۾ به هو دلچسپي وٺندا هئا. ڪامريڊ ميٽرڪ کان پوءِ اعليٰ تعليم لاءِ ڪراچي ۾ ايس.ايم ڪاليج ۾ داخلا ورتي. ۱۹۴۳ع ۾ پير الاهي بخش وزيرِ تعليم جي ڪوشش سان هي ڪاليج کليو، جتي مسلمان شاگردن لاءِ اسڪالرشپ، داخلا ۽ هاسٽل جي فين ۾ خصوصي رعايت ملندي هئي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي سان گڏ ٻين شاگردن سان گڏ ڊاڪٽر اياز قادري به گڏ هو. ڪاليج جا شاگرد پنهنجو ۽ تعليم جو خرچ پورو ڪرڻ لاءِ نوڪريون ڪندا هئا. مسلمان شاگردن لاءِ نوڪريون به جام هيون جو سنڌ ۾ نوڪرين جي ڪوٽا ۾ ۶۰ سيڪڙو مسلمانن لاءِ هوندو هو، ۴۰ سيڪڙو هندن لاءِ ڪوٽا هوندي هئي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو کي صحافت سان دلچسپي هجڻ ڪري هن تعليم حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ جڳ مشهور روزاني اخبار ”الوحيد“ ۾ سب ايڊيٽر جي حيثيت ۾ ڪم ڪيائين. بعد ۾ ريڊيو پاڪستان ڪراچي ۾ نيوز ڪاسٽر جي حيثيت ۾ ڪم ڪيائين. هن جا هم ڪلاس محمد هارون (جيڪو سنڌ جو گورنر ٿيو)، سندس وڏو ڀاءُ سعيد هارون، اڳوڻو روينيو جو وزير قاضي عبدالمنان، علي گوهر کهڙو جن هئا. پڙهائي دوران هن کي پنهنجي اخبار ڪڍڻ جو شوق ٿيو. ڪامريڊ اخبار وسيلي سنڌ جي مسڪين، خصوصًا هارين جي حقن لاءِ آواز اٿارڻ چاهي پيو، پر مناسب رقم نه هجڻ ڪري شروع ۾ اخبار نه ڪڍي سگهيو. ارادي جو پختو هيو، جيڪو فيصلو ڪري وٺندو هو، پوءِ ڏينهن رات اڻ تڻ هوندي هيس ته هر حال ۾ ان کي پورو ڪجي. اهڙي سوچ ۽ جذبي هيٺ ”نوجوان“ نالي سان اخبار شروع ڪئي، جنهن جو ايڊيٽر ڊاڪٽر اياز قادري کي مقرر ڪيائين. اخبار مواد جي حوالي سان انتهائي معياري هئي، پر مالي وسيلن جي نه هجڻ ڪري اخبار جو سلسلو بند ٿي ويو. ۱۹۴۷ع ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو وڪالت پاس ڪري لاڙڪاڻي واپس پهتو. وڪالت جي شروعات عبدالفتاح ميمڻ سان ڪيائين، پر پوءِ شمس الدين ابڙي سان پارٽنر جي حيثيت ۾ پريڪٽس ڪيائين. وڪالت دوران پاڻ سرڪاري وڪيل به ٿيو. هي صاف سٿري ڪردار جو مالڪ هو. وڪالت مقصد وارو پيشو سمجهي ڪئي. اڪثر مسڪين ماڻهن جا ڪيس مفت ۾ وڙهندو هو. گهڻن جون ته ڪورٽ جون فيون به پاڻ ڀريندو هو. ٿوري عرصي ۾ پيشي جي لحاظ کان مان مرتبي وارو مقام حاصل ڪيائين. وسيع مطالعي ڪري وڪالت سان گڏوگڏ سياست ۾ به دلچسپي هوندي هيس. شام جو هن جي اوطاق تي سياسي ڪچهريون ٿينديون هيون. هن جي ڪچهرين ۾ مختلف سوچ رکندڙ سياستدان، اديب، زميندار، پورهيتن سان تعلق رکندڙ دوست گڏ ٿيندا هئا. وڏو مهمان نواز هو، چانهه جو ڪيٽلو مستقل چڙهيل هوندو هو. هن جي ڪچهري جا روح روان ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ علي محمد عباسي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، عبدالخالق آزاد، ڪامريڊ جمال الدين بخاري، مولوي نذير حسين جتوئي، حاجي محمد پيرزادو، سائين جمال ابڙو، ڪامريڊ عبدالقادر جوڻيجو، عبدالخالق آزاد، ڪامريڊ برڪت علي آزاد، ڪامريڊ غلام محمد لغاري، قاضي فيض محمد، شمس الدين شاهه وڪيل، شيخ اياز ۽ ٻيا ناليوارا دوست هئا. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي دوستن سان گڏ ”هاري پارٽي“ ٺاهي، جنهن هارين جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي. هن کي سنڌي ادب ۽ زبان سان وڏو لڳاءُ هيو. سنڌي ادبي سنگت جي بنيادي ميمبرن ۾ شامل هيو ۽ سنڌي ادبي سنگت جي لاڙڪاڻي ۾ شاخ قائم ڪئي، جنهن جو هُو ڳچ وقت سيڪريٽري رهيو. سنگت جي ڪچهرين ۾ علم ۽ ادب دوست وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيندا هئا، جن ۾ ڪامريڊ جمال الدين بخاري، سائين جمال ابڙو، حاجي محمود خادم، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، عبدالمجيد ميمڻ، انيس انصاري، ڊاڪٽر اياز قادري ۽ ٻيا شامل هئا. ۱۹۵۶ع ۾ لاڙڪاڻو ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ورسي ملهائي وئي، جنهن جو سمورو خرچ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي ڪيو. سنڌ ۾ ڪٿي به ادبي ڪانفرنس ٿيندي هئي ته ڪامريڊ ان ۾ شرڪت ڪندو هو. هن جي سنگت جو حلقو وسيع هو. سموري سنڌ ۾ هن جا دوست هئا. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سان به هن جي قرب وارو رستو هو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سان رابطي ۾ رهندو هو. ڀٽو صاحب، ڪامريڊ جي علمي، ادبي صلاحيتن کان متاثر هو. سياست متعلق هن سان صلاحون ڪندو هو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي اقتدار دوران ۱۹۷۲ع ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو کي ايڊيشنل سيشن جج مقرر ڪيو. اڳتي هلي سيشن جج ٿيو. امانتي عهدي سنڀالڻ کان پوءِ انصاف سان فيصلا ڪيائين. حيدرآباد، سکر، جيڪب آباد، نوابشاهه، ڪراچي ۽ آخر ۾ ٺٽي ۾ نوڪري ڪيائين. ۱۹۸۵ع ۾ رٽائرڊ ٿيو. ڪجهه وقت ٺٽي ۾ رهيو، پر مستقل ناچاڪي جي ڪري پنهنجي زندگيءَ جو باقي حصو لاڙڪاڻي ۾ گذاريائين. ذيابيطس جي مرض ۽ دل جي تڪليف ڪري ۱۰ مارچ ۱۹۸۶ع ۾ ڪراچي جي جناح اسپتال جي Cardio vascular ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائين. هن جي وفات سبب علم، ادب، صحافت، سياست جي هڪ شاندار باب جي پڄاڻي ٿي. سنڌ جي تاريخ هن عظيم سنڌ جي عاشق ۽ همدرد کي هميشه ياد رکندي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو پنهنجي حياتي دوران ۱۹۴۶ع کان وٺي ۱۹۸۶ع تائين پنهنجي ڊائري مستقل مزاج سان لکندو هو، جيڪا سندس ڪٽنب وٽ محفوظ آهي. چاليهن سالن جو لکيل هي ڊائري وارو مواد وڏو تاريخي آهي. سنڌ جو ڪو اشاعتي ادارو يا سندس فرزند جيڪي انتهائي لائق آهن، انهيءَ کي ڪتاب جي صورت ۾ آڻين ته جيئن مرحوم جي ذهانت، سوچ ۽ فهم مان سنڌ جو عوام لاڀ حاصل ڪري سگهي. مرحوم جيئن ته وسيع مطالعي جو مالڪ هو، ان جون لکڻيون به اهميت ۽ مڻيا واريون هونديون. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سنڌ جو املهه ماڻهو حميد سنڌي پنهنجي پيارن، همسفرن ۽ سنڌ جي ماڻهن، مٽيءَ ۽ پاڻيءَ سان پيار ڪندڙن لاءِ لکڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. مان پنهنجي والد ۽ امڙ لاءِ به نه لکي سگهيو آهيان، زماني جي ڏکن ۽ ڏکيائين کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ڪندڙ هستين جيجي بيگم زينت چنا ۽ عبدالله چنا يا پنهنجي علمي ادبي رهبرن، مولانا غلام محمد گرامي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، محمد عثمان ڏيپلائي، رشيد ڀٽي ۽ ٻيا ڪيترائي سڄڻ سجاڳ ساٿي جن جي باري ۾ به دل کولي نه لکيو اٿم. تاج محمد ابڙي، نئين سنڌ جي نئين تاريخ جوڙيندڙ، همٿ ۽ صبر نه ڇڏيندڙ جاکوڙي انسان لاءِ ڪيئن لکان. تاج محمد ابڙي سان جيڪي به ڪچهريون ٿيون، انهن مان ايترو ته لاڀ پرايم جو اڄ تائين محسوس ڪندو آهيان ته تاج محمد ابڙي جنهن جي حياتي جا ڪيترائي رخ مون ۾ سمائجي ويا آهن. سندس جيڪي جاما يا ويس هئا، مون کڻي پاتا، سندس سماج سڌارڪ يا هڪ سوشلسٽ جي حيثيت هجي يا روشن خيالي ۽ ترقي پسندي هجي يا ايڊيٽر ۽ صحافي هجڻ جي حيثيت، ڪتاب پڙهڻ جو شوق هجي يا اوطاقن تي ڪچهرين وارو رنگ هجي يا ڏک سک ۽ ڀائيوار ڪرڻ هجي يا وڪالت، ماستري ۽ سرڪاري نوڪري واري ڪرت هجي، سڀئي اهي ويس وڳا هئا جيڪي مون کي نصيب ٿيا. ٿي سگهي ٿو سندس پورهيتي اجرن وڳن کي ڪنهن داغدار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هجي پر هن پنهنجي فڪر، ڏاهپ ۽ ذهني آزادي وسيلي پنهنجي دامن کي اجرو رکيو. تاج محمد ابڙي عملي ۽ مثالي طرح سان هڪ مبلغ ۽ سنت وارو ڪم پئي ڪيو پر هن اُن جي لکا نه ڏني. هو حياتي کي سونهن ۽ سوڀيا جو ويس سمجهندو هو، ڪنهن به ماڻهو سان شڪايت نه هوندي هيس، هُـو هر ماڻهو کي سهڻو ۽ ڏيا وارو سمجهي پيار ڪندو هو، هن کي مون ڪڏهن به ڪنهن سان شڪايت ڪندي نه ڏٺو هو، پنهنجي گڻن ۽ ڏيا کان ڄڻ واقف ئي نه هو، هن حياتي ائين گهاري ڄڻ حياتيءَ جو ٻيڙو سولو ۽ سنئون هو. سڙهه به سنوان ته رفتار به تکي ۽ تيز ڪيئن وقت واري جيان هٿن مان وهي پئي ويو، پر هن جي سچائي، ايمانداري ڄڻ ته کيس جيئڻ لاءِ ڪيئي جتن سولا ڪري پئي ڏنا. شيخ اياز جي ڪتاب ”ڪٿي ته ڀڄيو ٿڪ مسافر“ ۾ هڪ هنڌ شيخ اياز ۽ ڪامريڊ تاج محمد جي اڻبڻت جو واقعو بيان ڪيل آهي، جنهن بعد ڪجهه عرصي کانپوءِ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي وڃي کيس پرچايو. منهنجي خيال ۾ ڪامريڊ تاج محمد جڏهن سرڪاري نوڪري ۾ گهڙيو ته هو دوستن ۽ ڪامريڊ شپ جي بنيادي اصول تي عمل پيرا رهيو، نوڪريءَ هن کي ڪجهه وڌيڪConscious ڪري ڇڏيو هو. ڪامريڊ نظريو هجي يا سوشلسٽ، هو هڪ ڳالهه کان چڱي پر آگاهه هو، اها هئي انسان دوستي، جو پاڻ وڏو انسان دوست هو، ٻي ڳالهه هئي بحيثيت هڪ سماج سڌارڪ جي ڇاڪاڻ ته هو هن معاشري جي اوڻاين ۽ بندشن کي ڀلي ڀت ڄاڻندو هو ۽ سمجهندو هو، ان ڪري هن سڄي حياتي هڪ (Conscious) فرد طور معاشري جي عائد ڪيل بندشن خلاف جاکوڙ ڪئي. ان لاءِ هن جو بنيادي نقطو هو ته ايمانداري سان زندگي گذارجي ۽ (Personal Integrity) يعني پهريائين پنهنجي ذاتي طور ايمانداري هجڻ سان گڏ Integrity ۾ شامل عنصرن جهڙوڪ سچائي، راستبازي، سپتائيءَ ۽ سٺائيءَ کي پنهنجي جيئڻ جي ڍنگ سان شامل ڪري پاڻ کي هڪ مثال طور جڳ آڏو پيش ڪري ته جيئن پوءِ ئي معاشري جون اوڻايون، برايون پٽ پڌريون ٿي پونديون، پوءِ ئي انهن سان جنگ جوٽي سگهجي ٿي. تاج محمد ان لاءِ پاڻ Integrity جو وڏو مثال هو،Integrity رڳو ائين نه پر ان ۾ موجود سڀني عنصر جهڙوڪ سچائي، سربستائي، بي غرضائي، ايمانداري، راستبازي، سپتائي، اصليت، نرملتا ۽ سٺائيءَ جهڙا جزا سڀ شامل هجڻ کپن. منهنجي پياري رشيد ڀٽي جي اوطاق تي منهنجو تاج محمد سان جيڪي به ملاقاتون ٿيون ته هو کلي عام چوندو هو ته “يار سڀني انساني برائين جو حل اهو آهي ته هڪجهڙائي هجي، انصاف ۽ حق لاءِ آواز بلند ڪرڻ کانپوءِ اڳ ضروري آهي ته پنهنجي سپتائي ۽ مقصد ڏانهن سچي هجڻ جو ثبوت ڏجي، جنهن لاءِ ڪيترن ئي سکن، ذاتي مسرتن، تمنائن کي مارڻو پوندو“ هن جي سڄي حياتي جاکوڙ، پورهئي، سکن ۽ سهولت کان عاري زندگيءَ جي جيتوڻيڪ هڪ اهم ڪهاڻي آهي، پر اهڙي حياتي گهارڻ ۾ ڄڻ ته هن کي مزو پئي آيو جو مون کيس هميشه کِلندو ۽ ٻهڪندو ڏٺو، سوڀي گيانچنداڻي پنهنجين لکڻين ۾ کيس ”منهنجو ساٿي ڪامريڊ تاج محمد“ ڪري سڏيو آهي، سوڀو پاڻ ڪامريڊ آهي، هنن لفظن سان ڄڻ کيس ڪامريڊي جي سندَ ڏني اٿائين، هونئن به ڪامريڊ معنيٰ ئي آهي سنگتيءَ ساٿيءَ جي. ساٿي به اهو جيڪو دوستن عام ماڻهن ۽ پوري سماج لاءِ همدرد ۽ هڏ ڏوکي هجي. ڪامريڊ گهڻو تڻو ڪميونسٽن جي ساٿيءَ يا اشتراڪي ڪميونسٽ لاءِ ڪتب آندو ويندو آهي پر تاج محمد اهڙو ڪامريڊ هو جنهن جو مول متو ئي هو انسان دوستي ۾ Integrity گهرائپ يا ويجهڙائپ ۽ هڪ Association ڳنڍڻ واري ناتي کي ئي اهميت ڏيندو هو، سڪ، قرب، محبت، همدردي، هڏ ڏکائپ جو تاڃي پيٽو ائين اڻندو هو جيئن ڪو ڪاريگر ڪوري اڻت ڪري. ههڙا نينهن نپائڻ ۽ نڀائڻ وارو ماڻهو اڄ ڪو ڪو ملندو، مون کيس سکر ۾ سنڌي ادبي سنگت جي سالياني ميڙ ۾ ڏٺو، هو هڪ سرگرم ڪارڪن پئي لڳو پر هن ڪا به تقرير نه ڪئي نه پيپر پڙهيو. ادبي ڪچهرين جو ڪوڏيو هو، مون کيس گهڻو تڻو رشيد ڀٽي جي اوطاق تي ڪچهرين ۾ شريڪ ٿيندي ۽ ڳالهائيندي ڏٺو، سندس ڄاڻ ۽ حاصل ڪيل عمل جي وسعت کي ڏسي حيرت ٿيندي هئي، اها به اهم ڳالهه هئي ته ايترو پڙهيل ڳڙهيل هوندي به هو لکي نه سگهيو، مون کانئس لاڙڪاڻي واري اوطاق ۾ چانهه جون سرڪيون ڀريندي کانئس اها ڳالهه هڪ سوال جي صورت ۾ پڇي هئي، هو پهريائين چپ رهيو ۽ پوءِ اٿي بيٺو، پنهنجي سفيد پينٽ کي ڇڪي مٿي ڪيائين، پوءِ پنهنجي وڻندڙ مک تي دلپذير مشڪ آڻيندي مون ڏي ۽ ٻين دوستن ڏانهن نهاريندي، ڪجهه هيئن چيائين ته “پوءِ ڇا مان اوهان جي ادبي برادري مان نڪري وڃان، پيارا حميد ۽ دوستو! مان عمل ۽ ادب جو عاشق ۽ اوهان جي هر اول دستي جو جهنڊو کڻي هلندڙ هڪ فرد آهيان، ادب ۽ اديبن جو فهم ۽ ادراڪ وارو پيغام پهچائيندڙ آهيان، ڇڏيو ته مان زبان وسيلي مبلغي ڪريان ۽ توهان لکڻ وسيلي مبلغي ڪريو، مون کي توهان ڌار ڪري ئي نه ٿا سگهو، جو مان اوهان جي جسم ۽ روح جو حصو آهيان.” ”بس سهڻا سائين بس! مون ڪڏهن اهڙي ڳالهه نه ڪئي آهي، تون اسان جو رڳو جهنڊي بردار نه پر اهڙو اڳواڻ آهين، جنهن جو همٿ سان نه رڳو لاڙڪاڻي پر سنڌ جي ٻين شهرن ۾ به تنهنجي قائم ڪيل منڊلين تي وڏو مچ مچايو آهي” مان اڄ جڏهن ماضي ۽ حال جو جائزو وٺان ٿو ته اهڙن مقصدن سان واڳيل ماڻهو ۽ اهڙا مچ منڊليون گهٽ ٿو ڏسان. اڄ جي ادبي ميڙن، مجلسن کي ڏسجي ٿو ته ائين لڳي ٿو ته جيئرا جسم ضرور آهن پر اهي روح ڪينهن، اهو مقصد ئي ڪونهي جنهن سان اسين واڳيل هجون، ڪامريڊ تاج محمد اسان سڀني اديبن جو ساٿي، سنڌي سماج جي سڌاري لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ، هڏ ڏوکي ۽ همدرد هڪ اهڙو انسان هو، جيڪو يقينن فرشته خصلت هوندي به فرشتو نه هو، جو هن کي مسئلن جي حل ڪرڻ جي طاقت يا Authority ڪين هئي، هو رڳو هن ناانصافي واري جهريل سماج جو جهريل پر مردم شناس انسان دوست فرد هو، انهي سماج اندر ٿيندڙ اڻبرابرين، زور زبردستين، ناحق ۽ ناانصافين جي مسلسل جهولن ڪري سندس ٻيڙي جا سڙهه گهڻي دير سٽ نه جهلي سگهيا، جهريل دل سگهو ئي ڏري پئي ۽ اهو اسان کان ڌار ٿي ويو ۽ اهڙين ساٿين ۽ مسافرن لاءِ مون ڪنهن هنڌ پڙهيو هو، ڄڻ ته هو هاڻ هت ويٺو هو، گهڙيءَ پل لاءِ ڪاڏي اُٿي ويو آهي!؟ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سنڌ جي گهڻ رخي شخصيت ساگر جبار سومرو اڄ سنڌ سميت پوري ملڪ ۾، سنڌ جي ان بيباڪ باڪردار، گھڻ رخي شخصيت کي ياد ڪيو ويندو، جنهن شخصيت پوري زندگي، زندگيءَ جي هر طبقي سان واسطو رکندڙ ماڻهن سان، ائين نڀايو جيئن ڪو پنهنجي جيون ساٿين سان نڀائيندو آهي. هن کي سماجي ڪارڪن چئجي، سياسي شخصيت چئجي، اديب، ليکڪ، صحافي وڪيل يا جج چئجي جنهن جي شخصيت انهن سڀني ڪردارن سان ڀرپور نڀائيدي سنڌ لاءِ اهو نياپو ڇڏيو، ته سنڌ لاءِ صرف هڪ فورم تان جاکوڙ نه ڪبي آهي سنڌ لاءِ هر فورم تان ائين جاکوڙ ڪبي آهي، جو سنڌ جو آئيندو روشنين جي ضمانت ڏئي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي زندگيءَ ۾ هوش سنڀاليندي ئي شعور ۽ خدمت جا اهي سڀ مورچا سنڀاليا، جنهن سان سنڌ جي شعور کي چارچنڊ لڳائي سگهجن هو ڪراچيءَ ۾ شاگرديءَ واري دور کان ئي سياست، ادب، صحافت جو اهم حصو رهيو. هن هر ميدان ۾ پاڻ ملهايو. هو جڏهن استاد ٿي، قمبر شهر جي اسڪول ۾ آيو هو ته هن جي ٻارن جي تربيت ڏسي، قمبر واسي حيران ٿي ويا هئا. هي اهو استاد هو، جيڪو ٻاهران آيل شاگردن کي، پاڻ سان گڏ، پنھنجي مليل ڪواٽر ۾ رهائيندو هو. جڏهن هن جا ٻاهريان شاگرد ڏينهن تتي ۾ ٻاهر ويندا هئا، ته انهن کي روڪي پنهنجي جڳهه تي ويهاري ڇڏيندو هو ته مان اوهان کي ههڙي گرميءَ ۾ ڳوٺ ڪو نه ڇڏيندس. اوهان منهنجي ڪواٽر ۾ ويهو، شام ڳوٺ وڃجو. جڏهن هن جا شاگرد، هن جي ڪواٽر ۾ گرميءَ سبب، ويهڻ ايندا هئا ته انهن کي هو ماني هٿن سان کارائيندو هو. هو استاد هوندي، اهو استاد ٿيو جو هن اهو مثال قائم ڪيو ته استاد هيئن ٿيندو آهي. هن جي اسڪول واري خدمتن کي ساراهيندي، سنڌ سرڪار قمبر جو مين روڊ، هن جي نالي سان منسوب ڪيو هو، جيڪو اڄ تائين ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو چوندو هو ته؛ جيڪڏهن اسان تعليم جون راهون روشن ڪنداسين ته روشني اسان جو مقدر رهندي. هو تعليم جي حوالي سان، تمام وڏو جاکوڙي ڪردار هو. هو ڪڏهن به سک سان ڪين ويٺو هو. هن پوري زندگي جدوجهد ۾ گذاري. هن لاڙڪاڻي ۾ پهريون لائبريريءَ جو بنياد وڌو. جنهن بنياد وجهڻ کانپوءِ، ڪامريڊ تاج محمد ابڙو، شهيد ذالفقار علي ڀٽو سان مليو، ته اوهان لائبريءَ کي اڃا به وڌائڻ لاءِ مدد ڪيو. جنهن تي شهيد ذالفقار علي ڀٽو هن کي چيو هو ته؛ اوهان پنهنجو گهر ڏيو ته مان لائبرري قائم ڪيان. جنهن تي ڪامريڊ تاج محمد ابڙي فوري طور، پنهنجو گهر لائبرري کي ڏيڻ جو اعلان ڪيو. هو حيرانگيءَ جي ڳالھ اها ته پنهنجو گهر لائبريريءَ لاءِ ڏيندڙ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو، پنهنجو ذاتي گهر آخر تائين به نه ٺاهي سگهيو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سياست ۾ تمام سگهارو هو. هو شهيد ذالفقار علي ڀٽو سان تمام ويجهو هو، ۽ شهيد ذالفقار علي ڀٽو به هن کي تمام گھڻو ڀانئيندو ھيو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو، سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي جو بنياد رکندڙن مان هو. هن جي ساٿ ۾ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي ۽ ٻيا نالي وارا اديب پڻ رهيا. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو، سنڌي ادبي سنگت جو تمام سرگرم ساٿي رهيو. هر گڏجاڻي، هن جي اوطاق تي ٿيندي هئي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو، پنهنجي دور ۾ نالي وارو صحافي به رهيو هو. جڏهن ڪراچيءَ ۾ پڙهندو هو ته الوحيد اخبار ۾ هن صحافت جي شروعات، سب ايڊيٽر هجڻ سان ڪئي. محنتن سبب، تمام ٿوري وقت ۾ وڃي ايڊيٽر جي حيثيت تي پهتو هو. ڪراچيءَ واري رهائش دوران، دنيا جي نالي واري سماجي ڪارڪن عبدالستار ايڌي ۽ ملڪ جي ناليواري ليکڪا فاطمه ثريا بجيا جي تمام ويجهو رهيو. هو ڪراچيءَ ۾ تمام گھڻو سرگرم رهيو. هو سنڌ جو خاموش خادم هو. هن ڪڏهن به ڪو ڪم، ڪري اخبار ۾ نه ڏنو ۽ هن ڪڏهن به ڪنهن جي مدد ڪري ڪو اخبار ۾ فوٽو نه ڏنو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو، لاڙڪاڻي جو پهريون مسلمان وڪيل هو. هن جڏهن ايل ايل بي ڪري، لاڙڪاڻي ۾ وڪالت شروع ڪئي ته ان وقت وڪالت ۾ هڪ مافيا سرگرم هئي، جيڪي صرف عوام کان ڳريون فيون وٺڻ ۾ مشهور هئا. پر ڪامريڊ تاج محمد ابڙي غريبن لاءِ مفت انصاف جا در کولي ڇڏيا هئا، ۽ هو هميشه اهو چوندو هو ته مان انهن جو وڪيل آهيان، انهن جو نمائندو آهن جن جو ڪو به نه آهي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي، جڏهن ايل ايل بي ڪئي هئي ته ان وقت قائد اعظم محمد علي جناح مئٽرڪ تي ايل ايل بي ڪيل ايل ايل بي هولڊر هو ۽ ڪامريڊ انٽر تي ايل ايل بي ڪئي هئي ۽ وڪالت دوران ٿيندڙ اليڪشن ۾ جڏهن ڪامريڊ محترمه فاطمه جناح جو ساٿ ڏنو هو ته ان وقت جي ڊڪٽيٽر صدر ايوب خان ڪامريڊ ڏي ملڪ جي اهم شخصيت جي معرفت پيغام موڪليو هو ته ڪامريڊ فوري طور تي محترمه فاطمه جناح جو ساٿ ڇڏي ڏي، ۽ فوري طور پريس رليز جاري ڪر. جنهن تي ڪامريڊ، ايوب خان کي اهو نياپو موڪليو هو ته؛ مان مرڻ گهڙيءَ تائين فاطمه جناح جو ساٿ نه ڇڏيندس. جنهن تي ان وقت جي ڊڪٽيٽر، ايوب خان ڪامريڊ لاءِ ڌرتي تنگ ڪري ڇڏي هئي. ڪامريڊ، بلوچستان ۾ پنهنجن گهاٽن دوستن اڪبر خان بگٽي، سردار عطاءُ الله مينگل، خير بخش مري، مير غوث بخش بزنجي وٽ وڃي سياسي پناهه ورتي هئي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو، جڏهن بلوچستان ۾ پنهنجي سردار دوستن وٽ رهندو هو. تڏھن ڪامريڊ، کين چيو هو ته؛ مان اوهان جي ڪيل خدمت آڏو شرمسار آهيان. ڇو جو مان پاڻ وڪيل آهيان. پاڻ ڪمائي کائيندس. جنهن کان پوءِ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي، بلوچستان ۾ ڊي پي پي يعني سرڪاري وڪيل طور جوائن ڪيو هو. صدر ايوب جي وڃڻ کانپوءِ، ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سنڌ آيو ھيو. موٽي اچي، هن پنهنجي اوطاق آباد ڪئي ھئي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي ۾ هزارين خوبيون هيون. پر هن جي هڪ خوبي، هزارن جي مثال هئي. اھا، اھا ته پوري سنڌ ۾ اوطاقي طور مشهور هو. هن جي پوري زندگي، هن جي اوطاق آباد رهي. هو، يارن جو يار هو. هن جي اوطاق، هميشه آباد رهي. هو اوطاقن ۾ سياسي، سماجي ۽ ادبي ميڙاڪا مچائڻ جو ماهر هو. ائين کڻي چئجي جيڪو اڃا بهتر لڳندو ته؛ هو اوطاقن کي آباد رکڻ ۾، سنڌ جو مثالي ڪردار هو، جنهن سنڌ جي ثقافت کي هميشه لاءِ جياريو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو، تعليم جي ميدان ۾، وڏي سوچ رکندڙ، اها شخصيت هو، جو هن نياڻين کي تعليم ڏيارڻ ۾ وڏي جاکوڙ ڪئي. جنهن جو وڏو ثبوت هي آهي ته ڪامريڊ جون چار نياڻيون آهن. اڄ چار ئي سنڌ جي اهم عهدن تي آهن. هن جو چوڻ هو ته؛ نياڻيون پيءُ ۽ ماءُ جو نالو روشن ڪنديون آهن. مان چاهيان ٿو ته سنڌ جون نياڻيون، سڀ کان اڳ ۽ اڳ هجن. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي شخصيت جا هزارين پاسا آهن. هن جي شخصيت جو هر رخ، سنڌ کي جيئاريندڙ ۽ ملڪ کي اڳتي وٺي ويندڙ آهي. اڄ هن جي ۳۱ هين ورسي آهي. جيئن ڪامريڊ تاج محمد ابڙي پنهنجو فرض سمجهي سنڌ جي هر فورم تي مثالي خدمت ڪئي، ان ڪري اسان مٿان به اوترو ئي فرض آهي ته هن جي شخصيت تي اهي ڪي سنجيده ڪوششون ۽ پرگرام ڪيون جو هن جي شخصيت جا سڀ رخ، سنڌ تائين آسانيءَ سان پهچي سگهن. تاج محمد ابڙو سنڌ جو درد رکندڙ انسان الطاف شيخ لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو، سنڌ جو تاريخي شهر آهي، جنهن هر دؤر ۾ اسان کي اهڙا ته ليڊر، عالم، اديب ۽ شاعر ڏنا، جن پنهنجي ڏاهپ سان سنڌ کي واسي ڇڏيو. مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو صاحب به انهن مان هڪ آهي. پاڻ سنڌ جا نامور اديب، دانشور، جج، سياستدان، سماج سڌارڪ، صحافي ۽ استاد هئا. سندن جنم ۸ آگسٽ ۱۹۲۴ع تي شهدادڪوٽ ۾ ٿيو. پرائمري تعليم قمبر مان ۽ سيڪنڊري تعليم لاڙڪاڻي مان حاصل ڪرڻ بعد ايل ايل بي ڪراچيءَ مان پاس ڪيائون. شاگردي واري دؤر کان ئي پاڻ سياست ۾ سرگرم رهيا. مسلم ليگ، ڪميونسٽ پارٽي، جيئي سنڌ، سنڌ هاري ڪميٽي، نعپ، پيپلز پارٽيءَ سميت سنڌ عوامي اتحاد کان وٺي جيڪا تحريڪ سنڌ جي ڀلي ۽ آجپي لاءِ بهتر محسوس ڪيائين، انهيءَ ۾ ڀرپور نموني حصو ورتائين. سندن شمار سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي باني ميمبرن ۾ ٿئي ٿو. سنڌي مسلمانن جي پاڪستان کان به پهرين جي مشهور واحد اخبار ’الوحيد‘ جنهن پاڪستان جي تاريخ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو، ان جو ڪجهه وقت لاءِ ايڊيٽر ۽ قائد اعظم محمد علي جناح جي انگريزي اخبار ڊان جو سب ايڊيٽر پڻ رهيو. لاڙڪاڻي جي سنڌي ۽ اردو اديبن کي ويجهو ڪرڻ ۾ پاڻ وڏو ڪردار ادا ڪيائون ۽ انجمن ترقي اردو پاڪستان لاڙڪاڻي شاخ جا سرگرم ڪارڪن ٿي رهيا. لاڙڪاڻي جي تاريخ جي سڀ کان وڏي سنڌ جي لائبريري ”سر شاهنواز ڀٽو ميموريل لائبريري“ جيڪا اتر سنڌ جي واحد اهم لائبريري آهي، جتان هزارن جي تعداد ۾ اڄ به شاگرد، اديب ۽ دانشور فيضياب ٿي رهيا آهن، ان جي بنياد لاءِ چيو وڃي ٿو ته مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو صاحب رکرايو. پاڻ لاڙڪاڻي شهر سان لڳو لڳ بقاپور يونين ڪائونسل جو چيئرمين پڻ رهيو. پاڻ ريڊيو پاڪستان ڪراچي تي نيوز ڪاسٽر طور ڪم ڪرڻ کان علاوه قمبر هاءِ اسڪول ۾ انگريزي استاد جي حيثيت سان پڻ پنهنجا فرائض سرانجام ڏنائون. ڪامريڊ تاج محمد پاڪستان جو واحد جج هو، جنهن کي ڪامريڊ جو خطاب مليو. وڏيرا شاهي جي اثر رسوخ رکندڙ ضلعي جيڪب آباد ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي، قاضي فيض محمد، جي ايم سيد، غلام محمد لغاري جن جي مدد سان ضلعي ۾ هاري ڪاميٽيءَ جو بنياد وڌو. انهيءَ سلسلي ۾ صدر ايوب خان جي مقابلي ۾ هن محترمه فاطمه جناح جو ساٿ ڏنو. ۱۹۵۳ع ۾ ڇپيل بايوگرافيڪل انسائيڪلوپيڊيا آف پاڪستان ۾ پنجن صوبن جي اهم هڪ هزار وڏين شخصيتن مان کين هڪ قرار ڏنو ويو. سندن ادبي همعصر دوستن ۾ اياز قادري، انيس انصاري، تنوير عباسي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، محمد ابراهيم جويو، جمال ابڙو، رسول بخش پليجو، شيخ اياز، سوڀو گيانچنداڻي، پير حسام الدين ۽ علي محمد راشدي، گوبند مالهي، هري دلگير درياڻي ۽ ٻيا کوڙ سارا نالا اچي ٿا وڃن. سندن ذاتي لائبريري ۾ هزارين ڪتاب هئا ۽ سنڌ جي وڏين لائبريرين ۾ شمار ڪئي ٿي ويئي. سندن اولاد سنڌ جي وڏن اديبن جي صلاح تي لائبريري جا ڪتاب سر شاهنواز لائبريري ۽ سنڌ جي عظيم درسگاهه سنڌالاجي کي عطيي طور ڏنا ۽ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي نالي پويان سنڌالاجي ۾ هڪ الڳ ڪارنر قائم ڪيو ويو آهي. سندن سياست سان تمام گهڻو لڳاءُ رهيو. محترمه فاطمه جناح جي ساٿ ڏيڻ تي سنڌ مان پاڻمرادو جلاوطني اختيار ڪري بلوچستان ويو ۽ اتي نعپ جي وڪالت به ڪندو رهيو. هن مهل به سنڌ جو عوام ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي سياسي، سماجي، ادبي، قانوني خدمتن کي مدنظر رکي کيس مختلف طريقن سان ياد ڪندو رهي ٿو. (ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۸ آگسٽ ۲۰۲۴ع تي ڇپيل) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ’مون سي ڏٺا ماءُ، جنين ڏٺو پرينءَ کي‘ ارشاد ڪاغذي انسان ۽ انسانيت لاءِ جيڪي ماڻهو محبت ۽ خدمت جي جذبي سان سرشار ٿين ٿا، تاريخ تن جي نانءُ کي هميشه لاءِ روشن رکي ٿي. جيڪي شخص مسڪين، محروم ۽ مظلومن جا همدرد ۽ هڏڏوکي ٿين ٿا، اهي امر بڻجي وڃن ٿا. سنڌ ۾ ڪيترا ئي اهلِ علم ۽ قلم ۽ مانجهي مڻيادار پيدا ٿيا آهن، جن پنهنجي پورهئي ۽ پگھر، سوچ ۽ لوچ سان سنڌ جي سينڌ سنواري آهي . ڪامريڊ تاج محمد ابڙو به اهڙين عظيم هستين منجهان هو، جنهن سنڌ جي مسڪين، هارين ۽ مزدورن جي بهتري ۽ ڀلائيءَ لاءِ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيو هو. ڪامريڊ تاج محمد سنڌ جي قسمت بدلائڻ لاءِ علم، ادب، تعليم ۽ سماجي ڪمن ۾ جيڪي خدمتون سرانجام ڏنيون سي ڪڏهن به وسارڻ جوڳيون ناهن. ڪامريڊ ابڙو هڪ نهايت ئي مهربان، شفيق ۽ هڏڏوکي انسان هو، جنهن پنهنجي سموري ڄمار اصولن جي پاسداري ڪئي، ڪڏهن به پنهنجي نظرئي ۽ فڪر کان نه ڦريو ۽ هميشه حق ۽ سچ جي راهه تي رمندو رهيو. هن پوري حياتي لوڪ جي خدمت لاءِ ارپي ڇڏي هئي. ڪامريڊ روشن خيال ۽ مخلص شخص هو، جنهن پورهيت پنهوارن جي لاءِ پنهنجي وت ۽ وس کان وڌيڪ خدمت ۾ گذاري. پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسان جي ملڪ ۾ اهڙن املهه هيرن جو قدر نٿو ڪيو وڃي. خدا ڄاڻي ته ڪنهن رنگين چمن ۾ ڇو نه ڄاياسين؟ ٽڙياسين دامنِ صحرا ۾، خوشبو ئي اجائي وئي. (شيخ اياز) ڪامريڊ تاج محمد جي ٻاريل ڏياٽيءَ جي بدولت سنڌ جي سياست ۾ جاگيرداري جي گپ اوندهه ۾ روشني جو ترورو روشن ٿيو ۽ جاگيرداري جي غلامي کي چئلينج ڪيو ويو، جنهن ۾ ڪامريڊ پيش پيش هو ۽ ان جي ڪري ٻيا غريب هاري ناري ڪامريڊ جي فڪر ۽ فلسفي سان سلهاڙجي ويا. ڪامريڊ تاج محمد ڪميونسٽ پارٽي ۾ شامل هو ۽ مظلومن جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو. ڪامريڊ جي ياري دوستي وڏن وڏن ليڊرن سان هوندي هئي. ڪامريڊ جا مختلف مڪتبه فڪر جي ماڻهن سان به تعلقات هئا پر هو انهن مان نه هو جيڪي پنهنجي لاءِ ذاتي فائدو حاصل ڪن پر هو غريبن جي مدد ڪندو رهيو. ڪامريڊ تاج محمد، اوطاقي مڙس هو، هن جي بيٺڪ امير ۽ غريب لاءِ کليل هوندي هئي. هن جي اوتاري تي حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، ڪامريڊ جمال الدين بخاري، ذوالفقار علي ڀٽو ۽ لاڙڪاڻي جا اديب، شاعر ۽ سڄاڻ ميڙو مچائي علم، ادب، سياست ۽ انقلاب جا مچ مچايو ويٺا هوندا هئا، فيض جي پالوٽ ٿيندي هئي. هو تاريخ ساز شخصيت هو، جنهن سياست کان علاوه سماجي کيتر ۾ به گھڻو ڪم ڪيو. جج جي نوڪري دوران به پنهنجي ڪرت ۾ مشغول رهيو ۽ پاڻ کي هڪ اهڙو ادارو بنايو، جنهن جي ذريعي عوام کي فائدو ئي فائدو مليو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي سنڌ هاري ڪميٽي ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سان گڏجي ڪم ڪيو. لاڙڪاڻو ۽ جيڪب آباد ضلعن ۾ هاري ڪميٽي جا يونٽ کولڻ ۽ سرگرمي سان هارين جي حقن لاءِ جدوجهد هلائڻ جي ڪري پوري سنڌ ۾ هن جو نالو مشهور ٿيو. ان زماني ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جي سرواڻي ۾ جتي ڪامريڊ تاج جهڙا هاري ورڪر سرگرم هئا، اتي ٻيا هاري ورڪر غلام محمد لغاري، قاضي فيض محمد، برڪت علي آزاد، مير محمد ٽالپر وغيره به ڪامريڊ ابڙي جا دوست ۽ ساٿي هئا. هُن هاري ڪميٽي اليڪشن ۾ وڏيرن ۽ جاگيردارن جو مڙسيءَ سان مقابلو ڪيو. ڪامريڊ علم ۽ ادب سان گھڻو شوق ۽ شغف رکندو هو ۽ گھڻو پاڙهو هو. انگريزي جا ڪتاب تمام گھڻا پڙهندو هو ۽ ان ڪري سندس ذهانت اتم ۽ اعليٰ هئي. هو دانشور هو، سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي جو سيڪريٽري رهيو، پر ۵۰ واري ڏهاڪي ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي، رشيد ڀٽي ۽ ٻين جڏهن نئين سري سان سنڌي ادبي سنگت کي فعال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪامريڊ ان ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سنڌي اديبن کي هڪ هنڌ متحد ۽ منظم ڪرڻ ۾ هن جون ڪوششون ساراهڻ جوڳيون آهن. ڪامريڊ يارويش ماڻهو هو، سنڌ جي اديبن شاعرن، سياستدانن، هاري ورڪرن ۽ شاگردن سان هن جا واسطا رهيا، هو سڀ جي خدمت ڪندو هو. هو نياز ۽ نمرتا جو نمونو هو، تمام گھٽ ڳالهائو هو. هن جي اوتاري تي اچڻ وارا اديب ٿي ويا، ڇو جو اتي ڪيئي نامور اديب شاعر ۽ محقق ۽ سياستدان ايندا ويندا هئا ۽ اتي جيڪي بحث مباحثا ٿيندا هئا تن جي اثر جي ڪري نوجوان علم ۽ ادب سان چاهه رکڻ لڳا ۽ مشهور اديبن جي ميل ملاقات ۽ عليڪ سليڪ جي ڪري ڪامريڊ جي آشرم مان علم، ادب، شاعري ۽ ادراڪ جون وٽيون پي پرباش ٿي پنهنجي علم و ادب جا واهڙ وهائي ڇڏيا. نوجوانن انهن ڪچهرين مان گھڻو پرايو. هن جو تعلق گھڻن ئي ليڊرن سان هوندو هو، ملڪ جي سياسي جماعتن جي ويجهو هيو، هن جا خيال الڳ هوندا هئا. ڪامريڊ هوندي به ملڪ جو صدر ۽ وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو هن جي عزت ڪندو هو ۽ هن جي آشرم تي اچي ڪچهري ڪندو هو ۽ ڪامريڊ جو سنگتي هو. ذوالفقار علي ڀٽو جي چوڻ آکڻ تي نوڪري ۾ گھڙيو ۽ اتي به غريبن جي مدد ڪندو رهيو. هن دوستن سان به اهڙو ورتاءُ ڪيو جيڪو اڳ ۾ هوندو هو. جڏهن رٽائر ٿيو تڏهن به ايمانداري جو نمونو قائم ڪري سبڪدوش ٿيو. ڪامريڊ تاج محمد جي ياري باشي ته هر هڪ سان هئي پر پنهنجي ڪهول سان جهڙي نموني هليو ۽ انهن جي تعليم ۽ تربيت تي پورو ڌيان ڌريو، تنهن جي ڪري سندس پونئير به پنهنجي وڏڙي جي واٽ تي هلن ٿا ۽ واقعي اها هڪ خوش بختي چئبي جو اڄوڪي هن دور ۽ نفسا نفسي واري ماحول ۾ هن جا پويان به پنهنجي بابي جي ڇڏيل ورثي جي پوئيواري ڪندي انسانيت ۽ ماڻهپي ۾ آهن. وڏن عهدن تي رهندي به غريبن جو خيال رکڻ واقعي وڏي ڳالهه آهي. اهڙن ڌيئرن ۽ پٽن کي جس هجي! ڪامريڊ جي تربيت ۽ پالنا جي ڪري سندس گھرڀاتي ۽ ٻار ٻچا به ان روش جي ڪري ڪامريڊ جي دڳ تي هلي رهيا آهن. سندس فرزند ۽ ڌيئرن علم ۽ ادب جي ميدان ۾ پاڻ ملهايو آهي ۽ پنهنجي والد صاحب جي ڪم کي وڌايو آهي ۽ ان جي ياد ۾ ڪيئي ڪتاب شايع ڪرايا آهن ۽ يونيورسٽي وغيره ۾ ڪامريڊ جي ياد ۾ چيئر قائم ڪرائي تحسين لائق ڪم ڪيو آهي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جهڙا نيڪ بخت انسان ورلي پيدا ٿيندا، جيڪي پنهنجي ذات ۽ ڏات ۾ هڪ انجمن جو درجو رکندا آهن! مون سي ڏٺا ماءُ، جنين ڏٺو پرينءَ کي، رهي اچجي راتڙي، جنگن سندي جاءِ، تنين جي ساڃاءِ، ترهو ٿئي تار ۾. (شاهه لطيف) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو لاڙڪاڻي جو هڪ عظيم اوطاقي ماڻهو ولي رام ولڀ سنڌ سونهاري ڪيترن ئي حوالن سان هيري جهڙن ماڻهن جي کاڻ رهي آهي، جنهن ۾ لاڙڪاڻو سڀ کان وڌيڪ ڀاڳوند آهي. اهڙن هيرن ۾ مدبر، دانشور، اديب، سياستدان ۽ زندگيءَ جي هر ميدان ۾ ملهه ماريندڙ ڪيتريون ئي شخصيتون شامل آهن. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو به پنهنجي دﺂر جي اعليٰ پايي جي انسانن جي جهرمٽ ۾ لاڙڪاڻي جي روايتي اوطاق ذريعي ڪيترن ئي حلقن ۾ محبوب هو. سندس اوطاق تي هيٺئين سطح کان وٺي مٿئين سطح جي طبقي جا ماڻهو وٽس اوطاقي ٿيندا هئا، جن سان هو سماجي، سياسي، ادبي ۽ علمي موضوعن تي بحث ڪندو هو ۽ اهڙي طرح گفتگوءَ ذريعي ترقي پسند سوچ، فڪر ۽ نظرياتي دڳ طئه ٿيندا هئا. لاڙڪاڻو هڪ عرصي کان وٺي وزيرن، وڪيلن، وڏيرن سان گڏ عام ماڻهن جو شهر پڻ رهيو آهي. اتان جو هر ماڻهو پنهنجي رويي مان سياست جي سُتي پيل لڳندو آهي، جنهن ۾ اوطاق ڪلچر جو وڏو ڪردار رهيو آهي. گذريل صديءَ دوران، نواب حاجي امير علي لاهوري، عبدالغفور ڀرڳڙي، قاضي فضل الله، عبدالفتاح ميمڻ، ميان غلام عباس قادري، فقير محمد انڙ ۽ تاج محمد ابڙي جون ڪچهريون مشهور هونديون هيون، جن ۾ تاج محمد ابڙي جي ڪچهري سڀ کان سرس ۽ سونئالي هوندي هئي. سندس ڪچهريءَ ۾ مختلف قسمن، طبيعتن، مسلڪن، سماجي تنظيمن، مڪتبه فڪرن، سياسي پارٽين، رجعت پسندن، ترقي پسندن، سوشلسٽن، ادبي گروهن، زميندارن، هارين ۽ مزدور طبقي جي ماڻهن جي اچ وڃ رهندي هئي. هُو ساڻن سندن سطح مطابق ڪچهري ڪندو هو ۽ کين مانُ ڏيڻ سان گڏ چاهه ڀري چانهه به پياريندو هو. پر سندس مسلڪ ”ترقي پسندي“ هو، جنهن جو هُو پختو پرچارڪ هو. ابڙو صاحب پاڻ ليکڪ ته نه هو، پر هُو نوجوان ٽهيءَ کي اتساهي کين لکڻ لاءِ آماده ڪندو هو. سندس دوستن ۾ سنڌ جا چوٽيءَ جا اديب، سياستدان ۽ ڪارڪن شامل هئا، جن لاءِ سندس اوطاق بيشڪ هڪ ڪلاس روم مثل هئي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، سوڀو گيانچنداڻي، جمال ابڙو، شيخ اياز ۽ محمد ابراهيم جويي جهڙيون شخصيتون سندس محبتن ۾ شامل هيون ۽ وٽس ٻيا به ڪيترا ئي برک ماڻهو اوطاقي ٿيندا هئا. افسوس جو نئين صديءَ ۾ سنڌ جو اهو ”اوطاقي ادارو“ پنهنجو وقت پورو ڪري کڄي ويو ۽ هاڻي نڪا اوطاق، نه اوطاقي ۽ نه وري ٿري اصطلاح ۾ اوتارا. اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارين، جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا. (شاهه ڀٽائي) محمد ابراهيم جويي جي سهيڙيل ڪتاب ”سنڌ جو املهه هيرو: ڪامريڊ تاج محمد ابڙو“ (۲۰۰۴ع) ۾ پروفيسر اياز قادري پنهنجي مضمون ۾ لکي ٿو ته: ”وٽس لائبريريءَ ۾ ڪافي سارا ڪتاب ڪٺا ٿيل هئا، جن ۾ بايوگرافي ۽ تاريخ بابت ڪافي ڪتاب هئا. هو انگريزي هفتيوار رسالي ‘Time’ (ٽائيم) جو هڪ عرصي کان خريدار هو، جن جا ٻڌل جلد سندس لائبريري جي زينت آهن.“ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سندس دل گهريو دوست هو. هُو وٽس به هليو ويندو هو ۽ بنا حجاب کيس پاڻ وٽ به گهرائيندو هو. انهيءَ دوستيءَ جي رشتي هن کيس ايوبي دﺂر جو بي ڊي (بيسڪ ڊيموڪريسي) جو ميمبر ۽ پوءِ چيئرمين بڻايو. ادب سان دلچسپيءَ سبب هن سنڌي ادبي سنگت جي شاخ قائم ڪئي، جنهن ۾ قلم قبيلي وارن جو وڏو تعداد شريڪ ٿيندو هو، جن ۾ حاجي محمود خادم، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ، انيس انصاري، جمال الدين بخاري، ڊاڪٽر اياز قادري ۽ ٻيا شامل هئا. ۱۹۷۲ع ۾ شهيد ڀٽي جي چوڻ تي تاج محمد ابڙو سيشن جج مقرر ٿيو، پر پوءِ به سندس معمول ۾ ڪو ڦيرو نه آيو. ۱۹۸۵ع ۾ رٽائر ڪيائين ۽ ۱۹۸۶ع ۾ دل جي دﺂري سبب ڪراچيءَ ۾ انتقال ٿيس. سندس اکيون ٻوٽجڻ کان پوءِ لاڙڪاڻي جي ڪچهرين جا دﺂر به ٻوٽجي ويا. هو بيشڪ لکاري نه هو، پر لکارين جي لاءِ وڏي اتساهه جو ڪارڻ هو، بلڪه ائين چئجي ته هو اديب ساز شخصيت هو. ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي لکيو آهي ته: ”.... هن سنڌي ادب تخليق ته نه ڪيو، پر پنهنجي تنظيمي صلاحيتن سان سنڌي ادبي سنگت وسيلي ادب ۾ جديد لاڙن جي جاڳرتا پيدا ڪئي. کيس سنڌي ادب جو خاموش خدمتگار سڏجي ته بهتر ٿيندو. هن ڪڏهن به پنهنجي نالي ڪڍرائڻ جي ضرورت محسوس نه ڪئي، پر خاموشيءَ سان جديد ادب کي رواج ڏيڻ لاءِ ڪم ڪندو رهيو.“ انيس انصاريءَ سندس خاڪي ۾ ڄاڻايو آهي ته: ” تاج محمد ابڙو پنهنجي شخصي ڊائري به لکندو رهندو هو. سندس ڊائريون ۱۹۴۶ع کان ۱۹۸۶ع تائين يعني ۴۰ سالن تي مشتمل هيون، جيڪي سندس ڪٽنب وٽ رکيل آهن.“ منهنجي سندس ڪٽنب وارن کي گذارش آهي ته اهي ڊائريون ايڊٽ ڪري ڇپرائڻ جو انتظام ڪيو وڃي، ته جيئن عمومي طور سنڌ جو ۽ خاص ڪري لاڙڪاڻي جو منظر نامو، منظرِ عام تي اچي سگهي. اهي ڊائريون يقينًا تاريخ جي ٽٽل ڪڙين کي جوڙڻ ۾ مدد ڪنديون. انيس انصاري مذڪوره مضمون ۾ تاج محمد ابڙي طرفان سندس اولاد کي وصيت جي حوالي سان لکي ٿو ته: ”.... سندس دوستن کي ڪا تڪليف نه ملڻ گهرجي، البت پاڻ ۾ اختلاف يا ڪنهن منجهيل مسئلي تي سندن صلاح ضرور وٺندا. انهن جي هر وقت عزت ڪرڻ اوهان جو فرض آهي ۽ سندن اولاد سان تعلق پڻ رکڻ جي ڪوشش ڪندا. کانئن ڪڏهن به مالي مدد جي طلب نه ڪندا.“ انهيءَ مان لڳي ٿو ته پنهنجي عزتِ نفس کي محفوظ رکڻ لاءِ پنهنجن دوستن کي ڪا تڪليف نه ڏيڻ لاءِ ڪيڏو نه تاڪيد ڪيو اٿس، ته جيئن سندس اولاد پنهنجن پيرن تي خود اعتماديءَ سان بيهي، اڏول بڻجي ۽ پنهنجي والد جي روايت کي قائم رکي. مذڪوره ڪتاب ”سنڌ جو املهه هيرو“ ۾ شامل ٻه مضمون اهڙا آهن، جيڪي سندس شخصيت جي اهڙن پهلوئن تان پردو کڻن ٿا، جن مان سندس اعليٰ ظرف، مٿڀري رتبي ۽ ترقي پسند سوچ رکندڙ ڪامريڊ هئڻ جو ڏس ملي ٿو. شيخ اياز پنهنجي لکيل مضمون ”صاف گو ۽ صاف دل انسان“ ۾ سندس ذاتي قرب ۽ دوستيءَ جو مانُ رکيو آهي ۽ ٻيو آهي حميد سنڌيءَ جو لکيل ”سنڌ جو املهه ماڻهو“، جنهن ۾ هن سندس ذاتي ايماندارانه زندگي ۽ ساک قائم ڪرڻ ۾ سچائي، سربستائي، بي غرضائي، ايمانداري، راست بازي، سڦتيائي، اصليت، نرملتا ۽ سٺائي جهڙا جزا بيان ڪيا آهن. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو دوستن جو دوست، سياست سان لڳاءُ رکندڙ، اديبن جو يار، ترقي پسند نظريي جو پڪو پوئلڳ، رک رکاءُ وارو، سنڌ جي ثقافت جو مجسمو ۽ قدامت ۽ روايتن کي مانُ ڏيندڙ، انصاف پسند ۽ انصاف ڪندڙ منصف هئڻ سان گڏ هڪ مخلص ماڻهو هو. اهڙو شخص، جنهن ۾ ايتريون ساريون خوبيون هجن ۽ پاءُ صدي اڳ هن جهان کي ڇڏي، پنهنجن پرستارن جي دلين ۾ دائمي جاءِ ڇڏي وڃي ته يقينًا اهڙين خوبين واري شخص لاءِ هن دﺂر ۾ اعتبار ئي نه ايندو ته اهڙو شخص به هن خطي ۾ زندگي گذاريندو هو ۽ گذاري ويو. هاڻي سندس ڳالهيون ڪندڙ دوست، سندس گهر ڀاتي ۽ سائين ابراهيم جويي جو سلهاڙيل ڪتاب ”سنڌ جو املهه هيرو“ اسان وٽ رهجي ويا آهن، جن مان پتو پوي ٿو ته ههڙا ماڻهو به هن ڌرتيءَ کي دان ۾ مليا هئا، جن جي صدقي هن ڌرتيءَ جو مانُ مٿانهون آهي. (روزانه ڪاوش، آچر ۱۷ اپريل ۲۰۱۱ع) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جاڳر جوڳيئڙن جو زيب نظاماڻي ڪڙو منجهه ڪڙي، جيئنءَ لهار لپيٽيو، سندم جيءُ جڙي، سُپيريان سوگهو ڪيو. (شاهه لطيف) ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين ۽ ڪيٽي بندر کان ڪشمور تائين سنڌ جي خمير ۽ ضمير جي چيڪي مٽيءَ جي سُڳنڌ وقت کي واسيندي رهي آهي. هن مٽيءَ مان ڳوهيل املهه وجود جڏهن ساهن ساڻ سينگاري موڪليا ويا ته مٽيءَ مٽيءَ جي هڳاءَ سان وفا جا نوان باب لکيا، اهي رتيون وڌيون جن جنم کان جنمن تائين پنهنجي سڀاويڪ سوچ ۽ عمل ذريعي سنڌ ڌرتي جي سڃاڻ کي سڄاڻائيءَ جي سڳي ۾ پوئي محبتن جون مالهائون جوڙيون. اهو راڄ، اهو ڀاڳ، اهو تر، اهو بي ڳڻو ليکبو هو، جنهن جي تڏي ڪو ڪهي اچي ۽ مانُ نه لهي. ڏورانهون ڪهي ايندڙ يا ڏينهن لاءِ گڏجي ويهي نبيرا ڪرڻ، پريت ونڊڻ ۽ ڏاهپ جا واهڙ وهائڻ لاءِ جنهن آڳنڌ کي عزت بخشي ويندي آهي، ان کي سنڌي ٻوليءَ ۾ اوطاق چئبو آهي. معنيٰ اوري پري کان ڪهي، رلجي سلجي هڪٻئي سان گڏجي ڪانڀا ٻڌي ويهي ڏاهپ جا نوان گس، نبيري جا نوان لاڙا ڳولي لهڻ، سنڌ جي اوطاقن جي سڃاڻپ رهي آهي. جنهن تر جي راڄ ۾ اوطاقون نه هجن ته اتي سڃ ليکبي ۽ جنهن راڄ ۾ اوطاقون نه هجن ته اتي ڏاهپ جا واهڙ وهندي ڀاسبا. هڪ راڄ وارا ٻي راڄ ۾ ڪهي وڃي مهمان ٿيندا هئا، مچ ٻرندا هئا، سياري جون ٿڌيون ڊگهيون راتيون ائين پل ۾ وهامي وينديون هيون. هڪٻئي سان رابطي جو اهو سگهه وارو ذريعو نه رڳو هڪٻئي سان ميل ميلاپ وڌائڻ ۾ مدد ڏيندو هو، پر ڏات، ڏاهپ ۽ سُگهڙ پائيءَ جا نوان باب کوليندو هو. بزرگن واتان ڏور، پهاڪا، ڳجهارتون، بيت ۽ داستان ٻڌي ائين ڀاسبو هو، ڄڻ ته عمل جي عميق مان ٽٻي ڏئي موتي ميڙي آيا هجون. ٻوليءَ جي سکيا جا فطري مرڪز سنڌ جون اوطاقون ئي رهيون آهن. ماءُ جي جهوليءَ کان پوءِ جيڪڏهن پُٽ ٻاهر علم پرائيندو هو ته اهو ذريعو اوطاقون ئي هونديون هيون. پر جيئن جيئن وقت گذرندو رهيو ته اوطاقون، جيڪي سماجي رابطي جو اهم ذريعو رهيون، پنهنجي اهميت وڃائڻ لڳيون. هاڻ اوطاقن ۾ ڏاهپ جا واهڙ وهڻ جي بجاءِ رڇ ڪتن جي ويڙهه، ڪڪڙن جا ميل ۽ ڪارو ڪاريءَ جي فتويٰ جا فيصلا، هڪٻئي تي حاڪميت هلائڻ ۽ سرڪاري پئسا کائڻ لاءِ سٽون سٽڻ لاءِ وڃي رهيون آهن، پر اهڙي پُر آشوب دؤر ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو اهو واحد مردِ مجاهد هو، جنهن علم جي لاٽ ٻاري پنهنجي اڱڻ تي اها جوت جلائي، جنهن جو تجلو صدين کان صدين تائين سنڌ جي اتهاس ۾ روشن باب بڻجي نسل در نسل سرت، ساڃاهه ۽ ڏات منتقل ڪندو رهندو. پنهنجي تڏي کي ٻين جي آڌر لاءِ اڱڻ اجاري انتظار جا ڏيئا ٻاري رکجن! اها ريت سنڌ واسين جي سڃاڻپ رهي آهي ۽ ايندڙ کي چوندي آءُ، ويندڙ کي چوندي ويهه! ته پوءِ ڏوري ڏيهه، سچ ته انهيءَ قربن وارين ڪچهرين ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي اڱڻ ڪهي وڃڻ جي ريت، سنڌ ۽ سنڌ جي سرحدن کان پري کان ڪهي ايندڙ شخصيتن جي قدمن جا نشان اڄ به ان اوطاق ۾ پسي سگهجن ٿا. سندن آڌرڀاءُ ڪرڻ لاءِ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي پيار ۽ خلوص جي خوشبوءِ سان انهيءَ اوطاق جون ديوارون اڄ به مهڪي رهيون آهن، پر اڄ اهو جوڳين جو جاڳر هڪ خواب وانگر ٿو لڳي ۽ اها اوطاق جتي سچ ۽ پيار جا سوين سج اڀرندا ۽ خوشيون ۽ محبتون کڻي ايندا هئا ته الهندا به خوشيون ۽ محبتون کڻي ايندا هئا. پر اڄ ها! اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارين آديسي اٿي ويا، مڙهيون مون مارين جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا. (شاهه لطيف) ۱۹۴۷ع ڌاري وڪالت جي تعليم حاصل ڪري قانون جا ڳاٽي ڀڳا ڳرا ڪتاب پڙهندي ڪامريڊ تاج محمد ابڙو قانوني پيچيدگين ۽ قانون جو ڄڻ ياد حافظ بڻجي وڃي ٿو ۽ پوءِ پنهنجي ساٿي ۽ استاد شمس الدين ابڙي سان گڏجي وڪالت ڪرڻ لڳي ٿو. ايماندار وڪيل هر ايماندار ڪاموري جيان ڏوڪڙ ته نه، پر واهه واهه جا جهول ڀري ٿو ۽ ماڻهن جي محبت تاڙين جي روپ ۾ گڏ ڪري پنهنجي بينڪ بيلنس ۾ واڌارو ڪرائي ٿو، پر هو اهو به ڄاڻي ٿو ته انهيءَ بينڪ بيلنس مان نه ته سندس ٻارن ٻچن جو پيٽ ڀربو ۽ نه ئي پنهنجو خرچ هلندو ۽ نه ئي جيڏن، سرتن ۽ يارن دوستن جو آڌر ٿي سگهندو! انهيءَ لاءِ ڪامريڊ سنڌي اخبار الوحيد ۽ انگريزي اخبار ڊان جي سب ايڊيٽر جي حيثيت ۾ پنهنجو پاڻ مڃايو. مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي سرگرم رڪن جي حيثيت ۾ پاڻ مڃائيندڙ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جڏهن جج جهڙي حساس ۽ ذميداريءَ واري منصب تي فائز ٿيو، ته به سندس ذاتي مصروفيتن تي ڪوبه فرق نه پيو. هن طالب جي دوستي هر عام ۽ خاص، ننڍي توڙي وڏي سان هئي. مطلب ته هن وٽ دوستيءَ جو معيار عام رواجي نه، پر صوفين وارو يعني انسان ذات سان سنگت ساٿ واري ريت جيان رهيو. سياست، علم وادب سان واسطو رکندڙ ۽ واپاري، صنعتڪار، مزدور، هاري، رئيس ۽ وڏيرا، مطلب ته هر مڪتب فڪر ۽ هرهڪ طبقي جا ماڻهو سندس اوطاق تي وٽانئس محبت جا موتي ميڙي پنهنجا پالها جهول ڀريندا رهيا. ذوالفقار علي ڀٽو، اياز قادري، قاضي فضل الله، شيخ اياز، تنوير عباسي، فتح الله عثماني، رشيد ڀٽي، ڪامريڊ مولوي نظير حسين جتوئي، ڪامريڊ جمال الدين بخاري، ڪامريڊ برڪت علي آزاد، جمال ابڙو، حفيظ قريشي، قاضي فيض محمد، سائين جي ايم سيد، پير حسام الدين راشدي، پير علي محمد راشدي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، ڪيرت ٻاٻائي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، سيد غلام مصطفيٰ شاهه، گوبند مالهي، نسيم کرل، هري دلگير، ڪامريڊ مير محمد ٽالپر، سراج الحق ميمڻ، حميد سنڌي، نور الدين سرڪي جي پيار جا بادل مٿس برسندا رهيا. ابڙو وڏ-وڙو سُوڙو، سمو سونهن سڀن، تنهن در سڀ اچن، ڪنڌ نه ڪڍي ڪڇ ڌڻي. (شاهه لطيف) ها انهيءَ ڪڇ ڌڻي ابڙي جهڙي شخصيت جو مالڪ هي تاج محمد ابڙو به وڏي وڙ وارو ٿي گذريو آهي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو پاڻ ڪڏهن به تخليقي ادب، تخليق نه ڪيو، پر سنڌي ادب سان سندس بي پناهه محبت ۽ عقيدت جو عملي ثبوت سنڌي ادبي سنگت مرڪز جي بنيادي ڪارڪن جي حيثيت ۾ سنڌي ادبي سنگت مرڪز جو بنياد وجهڻ آهي. اها هڪ تاريخي حقيقت آهي، جنهن جي شاهدي روزانه هلال پاڪستان ڪراچي جي اربع ۲۷ آگسٽ ۲۰۰۳ع ۾ لکيل مونس بخاري جو مضمون: ”سنڌ جو املهه هيرو: ڪامريڊ تاج محمد ابڙو“ مان ملي ٿي. مونس بخاري لکي ٿو ته: تاج محمد ابڙو جي اوطاق ۾ سنڌ جا ڏاها ۽ سرموڙ ليکڪ گڏ ٿين ٿا، جن ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي، سائين تاج محمد صحرائي، جمال ابڙو، رشيد ڀٽي ۽ ٻيا جن جي کاڌي پيتي جو انتظام به تاج محمد ابڙو پنهنجي هڙان وڙان ڪندو رهيو. اهڙيءَ ريت انهيءَ عظيم اوطاق ۾ سنڌي ادبي سنگت مرڪز جو بنياد رکيو ويو، جيڪا اڄ تائين ايشيا جي سنڌي اديبن جي واحد تنظيم آهي، جيڪا پنهنجي سگهاري حيثيت وقت جي لاهن چاڙهن ۾ به برقرار رکيو اچي، پر افسوس ته سنگت جي مرڪزي عهديدارن ڪڏهن به ڪنهن به دؤر ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي شخصيت ۽ ڪارنامن تي نه ته ڪو سيمينار ڪوٺايو، نه سندس جنم ڏينهن ملهايائون ۽ نه ئي وري سندس تي لکيل آرٽيڪل ڇپرائڻ جو ڪو خيال ڪيو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي شخصيت سندن سڀاءُ ۽ سندن علمي ڪردار ادب، سياست ۽ سماج لاءِ هڪ مشعل راهه کان گهٽ نه رهيو آهي. تون چؤ مون کان پوءِ ڪنهن جو ٿيندين ڪينرا! واڪا ڪندي ووءِ، صديون تو لاءِ سنڌڙي. (اياز) اڄ نه پسان سي، آتڻ ڪتيم جن سين هاڻي تنين کي، ڪنڌيءَ ڪاڪ نهاريان. (شاهه لطيف) ون يونٽ ختم ڪرائڻ جي ڏس ۾ عملي تحريڪ جو هي خاموش هيرو پنهنجي عمل ۾ ظاهري نماءُ ڪندڙ نام ڪٺين، جيڪي سدائين ون يونٽ ٽوڙڻ جو ڪارنامو نرڙ تي چنبڙائي قوم تي ٿورا ٿڦيندي وتن واڦيندا ٿاڦيندا ۽ ٺڙڪو ڪارنامن کي ڪيش ڪرائيندا آهن، پر ڪامريڊ تاج محمد ابڙو نه ئي ڪڏهن پاڻ پڏايو ۽ نه ئي پنهنجا ڪارناما ورجايا ۽ نه ئي انهن کي ڪيش ڪرايو. مون کي ته افسوس اسان جي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي به ٿئي ٿو، جن وٽ هاڻي جڙتو مقابلن واري ڳجهارتي روش عمل ۾ آهي. اسان جي نوجوان نسل وٽ ويجهڙائي ۾ هيروز جي اهڙي ڪابه لسٽ نه آهي، جن کي سچائي ۽ ايمانداريءَ جي ڪسوٽي تي رکي پرکي سگهجي. اسان وٽ ته پُڇ ٻَڌي مهري ڪرڻ واري روش تحت جڙتو هيرو، جن جي ساک جَــر تي ڦوٽي جهڙي آهي، جام آهن. سنڌ جي کسجندڙ وسيلن ۽ وڪامجندڙ سنڌو درياءَ جي سُڏڪندڙ صورت ڏسندي رڳو چند ڏات ڌڻين جي اکين ۾ لڙڪ تري ايندا آهن، نه ته رڳو ٻه چار مضمون، نظم، گيت، غزل، وايون، دوها ۽ ٽيڙو بس! سياستدان احتجاج ڪندا، بيان ڏيندا، پوءِ نون سودن سان مارڪيٽ جا نوان اگهه! هاڻي سنڌ ماءُ کي ائين سستي اگهه وڪڻندڙن جي هٿن کي هٿي ڏيندڙ بيحس ماڻهو سنڌ جي آئنده نسل کي ڪهڙو تاريخي آئينو ڏيکاريندا؟ ها پر اهڙي ڀڃ ڊاهه جي دؤر ۾ وري ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جهڙي شخصيت جو عملي ڪردار سندس اوطاق جي در ۽ ديوارن تي وڏي واڪي چئجي ۽ پنهنجن سچن هيروز جي سڃاڻپ پنهنجي ڌرتي جي مستقبل لاءِ ڪنهن نه ڪنهن آءِ ڊي ۾ آڻي انٽرنيٽ لاءِ منتقل ڪجي ته جيئن سنڌ جو مستقبل پنهنجي هيروز جي عملي ڪارنامن مان ڪو عملي سبق حاصل ڪري سگهي. محبتي ميڙي، ڳوٺ ٻڌجي هڪڙو تنين جي ويڙهي، پاڻهي ايندو بادشاهه. (شاهه لطيف) لاڙڪاڻو جنهن لاءِ کوڙ ساريون چوڻيون ۽ پهاڪا مشهور آهن: لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو يا هجئي ناڻو ته گهم لاڙڪاڻو وغيره، انهيءَ لاڙڪاڻي جي لعلن ۾ هڪ لعل ڪامريڊ تاج محمد ابڙو اسان کان ۱۰ مارچ ۱۹۸۶ع تي هميشه لاءِ جسماني طور جدا ٿي وڃي ٿو، پر سندس عملي ڪردار پوري سنڌي قوم لاءِ هڪ ڏيئي جي حيثيت رکي ٿو، جنهن جي لاٽ ۾ امن، پيار ۽ محبت جي واٽ پسي سگهجي ٿي. لاڙڪاڻو اڄ جنهن بدامني ۾ غرق ٿيل آهي، انهيءَ مصيبت مان ڪڍڻ لاءِ ڪامريڊ تاج محمد جو نينهن نياپو گهر گهر، در در پهچائڻ اسان لاءِ اولين فرض جي حيثيت رکي ٿو، ته جيئن اتي اسان پنهنجي پياري لاڙڪاڻي ۽ سونهاري سنڌ ڌرتيءَ جي کيتر ۾ پيار ڪڻيون پوکي، سک، سلامتي ۽ امن جا سنگ اپايون. اچو ته عهد ڪريون ته اتي ڪڏهن به ڪارو ڪاري رسم نه دهرائجي، جتي ڪڏهن به ڪنهن جي لڄالٽ نه ٿئي، جتي ڪڏهن به ڪنهن ٻار سان زيادتي نه ٿئي، جتي ڪڏهن به ڌاڙيل ڪچي جي حسن کي بارود جي بوءِ ۾ لوڙهي نه ڇڏين، جتي سهاڳڻين جي چوڙين جا ٽڪرا گهٽين ۾ وکرڻ بجاءِ سندس کڻڪي تي گيتن جا گلزار سجن، جتي مينديءَ جي مهڪار تي موڙ ۽ نئن جا ڳيچ ڳايا وڃن، جتي علم، ادب ۽ ڏاهپ جو سنڌو پنهنجي ڦوهه جوانيءَ جي مست ڇولين سان جهومي نچي! ها ان مٿان ڪي به ريتن رسمن جا ٿل ڪئنال ۽ ڪالاباغ يا اهڙا ڪي به ڪئنال ۽ بند نه ٿڦيا ۽ نه مڙهيا وڃن. ٻار ماءُ جي لوليءَ جي ٻولن کان ڪنائي پنهنجي سنڌي ٻولي ڳالهائڻ سکن. نئون نسل اجرڪ جي ڦلڙي، گج جي ٽوئنرن، ٽوپيءَ جي ٽڪن ۽ رليءَ جي ٽڪَ ۾ سمايل سونهن ۽ سچ جي واٽ پسي سگهي. پر اڄ اهي ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جهڙا ڪردار ڪٿي آهن! اچو ته انهن جي اوطاقن جا گس ڳوليون، جت جوڳيئڙن جو جاڳر ٿيندو هجي ۽ ڏاهپ ۽ محبت جا واهڙ وهندا هجن. پر افسوس جو: اڄ نه اوطاقن ۾، جاڳر جوڳيئڙن جو ساري سناسين کي، روئيندين يتئان رو پس پارئان تو، لاهوتي لڏي ويا. (شاهه لطيف) (روزانه عوامي آواز، جاڳو، سَچ، تعمير سنڌ، هلچل، سنڌ، مهراڻ، عبرت) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو آزاديءَ جي شمع جو پروانو برڪت علي آزاد تاج محمد ابڙي سان منهنجي واقفيت قاضي فضل الله سابق وزيراعليٰ سنڌ مرحوم جي معرفت ۱۹۴۸ع ڌاري ٿي. قاضي صاحب جا تاج محمد ابڙي سان انتهائي گهرا تعلقات هئا. تاج محمد ابڙي کي مون سياست ۽ ادب جو بيحد جنوني، شوقين، پيارو ۽ همدرد انسان دوست ڏٺو، تڏهن ئي مان سندس لاڙڪاڻي واريءَ اوطاق ۾ اچڻ وڃڻ لڳس. مان تاج محمد ابڙي جي اوطاق ۾ اڪثر اچي قيام پذير ٿيندو هئس. مون کي ابڙي صاحب وٽان چڱي آڌرڀاءُ، عزت، ماني ٽڪي ۽ خاطر تواضح ملندي هئي. تاج محمد ابڙي کي سوشلزم سان شروع کان ئي وٺي دلچسپي هئي. انهيءَ زماني ۾ مون کي به سوشلزم سان دلچسپي وڌڻ لڳي. انهيءَ دوران تاج محمد ابڙي لنڊن مان سوشلزم آئيڊيالاجيءَ جو هڪڙو ماهوار رسالو ”ليبر منٿلي“ جي نالي سان لنڊن مان گهرائي، مون کي تحفو ڪري ڏنو. اهو رسالو هاڻي به منهنجي لئبريريءَ ۾ محفوظ ۽ سانڍيل آهي، جيڪو تاج محمد ابڙي جي اسان دوستن لاءِ محبت جي يادگيري ڏياريندو رهندو آهي. تاج محمد ابڙو مرحوم ۱۹۷۰ع ۾ وڪالت ڇڏي سيشن جج ٿي، سکر آيو. مان به شيخ اياز جي چوڻ تي جيڪب آباد ڇڏي، سکر ۾ اچي سڪونت اختيار ڪئي. تاج محمد ابڙي جو سرڪاري بنگلو اسلاميه ڪاليج لڳ هو. مان ڏانهنس اچڻ وڃڻ لڳس. مان ۽ ابڙي صاحب جا ٻيا ڪافي دوست شام جو تاج محمد ابڙي جي بنگلي تي اچي، ڪچهري ڪندا هئاسين. تاج محمد ابڙو سرڪاري نوڪري ۾ هوندي به اهو ساڳيو ئي تاج محمد ابڙو هو، جو ججيءَ کان اڳ ۾ هو. ساڳيون ئي ڪتابن واريون ڳالهيون، ساڳيون هاري تحريڪ ۽ ترقي پسنديءَ جون صلاحون ۽ مشورا، ساڳيو آزاد منش، ترقي پسند، انسان دوست. سکر ۾ ان سلسلي ۾ اسان جو حلقو هو رشيد ڀٽي، شيخ اياز، فتح الله عثماني ۽ فتاح ملڪ وغيره. اهڙي نموني اسان جون سياسي ۽ ادبي ڪچهريون تاج محمد ابڙي جي نوڪريءَ دوران به ٿينديون رهيون. ڪجهه عرصي کان پوءِ تاج محمد ابڙي جي بدلي سکر کان حيدرآباد ٿي، پر اتي به تاج محمد ابڙي جو ساڳيو ئي شوق رهيو، يعني شام جو حيدرآباد ۽ پسگردائيءَ جي دوستن سان سندس ڪچهريون متل رهيون. حيدرآباد ۾ مان حيدر بخش جتوئيءَ جي هاري پارٽي واريءَ آفيس ۾ ايندو هئس، پر رهندو تاج محمد ابڙي وٽ هئس. تاج محمد ابڙي جون سنڌ جي مختلف شهرن ۾ بدليون ٿينديون رهيون ۽ مان هن ڏانهن هر شهر ويندو رهيس. تاج محمد ابڙي جي بدلي خيرپور ميرس به ٿي، جتان ڪڏهن ڪڏهن ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ کي وٺي ۽ رشيد ڀٽي مرحوم کي ساڻ کڻي، مون وٽ اچي منهنجي لئبريريءَ ۾ ابڙي صاحب وارا ويندا هئا، جا منهنجي گهر ۾ موجود آهي. هڪ دفعي تاج محمد ابڙي مون کي داراشڪوه جو مشهور لکيل ڪتاب تصوف تي مجمع البحراين وٺڻ لاءِ چيو، جيڪو ناياب ڪتاب هو. جڏهن مان ورلڊ سنڌي ڪانگريس انڊيا ويس ته اهو ڪتاب دهليءَ مان خريد ڪري اچي تاج محمد ابڙي کي ڏنو، جنهن کي ڏسي تاج محمد ابڙو، رشيد ڀٽي ۽ ڊاڪٽر تنوير عباسي ڏاڍا خوش ٿيا. تاج محمد ابڙي کي دل جو عارضو رهندو هو، پر ڊاڪٽر جي هدايت باوجود هو جڏهن به سکر ايندو هو ته مون وٽ منهنجي فليٽ تي ڪافي وڏي ڏاڪڻ چڙهي مٿي ايندو هو. هڪ دفعي مون کيس چيو ته: مهرباني ڪري اگر توهان مون سان ملڻ چاهيو ٿا ته نوڪر کي مون ڏانهن موڪليندا ڪريو ته مان خود توهان سان هيٺ اچي گاڏيءَ ۾ ملان، توهين ڇو تڪليف ڪري بيماريءَ ۾ مون ڏانهن مٿي اچو ٿا! ابڙي صاحب انهيءَ تي چيو ته: ”تنهنجو گهر منهنجي لاءِ هڪ درگاهه آهي، جنهن کان مان ڪنهن به قيمت تي پاڻ کي محروم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيان.“ اهو هو تاج محمد ابڙي جي اسان دوستن، ڪامريڊن لاءِ قربت ۽ پيار جو احساس، جنهن مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو. اهڙا عظيم ماڻهو مون پنهنجي زندگيءَ ۾ تمام گهٽ ڏٺا آهن. جهڙيءَ طرح مان ابڙي صاحب کي دنيا جي هر موضوع تي گوناگون ڪتاب پهچائيندو هئس، تهڙي طرح ابڙو صاحب به مون کي پنهنجا ناياب ۽ قيمتي ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڏيندو هو. سندس وفات کان ڪجهه عرصو اڳ تاج محمد ابڙي مون کي هڪ اهڙي ڪتاب ڏيڻ جو چيو، جو اهو ڪتاب هڪ اڻ لڀ ۽ انتهائي ناياب قسم جو هو، پر افسوس اهو ڪتاب ابڙي صاحب جي وفات ڪري مون کي ملي نه سگهيو، پر اڄ ڏينهن تائين مون ڏاڍي ڪوشش ڪئي آهي، پر اهو ڪتاب مون کي دستياب نه ٿي سگهيو آهي، جنهن جي پڙهڻ جي مون کي اڄ به بيحد تمنا ۽ تڙپ آهي. تاج محمد ابڙو پنهنجن دوستن يارن کي پاڻ وٽ رهائڻ پنهنجي وڏي خوش قسمتي سمجهندو هو. منهنجي تاج محمد ابڙي جي معرفت ڪافي وڏين وڏين اهم شخصيتن سان واقفيت ٿي. ابڙي صاحب جو پنهنجن گهروارن ۽ نوڪرن کي بيحد سختيءَ سان چيل هو ته ڪوبه اگر منهنجو دوست اچي ته ان کي هميشه سٺي ماني ٽڪي ۽ ايئر ڪنڊيشن ڪمرو، گهمڻ لاءِ ڪار ۽ ڊرائيور وغيره ڏيندا ڪريو ۽ منهنجي غير موجودگيءَ ۾ به انهن جي خاطر تواضح کان سواءِ نه ڇڏيندا ڪيو ۽ کين مجبور ڪندا ڪيو ته رهن. تاج محمد ابڙو سنڌ جي سياست ۾ منهنجي شموليت جو بيحد منتظر هوندو هو ۽ سندس مرضي هئي ته مان ڪوئٽه واري اردو اخبار ”زمانه“ ڇڏي سنڌ واپس اچي پنهنجي قومي ڪاز هاري تحريڪ کي وڌيڪ منظم ڪرڻ لاءِ هتي اچي ڪم ڪريان. سندس چوڻ هو ته: ”ڇاڪاڻ ته تو زندگيءَ جو گهڻو حصو جيڪب آباد ۾ گذاريو آهي، هاڻي به موٽي سنڌ ۾ اچ ۽ پنهنجي پسند جي ڪم کي وڌاءِ.“ آخرڪار مان تاج محمد ابڙي جي صلاح سان پنهنجي اردو اخبار ”زمانه“ کي هڪ دوست حوالي ڪري جيڪب آباد آيس. مون ۽ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي اهو محسوس ڪيو ته جيستائين هن وڏيرا شاهيءَ جي اثر رسوخ رکندڙ ضلعي جيڪب آباد ۾ ڪجهه عوامي طاقت جي ذريعي وڏيرا شاهيءَ جي زور کي پوئتي نه ڪيو ويندو، تيستائين اسين عوام جي ڪابه خدمت ڪري ڪونه سگهنداسين ۽ نه ئي هتي ضلعي جيڪب آباد مان اسيمبليءَ اندر ڪي عوامي نمائندا آڻي سگهنداسين. هن سلسلي ۾ پوءِ جيڪو پهريون عوامي طاقت جو مظاهرو هن ضلعي جيڪب آباد ۾ ڪيوسين، ان ۾ جن بزرگن منهنجي دعوت تي قدم رنج فرمايو ۽ منهنجي جيڪب آباد ضلعي ۾ سياسي سرپرستي ڪئي، سي هئا: شيخ عبدالمجيد سنڌي، قاضي فيض محمد، جي ايم سيد، تاج محمد ابڙو ۽ غلام محمد لغاري. انهيءَ سڄي ڪم ۾ تاج محمد ابڙو اڳيان اڳيان رهيو ۽ اهڙيءَ طرح ضلعي جيڪب آباد ۾ تاج محمد ابڙي جي مدد سان هاري تحريڪ جو بنياد پيو. درحقيقت اها ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي ٻاريل هڪ شمع هئي. هڪ اهڙي بنيادي روشنيءَ جي شمع، جنهن پيڙهيل هاري طبقي کي پنهنجي حقوق وٺڻ جو شعور بيدار ڪيو ۽ ورهين کان مٿن وڏيرا شاهيءَ جي غلاميءَ کان آزاديءَ جو دڳ ڏسيو ۽ ضلعي جيڪب آباد ۾ تاج محمد ابڙي هاري آفيس جو بنياد رکرايو. هن سلسلي ۾ صدر ايوب جي مقابلي ۾ مرڪزي اسيمبليءَ ۾ صدر ايوب جي مخالفت ۾ فاطمه جناح جو ساٿ ڏنو. هيءَ اسان جي خوش قسمتي هئي، جو هيڏي ساري عوام دشمن ماحول ۾، سياست جي هيڏي ساري طاقت جي موجودگيءَ ۾ به ڪي عوامي ذهن ۽ فڪر جا تعليم يافته ۽ ترقي پسند دانشور اسان وٽ موجود هئا، جن مان تاج محمد ابڙو به هو، جن کي جڏهن به موقعو مليو، انهن عوامي طاقت کي هٿي ڏيڻ ۾ پنهنجي وسئون نه گهٽايو. هڪ جاگيردارانه نظام ۽ ڳڙهه ۾ هاري تحريڪ جو بنياد رکي عوامي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ جو ثبوت ڏنو ۽ پنهنجي وت آهر پنهنجي وسان نه گهٽايو. اهڙو هو هيءُ اسان جو محبوب دوست ۽ هم خيال ساٿي مرحوم ۽ مغفور ڪامريڊ تاج محمد ابڙو. اهڙي جابرانه نظام جي ماحول ۾ قدرت طرفان دنيا ۾ ڪي اهڙا عظيم انسان به جنم وٺندا آهن، جيڪي بغير ڪنهن نالي ڪڍرائڻ جي پنهنجي ڌرتي ماتا ۽ ان جي غريب پيڙهيل طبقي جي خدمت لاءِ پنهنجي سڄي حياتي وقف ڪري ڇڏيندا آهن. تاج محمد ابڙو به اهڙن ماڻهن منجهان هڪ هو، جنهن کي تاريخ ۾ ڪڏهن به وساريندي به وساري نه سگهبو. سنڌ جون اهڙيون مها قومي هستيون تاريخ جو عظيم سرمايو آهن ۽ اسان جي ايندڙ نسل لاءِ مشعل راهه آهن. (عوامي آواز، عبرت، هلال پاڪستان، سنڌ سجاڳ، الوحيد) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سندس ڪيل سياسي، سماجي ۽ ادبي خدمت عبدالخالق شيخ/ لاڙڪاڻو سنڌ جو نامور اديب، دانشور، جج، سياستدان، سماج سڌارڪ ۽ صحافي ڪامريڊ تاج محمد ابڙو شاگرديءَ واري دور کان ئي سياست ۾ سرگرم رهيو. مسلم ليگ ڪميونسٽ پارٽي، جيئي سنڌ، سنڌ هاري ڪاميٽي، نعپ ۽ پيپلز پارٽيءَ سميت سنڌ عوام اتحاد کان وٺي جيڪا تحريڪ سنڌ جي ڀلي ۽ آجپي لاءِ هئي، انهيءَ ۾ ڀرپور نموني حصو ورتائين، ايشيا جي سڀ کان وڏي ۾ وڏي ادبي تنظيم سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي باني ميمبرن ۾ سندس شمار ڪيو ويندو هو. هن لاڙڪاڻي واري اوطاق، سنڌ ۽ هند جي مشهور اوطاق تي سنڌي ادبي سنگت جو اجلاس ڪوٺرايو، ون يونٽ خلاف تحريڪ دوران روشنيءَ جو پهريون ڪرڻو لاڙڪاڻي ۾ مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي اوطاق تان اُڀريو ۽ پوري سنڌ ۾ ڦهلجي ويو ۽ سموري سنڌ کي جرڪائي ڇڏيائين. پاڪستان جي پهرين مشهور سنڌي مسلمانن جي واحد اخبار ”الوحيد“ جو ڪجهه وقت ايڊيٽر رهيو. لاڙڪاڻي جي تاريخ ۾ اهو ئي سبب آهي جو انجمن ترقي اردو جي عمارت ۾ جيڪا لائبريري قائم ڪيائين، ان جو نالو شاهه عبداللطيف ڀٽائي رکيائين، جيڪا پهرين سندس گهر جي ڀرسان هئي. لاڙڪاڻي جي تاريخ جي سڀ کان وڏي سنڌ جي لائبريري سر شاهنواز ڀٽو ميموريل لائبريريءَ جو بنياد به مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو رکرايو. هي لاڙڪاڻي شهر سان لڳو لڳ بقاپور يونين ڪائونسل جو چيئرمين به رهيو. ريڊيو پاڪستان ڪراچي تي نيوز ڪاسٽر طور به ڪم ڪيائين، ته گڏ قمبر هاءِ اسڪول ۾ انگريزي استاد جي حيثيت سان به پنهنجا فرائض سرانجام ڏنائين. پاڪستان جو واحد اڳواڻ هو، جنهن کي ڪامريڊ جو خطاب مليو. هن جو شمار ۱۹۵۳ع ۾ ڇپيل بائيوگرافيڪل انسائيڪلو پيڊيا آف پاڪستان ۾ ڪيو ويو، جنهن ۾ ملڪ جي هڪ هزار وڏين شخصيتن کي شامل ڪيو ويو آهي. انهيءَ کان علاوه پنجاب ۾ اردوءَ ۾ ڇپجندڙ ڪتاب ”سنڌ ڪي چند انقلابي دانشور اور عوامي رهنما“ ۾ ۱۵ اهم شخصيتن ۾ شامل ڪيو ويو. سنڌ صوبي جو عوام ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي سياسي، سماجي، ادبي، قانوني خدمتن کي مدنظر رکندي سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو يادگار ڪاميٽيون ۽ بزم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جا بنياد وجهي سندس جون هر سال سنڌ ۾ ورسيون ۽ سالگراهون ملهائي رهيو آهي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ۱۰ مارچ ۱۹۸۶ع تي ڪراچيءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. کيس ابوبڪر قبرستان، لاڙڪاڻي ۾ دفنايو ويو. جڏهن ته اڄ سندس ۲۸ هين ورسي ملهائي ويندي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو هڪ دؤر جو نقيب انعام شيخ انسان جي تخليق، ڪائنات جي ڪل تخليقات کان اتم، افضل ۽ اتانهين آهي ۽ ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته آدم جي اولاد پنهنجي پروردگار طرفان عطا ڪيل ان شرف جو خوب ڀرم رکيو ۽ اهڙا اهڙا شاندار ڪارنامه سرانجام ڏنا ۽ اهڙيون اهڙيون شهڪار ايجادون ڪيون، جو عقل دنگ رهجي وڃي ۽ ڏندين آڱريون اچيون وڃن. ان ڳالهه تي ڪي به رايا ڪونه آهن ته انسان ذات پنهنجي اعليٰ صلاحيتن باوجود عيبن کان آجي، صاف سٿري يا رڳو پاڪ آهي، پنهنجي تمام تر خوبين باوجود هڪ انسان جو معاشرتي ڪردار نهايت اهم ليکيو وڃي ٿو. جيڪڏهن هو سماج لاءِ متحرڪ ۽ لاڀائتي سوچ رکي ٿو ۽ سندس مجموعي سوچ جا سرا پنهنجي قوم ۽ وطن سان واڳيل آهن ۽ اهو پنهنجي فردن ۽ سماج جي ترقيءَ جو اونو رکي ٿو ته سچ ته ان جو ڪو مٽ يا ثاني نه آهي. جيستائين سنڌ ۾ سٺن ڪردارن جو تعلق آهي، آءٌ بنا هٻڪ اهو چئي سگهان ٿو ته ماضيءَ جي خوشحال سنڌ جي شاندار جهولي ان کان خالي نه هئي ۽ اڄ انهن ڪردارن جو اهڙو ڏڪار ڪاهي پيو آهي، جو دل جي اک رت جا ڳوڙها ڳاڙڻ تي مجبور آهي. ڪاڏي ويون اڳوڻي دؤر جون شاندار روايتون، ڪاڏي ويا اهي مانجهي مڙس، جن جي دم سان اسان جي تهذيب ۽ تمدن جون صحتمند روايتون دنيا ۾ اسان جي لاءِ فخر جو سبب بڻيون آهن ۽ هيون! انهن شاندار ڪردارن جي تخليق جو سلسلو منقطع ٿي ويو. سنڌ جو ڀاڳ، نڀاڳ ۾ اجڙي ويو ۽ اڄ حالت اها آهي جو سنڌي سماج پنهنجي جوهر ۾ نهايت ويڳاڻو، معصوم، يتيم ۽ بي يارو مددگار بڻجي چڪو آهي. هر ماڻهو پنهنجي خواهشن جو غلام، هوس ۽ حرص جو پوڄاري بڻجي ويو، قوم ۽ وطن جي خوشحاليءَ واري سوچ جي جاءِ تي پنهنجا ڀڀ ڀرڻ، عزتِ نفس تين وال ڪري به پئسو گڏ ڪرڻ جهڙي مڪروهه ڪرت والاري آهي. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو اڄ اسان جو سماج برائين جي اهڙي ڪُن ۾ اچي ڦاٿو آهي، جتي سندس تنزليءَ جا نشان واضح نظر اچي رهيا آهن. فقط ڪجهه وقت اڳ سنڌ ۾ ائين نه هوندو هو، بلڪه ماڻهن کي پنهنجي اوڙي پاڙي بعد قوم ۽ وطن جو اونو هوندو هو. عزت جي نگاهه سان به اهڙن ماڻهن کي ڏٺو ويندو هو، جيڪي هيڻن جي همراهي ڪندا هئا، سندن دل کي سڪون ۽ روح کي راحت تڏهن ملندي هئي، جڏهن ٻئي جي ڪم ايندا هئا يا اجتماعي ڀلائيءَ جو ڪم سندن مبارڪ هٿن سان ٿيندو هو ۽ عوام جي خدمت کي افضل تر عبادت جو درجو حاصل هوندو هو. تنهن وقت جي ڀيٽ اڄ جي حالتن سان ڪندي سچ پچ ته بي ساخته تاج محمد ابڙي جهڙن اورچ ۽ بااصول استادن جي ياد جا رنگ ذهن جي ڪئنواس تي ڦهلجندي محسوس ٿين ٿا. مرحوم تاج محمد ابڙو لاڙڪاڻي جي مردم خيز مٽيءَ مان پيدا ٿيو، لاڙڪاڻي جي اها مردم خيز مٽي، جنهن منجهان سر شاهنواز ڀٽي، ذوالفقار علي ڀٽو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ شهيد بينظير ڀٽو جهڙن عظيم ڪردارن جنم ورتو، جن پنهنجي ڪردار ۽ خداداد صلاحيتن وسيلي پنهنجن پنهنجن دؤرن تي اڻ مٽ اثر ڇڏيا. مرحوم تاج محمد ابڙي جي شروعاتي زندگي گهڻي سٺي نه گذري، ڇو ته ننڍپڻ ۾ ئي کيس يتيميءَ جو عذاب پلئه پيو ۽ سندس والد محترم گذاري ويو. پر مرحوم حوصلو نه هاريو، پنهنجي تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ تنهن وقت جي انقلابي سوچ رکندڙ قبيلي سان سلهاڙجي زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪرڻ شروع ڪيائين ۽ هڪ فرد مان اداري جو روپ اختيار ڪري ورتائين. هونئن به تاريخ ٻڌائي ٿي ته کيس تبديل فقط انهن انسانن ڪيو آهي، جن پنهنجي زندگيءَ جو مهڙيون حصو تڪليفن کي سهندي گذاريو هوندو آهي. لاڙڪاڻي جي هن يتيم ٻار پنهنجي زندگي تمام ڏکين حالتن ۾ گذاري، پر سندس محبت جو سڳو سنڌ جي مهندارن سان سلهاڙيو رهيو. تاج محمد ابڙو مرحوم پنهنجي دؤر جي نامور شخصيتن سائين جي ايم سيد، محمد ايوب کهڙو، قاضي فضل الله، ذوالفقار علي ڀٽو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ سوڀي گيانچنداڻي، محمد امين کوسي، قاضي فيض محمد شيخ، عبدالمجيد سنڌي، غلام محمد لغاريءَ ۽ ٻين سان تعلق ۾ رهيو ۽ سندن صحبت ۾ سياسي، ادبي ۽ انقلابي شعور حاصل ڪيائين. ون يونٽ جي زماني ۾ جڏهن غلاميءَ جو ڳٽ سنڌ جي ڳچيءَ ۾ وڌو ويو هو، تاج محمد ابڙي مرحوم پنهنجو ڪردار خوب نڀايو ۽ ان اونداهي دؤر خلاف پنهنجن دوستن سان گڏجي ڀرپور جدوجهد ڪئي. مختلف شهرن ۾ جلسا ۽ جلوس منعقد ڪيا، جڏهن ته مرحوم ون يونٽ متعلق منعقد ٿيندڙ ڪيترن ميڙن جي ميزباني پڻ جهلي، جنهن ڪري کيس سرڪاري عتاب جو نشانو به بڻجڻو پڻ پيو. ان جي باوجود هُو دوستن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هليو. بلڪه سنڌ ۾ ان ڪاري دؤر خلاف شعور پيدا ڪرڻ جي سلسلي ۾ هڙان ۽ وڙان هر قرباني پڻ ڏني، جنهن جي ڪري کيس پنهنجن دوستن جي حلقن ۾ ممتاز نظر سان ڏٺو ويندو هو. ساڳيءَ جاءِ تي جيڪڏهن کيس ادبي سرگرمين جو روح روان چئجي، ته به ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت جي بنيادڪارن ۾ سندس شمار ٿيندو هو. سنڌي ادبي سنگت جون گڏجاڻيون هجن يا ترقي پسند ادب جي پليٽ فارم تان منعقد ٿيندڙ سيمينار، ورڪشاپ ۽ پروگرام هجن، مرحوم تاج محمد ابڙو سڀني کان اڳرو هوندو هو. سندس اوطاق تي ته اديبن ۽ سندس دوستن جو ميڙو متل رهندو هو. اهي ئي سنڌ جي خوشحاليءَ ۽ ماڻهن جي ڀلائيءَ جون ڳالهيون، رٿون يا منصوبا ويچار هيٺ رهندا هئا. لاڙڪاڻي جي اديبن مان ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، ڊاڪٽر اياز قادري، انيس انصاري، خادم حسين شاهه، سکر ۽ شڪارپور مان شيخ اياز، رشيد ڀٽي، فتاح ملڪ، خيرپور مان ڊاڪٽر تنوير عباسي، حيدرآباد مان محمد ابراهيم جويو، زيب عاقلي، ڄام ساقي ۽ نه ڄاڻ ٻيا ڪيترا دوست سندس حلقي ۾ شامل رهيا. اهي سڀ جا سڀ پنهنجي پنهنجي وقت جا وڏا باشعور ۽ انقلابي سوچ رکندڙ ماڻهو هئا. انهن جي صحبت ۽ سنگت ۾ رهندي، اوهين مرحوم تاج محمد ابڙو جي شخصيت ۽ سوچ بابت آسانيءَ سان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته هُو ڪهڙي ساهه جو مسافر هو. هونئن به چوندا آهن ته ماڻهو پنهنجن دوستن ۽ سنگتين مان سڃاتو ويندو آهي. توهان مٿين نالن جي سنڌ سان ڪمينٽمينٽ جو جائزو وٺو ۽ پوءِ پاڻ ئي فيصلو ڪريو ته مرحوم ڪهڙين خوبين ۽ خصلتن جو ڌڻي هو. اها ٻي ڳالهه آهي ته مٽيءَ ۾ مٽي ٿي رهندڙ هن شخص کي نالي ۽ واهه واهه کان وڌيڪ وطن ۽ ان جي واسين سان ويجهڙائپ هئي. مرحوم تاج محمد ابڙي جي شخصيت تمام گهڻ پاسائين هئي. مان نٿو سمجهان ته ڪنهن هڪ مضمون ۾ ساڻس انصاف ڪري سگهجي ٿو. هي ماڻهو پنهنجي ڪردار ۾ تاريخي حيثيت رکن ٿا، هنن ماڻهن جا پنهنجي دؤر تي اڻ مٽ نقش چٽيل آهن، هنن تي لکڻ جي لاءِ تڏهن ئي قلم آرائيءَ جي سگهه ساري سگهجي ٿي، جڏهن سندن دؤر ۽ زماني جو مڪمل مطالعو ڪجي ۽ تنهن وقت جي حالتن ۽ واقعن کي ميڙي چونڊي يڪجاءِ ڪري سندن ڪم سان نهايت ايمانداريءَ ڀرئي انداز ۾ تقابلي جائزو وٺجي. مان سمجهان ٿو ته تڏهن ئي مرحوم تاج محمد ابڙي جهڙين شخصيتن سان حقيقي انصاف ٿي سگهي ٿو. بهرحال، اهو انصاف اسين ڪريون يا نه ڪريون، اڄوڪو دؤر ڪري يا نه ڪري، پر تاريخ پنهنجي جوهر ۾ اهڙي انصاف لاءِ نهايت بي چين آهي ۽ اها ضرور اهڙو انصاف ڪندي. (روزانه خبرون، اربع ۱۰ مارچ ۲۰۱۰ع) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ماڻهو گل گلاب نصير مرزا لاڙڪاڻو سنڌ جي تهذيب جو آسمان آهي، جنهن سنڌ جي سينڌ ۾ ازل کان ئي رڳو چنڊ ستارن جهڙا ماڻهو ئي پئي ٽانڪيا آهن ۽ ڪير آهي، جيڪو انهن جرڪندڙ ستارن جي نالن کان آگاهه ناهي! ڪشنچند بيوس، نياز علي نياز، هري دلگير، مولانا قاسمي، جمال ابڙو، سوڀو گيانچنداڻي، ذوالفقار علي ڀٽو، بينظير ڀٽو، طارق عالم ۽ تاج محمد ابڙو وغيره.... اڄ اٺين آگسٽ، لاڙڪاڻي ساهه سيباڻي جي آدرشي انسان تاج محمد ابڙي جي جنم جو ڏينهن آهي. مٿن عقيدت ۽ محبت جا ڪجهه سرها گل نڇاور ڪرڻ لاءِ جڏهن قلم هٿ ۾ اڄ کنيو اٿم ته پاڻ کان پڇان پيو: ميان محمد نصير! تاج محمد ابڙي صاحب جهڙي هاڪاري سماج سڌارڪ ۽ انصاف پسند جج کي تون سڃاڻين ٿو، ڪڏهن کان؟ تڏهن ٺهه پهه پاڻ کي پاڻ ئي آگاهه ٿو ڪريان ته: تڏهن کان جڏهن کان مون کي ماڻهوءَ سڃاڻڻ جي ساڃهه آئي آهي. تاج محمد سائينءَ جو جنم، هن ئي مهيني ۾ اڄوڪي ڏينهن تي ۱۹۲۴ع ڌاري، شهدادڪوٽ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو هو ۽ انهن ئي سالن جي آس پاس هي ڏسو ته شڪارپور جي شيخ محلي ۾. شيخ اياز، کاهي قاسم نوشهري فيروز ۾ نارائڻ شيام ۽ لاڙڪاڻي ۾ هري دلگير صاحب جهڙا جيءُ جيارا ۽ هاڪارا انسان به ساڳئي وقت جنم وٺي رهيا هئا. لاڙڪاڻي، ڪراچي، سکر ۽ ٺٽي جي هوائن دشائن ۾ شعور جون منزلون طئه ڪندي، تاج محمد ابڙي، سائين جي ايم سيد، حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ سلام بخاري ۽ سوڀي گيانچنداڻيءَ جي صحبت ۽ ساٿ مان ڄاڻي ورتو هو ته ”سنڌ کي جيارڻو آهي، ته پوءِ پاڻ کي وسارڻو پوندو.“ تڏهن سنڌ جي آجپي لاءِ، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي وانگر سائين تاج محمد کي به اشتراڪي نظريي ۾ نجات نظر آئي هئي ۽ پاڻ ان ازم جي پرچار لاءِ لاڙڪاڻي ۾ ”اوطاق-ڪلچر“ کي فروغ ڏنو ۽ هر وقت ۽ هر ويلي تي دوستن، ساٿين لاءِ دل ڪشادي ۽ ويڪرو دسترخوان وڇائي رکيو. هارين، مزدورن ۽ پورهيتن جي حقن جي حاصلات لاءِ سرخ پرچم کي بلند ڪيو ۽ نياڻين کي تعليم يافته ڪرڻ لاءِ سڀ کان پهرين پنهنجين ئي نياڻين ۽ پوءِ پاڙي اوڙي جي ٻارڙين جي هٿن ۾ ڪتاب ۽ قلم فراهم ڪيا. آس پاس ۽ اوريان پريان ۽ جتي جتي به ۽ جنهن جنهن سان ناانصافي ٿيندي ڏٺائون ٿي، ان جي مدد لاءِ اتي پهچي ٿي ويا ۽ ڪٿي به سماج کي پٽڙيءَ تان لهندي ڏسندا هئا ته ڪامريڊ بڻجي، اڳتي وڌي، پنهنجو ڪلهو پيش ڪري، ان کي پٽڙيءَ تي چاڙهڻ لاءِ جاکوڙ ۾ جُنبي ويندا هئا. سندن ديرينه دوست ۽ هم خيال ساٿي محمد ابراهيم جويو ته کين سڏيندو ئي هو ”تاج محمد ابڙو سنڌ جو ڀرجهلو ۽ املهه هيرو.“ بقول جويي صاحب جي: ”هن حياتيءَ جا ۶۲ ورهيه ماڻيا هئا ۽ ان مان شعور واري سڄي زندگيءَ جا، سڀ ورهيه پاڻ سنڌي قوم جي نجات لاءِ ۽ عوام دوست قومي انقلاب لاءِ وقف ڪري ڇڏيا هئائون.“ ڊاڪٽر اياز قادري جي چوڻ مطابق، سماجي جاڳرتا لاءِ ۱۹۴۳ع ۾ پاڻ هفته وار اخبار ”نوجوان“ پڻ جاري ڪئي هئي، جنهن ادب سان گڏوگڏ سوشلزم ۽ ڪميونزم جي پرچار لاءِ پڻ گهڻو پتوڙيو. سنڌي ادب سان سندن چاهه جو اندازو هن ڳالهه منجهان به لڳايو، ته پاڻ لاڙڪاڻي ۾ پنهنجي اوطاق اندر سنڌي ادبي سنگت جي شاخ قائم ڪيائون، جنهن جا پاڻ سيڪريٽري ٿيا. اياز قادري صاحب لکيو آهي ته: ان حيثيت سان پاڻ ”تجر باغ“ لاڙڪاڻي ۾ شاهه لطيف جو ڏهاڙو اهڙي ته شاندار انداز ۽ ڌام ڌوم سان ترتيب ڏنائون، جو ان کان اڳ ڀٽائي صاحب بابت اهڙو ميڙاڪو لاڙڪاڻي اندر، ڪڏهن به نه ٿيو هو. ڀٽائي صاحب سان سندن عشق جي انتها هيءَ به ڏسو، جو سندن پيارين نياڻين مان شاهده ابڙو هجي، خالده يا زاهده ... امتحانن ۾ سٺن نمبرن سان پاس ٿينديون هيون ته کين وڏي عقيدت سان ڀٽائي صاحب جو رسالو، اکين تي رکي گفٽ ڪندو هو. ڪيڏو نه خوش نصيب رهيو سائين تاج محمد ابڙو، جنهن کي پنهنجي دؤر جي هر همعصر، هر سينيئر ۽ هر جونيئر، سندس بي لوث خدمتن تي رڳو سلام ئي پيش پئي ڪيو آهي. تڏهن اڄ سندس مبارڪ نقشِ قدمن کي ڏسندي ۽ کيس خراجِ تحسين پيش ڪندي، ڇو نه گڏجي سڏجي، سندن ۸۷ هين سالگرهه تي مرزا قليچ بيگ جا هي شبد هم آواز ٿي، کيس پيش ڪريون ٿا ته: ڇڏي جيئن نامور ويا پنهنجو نالو ڪريون تن جيئن اسين پڻ اڄ ڪشالو وٺون موٽي جڏهن رستو رباني ڇڏيون ڪا پاڻ پَوين لئه نشاني ته من ڪو رهگذر ان ڏي نهاري لنگهي هن رُڃ مان پهچي ڪناري روزانه ڪاوش سومر ۸ آگسٽ ۲۰۱۱ع ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ناميارو وڪيل عبدالرزاق سومرو مرحوم تاج محمد ابڙو صاحب وڏو يار ويس، ڪچهري جو ڪوڏيو ۽ نهايت چڱو ماڻهو هو. مان جڏهن لاڙڪاڻي وڪالت ڪرڻ لاءِ آيو هيس ته پهرين رات تاج محمد ابڙي وٽ رهيو هيس. پهرين مئي ۱۹۵۳ع تي مان لاڙڪاڻي پهتس. جيئن ئي ريل مان لٿس ته سڌو مرحوم عبدالفتاح جي فرم جي آفيس تي آيس، جتي سندس ڀاءُ مرحوم نظام الدين به ويٺو هيو. آچر جو ڏينهن هيو. مون کيس احوال ڏنو ۽ عبدالفتاح ميمڻ صاحب جي ريفرنس سان ڪم ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي. مرحوم نظام الدين چيو ته ٺيڪ آهي. سندس ٻه منشي هيا: هڪ غلام رسول سومرو، ٻيو عبدالرحيم آخوند. انهن ٻنهي کي سڏ ڪري چيائين ته سڀاڻي ريزيڊنٽ ميجسٽريٽ وٽ جيڪو ڪم رکيل آهي، اهو سومري صاحب کي ڏيو. هنن مون کي چار فائيل ڏنا، جن مان ٽن لاءِ چيائون ته هنن ۾ ۱۹۳ جون ڪاروايون آهن ۽ هي ڪيس نه هلندا، باقي چوٿون ڪيس چوري جو آهي ۽ هلائڻو پوندو. ان ڪيس جو ٽائيٽل هو ڪرائون بمقابلا عنايت. مون کي جڏهن هنن ڪيس ڏنا ته ان وقت مون سان گڏ ٽين جي صندوق هئي، جنهن جي رکڻ لاءِ اچي ڦاٿس، جيڪا مان سڌو ڳوٺ وڃي اتي رکي آيس. ڪارو ڪوٽ ۽ ٽاءِ به مون وٺي ڇڏي هئي. ڪجهه ڪم جا ڪتاب به مون خريد ڪري ڇڏيا هئا، جيڪي مون سان ساڻ هئا. هاڻي مان اهو سوچي رهيو هيس ته هي سامان ڪيڏانهن ڪيان ۽ رات ڪٿي رهان؟ سوچي سوچي مسٽر تاج محمد ابڙي وڪيل جي اوطاق تي هليو ويس. کيس احوال ڪيم ته ”هنن نموني هتي پهتو آهيان، سڀاڻي مون کي ڪيس هلائڻا آهن ۽ توهان وٽ رهڻ آيو آهيان.“ تاج محمد ابڙي چيو ته: ”ڀلي ڪري آئين، ڪا ڳالهه ئي نه آهي. تنهنجو پنهنجو گهر آهي، تون ڳڻتي نه ڪر، هتي رهي پؤ.“ مان به خاطري سان اتي رهي پيس. رات رهي سڀاڻي تي نڪري پيس. رات جو ڪيس به اسٽڊي ڪري ورتم. منهنجو پهريون ڏينهن هيو. ان دور ۾ هڪڙو ڪتاب هوندو هيو، جيڪو اڄ به استعمال ۾ اچي ٿو. اهو ڪتاب هيو ”پريمس آڏي پڇا ۽ دليل“ (Prem’s cross Examination & Arguments) ڇوته مون اهڙا ضروري ڪتاب وٺي ڇڏيا هئا. ان ڪتاب مان تياري ڪيم. ان ڪيس ۾ عنايت جوابدار هيو ۽ غلام صديق جاگيراڻي فريادي هو، جڏهن ته سندس ڀاءُ غلام عمر جاگيراڻي شاهد هيو. ٻنهي جي شاهدي هلي، پر شاهدي اهڙي هلي جو ٻنهي جي بيانن ۾ تضاد هيو، جيڪو منهنجي آڏي پڇا سان وڌيڪ ظاهر ٿي پيو. مسٽر ”ليلارام“ ريزيڊنٽ مئجسٽريٽ هيو. ان چيو ته باقي ڪيس سڀاڻي تي رکو ۽ مشير سان گڏ جاچ آفيسر کي به گهرايو. تاريخ ملڻ کان پوءِ مئجسٽريٽ مون کان انگريزيءَ ۾ پڇيو ته: ”توکي پريڪٽس ڪندي گهڻو وقت ٿيو آهي؟“ مون چيو: ”سر! اهي ئي ٻه ڪلاڪ، جيڪي تنهنجي اڳيان پيش ٿيو آهيان.“ سڀاڻي تي وري مان تياري ڪري ويس. مشير جي شاهدي هلي، آرگيومينٽس ٿيا ۽ مئجسٽريٽ ڪيس مان جوابدار کي ڇڏي ڏنو. مون کي زندگيءَ ۾ جيڪي خوشيءَ جا لمحا ياد آهن، هيءُ به هڪ اهڙو لمحو هيو، جيڪو مون کي اڄ به ذهن تي آهي. منهنجو پهريون ڪيس هيو ۽ مان ڀرپور تياري ڪري ويو هيس، ڇاڪاڻ ته منهنجي بقا جو سوال هيو. مون وٽ رڳو پنج روپيا هڙ ۾ هيا. مان تاج محمد ابڙي صاحب وٽ ٻه ڏينهن رهي پوءِ وري دوست محمد ابڙي وٽ رهيس. تاج محمد ابڙو پهريائين استاد شمس الدين ابڙي جو جونيئر ٿي رهيو. شمس الدين ابڙو دل جو ڪشادو، يار باش قسم جو ماڻهو هوندو هيو. سندس شام جي بيٺڪ تاج محمد ابڙي جي اوطاق تي هوندي هئي. تاج محمد ابڙو ڪيترا ئي ورهيه وڪالت ڪرڻ کان پوءِ سرڪاري نوڪري ڪيائين. اول ٿرپارڪر ضلعي ۾ اسسٽنٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر ٿيو. پوءِ بلوچستان جي ضلعي ڍاڍر ۾ ڊسٽرڪٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر ٿيو. ڀٽي صاحب جي دؤر ۾ ايڊيشنل سيشن جج ٿيو ۽ پوءِ ڊسٽرڪٽ سيشن جج ٿي رٽائر ڪيائين. رٽائرمينٽ کان پوءِ لاڙڪاڻي آيو ۽ وڪالت جي پريڪٽس ڪيائين. تاج محمد ابڙي جهڙو يار ويس ماڻهو ڪو ورلي هوندو. شام کان وٺي سندس اوطاق تي ماڻهن جي اچ وڃ شروع ٿيندي هئي ته رات جو دير تائين کل ڀوڳ ۽ ڪچهري هلندي هئي. سياسي طور تي کاٻي ڌر ۽ ڪميونسٽ خيالن جو ماڻهو هيو. هاري تحريڪ ۾ به سرگرم رهيو. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، مولوي نذير حسين جتوئي ۽ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي سميت ڪيترائي ليفٽسٽ ۽ نيشنلسٽ اڳواڻ وٽس ايندا هئا ۽ ميٽنگون به ڪندا هيا. پاڻ جڏهن جج هيو ۽ لاڙڪاڻي ايندو هيو ته مون وٽ گيسٽ روم ۾ ترسندو هيو. ڏاڍو ڪميٽيڊ انسان هيو. منهنجو ساڻس سٺو واسطو رهيو. عالمي سياست تي به سندس گهري نظر هوندي هئي. مشهور رسالو ”ٽائيم“ به هر مهيني گهرائيندو هيو. سندس لائبريري ۾ ڪيترائي ڪتاب هوندا هيا. منهنجي مشهور هاري اڳواڻ ڪامريڊ غلام محمد لغاري سان ملاقات به تاج محمد ابڙي جي اوطاق تي ٿي. تاج محمد ابڙو ۱۰ مارچ ۱۹۸۶ع تي وفات ڪري ويو. (قانوندان، سياستدان ۽ سفارتڪار عبدالرزاق سومرو جون يادگيريون ڪتاب ’يادن جي ڳڙکيءَ مان‘ ورتل) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ڪو جو ڪالهه هئوم سوڍو منهنجيءَ سنڌ جو عبدالغفار تبسم اُها ستاويهين يا اٺاويهين فيبروري ٻه هزار اٺ جي ڪچڙي منجهند هئي جو منهنجي نئين ديري واري گهر ۾ ٽي جوان مون سان گڏ ويٺل هئا. تعارف ڪرائڻ تي هڪ ته منهنجي پاڙي جو احترام لائق قاضي شرف الدين ۽ ساڻس گڏ ٻه لاڙڪاڻي کان ڪهي آيل سنڌ جي عظيم ۽ املهه ڪردار مرحوم تاج محمد ابڙي صاحب جا ٻه فرزند هئا. نئين ديري ۾ پنهنجي والد بزرگوار جي نالي سان سلهاڙيل هڪ تنظيم جو بنياد رکڻ لاءِ پهتل ۽ ڳوٺ ۾ منهنجي هئڻ جو ٻڌي مون وٽ ڪهي آيا هئا. نهايت وضع دار ۽ اعليٰ سڀاءُ رکندڙ هي ٻئي ۽ مان حال احوال اورڻ ويٺاسين ته ماضيءَ جي کوڙ ساترين ساروڻين کي کن ۾ سهيڙي کڻي اڳيان رکيوسين. لاڙڪاڻي جي پراڻي ٽائون ٿاڻي ڀرسان مرحوم تاج محمد ابڙي صاحب جي گهر لڳ منهنجن عزيزن جو گهر هيو، جتي منهنجي ننڍپڻ جو ڳپل حصو گذريو. ان گهر کان باقراڻي روڊ ڏي ويندي يا ٻه چار وکون ٻاهر ڀريندي منهنجي هميشه نظر ان گهر جي مکيه در مٿان ٽنگيل ان اڇي بورڊ تي ڪارن لفظن ۾ لکيل تاج محمد ابڙو وڪيل تي ضرور ويندي هئي. تڏهن مون کي اُن گهر ڌڻيءَ جي انهيءَ ادب پروريءَ، سندس ثقافتي، سماجي، علمي ۽ آدرشي ڪردار جي امين هئڻ جي ڪا به پروڙ ڪونه هئي. منهنجي تنهن ساڃاهه مطابق ته لاڙڪاڻي جي گهٽين ۾ کوڙ سارن وڪالت ڪندڙن جي سڃاڻپ وارين تختين جيان هن گهر تي لڳل وڪيل تاج محمد ابڙو جي ڄڻ ته بنهه ڪابه الڳ ۽ منفرد سڃاڻپ ڪونه هئي. ائين ئي ڪي ٻه چار دفعا هن گهر اندر ڪنهن ڪم سانگي ويندي مون کي هڪ وڏي هال ۾ سامهون ويٺل شخصيت جي ٻنهي طرفن فريادي ۽ جوابدار ڌرين کان سواءِ ٻين به ڪيترين ئي علمي ادبي شخصيتن ۽ تر جي اهم زميندارن يا ڪامورن جو مجموعو هميشه نظر آيو هئم. اڄ ايڏن سالن پڄاڻان جڏهن نادر علي ابڙي صاحب جي سندس بابا تي مختلف مضمونن سان سهيڙيل ڪتاب مان جڏهن ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جي تحرير هن ڪتاب بعنوان ”سنڌ جو املهه هيرو“ مان کولي پڙهان ٿو ته پنهنجي اُن اڻڄاڻائي ۾ هٿن مان نڪري ويل وقت تي ڏاڍو رنج ۽ افسوس ٿئي ٿو. خاص ڪري جڏهن ڪامريڊ سوڀي جي مضمون ”جو اپنی ذات میں ایک انجمن تھے“ جون صفحي نمبر ۱۳۱ تي لکيل سٽون پڙهان ٿو ته: ”جب سے تاج محمد کی شام والی محفلیں ختم ہوئی ہیں، میں وہاں کسی اور دوست کی طرف مائل نہیں ہوسکا، کیونکہ لاڑکانہ میں تاج محمد کی محفلوں کے بعد کوئی ایسی محفل باقی نہیں رہی۔“ اهي سٽون پڙهي روح مان محروميءَ جون هزارون سٽون اُڀرن ٿيون ته ايڏو ويجهو هوندي به مان هن اڪابر ۽ اديب ماڻهوءَ جي فهم ۽ فراست ڀرين محفلن ۾ ڇو نه وڃي سگهيس؟ هن بلند ڪردار ماڻهوءَ جي مثالي صحبتن مان ڇو ڪو لاڀ نه ماڻي سگهيس؟ پر ان اٿاهه مايوسين ۾ ”اياز“ جڏهن نراس ماڻهوءَ جي ڀرجهلي لاءِ هيئن چوي ٿو ته: مايوس نه ٿي تاريخ ڪنان، جو ٿيڻو ئي هو سو ٿي ويو هي هٿ هـٿـوڙا اڄ به اٿـئي ۽ دنـيـا ڏاري سگهجـي ٿـي سوچيان ٿو ته ماضيءَ جي مزار تي ڪنهن جو مجاور ٿيڻ بجاءِ ان وهي ويل گهڙين تي ماتم ڪرڻ بدران ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جهڙن اڏول ۽ اڻٿڪ ڪردارن کي جيڪڏهن رستي جي مشعل بڻائي ساڻ کڻجي ته هوند هر جند ۽ منهنجي هن سنڌ جون هڙئي اونداهه ٿيندڙ واٽون نين جوتن سان جرڪي سگهن ٿيون ۽ وري اُهي اجڙيل سماجي، ثقافتي، علمي، ادبي اوطاقون ايندڙ نسل لاءِ مثالي ادارا بڻجي سندن پرورش ڪري سگهن ٿيون. وري سنڌ جي سينڌ اجري سگهي ٿي، صرف هي عزم ورجائجي ته: هي جيون توڙي مايا آ، پر جو پل ان جي ڇايا آ ٿا ان ۾ پنهنجا پير وڌن ۽ اُس اڀاري سگهجي ٿي. (اياز) اڄ ان آدرشي ۽ امل انسان جي ۲۲ هين ورسيءَ تي سندس ڳالهيون ۽ ڳڻ ورجائي جيڪڏهن اهو پڪو عزم ڪيون ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جيان هميشه پنهنجي ڌرتيءَ، سماج ۽ ورثي جي پوئلڳيءَ ۾ باقي ڏينهن بسر ڪنداسين ته مون کي سنڌ جو سُنهن، اسين وري ٻنهي بي مثال وڃايل شان شوڪت، مانَ مريادا جا امين ٿي جڳ ۾ اوچي ڳاٽ سان جِــي سگهون ٿا. (روزانه عوامي آواز، سومر ۱۰ مارچ ۲۰۰۸ع) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو هڪ سدا بهار شخصيت يار محمد پلي چڱاڻي پنجاهه جي ڏهاڪي جو پهريون پور شايد اڻويهه سؤ چوونجاهه هو. آءٌ عمرڪوٽ هاءِ اسڪول ۾ زيرِ تعليم هئس ۽ هاسٽل ۾ رهندو هئس. هڪ لڙيءَ منجهند جو مير خان پٽيوالي سان ڪو نوجوان هڪ هٿ ۾ ٿري ڪيسل پاڪيٽ ۽ ٻئي هٿ ۾ چمڙي جي ڀوري بئگ لوڏيندي، اچي منهنجي ڪمري ۾ پهتو. انتهائي شاندار نوجوان، بدن تي اڇو ايس.او هرک جو بي داغ وڳو، مٿي تي مهانگي ڪراڪلي ٽوپي ۽ پيرن ۾ فلئڪس جو ولائتي بوٽ! آءٌ اٿيس، هٿ ملائڻ شرط چيائين: ”ادا! آءٌ آهيان قاضي محمد عالم معصوم هالائي ۽ اوهان يقينًا يار محمد چڱاڻي آهيو؟“ ڪنڌ لوڏيم. هڪ خط ڪڍي ڏنائين، هفتيوار ”همدرد“ جي مالڪ حاجي محمود هالائي مرحوم لکيو هو ته: ”هي نوجوان نوابشاهه مان نڪرندڙ ”ادا“ رسالي جو ايڊيٽر به آهي. سنڌي ادبي سنگت جي عمرڪوٽ ۾ شاخ کولڻ لاءِ سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل اياز قادريءَ ڪراچيءَ مان موڪليو آهي. عمرڪوٽ ۾ سڄاڻ ماڻهن کي ڪٺو ڪري، ميمبر ٺاهي، سنڌي ادبي سنگت جي برانچ قائم ڪندا. اها قوم ۽ زبان جي خدمت آهي ۽ اوهان جي به خواهش.“ معصوم هالائيءَ کي جذبو ئي عمرڪوٽ وٺي آيو هو ۽ سندس ڪم ئي هو شعر وشاعري ۽ زبان جي واڌ ويجهه لاءِ هٿ پير هلائڻ. ٻئي ڏينهن عمرڪوٽ جي ميونسپل آفيس جي ڪميٽي هال ۾ شهر جا لکيل پڙهيل نوجوان ۽ پوڙها ته آيا، پر ان وقت جي مختيارڪار واحد بخش سرهيو ۽ ڪٽ مست صوبيدار شير شاهه بادشاهه کي به آڻي، ميمبر بنائي، چندو وصول ڪري ڏنوسون، سيٺ ڏيارام کي، جيڪو خزانچي مقرر ٿيو ۽ آءٌ سنگت جو جنرل سيڪريٽري ٿياسين. ان کان پوءِ اياز قادريءَ جون تجويزون ۽ تحريرون پهچنديون رهيون. هڪ دفعي لکيائين: ”سنگت“ جي ساٿ سان لطيف جون ورسيون ملهائي، سنڌي ادب کي ايترو اجاگر ڪيو، جيئن لاڙڪاڻي ۾ مسٽر تاج محمد ابڙو جاکوڙي رهيو آهي. اڌ صديءَ جي وٿيءَ سان، هڪ ڏينهن، اياز قادري مرحوم جا ڪنن ۾ ٻرندڙ لفظ ته: ”ان جذبي ۽ جاکوڙ سان سنگت لاءِ سرگرم ٿيو، جيئن لاڙڪاڻي ۾ مسٽر تاج محمد آهي“ ساري، وڃي ٽاؤن هال پهتس. ٻه ڏينهن اڳ گهر ۾ ڪتاب اٿلائي رهيو هئس ته پٽ اچي ڪجهه پنا ۽ دعوت نامو ڏنو ۽ چيائين: ”عمرڪوٽ جي ائنٽي ڪرپشن جي سرڪل آفيسر مسٽر نادر علي ابڙي جو ڪو ماڻهو ڏئي ويو آهي.“ نادر علي ابڙي پنهنجي والد مرحوم تاج محمد ابڙي جي ميراث کي ڪيترو نه مضبوطيءَ سان پڪڙيو آهي! مون سوچ جي سمنڊ ۾ ٽٻي هنئين، پروفيسر ڊاڪٽر اياز قادريءَ کي ڏٺو ته مون سان هم ڪلام هو ته اوهان عمرڪوٽين جي دل جي بند دريچن تي مون آڳاٽو دستڪ ڏني، پر اوهين ستل ئي رهيا! ان ئي زماني ۾ تاج محمد لاڙڪاڻي ۾ ادبي سنگت جي برانچ قائم ڪري، جنرل سيڪريٽري بنجي، لطيف جون ورسيون ملهائي، زبان ۽ ادب جي ڏياٽيءَ کي وسامڻ ڪونه ڏنو هو. ان روشنيءَ جو هڪ ڪرڻو سندس پٽ نادر علي آهي، جيڪو ۴۸ سالن کان پوءِ اوهان کي تاج محمد ابڙي جي زباني اها نويد سڻائي رهيو آهي ته: ”جي لوچين سي لهن جڏهن تڏهن پرين کي!“ ڏکاريءَ دل ڏوراپو ڏنم ته: ”شامتِ اعمال ما، صورت نادر گرفت.“ هو عمرڪوٽ ٽائون هال ۾ اپر سنڌ جي مردم خيز علائقي جي هڪ سدا بهار شخصيت جي نالي ”بزم تاج محمد ابڙو“ جو بنياد رکي رهيو هو. سندن هوش پوش تعليم يافته مکڙيءَ مان کلي گلاب ٿيندڙ نوجوان پٽ نادر علي! واقعي ”نادر الوجود“ انسان ئي ”نادر“ کي جنم ڏيندا آهن. پيغمبر وانگر ننڍيءَ اوستا ۾ ئي پيءُ جي شفقت ڀرئي هٿ کان محروم ٿي ويل رهبرن ۽ رشين جي عمر تي پهچي، هن دولابڻ دنيا کي تياڳ ڏيندڙ تاج محمد مرحوم جي زندگيءَ جي فلم جو رول اکين آڏو هلڻ شروع ٿي ويو، جنهن جون اڪثر شامون ٽريڊ يونين ڪراچيءَ جي ڪميونسٽ آفيس ۽ ڪامريڊن سان گذريون. جمال الدين بخاري، ڪامريڊ عبدالقادر، سوڀو گيانچنداڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي ۽ حيدر بخش جتوئي ويجها رهيس، پر انهن جي خيالن ۽ قول و قرار کان وڌيڪ ترجيح مولانا تاج محمود امروٽيءَ جي تفسير ۽ ترجمي کي ڏنائين، جيئن ڀلارو ڀٽائي، مولانا روم جي مثنوي، سيرانديءَ رکي سمهندو هو، تيئن بزرگ امروٽيءَ جو تفسير لائبريريءَ جي مٿانهين خاني ۾ رکيائين. دل ۾ مونجهه وقت رهنمائي ۽ رفاقت ڪلام پاڪ کان وٺندو هو. دنياوي زندگيءَ جي رنگ آميزيءَ لاءِ پنجن پٽن ۽ چئن نياڻين کي جديد تعليم جي زيور سان آراسته ڪيائين ته مولويءَ جون خدمتون به ڪونه وساريائين. صبح سان ڪلام پاڪ جي تنوار ۽ ملان جي ڪار. ان ڪري ڪچيءَ وهيءَ ۾ اولاد جو صاف ذهن حق ۽ سچ کي سڃاڻي، پٿر تي لڪير وانگر بنائي ڇڏيو. سندن پراڻي ساٿيءَ عبدالمجيد ميمڻ مرحوم جون ساروڻيون ساريندي، ڪنهن لکيو آهي ته: هو هڪ روشن دماغ ۽ وسيع القلب انسان هو. انسانيت لاءِ پيار هن جي سرشت ۾ سمايل هو ۽ وٽس امير، غريب، ناستڪ، دهريو، هندو خواهه مسلمان عزت ۽ احترام جي لائق هئا. مولوي حاجي قادر بخش ٺيٺ مذهبي ۽ تهجد گذار انسان هو. ان کي تاج محمد مرحوم پنهنجي پيار ۾ ايترو پروئي ڇڏيو هو، جو هن جي اعليٰ اخلاق ۽ انسان ذات سان محبت ۽ خدمت جي ڳالهين مان ڍاپندو ئي ڪونه هو. مقصد ته هو پنهنجي ڪامريڊ سنگت سان به گڏ هو ته پراڻي ثقافت ۽ مقصدِ حيات جو پڪو پابند به رهيو. ائين چئجي ته جدت ۽ قدامت جي آميزيشن جي زنده تصوير هو. اهو ئي سبب هو جو پراڻين رسمن جون پاسداريون وڃائجي ويل وضعداريون وڙئون ڪو نه وڃايائين. پيءُ جو پاڇو ته اٿاڪل ۾ ئي وکريل ڪڪر وانگر واچوڙو ٿي اڏامي ويو، پوءِ پرورش ڪيس بختاور وڏي ڀيڻ، جيڪا قرآن ڪريم سنڌي زبان کان سواءِ پارسي به پڙهيل هئي. ائين اڳتي وڌندو، ترقيون ڪندو رهيو. الوحيد جي ايڊيٽوريل اسٽاف ۾ شامل ٿي ڪامياب صحافت ڪيائين. ريڊيو پاڪستان تي شوقيه ويو. صاف آواز ۽ لفظن جي ادائگي ۽ لهجو اهڙو وڻندڙ، جو آڊيشن ڏيڻ سان نيوز ڪاسٽر ٿي ويو. قمبر ۾ استاد به رهيو. بقاپور يونين جو چيئرمين چونڊيو ويو. سياست ڪيائين، عشق جي حد تائين مطالعي سان من لڳايائين. اڳتي هلي عزت ڀريءَ عدالت جو سيشن جج ٿيو. ملڪ جي انتهائي مڃيل ڪامريڊن، ڪميونسٽن ۽ سوشلسٽن سان ساٿ رهيس. سندس سڃاڻ به ان حوالي سان مشهور ٿي. هاري تحريڪ، نيشنل عوامي پارٽي، سنڌي عوامي محاذ يا ائنٽي ون يونٽ ۾ به نمايان رهيو. حقوقِ نسوان يا عورتن جي آزاديءَ لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪيائين، پر مسڪين خلق کي به آڏو رکيائين. هڪ دفعي ڪٿي عورتن جي آزاديءَ تي زوردار بحث ڪري رهيو هو ته سندس عزيز ۽ دوست جمال ابڙي صاحب اڳتي وڌي آهستگيءَ سان چيس ته: ”تون پنهنجي گهرواريءَ کي اهڙي آزادي ڏيڻ لاءِ تيار آهين؟“ هڪدم چيائين: ”ميان! توبهه ڪر.“ حقيقت ۾ پرده داري ۽ پراڻا پيوند نه هن ٽوڙڻ چاهيا ٿي، نه وري سندس گهرواري ان لاءِ آماده هئي. اهو اڪبر اله آباديءَ جي دؤر جو اثر هو. چراغ خانه بجاءِ شمع محفل ٿيڻ هن عقيفه لاءِ به عيب هو. سيشن جج جي گهرواري هئڻ جي حيثيت سان نه ڪڏهن ڪنهن مينا بازار جو افتتاح ڪيائين، نه رنگ برنگي لباس جي نماءَ سان دعوتون ۽ ڪارنر ميٽنگون اٽينڊ ڪيائين، پوري زندگي پردي ۾ رهي. اهي پابنديون صرف پاڻ تائين محدود رکيائون، پر پنهنجن پنجن پٽن وانگر چئن ئي نياڻين کي جديد تعليم کان محروم ڪونه رکيائون. ڪن نياڻين ايم بي بي ايس ڪري بيمار انسانيت ۽ دم ٽوڙيندڙ مريضن تي مسيحائيءَ جو هٿ رکيو ته ڪن وري اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ تعليم جو درس ڏنو. لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو ته هونئن سنڌ جي شهه رڳ آهي، رئيس المهاجرين جان محمد جوڻيجي کان ويندي ذوالفقار علي ڀٽي جهڙا اڏول انسان به لاڙڪاڻي پيدا ڪيا. ايوب کهڙي، قاضي فضل الله ۽ سر شاهنواز ڀٽي جا بنگلا سياسي جوڙ توڙ جا مرڪز هئا. طاقتن جو ٽڪراءُ هڪٻئي ۾ عناد پيدا ڪيو. هرڪو شاڪي ۽ شڪي، پر تاج محمد مرحوم جي اوطاق ئي هڪ اهڙي بيٺڪ هئي، جنهن ۾ شڪ شبهي، ڪدورت ۽ ڪيني کي داخل ٿيڻ لاءِ ڪو دروازو هو ئي نه. اصل ڳالهه آهي اخلاص جي. مرحوم پاڻ مخلص هو. کهڙو هجي خواهه قاضي، ابڙي جا سڀ احسانمند ۽ پاڻ سڀني جو سڄڻ. قاضي فضل الله سنڌ جو وزيرِاعليٰ ٿيو، پر لاڙڪاڻي جي ٽوئر دوران تاج محمد جي دلين جي دڪان تي حاضري ڀرڻ کان سواءِ ڪراچيءَ ڪونه موٽندو هو. سڪندر ڀٽو وڏو وضعدار ۽ يار ويس انسان هو. تاج محمد جي قرب ڀري ڪچهريءَ ۽ غم غلط ڪرڻ وارن ٽهڪن ۾ شريڪ ٿيندو هو. ذوالفقار علي جيڪڏهن لاڙڪاڻي آيل هوندو هو ته شام جو وڏي ڀاءُ سان گڏ اچي ابڙي صاحب جي اوطاق جي سڳنڌ ۽ سرهاڻ ۾ واسبو هو. گهڻو وقت پوءِ ڀٽو صاحب، ايوب خان جي ڪابينه ۾ قدرتي وسيلن جو وزير ٿيو. ايوب جي ورڪ لاءِ تاج محمد تي حجت هلايائين، پر مرحوم ضمير کي ترجيح ڏئي ووٽ ڏنو مس فاطمه جناح کي، ان ڪري ارباب اقتدار مٿس ڏاڍو ڏمريا، پر سون کي ڪٽ نه ڪو ڪس! ڀٽي جي چوڻ تي بيسڪ ڊيموڪريسيءَ جو ميمبر چونڊجي بقاپور يونين ڪائونسل جو چيئرمين به رهيو. وقت جي وهڪري ذوالفقار علي ڀٽي کي مارشل لا ائڊمنسٽريٽر ۽ صدر پاڪستان بنائي ڇڏيو. هن جو شمار دنيا جي وڏن مدبرن ۾ ٿيڻ لڳو. چيئرمين مائوزيتنگ ۽ چواين لائيءَ مغرب جو مفڪر برٽينڊرسل ۽ ترڪيءَ جو عصمت انونو ۽ ٻيا ان پايي جا تاريخ ساز اڳواڻ به ڀٽي جا گڻ ڳائڻ لڳا. لازمي طور اها حالت انسان کي مغرور بنائي ڇڏي ٿي. ڀٽي صاحب جو غرور ۽ انانيت به انتها تي پهتي هوندي. ان حيثيت ۾ هُو لاڙڪاڻي جي دوري تي آيو. المرتضيٰ هائوس سڄو اهلڪارن ۽ ادارن جي گهيري ۾ هو. تاج محمد صاحب به ملاقات ۽ مبارڪ لاءِ حاضر ٿيو. نگاهه پوڻ سان ئي اهي پراڻيون محبتون، حجتون ۽ اوطاقي مجلسون ياد اچي ويس. محبت سان ملي پراڻيءَ حجت سان چيائين: ”ڪامريڊ تاجو! آءٌ تنهنجي لاءِ ڇا ڪريان؟“ مرحوم مسڪرائي چيو: ڪافي وقت وڪالت ڪيم، اي پي پي ٿي ڪم ڪيم، اڃا به ڪريان پيو. ائڊيشنل جج ٿيڻ ۾ ڪوبه ڏوهه ڪونهي.“ ڀٽي جي حڪم سان تاج محمد هڪ هفتي اندر پبلڪ پراسيڪيوٽر مان سکر سيشن ڪورٽ ۾ اچي عدالت جي ڪرسيءَ تي ويٺو. شيخ مبارڪ علي اياز جيڪو وڏو شاعر، وڏي دانشور هئڻ سان گڏوگڏ وڪيل به هو، جمال ابڙو ۽ تاج محمد خاص دوست هئس، سکر ۾ وڪالت ڪندو هو، سو پنهنجين يادگيرين جي ڪتاب: ”ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر“ ۾ لکي ٿو ته: ”غلطي منهنجي هئي يا تاج محمد جي غلط فهمي، بهرحال مون کان ناراض ٿي پيو. آءٌ هميشه جي دستور موجب بنا اطلاع يا پيشگي اجازت جي هليو آيس سندس چئمبر ۾. ”ائين بنا اجازت جي نه ايندو ڪر مون وٽ.“ ابڙي صاحب جو ڳنڀير آواز گونجيو. آءٌ ماٺ ٿي ويس. بعد ۾ توانايون بحال ڪري چيم: ”انشاءَ الله اڄ کان پوءِ مون کي ڪونه ڏسندا ۽ پنهنجا ڪيس به اتان منتقل ڪرائي ٿي سگهيس، پر ائين نه ڪيم. چار پنج مهينن کان پوءِ هڪ دفعي ڪورٽ ۾ هئس ته بيلف چيو ته اندر چيمبر ۾ صاحب اوهان کي سڏايو آهي. ٿورو سوچي هليو ويس. تاج محمد اٿي بيٺو، هٿ ملائي چيائين: ”اياز! تون مون کان ناراض آهين؟“ چيم: ”هائو!“ چيائين: ”ڳالهه ٻڌ، آءٌ جج ٿي جڏهن ڪرسيءَ تي ويٺس ته مون سوچيو ته آءٌ پنهنجي قلم جي نوڪ سان ڪنهن جي گردن اڏائي سگهان ٿو، ڪنهن کي ڦاسي ڏئي سگهان ٿو. ان سوچ مون کي ٽرڙو بنائي ڇڏيو ۽ تو سان به ٽرڙائي ڪري ويٺس، مون کي معاف ڪري ڇڏ.“ مون هڪدم ڳالهه ڪٽي چيو: ”بس بس، اڳتي ڪجهه به نه چئج، تون مون لاءِ ساڳيو ڪامريڊ تاجو آهين.“ اهو آهي عظيم هئڻ جو ثبوت. غلطي ڪا ڪانه هئس، اصولي ڳالهه هئي، هلندڙ عدالت جا ڪي قاعدا ۽ ضابطا آهن. سچي دوست ۽ گڏوگڏ قانوندان کي ته وڌيڪ محتاط رهڻو آهي، ان جي باوجود مرحوم جي دل تي بوجهه رهيو، جيسين نه دوست جي دلجوئي ڪيائين، تيسين قرار ڪونه آيا.“ شيخ اياز هن جي نيڪ دليءَ ۽ معامله فهميءَ تي لکندي آخر ان جملي تي پڄاڻي ڪئي آهي: ”هن جهڙا صاف گو، صاف دل انسان مون زندگيءَ ۾ ٿورڙا ڏٺا.“ جمال ابڙو صاحب پنهنجي چئن جلدن واريءَ ڪٿا ۾ مرحوم تاج محمد جو اڪثر ذڪر ڪندو رهيو آهي. هڪ هنڌ لکي ٿو ته: ”حيدر بخش جتوئي هاري تحريڪ جو بانيڪار هو، تحريڪ لاءِ جان نثار ۽ ڌُن جو پڪو. هاري تحريڪ ۾ اختلاف ٿي پيو، پارٽي ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي وئي. طاقت جو توازن بگڙيو ته تاج محمد بي چين ٿي پيو. مولوي نذير حسين جا هل هڪلون سهي، ڏيپلائيءَ وٽان اڳين تاريخن ۾ اخبار ڇپرائي، فرضي چونڊون ڪرائي، سڀني کي حيرت زده ڪري ڇڏيائين. حيدر بخش جتوئي جيل مان آزاد ٿي اچي هاري حقدار پريس ۾ ويٺو هو. هي نين چونڊن ۽ ڪاميٽيءَ جي ٻين ڪمن جا پنا کڻي وڃي هاري حقدار جي آفيس ۾ پهتو. ڪامريڊ جتوئيءَ جي ڪمزوريءَ مان پوريءَ طرح واقف هو، ان ڪري وڃڻ وقت لينن جي تصوير به کڻي ويو. صحيحن جي پوءِ ڳالهه ڪيائين، پهرين لينن جي تصوير حيدر بخش آڏو آندائين. ڪامريڊ لينن اڳيان اچي ۽ جتوئي حواسن ۾ رهي، ائين ٿيڻو ڪونه هو. هن کي حواسن مان ڪڍي يا هيپناٽائيز ڪري نفسياتي مار سان سڀ صحيحون وٺي ڇڏيائين. ان طريقي سان ڪم وٺڻ به دانائي ۽ انساني نفسيات جي ڄاڻ آهي. ان اٽڪل بازيءَ کان علاوه مرحوم ۾ همٿ ۽ حوصلو هو، جوان مرديءَ ۽ جفاڪشيءَ جو اهو عالم جو مولوي نظير حسين جيل ۾ هو، پويان ڪي برده فروش هن جي ۵، ۷ سالن جي ناسمجهه نياڻي اغوا ڪري ويا. هو سک تڏهن ستو، جڏهن جهر جهنگ جهاڳي، ڳوٺن ۾ رلي، وڃي نياڻي هٿ ڪيائين ۽ جوابدارن کي ڳٿڙ مان پڪڙي، اچي ڪورٽ حوالي ڪيائين.“ (روزانه سنڌ، هلال پاڪستان) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو قومي سياستدانن، دانشورن ۽ ليکڪن جي نظر ۾ هدايت منگي اٺين آگسٽ ۱۹۹۴ع تي سنڌ جي هڪ سدا حيات شخصيت محترم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو (مرحوم) جي ۶۹ هين سالگرهه آهي. هو سنڌ جي تاريخ ۾ سياسي، ادبي، سماجي ۽ عدالتي خدمتن جي حوالي سان هميشه ياد رهندو، ڇاڪاڻ ته انهن حلقن سان سندس وابستگي سڄي حياتيءَ دوران رهي. سندس زندگي ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کان وٺي امان الله شيخ تائين سنڌ جا سمورا آدرشي انسان سندس رهائشگاهه (اوطاق) تي ميڙا لڳايو ويٺل نظر ايندا هئا ۽ انهن ميڙاڪن ۾ سنڌي سماج جي ڪنهن بنهه معمولي سرگرمي کان وٺي آفاقي، انساني، سياسي قدرن، انقلابن، تبديلين ۽ سرگرمين بابت انتهائي سنجيده بحث مباحثا ٿيندا هئا، جن کي لاڙڪاڻي ۾ ههڙين سرگرمين جي حوالي سان انتهائي وڏي اهميت حاصل هئي. انهن سرگرمين ۽ بحث مباحثن جي محرڪ، هن سنڌ جي منفرد شخص بابت سنڌ جي قومي سياستدانن، آزادي جي ويڙهاڪن، دانشورن ۽ ليکڪن مختلف وقتن تي جيڪي تاثرات لکيا آهن، تن جا ٿورڙا ٽڪر هن موقعي تي اختصار سان پيش ڪجن ٿا. جي ايم سيد: ميان تاج محمد ابڙو لاڙڪاڻي جو انسان دوست، خوش خلق ۽ رلڻو ملڻو ماڻهو هو. افسوس جو جوانيءَ ۾ وفات ڪيائين. ان جو اسان کي ارمان آهي. مخلص دوست، يارن جو يار، ايماندار ۽ قابل ماڻهو هو. آخر ۾ وڪالت ڇڏي جج ٿيو. خدا جنت ۾ جايون ڏئيس. ڪامريڊ ڄام ساقي: سائين تاج محمد ابڙي کي اڃا تائين نه مرحوم لکڻ جي همٿ اٿم ۽ نه ئي سائين کي ڪڏهن تاج محمد سڏيم. اسين گهڻو جونيئر هوندي به سائين کي ”سائين تاج“ ئي سڏيندا هئاسين. سائين سنڌي ادبي سنگت هجي يا هاري ڪاميٽي، شاگردن جي سرگرمي هجي يا سنئين سڌي انقلابي هلچل، اسان کي هميشه ۽ هر طرح همٿائيندو رهيو. دنيا جي تازي ۾ تازي انقلابي ۽ سياسي لٽريچر هٿ ڪرڻ، پڙهڻ ۽ نوجوان دوستن کي پڙهائڻ جي ڪوشش ۾ سدائين رڌل هوندو هو. جهڙو هو صورت ۾ سهڻو ۽ سيرت ۾ صادق، اهڙو ئي محبت ۽ مڻيا وارو مانجهي مڙس هو. تمام ٿورن ماڻهن کي خبر هوندي ته هن مزدورن جي يونينن کي منظم ڪرڻ ۾ لاڙڪاڻي ليول تائين ۽ سنڌ هاري ڪاميٽي کي منظم ڪرڻ لاءِ سنڌ سطح تي ڪوششون به ڪيون ۽ هميشه وس آهر مدد به ڪئي. ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي: تاج محمد ابڙو هڪ ئي وقت پنهنجي ذات ۾ هڪ انجمن هو. هن وٽ سياسي ليڊر، روپوش سياسي ڪارڪن، هاري، مزدور، شاگرد، ڪارڪن ۽ اديب ايندڙ ويندڙ هئا. سندس تعلق ان وقت جي سمورين سياسي شخصيتن؛ محمد ايوب کهڙو، قاضي فضل الله، جي ايم سيد ۽ اڀرندڙ شخصيت ذوالفقار علي ڀٽو سان به هو. هاري ۽ مزدور تحريڪن سان تاج محمد ابڙي جو گهرو لاڳاپو هو ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، مولوي نذير حسين ۽ ٻيا ڪيترا ئي هاري ورڪر هن وٽ ايندڙ ويندڙ هئا. تاج محمد ابڙو ڏاڍو پڙهيل ۽ ادبي تنظيم جو منتظم هو. ون يونٽ قائم ٿيڻ بعد جيڪي سياسي سرگرميون رهيون، تن ۾ به تاج محمد ابڙو خاصو رول ادا ڪندو رهيو. سياسي ۽ ادبي ڪتابن جو تاج محمد شوقين هيو ۽ پوءِ حقيقت ۾ تاج محمد ابڙي ئي بحيثيت خود لاڙڪاڻي واري سنڌي ادبي سنگت به قائم ڪري ورتي. ذوالفقار علي ڀٽي سان تاج محمد جو خاصو Equation (ويجهائي) هئي. مان تقريبًا پنج سال ۱۹۵۹ع کان مارچ ۱۹۶۴ع تائين نظربنديءَ ۾ گذاريا. مون تان نظربندي جي پابندي ختم ٿي. ان ۾ به وڏو ڪردار تاج محمد ابڙي جو هو، جنهن ذوالفقار علي ڀٽي کي چئي اها پابندي هٽرائي. تاج محمد جي موت کان چند ڪلاڪ اڳ جناح اسپتال ۾ جڏهن مون ساڻس ملاقات ڪئي ته مون کي بيحد حيرت ٿي ته مون کي همٿائيندو رهيو، بجاءِ ان جي جو مون کي ڪو موقعو ڏئي ته ڪا کيس تسلي ڏيان. ۱۰ مارچ ۱۹۸۶ع تي تاج محمد ابڙو وفات ڪري ويو. تنوير عباسي: تاج محمد ابڙو کلڻو ملڻو، جڏهن ملوس ته ٽهڪ ڏيندو، دوست کي ڏسي خوش ٿيندو. هن سان پهريون دفعو ملاقات ۱۹۵۶ع ۾ ٿي. ون يونٽ جو اونداهو دؤر هو. ادب ذريعي انقلاب جي ان تحريڪ جي روشنيءَ جو پهريون ڪرڻو لاڙڪاڻي ۾ تاج محمد ابڙي جي اوطاق مان اُسريو ۽ سڄيءَ سنڌ ۾ ڦهلجي ويو. اسان سنڌي ادبي سنگتن کي هڪ مرڪز تي گڏ ڪرڻ لاءِ پهرين ميٽنگ لاڙڪاڻي ۾ رکي ۽ تاج محمد ابڙي ميزبان ٿيڻ قبوليو. سڀني تاج محمد ابڙي جي اوطاق تي گڏ ٿي فيصلو ڪيو ته ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادبي سنگت جو ڪنوينشن سڏائجي، جنهن ۾ سنڌ جي سڀني ادبي سنگتن کي هڪ مرڪز تي گڏ ڪري سنڌ سنگت ٺاهجي ۽ ان جو دستور وغيره منظور ڪرائجي. اهو روشنيءَ جو پهريون ڪرڻو هو، جيڪو ون يونٽ جي اونداهي دﺂر ۾ تاج محمد ابڙي جي اوطاق مان ڦٽو ۽ سڄي سنڌ کي جر جر، جرڪائي ڇڏيائين. هاري تحريڪ، نيشنل عوامي پارٽي، سنڌ عوامي محاذ، مطلب ته جيڪا به تحريڪ سنڌ جي پيڙهيل طبقن جي ڀلائيءَ ۽ آجپي جي لاءِ هئي، ان ۾ ڀرپور حصو ورتائين. نواب نبي بخش خان ڀٽو: تاج محمد خان ابڙو منهنجو ڀائن جهڙو دوست، مون تي ڏاڍو مهربان ۽ همدرد هو. منهنجو ڪم پنهنجو سمجهندو هو. هن جي گذاري وڃڻ جو مون کي سخت ڏک آهي. مون کي هُو هر وقت ياد هوندو آهي. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي: جن شخصيتن مون کي متاثر ڪيو ۽ انهن کي وساري نه سگهيو آهيان، اهڙين ئي شخصيتن مان هڪ تاج محمد ابڙو مرحوم به هو. تاج محمد ابڙي مرحوم لاڙڪاڻي ۾ ادبي سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ وڏي جدوجهد ڪئي ۽ لاڙڪاڻي جي اديبن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ بنيادي ڪم ڪيو. سندس شمار اهڙن ماڻهن ۾ ڪري سگهجي ٿو، جن اديبن کي ميدان تي آندو ۽ جديد سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ بنيادي ڪم ڪيو. لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت جو بنياد پيو، جنهن جي بانين ۾ تاج محمد ابڙي مرحوم، جمال ابڙي ۽ اياز قادريءَ جا نالا اچي وڃن ٿا. پهريون محرڪ ان جو تاج محمد ابڙو مرحوم هو. ڪامريڊ مير محمد ٽالپر: لاڙڪاڻي، ذوالفقار علي ڀٽو، بئريسٽر جان محمد جوڻيجو، ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ۽ ٻيون بيشمار شخصيتون پيدا ڪيون. تاج محمد ابڙو من کي موهيندڙ شخصيت هو. تاج محمد ابڙو ڪير سڏائي! سندس سونهن، سوڀيا ۽ هر دلعزيزي ڪڏهن ڪانه وسرندي. منهنجي مرحوم سان پراڻي نيازمندي هئي. مرحوم منهنجو هاري ڪميٽيءَ کان وٺي دوست هو. سندس ٽڪر منهنجي پيٽ ۾ آهن. سندس قرب ڪڏهن ڪونه وساربا. لاڙڪاڻي جا اڪابر ’ابڙا‘، جن مان مون کي سرهاڻ آئي، انهن مان موتي داڻو ابڙو تاج محمد. هي صاحب وڪالت ڪندو هو. سندس اوطاق ڪامريڊن جو اجھو هوندي هئي. سڀ ڪم ڪارين وارا وٽس اچي ٿاڪ ڏيندا هئا. بسترو ماني به ملندي هئي، آفيسن جا ڪم، ڪورٽن جا قانوني ڪم به ٿيندا هئا. منهنجو جڏهن به لاڙڪاڻي وڃڻ ٿيندو هو، تڏهن سندس آشياني تي ضرور حاضري ڀربي هئي. ڪچهري ٿيندي هئي ۽ لنگر به گڏ ڪبو هو. مرحوم تاج محمد پوءِ سيشن جج ٿيو. بيحد انصاف پسند ثابت ٿيو. سندس وڇوڙو اسان سڀني ڪامريڊن لاءِ وڏو حادثو آهي. سندس اولاد آهي. مون کي ياد ڪندا آهن. ڊاڪٽر اياز قادري: تاج محمد ابڙو منهنجو هاءِ اسڪول کان وٺي ڪاليج تائين ڪلاس فيلو، هاسٽل ۾ روم ميٽ ۽ زندگيءَ ۾ پيارو دوست هو. اسين هڪٻئي جي ويجهو رهياسين. تاج محمد ابڙي کي ننڍپڻ کان ئي سياست سان دلچسپي هئي. ۱۹۴۲ع وارو زمانو هو، مگر تاج محمد ابڙو ان وقت به هارين ۽ غريبن جي ڳالهه ڪندو هو. سياسي طرح هُو ڪامريڊ قادر بخش نظاماڻيءَ کي ئي پنهنجو استاد سمجهندو هو. تاج محمد کي شاگرديءَ واري زماني ۾ اخبار ڪڍڻ جو ڏاڍو چاهه هو. هن ڪجهه پئسا پاڻ ۽ ڪجهه پئسا ٻين دوستن کان هٿ ڪري ”نوجوان“ نالي سان هفتيوار اخبار شروع ڪئي. ان وقت نه سنڌي مسلمانن ۾ هو مڊل ڪلاس نه تعليم، نه وري اخبار پڙهڻ جو چاهه، تنهنڪري ”نوجوان“ جا فقط ڪجهه پرچا نڪتا، پوءِ اخبار مالي مشڪلاتن سبب بند ٿي وئي. تاج محمد ابڙي شاگرديءَ واري دؤر ۾ مختلف هنڌن تي نوڪري به ڪئي. ڪجهه عرصو ان وقت جي مشهور اخبار ”الوحيد“ ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر ٿي ڪم ڪيائين. پوءِ ريڊيو پاڪستان ۾ سنڌي خبرن جو انائونسر (Announcer) ٿي رهيو. تاج محمد ابڙو ۴۸-۱۹۴۷ع ڌاران وڪالت پاس ڪري لاڙڪاڻي هليو آيو. شيخ اياز سکر مان جڏهن به لاڙڪاڻي ايندو هو، ته وٽس اچي مهمان ٿيندو هو. ڀارت مان اتم ۽ سندري اتمچنداڻي جڏهن لاڙڪاڻي آيا، ته تاج محمد ابڙي انهن جي دعوت ۽ ميزباني ڪئي. سياست تاج محمد ابڙي جي رڳ رڳ ۾ سمايل هئي. هن سنڌ جي وڌ ۾ وڌ ڏتڙيل ۽ پٺتي پيل طبقي هارين لاءِ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. تاج محمد ابڙي جا سنڌ، بلوچستان، پنجاب ۽ سرحد جي ڪيترن ئي سياستدانن سان انتهائي گهرا تعلقات هئا. سنڌ جي سياستدانن ۾ جي ايم سيد، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، محمد امين کوسو، شيخ عبدالمجيد سنڌي، قاضي فيض محمد، غلام محمد لغاري ۽ بي شمار ٻين سان هن جا گهرا تعلقات هئا، پر اهي ٻئي هن جي سياست ۽ ضلعي جي ماڻهن جي نفسيات جي ڄاڻ سبب ضلعي جي ڪيترن مسئلن بابت کانئس هميشه مشورا وٺندا رهندا هئا. مون کي ياد آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو خاص طرح اليڪشن واري زماني ۾ هن وٽ ايندو هو يا هن کي پاڻ وٽ گهرائيندو هو. تاج محمد ابڙي کي سنڌي ادب ۽ زبان سان بيحد گهڻي دلچسپي هئي. هُو چاهيندو هو ته سنڌي ادب کي پراڻي پيچري تان هٽائي نون ترقي پسند راهن ۽ رستن تي هلائجي. هن جي وفات سان لاڙڪاڻي ۾ ڪچهرين جو دؤر ختم ٿي ويو، ڄڻ هي آخري ڏئيو هو، جو گُل ٿي ويو. انيس انصاري: منهنجي واقفيت ساڻس پهريائين ۱۹۳۹ع ۾ ٿي. تاج محمد دل جو درياهه ۽ مُنهن جو ملوڪ هو. شروع کان وٺي تاج محمد غريبن جي پيڙا ۽ ڏک کي پنهنجو ڏک ڪري سمجهندو هو. ان سبب ڪري هن هڙئون ۽ وڙئون غريبن جي پئي مدد ڪئي. سندس همٿائڻ ۽ مالي مدد ڏيڻ تي ڪافي غريب پڙهي وڃي چڱين نوڪرين کي لڳا. تاج محمد ابڙي جي ڪمزوري دوست هئا، جن کان سواءِ پاڻ کي اڌورو سمجهندو هو. ياري باشيءَ ۾ سندس ڪچهري مشهور هوندي هئي، جتي علم ادب کان سواءِ سياست تي به وڏا بحث پيا ٿيندا هئا. وڪالت جي عرصي ۾ ته ٺهيو، خود جج هئڻ دوران به اهي ڪچهريون قائم رهيون. باوجود ايماندار ۽ سچي هئڻ جي، ڪن ماڻهن سندس نالي بد ڪرڻ ۾ به ڪين گهٽايو، پر سندس آئيني جهڙي صاف شخصيت اجري جي اجري رهي. انور پيرزادو: ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي ٻاريل ڏياٽيءَ جي روشني سنڌ جي اونداهي جاگيرداري ثقافتي قدرن واري ڌُنڌ کي چيريندڙ ۽ ڦاڙيندڙ آهي. اسين سڀ سمجهون ٿا ته ”ايجها ڪم ڪريجي، جنهن وچ الله آپ بڻيجي“ ۽ هي سڀ ڪجهه ڪامريڊ تاج محمد ابڙي پنهنجي مختصر عمر ۾ ڪيو. هن تي سڄي سنڌ ۾ مظلوم انسانيت ناز ڪري ٿي. امان شيخ: هڪ بي بها عظيم انسان مون پنهنجين اکين سان ڏٺو، جيڪو انساني گڻن ۽ خوبين جو ته ڳٽڪو هو، پر ان سان گڏوگڏ لاڙڪاڻي ساهه سيباڻي جي ماضيءَ جي شام جي آخري جهلڪ هو. مون حياتيءَ جي ڊوڙ ۾ ڳچيءَ پٽ تائين اختلاف رکندڙ هستين کي يڪجا ٿيندي ڪنهن هنڌ ڏٺو، ته اهو هو لاڙڪاڻي جي شام جو آخري اوتارو يعني سائين تاج محمد ابڙي جي اوطاق. انهيءَ اوتاري تي مون ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ، ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ، مولوي نذير حسين، ڪامريڊ جمال الدين بخاريءَ، حاجي محمد پيرزادي کان وٺي اياز قادري، سيد خادم حسين شاهه، ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌيءَ ۽ کوڙ سارين لائق هستين سان روح رهاڻيون ٿيون. انهيءَ اوتاري تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو به شام جو خنڪي هڻي اچي ويهندو هو، جنهن سان ڊگها ۽ اڻ کٽ بحث ٿيندا هئا. مير علي احمد ٽالپر مرحوم: مون کي پنهنجي انتهائي پياري دوست تاج محمد ابڙي جي موت تي ڏاڍو ڏُک ٿيو آهي. مان ۽ منهنجي فيملي اوهان جي ڏک ۾ شريڪ آهيون. الله مٿس رحم ڪري. ادل سومرو: سنڌي ادبي سنگت جو ٻوٽو، جيڪو هن وقت وڌي وڻ ٿي ويو آهي، ان جي آبياريءَ ۾ جن شخصيتن پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪيو، تن ۾ محترم تاج محمد ابڙي جون خدمتون وسارڻ جهڙيون نه آهن. سنڌي ادبي سنگت جي جڏهن به تاريخ لکي وئي ته تاج محمد ابڙي صاحب جو ذڪر ان ۾ نمايان طور ايندو ۽ ائين سنڌي ٻوليءَ جو هي گمنام ساٿي اسان جي ايندڙ نسل جي دلين ۾ هميشه زنده رهندو. ڪامريڊ برڪت علي آزاد: تاج محمد ابڙو اهڙن ماڻهن منجهان هڪ هو، جنهن کي تاريخ ۾ ڪڏهن به وساريندي به وساري نه سگهبو. جيڪب آباد ضلعي ۾ تاج محمد ابڙي جي مدد سان هاري تحريڪ جو بنياد پيو. درحقيقت اها ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي ٻاريل هڪ شمع هئي. ضلع جيڪب آباد ۾ تاج محمد ابڙي هاري آفيس جو بنياد پاڻ رکرايو. سنڌ جون اهڙيون مها قومي هستيون تاريخ جو عظيم سرمايو آهن ۽ اسان جي ايندڙ نسل لاءِ مشعلِ راهه آهن. چيف جسٽس نعيم الدين: مون کي مشهور ۽ نامور شخصيت تاج محمد ابڙو رٽائرڊ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي غمگين ڪندڙ وفات جو ٻڌي بيحد گهڻو ڏُک ۽ سخت صدمو رسيو آهي. مان پنهنجي ڏک جو اظهار لفظن ۾ نٿو ڪري سگهان. محمد علي پٺاڻ: تاج محمد ابڙو سنڌ جي تاريخ ساز شخصيت هو. سنڌي ادبي سنگت جي پايو وجهندڙن جي سٿ ۾ شامل ٿي، ترقي پسند ادب جي واڌاري لاءِ به هن جي عملي ڪوشش ادبي تاريخ جي ورقن ۾ سونهري اکرن سان سانڍيل آهي. (عبرت، پڪار، آفتاب، بخت ور، جاڳو، هلال پاڪستان، خادم وطن، سنڌ نيوز، برسات ۽ سنڌو ) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو فڪري راھن کي روشن ڪندڙ ڊاڪٽر ادل سومرو زندگيءَ جو سلسلو صدين کان جاري آهي. هتي لکين آيا ۽ هليا ويا، ڄڻ ته هئا ئي ڪين، سگهه سونهن، مايا، سڀئي سايا. دائميت رهي ته فقط پيار ۽ نيڪيءَ کي، پر اها ڳالهه تمام ٿورا ماڻهو سمجهي سگهيا، جن اهو رستو ورتو دنيا انهن کي ديوانو سڏيو، اهڙن عاشقن حياتيءَ جو فلسفو سمجهيو ۽ ايئن گهاريو جيئن گذارڻ گهريو هو. اهو فلسفو آهي: ڪجهه ڏئي وينداسين، ڪجهه نه کڻي وينداسين، ٻورُ آهيون، ڏئي ميوو ۽ ڇڻي وينداسين. (تنوير عباسي) ڪي گيت ڏئي ويا، ڪي فڪر فلسفا، نيتون، واٽون، آدرش ۽ اميدون ڏئي ويا، ڪي پنهنجون حياتيون ئي قرباني ڪري ويا. اهڙا انسان ئي سدائين عزت وارن لفظن سان ساريا ويندا آهن. سنڌ جي ويجهي اتهاس ۾ پنهنجي ٻولي، علم، ادب ۽ فڪري بيداريءَ وارين تحريڪن کي سڌي طرح ترقي وٺرائڻ وارو هڪ عظيم فرد هو تاج محمد ابڙو، جنهن جي زندگيءَ جو جڏهن اڀياس ڪجي ٿو ته سندس ڪردار، هڪ وطن دوست انسان جي روپ ۾ اسان کي بلندين تي نظر اچي ٿو. هن پنهنجي حياتيءَ جو گهڻو وقت هن ڌرتي جي خوشحاليءَ لاءِ ٿيندڙ سرگرمين کي ڏنو. هن طبقاتي نظام خلاف ڪم ڪندڙ ڌرين کي همٿايو. ڪامريڊ برڪت علي وٽ پاڻ لڙي وڃي ٿو. هن اديبن ۽ عالمن جي عزت ۽ همٿ افزائي ڪئي. سنڌي ٻولي تي جڏهن ڏکيا ڏينهن آيا ته هن پنهنجون صلاحيتون ارپيون. هڪ روشن خيال ۽ ترقي پسند انسان جي روپ ۾ هن غلط سماجي رسمن خالف پاڻ پتوڙيو، اديبن جي وڏي جماعت سنڌي ادبي سنگت، لاڙڪاڻي ۾ بنياد رکڻ جو اعزاز به کيس ئي حاصل ٿيو. انهيءَ سلسلي ۾ تنوير عباسي لکي ٿو ته: اهو روشنيءَ جو پهريون ڏيئو جيڪو ون يونٽ جي اونداهي دور ۾ تاج محمد ابڙي جي اوطاق مان ڦٽو ۽ سڄي سنڌ کي جرڪائي ڇڏيائين. جنهن شخص ۾ ايتريون خوبيون هجن، ان جي عزت ۽ اهميت کان ڪير ٿو انڪار ڪري سگهي! هن جو شمار اهڙين شخصيتن ۾ ٿئي ٿو، جن پس منظر ۾ رهي بنا ڪنهن شهرت ۽ نماءَ جون اهڙيون فڪري راهون روشن ڪيون، جن تي نئين نسل جي رهنمائي ٿي ۽ مجموعي طرح سنڌ ۾ روشن خيالي وارين تحريڪن کي فائدو رسيو، علم، ادب ۽ سياست جي ميدان ۾ سهپ ۽ رواداريءَ جا لاڙا متعارف ٿيا، جنهن ڪري سنڌ تيزيءَ سان اڳتي وڌي رهي هئي. سنڌي سماج ۾ انتشار جو هڪ وڏو ڪارڻ فردن ۾ ميل ميلاپ جي کوٽ، هڪ ٻئي سان ڪچهري يا ڳالهه ٻولهه (ڊائيلاگ) نه ڪرڻ آهي. ڳوٺن مان اجتماعي اوطاقون ختم ٿي ويون، جنهن ڪري انائيت ۽ خود پرستيءَ جي مرضن ۾ واڌارو ٿيو. ڏاهن ماڻهن هڪ جاءِ تي ويهڻ ڇڏي ڏنو ته سوچ ويچار ۽ خيالن جي ڏي وٺ جا رستا بند ٿيا، تاج محمد ابڙي جي اوطاق تي ٿيندڙ ڪچهريون جڏهن نه ٿيون ٿين ته ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي ڪنهن وٽ لڙي وڃڻ پسند نه ٿو ڪري، اها ڪهڙي ڳالهه هئي جيڪا عالمن، اديبن، دانشورن ۽ سياستدان کي تاج محمد ابڙي جي اوطاق تي گڏجڻ لاءِ اتساهيندي هئي. اها ئي ابڙي صاحب جي شخصيت جي سحر انگيزي، هن جي محبت ۽ هن جو رويو. اها ڳالهه تڏهن پيدا ٿيندي آهي جڏهن ماڻهو ”پاڻ“ کي پاسيرو ڪري سامهون واري کي اهميت ڏيندو آهي. لاڙڪاڻي ۾ اوطاقن جي کوٽ ناهي، پر اسان جي سڄاڻ دوست امان شيخ ابڙي صاحب جي اوطاق کي لاڙڪاڻي جي شام جو ”آخري“ اوتارو سڏيو آهي. اهو ابڙي صاحب جي شخصيت جو ڪمال جو هڪ ٻئي سان سخت اختلاف رکندڙ فرد به سندس اوطاق تي گڏجي ويهڻ پسند ڪندا هئا. هاڻ لاڙڪاڻي ۾ اهڙي صورتحال نه رهي آهي. جنهن ڪري امان شيخ جي راءِ سان سهمت ٿيڻو پوي ٿو. تاج محمد ابڙي صاحب پنهنجي سڄي حياتي هڪ آدرشي انسان وانگر گذاري ۽ پنهنجن نظرين يا اصولن تي ڪڏهن به سودي بازي نه ڪئي، هو چاهي ها ته عام ڪامورن وانگر پنهنجي اولاد لاءِ مال ملڪيت ڇڏي وڃي ها. پر کيس سڌ هئي ته اهي سڀ عارضي شيون آهن، بنيادي ڳالهه ڪردار جي آهي ۽ ان کي دائميت آهي، باقي مايا اچڻي وڃڻي نچڻي آهي. تاج محمد ابڙي، ساڌو واسواڻيءَ جي چواڻي مطابق هن واقعي پنهنجي حياتي ايئن گذاري جيئن هن چاهيو پئي. هو ذهني طرح هڪ آزاد انسان هو ۽ زماني سازيءَ کان پري هو، جنهن ڪري هو هر قسم جي روحاني بيمارين کان آجو، آزاد، اجرو ۽ مهربان هو. تاج محمد ابڙو سنڌ جي گهڻ رُخي شخصيت ستار ڀٽي تاج محمد ابڙو ولد قادر بخش خان ابڙو لاڙڪاڻي جي اعليٰ شخصيتن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. هيءُ هردلعزيز شخصيت وارو انسان ۸ آگسٽ ۱۹۲۴ع تي شهدادڪوٽ تعلقي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم قمبر علي خان ۾ حاصل ڪيائين. ۱۹۴۳ع ۾ مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو مان پاس ڪرڻ بعد اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ هو ڪراچيءَ ويو. ايس.ايم لا ڪاليج ڪراچيءَ مان ۱۹۴۷ع ۾ قانون جي ڊگري حاصل ڪري ۱۹۴۷ع ۾ وڪالت شروع ڪيائين. ڪراچيءَ ۾ رهڻ واري عرصي ۾ سنڌ جي مشهور اخبار ”الوحيد“ ۾ بحيثيت سب ايڊيٽر، علاوه ان جي انگريزي روزانه ”ڊان“ ۾ سب ايڊيٽر سان گڏ ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ ۾ نيوز ڪاسٽر به رهيو. هن جا ان وقت ڪراچيءَ ۾ ٽريڊ يونين اڳواڻ ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ جمال الدين بخاريءَ سان لاڳاپا ٿيا. پوءِ پاڻ ڪراچي ڪميونسٽ پارٽي ۽ ٽريٽ يونين ورڪرن سان گڏجي، ان وقت هاري مزدور جدوجهد ۾ سوشلسٽ انقلاب لاءِ پاڻ پتوڙيائين. جوانيءَ ۾ ئي هُو روشن خيال، غريبن جو هڏ ڏوکي هو. هر وقت سندس هڏ مسڪينن لاءِ ڪرڪندو هو. هن دنيا جي انقلابن جو گهرائيءَ سان مشاهدو به ڪيو ته سوشلسٽ اڳواڻن سان دوستي به قائم ڪئي. سوشلسٽ تنظيمن ۾ سندس ڀرپور ڪردار رهيو آهي. سال ۱۹۴۷ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ وڪالت جو آغاز ڪيائين. گهڻو عرصو سرڪاري وڪيل به رهيو هو. ڪرمنل Criminal ڪيسن جي حوالي کان گهڻو مشهور ۽ وڏو هوشيار وڪيل تصور ڪيو ويندو هو. لاڙڪاڻي ۾ اچڻ بعد به هاري تحريڪ، پي پي پي، نيشنل عوامي پارٽي ۽ سنڌ عوامي محاذ کان علاوه سنڌ جي پيڙهيل ۽ ڏتڙيل مسڪين عوام لاءِ ڏاڍ، ڏهڪاءَ ۽ ظلم کان آزادي، غلاميءَ کان آجپي يا طبقاتي بنيادن تي ڪابه تحريڪ، تنظيم ۽ جهاد ٿيو ته هن ان ۾ ديني فريضو سمجهي حصو ورتو. حقوق العباد ئي انسان ذات جي ڀلائيءَ جو اهو رستو ٻڌائي ٿو. تاج محمد ابڙو هن راهه ۽ منزل جو اڻ موٽ ساٿاري هو. سندس زندگيءَ جو مقصد ئي ٻين جي ڪم اچڻ هو. مسڪين ۽ بي پهچ ماڻهن جي ڪمن ڪارين ۾ گهڻي دلچسپي وٺندو هو. بنان لالچ جي دوستن، يارن جو ڪم ڪري کيس گهڻي خوشي حاصل ٿيندي هئي. سندس اوطاق گهڻو ڪري غريب طبقي ۽ عام ماڻهن لاءِ هڪ ”سراءِ“ طور استعمال ۾ هئي. هر روز شام جو سندس اوطاق تي چڱي چؤياري لڳندي هئي، جنهن ۾ سياسي، ادبي، سماجي ورڪرن وچ ۾ بحث مباحثا ۽ خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي نظر آئي. اهو ٻڌائڻ به ضروري آهي ته سندن وڏن سياستدانن جهڙوڪ: خان عبدالولي خان، سردار عطاءَالله مينگل وغيره سان ويجها تعلقات هئا، پر ذوالفقار علي ڀٽي سان ذاتي دوستي ۽ ويجهڙائپ هيس. هن جي پرڏيهي وزير جي عهدي تان لهڻ بعد، پيپلز پارٽيءَ جي قيام دوران تاج محمد سنڌ ۾ وڏي ڪوشش وٺي ڪيترن ئي سياستدانن جهڙوڪ: مير رسول بخش ٽالپر ۽ مير علي احمد ٽالپر کان علاوه ڪيترن ئي ڪامريڊ ساٿين کي پارٽيءَ ۾ شامل ڪرايو. سندس سياسي دائرو به وسيع هو. هُو ڪميونسٽ خيالن جو سچو ورڪر هو. قانوندان، سياستدان ۽ سماجي ورڪر کان وڌيڪ دانشور هو. فلسفي، ادب ۽ تاريخ جي وڏي ڄاڻ هيس. لکيائين هڪ لفظ به ڪونه، پر پڙهيو به گهڻو ته ڪڙهيو به گهڻو. سياست ۾ به صرف هڪ دفعو يونين ڪائونسل بقاپور جو سال ۱۹۶۵ع ۾ چيئرمين چونڊيو ۽ خدمت ڪيائين. ادب ۾ سندس ڪردار ٻن ڪنارن کي ملائڻ واري پل وارو هو. ادب سان کيس وڏي چاهت هئي. جڏهن ۱۹۵۴ع ۾ سنڌي ادبي سنگت جو لاڙڪاڻي ۾ بنياد پيو ته هُو ۽ سندس اوطاق ئي سنگت لاءِ پيش پيش هئي. ائين الڳ سنڌ ۾ ادبي سنگت جو قيام ٿيو. جڏهن ۱۹۵۶ع ۾ جمعيت الشعراءَ سنڌ پاران لاڙڪاڻي ۾ آل سنڌ ادبي ڪانفرنس ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي، تاج محمد صحرائي، رشيد ڀٽي، جمال ابڙي، اياز قادريءَ جهڙا ناميارا اديب شريڪ ٿيڻ آيا، ته ان وقت تاج محمد ابڙي پنهنجي گهر ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي صدارت ۾ سڀني اديبن جو اجلاس ڪوٺائي، ميزبانيءَ جا فرض انجام ڏنا. اتي ئي اهو فيصلو ڪيو ويو ته سنڌي ادبي سنگت جي سمورين شاخن جو اجلاس يا ڪنوينشن ڪراچيءَ ۾ منعقد ڪري، مرڪز جي تنظيم ۽ منشور جوڙيو وڃي. اهو ون يونٽ جي اونداهي دؤر ۾ روشنيءَ جو پهريون ڪرڻو هو، جيڪو تاج محمد ابڙي جي گهران ٻَريو ۽ سڄيءَ سنڌ کي جرجر ڪري ڇڏيائين. سڄي سنڌ جي سنگتن کي هڪ لڙيءَ ۾ سموئي، ون يونٽ خلاف ”ادبي جهاد“ جو آغاز ڪيو ويو. پاڻ ڪيترن ئي غريب شاگردن کي مالي مدد ڪرڻ ۽ لاڙڪاڻي ۾ سر شاهنواز ڀٽو ميموريل لائبريريءَ جهڙي سنڌ جي عظيم ادبي تحقيقي اداري جي بانيڪارن مان هو. سندس صلاحيتن ۽ تجربي کي ڏسندي ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت ۾ کيس ايڊيشنل سيشن جج مقرر ڪيو ويو، جنهن عهدي تي ۱۹۷۲ع کان ۱۹۸۵ع تائين ڪم نهايت ايمانداريءَ ۽ سچائيءَ سان ڪرڻ کان پوءِ ڊسٽرڪٽ سيشن جج جي عهدي تي پهچڻ کان پوءِ رٽائرمينٽ حاصل ڪري، وري واپس پنهنجي لاڙڪاڻي واري عوامي ادبي اوطاق آباد ڪيائين ۽ وڪالت جي پيشي سان منسلڪ ٿي ويو. پاڻ طبيعت جو سادو، سٻاجهڙو، محبتي ماڻهو هو. جڏهن به ملندو ته وڏا ٽهڪ ڏئي، پر دوستن سان ملي ڏاڍو خوش ٿيندو هو. آخرڪار هي موتين جهڙو ماڻهو، پورهيت دوست، دانشور، قانوندان، سياسي ورڪر ۽ علم ادب پرور شخصيت ۶۲ سالن جي ڄمار ۾ تاريخ ۱۰ مارچ ۱۹۸۶ع تي هن دنيا ۾ يارن دوستن جي لڏي کي ڇڏي ٻيءَ دنيا ڏانهن راهي ٿيو. اولاد ۾ کيس مير نادر علي، انجنيئر حيدر علي، گوهر علي، انجنيئر مظهر علي، ذوالفقار علي، جيڪي تعليم، انجنيئرنگ، پوليس ۽ وڪالت جي شعبي سان لاڳاپيل آهن ۽ نياڻين ۾ خالده، ڊاڪٽر عابده، پروفيسر شاهده ۽ پروفيسر زاهده، جيڪي پڻ تعليم، صحت، علم ۽ ادبي شعبي سان لاڳاپيل آهن. مددي مضمون: ڊاڪٽر تنوير عباسي، ڪامريڊ سوڀو، علي احمد بروهي ڪتاب: لاڙڪاڻو امر شخصيتون (اخبار: روزانه عوامي آواز، جاڳو، سَچ، تعمير سنڌ، هلچل، سنڌ، مهراڻ، عبرت) تاج محمد ابڙو تاريخ جي روشن راهه عبدالقادر جوڻيجو هونئن ته عام طور چڱن ماڻهن جي چڱائي جي وصف بيان ڪرڻ ڏاڍي ڏکي آهي، ڇاڪاڻ ته انساني تاريخ ۾ ڪيئي ٺڳيءَ جا ٺاهه پاتا وڃن ٿا. ڪلهه به ائين هو ته اڄ به ائين آهي. زماني تي ميارون اجايون آهن. پر هڪڙي ڳالهه هٿَ جي تريءَ وانگيان صاف بيٺي آهي ته سنڌ جي اصلي ۽ املهه هيرو، تاج محمد ابڙو پنهنجيون، پنهنجي گھر ٻار جون ۽ پنهنجن يارن پيارن جون تڪليفون وساري، پنهنجي ملڪ جي بکئي ڏکئي، ڏتڙيل ۽ بي وس عوام جي ڏکن ۽ تڪليفن ۾ جئين جو تئين شرڪت ڪئي. هو پنهنجي زندگي داءَ تي هڻي، ٻين جي غمن ۽ ڏکن جو ساٿاري رهيو. خودغرضين جي گھاٽن ڪڪرن ۾ بي غرضيءَ جي کنوڻ بڻجي، روشنين جا لامارا ڏيڻ، جيڪڏهن ڪنهن ڄاتو ته اهو تاج محمد ابڙي ڄاتو. اها صورتحال ٻڌائي ٿي ته تاج محمد ابڙو چڱائيءَ جي عمل ۾ نه رڳو نشاني هو، پر خود چڱائيءَ جي عمل کي چوٽ تي چاڙهي ڇڏيائين. چڱائيءَ جي وڏي اها ئي وصف هئي، جيڪا تاج محمد ابڙي جي شخصيت جي روپ ۾ اسان جي سامهون اچي ٿي. ايڏو خلوص، ايڏي عواميت، ايڏي جدوجھد، خلقِ خدا جي چڱائيءَ لاءِ ايڏي محبت تمام گھٽ ماڻهن ۾ پاتي وڃي ٿي، جن ۾ تاج محمد ابڙو سر فهرست رهيو. هن ليڊر بڻجي، ٻين کي قربانين جو سبق ڏيڻ جي بدران، قربانين جو اهو بار پاڻ ئي پنهنجي مٿي تي کنيو. هو هڪ عام ورڪر وانگيان ڪم ڪندو رهيو ۽ پنهنجن خوابن جي تعميل لاءِ سڄيءَ سنڌ ۾ ڀٽڪندو رهيو. جيڪو ماڻهو پاڻ کي وساري، پنهنجي ملڪ جي ماڻهن جو ٿي وڃي، انهيءَ کان وڌيڪ ڀلا ٻيو ڇا ٿي سگھي ٿو. مون کي اها به خوشي آهي ته سندس صالح اولاد سندس ڇڏيل ورثي جي ايڏي سار سنڀال لڌي آهي، جنهن جو نتيجو هيءُ ڪتاب آهي. نه ته هونءَ ته حقيقت اها آهي ته چڱا چڱا ماڻهو تاريخ جي دز ۾ لٽجي ويندا آهن. پر شابس آهي تاج محمد ابڙي جي اولاد کي، جن کيس تاريخ جي دز کان بچائي ورتو آهي ۽ سندس شخصيت هڪ روشن تاريخ وانگيان نه رڳو اسان جي اڳيان آهي پر ايندڙ نسل لاءِ به هڪ روشن راهه بڻيل رهندي. (روزانه سوڀ، ڪاوش، هلال پاڪستان، تعمير سنڌ، عبرت، سچ، عوامي آواز، سنڌ، هلچل، سنڌو، پڪار) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سنڌ جي تاريخ ساز شخصيت محمد علي پٺاڻ اي سنڌو! تو کي ڀـيٽ ڏنا، ڪنهن لـڙڪ-ڦـڙا، ڪنهن ماڪ-ڦــڙا جن تو کي پنهنجو خون ڏنو، سي سڀ کان پاڻ ملهائي ويا. شيخ اياز جي هن شعر جي روشنيءَ ۾ اسين جڏهن سنڌ جي آجپي لاءِ بيشمار تاريخ ساز شخصيتن کي پنهنجي مطالعي ۽ مشاهدي جي آڌار تي، سندن ڪيل جدوجهدن جي حوالي سان ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون، تڏهن مايوسيءَ ۽ نااميديءَ بدران همٿ ۽ حوصلي جا سُتل جذبا ڄڻ ته نئين سر جاڳي پوندا آهن ۽ نئين سر پنهنجي وڃايل منزل جي پيچرن تي سفر جي سانباهي جو اتساهه ڪر موڙي اٿي پوندو آهي ۽ ماڻهو پنهنجي سوچ جون سڀئي واڳون ان جي حوالي ڪري ڇڏيندو آهي. مرحوم تاج محمد ابڙي جي شخصيت به اهڙن ئي املهه ماڻڪ شخصيتن مان هڪ هئي، جنهن پنهنجي سموري عمر ڏکويل ماڻهن جي اهنج گهٽائڻ لاءِ ادبي، سياسي، صحافتي ۽ قانوني مورچن تي ثابت قدميءَ سان ويڙهه ڪندي گذاري ۽ ان ڊگهي ويڙهه ۾ سرت ۽ سجاڳيءَ جي لاٽ جيڪا هو پنهنجي وک وک تي ٻاريندو آيو، تنهن سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ چانڊاڻ پکيڙڻ ۾ خوب پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪيو. اڄ ان چانڊاڻ ۾ نه رڳو ڏاڍايون ڪندڙ قوتن جا ڪوڙهيل چهرا ڏينهون ڏينهن پوءِ وڌيڪ چٽا پسجي رهيا آهن، پر مظلومن کي به پنهنجي مظلوميت جا ڳجها اسرار آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچي رهيا آهن ۽ هو انفرادي توڙي قومي طور ”پاڻ سڃاڻڻ“ واري عمل جي پيشقدميءَ ۾ اڳرا نظر اچي رهيا آهن. سنڌ جي هن باڪمال هستيءَ جو جنم ۸ آگسٽ ۱۹۲۴ع ۾ شهدادڪوٽ، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. پرائمري تعليم قمبر ۾ حاصل ڪيائين ۽ سيڪنڊري لاڙڪاڻي ۾. ان کان پوءِ وڪالت جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ کيس ڪراچيءَ جي ياترا ڪرڻي پئي. ۱۹۴۷ع ۾ هن قانوندان جي حيثيت سان بي پهچ ۽ بي وس ماڻهن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ ڪورٽ جي ڪٽهڙي ۾ پير ڌريو ۽ عوام دوست سياست کي فروغ ڏيڻ لاءِ سوچي سمجهي اهڙي ڪنڊائين راهه تي هلڻ شروع ڪيو، جنهن جي آخري موڙ تائين هن کي ڪو سک ۽ شانتي ته پلئه ڪانه پئي، پر ٻين هزارين ۽ لکين ماڻهن جي سک ۽ شانتيءَ جون راهون ضرور ظاهر ٿيون. وڪالت کان اڳ تاج محمد ابڙي ڪيتريون ئي نوڪريون ڪيون، جن ۾ ”الوحيد“ اخبار ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر جي حيثيت سان سندس ڪيل خدمتون وسارڻ جهڙيون نه آهن. ريڊيو پاڪستان تي به نيوز ڪاسٽر جي حوالي سان هن چڱو نالو ڪمايو هو. ان باري ۾ هن جو هڪ ويجهو دوست ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو ڪهاڻيڪار محترم انيس انصاري لکي ٿو ته: ”سندس خبرون پڙهڻ جو انداز وڻندڙ ۽ اثر انگيز هوندو هو. خبرن جي مناسبت ۾ لچڪ پيدا ڪري، هو ٻڌندڙ جي دل تي خبر جي ڇاپ ڇاپي ڇڏيندو هو.“ پاڻ جڏهن ۱۹۷۲ع ۾ سيشن جج مقرر ٿيا ته عدليه ۾ به پنهنجي مخصوص مزاج ۽ انداز جي گهري ڇاپ ڇڏيائون. اها سندن وڏي جرئت ۽ بيباڪي هئي، جو عدليه سان لاڳاپيل هجڻ جي باوجود هو پنهنجي سياسي ۽ ادبي دوستن جي حلقي ۾ سدائين موجود رهندا هئا ۽ انهن سان وابستگيون به ساڳئي نموني سان ئي روا رکيون ايندا هئا. وڏيرڪي سرشتي هيٺ پيڙجندڙ هارين جي نجات لاءِ سنڌ جي دلير ۽ جرئتمند هاري اڳواڻ حيدر بخش جتوئيءَ سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو موقعو پڻ ملين ۽ پاڻ ان ذميواريءَ کي نڀائڻ لاءِ عوامي هلچل ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيائون. سرڪاري نوڪري سندن سوچ آڏو ڪڏهن به رڪاوٽ نه بڻي. تاج محمد ابڙو گوناگون شخصيت جو مالڪ هو. نه صرف پڙهڻ ۽ پڙهائڻ ۾ ۽ علم دوستيءَ جي شعور جي ورڇ ڪرڻ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو، پر سنڌي ادبي سنگت جو پايو وجهندڙن واري سٿ ۾ شامل ٿي، ترقي پسند ادب جي واڌاري لاءِ به سندن عملي ڪوشش ادبي تاريخ جي ورقن ۾ سونهري اکرن سان سانڍيل آهي. لاڙڪاڻي ۾ سندن اوطاق تي هر هفتي سنڌي ادبي سنگت جا ميڙ ٿيندا هئا. سندس دسترخوان سدائين دوستن يارن لاءِ کليل رهندو هو، جتي پاڪستان جون سياسي، سماجي ۽ ادبي شخصيتون اچي قيام پذير ٿينديون هيون، ائين جيئن اڄڪلهه ننڍي کنڊ جي وڏي دانشور ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جي اوطاق تي آهي. تاج محمد ابڙي وٽ ماڻهو الائي ڪٿان ڪٿان ڪهي ايندا هئا. هو عزت ڏئي ۽ وٺي ڄاڻندو هو. قربائتو اهڙو هوندو هو، جو هڪڙو ڀيرو ڪو ساڻن ملندو هو ته هميشه لاءِ سندن قرب جي ڪڙي ۾ قابو ٿي ويندو هو. ابڙي مرحوم جي ويجهن دوستن کان معلوم ٿيو آهي ته سهپ، رواداري ۽ بُردباريءَ جو هو زنده مثال هوندو هو. وڏي کان وڏيءَ ڳالهه کي به پنهنجي بُردباريءَ سان حل ڪري ويندو هو. ڪاوڙ ۽ ڪروڌ ڪڏهن به سندن ويجهو نه آيا. سندن ملڻ جي اهڙي قربائتي انداز بابت محترم تنوير عباسي لکي ٿو ته: ”تاج محمد ابڙو کلڻو ملڻو، جڏهن ملوس ته ٽهڪ ڏيندو، دوست کي ڏسي خوش ٿيندو.“ تاج محمد ابڙي جي شخصيت جو اهو جادوئي اثر هو، جنهن جي ڪري سدائين هن وٽ ميڙو متل هوندو هو. سندس دوستن جي تمام ڊگهي فهرست آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کان وٺي سوڀي گيانچنداڻي، اياز قادري، جمال ابڙو، انيس انصاري، ڪامريڊ جمال الدين بخاري، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، قاضي فضل الله، تنوير عباسي، عبدالحميد ابڙو، ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو ۽ ٻيا ڪيترا ئي سياسي اڳواڻ، شاعر، اديب ۽ فيلسوف هن جي صحبت مان ذهني آسودگي ماڻيندا هئا. تاج محمد ابڙو اڄ اسان وٽ نه آهي، پر هُو پنهنجي انسان دوست روين جي ڪري اسان لاءِ هميشه زنده رهندو ۽ سندس ٻاريل سرت ۽ سجاڳيءَ واري لاٽ ڪڏهن به نه اُجهامندي. (روزانه عبرت، پڪار، آفتاب، بخت ور، جاڳو، هلال پاڪستان، خادم وطن، سنڌ نيوز، برسات ۽ سنڌو) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو (۸۶-۱۹۲۴ع) آئيڊيل شخص تاج بلوچ سنڌ اهو عظيم خطو آهي، جيڪا وڏن وڏن ماڻهن کي جنم ڏيندي رهي آهي. اهڙن ماڻهن، سنڌ جي هر طرح سان آبياري ڪري، ان تان جند گهوري ۽ سنڌين جي سماجي، اقتصادي ۽ فڪري مٿڀرائي لاءِ گهر ٻاري ڏياري ڪئي. ڪامريڊ تاج ابڙي جو نالو به انهن عظيم اڳواڻن ۾ شامل آهي، جن هڙان وڙان پنهنجي قوم ۽ خطي جي بي پهچ ۽ مسڪين ماڻهن لاءِ پاڻ پتوڙيو. منهنجي ئي تر جو (چيچڙو پنو عاقل) عظيم انسان ۽ بي مثال راڳي فقير ڀڳت ڪنور رام، سکر ضلعي جو هيمون ڪالاڻي، پني عاقل جي مائي پار پتي، مهراج سيتل داس ۽ ٻيا اهڙا ڪيئي ڪردار آهن، جن پٺتي پيل علائقي جي بي خبر ماڻهن جي موڳي جيون لاءِ پنهنجو رت ست ڏئي ڪنهن متڀيد کان سواءِ ماڻهپي جو مانُ مٿانهون ڪيو. پنهنجي ئي گهر جي وڏڙن مان بابا سائين مرحوم عبدالقادر خان بُلو، جنهن سِر تري تي رکي مولانا عبيدالله سنڌي کي ظالم سامراج جي جبر کان آزاد ڪرائڻ لاءِ گڏيل هندوستان جي بارڊر تان افغانستان منتقل ڪيو، بابا سائين وڏو سردار محمد مراد خان بُلو (اول)، ادو مرحوم سردار محمد حسن خان بُلو، جنهن جا راڄوڻي فيصلا سڄي اتر سنڌ ۾ مشهور ۽ مثال طور پيش ڪيا وڃن ٿا. مرحوم سؤٽ خاوند بخش خان بُلو، جنهن جي سماجي خدمتن جو پڙاڏو مون سنڌي اديبن جي وفد سان لکنؤ ۾ اتان جي گرو چانڊو رام جي واتان ٻُڌو. انهن ماڻهن جهالت جي ڌٻڻ ۾ غرق ٿيل ماڻهن ۾ سياسي شعور پيدا ڪيو ۽ سماجي خدمتن لاءِ هڪٻئي جا واهرو بڻجي بيٺا. اسان جي رهبرن مان شهيد الله بخش سومرو، قاضي فيض محمد، رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، عبدالقادر کوکر، سائين جي ايم سيد، مرحوم مولوي نذير حسين جتوئي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، مرحوم غلام محمد لغاري، غلام حيدر لغاري، قادر بخش نظاماڻي، جهان خان کوسو، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، مرحوم قادر بخش بڪڪ، مرحوم نبي بخش کوسو ۽ مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ۽ ٻيا ڪيترا ئي نامور ۽ گمنام شخص آهن، جن اونداهين جو سينو چير ڪري معاشري کي هڪ نئون موڙ ڏنو. ڏُک اٿم ته مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو صاحب سان روبرو ملاقات نه ٿي سگهي، پر هاري حقدار پارٽي ۽ ڪميونسٽ پارٽي ۾ هڪ معمولي ڪارڪن جي حيثيت ۾ ڪم ڪندي، ڪامريڊ جي فڪري ۽ عملي خدمتن ۽ سندس ذات جي رهنمائي کان مون وڏي رهنمائي حاصل ڪئي. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جيل ياترا کان پوءِ سنڌ ۾ هاري پارٽي ۾ ڏار پئجي ويا ۽ ڪميونسٽ پارٽي کي ٽڪرن ۾ ورهائڻ لاءِ سانباها ٿيڻ لڳا. تڏهن ڪامريڊ تاج محمد ابڙي پنهنجي حڪمت عملي، سياسي بصيرت ۽ نفسياتي ڪيفيتن جو ادراڪ رکندي اختلافن کي جَهڪو ڪيو ۽ گهڻو گهڻو اڳ کان سٽيل سامراجي سازشن موجب، سوويت يونين کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ کان گهڻو اڳ ملڪ ۾ پارٽي کي ٽڪرن ٿيڻ کان بچائي ورتو. مرحوم تاج صاحب هڪ برجستو، ڏاهو ۽ زيرڪ سياسي ڪارڪن هو. مارڪسزم جي مطالعي ۽ لينن ازم جي تشريحن هن جي ذات کي هڪ مارڪسوادي طور انجمن جو روپ ڏنو ۽ هن پنهنجي فڪري طاقت سان سنڌ ۾ قوم پرست ترقي پسندي کي وڏو زور وٺرايو ۽ رجعت پسنديءَ کي ڌڪي ڌوڙ داخل ڪيو، جنهن جا نتيجا پاڪستان پيپلز پارٽي جي صورت ۾ ظاهر ٿيا. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ۽ ٻين بزرگن جي اسٽيبلشمينٽ جي خلاف زبردست سياسي مزاحمت نه هجي ها ته هوند شهيد ذوالفقار علي ڀٽو صاحب پيپلز پارٽي وجود ۾ نه آڻي ها، ڇاڪاڻ ته گرائونڊ ورڪ سنڌ ۽ ٻين ننڍن صوبن جي قوم پرست اڳواڻن اڳواٽ ئي ڪري ڇڏيو هو، جنهن جو کٽيو ڀُٽي صاحب کاڌو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو اجتماعي شعور جو هڪ ٻرندڙ شعلو هو، جنهن جي روشني پارٽي ڪارڪنن سميت عام ماڻهن جي شخصي ڀلائي لاءِ به ڪارآمد ثابت ٿي. ان ڏس ۾ اسان جي هڪ دوست بدر ابڙي جي بس وارو واقعو آهي، جيڪا هن هڪ ’ڊان‘ ٽائيپ دائود پٺاڻ کان قسطن تي حاصل ڪئي هئي. قسطون پوريون نه ٿيڻ جي صورت ۾ دائود پٺاڻ اها بس زوري ڪاهي هليو ويو هو. مرحوم تاج ابڙي اها بس جهڙي ريت موٽرائي، اهو هن دﺂر ۾ کڻي معمولي واقعو چئجي، پر اڄ کان ۴۰ سال اڳ اهو هڪ ڪارنامو هو، سماجي خدمت ۾ وڏو ڪارنامو! تاج صاحب جي زندگي بهادري ۽ ڏاهپ جو خوبصورت سنگم هئي. سڄي سنڌ ۾ سياسي ۽ دانشور حلقن ۾ بي انتها مقبوليت ۽ شهرت باوجود هن ڪڏهن به ليڊر ٿيڻ جو تصور نه ڪيو، پر هڪ عام سياسي دانشور ۽ ڪارڪن جيان خدمت ڪندو رهيو. نه رڳو انگ اگهاڙن ۽ پيٽ بکين جو واهرو ۽ ڀرجهلو ٿي رهيو، پر هن ذهني طور اپاهج ماڻهن جي به تربيت ڪئي ۽ هڪ شعوري هلچل جو بنياد وڌو. پروفيشنلي وڏو وڪيل هوندي به هن غريب عوام جي سپنن جي ساڀيان لاءِ گهڻو پتوڙيو. اسان جي بزرگ دوستن مان مرحوم شيخ اياز جي شخصي ڪردار بابت ڪڏهن به سٺي راءِ آڏو نه آئي آهي. بزرگ ته ڇڏيو، هلندڙ دﺂر ۾ نوجوان ساٿين کي به شيخ صاحب مرحوم لاءِ نرم گوشو پيدا ٿي نه سگهيو آهي. شيخ اياز پنهنجي آتم ڪٿا ’ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر‘ ۾ مرحوم تاج ابڙو ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج سکر جي حيثيت ۾ کانئس سکر کان لاڙڪاڻي وڃڻ لاءِ موٽر ڪار گهرڻ بابت جيڪو قصو منسوب ڪيو آهي، ان ۾ ڪابه صداقت نه آهي، ڇاڪاڻ ته ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج ان دﺂر ۾ يا اڄوڪي دﺂر ۾ هڪ بلند مرتبت ادارو آهي، جنهن کي اڄ جيان ڪالهه به وڏيون سهولتون ۽ مراعات حاصل هيون. تاج صاحب مرحوم پاران شيخ اياز کان گاڏي گهرڻ هڪ مفروضو آهي. بعد ۾ شيخ اياز کي ڊينٽ پيل ڪار جي واپسي وارو مسئلو به اعتبار جوڳو نه آهي، ڇاڪاڻ ته ڪامريڊ ابڙي جهڙو حساس، ايماندار ۽ ٻئي جو خيال رکندڙ ماڻهو ائين ڪيئن به ڪري سگهيو. سمورو قصو غير منطقي ۽ پاڻ کي پڏائڻ واري ڳالهه آهي. اسين يا اسان کان اڳ واري ادبي ۽ سياسي لڏي هميشه تاج صاحب کي سچائي، ايمانداري ۽ شعوري هلچل جو علمبردار ڏٺو ۽ محسوس ڪيو. تضادن کان آجو، همدرد ۽ هرهڪ جو اونو رکندڙ، سنڌ جي ايندڙ پيڙهين لاءِ مشعلِ راهه بڻيو. باوقار، بُردبار ۽ سهپ وارو انسان، ڏاڍو سچار. ڪوڙي سماج جي ڪوڙن ڪردارن تي ڪاوڙ ته ممڪن ٿي سگهي ٿي، پر ڪنهن نامعقول ڳالهه تي رنجش ڪامريڊ ابڙي جو وڙ ئي نه هو. مرحوم شيخ اياز هڪ وڪيل هو. اسين ۽ اسان جا مٽ مائٽ مختلف راڄوڻن معاملن ۾ سندس اصيل رهي چڪا آهيون ۽ آءٌ ذاتي طور ڄاڻان ٿو ته هن جو پروفيشنلي سول ججن سان به هيٺانهين (خوشامد) وارو رويو هوندو هو. اهو ڪٿي ممڪن آهي ته هُو سيشن جج، سو به تاج ابڙي جهڙي مهربان ۽ شفيق سان کهرو ٿي ڳالهائڻ جي همٿ رکندو هجي!! شيخ اياز بابت سنڌ ۽ هند کي خبر آهي ته هو ڪنهن کي سکڻي چانهه جي به صلاح نه هڻندو هو. ڪمال آهي جو هن پنهنجي ڪٿا ۾ جمال ابڙي ۽ تاج ابڙي جي مانَ ۾ رات جي ماني جهلي. آءٌ انهيءَ ڳالهه تي موران وسهڻ لاءِ تيار ناهيان ۽ دعوت کان پوءِ ڪامريڊ تاج صاحب جي موڪلائڻ وقت وارا جملا غير معقول، غير منطقي ۽ شيخ اياز جي خواهش ته ٿي سگهن ٿا، پر ان ۾ تِر جيتري به حقيقت ناهي. لفظ ’ٽرڙائپ‘ ڏاڍو ڏکوئيندڙ لفظ آهي، سو به ڪامريڊ تاج جهڙي فرد لاءِ، جيڪو خلوص، وفا ۽ محبتن جو سرچشمو هو. پرائي درد تي ڦٿڪي پوڻ وارو شخص ڪامريڊ تاج اهڙين ياوا گوين کان ڏاڍو مٿانهون هو. سنڌ ۾ مئل ماڻهن تي ڪوڙ هڻڻ تي مرحوم پير علي محمد شاهه راشدي جو ڪو ثاني ئي نه هو. پر ان جي وفات کان پوءِ مرحوم غلام رباني آگري ۽ مرحوم شيخ اياز سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا. مرحوم تاج محمد ابڙي صاحب لاءِ اسان جو محترم استاد، شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ تعليمي ماهر (تاج ابڙي جو ويجهو دوست) مرحوم پروفيسر ڊاڪٽر اياز قادري صاحب چوندو هو: ”تاج محمد ابڙو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي پُر زور اسرار تي ڊائريڪٽ ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج مقرر ٿيو ۽ نوڪري واري دﺂر ۾ هن جي وضع قطع، مزاج ۽ طبيعت ۾ نوڪري کان اڳ واري مريادا موجود هئي. خلق جي خدمت جو جذبو اڳ کان به اڳرو هو. هن جي ذات ۾ نرمي ۽ گدازيت سيشن ججيءَ جي عهدي کان به وڌيڪ هئي.“ هن سنڌ جي نوجوانن ۾ پنهنجي پُر عزم ارادن، جذبي، مطالعي ۽ بي باڪ طبيعت سان ترقي پسند ادب ۽ عوامي سياست لاءِ ڪيئي دلچسپيون پيدا ڪيون ۽ سنڌ جي بي پناهه خدمت ڪئي. لاهيان جي نه چِتان، الا اُن مَ وِسران مڙهيو منجهاران، جيءُ منهنجو جِن سين (شاهه) ڏهين مارچ ڪامريڊ جي وفات جو ڏينهن آهي ۽ هي ٻه چار سٽون کيس ڀيٽا طور پيش ڪري رهيو آهيان. سرها ڏٺم سي، جن ساڃاهه سراڻ سين تيغ تنين جي کي، ڪٽ نه لڳي ڪڏهين. (شاهه) (ماهوار سوجھرو مارچ ۲۰۱۰ع تان ورتل) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سنڌ جو سچو خدمتگار پروفيسر مهرالنساءِ لاڙڪ /حيدرآباد سنڌ ڌرتيءَ جي ڪک مان سوين اهڙن هيرن جنم ورتو آهي، جن چؤطرف شعور جي روشني پکيڙي، سماج ۾ مثبت تبديليون آنديون، سماج کي سڌارڻ لاءِ بي بها خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ تاريخ جي ورقن ۾ پنهنجو نالو، سونهري اکرن ۾ لکائي ڇڏيو. اهڙن املهه ماڻهن ۾ هڪ نالو ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جو به آهي. لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو، سنڌ جو تاريخي شهر آهي، جنهن هر دور ۾ اسان کي اهڙا ته ليڊر، عالم، اديب ۽ شاعر ڏنا، جن پنهنجي ڏاهپ سان سنڌ کي واسي ڇڏيو. ڪشنچند بيوس، هري دلگير، جمال ابڙو، ذوالفقار علي ڀٽو، محترمه بينظير ڀٽو، سوڀو گيانچنداڻي ۽ تاج محمد ابڙو وغيره. سڀني سياڻن سنڌ سان، ائين ناتو نڀايو، جيئن ڪو ڪم فرض سمجهي ڪيو ويندو آهي. تاج محمد ابڙي ۸ آگسٽ ۱۹۲۴ع تي، شهدادڪوٽ ۾ جنم ورتو. لاڙڪاڻي، ڪراچي، سکر ۽ ٺٽي جي هوائن ۾ شعور جون منزلون طئي ڪندي، ڏاهپ جا ڏاڪا چڙهندو اڳتي وڌندو هليو. پاڻ ۱۹۴۳ع ۾ مئٽرڪ گورنمنٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان پاس ڪرڻ بعد، اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪراچيءَ ويو. ۱۹۴۷ع ۾ ايس ايم لا ڪاليج مان قانون جي ڊگري حاصل ڪري، ۱۹۴۷ع ۾ وڪالت شروع ڪيائين. ڪراچيءَ ۾ رهڻ دوران، سنڌ جي مشهور اخبار ’الوحيد‘ ۾ بحيثيت سب ايڊيٽر، ان کان سواءِ انگريزي روزانه ’ڊان‘ ۾ سب ايڊيٽر سان گڏ، ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ ۾ نيوز ڪاسٽر به رهيو. هن جا ان وقت ڪراچيءَ ۾ ٽريڊ يونين اڳواڻ ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي مرڪزي اڳواڻن سان لاڳاپا ٿيا. پوءِ پاڻ ڪميونسٽ پارٽي ۽ ٽريڊ يونين ورڪرن سان گڏجي، ان وقت هاري مزدور جدوجهد ۽ سوشلسٽ انقلاب لاءِ پاڻ پتوڙيائين. کيس زماني جو ڳوڙهو تجربو هو. سندس سوشلسٽ تنظيمن ۾ ڀرپور ڪردار رهيو آهي. سندس دوستيءَ جو دائرو تمام وسيع هو. لاڙڪاڻي ۾ سندس اوطاق، غريب توڙي امير مطلب ته عام ماڻهن لاءِ سراءِ طور استعمال ٿيندي هئي. هر روز شام جو سندس اوطاق تي ڪچهري لڳندي هئي، جنهن ۾ سياسي، ادبي، سماجي ورڪرن وچ ۾ بحث مباحثا ۽ خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي هئي. سندس ويجهڙائپ وڏن سياستدانن سان رهي آهي، خان عبدالولي خان، سردار عطاءُ الله مينگل وغيره سان گهڻو ويجها هئا، پر ذوالفقار علي ڀٽي سان ذاتي دوستي ۽ ويجهڙائپ هُئس. هو قانوندان، سياستدان ۽ سماجي ورڪر کان وڌيڪ دانشور پڻ هو، کيس ادب ۽ تاريخ تي وڏي دسترس حاصل هئي. سياست ۾ به صرف هڪ ڀيرو يونين ڪائونسل بقا پور جو سال ۱۹۶۵ع ۾ چيئرمين چونڊيو ۽ خوب خدمت ڪيائين. سنڌي ادبي سنگت جو ٻوٽو، جيڪو هن وقت وڌي وڻ ٿيو آهي، اُن جي آبياريءَ ۾، مرحوم تاج محمد ابڙي جو ڀرپور ڪردار آهي. جڏهن ۱۹۵۶ع ۾ جميعت الشعراء سنڌ پاران لاڙڪاڻي ۾ آل سنڌ ادبي ڪانفرنس ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي، تاج محمد صحرائي، رشيد ڀٽي، جمال ابڙي ۽ اياز قادريءَ جهڙا ناميارا اديب شريڪ ٿيڻ آيا ته ان وقت تاج محمد ابڙي، پنهنجي گهر ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي صدارت ۾ سڀني اديبن جو اجلاس ڪوٺائي ميزبانيءَ جا فرائض سرانجام ڏنا. اتي ئي اهو فيصلو ڪيو ويو ته سنڌي ادبي سنگت جي سمورين شاخن جو اجلاس، ڪراچيءَ ۾ گهرائي، مرڪز جي تنظيم ۽ منشور جوڙيو وڃي. اهو ون يونٽ جو اونداهو دور هو ۽ هي فيصلو اُن اونداهي دور ۾ اميد ۽ روشنيءَ جو پهريون ڪرڻو هو. سڄيءَ سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن کي هڪ مالها ۾ پوئي، ون يونٽ خلاف، ادبي جهاد جو آغاز ڪيو ويو ۽ انهيءَ جهاد آخرڪار پنهنجو رنگ ڏيکاريو ۽ وَن يونٽ ٽٽي ويو. ٻڌيءَ جي طاقت اڳيان حڪومت کي گوڏا ٽيڪڻا پيا. اياز قادري لکيو آهي ته، تاج محمد ابڙي، جڏهن لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ قائم ڪئي، ته پاڻ اُن جو سيڪريٽري ٿيو، اُن حيثيت سان پاڻ ”تجر باغ“ لاڙڪاڻي ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ڏهاڙو اهڙي ته شاندار انداز سان ترتيب ڏنائين، جو ڏسڻ وارا واهه واهه ڪرڻ کانسواءِ رهي نه سگهيا، ڇاڪاڻ جو هِن کان اڳ لاڙڪاڻي ۾ شاهه سائينءَ بابت ايڏو وڏو ميڙاڪو ڪو نه ٿيو هو. اهو سندس لطيف سرڪار سان محبت جو ثبوت آهي. تاج محمد ابڙو ڪجهه وقت استاد پڻ ٿي رهيو، سائين محمد ابراهيم جويي پنهنجي هڪ مضمون ’تاج محمد مرحوم، منهنجو هم پيشه، هم مشرب ۽ همراز‘ ۾ لکي ٿو ته، ”مون شروع ۽ آخر تائين ماستري ڪئي ته تاج محمد ابڙي به شروع ۾ سهي، پر ماستري ضرور ڪئي. هي ماستريءَ جو منصب به تجربي ۽ مشاهدي ۾ گهڻي اضافي جو سبب بڻجي ٿو ۽ هن جو رنگ تمام پڪو ۽ پختو ٿئي ٿو ۽ ماڻهوءَ کي سڄيءَ عمر جي سڃاڻپ ڏئي ٿو. ماستري، استادي، يعني سِکڻ ۽ سيکارڻ، پڙهڻ ۽ پڙهائڻ، پنهنجي پورهئي مان پرائڻ ۽ اُپت (لاڀ) حاصل ڪرڻ آهي ۽ پوءِ سڀ ڪجهه ڏيئي ڇڏڻ جو اتساهه مون تاج محمد ابڙي ۾ ڏٺو ۽ منهنجي اهڙي طبيعت رکندڙ سڀني ساٿين ۽ دوستن ۾ تاج محمد کي پاڻ کان چار رتيون بدرجه اُتم ۽ ڪثرت سان ڏٺم.“ سنڌ جو هي برک اديب، وڪيل، دانشور ۽ سماجي خدمتگذار، سنڌين جو هڏ ڏوکي، سن ۱۹۸۵ع ۾ سيشن جج جي عهدي تان رٽائر ٿيو ۽ ۱۰ مارچ ۱۹۸۶ع تي دل جي دوري سبب هِن فاني دنيا کي الوداع چئي ابدي دنيا ڏانهن روانو ٿيو. کيس سندس اباڻي قبرستان لاڙڪاڻي ۾ دفنايو ويو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو شوڪت حسين شورو تاج محمد ابڙو استاد، صحافي، سياستدان، سوشلسٽ، وڪيل ۽ جج هجڻ سان گڏ پنهنجي ذات ۾ هڪ انجمن ۽ يار ويس شخص هو. سندس جنم ۸ آگسٽ ۱۹۲۴ع تي تعلقي شهدادڪوٽ، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. هن ۶۲ سالن جي عمر ۾، ۱۰ مارچ ۱۹۸۶ع تي، دل جي دوري پوڻ سبب، وفات ڪئي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي ۱۹۴۷ع ڌاري ايل ايل بي پاس ڪري، لاڙڪاڻي ۾ شمس الدين ابڙي وڪيل جو پارٽنر ٿي، وڪالت جي پيشي جي شروعات ڪئي. کيس سياست سان تمام گھڻي دلچسپي هئي. هو سوشلزم، ڪميونزم جو نظريو رکندڙ هو. ان ڪري هن سنڌ جي، وڌ ۾ وڌ ڏتڙيل ۽ پوئتي پيل پيل طبقي، هارين جي لاءِ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. هارين کي سجاڳ ڪرڻ جي شروعات ڄيٺمل پرسرام ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ڪري چڪا هئا. تاج محمد ابڙي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، غلام محمد لغاري، قاضي فيض محمد ۽ ٻين ڪيترن ئي دوستن سان گڏجي، هارين کي سندن حقن ڏيارڻ جي لاءِ جاکوڙ ڪئي. لاڙڪاڻي جي سياستدانن مان قاضي فضل الله ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي سان هن جا گھرا تعلقات هئا. ڪراچيءَ ۾ رهڻ دوران اسسٽنٽ ايڊيٽر جي حيثيت سان پڻ ڪم ڪيو. کيس ۱۹۷۲ع ۾ ائڊيشنل سيشن جج مقرر ڪيو ويو ۽ ۱۹۷۸ع ڌاري، کيس ترقي ڏيئي، سيشن جج بنايو ويو. جج بنجڻ کان پوءِ به ھو، پنهنجي سياسي ۽ ادبي سنگت ساٿ سان، ڪچهريون قائم رکندو آيو. کيس ادب سان بيحد چاهه هو. لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت جي شاخ قائم ڪيائين ۽ ان جي طرفان ۱۹۶۵ع ڌاري، شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي ورسي شاندار نموني سان ملهائي وئي. هن جا سنڌيءَ جي ڪيترن ئي اديبن سان دوستاڻا ناتا هئا، جن ۾ محمد ابراهيم جويو، سوڀو گيانچنداڻي، جمال ابڙو، اياز قادري، رسول بخش پليجو، تنوير عباسي، رشيد ڀٽي، انيس انصاري وغيره شامل آهن. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي ذاتي لائبريريءَ ۾، ادب کان وٺي علم جي هر شاخ تي ڪتاب موجود هئا. اها شاندار لائبريري سندس پونئيرن سنڌ الاجي کي عطئي طور ڏني. جتي سنڌ الاهي لائبريريءَ ۾ ’تاج محمد ابڙو ڪارنر‘ قائم ٿيل آهي. (روزانه ڪاوش ۱۰ مارچ ۲۰۱۱) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سنڌ جو خاموش خادم امان شيخ تاريخ پڙهڻ، ان منجهان رهنمائي حاصل ڪرڻ ۽ لاڀ پرائڻ کي مان پنهنجي زندگيءَ جي مکيه مقصدن ۽ مرادن منجهان سڀ کان مٿانهون ۽ مقدس سمجهندو آهيان، ڇوته حقيقي تاريخ کي انسان ذات جو هڪ محفوظ رڪارڊ سمجهندو آهيان، جنهن ۾ انسانيت جون چڱايون، ڀلايون، مندايون، ڪچايون، ڦڪايون ظاهر ظهور ملنديون آهن. ائين کڻي چئجي ته تاريخ انساني اوسر ۽ واڌاري جو رڪارڊ آهي. اهو رڪارڊ جيڪو انسان ذات جي جدوجهد ۽ ترقيءَ جو رڪارڊ هجي، جيڪو انساني شعور، سمجهه ۽ سچائيءَ کي ماڻهپي ۽ محبت سان ڳانڍاپي ۾ رکي سگهي. انهيءَ سموري ڪار گذاريءَ ۾ اٿل پٿل جو ڪاريگر ۽ ڪرشمه ساز پاڻ حضرت انسان جي ذات آهي ۽ اهڙا انسان ئي تاريخ ۾ ٻهڳڻ ۽ شاندار هستيون بڻجي رهنمائيءَ جو ڪردار ادا ڪندا آهن. اهي انسان تاريخ جي وهڪري ۾ اونها ۽ عميق هوندا آهن. اهي تاريخ جا خاموش، لائق ۽ وفادار سپوت ليکي سگهجن ٿا، جيڪي ماٺ ميٺ ۽ چپ چاپ ۾، بنان ڪنهن نالي وڌائڻ جي، انسان ذات، سو به پيڙهيل انسانن جي خدمت چاڪريءَ ۾ پاڻ لاءِ سُڪون ۽ پنهنجي سڦلتا سمجهندا هجن. اهڙا املهه ماڻڪ انسان گمناميءَ ۾ غائب ٿيل هجن، پر انهن کان سواءِ انسانيت جي تاريخ اڻ پوري چئي سگهجي ٿي. اهڙو هڪ بي بها عظيم انسان مون پنهنجين اکين سان ڏٺو، جيڪو انساني گڻن ۽ خوبين جو ته ڳٽڪو هو، پر ان سان گڏوگڏ لاڙڪاڻي ساهه سيباڻي جي ماضيءَ جي شام جي آخري جهلڪ هو، جتي وڻ وڻ جي ڪاٺي گڏ اچي ٿيندي هئي. لاڙڪاڻي جي شام جي آخري جهلڪ، انساني خوبين جو ڳٽڪو ۽ تاريخ ۾ خاموش ۽ وفادار سپوت لاڙڪاڻي جي ليکي ۾ نالو کڻبو ته امالڪ چئي سگهبو ته اهو سائين تاج محمد ابڙو هو. لاڙڪاڻي جي انهيءَ شام جي دؤر ۾ جنهن ماڻهوءَ جي اوتاري تي مون شاعر، اديب، دانشور، سياستدان، قومي ڪارڪنن ۽ ڪامورن تائين سڀني کي گڏ ٿيندي ڏٺو، مون حياتيءَ جي ڊوڙ ۾ ڳچيءَ پٽ تائين اختلاف رکندڙ هستين کي يڪجا ٿيندي ڪنهن هنڌ ڏٺو، ته اهو هو لاڙڪاڻي جي شام جو آخري اوتارو يعني سائين تاج محمد ابڙي جي اوطاق. مان ته انهيءَ اوتاري کي پاڻ لاءِ هونئن به ڀاڳ وارو ليکيان ٿو، جتي مون نه رڳو سياسي ميدان ۾ پنهنجي ديس جي گرن گنجن ۽ اٻوجهه انسانن سان ڀائپيءَ جو درس سکيو، پر سموري انسان ذات سان محبت جو پيچ پائڻ پرايم. انهيءَ اوتاري تي مون ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ، ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ، مولوي نذير حسين، ڪامريڊ جمال الدين بخاريءَ، حاجي محمد پيرزادي کان وٺي اياز قادري، سيد خادم حسين شاهه، ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌيءَ ۽ کوڙ سارين لائق هستين سان روح رهاڻيون ڪيون. انهيءَ اوتاري تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو به شام جو جهڪي هڻي اچي ويهندو هو، جنهن سان ڊگها ۽ اڻ کٽ بحث ٿيندا هئا. اسان گهڻو ڪري قوم پرستيءَ جي رءُ تي، ته وري ڀٽو صاحب اقتدار وسيلي سڀني مونجهارن کي نبيرڻ جو طرفدار رهيو. بهرحال انهيءَ سموريءَ ڪايا پلٽ جو مرڪز سائين تاج محمد ابڙي جي اوطاق يا اوتارو هو، ڇوته سائين تاج محمد ابڙو سنڌ جي روايتن ۽ انسانيت جي روشن پهلوئن جو امين هو ۽ انهيءَ روشن پهلو جو هڪ مکيه نقطو هو، هن وٽ محبت جو هڪ اڻ کٽ سلسلو هو، جنهن هيترا سارا عظيم انسان هڪ جاءِ تي گڏ ڪيا هئا، جنهن لاءِ چئي سگهجي ٿو ته: ”تنهن عشق کي شاباس، جنهن محبتي ميڙيا“. لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو، منهنجي جنم ڀومي، سياسي لحاظ کان سنڌ جي جفادري سياستدانن، معتبر وڏيرا شاهي ۽ ورهين کان قابض سياسي بازيگرن جو مرڪز رهيو آهي. ان ۾ سائين تاج محمد ابڙو هڪ اهڙي دؤر جو نمائندو هو، جيڪو پنهنجي بنيادي نقطي تان ڦرڻ جو ويچار ڪري به نه پئي سگهيو. ان ڪري سائين تاج محمد ابڙو سنڌ جي روايتي جهلڪ جي آخري شام به هو ته هڪ اهڙي دؤر جو نمائندو به هو، جنهن جي ڀيڄ ڀني ٿيڻ جي ابتدا ٿي رهي هئي. ان ڪري تاريخ جي هن خاموش ۽ وفادار سپوت سان انصاف تڏهن ٿي سگهندو، جڏهن سنڌ جي گود ۾ دائمي طور ستل اڏول انسان جي خوبين کي انسانيت جي ڪسوٽيءَ تي پرکڻ وارو سمو ايندو ۽ انهن انسانن ۾ سائين تاج محمد ابڙو مٿانهون ۽ مانائتو نظر ايندو. مان هينئر به لاڙڪاڻي جي شام جي آخري جهلڪ واري اوتاري، پنهنجي سياسي سکيا جي اوطاق وٽان لنگهندو آهيان، پر اکيون کڻي تڪڻ جي همٿ ساري نه سگهندو آهيان، ڇوته: ”هنڌ اهي ماڳ، جَت نه رهيا جُوءِ ۾“ (روزانه ڪاوش، عوامي آواز، جاڳو، هلال پاڪستان، پڪار، آفتاب ۽ مهراڻ) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سنڌ جو سجيلو سپوت يوسف لغاري سائين تاج محمد ابڙو صاحب لاءِ ٻه اکر لکڻ منهنجي لاءِ اعزاز آهي، پر اهو نڀائي سگهندس يا نه؟ انهيءَ جو فيصلو ته سندس دوست، ساٿي ۽ نظرياتي دوست ئي ڪري سگهندا. ان زماني ۾ جڏهن سنڌ تي ڏاڍ جا بادل پيا لامارو ڏيندا هئا، ڪجهه سنڌ جا سڄڻ، حيدر بخش جتوئي، جي ايم سيد، غلام محمد لغاري ۽ سوڀو گيانچنداڻي جيلن جي حوالي ته باقي ويچارا پاڻ نڀائڻ ۾ پورا. اهڙي ڪاري دؤر ۾ سنڌي ادبي سنگت ۽ ترقي پسند دوست، ويچارا ۽ بيوس هوندي به جاگيرداري، آفيسر شاهي، نوڪر شاهي ۽ صوبيدار شاهي جي خلاف پيا لڇندا هئا. سائين تا ج محمد ابڙو به انهن سنڌ جي سڄڻن مان هو، جيڪي سنڌ لاءِ پيا اٿندي ويهندي اڻهي سوچيندا هئا. حقيقت ۾ سنڌ جي تاريخ سياسي توڙي ثقافتي انهن دوستن ۽ ڪامريڊن کانسواءِ نامڪمل هوندي سائين تاج محمد جڏهن ۱۹۷۶ع ۾ سيشن جج ٿي ميرپورخاص ۾ آيو ته مون کي اڳئين به وڌيڪ برجستو ۽ پيارو محسوس ٿيو، پاڻ چوندو هو ته پهرين نه رڳو سنڌ جي ماڻهن کي انصاف نٿو ملي اهو پيو سوچيندو هئس، هاڻ ته اهو بارُ مٿي تي اچي پيو اٿم، شال نڀائي سگهان! اُن پنهنجي عهدي سان به نڀايائين ته اُن سوچ سان به نڀايائين. وطن، ڌرتي، ادب، ثقافت،، ٻوليءَ ۽ سچ سان کيس دل هوندي هئي. ياري نه رڳو رکي سگهندو هو پر نڀائڻ به ايندي هيس. مون کيس هن ملڪ ۾ هڪ ترقي پسند سوشلسٽ خيالن جو حامي ۽ ڌرتيءَ جي مسڪين ماڻهن جو حامي ڏٺو. دوستي ۽ مهمان نوازي سندس عادت بنجي چڪي هئي. ڪنهن به ڳالهه تي منطق کانسواءِ اعتبار نه آڻيندو هو. جيتوڻيڪ پاڻ دل ۽ ذيابيطس جي عارضي ۾ مبتلا هو پر اها بيماري سندس لاءِ وڏي بيماري ڪانه هئي، پنهنجي بيماري کان وڌيڪ سنڌ جي مسڪين ماروئڙن، ڏتڙيل ماڻهن، مظلومن جي لاءِ پيو پچرندو هو. ’’اسين ته وياسين گذاري ايندڙ نسل جو ڇا ٿيندو؟‘‘ هر دوست کان سندس سوال هوندو هو. جيتوڻيڪ پاڻ اسان وٽ موجود نه آهن پر هن موجوده دؤر جي سجاڳي ۽ شعورآڻڻ ۾ سندس ڪافي حصو رهيو آهي ۽ سندس نالي کان سواءِ سنڌ جي سياسي ادبي ۽ شعوري جدوجهد جي ڳالهه نامڪمل هوندي، جڏهن به ڪنهن دوست سنڌ جي سجاڳي ۽ شعور تي لکيو ته سندس نالو پهرين شعور آڻيندڙن ۾ هوندو. وقت ڪنهن جو ساٿ ڪونه ڏيندو آهي پر وقت سائين تاج محمد جهڙن جاکوڙي ۽ شعوري انسانن جي اڳيان مجبور به ته هوندو آهي ۽ سندس جدوجهد کي سدائين پيو نوڙي سلام ڪندو آهي. سائين تاج محمد وقت کي به هارائي ڇڏيو ۽ پنهنجي سچائيءَ، ايمانداريءَ ۽ شعوريءَ جدوجهد ذريعي پاڻ کي امر بڻائي ڇڏيو ۽ ايندڙ نسل لاءِ مشعل راهه ٿي ويو. (روزانه سوڀ، ڪاوش، هلال پاڪستان، عبرت، سچ، عوامي آواز) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سندس منزل - انقلاب جي منزل ڄام ساقي تاريخ انهن کي ڪڏهن به فراموش ناهي ڪندي، جيڪي ماڻهو خود تاريخ کي مرتب ڪندا آهن. معاشري ۾ هي ماڻهو ڪوبه ڪم مانَ مرتبي حاصل ڪرڻ لاءِ ناهن ڪندا، پر ان ڪم ۽ محنت، جدوجهد کي مڃتا سان نوازڻ معاشري جي مجبوري بڻجي پوندي آهي. ان فرد جي هر تخليق معاشري ۾ تبديلي جو باعث بڻجندي آهي، پر معاشري تي مسلط خيالات، حڪمران طبقي جا قدر، عام رواجي اخلاقيات ان فرد مٿان هر پل جبر طور لاڳو ٿيندا رهن ٿا، پر بغاوت جي عمل ۾ هي جبر اُن ماڻهو جي ارادن ۽ نظرين ۾ اڃا به طاقت پيدا ڪندا آهن، ته هو معاشري مان انهيءَ غلاظت کي ختم ڪري، هر جبر کي چئلينج ڪري ۽ عام عوام کي خوشحالي جي ضمانت ڏياري. ائين هن خطي به عظيم ذهن ۽ جدوجهد کي زندگي ارپيندڙ فرد ڏٺا آهن، پر انهن فردن هن خطي جي ڪنهن به اصول تي سودو نه ڪيو ۽ تيزي سان نوان محاذ تعمير ڪندي، انقلابي مقصدن کي پورهيت تائين پهچائيندي هڪ سوشلسٽ تبديلي لاءِ هن طبقي کي متحرڪ ڪندا رهيا. ائين ۸ آگسٽ ۱۹۲۴ع ۾ هڪ انقلابي جو جنم ٿيو، جيڪو اڳتي گهڻ رخي شخصيت جو حامل رهيو ۽ هي سڀ مثبت رخ ان ساٿي کي اڄ به زنده رکيو اچن، جيڪي شخصي طور تي اڄ اسان سان گڏ ناهن، پر اڄ ان جي سچائي، جدوجهد اسان سان گڏ آهي. اهو هو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو، جنهن جو جنم ته لاڙڪاڻي ۾ ٿيو، پر ان جا آدرش پوري سنڌ توڙي پاڪستان ۾ گردش ڪندي پورهيت عوام لاءِ هڪ رهنمائي جو ڪم ڏيندا رهيا. اڄ ۸ آگسٽ تي ڪامريڊ تاج ابڙو جي سالگرهه آهي. ائين سمجهجي ڪامريڊ تاج جي جدوجهد کي سُرخ سلام پيش ڪرڻ جو ڏينهن آهي. جيئن ته اڄ جون حالتون جنهن ڪيفيت ۾ آهن، اهي هڪ وڏي تبديلي جون گهرجائون آهن. اها تبديلي ڪامريڊ تاج ۽ اسان سڀني گڏجي ڏٺي هئي، پر ان کي منزل نه ملي سگهي. اهي ڏينهن ۱۹۶۷ع، ۱۹۶۹ع جي تحريڪ جا هئا، جڏهن مڪمل پورهيت طبقو ميدان تي لٿل هو. ان عرصي ۾ ڪامريڊ تاج ڪميونسٽ پارٽي ۾ انتهائي سرگرم هو. هيءَ تحريڪ ايوبي آمريت جي دﺂر ۾ شروع ٿي هئي، جنهن نه صرف آمريت، پر سموري سماج جي ملڪيتي رشتن کي به چئلينج ڪري ڇڏيو هو. پوري پيداوار تي قبضو ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو هو. انهيءَ عرصي ۾ ۱۹۵۰ع کان ۱۹۶۰ع تائين ڪامريڊ تاج ڪميونسٽ پارٽي ۾ وڏي جانفشاني سان ڪم ڪندا رهيا. انهيءَ مارڪسي فڪر جي ڪري ڪامريڊ هر محاذ تي سرگرم رهيا. هاري ڪميٽي ۾ رهي ڪري هارين کي وڏي پئماني تي متحرڪ ڪندا رهيا. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سان به گڏجي ڪامريڊ وڏي جدوجهد هلائي ۽ ساڻس گڏ به هوندا هئا. ڪامريڊ تاج محمد هڪ جج جي حيثيت ۾ جج وارو فرض ته نڀائيندا رهيا، پر پنهنجي سڃاڻپ وارو عام سادگي واري زندگي جو طبقو هميشه ساڻس گڏ رهيو. پاڻ وڪالت کي به وڏي زندگي ڏنائون، جنهن ۾ هنن مظلوم پورهيتن جا ڪيس مفت ۾ ڪورٽن ۾ پيش ڪيا ۽ ڪاميابي ماڻيائون. عام طرز جي سادگي هن ڪڏهن به پنهنجي شخصيت کان جدا نه ڪئي. اسين ڍاٽڪي ٻوليءَ ۾ جهونجهار ان کي چوندا آهيون، جيڪو مرڻ کان پوءِ به وڙهي سگهي، پوءِ اها ويڙهه هو پنهنجي تحريرن ذريعي جاري رکي، تنظيم جي ذريعي جاري رکي، اولاد جي ذريعي جاري رکي يا سنگت ساٿ جي ذريعي جاري رکي ته ان کي جهونجهار يا شهيد سڏي سگهجي ٿو. ايشيا ۾ اديبن جي وڏي ۾ وڏي تنظيم سنڌي ادبي سنگت آهي، جيڪا سنڌي ٻوليءَ لاءِ وڙهي ۽ ون يونٽ جي قهري ڪوٽ ڪيرائڻ ۾ ان جو وڏو هٿ آهي. ان سنڌي ادبي سنگت جي قيام جو پهريون ميڙ لاڙڪاڻي ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي گهر ٿيو. ائين ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي ٻاريل لاٽ اڃا تائين ٻرندي اچي. جيستائين سنڌي ادبي سنگت رهندي، ان جا آندل نوان ادبي لاڙا رهندا. ڪامريڊ تاج محمد کي وساري نه سگهبو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جو ڊسٽرڪٽ سيشن جج هجڻ هن جي انقلابيت کي ماٺو ڪري نه سگهيو هو. سُٺا ۽ نوان ڪتاب پڙهندو ۽ پڙهائيندو هو ۽ سياسي روپوش ساٿين کي بنا کٽڪي گهر رهائي سگهندو هو. آءٌ به ضياءَ حڪومت جي ڏينهن ۾ وٽس ڪافي دفعا ويس. مالي مدد توڙي ماني ٽڪي کان سواءِ ڪڏهن به وڃڻ نه ڏيندو هو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو هاري ڪاميٽي جي ڏينهن ۾ پارٽي جو ڪُل وقتي انقلابي ساٿي به رهي چڪو هو. هن جي ڪمينٽمينٽ ۾ ڪڏهن به ڪمي ڪانه آئي. هُو سنڌي ادبي سنگت جو بنياد رکڻ وقت توڙي سياسي روپوش ساٿين کي ترسائڻ جي خطرن کان به ڀلي ڀت واقف هو، پر پوءِ به اهو سڀ ڪجهه ڪندو هو. سائين تاج محمد ابڙي کي اڃا تائين نه مرحوم لکڻ جي همٿ اٿم ۽ نه ئي سائين کي ڪڏهن تاج محمد سڏيم. اسين گهڻو جونيئر هوندي به سائين کي ”سائين تاج“ ئي سڏيندا هئاسين. سائين سنڌي ادبي سنگت هجي يا هاري ڪاميٽي، شاگردن جي سرگرمي هجي يا سنئين سڌي انقلابي هلچل، اسان کي هميشه ۽ هر طرح همٿائيندو رهيو. دنيا جي تازي ۾ تازي انقلابي ۽ سياسي لٽريچر هٿ ڪرڻ، پڙهڻ ۽ نوجوان دوستن کي پڙهائڻ جي ڪوشش ۾ سدائين رڌل هوندو هو. جهڙو هو صورت ۾ سهڻو ۽ سيرت ۾ صادق، اهڙو ئي محبت ۽ مڻيا وارو مانجهي مڙس هو. تمام ٿورن ماڻهن کي خبر هوندي ته هن مزدورن جي يونينن کي منظم ڪرڻ ۾ لاڙڪاڻي ليول تائين ۽ سنڌ هاري ڪاميٽي کي منظم ڪرڻ لاءِ سنڌ سطح تي ڪوششون به ڪيون ۽ هميشه وس آهر مدد به ڪئي. هاڻي سندس صالح اولاد پٽ توڙي نياڻيون سنگت ۽ ادب جي ذريعي هر جدوجهد ۾ شامل آهي ۽ تا دنيا رهندو. تڏهن ئي اسين هن کي صحيح معنيٰ ۾ جهونجهار چئي سگهون ٿا. چوندا آهن ته ماڻهو جي شخصيت جو دارومدار ان ماحول تي به هوندو آهي، جنهن ۾ هو پيدا ٿيندو آهي. ائين ڪامريڊ تاج جي پيدائش جنهن وقت ۾ ٿي، ان وقت روس اندر هڪ سوشلسٽ انقلاب به ٿي چڪو هو، جنهن جا اثرات هن برصغير تي به وڏي پئماني تي پيا هئا. اهو مارڪسي فڪر ۽ انقلاب ڪامريڊ تاج محمد ابڙو کي به ننڍپڻ کان ئي متاثر ڪندو رهيو. تنهن ڪري ئي ڪامريڊ پنهنجي وابستگي پورهيت طبقي سان هميشه برقرار رکي. پاڻ لاڙڪاڻي جي اندر سياسي، ثقافتي، ادبي سرگرمين ۾ به سرگرم رهيا، بلڪه اڳواڻي به ڪندا رهيا. لاڙڪاڻي اندر سنڌي ادبي سنگت جو بنياد رکندڙ به ڪامريڊ تاج هيا. ڪامريڊ هن سنگت جا جنرل سيڪريٽري به رهيا ۽ ادب ۾ تعلق کي اجاگر ڪندا رهيا. شاعري، نثر، نظم ۾ به پورهيت طبقي جي حالتِ زار جي ترجماني ڪندي ان کي وڌيڪ نکاريندا رهيا. ڪامريڊ تاج ۱۰ مارچ ۱۹۸۶ع کان ۱۹۸۳ع جي ايم.آر.ڊي تحريڪ به عروج تي هئي، جنهن ۾ پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن به وڏي قربانين سان آمريت کي چئلينج ڪيو. هڪ عظيم جدوجهد جو آغاز ڪيو، هيءَ جدوجهد به ڪامريڊ تاج لاءِ انتهائي اهم هئي، جنهن ۾ ڪامريڊ جو ڪردار آخري ڏينهن ۾ به رهيو، پر مجموعي تبديلي نه اچي سگهي. نظام اهو ئي رهيو، حالتون بدستور خراب ٿينديون رهيون. انهيءَ جو ڪارڻ ڪا مضبوط نظرياتي پارٽي نه هئي، جنهن جو ادراڪ ڪامريڊ تاج به رکيو پئي، پر ڪامريڊ جي زندگي اجازت نه ڏني، نه ته هيءَ کوٽ به ڪنهن نتيجي تي پهچي ها. ڪامريڊ تاج جو مقصد رائيگان ناهي ويو، ڇو ته ڪامريڊ تاج جيڪي حالتون ۱۹۵۰ع ۾ محسوس ڪيون، ۱۹۷۰ع کان ۱۹۸۰ع تائين ڏٺيون، اهي اڄ به موجود آهن. اهي آدرش اڄ جا نوجوان اڄ به سانڍيو اچن، جيئن مٿي جنهن تحريڪ جو ذڪر ڪيوسين، ان تحريڪ چيئرمين ذوالفقار علي ڀٽي کي به پيپلز پارٽي جي صورت ۾ نمودار ڪيو هو. اهي ۱۹۶۷ع کان ۱۹۶۹ع جي تحريڪ جا ڏينهن هئا، جنهن پاڪستان پيپلز پارٽي کي هڪ سوشلسٽ سماج جو منشور ڏيڻ تي مجبور ڪيو ۽ ڀٽي صاحب جي قيادت کي پيش ڪيو ۽ وڏي ڳالهه ته انهيءَ پروگرام جي ڪري ڀٽي صاحب ۽ ڪامريڊ تاج جي گهري وابستگي رهي ۽ دوستي به، جنهن ۾ هن خطي جي حالتن تي کوڙ سير حاصل بحث به ٿيا. ڀٽي صاحب ۽ ڪامريڊ تاج جو سفر به هڪ ئي رستي تي ٿيو، جنهن رستي تي پورهيت، هاري، شاگرد، نوجوان موجود هئا. ڪامريڊ تاج هڪ ئي وقت هڪ سياستدان، اديب، دانشور، وڪيل، جج ۽ هڪ عام انسان به هو، جنهن پنهنجي عمر جو وڏو عرصو جدوجهد کي ارپيو. ڪامريڊ جو مؤقف طبقاتي هو. هر مسئلي جو حل به ڪامريڊ تاج طبقاتي نظر سان ڏسندا هئا. اڄ ۸۶ هين سالگرهه هيءَ نويد ڏئي ٿي ته سماج کي تبديل ڪجي. ڪميونسٽ پارٽي گهڻن ئي مسئلن جو شڪار رهي ۽ ڪامريڊ تاج جهڙا ڪردار مسئلن جو شعور رکندي درست واٽ تي هلندا رهيا. ان واٽ جي چونڊ اسان سڀني ڪئي سين، جنهن ۾ تڪليفون به آيون، نظرين سان جٺ ٿيندي به ڏٺي سين، ماحول ۾ انقلاب کي ايندي به ڏٺوسين، پر منزل اڌوري ئي رهي، تنهن ڪري ڪامريڊ تاج محمد جي وابستگي ڪنهن ڪميونسٽ ليڊر سان ايتري نه رهي، جيتري ڀُٽي سان رهي. ان جو واحد سبب پيپلز پارٽي جي عوام ۾ حمايت هئي، بلڪه هڪ روايت بڻجي چڪي هئي، پر پيپلز پارٽي انهيءَ عوامي حمايت جو ادراڪ نه رکي سگهي، جنهن ڪارڻ ڀٽو صاحب کان وٺي بينظير تائين قربانين جو سلسلو جاري رهيو. هاري ڪميٽي ۾ تاج جون خدمتون اڄ به هارين لاءِ مشعلِ راهه آهن. سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي ۾ جيڪي پير پاتا، اهي به ڪامريڊ تاج جون سرگرميون هيون. هڪ انسان ايترو ڪجهه به ڪري سگهي ٿو، اهو اندازو لڳائڻ لاءِ ڪامريڊ تاج ابڙو کان وڌيڪ مثال مشڪل سان ملندو. هونئن به ڪنهن جي وڃڻ سان ڪو گڏجي ناهي ويندو، پر ان سان گهاريل ڏينهن ۽ قربانيون ڪڏهن به ناهن وسرنديون. اهي هميشه ساٿين جي ذهنن تي زنده رهن ٿيون. ڪامريڊ تاج سميت کوڙ انقلابين جي جدوجهد جاري آهي. اها تيستائين رهندي، جيستائين ظالم، مظلوم، امير، غريب، مزدور، سرمائيدار رهندو. انهيءَ لاءِ زندگي سڀ گذاريندا آهن، پر ڪي ڪي ماڻهو زندگي انقلاب کي، جدوجهد کي ارپيندا آهن. انهن مان ڪامريڊ تاج محمد ابڙو به هڪ آهي. روس انقلاب جي عظيم ليڊر ليون ٽراٽسڪي، ڪامريڊ تاج جهڙن لاءِ ئي لکيو هو ته: ”زندگي گذارڻ آسان ناهي، جيستائين انسان وٽ ڪو عظيم مقصد نه هجي، جيڪو انسان کي نيچ پڻي کان، ذلت کان بلند ڪري.“ انسان ڪٿي نه ڪٿي مري وڃي ٿو، کپي وڃي ٿو، جهڪي وڃي ٿو، وڪامجي وڃي ٿو، تنهن ڪري ڪامريڊ تاج محمد جا مقصد هر شيءِ کان مٿانهون هيا، جيڪي پوري تاريخ ۾ هميشه روشن مقام تي رهندا. (روزانه سوڀ، هلال پاڪستان، عبرت، سچ، عوامي آواز، سنڌ، هلچل، سنڌو، پڪار، سڪار) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سنڌ جي ناقابلِ فراموش شخصيت عبدالغفور ڀرڳڙي تاج محمد ابڙو ۱۹۲۴ع ۾ ڄائو. قمبر، لاڙڪاڻي ۽ ڪراچيءَ ۾ تعليم ورتائين. مون کان اٽڪل ٽي سال ننڍو هو. مان کيس شاگرديءَ جي دؤر کان سڃاڻيندو هوس. مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ پُرجوش بهرو ورتائين. ان وقت هندستان جا نوانوي سيڪڙو شاگرد سياست جي تحريڪ ۾ هئا. ڀلا اهڙي وقت ۾ تاج محمد ابڙو ڪٿي پئي سياست کان ٻاهر رهي سگهيو! ۱۹۴۷ع ڌاري لاڙڪاڻي ۾ وڪالت شروع ڪيائين. اوائل ۾ مرحوم شمس الدين ابڙي سان گڏ ڪم ڪيائين، جو لاڙڪاڻي ضلعي جو مشهور فوجداري وڪيل هو. ڪجهه عرصي بعد الڳ ٿي ڪم ڪيائين. سندس وڪالت اڪثر ڪري فوجداري ڪيسن سان تعلق رکندڙ هئي، مگر ائين هرگز نه آهي ته سول قانون کان اڻڄاڻ هو. ڪيترن موقعن تي هُو سول ڪيس به هلائيندو هو ۽ ڪاميابيءَ سان هلائيندو هو، مگر فوجداري معاملن تي وڌيڪ دسترس هيس. هو وڏيءَ سنگت ساٿ وارو انسان هو. پئسي سان پيار به گهٽ هيس. تنهنڪري دوستيءَ ۾ ڪيترا ڪيس مفت ۾ کڻندو هو. جيڪا ڪمائي هوندي هيس، سا گهڻي قدر مهمان نوازيءَ تي خرچ ڪندو هو، تنهنڪري بچت ڪانه هوندي هيس. هن ۾ اها وڏي خوبي هوندي هئي جو اصيلن کي نه غلط مشورا ڏيندو هو، نه وري اجايا ڏٽا ۽ نه ئي ڪوڙا دلاسا ئي ڏيندو هو. سندس هٿ آئيني جيان صاف رهيا ۽ پنهنجي عزت ڀرئي ڌنڌي کي ڪوبه داغ لائڻ ڪونه ڏنائين. جج: جڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو وزيراعظم ٿيو، ته کيس سيشن جج مقرر ڪيو ويو. سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ رهيو. ڪافي وڪيل ۽ سياسي ورڪر ۽ ليڊر هر شهر ۾ سندس دوست هئا. عدليه ڪنهن به ملڪ جو اهم ترين ٿنڀو آهي ۽ ويچارا مظلوم ٻين سڀني کاتن ۽ وڏن ماڻهن جي زيادتين کان پناهه لاءِ عدليه جو دروازو کڙڪائيندا آهن. تاج محمد ابڙي پنهنجي ججيءَ دوران فرض ادائيءَ ۾ ڪوتاهي ڪانه ڪئي. ڪنهن کان به مرعوب ٿي يا ڪنهن به لالچ ۾ اچي يا سفارش جو شڪار ٿي، بي انصافي نه ڪيائين، جيڪا مون کي ذاتي ڄاڻ آهي. هُو انهن سڀني ڳالهين کان تمام گهڻو مٿانهون رهيو ۽ نه وري ڪنهن کي جرئت ئي ٿيندي هئي جو کيس ڪو آڇ ڪري سگهي. البته اها ٻي ڳالهه آهي، جو ڪنهن ساده لوح ڌر ڪنهن جي وڪڙ ۾ اچي پاڻ ڦرايو هجي. جج جي حيثيت ۾ مسٽر تاج محمد ابڙو ڌرين خواهه وڪيلن سان تمام سٺي نموني پيش ايندو هو ۽ ڪنهن کي به شڪايت ڪانه هوندي هئي. هو سڀني کي غور ۽ صبر سان ٻڌندو هو. حقائق ۽ قانوني پوزيشن تي پوري غور بعد ئي فيصلو ڏيندو هو. عزت ۽ آبروءَ سان رٽائر ڪيائين، مگر پئسي جي معاملي ۾ ساڳيو ئي غريب رهيو. تاج محمد ابڙي عزت کي دنيا ۽ دولت مٿان ترجيح ڏني. معاشري ۾ مقام: اسان جو معاشرو ڪو سولو معاشرو ته نه آهي. هر قسم جا ماڻهو ان ۾ موجود آهن. اسان وٽ خوشامد، منافقي ۽ ڪوڙ عام جام رهيو آهي ۽ اڃا به ايتري نقصان باوجود اسين سکيا ڪونه آهيون. جيئن ٿڌ تيئن وڌ. تاج محمد ابڙي جو واسطو هر طبقي سان پيو، مگر پاند نه پسايائين، ڪنهن کي نه رنجايائين، نه ڪنهن جي شڪايت ڪيائين. هر ڪنهن سان چڱائي ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين. وٽس تهذيبي اخلاق جا انبار هئا. اٿڻ، ويهڻ جو طريقو ۽ گفتگو جو انداز ڪو هن کان سکي. ڪنهن کي برو ڀلو چوندي مون هن جي زبان مان ڪڏهن به ڪونه ٻڌو. پنهنجي محدود وسائل باوجود هن مهمان نوازيءَ جا فرض خوب بجا آندا. جيڪڏهن سرمائيدار هجي ها ته سخاوت جو وڏو ڌاڪو ڄميس ها. مگر هن عوامي ۽ سچائيءَ واري زندگي بسر ڪرڻ مناسب سمجهي. فقير راهه نشين است ودل غني دارد (دل جو غريب نه هو مگر غني هو.) ذهانت ۽ مطالعو: تاج محمد ابڙي جهڙا ذهين انسان مون پنهنجي حياتيءَ ۾ ڏاڍا گهٽ ڏٺا آهن، مگر هن ۾ جيڪا ڪمي مون محسوس ڪئي، سا اها هئي جو هن پنهنجي گهري مطالعي ۽ ذهانت جو مظاهرو ۽ نمائش ڪانه ڪئي. سندس معلومات وسيع هئي. سندس ذهن تعميري هو ۽ سندس مطالعو سطحي نه هو. جيڪڏهن ڪو ساڻس خيالن جي ڏي وٺ ڪري ها ته ان کي پتو پوي ها ته تاج محمد ابڙو نه صرف پڙهيو هو، پر ڪڙهيو به هو. هن کي نه صرف ڪتابي علم هو، پر کيس زماني جو عملي تجربو به هو. هن زندگيءَ ۾ سرديون، گرميون ۽ لاها چاڙها سڀ ڏٺا هئا، جنهن جي روشنيءَ ۾ هو راهه متعين ڪري سگهندو هو. پر منهنجي نظر ۾ هن جي روشن خياليءَ ۽ اعليٰ ذهانت مان ڪنهن گهٽ ئي فائدو ورتو. هن دؤر ۾ جڏهن هرڪو پاڻ کي ارسطو ۽ افلاطون کان گهٽ ڪونه ٿو سمجهي، اتي ڪنهن کي سمجهائڻ، قبرستان ۾ آذان ڏيڻ جي برابر آهي. اها جدا ڳالهه آهي ته ڪنهن وٽ ايترا وسائل ۽ اهڙا طريقا هجن، جو پنهنجن خيالن جي مشهوري ڪرائي، پاڻ کي جڳ مشهور دانشور سڏائي. پر تاج محمد ابڙي وٽ اهي طريقا هئا ئي ڪونه. لاڙڪاڻي ۾ هو سنڌي ادبي سنگت جو به روح روان هو. سندس علم ۽ عقل مان ڪنهن فائدو نه ورتو. هُو ته بيابان ۾ هڪ خوشبودار گُل هو، جنهن جي سڳنڌ جي سُڌ ٿورن کي نصيب ٿي هوندي. من مثل لالئه صحرا هستم سياست: اگرچه سياست سان سندس گهڻو واسطو هو، تاهم سياست جي افق تي گهڻو اُڀري نه سگهيو. جنهن انسان کي پنهنجا اصول ۽ اقدار پيارا آهن، ان جو گهڻو اسرڻ ڏکيو آهي. جتي سياست ۾ پئسي جي راند هجي، جتي سياست جو ٻيو نالو لالچ هجي، جتي سياست منافقي ۽ بي اصولي هجي، جتي سياست ۾ دلالي ۽ رشوت هجي، جتي سياست ۾ غنڊا گردي ۽ ڊڪٽيٽري هجي، اتي تاج محمد ابڙي جهڙن انسانن جي ضرورت ڪهڙي آهي! تاج محمد ابڙو بنيادي طرح سوشلسٽ ۽ جمهوري خيالن جو زبردست حامي هو. اهو ئي سبب هو، جو هُو هاري ڪاميٽي ۾ ٻين ترقي پسند ٽولن ڏانهن گهلي ويو. اتي هن اصلاح آڻڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ باهمي ڪشيده ليڊرشپ کي ٺاهڻ جي ڪوشش ڪيائين، تاڪه پروگرام کي اڳتي وڌائي سگهجي، پر سندس بهترين ڪوششون به هن سلسلي ۾ ناڪام رهيون. لاڙڪاڻو ضلعو سياسي ليڊرن جي سرزمين رهي آهي، اتي مختلف خيالن جا مخالف سياستدان پئي رهيا آهن. اقتدار جي سياست ۾ تاج محمد ابڙي جي وقت ۾ محمد ايوب کهڙو، قاضي فضل الله ۽ ذوالفقار علي ڀٽو اعليٰ مقام تي رهيا هئا. خاص ڪري ڀٽو صاحب ته هڪ بين الاقوامي ليڊر جي حيثيت اختيار ڪري چڪو هو. مسلم دنيا ۽ ٽينءَ دنيا جو مڃيل ليڊر هو، مگر ٽنهي سياستدانن جي باهمي رقابت ۽ ڪشمڪش جو به سڀني کي اندازو آهي. پر اها ڳالهه وڏي تعجب واري آهي، جو ٽنهي صاحبن سان تاج محمد ابڙي جا تمام گهرا ۽ ويجها تعلقات هئا. شايد ڪو اڻ واقف ماڻهو ائين چوي ته تاج محمد ابڙو هڪڙي جي سامهون ٻئي جي گلا ڪري سرخرو ٿيندو هوندو ۽ فائدن وٺڻ جي ڪوشش ڪندو هوندو. ائين چوڻ حقيقت کان دور ئي ٿيندو. لاڙڪاڻي جي انهن ليڊرن کي چڱيءَ طرح ڄاڻ هئي ته تاج محمد صاحب جا تعلقات سڀني ليڊرن سان هئا. سندس گفتگو ۾ اها مٺاڻ ۽ حقيقت هئي، جو تاج محمد ابڙي جي سچائي ۽ ذهني پختگيءَ کان ڪوبه انڪار ڪونه ڪري پئي سگهيو. ان کان سواءِ هن ڪنهن کان به پرمٽ، پلاٽ، لائسنس ۽ فائدن جي گُهر ڪڏهن به ڪانه ڪئي، تنهنڪري سندس خلوص تي ڪوبه شڪ ڪري ڪونه پئي سگهيو. ڀٽو صاحب تنهنڪري مناسب سمجهيو ته اهڙي ديانتدار، اصول پرست ۽ اهليت رکندڙ شخص کي سيشن جج بڻايو وڃي، تنهنڪري هُو سيشن جج ٿيو. اها حقيقت ٻڌائڻ به ضروري آهي ته ڀٽي صاحب سان گهرا تعلقات هجڻ باوجود تاج محمد ابڙي ۱۹۶۵ع جي صدارتي انتخاب ۾ ايوب خان جي بجاءِ محترمه فاطمه جناح جي مدد ڪئي. مگر هن جي ڪم ڪرڻ جو طريقو پنهنجو هوندو هو. هُو سکڻي ڪُني وانگر ڪونه اڀامندو هو، مگر هن اندران ئي اندران هڪ ڊڪٽيٽر خلاف مقصد حاصل ڪرڻ جو طريقو اختيار ڪيو. شهيد ذوالفقار علي ان وقت وزير هجڻ جي حيثيت ۾ ايوب خان جي مدد ڪئي. بيماري ۽ وفات: تاج محمد صاحب جڏهن جج هو، تڏهن ناچاق رهندو هو. کيس دل جي تڪليف ۽ ذيابيطس جا مرض لاحق هوندا هئا. مون ڏٺو ته هُو کاڌي جي پرهيز به گهڻي ڪندو هو ۽ علاج جاري رهندو هوس، مگر انهن بيمارين کيس نه ڇڏيو. مون کي عجب ٿيندو هو ته پنهنجين بيمارين ۽ تڪليفن جو ذڪر گهڻو ڪونه ڪندو هو. ورنه ڪيترن ماڻهن جي اها طبيعت هوندي آهي، جو تڪليف ده ذڪر شروع ڪري ڏيندا آهن. تاج محمد صاحب وانگر بيمارين باوجود ماڻهن سان خنده پيشاني سان ملڻ هر ڪنهن جي وس ۾ نه آهي، مگر تاج محمد صاحب جي طبيعت ان جي برعڪس هئي، هر ڪنهن سان پنهنجي تڪليف جو ذڪر ڪري مغموم ڪرڻ نه پئي چاهيائين. نيٺ بيماري وڌندي وئي، ڦڪين ڪو فرق نه ڪيو، ڇوته حڪم الاهي ائين ڪونه هو. تون حبيب تون طبيب، تون دارون کي دردن تون ڏئين تون لاهين، ڏاتر کي ڏکندن تڏهن ڦڪيون فرق ڪن، جڏهن امر ڪيو ان کي نيٺ قضا مٿان اچي بيٺي. ڪنهن به ڊاڪٽر جي علاج مان فائدو ڪونه پيو. آخرڪار ۱۰ مارچ تي وڃي پنهنجي حقيقي خالق سان مليو. سنڌ هڪ دانشمند ۽ مهمان نواز دانشور انسان کان محروم ٿي وئي. ڪاش هن موت کي شل موت اچي، جو اهڙن عظيم انسانن کي ايڏو جلد جدا ٿو ڪري. الله تعاليٰ جون مٿس بيشمار رحمتون هجن. (روزانه عوامي آواز، هلال پاڪستان، سنڌ سجاڳ، تعميرِ سنڌ، عبرت) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو هڪ آدرشي انسان ڊاڪٽر غلام علي الانا ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جو نالو سنڌ واسين جي ذهين تان ڪجهه جهڪو ٿي ويو آهي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سچ پچ ته ڪو معمولي ماڻهو نه هو. سندس دوستن ۾ جڳ مشهور شخصيتون شامل هيون، جن ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي، سائين جي ايم سيد، جمال الدين بخاري، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي کانسواءِ خان عبدالولي خان، محترم عطاءَ الله مينگل ۽ حيدرآباد جي امير برادران مير علي احمد خان ٽالپر ۽ ميرل رسول بخش خان ٽالپر جا نالا وڏي فخر سان وٺي سگهجن ٿا. هو پنهنجي زماني جو هڪ مثالي ماڻهو ۽ آدرشي انسان هو، هو هڪ ايماندار جج ۽ هڪ دانشور طور سڄي سنڌ ۾ ڄاتو ۽ سڃاتو ويندو هو. مرحوم سان منهنجي ملاقات، مرحوم ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي صاحب جي اوطاق تي لاڙڪاڻي ۾ ٿي، آءٌ تڏهن سنڌ يونيورسٽي طرفان ٿيندڙ امتحانن جي سلسلي ۾ لاڙڪاڻو ويو هوس، مرحوم کي سنڌو تهذيب جي باري ۾ وڏي ڄاڻ هئي، پاڻ جڏهن مون کي موهن جي دڙي ڏيکارڻ لاءِ وٺي ويو هو. تڏهن هڪ ماهر، سنڌ شناس وانگر سنڌو تهذيب جي باري ۾ تمام گهڻي معلومات ڏنائين. ائين پئي محسوس ٿيو ته موهن جي دڙي جون ڀٽون ڀڙا، ديوارون، ڳليون ۽ ناليون ساڻس ڳالهائي رهيون هيون ۽ هو اهي ڳالهيون مون کي ٻڌائيندو رهيو، هو جڏهن مون وٽ سنڌالاجي گهمڻ آيو. تڏهن مون سنڌالاجي جي مستقبل جي پروگرامن جي باري ۾ کيس ڄاڻي ڏني. جنهن تي هو ڏاڍو خوش ٿيا ۽ سنڌالاجي جي مدد جون وڏيون اُميدون ڏيکاريائون. سندن سياسي سوچ مان محسوس ٿيندو هو ته هو سنڌ جو هڪ سڄاڻ ۽ ڏاهو شخص هو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي صحبت جو مٿس گهرو اثر ٿيل هو، سندس دل ۾ سنڌي قو م لاءِ جيڪو درد ۽ احساس هو، ان مان ائين محسوس ٿيندو هو ته مرحوم چاهي ٿو ته سنڌ جا ماڻهو سستي ڇڏين ۽ پنهنجي وطن لاءِ اڻٿڪ ڪوشش ڪن ۽ سنڌ کي بين الاقوامي درجي ڏيارڻ لاءِ پاڻ پتوڙين. مون کي اها خبر نه آهي ته سندس وڏا ڪير هئا ۽ انهن جي مالي حالت ڪهڙي هئي، پر پاڻ هميشه خوش پوش ۽ خوشحال نظر ايندا هئا. مرحوم ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو چوندو هو ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سنڌ جي نياڻين جي تعليم لاءِ هميشه سرگردان هوندو هو. مرحوم تاج محمد ابڙي هڪ اصول ٺاهيو هو. جنهن موجب هو چوندو هو ته جيستائين سنڌي مائرون اڻ پڙهيل هونديون، تيستائين سنڌي معاشرو نه سُڌري سگهندو ۽ نه ئي وري ترقي ڪري سگهندو. انهيءَ اصول تحت هن سڀ کان پهرين پنهنجي پاڙي جي نياڻين کي تعليم جي زيورن سان سينگارڻ جي مهم شروع ڪئي، سندس انهيءَ جذبي جو ماڻهو به گهڻو قدر ڪيو. ساڻس ساٿ ڏنائون ۽ پنهنجين نياڻين کي پڙهائڻ جو عزم ڪيائون، ڪيتريون ئي نياڻيون پڙهي پيون. انهن مان ڪي ڊاڪٽرياڻيون بڻيون ته ڪي وري ڪاليجن ۽ اسڪولن ۾ استاد بڻيون ۽ ٻين نياڻين کي علم جي نور سان منور ڪيائون. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جيئن اسان سڀني کي معلوم آهي ته هو هڪ صحافي پڻ هو ۽ روزانه الوحيد اخبار جو ڪجهه ڏينهن ايڊيٽر پڻ رهيو، مرحوم هڪ مشهور سماج سُڌار شخصيت به هو، پنهنجي چوڌاري واري سماجي ماحول ۾ رائج اڍنگين ۽ خراب رسمن ۽ برين عادتن کي وڌندو ڏسي پنهنجي هڪ هفتيوار اخبار به ڪڍيائين، جنهن جو نالو رکيائين ”نوجوان“ پر اها اخبار گهڻو وقت هلي ڪا نه سگهي. آءٌ جڏهن اوپن يونيورسٽي اسلام آباد ۾ هوس تنهن زماني ۾ ۱۹۸۵ع ۾ لاڙڪاڻي ويس، ڇاڪاڻ ته مون کي فاصلائي نظام تعليم جي سلسلي ۾ اُتر سنڌ ۾ اوپن يونيورسٽيءَ جو ريجل دفتر ۽ مطالعاتي مرڪز قائم ڪرڻا هئا. ان سلسلي ۾ مون پنهنجي سفر جو آغاز گھوٽڪيءَ کان ڪيو ۽ پوءِ سکر، شڪارپور، جيڪب آباد، خيرپور ۽ آخر ۾ لاڙڪاڻي ويس. لاڙڪاڻي ۾ مرحوم تاج محمد ابڙي سان سندس اوطاق تي ڪافي وقت گذاريو. ٻيا دوست به اتي ئي آيا اسان جي اها ملاقات ڪافي سالن کانپوءِ ٿي هئي، هو مون کي گهڻو نئون نظر آيو، زندگي ۾ ڊگهو سفر ڪيو هئائين. ماستريءَ جهڙي پيغمبرانه ڌنڌي کان شروعات ڪئي هئائين پوءِ وڪيل بڻيو، سياست ۾ سرگرم رهيو، سماجي ڪارڪن رهيو ۽ آخر ۾ سيشن ڪورٽ جو جج مقرر ٿيو. سندس ڳالهين مان ظاهر هو ته هن پنهنجي انهيءَ پوري سفر کي هڪ ڪامياب سفر ٿي تصور ڪيو. هو پنهنجي زندگيءَ مان بيزار اصل نه هو پنهنجي ڪيل پورهئي ۽ ڪمائي تي گهڻو فخر هوس. البته آخري ڏينهن مٺي پيشاپ ۽ دمه جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويو، پر تنهن هوندي به ٿڪو نه هو، همت ڪا نه هاري هئائين، هو دلشڪستو هرگز نه هو، پنهنجي ايماندارانه ۽ بي داغ زندگي تي ناز هوس، هو ڏاڍو مطمئن هو، ان ملاقات ۾ هن مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو هو. اهو تاج محمد ابڙو نه هو جيڪو مون ڪجهه عرصو اڳ ڏٺو هو، هو پنهنجي سر هڪ انجمن هو، هڪ ادارو هو، هو مون کي هڪ صحيح مڻيادار انسان نظر آيو، منجهس ڪئين گڻ هئا جيڪي بکي رهيا هئا. اهڙا ماڻهو مرندا نه آهن، اهي هميشه زنده هوندا آهن، ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جهڙا آدرشي انسان اصل مرندا نه آهن، اهي هميشه زنده رهندا آهن. اهڙن امر انسانن جا ڇڏيل اصول سندن اولاد جي رهنمائي ڪندا آهن. مرحوم جو اولاد به، سندن والد جيان لائق ۽ فائق آهي. منهنجي دعا آهي ته موليٰ ڪريم مرحوم جي اولاد کي پنهنجي لائق ۽ آدرشي پيءُ جي نقش قدم تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي ۽ سندس اولاد کي اها همٿ ۽ سگهه ڏئي ته جيئن اهي به پنهنجي عظيم پيءُ جي اميدن تي پورا رهندا اچن. (روزانه سوڀ، ڪاوش، هلال پاڪستان، عبرت، سچ، عوامي آواز، سنڌ، مهراڻ، مقدمو، هلچل) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو منهنجو دوست، منهنجو ڀاءُ جمال ابڙو چڱن ماڻهن جي کوٽ ڪانهي. علامه دائود پوٽو، تاج محمد ابڙو، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، قاضي فيض محمد، تاج صحرائي، مولوي احمد ملاح ۽ ٻيا اڪيچار، جن مان هرهڪ تي جدا جدا ڪتاب لکي سگهجي ٿو، پر حياتيءَ تي ڀروسو ڪونه اٿم ته ڪو ايڏو وڏو ڪم ڪري سگهندس. تاج محمد ابڙو تمام ذهين ۽ اونهي سوچ وارو ماڻهو هو. هڪڙو تاج محمد ابڙو ئي هو، جنهن سان مان کلي ڳالهائي سگهندو هئس. حالانڪه تاج محمد اسان جو ڪو مائٽ ڪونه ٿي لڳو، پر تعلقات ڀائرن جهڙا هئس. امڙ جي وفات تي تاج محمد ابڙو پهتو ته جنازو روڪرائي چيائين ته: مان منهن ڏسندس، سو کيس منهن ڏيکاريو ويو. امڙ تاج محمد ابڙي سان به اسان پٽن جهڙو پيار ڪندي هئي. تاج محمد ابڙي سان ياراني پڪي هيم، جو مان کاٻيءَ ڌر جي تحريڪن، هاري پارٽيءَ ۽ مزدور يونين ۾ ڪم ڪرڻ لڳس. مون پنهنجي وڪالت جي آفيس ۾ پاڪ سوويت دوستيءَ جي انجمن کولي. اهو آئيڊيا به تاج محمد جو هو ۽ همٿائڻ به ان جو هو. سوويت لٽريچر جي لئبرري به اتي ئي قائم ڪيم. مون تي ايڏو ڀروسو ڪيو ويو، جو ڪميونسٽ پارٽيءَ جون ميٽنگون به اتي ڪيون وينديون هيون. اهو ڪرشمو به تاج محمد ابڙي جو هو. سرڪار مير علي احمد ٽالپر، شيخ اياز ۽ تاج محمد ابڙو ڪتابن جا عاشق هئا ۽ ڪنهن کي به ڪتاب ڪونه ڏيندا هئا. تاج محمد ابڙو، ذوالفقار علي ڀٽي کي ڪافي ويجهو هو ۽ سندس نجي محفلن جو رڪن هو. مون تاج محمد کي چيو ته ڇو نه ڀٽي صاحب کي چئي ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي کي جيل مان آزاد ڪرائجي. تاج محمد کي اها ڳالهه پسند آئي ۽ هن ڀٽي صاحب سان ڳالهايو. ڀٽو صاحب خود ان خيال جو هو ته روس سان لاڳاپا وڌائجن، سو هڪدم هائو ڪيائين. سوڀو گيانچنداڻي جيل مان نڪري گهر آيو. ذوالفقار علي ڀٽي بعد ۾ تاج محمد کي چيو ته هو ڪميونسٽ پارٽيءَ تان بندش لاهي پيو ۽ ڀلي پارٽي کلم کلا پنهنجي منشور مطابق ڪم ڪري. ڀٽي صاحب ائين ڪري به ڏيکاريو، پر پارٽيءَ وارا ٻاهر ڪونه نڪتا. سو ذوالفقار علي ڀٽي، تاج محمد کي چيو ته هاڻي چئه نه پنهنجي دوست کي ته هو ڪميونسٽ پارٽيءَ کي بي ڌڙڪ منظم ڪري. تاج محمد به تمام ذهين ۽ اونهي سوچ وارو ماڻهو هو، سو مون سان صلاح ڪيائين. مون چيو ته بظاهر ته اها ڳالهه ٺيڪ ٿي لڳي، باقي فيصلو ڪامريڊ سوڀو ڪندو. مان ۽ تاج محمد ابڙو ڪامريڊ سوڀي سان سندس ڳوٺ ٻنڊي ملڻ وياسون. ڪامريڊ سوڀي ٺهه پهه جواب ڏنو ته واهه جو ٿا ڏس ڏيوم ته هٿ وٺي سڀ پارٽي ميمبر ۽ ڪارڪن ظاهر ڪري پليٽ تي رکي ڀٽي صاحب کي ڏيان ته جڏهن وڻين، تڏهن کين واڙي جيل ۾ وجهي ڇڏين. اسين ٻئي ماٺ تي وياسون. پنهنجي وزن جو پتو پئجي ويو ته سوڀي گيانچنداڻيءَ جي ڀيٽ ۾ اسين ڇوڪراٽ يا سيکڙاٽ هئاسين. هڪ ٻيو واقعو ياد ٿو اچيم. ٿيو ائين جو حيدر بخش جتوئي جيل ۾ واڙجي ويو. ڪامريڊ عبدالقادر وري چڱو مڙس، نرم مزاج ۽ اختلافي راءِ کي ريٽڻ وارو ماڻهو، انهيءَ صورتحال جو فائدو وٺي هاري پارٽيءَ جي ڪن جوشيلن حقيقت ۾ پاڻ هرتڙن پارٽيءَ اندر سٽل، ڪي پنهنجا من پسند صدر، سيڪريٽري ۽ ٻيا عهديدار چونڊي بالم ٿي ويهي رهيا. مولوي نذير حسين جتوئي به ساڻن شامل هو ۽ عهدو به قبول ڪيو هئائين. پارٽيءَ فيصلو ڪيو ته انهيءَ صورتحال جو توڙ ڪيو وڃي ۽ بلڪل زائل ڪيو وڃي. انهيءَ ڪم لاءِ تاج محمد ابڙي ۽ مون کي ذميواري سونپي وئي. پتو ئي نه پوي ته ڇا ڪجي؟ هنن يارن ڇا ڪيو جو اخبارن ۾ خبرون ڇپائي پاڻ عهدن تي قابض ٿي ويهي رهيا. تاج محمد تمام گهڻو ذهين ماڻهو هو، سو حل ڪڍي آيو. چيائين ته هاري ڪميٽيءَ جي ميٽنگ ۽ ڪاروائيءَ جا من پسند فيصلا لکي هاري حقدار اخبار ۾ ڇپائي ٿا ڇڏيون. انهيءَ جڙتو ميٽنگ جي ڪاروائي، بحث مباحثا ۽ سوال جواب اهڙي نموني لکياسون، جو سود پود سچ ٿي لڳو. هاري حقدار جو پرچو ڇپائڻ لاءِ حيدرآباد هاري آفيس ۾ وڃڻو هو. ڏهه پندرهن روپيا مون کي ۽ ڏهه پندرهن روپيا تاج محمد کي، ريل جي ٿرڊ ڪلاس گاڏيءَ ۾ حيدرآباد لاءِ چڙهي پياسون. تاج محمد چوي ته ڪو مسئلو ئي ڪونهي، سڀاڻي هلنداسون هاري حقدار پريس، اتي فلاڻا فلاڻا منهنجا واقف آهن، بس موادMatter ڪمپوز ڪري هڪ ڏينهن ۾ پرچو ڪڍي ڏيندا. ٻئي ڏينهن صبح جو تاج محمد ۽ مان نيرانو نڪري پياسون. نيرن يا ناشتي جو آسرو به ڪونه هئو. ڀيڙيوسين پيرين پنڌ کي. اچي گاڏي کاتي ۾ حقدار پريس تي پهتاسون ته ٻه ويون ڇهه به ويون. هاري حقدار پريس توڙي آفيس کي تالو لڳو پيو هو. ٻڌايائون ته گورنمينٽ بندش وجهي ڇڏي آهي. چيائين: جمال! ٻيلي ڪا واهه ڪڍ، پرچو ضرور ڪڍڻو آهي. مون کي محترم محمد عثمان ڏيپلائي سمجهه ۾ آيو. انهيءَ جي پريس به ڀرسان ئي کوکر پاڙي ۾ هئي، جتان عبرت اخبار ڪڍندو هو. تاج محمد کي چيم ته هل ته ڏيپلائي صاحب وٽ ٿا هلون. سرهائيءَ سان چيائين ته يار وارو ڪر! ڏيپلائي صاحب وٽ وياسون ته کلي کيڪاريائين. جڏهن احوال ٻڌايوسونس ۽ مدد لاءِ چيوسونس ته بنا للي چپيءَ جي صاف انڪار ڪيائين. چي: اهو بلڪل غير قانوني ڪم آهي، اخبار رڳو اتي ڇپجي سگهي ٿي، جتان سرڪاري طرح ڇپائي Publish ڪئي ويندي هجي. تاج محمد مون ڏي منهن ڪري چيو: ابا ٻڌو؟ چيومانس: ڏيپلائي صاحب! ڪا واٽ ڪڍي ڏيو. گنڀير ٿي چيائين ته: توهان کي اها خبر به ڪانهي ته هاري حقدار پريس توڙي هاري حقدار اخبار تي بندش پيل آهي. اول ته اها بندش لهرايو، پوءِ ڇپائڻ جي ڳالهه ڪيو. مون پڇيو ته بندش ڪير لاهيندو؟ چيائين ته ڊي.سي جنهن کي ڊي.ايم يعني ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ چئبو هو. چيم واهه! واٽ ته نڪري آئي. پڇيم ته ڏيپلائي صاحب! ٻڌاءِ ته ڇا اي.ڊي.ايم (ائڊيشنل ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ) کي به اهي اختيار آهن؟ چيائين: ساڳي ڳالهه آهي، جهڙو هو تهڙو هو. مون کي خبر پئي ته اي ڊي ايم هئو نذير محمد ٽڳڙ جو تمام يار گهاٽو ۽ فيض وارو ماڻهو هو. مان ۽ منهنجو ننڍو ڀاءُ ڪمال ڄڻ ته سندس گهر ڀاتي هئاسين. آياسين ٽڳڙ صاحب وٽ. سڄي ڳالهه چڱيءَ طرح پڇي پڪ ڪيائين. چيائين ته ڪم آهي ته ڏکيو، پر جمال! توکي ڪونه موٽائيندس. چيائين: بندش ڪونه لاهيندس، پر رڳو پرچو ڪڍڻ ڏيندس، سو به بندش پوڻ واري تاريخ کان هڪ ڏينهن اڳ واريءَ تاريخ ۾، پر حڪومت خلاف ڪجهه به نه لکندؤ. اهڙي خاطري ڏياريسونس. مون چيومانس ته هفتيوار اخبار آهي، سو تاريخ ڪابه نه لکنداسون. ٽڳڙ صاحب به دير ئي ڪانه ڪئي، ڪلارڪ گهرائي هڪ ۽ آخري پرچو ڪڍڻ جو اجازت نامو ٽائيپ ڪرائي صحيح ڪري مهر هڻي ڏنائين. تاج محمد ڏس ته بهار بهار پيو ٿئي. آياسون محمد عثمان ڏيپلائيءَ وٽ. کيس اجازت نامو ڏيکاريوسون. حيران ٿي چيائين ته ڪهڙو جادو ڪيوَ؟ پوءِ به اخبار ڇپڻ کان صاف انڪار ڪيائين. ڏيپلائي صاحب! هيءَ ته زور آوري آهي. چيائين ته: نه، قاعدو آهي ته اخبار رڳو اتي ئي ڇپبي، جتان شايع ٿئي ٿي. ڳالهه ته سچي هئي. منٿ ڪئي سونس ته ڪو ڳٿو ڪڍ. اٿيو وڃي هاري حقدار اخبار جو پرچو کڻي آيو. وري انهيءَ ماپ ۽ رنگ جو خالي پنو کڻي آيو. چيائين ته هن خالي پني تي هاري حقدار اخبار جي ڪنهن به سب ايڊيٽر، ڪمپوزر يا ڪارندي کان لکرائي اچو ته هي پرچو هاري حقدار پريس ۾ ڇاپيو ويو. اهو ڪم ڪري اچو ته مان ٿو اخبار ڇاپي ڏيان. تاج محمد ٽڙي پيو، چيائين ته فلاڻو ڪارڪن منهنجو دوست آهي، ان کان بيٺي پير لکرائي ٿو اچان. تاج محمد هڪدم ٽانگو روڪائي حڪم ڏنو ته هل الهداد چنڊ ڳوٺ. جڏهن تلڪ چاڙي مارڪيٽ چونڪ اوريان پهتاسون ته مون ٽانگي واري کي چيو ته هلُ ٽنڊي ولي محمد. تاج محمد جوشيلو ۽ جذباتي ماڻهو هو، سو خار باز اکين سان مون ڏانهن نهاريائين. چيومانس ته ڀائو! خار نه کاءُ، هن مهل ڌرتتيءَ جو ناواقف گهٽين ۾ ڪيترو رلنداسين؟ هلي ٿا آرام ڪريون، ڪم ته ائين ئي سڀاڻي صبح جو ٿيندو. تاج محمد تمام ذهين، سمجهدار ۽ خبردار ماڻهو هو، جهٽ ڳالهه ڀانپي ورتائين. سندس ڪاوڙ ڪافور ٿي وئي. اسان به ننڊ آرام ڪري پوياڙيءَ جو گهربل ماڻهوءَ جي در تي پهتاسون. تاج محمد در کڙڪائي نالو وٺي سڏ ڪيو. اندران ئي ڪنهن پڇيو ڪير؟ تاج محمد نالو ٻڌايو ته هڪ ماڻهو چمڪدار اکين سان، وڏي اڪير سان اچي تاج محمد کي ٻک وڌو. تاج محمد جو واقعي عقيدتمند ٿي ڏٺو. ڇو ڪينَ، نيٺ ته پارٽيءَ جو ڪارڪن هو. تاج محمد کيس ڪم ٻڌايو ته ڇاتيءَ تي هٿ هڻي چيائين ته سرُ به حاضر آهي. خالي پني تي اتي ئي لکي ڏيڻ لاءِ تيار هو، پر چيوسونس ته بهتر اهو آهي ته ڏيپلائي صاحب جي روبرو لکي ڏي. چيائين حاضر، سڀاڻي صبح جو ڏهين وڳي توهان کان به اڳ ۾ عبرت پريس پهچي ويندس. ٻئي ڏينهن عبرت آفيس پهتاسون ته هو شخص (نالو وسري ويو اٿم) اڳ ۾ ئي اتي بيٺو هو. لنگهي وياسون ڏيپلائي صاحب وٽ، جنهن هڪدم ان ماڻهوءَ کي سڃاتو. اخباري دنيا جا ماڻهو هڪٻئي جا واقف ٿين ٿا. ڏيپلائي صاحب هن کان خالي پني تي لکرائي ورتو ته هي پرچو هاري حقدار پريس مان ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. ڏيپلائي صاحب چيو ته شام تائين جيترا به پرچا چئو ڏيان. چيوسونس: پنج سؤ. چيائين: هيترا پيسا لڳندا. پئسا ته اسان وٽ هئا ڪونه، سو مون ۽ تاج محمد صلاح ڪري چيو ته ٻه سؤ پرچا. ڏيپلائي صاحب چيو ته ڪو خاص فرق ڪونه پوندو، توهان کان رڳو پني جا پئسا ٿو وٺان، مزدوري ۽ منافعو ڪونه ٿو وٺان. شام جو کانئس ٻه سؤ پرچا وٺي اسان جو ڳاٽ اونچو ٿي ويو. ڪجهه پرچا حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ نوابشاهه لاءِ پنهنجي دوست هاري ڪارڪن جي حوالي ڪياسون ۽ کين تاڪيد ڪيوسون ته هڪدم ورهائي ڇڏين. دادو، لاڙڪاڻي، سکر، جيڪب آباد لاءِ سؤ کن پرچا پاڻ کڻي روانا ٿياسون. ڏيپلائي صاحب جي صدقي سستي ۾ ڇٽاسون. لاڙڪاڻي پهچي چپ چاپ ۾ راتئون رات پرچا اهم ماڻهن جي گهر پهچائي ڇڏياسون ۽ هڪ مخلص ڪارڪن سکر موڪليوسون، جنهن ڏينهن وچ ۾ پرچا سکر، شڪارپور ۽ جيڪب آباد هٿيڪن ماڻهن هٿان ورهائي ڇڏيا. مزو ٿيو، ٻئي ڏينهن مولوي نذير حسين جتوئي ڳاڙهو پيلو ٿيندو دفتر ۾ گاريون ڏيندو اچي اوطاق تي نڪتو. کيس سمڪ ئي ڪونه هئي ته اهو ڪم تاج محمد ۽ مون جهڙي ڳوڀ جو ڪيل هو. تاج محمد معصوم بڻجندي مولوي صاحب کي پرچو ڏيکاري پڇيو ته: ڪامريڊ! هي هاري حقدار جو پرچو پڙهيو اٿوَ؟ مولوي صاحب جو بند ٽٽي پيو. چي: مٺا! ڏس ته هي سنئين سڌي ڀيڻچوتائي، اهو سڄو ڪارنامو انهن ڀيڻ (....) مادر (....) ڪميونسٽن جو آهي. ظاهر ظهور ڪوڙ، حرامپائيءَ جي به ڪا حد ٿيندي آهي. تاج محمد سان سندس ٻٽيهه دليون هيون ۽ کيس لينن ثاني سڏيندو هو. تاج محمد به کيس کٿ ڪرڻ لاءِ چوڪيون ڏيندو رهيو ته؛ ڪامريڊ! سڄي ڪاروائي تفصيل سان لکي پئي آهي، توهان جي تقرير ۽ دليل به لکيا پيا آهن. مولوي صاحب وهلور پيو وڃي، اهي ههڙا تهڙا (ڪچيون گاريون) ڪميونسٽ ائين ئي ڪوڙ کي سچ ڪندا آهن. ڀلا ڏس حيدر بخش جتوئي ته جيل ۾ پيو آهي، اهو ڪيئن چونڊيو؟ اهو عبدالقادر ڏنڊي، (ڪامريڊ عبدالقادر کوکر پريس وارن جهڙي ننڍي ڏنڊي ڪڇ ۾ کڻندو هو، سو مولوي صاحب کيس سڏيندو ئي ڏنڊي هو) اهو ته هٿ کڻي ويو هو، اهو ڪيئن صدر چونڊجي ويو؟ تاج محمد اطمينان سان چيس ته ڪامريڊ! اخبار ائين ٿي چوي. مولوي صاحب آپي کان ٻاهر نڪري ويو. چي: کوهه ۾ پوي اخبار، هن تي چڙهي اخبار، ڏسي وٺنداسون. تاج محمد ڪمال صبر سان چيس: مرضي جا مالڪ آهيو. وڏو چوٻول ٿيو، پر ڳالهه اها ئي بيٺي جا تاج محمد سوچي هئي. حيدر بخش جتوئي جيل مان نڪتو ته کيس هار پارائي، جلوس ڪڍي اچي هاري حقدار آفيس ۾ صدارت جي ڪرسيءَ تي ويهاريائون. نفسيات جو به وڏو عمل دخل آهي هر ڳالهه ۾. پارٽيءَ جو حڪم مليو ته حيدر بخش جتوئي کان ههڙو بيان ڏيارڻو آهي. ڪم وري به سونپيو ويو تاج محمد کي. تاج محمد هئو واچوڙو، ڪنهن ڪم پٺيان پوندو هو ته مڇڏو ٿي لڳندو هو. مون کي چيائين ته جمال! هل حيدرآباد، حيدر بخش کان هي ڪم وٺڻو آهي. مون جهٽ چيو هائو، پر چيم ته مون کي ڇو ٿو پنڌ وجهين. تنهنجو هم خيال، دوست ۽ پارٽي ميمبر اٿئي، مون کي ڇو ٿو هروڀرو وچ ۾ آڻين؟ چيائين: هڪ کان ٻه چڱا، ٻن جو وڌيڪ دٻاءُ پوندس ۽ يقين به ايندس. بس ائين بيٺي پير تيار ٿي وياسين. پوءِ به ڏٺم ته تاج محمد هڪ ڪتاب کولي وري ٻيو پيو ڪڍي! مون چيو: ڇا ٿو ڪرين؟ وقت ٿو وڃائين. چي: اهڙو ڪتاب ٿو ڳوليان، جنهن ۾ لينن جو صاف، سٺو ۽ وڏو فوٽو هجي! انهيءَ جو ڀلا ڪهڙو سود؟ اها حيدر بخش جتوئيءَ جي ڪمزوري آ. ڏسجانءِ ڪيئن ٿو ڪم وٺانس. سڄي رات ريل جو سفر ڪري صبح جو پهتاسين حيدرآباد. سڌو وياسون هاري آفيس، جتي حيدر بخش جتوئي قرب سان مليو. ڏاڍو معصوم ۽ پيارو ماڻهو هو. تاج محمد جلد ئي مدعا بيان ڪئي ۽ لکيل بيان کيس هٿ ۾ ڏئي چيو ته: ڪامريڊ! صحيح ڪري ڏي. حيدر بخش عينڪ چاڙهي سڄو بيان غور سان پڙهيو ۽ پوءِ ڪجهه بحث مباحثو ڪرڻ لڳو. تاج محمد ڪو به جواب ڏيڻ بجاءِ لينن جو فوٽو سندس اڳيان ڪري چيو ته ڪامريڊ پارٽيءَ جو آهي. حيدر بخش جتوئيءَ جا سڀ دليل ختم ٿي ويا. کاٻي هٿ جي مٺ ڀڪوڙي مٿي ڪري لينن کي سلام ڪيائين ۽ بيان تي صحيح ڪري ڇڏيائين. هي هئو نفسيات جو جادو، جنهن لاءِ تاج محمد ابڙو پنهنجي ذهانت سان اڳواٽ اهتمام ڪري آيو هو. هي ٻه واقعا مون تفصيل سان بيان ڪيا آهن، جن جي تاريخي اهميت آهي. ٻيو به هڪ اهڙو واقعو ٿيو. منهنجو پٽ بدر، دائود پٺاڻ کان هڪ بس قسطن تي وٺي حيدرآباد کان ڪراچي هلائيندو هو. هيءَ ۷۰-۱۹۷۱ع جي ڳالهه آهي. اسين ناظم آباد ۴ ۾ رهندا هئاسين. بدر رڪشا مان ترقي ڪري بس جو مالڪ ٿي ويو هو. ويهه هزار روپيه وڏي پڦيءَ کان قرض طور ورتا هئائين. بدر جي ماءُ ڏاڍي خوش هئي، جو کيس روزانو سؤ روپيا روڪ ملندا هئا. اسين غريب پگهار تي گذر ڪرڻ وارا، تن لاءِ روڪ سؤ روپيا روز وڏي ڳالهه هئي. پر ٿيو ائين جو دائود پٺاڻ کي ڪجهه قسطون نه ڏئي سگهياسون ۽ هن بس ضبط ڪري پنهنجي اڏي تي گانڌي گارڊن راڻي باغ يا چڙيا گهر وٽ بيهاري ڇڏي. بدر پاڻ پنهنجي سر گاڏيءَ ۾ هلندو هو ۽ ڊرائيوري سندس ماسات ڪوٽڙيءَ جو آفتاب شاهه ڪندو هو. ٻئي هٿ مليندي رهجي ويا. ڀلا ڪير دائود پٺاڻ سان مهاڏو اٽڪائي؟ سڀني ٻڌو هوندو، هو اهڙو مڙس هو جو پوليس تي به گوليون هلائي نڪري ويندو هو. مون ساڻس فون تي ڳالهايو ۽ تکا مٺا به ٿياسون، پر هُو ڪونه مڙيو ۽ بس حيدرآباد جي مزدور يونين جي صدر کي هلائڻ لاءِ ڏئي ڇڏيائين. اسان جا بس تي چاليهه پنجاهه هزار خرچ ٿي چڪا هئا. مون مزدور ليڊرن سان به ڳالهايو ۽ دائود پٺاڻ سان به تيز پيس، پر حق جي ڳالهه ڪيائين ته جيسين کيس سڀ قسطون نه ملنديون، تيسين هو بس واپس نه ڪندو. مان چوان ته اول بس موٽاءِ ته پوءِ ڪمائي توکي پئسا ڏيندا وڃون، پر هن نه مڃيو. مون فيصلو ڪري ورتو ته بس اڏي تان کڻي پنهنجي قبضي ۾ ڪجي، پوءِ پاڻهي ڪا واٽ نڪري ايندي. هاڻي سوال هو ته دائود پٺاڻ جي اڏي تان بس ڪير کڻي اچي. نه بدر کي همٿ ٿئي، نه آفتاب شاهه کي. ائين اوچتو تاج محمد ابڙو اچي نڪتو. مٺ جيترو مڙس پر وڄ جا پاڻي هئس. ڏاڍو دل گڙدي ۽ جگر وارو مڙس هو، شينهن جي دل هيس. پاڻ مرادو چيائين ته چاٻي ڪنهن وٽ آهي؟ آفتاب شاهه چيو ته وٽس. چيائين ته: هلو، مان ٿو بس کڻي اچان. آفتاب شاه ۽ بدر ساڻس گڏ ويا ۽ هُو رات جو يارهين ٻارهين بجي بس اڏي تان کڻائي آيو. بدر سياڻپ ڪئي جو بس کڻائي ويو نارٿ ناظم آباد، جتي رئيس روشن علي خان اسراڻ گرمين ۾ بنگلو مسواڙ تي وٺي باقبائل اچي رهندو هو. ٻئي ڏينهن دائود پٺاڻ وٺ پڪڙ ڪئي، پر خبر ڪانه پيس. هفتو کن ڪراچي، حيدرآباد ۾ ڳولا ڦولها ڪيائين، پر بس کي ڄڻ ڪو راڪاس ڳهي ويو هو، سو خبر ڪانه پيس. نيٺ مون کي فون ڪيائين. مون ٺڪ چيومانس ته بس مون کڻائي آهي، مون وٽ آهي ۽ ڏيندس ڪونه. مڙس مٿير هو، چيائين: ”شير ڪا بچا هو، اب مين ڪيا ڪهون؟“ اهو به چيائين ته بس ۽ پئسا ته وصول ڪري ويندس، رڳو اهو ٻڌاءِ ته کنئي ڪنهن ۽ بيهاري ڪٿي اٿئي؟ چيم: اهو ڪونه ٻڌائيندس، باقي پئسا تنهنجا موٽائيندس. چيائين ته: پئسا وصول ڪرڻ پٺاڻ ڄاڻي ٿو، باقي پٺاڻ جي عزت جو مسئلو آهي. مون به چار چڱا اکر ڳالهايا ۽ چيو ته: لالا! تنهنجي عزت منهنجي عزت آهي، سڏ ۾ سڏ ڏيندس، پٺتي نه پوندس. سلام دعا تي فون بند ڪيم. مون هٿان جيڪي مرحوم تاج محمد ابڙي جا ڪم ڪاريون ٿيا ۽ مددگاريون ٿيون، سي مرحوم پاڻ سان قبر ۾ کڻي ويو. (”ڏسي ڏوهه اکين سين“، ”اونهي ڳالهه اسرار جي“، ”ٿوهر ۾ ڳاڙها گل“ ۽ ”ايندو نه وري هي وڻجارو“ تان ورتل) (روزانه سچ، هلچل) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سنڌ جي ناليواري سياسي ۽ ادبي شخصيت رسول بخش پليجو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو تمام گهڻو پڙهيل لکيل ماڻهو هو ۽ مختلف تنظيمن ۽ ليڊرشپ جي ويجهو رهيو. سنڌ هاري ڪميٽي کان سواءِ ڪميونسٽ پارٽي، سنڌي ادبي سنگت، عوامي نيشنل پارٽي، جيئي سنڌ، پيپلز پارٽي، سڀني جي نقطه نظر سان ڪنهن نه ڪنهن حد تائين ويجهو رهيو. ان ڪري ئي سندس جڳ مشهور ڪچهريءَ ۾ هر قسم جي سياسي عقيدي، ذوق ۽ سطح جي ماڻهن کي انتهائي گهڻو مزو ايندو هو. سنڌ اندر سندس مقبوليت ۾ ان ڳالهه کي ڪافي وڏو دخل هو. ۵۲-۱۹۵۱ع ڌاري (سال پورو ياد ناهي) ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي قمبر، شهدادڪوٽ تڪ مان سنڌ اسيمبليءَ جو اميدوار بيٺو. تن ڏينهن ۾ ڪراچيءَ ۾ علم دوست، ادب دوست، روشن خيال ۽ ترقي پسند خيالن وارن دوستن جو هڪڙو وڏو حلقو هوندو هو. آءٌ انهن جو هم خيال هوندو هوس. صبح شام سرگرم ادبي، علمي ۽ نظرياتي بحث مباحثن ۾ گذرندو رهندو هو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي ۽ دوستن چيو ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ترقي پسند هاري اڳواڻ آهي، ان جي اليڪشن ۾ ڀرپور مدد ڪرڻ کپي. جيڪي هلن، سي نالا لکائين. ان اليڪشن ۾ ڇا ڇا نه ڏٺوسين، ٻڌوسين ۽ ڪيوسين! اسان اليڪشن هارائي پر کٽيوسون جهڙو ڪر! اسان سبق سکيو ته ڌانڌليءَ سان ته ڪنهن کي به کٽائي سگهجي ٿو! آءٌ سنڌ هاري ڪميٽيءَ ۾ شامل ٿيس ۽ ان جي ورڪنگ ڪميٽيءَ جو ميمبر ٿيس. اتي ڪامريڊ تاج محمد ابڙي سان ملاقات ۽ ساٿ ٿيو ۽ توڙ تائين دوستي قائم رهي. چوندا آهن ته جيڪو سڀني جو دوست هوندو، اهو ڪنهن جو به دوست ڪونه هوندو. تاج محمد ابڙي جي روشن خياليءَ ۽ ترقي پسنديءَ ۾ مضبوطيءَ سان گڏ لچڪ جي ڪا حد ئي نه هئي. جي ايم سيد، ذوالفقار علي ڀٽي سميت هر طبقي جي ماڻهن سان سندس دعا سلام، رهائي سهائي ۽ گهري ويجهڙائي هئي. پر اسين جيڪي سندس شروعاتي دؤر وارو ڪامريڊي لڏو هئاسون، تن سان سندس هلت مجموعي طور سدائين ساڳي اصلوڪي رهي. يارن جهڙو يار رهيو. سيشن ججيءَ واري دؤر ۾ آءٌ ساڻس نوابشاهه ۽ سکر ۾ مليس. عوامي تحريڪ جي چندي جي باقاعدي وصولي ڪبي هئي. حيدرآباد ۽ ٺٽي ۾ پڻ ساڻس ملاقاتون ۽ ڪچهريون رهيون. هڪڙا ساٿي سندن گهڻي عوامي سرگرميءَ يا نظرياتي جدوجهد ڪري ياد رهندا آهن ته ٻيا وري ذاتي قرب ۽ ياري باشيءَ ڪري ياد رهندا آهن. منهنجي لاءِ تاج محمد ابڙي جي مکيه سڃاڻپ سندس ذاتي قرب ۽ دوستي هئي. (روزانه سنڌ،مهراڻ، مقدمو، سوڀ، هلال پاڪستان، عبرت، سچ، عوامي آواز، هلچل) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو صاف گو ۽ صاف دل انسان شيخ اياز تاج محمد ابڙو، جمال ابڙي جو گهرو دوست ۽ شايد مائٽ به هو. هُو ڪامريڊ ماڻهو هو ۽ ڪامريڊ نذير جتوئي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جو دوست هو. منهنجي به هن سان ڪافي گهرائپ هوندي هئي. هُو لاڙڪاڻي ۾ وڪالت ڪندو هو ۽ جڏهن به مان لاڙڪاڻي ويو هوس ته هن فراخدليءَ سان ٻه ٽي ڀيرا منهنجي ماني ڪئي هئي. مانيءَ تي جمال ابڙي جو وڏو ڀاءُ شمس الدين ابڙو به آيو هو، جو ڪجهه سال پوءِ گذاري جمال ابڙي کي ڏاڍي غم ۾ ڇڏي ويو. في الحال مون تاج محمد ابڙي جي ڳالهه ٿي ڪئي. جڏهن ڀٽو صاحب چيف مارشل لا ائڊمنسٽريٽر ٿي آيو، تڏهن تاج محمد ابڙي کي سيشن جج ڪيو هئائين ۽ تاج محمد جي پهرين تقرري سکر ۾ ٿي هئي. هو ته اڳي ئي مون سان گهايل مايل هوندو هو، تن ڏينهن ۾ مون وٽ ٻه موٽرون هونديون هيون، ٽويوٽا ڪارونا ۽ ٽويوٽا ڪرولا. تقرريءَ کان ڏهه پندرهن ڏينهن پوءِ تاج محمد لاڙڪاڻي وڃڻ لاءِ مون کان هڪ ڏينهن لاءِ ڪار گهري، جيتوڻيڪ مون کان ڪار گهرندي ڪنهن کي ورلي همٿ ٿيندي هئي. مون خوشيءَ سان تاج محمد ابڙي کي پنهنجي ٽويوٽا ڪرونا ڏني، فقط ان ڪري جو هُو مون لاءِ ”ڪامريڊ“ هيو ۽ ان ڪري نه ته هو سکر جو سيشن جج هو. تاج محمد ٽي چار ڏينهن لاڙڪاڻي بنا اطلاع جي ڪار روڪي ڇڏي ۽ جڏهن موٽي آيو ته ڪار کي وڏو چٻ هو. مون ڊرائيور کي چيو ته ڪار ڌوئاري ڪارخاني ۾ ٺهرائڻ لاءِ ڏئي اچي. پندرهن ڏينهن پوءِ تاج محمد مون کان وري لاڙڪاڻي لاءِ ڪار گهري. مون کيس چيو ته: ”ڪرولا ۾ ڪجهه خرابي آهي ۽ ان جي ٺيڪ ٿيڻ ۾ ٻه ٽي ڏينهن لڳندا، باقي ڪارونا تي آءٌ پاڻ ڪورٽن ۾ ويندس.“ تاج محمد سمجهيو ته مان کيس ڄاڻي واڻي انڪار ٿو ڪريان. بهر صورت جڏهن لاڙڪاڻي مان موٽي آيو ته مان هن جي چيمبر ۾ ويس ته هن تڙي ڏئي چيو: ”منهنجي چيمبر ۾ اچين ته اطلاع ڏئي ايندو ڪر!“ مون به غصي ۾ کيس چيو: ” تاج محمد صاحب! تون يقين ڪر ته مان نه رڳو تنهنجي چيمبر ۾ بنا اطلاع جي نه ايندس، پر اطلاع سان به نه ايندس ۽ تنهنجي ڪورٽ ۾ نئون ڪيس به نه کڻندس ۽ جيڪي تو وٽ پراڻا ڪيس آهن، اهي به ڪوشش ڪري منهنجو جونيئر تو وٽ هلائيندو يا ٻئي ڪنهن وڪيل کي سپرد ڪندس.“ ڪجهه مهينن کان پوءِ جمال ابڙي مون کي فون ڪيو ته هُو سکر آيو آهي. هُو غالباََ ان وقت سنڌ پراونشل اسيمبليءَ جو سيڪريٽري هو. مون هن کان پڇيو: ”ڪٿان ٿو ڳالهائين؟“ جواب ڏنائين ته: ”هتي تاج محمد جي بنگلي تي لٿل آهيان.“ مون کيس چيو ته: ”رات جي ماني تاج محمد سوڌو مون وٽ کائجانءِ.“ رات جو هُو مون وٽ تاج محمد سان گڏجي پراڻي سکر آيو. هن کي خبر نه هئي ته تاج محمد ۽ منهنجي وچ ۾ ڪائي به رنجش آهي. رات جو اٽڪل هڪ بجي هو مون وٽان کل خوشيءَ سان ويا. ڪجهه مهينن کان پوءِ مون ٻڌو ته تاج محمد جو ٽرانسفر ٿيو آهي. هن جي پٽيوالي مون کي اچي چيو ته: ” تاج محمد صاحب اوهان کي سڏي ٿو.“ مون کي دل ۾ آيو ته هن کي انڪار ڪيان، پر مان هن وٽ چيمبر ۾ هليو ويس. هو اٿي بيٺو ۽ مون سان هٿ ملائي چيائين: ”اياز! تون مون سان ناراض آهين؟“ مون کيس چيو ته: ”هائو!“ ان تي چيائين: ”معاف ڪجانءِ جو مان توسان ٽرڙائپ سان پيش آيو هوس.“ مون سندس ڪلهي تي هٿ رکي چيو: ”وڌيڪ ڪجهه نه چئجانءِ! اهو ڪافي آهي. تون منهنجي لاءِ ساڳيو ڪامريڊ تاجو آهين، مون کي ڪابه غلط فهمي نه آهي.“ تاج محمد پوءِ خيرپور ۾ سيشن جج مقرر ٿيو ۽ غالبًا ٺٽي ۾ سيشن جج هو ته هن رٽائر ڪيو ۽ پوءِ جلد ئي گذاري ويو. اِنَّا لِلہ وَ اِنَّا اِلَيْهِ رٰجِعُوْنَ تاج محمد ابڙي جهڙا صاف گو ۽ صاف دل انسان مون زندگيءَ ۾ ٿورا ڏٺا آهن. (”ڪٿي ته ڀڃبو ٿَڪُ مسافر“ تان ورتل) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو روشنيءَ جو پهريون ڪرڻو تنوير عباسي تاج محمد ابڙو کلڻو ملڻو، جڏهن ملوس ته ٽهڪ ڏيندو، دوست کي ڏسي خوش ٿيندو. پهريون دفعو مون سان هو ۱۹۵۶ع ۾ مليو. سنڌي ادبي سنگت سنڌ جون شاخون مختلف شهرن ۾ قائم ٿيل هيون، پر انهن جو رابطو نه هو. مون، مقبول ڀٽيءَ ۽ رشيد ڀٽيءَ فيصلو ڪيو ته سڀني سنگتين کي هڪ لڙيءَ ۾ پوئجي ۽ پوءِ سڄيءَ سنڌ ۾ وڌيڪ سنگتون قائم ڪجن، جيئن سنڌين جو پيغام ادب ذريعي سڄيءَ سنڌ ۾ ڦهلائي سگهجي. ون يونٽ جو اونداهو دؤر هو. ادب ذريعي انقلاب جي ان تحريڪ جي روشنيءَ جو پهريون ڪرڻو لاڙڪاڻي ۾ تاج محمد ابڙي جي اوطاق مان اُسريو ۽ سڄيءَ سنڌ ۾ ڦهلجي ويو. ٿيو ائين جو لاڙڪاڻي ۾ ان سال ۱۹۵۶ع ۾ جمعيت الشعرا جي سالياني ادبي ڪانفرنس ٿي هئي. ان ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ سڄيءَ سنڌ جي شاعرن ۽ اديبن کي سڏ هو (پر دعوت نامي ۾ موسم آهر بستري آڻڻ جي هدايت ڪيل هئي). ان ڪانفرنس ۾ اسان جي گهڻن هم خيال اديبن ۽ شاعرن کي دعوت مليل هئي. ان ڪري ”هڪ ڪم ٻه ڪاڄ.“ اسان سنڌي ادبي سنگتن کي هڪ مرڪز تي گڏ ٿيڻ جي تياريءَ لاءِ پهرين ميٽنگ به لاڙڪاڻي ۾، ان ڪانفرنس جي موقعي تي رکي ۽ تاج محمد ابڙي ميزبانيءَ جا فرائض انجام ڏنا. ائين لاڙڪاڻي مان اياز قادري ۽ جمال ابڙو، حيدرآباد مان مقبول ڀٽي، سکر مان رشيد ڀٽي، ڪراچيءَ مان عبدالغفور انصاري، دادوءَ مان تاج صحرائي، ٻيا ڪجهه دوست، جن جا نالا ياد نٿا اچن، سڀئي لاڙڪاڻي ۾ تاج محمد جي اوطاق تي گڏ ٿيا ۽ فيصلو ڪيو ويو ته ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادبي سنگت جو ڪنوينشن سڏائجي، جنهن ۾ سنڌ جي سڀني ادبي سنگتن کي گڏ ڪري، سنڌ سنگت کي زور وٺائجي ۽ ان جو دستور وغيره منظور ڪرائجي. اهو روشنيءَ جو پهريون ڪرڻو هو، جيڪو ون يونٽ جي اونداهي دؤر ۾ تاج محمد ابڙي جي اوطاق مان ڦُٽو ۽ سڄيءَ سنڌ کي جرڪائي ڇڏيائين. تاج محمد ابڙو وڪيل هو، پر وڪيل کان وڌيڪ دانشور هو. ادب، تاريخ، فلسفو سڀ پڙهندو هو، دوستن سان بحث ڪندو هو. لکيائين هڪ لفظ به ڪونه، پر پڙهيو به گهڻو ته ڪڙهيو به گهڻو. هُو نه رڳو پڙهڻ وارو هو، پر ڪڙهڻ وارو به هو. هاري تحريڪ، نيشنل عوامي پارٽي، سنڌ عوامي محاذ ۽ بعد ۾ پي پي ۾، مطلب ته جيڪا به تحريڪ سنڌ جي پيڙهيل طبقن جي ڀلائيءَ ۽ آجپي جي لاءِ هئي، ان ۾ ڀرپور حصو ورتائين. اڳتي هلي وڪالت ڇڏي جج ٿيو، پر سنگت سان اها ئي محبت ٽائم رکيائين. جڏهن دوست آڏو آيو ته ڇا جي ججي ڇا جي وڏائي، ساڳيا ٽهڪ، ساڳيون ڪتابن جون ڳالهيون، ساڳيون هاري تحريڪ ۽ ترقي پسنديءَ جون صلاحون ۽ مشورا. ائين لڳندو هو ته ڄڻ نوڪريءَ ۾ آهي ئي ڪونه. ساڳيو آزاد منش، ترقي پسند ۽ انسان دوست تاج محمد ابڙو آهي، جيڪو نوڪريءَ ۾ اچڻ کان اڳ هئو. اهڙن دلبرن کي وساري نه ٿو سگهجي. هن جي ياد ۾ منهنجا هي ڪجهه جملا ڪافي نه آهن، پر تڏهن به هن جي ياد ته تازي ڪن ٿا. (روزانه عبرت، پڪار، آفتاب، بخت ور، جاڳو، هلال پاڪستان، خادم وطن، سنڌ نيوز، برسات ۽ سنڌو) تاج محمد ابڙو لاڙڪاڻي ۾ جديد ادب جي سجاڳي آڻيندڙ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ادب جي اوسر ۾ ڪي اهڙيون شخصيتون به اهم ڪردار ادا ڪنديون آهن، جيڪي پاڻ ته نه لکندڙ هونديون آهن، پر لکندڙ پيدا ڪنديون رهنديون آهن. هو ادب جي آبياري ڪنديون آهن ۽ اديبن ۽ شاعرن کي پنهنجيون صلاحيتون ظاهر ڪرڻ لاءِ ميدان مهيا ڪري ڏينديون آهن. اهڙيءَ طرح هو پسمنظر ۾ رهي اديبن جي صلاحيتن کي نکيرڻ ۽ اڀارڻ ۾ بنيادي خدمت سرانجام ڏينديون آهن. ادبي تنظيمون انهن جي ئي دم سان قائم هونديون آهن ۽ انهن جي ئي ڪوشش جو نتيجو هونديون آهن. اهڙين شخصيتن مان لاڙڪاڻي جو هڪ باصلاحيت ۽ وسيع مطالعي جو مالڪ تاج محمد ابڙو مرحوم به هو. تاج محمد ابڙي سان جنهن زماني ۾ منهنجي واقفيت ٿي، ان زماني ۾ هُو لاڙڪاڻي ۾ وڪيل هو ۽ سندس اوطاق شام جي وقت ۾ اديبن، سياستدانن ۽ سماجي ڪارڪنن جو خاص مرڪز هوندي هئي. ابڙو صاحب وڏي مطالعي جو مالڪ هو ۽ سندس لئبريريءَ ۾ قانون جي ڪتابن سان گڏ هر علم جي شاخ تي ڪتاب موجود هوندا هئا. هُو سياست، فلسفي، ادب ۽ ٻين لاڳاپو رکندڙ علمن تي ڪتاب پڙهندو رهندو هو. خاص طرح سان انگريزي ٻوليءَ ۾ ڪيترا ئي ڪتاب پڙهيا هئائين ۽ هميشه پڙهندو رهندو هو. لاڙڪاڻي جا شاعر ۽ اديب، خاص طرح سان اهي اديب جيڪي جديد لاڙن موجب ادب تخليق ڪري رهيا هئا، انهن سان سندس دوستي هئي. منهنجو اشارو جمال ابڙي ۽ اياز قادريءَ ڏانهن آهي. هن پاڻ ته سنڌي ادب جي سلسلي ۾ قلم کان ڪم ڪونه ورتو، پر پنهنجي تنظيمي صلاحيتن سان سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي جي ذريعي جديد سنڌي ادب جي لاڙن جي جاڳرتا پيدا ڪيائين. مطلب ته تاج محمد ابڙي مرحوم سنڌي ادب جي خدمت هڪ تحريڪ جي ذريعي ڪئي. اها تحريڪ آهي سنڌي ادبي سنگت، جنهن اڳتي هلي سنڌي زبان ۽ ادب جي سلسلي ۾ اهم خدمتون سرانجام ڏنيون. يعني سنڌي جديد ادب جي آبياري تاج محمد مرحوم ڪئي، جنهن جي سڳنڌ ۽ سرهاڻ هينئر سڄيءَ سنڌ کي واسي ڇڏيو آهي. تاج محمد مرحوم سان منهنجي ڄاڻ سڃاڻ اياز قادريءَ ۽ خادم حسين شاهه مرحوم جي ذريعي ٿي. محترم ڊاڪٽر اياز قادري صاحب جي تمام گهري دوستي تاج محمد ابڙي مرحوم سان هئي. ساڻس گڏجي آءٌ ڪيترا ڀيرا تاج محمد ابڙي مرحوم سان ملڻ ويس ۽ انهن ڪچهرين کي ٻڌندو رهيس، جيڪي تاج محمد مرحوم جي اوطاق تي ٿينديون هيون. انهن ڏينهن ۾ يعني ۱۹۵۰ع جي ڏهاڪي ۾ تاج محمد ابڙي مرحوم جي اوطاق علمي، ادبي ۽ سياسي شخصيتن جو مرڪز هئي. لاڙڪاڻي ضلعي جون شخصيتون جهڙوڪ مولوي نذير حسين، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ علي محمد عباسي ۽ ٻيون ڪيتريون شخصيتون اتي اوطاق تي اينديون هيون ۽ وڏيون ڪچهريون ٿينديون هيون. سياسي بحث ٿيندا هئا، ملڪ جي حالتن تي ويچار ٿيندو هو ۽ علمي ادبي مجلسون منعقد ٿينديون هيون. جمال ابڙي صاحب سان به اتي ئي ملاقات ٿي ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ کي به ابڙي صاحب جي اوطاق تي ئي گفتگو ڪندي مون ٻڌو. حيدر بخش جتوئي مرحوم مون کي ڏاڍو سچو، مخلص ۽ پنهنجي نظريي سان وفادار انسان نظر آيو. ڪڏهن ڪڏهن آءٌ اتي ويندو هيس ۽ انهن شخصيتن کي ٻڌندو هيس. اهڙيءَ طرح منهنجي ذهني اوسر ٿي ۽ سنڌي ادب ۽ سنڌي ادب جي لاڙن کان واقف ٿيس. جيئن ته محفل ۾ شرڪت ڪندڙ گهڻا دوست اشتراڪي فلسفي جي سياسي، تاريخي ۽ ادبي لاڙن تي گفتگو ڪندا هئا، انهيءَ ڪري مون کي به سياسي ڳالهين جي واقفيت حاصل ٿي ۽ ادب جي جديد لاڙن کان متعارف ٿيس. بهرحال، تاج محمد ابڙي مرحوم جي اوطاق هڪ اهم مرڪز هو، جنهن سياستدانن، اديبن ۽ سماجي ڪارڪنن کي هڪ ميدان مهيا ڪري ڏنو. مون ڏٺو ته هُو پاڻ جيتوڻيڪ اشتراڪي نظريي جو قائل هو، پر هن ڪڏهن به بحث ۾ سخت رويو اختيار نه ڪيو، بلڪه گهڻي قدر بحث ۾ الجهندو ئي نه هو. ذاتي شرافت، خلوص ۽ هر انسان لاءِ محبت جو جذبو سندس طبيعت مان نمايان هوندو هو. سندس ملڻ جي انداز ۽ ٻهڪندڙ چهري مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو ۽ چاهيندو هئس ته ابڙي صاحب جي محفل ۾ وڃجي ۽ ان سان ڪجهه گهڙيون گذارجن. لاڙڪاڻو علم، ادب جو مرڪز رهيو آهي. هتان ئي ادبي ڪانفرنسن ۽ شاعرن جي ابتدا ٿي. هتان ئي ”اديبِ سنڌ“ رسالو نڪرندو هو، جنهن سنڌي عروضي شاعريءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. انهيءَ تحريڪ جو باني ۽ جمعيت الشعراءَ جو هلائيندڙ حاجي محمود خادم هن ئي شهر ۾ رهندو هو. ان سان به منهنجيون ادبي ڪچهريون ٿيون. البت جنهن دؤر جو آءٌ ذڪر ڪري رهيو آهيان، يعني ۵۰ع جو ڏهاڪو، انهن ڏنهن ۾ حاجي محمود مرحوم وٽ ٿيندڙ ڪچهريون ماٺيون ٿي ويون هيون. اهو خال تاج محمد ابڙي جي جاءِ تي ٿيندڙ محفلن ڀري ورتو. انهيءَ ئي دؤر ۾ لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت جو بنياد پيو، جنهن جي بانين ۾ تاج محمد ابڙي مرحوم، جمال ابڙي ۽ اياز قادريءَ جا نالا اچي وڃن ٿا. پهريون محرڪ ان جو تاج محمد ابڙو مرحوم هو، ڇاڪاڻ ته اهو ئي لاڙڪاڻي ۾ رهندو هو. انهيءَ لحاظ کان صحيح معنيٰ ۾ سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي جو باني تاج محمد ابڙو هو. سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري به تاج محمد ابڙو ئي هو. هُو جيتوڻيڪ پاڻ اهلِ قلم يا سنڌي زبان جو ليکڪ نه هو، پر سنڌي ادب جو پرستار ۽ سٺو ادبي ذوق رکندڙ هو. هو ادب جي ترقي پسندانه لاڙن جو قائل هو ۽ انهن کي عام ڪرڻ لاءِ سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي جي ذريعي اهم خدمت سرانجام ڏنائين. کيس سنڌي ادب جو خاموش خدمتگار سڏجي ته صحيح ٿيندو. هن ڪڏهن به پنهنجي نالي ڪڍرائڻ جي ضرورت محسوس نه ڪئي، پر خاموشيءَ سان سنڌي جديد ادب کي رواج ڏيڻ لاءِ ڪم ڪندو رهيو. انهن ڏينهن ۾ سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي هر هفتي شام جو مدرسه هاءِ اسڪول واريءَ بلڊنگ ۾ ٿيندي هئي، جتي هينئر گورنمينٽ گرلس ڪاليج آهي. انهن گڏجاڻين ۾ آءٌ به شريڪ ٿيندو هيس. تاج محمد صاحب مرحوم باقاعدگيءَ سان انتظام ڪندو هو. سندس ذاتي دلچسپيءَ جي ڪري ئي لاڙڪاڻي جا ڪيترا ئي اديب ۽ شاعر انهن گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيندا هئا. انهن ڏينهن ۾ جيتوڻيڪ آءٌ ملازمت ڪري لاڙڪاڻي کان ٻاهر هوندو هئس، پر گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ لاڙڪاڻي ايندو هئس. مون انهن ئي گڏجاڻين ۾ جمال ابڙي جا سنڌي افسانا زباني ٻڌا، جيڪي پوءِ سه ماهي ”مهراڻ“ ۾ ڇپيا. بعد ۾ اهي ڪتابي صورت ۾ ”پشو پاشا“ جي نالي سان ڇپيا. ٿيو ائين جو انهن ڏينهن ۾ جمال ابڙو موڪل تي هو ۽ لاڙڪاڻي ۾ رهندو هو. مون به پنهنجي ادبي سفر جي ابتدا انهن گڏجاڻين کان ڪئي. مون پنهنجا ڪجهه تحقيقي مقالا انهن گڏجاڻين ۾ پڙهيا، جيڪي پوءِ سه ماهي ”مهراڻ“ مان ڇپيا. خاص طرح سان سنڌ ۽ بلوچستان مقالو انهن محفلن ۾ پڙهيو هيم. سڀني دوستن جو انهيءَ ڪري به هن مقالي توجه ڇڪرايو، ڇاڪاڻ جو ان مقالي ۾ بلوچستان جي مشهور اهلِ قلم گُل خان نصير جي تاريخ کي بحث هيٺ آندو ويو هو. مطلب ته تاج محمد ابڙي مرحوم لاڙڪاڻي ۾ ادبي سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ وڏي جدوجهد ڪئي ۽ لاڙڪاڻي جي اديبن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ بنيادي ڪم ڪيو. سندس شمار جيتوڻيڪ سنڌي اديبن ۾ نٿو ٿئي، پر سندس شمار اهڙن ماڻهن ۾ ڪري سگهجي ٿو، جن اديبن کي ميدان تي آندو ۽ جديد سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ بنيادي ڪم ڪيو. تاج محمد ابڙو مرحوم هڪ مخلص انسان هو ۽ انسانيت جو عملي نمونو هو. هن کي ڪنهن سان نفرت ڪندي نه ڏٺم، پر هرهڪ سان خلوص ۽ محبت سان ملندي ڏٺم. منهنجا عزيز ۽ دوست سندس دوست هئا، جيڪي سندس محبت، اخلاص ۽ شرافت جون ڳالهيون ٻڌائيندا هئا ۽ سندس بي داغ ڪردار جي تعريف ڪندا هئا. گهڻي وقت کان پوءِ ساڻس ملاقاتون ۱۹۷۲ع ۾ سکر ۾ ٿيون، جڏهن هو سکر ۾ سيشن جج هو. سندس بنگلو اسلامڪ ڪاليج جي استادن جي گهرن جي لڳ هوندو هو. مان به انهن گهرن مان هڪ گهر ۾ رهندو هئس. شام جو وٽس ويندو هئس ۽ ڪيترو وقت ويهي ڪچهريون ڪندا هئاسون، پر اهي ڪچهريون به گهڻو وقت نه هليون، ڇاڪاڻ جو ۱۹۷۲ع جي آخر ۾ منهنجي سکر مان بدلي ٿي وئي. دنيا ۾ هونءَ ته ڪيترن ئي ماڻهن سان انسان جو ملڻ ٿئي ٿو، پر انهن مان تمام ٿوريون شخصيتون هونديون آهن، جيڪي ٻين کي متاثر ڪنديون آهن ۽ ٻين کي پاڻ ڏانهن ڇڪينديون آهن. انهن جي گفتگو ۾ اهڙو ته تاثير ٿئي ٿو، جو ماڻهو ان ڏانهن ڇڪجي اچي ٿو. اهڙين ئي شخصيتن مان هڪ شخصيت تاج محمد ابڙو مرحوم به هو. جن شخصيتن مون کي متاثر ڪيو ۽ انهن کي وساري نه سگهيو آهيان، انهن مان تاج محمد ابڙو مرحوم به هو. جيتوڻيڪ ساڻس ملاقاتون وقفي کان پوءِ ٿينديون رهيون، تڏهن به کيس وساري نه سگهيو آهيان. شاهه صاحب جي لفظن ۾: ڪي اوڏا ئي ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين، ڪي چڙهن نه چت تي، ڪي وسرن نه مور، جيئن مينهن ڪنڍيءَ پور، تيئن دوست وراڪو دل سين. تاج محمد مرحوم اهڙو ئي شخص هو، جيڪو وسري نه سگهندو آهي. اهو فقط منهنجو رايو نه آهي، پر انهن سڀني ماڻهن جو رايو آهي، جن جا تعلقات تاج محمد مرحوم سان هئا. تاج محمد ابڙي مرحوم جا تعلقات نه فقط آزاد خيال ۽ اشتراڪي نظريو رکندڙ ماڻهن سان هئا، پر هُو ڪن ٺيٺ مذهبي ماڻهن جو دوست به هو. انهن مان هڪ منهنجو عزيز، دوست، شاگرد ۽ سيڻ حاجي قادر بخش مرحوم به هو. هُو ٺيٺ مذهبي ماڻهو هو، پر تاج محمد مرحوم سان هن جي بي انتها محبت هئي. هو جڏهن به مون سان ملندو هو ته تاج محمد مرحوم جون ڳالهيون ٻڌائيندو هو ۽ ان جو ذڪر ڏاڍي سهڻي انداز ۾ ڪندو هو. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته تاج محمد مرحوم کي انسان ذات سان محبت هئي ۽ دوستن سان تمام گهڻو خلوص ۽ محبت جو رستو هو. ان مان اهو به ظاهر ٿئي ٿو ته هو فراخ دل انسان هو ۽ وسيع قلب جو مالڪ هو. هُو انهن آزاد خيال ماڻهن مان نه هو، جيڪي مذهبي ڳالهيون ڇيڙي، مذهبي ماڻهن جي دل آزاري ڪندا آهن. مطلب ته هو هڪ سچو، کرو ۽ شريف النفس انسان هو، جنهن کي پنهنجي وطن سان، پنهنجي زبان ۽ ادب سان ، پنهنجي وطن جي مسڪين ۽ پيڙيل طبقي سان محبت هئي، جنهن جي پنهنجي دوستن سان بي انتها محبت هئي ۽ جنهن کي پنهنجي ٻارڙن سان مشفقانه پيار هو. هُو بحيثيت هڪ انسان جي به هڪ عظيم انسان هو ته وفادار دوست به هو. پنهنجي نظريي سان به سچو هو ته پنهنجي ثقافت ۽ قديم روايتن سان به مخلص هو. بحيثيت جج جي به ڏاڍو سخت قسم جو منصف هو. جڏهن هُو عدالت جي ڪرسيءَ تي ويهندو هو ته ان وقت ڪنهن جو به رياءُ نه رکندو هو. حق ۽ سچ جو فيصلو ڪندو هو. انهيءَ ڪري سندس ڪوبه دوست يا وڪيل کانئس ناجائز فائدي حاصل ڪرڻ جي سڌ به نه ڪري سگهندو هو. عدل جي سلسلي ۾ هُو نه ڪنهن جي سفارش ٻڌندو هو، نه ڪنهن لالچ ۾ اچي سگهندو هو. انهيءَ لحاظ کان به هو صحيح معنيٰ ۾ انصاف ڪندڙ منصف هو. اهڙيون شخصيتون سنڌ لاءِ فخر جو باعث آهن ۽ اسان سنڌ واسين لاءِ هڪ مثالي نمونو آهن. (هلال پاڪستان، ڪاوش، عوامي آواز، جاڳو، الوحيد، پڪار) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو هڪ عظيم انسان انيس انصاري منهنجي واقفيت ساڻس پهريائين ۱۹۳۹ع ۾ ٿي. مان مدرسي هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي جي والي بال ٽيم سان قمبر ۾ ٽورنامينٽ ۾ حصو وٺڻ ويو هيس. راند ڏسڻ لاءِ قمبر جا ماڻهو وڏي تعداد ۾ ايندا رهيا، جن جي ويهڻ لاءِ گرائونڊ تي ڪرسيون ۽ بينچون رکيون ويون هيون. راند جي پوري ٿيڻ بعد هڪ شرميلي مسڪرائيندڙ ڇوڪري اچي سڀني کي هٿ ڏنو ۽ پڇيائين: ”ٽيم سان محمد مقيم ڪونه آيو آهي ڇا؟“ ۽ جواب مليو ته پنهنجي والده جي بيماريءَ سبب هو اچي نه سگهيو! ان شرميلي ڇوڪري اکيون زمين ۾ کپائيندي اسان جي ٽيم جي ڪئپٽن کي چيو: ”اوهين محمد مقيم جي اسڪول ۾ پڙهندا آهيو. هو منهنجو دوست آهي، ان ڪري اوهان به منهنجا دوست آهيو. هلو ته گڏجي چانهه پيئون.“ پهرئين ڏينهن ئي واقفيت دوستيءَ ۾ تبديل ٿي وئي. اهو لڄاڙو، دل جو درياهه ۽ مُنهن جو ملوڪ ڇوڪرو تاج محمد ابڙو هو، جنهن اسڪول جي هاسٽل ۾ مٺائي سان گڏ پنهنجي ڳالهائڻ جي مٺاڻ سان دل کي موهي ڇڏيو. تاج محمد جا وڏا شهدادڪوٽ جا ويٺل هئا. ننڍپڻ ۾ ئي سندس والد قادر بخش خان گذاري ويو. باوجود پنهنجي زمين هوندي به کيس مهر ۽ شفقت جي ضرورت هئي، جا سندس وڏي ڀيڻويي محمد عثمان ميمڻ پوري ڪئي، جو پوليس کاتي ۾ هڪ آفيسر هو. محمد عثمان کي پنهنجي اولاد ڪانه هئي، ان ڪري سندس محبت ۽ توجه جو مرڪز تاج محمد ئي رهيو. تاج محمد پنهنجي تعليم جي ابتدا اهڙي مڪتب ۾ ڪئي، جتي ٻار جي صحيح يا غلط تربيت ڪري سندس ايندڙ زندگي اثر وٺندي آهي. اهو مڪتب هو سندس گهر، جتي سندس تعليم ۽ تربيت سندس عالم فاضل همشيره ڪئي، جا نه رڳو پڙهيل هئي، پر فارسيءَ تي به سٺو عبور هيس. گهرو مڪتب بعد پرائمري تعليم قمبر ۾ حاصل ڪيائين، جتي باوجود ميان محمد عثمان جي بدلين جي، هاسٽل ۾ رهي يڪسوئيءَ سان تعليم حاصل ڪندو رهيو ۽ سيڪنڊري تعليم مدرسه هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو ۾ پڙهيو. ان بعد هو ڪراچي ويو، جتي ڊي.جي سنڌ ڪاليج ۾ تعليم وٺڻ لڳو. اهو ٻڌڻ تي ته ڪراچي ريڊيو تي نيوز ڪاسٽر جي مقرريءَ لاءِ آڊيشن ٿي رهي آهي، هو ويو ۽ شامل ٿيو. سندس صاف ۽ گونجدار آواز جي ڪري هو چونڊيو ويو ۽ ڪافي وقت ڪراچي ريڊيو تي نيوز ڪاسٽر جي حيثيت ۾ ڪم ڪندو رهيو. سندس خبرن پڙهڻ جو انداز وڻندڙ ۽ اثر انگيز هوندو هو. خبرن جي مناسبت سان آواز ۾ لچڪ پيدا ڪري، هو ٻڌندڙ جي دلين تي خبر جي اهميت جي ڇاپ ڇاپي ڇڏيندو هو. باوجود ٻاهرين سرگرمين جي، هو پنهنجي پڙهڻ سان سچو رهيو. ڪراچيءَ ۾ رهڻ دوران سندس واقفيت هڪ اهڙي ڪٽنب سان ٿي، جنهن وٽ هو اچڻ وڃڻ لڳو. ان گهر جي هڪ ڇوڪريءَ تاج محمد سان محبت جو اظهار ڪيو، پر خانداني شرافت، گهرو تربيت ۽ وڏيءَ ڀيڻ جي مشورن هن کي سنڀالي ورتو ۽ هن باوجود ان گهراڻي سان ڪافي وقت تعلقات هوندي به پنهنجي قدم کي ٿڙڪڻ ڪونه ڏنو. تاج محمد جي اها خصوصيت هئي، جو باوجود موقعن ملڻ جي ۽ سٺين نوڪرين تي رهڻ جي، براين جي ويجهو ڪونه ويو. نه ڪڏهن سگريٽ پيتائين ۽ نه شراب، دڳ سير ڪنهن ڌاريءَ عورت کي ڏسندو هو ته اکيون زمين ۾ کُپائي ڇڏيندو هو. ايل.ايل.بي ڪرڻ بعد تاج محمد ڪراچيءَ کي خيرباد ڪيو. ڪجهه وقت اچي قمبر ۾ ميونسپل هاءِ اسڪول ۾ انگلش ٽيچر ٿيو، پر سندس طبيعت کي اهو ميدان راس نه آيو. ايل.ايل.بي ڪري وڃي شمس الدين ابڙي وڪيل سان جونيئر پليڊر جي حيثيت سان ڪم سکڻ لڳو، جو ٿورڙي وقت ۾ حاصل ڪري ورتائين. ٻنهي جي هڪٻئي سان محبت ۽ لاڳاپي کي ڏسي ماڻهو کين ڀائر سمجهندا هيا. شمس الدين سان گڏ وڪالت جي دوران ئي سندس دوستي جمال ابڙي سان ٿي. ان وقت تائين هلندي رهي، جيسين تاج محمد جي ساهه جو سڳو پئي سُريو. تاج محمد جهڙو ڪرمنل ڪيسن (Criminal Cases) جي ڪاميابين ۾ مشهور هو، اهڙي ئي سول لا (Civil Law) جي کيس ڄاڻ هئي. گهڻو ڪري هو ڪرمنل ڪيسن کي ترجيح ڏيندو رهيو ۽ جرح ۾ شاهدن جون متيون منجهائي ڇڏيندو هو. ڪرمنل ۽ سول لا جي ڄاڻ ڪري کيس پهريائين اسسٽنٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر بنايو ويو ۽ بعد ۾ ڊسٽرڪٽ پبلڪ پراسڪيوٽر. ان نوڪريءَ دوران سنڌ جي اڪثر ۽ بلوچستان جي ڪن شهرن ۾ مقرر ڪيو ويو. جتي به مقرر ڪيو ويو، اتي پنهنجي قانون جي ڄاڻ جي ڌاڪ ڇڏيائين. ان قاعدي ۽ قانون جي ڄاڻ سبب قدر ڪري کيس سڌو سنئون ائڊيشنل ڊسٽرڪٽ جج بڻايو ويو ۽ بعد ۾ سيشن جج. سال ۱۹۷۲ع ۾ کيس سکر ۾ پهريون دفعو ائڊيشنل سيشن جج مقرر ڪيو ويو. بعد ۾ ڪراچي، نوابشاهه، حيدرآباد ۽ جيڪب آباد وغيره ۾ به ان پوسٽ تي رهيو. سال ۱۹۷۸ع ڌاري کيس ڊسٽرڪٽ سيشن جج بنايو ويو. ڊسٽرڪٽ سيشن جج جي نوڪريءَ دوران ابڙو صاحب خيرپور، نوابشاهه، حيدرآباد ۽ ٺٽي ۾ رهيو. ٺٽي جي آبهوا ۽ ماحول کان هو ايترو ته متاثر ٿيو، جو خواهش ڏيکاريائين ته پينشن تي وڃڻ بعد هو مستقل طور اتي رهندو. شروع کان وٺي تاج محمد غريبن جي پيڙا ۽ ڏک کي پنهنجو ڏک ڪري سمجهندو هو. ان سبب ڪري هن هڙئون ۽ وڙئون غريبن جي پئي مدد ڪئي. سندس همٿائڻ ۽ مالي مدد ڏيڻ تي ڪافي غريب پڙهي وڃي چڱين نوڪرين کي لڳا. ابڙي صاحب کي پنهنجن نوڪرن ۽ پٽيوالن جي گهرجن ۽ ضرورتن تي هميشه نظر هوندي هئي. ان ڪري هُو کين وقت بوقت مالي ۽ ٻي مدد پيو پهچائيندو هو. پنهنجي در تي ڪم ڪندڙن جي پيو پرگهور لهندو هو. کين سٺي کاڌي سان گڏ سٺا ڪپڙا وٺي ڏيندو هو. کين سواريءَ لاءِ سائيڪلون ۽ وقت ڏسڻ لاءِ واچون به وٺي ڏيندو هو. البت ڌنڌي طور پنندڙ فقيرن کي هُـو ڪونه ڀائيندو هو. چوندو هو ته اهڙيءَ طرح پني نه رڳو هُو معاشري تي بوجهه بڻجن ٿا، پر ساڳئي وقت هو حقدارن جو حق به مارين ٿا. ان غريبن جي همدرديءَ ڪري مسٽر تاج محمد هاري موومينٽ ۾ فعال حصو ورتو. هن جا ان سلسلي ۾ دوست ۽ همراهه هيا، ڪامريڊ نذير حسين جتوئي، حاجي محمد پيرزادو ۽ بعد ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي. ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ سان سندس صحبتون ۽ ملاقاتون به ان سلسلي جون ڪڙيون هيون. مرحوم تاج محمد ابڙو نيمن ۽ اصولن جو پابند هو. صبح سوير هُو پنهنجي جاءِ جي نم مان ۽ جي ٻئي هنڌ هوندو هيو ته ڀرواريءَ نم مان تازو ڏندڻ پٽائي ڏندن کي هڻندو هو. ان ڪري سندس ڏند موتين وانگر پيا جرڪندا هئا ۽ پڇاڙيءَ تائين سلامت رهيا. ان کان سواءِ صبح جو پنهنجي بدن جي صفائي، ڪپڙن جي صفائي ۽ بوٽ جي پالش جو خاص خيال رکندو هو. گهر ۾ سلوار قميص استعمال ڪندو هو ۽ آفيس ۾ ڪوٽ، پتلون ۽ ٽاءِ سان ويندو هو. تاج محمد پنهنجي شخصي ڊائري پڻ بنا ناغي لکندو رهندو هو. سندس ڊائريون سال ۱۹۴۶ع کان وٺي ۱۹۸۶ع تائين سندس ڪٽنب وٽ محفوظ آهن. سندس نيمن مان B.B.C ٻڌڻ به هوندو هو، جنهن لاءِ صبح جو پنجين وڳي جاڳڻو پوندو هيس. بي.بي.سي ٻڌڻ کان سواءِ هو صاحب شيوَ وقت پنهنجي گراموفون تي پراڻا گانا پڻ ٻڌندو هو. وٽس رڪارڊ ڪافي انداز ۾ موجود هئا. تاج محمد صاحب جي نيمن ۾ وقت تي دوا جو استعمال پڻ هوندو هو. وڪالت جي دوران مسلسل دماغي ڪم ڪرڻ سبب هو ڪن بيمارين جو شڪار ٿي پيو، جن مان هڪ هئي دم جي بيماري ۽ ٻي ذيابيطس (Diabetes). پوئين مرض جي سبب سندس خوراڪ تي خاص نظر هوندي هئي. باوجود ترغيبن ملڻ جي هن ڪڏهن پرهيز ڪانه ٽوڙي. انسولن (Insulin) جي انجيڪشن پڻ بنا ناغي پاڻ هڻندو هو. هڪ دفعي بيماريءَ دوران ڊاڪٽر حيران رهجي ويا، جڏهن کين ٽيهه سالن جي عرصي جا بيمارين جا نسخا هٿ ۾ ڏنا ويا. هڪ اهڙي مجلس جتي ڪافي معزز ماڻهو هڪ وڏي هستيءَ جي محفل ۾ اچي گڏ ٿيا هئا، کيس شراب پيئڻ جي آڇ ڪئي وئي، پر هن ان کي واپرائڻ کان بنهه انڪار ڪيو ۽ چيو ته هُو شراب استعمال ڪري پنهنجو اصول نه ٽوڙيندو. منجهند جي ننڊ مسٽر تاج محمد کي ڏاڍي عزيز هئي. ان جو سبب هو رات جو دير تائين مطالعو ڪرڻ، جو صبح جو ٻين ٽين وڳي تائين هلندو هو. منجهند جي ننڊ دوران ڪنهن به صورت ۾ کيس سجاڳ ڪونه ڪيو ويندو هو ۽ نه ڪنهن کي اهڙي همٿ ٿيندي هئي، سواءِ هڪ محترم هستيءَ جي، جا وٽس محترم به هئي ۽ پياري به. اها هئي سندس والده! جا به اهڙين حالتن ۾، جن ۾ سندس جاڳائڻ ضروري سمجهيو ويندو هو، کيس بيدار ڪندي هئي. دوستن سان بنا ناغي ڪچهري به سندس اصول هوندو هو. شام جو سندس دوست مقرر وقت تي اچي سندس اوطاق ۾ ڪٺا ٿيندا هئا، جتي ڪافي وقت چانهه جي پيالن تي ساڻن روح رهاڻ ڪندو رهندو هو. پنهنجن دوستن بابت جو خيال تاج محمد پنهنجي وصيت نامي ۾ ڪيو آهي، سو هيٺ ڏجي ٿو: ”منهنجا دوست ڪافي آهن، مگر هرڪنهن کي پنهنجا مسئلا درپيش آهن، تنهنڪري انهن کي ڪا تڪليف نه ڏيندا. البت پاڻ ۾ اختلاف يا ڪنهن منجهيل مسئلي تي سندن صلاح ضرور وٺندا. انهن جي هر وقت عزت ڪرڻ اوهان جو فرض آهي ۽ سندن اولاد سان پڻ تعلق رکڻ جي ڪوشش ڪندا. کانئن ڪڏهن به مالي مدد جي طلب نه ڪندا. ها البته ضرورت وقت اخلاقي مدد ضرور وٺندا ۽ مون کي يقين آهي ته ان ۾ هو پوئتي پير نه ڏيندا. مون تي منهنجا محسن ۽ دوست سدائين مهربان رهيا آهن، جنهن لاءِ آءٌ سندس شڪرگذار آهيان.“ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جي لکڻ مطابق سندس ئي چوڻ تي تاج محمد علمي ۽ ادبي ڪتابن ڏانهن راغب ٿيو. بعد ۾ ان جو اهڙو چسڪو آيس، جو پنهنجي آفيس جي ڪم ۽ دوستن جي ڪچهريءَ بعد ٽين ترجيح سندس ادبي ڪتاب هوندا هئا. رات جو جيڪو ڪتابن جو مطالعو ڪندو هو، ان ۾ علمي ادبي ڪتابن جو به حصو هو. علم ۽ ادب جي ان شوق ڪري تاج محمد ئي لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت قائم ڪئي، جن جا سرگرم ڪارڪن جمال ابڙو، هري درياني دلگير، انيس انصاري ۽ وڏيرو علي محمد عباسي هئا. هيءَ سنگت ڪافي وقت فعال رهي. تنوير عباسيءَ لکيو آهي: ”تاج محمد ابڙو وڪيل هو، پر وڪيل کان وڌيڪ دانشور. ادب، تاريخ، فلسفو سڀ پڙهندو هو. دوستن سان بحث ڪندو هو. لکيائين هڪ لفظ به ڪونه، پر پڙهيو به گهڻو ته ڪڙهيو به گهڻو.“ تاج محمد ابڙي جي ڪمزوري دوست هئا، جن کان سواءِ پاڻ کي اڌورو سمجهندو هو. ياري باشيءَ ۾ سندس ڪچهري مشهور هوندي هئي، جتي علم ادب کان سواءِ سياست تي به وڏا بحث پيا ٿيندا هئا. وڪالت جي عرصي ۾ ته ٺهيو، خود جج هئڻ دوران به اهي ڪچهريون قائم رهيون. باوجود ايماندار ۽ سچي هئڻ جي، ڪن ماڻهن سندس نالي بد ڪرڻ ۾ به ڪين گهٽايو، پر سندس آئيني جهڙي صاف شخصيت اجري جي اجري رهي. تاج محمد دوستن کي ڪافي ڪم آيو. انهن کي هڙئون وڙئون گهرج وقت مدد ڏيندو رهيو. هڪ اهڙي دوست کي (جنهن جو نالو کڻڻ مناسب نٿو سمجهان) بيماريءَ جي حالت ۾ اسپتال ۾ داخل ٿيڻ بعد هڪ ئي وقت سندس علاج لاءِ ويهه هزار روپيا ڏنائين. تاج محمد عيالدار هو. کيس پنج پٽ ۽ چار نياڻيون آهن. نياڻين ۽ پٽن جي تعليم تي خاص ڌيان ڏيندو هو. انهن کي همٿائڻ لاءِ سٺن نمبرن کڻڻ تي انعام ڏيندو هو. پنهنجين نياڻين کي گربخشاڻيءَ جا شاهه جا رسالا سندن پوزيشن حاصل ڪرڻ تي ڏنائين ۽ انهن تي رسالي کي تحفي طور ڏيڻ جو سبب به لکي ڏيندو هو. هُو پٽن سان گڏ نياڻين کي اعليٰ تعليم ڏيڻ جي حق ۾ هو. ٻارن کي دنوي تعليم سان گڏ ديني تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ همٿائيندو رهندو هو ۽ کين قرآن مجيد پڙهڻ لاءِ جتي جتي بدلي ٿيندي هيس، هڪ ملان رکي ڏيندو هو. پاڻ به مولانا تاج محمد امروٽيءَ جو قرآن مجيد جو ترجمو ۽ بائيبل مطالعي هيٺ رکندو ايندو هو. سندس هڪ پٽ سندس نئين ڪار جو ايڪسيڊنٽ (Accident) ڪيو. ڪار کي ڪافي نقصان پهتو، پر سندس پٽ کي ڪو زخم ڪونه آيو. تاج محمد پُٽ کي هڪ حرف به ڪونه چيو. هُو ان تي خوش هو ته سندس فرزند ايڪسيڊنٽ مان بنا ڌڪ لڳڻ جي بچي نڪتو. پنهنجي گهرواريءَ سان ڪافي پيار هوندو هئس. کيس ڏک سک جو ساٿي سمجهندو هو، پر پنهنجي والده ۽ وڏيءَ ڀيڻ سان سندس ڪافي عقيدت هوندي هئي. ذوالفقار علي ڀٽي صاحب جو به گهڻو مداح هو. ساڻس سندس ڪافي ڪچهريون ٿيون. تاج محمد جي اکين ۾ پاڻي ٽن وقتن تي ڏٺو ويو. اهي وقت هئا: سندس والده، ڀيڻ ۽ ڀٽي صاحب جي فوت ٿيڻ جا ڏينهن. تاج محمد ابڙو سير شڪار جو شوقين هو. هُو ميلن جا ميل پنڌ گهمندو هو. ان کان سواءِ وٽس بيلجم (Belgium) جي ٺهيل دو نالي بندوق هئي، جنهن سان شڪار ڪندو هو. ان بندوق کي صاف به پاڻ ڪندو هو ۽ پاڻ ئي حفاظت سان رکندو هيس. ان بندوق جو ڪنداڪُ هڪ نانگ کي مارڻ دوران لٺ طور استعمال ڪرڻ سان ٽُٽي پيو. مرمت جي باوجود ان بندوق ۾ اها اڳين ڳالهه نه آئي. تاج محمد کي بندوق جي خراب ٿيڻ جو احساس ته هو ئي، پر ان کان وڌيڪ خوشي ان ڳالهه جي هيس ته ان بندوق سان ئي نانگ ماري سندس پٽ کي بچايو ويو هو. تاج محمد ڪڏهن ڪڏهن خيالن ۾ اهڙو ته گُم ٿي ويندو هو، جو پنهنجو پتو ڪونه پوندو هيس. هڪ دفعي پنهنجي فرزند سان گڏ ادبيات حيدرآباد ۾ ڪتاب وٺڻ ويو. ڪتاب وٺي ڪار تي چڙهڻ وقت پٽ جي بجاءِ هڪ ٻئي ڇوڪري کي ٻانهن کان وٺي گاڏيءَ ۾ چاڙهڻ لڳو. پُٽ جي آواز تي پنهنجي غلطي محسوس ڪيائين ۽ پنهنجي بي خياليءَ تي ڏاڍو کِليو. اهڙيءَ طرح ٻئي وقت هو ساڳئي نموني پنهنجي چپل جو هڪ پادر ڇڏي وڃي گاڏيءَ ۾ چڙهيو. ٿيو ائين جو سفر دوران هڪ هوٽل ڀرسان گاڏي بيهاري، ٻاهر ڪرسيءَ تي چانهه پيئڻ وقت هن چپل جي هڪ پادر مان پير ڪڍي ڇڏيو. وڃڻ وقت چپل جي ان پادر ڏي ڌيان ئي نه ويس ۽ اچي گاڏيءَ ۾ چڙهيو، پر ڪجهه وقت کان پوءِ هن محسوس ڪيو ته سندس هڪ پير ۾ چپل ڪانه آهي ۽ وري گاڏي واپس ورائي اچي چپل کنيائين. قانون جي ڪتابن کان سواءِ ٻيا ڪتابَ به شوق سان پڙهندو هو. وٽس ڪتابن جو وڏو ذخيرو موجود هو، جنهن مان ڪجهه ته سندس ٻاهر نوڪريءَ جي دوران گهر ۾ بند هئڻ سبب اڏوهيءَ جو شڪار ٿيا ۽ ڪافي ڪتاب سندس ڪٽنب سر شاهنواز ميموريل لئبرريءَ (Sir Shah Nawaz Memorial Library) کي عام ماڻهن جي فائدي لاءِ ڏنا ۽ ڪي ڪتاب سندس دوستن کي تحفي طور پڻ ڏنا ويا آهن. ڪجهه ڪتاب جن کي مصنفن پنهنجن دستخطن سان تحفي طور تاج محمد کي ڏنا هئا، سي ڪٽنب وٽ موجود آهن. اهي ڪتاب محترم جويي، شيخ اياز، رشيد ڀٽي، جمال ابڙي، رسول بخش پليجي ۽ ڪافي ٻين جا آهن. هن وقت به گهر ۾ ڪافي تعداد ۾ ڪتاب موجود آهن، جن مان ڪجهه قاعدي قانون جا آهن ۽ باقي علم ادب، تاريخ، مذهب ۽ ٻين علمن بابت ڪتاب آهن. انهن ڪتابن مان اڃا تائين گهرجائو پنهنجو ڪم حاصل ڪندا رهن ٿا. اهي ڪتاب يادگيريءَ طور گهر جي ڀاتين پاڻ وٽ رکيل آهن. تاج محمد جا پويان ڪتابن ڏيکارڻ ۽ مطالع ۾ ڏيڻ ۾ بخل ڪونه ڪندا آهن. سال ۱۹۸۵ع ۾ پينشن تي اچڻ بعد هن پنهنجي آئندي جي پروگرام تي عمل ڪرڻ لاءِ اچي ٺٽو وسايو، جتي پنهنجي رهڻ لاءِ بنگلو ۽ گذر سفر لاءِ هڪ سروس اسٽيشن ٺهرائي هئائين. ٺٽي جي آبهوا ۽ کليل فضا ته کيس راس آئي، پر اهي دوست جن سان دل جون ڳنڍيون هيس، سي ته هئا لاڙڪاڻي ۾. ان طرح هو هفتي ۾ ڪجهه ڏينهن لاڙڪاڻي پنهنجي دوستن سان ملڻ ايندو هو. اهڙيءَ طرح هڪ دفعي موٽندي ڌاڙيلن سندس گاڏي بيهاري ۽ ڦر ڪري ويا، پر هن اها ڳالهه پنهنجن گهروارن سان نه ڪئي. ڪجهه ڏينهن بعد جڏهن مسٽر غلام محمد راجپوت ڊسٽرڪٽ سيشن جج دادو چوري ٿيل سامان هٿ ڪري کيس پهچائڻ آيو ته گهر وارن کي ان ڳالهه جو پتو پيو. ڦر جو ذڪر نڪتو آهي ته هيءَ ڳالهه ٻڌائڻ مناسب ٿيندي ته سکر ۾ ابڙي صاحب جي گهر مان چوري ٿي وئي. چور سڄو گهر ٻهاري ويا. چوريءَ ۾ تاج محمد جي گهرواري، والده ۽ ڀيڻ جا سونا زيور به شامل هئا. اها چوري پڪڙجي نه سگهي، البته پوليس جڏهن ڪجهه پڪڙيل چورين جا زيور سڃاڻپ لاءِ سندس گهر آندا ته تاج محمد پنهنجي گهر تاڪيد سان چيو ته هُو صرف پنهنجا زيور پنهنجا ڪن، پراون تي هٿ نه رکن. انهن زيورن ۾ سندن ڪوبه زيور ڪونه هو، ان ڪري ڪوبه زيور پنهنجو نه ڪيائون. ڦر جي واقعي ۽ تاج محمد جي لاڙڪاڻي ۽ ٺٽي جي وچ ۾ اچڻ وڃڻ سبب سندس گهر جي ڀاتين اهو فيصلو ڪيو ته هُو سڀ لاڙڪاڻي وڃي رهندا، حالانڪه ٺٽو سندن طبيعت ۽ تندرستيءَ لاءِ بهتر هو. ان بعد سڀ گهر جا ڀاتي ابڙي صاحب جي خوشيءَ خاطر لاڙڪاڻي اچي رهيا. باوجود نيمن ۽ اصولن جي پالنا ۽ دوائن جي بلا ناغي استعمال ۽ پرهيزي کاڌي جي، ذيابيطس جي بيماري سندس اندر کوکلو ڪري ڇڏيو. کيس دل جو سور (Angina Pectoris) به ٿي پئي. فيبروريءَ ۱۹۸۶ع ۾ سندس بيماري وڌي وئي. پهريائين مقامي ڊاڪٽرن کان علاج ڪرايائين ۽ آخر جڏهن ڳالهه وڌي وئي ته جمال ابڙي ڪراچيءَ مان فون ڪري کيس اتي اچڻ لاءِ چيو. کيس جناح اسپتال جي Cardio Vascular ۾ داخل ڪيو ويو، جتي باوجود علاج جي هو تاريخ ۱۰ مارچ ۱۹۸۶ع تي الله کي پيارو ٿي ويو. سندس لاش لاڙڪاڻي آندو ويو، جتي ابوبڪر مقام ۾ پنهنجن عزيزن جي قبرن ڀرسان کيس دفنايو ويو. (هلال پاڪستان، عوامي آواز، عبرت، جاڳو، ڪاوش، سرواڻ، پڪار) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ۽ مچ ڪچهريون مير نادر علي ابڙو لطيف سائين جي ڌرتي سنڌ جيڪا مختلف روايتن ڪهاوتن ڪارڻ هر وقت ڪنهن لاءِ ڪنهن حد تائين پر ڪشش رهي آهي. ان سر زمين تي هميشه محبت جا ميلا متل رهيا آهن، اهي ميلا مختلف روين ۾ سجندا رهندا آيا. ميلن ملاکڙن کان ويندي اوطاق ڪچهريون سنڌ جون پراڻيون روايتون ۽ هڪ ٻئي جا سور سٽڻ جو جتي مرڪز بڻيل رهيون آهن ته اتي وري سياري جي سرد هوائن ۾ سنڌ اندر ٿيندڙ مچ ڪچهريون مشهور آهن. توڙي جو اتي اڄوڪي دؤر ۾ اهو رواج گهٽ ٿيندو وڃي پر تنهن باوجود سنڌ ۾ اڃا تائين مچ ڪچهريون ٿيندو اچن. انهن ڪچهرين ۾ ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن کان ويندي دوستن تائين باهه جي چوطرف محبتن جا ميلا مچايا ويندا آهن. هڪ ٻئي سان جتي گلائو ۽ شڪوائون هجتن جا پل پسڻ لاءِ ملن ٿا. لاڙڪاڻو ضلعو انهيءَ حوالي سان تمام گهڻو زرخيز رهيو آهي. اتي مچ ڪچهرين جي روايت ۽ سلسلو تمام آڳاٽي زماني کان هلندو اچي ۽ اڃا تائين اهوئي مچ ڪچهرين جو جوڀن جاري آهي. هتي جڏهن به مچ ڪچهرين جو تذڪرو ٿيندو ته اتي ڀلا ڪيئن مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي لاڙڪاڻي واري اوطاق کي وساري ٿو سگهجي، جتي سموري سنڌ جا ڏاها اچي مچ تي محبتن جا ميلا مچائيندا هئا. اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀُٽو کان ويندي سوڀي گيانچنداڻي تائين هر مڪتبه فڪر جو ماڻهو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي مچ ڪچهريءَ جو روح روان هوندو هو. انهن ڪچهرين ۾ جتي باهه جي شعلن تي عظيم اراده سرجيا ويندا هئا ته هتي وري ايندڙ صبح جي ڀليڪار جا جتن ڪيا ويندا هئا ۽ هڪ ٻئي جا لڙڪ اگهي کين آٿت ڏني ويندي هئي. انهيءَ مچ ڪچهري ۾ جيڪو شرڪت ڪندو هو تنهن جي اٿڻ لاءِ دل نه ڪندي هئي. اهي مچ ڪچهريون ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سجائي انهن وسيلن علم ادب جو درس ڏيندو هو ۽ سموري سنڌ کان سواءِ بلوچستان، سرحد ۽ پنجاب جا سلجهيل اديب ۽ سماج سڌارڪ انهن مچ ڪچهرين ۾ اچي ڪجهه پرائڻ جي ڪوشش ڪندا هئا ۽ اتي تمام وڏو سياسي سماجي ۽ادبي بحث ٿيندا هئا، پر اڄ سيٽلائيٽ دؤر جا ڪجهه آثار ضرور هن مچ ڪچهرين تي اثر انداز ٿيا آهن ۽ ماڻهن ۾ انهيءَ حوالي سان اڳيون چاهه ناهي رهيو ۽ سماجي قيد خاني ۾ بند ٿي رهجي ويا آهن پر تنهن پڄاڻا به ڪي آهن جيڪي انهن مچ ڪچهرين کي آباد رکيو اچن ۽ هر ڪنهن کي سڏي گڏ ڪري مچ مچائيندا اچن. انهن مچ ڪچهرين کي لاڙڪاڻي ۾ آباد رکڻ ۾ جتي ٻيا طبقا سرگرم آهن، اتي وري لاڙڪاڻي ضلعي ۾ مچ ڪچهرين جو رواج وجهندڙ مرحوم تاج محمد ابڙو جو فرزند ايڊووڪيٽ مظهر علي تاج ابڙو به ڪنهن کان پٺتي ڪونهي ساڳيو علم هٿ ۾ کڻي لاڙڪاڻي ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جو درس ڏيندو ۽ ادبي سماجي ميلا مچائيندو اچي. اهوئي ڪارڻ آهي جو اڄ لاڙڪاڻي جي عوام ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي لاڏاڻي کانپوءِ سندس جي سڪ مظهر علي تاج ابڙو مان لاهي ٿي جيڪو انهن مچ ڪچهرين ۾ پاڻ ملهائيندو اچي، جيڪا ڳالهه انتهائي ڀلوڙ آهي. سنڌ جي سمورن نوجوانن کي اهي مچ ڪچهريون ۽ پراڻن جي ڇڏيل روايتن کي پاڻي ڏئي اڳتي وڌائڻ گهرجي، ڇو جو پراڻن جون ڇڏيل انهن روايتن ۾ اسان جي سماج لاءِ هڪ محبتن جو سنديسو سمايل آهي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو اڪثر اها ڳالهه ڪندو هو ته جن به قومن پنهنجن وڏن جو ڏنل درس ڇڏيو ته اهي تباهه برباد ۽ نقصان ۾ ويون آهن. انهي لاءِ اسان ماڻهن کي هن وقت تائين انهن مامرن کي ويجهائي کان وٺي ڪم ڪري پنهنجو پاڻ ۾ ڪنهن حد تائين متحرڪ ٿيڻ جي قوت پيدا ڪرڻ کپي ته جيئن اسان وڏن جي ڇڏيل روايتن کي قائم ۽ دائم رکي سگهون. اڪثر طور تي وقت نه هجڻ واري عام ۽ غيرذميواري ڪارڻ انهي جا اثرات اسان تي ڀاري نموني اثرانداز ٿيندا رهندا آهن. هاڻ جڏهن سياري جا پڇاڙڪا پل ماضي بڻجي گذري رهيا آهن، ته مچ ڪچهريون به پڄاڻي تي پهچي چڪيون آهن. (خبرون، سنڌو ڊائجسٽ، هلچل، سنڌ، مهراڻ، عوامي آواز، مقدمو، فيصلو، عبرت، سڪار، تعمير سنڌ، هلال پاڪستان، نوائي وقت، خبرين، وکٽوريه) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جج، اديب، وڪيل، سياستدان ۽ سماجي شخصيت ڊاڪٽر اياز قادري هڪ پارسي زبان جي شاعر چيو آهي: ”تون اسان وٽان هليو وئين، مگر تنهنجي ياد اسان جي دلين ۾ سمايل آهي.“ تاج محمد ابڙي کي اسان کان جدا ٿئي ڏينهن، ڏينهن مان مهينا ۽ مهينن مان سالَ ٿي ويا آهن، پر هُو اسان کان جدا نه ٿيو آهي. هن جون يادگيريون، هن جون ڳالهيون، ائين تازيون آهن، جيئن بهار ۾ ٽڙندڙ تازا گل. تاج محمد ابڙو منهنجو هاءِ اسڪول کان وٺي ڪاليج تائين ڪلاس فيلو، هاسٽل ۾ روم ميٽ ۽ زندگيءَ ۾ پيارو دوست هو. اسين هڪٻئي جي ويجهو رهياسين. ڏک سک جا ساٿي، حال ڀائي ۽ همدرد، اسان ۾ ڪڏهن به هڪٻئي سان ڪاوڙ پيدا نه ٿي، نه جهيڙو ئي ٿيو. هڪ ڀيري مون کي هن جي ڪنهن ڳالهه جو ڏُک ٿيو ۽ مان ٽي چار ڏينهن ناراض رهيس. تڏهن مون ڏانهن چٺي لکيائين: Make new friends but keep the old ones; for one is silver another is gold. ناراضپو ختم ٿي ويو ۽ اسين کير کنڊ ٿي وياسين. تاج محمد ابڙي کي ننڍپڻ کان ئي سياست سان دلچسپي هئي. اسين جڏهن مدرسه هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ پڙهندا هئاسين ته ڪڏهن ڪڏهن سياست تي به ڳالهائيندا هئاسين. اهو ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جو دؤر هو، هندو مسلم ڇڪتاڻ جا ڏينهن هئا. هندن جو لاڙو ڪانگريس ڏانهن ۽ مسلمانن جو مسلم ليگ ڏانهن هو. ڪٽر هندو جماعت ”هندو مهاسڀا“ سنڌ جي صوفي ماحول کي بگاڙي، هندو مسلمانن ۾ وڏا ويڇا وجهي رهي هئي. هندن ۾ مسلمانن خلاف ان جماعت نفرت جو وڌيڪ زهر وڌو. مسلمان شاگردن جو لاڙو مسلم ليگ ڏانهن هو. اهو زمانو ۱۹۴۲ع وارو زمانو هو، مگر تاج محمد ابڙو ان وقت به هارين ۽ غريبن جي ڳالهه ڪندو هو. ننڍپڻ ۾ سندس گهرو تربيت اعليٰ نموني ٿي هئي. سمجهه ۾ ائين ٿو اچي ته سندس گهر جي ماحول جو هن تي گهرو اثر هو. انهن ڏينهن ۾ سنڌ جون مکيه روزانه اخبارون هيون : (۱) ”هندو“ جنهن جو پوءِ نالو مٽائي ”هندستان“ رکيو ويو. هيءَ ڪانگريس جي اخبار هئي. (۲) ”سنسار سماچار“ هيءَ مهاسڀاين (ڪٽر هندن) جي اخبار هئي ۽ (۳) ”الوحيد“ هيءَ مسلم ليگ جي خيالن جي اخبار هئي. انهن کان سواءِ ڪيتريون هفتيوار اخبارون نڪرنديون هيون. تاج محمد ابڙو ۽ مان اخبارون وڏي چاهه سان پڙهندا هئاسين. پوءِ سياسي حالتن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي هئي. ۱۹۴۳ع ۾ مئٽرڪ ۾ پاس ٿياسين. ان وقت مسلمانن جي تعليم جو هي حال هو، جو مان لاڙڪاڻي شهر جو واحد مسلمان شاگرد هوس، جو مئٽرڪ ۾ پاس ٿيو هوس. اسين گهڻو ڪري سڀ سنگتي پاس ٿياسين. انهيءَ زماني ۾ ۱۹۴۳ع ۾ پير الاهي بخش سنڌ جي تعليم جي وزير جي ڪوشش سان سنڌ مسلم ڪاليج کليو هو. مسلمان شاگردن لاءِ ان ڪاليج ۾ في، هاسٽل جي رهائش، کاڌي ۽ اسڪالرشپ جون وڏيون سهوليتون هيون. انهيءَ ڪري تاج محمد ابڙو ۽ مون به ايس.ايم ڪاليج ۾ داخلا ورتي ۽ گڏ هاسٽل جي روم ۾ رهڻ لڳاسين. تاج محمد ابڙي کي ڪراچيءَ ۾ پنهنجي سوشلسٽ خيالن وارن ماڻهن سان ملڻ ۽ سوشلزم کي سمجهڻ جو وڏو موقعو مليو. لائيٽ هائوس سئنيما سامهون (جا هينئر ڊهي وئي آهي) ڪچهري روڊ جي شروعات تي ٽريڊ يونين ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي آفيس هئي. تاج محمد ابڙي باقاعده اُتي وڃڻ شروع ڪيو. ڪميونسٽ پارٽي سنڌ جو سيڪريٽري ڪامريڊ جمال الدين بخاري هو ۽ سرگرم ڪارڪنن ۾ سوڀو گيانچنداڻي، پوهو، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي، قادر بخش نظاماڻي ۽ ٻيا هندو مسلمان جوشيلا جوان هئا. ڪميونسٽ پارٽيءَ طرفان سوشلزم ۽ ڪميونزم کي سمجهڻ لاءِ ڪلاس ٿيندا هئا. تاج محمد ابڙو انهن ڪلاسن ۾ باقاعدي ويندو رهندو هو. سياسي طرح هُو ڪامريڊ قادر بخش نظاماڻيءَ کي ئي پنهنجو استاد سمجهندو هو. قادر بخش نظاماڻيءَ پهريان سنڌين ۾، پوءِ بلوچن ۾ نئشنلزم ۽ سوشلزم جي تربيت جو ڪم شروع ڪيو. ڪجهه سالن کان هاڻي هو لنڊن ۾ مقيم آهي. اسين جڏهن ڪراچيءَ ۾ تعليم لاءِ پهتاسين ته ورلڊ وار سيڪنڊ (Scond World war) جي خاتمي جا ڏينهن هئا. ته به انگريز سپاهي ڪارين ڪرسچن ڇوڪرين کي ڀاڪر پايو صدر جي بازارين ۾ عام جام گهمندا ڏسڻ ۾ ايندا هئا. ايس.ايم ڪاليج، سنڌ مدرسه هاءِ اسڪول جي احاطي اندر قائم ڪيو ويو هو. مدرسه هاءِ اسڪول جي بورڊنگ هائوس جو هڪ حصو ڪلاسن لاءِ، باقي حصو ڪاليج جي شاگردن جي رهائش لاءِ مخصوص ڪيو ويو هو. ڪاليج ڇا هو؟ ان وقت ته ڪنهن ننڍي هاءِ اسڪول جي ئي برابر هو. مدرسه هاءِ اسڪول جي ٻاهرئين وڏي دروازي جي مٿان، جيڪو ڪاليج جو به دروازو هو، وڏن اکرن ۾ لکيل هو: Enter to learn, go forth to serve! تڏهن شاگرد نوڪريون به ڪندا هئا ۽ پڙهندا به هئا. ان زماني ۾ نوڪريون جام هيون. مسلمان ڇوڪرا تمام گهٽ پڙهيل هئا. سنڌ سرڪار نوڪرين ۾ هندن ۽ مسلمانن جي ڪوٽا مقرر ڪئي هئي: ۶۰ سيڪڙو مسلمان ۽ چاليهه سيڪڙو هندو. مسلمان ڇوڪرا هڪ نوڪري ڇڏي ٻي نوڪري ڪندا هئا. تاج محمد ابڙي به مختلف هنڌن تي نوڪري ڪئي. ڪجهه عرصو ان وقت جي مشهور اخبار ”الوحيد“ ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر ٿي ڪم ڪيائين. پوءِ ريڊيو پاڪستان ۾ سنڌي خبرن جو انائونسر (Announcer) ٿي رهيو. ڪاليج لائيف ۾ هن اسٽوڊنٽ تحريڪن ۾ پس پرده وڏو ۽ اهم حصو ورتو. محمود هارون (پوءِ جو اڳواڻ سنڌ جو گورنر)، سندس ڀاءُ سعيد هارون، قاضي عبدالمنان (پوءِ جو سنڌ جو روينيو منسٽر) علي گوهر کهڙو، سڀ مسلم ليگي ۽ مسلم شاگردن ۾ پنهنجي ليڊري قائم ڪرڻ گهرندا هئا. تاج محمد کي شاگرديءَ واري زماني ۾ اخبار ڪڍڻ جو ڏاڍو چاهه هو. ان بابت مون سان صلاح ڪندو هو. مان هميشه چوندو هومانس: ”تيل کان سواءِ ڏيئو نه ٻرندو.“ پاڻ تڪڙا ماڻهو آهيون، پيٽ ئي مشڪل ٿا پاليون، پوءِ اخبار جي عياشي ڪيئن ڪري سگهنداسين؟ ۽ هن ڪجهه پئسا پاڻ ۽ ڪجهه پئسا ٻين دوستن کان هٿ ڪري ”نوجوان“ نالي سان هفتيوار اخبار شروع ڪئي. ان جو ايڊيٽر مون کي مقرر ڪيائين. ان وقت نه سنڌي مسلمانن ۾ هو مڊل ڪلاس نه تعليم، نه وري اخبار پڙهڻ جو چاهه، تنهنڪري ”نوجوان“ جا فقط ڪجهه پرچا نڪتا، پوءِ اخبار مالي مشڪلاتن سبب بند ٿي وئي. تاج محمد ابڙو ۴۸-۱۹۴۷ع ڌاران وڪالت پاس ڪري لاڙڪاڻي هليو آيو. ان وقت قاضي فضل الله، حنيف صديقي، خانبهادر يار محمد جوڻيجو، شمس الدين ابڙو، عبدالوحيد ڪٽپر، عبدالفتاح ميمڻ ۽ ٻيا لاڙڪاڻي جا برک وڪيل هئا. هن پهريان عبدالفتاح ميمڻ سان گڏ وڪالت شروع ڪئي، پر طبيعت جي فرق سبب ان کي ڇڏي شمس الدين ابڙي جي چوڻ تي ان جو پارٽنر ٿي وڪالت ڪيائين. مان هر روز شام جو چانهه تاج محمد وٽ سندس اوطاق ۾ وڃي پيئندو هوس. شام جو تاج محمد ابڙو پنهنجي اوطاق تي ڪچهريءَ ۾ مست رهندو هو. مون هن کي بلڪل ويجهائيءَ کان ڏٺو. هن جو دامن دنيا جي آلودگين کان بلڪل صاف ۽ شفاف رهيو. لاڙڪاڻي جون ڪچهريون ايامن کان مشهور هيون. لاڙڪاڻو وڏيرن، وزيرن ۽ وڪيلن جو شهر هو. شهر ۾ ڪيتريون ڪچهريون قائم هيون: لاهورين ۾ نواب حاجي امير عليءَ جي ڪچهري، پوسٽ آفيس سامهون عبدالغفور ڀرڳڙيءَ جي ڪچهري، اسٽيشن جي ڦاٽڪ لڳ قاضي فضل الله جي ڪچهري، ٿورو هيٺ عبدالفتاح ميمڻ جي ڪچهري، ٽائون ٿاڻي (اڳيون) لڳ تاج محمد ابڙي جي ڪچهري، مارڪيٽ لڳ ميان غلام عباس قادري جي ڪچهري، قافله سراءِ ۾ خان صاحب فقير محمد انڙ جي ڪچهري، اهي ڪچهريون سڀ بلي بلي هيون. پر انهن سڀني مان تاج محمد ابڙي جي ڪچهريءَ جي ڪهڙي ڳالهه ڪري ڪهڙي ڪجي. هن جي ڪچهريءَ جو رنگ ئي پنهنجو هو. هن ڪچهريءَ ۾ مختلف قسمن، طبيعتن، سياسي پارٽين، ادبي گروهن، زميندارن ۽ هارين سان واسطو رکندڙ ۽ مذهبي طبقي سان واسطو رکندڙ ماڻهو ايندا هئا، جن ۾ ڪامريڊ علي محمد عباسي (بيگم اشرف عباسي جو وڏو ڀاءُ)، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، عبدالخالق آزاد (نوابشاهه)، ڪامريڊ عبدالقادر جوڻيجو، مولوي نذير حسين جتوئي، حاجي محمد پيرزادو، ڪامريڊ جمال الدين بخاري، جمال ابڙو، مان ۽ ٻيا ڪيترا حباب شريڪ ٿيندا هئا. هر ماڻهوءَ جو آڌرڀاءُ چانهه سان ٿيندو هو. چانهه جي ديڳڙي هميشه گرم رهندي هئي. تاج محمد ابڙي جو دسترخانو نهايت ئي ڪشادو هوندو هو. سنڌ توڙي پاڪستان جي مختلف حصن مان مختلف قسمن جا ماڻهو وٽس اچي مهمان ٿيندا هئا، جن ۾ وڏو تعداد سياسي ماڻهن جو هوندو هو. شيخ اياز سکر مان جڏهن به ڪنهن ڪيس جي سلسلي ۾ لاڙڪاڻي ايندو هو، ته وٽس اچي مهمان ٿيندو هو. ڀارت مان اتم ۽ سندري اتمچنداڻي جڏهن لاڙڪاڻي آيا، ته تاج محمد ابڙي انهن جي دعوت ۽ ميزباني ڪئي. سياست تاج محمد ابڙي جي رڳ رڳ ۾ سمايل هئي. هُو سوشلزم ۽ ڪميونزم سان ڪميٽڊ (Committed) هو. جيئن ته لاڙڪاڻي ۾ ڪوبه ڪارخانو ۽ فيڪٽري ڪانه هئي، تنهنڪري هتي مزدور طبقو ڪونه هو. هن سنڌ جي وڌ ۾ وڌ ڏتڙيل ۽ پٺتي پيل طبقي هارين لاءِ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. هارين جي بيداريءَ جي ڪم جي شروعات ڪجهه سال اڳ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ڪري چڪو هو. تاج محمد ابڙو، مولوي نذير حسين جتوئي، عبدالواحد سومرو (رتيديري وارو)، ڪامريڊ علي محمد عباسي، عبدالخالق آزاد (نوابشاهه)، ڪامريڊ غلام محمد لغاري، قاضي فيض محمد، شمس الدين شاهه وڪيل (سکر)، ڪامريڊ عبدالقادر جوڻيجو (ڌامراه) ۽ ٻين ڪيترن دوستن ”هاري پارٽيءَ“ جي نالي تنظيم قائم ڪئي ۽ هارين جي بهبود لاءِ ڪم شروع ڪيو. لاڙڪاڻي ۾ تاج محمد ابڙي ان ڏس ۾ پاڻ چڱو موکيو. هڪ ڀيري مشهور ڪميونسٽ ليڊر ۽ شاعر ناصر زيدي، تاج محمد ابڙي وٽ لاڙڪاڻي اچي نڪتو. ايوب جو آمر شاهي دؤر هو. هن جي پٺيان سي.آءِ.ڊيءَ وارا لڳل هئا. تاج محمد ابڙي جي اوطاق عام ماڻهن لاءِ کليل هوندي هئي. خطرو اهو هو ته سي.آءِ.ڊيءَ وارن کي سندس لاڙڪاڻي ۾ آمد جو پتو نه پوي ۽ کيس گرفتار نه ڪري وڃن، ان ڪري هن کي تاج محمد ابڙي منهنجي اوطاق ۾ رهايو، جتي هڪ اڌ ڏينهن رهي، هو خير سلامتيءَ سان روانو ٿي ويو. ڪجهه وقت کان پوءِ کيس گرفتار ڪري لاهور جي قلعي ۾ بند ڪيو ويو، جتي مٿس گهڻيون سختيون ڪيون ويون ۽ هُو مري ويو. تاج محمد ابڙي کي ڪتابن پڙهڻ ۽ ڪٺي ڪرڻ جو بي انتها گهڻو چاهه هو. هو زياده تر سياسي، بايوگرافي (سوانح حيات) ۽ تاريخي ڪتاب پڙهندو هو. سواءِ ڪنهن اعتماد واري دوست جي، ٻئي کي ڪتاب نه ڏيندو هو. مون کانئس جو ڪتاب گهريو، سو ڏيندو هو. مون ”ڪنفيشنس آف روسو“، ”تاريخ بلوچستان (هوتورام)“، ”ٿنڪ اينڊ گرو رچ“، ٻيا ڪيترائي ڪتاب سندس لائبريريءَ مان وٺي پڙهيا. هن کي هفتيوار ”ٽائيم“ ۽ رسالي پڙهڻ جو نه صرف شوق هو، پر هو باقاعدگيءَ سان انهن کي سنڀالي رکندو هو ۽ جلدَ چاڙهائي ڇڏيندو هو. جيڪڏهن ڪو پرچو پوسٽ وارا گُم ڪري ڇڏيندا هئا ته پوءِ مان اهو پرچو کيس ڪراچيءَ جي اسٽالن يا فوٽ پاٿن تان هٿ ڪري ڏيندو هوس. تاج محمد ابڙي کي انگريزيءَ ۾ هڪ هفتيوار اخبار View and Review نالي ڪڍڻ جو ڏاڍو شوق هو. هو چوندو هو: ”جيستائين سنڌ جي ماڻهن ۾ سياسي حالتن تي تنقيدي جائزي وارو مواد نه پهچندو، انهن ۾ سياسي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ جي سمجهه نه پيدا ٿيندي.“ تاج محمد ابڙي جا سنڌ، بلوچستان، پنجاب ۽ سرحد جي ڪيترن ئي سياستدانن سان انتهائي گهرا تعلقات هئا، جن سان هن جون شخصي ۽ سياسي ملاقاتون ٿينديون هيون. سنڌ جي سياستدانن ۾ جي ايم سيد، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، محمد امين کوسو، شيخ عبدالمجيد سنڌي، قاضي فيض محمد، غلام محمد لغاري ۽ بي شمار ٻين سان هن جا گهرا تعلقات هئا. لاڙڪاڻي جي سياستدانن مان قاضي فضل الله ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي سان نه فقط هن جا گهرا تعلقات هئا، پر اهي ٻئي هن جي سياست ۽ ضلعي جي ماڻهن جي نفسيات جي ڄاڻ سبب ضلعي جي ڪيترن مسئلن بابت هن کان هميشه مشورا وٺندا رهندا هئا. مون کي ياد آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو خاص طرح اليڪشن واري زماني ۾ هن وٽ ايندو هو يا هن کي پاڻ وٽ گهرائيندو هو ۽ ضلعي جي ماڻهن ۽ ضلعي جي وڏيرن بابت جن جو ماڻهن تي اثر هوندو هو، هن سان صلاح مصلحت ڪندو هو. ڀٽو صاحب تاج محمد ابڙي تي ايترو ته مهربان هو، جو هن کي بقا پور واري تڪ مان نه صرف بي ڊي ميمبر چونڊرايائين، پر اتي جو چيئرمين پڻ مقرر ڪيائين. تاج محمد ابڙي کي سنڌي ادب ۽ زبان سان بيحد گهڻي دلچسپي هئي. اسان جڏهن ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادبي سنگت قائم ڪئي ته ڏاڍو خوش ٿيو ۽ اسان سان پيش پيش رهيو. هُو چاهيندو هو ته سنڌي ادب کي پراڻي پيچري تان هٽائي نون ترقي پسند راهن ۽ رستن تي هلائجي. هو سنڌي ادبي سنگت جي ميڙن ۾ پيش ٿيندڙ نئين روشنيءَ واري ادب کان ايترو متاثر ٿيو، جو هن پاڻ لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت جي شاخ قائم ڪئي. سنگت جو سيڪريٽري پاڻ هو. سنگت جي ميڙن ۾ لاڙڪاڻي جا پراڻا ۽ نوان اديب سڀ شريڪ ٿيندا هئا، جن ۾ حاجي محمود خادم، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ، انيس انصاري، جمال الدين بخاري، جمال ابڙو ۽ مان گهري دلچسپي وٺندا هئاسين. تاج محمد ابڙي جي ڪوششن سان سال ۱۹۵۶ع ۾ لاڙڪاڻي جي تجر باغ ۾ شاهه عبداللطيف جي شاندار ورسي ملهائي وئي. ان وقت عبدالله چنو لاڙڪاڻي جو ڪليڪٽر هو. هن کي شاهه جي ڪلام سان گهڻي دلچسپي هئي. ان ڪري صدارت ان کان ڪرائي وئي. ورسيءَ جي خرچ جو بار سڄو تاج محمد ابڙي برداشت ڪيو. جيتوڻيڪ ورسيءَ جو سمورو بندوبست هُن پنهنجي هڙون توڙي وڙون ڪيو، پر جيڪي دعوت ناما جاري ڪيا ويا، اهي منهنجي نالي سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت جي حيثيت سان ويا. ورسي نهايت ڪامياب رهي. مان سمجهان ٿو ته لاڙڪاڻي جي تاريخ ۾ ڀٽائيءَ جي اهڙي شاندار ورسي اڳ ڪڏهن نه ٿي هئي. تاج محمد ابڙي کي ۱۹۷۰ع ڌاران نوڪري ڪرڻ جو خيال پيدا ٿيو. سڀني دوستن ان ڳالهه جي مخالفت ڪئي، مگر هُو پنهنجي ڳالهه تي قائم رهيو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي زور ۽ اسرار تي هو ۱۹۷۲ع ۾ سيشن جج مقرر ٿيو. نوڪريءَ واري زماني ۾ به هو ساڳيو يار ويس ۽ مهمان نواز رهيو ۽ سندس اهي ئي ڪچهريون رهيون. سال ۱۹۸۵ع ۾ نوڪريءَ تان رٽائر ٿي لاڙڪاڻي آيو، ته بلڪل کيسين خالي آيو. اهڙي سادي، ايماندار ۽ هيري جهڙي ماڻهوءَ وٽ پئسي جو ڪٺو ٿيڻ ڏکيو هو. هُو جڏهن لاڙڪاڻي واپس آيو ته پاڻ سان دل جو مرض به کڻي آيو. ۱۰ مارچ ۱۹۸۶ع تي ڪارڊيو ويسڪيولر اسپتال ڪراچيءَ ۾ سندس انتقال ٿيو ۽ اسان کان هميشه هميشه لاءِ دور ٿي ويو ۽ اڪيلو ڪري ويو. هن جي وفات سان لاڙڪاڻي ۾ ڪچهرين جو دؤر ختم ٿي ويو، ڄڻ هي آخري ڏئيو هو، جو گُل ٿي ويو. ** (هلال پاڪستان، بختاور، برسات، عوامي آواز، عبرت، سنڌو، جاڳو، آفتاب، پُڪار، مهراڻ ۽ الوحيد) مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو منهنجو دوست ڪامريڊ روچي رام ڪامريڊ تاج محمد تاج محمد ابڙو سياست صحافت ۽ ادب جو هڪ جاکوڙي ڪردار هو پر زاتي طور جنهن کي تاج محمد جي محبت جي سِکِ لڳل هوندي سو کيس کيس ڪنهن به صورت ۾ وساري ڪين سگهندو. هو منهنجو پيارو دوست محسن ۽ استاد هو. اها شمع ۱۰ مارچ ۱۹۸۶ تي اُجهامي ويئي پر منهنجي دل ۽ دماغ ۾ انجي جوت اڃان تائين روشن آهي. تاج محمد ابڙو جي قابليت مطالع عمل جي صلاحيت مهمانوازي ۽ پيار هر وقت هر دور ۾ مقدر رهندي آئي آهي. ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي چوندو هو ته تاج محمد ابڙو بذات خود هڪڙي انجمن هو ان وٽ سياسي، ليڊرن روپوش ڪارڪنن ۽ اديبن جي هميشه امدرفت رهندي هئي سنڌ جي چوٽي جي سياست دانن ورڪرن ۽ اديبن جو مرڪز ڪامريڊ تاج محمد جي اوطاق هوندي هئي جيڪا سندس آفيس ۽ ميل ميلاپ، سياسي عمل ۽ گفتگو جو مرڪز به هئي جنهن جو سمورو خرچ تاج محمد ابڙو زاتي طور ڀريندو هو. مون ۱۹۵۲ع ۾ ايل ايل بي پاس ڪئي هئي ۽ حيدرآباد ۾ ديوان ڌرمداس مولچند هيراننداڻي سينئر وڪيل جي فورم ۾ جونيئر وڪيل طور شامل ٿيو هوس. ان وقت وڪيلن جي پيشي ۾ هڪ نئون نمونو شروع ٿيو هو. رجسٽريشن ۽ ڪسٽوڊين جا کاتا کوليا ويا هئا جتي گهڻو ڪري هندوستان مان لڏي آيل مسلمان آفيسر رکيا هئا جيڪي هتان سنڌ مان نه لڏي ويندڙ هندوئن کي تنگ ڪندا هئا جيڪو هندو لڏي ويا هئا تن تي به هتي سنڌ ۾ ڪو ڪيس نه هلي سگهندو هو پر هتي ويٺلن پاڪستان جي شهري ٿيلن کي به تنگ ڪندا هئا ته توهان لڏي ويا هئا وري آيا آهيو انهن جا ڪيئي ڪيس ديوان ڌرمداس وڪيل وٽ هئا. اهڙن ڪيسن ۾ هو مونکي لاڙڪاڻي ڪسٽوڊين جي ڪورٽ ۾ موڪليندو هو اتي ان دور ۾ لاڙڪاڻي جو ڀلوڙ وڪيل ڪٽپر صاحب هو جو مونکي پنهنجي اوطاق ۾ رهائيندو هو اها اوطاق سندس آفيس به هئي ۽ مهمانوازي ڪرڻ جي جڳهه به. لاڙڪاڻي ۾ وڪيلن جي آفيس جي خاص خصوصيت هوندي هئي ته اها آفيس به هئي، اوطاق به ۽ مهمانوازي ڪرڻ جي جڳهه به ائين هڪ آفيس اوطاق تاج محمد ابڙي صاحب جي به هئي اهو وڪيل جي اوطاق جو رواج اسان وٽ حيدرآباد، ڪراچي ۽ ميرپورخاص ۾ ڪين هو. ۱۹۷۲ع ڌاري جڏهن تاج محمد ابڙو صاحب سيشن جج مقرر ٿيو ته شايد پهرين نوڪري حيدرآباد کان شروع ڪيائين اسان وٽ ميرپورخاص بار روم ۾ اها ڳالهه هلي ته تاج محمد ابڙو صاحب وڏي شخصيت آهي اها نوڪري نه وٺڻ کپيس ها. تاج محمد ابڙو صاحب جي آفيس جيڪا اوطاق وانگيان هئي جيڪا سندس سموري مشغولين جو مرڪز هئي اتي سنڌ دوست وڪيل ڪيسن وارا اسير سياستدان ۽ سياسي ورڪر ۽ ڪامورا ۽ سندس لاڳاپيل شخص گڏبا هئا ڪچهريون ٿينديون هيون جنهن جو زڪر مختلف دوستن پنهنجي لکڻين ۾ ڪيو آهي اهو ڏيکاري ٿو ته لاڙڪاڻي جو وڪيل ۽ سياستدان باقي سنڌ جي شهرن جي وڪيلن کان مختلف ۽ الگ هو. تاج محمد ابڙو کي سندس ڪرم فرمائن زور ڏئي جج ٿيڻ تي مجبور ڪيو ۽ هو سڌو سيشن جج ٿيو پنهنجي پهرين مقرري جي دور ۾ هو حيدرآباد مان پنهنجي موٽر ۾ چڙهي مون وٽ ميرپورخاص آيو جو عمل هڪ سيشن جج لاءِ عام نه هو هو ته وڪيل جي گهر وڃي تاج محمد ابڙو جي اها خصوصيت هئي ۽ ان جي ذهن ۾ اهو ڊپ بنجيو ڪين هو ته ان جي هن عمل تي ڪو اعتراض ٿيندو هو سنگت ۽ دوستي ۽ ذاتي تعلق کي پروٽوڪول کان مٿانهون سمجهندو هو. سيشن جج تاج محمد ابڙو ساڳيو ئي ڪامريڊ دوست ۽ سياسي ساٿي هو. ايئن هو پنهنجي سڀني لاڳاپن ۽ دوستن سان تعلق قائم رکندو آيو انهيءَ ڳالهه کان انڪار ڪونهي تنهن جي انهي عمل تي ڪنهن به ڪا ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ جي همت نه ٿيندي هئي. جڏهن ڪو دوست ڪنهن غلط فهمي سبب ناراض ٿيندو هو ته انهيءَ کي پاڻ لنگهي وڃي پرچائيندو هو. ايتري غير معمولي زندگي جي تجربن کان پوءِ به هو حياتي کي سونهن ۽ سوڀيا جو ويس سمجهندو هو ڪنهن ماڻهو سان شڪايت نه هوندي هئي هو هر ماڻهو کي سونهن ۽ ديا وارو سمجهي پيار ڪندو هو. هن ڪڏهن به ڪنهن سان شڪايت نه ڪئي هن زاتي طرح ايمانداري سان گڏ سچائي، سبتازي، سپتائي ۽ سٺائي سان پنهنجي جيئڻ جي ڍنگ سان شامل ڪري پاڻ کي مثالي بنايو. منهنجو ساٿ سدائين سندس مشغولين سان رهيو. تاج محمد ابڙو سچو سوشلسٽ ۽ سنڌ پرست هو. هن جو ڪردار هڪ مثالي ڪردار هو. هن جي هڪ جج طور حيثيت به Up to the Mark هئي هن جا فيصلا انصاف جي معيار تي پورا لهندا هئا. تاج محمد جي ڪيل فيصلن جي ايپيليٽ ڪورٽن به سدائين قبوليت ڪئي ۽ ڪي به ريمارڪ نه ڏنا هئا هن جي انصاف ۽ عدل ۾ يقينن ساراهه جوڳو آهي. اسانجو دوست تاج محمد ابڙو هڪ سخي مرد، وطن دوست اوطاق هلائيندڙ مهمانواز، پڙهڻ لکڻ ۽ ڪتابن جي شوقين، قلم جي اهميت سمجهڻ وارو، روشن خيال پڙهيو لکيو وڪيل ۽ هڪ انصاف پسند جج هو. (ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۰ مارچ ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)
سائين جي ايم سيد سنڌ جو سائين ممتاز علي وگهيو هي جو پوڙهو جهور، وڙهندي ٿيو ويڙھ ۾ اڃا ڏمر ڏاڍ تــــــي، آڻ نه مـــڃي مــــــور، سوچي ڏسي ڏور، آڏو آرڻ ڏينهڙا. (اياز) سنڌ جي سيد سائين جي ايم سيد تي لکڻ لاء علم دانائي ۽ وڏو دماغ گهرجي، جيڪو مون جهڙي منڊي ماڪوڙي وٽ ڪونهي. سيد تي لکڻ لاء وڏو وقت گهرجي، ڇاڪاڻ ته سائين جي زندگي جا ايترا ته پهلو آهن جو هر هڪ پهلو ته هڪ وڏو ڪتاب لکجي سگهجي ٿو، ۽ هر هڪ پهلو تي ڊاڪٽريٽ ڪري سگهجي ٿي، ۽ اميد آهي ته ڪي سنڌ جا اهڙا نوجوان پيدا ٿيندا جيڪي سائين جي زندگي جي هر پهلو تي ڊاڪٽريٽ ڪندا، سائين سنڌ جي گهمندڙ ڦرندڙ ثقافت ۽ تاريخ هئا، ان سان گڏ وڏا ليکڪ ۽ دانشور ۽ وڏا عالم ۽ وڏي ضرف وارا وڏا ماڻهون هئا، بقول منهنجي دوست جناب حافظ خليل صاحب ته سائين عربي، فارسي جي گرامر صرف و نحو جا وڏا ڄاڻو ۽ ماهر هئا، عربي گرامر توڙي قرآن جي علم تي کين وڏو عبور هو، جڏهن شاه سائين جا بيت يا وري مولانه جلالالدين رومي جي مثنوي ۽ حافظ شيرازي جي شاعري پڙهي ڪري انهن جي معني ۽ تشريح ڪندا هئا ته مٿن هڪ عجيب ڪيفيت طاري ٿئي ويندي هئن. ۽ پاڻ به روئڻ ۾ پئجي ويندا هئا ۽ اتي ويٺلن کي به روئاري ڇڏيندا هئا. سنڌ جي سيد سائين جي ايم سيد جو مختصر احوال سائين جو خانداني احوال ــــ سائيم جي ايم سيد صاحب مٽياري سيدن جي خاندان سان تعلق رکن ٿا، سندن وڏڙن مان سيد حيدر نالي هڪ شخص امير تيمور جي هندستان اچڻ وقت ۸۰۱ هجري ۾ پنهنجي والد سيد امير علي سان هرات کان ملتان تائين آيو ۽ پوء سير سفر جي رستي انهن کان ڇڄي سنڌ جي شهر هالن ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾ اچي رهيو ۽هتي ارباب شاه محمد وٽان شادي ڪيائين، ،۽ سندس اولاد پهرين هالن ۾ رهندو هو پر ڪجهه وقت کانپوء مٽيارن ۾ اچي رهڻ لڳو، جتي سندس اولاد چئن پاڙن ۾ ورهائجي ويو، (۱) جرار پوٽا (۲) موسه پوٽا (۳) باقيل پوٽا (۴) ميان پوٽا. پوئين پاڙي مان سيد سخي ابراهيم شاه جو فرزند سيد بدرالدين ڄام نظامالدين جي حڪومت ۾ لڪيء کان موجوده ڪوٽڙيء جي حصي واري ملڪ مان هڪ سرڪش چانگ قبيلي جي سرڪشي ٽوڙڻ ۾مدد ڏيڻ جي عيوض مليل جاگير جي سنڀال لاء سن جي ڳوٺ ۾ ۹ صدي هجريء جي آخر ۾ رهڻ لڳو. ۽ ان کي ست پٽ ٿيا، (۱) سيد معروف شاه (۲) موج شاه (۳) سيد ڌڻي شاه (۴)سيد حاجي شاه (۵)سيد داد شاه (۶)سيد جهنڊو شاه (۷) سيد جيو شاه (ضياء الدين شاه )جيو شاه صاحب کي وري ٻه پٽ ٿيا، (۱) سيد جرارشاه (۲) سيد حيدر شاه ۽ سائين سيد حيدر شاه جي پيڙهي مان آهن. سائين جو والد صاحب ــــــ سائين جي والد صاحب جو نالو ـــ سيد ميان محمد شاه هو جنهن کي پهرين نومبر ۱۹۰۵ع ۾(جنهن وقت سائين اڃان مس هڪ سال جو هو) رمضان شريف جي ٽئين رات جو جامع مسجد سن ڏانهن ويندي رستي تي خانداني اختلافن جي عيوض قتل ڪيو ويو هو. سيد جو پورو نالو ــــ سيد غلام مرتضه شاه سنائي سائين جي پيدائش ــــ ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ع ۾ سن شهر ۾ سائين جي پيدائش ٿي. تعليم ــــ محترم سائين جي ايم سيد صاحب شروعاتي تعليم ماستر جان محمد عباسي صاحب کان حاصل ڪئي. جيڪو اصل ٻورڙي تعلقي ڪڪڙ ضلعي دادو جو هو. ۽ ۱۹۰۹ع ڌاري سن ۾ استاد ٿئي آيو هو. تنهن کانپوء ماستر حامد علي ميمڻ ولد مولوي ميان عبدالله ميمڻ کان ڪجهه انگريزي پڙهيو، هي صاحب ۵ جنوري ۱۹۱۸ع ڌاري سن پهتو هو ۽ سيد صاحب وٽس ڏيڍ سال تائين انگريزي پڙهيو، هي صاحب اصل هالن جو رهاڪو هو، ياد رهي ته سيد صاحب باقائده ڪنهن اسڪول يا مدرسي مان سند يافته نه آهن مگر ان جي باوجود سيد صاحب هڪ ئي وقت سنڌي، علم ادب جا، يگانه عالم ۽ اديب هئا، پر ان سان گڏ اردو ، انگريزي فارسي ۽ عربي جا وڏا ڄاڻون ۽ ليکڪ هئا، ۽ سيد صاحب سنڌي ادب تاريخ، ثقافت ۽ مذهب تي تمام وڏا ڪتاب لکيا آهن جنهن جو ذڪر اڳتي ايندو انشاءَالله. سائين جا ڀائر ـــ سائين جو هڪ ڀاء هو جنهن جو نالو احمد شاه هو جيڪو ننڍپڻ ۾ ئي وفات ڪري ويو هو. شادي ـــ سيد صاحب جي شادي پنهنجي خاندان مان ۲۰اپريل ۱۹۱۰ع ۾ جناب سيد مير حسن ولد حاجي نور شاه ڀاڻوٺيء جي نياڻي بيبي مريم سان ڀاڻوٺ جي ڳوٺ ۾ ٿي. مذاج ــــ سائين هڪ صوفي ۽ عاشق مذاج شخص هو کيس مٺو آواز، سهڻيون شيون، سهڻا ماڻهون تمام گهڻا وڻندا هئا. سيد صاحب هڪ حساس دل ۽ آزاد خيال جا مالڪ هئا، ۽ هر ڪنهن کي آزاد ڏسڻ چاهيندا هئا، سنڌ سنڌي عوام ۽ سنڌي ثقافت جا ته عاشق هئا، سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي محبت ته سندن رڳ رڳ م شامل هئي، سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي محبت ۾ عمر تڪليف ۾ گذاري ڇڏيائون، مگر سنڌ جي خلاف هڪ لفط به بردائش نه ڪيائون. عشق محبت ـــ سائين جڏهن تعليم جا وزير هوا ان وقت هندستان جي هڪ عورت سيد صاحب سان محبت ڪرڻ لڳي هئي، جنهن جو ذڪر سائين پنهنجي ڪتاب ديارِ دل ۽ داستان محبت ۾ تفصيل سان ڪيو آهي، ۽ ان ڪتاب ۾ انهيِء عشق محبت جي قصي وارا خط پڻ ڏنا آهن، ذاتي زندگي ۽ مذهبي اثرات ــــ سيد صاحب ذاتي زندگي ۾ هڪ انتهائي شريف ، سچو، پرهيزگار، ۽ عبادت گذار شخص هو، شروعاتي زندگي ۾ ته نماز، روزي جو پڻ پابند، هو ۽ تهجد گذار هو. مگر پوء ڪنهن جي صحبت ۾ مذهب کان بيزاري ڏيکاريائين، مگر تقريبًا ۱۲،۱۳ سال پهرين مون هن رسالي ۾ سندس نياڻي محترمه ڊاڪٽر درشهوار سيد جي لکيل الفاظ ڏٺا هئا، جنهن ۾ هن اهيو چيو هو ته بابا عمر جي آخر ۾ وري نماز پڙهڻ شروع ڪئي هئي. ۽ بابا چوندو هو ته نماز ۾ مون کي سڪون ٿو ملي. سيد صاحب جي لکيل ڪجهه ڪتابن جا نالا (۱) پنهنجي ڪهاڻي پنهنجي زباني ــــــ هن ڪتاب ۾ سيد صاحب پنهنجي آتم ڪهاڻي لکي آهي مگر اها ڪهاڻي مڪمل ناهي. (۲) جنب گذاريم جن سين ــــ هن ڪتاب ۾ سيد صاحب پنهنجي هم عصر سياستدانن، عالمن، اديبن ويجهن زميدارن، ۽ پنهنجي دوستن جو تفصيلي ذڪر ڪيو آهي. تمام معلوماتي ۽ تاريخي ڪتاب آهي، اگر اهيو ڪتاب توهان نيٽ تي پڙهڻ چاهيو ته ان لاء پڻ هيٺ هڪ لنڪ ڏيان ٿو، توهان اتان اهيو ڪتاب پڙهي سگهو ٿا۔ (۳) سنڌ جا سورما ـــــ هن ڪتاب ۾ سيد صاحب سنڌ جي بهادر سورمن جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن جي لنڪ پڻ مون هيٺ ڏني آهي ۽ توهان اتان پڙهي سگهو تا، (۴)سنڌي ڪلچر ــــ هن ڪتاب ۾ سيد صاحب سنڌ جي رهڻي ڪهڻي طور طريقن ۽ رسمن جو ذڪر ڪيو آهي، جنهنجي پڻ لنڪ هيٺ ڏنل آهي. (۵) ون يونٽ جي ڪهاڻي ــــ ايوب دور ۾ سنڌ جو نالو ختم ڪري ون يونٽ قائم ڪيو ويو هو ، هن لتاب ۾ ان ون يونٽ جو ذڪر آهي.(۶) خطبات سيد ــــ هن ۾ سيد صاحب جون تقريرون ڏنل آهن. (۷) پيغام لطيف ــــ هن ڪتاب ۾ سيد صاحب شاه صاحب جي شاعري جي روشني ۾ حبالوطني جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن جي لنڪ پڻ هيٺ ڏنل آهي توهان لنڪ ڪلڪ ڪري اهو ڪتاب پڙهي سگهو ٿا.(۸) ديارِدل ۽ داستان محبت ــــ هن ڪتاب ۾ سيد صاحب پنهنجي محبت جا قصا ۽ ڪهاڻيون لکيون آهن سيد صاحب جي بقول ته ٽن عورتن سان محبت جا قصا ٿيا، ۽ انهن جو ذڪر به هن ڪتاب ۾ موجود آهي، ۽ ان کان علاوه هن ڪتاب ۾ اهي محبت وارا خط پڻ ڏنا ويا آهن، ۽ تمام سهڻي نموني سان هن ڪتاب کي لکيو ويو آهي، محبت جو داستان لڱندي لکندي سيد صاحب شاه سائين جا شعر،۽ بيت اهڙا ته فٽ ڪيا آهن جو پڙهندين پڙهندي پڙهندڙ جي ڪيفيت به عجيب ٿئو وڃي، توهان کي ڪڏهن موقعو مليو ته اهيو ڪتاب ضرور پڙهجو. (۰۹) سنڌ جي بمبئيء کان آزادي ـــ ۱۹۳۶ع ڌاري سنڌ کي آزاد ڪيو ويو، ۽ ان آزادي جو ذڪر سيد صاحب هن ڪتاب ۾ ڪيو آهي. (۱۰)نئين سنڌ لاء جدوجهد ــ......................................... (۱۱)سنڌوء جي ساڃاه ـــ ٻن جلدن ــــ .............................. (۱۲) موجوده سياسي مسئلا ـــــ ........................................ (۱۳) سنڌو ديش ڇو ۽ ڇالاء ؟ ـــ ....................................... (۱۴) جديد سياست جا نورتن ــــــ ...................................... (۱۴) چونڊ سياسي مضمون ـــــ ......................................... (۱۵) ههڙا هاڃا ٿين ـــــ........................................................ (۱۶) تحريرون ـــــ..................................................................... (۱۷) ساهڙ جا سينگار ــ هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ماياناز عالم اديب جناب سائين علامه آء آء قاضي صاحب جن جا خط سهيڙيل آهن. (۱۸) خط۽ مضمون ـــ هن ڪتاب ۾ سنڌ جي عالم، اديب، ۽ سياستدان جناب علي محمد راشدي صاحب جن جا خط سهيڙيل آهن (۱۹) سنڌ ڳالهائي ٿي ــــ محترم جناب سيد صاحب جن پنهنجا عدالتي بيان هڪ هنڌ گڏ ڪري هي ڪتاب ترتيب ڏنو آهي، هي ڪتاب پڻ پڙهڻ وٽان آهي. (۲۰) جيئن ڏ ٺو آه مون ـــ هي ڪتاب مذهبن تي بلڪه خاص اسلام تي تنقيد ٿيل آهي، هن ڪتاب ۾ سيد صاحب مذهب اسلام تي بردائش نه ڪرڻ وارا الزام لڳايا آهن ۽ هن ڪتاب جي ڪري مذهبي حلقن ۾ پڻ سيد جي سخت مخالفت ٿي، پر هڪ عام مسلمان به سيد کان منهن موڙيو، ۽ بقول حافظ خليل صاحب ته سائين جي ايم سيد صاحب هڪ ڏينهن اهيو خود مڃيو هو ته هن ڪتاب منهنجي سياسي ڪردار کي وڏو ڌڪ هنيو آهي، ۽ هن عمر ۾ اهيا منهنجي وڏي غلطي آهي. (۲۱) واڄٽ ويراڳين جا ـــ هن ڪتاب ۾ سائين جي ايم سيد ۽ محمد امين کوسي جا لکيل خط سهيڙيل آهن، هن ڪتاب کي محترم جناب عبدالواحد آريسر صاحب جن ترتيب ڏنو آهي. (۲۲) شاه جون ڪافيون ـــ ..................................................... (۲۳)چونڊ ادبي مضمون ـــ............................................................ سيد صاحب جا اهم ڪارنامه ۽ تاريخي ڳالهيون چوڏهن سالن جي ننڍڙي ڄمار ۾ سائينءَ پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات ڪئي ... کيس ۱۹۱۹ع ۾ پنهنجي تعلقي جي اسڪولن جي بورڊ جو چئرمين منتخب ڪيو ويو ... ۱۹۲۹ع ۾ ڪراچي ضلع جي لوڪل بورڊ جو ڄونڊيو ويو۔ ۱۹۳۰ع ۾ ، سنڌ هاري ڪاميٽي سيڪريٽري چونڊيو ويو ۱۹۳۷ع ۾ سنڌ بمبئي کان الڳ ٿي ته سنڌ ۾ اليڪشن ٿي ۽ ان اليڪن ۾ سائين جي ايم سيد صاحب پهريون دفعو سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊجي آيو ... ۱۹۳۸ع ۾ آل انڊيا مسلم ليگ ۾ شموليت اختيار ڪيائين۔ ۱۹۴۰ع ۾ سنڌ جي تعليم جو وزير مقرر ٿيو ۽ سنڌ يونيورسٽي ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي قيام لاء اپاء ورتا ويا۔ ۱۹۴۱ع ۾ مسلم ليگ جي مرڪزي ڪاميٽي جو ميمبر چونڊيو ويو ... ۱۹۴۳ع سنڌ مسلم ليگ جو صدر منتخب ٿيو ... ۱۹۴۴ع ۾ قرداد پاڪستان جي قرارداد پاس ڪرايائين پر پوء پوري زندگي انهيء ملڪ جي مخالفت ڪيائين ۽ پوري زندگي دنيا ڇڏڻ تائين مخالفت جي ڪري تڪليفون ڪاٽيندو رهيو۔ ۱۹۴۶ع ۾ مسلم ليگ سان اختلافن جي شروعات ٿي، جنهنجي نتيجي ۾ هڪ الڳ پارٽي ”پروگريسو مسلم ليگ“ جي نالي سان بنياد رکيو ويو ... ساڳي سال سائين جي ايم کي سنڌ اسيمبلي جي گڏيل پارٽين جو اڳواڻ مقرر ڪيو ويو ۱۹۵۴ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي چئرمين جا چيئرمين ٿيا، ۽ سنڌي ٻولي ۽ لغت تي ڪم جي شروعات ٿي۔ ۱۹۵۵ع ۾ پاڪستان نيشنل پارٽي ٺاهڻ ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو ... ۱۹۶۶ع ۾ ”بزم صوفياء سنڌ “ جو بنياد وڌائين ۱۹۶۹ع ۾ ”سنڌ يونائيٽيڊ فرنٽ“ جو بنياد رکيائين سائين محترم جي ايم ”سنڌ عوامي آواز“ پارٽيءَ جو بنياد ۱۹۰۶ع ۾ سندس زمين محترم مرزا قليچ بيگ (جيڪو ان وقت ڊپٽي ڪليڪٽر هو) جي ڪوشش سان ڪورٽ آف وارڊس جي سنڀال هيٺ آئي۔ ڇاڪاڻ جو سيد صحب ننڍو هو ۽ سندس خاندان ۾ ٻيو ڪو مرد ماڻهون ڪو نه هو جيڪو زمينون سنڀالي۔ ۱۹۲۱ع ۾ مهاتما گنڌي سان ملاقت ٿي ۽ ان ملاقات کان پوء سيد صاحب کاڌي جا ڪپڙا پائڻ شروع ڪيا۔ ۱۹۲۴ع ۾ سيد صاحب مٽياري سادات جي ڪانفرنس ڪوٺائي جنهن ۾ تقريبن ۳۰۰ ماڻهو شريڪ ٿيا۔ ۱۹۲۴ع ڌاري مشهور مسجد لڪي جي مسجد جو ڪم ڪرايو ۱۹۱۹ع ۾ سيد صاحب کي ماتا جي بيماري ٿئي جنهن ڪري کيس ٻه مهينا بستري تي رهڻو پيو۔ جي ايم سيد پاڪستان کان سنڌ ديس تائين عاجز جمالي جي ايم سيد سنڌ جي تاريخ جو هر رخ کان هڪ انوکو ۽ منفرد ڪردار آهي. غلام مرتضيٰ شاهه سنائي (جي ايم سيد) جيتوڻيڪ سياسي تاريخ پاڪستان جي حمايت کان وٺي سنڌو ديش جي نعري تائين سيد جي شخصيت ۾ وڏيون تبديليون نظر اچن ٿيون. سندس ان سياسي تبديليءَ سنڌ ۾ هميشه پاڪستان ۽ سنڌوديش جي سوچ تي ٻه اهم سوال اٿاريا آهن ”ڇا پاڪستان جي حمايت ڪرڻ گهرجي ها؟“ ”ڇا پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سنڌوديش ۾ مسئلن جو حل آهي؟“ ڇا ٻه قومي نظريو درست هو؟ آل انڊيا مسلم ليگ ۾ سيد جو شامل ٿيڻ ٺيڪ هو يا سنڌ هاري ڪميٽي ۽ سنڌ عوامي محاذ جي پليٽ فارم تي سنڌين جي حقن لاءِ جدوجهد ٺيڪ هئي؟ سنڌ آئين ساز اسيمبليءَ جو ميمبر بڻجي سنڌ اسيمبليءَ ۾ پاڪستان ٺاهڻ جي حق ۾ قرارداد منظور ڪرڻ ٺيڪ هو يا سنڌي قومپرستي ٺيڪ هئي؟ جي ايم سيد جي شخصيت ۽ سياست ۾ لڪل اهم تاريخي واقعن ۽ تضادن سان گڏ سنڌي ادب ۾ سندس خدمتن جو اعليٰ مثال رڳو ”سنڌي ادبي بورڊ“ قائم ڪرڻ ناهي پر ۵۰ کن املهه ڪتاب لکڻ به وڏو ڪم آهي. ۱۷ هين جنوري ۱۹۰۴ع ۾ سنڌو درياهه جي ڪناري تي شهر سن ۾ جنم وٺندڙ جي ايم سيد پنهنجي حياتيءَ جي آخري ڏينهن ۲۵ اپريل ۱۹۹۵ع تائين سياسي تڪرارن ۽ تضادن سان گڏ سنڌ جو عاشق رهيو ۽ پنهنجي سياسي نظرئي سان ڳنڍيل رهيو. جي ايم سيد آل انڊيا مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ کان اڳ به سياسي طور قدبت رکندڙ سياستدان هو. هڪ خيال اهو آهي ته جيڪڏهن جي ايم سيد آل انڊيا مسلم ليگ ۾ نه هجي ها ته شايد ۱۹۴۴ع ۾ سنڌ جي آئين ساز اسيمبليءَ مان پاڪستان جي حمايت ۾ قرارداد به منظور نه ٿئي ها. سنڌ ڄائي قائداعظم محمد علي جناح ۽ عبدالله هارون جي دوستيءَ سيد کي سنڌي قومپرستيءَ مان پاڪستان ٺهڻ يا تحريڪ پاڪستان ڏانهن موڙيو. جيتوڻيڪ جي ايم سيد ان کان اڳ به سياسي طور انتهائي متحرڪ سياستدان هو. ۱۹۳۷ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجڻ کان اڳ به هو ننڍي ڄمار ۾ لوڪل بورڊ ڪراچيءَ جو صدر چونڊيو. ان کان اڳ سيد پنهنجي جوانيءَ ۾ سنڌ عوامي محاذ، سنڌ هاري ڪميٽي، سنڌ ۾ صوفي تحريڪ جهڙين تحريڪن ۾ سرگرم رهيو. سندس سياسي ناقدين مٿس اها تنقيد ڪن ٿا ته ”سيد“ قائداعظم جي ڳالهين ۾ اچي ويو هو. جيڪڏهن هو تحريڪ پاڪستان جي حمايت نه ڪري ها ته سنڌ سان اڄ اهڙي صورتحال نه هجي ها ڇو ته پاڪستان ٺهڻ جو سڀ کان وڏو نقصان سنڌ کي پيو. ڇو ته پاڪستان هڪ ته جنهن پيريٽي (برابري) جي بنياد تي ٺهيو ان تي ۱۹۴۷ع ۾ ئي عمل ڪو نه ٿيو. ۱۹۴۰ع جي ٺهراءُ ۽ بعد ۾ ۱۹۴۴ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ ۾ منظور ڪرايل جي ايم سيد جي ٺهراءُ جي ڀيٽ ۾ ۱۹۴۷ع ۾ بلڪل الڳ تصوير جو پاڪستان ٺهيو. پاڪستان جون پاڙون ئي ڪمزور سياسي نظرئي تي رکيون ويون. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ ان جو پهريون شڪار سندس باني قائداعظم محمد علي جناح بڻيو ۽ ان کانپوءِ راولپنڊي ۾ پهرين وزيراعظم لياقت علي خان جي قتل پاڪستان جي ٻه قومي نظرئي کي لوڏي ڇڏيو هو. تازو حاجي مظفر شجره جي گهر تي گلگت بلتستان جي وڏي وزير سيد مهدي شاهه سان غير رسمي ڪچهري ٿي. سندس چوڻ هو ته گلگت بلتستان ڏيڍ سال تائين پاڪستان جو حصو نه هو. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ به آزاد رياست هو. اهڙي ساڳي صورتحال بلوچستان جي آهي. جڏهن خان آف قتلات ۱۹۴۸ع ۾ جنهن ڏينهن پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو ان ئي ڏينهن قلات ۾ بغاوت شروع ٿي. پاڪستان ٺهيو ته سڄي هندوستان مان مسلمان مهاجرن جي آمد شروع ٿي پر سڀ کان وڏي صوبي پنجاب انڊيا مان ايندڙ مسلمان ڀائرن جو بار کڻڻ کان انڪار ڪيو ۽ لاهور مان ٽرينون ڀري سنڌ ڏانهن روانيون ڪيون. مسلمان ڀائرن کي پنجاب جي عظيم مسلمان چيو ته پاڪستان اڳيان آهي. ان پناهه گيرن جو سڄو بوجهه ڪراچي ۽ سنڌ جي ٻين شهرن تي وڌو ويو ۽ سنڌ مان قابل هندو ڀارت لڏي ويا. ان کانپوءِ ۱۹۴۷ع کان وٺي اڄ تائين ڏسون پيا ته پاڪستان جو سڄو ازالو سنڌ ڀوڳي رهي آهي. جي ايم سيد ۱۹۷۰ع ڌاري تڏهن صورتحال کي سمجهيو جڏهن پاڪستان مان بنگالين الڳ ٿيڻ جو فيصلو ڪيو. پر سيد سنڌو ديش جو نعرو بنگلاديش ٺهڻ کانپوءِ ۱۹۷۲ع ۾ هنيو، جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو وزيراعظم بڻيو. ڏٺو وڃي ته سيد گهڻو اڳ پاڪستان کان بيزار ٿي چڪو هو. ۱۹۶۹ع ۾ هن سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ٺاهي هئي، جيڪا پڻ سنڌ سطح تائين سياست ڪرڻ ڏانهن اشارو هو. پاڪستان جي بنيادي نظريي سان ته ٻن سالن کانپوءِ ٺاهڻ وارا ڦري ويا، پوءِ جيڪو پاڪستان ٺهيو، جنهن ۾ اڄ تائين ڀارت کان مهاجرين جي آمد جو سلسلو جاري آهي. منهنجو ذاتي خيال آهي جيڪڏهن قائداعظم محمد علي جناح جيئرو هجي ها ته شايد ۱۰ سالن کانپوءِ هن پاڪستان کان لاتعلقي جو اعلان ڪري ٻئي پاڪستان ٺاهڻ لاءِ ٻيهر جدوجهد شروع ڪري ها. مون کي هن ڳالهه تي ڏاڍي حيرت آهي ته هن ملڪ ۾ پنجاب ۽ فوج کانسواءِ ڪير به پاڪستان جي هاڻوڪي ڍانچي مان خوش ناهي جن قوميتن برابري جي بنياد تي وفاق ۾ يونٽ طور صوبن کي شامل ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي حمايت ڪئي هئي اُهي سڀ بعد ۾ پاڪستان جا مخالف بڻجي ويا. سڀ کان پهرين بنگالي مخالف بڻيا. ۱۹۷۱ع کانپوءِ باقي رهيل پاڪستان مان بلوچ، سنڌي ۽ پٺاڻ بيزار آهن. جهڙي هن وقت پاڪستان جي صورتحال آهي ان مان لڳي نه ٿو ته هي ملڪ هن صديءَ تائين هلندو. سنڌ ۾ سيد جي حياتيءَ ۾ ئي سندس ”جيئي سنڌ“ يا سنڌو ديش جي تحريڪ به مسلم ليگ وانگر ڪيترن ئي ٽڪرن ۾ ورهائجي وئي هئي. اڄ ته شايد سيد جي سياسي پوئلڳن جون سنڌ ۾ هڪ درجن کان وڏيون پارٽيون آهن. جي ايم سيد بنيادي طور صوفي فڪر ۽ عدم تشدد جو پيروڪار هو. بعد ۾ سياست اندر ”دهشت“ ۽ هٿيارن جي سياست سندس عدم تشدد جي سياست کي لتاڙي ڇڏيو. جي ايم سيد جو سنڌي ادب ۾ تاريخي ڪردار ڪڏهن به وساري نه سگهبو، جنهن مان سندس ڏاهپ، علم دوستي ۽ سنڌ دوستيءَ جو اعليٰ مثال ملي ٿو. سنڌ جي سياست ۾ اهڙا گهٽ سياستدان ملندا جيڪي ساڳي وقت ايڏا وڏا ليکڪ به هُجن. هو نه رڳو سنڌي قومپرست سياست جو باني آهي بلڪه سنڌي ادبي بورڊ جي قيام ۾ سندس هٿ ۽ ۱۹۵۴ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين بڻجڻ سندس علم ۽ ڏاهپ جو وڏو مثال آهي. سيد گهراڻي جي وڏيرڪي ڪلاس جو جي ايم سيد قومپرست سياست جو باني بڻيو. جي ايم سيد روشن خيال، ترقي پسند ۽ جديد سائنس جي علم جو واقف اڳواڻ هو پر سنڌو ديش جو نظريو اڻ ڳڻين خامين ۽ ڪيترن ئي سوالن جو محور هو. جيئي سنڌ تحريڪ اندر به سياسي ۽ نظرياتي ڪارڪنن کي انهن سوالن جو جواب ملي نه سگهندو هو. جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (جساف) جي ايم سيد جي پوئلڳن جي مضبوط شاگرد تنظيم هُئي ترقي پسند ۽ قومپرست فڪر جا هي دوست يونيورسٽين ۾ لکڻ پڙهڻ بدران ٻين شغلن ۾ لڳا پيا هوندا هئا. جساف جهڙي تنظيم جي ڪارڪنن جو نشانو ٻين ترقي پسند تنظيمن جا ڪارڪن بڻجندا هئا. شهيد نذير عباسيءَ تي تشدد جا واقعا هُجن يا يونيورسٽيءَ جي هاسٽلن ۾ هٿيار گڏ ڪرڻ جهڙيون ڳالهيون. تعليمي ادارا بند ڪرائڻا هجن يا شاگرد تنظيمن وچ ۾ ڦڏا ڪرائڻا هجن، هي سڀ ڪم سيد جي فڪر جا پوئلڳ ڪندا هئا، جنهن سبب جي ايم سيد جي عدم تشدد يا سهپ وارو فلسفو سندس سياسي پوئلڳن آڏو ئي تڪراري بڻيل رهيو. هاڻوڪي سنڌ جي ويجهي ماضيءَ ۾ وري جي ايم سيد يا سندس تنظيم تي سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ ايم ڪيو ايم کي تحفظ ڏيڻ يا سنڌي مهاجر ڀائي ڀائي جي نعري تحت ايم ڪيو ايم جي همٿ افزائي ڪرڻ سان پڻ سنڌي عوام کي نقصان پهتو. اڄ سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم جي ايم سيد جي ان دوستيءَ جي وارثي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي نه ڪي جيئي سنڌ اڄ ان پوزيشن ۾ آهي جو ايم ڪيو ايم سان کُليل ڳالهه ڪري. هن راءِ مان عبدالواحد آريسر کي ڀلي مائنس ڪري پڙهيو وڃي. جي ايم سيد ۲۰ هين صديءَ جو تمام وڏو ماڻهو هو. سنڌ ۾ وڏن ماڻهن جو قدر گهٽ ٿيندو آهي. گانڌي ۽ شاهه عنايت جي فلسفي کي پاڪستان کان ڌار ڪري سنڌو ديش سان ملائيندڙ جي ايم سيد زندگيءَ جي آخري ڏينهن تائين پنهنجي گهر ۾ نظربند رهيو. ساڻس ٻه ڀيرا ملاقات باوجود ساڻس گڏ ڪنهن تصوير جو مون وٽ نه هُجڻ مون لاءِ افسوس جو مقام آهي پر مون کي ڪتابن ڏانهن مائل ڪرڻ ۽ سياست جو دڳ ڏيکارڻ ۾ جي ايم سيد جي لکڻين جو به هٿ هوندو. ”سيد ۽ سنڌ“ هن ڌرتيءَ جي نوجون نسل لاءِ هر دور ۾ اهميت جوڳو موضوع رهندو سيد جي فڪر کي خطرا عبدالخالق جوڻيجو سائين جي ايم سيد جي انگريزيءَ ۾ ڪيل تاريخي تقريرن جي اردو ترجمي تي ٻڌل ڪتاب ”فڪر جي ايم سيد اور آج ڪا پاڪستان“ جي مهاڳ ۾ مون لکيو هو ته ”هر غير معمولي ماڻهو متنازعه هوندو آهي ۽ هر غير متنازعه ماڻهو معمولي هوندو آهي.“ سمورا غير معمولي ماڻهو متنازعه ان ڪري ٿيندا آهن ته اُهي نوان خيال کڻي ايندا آهن، اُهي تبديليءَ جي ڳالهه ڪندا آهن. انساني سماج هر وقت تبديليءَ جي عمل مان گذرندو ٿو رهي. جيئن وقت هڪ هنڌ بيهي نٿو، تيئن انساني سماج به تبديل ٿيندو اڳتي وڌندو ٿو رهي. جيڪي ماڻهو، جيڪي گروهه ۽ جيڪي قومون تبديليءَ جي عمل کي سمجهن ٿيون ۽ وقت سان گڏ پاڻ ۾ تبديلي آڻين ٿيون، اُهي زنده به رهن ٿيون ۽ ترقي به ڪن ٿيون. پر جيڪي تبديل نه ٿيون ٿين، انهن جي ترقيءَ جو عمل رُڪجي وڃي ٿو ۽ آخر اُهي ختم ٿي وڃن ٿيون. غير معمولي انسانن جو وقت جي نبض تي هٿ هوندو آهي. تنهن ڪري اهي تبديل ٿيندڙ وقت جي گهرجن سان مطابقت رکندڙ نوان خيال ڏيندا آهن. پراڻا خيال ۽ زندگيءَ بابت پراڻا تصور هلندي هلندي ماڻهن لاءِ عقيدي جي حيثيت اختيار ڪري ويندا آهن. ان ڪري جڏهن نوان خيال ايندا آهن ۽ انهن ماڻهن جي عقيدن سان ٽڪرائبا آهن ته اُهي عقيدي پرست ماڻهو نون خيالن جي ۽ نوان خيال ڏيندڙ ماڻهن جي مخالفت ڪندا آهن. اهڙيءَ طرح اُهي سماج جي واڌاري ۽ ترقيءَ بابت نوان خيال، نيون سوچون ۽ نوان تصور ڏيندڙ ماڻهو، متنازعه بڻجي ويندا آهن. اڄ انساني تاريخ جا عظيم ۽ غير معمولي سمجهيا ۽ مڃيا ويندڙ سمورا شخص، پنهنجي دور جا انتهائي متنازعه ماڻهو هئا، پوءِ اُهي مفڪر هجن، مذهبي مهندار/ پيغمبر هجن يا سائنسدان هجن، ڪنفيوشس، گوتم ٻڌ، سقراط، حضرت عيسيٰ، ڪارل مارڪس، گئليلو، آئنسٽائين، اهي سڀ پنهنجي پنهنجي وقت ۾ متنازعه رهيا. اهي سڀ، اُهي ماڻهو هئا جن عام ماڻهن ۾ عقيدي جي حيثيت اختيار ڪري ويل پراڻن خيالن کي چئلينج ڪيو ۽ رد ڪيو. انهن جي ڀيٽ ۾ ٻيا اهڙا به ماڻهو هئا جن ماڻهن کي خوش ڪرڻ خاطر، انهن سان ها ۾ ها ملائي. اُهي وقتي طور ته وڏا مقبول به ٿيا ۽ ماڻهن جا ليڊر ۽ حڪمران به ٿيا پر انساني سماج جي ترقيءَ ۾ انهن ڪو ڪردار ادا ڪو نه ڪيو. جي ايم سيد بلاشبه سنڌ جو، پاڪستان جو ۽ شايد ننڍي کنڊ جو سڀ کان وڌيڪ متنازعه ماڻهو هو. هُن عقيدي پرستيءَ جي خلاف جنگ ڪئي. هُن پراڻن ۽ فرسوده خيالن کي رد ڪيو. هُن مقدس ۽ متبرڪ بڻيل خيالن، نظرين ۽ شخصيتن کي چئلينج ڪيو. هُن پنهنجي دؤر جي حساب سان سياست ۾، ادب ۾، تاريخ ۾ ۽ مذهب جي معاملي ۾ نوان خيال ۽ نوان لاڙا ڏنا. جي ايم سيد کي سڀ کان وڌيڪ متنازعه بنائيندڙ سندس ڪتاب ’جيئن ڏٺو آ مون‘ هو، جنهن ۾ هُن مذهب بابت پراڻن، روايتن تي ٻڌل ۽ گمراهه ڪندڙ خيالن جو سائنسي طريقي سان ڇيد ڪري انهن کي رد ڪيو. ان ڪتاب تي اُٿيل تنازعي، ان وقت سيد کي جهڙوڪ اڪيلو ڪري ڇڏيو. پر اڄ پاڪستان ۾ هوندي به سنڌ جيڪا اڃا تائين مذهبي بنيادپرستيءَ جي باهه کان بچيل آهي ته ان ۾ ٻين ڳالهين سان گڏ ان ڪتاب جو به حصو آهي. شاهه لطيف هاڻي نه رڳو سنڌ جي شاعري ۽ ادب، پر سنڌ جي ڪلچر ۽ سنڌ جي سڃاڻپ جو هڪ اهم اهڃاڻ بڻجي چڪو آهي. نه رڳو ايترو پر سنڌ جي قومي نجات جي جدوجهد ۾ به سندس شاعري هڪ روشني ۽ هڪ هٿيار طور استعمال ٿي رهي آهي. شاهه لطيف کي اها حيثيت ڏيارڻ ۾ به جي ايم سيد جي ڪتاب ’پيغامِ لطيف‘ جو اهم ڪردار آهي. غلام ملڪن ۽ پٺتي پيل سماجن ۾ تاريخ کي عقيدي پرستيءَ جي بنياد تي لکيو ويندو آهي ۽ ان کي جابر قوتن جي بالادستي جاري رکڻ ۽ سماج ۾ ماٺار يا اسٽيٽسڪو برقرار رکڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. جي ايم سيد تاريخ جو روشن خيال، تبديلي پسند ۽ بالادستي مخالف پاسو پيش ڪيو. ان لاءِ ننڍي کنڊ جي وڏي تاريخدان ڊاڪٽر مبارڪ عليءَ جو چوڻ آهي ته ”پاڪستان ۾ تاريخ، حڪمرانن جي نقطئه نظر کان لکي ويندي رهي آهي. جي ايم سيد اهو پهريون شخص آهي، جنهن تاريخ کي عوام جي نقطه نگاهه کان لکيو.“ اهو تاريخ بابت جي ايم سيد جي خيالن جو نتيجو آهي ته اڄ محمد بن قاسم کي غاصب ۽ راجا ڏاهر کي محبِ وطن طور مڃيو وڃي ٿو ۽ محمد بن قاسم جي ڪيل حملي کي توسيع پسنديءَ جي مهم سمجهڻ وارو خيال، هاڻي سنڌ کان نڪري خطي جي ٻين حصن ۾ به پختو ٿي رهيو آهي. غير معمولي انسانن کي، نوان خيال پيش ڪرڻ جي پاداش ۾، انهن ماڻهن جي طرفان مخالفتون، مشڪلاتون ۽ سزائون ملڻ هڪ سمجهه ۾ اچڻ واري ڳالهه آهي جن جي عقيدن کي ۽ جن جي مستقل مفادن کي اُهي چئلينج ڪندا آهن. انهن مخالفتون ڪندڙن ۽ فتوائون ۽ سزائون ڏيندڙن ۾، وقت جا حڪمران ۽ ملان، پوپ ۽ پنڊت شامل هوندا آهن. مٿي ذڪر ڪيل غير معمولي ماڻهن ۽ انهن جي قافلي جي ٻين انسانن سان وقت وارن جي ڪيل اهڙي ورتاءَ جي مثالن سان انساني تاريخ ڀري پئي آهي. وڌيڪ حيرت، افسوس ۽ تڪليف جي ڳالهه اها هوندي آهي ته انهن جا معتقد، پوئلڳ ۽ پنهنجا چورائيندڙن طرفان سندن مشن کي نقصان پهچايو ويندو آهي. اهي چوڻ ۾ ته انهن عظيم انسانن جا پوئلڳ ۽ پيروڪار هوندا آهن پر عمل انهن جي ابتڙ ڪندا آهن. اهي غير معمولي انسان سماج جي تبديلي ۽ بهتريءَ لاءِ هڪڙو فڪر، هڪڙي تعليم ۽ هڪڙو ڪردار پيش ڪندا آهن. انهن جي مخالف حڪمرانن ۽ ملن جي مخالفت سان انهن کي ذاتي ۽ جسماني طور ته تڪليفون اينديون آهن پر عام ماڻهن جي توجه ۽ همدردي انهن ڏانهن وڌندي آهي ۽ انهن جي ڏنل فڪر ۽ تعليم کي فائدو پهچندو آهي. ان جي ابتڙ پوئلڳ ۽ پيروڪار، شخصي ۽ جسماني طور ته، انهن جي ’پوڄا‘ ڪندا آهن، پر انهن جي فڪر، تعليم ۽ ڪردار جي نفي ڪندا آهن. اهڙيءَ طرح عام ماڻهن ڏانهن منفي پيغام ويندو آهي ۽ نتيجي ۾ انهن جي مِشن کي نقصان پهچندو آهي ۽ اهو نقصان مخالفن طرفان ملندڙ مخالفتن ۽ تڪليفن کان وڌيڪ تڪليف ڏيندڙ هوندو آهي. مهاتما ٻڌ جي تعليم ۾ خدا جو تصور ڪونهي. هُن وٽ سڀ ڪجهه انسان ۽ انساني سماج آهي ۽ انهيءَ سماج جي بهتري ئي سندس مشن آهي. پر ان جي پوئلڳن خود مهاتما ٻڌ کي خدا جو درجو ڏيئي ڇڏيو آهي ۽ انساني برابري ۽ ڀائيچاري واري سندس تعليم تي عمل ڪرڻ بجاءِ، ويٺا سندس پوڄا ڪن. تازو تڏهن دنيا کي حيرت ٿي جڏهن برما ۾ ٻُڌن، مسلمانن کي مذهبي فرق ڪري قتل ڪيو ۽ مسجدن کي ساڙيو. مذهب جي تعليم ۽ ڪردار جا مکيه ۽ بنيادي نقطا سچ، ايمانداري، امانت، انساني برابري ۽ بهتر سماجي رشتا ۽ رويا آهن. سندس پوئلڳن جي اڪثريت انهن اصولن ۽ آدرشن مان ڪنهن تي به عمل ناهن ڪندا. البته ان بنياد تي انساني رت جا درياهه وهائي ڇڏيندا آهن ته ڪير ڪپڙا ڪهڙا ٿو پائي ۽ ڪير نماز ڪيئن ٿو پڙهي. ڪارل مارڪس سمورن عقيدن کي ڀڃي هر شيءِ ۽ هر ڳالهه کي عقل جي بنياد تي پرکڻ جو درس ڏنو ۽ سندس تعليم جو مرڪزي نقطو اهو هو ته ڪائنات ۽ ان ۾ موجود هر شيءِ هر وقت تبديليءَ جي عمل مان گذري رهي آهي. پر سندس ڪيترن پيروڪارن خود مارڪس جي لکيل لفظن کي ئي عقيدو بڻائي ڇڏيو ۽ تبديليءَ کي حرام قرار ڏيئي ڇڏيو. جي ايم سيد سان به ڪجهه اهڙي وارتا ٿي آهي. سيد جي شخصيت ۽ ڪردار جا ٻه حصا يا ٻه پاسا آهن؛ هڪڙو عملي سياستدان وارو ۽ ٻيو هڪ دانشور، مفڪر ۽ مدبر وارو. منهنجي خيال ۾ هن کان جيڪي به غلطيون ۽ ڪوتاهيون ٿيون آهن يا ناڪاميون ڏٺيون آهن اُهي سياستدان جي ايم سيد کان ٿيون آهن. بحيثيت مفڪر ۽ مدبر هُن سنڌي قوم ۽ سنڌي سماج بابت خاص طرح ۽ انسان ذات بابت عام طرح جيڪي خيال ۽ تجزيا ۽ رهنما اصول پيش ڪيا انهن کي وقت جي وهڪري صحيح ثابت ڪيو آهي ۽ اُهي اڄ جي حالتن ۾ اڳي کان وڌيڪ درست ۽ ڪارائتا نظر اچي رهيا آهن. ان ڪري ئي ڪيترا ڪالهه جا، سيد جا مخالف، اڄ هُن جا موافق بڻجي رهيا آهن. پر افسوس ته سندس ڪيترا ئي ’پيروڪار ۽ پوئلڳ‘ سندس ڏاهپ وارن ڏسن، عقلي دليلن وارين ڳالهين ۽ فهم فڪر وارن نقطن کي نه رڳو پٺي ڏيئي ٿا هلن پر انهن جي ابتڙ عمل ٿا ڪن. سڀ کان اهم ڳالهه ته هُن عقيدي پرستيءَ جي بت کي ڀڃي ڀورا ڪيو ۽ دنيا جي هر ڳالهه، خيال ۽ هر ڪردار جو، عقل، دليل ۽ ثبوتن جي بنياد تي تجزيو ڪيو ۽ ان مان حاصل ٿيندڙ نتيجن کي دهل جي ڏونڪي تي دنيا آڏو آندو ۽ ڪنهن به پنهنجي پرائي، رشتي تعلق ۽ دوست دشمن جي پرواهه نه ڪئي. سندس مشهور جملو هوندو هو ته ”سڌي راند سوٽي جي، ٻيڙي ٻڏي کوٽي جي.“ هُن ڪيترن ئي ’مقدس‘ بڻيل صدين جي تصورن کي عقل ۽ دليل جي ذريعي رد ڪيو پر سندس ڪيترن پوئلڳن خود سيد جي ڳالهين کي ئي عقيدو بڻائي ڇڏيو ۽ چوڻ لڳا ته سيد جي چيل ڳالهين کان وڌيڪ يا مختلف ٻي ڪا ڳالهه ٿي نٿي سگهي. جي ايم سيد چيو ته؛ ’هر انسان غلطيون ڪري ٿو ۽ مون به غلطيون ڪيون آهن.‘ پر سندس ’معتقدن‘ جو چوڻ آهي ته؛ ’جي ايم سيد غلطين کان پاڪ آهي ۽ جيڪو ماڻهو سندس غلطين جو ذڪر ٿو ڪري اهو منحرف آهي.‘ سيد پنهنجي تعليم ذريعي اسان کي انسانن آڏو نه جهُڪڻ ۽ پيرن جي قبرن کي سجدو نه ڪرڻ جو سبق ڏنو. پر ڪيترا سندس پڪا پوئلڳ چوائيندڙ، خود سيد کي پير بڻائي، ان جي قبر جي مجاوري ٿا ڪن. سيد جي ڏنل فڪر جو هڪ نهايت اهم نقطو اهو آهي ته پير، مير، وڏيرا، جاگيردار ۽ ملا انساني سماج جي ترقيءَ جا دشمن آهن ۽ سنڌ جي قومي نجات ۽ خوشحاليءَ جي جنگ ۾ انهن مان چڱائيءَ جي اُميد رکڻ اجائي آهي. جڏهن ته ڪيترا سندس سچا سپاهي سڏرائيندڙ وڏيرن ۽ قبائلي سردارن جي اوطاقن تي سلاميون ٿا ڀرين، جاگيردارن کي جهڪي سلام ٿا ڪن، ڪنهن بنيادپرست ملان کي جي ايم سيد جو همسر قرار ٿا ڏين ته ڪنهن رجعت پسند پير کي سنڌ جو هم معنيٰ ٿا چون. جي ايم سيد جو سنڌ لاءِ ڪيل سڀ کان وڏو ڪارنامو ۽ اسان تي ڪيل سڀ کان وڏو احسان اهو آهي ته هن اسان کي ذاتين جي تفريق ۽ قبائلي سڃاڻپ مان ڪڍي هڪ جديد قومي شناخت جو احساس ڏياريو. ڪيڏي نه ستم ظريفي آهي ته اسان جي ايم سيد جي نالي ۾ ذاتين جي تفريق جي بنيادن تي ٺاهيل ۽ قبائلي شناخت رکندڙ تنظيمن ۽ گروهن کي مضبوط ٿا ڪريون ۽ انهن تنظيمن ۽ گروهن جي اڳواڻن سان گڏ جي ايم سيد جي فڪر کي ڪامياب ڪرڻ جا اعلان ٿا ڪريون. سيد ڄاتو ۽ سمجهيو پئي ته جاگيرداري، ترقيءَ جي دشمن ۽ پسماندگيءَ جي علامت آهي ۽ ترقيءَ لاءِ صنعت ۽ واپار ضروري آهي. ان ڪري اڄ کان ۸۰ سال اڳ ۾ هن ڪوششون ورتيون ته سنڌي قوم جو تمام وڏو حصو (سنڌي مسلمان) جيڪي جاگيرداريءَ ۾ جڪڙيا پيا آهن ۽ زراعت کي ئي پنهنجي قسمت جو لکيو سمجهيو ويٺا آهن، اُهي شهرن ڏانهن اچن ۽ واپار ڪاروبار جي ميدان ۾ مقابلو ڪن. اڄ جيڪي سنڌي مختلف حالتن ۽ سببن جي ڪري ٻهراڙي ڇڏي شهرن ڏانهن اچن ٿا ۽ ڪاروبار جي ميدان ۾ اڳتي وڌڻ چاهين ٿا ته ’سيد جا سپاهي‘ سڏرائيندڙ اڳ ۾ ئي ڏنڊا ۽ بندوقون کنيو انهن جي رستا روڪ ڪرڻ لاءِ بيٺا آهن. حق جو هوڪو ڏيڻ، سچ جو سودو ڪرڻ ۽ مقدس عقيدن کي چئلينج ڪرڻ جي پاداش ۾ سيد جي خلاف غدار، ملڪ دشمن، عوام دشمن ۽ ڪافر هجڻ واريون فتوائون جاري ڪيون ويون. اهي فتوائون ۽ تعزير جاري ڪندڙن ۾ وقت جا حڪمران ۽ انهن جا ساٿاري ملان شامل رهيا آهن. اها ڪا نئين يا عجب جهڙي ڳالهه ناهي. سقراط کان وٺي نيلسن منڊيلا تائين، سڀني غير معمولي ۽ انقلابي انسانن سان اهڙو ورتاءُ ٿيندو رهيو آهي. عجب جي ڳالهه اها آهي ته اڄ اهو فتوائون جاري ڪرڻ وارو ڪم جي ايم سيد جي ’معتقدن‘ پنهنجي ذمي کنيو آهي. جيڪو ماڻهو سندن مخصوص ۽ محدود سوچ سان اختلاف ڪري ٿو، ان لاءِ فورًا فتويٰ اچيو وڃي ته اهو ’سيد جو انڪاري‘ ۽ ’سنڌ جو غدار‘ آهي. انهن منجهان ڪهڙا ۽ ڪيترا، علم ۽ ڄاڻ جي غربت جي ڪري، اهڙا عمل ڪن ٿا ۽ ڪيترا ذاتي مفادن خاطر ائين ڪن ٿا. ان جو تعين ته ايندڙ وقت ڪندو. باقي اهڙي ئي صورتحال لاءِ، ڪنهن سياڻي چيو آهي ته؛ ’مون کي منهنجي دوستن کان بچايو، پنهنجي دشمنن سان مان پاڻهيئي پڄي پوندس.‘ مان اهڙن دوستن لاءِ هتي انساني تاريخ جي تمام وڏي ۽ غير معمولي انسان، مهاتما ٻڌ جو هي قول پيش ڪريان ٿو ته؛ ”ڪنهن ڳالهه ۾ ان ڪري يقين نه ڪريو ته ٻڌ ڪري ٿو، ان ڪري ڪا سوچ نه ڪريو ته ٻڌ ڪري ٿو، ان ڪري ڪا ڳالهه نه چئو ته ٻڌ چئي ٿو، پر تڏهن ڪنهن ڳالهه تي يقين ڪريو، ڪجهه چئو ۽ ڪجهه سوچيو جڏهن توهان جو ذهن ضمير توهان کي چوي.“ سائين جي ايم سيد جي ٻاريل شعور جي لاٽ دولت رام کتري/بدين اڄوڪو ڏينهن سنڌ جي عظيم قومي رهبر سائين جي ايم سيد جو جنم ڏڻ آهي. اڄوڪي ڏينهن تي سنڌ ۾ شعور جو سج اُڀريو هو ۽ اُنهيءَ جي روشني سنڌ جي هر واهڻ وستيءَ کي واسي ڇڏيو هو. سن ۾ جنم وٺندڙ سائين جي ايم سيد سنڌ جي تاريخ جي اها گهڻ پاسائي شخصيت هئي جنهن سنڌ جي ماڻهن کي علمي، ادبي، سياسي ۽ قومي شعور ڏنو. پنهنجي ڌرتي سان بي انتها عشق رکندڙ هن قومي رهبر سنڌ جي ماڻهن کي جاڳايو ۽ ”سنڌ“ کي هڪ نئين سڃاڻپ ڏني. سيد پنهنجي فڪر ذريعي جهر جهنگ ۾ اهو پيغام پهچايو ته: ”اسان ملير جي مِٽي آهيون، اسان موهن جي دڙي جي دانهن آهيون، اسان ڀٽائي جي ڀِٽ جو ڀنڀٽ آهيون، اسان سنڌ جي ماضيءَ جا عڪاس ۽ مستقبل جا مصور آهيون“ سيد پنهنجو فڪر ڏيندي ايئن به چيو هو ”سنڌي هڪ مهذب ۽ ترقي يافته قوم آهي، جنهن کي پنهنجي شاهوڪار ٻولي آهي ۽ اها سنڌي ٻولي آهي، جيڪا دنيا جي امير ترين ٻولين ۾ ليکي وڃي ٿي“. سنڌي ماڻهن هميشه انسانيت، امن، عشق، محبت ۽ آزادي جا گيت ڳائي دنيا کي امن، ڀائپي ۽ رواداريءَ جا ڏس ڏنا آهن. پنهنجي ڏاهپ ذريعي سنڌ ۾ شعور جي جوت جاڳائيندڙ هن قومي رهبر سنڌ جي ادب، تاريخ، ٻولي ۽ سياست کي نوان گس ڏنا. ”جديد سنڌ“ جو تصور سائين جي ايم سيد ڏنو. سائين جي ايم سيد سنڌ جي قومپرست سياست کي هڪ نئين سڃاڻپ ڏني ۽ سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ شاگرد سياست کي متعارف ڪرائيندڙ سائين جي ايم سيد سنڌ جي نوجوانن کي سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ مثبت سياست ڪرڻ لاءِ اتساهيو نوجوانن کي حقن جي حاصلات لاءِ هڪ نئون گس ڏنو. سائين جي ايم سيد سنڌ جي تاريخ جي حقيقي روپ کي منظر عام تي آندو. هن عظيم شخص ۵۰ کان وڌيڪ ڪتاب لکي ”فڪر سنڌ“ جهڙو انمول تحفو پڻ سنڌين کي ڏنو. جنميو سنڌ لطيف ۽ سيد جهڙو سچ، ٻنهي ٻاريو مچ، سجاڳي جو سنڌ ۾ رهبر جو جنم ڏينهن نشا نهال/ حيدرآباد تاريخ ۱۷ جنوري اهو ڏينهن آهي، جنهن ڏهاڙي تي ۱۹۰۴ع ۾ سنڌ جي ڌرتي تي سنڌ ۽ سنڌ ڌرتي سان پيار ڪندڙ ۽ سنڌين سان لازوال محبت ڪندڙ رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جنم ورتو هو. سندس اڄ ۱۱۰هون جنم ڏينهن آهي، اڄ سڄي سنڌ ۾ سندس جنم ڏهاڙي جي مناسبت سان ننڍن وڏن شهرن، ڳوٺن، واهڻن ۽ وستين ۾پروگرام ملهائي سندس ولادت جون تقريبون وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايون پيون وڃن، جڏهن ته سندس جنم ڏهاڙي جون خاص تقريبون سن ۾ رٿيل آهن، جتي سنڌ جي عاشق ۽ ڌرتي سان پيار ڪندڙ سائين جي ايم سيد جي جنم ڏينهن کي قومي ڪارڪن عيد جي ڏهاڙي وانگر ملهائين ٿا ۽ سنڌ جي نجات واري جدوجهد لاءِ عزم ورجائين ٿا. قومي ڪارڪنن جا هجوم گڏ ٿي سيد جي خواب کي حقيقت جو روپ ڏيڻ لاءِ وچن ڪن ٿا. جنهن دور ۾ ملڪ جا جاگيردار، وڏيرا ۽ ڀوتار جتي ڀڳڙن مُٺ وڪامجي ويا هئا، اتي سائين جي ايم سيد سنڌ دشمن ڌارين خلاف ديوار بڻجي بيهي رهيو، سختيون برداشت ڪيون ۽ نظر بنديون سندس جدوجهد کي روڪي نه سگهيون کيس وقت جي حڪمرانن سخت تڪليفون ڏنيون پر پاڻ بهادري سان برداشت ڪندا رهيا، ڪڏهن به پنهنجي اصولن تي سوديبازي نه ڪئي، اڄ اهو ضرور سوچڻ گهرجي ته اسين ڪهڙين راهن تي هلي رهيا آهيون ۽ اسان سائين جي ايم سيد جي ڏنل فڪر تي ڪيترو عمل ڪيو آهي. اسان کي گهرجي ته اسان سڀ هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿيون ٻي صورت ۾ اسين محڪوميءَ جي چڪيءَ ۾ پيسجندا رهنداسين. سيد کانپوءِ سنڌ ۽ جيئي سنڌ ڊاڪٽر مير عالم مري سائين جي ايم سيد ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ع ۾ سَن ۾ پيدا ٿيو، ان لحاظ سان اڄ سيد جو ۱۱۰هون جنم ڏينهن سَن ۾ روايتي قومي جذبي سان ملهايو پيو وڃي. هي مضمون انهي ڏهاڙي جي نسبت سان آهي. منهنجي خوشنصيبي آهي، جو مون هڪ سياسي ڪارڪن جي حيثيت ۾ مختلف مرحلن تي سيد کان مختلف سياسي معاملن تي رهنمائي حاصل ڪئي. آئون سيد جي شخصيت ۽ قومپرستي جي جديد نظريي سان متاثر ٿي اتفاق رکندڙ نظرياتي پوئلڳ هئس. سال ۱۹۸۷ع ۾ ٿيل سيد سان پهرين ملاقات کان وٺي ۲۵ اپريل ۱۹۹۵ع ۾ سيد کي ڌرتيءَ جي سيني ۾ لاهڻ وقت ٿيل آخري ديدار تائين يا ان کان پوءِ اڄ ڏينهن تائين سيد جي شخصيت ۽ ان جي فڪر جي اثر پنهنجي رنگ ۾ ائين رڱي ڇڏيو جيئن ڀٽائي چيو؛ توڻي ڌوٻي ڌوءِ، ته به لالائي نه له سيد شفيق ۽ مهربان، خوش مزاج، ملنسار، سادگي پسند هو، سندس گفتگو عالماڻي، رويو دوستاڻو ۽ دليل ناقابلِ شڪست هئا. هو ڪارڪنن لاءِ اتساهيندڙ، اڳواڻن لاءِ همٿائيندڙ، سوچيندڙن لاءِ رهنمائي ڪندڙ ۽ مخالفن لاءِ ڏهڪائيندڙ هو. هو علم جو گهرو سمنڊ هو. سائين جي ايم سيد اڪيلو فرد بمقابلا جبر ۽ استبداد هو ۽ اسين سندس نگراني ۽ رهنمائيءَ ۾ تيار ٿيل نوجوان باغي هئاسين، جن جي آڏو آرامده زندگي ۽ اڻ مئي دولت جو تصور نه هو پر آزاد ۽ خوشحال سنڌ جي منزل هئي. ان منزل ڏانهن ويندڙ پُر خطر پيچرا هئا ۽ اسين ڄڻ ته سسئي هئاسين، جنهن کي اڪيلي سر ڏونگر به ڏارڻو هو ته پنهونءَ جا پيرا کڻي ڪيچ ڏانهن ڪَهڻ جي تڙپ هئي. تنهن ڪري اسان پنهنجي ان سفر ۾ ڪئين پريشانيون ضرور ڏٺيون پر ۴۷ سالن جي ڪل ڄمار مان ۳۰ سالن تي مشتمل هن طويل پنڌ تي ڪو به پڇتاءُ ڪونهي، ضمير مطمئن ۽ ذهن واضح آهي. پر اڄ جڏهن سيد کان پوءِ آئون سنڌ ۽ جيئي سنڌ هلچل جي هزارين ڪارڪنن تي نظر ڦيرايان ٿو ته ڀٽائيءَ جي لفظن ۾ ائين ٿو لڳي؛ ڪا مون هي ۾ گهٽ، نه ته سڄڻ ٻاجهيندڙ گهڻو سنڌ اڄ به نه رڳو سورن ۾ آهي پر ان جا سور وڌيڪ سوايا ٿيا آهن. محڪوميءَ جون سنگهرون سوڙهيون ٿيون آهن، استحصال جو آزار وڌيو آهي. اڳي فقط پنجاب استحصال ڪندو هو ۽ ان سان ڀاڱي ڀائيوار مهاجر هئا، جنهن لاءِ سيد پنهنجن ڪتابن ۾ پنجابي- مهاجر مستقل مفاد جو اصطلاح استعمال ڪيو، اڄ ان مستقل مفاد ۾ پٺاڻ به گڏجي پيا آهن. جمهوريت جي بحالي جي نعري هيٺ پنجاب جي آئيني اڪثريت کي هضم ڪرايو ويو آهي. جيتوڻيڪ سنڌ ۾ غربت ۾ اضافو ٿيو آهي پر طبقاتي شعور ۽ تضاد مُڏو ۽ ماٺو پيو نظر اچي. قومي استحصال ۾ شدت ته وڌيڪ پيدا ٿي آهي پر قومي محڪوميءَ خلاف قومي تحريڪ سگهارو بند ٻڌي نه سگهي آهي. قومي تحريڪ پاڻ ۾ نه رڳو ورهايل آهي پر وڙهيل به آهي. اڳي سيد جي مرڪزي شخصيت جي ڇڪ هئي، جيڪا سڀني کي سَن ۽ سيد جي مرڪز تي ڳنڍيو بيٺي هئي پر هاڻي سيد کان پوءِ سيد جي مرڪزي شخصيت به ناهي رهي ۽ سن جي مرڪزيت به آجپي پسند قومپرستن ۽ اليڪشن پسند قومپرستن ۾ ورهائجي چڪي آهي ۽ جيئي سنڌ هلچل ٽولين ۽ ٽڪرين ۾ ائين ورهائجي ويئي آهي، جو خبر ئي نٿي پوي ته هي ورهايا ۽ وڙهيا ڪهڙي ڳالهه تي آهن؟ هڪ نظرياتي ڪارڪن جي حيثيت ۾ جڏهن اسين جيئي سنڌ هلچل جي موجوده گروهه بنديءَ جو جائزو وٺون ٿا ته ڳالهائيندي به ندامت محسوس ٿا ڪريون. اڳي ٽوڙ ڦوڙ جي دوران مال تي جهيڙي، عهدي تي جهيڙي ۽ ايجنسين جي سازشن جهڙا الزام ٻڌندا هئاسين پر هاڻي سون تي سهاڳو اهو آهي ته ريپ ڪيس جا الزام به لڳڻ شروع ٿي ويا آهن. ممڪن آهي ته اهي سمورا الزام دُرست هجن يا محض اختلافِ راءِ رکندڙ ڪارڪنن کي خوار ڪرڻ جي ميڪاولين ادا هجي، پر ڇا به هجي صورتِحال انتهائي ڏکوئيندڙ آهي. جيئي سنڌ جي جهنڊي هيٺ ڪم ڪندڙ پارٽيون مسلم ليگ، پيپلز پارٽي، ايم ڪيو ايم، جماعتِ اسلامي، عوامي نيشنل پارٽي جهڙن ڪٽر نظرياتي طور مخالف پارٽين سان ته گڏجي ويهڻ ۽ گڏيل جدوجهد ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو پون پر پاڻ ۾ گڏجي پنهنجي رهبر جي سالگرهه يا ورسي جو گڏيل جلسو يا قومي آجپي، ڌاري آبادڪاري، سنڌ جي وسيلن جي ڦُرلٽ ۽ سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ڪلچر جي استحڪام توڙي دهشتگردي خلاف قومپرستي ۽ سيڪيولرزم جهڙي سونهري نظريي جي بنياد تي گڏجي ويهڻ يا گڏجي جدوجهد ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. اهو صحيح آهي ته سيد جي زندگيءَ ۾ سيد جا پوئلڳ چند هزار هئا ۽ هاڻي انهن جو تعداد هزارن کان وڌي لکن تائين پهتو آهي پر انهن مان تمام وڏي اڪثريت نظرياتي طور باشعور نه آهي، جن کي سمجهائڻ، سيکارڻ ۽ سنوارڻ جي ضرورت آهي. ڪارڪنن جو مقدار جيترو وڌيو آهي، انهن جو معيار اوترو ئي ڪريو آهي ۽ ان صورتحال جون ذميوار سياسي قيادتون آهن. منهنجي نظر ۾ جيئي سنڌ هلچل ۾ اختلافن جا بنيادي سبب ٽي آهن، باقي سڀ بي بنياد الزام تراشيون آهن. 1. قومي آجپي لاءِ جدوجهد جي حڪمتِ عملي تي اختلاف يعني جدوجهد جو طريقو پُرامن هجي يا پُر تشدد، پارلياماني هجي يا غير پارلياماني هجي. 2. اَسهپ جو غير جمهوري رويو يعني ڪارڪن، ڪارڪن کي نٿو سهي ۽ هڪ اڳواڻ ٻئي اڳواڻ کي نٿو سهي. 3. منفي رجحان يعني جدوجهد لاءِ گهربل وسيلا غلط طريقن سان هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ۽ غلط طريقن سان حاصل ٿيل وسيلن کي تحريڪ يا تنظيم جي اجتماعي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ جي بجاءِ فردن ۽ شخصن جي ذاتي ملڪيت ٺاهڻ جو رجحان، وغيره. اختلافِ راءِ کي برداشت به ڪري سگهجي ٿو ته تنظيمي ادارن ۾ اڪثريتي راءِ سان حل به ڪري سگهجي ٿو پر جيڪڏهن شخصي مفاد سامهون هجن ته پوءِ اڪثريت راءِ، جمهوريت ۽ ٺوس دليل، پوءِ چاهي اُهي دليل سيد جي ڪتابن مان هجن، يا ڪنهن ٻئي مقدس ڪتاب مان، سڀ پنهنجي معنيٰ وڃائي ويهي رهندا آهن ۽ منظم تحريڪون غير منظم، ڇُڙواڳ، پيداگير ٽولين ۾ ورهائجي وينديون آهن. موجوده سياسي حالتن ۾ سيد جي فڪري تحريڪ کي نون بنيادن تي بيهارڻ جي ضرورت آهي. نون بنيادن مان مطلب آهي ته قومپرستي، جمهوريت، سيڪيولرزم ۽ سوشلزم جي بنيادن تي نئين سري سان ۽ نون طريقن سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. اڄ جي جديد دور ۾ ڪم جا قديم ۽ پُراڻا طريقا نتيجا نه ڏيندا. ڪم جي نون طريقن ۾ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال اڻ ٽر آهي. نظرياتي پُختگي ۽ سياسي سنجيدگيءَ لاءِ هڪ دفعو ٻيهر سياسي تعليم جي رجحان کي مضبوط بنائڻو آهي ۽ ڪَک پتي مان لک پتي ٿيڻ جهڙي زهريلي رجحان کي سختيءَ سان چٿڻ جي ضرورت آهي. تمام تر ڪوتاهين جي باوجود جيڪڏهن جيئي سنڌ هلچل اڄ به سنڌ جي عوام جي اُميد جو ڪرڻو آهي ته ان جو وڏو سبب جيئي سنڌ هلچل جي ڪارڪنن جو تعداد ۽ ڪم جو طريقو نه پر سنڌ جو قومي تضاد آهي، جيڪو سائين جي ايم سيد جي نظريي کي هر روز نئين حوالي سان صحيح ثابت ڪندو رهي ٿو ۽ جيئي سنڌ هلچل ۾ اُميد جو ڪرڻو برقرار رکي ٿو. موجوده حالتن ۾ سيد جي فڪر کي عملي شڪل ڏيڻ جي لاءِ ۽ تحريڪ کي وسيع ۽ منظم ڪرڻ جي لاءِ سنڌ جي مظلوم هاري ۽ پورهيت جي سوال، سنڌ جي گونگي، مظلوم، ڌڪيل حوا جي ڌيءَ عورت جي سوال، رياستي توڙي غير رياستي قوتن جي ظلم جو شڪار انسانيت جي حقن جو سوال ۽ پنجاب ۽ ان جي جوڙيوال ۽ وڏيرا شاهي جي عوام دشمني کي چٽو ۽ نروار ڪرڻ سان گڏو گڏ سنڌ جي قومي سوال کي علائقائي توڙي عالمي سطح تي پنهنجا حمايتي ۽ اتحادي ڳولهڻ ۽ ٺاهڻ جي ضرورت آهي. سائين جي ايم سيد حياتي ۽ جدوجهد ايم حنيف لاشاري سائين جي ايم سيد جو خاندان شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي مٽياري سيدن جي سنائيءَ شاخ سان واسطو رکي ٿو. پاڻ سيد صاحب شاهه حيدر رحمته الله عليه جي اولاد ۽ نسبت هئڻ سبب ان گاديءَ جا چوڏهون نمبر سجاده نشين ٿيا، پاڻ سيد محمد شاهه سنائيءَ جي گهر ۾، ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ع تي ڇنڇر جي ڏينهن پيدا ٿيا ۽ سندن نالو سيد غلام مرتضيٰ شاهه رکيو ويو ۽ بعد ۾ جي. ايم. سيد جي نالي سان سڏجڻ لڳا. سال ۱۹۱۵ع ۾ پاڻ سنڌي پرائمري تعليم پرائي، انهي کانپوءِ انگريزي ۽ فارسي تعليم شروع ڪيائون.پاڻ تعليم خانگي طور حاصل ڪيائون ۽ سمورو وقت گهر جي حويليءَ اندر کيس محفوظ انتظام هيٺ رهڻو پيو، ان جو سبب ڪٽنبي تڪرار ۽ سندن والد صاحب جي شهادت هو. ننڍپڻ کان ئي ذهين هجڻ سبب سنڌي سماج جو ويجهڙائي کان جائزو ورتائون ۽ مدي خارج رسمن خلاف ۱۴ ورهين جي ننڍي عمر ۾ سن شهر ۾ ”انجمنِ مسلمين سن“ قائم ڪري، تحريڪ هلائي، ڳوٺ جي ماڻهن ۾ سماجي شعور پيدا ڪيائون. ته جيئن غريب طبقي ۾ اهڙين سماجي رسمن جي موقعي تي پنهنجن وسيلن کان وڌيڪ خرچ ڪرڻ ۾ ڪمي اچي ۽ ان طبقي مٿان معاشي بار گهٽجي سگهي ۱۷ مارچ ۱۹۲۰ع تي سن شهر ۾ خلافت ڪانفرنس جو اجلاس سڏائي، پنهنجي سياسي زندگيءَ جي شروعات ڪيائون. پاڻ ۲۶ اپريل ۱۹۲۰ع ۾ مخدوم بلاول جي درگاهه تي ميز تي چڙهي جلسي ۾ پهرين تقرير ڪيائون، ڇو ته ننڍي عمر هئڻ سبب سندن قد ننڍو هو. سائين جي. ايم. سيد پنهنجي ننڍڙي عمر جي سياسي زندگيءَ ۾ برک سياستدانن سان ملاقاتون شروع ڪيون. کيس مهاتما گانڌيءَ جي شخصيت ۽ سياست کين گهڻو متاثر ڪيو. انهيءَ ڪري ۲۷ اپريل ۱۹۲۱ع تي سن اسٽيشن تي وڃي گانڌيءَ سان ملاقات ڪري، ساڻس سياسي ڳالهين جي ڏي وٺ ڪيائون ۽ گانڌيءَ پاران کين کاڌيءَ جي ڪپڙن پائڻ جي هدايت ملي. جنهن کان متاثر ٿي، پاڻ کاڌيءَ جا ڪپڙا پائڻ شروع ڪيائون. سيد صاحب کي اهو پڪو ويساهه هو ته سماج ۾ سڌارن ۽ ترقيءَ وسيلي انقلاب اچي سگهي ٿو، ۽ اهڙي تبديليءَ جي عملي شروعات پنهنجي برادريءَ کان ڪيائون. تنهن ڪري پاڻ مارچ ۱۹۲۴ع ۾ سنڌ ۾ سيدن جي تعليم ۽ تنظيم لاءِ سَنَ ۾ پهرين ”انجمن سادات مٽياري“ قائم ڪيائون، جنهن سنڌ جي سيدن ۾ تعليمي، معاشي ۽ سماجي جاڳرتا جو ڪردار نڀايو. سيد صاحب جيئن ته هڪ روشن خيال آبادگار به هو، تنهن ڪري سال ۱۹۲۵ع ۾ سيٺ محمد جعفر خواجه سان گڏجي آبادگارن جي ايسوسيئيشن ٺاهيائون: جنهن سنڌ ۾ زرعي سڌارن ۽ اُپت جي نون طريقن وسيلي زراعت سان لاڳاپيل طبقن ۾ معاشي تبديلي آندي. ان کان پوءِ پاڻ ڪراچي ضلعي لوڪل بورڊ جو ميمبر ٿيا. ۽ سڀ کان اڳ ۾ تعليمي سڌارا پنهنجي اباڻي ڳوٺ سن کان ابتدا ڪندي، انگريزيءَ جا اي. وي ڪلاس شروع ڪرايائون، ۱۹۲۶ع ۾ نياڻين جي تعليم پرائڻ لاءِ نياڻين لاءِ اسڪول ۽ ان سان گڏ هارين، نارين ۽ پورهيتن لاءِ رات جا اسڪول قائم ڪيائون، ۽ اهڙيءَ ريت پنهنجي ڳوٺ ۽ آسپاس جي ماڻهن ۾ تعليمي شعور وڌائڻ لاءِ پاڻ پتوڙيائون. پاڻ پوءِ ۱۹۲۸ع ۾ ڪراچي ضلعي لوڪل بورڊ جي صدر طور ”ڳوٺ سڌار تحريڪ“ جو بنياد وڌائون. اُن کان اڳ سال ۱۹۲۶ع کان وٺي سيد حيدر سنائيءَ جي درگاهه تي سالياني عرس جي موقعي تي ”محال مانجهندن جي تعليمي ترقي ۽ معاشرتي اصلاح“ لاءِ ڪانفرنس سڏايائون. ۱۹۲۸ع ۾ سنڌ ۾ بمبئي پرڳڻي کان آزاديءَ جي تحريڪ هلي ته شروعات ۾ ٽي اهم ڪانفرنسون ٿيون، جن ۾ پاڻ سنڌ جي چوٽيءَ جي اڳواڻن سان گڏجي برطانوي سامراج اڳيان انگن اکرن سان ثابت ڪيائون ته سنڌ جو بمبئيءَ سان ڳانڍاپو غير قانوني ۽ غير اخلاقي فيصلو هو. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ميلي جي موقعي تي اڄ به ادبي ۽ ثقافتي ڪانفرنس جو دستور قائم آهي، حقيقت ۾ ان سلسلي جي شروعات ۽ رواج به پاڻ ميران محمد شاهه سان گڏجي سال ۱۹۳۰ع ۾ وڌائون. سنڌ جي مفڪر سائين جي. ايم. سيد پنهنجي دور رس نظر سان اهو محسوس ڪيو ته جيستائين سنڌ جي هارين ۾ شعور پيدا نه ٿيندو، تيستائين کين جائز حق نه ملي سگهندا ۽ سنڌ جي زراعت ۾ بهتر تبديليءَ کان سواءِ معاشرتي تبديلي ناممڪن هئي، ان ڏس ۾ پاڻ سال ۱۹۳۰ع ۾ جمشيد مهتا سان گڏجي ميرپورخاص ۾ ”سنڌ هاري ڪانفرنس“ سڏايائون. هي هاري تحريڪ اڳتي هلي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ هارين کي پنهنجا حق وٺي ڏيڻ ۾ ڀرپور سرگرم رهي. پاڻ هاري ڪاميٽيءَ ۾ سال ۱۹۵۴ع تائين ميمبر طور ڪم ڪندا آيا. ”سنڌ هاري ڪميٽي“ جو بنياد رکڻ حقيقت ۾ هڪ روشن خيال ۽ ترقي پسند سوچ جو نتيجو هو، جيڪو سندن ڪيترن ڪارنامن مان هڪ بي مثال ڪارنامو آهي. ۱۹۲۸ع کان عظيم الشان تعليمي اداري سنڌ مدرسي جي جنرل باڊيءَ ۽ ان جي ورڪنگ ڪميٽيءَ جو ميمبر ٿي، مدرسي جي تعليمي معيار ۽ ان جي سڌاري لاءِ ڏينهن رات محنت ڪيائون. سال ۱۹۲۹ع ۾ ڪراچي ضلعي جي عورتن ۾ تعليم لاءِ دلچسپي پيدا ڪرڻ، عورتن جي هنرن جي ترقي ۽ تيار ڪيل شين جي وڪري لاءِ هڪ جٿو تيار ڪيائون، جنهن کي ”رورل وومين ويلفيئر ايسوسيئيشن“ نالو ڏنائون. ۱۹۳۲ع ۾ سنڌي ساهت ادب ۽ سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽين جو ميمبر ٿي، گهڻي سرگرميءَ سان حصو وٺندا رهيا. ۱۹۳۷ع ۾ هو پهريون ڀيرو سنڌ قانونسازي اسيمبليء جو ميمبر چونڊجي آيو ۱۹۳۸ع ۾ مسلم ليگ جي مرڪزي صدر محمد علي جناح کي حاجي عبدالله هارون دعوت ڏئي سنڌ ۾ گهرايو جنهن ۾ سيد صاحب هڪ مبصر جي حيثيت ۾ شامل ٿيو جناح صاحب سائين جي ايم سيد جي شخصيت کان متاثر ٿي کيس مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني جيڪا پاڻ قبول ڪيائون ۽ مسلم ليگ جوائن ڪيائون ۱۹۴۰ع ۾ سائين جي ايم سيد سنڌ جي تعليم کاتي جو وزير ٿيو ۱۹۴۱ع ۾ هوُ آل انڊيا مسلم ليگ سينٽرل ڪاميٽي جو ميمبر بڻيو ۱۹۴۲ع ۾ سنڌ مسلم ليگ جو صدر چونڊجي ويو ۽ صدر چونڊجڻ جي هڪ سال کانپوءِ ۱۹۴۳ع ۾ هوُ سنڌ اسيمبليء کان پاڪستان جي حق ۾ ٺهراء پاس ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو سنڌ جي تاريخ جي هڪ اهم باهدر ڪردار حيدر سنائيء جي خاندان جي چشمو چراخ جي ايم سيد جي سياست جو ٻيو دور تڏهن شروع ٿيو جڏهن هن ۱۹۴۶ع ۾ مسلم ليگ تان استعيفا ڏيئي پنهنجي الڳ پارٽي جوڙي جنهن جو نالو پروگريسو مسلم ليگ رکيائين ساڳئي سال هُو سنڌ مخلوق پارٽي جو ليڊر پڻ چونڊجي ويو ۱۹۵۴ع ۾ سنڌ ادبي بورڊ جو چيئرمين چونڊجي ويو ۱۹۵۵ع ۾ هن پاڪستان نيشنل پارٽيء واري عمل ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو ۱۹۶۶ع ۾ هن بزم صوفيائي سنڌ جو قيام عمل ۾ آندو ۱۹۶۹ع ۾ سنڌ يونائيٽيڊ فرنٽ جوڙيو ۱۹۷۱ع ۾ هُو ملڪ جي وفاقي سياست کان بلڪل مايوس ٿي ويو ۽ هن سنڌ جي ماڻهن جي لاءِ حق خودراديت جو اعلان ڪيو ۽ ان لاءِ هن ۱۹۷۳ع ۾ جيئي سنڌ تحريڪ نالي پارٽي جوڙي سياست جيڪو جنگ ۽ جدُل جو ميدان آهي ان ۾ ڀرپور ۽ سرگرم ڪردار ادا ڪرڻ کانپوءِ ب هن قومپرست سياستدان ۶۵ اميق ۽ زخيم ڪتاب پڻ لکيا ان ڪتاب جو موضوع ادب کان وٺي سياست ۽ مذهب کان وٺي ثقافت ۽ ڪلچر تي پکڙيل آهن راڳ، شاعري ۽ موسيقيء سان گهرو شُگفت رکندڙ ۽ ۳۰هن سالن کان وڌيڪ عرصي تائين عدم تشدد جي سياست ۽ فلسفي ۾ يقين رکندڙ هن صوفي منش ۽ سنڌ جي عاشق سياستدان کي جيلن ۾ قيد ڪرڻ ۽ نظربنديء دوران سنڌ جي عاشق رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد ۲۵ اپريل ۱۹۹۵ع تي جناح اسپتال ڪراچيء ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو ۳۰هن سالن کان وڌيڪ ڊگهين جيلا تريات ۽ نظربنديء دوران ئي فوت ٿي وڃڻ سبب Mnstem انٽرنيشل پاران کيس ضمير جي قيديء جي اعزاز سان نوازيو ويو ۱۷ جنوري ۲۰۱۴ تي سنڌ جي هڪ ننڍڙي شهر سان تعلق رکندڙ سياستدان، صوفي ۽ سنڌ جي عاشق سائين جي ايم سيد جي ۱۱۰ سالگرهه آهي. سنڌ جي هن عظيم رهبر سائين جي ايم سيد کي سنڌ اڄ هن جي ۱۱۰ سالگرهه تي دل جي گهرائين سان ياد ڪري ٿي. سيد کي حساب ڏيڻ جو ڏينهن ۱۷ جنوري سجاد شر اڄ ان عظيم هستيءَ جو جنم ڏهاڙو آهي، جنهن اتحادِ انساني، امن عالم ۽ ترقي بني آدم جي نعري هيٺ، انسان جي آزادي ۽ تشڪيل نو جي ڳالهه ڪئي. اهو جي ايم سيد جيڪو ٻاروتڻ ۾ يتيمي جو احساس کڻي پليو، ان لڪيءَ جي لاون جي اوٻر کي اوپرو محسوس ڪرڻ بجاءِ، سموري سنڌ جو درد سيني ۾ سمائي هلڻ جو وچن ڪيو. اهو سائين جي ايم سيد، جيڪو نه صرف پنهنجي لکڻين ۾، پر پنهنجي عمل ۾ به انتهائي وسيع هو. ان جڏهن کان گانڌي کي ڌارين ۽ ان جي شين سان نفرت سان سرشار ڏٺو ته انگريزي يا وديشي لباس کان کاڌيءَ کي ترجيح ڏيئي پهرڻ لڳو. اهو سائين جي ايم سيد جڏهن ڪراچي لوڪل بورڊ جو صدر بڻيو ته شهري ۽ ٻهراڙي جي آبادين جي بنا فرق جي خدمت ڪرڻ لڳو ۽ جديد ڪراچي جا بنياد رکيائين. سائين جي ايم سيد جڏهن تعليم جو وزير بڻيو ته سنڌ يونيورسٽي جهڙو ادارو ڏيڻ جو عزم ڪيائين ته، ان کي عملي جامو به پارائي ڏيکاريائين. پورهيتن ۽ هارين جي حوالي سان قانون سازي ۾ به سيد جو وڏو هٿ رهيو. سائين جي ايم سيد تي مخالف ڀلي ته منزل گاهه مسجد واري واقعي تي تنقيد ڪندا هجن، تاريخ ائين به چئي ٿي ته پاڪستان جو پهريون ٺهراءُ پاس ڪرائيندڙ به جي ايم سيد هو، ته ساڳئي اسيمبلي جڏهن انگريز سامراج جي ونگار وهندي وطن يا ڪفن، آزادي يا موت جو نعرو هڻندڙ سورهيه بادشاهه، ان جي ساٿين ۽ سنڌ جي سرويچن خلاف حُر ايڪٽ پاس ڪيو ته ان جي عملي مخالفت به سائين جي ايم سيد جي کاتي ۾ وڃي ٿي. سائين جي ايم سيد جنوري ۾ جنم وٺڻ باوجود به مزاج ۾ گرم ئي رهيو. هن مسلم ليگي اڳواڻن کي به منهن تي سچ چوندي مسلم ليگ جي صدارت ڇڏي ڏني. پاڪستان ٺهڻ بعد جڏهن ڪراچي سنڌ کان کسي وئي، شهر کي وسائيندڙ هندو سنڌي دربدري جي عذاب ۾ مبتلا ڪيا ويا ته جي ايم سيد سنڌ سان عشق جي ڳالهه ڪرڻ تي پاڪستان جو پهريون سياسي قيدي بڻيو. سائين جي ايم سيد سان ڪنهن کي لک اختلاف ڀلي هجن پر اهي ان ڳالهه کان ڪڏهن به انڪاري نه ٿيندا ته سنڌ جا حڪمران برهمڻ، سومرا، سما، ۽ ٽالپر هئا يا محڪوم سنڌ ۾ ماڻهو ڪانگريسي، ليگي هئا، انهن کي سنڌين جهڙي خوبصورت شناخت جي ايم سيد ڏني، ان کان پهرين سنڌي ٿي ڪڏهن انهن سوچيو ئي ڪو نه هو! سائين جي ايم سيد لوڪل بورڊ جي سياست کان پارلياماني سياست جا سڀ دڳ آزمايا هئا پر جيئن ته سنڌ جي قومي محڪوميءَ وارو مرض پراڻو يا ناسور ٿي چڪو هو، تنهن ڪري ان جو علاج لهي نه سگھيو ته پاڻ بزمِ صوفياءِ سنڌ جهڙي الهه لوڪ تنظيم ٺاهي عام ماڻهو سان ملڻ لاءِ ميلن، ملاکڙن ۽ ڪچهرين ذريعي انهن ڏانهن رجوع ڪيائين. تاريخ جي ڄاڻو شخص انهن تجربن کي بار بار ان جي ڪري ٿي دهرايو، ڇو ته سڀني قاعدن ۽ ضابطن يا پارٽين کان مٿي سنڌ ۽ سنڌ ڪاز هو، پر باوجود ان جي پاڻ تصنيف ۽ تاليف يعني لکڻ پڙهڻ جي عمل کي پڻ جاري رکندو آيو. سائين جي ايم سيد جڏهن پيغامِ لطيف لکيو ته شاهه لطيف جي حقيقي عشق ۽ انداز جي اهڙي ته تشريح ڪيائين، جو سيد جو استاد علام آءِ آءِ قاضي شاهه لطيف کي دنيا جو وڏي ۾ وڏو شاعر چئي ويٺو. شاهه لطيف جي راڳ ۽ ويراڳ، جوڳين ۽ سناسين، کاهوڙين ۽ سورمين جي ڪردار ۾ حقيقي معنيٰ ڳولي لهڻ وارو به صرف جي ايم سيد هو. پاڻ جڏهن ”سنڌوءَ جي ساڃاهه“ لکيائين ته مهراڻ جي ماٿريءَ تي اهڙو انمول موقف پيش ڪيائين، جنهن ۾ ڄڻ موهن جي دڙي جي سمبارا ۽ ڪنگ پريسٽ پاڻ ڳالهائي سنڌ جي تشريح ڪري رهيا هجن. سائين جي ايم سيد جڏهن ڏٺو ته ووٽن واري سياست آشيروادي ۽ انجنيئرنگ جو ڪمال هجي ٿي (ڌانڌلي ذريعي نتيجا ڦريا وڃن ٿا) جنهن ۾ سنڌين کي ڪي به حق ناهن ملڻا ته پاڻ سنڌ جي مادرِ علمي سنڌ يونيورسٽي جو رخ ڪيائين، اتي نوجوانن سان جهور پوڙهي، موهن جي دڙي کان وٺي هيل تائين ٿيل سڀني ڪهرن ۽ ڪلورن جو ذڪر ڪندي، ”سنڌ هڪ ملڪ رهيو آهي، سنڌي هڪ قوم آهي ۽ آجپو سندن حق آهي“، وارو نظريو ڏنو. (شايد ان ڪري ئي ڪنهن چيو ته سنڌ جو شعور سائين جي ايم سيد سان ۽ عام ماڻهو ڀُٽي سان گڏ آهن). سائين جي ايم سيد جڏهن ”رهبر“ ڪتاب لکيو ته ان کي اڄ به پڙهندي محسوس ٿيندو ته ڄڻ ڪو جرنيل يا سپهه سالار ساٿين سان جنگ جي ميدان ۾ مخاطب آهي. سائين جي ايم سيد هميشه عدم تشدد جي ڳالهه ڪئي. سائين جي ايم سيد ”سنڌ ڳالهائي ٿي“ جهڙو شاهڪار، ڀلي جو عدالتي بيان جي صورت ۾ لکيو هجي پر سنڌ جي تاريخ ۾ ان ڪتاب جي تمام وڏي اهميت آهي. پارس جهڙي پوڙهي جنهن هر دور ۾ ويڙهه وڙهي، جيڪو ڪڏهن به نه جهڪيو ۽ ڏاڍ تي ڏمرجندو رهيو، جنهن ساهه به قيد ۽ نظربندي جي حالت ۾ ڏنو ان جي ايم سيد جا وارث ”پرهه جي پيغام“ کي هنيانءُ سان هنڊائي نه سگھيا!!. پر اتي ئي تاريخ جي ايم سيد جي ڪريڊٽ ۾ اهي لکين انسان به ڇڏيا، جن انداهه ۽ انڌوڪار کي نه مڃيندي آڻ ناهي مڃي. اڄ به فڪرِ جي ايم سيد قائم ۽ دائم آهي، جيئي سنڌ جي جهنڊي کي ٺاهيندڙ اقبال ترين دنيا جي ڪهڙي ڪنڊ ۾ به هجي پر اڄ سائين جي ايم سيد جو فڪر ۽ جهنڊو هر سنڌي تائين پهتل آهي. اڄ ڀلي سائين جي ايم سيد اسان وٽ جسماني طرح موجود نه هجي پر ان پوڙهي شينهن جنهن ۳۲ سال ۱۰ مهينا ۽ ۲۳ ڏينهن قيد ۾ ڪٽيا، جنهن لاءِ نياز همايوني چيو ته: ڪنهن لاءِ سوچين، ڪنهن لاءِ لوچين، ڪنهن لاءِ گھنگھر گهارين ٿو، پوڙها پورهيت پارس جهڙا، ڪنهن لاءِ لوهه پگھارين ويٺو. چارڻ ويڪو، چنگ به ويڪو، نگري هن ۾ ننگ به ويڪو، پوءِ ڀلا او منهنجا سائين! ڪنهن لاءِ لوهه پگهارين ويٺو. پر ان جي محنت رائيگان ناهي وئي ۽ ان جو فڪر اسان وٽ موجود آهي. سائين جي ايم سيد سان ساٿ نڀائڻ لاءِ اڄ به لکين عاشق سن ۾ گڏجندا ۽ سائين جي ايم سيد سان تجديدِ عهد وفا ڪندا، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ جا سمورا سنڌ پرست ۽ فڪر جي ايم سيد کي نصب العين سمجهندڙ دوست سيد جي مزار آڏو ان کي ساکي بڻائيندي پنهنجو پنهنجو احتساب ڪن ته، گذريل ۱۷ جنوري کان هيل تائين انهن سنڌ جي اشوز تي ڇا ڪيو؟ انهن جي جهوليءَ ۾ سائينءَ کي ڏيڻ جي لاءِ ڇا آهي؟ اگر اسين سڀ ائين خود تنقيدي جائزو وٺون ته منزل ڏور ناهي، نيٺ ته بهتر حڪمت عملين جوڙڻ سان سوڀارا ٿينداسين. سائين جي ايم سيد سٻاجهو ۽ سچو انسان لالا طاهر ميمڻ سنڌ سدائين سرويچ، پنهنجي پاڪ پويتر مٽيءَ مان سچا ۽ سُهڻا، سُلڇڻا، سٻاجها، اُتم ۽ اعليٰ انسان پيدا ڪيا آهن. هِنَ سرهاڻ جي ڌرتيءَ، جنهن جي مهڪ ايتري ته مِٺي آهي، جنهن جو ماپو ۽ مُلهه اَمُلهه آهي، جنهن جي جرڪ هميشه شاد ۽ آباد رهندي اچي پئي. هن سنڌ کي جڏهن به ڪنهن اُجاڙڻ جا سانباها ڪيا، تن کي نابوت ٿيڻو پيو ۽ اُنهن جو نالو ۽ نشان تاريخ پنهنجي لفظن ۾ اُجاڙ ڪوٽن ۽ کنڊراتن جي ڏيک جيان ڪتابن ۾ خاموش قبرن جيان چٽي ڇڏيا آهن ۽ جن سنڌوءَ جي سينڌ سنوارڻ لاءِ پنهنجين جانين جو نظرانو ڏئي، پاڪ ڌرتي جي هنج ۾ آرامي ٿي پنهنجي ڇڏيل ۽ ڪيل جدوجهد ۽ ڏنل سبق سُنهري لفظن سان هميشه پوري دنيا لاءِ آزاديءَ جو پيغام مشعل راهه ٿي روشنيءَ جي لاٽ روشن ڪندو ظالمن کي زير ڪندو سڀني کي سگهه ڏيندو اسان جي سنڌ کي جيئاريندو رهندو. سنڌ اُن عاشق جو عشق آهي، جنهن جي حد جي سرحد ڪائي ناهي، اهڙي ئي هن سنڌ جو نالو جي ايم سيد آهي، جنهن جي سنڌ ۽ سنڌين سميت انسانيت لاءِ ڪيل جدوجهد مثالي عشق جي منزل ڏانهن ويندڙ هڪ اهڙي منزل آهي، جنهن پنهنجي سڄي حياتي ڏونگر کان به ڏاڍين تڪليفن کي منهن ڏيندي مٽيءَ مٿان گهور ٿيندو رهيو. سائين جي ايم سيد اُها هستي آهي، جنهن جو نالو سنڌ دشمن ٻُڌي ڏڪي ويندا آهن، ڇوته سائين جي ايم سيد سنڌ هو ته اهڙي طرح اهڙن اڙٻُنگ انسانن لاءِ استاد بخاري فرمايو آهي ته: اسان کي فلسفو سائين، خوشيءَ غم جو نه سمجهايو، کلڻ آيو ته کلنداسين، روئڻ آيو ته روئينداسين، حيات ۽ موت جي ڇيڙي مسئلن کي نه ڊيڄاريو، حياتي آ ته جيئنداسين، موت آيو ته مرنداسين. (بخاري) سائين جي ايم سيد اها شخصيت هئي، جنهن سنڌ عشق خاطر ڦوهه جوانيءَ کان آخري دم تائين سنڌ لاءِ پنهنجا ذاتي سڀئي خواب سهائي ڇڏيا. سنڌ تي ڪهڙي به قسم جي ڏاڍائي يا بي واجبي ٿيندي ڏسندا هئا ته پاڻ کي بيچين ڪندي سنڌ کي بچائڻ لاءِ روڊن رستن، جيل يا نظربند آهن ته قلم جي ذريعي سامراجي قوتن سان مهاڏو اٽڪائيندا رهيا. سندس جُستجو هميشه سنڌ ۽ سنڌ واسين انسانيت جي پرچار ۽ اُنهن جي حقن خاطر دشمنن آڏو رُڪ جي ديوار بڻجي ظالمن جي اک ۾ ڪنڊو بڻجندو رهندو هو. سائين جي ايم سيد سنڌ جي اُها سرهاڻ هئي، جڏهن به پاڻ گهڙي پل آزاد ٿيندا هئا ته سندس اُن سرهاڻ جي خوشبوءَ ايتري ته مهڪي پوندي هئي جو هزارن جي تعداد ۾ سندس واس وٺڻ لاءِ پتنگا کيس آجيان لاءِ سندس گاڏيءَ ۾ گهيرو ڪندي واس وٺندا هئا ۽ گهر ويهڻ بجاءِ سنڌ جي ڪنڊ ڪُڙڇ ۾ ماروئڙن جي تانگ کيس ويهڻ نه ڏيندي هئي، پاڻ روڊن رستن، ڳوٺن شهرن، جهرجهنگ سنڌ گهري ٿي حق ۽ خودمختياري جو نعرو هڻي ڪهاڙي واري جهنڊي ساڻ ڌرتيءَ جي حقن خاطر ڌرتي ڌڻين کي آگاهه ڪندو رهندو هو ته اوهان سنڌ جا اصل وارث آهيو، اوهان پنهنجي سنڌ جي وارثي ڪريو. پنجاب سامراج اسان جو اصل ويري آهي، پنجاب اسان جي حقن تي ڌاڙا هنيو ويٺو آهي، اوهان سجاڳ ٿيو، سنڌ اوهان جي جاگير آهي. اوهان سنڌ واسي پنهنجي سنڌ جي دشمن کي سڃاڻو، ڌاريو ۽ غير سنڌ کي گهيرو ڪري ويٺا آهن، انهن ڌارين، غيرن ۽ غاصبن کي سنڌ مان ڪڍڻو آهي، سائين جي ايم سيد بخاري جي هن بيت جيان چوندو رهي پيو ته: ڪيترن ڪمزور هٿڙن جي شڪست، ڏاڍ کي چٿڙيون ڪري ڦاڙي ڇڏيان! ڪيترن شهزور جُنبن جي گرفت، ظلم کي ذرڙيون ڪري ساڙي ڇڏيان! (بخاري) سائين جي ايم سيد اهو روشن عقل انسان عشق سنڌ جو سرواڻ سچ ۽ صوفيت جو پيغام هو، جنهن نيٺ ۽ نوڙت محبت جو درس ڏئي پاڻ پڻ هڪ مثال بڻجي ويو، جنهن جي مثالن جو بيان ڪهڙن لفظن سان ڪريان. سائين جي ايم سيد سنڌ سان عشق جي ڪري وقت جي جابر حڪمرانن مٿس ڪيترائي ڪيس ڪيا. ان سلسلي ۾ ڪورٽن ۾ ٽائيم تي اچڻ ۽ وري هزارن جي تعداد ۾ اُتي سندس چاهيندڙ جوان ويندا هئا. ڪڏهن به سيد تي تاريخ کان اڳ جلوس يا ريلي ڪڍي ويندي هئي ته ظالم حڪمران ۽ سامراجي عنصر ڪوڙا ڪيس مڙهيندا هئا ۽ رستا روڪ ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن روايت مطابق کيس جڙتو ڪيسن ۾ گرفتار ڪندا هئا، جنهن جي سيد کي ڪابه پرواهه نه هوندي هئي، ان جاءِ تي بخاري چئي ٿو ته: جي جهنگ ڪندو تنگ ته ساڙي اچبو، هوندو جي بيابان ته لتاڙي اچبو، اي منزل مقصود، هي واعدو آ، آيو جي اڳيان اُڀ ته به ڦاڙي ڇڏبو. (بخاري) سائين جي ايم جيل جي قيد کي ڀاڪر پائي چمندو هو، ڇو ته هميشه چوندو هو ته مٺڙي سنڌ جي محبت جيل جون هي اوچتون ديوارون ۽ پهرا حقن ۽ خودمختياري جي علم کان اوچا ناهن. سنڌ جي آزاديءَ ۾ هي قيد ڪجهه به ناهي، اسان جو هي قيد اميد جي شمع آهي، جنهن جي روشني جي لاٽ پوري دنيا ڏسندي رهندي، اسان کي ظالمن جون سختيون ڪڏهن به جهڪائي نه ٿيون سگهن. لوڀ ۽ لالچون اسان کي خريد نه ٿيون ڪري سگهن، اسان اُهي انسان آهيون جنهن جو محور محبت، انسانيت ۽ امن آهي، جنهن لاءِ هي جنگ اسان جوٽي آهي. ڀٽائي، سچل، سامي هن پاڪ پويتر ڌرتي تي جن به هن ڌرتي تي جنم ورتو ۽ مخدوم بلاول، صوفي شاهه عنايت، بختاور، هيمون ڪالاڻي، پنهنجي جيون جي امن محبت انسانيت ۾ زنده رهندا. سائين جي ايم سيد ساڻن ملاقات جو احوال ذوالفقار قادري سياسي وابستگي پنهنجي جاءِ تي پر ڪوشش رهيم ته برک سياسي اڳواڻن سان روبرو ملي ڪچهري جو شرف حاصل ڪجي، هن مختصر حياتي ۾ مون کي ذوالفقار علي ڀٽو، سائين جي ايم سيد، بينظير ڀٽو صاحبه، مير مرتضيٰ، نواب اڪبر بگٽي، ولي خان، نواب خير بخش مري، مير شير محمد مري عرف جنرل شيروف، سردار عطاءُ الله مينگل، فاضل راهو جهڙين ڪيترين ئي قدآور شخصيتن سان ملڻ جو شرف حاصل رهيو، سائين جي ايم سيد سان به ملڻ جي اڪير رهي، اهو ۱۹۸۱ع جو سال هو مان مارشل لا ريگيوليشن ۱۳ ۽ ۳۳ ھيٺ گرفتار هئس، ڪيس سمري ملٽري ڪورٽ لاڙڪاڻي ۾ زير سماعت هو، ڪڏھن سينٽرل جيل سکر ته ڪڏھن لاڙڪاڻي جيل ۾ ڪيس جي سماعت دوران ڪڏھن ڪڏھن پوليس عارضي حوالگي طور تعلقي ٿاڻي لاڙڪاڻي جي لاڪ اپ ۾ به رکندي هئي، اهو تعلقي ٿاڻي جو لاڪ اپ ئي هيو منهنجو بسترو لاڪ اپ جي دروازي سان ئي هئو انهن ڏينهن ۾ تعلقي ٿاڻي جو ايس ايڇ او شاهه محمد سنجراڻي هو هڪ رات پوليس هڪ قدآور سهڻي نوجوان کي گرفتار ڪري کڻي آئي ۽ کيس لاڪ اپ حوالي ڪيائون، جيئن ته منهنجو بسترو لاڪ اپ جي دروازي سان ئي لڳل هو سو ان نو وارد نوجوان جي آجيان ڪرڻ وارو به مان ئي هئس، هٿ ڏئي کيس بستري تي ويهڻ لاءِ چيو مانس حالي احوالي ٿياسين ته نوجوان ٻڌايو منهنجو نالو بشير قريشي آھي، زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام جو شاگرد آھيان، پوليس چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج مان گرفتار ڪري آئي آھي، جيئي سنڌ سان تعلق آھي، بس پوءِ بشير خان ۽ مان جيل جي ٻولي مطابق هنڊي وال ٿي وياسين، بشير خان جلد ئي سيشن ڪورٽ مان ضمانت ٿيڻ بعد آزاد ٿي ويو پر اسان جو پاڻ ۾ جيڪو محبت، عزت، احترام ۽ دوستي وارو تعلق جڙيو، اهو سندس شھادت تائين برقرار رهيو. مون بشير خان سان اسيري وارن ڏينهن ۾ ئي سائين جي ايم سيد سان ملڻ جي خواهش جو اظھار ڪيو هو، چيائين خير سان آزاد ٿيو ته پوءِ سن هلنداسين، خير سان بشير خان ته جلد آزاد ٿي ويو مون کي وري سمري ملٽري ڪورٽ طرفان سخت پورهئي ۽ ڪوڙن جي سزا ٻڌائي وئي، مان ڊسٽرڪٽ جيل لاڙڪاڻو، سينٽرل جيل سکر ۽ لانڍي جيل ڪراچي جي ياترا ڪري مارچ ۱۹۸۳ع ۾ آزاد ٿيس، اهو جون ۱۹۸۳ع جو سال هيو مان ڄامشورو اسٽيشن تان پسينجر ريل گاڏي ۾ چڙھي لاڙڪاڻي پئي ويس، ٽرين جڏھن ”سن “ ريلوي اسٽيشن تي بيٺي ته اوچتو مون کي سائين جي ايم سيد سان ملڻ جو خيال آيو، سو فوراً ريل مان لهي پيس انهن ڏينهن ۾ سائين جي ايم سيد ”سن“ ۾ نظربند هو، پر ساڻس سان ملڻ لاءِ اچڻ وارن مهمانن، ملاقاتين ۽ دوستن تي پابندي نه هئي البته ”سن“ کان ٻاهر وڃڻ لاءِ سنڌ جي هوم ڊپارٽمنٽ کي آگاهه ڪرڻ ۽ اجازت ضروري هئي، مان ريل تان لهي هڪ ٽانگي وارو کي چيو سائين جي ايم سيد ڏي وڃڻو آھي، ٽانگي واري ٻڌايو ته سائين سنڌو درياهه واري اوطاق تي به ايندو آھي پر جيئن ته منجهند ٽاڪ ۽ گرمي آھي، سو سائين حويلي واري اوطاق تي هوندو، مون چيو جتي اوهان کڻي هلو سو اسٽيشن تان ٽانگي تي چڙھي ”سن“ شهر روانو ٿيس هڪ منجهند ٽاڪ مٿان ڇتي گرمي جو گهوڙي کان به پگهر پئي هليو، خير سان ٽانگي واري حويلي وٽ اچي لاٿو ۽ چيائين اها سامهون سائين جي اوطاق اٿئي، مان زندگي ۾ پهريون دفعو ”سن“ آيو هئس پر ان ڏينهن ايڏي گرمي هئي جو الامان مان خير سان سائين جي ايم سيد جي حويلي سان لڳو لڳ اوطاق ۾ آيس ته ڪوئي ڪونه هيو هڪ همراهه ورانڊي ۾ رکيل کٽ تي ليٽيو پيو هو، مون کي ڏسي چيائين ڪنهن سان ملندؤ مون کيس ٻڌايو ته سائين جي ايم سيد سان ملڻو آھي، همراهه اٿي هٿ ڏنو ۽ ٻڌايائين ته سائين اوطاق ۾ ھئا ڪجهه ملاقاتي آيا هيس سائين جن صبح کان اتي اوطاق تي ئي هئا ملاقاتين جي وڃڻ کان بعد ڪجهه دير اڳ سائين اٿي اندر حويلي طرف هليا ويا آھن. باقي اوهان کي ملڻو آ ته ڪمري اندر هلي ويهو، جهڙي مهل به سائين جن آيا ته ملاقات ٿي ويندي، مان سائين جي اوطاق جي ان ڪمري ۾ آيس جتي سائين اڪثر مهمانن سان ملندو هو ڪمري ۾ جيئن ئي اندر داخل ٿيس سامهون ديوار تي پينٽنگ ٿيل سنڌ جو نقشو لڳل نظر آيو، جنهن ۾ سنڌ جي نقشي جي مين بائونڊري کي زنجيرن سان جڪڙيل ڏيکاريو ويو هو ۽ نقشي اندر انگريزي ۾ “A Nation in Chains“ لکيل هو، ڪمري جي هڪ ڪنڊ تي رکيل ٽيبل تي ڪنهن آرٽسٽ جي هٿن سان پلاسٽڪ آف پيرس جو ٺھيل سائين جي ايم سيد جو مجسمو پيو هو، ڪمري ۾ سائيڊ سان ڪتابن جي ريڪ پئي هئي، جنهن تي ڪافي تاريخي ڪتاب نظر آيم ڀر ۾ ڪجهه ڪرسيون به رکيل هيون، ڪمري جي وچ تي نصرپور جي جنڊي تي ٺھيل ٻه کٽون رکيل جنهن تي سنڌي ٽڪ تي ٺھيل رلهيون وڇايل هيون، ڇتي گرمي مٿان ٿڪل هئس سو هڪ کٽ تي ويٺس ته ڪا خبر ئي نه پئي، ننڊ اچي وئي ڪا مهل ٿي ته جاڳ ٿيم ڏٺم ته ڀر واري کٽ تي هڪ جهور پوڙھو اگهور ننڊ ۾ ستو پيو هو، غور سان ڏٺم ته سائين جي ايم سيد ستو پيو هو، مان اٿي اچي ورانڊي ۾ ويٺل همراهه کان پڇا ڪئي جنهن ٻڌايو ته تون ستو پيو هئين ته اوچتو سائين حويلي کان اوطاق تي آيو، توکي ستل ڏٺائين مون کيس ٻڌايو ته آھي ته الائي ڪير پر اوهان سان ملڻ آيو آهي، همراهه وڌيڪ ٻڌايو ته مون سائين کي چيو ننڊ مان اٿاريانس ته سائين سختي سان منع ڪئي ته گرمي ۾ خبر ناهي الائي ڪٿان ٿڪل آيو هوندو، ڀل آرام ڪرڻ ڏيوس پوءِ سائين تنهنجي اٿڻ جي انتظار ۾ پاڻ به ڀر واري کٽ تي مهي پيا اسان پاڻ ۾ ڪچهري پئي ڪئي ته سائين کي جاڳ ٿي، مان اٿي وڃي سائين سان نوڙي ادب احترام سان مليم، سائين جي پڇڻ کان اڳ ئي جيڪو سچ هئو، مون سائين کي ٻڌايو ته منهنجو ڪوبه تعلق اوهان جي فڪر هيٺ ڪم ڪندڙ تنظيم سان ڪونهي مون کي صرف اوهان سان ملڻ جي سڪ ضرور هئي، سو اچي حاضر ٿيو آھيان، سائين مرڪي چيو ته مون کي ان ڳالهه سان ڪو به سروڪار ڪونهي ته ڪو منهنجي نظرئي جو پوئلڳ آھي يا ناهي، منهنجي لاءِ اوهان سڀ منهنجا ٻچا آھيو، سائين سڀ کان پهرين مون کان پڇا ڪئي ته ماني کاڌي اٿئي مون کيس ٻڌايو ته ماني ناهي کاڌي سو سائين نوڪر کي سڏيو ۽ کيس چيائين حويلي نياپو ڏيو ته اوطاق ڏي هڪ مهمان جي ماني موڪليو، اهو همراهه سائين جو حڪم ٻڌي روانو ٿي ويو. هاڻي اوطاق ۾ سائين جي ايم سيد ۽ مون کان سواءِ ٻيو ڪو به نه هو سو موقعي جو فائدو وٺندي مون سائين کان سڀ کان پهرين سوال ڪيو ته “ڀُٽي صاحب جي باري ۾ اوهان ڇا چوندا؟ (ياد رهي ته ڀُٽي صاحب کي ڦاسي اچي چڪي هئي) هيترن سالن گذرڻ بعد به مون کي اهو لمحو اڄ به ياد آھي ته جڏھن مون اوچتو سائين جي ايم سيد کان ڀُٽي صاحب جي باري ۾ سوال ڪيو ته سائين جي چهري تي مون کي ڪروڌ نظر آيو ۽ سائين پنهجي چپن کي خاص طور هيٺين چپ کي ڏندن ۾ ڀڪوڙي هڪ لمحي لاءِ خاموش ٿي ويو ۽ پوءِ پنهنجي خاموشي کي ٽوڙيندي چيائين“ ذوالفقار علي ڀُٽي جو پيءُ شاهنواز منهنجو دوست هو، ڀٽو مون کي چاچا ڪري سڏيندو هو، شاهنواز ۽ اسان گڏجي ڪافي تحريڪن ۾ حصو به ورتو اسان جو هڪ ٻئي سان مرڻي پرڻي اٿڻ ويهڻ ھو، شاهنواز جڏھن ڀُٽي جي طوهر جي تقريب ڪئي هئي ته مون کي به دعوت جو ڪارڊ موڪليو هئائين ۽ مان شرڪت به ڪئي هئي، سنڌ پنهنجي ويجهڙ واري تاريخ ۾ ٽي ذھين ماڻھو پيدا ڪيا، محمد علي جناح، پير علي محمد شاهه راشدي ۽ ذوالفقار علي ڀٽو، پر ٽنهي ماڻھن سنڌ لاءِ اهو ڪجهه نه ڪيو جيڪو کين ڪرڻ کپندو هو، تاريخ کين موقعو به ڏنو پر هنن اهو ڪردار ادا نه ڪيو جناح سميت سڀني کي پنجابين پنهنجي مفادن لاءِ استعمال ڪيو پنجابين وٽ ته راڻا رنجيت سنگهه کان پوءِ ڪو اڳواڻ ئي پيدا نه ٿيو آھي پنجابين هميشه ٻين جي ڪلهي تي بندوق رکي هلائي آھي، جنهن پاڪستان لاءِ اسان ڪشالا ڪڍيا اهو ته پنجابستان بڻجي ويو، پنجابين وٽ ڪو ماڻھو نه هو، هنن سدائين اسلام، نظريا پاڪستان ۽ ھندستان جي خوف جا ڊپ ڏئي ڏنڊي جي زور تي حاڪميت ڪئي آھي، ڀُٽي کان به هنن ڪم ڪڍيا. ۱۹۷۲ع جي عبوري آئين جي منظوري وقت ولي خان ۽ ٻروچن عطاءُ الله مينگل، غوث بخش بزنجي ۽ نواب خير بخش مري وارن عبوري آئين تي صحيحون نه پئي ڪيون، ڀٽو مون سان مليو ۽ مون کان مدد گهريائين مون کيس سڌيون ٻڌايون چيائين چاچا اوهان مون کي موقعو ته ڏيو مون ولي خان ۽ ٻروچن سان ڳالهايو ولي خان جو پيءُ غفار خان منهنجو دوست هو مون کي ولي خان ۽ ٻروچن چيو پنجابين سدائين ڌوڪا ڪيا آھن هن دفعي ڀٽي کي اڳيان ڪري ڌوڪو پيا ڏين مون کين چيو اسان سدائين ڌوڪا کاڌا آھن هڪ ڌوڪو ٻيو سهي منهجي چوڻ تي ولي خان ۽ ٻروچن ۱۹۷۲ع جي آئين تي صحيحون ڪيون، اڳتي هلي ۱۹۷۲ع واري عبوري آئين ۾ اسان جي پڇڻ بنا ترميمون ڪري ان کي ۱۹۷۳ع جي آئين ۾ تبديل ڪيو ويو، ۱۹۷۳ع آئين جي منظوري کان پوءِ سڀ کان پهريون مان نظربند ٿيس، ڪجهه عرصي گذرڻ کان پوءِ ولي خان، مير غوث بخش بزنجو، سردار عطاءُ الله مينگل، نواب خير بخش مري، مير شير محمد مري وارا غداري الزام ۾ گرفتار ٿي حيدرآباد سينٽرل جيل پهتا ۽ مون ڏي ميار موڪليائون، ڀٽي مون کي هنن آڏو مياري ڪيو، سائين ڳالهائيندا رهيا مان غور سان سائين کي ٻڌندو رهيس سائين پنهنجي ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي چيو “ ڀُٽي کان پنجابين ڪم ورتا جڏھن هنن ڏٺو ته ڀٽو هاڻي اسان جي ڪم جو ناهي رهيو ته ڀُٽي کي ڦاهي ڏئي ڇڏين، فريادي به اهي شاهد به اهي جج به اهي ۽ ڦاهي ڏيڻ وارا به اهي ئي هئا. اتي ڪجهه ساهي بعد مون سائين جي ايم سيد کان بينظير صاحبه بابت پڇيو (واضح رهي ته بينظير صاحبه انهن ڏينهن ۾ ۷۰ ڪلفٽن ۾ نظربند هئي) سائين بينظير صاحبه لاءِ چيو “هو اسان جي نياڻي آھي، هن لاءِ عزت آھي، هو لکيل پڙھيل ۽ بهادر به آھي هن مان ماڻھن کي اميدون به آھن پر اڃا هو سياست جي ميدان ۾ نئين آھي. پيءُ جي نقش قدم تي هلي ته اهي ساڳيون قوتون جن هن جي پيءُ کي نه بخشيو اهي هن کي به نه ڇڏيندا. مون سائين کان جڏھن بلوچن جي باري ۾ پڇيو ته سائين ورندي ڏني ته “هن وقت تائين جيترا بلوچ مئا آھن، ان جي اڌ جيتري به سنڌي قرباني ڏين ها ته پاڪستان جي جاگرافيائي صورتحال تبديل ٿيل هجي ها، آزاد ٿيڻ کان بعد عطاءُ الله مينگل، مير غوث بخش بزنجو، نواب خير بخش مري ۽ مير شير محمد مري وارا مون سان ملڻ آيا هئا، مون کين چيو اوهان بهادر به آھيو ۽ ويڙھاڪ به ماڻھو به جام مئا اٿو پر جيسين اوهان سردارن جون پنهنجون پنهنجيون الڳ چڙھيل ڪنيون ۽ انائون ختم نه ٿينديون بلوچ ايئن مرندا رهندا، مون کائنس جڏھن سنڌين بابت پڇيو ته سائين چيو “سنڌين اڃا پنهنجي دوست دشمن کي ئي ناهي سڃاتو، ڏاڍو پڇتائيندا“ ايتري ۾ ماني اچي وئي سائين نوڪر کي چيو هيٺ دسترخوان وڇاءِ دسترخوان لڳو مان ته ماني ڏسي حيران ٿي ويس، ٻاڪري گوشت جو ٻوڙ، تريل مڇي، فرائي ٿيل ڀينڊيون، ڪڻڪ ۽ چانورن جي مکڻ سان مکيل ماني، اڇا چانور ۽ لسي موجود هئا. سائين مون سان هيٺ اچي دسترخوان تي ويٺا ۽ چيائين ماني کاءُ مون چيو سائين هي ته مون کان گهڻي آهي، اوهان به وٺو تنهن تي سائين چيو مان تمام گهٽ کائيندو آھيان، تنهن جي اچڻ کان ڪجهه دير اڳ مون ماني کاڌي آهي، مون به گهٽ نه ڪئي ڍؤ ڪري ماني کاڌي ماني کائي بس ڪيم ته سائين چيو گرمي آهي، شربت پيءُ، ٺٽي جي حڪيم درس جو شربت به سائين پياريو، ٽرين جو ٽائيم پئي ٿيو سو مون سائين کان نوڙي موڪلايو ته سائين نوڪر کي چيو هن کي ٽانگي تي چاڙھي اچ ان سان گڏ سائين ڪجهه پئسا منهنجي کيسي ۾ وڌا، ته مون حجاب واري لهجي ۾ چيو سائين گهڻو ٿي ويو گنهگار ٿا ڪيو ته سائين چيو رکي ڇڏ ڪم ايندئي پوءِ مان سائين کان موڪلائي اچي ٽانگي تي ويٺس ۽ ”سن“ اسٽيشن لاءِ روانو ٿيس پر اڄ تائين سائين جي ايم سيد سان گذاريل اهي چند گهڙيون وساري نه سگهيو آهيان. سائين جي ايم سيد منهنجو محسن منهنجو رهبر محمد ابراهيم جويو سائين جي ايم سيد سان منهنجو سڄيءَ زندگيءَ جو سنٻنڌ رهيو آهي. مون کي پاليو ۽ نپايو منهنجن مائٽن، پر مون جو ڪجهه پرايو ۽ ان پراپت مان آئون جيڪي ڪجهه بنيس، تنهن لاءِ آئون سائين جي ايم سيد جو شڪر گذار آهيان. سائين جي ايم سيد جو ڳوٺ سن آهي، ۽ آئون ان کان ويهارو ميل پري هڪڙي ننڍڙي واهڻ ”آباد“ ۾ ڄائو هوس. منهنجو پيءُ ته منهنجي گهڻي سانڀر کان اڳ ئي گذاري ويو هو، ۽ منهنجي ماءُ به پوءِ وڇڙي ويئي، پر منهنجو ڏاڏو ۽ ڏاڏي حيات هئا، جن مون کي ماءُ پيءُ جو پيار ڏنو. منهنجو ڏاڏو هڪ جامڙد، ڏاهو ۽ خود دار شخص هو، پنهنجو راڄ توڙي آسپاس جا راڄ هن جو ڏاڍو لحاظ رکندا هئا. مون کي ياد آهي ته آئون جڏهن يارهن ورهين کن جو هوس ۽ سنڌي ڇهون درجو پڙهندو هوس، تڏهن اسان کي هر روز ٽي ميل پري، پاسي واري ڳوٺ، تيرٿ لڪيءَ جي اسڪول ۾ سنڌي پڙهڻ لاءِ وڃڻو پوندو هو. هڪ ڏينهن ڏاڏو ڪنهن ڪم سان سن ويو ۽ موٽيو ته هڪ اهڙي ڳالهه کڻي آيو، جيڪا منهنجي نئين جنم جو سبب بڻي. جيڪڏهن اڄ مون کي اهو معلوم ٿي وڃي ته اهو ڪهڙو ڏينهن هو، جڏهن ڏاڏو سن مان موٽيو هو، ۽ منهنجي نئين جنم جي اها ڳالهه کڻي آيو هو، ته اهو ڏينهن آئون هوند پنهنجي اصلي جنم جو ڏينهن ڪري هر سال ملهايان. ڳالهه هيءَ هئي ته سائين جي ايم سيد ان سال پنهنجي ڳوٺ ۾ هڪ ديني تعليم جو مدرسو، بورڊنگ هائوس سميت، ۽ سنڌي اسڪول سان گڏ انگريزي تعليم لاءِ اي وي ڪلاس کولايا هئا ۽ جڏهن خبر پيس ته ڏاڏو سن ۾ هو، تڏهن هن کي سڏائي، مدرسي ۽ انگريزي ڪلاسن ۾ پنهنجن ڇوڪرن کي داخل ڪرائڻ جو سخت تاڪيد ڪيائين. جڏهن ڏاڏي گهر ۾ سن جي نئين اسڪول جي ڳالهه ڪئي، تڏهن مان ڏاڍو خوش ٿيس. هيءُ سال ۱۹۲۷ع جو هو. پوءِ آئون سن جي انگريزي اسڪول ۾ داخل ٿيس. سائين جي ايم سيد وٽ منهنجو ڏاڏو مون کي وٺي ويو، ان وقت آئون ۱۲-۱۱ ورهين کن جو هئس. سائين جي ايم سيد جي والد سيد محمد شاهه مرحوم جي شهادت ۽ سندس وڏي حضرت ميين حيدر، جنهن جي درگاهه جا پاڻ سجاده نشين هئا، تن جون ڳالهيون سڄي تر ۾ عام پکڙيل هيون. سائين جي ايم سيد لاءِ عام اها خبر ته ننڍي وڏي جي وات هئي ته پاڻ پنهنجي والد محترم جي شهادت وقت ٻالڪ اوستا ۾ هئا ۽ سندن عام ناموس هئي ته سنِ بلوغت جي عمر تي پهتا ته عام اعلان وسيلي سڄيءَ سنڌ ۾ رهندڙ پنهنجي مريدن لاءِ اهو پڌرو ڪيو هئائون ته ڪو به کين پيرين پئي نه ملي. ٻيو ته پنهنجي مريدن مان پاڻ ڪو به نذر نياز يا ڏَن نه وصول ڪندا. ان زماني ۾ لڪيءَ تائين سڄو محال ڪوهستان به ڪراچي ضلعي سان ڳنڍيل هو ۽ سائين جن پاڻ ڪراچي ضلعي لوڪل بورڊ جي اسڪول بورڊ جا تڏهن چيئرمين هئا. مون ٽي درجا انگريزيءَ جا پاس ڪيا، ته سائين جي ايم سيد مون کي ڪراچي لوڪل بورڊ جي اسڪالرشپ وٺي ڏني ۽ پوءِ آئون ڪراچيءَ جي سنڌ مدرسي ۾ ۱۹۳۱ع ۾ داخل ٿيڻ لاءِ، پنهنجي ڏاڏي مرحوم سان گڏجي ڪراچيءَ ويس. اتي جڏهن ڏاڏو ۽ آئون ڪراچي جي سٽي اسٽيشن تي لٿا هئاسون ته اتي اسان کي وٺڻ لاءِ لڪيءَ جي سيٺ تيجو مل جو گماشتو آيو هو ۽ اسان کي بولٽن مارڪيٽ وٽ پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ وٺي وڃي رات اتي رهايائين. ٻئي ڏينهن تي بولٽن مارڪيٽ کان گانڌي گارڊن تائين ويندڙ ٽرام گاڏيءَ ۾ ويهاري، سائين جي ايم سيد جي بنگلي تي آڻي ڇڏيو هئائين. ٻئي ڏينهن سائينءَ ڪاغذ ڏيئي پنهنجي خاص ماڻهوءَ سان مون کي مدرسي جي پرنسپال، ڊاڪٽر علامھ دائود پوٽي صاحب وٽ موڪليو. علامه صاحب منهنجا اسڪول ليونگ سرٽيفڪيٽ ڏسي ۽ پوءِ سائين جي ايم سيد جو خط کولي پڙهيو. ائين آئون اتي اسڪول ۾ داخل ٿيس. مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ ڏاڏي مرحوم جي زور ڀرڻ تي، دل تي پٿر رکي، سائين جي ايم سيد وٽ حاضر ٿيس ته مون کي ڪا نوڪري وٺرائي ڏين. مون کي مئٽرڪ جي امتحان ۾ دادو ضلعي مان پهريون نمبر بيهڻ تي اسڪالرشپ ملي هئي، تنهن جي کين خبر هئي ۽ منهنجي دلي خواهش جي به کين سڌ هئي ته مون نوڪري ڪرڻ نٿي گهري، پر وڌيڪ پڙهڻ ٿي گهريو. پاڻ همت ڏياريائون ۽ چيائون ته نوڪري ڪنهن به صورت ۾ نه ڪجي، پر، ڪيئن به ڪري، پڙهڻ لاءِ ڪاليج ۾ داخلا وٺجي. پوءِ مون کي ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچي جي پرنسپال بٽاڻي صاحب ڏانهن چٺي لکي ڏنائون ۽ جيتوڻيڪ داخلا جون تاريخون گذري چڪيون هيون، پر درويش صفت پرنسپال مون کي ڪاليج ۾ داخل ڪيو ۽ اهڙيءَ طرح زندگيءَ جي راهه ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر مون کي سائين جي ايم سيد جي رهبري ۽ مدد نصيب ٿي. هڪ ياد سيد صاحب جي حوالي سان منهنجي من ۽ ذهن تي چٽيل آهي ۽ جيڪا نه رڳو ياد جي حد تائين آهي، پر ان منهنجي پوريءَ زندگيءَ تي پڻ گهرا اثر ڇڏيا آهن. اها ياد ڪجهه هن طرح ته جڏهن آئون اڃا سورهن ورهين جو هوس ته سيد صاحب مون کي شاهه لطيف ڀٽائيءَ جي درگاهه تي حاضريءَ لاءِ وٺي ويو هو. شاهه لطيف جي مزار تي پاڻ دعا گهريائون، جا خاص طرح سنڌ جي نسبت سان هئي. انهيءَ دعا ۾ ٽي شيون شامل هيون: ۱. امن جهجهائي Plenty of Peace ۲. اندر اُجار Enlightenment ۳. آزادي (Freedom) انهيءَ دعا ۾ شامل ٽنهي شين کي مون چڱيءَ طرح ياد ڪيو، اڃا به، هانءُ سان هنڊايو ۽ انهيءَ مهل، ڀٽائيءَ سائينءَ جي آڳرن تي اهو پڪو پهه ڪيم ته انهن ٽنهي شين جي حاصلات لاءِ آئون سڄي ڄمار پاڻ کي ڪاربند رکندس. اڄ به آئون انهن ٽنهي شين جي خواهش رکان ٿو. سائين جي ايم سيد سان خيالن جي ڪڏهن به منهنجي نا اتفاقي نه ٿي آهي. سواءِ ٿورڙي وقت لاءِ هڪ مسئلي جي سلسلي ۾، اهو هو مسلم ليگ جي سياست جو مسئلو. سائينءَ جو ستيه پريم ۽ ايڪتا يعني حق، محبت ۽ وحدت جي پرورش ۽ علمبرداريءَ جو ڪردار آهي، جيڪو سنڌ جي تاريخ، لافاني ادب ۽ تهذيب جو، سنڌ جي سَنتن، اوليائن ۽ درويشن جو ۽ سنڌ جي سمورن صالح ۽ سرويچ سپوتن، اڳين توڙي هاڻوڪن جو ڪردار آهي ۽ سنڌ جي انهيءَ ئي آفاقي ڪردار جي پوئواريءَ ۾ آئون ۽ مون جهڙا ٻيا ڪيئي سنڌ ۽ سنڌ سان گڏ عالم انسانيءَ جا محب ۽ فدائي اڄ به سائين جي ايم سيد جا ساٿي ۽ ٻانهن ٻيلي ٿيو بيٺا آهن ۽ ان سندم ساٿ ڌڻي سرواڻ ۽ سندس ساٿ تي اسان کي فخر رهيو آهي. سائين جي ايم سيد جي رياست لاءِ ۽ سندس سنڌي قوم لاءِ قوم دوست فڪر جي چونڊ ۽ ان جي ڦهلاءُ لاءِ باضابطا نموني عملي، قومي، توڻي سياسي اڳڀرائي، ڪي اوچتا ئي فيصلا نه هئا، جهڙِيءَ ريت عام طرح سوچيو، چيو، لکيو ۽ اظهاريو ويو آهي. اهڙن حتمي نتيجن تي پاڻ لڳاتار عملي سياست جي تلخ تجربن ۽ سنڌي قوم سان ٿيندڙ انيڪ ناانصافين، واعدي خلافين ۽ سازشي فيصلن جي عمل ۾ اچڻ کان پوءِ پهتا هئا. اسين پڻ انهن سمورن واقعن جا اکين ڏٺا شاهد آهيون. پاڻ اهي پهريان سنڌ دوست حقيقي مفڪر هئا، جن سنڌ ۾ قومي فڪر جي پنهنجين لکڻين ۽ خطابن وسيلي باقاعدي جوڙجڪ ڪئي ۽ هڪ قوم طور سنڌي ماڻهن جو ڪيس، رياست اڳيان پيش ڪيائون، جنهن جي بدلي ۾ پاڻ رڳو جيل ۽ نظربندين جا عذاب ئي نه سٺائون، پر مٿن الزام ۽ دشنام، تهمتون ۽ بهتان به رکيا ويا، انهن مڙني الزامن، دشنامن، تهمتن ۽ بهتانن کي قبول ڪيائون، جيڪي رياست پاران انهيءَ ڪري ميدان ۾ لاٿا ۽ عمل ۾ آندا ويا هئا ته جيئن پاڻ ماٺ ڪري ويهي رهن. حقيقت هيءَ آهي ته سيد صاحب جن وٽ پنهنجي سنڌ ۽ سنڌي قوم جي تاريخي تشخص جي بحالي، ان جي مڃتا ۽ ان جي حاصلات کان سواءِ ٻيون سڀ شيون معنيٰ وڃائي ويٺيون هيون. ائين چئجي ته به غلط نه ٿيندو ته پاڻ روحاني طرح عقل جي اوچي ڏاڪي يعني عقلِ سليم تائين، ٻين لفظن ۾ سنڌ سان عشق جي منزل تائين پهچي چڪا هئا، جتي پهچي صعوبتون ۽ سختيون، ڏک ۽ اهنج به پنهنجي اساسي تاثير ۾ سک ۽ راحت بڻجي پوندا آهن. جي ايم سيد جان جان ھئي جيئري، ورچي نه ويٺي لطف پيرزادو سائين! جي ايم سيد، سنڌ جو اڏول ۽ پاڻ ارپڻ وارو ورڪر ۽ اڳواڻ آهي، جنهن سنڌ جي سُرهي سينڌ کي سنوارڻ لاءِ وسان ڪين گهٽايو. هُن سياست ادب، تاريخ ۽ فلسفي جي بنياد تي سنڌ جي خوشحالي، آسودگي ۽ آزاديءَ جا نه رڳو خواب ڏٺا آهن، پر انهن خوابن کي ساڀيان ڪرڻ واسطي، سنڌي قوم کي گس ۽ پيچرا جوڙي ڏنا، جن تي قومي ٻڌيءَ جي جذبي سان پاڻ وساري قافلي کي منزل تي رسائي سگهجي ٿو. سائينءَ جي سڄي زندگي سياسي هلچل، تحريڪن ۽ تحريرن ۾گذري. اهو ئي سبب آهي جو پاڻ زندگيءَ جو وڏو عرصو جيلن، نظربندي ۽ حڪومتي عتاب هيٺ رهيو. پاڻ ڪانگريس، مسلم ليگ، عوامي ليگ، هاري ڪيٽي ۽ جيئي سنڌ جهڙن محاذن تان سنڌي قوم جي حق خود اراديت، حق حڪمراني، سنڌي ٻولي قومي ٻولي جي واڌ ويجهه ۽ سنڌي زبان جي سرڪاري سرپرستيءَ لاءِ عملي طرح جاکوڙ ڪئي، ان جدوجهد ۽ تحريڪ جو ڦل اسان کي، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو، سنڌي ادبي بورڊ ۽ ڀٽ شاهه ڪلچر سينٽر جهڙن ادارن جي صورت ۾ مليا، جيڪي اڄ سوڌو سنڌي قوم کي فيضياب ڪري رهيا آهن، سنڌ يونيورسٽي جتي اسان کي تعليمدانن، قانوندانن، سماج سڌارڪن ۽ سياسي اڳواڻن، بي لوث ڪارڪنن جي فوج عطا ڪئي آهي، جيڪا وقت به وقت سنڌ تي ٿيندڙ هر وار آڏو ڍال بڻي بچاءُ ڪري رهي آهي ۽ سنڌ دشمن قوتن جا ڏند کٽا ڪري رهي آهي، سائينءَ جي ڪتابن کي آڏو رکي پڙهي، پرجهي اسان پنهنجي لاءِ هڪ منشور جوڙي ٿا سگهون، جنهن جي آڌار تي سنڌ جي آجپي واري ويڙهه وڙهي ٿا سگهون، سائينءَ جي ڪتابن کي سياست ادب، تاريخ ۽ فلسفي ۾ ورهائي سگهجي ٿو، ”ديار دل، داستان محبت“ ۽ ”جيئن ڏٺو آ مون“ ۾ انسان جي ارتقائي تاريخ، مذهب، ٻولي ۽ ڪلچر کي مرحلي وار بيان ڪيو ويو آهي، سياست تي ”سنڌو ديش، ڇو ۽ ڇا لاءِ“ ”پاڪستان جو ماضي حال مستقبل“ سنڌ ڳالهائي ٿي ۽ سنڌيءَ جي ساڃاهه ۾ قديم سنڌ جي تاريخ، جاگرافي، سنڌي قوم جي ڪلچر جو اتقائي سفر تمام آسان زبان ۾ سمجهايو آهي. سنڌي قوم سان ۱۹۴۷ع ۾ جيڪا ويساهه گهاتي ڪئي وئي، هن جي وسيلن تي ڌاڙو هنيو ويو، سنڌي هنڌن جي ڇڏيل ملڪيت تي هندستان کان آيل مسلمان مهاجرن حوالي ڪئي وئي، سنڌ سرڪار جي خزاني مان پاڪستان ايمپلائيز ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي جوڙي ڇهن بلاڪن ۾ سوين ايڪڙ زمين ڏيڻ سان گڏ سنڌ گورنمينٽ جي فنانس کاتي پاران انهن کي گهر ۽ بنگلا ٺهرائي ڏنا ويا، جهڙي طرح اڄوڪي حڪومت نواب شاهه ايئربيس تي سنڌ سرڪار جا ڪروڙين رپيا خرچ ڪري رهي آهي. هندوءَ جي زمين تي سنڌي هاري پيڙهين کان هر ڪاهي رهيو هو، ان کي ان زمين کان محروم ڪري هندستان کان آيل مهاجرن کي بغير سَندَ ۽ کاتي جي صرف قسم نامي تي گهر، دڪان ۽ زرعي زمينون الاٽ ڪيون ويون، نوڪريون پڻ تعليمي سرٽيفڪيٽن کانسوءِ انهن کي ڏئي، حڪومت انهن کي ورسايو، اهڙي زيادتيءَ تي جڏهن سائين! جي ايم سيد تڏهوڪي وزيراعظم لياقت علي خان وٽ احتجاج ڪيو ته ان کيس جواب ڏيندي چيو ته سنڌي گڏهه ۽ اٺ هڪلڻ واري قوم آهي، جن کي بنگلن ۽ آسائش جي ڪا ضرورت ناهي، هي جواب ٻڌي سائينءَ جي دل آزاري ٿي، اهو ئي سبب هيو جو سائينءَ مسلم ليگ کي خير آباد چيو ۽ پنهنجي هر لکڻيءَ ۾ مهاجر پنجابي مستقل مفاد جو محلورو استعمال ڪيو، هي اهي قوتون ٿي اڀريون جن سنڌي، بلوچ ۽ پٺاڻ جو استحصال ڪيو جيڪو اڃا تائين جاري آهي. وفاقي ادارن جا دروازا ننڍين قومن لاءِ بند ڪيا ويا آهن، پاڪستان جون ننڍيون قومون مشروط طور تي هن رياست سان شامل ٿيون هيون ۽ قرارداد پاڪستان ۾ اهو پڻ لکيل آهي ته اهي ڪڏهن به وفاق کان الڳ ٿي سگهن ٿيون، پر بندوق جي زور تي سنڌي، بلوچن ۽ پٺاڻن کي شامل رکيو ٿو وڃي، عليحدگيءَ جو مطالبو ڪندڙن کي غدار سڏي انهن کي ڦاهيون، ڪوڙا ۽ جيل جون سزائون ڏنيون پيون وڃن. انهن قومن جي جائز حقن کان منهن موڙ ڪئي پئي وڃي، ايتري تائين جو انهن جي زبانن کي قومي ٻوليءَ جو درجو نٿو ڏنو وڃي، هنن ننڍين قومن کي غلام بڻائڻ لاءِ وسان ڪين گهٽايو، ون يونٽ مڙهي، پنجاب جي بالادستي قائم رکي مارشلائون لڳايون ويون ۽ جمهوريت کي هلڻ نه ڏنو ويو، بنگالين جي مينڊيٽ جي نفي ڪئي وئي ، جنهن جي نتيجي ۾ بنگلاديش وجود ۾ آيو، باقي قومن لاءِ هڪ شاهراهه تعمير ڪئي وئي ته اهي منظم تحريڪ هلائي، خودمختيار ٿي پنهنجون حڪومتون قائم ڪن. مروج پاڪستاني قانون ۽ آئين جي لتاڙ ڪندي سنڌي ماڻهن کان تعليم ۽ روزگار جو حق کسيو ٿو وڃي، هنن کي پنهنجي ئي ملڪ ۾ اڪيلو ڪري هن قوم کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جا سانباها ڪيا پيا وڃن، باوجود ان جي ته سنڌ پاڪستان کي بهترين سياستدان، قائد اعظم کان بينظير تائين ڏنا، قانوندان، تعليمدان، انجنيئر ۽ فلاسافر ڏنا. حد ته اها آهي ته پاڪستان جي آئين جو خالق پڻ هڪ سنڌي قانون دان آهي، ۱۹۷۳ع جو آئين سنڌ جي ليڊر شپ متفقه طور تي چئن ئي صوبن کان منظور ڪرائي ڏنو. سائين! جي ايم سيد سنڌي ادب جي آبياري ڪندي پيغام لطيف لکي سنڌي قوم کي اهو ويساهه ڏنو ته لطيف ئي سنڌي قوم جو قومي شاعر آهي ۽ آزاديءَ جو علمبردار هيرو آهي. جيڪو انسان جي آزاديءَ کي هر شيءَ تي مقدم ٿو سمجهي، فرد کي اظهار جي آزاديءَ جو ايتري تائين حق ٿو ڏئي ته هو ڪهڙو به مذهب اختياري ڪري ۽ ان جي پرچار ڪري، پنهنجي نظر ئي ۾ سائين انتها پسند ناهي، پر هڪ سيڪيولر جمهوريت پسند مزدور، هاري طبقي جو حامي ۽ ٻانهن ٻيلي آهي، هُن هر موڙ تي سنڌ جي ڏتڙيل طبقن لاءِ آواز اٿاريو، جنهن جي پاداشت ۾ هُن، جيل نظربنديون ۽ روپوشيون ڏٺيون، ضعيفيءَ ۾ پڻ هن کي سنڌ سان عشق ڪرڻ جي ڏوهه ۾ سن ۾ نظر بند ڪيو ويو. سائينءَ جو اهو ايمان هيو ته رهندي دنيا تائين سنڌي قوم ۽ زبان قائم ۽ دائم رهڻيون آهن، صرف سنڌين کي پاڻ سڃاڻن کپي ته پاڻ شاهه لطيف، شاهه عنايت شهيد، دولهه دريا خان، شهيد مخدوم بلاول ۽ سچل سرمست جهڙن اڳواڻن ۽ رهبرن جي راهه جا راهگير آهن، سنڌي قوم کي پنهنجن دشمنن کي سڃاڻي انهن جي ناپاڪ ارادن جو سيدبابڪرڻ لاءِ جرئت، همٿ ۽ انقلابي جدوجهد ذريعي پنهنجي مقصد کي چٽو ڪري، سنڌي قوم کي قائل ڪري قومي ٻڌيءَ کي وجود ڏيئڻو پوندو. پوءِ ملڪ مڙوئي منصور ٿي پوندو، ڌرتي ماتا تان سرگهور ڪرڻ لاءِ هر ڪو تيار ٿي پوندو، ان کان وڌيڪ سعادت اسان جي سنڌي ماڻهوءَ لاءِ ڪهڙي ٿي سگهي ٿي، ته هو سنڌ ماتا جو قرض چڪائڻ لاءِ پنهنجو ڪنڌ ڪپائي، شانتي ۽ سک ماڻي. سڀت پچار پرين جي، سڀت هوت حضور، ملڪ مڙوئي منصور، ڪهڙا چاڙهيو چاڙهئين. (شاهه) جي ايم سيد سنڌ جو سائين، جيئي سدائين جي ايم سيد (سيد غلام مرتضيٰ شاهه) ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ع تي ضلعي دادوءَ جي ننڍڙي ڳوٺ سن ۾ جنم ورتو، سيد صاحب جي والد محمد شاهه کي جڏهن سائين سال جو هو ته خانداني دشمنيءَ سبب شهيد ڪيو ويو ۽ يارنهن مهينن بعد سندس وڏو ڀاءُ سيد احمد شاهه پڻ وفات ڪري ويو ۽ ائين هو گهر جو اڪيلو نرينو اولاد هو. سندس ابتدائي تعليم سن ۾ ٿي، هن جي استادن ۾ ڌرمداس، ماستر ريوا چند ۽ ماستر وسڻمل هئا، قرآن پاڪ مولوي محمد صالح سيال ۽ آخوند محبوب ميمڻ وٽ ۽ انگريزي تعليم گهر ۾ استاد حامد علي هالائيءَ کان ورتائين. ۱۶ سالن جي عمر ۾ هن سياسي ميدان ۾ پير پاتو، هو لاڙڪاڻي واري خلافت ڪانفرنس جي ميڙ ۾ ۱۹۲۰ع ۾ شريڪ ٿيو، ان کانپوءِ مٽياريءَ جي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪيائين، ۱۹۲۵ع ۾ تعلقي لوڪل بورڊ مانجهند جو ميمبر ۽ پوءِ اڳيان هلي پريزيڊنٽ چونڊيو ويو، شاهه صاحب ۱۹۳۰ع ۾ ”هاري ڪاميٽي“ ميرپورخاص ۾ قائم ڪرڻ ۾ پنهنجي دوستن سان گڏ هو، هن سنڌ جي ممبئيءَ کان آزاد ڪرڻ جي لاءِ تحريڪ جو پورو ساٿ ڏنو، ۱۹۳۷ع ۾ سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊاڻو قائداعظم کين مسلم ليگ کي منظم ڪرڻ جو ڪم سونپيو، جنهن ۾ وڏي محنت ڪري ميمبر شپ ۾ گهڻو واڌارو آندائون، پر ۱۹۴۶ع ۾ کين مسلم ليگ طرفان ٽڪيٽ نه ڏني وئي، ان کانپوءِ پاڪستان ٺهڻ بعد ون يونٽ لڳڻ، ۱۹۵۸ع جي ايوبي مارشل لاءِ ۽ ٻين ڪيترن واقعن بعد دلبر داشته ٿي کين سنڌ جي حقن لاءِ الڳ جماعت ٺاهڻي پيئي، ۱۸ جون ۱۹۷۲ع تي هن حيدر منزل تي ”جيئي سنڌ محاذ“ نالي نئين پارٽيءَ جو بنياد وڌو. سائين جي ايم سيد سنڌ جي انهن معتبر ماڻهن ۾ شمار ٿئي ٿو، جن حقيقي معنيٰ ۾ سنڌ لاءِ ڪجهه ڪيو ۽ نئين سنڌ کي قومي سڃاڻپ سان اڏڻ جي خواب کي ساڀيان ڏيڻ لاءِ انيڪ ڪوششون عمل ۾ آنديون، هو سنڌ جو معمار هو، جنهن سنڌ يونيورسٽي قائم ڪرائي، سنڌي ادبي بورڊ ٺهرايو ۽ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز قائم ڪيو، سندس ڪتاب ”پيغام لطيف“ سنڌي قوم لاءِ سنڌ کي قومي تشخص ڏيڻ لاءِ هڪ بنيادي ڪوشش آهي، جنهن ۾ هن لطيفي فن ۽ فروغ لاءِ پڻ جيڪي ڇهه نقطا ڏسيا آهن، سي قوم جي مفڪر طرفان سنڌ جي عملي، ادبي، سياسي ۽ سماجي تاريخ ۾ اهميت جوڳا ثابت ٿيندا. سيد صاحب پوريءَ دنيا ۾ ڪيترائي ملڪ گهميا، جيئن فرانس، ترڪي، چين، جرمني، برطانيه، روس، اسڪاٽ لينڊ، سئٽزرلينڊ ۽ ڪيترن ئي ملڪن جي عالمن اديبن ۽ سياستدانن سان سندن گڏجاڻيون ٿيون، اهڙيءَ ريت سنڌ جي هن قومي اڳواڻ جو ذهن روشن خيال ۽ ترقيءَ ڏي وڌندڙ هو، کيس دنياوي سياست، تاريخ، تمدن ۽ تهذيبن جي مڪمل ڄاڻ هئي، سندس مطالعو وسيع هو، هن اصولن کي هميشه اهميت ڏني ۽ ڪڏهن نه جهڪيو. جمال ابڙو لکي ٿو ته: سائين جي ايم سيد جهڙو پختو، چيڙهالو سياستدان مون نه ڏٺو، ڀلي زمين آسمان هيٺ مٿي ٿي وڃي، سائين جي ايم ذرو به نه هٽندو هو. سڄيءَ سنڌ ۾ نعرو ٿي گونجيو ”سنڌ جو سائين، جيئي سدائين“. سائين جي ايم سيد کي سنڌ جي حقن جو هميشه اونو هوندو هو، پاڻ سياسي پليٽ فارم تان پاڪستان جي حمايت جي تحريڪ هلائيائين، پر حڪومت مان پٺڀرائيءَ جي بجاءِ کيس جيلن ۾ نظربند ڪيو ويو، مختلف دورن ۾ کيس تقريباً ۳۰ سال گهر ۾ يا جيل ۾ نظربنديءَ جي حالت ۾ رکيو ويو، انهيءَ سبب ڪري ئي ۱۹۷۲ع ۾ هن ”سنڌ جي حقن“ جو نعرو هڻي الڳ پليٽ فارم قائم ڪيو. هڪ تاريخ ساز شخصيت ۽ سياسي رهنما هئڻ سان گڏ سائين جي ايم سيد سنڌي ادب جي حوالي سان هڪ وڏي وٿ قرار ڏنو ويو آهي، هو هڪ عالم، اديب ۽ محقق هو، هن پنجاهه کن ڪتاب لکيا ۽ سندس سوانح ۽ شخصي خوبين تي ڪئين ڪتاب لکجي چڪا آهن، سيد صاحب جي ڪتابن ۾ ”نئين سنڌ لاءِ جدوجهد“، ”پيغام لطيف“، ”جيئن ڏٺو آ مون“، ”جديد سياست جا نورتن“، ”سنڌ جا سورما“، ”موجوده سياسي مسئلا“، ”جنب گذارين جن سين“، (ٻه ڀاڳا) ”رهاڻ“، (ميران محمد شاهه جا خط) ”شاهه لطيف جون ڪافيون“، ”ساهڙ جا سينگار“، ”علامه آءِ آءِ قاضي جا خط“، ”ديارِ دل ۽ داستان محبت“، ”پنهنجي ڪهاڻي پنهنجي زباني“، ”سنڌوءَ جي ساڃاهه“ (ٻه جلد) ۽ ٻيا ڪتاب آهن، سائين جي ايم سيد جا لکيل ڪتاب سندن تحريرون، تقريرون، مضمون ۽ مقالا، سنڌي قوم لاءِ، ٻولي ۽ ادب لاءِ هڪ گر انقدر اثاثو آهن. سلام انڙ لکي ٿو ته، ”جي ايم سيد جي لکيل سموري مواد جو تجزيو جيڪڏهن ترتيب وار ڪجي ته ان جا چار مکيه تفصيلي نڪتا آهن، (۱) سنڌ جي تاريخ ۽ تمدن جو جائزو، (۲) سنڌ جي تاريخ ۽ تمدن جي پسمنظر ۾ سنڌي قوميت جو نظريو، (۳) جي ايم سيد جي نجي شخصي زندگي، انهن نڪتن ۾ جدلياتي گردش نظر اچي ٿي، چار ئي نڪتا هڪٻئي تي نه رڳو اثرانداز ٿين ٿا، پر هڪٻئي کي واري واري تي سڏين به ٿا، انهن چئن نڪتن جو رشتو (تاريخ ۾ پهريون ڀيرو) سنڌ جي نيشنلزم جي تشڪيل ڪري ٿو، نظريا کڻي ڀلي سماجي هجن ۽ اجتماعي مفاد لاءِ هجن، پر انهن جي جوڙجڪ انفرادي شخصيتن ذريعي ٿئي ٿي، ٻڌمت جو ذڪر گوتم ٻڌ کانسواءِ ناممڪن آهي، مارڪسزم جو ذڪر ڪارل مارڪس کانسواءِ ممڪن ناهي، تيئن سنڌي قوميت جي نظرئي کي جي ايم سيد کانسواءِ ڏسڻ تاريخ سان ڏنگايون ڪرڻ برابر آهي. سائين جي ايم سيد جي ڪتابن ۾ هن جي سياسي زندگيءَ جا تجربا آهن، ملڪي حالتون ۽ پاڪستان جي سياست جي باري ۾ جيڪو ڪجهه هن مشاهدو ڪيو آهي، سو لکيو آهي. ثقافت، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي موضوعن تي پڻ سندن ڪتاب جو آڌار آهي. در حقيقت سندس لکيل هڪ هڪ حرف، هڪ هڪ پنو، سنڌ ۽ سنڌ جي ٻولي ۽ سنڌي قوم جي ترقيءَ جي لاءِ آهي، ”سنڌ جهنگ جبل نديون، نالا ميدان ۽ کيت يا رڳو جاگرافيائي ليڪن جي مادي وجود جو نالو نه آهي، پر سنڌ جو هڪ ازلي روح آهي، سائين جي ايم سيد کي سمجهڻو آهي ته پوءِ سنڌ جي ازلي روح کي سمجهڻو پوندو، جتان لطيف ۽ سچل، سامي ۽ بيدل جي فڪر جا آبشار ڦٽن ٿا، رڳو سکڻي سياسي نعريبازيءَ سان تبديلي ناهي اچڻي، تبديليءَ لاءِ پنهنجي پاڻ کان ابتدا ڪرڻي پوندي، پاڻ کي هڪ نئين انسان، سجاڳ انسان، باشعور انسان ۾ تبديل ڪرڻو پوندو.“ سائين جي ايم سيد سنڌي قوم کي پنهنجي تحريرن معرفت وطن دوستيءَ جو سچائي ۽ ايمانداريءَ جو، صداقت ۽ محبت جو، سبق ڏنو، سندن حوصلا بلند ڪيا، کين اٿاهه مايوسين ۽ نااميدين جي ڪُنن مان ڪڍيو، اديبن ۽ ادبي سنگت کي ڪم ڪرڻ لاءِ شوق پيدا ڪيو، ماڻهن ۾ اتحاد، ٻڌي ۽ محبت جي جذبي جا سبق ڏنا ته کين غفلت ۽ گمراهيءَ مان ڪڍڻ جا جتن ڪيا. هو شاهه جو وڏو شيدائي هو، شاهه جي شاعريءَ معرفت هُن سندس پيغام کي ماڻهن تائين منفرد نموني پهچايو آهي، جنهن ۾ هن سنڌ واسين کي پنهنجي هر شيءِ تي فخر ڪرڻ جي تلقين ڪئي ۽ ساراهيو آهي، کيس معلوم هو ته جيستائين قوم ۾ خوف شناسي ۽ خود داري پيدا نه ٿيندي تيستائين پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي طاقت نه پيدا ٿيندي، لکي ٿو ته، ”منهنجو اهو پڪو ويساهه آهي ته شاهه عبداللطيف سنڌ جو قومي شاعر آهي، شاهه جي ڪلام ۾ جيڪا نمايان ڳالهه ڏسڻ ۾ ايندي سا سنڌ جي اڪير ۽ محبت آهي، سنڌين جي خانا جنگي، آرام طلبي کيس ڏک ٿي ڏئي ۽ هو کين وڳر ڪري محبت ميٺ سان رهڻ لاءِ وطنيت جا سبق ٿو ڏئي، غافل غفلت ڇوڙ جون تنبيهون ٿو ڪري.“ پاڻ شاهه جي ڪلام مان منتخب واين ۽ ڪافين جو مجموعو پڻ ترتيب ڏنائون، اهڙيءَ ريت سندن ادبي ۽ علمي ڪوششون اعليٰ پائي جون آهن، سندن هر تحرير هر ڪتاب ۾ مقصدي ادب آهي چاهي “جيئن ڏنو آهي مون“ هجي يا ”نئين سنڌ لاءِ جدوجهد“، ”سنڌ ڳالهائي ٿي“ هجي يا ”سنڌوءَ جي ساڃهه“ هن هر هنڌ پنهنجائپ جو ثبوت ڏنو آهي. سيد صاحب جو حياتيءَ ۾ انيڪ سياستدانن، عالمن، اڪابرن، مفڪرن، اديبن، شاعرن، آفيسرن، وزيرن، اميرن، ملڪ جي سربراهن ۽ ٻين شخصيتن سان واسطو رهيو ۽ انهن سان ڪيترن سان اڪثر خط و ڪتابت پڻ رهي، جنهن مان سندن حياتيءَ جي مختلف رخن تي روشني پوي ٿي. ساڻس وڏيون سنڌ جون شخصيتون واسطي ۾ هيون، جيئن سر شاهنواز ڀٽو، خان بهار ايوب کهڙو، پير حسام الدين راشدي، ميران محمد شاهه، محمد صديق ميمڻ، ميان امين کوسو ۽ ٻيا ڪيترا اهم ماڻهو هئا. ميان امين کوسي ۽ ميران محمد شاهه سان خط و ڪتابت تي مشتمل ڪتاب رهاڻ ڇپيل آهي. سنڌ صاحب جي حياتيءَ ۾ خط و ڪتابت جي تحرير کي خاص اهميت هئي، پاڻ پنهنجي نياڻيءَ ڊاڪٽر در شهوار کي سندس لنڊن ۽ ڪراچيءَ جي تعليم واري دور ۾ گهڻا خط لکيائون، جن مان ڪجهه خطن جو ڪتاب ”ڏونگر سي ڏورينديون“ جي عنوان سان ڇپيل آهي، ان کانسواءِ سندن ڪتاب ”جديد سياست جا نو رتن“ ۾ جي ايم سيد ۽ پير علي محمد راشديءَ جا خط آهن، هن ڪتاب ۾ راشدي صاحب کين هن ريت مخاطب ڪيو آهي. ”منهنجا پيارا سيد، زندگيءَ جو لطف ئي وڃي هليو، جڏهن ان کي ماڻهن جي ٺاهيل قانونن جي تابع بڻائجي ٿو، دستورن جي متابعت ڪڏهن به زندگيءَ ۾ موج نه آندي آهي، اهو انقلاب ئي آهي جو ان ۾ دائمي تازگي کي پيدا ڪري ٿو، پاڻ کي انقلاب جي ڪُن ۾ اڇلي ڇڏ، زندگي چرپر جو ٻيو نالو آهي“. سيد صاحب خود پنهنجي حياتي بابت لکي ٿو ته، ”مون کي جي ڪا به ڳالهه آٿت ڏيندڙ رهي هئي ته اها هيءُ هُئي ته منهنجي ساري ڪارڪردگي، هر موقعي تي، خود مطلبيءَ، چاهه طلبيءَ، بزدليءَ ۽ خريد ٿي وڃڻ جي آلائشن کان ڪجهه مڙيو ئي پري هئي. سائين جي ايم سيد سنڌ جو عظيم اڳواڻ سوڀو گيانچنداڻي سائين جي ايم سيد سان منهنجي پهرين ملاقات، جيستائين ياد اچيم ٿو ۱۹۴۵ع ۾ ٿي. ڪامريڊ جمال الدين بخاري، جيڪو ان وقت سنڌ ڪميونسٽ پارٽيءَ جو سيڪريٽري هيو، اهو مون کي شاهه صاحب جي جاءِ ساڳي حيدر منزل تي وٺي هليو ۽ منهنجي واقفيت شاهه صاحب سان ڪرايائين. اها مون کي خبر هئي ته شاهه صاحب ڳچ دفعا بمبئيءَ ۾ ڪميونسٽ هيڊ ڪوارٽرس جا چڪر هڻي آيو هو ۽ پاڪستان کي جنهن طريقي سان انڊين ڪميونسٽ پارٽيءَ پيش پئي ڪيو، ان لحاظ کان سيد صاحب کي اها ڳالهه خاصو متاثر پئي ڪري. اها ڳالهه شايد اڄڪلهه جي پيڙهيءَ کي عجيب لڳي، ته ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا CPI پاڪستان کي مسلم گهڻائيءَ وارن علائقن جي حق خود اختياريءَ سان تشبيهه ڏني هئي ۽ گانڌيءَ ۽ جناح جي ملڻ ۽ ٺاهه ڪرڻ لاءِ سخت ڪوششون ڪيون هيون، جنهن ڪري گانڌي ۽ جناح ٽي چار دور ملاقاتن جا ڪري چڪا هئا ۽ آخر تائين انهن ٻنهي ۾ ٺاهه ٿي نه سگهيو هو. شاهه صاحب اٿندي ئي مون کي چيو هو ته؛ توهان ڪميونسٽ عوام جي دماغ کي اپيل ڪيو ٿا ۽ مان عوام جي جذبات کي اپيل ڪيان ٿو. منزل اسان جي ساڳي آهي. مون کي ياد آهي ته مون کيس اهو ئي چيو هو ته؛ اسان ڪميونسٽ نه صرف ماڻهن جي دماغ کي اپيل ڪيون ٿا، پر انهن جي پيٽ کي به اپيل ڪريون ٿا، ڇو ته اڪثر انسان پنهنجي پيٽ جي مسئلن جي حوالن سان سوچين ٿا. ان کان پوءِ منهنجو رابطو شاهه صاحب سان ۱۹۵۲ع ۾ مارچ جي ٽين تاريخ ٿيو، جڏهن مان جيل مان ڇُٽي، پنهنجي سنگت سان مليس ۽ جيئن ته اهو امڪان هو ته مان ٻئي ڏينهن يعني چوٿين مارچ تي وري گرفتار ٿي وڃان، تنهن ڪري ڪامريڊ پوهوءَ جو چوڻ هو ته پنهنجي وڌ ۾ وڌ دوستن سان مون کي رات جي پيٽ ۾ ملڻ گهرجي. سو رات جو يارهين وڳي وڃي شاهه صاحب جو دروازو کڙڪايوسون. شاهه صاحب پاڻ اٿي آجيان ڪئي. ان ملاقات ۾ مون کي پهريون دفعو معلوم ٿيو ته شاهه صاحب مون کي چئن سالن جي نظربندي مان ڇڏائڻ لاءِ ڪيڏي ڪوشش ڪئي هئي. تنهن کان پوءِ مارچ ۱۹۵۷ع تائين عوامي محاذ، هاري ڪاميٽي، نيشنل پارٽي ۽ بعد ۾ نيپ جي پليٽ فارمن تي، سائين جي ايم سيد سان لاڳاپيل رهيس. ان دور ۾ اردو اخبارن کي سيد خلاف زهر ڦهلائڻو هوندو هو ته لکنديون هيون. ”جي ايم سيد جي دماغ تي ٻه هندو ڪميونسٽ ڇانيل آهن، سوڀو ۽ پوهو.“ حقيقت اها آهي ته شاهه صاحب سان اسان جو ساٿ ذهني ۽ سياسي بنيادن تي رهيو ۽ آهي. شاهه صاحب سنڌ جي پراڻن سياستدانن مان اڪيلو ماڻهو هو، جنهن اسان کي پنهنجو سمجهيو ۽ پنهنجي ڇٽيءَ جي ڇانو هيٺ جاءِ ڏني، جنهن وقت اسان ڪامريڊن لاءِ سنڌ جي ڌرتي گرم ٿي چڪي هئي يا تائڙي ٿي چڪي هئي. جولاءِ ۱۹۵۴ع ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ تي پابندي پئي ته سيد صاحب پيرزادي عبدالستار تي زور رکي، باقي سمورن ڪميونسٽن کي جيل ۾ پوڻ کان بچائي ورتو. البت پيرزادي عبدالستار کي اها همت نه ٿي جو مون کي گرفتار ڪرڻ کان انڪار ڪري. ڇو ته ان وقت مان سنڌ ۾ سڀني کان وڌيڪ نالي چڙهيو ڪميونسٽ هوس ۽ جي ايم سيد ۽ اسان جي کاٻي ڌر جي تنظيمن وچ ۾ رابطي جو ذريعو سمجهيو پئي ويس. ان ۾ شڪ نه آهي ته سائين جي ايم سيد ۽ مان ساڳي Wave Length تي سوچيندا رهيا آهيون ۽ اڪثر مسئلن تي پنهنجي پنهنجي نقطه نگاهه کان سوچيندي ساڳي حل تي پهتا آهيون. سائين جي ايم سيد منهنجي نظرن ۾ هڪ عظيم قوت، سنڌ جي سڃاڻپ، آزاديءَ ۽ ڏاهپ جو علمبردار ۽ روشنيءَ جو منارو رهيو آهي. ۱۹۵۵ع ۾ ون يونٽ ٿيو ته سيد کي گرفتار ڪري حيدرآباد جيل ۾ وٺي آيا، هو ڪجهه وقت مون سان گڏ هيو. منهنجي وهم گمان ۾ به ڪو نه هو ته ٽن سالن جي جوڙ توڙ جي جدوجهد بعد سائين جي ايم سيد اسان جي پنجابي ڀائرن کي ون يونٽ ٽوڙڻ لاءِ قائل ڪري وجهندو. ون يونٽ جو هيڊ ڪوارٽر لاهور ۾ ان لاءِ قائم ڪيو ويو هو ته سنڌ جي ڦرڻي گهرڻي سياست کي پنجاب جي مستحڪم گهڻائي ۾ ٺهراءُ ۽ مضبوطي پيدا ٿيندي پر سيد صاحب جڏهن ون يونٽ جي اسيمبليءَ ۾ لاهور پهتو ته سندس پارٽيءَ جي اٺن ميمبرن ون يونٽ جي سؤ ميمبرن کي چڪر ۾ آڻي ڇڏيو. هر ڪو سندس سلامي ٿيو. هن ريپبليڪن پارٽيءَ جي سردار رشيد خلاف آوشواس جو ووٽ پيش ڪيو. جنهن جي نتيجي ۾ دولتانه جي مسلم ليگ مخالف پارٽيءَ ون يونٽ کي ڊاهڻ لاءِ اسمبليءَ ۾ ٺهراءُ پيش ڪيو ۽ ان جي تائيد سردار رشيد جي ريپبلڪن پارٽيءَ به ڪئي. پوءِ ون يونٽ کي ڊاهڻ جو ٺهراءُ يڪراءِ سان اولهه پاڪستان يعني ون يونٽ جي اسيمبليءَ ۾ پاس ٿيو ۽ ان جي تائيد، اوڀر پاڪستان جي اسيمبليءَ پڻ ڪئي. اهو سيد صاحب جو ڪارنامو هو جو قانوني ۽ آئيني جدوجهد ذريعي، ٽن سالن جي مختصر عرصي اندر، ون يونٽ جي بنياد وجهندڙن کان اهڙو ٺهراءُ پراس ڪرايائين، جو هو پنهنجي ٿُڪ چٽڻ تي آماده ٿيا! ان دور ۾ منهنجا شاهه صاحب سان ڪجهه اختلاف، مسلم ليگ سان ٺاهه ڪرڻ جي حوالي سان ٿيا هئا، پر مان سيد کي شاباس ڏيندس، جو هن ۽ منهنجي وچ ۾ ڪڏهن به اختلافن، شدت اختيار نه ڪئي آهي ۽ ڪميونسٽن جي سخت لاک لاهيندي به سيد صاحب هميشه مون کي پنهنجي محبت ۽ عزت سان نوازيو آهي. نه رڳو ايترو پر پنهنجي مريدن کي به روڪيندو آهي ۽ مون کي ”صالحين“ ۾ شمار ڪندو آهي. سيد صاحب سنڌ جي تاريخ ۾ وڏو اضافو ڪيو آهي. نه صرف هن عملي جدوجهد ذريعي ”نئين سنڌ“ پر پنهنجي قربانين سان سنڌ اندر جدوجهد جي لاٽ روشن رکي آهي. پنهنجي ڪتابن ذريعي جيڪا هن علمي جدوجهد ڪئي آهي، تنهن جي نتيجي ۾ سٺ ۽ اسيءَ وارن ڏهاڪن ۾ جيڪي سياسي ورڪرن جا پنج ڇهه فصل تيار ڪيا آهن، انهن ذريعي سنڌ جي وجود ۽ پاڪستان اندر جمهوريت جي جدوجهد قائم ۽ دائم رکي آهي. ان ۾ شڪ نه آهي ته جيڪڏهن سيد نه هجي ها ته شايد سنڌ جي وجود لاءِ جيڪو تاڃي پيٽو تيار ٿيو آهي، تنهن ۾ ممڪن آهي ته اڃا به وڌيڪ سال لڳي وڃن ها. سيد جي تعريف يا ساراهه ڪندي اهو نه وسارڻو آهي ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، جي هاري ڪاميٽيءَ ۽ ڪميونسٽ پارٽي، سنڌ جي وجود ۽ پاڪستان اندر رهندڙ ٻين قومن جي وجود ۽ آزاديءَ لاءِ جدوجهد به جس لائق آهي. سيد ۽ اسان جون عوامي جماعتون، ٻنهي ملي ڪري پاڪستان اندر عوامي جدوجهد جي لاٽ ٻرندي رکي آهي. سيد جي ذريعي، اسان خان عبدالغفار خان ۽ سرحد جي عوامي تحريڪن، بلوچستان جي عوامي تحريڪن ۽ اوڀر پاڪستان جي عوامي تحريڪن سان مسلسل لاڳاپو قائم ڪيو. ان مان نه صرف قومي تحريڪن کي فائدو پهتو، پر ساڳئي وقت ٽڙيل پکڙيل ڪميونسٽ ۽ سوشلسٽ پليٽ فارمن کي گڏي، قومي ليول تي هڪ فعال رول ادا ڪرڻ ۾ مدد ملي. سيد صاحب پنهنجي مسلسل نظربنديءَ ۽ وڏي عمر جي باوجود پنهنجو ”قبلو“ درست رکيو آهي. اڄ هو سنڌ، جمهوريت ۽ عوام جي ڀلي لاءِ جدوجهد ڪندڙ هزارين نوجوانن جو عظيم رهنما ۽ محبوب ليڊر آهي. ساڻس جزوي طرح ڪن پاليسين تي اختلاف ڪري سگهجي ٿو، پر اهو مڃڻ ۾ مون کي ذرو به شڪ نه آهي ته سيد صاحب کان سواءِ سنڌ ايترو جلد سياسي طرح اڳتي نه وڌي ها ۽ نه مظلوم قومن جي رهنمائي جو رول ادا ڪري ها، جهڙو تمام مشڪل حالتن ۾ سنڌ جي نوجوانن ادا ڪيو آهي. بلوچستان جي عوامي ليڊرن بزنجي، مريءَ، بگٽيءَ ۽ مينگل جيڪو انقلابي ۽ هٿياربند مزاحمتي تحريڪن جو رستو ڏيکاريو آهي ۽ سنڌ پنهنجي مخصوص حالتن ۾ سيد جي اڳواڻيءَ هيٺ آئيني ۽ قانوني طريقن سان جدوجهد جو رستو ڏيکاريو آهي. اهڙا به ڪي آهن، جيڪي سيد جي غلطين کي معاف ڪري نه سگهيا آهن، جن جو ذڪر هو پنهنجي خلاصين محفلن ۾ وڏي فراخدليءَ سان ڪندو آهي، پر مان ان راءِ جو آهيان ته سيد جو ڏاڻ هن جي غلطين کان تمام گهڻو وڌيڪ آهي. جي ايم سيد مدبر سياستدان ۽ سنڌ جو سچو عاشق ايم ايڇ پنهور مون پهريون ڀيرو شيخ عبدالمجيد سنڌي، جي ايم سيد ايوب کهڙي، علي محمد شاهه راشدي، سر شاهنواز ڀُٽي ۽ سر عبدالله هارون جا نالا پنهنجي وڏڙن کان ٻڌا، ان وقت آئون ڇوڪرو هئس، مون کي ڄاڻ ملي ته اهي سمورا اڳواڻ سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسي کان ڌار ڪرڻ جي تحريڪ هلائي رهيا آهن. سنڌي ٻوليءَ ۾ سنڌ تي پهريون ڪتاب ”الوحيد آزاد نمبر“ هو جيڪو ۱۹۳۶ع ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ سنڌ ۾ خدمت ڪندڙ شخصيتن جون تصويرون هيون، جي ايم سيد کي پهريون ڀيرو باغبان ويجهو مخدوم بلاول جي مسجد ۾ خطاب ڪندي ڏٺم، سمجهه ۾ ته تمام ٿورو آيو پر چاچا ڳوٺ واپس اچي ٻڌايو ته هو هندن وٽ مسلمانن جي گروي پيل زمين ڇڏائڻ، مسلمانن جي کنيل قرض جي وياج کي ختم ڪرائڻ، زمين جي منتقلي، ۵۰۰ کان وڌيڪ آبادي واري هر ڳوٺ ۾ اسڪول کولڻ ۽ اهڙين ٻين شين جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي. ۱۹۴۰ع ۾ جي ايم سيد سنڌ جي تعليم جو وزير بڻيو ته هن حڪم جاري ڪيو ته سيڪنڊري هاءِ يا اينگلو ورناڪيولر اسڪول جو هر شاگرد کي خاڪي شرٽ ۽ نيڪر (چڍي) پائي ايندو، جنهن تي مسلمانن خاص طور سخت مخالفت ڪئي. مخالفت ۾ نظم به لکيا ويا. جي ايم سيد جي استعيفيٰ کان پوءِ پير الاهي بخش تعليم جو وزير بڻيو. هو خاڪي يونيفارم پويان سماجي رتبي ۽ سماجي سرگرمين جي اهميت کي نه سمجهي سگهيو ۽ يونيفارم تي پابندي هڻي ڇڏي. جي ايم سيد موسيقي کي هٿي وٺرائڻ جو به حڪم ڏنو ۽ اسڪولن ۾ ڪلاس هليا ۽ فنڪارن کي استاد طور ڀرتي ڪيو ويو پر مسلمان شاگرد ان جي اهميت نه سمجهي سگهيا، کين اها ڳالهه ريڊيو ۽ ٽي وي جي اچڻ کان پوءِ سمجهه ۾ آئي جڏهن سنڌي اتي موجود ئي نه هئا. ڪجهه خاڪسارن جڏهن قائداعظم تي حملو ڪيو ته ان جو جي ايم سيد کي ڏاڍو صدمو رسيو ۽ اهو سڀ ڪجهه ٻڌي هو بيهوش ٿي ويو. آئون ۽ ڊاڪٽر نورحسن انصاري گڏجي کيس ڏسڻ اسپتال وياسين. جي ايم سيد هوش ۾ هو، هن ڊاڪٽر انصاري (جيڪو اڳوڻو خاڪسار هو) کي چيو ته ڇا خاڪسار اهڙا هوندا آهن، مون کي يقين نه ٿو اچي ته ڪو سنڌي به انتهاپسند ٿي سگهي ٿو، مون کي جناح سان اختلاف آهي پر سندس حياتي کسڻ جو سوچي به نه ٿو سگهان. مون ۲۰ سالن کان پوءِ افواهه ٻڌو ته قائداعظم تي حملو ڪندڙ خاڪسار غلام نبي سومرو هو جيڪو حيدرآباد جو رهواسي هو ۽ ڪنگ جارج زرعي ڪاليج سڪرنڊ ۾ پڙهندو هو پر کيس پرنسپل ڊاڪٽر اي ايم شيخ ڪاليج ۾ حاضر ڄاڻائي بچايو. جي ايم سيد کي بعد ۾ مسلم ليگ مان نيڪالي ڏني وئي، پر پوءِ به کيس پارٽي ۾ قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو. هن ”قرباني“ اخبار شروع ڪئي ته اها مسلم ليگ مخالف هوندي به مسلمان شاگردن ۾ تمام گهڻو مقبول ٿي. ان جي مضمونن ۾ سچ شامل هوندو هو. ۱۹۴۶ع ۾ گورنر سرفرانسز مودي اسيمبلي ٽوڙي چونڊون ڪرايون ته قائداعظم ڪراچي جي عيدگاهه ميدان ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته توهان هڪ لک ماڻهو آهيو ۽ جي ايم سيد اڪيلو آهي، وڃو ۽ وڃي کيس شڪست ڏيو. اهو ٻڌي ڪجهه شاگرد ته سن روانا ٿيا پر ٻين ان کي نظرانداز ڪيو. قائداعظم ۱۱ آگسٽ ۱۹۴۷ع واري جڳ مشهور تقرير ڪئي ته اسان هندو، مسلمان، سک نه پر رڳو پاڪستاني آهيون. فيبروري ۱۹۴۸ع ۾ آئون ۽ منهنجو دوست محمد شفيع جي ايم سيد سان ملياسين (آئون سنڌ مسلم اسٽوڊنٽس جو وائيس چيئرمين ۽ محمد شفيع جنرل سيڪريٽري هو). جي ايم سيد چيو ته هندو ۽ سک شاگرد وڃي رهيا آهن ۽ تنظيم ختم ٿي ويندي توهان پارسين ۽ عيسائين سميت سڀني شاگردن کي پاڻ سان کڻو ۽ فيڊريشن جي صوبائي ورڪنگ ڪميٽي جو اجلاس سڏائي تنظيم مان لفظ ڪڍي ڇڏيو. جنهن سان سنڌ جي سڀني شاگردن کي هڪ پليٽ فارم ملندو. اسان اجلاس ڪوٺايو ته حيرت انگيز طور سمورن سنڌي شاگردن يڪراءِ ان قدم جي حمايت ڪئي پر ۵۰-۱۹۴۹ع ۾ سنڌي شاگردن کي ڪراچي مان ڪڍيو ويو جنهن کان پوءِ تنظيم جي اهميت ختم ٿي وئي. جي ايم سيد کي مسلم ليگ مان نيڪالي ملڻ کان پوءِ سنڌ مسلم اسٽوڊنٽس جي اڪثريت سندس دشمن ٿي پئي پر هن ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي ۱۵ ڊسمبر ۱۹۴۷ع تي اسان سان ملاقات ڪئي. جي ايم سيد جو چوڻ هو ته افواهه آهن ته خان آف قلات آزادي جو اعلان ڪرڻ وارو آهي ۽ مير غلام علي ٽالپر جي قيادت ۾ سنڌ جا بلوچ قبيلا ساڻس گڏجڻ ۽ سنڌو درياهه جي اولهه ڪناري وارا علائقا بلوچستان ۾ شامل ڪرڻ چاهين ٿا اثررسوخ سبب مير بنده علي ٽالپر ۽ ٻيا مير حيدرآباد ۽ ٿرپارڪر ضلعا به ان ۾ شامل ڪرڻ جا خواهش مند آهن. ٻين علائقن تي يا ته وڏيرن جو قبضو هوندو يا وري هندستان جي اثر هيٺ ويندا. اسان کي سنڌ کي متحد رکڻو آهي. خان آف قلات ناڪام ويندو ۽ پاڪستاني فوج کيس چيڀاٽي ڇڏيندي پر ان تحريڪ جو سنڌ جي مستقبل تي به اثر پوندو. مير ۽ بلوچ ڪامياب نه ٿي سگهندا ۽ پنهنجي ٻرن ۾ لڪي ويندا ۽ هي افواهه ڪجهه ڏينهن ۾ ختم ٿي ويندا. لياقت علي خان پاڪستان جي ڪنهن به حصي مان چونڊجي نه ٿو سگهي ان لاءِ هو سڄي هندستان جي مسلمانن کي ڪراچي ۾ آباد ڪري رهيو آهي. ايوب کهڙي سندن کوکراپار کان داخلا بند ڪئي آهي پر هو کين بندرگاهه ۽ لاهور وسيلي گهرائي رهيو آهي. خان عبدالغفار خان قائداعظم کي پاڪستان پيپلز پارٽي يا ليگ ٺاهڻ جي صلاح ڏيڻ وارو آهي کيس اسان کي ۽ ملڪ کي هڪ سيڪيولر پارٽي جي ضرورت آهي. پاڪستان ٺهڻ جو نتيجو سنڌ جي فتح جي صورت ۾ نڪتو آهي. ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪيو پيو وڃي ايوب کهڙو انڪاري آهي پر پيرالاهي بخش حوالي ڪري ڇڏيندو. جلد اسلام، قائداعظم ۽ پاڪستان جي نالي ۾ اسان جو مستقبل تباهه ڪيو ويندو. ۱۹۵۰ع ۾ جي ايم سيد منهنجي اسڪالرشپ تي آمريڪا وڃي زراعت ۽ سائنس جي تعليم ۽ سکيا وٺڻ جي حمايت ڪئي. مون اتان ”ماڊرن نيشنلٽيز“ نالي ڪتاب آندو جيڪو جي ايم سيد جي سوالن جو جواب ثابت ٿيو. سندس ڪتاب ”موجوده سنڌ جا مسئلا“ هن ڪتاب جي بنياد تي ئي لکيل آهي. ۱۹۴۸ع جي شروع ۾ ايوب کهڙي ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جي مخالفت ڪئي ۽ سنڌ اسيمبلي اهڙو ٺهراءُ يڪراءِ منظور ڪيو. جي ايم سيد کي ۶ مهينن لاءِ نظربند، ايوب کهڙي کي برطرف ڪيو ويو ۽ پيرالاهي بخش وڏو وزير بڻجي ڪراچي جي سنڌ کان عليحدگي قبول ڪئي. جي ايم سيد جي نه هوندي شاگردن جي پويان ڪابه طاقت نه رهي پر نفرتون موجود رهيون ۽ ايتريون وڌي ويون جو قائداعظم جون تصويرون به دڪانن تان لاهڻيون پئجي ويون. آزاد ٿيڻ تي جي ايم سيد جو شاندار آڌر ڀاءُ ڪيو ويو. جي ايم سيد ۱۹۵۳ع جي چونڊن ۾ ڪامياب ٿي سنڌ اسيمبلي پهتو ۽ سندس حمايت سان عبدالستار پيرزادو وڏو وزير بڻيو. سنڌ زرعي ڪميشن جوڙي وئي. جي ايم سيد کي سنڌ جي زراعت ۽ ان کي جديد بڻائڻ جو تمام گهڻو اونو هو. هن زرعي سڌارا ۽ ٽريڪٽر سنڌ آڻڻ چاهيان پئي پر وفاقي حڪومت سرحد ۽ پنجاب ۾ ته ڪم ڪيو پر سنڌ ۾ ڪم ڪرڻ نه ڏنو. جي ايم سيد جي صلاح تي ئي ڀٽ شاهه ۾ ريسرچ سينٽر قائم ٿيو. گورک هل اسٽيشن به سندس ئي آئيڊيا هو. منهنجي خيال ۾ گورک تي هل اسٽيشن بڻجي نه ٿي سگهي. صوبائي حڪومت جي صلاح تي وفاق اترين علائقن کي اوليت ڏيندي گورک وارو منصوبو رد ڪيو. ون يونٽ آڪٽوبر ۱۹۵۵ع کان ۱۹۵۸ع تائين جي ايم سيد لاهور ۾ ۶ حمايتين سان گڏجي ون يونٽ خلاف مهم هلائي. ايتري ٿورن ماڻهن سان گڏ شروع ڪيل تحريڪ ايتري ڪامياب ٿي جو سيپٽمبر ۱۹۵۸ع ۾ اولهه پاڪستان اسيمبلي جي ۳۱۱ ميمبرن واري ايوان ۾ اڳوڻن صوبن جي بحالي وارو ٺهراءُ آندائين. ۷ آڪٽوبر ۱۹۵۸ع تي مارشل لا لڳائي جي ايم سيد کي گرفتار ڪيو ويو ۽ ٽن سالن بعد آزاد ٿيو. سندس چوڻ هو ته مارشل لا رڳو ون يونٽ بچائڻ ۽ ڪوٽڙي ۽ گڊو بئراج جي ۲۷ لک ايڪڙ زمين تي قبضي لاءِ لڳايو ويو هو. سکر بئراج جي ۵ ڪروڙ ۴۰ لک ايڪڙ زمين تي قبضو ٿيو آهي جي ايم سيد ۲ لک ايڪڙن تي ٿيڻو آهي ان لاءِ ۱۹۶۰ع واري ڏهاڪي ۾ جمهوريت نه ايندي. جي ايم سيد بهترين آبادگار به هو، وٽس سن ۾ ۶۰۰ ايڪڙ باراني زمين هئي جيڪا شاهه اويس پمپنگ ڪئنال وسيلي سيراب ٿيندي هئي. کيس هميشه پوکي جي جديد طريقن ۾ دلچسپي رهي. کيس ڄاڻ هئي ته درياهه سن کي ڪڏهن به نه ٿو پائي يا ٻوڙي سگهي پر سن واهه شهر کي کائي سگهي ٿو. هن ان کان بچاءَ جا طريقا به پڇيا جيڪي مون کيس ٻڌايا. هن فيبروري ۱۹۶۱ع مون کي محمد ابراهيم جويي، حسام الدين شاهه راشدي، غلام رباني آگري ۽ ڪرنل راشد کي رني ڪوٽ تائين پهچڻ جي سهولت فراهم ڪئي. هن مون کي ٻڌايو ته ذوالفقار ڀٽو مون وٽ آيو هو ۽ چيائين ته ايوب خان پاڻ ووٽن لاءِ هلي اچڻ لاءِ تيار آهي مون حمايت کان انڪار ڪندي کيس ٻڌايو ته تو وڏيون ڪاميابيون ماڻيون آهن ۽ جنهن تي اسان کي فخر آهي پر ايوب توکي گهڻو وقت برداشت نه ڪندو ۽ توکي فارغ ڪندو ان لاءِ خبردار رهجان، سيد مون کي سندس ۽ قائداعظم وچ ۾ ٿيل رابطن جا ثبوت به ڏيکاريا ۽ هن ان جو ذڪر پنهنجي ڪتاب ”اسٽرگل فار نيو سنڌ“ ۾ به ڪيو آهي. جي ايم سيد کي رني ڪوٽ جي تاريخ جي به مڪمل ڄاڻ هئي ۽ هن اسان کي ڪوٽ جي دروازن جا نالا به ٻڌايا. ڪرنل راشد جو رني ڪوٽ تي آرٽيڪل اقبال رويو ۾ ڇپيو. کيس مڃتا ملي ۽ هن جي ايم سيد جي دعوت جناح اسپتال ۾ ڪئي جتي هو ايم ايس هو، هن سيد جي ساراهه ڪئي پر جڏهن سيد کي ان اسپتال مان علاج ڪرائڻ جي ضرورت پئي ته هن اهو چئي انڪار ڪيو ته هو ڪنهن ملڪ دشمن جو علاج نه ٿو ڪري سگهي جنهن جو سڀ کان وڌيڪ ڏک حسام الدين راشدي کي ٿيو جنهن ڪرنل کي سيد سان متعارف ڪرايو هو. سيد جي اڳ ڪٿي موجب جنوري ۱۹۶۶ع ۾ تاشقند ٺاهه بعد ايوب خان ذوالفقار ڀُٽي ۽ نواب آف ڪالاباغ کي حڪومت مان ڪڍي ڇڏيو ڇو ته ٻنهي کي تمام گهڻي اهميت ملي هئي. ۱۹۶۵ع ۾ جي ايم سيد سان ملاقات ٿي ته ايوب خان جي زميني سڌارن جي حمايت ڪيائين جنهن مون کي حيران ڪري ڇڏيو. سندس موقف هو ته زميني سڌارن سان جاگيردارن جو زور ٽٽندو ۽ نئون وچولو طبقو جڙندو، زمين توڙي جو ڌارين کي ملندي پر يا ته اهي سنڌ ۾ ضم ٿيندا يا وري زمين سنڌي وچولي طبقي کي وڪڻي واپس هليا ويندا ۽ ڪجهه سالن بعد سيد جو اهو موقف به درست ثابت ٿيو. ايوب دور جي ڪرپشن لاءِ هن ملڪي ساخت کي ذميوار قرار ڏنو. آزادي کان اڳ ڪرپشن ڏوهه هو پر پاڪستان ۾ ان کي جائز سڏيو ويندو آهي. جي ايم سيد کي ٻه قومي نظريي ۽ پاڪستان مخالف قرار ڏئي ٻه سال قيد ڪيو ويو ۽ ۱۹۶۸ع ۾ آزاد ٿيو. کيس ٻڌايم ته حڪومت علي محمد شاهه راشدي کي سندس ڪتاب ”جنب گذاريم جن سين“ جو جواب لکڻ لاءِ چيو آهي. سيد چيو ته مون ڪتاب تي محنت ڪئي آهي پر ان جي نتيجي ۾ هاڻ سنڌي ادبي بورڊ تي ڏکيا ڏينهن ايندا. ٻيو ڇاپو نه ايندو ۽ بورڊ هاڻ رڳو ٻئي درجي جا ڪتاب شايع ڪندو. سندس ڪتاب ”موجوده سياست جا نَوَ رتن“ ۽ ”جيڪي ڏٺو مون“ انگريزي ۾ ترجمو ڪري سيڪريٽري اطلاعات کي ڏنا ويا پر انهن تي اهو چئي پابندي نه هنئي وئي ته پهريون ڪتاب قائداعظم، علامه اقبال ۽ سرسيد احمد خان ۽ ٻيو مذهب خلاف آهي جنهن سان سندس ئي ساک خراب ٿيندي. هن سنڌ جي بمبئي کان ڌار ٿيڻ بابت ڪتاب ۾ سنڌ کي پنجاب جو حصو بڻائڻ جي ڪوششن بابت ذڪر شايع نه ڪيو. هڪ ٻئي ڪتاب ۾ هن ون يونٽ بابت راشدي جو ۱۰ صفحن وارو بيان به ڪڍي ڇڏيو جنهن ۾ ون يونٽ دوران ڪلاس ٿري جون نوڪريون سنڌين کي ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي وئي هئي. جي ايم سيد پنهنجي پئسن مان سياست ڪئي، ۱۹۷۰ع ۾ مجيب الرحمان جي مان ۾ هوٽل انٽرڪانٽينينٽل ڪراچي ۾ دعوت ڪيائين جنهن جو خرچ ڀرڻ لاءِ کيس زمين وڪڻڻي پئي. هن شيخ مجيب جي ڇهن نڪتن جي به حمايت ڪئي. سيد جي چونڊن جو خرچ سيد حسن بخش شاهه ڀريندو هو پر ڀٽو دور ۾ هن اهو چئي خرچ ڏيڻ کان انڪار ڪيو ته حضور جن سندس خواب ۾ اچي کيس مدد ڪرڻ کان روڪيو آهي. سيد سمجهي ويو ته حسن بخش شاهه ذوالفقار ڀُٽي کان ڊڄي ويو آهي. ڀُٽي مخدوم طالب الموليٰ کي اماڻي ملڪ سڪندر جي حق ۾ هٿ کڻڻ جي صورت ۾ ٺٽي مان بنامقابلي ڪامياب ڪرائڻ ۽ پير علي محمد شاهه راشدي کي سيد جي پارٽي سنڌ يونائيٽيڊ فرنٽ جي ٽڪيٽ نه ڏيڻ جي آڇ ڪئي جيڪا هن رد ڪري ڇڏي ۽ چيائين ته مون کي خبر آهي ته آڇ رد ڪري هارائيندس پر منهنجو فيصلو اٽل آهي. هڪ ڀيري هڪ شخص سيد جي ڍڳي چوري ڪئي ماڻهو کيس پڪڙي وٺي آيا ته چور قرآن پاڪ جو قسم کنيو آهي ته هن ڍڳي نه چورائي آهي. سيد کيس ڇڏي ڏنو. ڪجهه وقت بعد ماڻهو ڍڳي پڪڙي آيا ۽ سيد چيو ته هي ڍڳي منهنجي نه آهي هن قسم کنيو آهي، ان لاءِ ڍڳي کيس الله ڏني آهي. سندس موقف هو ته ۹۹ سيڪڙو ماڻهو قسم تي اعتبار ڪن ٿا ۽ ان جو معاشري ۾ بهترين ڪردار آهي ۽ آئون ان کي جاري رکڻ چاهيان ٿو. (ايم ايڇ پنهور جي تاريخي مقالي مان چونڊ ٽڪرا) سنڌيڪار: جاويد بوزدار جي ايم سيد واديءَ مهراڻ جو عظيم قومپرست اڳواڻ حيدري چانڊيو ڄام نظام الدين سنڌ جو هاڪارو حاڪم ٿي گذريو آهي ۽ ان وقت دولهه دريا خان سنڌ جو وزيراعظم هو، جيڪو سندس ڀروسي جوڳو ماڻهو هو. پنهنجي گڏيل حڪمت عملي سان سنڌ تمام گهڻي ترقي ڪئي هئي ۽ امن امان جي حالت تمام بهتر هئي، مجال هئي ڪنهن ڌارئي ڌاڙيل جي جو سنڌ ڏي ميري اک ڪري نهاري! هن ڳالهه ۾ ڪو وڌاءُ ڪونه ٿيندو ته ڄام نظام الدين سنڌي قوم جي ماڻهن جي دلين جو شهنشاهه ۽ سندس وزيراعظم دولهه دريا خان سنڌي قوم جي دلين جو هيرو هو ۽ ٻنهي سڄي عمر سنڌ ۽ سنڌي قوم سان ساٿ نڀايو، آخر ٻئي مڪليءَ جي مقام کي محلات بنائي وڃي اصل لاءِ آرامي ٿيا، انهيءَ ڳالهه کي اٽڪل پنج سؤ سال ٿيندا، مون نه سنڌ جي انهيءَ بادشاهه کي ڏٺو نه وري سندس وزيراعظم دولهه دريا خان کي ڏٺو، مون رڳو تاريخ جي ورقن ۾ پنهنجون سنڌ ۽ سنڌي قوم سان ناتي نڀائڻ جون ڳالهيون پڙهيون ۽ ٻڌيون! پر مون هڪ اهڙو لکن جو مٽ رانجهو ۽ ٻيو سندس عملي پيروڪار خليفي ٻنهين کي ضرور ڏٺو، جيڪي سڄي عمر سنڌ جا فدائي ۽ سنڌي قوم جي ڀلائي لاءِ پاڻ پتوڙيندا رهيا، انهيءَ ۾ پهريون نمبر آهي جي ايم سيد ۽ ٻيو نمبر اچي ٿو سندس خليفي عبدالواحد آريسر جو، تاريخ جي نسبت سان آئون هت ذڪر ڪندس جي ايم سيد جو، جيڪو ضلعي دادو جي قديم شهر سن ۾ ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ع تي سيد خاندان جي پشت مان محمد شاهه جي حويليءَ ۾ پيدا ٿيو، جيڪو اڳتي هلي تاريخ ساز انسان ثابت ٿيو. اهڙا عظيم انسان جيڪي سال جي ڪن مهينن ۽ مهينن جي ڪن ڏينهن ۽ تاريخن ۾ جنم وٺندا آهن ته اهي سال، مهينا ۽ اهي تاريخون سندن امر نالن سان سڃاتا ويندا آهن. اهڙي طرح ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ع کي جي ايم سيد جي ماکيان مٺي نالي جي جنم ڏينهن سان سڃاتو وڃي ٿو، جيڪو سنڌي قوم لاءِ وڏي اهميت وارو ڏينهن آهي. سندس جنم ڏينهن جي نسبت سان آئون مختصر اهو چوندس ته جي ايم سيد جي رڳن ۾ رت سان گڏ سنڌ جي محبت به گردش ڪندي رهي. هن پنهنجي سڄي زندگي سنڌي قوم جي ستل نصيب کي جاڳائڻ لاءِ لڳاتار جدوجهد ڪندو رهيو. سنڌ ۽ سنڌي قوم سان سندس وفاداريون ايتريون ته مضبوطي سان ثابت ٿيل آهن جو جڏهن به سنڌ ۽ سنڌي قوم جي مٿان ڪا مصيبت اچي ٿي ڪڙڪي ته هر پارٽي وارو ماڻهو کيس ياد ڪري هي چوڻ تي مجبور ٿو ٿئي ته، ”يار جي ايم سيد سچو هو!“ هي هڪ حقيقت آهي ته سنڌ ۽ سنڌي قوم جي ڀلائي ۽ رهنمائي لاءِ قدرت هڪ هيرو عطا ڪيو هو، جنهن جي روشن خيالي ۽ وسيع النظري هيٺ سنڌي قوم کي انقلابي سياسي سوچ ملي، جنهن سان سنڌ جي حقن حاصل ڪرڻ جو سبق مليو. سنڌي قوم کي سياسي، اقتصادي، ثقافتي ۽ خودمختياري جو احساس مليو، هن ڪڏهن به ”سون تي سيڻ مٽائڻ جي ڳالهه ڪانه ڪئي، سندس ساري توجهه سنڌي قوم جي اخلاقي اصلاح ۽ تربيت طرف رهي، سندس هر تقرير، هر تحرير ۾ نوجوانن لاءِ اهو پيغام هوندو هو ته پنهنجا اخلاق سڌاري بلند اخلاق بڻجو، جنهن ۾ اوهان جي ڀلائي جو راز سمايل آهي، پاڻ اجائي ڏيک ويک کان قطعي پري نهايت ئي اعليٰ اخلاقي جا مالڪ صوفي منش جا مالڪ هئا. مون پنهنجي عمر جا اٽڪل ۳۰ سال سندس نيازمندي ۾ گذاريا، هن وقت منهنجي عمر ۸۱ سال آهي، انهن ۸۱ سالن مان سائين جي ايم سيد سان گذاريل ۳۰ سالن کي ئي سجايو سمجهان ٿو، باقي عمر ڄڻ اجائي گذري! مون جي ايم سيد جهڙي عظيم انسان جي ڪچهرين ۾ ويهي، ماکيءَ کان به وڌيڪ مٺن گفتن ۽ سچائي جي شفاف چشمن مان مون جيڪي چڪيون چکيون، انهن جي روحاني لذت کي پنهنجي سيني اندر سانڍي رکيو آهي. ساڻس گڏ گهاريل گهڙيون منهنجي زندگيءَ جو اهم سرمايو آهن، هي هڪ حقيقت آهي ته سائين جي ايم سيد جن کي به سنڌي قوميت جو پيالو، پنهنجي هٿن سان تيار ڪري اکيون اکين ۾ ملائي هڪ انداز سان اچي چئي پياري پُر ڪيو، انهن کان اڃا تائين خمار نه لٿا آهن، جيڪي زماني مان لڏي ويا آهن ته اهي خمار کنيون ويا آهن، جيڪي جيئرا آهن، سي قوميت جي مئي جا متولا جهومندي نظر اچن ٿا. چون ٿا توڙي لک ڏيو بيان هي دل ڪا نه ڦرندي ڪانه، لالچي ليڊرن جا مسئلا مطلب وارا آهن، مطلب جا مروان، هي دل ڪانه ڦرندي ڪانه! هو جي ايم سيد جي ڏنل فڪر ۽ اصولن تي ڪاربند بڻجي پنهنجي حال آهر، جستجو ۾ مصروف آهن ۽ شيخ اياز جا لفظ ورجائي پيا ٿا پڇن ته: ”ڪڏهن ڪرندي ڪاڪ، ڪڏهن ملندو مينڌرو، پڇان وڏي واڪ، سڏ به ڏئي ڪو سنڌ مان!“ انهيءَ سڏ جو جواب اڄڪلهه نه جاگيردار ڀوتار ڏيندا نه رئيس وڏيرا ڏيندا ۽ نه وري مير پير ڏيندا. انهيءَ سڏ کي ورجائڻ وارا هن زماني مان ڪي لڏي ويا، ڪي لڏيندا پيا وڃن! پر پوءِ به سنڌ خالي ڪانهي ٿي! هن چوڻي جي ته: ”اڃان رڻ مان رڙ، اچي پئي اچي پئي، متان سمجهو ته، مئا مور سارا.“ سائين جي ايم سيد حقن جي حاصلات جي شمع اڃان اجهائي ناهي، جيڪا اڃا ٻري پئي ۽ ٻرندي رهندي! جي ايم سيد وٽ يونيورسٽين، ڪاليجن، اسڪولن جا وفد ايندا هئا ته سائين آيل نوجوان شاگردن سان مخاطب ٿيندي چوندو هو ته شاگردؤ! دنيا ۾ ڪيئي قومون عاد، ثمود وغيره جهڙيون آيون ۽ صالح نه هئڻ ڪري صفحه هستي تان مٽجي ويون، قدرت ڪنهن جي طرفداري نه ٿي ڪري، اوهان سنڌي نوجوان پاڻ ۾ صلاحيت پيدا نه ڪندا ته اوهان کي نئين مقابلي ۾ ڪو به بچائي نه سگهندو، ذهني صلاحيت ۽ اخلاق جي درستگي، زندگيءَ جي مقابلي ۾ تمام ڪارآمد شيون آهن، پنهنجي ڌرتي سنڌ سان وابستگي، پنهنجي ٻولي سان محبت، قديم روايات ۽ ڪلچر سان دلچسپي اوهان جا مشعل راهه هئڻ گهرجن. سنڌ کي اتحاد انساني، امن عالم، ترقي نوع، انسان لاءِ پيغام آهي، اوهان کي ان پيغام جو مشينري ٿي ڪم ڪرڻو آهي. سنڌ دنيا لاءِ محبت ۽ امن جو پيغامبر سنڌ حُب الوطني وفا، قرباني ۽ مهمان نوازي رواداري، غيرت، شرافت ۽ عزت جي صفات جو مخزن آهي، سندس مٽي اسان لاءِ مقدس ۽ خاڪ شفا آهي! هن جي هر شيءِ اسان لاءِ باعث رحمت آهي، پيغمبر خدا کي سرزمين سنڌ کان جنت جهڙي ٿڌڙي هير لڳي هئي، ان ڪري ان جون دعوائون وسن پيون ٿيون. سنڌ جا دوست اسان جا دوست آهن، سنڌ جا دشمن اسان جا دشمن آهن! اسلام بابت جي ايم سيد جو چوڻ هو ته اسلام کي مڃڻ وارن جا ٻه گروهه رهيا آهن (۱) هڪ گروهه جو چوڻ آهي ته اسلام ماڻهن جي وچ ۾ مذهبي گروهن نسلن، قومن ۽ رنگن جي نالي ۾ کڙي ڪيل ديوارن کي ڊاهي انسان ذات ۾ اتحاد امن، فلاح ۽ بهبودي پکيڙڻ لاءِ آيو هو، اهو دين فطرت هو، جنهن جي ابتدا کان سڀني پيغمبرن پيغام ڏنو هو، اهو نئون دين ڪو نه هو، بلڪه ان مطابق سڀني مختلف مذهبن جي ظاهري ڪثرت پويان بنيادي وحدت سمايل هئي، اهڙي تعليم جو فروغ صحيح سمجهاڻي اخلاقي درستي ۽ نفسياتي اصلاح ذريعي تاليف قلوب، رواداري ۽ باهمي گفتگو وسيلي ٿيڻ هو. شدت، نفرت، نفاق، خود مطلبي، ان جي راهه ۾ رڪاوٽون هيون، دين جي معاملي ۾ زور زبردستي بلڪل ناجائز هئي، پيغمبر خدا رحمة العالمين ٿي آيل هو، هو غلامن کي آزاد ڪرائڻ، اجائي ڦرلٽ کي بند ڪرائڻ، انصاف جو دؤر قائم ڪرڻ ۽ دنيا ۾ امن امان ڪرڻ لاءِ آيل هو، نه ان ڪمن کي ئي مروج ڪرڻ لاءِ جي پوءِ ڪن ماڻهن، اسلام جي نالي ۾ ڌارين ملڪن کي غلام بنائڻ، ڦرلٽ، مار ڌاڙ ڪرڻ، آزاد ماڻهن کي غلام بڻائڻ جا ڪم ڪيا هئا! (۲) ٻئي گروهه جو چوڻ هو ته اسلام هڪ نئون مڪمل عالمگير مذهب ٿي آيل هو، ان جي اچڻ سان، ٻيا سڀ دين رد ٿي ويا هئا، هن جا مکيه متا هئا، توحيد، حج، زڪوات، روزو، نماز هئا، انهن متن ۽ ان دين جي شريعت (دستور العمل) کي زوري دنيا جي ماڻهن مٿان مسلط ڪرڻ هو، جنهن عمل کي جهاد جي نالي سان سڏيائون ٿي، ان ۾ ٻين ملڪن تي چڙهايون ڪري بي گناهه خونريزي ڪرڻ، ان تي قبضو ڪرڻ، ڦرلٽ ڪرڻ، مردن عورتن کي غلام ڪري رڍن ٻڪرين وانگر وڪڻڻ کي جائز ٿي سمجهو، اڃا تائين مسلمان، ساڳي طرح ٻن گروهن ۾ ورهايل آهن، جن ۾ پهريون گروهه جي مڃيندڙن کي بزرگن درويشن جو گروهه چيو وڃي ٿو، هنن جو چوڻ آهي ته اسلام جو فروغ تلوار ۽ تشدد جي ذريعي ڪو نه ٿيو هو، بلڪه تاليف قلوب ۽ بهترين اصولن ڪري ٿيو. اهو ماڻهن قبول ڪيو هو، مسلمان حاڪمن طرفان جي ملڪ گيري، ڦرلٽ ۽ ٻيا ڪيترائي ظلم ٿيا هئا، انهن جو اسلام سان ڪو تعلق ڪو نه هو، ٻئي گروهه جي پوئلڳي ڪندڙن کي مولوي چيو وڃي ٿو. هڪ طرف مذهب اسلام، امن ۽ سڪون جي خواهش ڏيکاري ٿو ۽ اهڙي تلقين ڪري ٿو، ٻئي طرف ڏسبو ته دنيا ۾ سڀ کان زياده بدامني ۽ خونريزي مذهب جي نالي ۾ ٿي رهي آهي، جنهن سبب خوني ديوَ ناچ پيو ڪري، ڪڏهن ڪٿي، ڪڏهن ڪٿي ناحق خون پيو وهائي، شدت پسندي جو وڌي وڃڻ، عذاب الاهي کان گهٽ نه آهي! سائين جي ايم سيد صدين کانپوءِ سنڌي قوم کي هڪ اهڙي رهنما ۽ مفڪر جي حيثيت ۾ مليو، جنهن وٽ عملي طرح پنهنجي فڪر جو تفسير موجود هو، جيڪو مرشد لطيف جي شاعري ۾ موجود هو، پر ان فڪر جو عملي پيروڪار جي ايم سيد ٿي ڏيکاريو. اهڙن عظيم انسانن لاءِ ئي مرشد لطيف کي چوڻو پيو ته، ڪاڪ نه جهليا ڪاپڙي، موهيا ڪنهن نه مال، جي ڇورين ڏنا ڇال، ته به لاهوتي لنگهي ويا. (شاهه) ڏٺو وڃي ته مرشد لطيف جي شاعري اسان جي اونداهي اندر ۾ سج وانگر سوجهرو پيدا ڪري ٿي ته جي ايم سيد وري ان فڪر جو تفسير بڻجي قومي اڳواڻ جي حيثيت سان اسان جي منزل کي اجاگر ڪيو، هن کي سنڌ ۽ سنڌي قوم جي عشق ۾ نظربنديون ۽ جيل جون مصيبتون ۽ پراون سان گڏ پنهنجن جون عقوبتون سهندي پنهنجي اصول کان نه هٽيو، هن تي اهي فتوائون به لڳيون ته هي سنڌي قوم جي ماڻهن خاص طرح نوجوانن کي ڪفر جون ڳالهيون ٻڌائي سندن ايمان جو ٻيڙو ٻوڙي رهيو آهي، مطلب ته هن جي راهه ۾ ڪٿي رڪاوٽون وجهي کيس جهُڪائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر هو ڪنهن جي اڳيان نه جهڪيو. آئون سمجهان ٿو ته سائين جي ايم سيد جابرن اڳيان جهُڪڻ نه پر جهُڪائڻ يا مهاڏي اٽڪائڻ لاءِ آيو هو، ڪنهن لٽيري سنڌي قوم جي حقن تي ڌاڙي هڻڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي ته جي ايم کيس هڪل ڪري ٿي چيس ته خبردار متان ائين ڪيو اٿئي! سائين جي ايم سيد برصغير پاڪ- هند جي اختلافي شخصيت هجڻ سان گڏ نهايت انقلابي شخصيت جو مالڪ هو، هو سنڌ جي سياست جا سمورا گر گس ڄاڻڻ سان گڏ هڪ اهڙي دل به رکندو هو، جيڪا قوميت سان گڏ انساني جذبن سان سرشار هئي، عملي سياستدان هجڻ سان گڏ وڏو سياسي مفڪر هو، هن سنڌي قوم جي اصلاح توڙي آزاديءَ جي جدوجهد جي سلسلي ۾ حال آهر اڀرندڙ سج جي پوڄارين جي وچ ۾ ويهي ڪري گهڻو ڪجهه ڪيو، پنهنجي علم، عقل جي وسعت ۽ گهرائي، پنهنجي غور فڪر جي روشني، پنهنجي عمل ۽ ڪردار جي بلندي، پنهنجي سچائي، پنهنجي سياسي، سماجي سگهه ۽ سمجهه سان سنڌي قوم جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو، هن سياسي سماجي ميدان ۾ رهندي سندس سارو توجهه سنڌي قوم جي اخلاقي اصلاح ۽ تربيت طرف رهيو. سندس هر تقرير هر تحرير ۾ نوجوانن لاءِ اهو پيغام هوندو هو ته اخلاق سڌاري، بلند اخلاق بڻجو، انهيءَ ۾ اوهان جي ڀلائي جو راز سمايل آهي! کين اها هدايت به ڪندو رهندو هو ته اوهان خوف ۽ لالچ کان پري رهو. پاڻ اجائي ڏيک ويک کان پري ۽ قطعي پري، نهايت ئي اعليٰ اخلاق جا مالڪ ۽ صوفي منش انسان هئا ۽ مهمان نوازي ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئا، هن جو چوڻ هو ته کائڻ جو مزو ته سڀڪو وٺي ٿو، پر کارائڻ جو مزو اڃا ڪو ٻيو آهي. مون سي ڏٺا ماءُ، جني ڏٺو پرين کي، تِني سندي ڪاءِ، ڪري سگهان نه ڳالهڙي! (شاهه) جي ايم سيد جون ڳالهيون ارباب ڇڄڙو انسان به گوشت پوشت جو هڪ ٺهيل مجسمو آهي، جنهن ۾ سڀ اهي نشانيون پڻ شامل آهن. جن جو مرڪب آهي. باهه، لوهه، هوا، مٽي ۽ پاڻي ۽ سڄي عمر ان جي دائري کان ٻاهر ڪو نه ٿو نڪري سگهي. ان لاءِ گيتا کان فرقان تائين سڀ ڪتاب شاهد آهن. ان ڪري ڪڏهن ماڻهو باهه آهي، ڪڏهن پاڻي، ڪڏهن مٽي ۽ ڪاوڙ ۾ باهه، رحم ۾. مٽي ۽ پاڻي. جڏهن هن ۾ لوهه جو عنصر اچي ٿو ته، هو پنهنجي قول ۽ فعل تي پڪو ٿي بيهي رهي ٿو. اسان مان ڪيترن ڏٺو هو ته، سائين جي ايم سيد محبت ۾ ماکيءَ ۽ ڪاوڙ ۾ لوهه هيو. وقت کان ڪڙو هيو، نرم وري ايترو جو ڳالهين هلندي ڪنهن ساٿيءَ جي بيوفائي ياد ايندي هيس ته روئي ويهندو هو. جهڙو انسان مٽيءَ وانگر ڀور ڀور ٿي پوندو هو. سچ چوڻ جو اهو عالم هيو جو جناح کان پير صاحب پاڳاري تائين هر هڪ کي منهن تي سچ چوڻ کان ڪو نه لهرائيندو هو. جڏهن ڪو ٻڌائيندو هوس ته توهان جو فلاڻو ڪارڪن ڀتا خوري ٿو ڪري تڏهن روئي ويهندو هو ۽ پوءِ ان کي ڪچيون پڪيون سڀ گاريون ڏيندو هو. ڪنهن صحافيءَ جي پڇيل جواب ۾ چيو هئائين ته، ها، مان گاريون ڏيندو آهيان، پٽيندو ان ڪري نه آهيان ته متان ڪو پاراتو لڳي نه وڃي. جڏهن ڪو پيءُ پٽ تي ڪاوڙجندو آهي. تڏهن هو پٽ کي پاراتا ڏيندو آهي پر جي ايم سيد ائين ڪڏهن به ڪو نه ڪيو هو. مهاتما گانڌيءَ لاءِ مشهور آهي ته، هن ڪڏهن به ڪنهن کي جھڙڪيو نه هو. پر هڪ ڀيري هڪ ڪارڪن کي بک لڳي ۽ بي وقتي ماني گهري هئائين ته گانڌي جي ان کي ڌڪو ڏئي چيو هو وقت جو انتظار ڪر. پر جي ايم سيد وت ڪنهن وقت به مهمان آيو ماني حاضر هوندي هئي. ڪي ڪارڪن ته، فرمائشون ڪندا هئا. هي کپي هو کپي، سيد اها شئي ان وقت حاضر ڪئي هوندي. جڏهن سيد هليو ويو. تڏهن چاچي غلام قادر مون کي ۽ حاجي سڪندر ڪورائيءَ کي چيو هو ته هاڻي توهان جون فرمائشون پوريون ڪرڻ وارو ڪو نه رهيو آهي. تڏهن اسان جون اکيون عشق بار ٿي ويون هيون هڪ ڀيري سيد جي اندرين اوطاق تي ويٺا هئاسين. اتي هڪ کٽ تي ٻلو ننڊ پيو هو. ڪنهن دوست ان کٽ تي ويهڻ جي ڪئي ته سيد چيس. بابا هيڏانهن اچي ويهه. ٻلي جي ننڊ خراب ٿيندي. انسان ته ڇا پر هڪ جانور جي ننڊ جو به خيال ٿي رکيائين. هڪ ڀيري هڪ چور سيد جي ڳئون چوري ڪري ويو، ڌنار خبر چار وٺي. اچي سيد کي ٻڌايو ته فلاڻو ڳئون چوري ڪري ويو آهي پاڻ ان چور کي گهرائي چيائين بابا جي ڳئون تو وٽ آهي ته، اسان کي ڏئي وڃ. ڪا به ٻي سزا نه آهي. همراهه ڀري ڪچهريءَ ۾ چيو. نه سائين مون ڳئون ناهي چو ري ڪئي. چور هليو ويو، ٿورن ڏينهن کانپوءِ ڪجهه ماڻهو ڳئون سميت ان چور کي ٻڌي وٺي آيا. ان وقت به ڀري ڪچهري جاري هئي. سيد چيو بابا اها ڳئون منهنجي نه آهي ۽ چور کي ڳئون سميت ڇڏي ڏنائين.پڇڻ تي پوءِ ٻڌايائين ته، هيترن ماڻهن ۾ هن جو من مجروح ٿئي ها. انسانيت جو علم بردار جي ايم سيد هوندو هو. موري جو ڪارڪن. ڪامريڊ مٺل حيدري چانڊيو. سان سيد چرچا ڀوڳ ڪندو هو ۽ مٺل به سائينءَ سان چرچا ڪندو هو. اهڙا چرچا جو اسان جي کل بند ڪا نه ٿيندي هئي. ڀٽ ڌڻي وڳند جت سان چرچا ڪندو هو. هت به ساڳيو نمونو هوندو هو. اڄ به اسان پنهنجي جھوني ڪامريڊ مٺل چانڊيي کان اهي چرچا ٻڌي کلي ويهندا آهيون ۽ پوءِ اداس!؟ جي ايم سيد ۽ ڀٽ ڌڻيءَ ۾ بس هي فرق آهي. جو شاهه لطيف رح سنڌي قوم کي شاعري ڪري سجاڳ ڪيو ته، سائين جي ايم سيد نثر لکي سنڌي قوم کي پنهنجي ماضي، حال ۽ مستقبل جون ڳالهيون ٻڌايون ۽ ان کي پنهنجو شاندار ماضي ٻڌايو ۽ سيد جي هيرا ڏنا. جھڙوڪه راجا ڏاهر،دودو سومرو، دولهه درياهه خان، هوشو شيدي، مخدوم بلاول ۽ ٻيا. هن ٻڌايو ته لٽيرا ڪڏهن به هيرا نه هوندا آهن. هو ڌاڙيل ۽ ڦورو هوندا آهن. توڙي جو هو ڪهڙو به چوغاپائي اچن. ڦورو بس ڦورو آهي. ان جي ايم سيد پاڪستان لاءِ پوري سنڌ جي ماڻهن کي مسلم ليگ ۾ آندو ۽ ۱۹۴۳ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ مان پاڪستان لاءِ قرارداد پيش ڪئي ۽ پاس ڪرائي جڏهن پاڪستان ٺهيو ته، هڪ به سنڌي حڪومت ۾ نه کنيو ويو، پوءِ ايوب کهڙي جي ڀرپور جدوجهد کان پوءِ هڪ وزارت ملي جيڪا عبدالستار پيرزادي کي ڏني وئي، سنڌين سان هي پهرين جٺ هئي ۽ پوءِ سنڌين کي طرحين طرحين جا طعنا سهڻا پيا. ڪنهن چيو. سنڌي گڏهن چارڻ وارا آهن، ڪنهن چيو. ننڍي صوبن وارا ننڍي دماغ جا مالڪ آهن. توڙي جو. سر آغا خان جنهن مسلم ليگ ڍاڪا ۾ جوڙي هئي. جناح صاحب، شيخ عبدالمجيد سنڌي جنهن ۱۹۳۸ع ۾ پاڪستان لاءِ پهريون ڀيرو قرارداد پيش ڪئي ۽ پاس ڪرائي ۽ سائين جي ايم سيد سميت سڀ جو سڀ سنڌي ليڊر هئا. جن پاڪستان جوڙيو هو. انهن کي اهڙا القاب ٿي مليا ۽ سنڌ جي زمين، سنڌ جون نوڪريون سڀ غير سنڌين لاءِ مال غنيمت هيون. ڌارين تي فضل ربي رهيو. جي ايم سيد ته هر هر جيل موڪليو ٿي ويو. خدا هن تي ناراض هيو، زمين هن لاءِ تتل هئي. حڪمران ان تي ڏمريل هئا. جڏهن اسان جو هڪ سنڌي جناب ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جو وزيراعظم ٿيو ۽ سنڌ کي ڪو به حق نه مليو، رهندو رهيو کهيو مال به ڌارين جي حوالي ٿي ويو هو. حيدرآباد ۽ نواب شاهه ۾ سيد تي خوني حملا ٿيا.تڏهن سيد تجربي جي بنياد تي اعلان ڪيو ته، هاڻي سواءِ سنڌ جي آزاديءَ جي ٻيو ڪو به رستو نه رهيو آهي.ان اعلان کي سنڌ جي وڏيرن، پيرن ۽ ملن ڪا به موٽ ڪا نه ڏني ڇو ته، هو مفت خور آهن. پر سنڌ يونيورسٽيءَ جي روشن خيال نوجوان شاگردن کيس اکين تي رکيو ۽ جدوجهد جو اعلان ڪيو. ائين ڏسندي ڏسندي حق راهه تي سر ڏيڻ وارن جي هڪ فوج تيار ٿي وئي. ۽ پوءِ انهن کي بنا موت جي ماريو ويو ۽ اهي اڄ تائين موت کي ڀاڪر پايو بيٺا آهن، پر سنڌ امڙ ڪنهن ايري غيري کي ڏيڻ لاءِ تيار ئي نه آهن. دنيا جا سمورا غير معمولي ماڻهو متنازعه رهيا آهن. يسوع مسيح هجي يا آئزڪ نيوٽن، حضرف محمد صه هجي يا گئليلو، سقراط هجي يا مارٽن لوٿرڪنگ، ڪارل مارڪس هجي يا مهاتما گانڌي، ابوالڪلام هجي يا غفار خان، انهن سڀني جي متنازعه هجڻ جو مکيه سبب هڪڙو ۽ ساڳيو آهي. اهو اهو ته انهن سڀني غير معمولي شخصن معمول مطابق هلندڙ زندگيءَ ۾ طلاطم پيدا ڪيو. پنهنجي پنهنجي وقت جي مروجه سوچن ۽ عقيدن، ريتن، قاعدن ۽ قانون کي چئلينج ڪيو. وقت جي غالب ۽ ناڪاري قوتن سان سرچاءُ ڪرڻ جي بجاءِ انهن سماج جي ڍڪيل ۽ ڪمزور محسوس ٿيندڙ هاڪاري قوتن کي نمايان ڪيو ۽ ناڪاري قوتن سان ويڙهه ۾ انهن جي قيادت ڪئي. اڄ سائين جي ايم سيد جو نظريو عام ٿي رهيو آهي، پر سندس ڪارڪن ٽولن ۾ ورهائجي ويا آهن. سن جي شهر ۾ هر سال الڳ الڳ ڪيترائي جلسا ٿي رهيا آهن. هر هڪ اديب ۽ دانشور کين صلاح ڏئي رهيو آهي ته ٻڌي ڪريو پر اڃا اٺ بيٺو آهي. اڄ سيد جي ۱۱۷ هين سالگرهه آهي، ان لاءِ آزادي پسند سڀني قومن کي ان جي مبارڪ ڏجي ٿي، جيڪي آزاديءَ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهن. جھونا ڳڙه جُهرندو، پوندي جھانءِ، جھروڪ ۾. (شاهه) جي ايم سيد ۽ قومي تحريڪ جو مستقبل عبدالخالق جوڻيجو سنڌ جي قومي تحريڪ تي اڄڪلهه هڪ نئين ۽ مختلف پاسي کان گفتگو ٿيڻ شروع ٿي آهي. هڪڙن ماڻهن جو چوڻ آهي ته ”قومي تحريڪ اڳي جي ڀيٽ ۾ ڪمزور ٿي آهي“. ٻيو خيال اهو آهي ته ”قومي تحريڪ سوچ جي لحاظ کان وڌيڪ وسيع ۽ طاقتور ٿي آهي پر عملي طور اڳي جي ڀيٽ ۾ ڪمزور ٿي آهي“. اڃا ٽيان ماڻهو ته سواليه نشان لڳائيندي پڇن ٿا ته ”قومي تحريڪ آهي به ڇا“، يا اهو ته ”سنڌي قوم اڳتي نڪري ويئي آهي، قومپرست ليڊر پوئتي رهجي ويا آهن“. انهن سوالن ۾ جزوي سچائي ضرور آهي. هڪڙا ته قومي تحريڪ جا دشمن آهن (ڌاريا حڪمران توڙي مقامي سنڌي) جيڪي قومي تحريڪ کي ڪمزور ڪرڻ ۽ هڪڙو منفي مايوسيءَ وارو ماحول پيدا ڪرڻ خاطر اهڙا سوال اٿارين ٿا پر اها به حقيقت آهي ته انهن تبصرن ۽ تجزين کي رڳو ”سنڌ دشمنن جي سازش“ چئي رد نٿو ڪري سگهجي. انهن ۾ ڪجهه سچائي بلڪل آهي. فڪري طور قومي تحريڪ جي طاقت ۽ وسعت جو ثبوت اهو آهي ته پيپلز پارٽي، مسلم ليگ ۽ جماعت اسلامي جهڙيون پارٽيون جيڪي پيدائشي ۽ فطري طور سنڌ جي قومي وجود جون مخالف آهن ۽ سنڌ جي قومي تحريڪ کي ”اسلام ۽ نظريه پاڪستان“ جي خلاف قرار ڏينديون رهيون آهن اهي به اڄ پاڻ کي سنڌ ۾ سياسي طور زندهه رکڻ خاطر سنڌ ۽ سنڌين جي حقن جي ۽ انهن سان ٿيندڙ ناانصافين جي ڳالهه ڪرڻ تي مجبور آهن ۽ ڪمزوريءَ جو اظهار تڏهن ٿئي ٿو جڏهن انهن پارٽين سان واڳيل قومپرستيءَ جا ازلي دشمن پير، مير، وڏيرا ۽ ڪرپٽ وزير، مشير ۽ اسيمبلي ميمبر اها لٻاڙ هڻندا آهن ته ”اسان کان وڌيڪ قومپرست ڪوئي ناهي“. ماضيءَ ۾ جيڪڏهن غلطيءَ سان به انهن جي نالي سان قومپرست جو لفظ اچي ويندو هئو ته اهي ”قسم قرآن“ کڻي رڙيون ڪندي چوندا هئا ته ”اسان قومپرست ناهيون“. صحيح ۽ غلط، سچ ۽ ڪوڙ کي ڌار ڪرڻ ۽ حقيقتن کي سامهون آڻڻ لاءِ ضروري آهي ته اسان سنڌ جي قومي تحريڪ جو ۽ قومپرست پارٽين ۽ ليڊرن جي ڪردار جو ڇيد ڪريون ڇاڪاڻ ته ”مرض جو علاج ڪرڻ لاءِ ان جي ڪارڻن جي تشخيص ڪرڻ لازمي عمل آهي“. اتي ٻه رايا آهن. هڪڙن دوستن جو چوڻ آهي ته ”جيئن ته سنڌ مشڪل صورتحال مان لنگهي رهي آهي تنهن ڪري اختلاف ۽ تنقيد کان پاسو ڪرڻ کپي“ جڏهن ته مان ان راءِ جو آهيان ته ”جيئن ته سنڌ مشڪل صورتحال کي منهن ڏيئي رهي آهي تنهن ڪري لازمي آهي ته پنهنجو تنقيدي جائزو وٺون ۽ صورتحال تي گهڻ طرفو بحث ڪريون“. سنڌ ۾ قومپرستي ۽ قومي تحريڪ جو سڀ کان وڏو حوالو سائين جي.ايم.سيد آهي. صحيح ٿيندو ته اسان موجوده صورتحال جو جائزو سندس حوالي سان وٺون. سائينءَ جنهن ”جديد قومپرستي“ جي ڳالهه ڪئي ان يورپ ۾ سماجي ارتقا جي هڪڙي مخصوص مرحلي تي وجود ورتو. مذهب (چرچ)، جاگيرداري، ۽ فوجي سلطنتن جي بالادستيءَ ۽ ڳٺ جوڙ تي مشتمل ”اونداهي دور“ (Dark Ages) واري يورپ ۾ جڏهن ”سجاڳي“ (Renaissance) جي لهر اٿي ته نيون قوتون اڀريون جن اونداهيءَ جي علمبردار عنصرن کي چئلينج ڪيو، انهن سان ڊگهي ۽ خطرناڪ جنگ ڪئي ۽ انهن کي شڪست ڏني، تڏهن نئين يورپ جنم ورتو جيڪو گذريل اٽڪل پنج سئو سالن کان دنيا جي اڳواڻي ۽ ان تي حڪمراني ڪري رهيو آهي. اهي نوان ۽ ترقي پسند عنصر هئا سيڪيولرزم، واپار ۽ صنعت ۽ قومي رياستون. سائين جي.ايم.سيد جو ڪارنامو اهو هئو ته هن سنڌ جي ماڻهن ۾ لاشعوري طور موجود حب الوطنيءَ جي جذبي کي شعوري شڪل ڏني. يورپ جي تجربي مان فائدو وٺندي اتي سرجندڙ جديد علم کي هن سنڌ جي حالتن تي لاڳو ڪيو. سنڌ جي تاريخ جي مطالعي، سنڌي سماج جي جائزي ۽ سياسي جدوجهد ۾ پنهنجي تجربن کي سموهي هن سنڌ جي قومپرستيءَ کي واضح ۽ مضبوط بنيادن تي بيهاريو ۽ ان لاءِ اقرار به ڪيائين ته ”مان تجربا ڪري، هٿ ساڙائي هنن نتيجن تي پهتو آهيان“. اهي نتيجا اهي هئا ته مذهب جي نالي تي ۽ فوجي طاقت جي بنياد تي بيٺل رياست سنڌ جي قومي نجات ۽ انسان ذات جي ڀلائيءَ ۾ رڪاوٽ آهي ۽ سنڌ جي سياسي، ثقافتي ۽ اقتصادي آزاديءَ خاطر جدوجهد ۾ پيرن، ميرن ۽ جاگيردارن مان ڪا اميد نه رکڻ گهرجي. ۽ پوءِ بنگلا ديش واري سڀ کان وڏي ۽ فيصلائتي تجربي کان پوءِ جڏهن هُن آزاد، خودمختار ۽ خوشحال سنڌ لاءِ جدوجهد جي نئين مرحلي جي شروعات ڪئي ته ڪوبه وڏيرو، جاگيردار، مير، پير يا ملا ان جدوجهد ۾ نه رهيو. تحريڪ ۽ تنظيم جو مکيه ڪم سائينءَ اڀرندڙ مڊل ڪلاس جي نئين نسل تي رکيو جيتوڻيڪ ان ۾ تمام گهڻيون اوڻايون، ڪچايون، ڪوتاهيون هيون ۽ اهي غلطيون به ڪري رهيا هئا جن جو ذڪر به سائين پنهنجي تقريرن ۽ تحريرن ۾ ڪندو رهيو. ان کان علاوه فيصلائتي قوت سنڌي عوام کي سمجهندو هئو جنهن لاءِ نه رڳو ائين چوندو هئو ته ”قومي تحريڪ تڏهن ڪامياب ٿي سگهندي جڏهن سنڌي ماڻهن جي اڪثريت ان ۾ حصو وٺندي“ پر مختلف حڪومتن طرفان مليل ڊگهي قيد ۽ نظربنديءَ کان جڏهن به ۽ جيئن ئي آزادي ملندي هئس ته عوامي رابطي جي دوري تي نڪري پوندو هئو. ان لاءِ نه موسم جي سردي گرميءَ کي ڏسندو هئو ۽ نه ئي عمر جو يا صحت جو خيال ڪندو هئو. انهن بنيادن تي قومي تحريڪ جو جائزو وٺبو ته ٿلهي ليکي ان جا ٻه پاسا ٿيندا؛ هڪڙو نظرياتي ۽ ٻيو عملي. ۽ ان جائزي ۾ يقيني طور وڌيڪ خبر انهن ماڻهن جي وٺڻي پوندي جيڪي نه رڳو قومي تحريڪ جا سرگرم ڪردار هئا پر سيد جا به ”حامي ۽ پوئلڳ“ هئا. هر باشعور ماڻهو بغير ڪنهن دوربيني يا سرچ لائيٽ جي ڏسي سگهي ٿو ته هتي گذريل چوٿائي صديءَ دوران ”هر ڪم“ سيد جي سوچ ۽ عمل جي ابتڙ ڪيو ويو آهي خاص ڪري انهن ماڻهن جي طرفان جيڪي پاڻ کي ”سيد جو سچو سپاهي“ چورائيندا هئا جن کي ميڊيا وارن جي اڪثريت اڳتي وڌائيندي يا پروموٽ (Promote) ڪندي رهي آهي. اهو چوڻ جي ڪا ضرورت ڪانهي ته ان ميڊيا جي اڪثريت جي اولين ترجيح سندن مالي مفاد هوندا آهن ۽ ان لاءِ اهي رياستي پاليسين کي سامهون رکي پنهنجون پاليسيون ٺاهيندا آهن. مزي جي ڳالهه ته انهن جي اڪثريت جي ايم سيد خلاف سدائين منفي رويو اختيار ڪندي آهي ۽ سندس گلا ۽ گهٽتائي ڪرڻ خاطر ڪوڙيون ڪهاڻيون گهڙڻ کان به نه ڪيٻائيندي آهي. نيشنلزم جي تاريخي پس منظر ۽ سيد جي تعليم جي روشنيءَ ۾ قومي تحريڪ لاءِ لازمي آهي ته اها سيڪيولر هجي، اها جاگيردار مخالف هجي ۽ اها سامراج دشمن هجي. جتي تاريخ ٻڌائي ٿي ته يورپ ۾ نيشنلزم جي جنگ چرچ سان رهي اتي جي.ايم.سيد ڏيکاريو ته سنڌ ۾ قومپرستيءَ جو مقابلو پئن-اسلام ازم سان رهيو آهي. پر ماضي قريب ۾ قومپرستيءَ جو نعرو هڻندڙ ۽ سيد جي نالي ۾ سياست ڪندڙ ڪيترن همراهن نيشنلزم ۽ پئن-اسلام ازم جي فرق کي ئي مٽائي ڇڏيو. انهن اڄوڪن پئن-اسلام ازم جي سنڌ ۾ سرپرستن کي ”عظيم قومپرست“ قرار ڏيئي ڇڏيو. اهو ته ايئن ٿيو ته ڪير چوي ته نريندر مودي اسلام جو سچو سپاهي آهي يا بنجمن نيتن ياهو فلسطين جو وڏو خيرخواهه آهي. جن مذهبي انتها پسندن کي ”سيد جا سپاهي“ عظيم قومپرست ٿا چون انهن ته ڪڏهن پاڻ کي سنڌي قوم جو حصو نه چيو. اهي ته سنڌين کي قوم ئي ناهن مڃيندا. اهي ته اهي انتها پسند آهن جن جي خطري کان دنيا کي خبردار ڪرڻ لاءِ جي.ايم.سيد ۵۵ سال پهرين يورپ جو سفر ڪيو هئو. ساڳيو حشر نيشنلزم جي ٻئي جز جاگيردار مخالف جو ڪيو ويو. تاريخي طور جاگيردار وقت جي اسٽيبلشمينٽ ۽ بالادست قوتن جو ساٿاري رهيو آهي. سنڌ جي جاگيردار، پير مير کي ڏسجي ته اهو مغلن جو به ساٿاري رهيو ته انگريزن جو به ايجنٽ رهيو ۽ پاڪستان ۾ فوجي حڪومت هجي ته ان سان گڏ، جيڪڏهن پيپلز پارٽي اقتدار ۾ هجي ته ان سان، جي مسلم ليگ هجي ته ان سان گڏ. ڪن ته اهڙا به مثال قائم ڪيا جو هڪ ئي وقت حڪومت ۾ به ته مخالف ڌر ۾ به يا هڪڙو ڀاءُ هڪڙي پارٽيءَ سان ته ٻيو ٻيءَ سان پوءِ جيڪا اقتدار ۾ آئي. ماضيءَ جي شاندار ون يونٽ مخالف تحريڪ جي خوبي اها هئي ته اسٽيبلشمينٽ جي وفادار وڏيرن، پيرن، ميرن ۽ محب وطن ماڻهن جي وچ ۾ ليڪ چٽي نڪتل هئي. ان ڪري تعداد ۾ گهٽ هجڻ جي باوجود ان تحريڪ ۾ ايتري طاقت هئي جو اقتدار پرستن کي ليڪ جي ٻئي پاسي ڏسڻ جي به همٿ نه ٿيندي هئي جڏهن ته وطن دوست سياسي ڪارڪن، اديب، شاگرد يا هاري وڏيرن وٽ وڃڻ جو سوچيندا به نه هئا. جيڪڏهن اتفاق سان ڪنهن اها ليڪ پار ڪئي ته اهو ڪُڙم جو ڪوڙهيو ليکيو ويندو هئو. وري جڏهن قومي تحريڪ جو نئون مرحلو شروع ڪندي سائين جي.ايم.سيد سنڌ جي قومي آزاديءَ خاطر جدوجهد ڪرڻ لاءِ جيئي سنڌ محاذ قائم ڪيو ته ان ۾ سڀ هيٺئين طبقي جا ڪارڪن شامل هئا. اهي بسن ۾، بسن جي ڇتين تي ۽ ڏاند گاڏين تي چڙهي يا پيدل سفر ڪري قومي ۽ سياسي ڪم ڪندا هئا. انهن جي ڪم جو ميدان ڳوٺ، واهڻ وستيون، ان جا ديرا، ڪارخانا ۽ مزدورن جون ڪالونيون هوندو هئو. اهي ڇنن ۾، جهوپڙين ۾ تڏن تي يا مسجد جي فرش تي ويهي، باغن ۾ وڻ جي ڇانوَ هيٺان يا پارڪن جي ڇٻر تي ويهي ماڻهن تائين پنهنجو پيغام پهچائيندا هئا. ۽ سندن مخاطب به سڀئي مسڪين ماڻهو، هاري، مزدور، ننڍا دڪاندار، استاد، ڪلارڪ، پوليس وارا، ڊرائيور، ملاح وغيره هوندا هئا. اهڙو ڪم جو طريقو ۽ سلسلو ۱۹۸۰ جي ڏهاڪي تائين جاري رهيو. ۱۹۹۰ جو ڏهاڪو ايندي قومي جدوجهد جي ميدان ۾ نوان ”شهسوار“ داخل ٿيا هئا، اهي به غريب جا ٻار پر اڳ وارا ڪارڪن پنهنجي غريب ۽ غريبن جي ساٿي هجڻ تي فخر ڪندا هئا جڏهن ته نوان آيل غربت کي شرمندگيءَ جو باعث سمجهڻ لڳا تنهن ڪري پهريون ڪم انهن پنهنجي لاءِ دولت گڏ ڪرڻ جو ڪيو. ان لاءِ انهن هر ”جائز ناجائز“ طريقي کي جائز ۽ لازمي قرار ڏنو. ان ڪم ۾ انهن کي جيئي سنڌ محاذ، ان جون پاليسيون ۽ ان جا ڪارڪن رڪاوٽ نظر آيا، تنهن ڪري انهن پنهنجون الڳ الڳ پارٽيون ٺاهڻ شروع ڪيون. پئسي گڏ ڪرڻ ۽ ان جي حفاظت ۽ واڌاري لاءِ انهن کي ڪرپٽ ڪامورن ۽ وڏيرن، جاگيردارن جي ساٿ جي ضرورت پئي. اهڙيءَ طرح انهن جو پنهنجو ۽ انهن جي سياست جو ڪيريڪٽر تبديل ٿيڻ لڳو. هڪ طرف اهي اسٽيبلشمينٽ جي ساٿاري وڏيرن، پيرن ميرن کي ويجها ٿيڻ لڳا ته ٻئي طرف پاڻ جاگيرداراڻا رنگ ڍنگ اختيار ڪرڻ لڳا. جاگيرداراڻي روايت مطابق پاڻ کان طاقتور جي آڏو اهي پاڻ جهڪندا هئا ته ڪمزور وري انهن جي آڏو جهڪندا هئا. هڪ طرف اهي جاگيردارن جي جرڳن ۾ ويهڻ تي فخر ڪرڻ لڳا ته ٻئي پاسي پاڻ جرڳا ڪرڻ لڳا. انهيءَ چوڻ جي ته ڪا ضرورت ئي ڪانهي ته جرڳن ۾ فيصلا سدائين طاقتور جي فائدي ۾ ۽ غريب جي خلاف ٿيندا آهن. ائين ئي عوام دشمن ۽ انصاف دشمن ”ميڙ منٿ ڪافلن“ جي روايت کي جيئاري انهن ايڪويهين صديءَ ۾ داخل ٿيندڙ دنيا ۾ سنڌ کي قبيلائي دور ۾ وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي. محاذ جي ڪارڪنن جي ڪم جو مقصد عام ماڻهن کي باشعور بڻائي قومي جدوجهد ۾ حصيدار بنائڻ هوندو هئو جڏهن هي نوان همراهه وڏيرن ۽ پيرن وانگر پنهنجا ”ماڻهو“ ۽ ”عقيدتمند“ ٺاهڻ ۽ پيدا ڪرڻ لڳا. جلسن جلوسن ۾ به ماڻهن کي وڏيرڪي ونگار وانگر شامل ڪيو ويو. عوام کي مالڪيءَ جو شعور ۽ پنهنجي طاقت جو احساس ڏياري انهن کي منظم ڪرڻ جي ڪوشش بجاءِ انهن جي تعداد کي سوديبازيءَ لاءِ استعمال ڪيو ويو ۽ اهو تعداد وڌائڻ ۾ وڏيرا جاگيردار انهن جا مددگار هوندا هئا. جاگيردار، پير، مير ۽ ڪرپٽ ڪامورا انهن جي مدد ان لاءِ ڪندا هئا ته جيئن عوام کي باشعور بڻائي هن استحصالي ۽ بدبودار نظام کي تبديل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪندڙ ڪارڪنن لاءِ ڪم ڪرڻ مشڪل ٿي پوي. عوام ته عوام خود پنهنجي ڪارڪنن کي شعور کان وانجهيل رکڻ لاءِ انهن ڪتابن کي بزدليءَ جي علامت قرار ڏيندي انهن کي ساڙيو جڏهن ته سيد پنهنجي سڄي جدوجهد قلم ۽ ڪتاب ذريعي ڪئي. هاڻي جڏهن هر ڪم، هر عمل جديد قومي تحريڪ جي تقاضائن جي خلاف ۽ جي ايم سيد جي تعليم جي منافي هجي ته پوءِ قومي تحريڪ جو حشر اهڙو ئي ٿيندو. اڳي ملا سنڌي سماج ۾ ڪنڊ پاسا ڳوليندو هئو ۽ سماج جي همدرديءَ جو طالبو هوندو هئو. اڄ اهو اسان کي ڊڪٽيٽ ٿو ڪري. جاگيردار ۽ پيرمير اڳي قومي ڪارڪنن جي دٻاءَ ۾ دفاعي پوزيشن اختيار ڪندو هئو اڄ اهو قومي ڪارڪنن تي ٺٺوليون ٿو ڪري. اڳي جيڪي سنڌ دشمن ڪم هو لڪي ڪندو هئو اڄ اهي وڏي واڪَ ڪري رهيو آهي. ”قومپرست“ ليڊرن جي اهڙي ڪردار جي نتيجي ۾ ڪجهه وقت اڳ ۾ قومي تحريڪ جي ڪردار بابت سوال اٿاريا ويندا هئا، هاڻي قومي تحريڪ جي وجود تي سوال ڪيا ٿا وڃن. پر ڪنهن کي به اهو نه وسارڻ گهرجي ته قومن جي نجات واري جدوجهد ڪا سڌي ليڪ وانگر ڪانه هلندي آهي. ان ۾ لاها چاڙها ايندا آهن. اهو هڪڙو مرحلو هئو جيڪو پنهنجي مثبت ۽ منفي پاسن سان گڏ پورو ٿيو. هاڻي نئين مرحلي جي ضرورت آهي. حقيقت اها آهي ته معروضي حالتن جي حساب سان اهو نئون مرحلو شروع ٿي چڪو آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ان کي صحيح رخ ڏيڻ ۽ گهربل رستي تي هلائڻ لاءِ شعوري ڪوششون ڪيو وڃن. ھڪڙو ھو سائين جي ايم سيد عبدالحي پليجو سن شهر جو نقشو جيڪو اڄ آهي، سو ۱۹۵۸ع ۾ بلڪل نه هو. سن بلڪل هڪ ننڍو ڳوٺڙو هو، جنهن ۾ چند دُڪان، ٻه ٽي سرڪاري جڳهيون، چند پڪا گهر، ٻيو سڄو شهر ڪچن گهرن تي قائم هو. ذوالفقار علي ڀُٽو جي ڪري ڳڙهي خدابخش جي اهميت آهي، ايئن ئي سن جي اهميت سائين جي ايم سيد جي ڪري آهي. سنڌ جا صرف اهي ٻه اهڙا ڳوٺ آهن، جتي سنڌ جا هزارين ماڻهو سڄيءَ سنڌ جي مان ڪهي اچي جي ايم سيد ۽ شهيد ڀٽي جي ورسي تي گڏ ٿيندا آهن. انهن ڏينهن ۾ آئون بابا سان گڏجي سائين جي ايم سيد سان ملڻ ويو هئس. رات جو اتي ترسياسين، بابا ۽ سائينءَ رات دير تائين ڪچهري ڪئي. بابا ۽ سائين جو واسطو بابا جي ننڍپڻ کان وفات تائين سڄي زندگي قائم رهيو ۽ اهو واسطو سائينءَ جو سندس وفات تائين مونسان به رهيو. بابا جي وفات کانپوءِ به سائين جڏهن به ٺٽي ضلعي ۾ ايندو هو ته ٻني ۾ مون وٽ اچي ترسندو هو، پوءِ اڳيان ٽنڊو محمد خان، ماتلي، بدين يا حيدرآباد ويندو هو. بابا جي وفات کانپوءِ سائين سان ملڻ وقت مون کي پنهنجي ڪنهن بزرگ سان ملڻ جو احساس ٿيندو هو. بابا، سائينءَ جا ڪيترا ئي ڪتاب ڇپايا، جن ۾ ”جيئن ڏٺو آهه مون“ به شامل هو. ان ڪتاب ڪري سائين سان گڏ بابا تي به ڪفر جي فتويٰ نڪتي ۽ ڪيترو وقت مقامي ۽ جنهاڻ جا مذهبي ماڻهو ان ڪتاب کي بنياد بڻائي اسان سان ڇڪتاڻ ۾ رهندا آيا. جڏهن ۱۹۶۹ع ۾ ملڪ سڪندر ۽ سائين جي ايم سيد جي اليڪشن ٿي ته بابا، سائين جي ايم سيد جو چيف اليڪشن ايجنٽ هو، ۽ پاڻ ٻني مان پنجاهه کن ماڻهو سائين جي اليڪشن ورڪ لاءِ وٺي ويو هو. جنرل ايوب جي مارشل لا ۾ سائين تي سخت پهرو هوندو هو، گهر ڀاتين کانسواءِ ساڻس ڪنهن کي به ملڻ نه ڏيندا هئا، پر بابا ان دور ۾ به ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان سائين سان ملي وٺندو هو. مون کي ياد آهي ته هڪ دفعي اسان سن وياسين ته سائين جي جڳهه تي مزورن ڪم پئي ڪيو ۽ بابا هڪڙي مزور جا ڪپڙا پائي مٿي تي تغاري رکي اندر وڃي سائين سان ملي آيو، ڪنهن به ڊيوٽي عملدار کي خبر ئي ڪا نه پئي. اها هئي سيد سان اسان جي محبت جي انتها. جهرڪن ۽ ميرپور بٺوري ۾ ته بزمِ صوفياءِ سنڌ جون ٻئي ڪانفرنسون بابا جي ڪوششن سان ٿيون. جڏهن مسلم ڪاليج ۾ سائين مٿان بم اڇلايو ويو ته ان وقت به بابا سائين ۽ منهنجا ٻه ڀائر مرحوم مير نصير ۽ شمشير سائين سان گڏ هئا. اڄ به تقريبن سئو کن خط سائينءَ جا بابا ڏانهن لکيل اسان وٽ محفوظ آهن، پر زياده تر خط ذاتي نوعيت جا آهن، نه ته اهي خط آئون ضرور ڇپايان ها. سائين سنڌ جو اهو پهريون سياستدان هو، جنهن سنڌ جي حقن نه، پر آجپي جي ڳالهه ڪئي. مون ڏٺو آهي ته سنڌ جا اڪثر سيد گهڻو ڪري پنهنجن پٽن ۽ پوٽن کي به سڏ ڪرڻ مهل ”سائين“ ڪري سڏيندا آهن، جيئن ٻيا ماڻهو به کين سائين ڪري مخاطب ٿين. اهو هڪ طرح سان ٻين کي ٻڌائيندا آهن ته اسان کي سائين سائين ڪري سڏيو- پر سائين جي ايم سيد ڪڏهن به پنهنجن پٽن کي سائين ڪري ڪو نه سڏيو. کين هميشه ڏاڍي قرب ۽ پيار سان امير ۽ امداد ڪري سڏيندو هو. سائين جي ايم سيد جهڙا ماڻهو صدين کانپوءِ پيدا ٿيند آهن. سائين جڏهن بابا جي وفات تي ٻني آيو ته مونکان پڇيائين ته: گهڻو اولاد اٿئي؟ مون چيس ته، هڪ پٽ آهي. سائين چيو ته: نالو ڇا اٿس؟ مون کيس ٻڌايو ته، رُخسار حسنين نالو اٿس. سائين پاڻ ان وقت منهنجي پُٽ کي گهرائي اسان جي خانداني مرشد سائين گُلي شاهه کي سڏي (اهو به اسان وٽ آيل هو) کيس چيائين ته ٻانگ ڏئي هن جو نالو نور محمد رک ۽ ائين منهنجي پٽ جو نالو رُخسار حسنين مان نور محمد ٿي ويو. شيڪسپئر جو قول آهي ته، ”ڪي ماڻهو پيدائش کان عظيم هوندا آهن، ڪي پنهنجي محنت سان عظيم ٿيندا آهن ته ڪن تي عظمت رکي ويندي آهي.“ سو واقعي سائين جي ايم سيد جهڙا ماڻهو صدين پڄاڻان پيدا ٿيندا آهن. خدا تعاليٰ جي ايم سيد جي شخصيت ۾ ايڏو پيار ۽ پنهنجائپ پيدا ڪئي، جو سندس هر ماڻهو سمجهندو هو ته سائين جي ايم سيد کيس ئي وڌيڪ ڀائين ٿو. مهمان نوازي ته ڪو سائين جي ايم سيد کان سکي. سندس ذاتي دوستن ۾ هر عمر ۽ طبقي وارا ماڻهو هوندا هئا، پر سڀني سان هڪجهڙو هوندو هو. مونسان به اهڙو ته بابا سائين سان به اهڙو. ان جو هڪ مثال خان عبدالغفار خان ۽ مومن ليرائي هوندا هئا، کيس ٻئي هڪجهڙا عزيز هئا. ٻنهي جي غم ۽ خوشين ۾ شريڪ ٿيندا هئا. سائين جي ايم سيد هر ڪم ننڍپڻ ۾ ڪيو، مثلن ننڍپڻ يعني فقط ڇهن سالن جي عمر ۾ شادي ۽ پندرهن سالن جي عمر ۾ سياست جي شروعات ڪئي. سورهن سالن جي عمر ۾ لاڙڪاڻي ۾ مولانا آزاد، مولانا شوڪت علي ۽ ٻين ڪيترن عالمن ۽ مدبرن سان ملاقاتون ڪيون ۽ سترهن سالن جي عمر ۾ سن ۾ اعليٰ پئماني جي خلافت ڪانفرنس ڪوٺايائين، جنهن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي، فتح محمد سيوهاڻي ۽ نور محمد شيخ شريڪ ٿيا. ارڙهن سالن جي عمر ۾ گانڌي سان ملاقات ڪئي ۽ صرف ايڪيهن سالن جي ننڍڙي عمر ۾ ڪراچي ضلعي (ان وقت ڪراچي ضلعي ۾ ڪراچي، ٺٽو ۽ دادو ضلعو شامل هوندا هئا) ڪائونسل جو ميمبر ۽ ضلعي ڪائونسل جو نائب صدر ٿيو. هڪ دفعي مٿس حيدرآباد ۾ خوني حملو ٿيو، جنهن ۾ لڪل خنجر سان هڪ ماڻهو کي سندن ڏانهن وڌندي پڪڙيو ويو هو. اها حيدرآباد واري واقعي کان به اڳ جي ڳالهه آهي، ٻيو کيس مارائڻ جي منصوبي جو احوال پاڻ هڪ خط ۾ بابا سان ڪيو آهي. بزم صوفياءِ سنڌ ڪانفرنس، پنهنجون سالگرهه جون تقريبون منعقد ڪرڻ توڙي ڀٽ شاهه تي ادبي ڪانفرنسون ڪرائڻ وارين سڀني سرگرمين جو مقصد سنڌ ۾ سياسي، ادبي، علمي شعور پيدا ڪرڻ هو، جنهن ۾ هو نئين ٽهيءَ کي بيدار ڪرڻ ۾ بلڪل ڪامياب ويو ۽ اڄ به سنڌ جي نئين ٽهيءَ جو وڏو تعداد انهيءَ راهه تي گامزن آهي. سائين جي ايم سيد جن ماڻهو کان زندگيءَ ۾ گهڻو متاثر ٿيو، انهن مان علامه آءِ آءِ قاضي سڀني کان اڳڀرو نظر اچي ٿو. مثال طور پنهنجي ڪتاب ”ساهڙ جا سينگار“ جي صفحي ۲۰ تي لکي ٿو ته ”سندن (علامه آءِ آءِ قاضي) سان ملاقاتن مان جيڪا معلومات ميسر ٿي، سا مشڪل سان سوين ڪتاب پڙهڻ مان حاصل ٿي سگهي ها. مون ۾ جيڪو به تخيل، محبت ۽ انساني همدرديءَ جو ذرو موجود آهي، ان ۾ قاضي صاحب جي ملاقاتن ۽ صحبت جو وڏو عمل دخل آهي.“ جي ايم سيد علامه صاحب کان ايترو ته متاثر هو، جو پنهنجا ٻئي پٽ امير حيدر ۽ امداد محمد تربيت لاءِ ننڍي هوندي کان سندس حوالي ڪيا. ان ڳالهه جي تصديق غلام رباني پنهنجي ڪتاب ”جهڙا گل گلاب جا“ جي صفحي ۱۱۹ تي به ڪئي آهي. سائين جي ايم سيد جي پنهنجي وڏي پٽ امير حيدر شاهه ۽ ننڍي نياڻي دُرشهوار کي پڙهڻ لاءِ انگلينڊ موڪليو. سائين جي ايم سيد سڄي زندگي سنڌ ۽ سنڌين جي ڳالهه ڪئي. پاڻ ڪيئي دفعا اسيمبلي ميمبر ۽ هڪ دفعو وزير ٿيو، سندس ٻئي پٽ اسيمبلي ميمبر ٿيا ۽ سندس پوٽو جلال محمود شاهه سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر ٿيو. مون وٽ سائين جي ايم سيد، سندس ٻن پٽن ۽ ٻن پوٽن جلال محمود شاهه ۽ بدر شاهه جا مون ڏانهن لکيل خط اڄ به محفوظ آهن، يعني ٽن نسلن جا قرب ۽ پيار جا پيغام ۽ سينها. جڏهن سائين جي ايم سيد وفات ڪئي، تڏهن به پاڻ هو ته اسپتال ۾، پر هو حڪومتِ وقت جو قيدي- سڄي ملڪي تاريخ ۾ مان سمجهان ٿو ته سائين جي ايم سيد، نواب نوروز خان ۽ شهيد ڀٽو ٽئي اهڙا ليڊر هئا، جن جيل يا نظربنديءَ هيٺ وفات ڪئي. سنڌ جا ٻه اڳواڻ ته تاريخ ۾ قربانيءَ جو هڪ اهڙو مثال بڻجي ويا آهن، جو هر سال هزارن جي انگ ۾ ماڻهو اچي سندن قبرن تي سلامي ٿين ٿا. جي ايم سيد هڪ عظيم درسگاه منظور ڪوهيار سال ۱۹۷۹ع جو هيو. پوريءَ طرح ياد ناهي ته مهينو جُـون جو هيو يا جولاءِ جو. بشير شاهاڻي جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن جي صدر جي حيثيت سان، اڃان ڀڳل پسٽل رکڻ جي الزام ۾ جيل ياترا نه ڪئي هئي. مان ۽ بشير شاهاڻي ذاتي دوست ۽ ڳوٺائي هياسين. اِن ڪري لاڙڪاڻي کان سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو اچڻ وڃڻ گڏ ٿيندو هو. بشير شاهاڻي ايندي ويندي عمومن ”سن جي سائين“ جي ديدار درشن لاءِ لهي پوندو هيو. ۽ مون کي به صلاح هڻندو هيو. پر مان نٽائي ويندو هيس. هن هڪ دفعي لاڙڪاڻي کان يونيورسٽي ايندي زوري سن لاهي وڌو ۽ چيائين : ”هر ڀيري حرامپائي ڪري نٽائين ٿو. اڄ نه ڇڏيندو سانءِ!“ اسٽاپ تي لٿاسين ته ڪو بگيءَ وارو به نظر ڪو نه آيو. ڏنڊا ڏوٽا هياسين، سو ڪنهن بگيءَ جي انتظار ڪرڻ بجاءِ گوڏي گاڏي ڪئي سين. ائين پئي لڳو ته سنڌ وارو سن ۽ انگريزيءَ وارو SUN پاڻ ۾ ٻکجي ويا آهن. هلندي هلندي ٻنهي جو وات ال ڪانؤ وانگر پٽجي ويو هو. تيز روشنيءَ جي ڪري اکيون چنجهيون ٿي ويون هيون. سن ڳوٺ جي گهٽين مان مڙندي، هڪ جڳهه جي دروازي ۾ داخل ٿي ٿلهي تي چڙهياسين. پوءِ دالان ۾ اچي جوتا لاٿاسين. بشير شاهاڻي ٻليءَ پير هلندي سامهون واري ڪوٺيءَ جو دروازو احتياط سان کوليو ۽ اندر داخل ٿيو. دروازي به ڄڻ آرام ۾ خلل محسوس ڪندي احتجاجن چيڪٽ ڪيو. اندر دريءَ جي سامهون هڪ جُنگ پوڙهو مڙس ڏير جي وڇايل تڏي تي رلهي مٿان گهري ننڊ ۾ ستل هيو، مٿن کان ۱۵ سالن جو هڪ ڇوڪرو وڃڻو هڻي رهيو هيس ۽ پيرن کان اڌ وهي همراهه زور ڏئي رهيو هيس. بشير شاهاڻي سڙٻاٽين ۾ ٻڌائيندي چيو: ”اهو ئي هيٺ ستل سائين جي ايم سيد اٿئي!“ مون هڪ نظر سائين تي وڌي، جيڪو محو خواب هيو. ضرور اِهو خواب سنڌ جي آجپي جو ئي هوندو، اسان ٻنهي ڄڻن پنهنجا ٿيلها ڪمري جي هڪ ڪنڊ ۾ رکيا.پوءِ سامهون رکيل ڪرسين تي ڦانءِ ٿي ڪري پياسين. جو گهڻي پگهر وهڻ ڪري جسم ساڻو ٿي چڪو هيو. منهنجين اکين ڪمري جو جائزو وٺڻ شروع ڪيو. جيتري قدر ياد آهي ته ڪمري جي ڏاکڻين پاسي ڀت تي اوني ٽوپ ۽ سويئٽر سان، سائين جي ايم سيد جي قد آدم ٺاهوڪي تصوير لڳل هئي. اُن جي ڀر ۾ پر ٿورو مٿيرڪو ڪنهن مصور جي منظرڪشي واري تصوير ٺهيل هئي، جنهن ۾ نه کٽندڙ ساون کيتن جو سلسلو، کيتن ۾ بيٺل متارا ڍڳا، وٽر سٽر هاري ۽ چيلهه چهبڪ ناريون ڏيکاريل هيون. ائين پئي لڳو ڄڻ مصور سائين جي ايم سيد جي اکين ۾ پيهي سنڌ جي روشن مستقبل جي تصوير ڪشي ڪئي هجي . اولهائين ڀت تي ڳاڙهي سنڌي ٽوپ ۽ ريشمي اجرڪ سان سائين جو پورٽريٽ ٺهيل هو. جنهن ۾ جي ايم سيد جي لازوال مرڪ شامل هئي. جنهن ۾ مون کي موناليزا جي مرڪ کان وڌيڪ گهرائي ۽ گيرائي نظر آئي. (بهرحال هرهڪ جي پنهنجي اک آهي.) اولهه ــ اتر واري ڀتين جي ڪنڊ ۾ ڪارنر ٽيبل مٿان پلاسٽر آف پيرس جو سندس ئي سفيد رنگ جو بت رکيل هو. ڪمري ۾ ٻه اولهه ۽ ٻه اوڀر کان کٽون پيل هيون. ڪمري جي اتر ۽ ڏکڻ پاسن کان چار چار ڪرسيون رکيل هيون، جن تي سفيد چادرن جا گاديلا پيا هيا. بشير شاهاڻي جَهلي ڇڪڻ شروع ڪئي، جهليءَ جي جُهلڪن ڪجهه پگهر سڪايو ته اُٿي مَٽ مان پاڻيءَ جا ٻه ٽي گلاس ڀري ڏوگهياسين. هڪ ننڍي ٽيبل تي ٽري Tray رکيل هيو. جنهن ۾ قسمين قسمين ميوا پيل هيا. خاص ڪري مشهدي صوف، چتري ڪيلا ۽ لاڙڪاڻي جا ڳاڙهه سرا چيها ۽ ٻاوا زيتون (زيتونن جا قسم) وغيره. دل ڪڍيو ته جيڪر هڪ اڌ شيءِ کڻي کائجي. پر سڄو ڪم زيتونن خراب ڪري وڌو جو منجهن سياري جي مند ۾ پڪل زيتونن واري لالاڻ هئي جڏهن ته لاڙڪاڻي جي گرمين واري زيتونن ۾ ڳاڙهاڻ ناهي هوندي. بشيرشاهاڻي منهنجي گهور کي سمجهي ويو ۽ ڏاڍي مهمانوازي واري انداز ۾ چيائين: ”ڀلي کاءُ، سائين جي ايم سيد مهمانن لاءِ گهرائي رکيا آهن. چتري ڪيلا ته زبردست ٿي.“ مون وراڻيو، ”ڪيلا کائيندا اُهي، جن سڄي عمر ڪيلن تي گذارو ڪيو هجي.“ ”پوءِ ڀلا صوف ؟“ هن صوفن ڏانهن اشارو ڪندي چيو. ”سنڌ يونيورسٽي جي صوفن، سان، مشهدي صوفن جي ڪهڙي ڀيٽ ... جن اُهي صوف چکيا هوندا ته اُنهن کي هي صوف ڪٿان وڻندا؟“ ”وڏو لاهه آن ... سمجهين وئين!“ بشير مشڪندي وراڻيو. پوءِ بشير شاهاڻي ويهي ڪيترن دوستن جا قصا ٻڌايا، جن ڀل ۾ اچي اِنهن مٽي مان ٺهيل ميون کي چڪ هنيا هيا. خاص ڪري مرتضيٰ مهيسر جو قصو ٻڌائي ڏاڍو کلايائين. سائين جي ايم سيد ايڏي گهري ننڊ ۾ هيو جو ڄڻ کيس ڪنهن به شيءِ جي پرواهه نه هئي، نه گرمي جي، نه جهولي جي، جيڪو در جي وٿين مان زوڪاٽ ڪندي پئي آيو، نه وري اسان جي سڙٻاٽن ۽ کک کک جي. سائين جي ايم سيد اندازن ڏيڍ ڪلاڪ کانپوءِ اکيون پٽي رڙ ڪئي: ”ڇوڪرا پاڻي!؟“ ڇوڪرو اُٿيو ۽ مٽ مان پاڻي ڀري آيو. سائين اُٿي پاڻي پيتو ۽ پوءِ اسان ڏانهن ڏٺائين. اسان اٿي سائين سان ملياسين. سائين آهستگيءَ سان خوش وخير عافيت ڪئي. اُن کان پوءِ اسان ٻنهي کي گهوريندو ۽ مشڪندو رهيو ۽ آخر ۾ بشير شاهاڻي سان مخاطب ٿيندي چيائين: ”آءٌ سمجهان ٿو ته هاڻ منهنجو حافظو ختم ٿيندو ٿو وڃي. ڇوڪرا! مون توکي چاليهه دفعا ڏٺو آهي. پر ڪوشش جي باوجود به نالو ياد ڪري نه سگهيس.“ ”سائين، مان بشير شاهاڻي،“ بشير باادب ٿي چيو. ”ها،ها، هاڻ ياد اچي ويو... ۽ هن جو؟“ مون ڏانهن اشارو ڪندي چيائين ”منظور حسين...! سائين منهنجو ذاتي دوست ۽ ڳوٺائي آهي.“ ”اڇا، لاڙڪاڻي جو آهي... هاڻي اوهان ڇا پڙهندا آهيو ؟“ ”مان جاگرافيءَ جو فائنل سيمسٽر ڏنو آهي ۽ هن سوشيالاجي جو.“ بشير جواب ڏنو پوءِ ٻنهي کان جاگرافي ۽ سوشيالاجي جا سبجيڪٽ پڇيائين. اسان واري وٽي ٻڌاياسين ۽ پوءِ بشير ڏانهن منهن ڪري چيائين: ”ها تون جاگرافي پڙهندو آهين نه ... ٻڌ، مون هڪ ڪتاب لکيو آهي. جنهن ۾ سنڌ جي جاگرافي تي بحث ٿيل آهي. جنهن ۾ انگن اکرن سان آبادي، مٺي پاڻي، جابلو علائقن، ڍنڍن ڍورن جي باري ۾ ڄاڻ ڏني آهي. هر سال ڪيتري مٽي سمونڊ ۾ پئي ٿي ۽ ڊيلٽا ٺهي ٿي.اُن جا انگ اکر شامل آهن...توکي ڊيلٽا جي خبر آهي؟“ ”نه سائين،“ بشير لڄي ٿي وراڻيو. ”ڊيلٽا چئبو آهي، اُن زمين کي، جنهن جو ڪجهه حصو پاڻي ۾ هجي ۽ ڪجهه ٻاهر... ڀلا هڪ ايڪڙ ۾ چورس فوٽ گهڻا؟“ ”۶۶۶۶ فوٽ “ بشير شاهاڻي ڌڪو هنيو، اِهو سوچي ته ڦٻي ويندو. اِهو جواب ٻڌي، سائين ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو: ”خدا جو غضب پويـوَ... سمجهائي سمجهائي بيٺو آهيانؤ ته پڙهو... پڙهو پر پڙهو ئي نٿا.“ مون هڪدم وراڻيو: ”سائين ۴۳۵۶۰“ ”شاباس، توکان عهدو کسي هن کي ٿا ڏيون.“ سائين بشير تي ڪاوڙجندي چيو. ”پر سائين هي ته ميمبر ئي ناهي.“ ”باقي ڪنهن کي ٿا ميمبر ڪيو. لوفرن ۽ اڻ پڙهيلن کي .... خدا جو غضب پويو!“ ”سائين هن کي ته چوان ٿو ته ميمبر ٿيءُ، پر ٿي ئي نه ٿو.“ بشير کي اڃا وڌيڪ ڇنڊ پٽڻ جو ارادو هيس ته هڪ نوجوان اندر آيو. سائين سان مليو، جنهن ڏانهن سائين جو ڌيان ٿي ويو. لڳي پيو ته خاص ڪارڪن ۽ گهڻ گهريو هو. سائين اُن کي پئي ٻڌايو ته ناز سنائيءَ جو خط آيوآهي، جنهن ۾ لکيو اٿائين: سائين دعا ڪجو...آءٌ توهان جي رستي تي قائم رهان ۽ اِنهيءَ امتحان ۾ پار پوان، جيڪو سر تي اچي پيو آهي. اوهان کي منهنجي جرئتمندي جي پوري ڄاڻ آهي. مهرباني ڪري هيٺين سوالن جا جواب ڏيندا ته مهرباني ٿيندي ۱. اوهان جناح ڪيپ ڇو پائيندا آهيو؟ ۲. رسول بخش پليجو چوي ٿو ته ماڻهوءَ جي شخصي ڪردار کي ڇڏي، سندس قومي ڪردار کي پرکڻ گهرجي. ۳. ٻڌئون ٿا ته اوهان ڀٽي جي موت تي رُنا هيئه؟ سائين جواب ڏيڻ لڳو: ’پهريان ته آءٌ اِن ڪيپ کي جناح ڪيپ مڃڻ لاءِ تيار ناهيان. ڇو ته اها ڪيپ اسان وٽ ايران ۽ افغانستان کان پهتي آهي. جيڪا بنيادي طور تي قراقلي ڪيپ يا ٽوپي سڏبي آهي. جيڪا فارس جي ڪاري رڍ جي ليلي جي کل مان ٺاهي ويندي آهي. ٻيو جنهن جو شخصي ڪردار نه هوندو، اُن جو قومي ڪردار نه هوندو. ان جو وڏو مثال حضرت محمد ﷺآهي. جنهن جو عربن وٽ پهريان شخصي ڪردار اڀريو ۽ پوءِ قومي ڪردار. يعني رسول عربي. ٽيون ڀٽو ڪهڙو به هيو، پر هيو ته سنڌي ڳالهائيندڙ نه ... شڪايتون به پنهنجن سان ڪبيون آهن ۽ روئبو به پنهنجن لاءِ آهي. مون هڪڙو ڪتاب لکيو آهي. جنهن ۾ هڪ خواب جو ذڪر آهي ته خدا وٽ سنڌ فريادي آهي. ۽ جوابدار ذوالفقار علي ڀٽو آهي. سنڌ جي طرف کان وڪيل آءٌ آهيان ۽ ڀٽائي ذوالفقار علي ڀٽي جو وڪيلِ صفائي بڻيو آهي.“ انهيءَ دؤران هڪڙو ٻيو همراه به اِن گفتگوءَ جي دؤران اچي چڪو هيو. جيڪو سائين جي گفتگو ڌيان سان ٻڌي رهيو هيو، تنهن ڪنڌ ڌوڻيندي چيو: ”هڪڙي طرف وڪيل شاه عبدالطيف ڀٽائي ۽ ٻيءَ طرف سيد غلام مرتضيٰ، وڏي ڳالهه آ، وڏي ڳالهه آ، سائين اِهو ڪتاب جلد از جلد اچڻ گهرجي.“ سائين جي ايم سيد ٻڌائڻ لڳو: ”ڪتاب ته پورو ٿي ويو آهي. پر منهنجو خيال آهي ته ان ڪتاب کي مختصر ڪري ٻارنهن سوالن ۾ ورهائجي پوءِ اُنهن سوالن جا جواب ڏجن. اِهي سوال ۽ جواب رڪارڊ ڪيا وڃن تنهن کان پوءِ ڪئسٽ جي ذريعي تشهير ڪئي وڃي ته جيئن سنڌ جا ماڻهو سجاڳ ٿين. ائين جيئن آيت الله خميني ايران ۾ ماڻهن سان رابطو رکيو هو.“ اِنهيءَ گفتگو دؤران شربت آيو، جيڪو سڀني واري وٽيءَ سان پيتو. مون هڪ ڳالهه نوٽ پئي ڪئي ته اُهو همراه وڏو غلم جو توبچي هيو هيڏانهن هوڏانهن جا اجايا سجايا گفتا پئي ڪيائين. مثلن اِهو پئي چيائين ته بيگم ڀٽو، اڄڪلهه جنرل ٽڪا خان جي ڪڍ لڳي آهي. جنهن تي سائين جي ايم سيد جو رد عمل ڏاڍو سخت ٿي پئي ويو. غصي ۾ پئي چيائين: ”خدا جو غضب پوين... اڃا اِنهن جي ڪڍ.“ مون کي اِهو احساس شدت سان پئي ٿيو، ته اهي غلم جا توبچي ۽ خوشامندي ماڻهو ڪيڏا نه خطرناڪ آهن، جيڪي هروڀرو ماڻهن جي وچ ۾ وٿيون ۽ گمان پيدا ڪندا آهن. اُن وقت حضرت سليمان جي چوڻي ياد آئي، ته ”چغل خور ۽ خوشامندي ماڻهن جون ڳالهيون لذيذ لقمن جهڙيون هونديون آهن ۽ اهي پيٽ جي تمام اندرين ڀاڱن ۾ لهيو وڃن ٿيون.“ ۳ وڳي ڌارا ماني آئي. ورانڊي ۾ گلم تي ٿي ويٺاسين. ڀاڄيءَ ۾ پلو، گوشت ۽ واڱڻن جو ٻوڙ هو. بصر، انب جي کٽاڻ، ڏوڏيون ۽ سنڌڙي انب به رڪابين ۽ ٿالهين ۾ سجايل هيا. ڪڻڪ جي ماني ۽ چانور به دسترخوان ۾ شامل هئا. جيڪا ڳالهه نوٽ ڪرڻ جي هئي، سا اِها هئي ته سائين کي وڃڻو هڻندڙ ڇوڪرو ۽ زور ڏيندڙ اڌ وهي همراه به اسان سان گڏ ماني پئي کاڌي. ڳالهين مان معلوم ٿيو ته اُهو اڌ وهي همراه سائين جو مريد ۽ هاري هيو، ۽ ڇوڪرو هاريءَ جو پٽ هيو. اِهو منظر زندگي ۾ مون پهريون دفعو ڏٺو هو ته مريد ۽ مرشد، هاري ۽ وڏيري گڏ ويٺي ماني پئي کاڌي. نتيجي ۾ سائين جي ايم سيد لاءِ اِهو تاثر جڙيو ته سائين روايتي پيرن مرشدن يا وڏيرن منجهان نه هيو، منجهنس نه ڇوت ڇات هئي ۽ نه وري ڪا احساس برتري ۽ گهمنڊ. کائڻ جي دؤران مون اِهو به ڏٺو ته سائين پلي کي هٿ نه پئي لاتو. البت گوشت ۽ انب واپريائين پئي. بشير ۽ مان نه ڇڏيو سين پلي کي، نه گوشت کي ۽ نه وري واڱڻن کي.انبن ۽ ڏوڏين سان به ڏاڍي ڪئي سين. ماني کائڻ کان پوءِ سائين چيو: ”بابا هاڻي ڪجهه آرام ڪيو.“ سائين، اُتي ورانڊي ۾ ڏير جي مخصوص تڏي تي، وهاڻي تي مٿو رکي آهلجي پيو. ۽ اسان ٻئي وري ٻئي ڪمري ۾ وڃي ستاسين. ڏاڍي ڪوشش جي باوجود به ننڊ نه آئي. نيٺ ۵ وڳي ڌارا ٻاهر نڪتاسين ته سائين جاڳي رهيو هيو. ڪو همراه کائنس اسلام جي باري ۾ پڇي رهيو هيو . سائين ٻڌائي رهيو هيو: ”ملان جي اسلام ۽ اسان جي اسلام ۾ فرق آهي. ملي وٽ رب رڳو مسلمانن جو ۽ ڏاڍو قهار آهي. اسان وٽ رب سڄي عالم جو ۽ راحمين آهي. ملو چوي ٿو ته هڪڙو جهان هت آهي ۽ ٻيو جهان قيامت کان پوءِ آهي. پر آءٌ چوان ٿو ته هڪڙو جهان هيءُ آهي، جيڪو هلي ٿو ۽ ٻيو جهان ايندڙ مستقبل آهي، بهشت ۽ دوزخ قومن کي هتي ئي ملندو. جيڪا قوم سست ۽ جاهل رهندي اُها عذاب ۾ هوندي. جيڪا چست ۽ ڄاڻ واري هوندي، اُها سڪون سان زندگي گذاريندي.“ ”سائين هندو ته الله کي نه ٿا مڃن، اُهي بتن جي يا غير الله جي پوڄا ڪن ٿا؟“ اُن همراه جو ٻيو سوال هيو. ”هندن جي پراڻن مذهبي ڪتابن ۾ به وحدت الوجود جو نظريو ڏنل آهي. اهڙي ڪا به ڳالهه ڪونهي ته وحدت الوجود جو نظريو رڳو مسلمانن وٽ آهي. هر مذهب وارا الله کي مڃن ٿا. اُن هستيءَ جا صرف نالا الڳ الڳ آهن. ڪو ايشور چوي، ڪو گاڊ چوي، ڪو خدا سڏيس ٿو. هرڪو سڌيءَ طرح يا اڻ سڌيءَ طرح مڃي ٿو. پر الله کي اُهو سمجهي، جيڪو پهريان زمين وارن کي ته سمجهي نه؟ ٻڌ کان ڪنهن پڇيو، ”خدا ڇا آهي؟“ ته اُن جواب ۾ چيو، ته هڪڙو ستارن جو علم رکندڙ شخص اُڀ کي ڏسندي ڏسندي کوهه ۾ وڃي ڪريو. ماڻهن جڏهن پڇيس ته کوهه ۾ ڪيئن ڪرين ته چيائين زمين ماپڻ کان اڳ هليو هيس اُڀ ڪڇڻ. اِها ڳالهه قاضي قادن به پنهنجي شعر ۾ چئي آهي. ڪنز قدوري قافيه، پڙهي پروڙين سڀ ته ڪر منڊي ماڪوڙي، کوه ۾ پئي ڪڇي اُڀ جيڪو ماڻهو دنيا جي سڀني مذهبن کي نه ٿو پڙهي، اُهو الله، خدا ،گاڊ ۽ ايشور کي نه ٿو سمجهي سگهي.“ سائين ائين چئي خاموش ٿي ويو. ته سڄو ماحول سانت ٿي ويو. ٿوري دير کان پوءِ سائين ڪرسيون ٻاهر اڱڻ تي ڪڍايون. ٻاهر ٿي ويٺاسي ته ڪجهه ماڻهو ٻيا به آيا. سڀني لاءِ چانهه آئي. سائين نون آيلن کان حال احوال وٺڻ شروع ڪيا. اُنهن مان هڪڙي همراه سائين سان نويڪلائي ۾ ڳالهائڻ لاءِ چيو. ٻيو ڪو اسان کي تخليه لاءِ چئي، ان کان اڳ بشير شاهاڻي مون کي اٿڻ جو اشارو ڪيو. اسان ٻاهر نڪري وياسي. سن جي گهٽين مان گهمي ڦري موٽياسي ته سائين، بشير کان پڇيو: ”بابا! جميعت طلبه جي ڪنهن شاگرد کان، سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي ڪن ڇوڪرن ڦــر ڪئي آهي ڇا؟“ ”خبر ڪونهي،“ بشير وراڻيو. ”اِها جلدي خبر وٺ ۽ پوءِ جلدي تدارڪ ڪري، اِنهن کي فيڊريشن مان ڪڍي ڇڏيو. خدا جو ڪو غضب ڪِـرين. مون کي علڻ خان ٿيٻي به لسٽ ڏني آهي. اُها لسٽ ڏسي، تحقيق ڪري اُنهن کي به ٻي ميٽنگ ۾ ڪڍي ڇڏيو.“ بشير شاهاڻي اُن همراه کان نالو پڇيو، جنهن دانهيو هيو ته ٻڌايائين: ”محمد خان پٺاڻ!“ ”چڱو مان هاڻي حويلي ڏانهن وڃان ٿو، وري رات جو ملنداسي.“ سائين سڀن کان موڪلائي هليو ويو. اسان ٻئي ڄڻا ٻاهر نڪتاسين ته جيئن ڪا هوا جهٽيون. ٻاهر به هوا گرم پئي لڳي. پر منهنجي من ۾ ٿڌڪار هئي، هڪ اهڙي عظيم هستي سان ملندي دل ٺري پئي هئي، جنهن جي لاءِ تمام گهڻو ڪجهه هُلايل هيو. ته سيد سنڌ جي شاگردن کي کاري خراب ڪيو آهي. پر حقيقت اها هئي ته هو اُنهن کي سڌارڻ لاءِ ڪوشان هيو ته سنڌ جو مستقبل سپورنج ۽ ساڃاهوند جوانن جي هٿن ۾ اچي. پر ڪجهه شاگردن سندس رقيق القلبي مان ناجائز فائدو ورتو هو يا وري سائين جي مسلسل نظر بندي جي ڪري مٿائن نظرداري نه پئي ٿي سگهي. رات جو جڏهن سيد سان ملاقات ٿي ته اُن وقت گلم تي ويٺي هٿ بتيءَ جي روشنيءَ ۾ تاريخ طبري پئي پڙهيائين. اسان کي ڏسي چيائين، ”ڪيڏانهن ويا هيئه؟“ بشير وراڻيو؛ ”چڪر تي!“ ”مان اوهان جو انتظار پئي ڪيو، جو منهنجي ماني کائڻ جو وقت ٿي ويو آهي. ڇوڪرا ماني آڻ.“ سائين اتي بيٺل هڪ ڇوڪري کي چيو. ٿوريءَ دير کان پوءِ ڇوڪرو کير، چانور ، دال ۽ انب کڻي آيو. ماني کائڻ وقت اُهي ٻئي همراه هڻ کڻ به موجود هيا. جن اجايا سجايا سماچار پئي سڻايا. سائين ڪن کي اڻ ٻڌو ۽ ڪن کي ٻڌو پئي ڪيو. جن کي ٻڌو پئي ڪيو، اُن تي ڪاوڙ وچان پئي چيائين: ”خدا جو ڪو غضب پوين“ ماني کائڻ کان پوءِ ، بشير شاهاڻي ۽ مون ڏانهن منهن ڪري چيائين: ” ٻِيو ڪو علمي حوالي سان سوال يا مونجهارو هجي ته پڇو؟“ مون کي ڄڻ وارو ملي ويو: ” سائين، ڇا شاه عبداللطيف ڀٽائي شري ڪرشن کان متاثر هيو؟“ ”ڪيئن نه متاثر هوندو. هيڏو سارو گيتا جو گيان شري ڪرشن ڏنو آهي. هندو ڌرم ۾ گيتا جي وڏي اهميت آهي.“ مون چيو، ”سائين شري ڪرشن ته ڇل ڪپٽ جو ماهر هيو، مها ڀارت ۾ جڏهن ڌريوڌن زخمي حالت ۾ هيو ته هن ڪرشن کي چيو، ته ’اڙي ڪنس داس جا پتر! ڇا تو ۾ ذرو به شرم ڪونهي. تنهنجي چوڻ تي مون ڀيم کي اڌرم ۽ انيتي سان ماريو. هن سنگرام کي ڌرم يد ڄاڻي گهڻا ئي راجا هن ۾ شريڪ ٿيا. پر اُهي اڌرم ۽ دغابازي سان ماريا ويا آهن .... ڇا توهان کان وڌيڪ مها پاپي، نٺر ۽ نرلڄو به ڪو ٿي سگهي ٿو؟‘ ڪرشن چيو، ’مترو! هن دشمن جي وڦلڻ تي ڪو ڌيان نه ڏيو. دروڻ ۽ ڪرڻ ڏاڍا پراڪرمي وير هئا. سڌي سنواٽي نموني جيتڻ ناممڪن هو. اُن لاءِ ڪا نه ڪا رمز رکي کين ماريو ويو. پنهنجي بچاءَ لاءِ ڌرم، نيتي جي رکيا لاءِ ڇل ڪپٽ ڪرڻ ۾ ڪو وهم ڪونهي.‘ ۽ ٻيو ته هن سنڌ جي راجا جئدرٿ کي به چوڏهين ڏينهن تي ڇل ڪپٽ سان ماريو هو.“ ”تون اهو ڪٿان پڙهيو؟“ سائين سوال ڪيو. مون وراڻيو: ”شري مها ڀارت، لوڪ رام پيسو مل ڏوڏيجا جو ڪتاب.“ ”اڇا، گهڻو ڪري ته اهو ۱۹۶۷ع جو ڇپيل آهي!؟“ سائين سوچيندي چيو . ”جي سائين!“ ”تو نالو ڇا ٻڌايو پنهنجو؟“ ”منظور حسين“، مون جواب ڏنو. سائين سمجهائيندي چيو،” منظور...! توهان هن زماني جي اخلاقيات کي اُن زماني جي اخلاقيات سان ڇو ٿا ڀيٽيو؟ جي اوهان ڀيٽيندءُ ته پوءِ دنيا جي مڙني شخصيتن جا اخلاقي قدر اڄوڪي اخلاقي قدرن سان نه ٺهڪندا. ان ڪري ڪنهن به شخصيت کي اُن زماني جي اخلاقي قدرن جي تحت ڏسو .... تو گيتا پڙهي آهي؟“ ”پڙهي آهي!“ ”ڪيئن لڳي؟“ ”روحانيت جا سڀ مارڳ بيان ٿيل اٿس، جن ۾ گيان، ڌيان، يوگ ڪرم ۽ ڀڳتي بابت زور ڏنل آهي.“ ”ان جو مطلب ته تو گيتا به پڙهي آهي. لطيف به سر رامڪلي ۾ جڏهن پورب جو ذڪر ڪري ٿو ته شري ڪرشن جي ڏنل گيتا واري فلاسافيءَ طرف اشارو ڪري ٿو. پوڄا ڪرم پاڻ کي، پل پوڄا کان پاڻ لاهوتي لطيف چئي، سڌ نه کڻن ساڻ تعلق ڇڏڻ تڪيا، ايءُ آديسين اهڃاڻ ڄاڻي ڇڏي ڄاڻ، پريا پورب پنڌ ڏي“ اِهو پورب پنڌ دوراڪا جي طرف هوندو هيو. يا ٻيو به شعر به اُنهن نانگن فقيرن جي حوالي سان آهي. جيڪي شري ڪرشن جي شهر دوراڪا کي پنهنجو مرڪز ۽ منزل سمجهندا هيا. ڪڇي ڪاڇوٽي، نانگن ٻڌي نيهن جي سُک نه ستا ڪڏهن، لاهي لانگوٽي جهڙا آئيا جڳ ۾، تهڙا ويا موٽي تنين جي چوٽي، پورب ٿيندي پڌري. ڇوڪرا، تو منهنجو ڪتاب ’پيغام لطيف‘ پڙهيو آهي؟“ ”جي سائين!“ مون وراڻيو. ”ڇا سمجهيو ٿي؟“ ”توهان لطيف کي هڪ نئين رخ يعني قومي شاعر جي حوالي سان پيش ڪيو آهي.“ ”پوءِ ان ۾ ڪامياب ويو آهيان يا نه؟“ ”بالڪل اوهان شاه جي بيتن جي حوالي سان ثابت ڪيو آهي ته شاهه قومي شاعر آهي.“ ”خدا جو شڪر آهي ... ٻيو ڪو سوال؟“ مون وري ٻيو سوال ڪيو، ”سائين شاه عبداللطيف جو آئيڊيل يا مرشد ڪير هيو؟“ سائين جي ايم سيد ٻڌايو: ”حضرت علي...! شاه صاحب اهل تشيح صوفي هيو. پر اِهو ذهن ۾ رکو ته اڄوڪن شيعن جهڙو نه هيو. صوفي لاڪوفي هيو. سر رامڪليءَ ۾ جنهن انداز ۾ تعريف ۽ توصيف ڪري ٿو. جن ۾ ويراڳي، نانگا، جوڳي، بيکاري، آديسي، ڪاپڙي، سامي وغيره اچي وڃن ٿا. پر جڏهن حضرت عليءَ جي ڳالهه ڪري ٿو ته اُن کي پنهنجو رهبر سمجهي ٿو: ” نانگا نانيءَ هليا، هنگلا جان هلي ديکي تن دوارڪا، مهيسن ملهي آڳهه جن علي، آءٌ نه جئندي ان ري“ يا ”گذر گئي گذران ڪين قبولج ڪاپڙي عليءَ جو ميدان سڳر سنياسين کي.“ يا وري ”عليءَ جي ميدان ۾ ويٺا ڌوڻ ڌُڻي ترڪ ڪيائون تڪيا، پريون پنڌ سڻي ڪندي ڪوه ڌڻي، طعنا ڏيئي تن کي.“ ٻيو ته شاهه عبدالطيف محرم ۾ ڪارا ڪپڙا پهريندو هيو ۽ سر ڪيڏارو ڪربلا جي واقعي جي حوالي سان ڄڻ سنڌيءَ ۾ لکيل عظيم نوحو آهي. هاڻي توهان ڀلي وڃي آرام ڪيو!“ اسان اٿياسين ته سائين وري چيو: ”منظور توسان ملي خوشي ٿي. بشير هن کي ميمبر ضرور ڪجانءِ!“ ”ها سائين ها“، بشير زور سان وراڻيو، ۽ پوءِ آهستگي سان چيائين، ”مان ته ڏاڍو زور ٿو ڀريانس، پر حرامي ٿي ئي نه ٿو. پر هاڻي ميمبر ضرور ڪندومانس.“ بشير ۽ مان اُتان نڪري اوطاق جي اڱڻ تي جڏهن کٽن تي آهلياسي ته مون وٽ “سن جي سائين“ لاءِ مجموعي طور تي اهو تاثر جڙيو ته لاشڪ سائين جي ايم سيد هڪ عظيم علمي درسگاهه آهي. جنهن جي قدر ۽ قيمت جو اسان کي اڃا احساس ڪونهي. تڏهن ته ڪيترائي هن عظيم درسگاهه جي حاضري ڀريندي به ڪجهه ناهن سکيا. بقول ڀٽ ڌڻيءَ جي: محروم ئي مري ويا، ماهر ٿي نه مئا چڙيءَ جي چنهج جيان، لڏيائون لئا حباب ئي هئا، انهيءُ وادي وچ ۾. سائين جي ايم سيد ويهين صديءَ جو عظيم سياستدان ڊاڪٽر مير عالم مري گذريل صدي يعني ويهين صديءَ ۾ سنڌ اندر سياسي نظرين جي لحاظ سان وڏي اٿل پٿل رهي. پر وطن ۽ قوم جي بنياد يا انڪار جي حوالي سان ٽي فڪر رهيا ۽ ٽنهي جو پاڻ ۾ ٽڪراءُ رهيو. (۱) اکنڊ ڀارت جو نظريو (۲) مذهبي قومي تصور ۽ ڀارت جي ورهاڱي جو نظريو (۳) سنڌ جي آزاد رياست جو نظريو. (۱) اکنڊ ڀارت جو نظريو، جيتوڻيڪ برطانوي سامراج مخالف هو، پر ڀارت اندر تاريخي قومن جي وجود ۽ انهن جي آزاد رياستن جي حق کان انڪاري هو. انڊين نيشنل ڪانگريس ۽ مهاتما گانڌي ان جا وڏا حامي ۽ پرچارڪ هئا. (۲) مذهبي قومي تصور ۽ ورهاڱي جي نظريي جا حامي، برطانوي راڄ جا اڻ سڌا حامي ۽ انهن جي معرفت پاڪستان جي قيام لاءِ راهه هموار ڪري رهيا هئا. مسلم ليگ ۽ قائد اعظم ان جا وڏا حامي ۽ پرچارڪ هئا. (۳) آزاد سنڌ جو نظريو: هي ڳالهه سڀ کان پهرين، سنڌ مان مولانا عبيدالله سنڌي ڪئي. ٻي عالمي جنگ کانپوءِ جي عالمي ۽ علائقائي حالتن ۽ بغاوت جي پسمنظر ۾ مٿي بيان ڪيل سياسي نظرين مان فقط مذهبي قومي تصور تحت پاڪستان جي قيام جو ماحول ٺهيو، نه اکنڊ ڀارت رهيو ۽ نه سنڌ سميت ٻين ملڪن آجپو ماڻيو. جيتوڻيڪ برطانوي تسلط جو دور پورو ٿيو. ان کانپوءِ مختصر عرصي اوڀر پاڪستان بنگلاديش بنجي ويو. سائين جي ايم سيد ويهين صديءَ جي اهم سياسي شخصيت آهي. سيد پنهنجي حياتيءَ ۾ ۷۵ سال سياسي، ادبي ۽ عملي جدوجهد ڪئي. سندس پنجونجاهه ڪتاب لکيل آهن، جن مان اڪثر ڇپيل آهن ۽ مختلف ٻولين ۾ ترجما ٿي چڪا آهن. ڪل ملائي ۳۲ سال قيد ۽ نظربندي ڀوڳيائين. سڀني بااثر وڏن ماڻهن وانگر سائين جي ايم سيد جا مداح به آهن ته ڪٽر مخالف به. پر ڪجهه بنيادي ڳالهيون، جيڪي جي ايم سيد جا مخالف به تسليم ڪن ٿا، اهي هي آهن ته سيد سڄي زندگي سنڌ ۽ سنڌين جي ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪيو. پنهنجي خيالن ۽ نظرين تي اٽل رهيو ۽ هن ڪڏهن به سوديبازي ڪري رعايتون نه ورتيون. هو قومپرستيءَ جي جديد نظريي جو باني ۽ سنڌين ۽ سنڌ جي سڃاڻپ آهي. آئون جي ايم سيد جي سڄي حياتيءَ جي جدوجهد کي ٽن حصن ۾ ورهايان ٿو: پهريون دور ۱۹۱۷ع کان ۱۹۴۶ع تائين. ٻيو دور ۱۹۴۶ع کان ۱۷۷۱ع تائين ۽ ٽيون دور ۱۹۷۲ع کان وفات تائين. ٽنهي دورن ۾ سيد جا نظريا، خيال ۽ پارٽيون تبديل ٿيون. تجربن ۽ غلطين مان بهتر نتيجا ڪڍندو رهيو، پر ٽنهي دورن ۾ هڪڙي ڳالهه مشترڪ آهي ته جي ايم سيد وٽ شروع کان آخر تائين، اوليت ۽ اهميت هميشه سنڌ ۽ سنڌي قوم جي مفادن جي رهي. تنهن ڪري سيد، سنڌ جي سياست جو بنيادي حوالو آهي. ڪالم جي شروع ۾ مون ننڍي کنڊ ۾ ٽن سياسي جماعتن جي ڳالهه به ان ڪري ڪئي، جو جي ايم سيد جي سڃاڻپ ته سنڌ آهي، پر هو ننڍي کنڊ جو اهم سياستدان به هو. جيڪي به ماڻهو ننڍي کنڊ جي سياست کي، ڀارت ۽ پاڪستان کي يا سنڌ ۽ سنڌي قوم کي سمجهڻ ۽ پرکڻ چاهين ٿا، انهن لاءِ جي ايم سيد کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ لازمي آهي، ڇاڪاڻ ته جي ايم سيد جي راءِ گهٽ ۾ گهٽ سنڌ جي حوالي سان Authority آهي. ننڍي کنڊ جي سياسي نظرين جي لحاظ کان ڪالم جي شروعات ڪرڻ جو ٻيو سبب اها تنقيد آهي، جيڪا سيد جا مخالف ڪندا آيا آهن ته سيد سنڌ جي آجپي جو نعرو (۱۹۷۲ع) وقت کان اڳ ڏنو آهي. ننڍي کنڊ جي ان وقت جي سياسي نظرين جو حوالو ڏيئي، منهنجو مقصد انهن مخالفن کي اهو ياد ڏيارڻ آهي ته آزاد سنڌ جو نعرو ۱۹۷۲ع ۾ وقت کان اڳ جو نه آهي، پر جي ايم سيد جي سياسي تجربن کانپوءِ جو آهي، نه ته مولانا عبيدالله سنڌي ۱۹۴۰ع ڌاري اهو نظريو ڏئي چڪو هو ۽ ۱۹۴۳ع ڌاري شهيد سورهيه بادشاهه آزادي يا موت، وطن يا ڪفن جي نعري تحت گوريلا جنگ ڪري تختهء دار تي به چڙهي چڪو هو. دراصل نظريا جنم ئي تڏهن وٺندا آهن، جڏهن معاشري کي انهن جي ضرورت هوندي آهي. جيئن سرمائيداري جي ارتقا ۾ مارڪسزم جو نظريو، وقت جي ضرورت هئي يا انتهاپسنديءَ خلاف زرعي معاشرن ۾ تصوف ۽ پاپائيت خلاف سرمائيدار معاشرن ۾ سيڪيولر ازم جي نظريي جي ضرورت هئي، ڇاڪاڻ ته نظريو ڏيندڙ صرف پنهنجي ذهني اختراع وسيلي ذهني عياشي نه ڪندو آهي، پر اهو انساني معاشري جي تاريخ، حالتن ۽ ضرورت کي گهڻ پاسائون ڏسي، اهڙا نتيجا ڪڍندو آهي، ان لاءِ ۽ ڪو هڪڙو واقعو نه، پر ڪيئي واقعا سبب بڻبا آهن. ۱۹۷۲ع ۾ چند نوجوانن تي مشتمل پنهنجي نظريي جي شروعات ڪندڙ جي ايم سيد جي هلچل، ’جيئي سنڌ‘، اڄ سنڌ جي لکين ماڻهن جي دلين جي ڌڙڪن، ۽ زبان تي نعري جي صورت وٺي رهي آهي، کڻي جو ڪيترائي ٿاڻا، ٽارچر سيل، جيل ۽ قبرون اها ڳالهه ثابت ڪن پيون ته سنڌ جي ويرين سيد جي فڪر ۽ تحريڪ کي ڪچلڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي، پر پوءِ به تحريڪ ۾ واڌ آئي آهي، جنهن سان به ثابت ٿئي ٿو ته هي نظريو ڪو اوچتو يا وقت کان اڳ جو ناهي. اڄ به سنڌ ۾ ڀلي کڻي ڪيتريون ئي سياسي جماعتون هجن، پر سياسي حوالي سان ٻه صرف ڪيمپون آهن، هڪ سنڌ دوست ڪيمپ ۽ ٻي سنڌ دشمن ڪيمپ. اهو جي ايم سيد ۽ جيئي سنڌ هلچل جي جدوجهد جو ڪمال ۽ وقت جي ضرورت آهي ته وفاق پرست جماعتون (جن مان اڪثر پنهنجي فڪر و عمل ۽ جوهر ۾ سنڌ دشمن آهن) پاڻ لاءِ سنڌ دوست تاثر ڏيڻ تي مجبور آهن ۽ اها اسان جي ڪمزوري آهي ته سنڌ دوستيءَ جون دعويدار ڌريون، وفاق پرستن سان هٿ ملائين ٿيون. اهي سنڌ دشمن ڌريون، جيڪي پاڻ کي سنڌ دوست سڏائين ٿيون، ۽ ڌارين ۽ انتهاپسندن سان گڏجي سنڌ جي حقن جي حاصلات لاءِ پارليماني واٽ وٺن ٿيون. انهن جا نتيجا ته ۱۱ مئي وارين چونڊن بعد پڌرا ٿيندا، پر آئون اڄ ئي چئي ڏيان ٿو ته قومپرست سياسي پارٽيءَ جي حيثيت ۾ يا قومپرست اتحاد جي حيثيت ۾ اهي سوڀارا نه ٿيندا، ڇاڪاڻ جو اهي جي ايم سيد جي تحريڪ کي ڌَڪين ۽ ڌِڪين ٿا ۽ رياست جي دوستن جي ڪيمپ ۾ انهن جي شرطن ۽ طريقن سبب داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪن پيا، جن کي سنڌ جو عوام رد ڪندو، ڇاڪاڻ جو سنڌ جي عوام جي نظرن ۾ قومپرستي، جيئي سنڌ سان مشروط آهي ۽ جي ايم سيد سان ڳنڍيل آهي. آخري ڳالهه ته جيتوڻيڪ سيد جي فڪر واري تحريڪ، چند نوجوانن کان شروع ٿي لکين ماڻهن تائين پهتي آهي، پر ان ۾ ٻه اوڻايون آهن، هڪ ته اها ٽڪرن ٽڪرن ۾ ورهايل آهي ۽ ٻيو فڪري لحاظ سان، ڪارڪنن جي تربيت ناهي. آدمشماري ۾ واڌ، تعليم جي شرح ۾ اضافي، ميڊيا جي ذريعن ۽ ترقي ۽ ٻين سببن جيتوڻيڪ هلچل ۾ مقداري واڌ آئي آهي، پر اها واڌ غير معياري آهي. اڄ جڏهن اسين، سن ۾ رهبرِ سنڌ جي ورسيءَ جي موقعي تي ڪارڪنن سان مخاطب آهيون ته ان وقت اسان جي سامهون جيڪي وڏا چئلينج آهن ۽ جيڪي اڄ جون ضرورتون به آهن، اهي هي آهن: . جيئي هلچل، جيڪا مختلف تنظيمن ۽گروهن ۾ ورهايل آهي، انهن گروهن جو تعداد گهٽائي منتشر طاقت کي منظم ڪريون. ڪارڪنن ۽ حامين جي فڪري تربيت ڪريون. ۱۹۷۳جي ايم سيد جي فڪر جي بنياد تي پنهنجي طاقت کي گڏ ڪريون ۽ پنهنجي فڪر ۽ طاقت جي بنياد تي سياست ڪريون. انتهاپسندي ۽ دهشتگرديءَ کان خوفزده ٿيڻ ۽ انهن جو ساٿ حاصل ڪرڻ جون سڀ ڪوششون رد ڪري، جي ايم سيد جي تصوف، مذهبي رواداري ۽ سيڪيولرزم جي مورچي کي منظم، مضبوط ۽ وسيع ڪريون. .ڪارڪن ته هزارين/لکين پيدا ٿي چڪا آهن، پر هاڻي پنهنجي تحريڪ ۾ چند سُلجهيل ۽ هم آهنگ سياستدانن جي ٽيم به تيار ڪريون، ته پوءِ بيشڪ سيد جو خواب، ساڀيان حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندو. سيد، اڪيلو هو، پر رياستي ادارن ۽ ان جي حامين تي حاوي هو. پر اسين تعداد ۾ کڻي جو وڌيا آهيون، پر مقابلي جو معيار اهو ناهي. مقابلي جو معيار وڌائڻ ۽ ميدان جي چونڊ اسان کي ڪرڻي آهي. طريقو پنهنجي سگهه، حالتن آهر اختيار ڪبو ۽ فيصلو ايندڙ وقت ئي ڪندو. سائين جي ايم سيد جنهن سنڌين کي سنڌ ارپي هيمون ڪالاڻي/حيدرآباد سنڌ جي هِنئين ۾ هرندڙ هي اپريل جا ڪوسا ڏينهن ۽ دردن جي دونهين ۾ دزجندڙ ڏيهن لاءِ امن عالم جو پيغام رکندڙ هيءَ ڌرتي، جنهن جي وجود تي دشمن گھات هڻڻ لاءِ آتو آهي. اتي سيد جون اکيون جل ٿل بڻجي اندر ۾ اوتبيون ٿيون اچن. سائين جي ايم سيد، جنهن نئين سنڌ جي تخليق ڪندي، ان جو شاندار ماضي ورائڻ لاءِ جيڪي جتن ڪيا، قيد ۽ نظربندين جون عقوبتون سَٺيون، انهن لمحن سميت هن قافلي جي هر هڪ شهيد جي ساهه جي آخري هڏڪيءَ جو قرض ۽ ان جو احتساب پڻ سن ۾ ٿيڻو هوندو آهي ته اڄ هن پٿرائين ڌرتيءَ تي جتي سنڌ جي آئيندي جا خواب سهيڙجن ٿا، اتان بيهي اگر سن جي سائينءَ جي سپنن جي ساڀيائن کي سمجھي، سندس ڪم ۽ رفتار کي جاچي لڌوسين ته هوند سنڌ جي ميرانجھڙي سينڌ، ڌارين جي ڪٽڪن، سنڌ جي وجود مٿان لٽڪندڙ تلوار، معاشي، سماجي ۽ سياسي ڦرلٽ، ذهني ۽ جسماني نسل ڪشيءَ سميت ٿيندڙ سڀئي ڌارين جون ارهه زورايون ۽ درپيش خطرا ڏسي سگھبا ۽ انهن حالتن ۾ قومي تحريڪ جي مزاج، ڪردار، اڳواڻن جي صلاحيتن ۽ پاليسين کي به جاچي لهڻ سهنجو هوندو. سائين جي ايم سيد، جنهن چيو هو ته: ”سنڌ کي درپيش خطرن کي جيئن مون ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي، تيئن جيڪڏهن اوهين محسوس به ڪيو ته، هوند ننڊ سمهي نه سگھو.“ اڄ تاريخ جي هن دور ۾ سنڌ جي جاگرافيائي حيثيت وري اهنج ۽ ايذاءَ جي تلوار هيٺ هئڻ سميت ’طاقت سان اڳتي وڌيو يا مرڻ لاءِ تيار ٿيو‘ واري حالت کي پهتل آهي، اتي پنهنجو احتساب ڪرڻ سميت ليڊرشپ ۽ ان جي عمل توڙي ڪردار جو احتساب ڪرڻ ضروري آهي، نه ته شينهن جي اڳواڻي ڪندڙ رڍون ڀلا دشمن کان انهن جو ڪهڙو تحفظ ڪري سگهنديون! اهو ڪارڪنن توڙي قومي تحريڪ جي اڳواڻن کي وقت سر سمجهڻو پوندو. سلام سن جي ان سائينءَ جي هر هڪ ساهس کي، جنهن سنڌ جو شعور ڏنو ۽ اڄ سنڌ سنڌين جي ماتر ڀوميءَ طور انهن جي عقيدت جو پهريون ۽ اولين نقطو آهي، جتي انگ اگھاڙا، توڙي انگوڇن ۾ ملبوس مارو گڏجي ڌرتيءَ جي سلامتيءَ لاءِ مڙي مٺ ٿين ٿا. جي ايم سيد آزاديءَ جي احساس جـهڙو شخص مولائي ملاح معصوميت ۾ ئي يتيميءَ جو بار پنـهـنجن ڪلـهـن تي کڻي جواني ماڻيندڙ، سيد گھراڻي جي هن سلڇڻي ٻار لاءِ اهو ڪنـهـن ٿي ڄاتو ته هو اڳتي هلي سنڌ جو اهڙو يگانو عاشق بڻبو جو ان جي عشق ۾ پنـهـنجي سموري حياتي داءَ تي لڳائي ڇڏيندو. هن جو ڌرتيءَ سان نينـهـن جي ناتي جو انداز به نرالو آهي. هن پـهـريون پيار پنـهـنجي ڌرتيءَ سان ڪيو. ائين ئي هن جو ڪيل عشق، عشق جي بلندين کي ڇـهـڻ لڳو جنـهـن کيس امر بڻائي ڇڏيو. هن جو عشق اتاهون هيو هر جابر جي ذات اڳيان، جنـهـن کي وقت، رياست جا لوهي هٿ به جھڪائي نه سگھيا. هن مشڪل گھڙين ۾ به امرت جو جام پيتو جنـهـن سندس عشق کي سگھارو بڻائي ڇڏيو. نياز همايونيءَ چواڻي ته: تنـهـنجو عشق اتاهون سيد، هر جابر جي ذات اڳيان، تنـهـنجو ڪنڌ جھڪڻ جو ناهي، ڪنـهـن ڀي لات منات اڳيان. سيد، سنڌي قوم کي پنـهـنجي سڃاڻپ ڏيڻ کانپوءِ، سنڌ مٿان پنـهـنجي عشق جا ساگر اٿلائي ڇڏيا. سنڌي قوم جڏهن سندس سنڌ شناسائيءَ واري پيغام کي سمجھڻ لڳي ته مٿس موهت ٿي، مداح بڻجي وئي. سنڌ جي ماڻـهـن جڏهن سيد جي ڏنل قومي فڪر ۾ پاڻ کي سڃاڻي ورتو ته سندن ۾ لطيف جي ٻوليءَ ۽ ڌرتيءَ جي وارثي ڪرڻ جو وشواس وڌڻ لڳو. جيڏي ڌرتي ديس جي، جيڏو هي آڪاس، جيڏو ماڻـهـوءَ منجھ آ، جيئڻ جو احساس، ايڏو ئي وشواس، منـهـنجو سيد سنڌ ۾. سنڌ سان سيد جي عشق جو ناتو ائين هيو جيئن ڪائي ٻڍڙي ماءُ پنـهـنجي جوان پٽ سان پيار ڪندي آهي. ان عشق ۾ کيس سڄي حياتي آزاد فضا ۾ ساهه کڻڻ جي اجازت نه رهي. هن جڏهن به پنـهـنجي محبوب قوم کي پنـهـنجي سيني سان لائڻ جي ڪوشش ڪئي ته رياست جي مـهـندارن جھنڊي جي جرم ۾ کيس قيد ڪري ڇڏيو. کيس قيد، نظر بند ته هر آمريتي دور ۾ ڪيو ويندو هيو. پر جمـهـوريت ۾ به سندس قيد سندس قيدي تاريخ جو انوکو باب بڻيو. هت هونءَ ته هر قسم جي قيديءَ کي ڪنـهـن نه ڪنـهـن طرح سان ڪائي سـهـوليت، آزادي مليل هوندي آهي پر سنڌي قوم کي سياسي قومي شعور ڏيڻ جي جرم ۾ سنائي سيد کي سدائين ڪارن قانونن هيٺ نظر بندين جي لوهي ڪوٽن ۾ بي گناهه بند ڪيو ويو. نظر بندين ۾ رهندي به سيد سندن اڳيان آڻ نه مڃي ۽ هو پنـهـنجي عمل ۾ مصروف رهيو، نظر بنديءَ جي اهڙي ماحول ۾ به هي قومي جاڳرتا لاءِ لوچيندو ۽ سوچيندو رهيو. هن اتي قلمي پورهيو جاري رکيو جنـهـن سان هي وقت جي حاڪمن جي بنيادن کي لوڏيندو رهيو. سيد، پنـهـنجي قوم کي شعور ڏيڻ لاءِ ڪيترائي ڪتاب لکيا جن تي وقت جي غاصب قوتن، پابنديون مڙهي ڇڏيون. سيد سندن قيد ۾ رهڻ کانپوءِ به کين عوامي محبت، قوت کان بي هٿيار ڪندو رهيو قيد، بند ۾ سندس ڏات ئي وڏو هٿيار رهي جئين اياز چواڻي ته: مون ڏات انوکي آندي آ، ٿي تند وڙهي تلوارن سان، ٿا ڀاري تنـهـنجا برج لڏن، تون هيڻو آن، هٿيارن سان. وقت جي آمر قوتن جڏهن سنڌ جي حقن کي ڦٻائڻ لاءِ سنڌ تي ون يونٽ جـهـڙو وار ڪيو ته سيد جي فڪر، ئي سستيءَ جي ننڊ ستل ماڻـهـن کي اکيون مـهـٽي اٿڻ تي مجبور ڪيو ۽ پوءِ سنڌ هڪ آواز ٿي ڪَرَ موڙي اُٿي پئي. جنـهـن جي گونج سنڌ جي گلي گلي ۾ اياز جي گيتن ۾ ٻرڻ لڳي. سيد پنـهـنجي سڄي حياتي ڌرتيءَ جي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجـهـد ڪندي گذاري ڇڏي. سندس زندگيءَ جا آخري ساهه پساهه به قيد، بند واري ڪيفيت، حالت ۾ ئي گذريا. اهڙي قيد تي کيس “ضمير جو قيدي” وارو اعزاز به مليو. سيد اعظم پنـهـنجي قوم کي جيڪو فڪر ڏنو ان تان هن ارڏي عاشق زندگيءَ جي آخري گھڙين تائين هٿ نه کنيو؛ ان عشق ۾ هو سڄي حياتي رمندو رهيو ۽ سنڌ جي آزاديءَ، خوشحاليءَ جي پرهه ڦٽيءَ جـهـڙي باک جي ساک جو پيغام ڏيندو رهيو. جنـهـن پيغام کي اياز پنـهـنجن لفظن ۾ عوام تائين هيئن پـهـچايو ته: جوت ٻرندي رهي رات ٺرندي رهي باک جي ساک اڄ مان ڏئي ٿو وڃان! اڄ چئي ٿو وڃان مڌ ريٽي جيان نيٺ سنڌوءَ مٿان اڀرندو ساٿيو! مان چئي ٿو وڃان. سيد کي سڄي حياتي صرف ان جرم ۾ قيد، نظر بندين ۾ رکيو ويو جو هن سياست ۾ سچ ٿي ڳالـهـايو.!! هو هن سياست جي گدلي سينور ۾ اهو اُجرو نيل ڪنول هيو، جنـهـن جي پاڙ پاتال تائين هوندي آهي ۽ ڍنڍ جو پاڻي جيترو مٿي هوندو آهي هو ان جي مٿان پيو ترندو آهي. هن سياست جي واديءَ جي بي داغ ستاري من جي اُجري، صوفي منش ماڻـهـونءَ جو عالم انسانيت لاءِ ڏنل پيغام شاهه جي هن شعر جي تشريح آهي.ته: سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار، دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪـرين. سيد جو ڏنل پيغام دنيا جي مڙني مظلوم، محڪوم قومن لاءِ آهي؛ جنـهـن جي پالوٽ مان امن ۽ آزاديءَ جون، سڪايل ۽ اُڃايل قومون سيراب ٿي سگھن ٿيون. سيد چواڻي ته: ”سنڌ صدين کان آزاد ڌرتي رهي آهي، جنـهـن تي ڪنـهـن کي به قابض ٿيڻ، ان جي وسيلن کي ڦٻائڻ ۽ ان جي تاريخي، جاگرافيائي حدن، حقن سان هٿ چراند ڪرڻ جي ڪنـهـن کي به اجازت نه ڏبي. سنڌي هڪ قوم آهي جنـهـن کي پنـهـنجي ڌرتي آزاد گھرجي ٿي.“ اڄ سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي قوم، جنـهـن سياسي، معاشي انتشار ۽ فڪري سوڪـهـڙي جو شڪار آهن اهڙي سمي سنڌ وري به اهڙي ئي پاڻيءَ جـهـڙي پياري ماڻـهـونءَ کي ساري ٿي جيڪو سندس اڃ اُجھائي سگھي. اڄ سيد جي پيروڪارن جون، ”واٽون ويـهه ٿيون، ڪهه ڄاڻا ڪـهـڙا پرين!“ واري ڪيفيت آهي. اهڙين مايوس ڪن حالتن ۾ ئي سنڌ پاڻيءَ جـهـڙي پياري ماڻـهـونءَ جي ضرورت کي محسوس ڪري رهي آهي. جنـهـن جي سچن جذبن سان ئي سندس ترقي، امن ۽ خوشحالي سلـهـاڙيل هئي. اڄ سن کي سنڌ تي سوچڻ گھرجي. اڄ ڌرتي ڌڻين جي هڪ هنڌ گڏجڻ جو ڏينهن آهي. اڄوڪو ڏينهن سڀني قومي ڪارڪنن کان تقاضا ٿو ڪري ته پاڻ ۾ پيدا ٿيل رنجشون ويڇا وساري سنڌ جي امن ۽ سلامتيءَ خاطر هڪ ٿي سيد جي ڏنل پيغام کي اڳيان وڌايون. سائين جي ايم سيد جو ميران محمد شاھ کي لکيل يادگار خط سنڌ جي بمبئيءَ کان آزادي جو ڏينهن ور تو زين دست مرا بي سرو سامان داري، من بسه آهِ سحرت زلف مشوش دارم برادرم عزيز، تسليم اڄ اوهان جي سمع خراشي ان ڪم لاءِ ڪريان ٿو، جنهن لاءِ شايد اوهين تيار نه هجو: حديث دوست نگويم مگر بحضرت دوست، ڪه آشنا سخن آشنا نگهه دارد. سنڌ جدا ٿي، نهايت خوشيءَ جي ڳالهه آهي، پر ان سنڌڙيءَ جي مٿان مون کي نهايت پريشان ڪندڙ ڪارا ڪڪر نظر اچي رهيا آهن. سبزيءَ ۽ باد بهاريءَ جي بدلي، مون کي خزان جا آثار نظر پيا اچن. سنڌ آزاد ٿي سو ته چڱو ٿيو، پر چئوطرف کان ماڻهو ان کي مال غنيمت سمجهي هضم ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويا آهن. خود مطلب ماڻهو صرف پئسي يا اثر جي سبب ان جي دامن عصمت کي ٽوڙڻ لاءِ ڳجهن وانگر اکيون کوڙيو بيٺا آهن ته ڪڏهين ٿيون اليڪشنون ٿين ته اسين ٿا چونڊجون. انهن مان هر هڪ کي پنهنجي لاءِ سبز باغ نظر اچي رهيا آهن. ڪن جو خيال آهي ته ميمبر ٿيڻ ڪري هو ووٽ جي اثر هيٺ، وزيرن معرفت ڪامورن کي پنهنجي قبضي ۾ رکي، آسپاس جي ملڪ ۽ ماڻهن تي اقتدار حاصل ڪندا. ڪي وري ان طمع ۾ گرفتار آهن ته پنهنجيءَ وسيع جائداد ۽ ملڪيت جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ هيءُ هڪ ڪارگر هٿيار ٿيندن. ڪي ائين پيا سمجهن ته هينئر ڪو پڇين به ڪو نه ٿو، سو پوءِ وڏا وڏا ماڻهو سندن درن تي ڌڪا جهليندا ڪن کي وري لقبن حاصل ڪرڻ جون لالچون آهن. لٿي به، چاچي ولي محمد شاهه وانگر، وقف ائڪٽ رد ڪرائڻ جو مقصد کنيو بيٺا هوندا. اهي ارادا آهن اڻپڙهيل يا نيم خوانده، وڏيرن جا، هاڻ هلو ته پڙهيل طبقي جي ارادن ۽ اميدن کي نظر مان ڪڍون سر غلام حسين پيو سمجهي ته سنڌ ۾ هن جهڙو قابل ۽ تجربيڪار ٻيو ڪو به ڪو نه آهي، تنهنڪري چيف منسٽر ٿيڻ لاءِ هن کان سواءِ ٻيو ڪوبه لائق ڪونه آهي. اهو وڏو گناهه ٿيندو جي ٻيو ڪوبه چونڊجي وڃي تنهنڪري، ان ڪار خير ۾ هو پنهنجي اڳين ڪمايل ملڪيت ۽ اثر صرف ڪري، ضرور انهيءَ گديءَ کي هٿ ڪندو. هن کان سواءِ سنڌ جي ستياناس ٿي ويندي، ان لاءِ هو هرڪا مناسب ۽ نامناسب ڪوشش ڪرڻ ضروري ٿو سمجهي. جنگ ۾ ڪاميابي مراد اٿس. ٻئي طرف سنڌ جي امير النسل ماڻهن جو عيوضي، سر شاهنواز ڀٽو، جو سنڌ سرڪار جو صلاحڪار آهي، سو سنڌ جي حڪومت جي واڳ سر غلام حسين يا ٻئي ڪنهن جي هٿ ۾ ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي. ٻيا سڀ سندس نظر ۾ دغاباز ۽ خود مطلب آهن. هي اخلاق جو علمبردار آهي ان ڪري سڀ طريقا اختيار ڪري حڪومت جي واڳ پنهنجي هٿ ۾ آڻڻ جي پٺيان پيل آهي. اڳتي هلندا ته ڏسڻ ۾ ايندو ته ميان کهڙو خان بلند آواز سان ماڻهن کي پڙهو ڏيئي رهيو آهي ته سنڌ آزاد ڪرڻ، ڇٻلائيءَ سان مقابلا ڪرڻ ۽ مسلمانن جي حقن لاءِ لڙڻ ۾ هن ڪثر ڪانه ڇڏي آهي. ان ڪري هن کي به ڪجهه نه ڪجهه ملڻ گهرجي، نه ته هو پنهنجو گروپ مير بنده علي خان وغيره سان ٺاهي، زوريءَ به ڪا جاءِ وٺندو. انهيءَ وچ ۾ سنڌ جي الهندي گوشي کان هڪ سنهي، چالاڪ نوجوان جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، جنهن جو نالو خانبهادر الهه بخش هو. ان سندس بمبئي ڪائونسل ۾ مختلف ڪميٽين تي ڪم ڪرڻ، تجربي، هندو. مسلم لاڳاپي ۽ سر شاهنواز ڀٽي جي دوستيءَ جو حوالو ڏيندي. پنهنجو ڪليم پيش ڪيو، سنڌ جي ڪنهن به جوڙجڪ ۾ هن جي حق کي ريٽڻ ٺيڪ نه ٿيندو. هن انهيءَ نقطه نگاهه کان اپر، سنڌ ۾ اڳي ئي اثر وڌائڻ شروع ڪيو هو، بلڪ نواب شاهه ۾ لاڳاپا قائم ڪرڻ شروع ڪيا هئا. ان کان پوءِ هڪ سيد نوجوان چڱيءَ طرح ڊريس پاتل، بي اي ايل ايل بي اٿي کڙو ٿيو. ان سندس ساداتيءَ فوور سنڌ جي نالي خدمت خلق جي آڌار تي، حق طلبي ڪرڻ شروع ڪئي: ان جو نالو سيد ميران محمد شاهه هو. ان به سنڌ جي جدائيءَ بمبئيءَ ۾ مسلم بلاڪ جي سيڪريٽريءَ هجڻ ۽ پنهنجيءَ لياقت جو حوالو ڏيئي تقاضا ڪئي ته کيس ضرور ڪجهه نه ڪجهه ملڻ گهرجي. ان کان پوءِ، گزدر صاحب پنهنجو انجنيري تجربو، سکر براج جو هلائڻ ۽ پنهنجي بمبئي ڪائونسل جي ڪار گذاري پيش ڪندي چيو ته کيس وسارڻ سراسر غلطي ٿيندي. ان کان پوءِ شيخ عبدالمجيد سنڌي اٿي، مٿين سڀني خواهشمندن کي مخالف ٿي چوڻ لڳو ته اوهين سڀ سرمائيدار گڏ ٿي، ڀانئيو ٿا سنڌ جي مال غنيمت کي ورهائي کڻندو. اوهان کي ائين ڪرڻ نه ڏبو. هن سندس خلافت، ڪانگريس، مسلم ليگ تحريڪن ۽ جيل ۾ وڃڻ جا حوالا ڏنا ۽ ”الوحيد“ اخبار ذريعي ماڻهن ۾ سجاڳي آڻڻ جو ذڪر ڪيو. اوهان سڀني کي گڏجي، سنڌ جي ڀلائيءَ خاطر، خودمطلبيءَ کي ڇڏي، باهمي سمجهوتي سان ڪم ڪرڻ گهرجي نه ته اوهان جا ماڻهن اڳيان پول پڌرا ڪبا ان کان پوءِ ٻه ٽي هندو ڪارڪن اٿيا، جن چيو ته سنڌ جدا ٿي ته ائين نه سمجهو ته سموري طاقت اوهان جي هٿن ۾ اچي ويئي. اسان جا ميمبر اسيمبليءَ ۾ ٽيون حصو آهن. اوهين وڏيرا پاڻ ۾ عهدن تان لڙي اسان جا محتاج ٿيندا، تنهنڪري حڪومت جي واڳ اسان جي هٿ ۾ رهندي، سو اوهان کي اسان سان فيصلو ڪري پوءِ ڪو ڪم ڪرڻو پوندو. اهي حالتون ڏسي مون کي هڪ هاتفي آواز ڪن پيو، جو چئي رهيو هو ته اي سنڌ جا ڪارڪن، خودمطلبي ڇڏي، ملڪ ۽ ماڻهن جي ڀلي لاءِ ڪو پروگرام ٺاهي، سنڌ جي خدمت ڪرڻ شروع ڪريو، نه ته اوهان مان گهڻن جو حشر نهايت عبرتناڪ نڪرڻ وارو آهي. ڪي اليڪشن ۾ ناڪامياب ٿي، کٽي وڃي گوشه تنهائي ۾ ويهندا. ڪي هڪٻئي جي خلاف سازش ڪري، سنڌ جي سياست کي خودمطلبيءَ جو آکاڙو بنائيندا. ڪي باوجود خدمت ڪرڻ جي ، عوام جي خواب غفلت جون دانهون ڪري، وقت گذاريندا. هندو مسلمانن جي خلاف سازشون ڪندا، ته انهن جي ردعمل ۾ مسلمانن جو هڪ فرقو فرقيوار نفرت ڦهلائيندو. نتيجو اهو نڪرندو ته اها ورهين جي محنت کان پوءِ ڪيل آزادي، ملڪ لاءِ آباديءَ جي عيوض بربادي آڻيندي. تاريخ شاهد آهي ته جيڪي ماڻهو اتفاق ۽ خدمت خلق جي راهه کي ڇڏي، خودمطلبين ڪري ورهائجي. خانه جنگيءَ ۾ مشغول ٿي ويا، انهن کان اها مليل امانت کسجي ويندي ۽ وري عبرت ۽ سزا لاءِ کين گهڻو وقت مصيبتن ۾ مبتلا ٿيڻو پوندو. ان آواز کان متاثر ٿي آءُ توکي هي خط لکي رهيو آهيان. اي ميران محمد شاهه مون کي تو ۾ گهڻيون اميدون آهن تون ان نسل جو فرد آهين، جنهن پيٽ سان پٿر ٻڌي خلق خدا جي خدمت ڪئي. جنهن جي ڏاڏي، باوجود خليفه وقت هئڻ جي، نوڪرياڻي گهر ۾ انڪري نه رکي ته متان بيت المال جو پئسو شخصي ڪم لاءِ ڪتب اچي. جنهن جو ڏاڏو حق جي آواز بلند ڪرڻ خاطر ڪربلا جي ميدان ۾ اولاد سان قتل ٿيو، پر ناحق اڳيان سر نه نمايائين ۽ تيرهن سئو ورهين تائين ان جو نسل ماڻهن جي خدا ڪارڻ خدمت ڪندو پئي آيو آهي. سياسي اقتدار حاصل ڪرڻ ۾ جڏهن به اوهان ڪوشش ڪئي آهي، اڪثري ناڪامياب ٿيا آهيو. خدا جي خواهش آهي ته جيڪڏهن اوهين پنهنجن وڏن جي روايت کي قائم ڪرڻ گهرو ته عوام جي ڀلائيءَ ۽ بهتريءَ لاءِ هر قسم جي لالچ ۽ خود مطلبي ڪڍي ڇڏيو. وزيرن ۽ گورنرن مٿان قبا ڪونه اڏبا آهن، خدا جي راهه ۾ بي لوث خدمت ڪرڻ وارن کي اهو درجو نصيب ٿئي ٿو. دنيا ۽ دين ٻيئي هڪ مُٺ ۾ نه ايندا. جيڪڏهن ڀانئين ته تنهنجي سنڌڙي سرسبز ۽ شاداب ٿئي ۽ ان ۾ تنهنجي مرضيءَ مطابق سڌارا ٿين، ته وزارت يا آمارت جي لالچ ڪڍي ڇڏ. بادشاهن کان، بادشاهه بنائڻ وارن، جو درجو وڌيڪ آهي. ”ڪانياري ٻلي، ڪُئي سندي زال“. اهو مثال مشهور آهي. خودمطلبي ٻين کي شايد ڀانءِ پوي، پر توکي نه پوندي. ان طريقي سان هلڻ ڪري، توکي وڏا مرتبا ملڻ وارا آهن. تون سمجهين ٿو ته وزير ٿيڻ سان تون وڌيڪ ملڪ جي خدمت ڪري سگهندين. پر تو کي اها خبر هئڻ گهرجي ته اوستائين تون وزير ٿيندين ئي ڪو نه، جيستائين ڪنهن گروپ سان ملي، اصولن ۽ جي بهتريءَ کي هڪ طرف رکي، ڏي وٺ نه ڪئي اٿئي. مون کي تو ۾ گهڻيون اميدون آهن. انهيءَ ڪم ۾ آءُ توسان ٻانهن ٻيلي ٿي، پويان هلڻ لاءِ تيار آهيان. تو کي الله تي توڪل رکي، ان ڪم ۾ هٿ وجهڻ گهرجي. اهو رازق آهي حال تي موهجي مستقبل کي قربان نه ڪرڻ گهرجيئي. جيئن هيترو وقت ڏکيو سکيو گذران پئي ٿيو اٿئي. تيئن آئيندي به پيو ٿيندءِ. پر قرباني جو خيال ڌاري، ميدان ۾ نڪرڻ گهر جيئي. تون سنڌ جو ”ڪمال“ بنجي سگهين ٿو. بشرطيڪ، بنا مطلب جي گروپ ٺاهي حڪومت ۾ شامل ٿيڻ کان سواءِ، وزيرن کان پنهنجيءَ ڪي پوزيشن (Key Position) جي عيوض، ملڪ ۽ قوم جا ڪم ڪرائيندين. ان حالت ۾ وزير توکان ڪبدا، تنهنجو نالو ملڪ ۾ مشهور ٿي ويندو. وڪالت مان ئي گهڻي ڪمائي ٿيندءِ. هيءَ اپيل ٻين کي ڇڏي، توکي ان لاءِ ٿو ڪريان ته تو ۾ درويشي جزو ڏسان ٿو ۽ محبت اٿم. هن وقت مالي مشڪلاتن ۾ ذرا آسودي زندگي گذاري جي شوق توکي ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي، پر اميد ته تنهنجي حميدت کي جوش ڏيارڻ ڪري تون اڳواڻيءَ جي لائق ٿي پوندي. تو باز ساعد شاهي م مگرز استخوان هماي همت خود را به بلند ده پرواز آخر ۾ خدا جي درگاهه ۾ سوال ٿو ڪريان ته اهو تنهنجي قلب مان ڪمزوري ۽ لالچ ڪوري ڪڍي ۽ توکي سندس صالح بندن جي صف ۾ کڙو ڪري. سائين جي ايم سيد سندس ورسيءَ جي حوالي سان ٿي ماڪ وسي ميخاني تي الطاف ملڪاڻي ۲۵ اپريل ۱۹۹۵ع جي نٽهڻ اُس هئي ۽ سنڌ جي پٿريلي علائقي ۾ سنڌوءَ ڪناري ڀرسان جڏهن سنڌ جي سائينءَ کي لحد ۾ لاٿو پي ويو ته ائين پي لڳو ڄڻ هڪ پل لاءِ زمين پنهنجي محور جي چوڌاري ڦرندي پنهنجي چرپر کي روڪي ڇڏيو هجي ۽ ڪائنات هڪ پل لاءِ پنهنجو ساهه روڪي ساڪت ٿي وئي هجي ۽ اها ئي هڪ گهڙي هئي جو سن جي شهر مٿان اوچتو خبر ناهي ته ڪا ڪڪري ڪٿان آئي ۽ هن به سيد جي موڪلاڻي واري ڏينهن تي پنهنجي ڪجهه لڙڪن جي ڀيٽا پيش ڪئي. اهو منظر هڪ پاسي حيرت ۾ وجهندڙ هو ٻئي پاسي اهو يقين ڏياريندڙ هو ته واقعي هن پاڻ ته ڪڏهن به پيغمبريءَ جي دعويٰ نه ڪئي پر شايد سندس جامي ۾ لڪل ڪو پيغمبري روح ضرور هو. جنهن ڪري ئي ته زندگيءَ ۾هن کي ڪافر، دهريو ۽ نوجوانن کي کاريندڙ انسان چئي ڌتڪاريندڙ ماڻهو به سندس وصال کانپوءِ پيغمبريءَ جو درجو ڏيڻ لاءِ تيار هئا. سنڌ جو سيد، جنهن کي دنيا جي ايم سيد جي نالي سان سڃاڻي ٿي سو سنڌ جي انهن ڇورن ڇنن، ارڏن ۽ ڏنگن ٻارن لاءِ بڙ جي هڪ اهڙي گهاٽي ڇانوَ هو جتي تتل ڏينهن ۾ لُڪن جا ماريل پکي اچي پناهه وٺندا آهن. سنڌ جنهن کي غلاميءَ جي سنگهرن ۾ سلهاڙيئي صديون ٿيون آهن ۽ جيڪا اداس، اٻالي، اٻاڻڪي هئي. انهيءَ کي سيد جي صورت ۾ هڪ اهڙو آئينو مليو جنهن ۾ کيس پنهنجي وڃايل حُسن جو پرتوو نظر پئي آيو ۽ سنڌ امڙ کي اها پڪ آهي ته هڪ نه هڪ ڏينهن ضرور هن کي پنهنجو وڃايل حُسن واپس ملندو. ها يقينن جيڪڏهن سنڌ جي حسن ۽ جمال کي مادي صورت ۾ ڏسڻو آهي ته پوءِ اسان کي سائين جي ايم سيد جي لکيل ڪتابن ”سنڌي ڪلچر ۽ ديارِ دل داستانِ محبت“ کي پڙهڻو پوندو جنهن ۾ سائين لفظن جي صورت ۾ سنڌ جي حقيقي حسن کي چٽيو آهي ۽ سنڌ جي انهيءَ جوت ۽ جمال کي سيد رڳو سياسي اک سان ڪو نه ڏٺو هو پر هن وٽ لطيف جي فڪر جي اها مشعل هئي جنهن جي روشنيءَ ۾ پنڌ ڪندي سيد اهو محسوس ڪيو هو ته: ”سنڌ جهنگ جبل، نديون ۽ نالا، ميدان ۽ کيت يا رڳو جاگرافيائي ليڪن جي مادي وجود جو نالو نه آهي پر سنڌ جو هڪ ازلي روح آهي ۽ اهو روح ته اُنهي ڏينهن خلقيو ويو هو، جڏهن خالقِ ڪائنات ’الست بربڪم‘ چيو هو ۽ انهيءَ روح کي چٽو ڪرڻ لاءِ جڏهن سيد جي قلم حرڪت ڪئي ته انهيءَ مان ”سنڌو جي ساڃاهه“ جهڙو شاهڪار ڪتاب تخليق ٿيو. سنڌ جي حسن کي ڏسڻ لاءِ سيد سدائين لطيف سائين جو هيءَ بيت پڙهندو هو ته: ”اُپٽيان ته انڌيون، پوريو پرين پسن، آهي اکين، عجب پر پسڻ جي.“ سو جي سنڌ جي ازلي روح جي حسن جو پرتوو پسڻو آهي ته پوءِ سنڌ کي سياست جي ڪڌي ڄار ۽ مادي فلسفن جي اُپٽار کان هٽي ڪري جي ايم سيد جي اک سان ڏسڻو پوندو. سنڌ کي جيڪڏهن ڪو ماڻهو هڪ صوفي، هڪ عاشق ۽ ديواني جي نظر سان ڏسندو ته پوءِ هن کي سنڌ جي مٽيءَ مان اهڙي خوشبوءِ اُٿندي نظر ايندي جنهن جو واس مقتلن کي به مات ٿو ڪري ۽ محبوب جي مرڪن کان به وڌيڪ مٺو آهي. اهو ئي سبب آهي جو لطيف سائينءَ جي ميخاني جي ماڪ پي جڏهن جي ايم سيد سنڌ جي حسنِ ازل جو جلوو پسيو ته هن کان رڙ نڪري وئي هئي هو اڪثر پنهنجي زندگيءَ ۾ هيءَ ٻه فارسيءَ جا شعر ورجائيندو هو ته: ”تنهنجي عشق جي ڏوهه ۾ مون کي ڪهڻ لاءِ مقتل ڏانهن وٺيو پيا وڃن. چؤڏس وڏو شور متل آهي. اي محبوب! تون به ڪوٺي تي چڙهي ڏس ته ڪيڏو نه وڻندڙ نظارو آهي“ يا وري هيءَ شعر ته: ”عرصو ٿيو آهي منصور جو آواز، گم ٿي ويو آهي مان دارورسن کي سجائي. منصوريءَ جي ريت کي ٻيهر جيئارڻ ٿو چاهيان.“ ۽ پوءِ سائين جي ايم سيد انهيءَ منصوريءَ ريت کي عمر ڀر نڀايو ۽ سيد جي ”اناالحق“ جي نعري جي اها گونج هئي جو سنڌ جا نوجوان هن پوڙهي عاشق جي سٽ تي سن جي مچ تي ائين ڳاهٽ ٿيڻ لڳا جيئن ڪنهن مچ تي پتنگا پهه ڪري گڏ ٿيندا آهن. جن لاءِ لطيف سائين فرمايو ته: پتنگن پهه ڪيو، مڙيا مٿي مچ، پسي لهس نه لچيا، سڙيا مٿي سچ سندا ڳچنين ڳچ، ويچارن وڃائيا. سن ۾ ٻاريل سيد جي لاٽ اڄ به سنڌ جي عاشقن کي ائين سڏي رهي آهي جيئن متارن کي موکيءَ جو مٽ سڏيندو هو. سنڌ جو سيد جيڪو هاڻ تاريخ جو اُهو عظيم سچ ثابت ٿي رهيو آهي جنهن کي ڪو به ڪوڙو مؤرخ هاڻ ڪچي مٽيءَ تي لکيل ڪنهن مٽجندڙ تحرير جيان ميٽي نه ٿو سگهي سيد ۽ سنڌ ته درد کي سمجهڻ لاءِ نه ته ڪنهن مارڪس کي پڙهڻ جي ضرورت آهي نه ئي ڪو جدلياتي ماديت جي فلسفي جو ماهر ٿيڻو آهي. سيد جي فلسفي کي سمجهڻ لاءِ نه ته مائوزي تنگ جي تحريرن جو حافظ ٿيڻو پوندو نه ئي فرائيڊ يا سارتر جي خيالن جو پيرو کڻي وجوديت جي بازار گهمڻي پوندي. ها بس جي، سائين جي ايم سيد کي سمجهڻو آهي ته پوءِ سنڌ جي ازلي روح کي سمجهڻو پوندو. جتان لطيف ۽ سچل، سامي ۽ بيدل جي فڪر جا آبشار ڦٽن ٿا. رڳو سکڻي سياسي نعري بازي سان تبديلي ناهي اچڻي. تبديلي لاءِ پنهنجي پاڻ کان ابتدا ڪرڻي پوندي. پاڻ کي هڪ نئين انسان، سجاڳ انسان، باشعور انسان ۾ تبديل ڪرڻو پوندو. سائين جي ايم سيد جو فڪر هڪ نئين سنڌ جي ڳالهه ڪري ٿو. انهيءَ لاءِ سائين جي ٻن ڪتابن ”نئين سنڌ لاءِ جدوجهد“ ۽ ”سنڌ ڳالهائي ٿي“ کي پڙهڻو پوندو. پر رڳو ڪتابن پڙهڻ جي ڳالهه ناهي پر ڪتابن پڙهڻ سان گڏوگڏ سچل سائين جي هنن سٽن تي به عمل ڪرڻو پوندو ته: ”جوگي جگت ڪرتا نهين ڪپڙا رنگا تو ڪيا هوا؟ اپنا اندر رنگتا نهين، ڪپڙا رنگا تو ڪيا هوا؟ قاضي ڪتابان کول ڪي مسئلا پڙهندا غور پڙهتا پر عمل ڪرتا نهين، قاضي بنا تو ڪيا هوا؟ حاجي مديني جا ڪي سجدا ڪيا تو هوا؟ دل ڪا ڪفر ٽوٽا نهين، حاجي بنا تو ڪيا هوا؟ سچل اپني مُک سي، آنسو بها تو ڪيا هوا؟ دل ڪا رونا روتا نهين، آنسو بها تو ڪيا هوا؟ سو ۲۵ اپريل جو ڏينهن ته هر سال اچي ٿو ۽ سائين جي ايم سيد کي به هر سال ياد ڪري ٻه چار لڙڪ ته هارجن ٿا پر جي سيد جي ٻڌايل واٽ تي دل سان عمل نه ٿو ڪجي ته پوءِ ڀلا سنڌ جا درد گهٽجن ته ڀلا ڪيئن گهٽجن؟ جي ايم سيد ڇا آھي؟ مولانا غلام محمد گرامي اي سنڌ جا دانشور فرزند! هن پير مرد تو کي سڀ ڪجهه ڏنو آهي، هن ته تنهنجي سر زمين کي ادب ۽ ثقافت، سنڌي زبان جي قدر قيمت ۽ حب الوطنيءَ جا سبق سيکاريا آهن. تنهنجي روشنيءَ لاءِ، ورهين جا ورهيه، نظربنديءَ ۽ جيل جي هيبتناڪ ۽ گگهه اونداهين ۾، روشنيءَ جي ڪرڻن کي ڳوليندو رهيو آهي، تنهنجي لاءِ هر محاذ تي وڙهندو آيو آهي، پنهنجي عمر جو بهترين زمانو ۽ پنهنجي دولت جو چڱو خزانو، تو لاءِ لٽائي ڇڏيو اٿس. موٽ ۾ تو وٽان مليا اٿس: ڪنڊن جو تاج، لعنت ملامت جي دستار، لعن طعن جي پاکر، ڪفر ۽ الحاد جي فتوىٰ! غداريءَ ۽ مڪاريءَ جا الزام، لادينيءَ ۽ لامذهبيءَ جو بهتان! اي دانشور فرزند! تون ور و رڪري، ان پير مرد جي غلطين کي تفصيل سان ۽ ڪڏهن اشاري ۽ ڪنايئي ۾ ورجائيندو رهين ٿو. ڀلا هن ڪنهن جو ڌاڙو هڻايو آهي، يا ڪنهن جي ملڪيت لٽي آهي؟ هن جو گناهه اهو آهي ته تنهنجي خوشحاليءَ ۽ اعلى تعليم لاءِ پئي پٽڻا پٽيا اٿس. سنڌ سائي رهي ۽ سکي ستابي رهي. سندس رهاڪو، مهذب ۽ متمدن زندگي گذاري سگھن. کين ڍورن ۽ ڍڳن ۾ شمار نه ڪيو وڃي، انسان نه پر اعلى انسان تصور ڪيو وڃي، سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت کي عالم جي امن ۽ سلامتيءَ لاءِ پيغام آهي. اهو دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچايو وڃي، ڇا اهو گناهه ڪو گھٽ آهي ڇا؟ ان گناهه جي پاداش ۾ سندس لاءِ ڇا ڇا نه ڪيو ويو آهي؟ اخبارن ۽ رسالن جا فائل موجود آهن، انهن کي ٻيهر اٿلائي ڏس، اها ڪا گار ناهي جا هن پير مرد کي نه ڏني وئي آهي. پنهنجن ۽ پراون، ڌارين ۽ اڌارن هن لاءِ گھڻو ڪجهه گند مَيو آهي. اي سنڌ جا دانشور فرزند! سياست هڪ شطرنج واري راند آهي. ان ۾ کٽڻ ۽ هارڻ، اڳتي وڌڻ ۽ پوئتي هٽڻ؛ لازمي آهي. اهو ڪهڙو سوار آهي جو گھوڙي تان نه ڪريو آهي؟ اهو ڪهڙو جنگ باز بهادر آهي جو ميدان مان سڄي لڱي موٽيو آهي. رڳو مڙسن جي مڙسيءَ کي ڏسڻو آهي، نتيجي لاءِ ٻيا اسباب به ٿين ٿا. اگر اهي اسباب مهيا نه ٿا رهن ته پوءِ هن جنگاهه ۾ جيت به نه ٿي ٿئي! ڀلا جنهن ماحول ۾ سچ ۽ ڪچ جي تميز نه هجي، ڪوڙ بدوڙ تي هر ڪو سندرو ٻڌيون وتي، عزت ۽ دولت لاءِ ضمير کي وڪڻڻ ڪو عيب نه هجي، ڪرسِيءَ لاءِ لغور، نور وانگر واجهائين. منافقيءَ، خوشامند ۽ ٻچاپڙائيءَ کان سواءِ ٻيو ڪو به اخلاقي جوهر نه رهيو هجي. سارو تلاءُ گندگي سان ڀرجي ويو هجي، اتي ڪا هڪڙي مڇي اَڇي ۽ اجري پاڻيءَ لاءِ پيئي ٻاڏائي، ته پوءِ ان کي به غنيمت سمجھڻ گھرجي. “ڀيلي سان ئي ڀيل، جيسين رتو راس ٿئي!” اي فرزند! اهو پريو مڙس، سنڌ جي هڪ تاريخي تحريڪ جو فرد جوان مرد آهي، اها تاريخ جنهن ۾ دريا خان، مخدوم بلاول، سيد حيدر جهڙا سر ڏيئي سرها ٿيا. ان پوڙهي کي تحريڪ جون خصوصيتون ورثي ۾ مليون آهن. لطيف چيو آهي ته: “پٽيندي سا ئي، جنهن کي سور ٻڌائين سندرا، ٻي هر ڪا ئي، هڻندي هٿ ميار جا.” هن کي به سورن سندرا ٻڌايا آهن، سو پيو پٽي ۽ پاڻ کي پَٽي يا “ اندر جنين اڌ، ڏونگر سي ڏورينديون.” هن جو اندر به اڌ ٿي چڪو آهي، سو ڏونگر پيو ڏوري. اي دانشور! “تو کي سنڌ جو قسم؛ ڇا جي ايم سيد ۾ رڳو عيب ئي عيب آهن؟ منجهس ڪا هڪڙي خوبي به ڪانهي، اگر ڪا هڪڙي به خوبي اٿس ته پوءِ ان تي به نظر رک!” “جي ايم سيد، سنڌ آهي ۽ سنڌ جي ايم سيد آهي.” هي چند لفظ هينئين سين هنڊاءِ. سائين جي ايم سيد اي زمانا اسان جو قبيلو ڪٺو حسن مجتبيٰ اڄ سنڌ ڌرتي جي عظيم محب وطن اڳواڻ جي ايم سيد جي ورسي آهي ۽ اهو ڪيڏو نه سٺو اتفاق آهي ته مون تازو جيڪو هڪڙو انگريزي ناول پورو ڪيو آهي، ان ۾ هڪڙو پورو باب “سائين” جي نالي سان آهي. سنڌو ڪناري هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ جو اهو جھونو جنهن کي هن جا پوئلڳ توڻي گهڻا ماڻهو “سن جو سائين” چوندا آهن. ايئن ته سنڌين جي هر گهر ۾ هر ميل تي هڪڙو سائين ضرور ويٺو هوندو آهي پر هو واقعي به سچ پچ جو سائين آهي، ڄڻ ته اهو لفظ هن کيرٿر جهڙي قديم عظيم ماڻهو لاءِ ٺهيو هو. هل ڙي سنڌي قوم. جيئن مولا بخش لغاري پنهنجي زماني ۾ چوندو هو. اهو زمانو اور هو، هي زمانو اور آ. هاڻوڪي زماني ۾ اهو انگريزي ۾ ناول بينا شاهه جو لکيل آهي. انهي جو انگريزي ۾ نالو آهي “سيزن آف مارٽيرز”. سنڌي ۾ چئبو “رُت شهيدن جي.” مون جڏهن سائين واري باب سميت اهو ناول پڙهي پورو ڪيو ته مونکي انهي ڪتاب تي بينظير جي اڌ لڪل اڌ ظاهر ڳاڙهي رئي واري تصوير ۽ ڪور ڊيزائين تي ان عنوان ڏانهن ور ور ڌيان وڃڻ وقت مونکي پياري حليم باغي جو اهو معرڪته الآرا نظم ياد آيو. بار بار چپن تي رهيو. ڇا ته نظم آ جيڪو پڻ علي الاعلان سيد ڏانهن منسوب آهي ۽ ان جون اهي سٽون ياد آيون؛ اي زمانا اسان جو قبيلو ڪٺو خون ناحق جي ڪنهن سان شڪايت نه آ جي مون کان اوهين ٿلهي ليکي سولي سنڌي ۾ ان انگريزي ناول بابت پڇيو ته منهنجو منظوم موقف حليم باغي جو اهو نظم آهي. گهڻا ڏينهن ٿيا جڏهن منهنجي هڪڙي اسڪالر دوست حليم وٽ وڃي سندس انهي نظم کي ريڪارڊ ڪيو هو، تنهن کي مون اردو ۾ ترجمو پڻ ڪيو هو. هاڻ اهو اردو ۽ انگريزي ۾ ترجمو پڻ ڪيل آهي ۽ انٽرنيٽ تي موجود آهي. پر بينا شاهه جو اهو اٽڪل ٻه سو اسي صفحن واري انگريزي فڪشن ۾ ناول رڳو سيد جي ڪهاٹی ناهي. پر اها سنڌ جي ڪھاڻي آهي. سنڌ ۽ سنڌين جي ڪهاڻي. هونئن ته ڏکڻ ايشيا ۾ انگريزي ٻولي جا فڪشن نگار، ناول ۽ ڪهاڻي گهڻو ڪري سيپٽمبر ٻه هزار هڪ کانپوءِ واري دنيا جي پس منظر ۾ لکندا آهن، (سواءِ هڪ ٻن ٽن کي ڇڏي) جو اهو ئي سرمو ٻاهر وڪامي ٿو پر بينا شاهه دل کي نه رڳو ڇهندڙ پر دل ٽوڙيندڙ موضوع کنيا آھن. سنڌ ۽ سنڌين کي انگريزي فڪشن جي وسيلي سنڌ کان ٻاهر جي پنهنجي توڻي پرائي (جيتوڻيڪ ليکڪن لاءِ پنهنجو پرائو نه هوندو آهي) پڙهندڙ وٽ پھچايا آھن. اها ڪهاڻي سنڌ ۽ سنڌ جي ڪهاڻي آهي. واقعي به. اها ڪھاڻي جيڪا هن ناول ۾ بينظير ڀٽو کان شروع ٿي بينظير ڀٽو تائين ختم ٿئي ٿي. يعني هن جي ٽائيم سيٽنگ بينظير جي آخري ڀيرو جلاوطني مان واپس اچڻ کان وٺي ڪارساز واري جلوس ۽ راولپندی لياقت باغ ۾ جلسي جي پڄاڻي تي واپسي کان جلسي گاهه مان نڪرڻ واري روٽ وٺڻ تائين آهي، جيڪا ئي اصل ۾ بينظير جي ڪهاڻي جي پڄاڻي آهي. بينظير جي پڄاڻي سان ناول جي اوچتو پڄاڻي ٿي وڃي ٿي. مون سوچيو بينظير جي پڄاڻي ئي اصل ۾ بينظير جي شروعات پڻ آهي ۽ هوءَ واپس اچڻي آهي. سنڌين جو بينظير سان جيڪو عشق آهي، انهي کي لفظن ۾ هن مهل تائين فڪشن ۾ ڪا تصوير ڏئي سگهي آهي ته اها بينا شاهه سندس ان ناول ۾ ڏني آهي. انهي ناول جو مکيه ڪردار هڪڙو ويهه ٻاويهن سالن جو نوجوان علي سڪندر آهي جيڪو هن ناول ۾ سکر جي هڪڙي پير سڪندر پيپلي وڏيري جو پٽ آهي، جنهن جون ٻه شاديون آهن، جيئن سنڌي پير وڏيرا ھاڻ ته مڊل ڪلاسيا، نام نهاد ساڃهه وند ۽ سنڌي سول سوسائٽي جا ميمبر به ڪن ٿا. ٻيو ڪردار سنيتا نالي هندو ڇوڪري آهي، جيڪا علي جي ڪراچي يونيورسٽي ۾ ڪلاس فيلو آهي، جنھن سان هو پيار ڪري ٿو. علي جو پي پيپلو وڏيرو آ، جنهن جو خاندان وڏي ڀٽي وارن زرعي سڌارن کان سندن زمينون بچائڻ ڪاڻ پي پي پي جو حمايتي ٿيو هو. جن جي گهر ۾ سر شاهنواز ڀٽو ايندو هو. جڏهن ته سر شاھنواز ڀٽي جي ٻي زال لکي ٻائي ذوالفقار علي ڀٽي جي والده جي مٿس اثر سبب غريبن جو حامي پڻ ٻڌايو ويو آ. نوجوان علي جيڪو هڪ خانگي نيوز چينل ۾ ڪم ڪندي ٻڌايو ويو آهي، تنهن جي بنيادي ڇڪتاڻ سندس پيءُ سان آهي جيڪو ٻارنهن سالن جي عمر ۾ کيس ۽ سندس ماءَ ۽ ڀاءُ ڀيڻ کي ٻي عورت سبب ڇڏي وڃي ٿو. اوهان سمجهندا ته ڪو هي ناول ڪنھن ٽي وي سوپ اوپيرا وانگر آهي. نه هر گز. ناول جي ڪهاڻي پراڻي ۽ صوفين واري سنڌ سان شروع ٿئي ٿي. اها سنڌ جيڪا جڏهن نيپيئر فتح ڪري ٿو. بينا شاهه شروعاتي باب ۾ اهڙي سنڌ جي تعريف هن ريت ٿي ڪري.. “سموري سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ جي مقبرن ۾ صوفي اوليا پوريل آهن. جن جا جسا سنڌ جي واريءَ ۾ ملي هوائن ۾ ٽڙي پکڙي ويا، جيڪي ويڙهاڪن جي دلين ۾ باهه ٻاريندا رهيا آهن، جيڪا هڪڙي ڏينهن سنڌ مٿان انگريزن جو طوق ٽوڙي ڦٽي ڪندي.” ڪهاڻي جيڪا انهي کان سٺ سال پٺيان هلندي ٽالپرن جي دور ۾ سنڌوندي مان اليگزينڊر برنس جي جاسوسي لاءِ ميرن کان اجازت گهرندي اچي ٿي. ناول جي انهي باب ۾ افسانوي طور مٽياري جو جينئدل شاهه اليگزينڊر برنس جي اچڻ کي روڪڻ لاءِ ٺٽي ويندي بيان ڪيو وڃي ٿو. دلچسپ طور انهي جينئدل شاھ کي انعام بدران ٽالپر حڪمران سندس بکي شينهن آڏو بند ڪمري ۾ اڇلرائي ٿو جو ڪهاڻي موجب جينئدل شاهه جا لاڳاپا ٽالپر حڪمران جي عورت سان آهن. ٻئي باب ۾ پير پاڳاري، جنهن کي سندس مريد ۽ سنڌ وارا سورهيه بادشاهه چون ۽ حرن کي انگريزن خلاف سرگرم ڏيکاريو ويو آهي. هڪڙي انگريزي عملدار جي بيانئي ۾ پير ۽ سندس حرن کي منفي ڪردار ڪري ٻڌايو ويو آهي. ٻيو باب “بادشاهي راند” جي عنوان سان آهي جنهن ۾ پير پاڳاري سان سندس ڦاسي واري رات جيلر شطرنج راند کيڏي پيو، جنهن کان پير سندس ڦاسي واري وقت ۾ چند ڪلاڪ هجڻ باوجود سموريون بازيون کٽيندي ٻڌايو وڃي ٿو. چين سموڪر پير سان شطرنج راند ڪندڙ افسانوي ڪردار جيلر هڪڙي هاري جو پٽ آهي، جنهن جو خاندان ٽنڊو الله يار کان لڏي اچي حيدرآباد شهر ۾ رهي ٿو. جيڪو شطرنج راند شاگردي جي زماني دوران حيدرآباد جي گهٽين ۾ هڪڙي پڙ تي ويٺل ٻن جهونن کان سکي ٿو، مونکي سرفراز چاڙهي وٽ شطرنج کيڏندي اهي جهونا ياد آيا جن وٽ ڪڏهن ڪڏهن مير رسول بخش ٽالپور به ڪار روڪي لهي شطرنج جا ٻه ٻه هٿ ڪري وٺندو هو. سول اسپتال وٽ ته مير صاحب جا روز پنڌ ها. اھو وري هڪڙي ٻئي بادشاه جو قصو آهي. اهو به بينا شاهه ڄاڻايو آهي ته انگريزن سان جنهن وقت حر وڙهي رهيا ها ته ساڻن ڪو سنڌي يعني غير حر گڏ ڪونه هو. سائين وارو باب لاڙڪاڻي جي پهرين خلافت ڪانفرنس سان شروع ٿئي ٿو جيڪا تراب علي شاهه ۽ جان محمد جوڻيجي گهرائي هئي. جنهن ۾ سنڌ ۽ هند جا مولانا آزاد، مولانا عبدالباري فرنگي محلي، شيخ عبدالمجيد سنڌي جهڙا اڳواڻ وڏن عالمن ۽ پيرن توڻي گانڌي جي پيغام کان علاوه جي. ايم سيد پندرنهن سالن جي عمر ۾ شريڪ ٿيو هو، جنهن جي تقرير وڻ وڄائي ڇڏيا هئا. ٻي خلافت ڪانفرنس سن ۾ جي ايم سيد پنهنجي ميزباني ۾ ڪوٺائي هئي. نوجوان، يتيم غلام مرتضيٰ، جنهن جو پيءُ قتل ٿي ويو، جنهن جي تربيت گهر جي عورتن هٿان ٿئي ٿي، جنهن جي گذاري لائق زمين انگريز سرڪار جي ڪورٽ آف وارڊس تحت آهي. پوءِ ڀي گورنر جي مخالت کڻندي خلافت ڪانفرنس جي ميزباني ڪري ٿو. انهي ۾ سيد پنهنجي آجياڻي واري ڳالهه ڪري ٿو ۽ آخر ۾ سندي تقرير جي پڄاڻي جيئي سنڌ سان ڪري ٿو. بينا شاھ جي ناول ۾، بينظير جو افسانوي ڪردار به بڻايو ويو آهي. جنهن ۾ ننڍڙي بينظير حد درجي جي خود سر، ضدي پر پيءُ جي لاڏلي ۽ گهر جي وڏور. ڪهاڻيءَ موجب بي بي کي ناراض ڪندڙ يا روئاريندڙ ملازمن کي سندس پيءُ (جنهن کي پڻ سائين ٻڌايو ويو آ) چهبڪ هڻائيندو هو. هڪڙي ڀيري انهيءَ بينظير کي سندس هڪڙي ملازم ڪار مان لهندي گهوري ڏٺو ته انهي جون سزا ۾ رڙيون هميشه ٻين ملازمن کي ياد رهيون. ناول جي مک ڪردار علي سڪندر جي پنھنجي پيپلي پيءُ سان ڇڪتاڻ سبب ناول جي آخري باب تائين بينظير سان پڻ نفرت رهي ٿي. پر بينظير جي پڄاڻيءَ تي ھو به بينظير سان پڄاڻي تي پهچي شهيدن جي موسم منجهه مليو. جيڪا وڏيرن سان شهري يا لبرل ڪلاس ۾ نفرت آهي، سا بينا شاھ جي بيانئي موجب، وڏيري ڪلاس کي مظلوم ظاهر ڪري ٿي. ته وڏير ايئن ناهن جيئن هنن کي پڻيو ويو آهي. اوهان مان ڪيترا اهو ناول پڙهي اها راءِ قائم ڪري سگهن ٿا ته اهو انگريزي ۾ ناول هڪڙي مٿين وڏيري ڪلاس جي پڙهيل لکيل فرد جي اکين سان جديد سنڌ بابت پنھنجو پرزم آ. بينا شاه جي ناول کي انگريزي جي هڪ ٻئي فڪشن ليکڪ عامر حسين “گريٽ سنڌي ناول” قرار ڏنو آهي. اهو ڪو گهڻو وڌاءُ به ڪونهي. سائين جي ايم سيد ڏکين حالتن ۾ رهنمائي جون راهون ڏيکاريندڙ اعظم ڀٽي تاريخ جي ورق گرداني ۾ اهڙا کوڙ سارا نالا ڳڻائي سگهجن ٿا، جيڪي استحصالي قوتن کان وٺي، سياسي سماجي بي حسي توڙي اسان جي پنهنجي هٿ جي وڍيءَ جو سبب بڻيا. توڙي جو اسان ڀلي کڻي انفرادي يا گروهي طور پنهنجو پاڻ کي آجو سمجهندا هُجون پر اُهي ڪير هئا جيڪي انهن استحصالي قوتن جي بندوق جو ڪُلهو بڻيا، مير جعفر ۽ مير صادق به انگريزن جا ڄاوا ته ڪو نه هئا. اُهي اسان جي سماج جي پيداوار هئا، جن پنهنجي انفرادي ۽ گروهي مفادن خاطر سُڌريل سماجن جو ستياناس ڪري ڇڏيو ته پنهنجي ڪردار تي به هميشه لاءِ لعنتاڻي جي مُهر هڻي ويا. ان جي برعڪس سماج جڏهن مُشڪلاتن جي وَر چڙهندا آهن، معاشرن جو ماحول جڏهن بگاڙ جو گهاڻو بڻجي ويندو آهي، هر طرف افراتفري جون هوائون گهُلڻ لڳنديون آهن، جڏهن احساس لُڇندا ٿا، جڏهن جذبن جو جيءُ جَلندو آهي، جڏهن اکيون ڪنهن مثبت راهه جون منتظر بڻجي وينديون آهن ته بهادر قومي اڳواڻن، مفڪرن، قومي هيرن، رهبرن، ڏاهن، دانشورن جون دُور رس ڳالهيون ۽ وسيع سوچ سان لبريز مقولا باشعور فردن جي ذهنن ۾ ڦِرڻ لڳندا آهن، ان وقت انهن جي وجود جي کوٽ شدت سان محسوس ٿيڻ لڳندي آهي، جيڪي نبض شناس هوندا آهن، جيڪي سماج شناس هوندا آهن، جيڪي معاشري کي درپيش ڏُکين گهڙين ۽ مُشڪل حالتن تي گهِري نظر رکندا آهن، انهن حالتن کي مدِنظر رکي پنهنجا رايا ڏيندا آهن، رهنمائي جون راهون نروار ڪري، مسئلن جي حل جون تدبيرون ڏَسيندا آهن، سماجن کي بدلائڻ لاءِ پنهنجا تجربا ۽ مُشاهدا ونڊيندا آهن، اهي ان خار زار جهنگل کي صفا صاف ڪري باغ بستان بنائڻ واري جُنبش ۾ لڳي ويندا آهن. ڪي ايماندار، اشراف قومي مجنون سياسي زندگيءَ کان بس ڪري گوشه نشينيءَ جي زندگيءَ ۾ به اهڙا گوهر ورهائيندا آهن جو پڙهيل لکيل ماڻهن کي به ڏندين آڱريون اچي وينديون آهن. برصغير جي تاريخ ۾ اهڙا آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ڪردار هوندا جن جي عملي زندگيءَ، سياسي، سماجي، اخلاقي حوالي سان عام ماڻهن لاءِ هڪ بهترين نمونو ثابت ٿيندي رهي آهي. سائين جي ايم سيد جو ڳاڻيٽو انهن رهبرن ۾ ٿئي ٿو، جيڪي پاڻ متحرڪ هوندا آهن ته سماجن جا رُخ بدلائي ڇڏيندا آهن ۽ جيڪڏهن گوشه نشيني ۾ هوندا آهن تڏهن به معاشرن جي مشڪلاتن جا حل ويٺا ڏَسيندا آهن، جڏهن سموري دنيا کي مذهبي انتهاپسنديءَ جي اڳواٽ خوف جي ڪا خبر نه هئي ته سائين جي ايم سيد ويانا ڪانفرنس ۾ سموري دنيا کي آگاهه ڪيو هو ته اهو امڪاني خوف سموري دنيا لاءِ مٿي جو سُور بڻجي ويندو ۽ پوءِ سڀ پريشاني جي عالم ۾ مٿو ڪُٽيندا رهندا ۽ دنيا ڏٺو ته سائين جي ايم سيد جي دُور رس نظر گهڻا سال اڳي ان صورتحال کي پرکي وڌو هو، هُن ته سرمائيدارانه ۽ جاگيردارانه نظام جي مجموعي نقصانن ۽ هاري ۽ مزدور طبقي جي استحصال وارن قدمن تي، سنڌي قوم جي تاريخي سڃاڻپ واري نُقطي تي راتاهي بابت پنهنجو عالمانه نقطئه نظر ڪيترا ئي سال اڳ چِٽو ڪري ڇڏيو هو. اهڙا کوڙ سارا مامرا هئا جن کي هُن پنهنجي عُقابي نظر سان نه رڳو ڏٺو پئي، محسوس ڪيو پئي پر عام آڏو ان جو کُليو کُلايو اظهار به ڪيو پئي ته پڙهيل لکيل ماڻهن کي انهن خوف خطرن کان لکت ۾ آگاهه به پئي ڪيو. جڏهن مُلڪن، معاشرن ۽ سماجن جون مجموعي حالاتون بِگڙي صفا هٿن مان نڪري ٿي ويون ته هُن اهو به پئي چيو ته؛ ”جڏهن مُلڪن جون حالتون سازگار نه هجن ته پڙهيل لکيل ماڻهن جو ڪم آهي ته گهر جي ڪنهن ڪُنڊ ۾ ويهي تصنيف ۽ تاليف جو ڪم ڪن.“ سائين جي ايم سيد جو اڪثر تصنيف ۽ تاليف جو وارو ڪم انهن ناسازگار حالتن جو نتيجو به آهي ته ان جو چِٽو ثبوت به آهي. سندس سموري سياسي، سماجي، علمي، ادبي جدوجهد مان اهو بخُوبي اندازو ٿئي ٿو ته هُو جتي به رهيو، جنهن به حالت ۾ رهيو، مٿي تي هٿ ڏئي نه خاموش ٿي ويٺو نه مايوسيءَ جي مَم کي پنهنجا گوڏا چَٽڻ جي اجازت ڏنائين. زندگيءَ جو هڪ وڏو عرصو پابندِ سلاسل رهڻ جي باوجود به هُو جڏهن به ٻاهر ٿي نڪتو ته هُن پنهنجي عملي ڪردار وسيلي پنهنجي زبان کان ڪات جو ڪم وٺي، استحصالي قوتن ۽ ڌرتيءَ جي دشمنن کي پئي للڪاريو، جڏهن به قيد ٿي ٿيو ته هُن قلم کي تلوار بڻائي ڌرتيءَ جي دشمنن جا ڇوڏا ٿي لاٿا. اهو ئي سبب هو جو سنڌ ۽ سيد جون مخالف سياسي قوتون ۽ استحصالي ڌُريون جي ايم سيد جي حياتيءَ تائين ٻٽي ڪَرب جو شڪار رهيون، سيد کي قيد ٿي رکيائون تڏهن به پريشان هُيون ته وري کيس آزاد ٿي ڇڏيائون، تڏهن به هميشه ڊپ ۽ خوف ۾ ٿي رهيون. ڪردارن جي اجتماعي ڪاميابيءَ جو ان کان وڏو ٻيو ڪهڙو ثبوت ٿي ٿو سگهي ؟ سائين جي ايم سيد جو سياسي، سماجي، علمي، ادبي ۽ اخلاقي ڪردار ڪالهه به ڪامياب هو ته اڄ به ان ڪردار تي نظرياتي پختگيءَ ۽ بقا جي مُهر لڳل آهي، ڀلي کڻي موجوده وقت ۾ حالتون سندس فڪر ۽ نظريي جي فائدي ۾ نه به هُجن، ڀلي کڻي ڊپ ۽ خوف جون آله ڪار ڌُريون اهو سمجهنديون هُجن ته هنن سيد جي فڪر ۽ نظريي تي خاموشي جي مُهر هڻي ڇڏي آهي، يا سندس نظرياتي پختگيءَ واري جدوجهد جي سفر آڏو رڪاوٽون کڙيون ڪري ڇڏيون آهن پر تاريخ گواهه آهي ته رهبرن، مفڪرن، خيالن جا واهڙ وهائيندڙن، نَوان رستا ۽ دڳ ڏَسيندڙن جي فڪر، فهم ۽ ادراڪ کي سوين سال گُذري وڃڻ کانپوءِ به امرتا ۽ مهانتا ملي آهي، جنهن جي آڏو سموريون رڪاوٽون تاريخ جو ڪچرو ثابت ٿيون آهن. سمورا هٿڪنڊا وقت جي ڌُوڙ بڻجي وِکري ويا آهن. دُولهه دريا خان کي تلوارن جا گهاءُ ڏيندڙ، مخدوم بلاول کي گهاڻي ۾ پيڙهيندڙ، صوفي شاهه عنايت شهيد جو سِر قلم ڪندڙ جو نالو ڪنهن کي به اڄ ياد ناهي پر سنڌ جا اهي سمورا سُورهيه سپُوت نه رڳو تاريخ ۾ زنده ۽ امر آهن پر اُتساهه، همت، حوصلي، جوش ۽ جذبي جو لاثاني مثال بڻيل آهن. سو هي موجوده مشڪل وقت، هي دجالي دؤر ڀلي کڻي استحصالي قوتن جي ڏند ڪڍي کِلڻ جو دؤر هجي پر سڀاڻي جي تاريخ ۾ اُن عذاب واري دؤر جي محرڪن جو نالو به ڪنهن کي ياد نه هوندو. موجوده وقت ۾ جنهن اهم ڳالهه جي ضرورت آهي سا اُها ئي آهي ته سيد جي پوئلڳن کي، سيد جي عاشقن کي، سنڌ ڌرتيءَ سان پيار ڪندڙن کي سيد جي قول تي عمل ڪندي سمورو وقت مطالعي، تصنيف ۽ تاليف تي ڏيڻ گهرجي، انهن کي پنهنجي نئين صف بنديءَ لاءِ رٿابندي ڪرڻ گهرجي. جيڪا رٿابندي مستقل ۾ سنڌ جي سُورن لاءِ مرهم به بڻجي ته سيد جي نظريي جي فتح ۽ ڪاميابيءَ جي علامت به بڻجي اُڀري. Relevance of GM Syed today By Naseer Memon The writer is Chief Executive of the Strengthening Participatory Organization Published: January 17, 2013 GM Syed, often demonized as a traitor by establishment ranks, is among the least understood and most maligned founding fathers of Pakistan. At a juncture of history when the country is in a morass of extremism, militancy and corruption, his relevance in contemporary Pakistan is of great significance. An objective study of GM Syed’s political career proffers certain solutions for the current crisis of the state. He always stood for separation of religion from state affairs and advocated greater autonomy for federating units. The Charter of the Pakistan People’s Organization, which he founded in 1948, envisioned a progressive, democratic country. The party proposed to make the country a ‘union of autonomous socialist republics’. The prescription could have stitched a tenable federation and averted its fragmentation. The party charter also emphasized the recognition of Pakistan as a multi-nation state where historic identities and rights of the constituent nations should be respected. The creation of Bangladesh and the disgruntlement of Baluchistan and Sindh signify the hitherto unresolved riddle. Another relevance of GM Syed’s work is his unambiguous proposition for separation of religion from state affairs. Although Pakistan was created on the basis of the two-nation theory, it is widely believed that, after its creation, the Quaid-e-Azam intended to make it a secular state. Vested interests, however, were reluctant to wean off from religiosity, as it offered a lucrative nexus with global powers. Besides the national leadership, GM Syed also berated superpowers for blending religion with regional politics for their strategic appetite. He delivered a spellbinding speech at the Vienna International Peace Conference in 1952. Addressing delegates from the US and Britain, he deplored American and British efforts to unite Muslims based on their faith which, he felt, engendered serious ramifications. He warned them that patronizing such forces would promote religious extremism and fascism. These words testify the prescience of a maverick. GM Syed’s intellectual contribution was enormous. He bequeathed a treasure trove of over 60 published books and a huge cache of unpublished work. Mostly in Sindhi, his books are a testimony of the history of Sindh and the subcontinent. His landmark books Paigham-e-Latif (Message of Shah Latif) and Jee’aan ditho aa moon (As I witnessed) are especially seminal works of Sindhi literature and politics. In Paigham-e-Latif, he reinterpreted Shah Abdul Latif Bhitai as an icon of the social consciousness of Sindh and not a mere reclusive dervish. His interpretation of Bhitai rediscovered him as a national poet of Sindh, whose message of humanity characterized the soul of the province as an abode of universal peace. Jee’an ditho aa moon provides an unusual comparative analysis of religions and an assault on religious extremism. The book riled clerics prompting them to issue an edict against him. It did not, however, muzzle him and he continued to proselytize his views. For his defiant views, he remained interned for over 30 years. One may repudiate his political views but certainly cannot relegate his commitment to peaceful coexistence, democratic and secular values in politics and rights of nations. All of this is very relevant for today’s Pakistan to make it a tenable state. Note: January 17 is the 109th birth anniversary of GM Syed. Published in The Express Tribune, January 17th, 2013.
سائين جي ايم سيد استاد لغاري سنڌ ۾ جيڪي ماڻهو آزاديءَ جا علمبردار ۽ نظرين جا باني ٿي گذريا آهن، سائين جي ايم سيد جو نالو به انهن ۾ هڪ آهي. سندس پورو نالو سيد غلام مرتضيٰ شاھ ولد سيد محمد شاھ هيو. پاڻ ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ع تي، سنڌ جي مشهور شهر سن ۾ پيدا ٿيو ۽ سندس وصال ۲۵ اپريل ۱۹۹۵ع تي، ۹۱ سالن جي ڄمار ۾، ڪراچيءَ جي جناح اسپتال ۾ ٿيو. ان وقت پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت هئي ۽ سائين جي ايم سيد هٿڪڙين جي حالت ۾ هو. شيخ اياز پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ لکيو آهي، ته “مون پنهنجين ڪراين ڏانهن ڏسي سوچيو، ته ڪڙيون ۽ قاتل اڃان ڪيستائين دور رهندا؟ مون زبان کي ڏند سان ڪٽي چيو، نه ڄاڻان تون ڪڏهن سمورو سچ چوندينءَ؟ نه ڄاڻا توکي ڪڏهن ڪپي ڦٽيءَ ڪندا؟”. ذوالفقار علي ڀٽي صاحب کي، وقت جي بي رحم حڪمرانن تخته دار تي چاڙهي ڇڏيو ۽ سائين جي ايم سيد کي، وقت جي جابر حڪمرانن ايستائين هٿڪڙين ۾ رکيو، جيستائين سندس روح جو پکيئڙو پرواز نه ڪري ويو. مان ذوالفقار علي ڀٽي صاحب ۽ سائين جي ايم سيد جِي مظلوميت جي مماثلت ڪرڻ نه ٿو چاهيان، پر فقط ايترو چوڻ چاهيان ٿو، ته ۱۹۷۱ع کان وٺي ۱۹۷۷ع تائين، حڪمران پارٽي، سنڌ جي قومي شعور ۽ حزبِ اختلاف سان، ڊي پي آر جي نالي تي، جيڪي ڀال ڀلايا، اهي تاريخ ڪڏهن به وساري نه سگھندي. ليڪن ذوالفقار علي ڀٽي صاحب سان، پڇاڙيءَ ۾ جيڪو ناحق ظلم ڪيو ويو، ان سندس سمورا اوگڻ اُجاري اڇا ڪري ڇڏيا. “مڙيئي معاف ڪياس، خالق بدلي خون جي”. سائين جي ايم سيد ۽ ذوالفقار علي ڀٽي صاحب ۾، جيڪا هڪجهڙائي آهي، اها هي آهي، ته اهي ٻيئي سنڌي ليڊر، جنوريءَ جي مهيني ۾ ڄاوا ۽ ٻيئي اپريل جي مهيني ۾ اَمر ٿي ويا. سائين جي ايم سيد سان، منهنجي پهرين ملاقات، ۲۳ مارچ ۱۹۸۸ع تي، سن ۾ ٿي هئي. ان وقت محمد خان جوڻيجو ملڪ جو وزير اعظم هيو. آئون، عاجز منگي، حضور بخش لغاري، اسلم لغاري، عباس جلباڻي ۽ امير حمزو، محراب پور واري ڪچي جي ٻيلي کان ٿيندا، ٻيڙيءَ جي ذريعي سنڌو درياھ اُڪري، وڃي سن پهتا هئاسين. سائين جي ايم سيد جو نظريو، دنيا جي ڪنهن به آزاد قوم جي نظريي کان مختلف ناهي. فرق فقط ايترو آهي، جو سائين جي ايم سيد عدم تشدد جو حامي آهي ۽ ٻيا دنيا جا ڪيترائي نظريا، سلامتيءَ جو چولو پائي، تشدد جا حامي هوندا آهن. ڪتاب “پتڻ ٿو پور ڪري” ۾ هڪ هنڌ لکيل آهي، ته “اي آزادي! تو ڏانهن ڪوئي شاهي رستو نه ٿو وڃي، فقط سوڙها پيچرا وڃن ٿا ۽ منهنجي ڏيھ جا سڀيئي ماڻهو، شاهيءَ رستن تي وڃي رهيا آهن ۽ مان سوڙهي پيچري ۾، مُنجھي موٽي رهيو آهيان. ڇو ته مون کي ڪوئي سُونهون به نه آهي ۽ ساٿي به نه آهي. اي آزادي! مان پوءِ به شاهيءَ رستي کان گھٻرايان ٿو، ڇو ته اهو تو ڏانهن نه ٿو وڃي”. انهيءَ آزاديءَ جي سوڙهي پيچري، شهيد سورهيه بادشاھ کان وٺي، هيمون ڪالاڻيءَ تائين ۽ ٽيپو سلطان کان وٺي، ھوشو شيديءَ تائين، ڪيترن ئي ڪُونڌرن جون قربانيون وٺي ڇڏيون آهن. پر مون کي اڃان تائين سمجھ ۾ نه ٿو اچي، ته شاهيءَ رستي تي هلندي به، ماڻهو تخته دار تي ڇو چڙهي ويا؟ ۽ گولين جو بَک ڇو بڻايا ويا؟ اي شيخ اياز! تنهنجو بيان ڪيل فقرو، اڌواڌ سچ آهي ۽ اڌواڌ سچ نه آهي. “سچ به مايا آهي”، وشنو نادر مُنيءَ کي چيو. انهيءَ سچ لاءِ، ماڻهو هڪٻئي کي رتوڇاڻ ڪندا آيا آهن. انهيءَ سچ، اتهاس جي پهراڻ تي رت جا ڪروڙين چُٽا ڇڏيا آهن. جُڳن کان پنهنجو ۽ پرايو لهوءَ وهايو آهي. ڪالهوڪو سچ اڄوڪو ڪوڙ آهي ۽ اڄوڪو سچ سُڀاڻي جو سچ نه آهي. نادر! سچ پُڇين ته نه رڳو ڪوڙ، پر سچ به مايا آهي”. انگريزن جي دور ۾، هندوستان جي آزاديءَ واري تحريڪ کي، ڪوڙ سمجھي ڪُچليو ويندو هو. ليڪن انگريزن جي دور وارو ڪوڙ، اڄ جو سچ آهي. اهڙيءَ ريت، اڄ جي ڪوڙ کي، اڃان سُڀاڻي جو سچ ثابت ٿيڻو آهي. اسان هن وقت، هڪ اهڙي آزاديءَ جا مزا ماڻي رهيا آهيون، جنهن ۾ ڦُرڻ واري کي ڦُرڻ جي ۽ ڦُرجڻ واري کي ڦُرجڻ جي، هر طرح سان ۽ مڪمل آزاديءَ حاصل آهي. شيخ اياز لکيو هو : “ هتي گدڙ آزاد آهن، مکيون آزاد آهن، مڇر آزاد آهن، هتان جا دانشور آزاد آهن. شاعر ٽي ويءَ تي نعتيه مشاعره ڪن ٿا. هتي جا هاري آزاد آهن، جي چاهين ته پنهنجي مٿي مان، جُوئُون ڀلي نه کڻي ڪڍن”. منهنجي سامهون سائين جي ايم سيد جا ڪيترائي ڪتاب موجود آهن، جن مان ڪجھ جا نالا هيٺ ڏجن ٿا: پيغامِ لطيف، پاڪستان ۾ قوميتن جو مسئلو، نئين سنڌ لاءِ جدوجهد، سنڌ جي بمبئي کان آزادي، جنب گذاريم جن سين، جيئن ڏٺو آهي مون، جديد سياست جي نوَ رتن، ساهڙ جا سينگار، واڄٽ ويراڳين جا، اڄ پڻ چڪيم چاڪ، خطباتِ سيد، جديد عالمي سياست، سنڌ جي ڪهاڻي سيد جي زباني، ديارِ دل داستانِ محبت، سنڌو جي ساڃاھ ۽ سنڌ ڳالهائي ٿي وغيره شامل آهن. سائين جي ايم سيد جو چوڻ هيو، ته منهنجي نظريي جي حق ۾، مون تي ڪيس هلايو وڃي. هُو ان جي لاءِ ڪيترائي ڀيرا ڪورٽن ۾ به ويو، پر هن جو نظريو ۽ ڪيس نه ٻُڌو ويو. ڏکڻ آفريڪا جي آزاديءَ جي علمبردار ۽ هيرو، محترم نيلسن منڊيلا ۽ سائين جي ايم سيد، اهڙا عالمي ليڊر ٿي گذريا آهن، جيڪي ٽيھ ٽيھ سال نظربنديءَ واري حالت ۾ رهيا. ليڪن نظريو ڪٿي به ختم نه ٿو ٿئي، نظريو ڪڏهن به ڪو نه ٿو مري، ها البت ان ۾ دير ضرور ٿي سگھي ٿي. سائين جي ايم سيد جي نظريي کي اڳتي وٺي ويندڙ، محترم عبدالواحد آريسر صاحب کان پوءِ، ڪي ڪي ماڻهو، هن وقت پنهنجن سڄڻن ۽ ساٿين جي پُٺن ۾ ڇُرا گھونپي رهيا آهن، ته انهن جو فقط افسوس ئي ڪري سگھجي ٿو. نه ته شيخ اياز چيو هو: “اڄ هڪ هزارين ٿي ويو آ، ڪنهن وقت ڪروڙين دانهيندا ۽ سارو سچ چئي ڏيندا، اهڙو ساهس ساهيندا، اي آزادي! اي آزادي!”. ان کان اڳ جو آئون لفظن جي پوري کاڻ کوٽيان، پنهنجي قلم کي هتي ئي ٺپيان ٿو ۽ آخري الفاظ اُچاريان ٿو: “هي اهو ديس آهي، جنهن ۾ مکيون، ڪوريئڙن جي وڏي ڄمار لاءِ دعائون گھرنديون آهن. جتي رڍون، پنهنجي خدمت خاطر بگھڙن جي چونڊ ڪنديون آهن ۽ جتي آزاد پکيئڙا، فضائن ۾ اڏرڻ بجاءِ، پڃري ۾ رهڻ وڌيڪ پسند ڪندا آهن ۽ پوءِ مطالبن جي مڃتا لاءِ، سڄي عمر احتجاج ڪندا رهندا آهن”. “ڪَھِ نه سَڪي تُو اَپنِي ڪھانِي، تيرِي ڀِي پَنڇِي! ڪِيا زندگانِي ري!؟ جِس ني تيرِي ڪَٿا لکِي، آنسُو ۾ قلم ڊُبوئي...تيرا درد نه جاني ڪوئي، پِنجري ڪي پَنڇِي ري! تيرا درد نه جاني ڪوئي...!!!”. ٿينڪس ڊيلي سوڀ خميس ۱۷ جنوري ۲۰۱۹ ع جي ايم سيد منصورن کان مٿي جنھن جي رام ڪھاڻي آ عامر خان مھيسر ويچاريون ته سنسار جي سيني مٿان بيشمار انسان آيا ۽ پنھنجو وارو وڄائي ھليا ويا اڄ تائين اھو سلسلو جاري آھي. ڪي اچڻ جي تياري ڪري رھيا آھن ۽ ڪي وڃڻ جي ويجھو آھن، ڪن مختصر جيون گھاريو ۽ ڪن ڊگھي ڄمار ماڻي، ڪن پاڻ کان پري ڏٺو ئي ڪين ۽ ڪن رڳو پري ڏٺو ۽ پاڻ ڏانھن ڏٺو ئي ڪين، ڪن ذاتي مفادن کي عزيز سمجھيو ۽ ڪن اجتمائي مفادن لاء پاڻ پتوڙيندي پنھنجي زندگي وقف ڪري ڇڏي. انھن سڀني انسانن کي ياد ڪرڻ ته ممڪن ڪين آھي پر ياد ھميشه اھڙن انسانن کي رکيو ويندو آھي جن جي سوچ ۽ عمل اجتمائي ۽ مسبت ھوندو آھي سونھاري سنڌ ته اھڙن امر انسانن کي جنم ڏنو آھي جن پنھنجي پنھنجي شعبن ۾ رھندي گھڻن پنھنجي ڪرت سان نڀايو آھي پوء ڀلين کڻي اھي عالم، اديب ھجن يا شاعر مانجھي مرد ھجن يا جوڌا جوان ھجن يا سونھاري سنڌ مٿان پنھنجي جند گھوريندڙ عاشق ھجن. اھڙن ئي عاشقن ۾ مٿانھون نالو سائين جي ايم سيد جو آھي. جنھن ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ع ۾ شھر سن ۾ سيد محمد شاھ جي گھر ۾ جنم ورتو ۽ سندس ڇٺيءَ جو نالو غلام مرتضيٰ شاھ رکيو ويو. ننڍي ھوندي ئي حسين ۽ ذھين ٻين ٻارڙن کان مختلف سندس لاڙو علم ڏانھن ڏسندي سندن والد کين ۱ جولاء ۱۹۱۰ ۾ پنھنجي ئي شھر سن جي سنڌي پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرايو جتي رڳو ڇھن درجن تائين پڙھايو ويندو ھو سائين جي ايم سيد محنت سان شفيق استادن جي نگرانيء ۾ ڇھ درجا پاس ڪرڻ کان پوء ۱۹۱۵ ۾ عربي، فارسي محترم قاضي محمد ھاشم ميمڻ کان ۽ انگريزي ماستر حامد علي ھالائي کان پرائي پاڻ ۱۶ سالن جي ننڍڙي ڄمار ۾ سياست ۾ پير پاتائون. ۱۹۲۵ع ۾ سائين جي ايم سيد لوڪل بورڊ تعلقي مانجھند جو صدر ۽ لوڪل بورڊ ڪراچي جو نائب صدر چونڊجڻ کان پوء پاڻ جيڪي سماجي ڪم ڪرايائون سي سڀ قابل تعريف ۽ سنڌ واسين جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اھم ڪردار آدا ڪن ٿا ساڳئي وقت سائين جي ايم سيد جو سنڌ سونھاري سان عشق جو اظھار به ڪن ٿا. پاڻ سنڌ ھاري ڪاميٽي قائم ڪئي جيئن سنڌ جو غريب ھاري پنھنجي پيرن تي بيھندي پنھنجي ڪٽنب کي خوشحال بڻائي سگھي. سندس ٻيو اھم ڪم اھو ھو ته ان دور ۾ ڪراچي ۾ ڪيترن ئي خاندانن جي گذر سفر واري ڪرت ماھي گيري مڇي مارڻ واري ھئي جنھن ڪري پاڻ ڪراچي ۾ مالدار ميربحر ايسوسيئيشن جو بنياد وڌو جيئن ماھي گيرن کي مانائتي زندگي گذارڻ جا موقعا ميسر ٿي سگھن سندن ٽيون اھم ڪم ڳوٺاڻي عورتن جي ڀلائي لاء ھڪ جمائت ٺاھي جنھن جي سپرد ڪيل مقصدن ۾ عورتاڻي تعليم ھٿ جو پورھيو ويم جون سھولتون ۽ ٻارڙن پالنا بھتر نموني ڪرڻ شامل ھئا. ۱۹۲۸ع ۾ سنڌ جي آزادي جي تحريڪ ھئي ته کيس بمبئي کان جدا ڪيو وڃي. تحريڪ سنڌ جي حوالي سان ھجي ۽ عاشق اڳتي نه اچي ائين ٿي نه ٿو سگھي ان ئي تحريڪ ۾ سائين جي ايم سيد تحريري تقريري مطلب ته ھر موڙ ھر موقعي تي ڀرپور ڪردار ادا ڪيو جيڪو وساري نه ٿو سگھجي ۽ اھڙي جدوجھد جي ڪري اپريل ۱۹۳۶ع ۾ سنڌ کي بمبئي کان آزاد ڪيو ويو. ۽ مٿان وري ۱۹۳۷ع ۾ سنڌ اتحاد پارٽي جي پليٽ فارم تان چونڊون وڙھيون ۽ بعد ۱۹۳۸ع ۾ مسلم ليگ ۾ شامل ٿيا ۽ ۳ مارچ ۱۹۴۳ع تي سنڌ اسيمبلي ۾ ”پاڪستان“ جي قيام واري تاريخي قرارداد پيش ڪري پاس ڪرائي جنھن ۾ سنڌ کي ھڪ خودمختيار رياست طور رکڻ جي رٿ ڏنل ھئي جنھن کي پائي تڪميل پھچائڻ لاء سائين جي ايم سيد ھر ممڪن ۽ ھر موقعي مھل تي ڪوشش جاري رکي. ايتري ۾ پاڪستان وجود ۾ اچي ويو. پاڪستان ٺھڻ کان پوء سنڌ جي عاشقي عيوض ھن ھر ظلم ۽ ڏاڍ جي ڀرپور مذمت ڪئي. پوء ڀلي ڪراچي کي مرڪز حوالي ڪرڻ ھجي يا ون يونٽ جون ڳالھيون يا وري ايوب خان جي مارشلا، مذمت دوران تڪليفين پريشانين کي به مسڪرائيندي مُنھ ڏنو پر سنڌ جي عاشقي تان ھٿ نه کنيو. مذمت دوران آيل تڪليفون ته سيد جي عزم کي وڌيڪ پختو ڪنديون رھيون جنھن جي نتيجي ۾ ۳،۴ مارچ ۱۹۷۲ع تي سنڌو ديش جي جدوجھد شروع ڪئي وئي جنھن جو بنياد سيڪيولر، ڊيموڪريٽڪ، سوشلسٽ ۽ نيشنلسٽ جھڙن اھم نقعتن تي رکيو ويو. ۱۹۹۲ع تي نشترپارڪ ڪراچي ۾ جلسو منعقد ڪرايو ويو جنھن ۾ سيد جي ۸۹ ھين سالگرھ ملھائي وئي. جنھن سيد تاريخي سپاس نامو پيش ڪندي نيو ورلڊ آرڊر جي روشني ۾ سنڌ جي آزادي جو ڪيس وضاحت سان پيش ڪيو جنھن جي نتيجي ۾ سيد کي وقفي وقفي سان جيل ۽ نظربنديء جون سزائون به ڏنيون ويون عدم تشدد جي قائل سنڌ جي ھن عاشق ۳۲ سال ۱۰ مھينا ۲۱ ڏينھن تڪليفون برداشت ڪندي آخري گھڙي تائين امن، اتحاد، ڀائيچاري، عزت، احترام، ترقي، خوشحالي جھڙا سبق ڏيندي سنڌ سان لاتل ننڍپڻ واري نيھن کي نڀائيندي پنھنجي اصولن ۽ نظريي جي پختدگيء سان پابندواري ڪندي ۲۵ اپريل ۱۹۹۵ع تي ڪراچي ۾ وفات ڪئي ۽ کين پنھنجي جنم ڀومي سن ۾ رکيو ويو جنھن لاء ڪنھن شاعر چيو آھي ته ”ھن شھر جي گھٽين ۾ ڪا ئي انوکي خوشبوءِ ڦھليل آھي پورھئي واري پگھر جي سنڌ سان عشق جي جذبي جي سنڌ جي آزادي واري جاکوڙ جي ۽ ان قبر جي مٽيء جي جنھن ۾ آزادي جو آسودو خواب ستل آھي ۽ اھو شھر ”سن“ آھي جي ايم سيد سَنِهِيءَ سُئِيءَ سِبِيو، مُون مارُوءَ سين ساهُه‘ ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جي ايم سيد (غلام مرتضيٰ شاهه) ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ع تي ضلعي دادوءَ جي ننڍڙي ڳوٺ سَن ۾ جنم ورتو. سيد صاحب جي والد محمد شاهه کي جڏهن سائين سال جو هو ته خانداني دشمنيءَ سبب شهيد ڪيو ويو ۽ يارهن مهينن بعد سندس وڏو ڀاءُ سيد احمد شاهه پڻ وفات ڪري ويو ۽ ايئن هو گهر جو اڪيلو نرينو اولاد هيو. سندس ابتدائي تعليم سن ۾ رهي. هن جي استادن ۾ ڌرمداس، ماستر ريوا چند ۽ ماستر وسڻمل هئا. قرآن پاڪ مولوي محمد صالح سيال ۽ آخوند محبوب ميمڻ وٽ، انگريزي تعليم گهر ۾ استاد حامد علي هالائيءَ کان ورتائين. ۱۶ سالن جي عمر ۾ هن سياست جي ميدان ۾ پير پاتو. لاڙڪاڻي واري خلافت ڪانفرنس جي ميڙ ۾ ۱۹۲۰ع ۾ شريڪ ٿيو. ان کانپوءِ مٽياريءَ جي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪيائين. ۱۹۲۵ع ۾ تعلقي لوڪل بورڊ مانجهند جو ميمبر ۽ پوءِ اڳيان هلي پريزيڊنٽ چونڊيو ويو. شاهه صاحب ۱۹۳۰ع ۾ ”هاري ڪاميٽي“ ميرپورخاص ۾ قائم ڪرڻ ۾ پنهنجي دوستن سان گڏ هو. هن سنڌ جي بمبئيءَ کان آزاد ڪرڻ جي لاءِ تحريڪ جو پورو ساٿ ڏنو. ۱۹۳۷ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊاڻو. قائداعظم کين مسلم ليگ کي منظم ڪرڻ جو ڪم سونپيو، جنهن ۾ وڏي محنت ڪري ميمبرشپ ۾ گهڻو واڌارو آندائون. پر ۱۹۴۶ع ۾ کين مسلم ليگ طرفان ٽڪيٽ نه ڏني وئي، ان کان پوءِ پاڪستان ٺهڻ بعد ون يونٽ لڳڻ، ۱۹۵۸ع جي ايوبي مارشل لا ۽ ٻين ڪيترن واقعن بعد دلبرداشته ٿي کين سنڌ جي حقن لاءِ الڳ جماعت ٺاهڻي پيئي. ۱۸ جُون ۱۹۷۲ع تي هن حيدر منزل تي ”جيئي سنڌ محاذ“ نالي نئين پارٽيءَ جو بنياد وڌو. سائين جي ايم سيد سنڌ جي انهن معتبر ماڻهن ۾ شمار ٿئي ٿو، جن حقيقي معنيٰ ۾ سنڌ لاءِ ڪجهه ڪيو ۽ نئين سنڌ کي قومي سڃاڻپ سان اڏڻ جي خواب کي ساڀيان ڏيڻ لاءِ انيڪ ڪوششون عمل ۾ آنديون. هو سنڌ جو معمار هو، جنهن سنڌ يونيورسٽي قائم ڪرائي، سنڌي ادبي بورڊ ٺهرايو ۽ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز قائم ڪيو. سندس ڪتاب ”پيغام لطيف“، سنڌي قوم لاءِ، سنڌ کي قومي تشخص ڏيڻ لاءِ هڪ بنيادي ڪوشش آهي، جنهن ۾ هن لطيفي فن ۽ فروغ لاءِ پڻ جيڪي ڇهه نقطا ڏسيا آهن، سي قوم جي مفڪر طرفان سنڌ جي عملي، ادبي، سياسي ۽ سماجي تاريخ ۾ اهميت جوڳا ثابت ٿيندا. سيد صاحب پوريءَ دنيا ۾ ڪيترائي ملڪ گهميا، جيئن فرانس، ترڪي، چين، جرمني، برطانيه، روس، اسڪاٽ لينڊ، سئزرلينڊ ۽ ڪيترن ملڪن جي عالمن اديبن ۽ سياستدانن سان سندن گڏجاڻيون ٿيون. اهڙيءَ ريت سنڌ جي هن قومي اڳواڻ جو ذهن روشن خيال ۽ ترقيءَ ڏي وڌندڙ هو، کيس دنياوي سياست، تاريخ، تمدن ۽ تهذيبن جي مڪمل ڄاڻ هئي. سندس مطالعو وسيع هيو. هن اصولن کي هميشه اهميت ڏني ۽ ڪڏهن نه جهڪيو. جمال ابڙو لکي ٿو ته، ”سائين جي ايم سيد جهڙو پختو سياستدان مون نه ڏٺو، ڀلي زمين آسمان هيٺ مٿي ٿي وڃي، سائين جي ايم ذور به نه هٽندو هو. سڄيءَ سنڌ ۾ نعرو ٿي گونجيو ’سنڌ جو سائين، جيئي سدائين‘.“ سائين جي ايم سيد کي سنڌ جي حقن جو هميشه اونو هوندو هو. پاڻ سياسي پليٽ فارم تان پاڪستان جي حمايت جي تحريڪ هلايائين پر حڪومت مان پٺڀرائيءَ جي بجاءِ کين جيلن ۾ نظربند ڪيو ويو. مختلف دورن ۾ کين تقريباً ۳۰ سال گهر ۾ يا جيل ۾ نظربنديءَ جي حالت ۾ رکيو ويو. انهيءَ سبب ڪري ئي ۱۹۷۲ع ۾ هن آزاديءَ جو نعرو هڻي سنڌ جي حقن لاءِ الڳ پليٽ فارم قائم ڪيو. هڪ تاريخ ساز شخصيت ۽ سياسي رهنما هئڻ سان گڏ سائين جي ايم سيد سنڌي ادب جي حوالي سان هڪ وڏي وٿ قرار ڏنو ويو آهي. هو هڪ عالم، اديب ۽ محقق هو. هن پنجاهه کن ڪتاب لکيا ۽ سندس سوانح ۽ شخصي خوبين تي ڪئين ڪتاب لکجي چڪا آهن. سيد صاحب جي ڪتابن ۾ ”نئين سنڌ لاءِ جدوجهد“، ”پيغام لطيف“، ”جيئن ڏنو آهه مون“، ”جديد سياست جا نورتن“، ”سنڌ جا سورما“، ”موجوده سياسي مسئلا“، ”جنب گذاريم جن سين“، (ٻه ڀاڱا) ”رهاڻ“، (ميران محمد شاهه جا خط) ”شاهه لطيف جون ڪافيون“، ”ساهڙ جا سينگار“، ”علامه آءِ آءِ قاضي جا خط“، ”ديارِ دل ۽ داستان محبت“، ”پنهنجي ڪهاڻي پنهنجي زباني“، ”چونڊ ادبي مضمون“، ”اڄ پڻ چڪيم چاڪ“، ”واڄٽ ويراڳين جا“، ”سنڌوءَ جي ساڃاهه“ (ٻه جلد) ۽ ٻيا ڪتاب آهن. سائين جي ايم سيد جا لکيل ڪتاب سندن تحريرون، تقريرون، مضمون ۽ مقالا، سنڌي قوم لاءِ، ٻولي ۽ ادب لاءِ هڪ اثاثو آهن. سائين جي ايم سيد سنڌي قوم کي پنهنجي تحريرن معرفت وطن دوستيءَ جو، سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ جو، صداقت ۽ محبت جو سبق ڏنو. سندن حوصلا بلند ڪيا، کين اٿاهه مايوسين ۽ نااميدين جي ڪُنن مان ڪڍيو. اديبن ۽ ادبي سنگت کي ڪم ڪرڻ لاءِ شوق پيدا ڪيو. ماڻهن ۾ اتحاد، ٻڌي ۽ محبت جي جذبي جا سبق ڏنا ته کين غفلت ۽ گمراهيءَ مان ڪڍڻ جا جتن ڪيا. هو شاهه جو وڏو شيدائي هيو، شاهه جي شاعريءَ معرفت هُن سندس پيغام کي ماڻهن تائين منفرد نموني پهچايو آهي، جنهن ۾ هن سنڌ واسين کي پنهنجي هر شيءِ تي فخر ڪرڻ جي تلقين ڪئي ۽ ساراهيو آهي، کيس معلوم هيو ته جيستائين قوم ۾ خودشناسي ۽ خودداري پيدا نه ٿيندي، تيستائين پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي طاقت پيدا نه ٿيندي. لطيف سائين بابت سندس خيال آهي ته، ”منهنجو اهو پڪو ويساهه آهي ته شاهه عبداللطيف سنڌ جو قومي شاعر آهي شاهه جي ڪلام مان جا نمايان ڳالهه ڏسڻ ۾ ايندي سا سنڌ ڌرتيءَ جي اڪير ۽ محبت آهي، سنڌين جي خانه جنگي، آرام طلبي کيس ڏک ٿي ڏئي ۽ هو کين وڳر ڪري محبت ميٺ سان رهڻ لاءِ وطنيت جا سبق ٿو ڏئي غافل غفلت ڇوڙ جون تنبيهون ٿو ڪري.“ پاڻ شاهه جي ڪلام مان منتخب واين ۽ ڪافين جو مجموعو پڻ ترتيب ڏنائون. اهڙيءَ ريت سندن ادبي ۽ علمي ڪوششون اعليٰ پايي جون آهن. سندن هر تحرير، هر ڪتاب مقصدي ادب آهي. چاهي ”جيئن ڏٺو آهي مون“ هجي يا ”نئين سنڌ لاءِ جدوجهد“، ”سنڌ ڳالهائي ٿي“ هجي يا ”سنڌوءَ جي ساڃاهه.“ هن هر هنڌ پنهنجائپ جو ثبوت ڏنو آهي. سيد صاحب جو حياتيءَ ۾ انيڪ سياستدانن، عالمن، اڪابرن، مفڪرن، اديبن، شاعرن، آفيسرن، وزيرن، اميرن، ملڪ جي سربراهن ۽ ٻين شخصيتن سان واسطو رهيو ۽ انهن مان ڪيترن سان اڪثر خط و ڪتابت پڻ رهي. جنهن مان سندن حياتيءَ جي مختلف رخن تي روشني پوي ٿي. ساڻس سنڌ جون وڏيون شخصيتون واسطي ۾ هيون، جيئن سر شاهنواز ڀٽو، خانبهادر ايوب کهڙو، پير حسام الدين راشدي، ميران محمد شاهه، محمد صديق ميمڻ، ميان امين کوسو ۽ ٻيا ڪيترا اهم ماڻهو هئا. ميان امين کوسي ۽ ميران محمد شاهه سان خط و ڪتابت تي مشتمل ڪتاب رهاڻ ڇپيل آهي. سيد صاحب جي حياتيءَ ۾ خط و ڪتابت جي تحرير کي خاص اهميت هئي. پاڻ پنهنجي نياڻيءَ ڊاڪٽر درِ شهوار کي سندس لنڊن ۽ ڪراچيءَ جي تعليم واري دور ۾ گهڻا خط لکيائون، جن مان ڪجهه خطن جو ڪتاب ”ڏونگر سي ڏورينديون“ جي عنوان سان ڇپيل آهي. ان کان سواءِ سندن ڪتاب، ”جديد سياست جا نورتن“، ۾ جي ايم سيد ۽ پير علي محمد راشديءَ جا خط آهن. هن ڪتاب ۾ راشدي صاحب کين هن ريت مخاطب ڪيو آهي؛ ”منهنجا پيارا سيد، زندگيءَ جو لطف ئي وڃي هليو، جڏهن ان کي ماڻهن جي ٺاهيل قانونن جي تابع بنائجي ٿو. ان کي آزاد ڪرڻ سان ئي جاودان بنائڻو آهي. دستورن جي طابع ڪڏهن به زندگيءَ ۾ موج نه آندي آهي. اهو انقلاب ئي آهي جو ان ۾ دائمي تازگي کي پيدا ڪري ٿو، پاڻ کي انقلاب جي ڪُن ۾ اڇلي ڇڏ، زندگي چرپر جو ٻيو نالو آهي.“ سيد صاحب خود پنهنجي حياتيءَ بابت لکي ٿو؛ ”مون کي جي ڪابه ڳالهه آٿٿ ڏيندڙ رهي هُئي ته اُها هيءَ هُئي ته منهنجي ساري ڪارڪردگي، هر موقعي تي، خود مطلبيءَ، چاهه طلبيءَ، بزدليءَ ۽ خريد ٿي وڃڻ جي آلائشن کان ڪجهه مڙيو ئي پري هئي. سائين جي ايم سيد سالگرهه جي مناسبت سان - ڌرتيءَ سان ڌرتيءَ جيڏو وشال عشق ڪندڙ همير چانڊيو ڌرتيءَ جي صدين جي تاريخ ۾ رڳو وحشتون ئي وحشتون آهن، حمله آورن جي گھوڙن جون هڻڪارون ۽ ڌرتيءَ ڌڻين جون هڪلون ۽ دانهون، تاريخ جي خوني ڳلين ۾ چٽيءَ طرح نقش ٿيل آهن، سنڌ ڌرتي، جيڪا آڪاش جيڏي وشال تاريخ رکي ٿي، جنهن جي پيٽ ۾ انساني عظمتن جي اعليٰ تهذيب دفن ٿيل آهي، جيڪا جُڙيل ته مٽيءَ جي آهي، پر ان تي جڙاءُ فن جي مثالي جوهريءَ جهڙو آهي، هيل تائين ڌرتيءَ جي گود مان جيڪا تهذيب هٿ آئي آهي، ان فن جي ماهرن کي ته موهيو آهي ئي! پر ڏسندڙن کي به ڏندين آڱريون ڏياري ڇڏيون آهن. موهن دڙي جي لکت ته اڃا تائين پوري ڪوبه ناهي پڙهي سگھيو، پر سنڌ جي واهن ۽ وستين ۾ وکريل تاريخ جي پروڙ به اڃا تائين درست نموني نه پئجي سگھي آهي. اسان ايستائين ڌرتيءَ تي گھمندڙ ڦرندڙ بس انسان هئاسين، جن جي قوميت جي مُنڍ جي تاريخ جا ڦرها ڦاٽل هئا، ڪٿي ڪاڇو ته ڪاڏي ڪارونجهر، بس هئاسين واءُ ۾ خوشبوءِ وانگر وکريل وکريل...! ان وکريل واءُ جي خوشبوءِ کي کٿوريءَ مشڪ مثل ماڻهو (سائين جي ايم سيد) جوڙي گھڙي، اهڙي سنڌيت جي شاهاڪار تصوير ٺاهي، جنهن تخليق جا ٿڪ ئي لاهي ڇڏيا. اها سنڌيت جي تصوير تاريخ جي فريم ۾ اهڙي ته مانائتي نموني سان فٽ ٿي، جو زندگي هزارين پردن باوجود چٽي پٽي ڏسڻ ۾ آئي. سنڌيت جي ايڏي اعليٰ صورت تي هُو فطرت وانگر پاڻ ئي موهت ٿي پيو ۽ اُن سان عشق ڪري ويٺو. هن وحدت الوجودي ۽ ديش ڀڳت انسان ڌرتيءَ کي دائمي سمجهي اُن جو عشق جاڳائڻ لاءِ ڌرتي ڌڻين کي وطن دوستيءَ جا گيت ٻڌائڻ شروع ڪيا.هن ڌرتي ڌڻين کي ٻڌايو ته اوهان رت پُونءِ جا پتلا ناهيو، نه ئي ڪي ڌرتي ڌڪاريل نسل آهيو، جن تاريخ جي ٽٽل تختي تي وڏين مسافتن کان پوءِ ڌرتيءَ جي گولي تي رهڻ لاءِ زمين جو ڪو ٽڪرو هٿ ڪيو آهي، هيءَ ڌرتي اوهان جي وجود جي خالق آهي ۽ اوهان هن جا مالڪ آهيو. ڪوبه فاشي نسل يا آمر توهان تي پنهنجي گھوڙن جي گجگوڙن سان هٿيارن جي زور تي قابض ٿي توهان جي سڃاڻپ کي ميساري نه ٿو سگهي. هي ڌرتيءَ جو عاشق پنهنجي ماروئڙن جي محبت ۾ ڪاپڙي جوڳيءَ وانگر پوري سنڌ نگر ۾ نڪري پيو، ڪارونجهر جي چوٽيءَ تي چڙهي، روپلي جي ڌرتيءَ سان عشق جا قصا بيان ڪندي ، ان جي ونيءَ جا روپلي ڏي موڪليل سنيها، سنڌ جي ماڻهن کي ٻڌايا ته متان ماتِ کائي موٽئين ۽ منهجون سهيليون ويڻ ڏين ته روپلو ڌرتيءَ جي ويرين سان نه وڙهي سگھيو، آئون توکي ڏينهنِ قيام به بخش نه ڪيان. ان وقت شاهه لطيف جي بيت جو حوالو ڏيندي سنڌ جي ونيءَ جو ڳاٽ ڪارونجهر جي چوٽيءَ سان ٿي لڳو ”مَرُ مَرين آءُ روئان، موٽي آءُ مَ ڪانڌ“ ڌرتي ڌڻين کي تاريخي ڪردارن ۽ پنهنجي قومي هيرن جا اهڙا قصا ٻڌائيندي هُو الستي انسان سنڌ جي تخت گاهه اروڙ اچي ٿو ته اُتي ڏاهر جي تخت گاهه کي چُمي ڏيندي آب ديده ٿي وڃي ٿو ۽ ان گھڙيءَ سمنڊ جهڙي گهري سوچ ۾ پئجي وڃي ٿو ۽ پنهنجا هٿ ڀڪوڙي تقدير جي ڪتبي کي غور سان پڙهندي انڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻي ٿو، اُتي هن کان بي ساخته لفظ نڪري وڃن ٿا ته هل! عقيدن جا لباس اوڙهي ڪيئن جابر شرافت ۽ امن کي پيرن ۾ ڇيريون پارائي ناچڻيءَ وانگر نچائن ٿا، هُو اياز جي هن شعر جون سِٽون جھونگاريندي ڇرڪ ڀري ٿو: آڌيءَ رات اروڙ، سوچيو ٿڌو ساهه ڀري، موڳا هاڻي موڙِ، پنهنجي واڳ وجود جي. اروڙ جي تخت گاهه تي هي هڪڙو حوصلو کڻي نڪري ٿو ته هاڻي هن وکريل قوم کي جيئڻ جو حوصلو ڏبو ۽ هن کي وري اهو ئي خود مختيار ۽ آزاد قوم وارو وڃايل تشخص واپس ڏياربو، هن ڌرتيءَ جي وڏي واڪي وارثيءَ جو هوڪو ڏئي، ڌرتيءَ دشمن قوتن کي بي چين ڪري وڌو. ڌرتيءَ سان محبت جي ڳالهه، انهن ذهنن کي ڪيئن وڻندي؟ جن جو ڪم مخصوص عقيدي سبب قومن جي وجود کان ئي انڪار آهي، پوءِ هڪ طرف هن عظيم انسان کي سوگهو ڪرڻ لاءِ قيد جي شڪل ۾ ڏانوڻ تيار ڪيا ويا ۽ ٻئي طرف مخصوص ۽ محدود سوچ جي مالڪن باغي ۽ ڪفر جون فتوائون به پنهنجي جڳاڙي مُلائيت جي معرفت ڏياريون، پر سيد سموريون تهمتون سِر تي رکي هماليا جيڏو حوصلو کڻي سنڌوءَ جي پوتر جل جيان پنهنجي ڪردار ۾ پاڪائي رکندي اڳتي وڌندو رهيو. قومن جي پيدائشي حقن جون مخالف قوتون لرزي ويون، انهن قومي تحريڪن جي اندر ۽ نام نهاد جمهوريت پسندن کي خريد ڪري سياست کي وئيشا جو پيشو بڻائي ڇڏيو، پوءِ نام نهاد جمهوريت پسندن ۽ قومي تحريڪ جي اندر گھريل ڪجهه جعلي قومپرستن ملي ڪري سازشون شروع ڪري ڏنيون، پر سيد جي باڪردار هجڻ ۽ لازوال خوبين سبب، انهن قوتن کي پنهنجون شرارتون ڪامياب ٿيندي نظر نه آيون، ڇوته سيد سياست جي انهن اعليٰ آدرشن جو سنڌ اندر تخليقڪار هو، جنهن سان نسلن جي آبياري ٿيندي آهي. سيد انساني وجودن کي ڌرتيءَ سواءِ بي معنيٰ سمجهيو ۽ وجودن کي ڪارائتو قرار ڏيڻ لاءِ انهن کي ڌرتيءَ جي تحريڪ سان ڳنڍي ماڻهن کي تاريخ ۾ زندهه رهڻ جو هنر سيکاريو، ان سان گڏ اهو به آرٽ سيکاريو ته تحريڪن اندر ٿيندڙ سازشن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ ڪردار جي پاڪائي ۽ استقامت جو هجڻ انتهائي لازمي آهي. هن پنهنجي اڪثر ڪتابن ۾ قومي تحريڪ جي ڪارڪن ۽ سنڌي قوم کي سياست ۾ باڪردار هجڻ تي زور ڏنو آهي، ڇوته هُو تاريخ جو گهرو ادراڪ رکندي ڪردار جي اهميت کي سمجهي پيو، سماج ۽ قومي تحريڪ لاءِ اهوئي ماڻهو ڪارآمد آهي، جيڪو زندگيءَ کي وطن لاءِ وقف ڪري ۽ قومي غيرت تي موت وانگر اڻٽر رهي غلاميءَ کان نفرت ڪندو رهي. سيد جو فڪر مُندائتي مينهن جيان ڌرتيءَ تي وڏ ڦڙي جيان وسندو رهيو، جنهن سان پوري ڌرتيءَ جو ادب ڌوپجي اجرو ٿي پيو. ادب جي افساني، شعر ۽ نثر ۾ ڌرتيءَ جي کيتن جي خوشبوءِ، سنڌوءَ جل ۽ موهن جي تهذيب جا شهپارا سرجڻ لڳا، سنڌي ادب کي تخليق جو اهڙو جهان مليو، جنهن ۾ فن جا واهڙ وهڻ لڳا، امر گيتن جي گونجار، ڌرتيءَ ۾ هڪ ولولو ۽ جنبش پيدا ڪئي، اهڙين لکڻين سان ڪيئي بت ڪده لرزي ويا ۽ سنڌي ادب بين القوامي معيار جي معراج تي رسيو. ادب جي اهڙي اوج کي سن جي سيد جي فڪر سبب بي پناهه طاقت ملي. سنڌ جي وستي وستي، واهڻ واهڻ ۾ هڪڙي ئي جهونگار هئي ته ڌرتي دين ڌرم ۽ ازلي سُونهن آهي، هر سٽ ۽ بند ۾ سنڌ جي سرزمين جي عشق ۾ قلم رقص ڪرڻ لڳو ۽ انهن جي اکر اکر ۾ پنهنجي مٽيءَ سان پيار جي خوشبوءِ ۽ ڌرتي دشمنن لاءِ ڌڪار هيو. اهڙي عظيم وطن پرستي تبديليءَ جو بنيادي محرڪ سن جو سيد هو، جنهن جي فڪر جي ڇاپ سنڌي ادب ۽ فن ۾ جان وجھي ڇڏي، ڌرتيءَ جي سرموڙ شاعر شيخ اياز سڌي ۽ تمثيلي شاعري ڪندي چيو ته: قدم قدم تي هجومِ رندان، نظر نظر ۾ شراب خانا. ڪري ويو ڪير بارشِ مئي، خُمار آلود ٿيا زمانا. سن جي سيد جي فڪر جي اها تيز بارش هئي، جنهن وستي وستي ۾ پنهنجي فڪر جا پياڪ پيدا ڪيا، هر طرف هجوم ئي هجوم هيا، وطن دوستيءَ جي ريشم ڌاڳي ۾ پوئجڻ لڳا، اهو سيد جو ئي فڪر هو، جنهن زمانن تي کيپ چاڙهي ڇڏيا ۽ ايندڙ زمانا هن جي فڪر جي گھاٽي ڇانوري ۾، نٽهڻ اُس ۾ جلندڙ جسم پنهنجي وجودن کي سڙڻ کان بچائي سگھندا. سيد جي فڪر جي مئڪدي مان جنهن به سُرڪي ڀري، اهو انساني آزاديءَ جو متوالو بڻجي ويو ۽ ڌرتيءَ کي ڌرمن کان مقدس ڀانئين ان جي خوشحالي ۽ آجپي لاءِ پنهنجو جيون ارپي ڇڏيو ۽ انهن پنهنجون پوريون حياتيون، ان هرڻ جي مثل گذاريون، جنهن کي پنهنجي ناف جي خوشبوءِ هميشه سرگردان رکيو. سن جي مئڪدي جا پياڪ ڌرتيءَ جي عشق ۾ وڏي عرصي کان بدترين عتاب جو شڪار آهن، ڪيئي گھوٽ گھائجي پنهنجي ڌرتيءَ جي سينڌ سنواري ويا آهن. حالتن جو گرڙ پکي، انهن کي ڳڙڪائي رهيو آهي، هڪ وحشت جو خوف برپا ٿيل آهي. تنظيمي ڍانچو ٽائيٽينڪ جي ٻيڙي وانگر پرزا پرزا ٿيل آهي، جنهن جو ڳنڍجڻ ايندڙ ٿوري وقت ۾ مشڪل پيو لڳي، اڃا به وحشون وڌنديون ۽ خوف پوري قوت سان نروار ٿي بيهندو. حالتن جي اهڙي سنگينيءَ ۾ ڌرتيءَ جي باشعور طبقي کي ٻه وکون اڳتي اچي پنهنجي قومي حقن جو ڪينرو وڄائي سُرندي ۾ ساهه وجهي، ان الستي عاشق جي پروانن کي ناحق خون ٿيڻ کان بچائي، پر موجوده حالتن اندر سن جي فڪري چشمي جي ڄمي وڃڻ ڪري ادب ۽ شعور حالتن جي ڇير پائي پنهنجي ذات لاءِ نچي رهيو آهي، سنڌ ڌرتيءَ جو اديب وقت جي ”سردار“ جي درٻار جو دربان بڻيل آهي، جنهن کي پنهنجي ماتر ڀوميءَ تي ٿيندڙ ناحق نظر نه پيو اچي. وقت جي حاڪمن کان مراعتون وٺڻ نه صرف ڌرتيءَ ڌڻين جي توهين آهي، پر ان سان گڏ خود ادب جو مذاق اڏائڻ برابر آهي، جيئن عبدالرحيم گرهوڙي چيو آهي ته: متان کائين کچڻي، حاڪمن هنڌان، رڌي هوندئون رت مان، ماري مسڪينان. ادبي تخليق جڏهن فڪري ڌاران کان ٽٽي ٿي، ان ۾ سواءِ لفاظيءَ جي باقي ڇسي هوندي آهي، سيد، جنهن سنڌ کي دريافت ڪيو ۽ ان کي ڇنڊي ڦوڪي پوري عالم ۾ سندس سڃاڻپ پرامن ۽ مهذب خطي طور ڪرائي، اڄ اها ڌرتي گھڻ طرفي بحرانن جو شڪار بڻيل آهي، جتي مذهبي انتهاپسندي ۽ رجعت پسندي هڪ منصوبا بنديءَ سان سنڌي قوم جي نَسُنِ ۾ شامل ٿي رهي آهي ۽ اهڙو خيال سيد پنهنجي سياسي تدبر سان ايندڙ وقت جي پيشنگوئي ڪري ”ويانا“ ڪانفرنس ۾ اظهاريو هو، جنهن ۾ هُن چيو هو ته جيڪڏهن هن رياست اندر سيڪيولر، روشن خيال، عوام دوست ۽ قومپرست رجحانن کي هٿي نه ملي ته ايندڙ وقت ۾ رجعت پرستي ۽ مذهبي انتها پسندي ناقابل تلافي نقصان رسائيندي. موجوده حالتن ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته مذهبن اندر شدت پسندي انسانيت ۽ قوميت لاءِ ڪيڏي هاڃيڪار آهي، هي به تاريخ جو سچ آهي ته جيڪا به رياست مذهبي انتها پسنديءَ کي قومن خلاف هٿيار طور استمعال ڪندي، اها پنهنجي ۽ عالمِ انسانن کي تباهيءَ کان سواءِ ڪجهه به نه ڏيندي. جي ايم سيد هڪ صوفي هڪ باغي حسن مجتبيٰ پاڪستان ۾ شايد هو اڪيلو ئي پوڙهو شخص هيو جنهن جا سچا عاشق اڪثر ڪري نوجوان هيا. غلام مرتضيٰ شاه بالمعروف جي ايم سيد جيڪو هر وقت سچل سرمست جي هن سٽ “ سچو! عشق ٻڍا نه ٿيوي، پانوين چٽڙي ٿي وڃي ڏاڙهي” جي جيئري جاڳندي تصوير ٿي رهيو۔ اڄ سنڌ ۾ ڪيترائي سنڌي قومپرست ۽ نوجوان سنڌو درياه جي هن پار هڪ ننڍڙي شهر “ سن ” جي طرف راهي آهن، جت جي ايم سيد هڪ کليل ڪتاب جي شڪل واري سنگمرمر جي قبر جي هيٺان دفن آهي. ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ تي سن ۾ پئدا ٿيڻ واري جي ايم سيد کي جڏهن ۲۵ اپريل ۱۹۹۵ تي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪرڻ لاءِ نيو پئي ويو ته ان جي مڙهه سان گڏ قرآن، گيتا، انجيل، توريت ۽ شاه جو رسالو به گڏ سفر ڪندو رهيو. جي ايم سيد شايد پاڪستان ۾ اهو پهريون سياستدان هيو، جنهن پنهنجي لکڻين ۽ تقريرن جي ذريعي ڪيترا سال اڳ ئي مذهبي انتها پسندي جي خطرن کان ملڪ ۽ هن خطي کي آگاهه ڪري ڇڏيو هو. جي ايم سيد اهو پهريون سياستدان به هيو جنهن سرد جنگ جي خاتمي کان اڳ ئي چيو هو ته سرمائيدارانه ۽ اشتراڪي بلاڪن ۾ ورهايل دنيا جي قطع نظر روحاني ملڪن جي گروهن جو به هڪ بلاڪ هجڻ کپي. مراد ته جنگ جي خاتمي تي هُنَ عالمي امن جي خاطر اقوام متحده جي نئين سري سان جوڙجڪ جي ڳالهه ڪئي هئي. اها ڳالهه هن ۱۹۹۲ ۾ نشتر پارڪ ڪراچي ۾ پنهنجي سالگره جي جلسي جي دوران چئي هئي، جنهن کانپوءِ جلد ئي کيس گرفتار ڪري گهر ۾ نظربند ڪيو ويو. نوازشريف جي دور ۾ شروع ٿيڻ واري اها نظربندي بينظير ڀٽو جي ٻئي ڀيري واري حڪومت جي مئي ۱۹۹۵ ۾ سندس وفات تائين برقرار رهي. سيد، شايد غفار خان کانپوءِ هن ملڪ جو سڀ کان سينيئر “غدار” هيو. پاڪستاني حڪومتن جي هر دور ۾ پاڪستان کي ختم ڪرڻ جي الزام ۾ قيد ۽ نظربند رهيو، پر سندس ۲۸ سالن جي قيد ۽ نظربندي جي دوران ڪڏهن به ۽ ڪنهن به عدالت ۾ کيس پيش نه ڪيو ويو. هڪ اهڙو الزام جنهنکي هو خوشيءَ سان قبول ڪندو رهيو. بينظير ڀٽو جي دور حڪومت ۾ سيد جي خلاف بغاوت جو مقدمو هلايو ويو، انسداد دهشتگريءَ جو جج نجي پيغام موڪليندو رهيو ته هو مهرباني ڪري عدالت ۾ پيش نه ٿئي، ڇاڪاڻ ته هو سندس اعتراف جرم جي صورت ۾ هن کي سزا ڏيڻ جو گنهگار نٿو ٿي سگهي ۔ ڪراچيءَ ۾ پنهنجي رهائشگاه حيدر منزل تي هو حاضريءَ واري ڏينهن عدالت وڃڻ لاءِ تيار ٿي ويهندو هو، پر ڪڏهن به کيس پوليس وٺڻ لاءِ نه پهتي. هو پنهنجي خلاف الزامن تي فارسيءَ جو مشهور بيت پڙهندو هو، جنهن جو ترجمو هي آهي ته؛ “ وڏي پيهه لڳل آهي، هو مونکي قتل ڪرڻ لئه وٺي وڃي رهيا آهن، منهنجا محبوب تون به ڇت تي اچي ڏس، ڇا ته نظارو آهي” جي ايم سيد بنيادي طور تي هڪ صوفي هيو، هو سنڌ جي عظيم صوفي مخدوم بلاول جو مريد ۽ هڪ ٻي بزرگ حيدرشاه سنائي جو سجاده نشين پڻ هيو. جي ايم سيد جي ننڍپڻ ۾ ئي سندس والد کي قتل ڪيو ويو هو، جيتوڻيڪ سندس سموري تعليم گهر جي عورتن وٽ يا ڳوٺ جي مڪتب ۾ يا خانگي طور تي مقامي استادن کان ٿي هئي، پوءِ به حاضر جواب، حس مزاح جو مالڪ، مڃيل سياستدان ۽ ڪيترن ڪتابن جو مصنف هيو. سندس ڪتابن مان هڪ ڪتاب “ جيئن ڏٺو آهه مون” مذاهب عالم ۽ انجي تاريخ تي لکيل ڪتاب آهي جيڪو پاڻ ۱۹۶۰ جي ڏهاڪي ۾ لکيو هو، جڏهن ته هن جي هڪ ٻي ڪتاب “ سنڌو ديش ڇ ۽ ڇا لاءِ”( پاڪستان ۾) بندش پيل ڪتابن ۾ آهي. ڪجهه ماڻهن جو خيال هو ته جي ايم سيد ته شايد مسلمان به نه هيو، جڏهن ته هو پنهنجي ڳوٺ جي مسجد ۾ گهڻي عرصي تائين نمازن جي امامت ڪندو رهيو، ۽ جمعي جا خطبه به ڏيندو هو. سندس لئه اهڙي سوچ پئدا ڪرڻ ۾ حڪومتن جو وڏو هٿ رهيو، (پنجاب جي مسجد ۾) هڪ خطبي کي ٻڌي ۱۹۷۶ ۾ گلستان خان نالي هڪ شخص پنهنجي صدريءَ ۾ خنجر لڪائي شيخ اياز ۽ جي ايم سيد کي مارڻ لاءِ ويو هو، ته “هو اسلامي جي دائري کان نڪري ويا آهن ۽ واجب القتل آهن” پر جڏهن هن سيد کي سموري رات جي ڪچهريءَ کانپوءِ اشراق ۽ تهجد پڙهندي ڏٺو ته هن خنجر سامهون ميز تي رکيو ۽ اعتراف ڪيو ته هو ڪهڙي طرح جنت ڪمائڻ نڪتو هو، سيد انکانپوءِ ان شخص جي خلاف عدالت ۾ شاهدي ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ... سندس نظر ۾ سياست ٻن قسمن جي هئي، هڪ عملي يعني انتخاب ۽ اقتدار جي سياست ۽ ٻي آدرشي يا نظريات ۽ اصولن جي سياست. سندس نظريات ڪهڙا به هيا، پر پنهنجن انهن آدرشن ۽ اصولن جو سياستدان هو، هو پاڪستان ۾ اڪيلو سياستدان هو جو وڏي واڪي پاڪستان کي ڊاهي، انجي جڳهه تي سنڌ کي “ سنڌوديش” ٺاهڻ جي ڳالهه ڪندو هو. هو پنهنجي ملڻ وارن کي چوندو هو ته، ”اچو ملي دعا ڪريون ته پاڪستان ٽٽي وڃي.“ هي اهو ئي جي ايم سيد هيو جو پاڪستان جي باني جي قتل جي افواهه ٻڌي سن ۾ اوڇنگارون ڏئي رنو هيو. محمد علي جناح تي قاتلانه حملي جي منصوبي ۾ هڪ سنڌيءَ جي پڪڙجڻ تي هن چيو هو ته، “ حيرت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌي به انتها پسند ٿي سگهي ٿو” جي ايم سيد تو پڄاڻان سپرين ماھم سنڌي / ميرپورخاص اسانجي جنم ڀومي سنڌ جيڪا شاندار تھذيب، ثقافت، ٻولي، صوفي ازم، سيڪيولرزم، عدم تشدد، مذھبن جي برابري، انسانيت جي اونچائي ۽ ڀائيچاري جي حوالي سان سڃاتي وڃي ٿي. انھي سنڌ اندر سائين جي ايم سيد بابت اسان سڀ گھڻي کان گھڻا بھادري ۽ عقلمندي جا مثال، پھاڪا ۽ چوڻيون توڙي شاعريون ۽ مضمون ٻڌنڌا ۽ پڙھندا پيا اچون. ڪو ورلي به اھڙو ليکڪ سنڌ جو نه ھوندو جنھن سيد جي ڪردار جي واکاڻ پنھنجي قلم جي ذريعي نه ڪئي ھجي. سيد بابت مضمون سنڌ جي تاريخ جا اڻ کٽندڙ سلسلا آھن. ائين چئجي ته سيد سنڌ جو آئينو آھي ته غلط نه ٿيندو. ڪنھن ليکڪ ائين به چيو ھيو ته سيد ھر موضوع مذھب، قوميت، ٻولي، آزادي جي جدوجھد ۽ عشق بابت ايڏو ته جاکوڙيو آھي جو سيد جي ھر ھڪ جاکوڙ تي اڄوڪن شاگردن کي الڳ الڳ مضمون تي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري وٺڻ گھرجي. ھي ھڪ حقيقت تي مبني ڳالھ آھي ته ڪنھن به وقت سان تعالق رکندڙ ڪوئي پھاڪو ھجي، ڪائي چوڻي يا ڪنھن شاعر جي ذھن ۾ جڙندڙ ڪي شاعري جو مصرائون ھجن، اُھي سڀ ان دؤر جي عڪاسي ھونديون آھن. اسين جئين ته جٿ به شاھ عبدالطيف جي شاعري يا کڻي نالو به ٻڌون ته ھڪدم اسان سميت ٻيا به سمجھي ويندا ته اھو سنڌ سان تعلق رکي ٿو، اھو سنڌ جو لال لطيف سنڌ ديس کي پوري عالم سميت دعا ڪندڙ صوفي بزرگ آھي. ڌرتي جي پنھنجي بھادر ۽ بردبار ڪردارن سان سُڃاڻ ۽ قومي ليڊرن جي وري پنھنجي ڌرتي جي نالي سان سڃاڻپ ھڪ انتھائي خاص ۽ لازم ملزوم وارو رشتو آھي، اھي ھڪٻئي سان سڃاتا وڃن ٿا. جئين اسين مھاتما گانڌي جو نالو ٻڌون ته ھڪدم ھندوستان جو پسمنظر ذھن ۾ جڙڻ لڳندو آھي، خميني جو نالو ٻڌنڌي ئي ايران طرف اسان جون خيالي نظرون وينديون آھن. خليل جبران جو نالو ايندي ئي لبنان جا سھڻا منظر ۽ ان جي نيسان واري گُل ٽڙڻ جي موسم دل ودماغ کي معطر ڪرڻ لڳي ويندي آھي. فيڊرل ڪاسترو، لينين، نيلسن منڊيلا، ڪارل مارڪس، چي گويرا ۽ نه ڄاڻ ٻيا ڪيترائي اھڙا ڪردار آھن جيڪي اڄ اسان جي وچ ۾ موجود ناھن پر اسين جڏھن به نالو ٻڌون ته اتي جي ملڪ ۽ ڌرتي جو نقشو جڙي پوندو آھي. اسين سنڌ جي نالي اڪثر اھو چوندا رھون ٿا ته اھا شاھ لطيف، سچل، قلندر، صوفي عنايت شھيد، دودي سومري، راجا ڏاھر، ھوشو شيدي جي ڌرتي آھي. ان جو سادو مطلب اھو آھي ته اھي اھڙيون ته شخصيتون ھيون جن تي ھڙئي سنڌي قوم کي اڄ به فخر آھي. اھڙي طرح مائي بختاور ھجي، ٿرپارڪر جي مارئي ھجي، روپلو ڪولھي ھجي، سيد صبغت الله شاھ سورھيه بادشاھ ھجي، انھن جا نالا کڻندي اسين اندر ۾ اھا خوشي محسوس ڪريون ٿا جيڪا پنھنجائپ جي ھوندي آھي جنھن تي فخر ڪري ڳاٽ اونچو ڪري سگھجي. ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ع تي سن شھر، ضلعي دادو سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ تي سائين جي ايم سيد (غلام مرتضي شاھ سنائي) جو جنم، ان بعد ان جي سحر انگيز شخصيت اڄ به اھڙو ئي فخر ھر سنڌي کي ڏياري ٿي جنھن کي پنھنجي ڌرتي سان لڳاءُ آھي. ان جي حيثيت اسان وٽ پيغمبر سنڌ واري آھي. اسين ان کي جديد سنڌي قومپرستي جو باني پڻ سمجھون ٿا. سائين جي ايم سيد جو جوش ۽ ولولو، ان جي سياسي ڏاھپ، ان جي دور انديشي، ان جي ادبي پرک، ان جون مذھبن جي ٽڪراءُ بابت سمجھاڻيون ۽ ان جي گھڻ رخي شخصيت سنڌ لاءِ سڀاڳي ئي رھي آھي. اڄ سائين جي ايم سيد جي ۲۲ھين ورسي آھي. ان کي ھن دنيا مان رخصت ٿئي پورا ۲۲ سال گزري ويا آھن. ان جي رخصتي ۹۱ سالن جي ڄمار ۾ ۲۵ اپريل ۱۹۹۵ع تي ٿي ھئي. سائين جي ايم سيد جو وڇوڙو بيشڪ اسان لاء وڏو ھاڃو آھي ان جي جڳھ ڪير والاري نه سگھندو. سائين جي ايم سيد جي وجود جو رُعب ۽ اثر ئي پنھنجو ھيو جو مخالف به سندن تعريف سوا نه رھي سگھندا ھئا. اڄ به اھا ڳالھ ھر ڪو مڃي ٿو ته ۱۹۴۴ع ۾ جيڪر سيد صاحب مسلم ليگ سنڌ جو صدر ٿي، پاڪستان جو بل سنڌ اسيمبلي مان پاس ڪرائڻ لاء ڪوششون نه وٺي ھا ته، اڄ تائين اھو بل ڪاغذ جو ٽڪرو ٿيو پيو رُلندو ھجي ھا. سائين جي ايم سيد جو جسماني وڇوڙو ھڪ وڏو قومي ھاڃو آھي، جنھن جو اسانکي اڳ کان وڌيڪ ھاڻي احساس آھي. سائين جي ايم سيد جي جسماني خاموشي بعد ڄڻ اڄ به ان بعد يتيم ٿيل سنڌي قوم اڃا تائين ڪو بلند آواز اٿاري نه پئي سگھي. سيد صاحب پنھنجي پاڻ ۾ ھڪ ھلندڙ ڦرندڙ جدوجھد ھئي ھڪ تحريڪ ھئي، ھڪ ٻرندڙ مشعل ھئي، ھڪ اميد ھئي. جئين جو سائين جي ايم سيد موڪلاڻي ڪري سَن جي سونھري زمين تي سنڌو جي ساڄي ڪپ جي ڀر ۾، سنڌ جي پاڪيزه مٽي کي چادر جيان اوڙھي وڃي آرامي ٿيو آھي، ان بعد ان جي لفظن ۽ ان جي سياسي توڙي اخلاقي تحريڪ ڄڻ ته ماٺيڻي پئجي وئي آھي. جئين جو ڪو وقتائتي طوفان سمنڊ جي ڇولين مان سڪون ڪڍي انھن کي گجگوڙ تي اٿاري ڇڏي ٿو ۽ طوفان جي واپسي بعد ساڳي ئي ساگر منجھ چپ چاپ ٿي ويندي آھي، تئين ئي سيد جي موڪلائڻ بعد سنڌ وياڪل ٿي پئي آھي. ڪو به ماڻھو سدا جئيڻو ۽ رھڻو ناھي ۽ اسين به ائين سمجھون ٿا ۽ سيد لاء اھي لفظ پر اميد ٿي چونداسين ته وٺي ھر ھر جنم وربو مٺا مھراڻ ۾ ملبو پر ان جي باوجود به سيد جي نظريي کي ڪو اھڙو جانشين نه پيو ملي جيڪو ان کي اڳتي ھلي کڻي سگھي، اھا ڳالھ صبر ڪرڻ کان گھڻو مٿي چڙھيل آھي . سيد جي خاموشي بعد سيد جي پوئلڳن سان ٿيل نانصافين جو ازالو ذري برابر به نه پيو ٿئي. ھر سنڌي جي اندر ۾ ھڪ آتش فشان پيو ٻري پر اڃا تائين صرف خاموشي سان ٻري پيو ڦاٽڻ جي ھمت ڌاري ئي نه پيو سگھي. اھو سيد ئي ھيو جنھن شروعاتي حمايت ته ڪئي پر پوء ، پاڪستان جي ۱۹۴۷ع ۾ آزادي بعد سيد صاحب جلد ئي ان ڪمزور ٻه قومي نظرئي تي جڙيل ٺھراءُ جي سخت مخالفت ڪرڻ لڳو . ڇوته ان ڄاڻي ورتو ته سنڌ جي بقا کي پاڪستان مان سخت خطرو آھي. ھن ڄاڻي ورتو ته سنڌ جي شاندار تھذيب، ان جي جدا آزاد روايتن، ان جي اھنسا واري پراڻي ريتن کي ختم ڪرڻ جي سازش پاڪستان جي نالي تي ڪئي ويندي. سائين جي ايم سيد بنگال جي ۱۹۷۱ع ۾ آزادي بعد ڄاڻي ورتو ته سنڌي، بلوچي ۽ پٺاڻ قومن سان ھڪ مفاد تحت ٺڳي ڪري پنجابي سرمائيدارن کي نوازيو ويو آھي. جنھن سبب سائين جي ايم سيد سڌو الڳ رستو ٺاھي پنھنجي قوم جي آزادي لاء ڄڻ ته سر عام جنگ جو طبلو وڄائي ڇڏيو. ۱۹۷۲ع ۾ قومپرست جماعت جئي سنڌ قومي محاذ جو بنياد وڌائين، جنھن جو متن سنڌي قوم جي ٻڌي ۽ ان جو سياسي روح سنڌين جو ھڪ جڳھ تي گڏجي سنڌ جي مقصدن لاءِ وڙھڻ ھيو، اُھا اڄ ڀاڱن ۾ ورھائجي وئي آھي. سنڌ کي الڳ وطن ڪرڻ جي نعري ھيٺ سنڌوديش جي تحريڪ ھلائي وئي، جيڪا ھاڻي پنھنجو اصل زور وڃائي رھي آھي شايد ان ڪري جو اسان وچ ۾ رھنمائي ڪرڻ وارو سائين جي ايم سيد ڪونھي. ان جا ڇڏيل پيغام، تقريرون، ڪتاب ۽ ان جو ٺاھيل سنڌوديش بابت فڪري ڍانچو اسان لاء ايڏو خاص ناھي رھيو. سيد سان گڏ رھندڙ ان جا سڀئي پوئلڳ ڌار ڌار رستا ڪري پنھنجي اوليتن تي مفادن خاطر وڙھي رھيا آھن، جنھن سبب گھڻي ڀاڱي اختلاف پيدا ٿي رھيا ۽ تحريڪ ۾ اڳوڻو زور ٽٽي ويو آھي. سائين جي ايم سيد جي زندگي دوران ھن پنھنجي سياسي بصيرت ذريعي سنڌ کي ھڪ اھڙي امن گاھ ٺاھڻ جي ڪوشش ڪئي جنھن جي آزادي تي ڪو مصلحت نه ٿي سگھي . سائين جي ايم سيد عشق ۽ محبت جي فلسفي کي پڻ ڏاڍو ڳايو آھي. ھن مزاجي کان ويندي حقيقي عشق کي پنھنجي سمجھ موجب سمجھائڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي ھئي . سائين جي ايم سيد موجب جڏھن عشق جي ٻالڪپڻ ۽ جواني ھجي ٿي ته اھو ھڪ فرد تائين ھوندو آھي، پر بلوغت بعد عشق فرد نه بلڪه قوم ۽ قوم جي مجموعي مفادن سان منسلڪ ٿي وڃي ٿو. پوءِ عشق ڌرتي، پنھنجي ماڻھن ۽ پنھنجي قومي ورثي ۽ ٻولي سان ٿي ويندو آھي. سائين جي ايم سيد انھن موضوعن تي وڏي تحقيق ڪري بحث ڇيڙيا جن تي اڄ اسين لفظ ڳالھائڻ کان به ڊڄي ٿا پئون. سائين جي ايم سيد سنڌ ۾ وسيلن جي ڦرلُٽ، ڌارين جي آبادڪاري، مڪمل خودمختياري، ٻولي جي اصل اھميت، ڪلچر، پاڻي چوري جو تحفظ سميت ھن سنڌ جي ھر ان مسئلي تي کُلي ڳالھايو به ۽ جدوجھد به ڪئي جيڪي ان وقت ۾ پيش آيا پئي. ھڪ ليڊر ۽ رھنما پنھنجي ايندڙ ڪئي نسلن لاءِ مشعل راھ ڇڏي وڃي ٿو ۽ اھي ھدايتون ڇڏي وڃي ٿو جيڪي صدين تائين پيون سبق ڏينديون آھن. اڄ سنڌ جي قومپرست سياست ۽ ان جو جماعتون جيڪي گھڻيون تڻيون سائين جي ايم سيد جي نظرئي ھيٺ ٺھي ان کي پنھنجو سياسي ابو تسليم ڪري رھيو آھن، اڄ انھن جو پاڻ ۾ تضاد ۽ ھڪ مسئلي تي گڏ ٿي نه بيھڻ ھڪ پريشان ڪندڙ ڳالھ آھي. اڄوڪي دور ۾ ائين پيو ڏسجي ته ڪا به تحريڪ ايڏي زور آور ناھي جو نئي طريقي سان پنھنجي مقصد خاطر وڙھي. بلڪ اڄ اُھي سڀ پنھنجي ئي سنڌ ۽ سنڌين کي بس بچائڻ ۾ پورا آھن. ڇا اھا ھڪ قسم جي ڪمزوري نه چئبي؟ قومپرست ڪارڪن روز مختلف جڳھين تان کنڀجيو وڃن ٿا ۽ سڄي جدوجھد ان ۾ ھوندي آھي ته شل جئيرو انھن کي واپس موٽائي سگھون. خفيه ايجنسيون ۽ سنڌ دشمن قوتون ڪنھن ۾ به ھٿ وجھڻ کان ڪيٻائين ئي نٿيون ۽ پنھنجي مَن مستي تحت انھن جا مزاڪ جاري آھن. ڪيترا ئي قومپرست ڪارڪن چيچري ماريا وڃن ٿا ، گھٽين ڳلين تان بلڪه تعليمي درسگاھن تان اُھي گُم ڪيا پيا وڃن پر سندن ڪير واھر وسيلو پڇاڻي وارو ناھي . جيڪا سنڌ گئس ڪمائي وفاق ڏي آمدني اماڻي ٿي ان وٽ نه گئس آھي، نه پاڻي، نه ئي بجلي. سنڌ ته پوئين دور ۾ به ايڏي ڏکي نه ھئي جيتري ھاڻ آھي. اسين اڄ ايڏا مجبور آھيون جو پنھنجي ترقي جي نا، بلڪه بقا جي، پنھنجي قوميت جي جنگ انھن ڌارين سان پيا وڙھون جيڪي ھتان جا ڪڏھن ھئا ئي نه، پر چالاڪين سان ھاڻ سنڌ ۾ بادشاھت پيا ڪن. اسين ايڏا بي وس آھيون جو پنھنجي قوميت کي بچائڻ لاء اڄ اعلان ۽ ميڙاڪا پيا ڪريون ته مھرباني ڪري آدمشماري ۾ پاڻ کي سنڌي لکرايو، ان جو مطلب ڇا ٿيو؟ اھو ئي ته اسان کي اھو خطرو آھي ته ڪٿي اقليت ۾ تبديل نه ٿي وڃون. اسانکي کٽڪو آھي ته اردو ڳالھائيندڙ مھاجر ۽ ٻيا افغاني پٺاڻ ايترا وڌي ويا آھن جو سنڌ ڌرتي تي انھن جي اڪثريت ٿي وئي ھوندي. سائين جي ايم سيد پنھنجي جاکوڙ جيڪا شروعاتي طور مسلمانن جي قوم جي آزادي جي جدوجھد ھئي. جنھن ۾ سائين جن شريڪ ٿيو پر وقت ان کي سڀئي سبق پڙھائي ڇڏيا ته ڪئين آزادي بعد پنجابي سامراج سنڌ ۽ سنڌ جي ھر حق مٿان مسلط ٿيل آھي. سائين جي ايم سيد وڏو خدشو ظاھر ڪيو ھيو ته جيڪي اوھان اڄ انھن طالبانن کي پناھون ڏئي گھرايو پيا سي سڀاڻي وڏا نانگ بڻجي اوھان جا ٻچا پڻ کائي ويندا. سچ پچ ته اھي وڏا نانگ ٿي سنڌ ۾ ڦھلجي سنڌ جي امن کي وڏو ڇيھو رسائي رھيا آھن. پنھنجي ڦڻن جي زھر سان ڪڏھن شڪارپور، ڪڏھن جيڪب آباد، ته ڪڏھن سيوھڻ ۾ قلندر جي نگري کي ڏنگي رت ھاڻو ڳاڙھو پيا ڪن. دشمنن جي ھڪ ڌماڪي سان اسانجي صوفي ڌرتي رت ۾ رنگجي ماتم ڪرڻ لڳي وڃي ٿي. اڄ سنڌ جا ڌڻي ھوندي به سنڌي ٻين جي رحم وڪرم تي محتاج آھن. سنڌ جي روايت اپنائيندي جڏھن صوفي راڳن تي رقص ڪيو پئي ويو ته سيوھڻ اندر ٿيل ڌماڪي ۸۰ کان مٿي ماڻھن کي کاڄ بڻائي ڇڏيو ۽ دشمنن اھو واضح ڪيو ته سنڌ کي اسين پنھنجي دھشت ۾ پورو جڪڙي چڪا آھيون. سنڌ اندر ذوالفقار آباد ۽ بحريه ٽائون نالي اھڙا رھائشي علائقا جڙجي رھيا آھن جن ۾ سنڌين جي مخالف ويھي موجون ڪندا. سنڌو جو پاڻي جنھن تي اڳ ئي اھڙي رٿابندي ڪيل آھي جو پاڻي سنڌ جي حصي ۾ صفا گھٽ اچي ٿو ۽ وچ واٽ تي چوري ٿيو وڃي ان تي ڪالاباغ وٽ ڊئم اڏي، سنڌ کي سڪائڻ جي سازش پٺي پويان جاري آھي. اين ايف سي ايوارڊ ذريعي رڳو مفاد پنجاب جي حصي ۾ آھي. سي پيڪ جي اھم راھداري منصوبي تحت به سنڌ کي ڪو خاص فائدو نه ڏنو ويندو. وفاق ۽ وفاقي ادارن ۾ سنڌ جي اڌ کان گھٽ نمائندگي موجب به ان جون مخصوص سيٽون به انھن کي ناھن مليل ۽ ھو پنھنجي حق کان به محروم آھن. انھن سڀني مسئلن تي اڄ احتجاج ته ٿئي پيو ڌرڻا ۽ نعرا ته لڳن پيا پر ڪو به مسئلو نيست نابود ٿي راھ تان ھٽجي نه سگھيو آھي. سائين جي ايم سيد پنھنجي حياتي دوران قومي تحريڪ ۾ انھن ان وقت جيڪي مسئلا موجود ھيا ان مسئلن تي کلي ڳالھيائين ۽ جڏھن ڏٺائين ته پنجابين کان سواء دوکي جو ڪجھ نه ورندو ته نيٺ پوء سنڌو ديش جي تحريڪ شروع ڪيائين جنھن ۾ سڄو خاڪو ٺاھي، سڄي رٿابندي ٿيل ھئي ته سنڌي ڇو ۽ ڇا لاء پنھنجي سنڌ کي الڳ وطن ڪري ڌارين بدران ڌرتي ڌڻين جي حڪمراني چاھين ٿا. سائين موجب “سنڌ جي غلامي جو باعث پاڪستان جو نظريو آھي. انھي دوکي کان ٻاھر نڪري سنڌي قوم کي ضرورت آھي ته پاڻ کي قومپرستي جي رنگ ۾ رڱي ڇڏين“. پر اھو سائين جي ايم سيد جو ڏٺل خواب ۽ اھا پرجوش تحريڪ اڄ ماٺيڻي آھي. اڄ اھا تحريڪ ڄڻ ڪو ڪنھن موسمي لٽ اندر دٻجي وئي آھي. ڪنھن تيز ھوا جي جھونڪي بعد اجھامندڙ وسامندڙ ان ڏيئي جھڙي آھي، جيڪا اھا ڪوشش نٿي ڪري ته ڪو پنھنجي شعلن سان دشمنن کي ساڙجي، پر اھا ئي ان جي جدوجھد ھوندي آھي ته بس پاڻ بچائي سگھان، پنھنجو جئيندان قائم رکي سگھان. ڪيڏي نه ڏک جي ڳالھ چئبي جو سنڌ جي نياڻي ڊاڪٽري پڙھندڙ نورين لغاري تي اڄ دشمنن جا زھر ڀريا لفظ ايڏو اثر ڪري ويا جو ھو پاڻمرادو انھن سان شامل ٿيڻ لاء نڪري پئي آھي ۽ ھو بي ڏوھ انسانن کي مارڻ لاء جتن ڪندي ٿي وتي. سائين جي ايم سيد بعد سيڪيولر سنڌ ھڪ طرف ان جھڙي عظيم ھستي کي ڳولھي پئي ٻي طرف بلڪل ماٺيڻي ۽ ھنسا جي ھيٺ جبر ۽ انتھاپسندي ڀوڳي پئي. اڄ ورسي سنڌ جي سيد کي بس ايترو ئي پيغام ڏينداسين ته تو پڄاڻا سپرين سنڌ سوکي نه آھي. سائين جي ايم سيد سياسي سفر... سرمد کوسو سائين جي ايم سيد محمدشاهه سنائي جي گهر ۾ ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ ۾ڇنڇر ڏينهن سن شهر ۾ پيدا ٿيو، جي ايم سيد ٻاروتڻ ۾ ذهين چالاڪ حسين رهيو هن ۱۹۱۵ ۾ سنڌي پرائمري انگريزي اڳتي هلي فارسي جي تعليم پرائي هن ننڌڙي عمر ۾ والد صاحب جي شهادت جو غم سٺو هن ننڍڙي عمر ۾ قومپرستي ۽ سماج سڌارڪ وارا فرض سرانجام ڏنا هن ۱۴ ورهين جي عمر ۾ سن شهر ۾ انجمن مسلمين سن ، قائم ڪئي جنهن تحت غريب طبقي پٺتي پيل ماڻهن کي پاڻ ۾ همدرديون پيدا ڪرڻ شادي غمي ۾ هڪ ٻئي جو ڪلهي ڪانڌي ٿيڻ جو ڏس ڏنو پهرين مهاڀاري جنگ دوران ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ جڏهن هندستان آزادي کان محروم رهي ڪري انگريزن خلاف ۱۹۱۹ع ۾ جيڪا بغاوت هلي انهن ۾ سنڌ جي ماڻهن حصو ورتو ته انهن سائين جي ايم سيد مٿان سٺو اثر ڇڏيو انهن ڏينهن ۾ “ريشمي رومال تحريڪ “ جي اڳواڻن سنڌ ۾ جان محمد جوڻيجي جي اڳواڻي ۾ ۱۹۲۰ع اندر جيڪا سنڌ خلافت ڪانفرنس هلي، ان ڪانفرنس ۾ مولانا ابوالڪلام آزاد شيخ عبدالمجيد سنڌي سميت سياسي توڙي مذهبي اڳواڻن شرڪت ڪئي ته ان ۾ جي ايم سيد کي ان ڪانفرنس ۾ شرڪت نصيب ٿي ان ڪانفرنس ۾ موجود اڳواڻن هن مٿان وڏو اثر ڇڏيو. اڳتي هلي هن ۱۷ مارچ ۱۹۲۰ع ۾ سن شهر ۾ خلافت ڪانفرنس جو اجلاس سڏيو جنهن جي صدارت حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ڪئي جنهن ۾ انگريزن جي لقبن ۽ ملازمتون ڇڏڻ جا اعلان ڪيا انهن ڏينهن ۾ جي ايم سيد ۾ قومي جذبو ۽ قومپرستي جو مادو حماليا جي چوٽي جيان ڪر کنيو بيٺو هو جنهن هن کي باقائدي سياسست ۾ آڻڻ تي مجبور ڪيو ۽ هن ۲۶ اپريل ۱۹۲۰ع ۾ سياست ۾ پير پاتو . جڏهن مخدوم بلاول جي درگاهه تي ٿيل جلسي کي پهريون ڀيرو خطاب ڪيو تنهن کانپوءِ جي ايم سيد سن ۽ سنڌ جي ماڻهن لاءِ مختلف روٽن تي مختلف رخن سان جدوجهد تيز ڪئي، هن سياست ۾ پير پائڻ کانپوءِ ۱۹۲۴ ۾ سنڌ جي سيدن لاءِ تعليمي سماجي ترقي لاءِ سن ۾ ، انجمن سادات مٽياري ، قائم ڪئي جنهن ۾ هن پنهنجون سرگرميون فرض سرانجام ڏئي نتيجا حاصل ڪيا هن ۱۹۲۵ ڌاري سنڌ جي آبادگارن توڙي زمنيدارن جي هڪ ايسوئيشن قائم ڪئي جنهن جا نڪتا سنڌ جي هارين زميندارن کي پنهنجا حق وٺي ڏيڻا هئا هن جي ۱۹۲۵ ۽ ۱۹۲۶ ڌاري ڪراچي ضلعي لوڪل بورڊ جو ميمبر مقرر ٿيڻ کانپوءِ هن سن ۽ سنڌ جي نياڻين جي تعليم جي واڌاري لاءِ ضلعي اندر رات توڙي ڏنهن جو اسڪول هلرائي سنڌ کي تعليم جي ميدان ۾ اڳتي آڻڻ لاءِ ڪوششون ڪيون ان دوران ۱۹۲۸ ڌاري ڳوٺ سڌار تحريڪ جو بنياد وڌوجنهن ۾ هن پنهجا فرص سرانجام ڏنا. سائين جي ايم سيد ۱۹۲۸ع ڌاري ئي بمبئي کان سنڌ جي عليحدگي واري تحريڪ هلي، ان ۾ هن حاجي عبدالله هارون شيخ عبدالمجيد سنڌي ايوب کهڙو خان بهادرسان گڏجي ان تحريڪ ۾ حصو ورتو. ۱۹۲۸ع کانپوءِ جي ايم سيد ۱۹۳۰ع ۾ ادبي ۽ ثقافتي ڪانفرنس ڪوٺائڻ جو جيڪو بنياد وڌو ان کي ايتري قدر ڪامياب ڪيو جو اڄ به اهوسفر سنڌ جي صوفي بزرگن جي ميلن تي روان دوان آهي هن ساڳي ئي سال ۱۹۳۰ع ۾ هاري ڪانفرنس جوبنياد وڌو جنهنجي صدارت جمشيد مهتا ڪئي هي هاري ڪاميٽي اڳتي هلي حيدر بخش جتوئي جي جدوجهد سان ۽ سنڌ اسيمبلي مٿان گهيراءُ تحت ڪاميٽي سنڌ جي هارين کي پنهنجا حق وٺي ڏنا اهڙي طرح سائين جي ايم سيد جون سنڌ لاءِ جاني توڙي مالي خدمتون جاري رهيون ان وچ ۾ ۱۹۳۸ع ۾ سائين مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو ۽ پاڪستان جي وجوديت واري هلندڙ تحريڪن ۾ سنڌ جي ڀلائي سمجهي ڀاڱي ڀائيوار رهيو. ۱۹۴۰ واري ٺهراءُ جنهن تحت قومن جي حقن جو دستاويزي لقب مليو جنهن ۾ اسلام ۽ مسلمانيت کي ملائڻ لاءِ مينار اي پاڪستان جهڙن مقبرن تي حق سچ جو شريعتون لکي قومن کي سامراجي سزائون ڀوڳڻ تي مجبور ڪيو ۱۹۴۰ع واري ٺهراءَ يا سنڌ اسيمبلي مان ۱۹۴۳ع واري ٺهراءَ موجب قومن کي خاص ڪري سنڌ کي حق ڏيڻ بجان حق ڦرڻ وارين سامراجي سازشن کي سائين جي ايم سيد سڃاڻي ورتو هو. سو هن ٽولي سان اختلافن جي اڃان پهرين شروعات هئي هن جي اڀريل اختلافن قومپرستي واري ذهن ضمير کي ڏسي محمد علي جناح ۱۹۴۵ع ۾ جي ايم سيد کي چيو ته هاڻ تون اسان نه گڏ نه هلي سگهنداسون ۽ جدا ٿيڻ جا ڏينهن ويجهي اچي چڪا آهن ۽ ٿيو به ائين ۴۰ ۽ ۴۳ واري ٺهراءَ تي عمل نه ٿيڻ ڪري ۽ هندو مسلم ورهاست دوران ٿيل اليڪشن ۾ سائين جي ٻن تڪن تي ڪاميابي ڏسي سرڪار سڳوري چونڊن کي غير آئيني قرار ڏئي ڇڏيو ته سائين ۱۹۴۶ع ۾ مسلم ليگ ۽ جناح کي الوداع ڪيو ته پاس ٿيل ٺهرائن تحت ۱۹۴۷ع ۾ پيارو پاڪستان وجود ۾ اچي ويو جنهن لاءِ جي ايم سيد سميت سنڌ جي سورمن جيڪي قربانيون ڏنيون موٽ ۾ هنن کي جيل سختيون سزائون نظربنديون شهرن وسيلن جي ڦر لٽ ملي ۱۹۴۷ع ۾ پاڪستان وجود ۾ اڃا مس آيو ته هن پهريون وار ۱۹۴۸ع ۾ سنڌ مٿان ڪيو ۽سنڌ کان ڪراچي کي کسڻ جون سازشون ڪيون ته سائين جي ايم سيد ان فيصلي کي ٺڪرائي کلي طرح بغاوت جو اعلان ڪيو ته جي ايم سيد کي پاڪستان جي سرڪار گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو هي پاڪستان جي اسلامي رياست آڏو جي ايم سيد جي پهرين گرفتاري هئي جنهن تحت جي ايم سيد کي ٽي مهينا قيد ڪري پنهجي ڪرتوتن کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ گوڏا کوڙائڻ تي مجبور ڪيو پر سيد پوئتي موٽڻ بجان اڳتي وڌندو رهيو. جڏهن ۱۹۵۳ع ۾ جي ايم سيد سنڌ اسيمبلي جو ميمبر بنيو ته سنڌ ۽سنڌي قوم لاءِ هن پاڪستان جي وچ رياست ۾ بيهي تاريخي ڪم ڪرايا جنهن ۾ سنڌي جدا قوم هجڻ جو ٺهراءُ، سنڌي زبان کي قومي زبان ۽ پاڪستان جي قومي زبان بنائڻ لاءِ بل منظور ڪرايو ڪراچي کي سنڌ سان ملائڻ جو ٺهراءُ آندو، ڪوٽڙي کان انڊس هاءِ وي رستو منظور ڪرايو، ڀٽ شاهه ڪلچر سينٽر جو بنياد وجهرايو هن جي وزير هجڻ دوران جيڪي سنڌ جي ايندڙ نسلن جي مستقبل جو جيڪو ضمانتي بنياد وڌو اهو وڏو ڪارنامو سنڌ يونيورسٽي آهي ان سان گڏ ڪراچي اندر ريڊيو اسٽيشن کولرائڻ جون ورتل ڪوششون ۽ ادبي بورڊ کي پنهنجي خرچ تي هلائڻ واريون ڪوششون نه وسارڻ جهڙيون ته آهن، سيد اسيمبلي کان ٻاهر هجي يا اندر پر جيڪي جدوجهدو ڪئي، جيل ڀوڳيا اهي هن کي سنڌ جي حقن تي سوديبازيون نه ڪرڻ تان نصيب ٿيا پاڪستان جي سرڪار جڏهن ون يونٽ جي قيام لاءِ ڪوششون ڪيون ته سيد ان کان بيزاري جو اعلان ڪيو، موٽ ۾ هن کي ۱۹۵۴ع ۾ گرفتار ڪري جيل ڀيڙو ڪيو ويو. جڏهن ملڪ اندر ايوبي مارشل لا لاڳو ٿي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي پٽڪن سان هٿ چراند ڪئي وئي ته تڏهن به جي ايم سيد کي مخالفت جي ڏوهه ۾ ۱۹۵۸ ۾ گرفتار ڪيو ويو ۵۸ جي گرفتاري کانپوءِ لڳاتار جي ايم سيد کي پاڪستان جي سرڪار ۱۹۶۶ع تائين جيلن ۽گهرن ۾ نظربند رکيو ۶۶ ۾ جڏهن سائين صوفياءِ سنڌ ٺاهي جنهن کي صوفي بزرگن جي درگاهن مريدن ميلن تي ڀرپورموٽ ملڻ لڳي هن پرگرام کان پاڪستان جي سرڪار خوفزدهه ٿيڻ لڳي ۽ ۱۹۶۷ع ۾ جي ايم سيد کي گرفتار ڪري ۱۹۶۹ تي آزاد ڪيو ملڪ اندر ٿيل ۷۰ جي اليڪشن ۾ سائين جي ايم سيد حصو ورتو ته سائين جي ايم سيد پنهنجي تڪ تي ۶۰۰ ووٽ کنيا ۽ ملڪ سڪندر ۵۶۰۰ سو ووٽ کي کڻي سرڪار جي حمايت سان ڪامياب ٿيو پر اها ڪاميابي سرڪاري مشينري جي ڪاميابي هئي جنهن دوران سائين ڏٺو ته هاڻ پاڪستان اندر رهڻ هر پل سنڌ لاءِ عذاب آڻڻ برابر آهي ، ۷۰ جي اليڪشن رڳو جي ايم سيد کي سسٽم کان باغي نه ڪيو هو پر ساڳيو حشر بنگال سان پڻ ڪيو ويو ۽ اتي اليڪشن جا نتيجا نه قبولڻ جي صورت ۷۱ ۾ پاڪستان ٽٽو بنگال الڳ ٿيو ان دور جي حالتن کي ڏسي پاڪستان جي رياست جتي بنگالي اڳواڻن کي ڪال ڪوٺڙين ۾ بند ڪيو ته اتي سنڌ اندر سائين جي ايم سيد کي ۱۸ مئي ۱۹۷۱ع ۾نظربند ڪيو ويو ۽ بنگال جي آزادي کانپوءِ هن کي آزاد ڪيو ويو ته ٻيهر جڏهن سنڌي زبان خلاف پاڪستان جي رياست سازشون سٽيون ۽ جي ايم سيد انهن کي رد ڪيو ته هن کي ٻيهر ۱۹۷۲ع ۾ گرفتار ڪري نظربند رکيو هن آزادي کانپوءِ سائين جي ايم سيد ۷۲ ۾ ئي جئي سنڌ محاذ جو قيام آندو، جنهن کان پوءِ سنڌ جي ڦر لٽ کي سرڪاري شڪل ملي جنهن کي سائين رد ڪرڻ ۽ سسٽم سان بغاوت جي ڏوهه ۾ سائين ۷۳ کان ضيائي مارشلائن، ايم آرڊي ڀٽي جي ڦاهي وارين حالتن ۾ ۲۵ اپريل تائين لڳاتار جيلن نظربندين ۾ رهيو، سائين جي ايم سيد ۲۵ اپريل ۱۹۹۵ تي پاڻ کي تاريخ ۾ سرخرو ڪري تاريخ جي ورقن ۾ سُمهي پيو. جي ايم سيد وَيا اُڏامي ڪَک، پِڙ تان پاهُڻ نه چُري ادَلُ سولنگي “وَيا اُڏامي ڪَک، پِڙ تان پاهُڻ نه چُري” ماڻهوءَ منَجهه مُهان، سپنو هن سنسار جو، جنهن کي ڳوليندو رهيو، آزل کان اِمڪانُ، آخرِ ٿي اِنسانُ، رانول روپُ پرائيو. اڄ سائين جي ايم سيد جي وڇوڙي جو ڏينهن آهي، سائين جي ايم سيد جنهن پنهنجي سموري ڄمار سنڌ جي روشن آئيندي، اَمن، آجپي، سک، سڪار، مان مريادا ۽ ننگ مايوس لاءِ وطن جي ويري قوتن سان ويڙهاند ڪندي گذاري، جنهن جي دوستي ۽ دشمنيءَ جو محور سنڌ هئي، جنهن حياتيءَ جي آخري گهڙين ۾ به پنهنجي وطن ۽ ويڙهيچن سان پنهنجي روح جو رشتو قائم رکندي کين پنهنجي ماتر ڀومي، سنڌ جي هنن لفظن ۾ پارت ڪندي موڪلايو ته:. سنڌيو! سنڌ جي پارت اَٿو ۽ چيائين ته: هاڻي ڪير مٿو ، پڙ کان پٺيرو ڪري. اجهو سج لٿو، وڙهندي وڙهندي ويڙهه ۾ (اياز) سِرن مٿان سوڀ جون، پڳون جي پايو، متان وڙهندي ويڙهه ۾، پُٺ تي واجهايو! لايو سجايو، نيٺ ته ٿينديون لوءِ جو.(اياز) اَچو ڪُر ملهائيو، راوت رڱيو روههُ! جيسين ڏاڍا ڏيهه ۾، ڏيهه سمورو ڏوهه، للڪاري ٿو لوههُ، اڀرُو اڄ انياوَ تي (اياز) سدا اُڀريا سنڌ ۾، آنڌيءَ جيئن انسان، وڙهندي مڙس مُهان، مٽيءَ مَنجهه سمائيا(اياز) سدا اُڀريا سنڌ ۾، ڪوپا ڪَنچل لوڏ، هوڙهيايون ۽ هوڏ، ڏسي پنهنجي ڏيهه سان، (اياز) سدا آيا سنڌ ۾، نادر شاهه، ڪانهي ڪا تاريخ ۾ ويڙهه سوا ٻي واههَ، متان سوچو ساههَ، متان موٽو ماڳ تان ( اياز) سائين جي ايم سيد، سنڌ جي صدين جي تاريخ جو پڙاڏو هيو، جنهن سنڌ جي قديم تاريخي روايتن کي نئون روپ ڏئي قومي شعور ۽ حب الوطنيءَ کي جديد قومپرستيءَ جو نالو ڏنو، جنهن شهيد مخدوم بلاول جي وطن لاءِ ڪيل ويڙهاند ۽ شاهه لطيف جي فڪر ۽ شاعراڻي ڏات جون ٻريل مشعلون کڻي، غلاميءَ جي گهگهه انڌيرن سان مزاحمت ڪئي ۽ ڌرتيءَ جي وارث، اصلوڪن، لوڪن کي پنهنجي ڌرتيءَ جي رکوالي ڪرڻ لاءِ اتساهيو ۽ کين ويساهه ڏياريو ته سنڌي هڪ قوم آهي، پنهنجي زماني جو هي “منصور” وڏي واڪي “انا الحق” جو نعرو هڻندي غلاميءَ جي ڪهري ڪوٽن ۾ ڏار وجهندو رهيو. آجپي جو نئون نڪورو سج اُڀارڻ لاءِ “سوراج” جو سنيهو ڏيندو رهيو. حشو ڪيولراماڻيءَ سنڌ جي هن عظيم قومي اڳواڻ کي مذهبي ڌٻڻ مان ڪڍي پنهنجي اصليت ڏانهن موٽائيندي کيس سنڌ جي عظمتن جو درس ڏنو۽ سائين جي ايم سيد “جيئن ڏٺو آهه مون” ڪتاب لکي مذهبي ڌٻڻ کي اورانگهي روشن خيال، سيڪيولر ۽ سوشلسٽ سنڌ اڏڻ لاءِ وک اڳتي کنئي. “نئين سنڌ” اڏڻ جي رٿا بندي ۽ جدوجهد ڪندي. سنڌ وطن جو ٻولي، ادب، تاريخ، روايتن، ڪلچر، جاگرافي، حدن جي سنڀال ڪئي. تصوف جي رنگ ۾ رڱيل هي صوفي لاڪوفي اڌو گابرو ساميوادي، ماتر ڀوميءَ جي حقن ۽ وسيلن جي تحفظ لاءِ لڳاتار ويڙهاند ڪندو رهيو. سڪندراعظم: سنڌ تي ڪاههَ کان پوءِ سنڌ جا به فلسفي، پاڻ سان وٺي ويو ۽ رستي تي انهن کان پڇائين” سنڌ جو فلسفو ڇا آهي؟” انهن مان هڪ چيو ته “ هڪ ماڪوڙو جڏهن پنهنجي ٻر ۾ آهي، تڏهن هن جي سمجهه ارسطوءَ جيتري آهي” ۽ ٻئي چيو ته “ جڏهن ماڪوڙو پنهنجي دڳ تي آهي، تڏهن هو سڪندر کان و ڌيڪ عظيم فاتح آهي” سائين جي ايم سيد پنهنجي علمي، ادبي، سياسي، سماجي ۽ فڪري مٿڀرائپ جي حواليءَ سان ڌرتيءَ جو اهڙو رکوال رهيو آهي، جنهن تاريخ جي ڪيترن ئي ڪاهون ڪندڙ ڦورن ۽ لٽيرن سان پنهنجي نظرياتي ۽ فڪري سگهه وسيلي ويڙهاند ڪئي ۽ کين منهن ٽوڙ جواب ڏنو. “سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي” “ون يونٽ “ جي ڪهري ڪوٽ جا برُج ڀڃي ڀورا ڪرڻ، سنڌ جي ڇڙو ڇڙ سياست کي قومي تحريڪ جو روپ ڏئي، کين منظم ڪرڻ جي جاکوڙ ڪئي، سائين جي ايم سيد جنهن وطن جي تصور کي پنهنجي لکڻين ذريعي چٽو ۽ نروار ڪيو، سرزمين سنڌ جي عظمتن جي معراب ۾ پنهنجو سيُس نوائيندي فخر ڪيو ۽ اياز جي سٽن کي ورجائيندي چيو ته :. سنڌ ديس جي ڌرتي توتي پنهنجو سيسُ نوايان مٽي ماٿي لايان، تنهنجي مٽيءَ منجهه ملان جي آءُ امرتا پايان مٽي ماٿي لايان. سائين جي ايم سيد جنهن سنڌ وطن جي وارثي ڪندي پنهنجي وڏڙن جي ورثي کي پنهنجي ميراث سمجهي حب الوطنيءَ جي اعليٰ روايتن جي پاسداري ڪندي پنهنجو پاڻ ملهايو. وقت جي هر ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ سان مهاڏو اٽڪائي کين هر موڙ تي للڪاريو ۽ ساڻس سخت مزاحمت ڪئي. جيلن ۽ نظربندين جي پابندي هيٺ رهندي به پنهنجي محبوب وطن جي لاءِ ويرين سان ويڙهاند ڪندي، اڳ کان به اڳرو رهيو، جنهن تاريخ جا پيرا کڻي پنهنجو پاڻ ملهايو. جهرمر جهر مِر ڏيئڙا، آهي سارو پَنڌ، ڪنهن جو ڪنهن جو ڪنَڌُ، جَرڪي ٿو ان جوت ۾. آزاديءَ جي راهه ۾، ڪجُهه به نه اجايو، لالڻ! ٿئي ٿو، دير سا لايو سجايو، سو به ته ڪم آيو، ڪَنڌ ڪريو جو پنڌ ۾. سائين جي ايم سيد جنهن سنڌ جي آجپي کي سڀني قدرتي نعمتن کان اعليٰ ۽ اُتم ڄاتو، جنهن جي لاءِ پنهنجي، املهه حياتي جا پُل پهر قربان ڪندي پنهنجي ڌرتيءَ جي “ ڌاڃ ڌڻين” جي پاسداري ڪئي، جنهن پنهنجي علمي، ادبي، ميراث سنڌ جي جهوليءَ ۾ رکي جنهن سنڌ جي راڻن تي پنهنجي مقصد جي مومل ماڻڻ لاءِ ڪاڪ جي طلسمي ورن وڪڙن کان آگاهي ڏني ۽ سندن رهنمائي ڪئي ۽ سنڌ جي راڻن، ڪاڪ محل کي ڏورڻ ۽ ووڙڻ لاءِ اياز جون هي سٽون اُچاريو. مومل! ٻيهر ٻار سارا ڏيئا ڪاڪ جا، کِيههَ کٽُن ٿا ڪا مڻي، لاهي هنڌ اُجار، هئي! هان نه هار، نيٺ ته، ايندو مينڌرو. راڻو ڪاڪ سواءِ، رهي رهندو ڪيترو؟ مومل!هو تو لاءِ، اِجهو پيو پنڌ ۾. آجپي جي منزل ماڻڻ وارو سفر صدين کان جاري آهي، جنهن جي تسلسل ۾ ٽانڊن تي به ٽهڪ ٻُرن ٿا ۽ مقتلن مان به مُرڪون ملن ٿيون. صدين جو هيءُ سڏ پڙاڏو بڻجي سنڌ جي واهڻن وسندين ۾ ڳاڙهن جهنڊن جو روپ وٺي جهومي ۽ جهولي رهيو آهي. سنڌ جي رهبر سيد اعظم، جنهن سنڌ جي نئين نسل کي پنهنجي وطن جي شُناس ڪرائي ۽ قومي ويڙهاند سان سلهاڙيو ۽ پنهنجي سموري زندگي وطن جي لاءِ وقف ڪري ڇڏي. سنڌوءَ جي ساڄي ڪنڌي تي سن شهر ۾ ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ تي جنم وٺي سنڌ وطن کان ۲۵ اپريل ۱۹۹۵ع تي جسماني وڇوڙو ڪيو، جنهن لاءِ شيخ اياز جون سٽون سرجيل آهن ته: هو جو پوڙهو جهورُ، وڙهندي ٿيو ويڙهه ۾، اڃان ڏمري ڏاڍ تي، آڻ نه مڃي مُور، سوچي ڏسي، ڏور، ايندڙ آرڻ، ڏينهڙا. لَڪن مٿان سچ ۾، ڪنهن جي ڪنهن جي سار! ڪيئي ساٿي سپر جا، ڪُلهي ڪو ڏيا يار! وڙهندي جن جا ويڙهه ۾ اَڇا ٿيا وارَ، اڙي موت، ميار، جيڏا روز جدا ڪرين. جيئن هو جهونو کير ٿر، هيءُ به ايئن اَسٿرُ، پَڪي پيڙهه پهاڙ کي ، ڌرتي ۾ آڌرُ، آهي ڄڻ ته آمرُ، بيٺو جهولي جهڪَ ۾. شيخ اياز لکيو آهي ته: مان چاهيان ٿو ته جي ايم سيد تي هڪ نظم لکان، هي وحدت الوجودي ، هي صوفي لا ڪوفي، هي اڌو گابرو ساميوادي ، هي ماکيءَ کان مٺڙو ۽وههَ کان ڪڙو ماڻهو مون کي ڪنهن جهوني بڙ وانگر لڳندو آهي. جڏهن سج ٽامڻي هڻي ويندو آهي، تڏهن هن جا ڇانو وڌيڪ گهاٽي ٿي ويندي آهي، مون اُن ڇانو ۾ ڪيئي پکيئڙا پنک پساريندي ڏٺا آهن، پر مان اُن وقت جي انتظار ۾ آهيان، جڏهن عُقاب انهيءَ بڙ مٿان ڦيرا ڏيئي تتل سج کي تيز نظرن سان گهوريندي ڏسندا. نهروءَ گانڌي لاءِ چيو هو” منهنجو پوڙهي سان پيار ته ڏاڍو هو پر مان هن کي ڪڏهن به سمجهي نه سگهيو هوس! ويا اڏامي ڪَک، پڙ تان پاهڻ نه چُري، (خليفو نبي بخش) ڀليو سڀ ڀنڀور، پٺيءَ هوت ته هليو. (ڀٽائي) اياز لکيو آهي ته: هي سنڌ سدائين رهندي، اُن تي سج اڀرندو ۽ لهندو رهندو. رڳو مان جيئن اُن کي ڏٺو آهي، مون سان مري وڃڻو آهي، مان اُن مشاهدي کي پنهنجي “آءُ” مان آجو ڪرڻ ٿو چاهيان ۽ اُن کي لکيل لفظ ۾ امر ڪري پنهنجي جندڙيءَ کان وڌيڪ جٽاءُ ڏيڻ ٿو چاهيان، مون اُن ۾اُتر جون اوتون به ڏٺيون آهن، پن جهڙ ۾ ڦيراٽيون پائيندڙ پن به ڏٺا آهن ۽ ان جي لڱ ڪانڊاريندڙ سيءُ جا سياٽا به سٺا آهن، منهنجي اکين اڳيان ڪرڙ ڪڪوريا ۽ ڪنڊا مُوريا آهن ۽ ٽوهه وليون ٽهڪيون آهن، مون ڏٺو آهي ته جڏهن وڄون ورن ٿيون ته ڪيئن “ڌمامين ڌڌڪار” ٿئي ٿو. ٿر جا ٿوهر ڦلي پون ٿا ۽ پنهنجون ٻانهون آڪاس ڏانهن اُڀيون ڪري اُن جي آجيان ڪن ٿا. مون سنڌ جون لال لوئين واريون پاڻياريون به ڏٺيون آهن ۽ انهن جا ڪونڌر به ڏٺا آهن، جن جي ڪُلهن تي ڪهاڙيون هونديون هيون ۽ جي تيستائين مٿي تي پڳ نه ٻڌندا هئا، جيستائين پلئه نه ڪندا آهن، مون ڏٺيون آهن، اهي موڪريون ڇاتيون، ڀنڀيون ڏاڙهيون ۽ شهپر ۽ مڇون جي صدين کان رت جي ريت نڀائينديون ٿيون اچن ۽ مون ڏٺيون آهن، گهرُج جي گهاڻي ۾ پيڙهيل ۽ ڏمر ۽ ڏاڍ سان ڏهڪايل ۽ نپوڙيل نستيون جندڙيون ۽ اُنهن جا سارا پيڙيندڙ ۽ ڏهڪائيندڙ ۽ اهو سارو ناسور، جو سنڌ جي رڳ رڳ مان چڪي رهيو آهي، مون سنڌ جي ماضيءَ ۾ ٽٻيون هنيون آهن ۽ اُن جي مستقبل ڏانهن اڏاڻو آهيان ۽ ڪنهن اڻ ٿڪ ڪاتار وانگر مون اُڻيا آهن، سپنا، سنڌوءَ تي اُڀرندڙ سج جا سونهرا سپنا، اياز جي انهن سپنن کي ساڀيائون ڏيڻ لاءِ . جدوجهد ڪندڙ سائين جي ايم سيد، جنهن تي نئين سج اُڀار جي اميد ڪئي ۽ نئين روشني جي ڦهلاءَ جي لاءِ پنهنجي فڪري جدوجهد ڪندي سنڌ کي نئين سپُني جي ساڀيان لاءِ گڏجي جدوجهد جي ڪوٺ ڏني، اهو سائين جي ايم سيد، جنهن لاءِ شيخ اياز لکيو آهي ته:. جي ايم سيد سنڌ سان ايئن پيار ڪندو آهي، جيئن ڪوئي ٻار ڪنهن جيئري ڪوسيءَ ڪک سان ڪندو آهي، هن لاءِ سنڌ فقط ڪاڇو ۽ ڪوهستان، کير ٿر ۽ ڪارونجهر نه آهي. پر اهي ڏاڏا پڙ ڏاڏا به آهن، جي ڪڏهن به مئا نه هئا ۽ جي هر عيد نماز تي هن سان ڪٺا هوندا آهن!!. اياز چواڻي ته: جنهن ڏينهن انسان آزاديءَ جي اُميد پلي ڇڏي، اُن ڏينهن قيامت ايندي ڇو ته زندگيءَ جي وجود لاءِ ڪو به ڪارڻ نه رهندو” انسان ذات پنهنجي هرا وانداهي دور ۾ اهڙي ويساهه کان سواءِ ته نه رهي آهي، جنهن کان سواءِ ماڻهو تڳي نه سگهي ۽ جنهن لاءِ ماڻهو مري نه سگهي. سسيءَ لٿي سوڀ، جي هوندا پايان پانڌ ۾، هيءُ جڳ سوڌو لوڀَ، سوپڻ گهوريو گهوريان (خليفو نبي بخش) لهوءِ ۾ لت پت، ڌرتي منهنجي ديس جي، پرکي پئي پت، جهونجهارن جي جنگ ۾ (اياز) جي ايم سيد جي مخالفت خدا ڪارڻ؟! عبدالخالق جوڻيجو دنيا جا سمورا غيرمعمولي ماڻهو تڪراري هوندا آهن پوءِ اهي پيغمبر هجن، انقلابي هجن يا سائنسدان هجن. جي ايم سيد هن خطي جو هڪ غيرمعمولي شخص هئو، تنهن ڪري ان جو تڪراري هجڻ ڪا غير معمولي ڳالهه ناهي. جن ماڻهن کي سندس نظريي، فڪر، عمل، ڪردار ۽/يا حڪمت عملين سان اختلاف هوندو اهي مٿس تنقيد به ڪندا، اختلاف به ڪندا، اعتراض به ڪندا ۽ ڪندا به رهن ٿا، گهٽ ۾ گهٽ مون کي ان تي ڪو اعتراض ناهي، ڇاڪاڻ ته سڀني غيرمعمولي ماڻهن سان ايئن ٿيندو آهي. پر جي ايم سيد جي معاملي ۾ ڳالهه ڪجهه ٻي ۽ صورتحال مختلف آهي، هتي ڪجهه ماڻهن جي ڳالهين مان ۽ انهن جي عمل ۽ ڪردار مان ايئن محسوس ٿيندو آهي ته جهڙوڪ انهن کي جي ايم سيد جي معاملي ۾ ڳالهه ڪجهه ٻي ۽ صورتحال مختلف آهي، هتي ڪجهه ماڻهن جي ڳالهين مان ۽ انهن جي عمل ۽ ڪردار مان ايئن محسوس ٿيندو آهي ته جهڙوڪ انهن کي جي ايم سيد سان “خدا ڪارڻ” دشمني آهي، هڪ ٻئي جا سخت مخالف چيا ويندڙ ۽ سمجهيا ويندڙ جي ايم سيد دشمنيءَ ۾ هڪ ٻئي سان متفق نظر ايندا آهن. جي ايم سيد جون غلطيون ڳولهڻ لاءِ دوربينيون ۽ انهن ۾ وڌاءُ ڪرڻ لاءِ خوردبينيون کنيو پيا هلندا پر ٻيا ماڻهو ساڳئي قسم جون غلطيون ڏهوڻيون ڪندا ته يا ته انهن جو ذڪر ئي نه ڪندا يا وري ماڳهين انهن جو بچاءُ ڪندا ۽ انهن جي حق ۾ مختلف جواز گهڙيندا ۽ مجبورين جا داستان پيش ڪندا. مان هميشه چوندو آهيان ته جي ايم سيد تي ضرور تنقيد ڪريو پر انهن ڪمن ۽ عملن جي بنياد تي جيڪي هن ڪيا آهن، اهي نه جيڪي توهان جي دماغ ۾ آهن، ۽ پوءِ انهن ساڳين بنيادن ۽ معيارن تي پنهنجي پسنديده ليڊرن جو ۽ خود پنهنجو به تنقيدي جائزو وٺو. رجعت پسند هجن يا ترقي پسند، مذهبي بنياد پرست هجن يا سيڪيولر، جمهوريت جا شيدائي هجن يا آمريت جا ساٿاري، انهن جي اڪثريت جا جي ايم سيد بابت خيال هڪ جهڙا هوندا آهن ۽ اهي لڳ ڀڳ اهي هوندا آهن جيڪي حڪمرانن جا هوندا آهن ۽ جيڪي اسٽيبلشمينٽ ڦهلائيندي رهندي آهي. ايتري تائين جو ڪي ڪميونسٽ ۽ “ٺڦ انقلابي” به ان معاملي ۾ حڪمرانن جي قطار ۾ بيٺل نظر ايندا، انهن ۾ زندگيءَ جي مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ جهڙوڪ سياستدان، اديب، ليکڪ، صحافي، پروفيسر، ڪامورا، انساني حقن جا جاکوڙي ۽ سماجي ورڪر وغيره، ٻيو ته ٺهيو جيڪو ڪجهه به ناهي هوندو سو ڪجهه ٿيڻ لاءِ جي ايم سيد تي تنقيد ڪندو آهي. انهن سڀني جا ساڳيا الزام ۽ اعتراض هوندا آهن، جي ايم سيد مذهبي سياست ڪئي، جمهوريت جو مخالف هئو، اسٽيبلشمينٽ جو حامي هئو، ڏسجي ته انهن الزامن جي حقيقت ڇاهي. اهو صحيح آهي ته زندگيءَ جي هڪ مرحلي تي جي ايم سيد مذهبي سياست ڪئي، پر پوءِ جلدي ئي هن نه رڳو ان سياست کي رد ڪيو پر ان کي پنهنجي زندگيءَ جي عظيم غلطي تسليم ڪيو ۽ پنهنجي ان مختصر ڪردار لاءِ ڊگهي عرصي تائين تاريخ کان معافيءَ جو طلبگار رهيو، نه رڳو ايترو پر پنهنجي سڄي ڊگهي زندگي سيڪيولرزم لاءِ جدوجهد ڪندو رهيو، سياست جو ميدان هجي يا فڪري ۽ نظرياتي جنگ جو محاذ، سيڪيولرزم لاءِ هن خطي ۾ جي ايم سيد جي جدوجهد ۽ قربانين جو ڪو مٽ ناهي. هاڻي اهو هڪ عالمگير اصول آهي ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجو هڪڙو موقف/ڪردار ڇڏي ٻيو اختيار ٿو ڪري ته سندس سڃاڻپ پوئين حوالي سان ٿيندي. مثال طور محمد علي جناح زندگيءَ جي پهرئين حصي ۾ پڪو ڪانگريسي ۽ گانڌيءَ کان وڌيڪ سيڪيولر هئو پر دنيا کيس پوئين ڪردار جي حوالي سان مسلم قوميت جي وڪالت ڪندڙ مسلم ليگيءَ طور ياد ڪري ٿي. ٻئي طرف شيخ مجيب الرحمان پهرين مسلم ليگ ۽ مسلم قوميت جو پرجوش حامي هئو پر سندس سڃاڻپ هڪ سيڪيولر سياستدان ۽ بنگالي قومپرست طور ٿئي ٿي. جي ايم سيد تي تنقيد ڪندڙن ۾ پيپلز پارٽيءَ وارا سڀني کان اڳرا هوندا آهن، اهي اهو وساري ويهندا آهن ته اهو سندن ليڊر ذوالفقار علي ڀٽو هئو جنهن آئيني طور رياست کي مذهبي بڻايو ۽ دنيا ۾ انوکو مثال قائم ڪندي رياست کي اهو اختيار ڏنو ته اها ماڻهن جي مذهب جو تعين ڪري جڏهن ته جديد دنيا جا سمورا اصول ۽ قانون اهو ٿا چون ته مذهب انسان جو ذاتي معاملو آهي ۽ رياست جو ڪو به مذهب ناهي ٿيندو. سندس پوئلڳ صوفي يونيورسٽي ته قائم ڪن ٿا پر کين خبر ناهي ته صوفين جو رهنما اصول اهو آهي ته “اري لوگو تمهارا ڪيا، مين جانون ميرا خدا جاني”. مزي جي ڳالهه ته جي ايم سيد تي مذهبي سياست جي حوالي سان تنقيد ڪندڙ “ترقي پسند” صحافي ۽ ليکڪ ذوالفقار علي ڀٽي جي ان ڪارنامي جو ذڪر ئي ناهن ڪندا جنهن جي نتيجي ۾ هن ملڪ ۾ مذهبي انتهاپسندي وڌي ۽ ان جي ڪري ٿيندڙ دهشتگرديءَ ايتري تباهي ڪئي آهي. ويجهڙائيءَ ۾سنڌ جو هڪ اهم سياسي ڪردار ڄام ساقي گذاري ويو، ان پنهنجي زندگيءَ جو جيترو حصو (اٽڪل ۲۵ سال) ڪميونسٽ نظريي تحت هارين مزدورن جي مفادن لاءِ سيڪيولر سياست ڪئي، اوترو ئي عرصو ان جي ابتڙ وڏيرن، جاگيردارن ۽ پيرن ميرن تي مشتمل ۽ ملڪ کي مذهبي بڻائيندڙ جماعت پيپلز پارٽيءَ ۾ ڪم ڪيائين. ڪميونسٽ نظريي کي رد ڪندي پيرن جي درگاهن تي چلا ڪڍيائين ۽ ملڪ جي سڀ کان اهم مذهبي نظرياتي پارٽي جماعت اسلاميءَ جي مرڪز ادارا نورالحق ۾ وڃي سوشلزم تي تنقيد ڪيائين، هڪڙو ٻيو همراهه جنهن جي ايم سيد جي پارٽي ۽ جدوجهد کان “ترقي پسندي” جي بنياد تي علحدگي اختيار ڪئي، اهو پنهنجي هر سياسي عمل جي شروعات مذهبي رسمن سان ڪندو آهي، جڏهن عراقي ڊڪٽيٽر صدام حسين آمريڪي حملي وقت عوام جي مذهبي جذبن کي اڀارڻ خاطر ملڪي جهنڊي تي ڪلمو لکرايو ته هن همراهه سنڌ ۾ چاڪنگ ڪرائي پاڻ کي صدام وانگر مسلمانن جو ليڊر لکرايو. جي ايم سيد تي سندس هڪڙو اعتراض اهو به هئو ته اهو وڏيرو آهي ۽ وڏيرڪي سياست ٿو ڪري پر پوءِ پاڻ هي همراهه سالن جا سال ڏکڻ ايشيا جي سڀ کان وڏي جاگيردارن جي جماعت (پيپلز پارٽي) سان گڏ سياست ڪندو رهيو. ان ۾ کيس ڪا به خرابي نظر نه آئي ۽ نه ئي سيد تي تنقيد ڪندڙ لکارين ڪڏهن ان جو ذڪر ڪيو. جي ايم سيد سان “خدا ڪارڻ” دشمني رکندڙن کي هڪڙي تڪليف اها به هوندي آهي ته جنرل ضياءَ، سيد سان ملاقات ڪئي، انهن ۾ شامل هڪڙي خاتون پروفيسر به آهي، ان کي به سيد سان “ترقي پسندي” تي اختلاف رهيو آهي ۽ پاڻ کي وڏي پروگريسو چورائيندي آهي، جيتوڻيڪ ڪافي وقت ان نسل پرستيءَ جي سياست ڪئي، جنهن جي اڃا تائين معافي به نه ورتي اٿائين. اها رکي رکي جنرل، ضياءَ جي سيد سان ملاقات جي تصوير سوشل ميڊيا تي هلائيندي آهي. ان کي ضياءَ جي سيد سان ملاقات تي ته اعتراض آهي پر شيخ اياز جي جنرل ضياءَ جي نوڪري ڪرڻ ۾ کيس ڪا خرابي نظر نه ٿي اچي. دنيا ڄاڻي ٿي ته شيخ اياز کي مان مرتبو قومي تحريڪ ۾ قومي شاعريءَ جي ڪري مليو، موقعو ملڻ تي قومي تحريڪ کي تياڳي سنڌ جي قومي وجود جي انڪاري ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت ۾ وائيس چانسلر ٿيو، جڏهن ضياءُ الحق ذوالفقار علي ڀٽي کي پهرين اقتدار تان لاٿو ۽ پوءِ ڦاهيءَ تي چاڙهيو تڏهن به شيخ اياز ڪرسيءَ تي ويٺو رهيو، جيتوڻيڪ اها سڄي دنيا جي مڃيل روايت آهي ته جڏهن ڪا حڪومتي ٺيڪي(Contract) تي ڪي سفير يا ادارن جا سربراهه مقرر ڪندي آهي ته ان حڪومت جي وڃڻ سان اهي ماڻهو اعليٰ اخلاقيات جو مظاهرو ڪندي استعيفيٰ ڏيندا آهن. اياز نه رڳو ايئن ڪو نه ڪيو پر ڪرسي بچائڻ لاءِ ڀٽي واري لبرل سوچ کي به مٽيءَ ۾ دفن ڪندي جنرل ضياءَ واري مذهبي رنگ ۾ رڱجي ويو. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ جماعت اسلاميءَ جي سرپرستيءَ ۾ “نظريه پاڪستان، ۽ “اسلامي نظام” جي تبليغ جا پروگرام ٿيڻ لڳا. قومي تحريڪ سان واڳيل هجڻ ڪري درجنين شاگردن کي ريسٽيڪيٽ ڪيو ويو ته انهن جو ڪيس منهنجي استاد نورالدين سرڪيءَ کنيو. ان ۾ شيخ اياز طرفان لکت ۾ جواب پيش ٿيو ته “اهي شاگرد يونيورسٽيءَ ۾ راجا ڏاهر جي ورسي پيا ملهائين ان ڪري ريسٽيڪيٽ ڪيا ويا. اهي به خبرون ڪافي گرم رهيون ته شيخ اياز نوڪريءَ جي مدي ۾ واڌ جي درخواست جنرل ضياءَ ڏانهن موڪلي پر ان اها رد ڪري ڇڏي. اها خاتون اٺن اٺن ڏينهن جا اياز ميلا ڪرائيندي آهي جتي ڪيترا ئي “ناميارا” ليکڪ/ ليکڪائون اياز جي شان ۾ قصيدا پڙهندا آهن پر ڪير به مٿين ڳالهين مان ڪنهن هڪ جو به ذڪر ناهي ڪندو/ ڪندي. نه ئي اياز جي زندگيءَ جي پوئين ۲۲ سالن جو ذڪر ڪيو ويندو آهي. بس هر ڪنهن اها ئي وائي وات هوندي آ ته اياز عظيم هئو. اياز قديم هئو. باقي اها ڳالهه سڀ ڪندا آهن ته “جي ايم سيد جنرل ضياءَ سان ملاقات ڪئي، قهر ٿي ويو” (جيتوڻيڪ ائين چوڻ به درست ناهي، ڇاڪاڻ ته ملاقات جنرل ضياءَ جي ايم سيد سان ڪئي هئي). هڪڙو وڌيڪ “گناهه” جي ايم سيد جي کاتي ۾ اهو هوندو آهي ته هن جنرل ضياءَ کي شريف النفس چيو. مان ان لفظ جي پس منظر ۽ اڳ پوءِ ۾ في الحال ڪو نه ٿو وڃان، رڳو ايترو سوال مٿي ذڪر ڪيل ۽ ٻين “ڏاهن” جي آڏو رکان ٿو ته جنرل ايوب خان کي “ڊيڊي” سنڌ جو ڪهڙو سياستدان چوندو هئو. مان في الحال ان جو به نالو ڪو نه ٿو لکان. باقي اهو ياد ڏياريان ٿو ته ڀٽ شاهه جي ميلي تي جنرل ايوب خان جي وزير ذوالفقار علي ڀٽي چيو هئو ته “جيڪڏهن شاهه لطيف زندهه هجي ها ته ايوب خان جي شان ۾ شعر ضرور چوي ها”!!. جنرل ضياءَ جي حوالي سان ڪميونسٽ دوستن کي به سيد تي ڪاوڙ هوندي آهي، اهي به ضيا-سيد ملاقات کي وڏو هاڃو سمجهندا آهن، مان انهن کي چوندو آهيان ته هڪ ته ملاقات سيد نه پر ضياءَ جي خواهش تي ٿي، جنهن ۾ ضياءَ جي حيثيت حڪمران واري هئي، جڏهن ته سيد ان جو قيدي هئو. ٻيو ۽ وڌيڪ اهو نقطو آهي ته ڇا جنرل ضياءَ سان ملاقات کان پوءِ سيد، ضياءَ جي ڪن پاليسين پروگرام جي حمايت ڪئي؟. يا سيد پنهنجي پروگرام ۾ ڪا تبديلي ڪئي؟ (اها ته محترمه بينظير ڀٽو هئي جنهن اقتدار ۾ اچي ڊڪٽيٽر ضياءَ جي پاليسين تي عمل ڪيو). انهن سوالن جا جواب نه ملڻ تي چوندا آهن ته “پر اهڙي بدنام ۽ عوام دشمن ڊڪٽيٽر کي شريف النفس چوڻ ته غلط هئو” هاڻي اها ته هڪ عالمي طور مڃيل تاريخي حقيقت آهي ته ضياءُالحق، پنوشي، مارڪوس ۽ صدام حسين وغيره جهڙن ظالم، جابر ۽ فاشسٽ ڊڪٽيٽرن جو استاد هٽلر هئو. جنهن وقت اهو هڪ ٻئي پٺيان ملڪن تي قبضا ڪري رهيو هئو، قومن کي غلام بڻائي رهيو هئو ۽ پنهنجي ملڪ ۾ توڙي ٻين مفتوحه ملڪن ۾ ماڻهن کي گاهه جيان ڪتر ڪري رهيو هئو ۽ مکين مڇرن وانگر تباهه ڪري رهيو هئو ان وقت عظيم ڪميونسٽ اڳواڻ جوزف اسٽالن نه رڳو ساڻس ملاقات ڪرڻ برلن ويو پر ان سان جنگ نه ڪرڻ جو معاهدو به ڪري آيو. ان لاءِ چيو ويندو آهي ته اها سندس “عظيم” حڪمت عملي هئي. ڪيترن معاملن مان مٿي ذڪر ڪيل صرف چند مثال آهن جيڪي ڏيکارين ٿا ته زندگيءَ جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ۽ مختلف مڪتبئه فڪر وارا (ڪن حالتن ۾ ته مخالف) ماڻهو جي ايم سيد جي مخالفت تي متفق آهن، خاص ڪري انهن الزامن تي ته “جي ايم سيد” ڪنهن وقت مذهبي سياست ڪئي ۽ جي ايم سيد “ڊڪٽيٽرن جو حامي هو”. مٿيان مثال واضح نموني ثابت ڪن ٿا ته ڪي الزام ته مڪمل طور غلط ۽ ڪوڙا آهن جڏهن ته ٻين ۾ جيڪڏهن جي ايم سيد مختصر مدت لاءِ ثانوي ڪردار ادا ڪيو ته ٻين همراهن انهن ۾ زندگي جو وڏو حصو مکيه رول ادا ڪيو. وڌيڪ اهو ته جي ايم سيد پنهنجي غلطي نه رڳو تسليم ڪئي پر باقي سڄي عمر ان جي ازالي جي جدوجهد ۾ گذاري، جنهن دوران هن اهڙا ڪم ۽ عمل ڪيا جن جو فائدو سڄي سنڌ وانگر اهي تنقيد ڪندڙ به حاصل ڪري رهيا آهن. ان جي ابتڙ ٻيا ليڊر ۽ شاعر/دانشور پنهنجي متضاد موقفن ۽ ڪردار بابت ڪڏهن شرمندا نه ٿيا، پوءِ به اڄوڪا همراهه انهن جي تعريف ۽ سيد تي تنقيد ٿا ڪن. هاڻي سوال آ ته ايئن ڇو آهي؟ هڪڙو ته سولي سنڌيءَ ۾ جواب آهي ته خدا ڪارڻ دشمني ٻيو ڪن دوستن کي شايد حقيقت جي پوري ڄاڻ نه هجي يا رياستي پروپيگنڊا کان متاثر ٿيندا هجن. اهو به آهي ته جيئن سيد سدائين حڪمرانن سان جهيڙي ۾ رهيو آهي تنهن ڪري ان جي پاسي بيهڻ خطري کي دعوت ڏيڻ آهي، جڏهن ته ان تي تنقيد ڪرڻ سان طاقتور ڌرين جو به آشيرواد ملندو ۽ “انقلابي” سڏائن وارو فيشن به پورو ٿيندو. بهرحال جيڪي به هجي وقت اچي ويو آهي ته سنڌ، سنڌي قوم ۽ انسان ذات جي ڀلائيءَ کي بڻياد بنائي سڀ ڪنهن جو احتساب ڪجي ۽ هر ڪنهن سان ليکو چوکو ڪجي، ڪير به طئي ٿيل “معتبر ۽ مقدس” ناهي. جڏهن ماڻهن جي گڏيل مسئلن ۽ سماج جي مستقبل بابت معاملا هجن ته لکندڙن ۽ ڳالهائيندڙن کي ذميوار ٿيڻو پوندو. ايئن نه ٿيندو ته “ٻين” جي معاملي ۾ وڏو “اصول پرست” ۽ تنقيد نگار بڻجي وڃجي ۽ “پنهنجي” واري اچڻ تي يا ته قصيده گوئي ڪجي يا وري “شام غريبان” پڙهجي. سائين جي ايم سيد مُحسن انسانيت علي نواز ٻٽ جيڪي سياستدان سائين جي ايم سيد جا مخالف آهن يا اُهي سياسي ورڪر جن سائين جي ايم سيد کي ڇڏي وڃي ڌار ديرو ڄمايو، اُهي سيد جي نظرئي جو متبادل نظريو ڏئي نه سگهيا آهن پر اُهي چوندا رهندا آهن ته سائين جي ايم سيد ڊڪٽيٽر هُيو ۽ ٻئي ڪنهن جي ڳالهه نه مڃيندو هُيو. اُها ڳالهه فقط پروئگنڊا طور ڪئي ويندي هئي ۽ ڪئي وڃي ٿي. انهن لاءِ آئون ڪيترا ئي مٿال ڏئي سگهان ٿو، هڪڙو مثال جنهن جو هيٺ ذڪر ڪري رهيو آهيان ته سائين جي ايم سيد مئڊم حميده کهڙو کي جيئي سنڌ محاذ ۾ شامل ڪرڻ ٿي گهريو پر جڏهن جيئي سنڌ محاذ جي اڳواڻن راضپو نه ڏيکاريو ته سائين زور زبردستيءَ ان کي شامل نه ڪيو. مئڊم جي دل رکڻ خاطر کيس عورتن جي تنظيم جو سربراهه ٺاهيائين جيڪا مئڊم ٺاهي نه سگهي. ٻيو محترم عبدالواحد آريسر کي جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين شپ تان هٽائڻ لاءِ ڪيئي ٽولا سائين جي ايم سيد وٽ ويا پر سيد آريسر خلاف ڪو به قدم نه کنيو. عبدالواحد آريسر خلاف الزام هيو ته هو ڪميونسٽ آهي، ٽيون سائين جي ايم سيد جيڪي به فيصل ڪندو هيو ته اُن لاءِ جيئي سنڌ جي سينيئر اڳواڻن کي گهرائي صلاح ڪندو هيو ۽ گڏيل صلاح سان ڪو به فيصلو ڪندو هيو. جيئن حبيب الله ناريجو جي باري ۾ ڪيو ويو، حبيب الله هٿرادو طريقي سان ايئرفورس جي ڪجهه نوجوانن کي ورغلائي، انهن جا آفيس ڪارڊ وٺي وڃي ڳجهن ادارن کي ڏنا هُيا ته هي را جا ايجنٽ آهن ۽ انهن خلاف ڪورٽ مارشل ڪيو ويو هُيو ۽ کين سخت پورهئي سان سزا ڏئي جيل موڪليو ويو هُيو. اهو مسئلو سائين جي ايم سيد جي سامهون آندو ويو ته ان لاءِ پوري انڪوائري ڪرايائين. اُن انڪوائري جي بنياد تي حبيب الله ناريجو جي ميمبرشپ ختم ڪئي وئي هئي. ايس اين اي جي جڙڻ وقت هر ڪنهن ڏٺو ته سائين جي ايم سيد پنهنجا خيال ونڊيا ضرور پر مڙهيا نه، گڏيل راءِ سان فيصلا ڪرايائين. سائين جي ايم سيد جيئن ته نظربند هوندو هيو، ان ڪري جماعتن کي خودمختيارڪري ڇڏيو هُيائين. آزاد ٿيو ته به پنهنجي راءِ سڀني آڏو رکندو هُيو. هڪڙي ڳالهه چٽي هوندي هُئي ته هوُ نظريي تي ڪنهن به قسم جي سودي بازي نه ڪندو هُيو. سيد حد کان وڌيڪ جمهوريت پسند هُيو ۽ تنقيد ڪندڙن کي، تنقيد ڪرڻ لاءِ پاڻ وڌيڪ موقعا فراهم ڪندو هُيو. انهيءَ لاءِ مشهور آهي ته جڏهن سندس ڪتاب “جيئن ڏٺو آهي مون” تي محمد موسيٰ ڀٽي ۽ قربان بگٽيءَ تنقيد ڪئي هئي ته پاڻ پنهنجن سمورن ڪتابن جو سيٽ انهن ڏانهن موڪليو هيائين ته هنن سڀني تي تنقيد ڪريو. سائين جي ايم سيد مٿان هي به الزام لڳايو ويندو رهيو آهي ته هن، تنظيم اندر ڪرمنل ماڻهن مٿان ڪو به ايڪشن نه کنيو ۽ اها ڳالهه به درست ڪونهي. سيد چوندو هُيو ته “ هر الزام لاءِ انهن جي ثابتي ۽ گواهيون آڻيو، بنا گواهيءَ جي ڪنهن مٿان ايڪشن نٿو کڻي سگهجي” باقي پاڻ هر دم ڪرمنل ماڻهن جي مخالف ڪندو هُيو ۽ انهن جي جڳ جهان ۾ خواري ڪندو هيو. مثال طور هڪ دفعي گل محمد جکراڻي ڪنهن ماڻهوءَ کي سن ۾ ڇڏي ويو ۽ سائين جي ايم سيد کي عرض ڪيائين ته هن ماڻهوءَ جي زندگيءَ کي خطرو آهي. مٿس قتل جو الزام آهي، ٻئي هنڌ هوندو ته مارجي ويندو. سائين جي ايم سيد سان جيڪي به ماڻهو ملڻ ويندا هُيا ته انهيءَ ماڻهوءَ جي باري ۾ انهن کي ٻڌائيندو هيو ته؛ ”اهو ماڻهو جيڪو اوهان ڏٺو، جيڪو هيٺين بنگلي ۾ رهيل آهي، انهيءَ جو خون ٿيل آهي ۽ گل محمد خان هتي ڇڏي ويو آهي.“ آ محترم سيد غلام شاهه، محترم عبدالخاق جوڻيجو ۽ محترم محمد هاشم کوسو، جڏهن سن وياسون ته سائين جي ايم سيد انهيءَ جو ٻڌايو ته انهيءَ مٿان ڪراچيءَ جي فسادن ۾ بس مٿان فائرنگ جو ڪيس آهي، انهيءَ جا پر ڪار اهي آهن ته هتي سن ۾ رهندي به نٿو مڙي ۽ پنهنجي ٽولي سان وڃيو ڦرون ڪري وري پاڻ ۾ ڦر جي پيسن تي نه ٺهن ته جهيڙا ڪن ۽ فيصلا ڪرائين، جڏهن مون کي سندن پرڪارن جي خبر پئي ته مون کين چيو ته هلو هتان وڃي ٻاهر ڌوڙ پايو، اهڙي طرح ڪجهه ٻيا قصا به ٻڌايائين ۽ اهي قصا هر هڪ کي ٻڌائيندو رهندو هيو ۽ چوندو هيو ته؛ “هاڻي انهيءَ حالت ۾ اسان ڇا ڪريون، آئون نظربند آهيان، هڪڙي ڪمري تائين محدود آهيان، اسان جا اڳواڻ اچيو هتي ماڻهو سام طور ڇڏيو وڃن، جيڪي ڏوهاري آهن، اسان جي مجبوري اها آهي ته اسان دروازو بند نٿا ڪري سگهون!. سائين جي ايم سيد اخلاق جي حوالي سان هر وقت نصيحت ڪندو هيو ۽ چوندو هيو ته بلند ڪردار وارا انقلاب آڻيندا، هوُ ڪرمنل ماڻهن مٿان به سخت تنقيد ڪندو هيو، ان حد تائين جو هو ميڊيا جو به خيال نه ڪندو هُيو ۽ صحافين ۽ عام خلق جي سامهون به چئي ڏيندو هيو، انهيءَ جو وڏو مثال سنڌي پورهيت سنگت پاران ۱۹۹۲ع تي تاج محل هوٽل ۾ جيئي سنڌ محاذ جي، مرڪزي باڊيءَ جي مان ۾ ڏنل آجياڻي ۾ مهمان خاص طور پاڻ جيڪا تقرير ڪيائين، اها رڪارد تي آهي، جنهن ۾ سائين جي ايم سيد سوين ماڻهن جي سامهو چيو ، جنهن ۾ صحافي، دانشور، مختلف جماعتن جا اڳواڻ ۽ قومي ڪارڪنن هُيا ته “اخلاق کان سواءِ ڪا به قوم ترقي نه ڪري سگهندي، اوهان بداخلاقي ڪندئو، چوريون ڪندئو، ڌاڙا هڻندئو ته اوهان ترقي ڪري نه سگهندا، سياست جو بنياد اخلاق تي آهي، بدقسمتي آهي جو اسان جا نوجوان اخلاق جي طرف گهٽ ڌيان ڏين ٿا. جيڪڏهن اوهان ڀانيو ٿا ته اوهان آزاد ٿيو، توهان هڪ قوم بڻجو ته اوهان ۾ اخلاق هئڻ گهرجي ۽ توهان کي پئسن جي لاءِ اقتدار لاءِ بداخلاقيءَ جو ڪم نه ڪرڻ گهرجي، اوهان اخلاق جي ذڙيعي ڪامياب ٿي سگهو ٿا، هي ڊگهي تقرير آهي جيڪا ڪتاب سنڌ جو آواز ۾ “صفحي ۱۹۵ کان ۲۰۰ “ تي شايع ٿيل آهي، چوڻ جو مقصد هيو ته سيد ڪرائيم ۽ اخلاق کان ڪريل هر عمل جو مخالف هيو. ۱۹۸۴ع ۾ جيڪي دوست جيئي سنڌ محاذ ۽ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن، توڻي سنڌي پورهيت سنگت کان ڌار ٿيا ته انهن به ساڳيا الزام سائين جي ايم سيد مٿان لڳايا، جيڪي اڳ ۾ ڪميونسٽ دوست هڻندا رهيا هُيا ته جي ايم سيد وڏيرو آهي، جي ايم سيد سوشلسٽ نه آهي. وغيره. جي ايم سيد وڏيرو آهي يا وڏيرن کي ويجهو ٿو رکي، انهيءَ تي ڌار بحث ڪنداسين، هتي رڳو ايترو چوندس ته اُهي دوست، سيد کي ڇڏڻ کانپوءِ سنڌ جي هڪ وڏي وڏيري جي جماعت ۾ وڃي شامل ٿيا. جيستائين رهيو سوال ته جي ايم سيد سوشلسٽ يا ڪميونسٽ نه آهي، اها ڳالهه درست آهي ته سائين جي ايم سيد ڪميونسٽ نه هيو ۽ نه ئي جيئي سنڌ محاذ ڪميونست پارٽي هُئي/ آهي. سائين جي ايم سيد نيشنلسٽ هيو ۽ جيئي سنڌ محاذ نيشلسٽ پارٽي آهي. سيد سوشلزم کي پنهنجي آئين ۾ شامل ڪرايو هُيو، جيئي سنڌ محاذ جا چار مکيه نقطا آهن (۱) نيشنلزم (۲)سوشلزم (۳) سيڪيولرازم (۴) جمهوريت. سائين جي ايم سيد جو چوڻ هُيو ته اسان وقت ۽ حالتن موجب، سنڌ اندر سوشلزم جو نفاذ ڪنداسون، هُو سوشل شعائونزم جو مخالف هيو. سندس مسلڪ صوفي هيو، هو سنڌ جي صوفين جي تعليم کان گهڻو متاثر هُو. خاص طور شاهه عبدالطيف ڀٽائي ءَ کان گهڻو متاثر هُيو ۽ سائين جي ايم سيد واحد عالم هُيو، جنهن شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ کي پير ۽ فقير بجاءِ هڪ عظيم رهنما ڪري پيش ڪيو، سندس ڪتاب “پيغام لطيف” کان لطيف کان پوءِ سنڌ جي دانشورن ترقي پسند سوچ تحت شاهه عبداللطيف ڀٽائي تي تحقيق ڪرڻ شروع ڪئي. هن ڳالهه کان ڪو به انڪار نٿو ڪري سگهجي ته سائين جي ايم سيد ئي آهي، جنهن سنڌ کي قومي نظريو ڏنو. ۱۹۸۴ع ۾ جيڪي دوست ڌار ٿيا، انهن مان ڪن مزدورن ۽ هارين جي جماعت ٺاهڻ جا اعلان ڪيا، ليڪن اڳتي هلي، اهي مختلف گروپن ۾ ورهائجي ويا، ڪن جو ايمان سلامت رهيو، ڌڪ کائي وري به قومي نظريي تي رهيا پر گهر ويهي رهيا جيئن سيد قائم الدين شاهه آهي، ڪيئي وڃي وفاقي جماعتن ۾ شامل ٿيا، جتي ذات وڏيرو هيو، اهو ايئن ئي آهي، جيئن ڪجهه سياستدانن ون يونٽ خلاف هلايل تحريڪ ۾ محمد محمد ايوب کهڙو ۽ پير علي محمد راشدي جي سخت مخالفت ڪري سائين جي ايم سيد مٿان تنقيد جا تير وسايا، ڇو ته انهن ون يونٽ ٺهرائڻ ۾ سرڪار جو طرف ورتو هيو پر پوءِ اُهي وڃي ذوالفقار علي ڀٽو جا ساٿاري ٿيا جيڪو ون يونٽ واري دور ۾ ايوب خان جو وزير هو، ٻيو اهو ته ذوالفقار علي ڀٽي سان ذات وڏيرو ۽ پير شامل هُيا ۽ انهن ئي ذوالفقار علي ڀٽي معرفت پنجابين، بنگال کي پاڪستان کان عليحده ڪرايو، پريسون، بند ٿيون، ڪتابن تي بندش پئي، سياسي ورڪر جيل ويا، بلوچستان ۽ سرحد ۾ گورنر راڄ لڳا، بلوچستان تي فوج ڪشي ٿي، جيڪا اڄ تائين جاري آهي. سائين جي ايم سيد محسن انسانيت هيو، هو به عالم سڀ آباد ڏسڻ پيو چاهي، ان لاءِ هوُ سنڌ کي وسيلو بڻائڻ پيو چاهي، هوُ غلاميءَ جا ڳٽ لاهڻ پيو چاهي، هوُ مذهبي مت ڀيد کان آجو ۽ رواداري وارو ماحول پيو چاهي. اڄ پاڪستان اندر انسانيت جو ڪوس ٿي رهيو آهي. ملان ازم تيزيءَ سان اڀري رهيو آهي، بم بلاسٽ تائين، مسجدن، امام بارگاهن ۽ اسڪولن، پبلڪ پليسن، آرمي جي گاڏين ۽ درويشن جي درگاهن م بم ڦاڙيا ٿا وڃن. اڄ اڌ دنيا انهيءَ مرض ۾ ڦاٿل آهي. هو انهيءَ طريقيڪار جو مخالف هيو، هو ملان، مڪتب جو مخالف هيو، پوءِ اهو ملان مسلمانن، هندن عيساين جو هجي، ڇو ته هر مذهب ۾ ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ ملان هڪ ٻئي کي ڪافر ٿا سڏين ته پوءِ مسلمان ڪير آهي؟ سيد محبت جو درس ڏنو، هُن کي انسانيت سان محبت هئي، هن سنڌ خاطر سچ چوڻ جي ڏوهه ۾ جيل ۽ نظربنديءَ ۾ گذاريو پر نظرئي تان تر جيترو به نه هيو. سندس نظريي ۾ سنڌ جي نجات ۽ دنيا لاءِ امن جو پيغام آهي. اڄ جڏهن سيد جون چيل ڳالهيون سچ ثابت ٿيون آهن، پوءِ به سيد مٿان پيروپئگنڊا جا تير وسندا رهن ٿا. جي ايم سيد ۱۷ جنوري سنڌ کي سيد جو جنم ڏينهن مبارڪ ارباب ڇڄڙو ميڏا عشق به تون.. ميڏا يار به تون.. جڏهن کان انسان شعوري اک کولي آهي تڏهن کان ڏاهن ماڻهن، انسان جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو آهي. ڪن سائنسدان بڻجي ڪم ڪار لاءِ اوزار ايجاد ڪيا، جن جي وسيلي ڪم ڪار ۾ سهولت پيدا ٿي، انهن ايجاد نه ته اڄ دنيا کي حيرانگيءَ جي حد تائين پهچائي ڇڏيو آهي، دنيا هڪ ڳوٺ مثال ٿي وئي آهي. اهڙيءَ طرح وري ٻين ڏاهن وري ٻيا ڪم ڪيا ۽ ڪن وري انسانيت کي بچائڻ لاءِ ڪي قانون ۽ متا جوڙا يا ته جيئن انسانيت حفاظت سان اڳتي وڌي سگهي. جن جي ڪامل اصولن کي اڳتي هلي مذهب جو نالو ڏنو ويو، اهڙا ڪامل انسان دنيا جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پيدا ٿيا آهن. جن کي وري مختلف نالن سان سڏيو ويو آهي عرب دنيا ۾ انهن ڪاملن کي پيغمبر ۽ نبي سڱورا سڏيو وڃي ٿو. يورپ ڏي وري انهن کي فيلسوف سڏيو وڃي ٿو. هت هندستان ۾ وري سنت ساڌو، صوفي ۽ ٻين نالن سان گڏ ڏاهو به سڏيو وڃي ٿو. هندستان ۾ ڪرشن، مهاوير ۽ گوتم ٻڌ جهڙا عظيم انسان پيدا ٿيا جن امن جو پيغام ڏنو مثال طور هي ٿئي شخص بادشاهي ڇڏي انسانن جي ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪندا رهيا، هنن ڪڏهن به پنهنجي پيٽ ڀرڻ جي ۽ ماڻهن کي بکيو رکڻ جي ڪوشش نه ڪئي، سندن اهو پيغام سنڌ جي عظيم شاعر شاهه لطيف رح به پنهنجي بيتن ۾ ورجايو آهي. ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ع سن جي شهر ۾ جناب جي ايم سيد پيدا ٿيو. هن ڏٺو ته سنڌ جا رهاڪو لوڪ بک ڏک ۾ ان پيغام کي سانڍيو ٿا اچن. هنن وٽ دنيا لاءِ امن ۽ خوشحاليءَ جو پيغام آهي جيڪو دنيا ۾ امن پيدا ڪري سگهي ٿو، هن ڏٺو ته اڄ کان هزارين سال اڳ به هت جي لوڪن وٽ هٿيار جي بجاءِ هٿن ۾ ساز هيو.ناچ هيو ۽ راڳ هيو. اڄ به سنڌين وٽ صوفي شاعري ۽ ساز آهي. اڄ به امن جو راڳ آهي. هن پيغام جو اهڙو ته رنگ هنن ماڻهن تي جڙهيل هيو جو بقول شاهه لطيف جي. توڙي ڌوٻي ڌوءِ، ته به لالائي نه لهي. هن مهان انسان ڪڏهن به ڪو هٿيار نه ورتو ۽ نه وري ڪو شڪار ڪيائين. زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪو نشو نه ڪيائين. بس هڪ نشو هيس انسانن سان عشق ڪرڻ جو. جيڪو سڄي زندگيءَ ۾ برقرار رهيس. آخري عمر ۾ جڏهن اسپتال ۾ داخل هيو ته، چيائين ته، مون وٽ ته سواءِ امن جي ٻيو ڪجهه به نه آهي، پوءِ هو مون کان ڊڄن ڇو ٿا...؟ هن ديس جا ماڻهو ته دشمن لاءِ به دعا گهري پوءِ ننڍ ڪندا آهن. هنن جي تڏي تي دشمن هلي ٿو وڃي ته ان کي قتل جهڙا ڏوهه به معاف ڪري ٿا ڇڏين. هنن سنڌ وارن وٽ نياڻي به ست قرآن آهي. نياڻي در تان خالي هٿي ڪا نه ٿي وڃي. عورت جي ايڏي وڏي عزت ٿا ڪن. پاڻ بک تي ويهي ٻين جو پيٽ ٿا ڀرين سنڌ جي نرم زمين تي نرم دل ماڻهو ٿا رهن. جن وٽ انسان سڀ کان اڳ مهذب ٿيو هو. سنڌو درياهه جي ڪري هي سنڌ سائي ستابي رهي آهي، شايد ان ڪري بکيون قومون سدائين. هنن تي راتاها هڻنديون رهيون آهن. اڄ به تاريخ ڳالهائي ٿي ته مو هن جي عظيم شهر کي به ڪوٽ يعني قلعو ڏنل ٿو ڏسجي. جناب جي ايم سيد سمجهي ورتو هو ته هتان ئي امن جو پيغام دنيا لاءِ ملڻو آهي، ان لاءِ هن ديس جي آزادي اشد ضروري آهي. پر هن ڏٺو ته، هتي جو ماڻهون، پينون پيرن، شاهن ۽ مُلن وٽ يرغمال ٿيل آهي، مٿان وري انگريزن جا غلام آهيون، ان لاءِ غلاميءَ جي لعنت مان جان ڇڏائڻ ضروري آهي. ۱۴ سالن جي ننڍڙي ڄمار ۾ هن سياست ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو، پهري تقرير ڪرڻ وقت ايترو ننڍو هو جو اسٽول تي بيهي خطاب ڪيو هئائين. انگريزن سنڌ کي غلام ڪرڻ کان پوءِ هندستان سان ملائي ڇڏيو هو، هن مرد مجاهد پهريون ڪم اهو ڪيو جو، هندستان کان سنڌ ڇڏائي، ڪراچي سنڌ جي گادي جو هنڌ مقرر ڪرايائين. اڳتي هلي مسلمانن جي تنظيم مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو ۽ سنڌ ۾ مسلم ليگ برپا ڪيائين. پوري هندستان ۾ فقط هڪ ئي ملڪ سنڌ هيو، جتي مسلم آباديءَ جي اڪثريت هئي، ان جي ڪري ٻيو ڪو به ملڪ اهڙي حالت ۾ ڪو نه هيو جو پاڪستان لاءِ ڪا به اسيمبلي ڪو به قرار داد ڪا نه ٿي پاس ڪرائي سگهي. ان لاءِ سنڌ اسيمبلي ۱۹۳۸ع ۾ پهريون قرار داد پاس ڪيو ۽ آخري قرار داد جناب جي ايم سيد ۱۹۴۳ع ۾ پاس ڪرايو ۽ اهڙي طرح پاڪستان ٺاهڻ لاءِ رستو صاف ٿي ويو. جڏهن ۱۹۴۶ع ۾ هن ڏٺو ته پاڪستان ته انگريز پاڻ ٿا ٺاهين ته جيئن هندستان ٻن حصن ۾ ٿي وڃي ۽ پاڻ ۾ وڙهندا رهن ۽ اسان جا محتاج رهن. تڏهن هن دانهون شروع ڪيون ته اسان سان انگريز دوکو ڪيو آهي. پر سنڌ جا وڏيرا جن کي ميمبر ٿيڻ ۽ غريبن جي مال کائڻ جو چسڪو لڳي چڪو هو. تن اچي دانهون شروع ڪيون ته جي ايم سيد ملڪ دشمن آهي. وڏيرن، ميرن کي وجهه مليو جن چيو ته بابا جي ايم سيد ته مسلمان ئي ڪونهي، ان ڪري هي پڪو ديندار شخص چئو طرف کان دشمنن جي تيرن جو نشان بڻجڻ لڳو، پويان ملڪ جو ورهاڱو ٿي ويو، الله اڪبر چئي مسلمانن هندن کي قتل ڪرڻ شروع ڪيو، هوڏانهن هندن وري رام رام ڪري ماڻهن کي ماڻ شروع ڪيو ايئن هڪ وڏو قتل عام ڪيو ويو. ٻين رياستن کي ڪٽيو ويو ۽ سنڌ ملڪ جي ماڻهن کي ڪٽي جدا ڪيو ويو. جنهن ۾ سنڌ جو وڏي ۾ وڏو نقصان ٿيو، عالم، اديب ۽ واپاري ماڻهو تڙجي ويا. هي سنڌين جي وڏي ڀاڄ ٿي. پهريان آرين موهن جا سنڌي تڙي ڪڍيا هئا. اهڙي ڏکي صورتحال ۾ وري به جي ايم سيد ۽ سندس ساٿين جن ۾ ادبين ۽ شاعرن جو انگ وڌيڪ هيو انهن شاندار جدو جهد ڪري ون يونٽ ختم ڪرايو ۽ وري سنڌ اسيمبلي بحال ٿي. پر وري جي ايم سيد جيل ۾ وڌو ويو. سنڌين کي حڪومت جي وهنوار کان وري به ٻاهر رکيو ويو. جڏهن جي ايم سيد ڏٺو ته، هت ته سنڌين جو جيئڻ ئي محال ٿي ويو آهي. تڏهن پنهنجي شعور جي روشنيءَ ۾ فيصلو ڪيائين ته سنڌ ته وري به غلام آهي، انگريز اسان کي وري ٻين جي غلاميءَ ۾ ڏي ڇڏيو، سنڌ جي سياستدانن کي رڳو پيٽ جي لڳل آهي، تڏهن هن حالتن جو غور سان تجزيو ڪيو ته هاڻي، سنڌ سواءِ آزاديءَ جي اڳتي وڌي ڪا نه سگهندي، سنڌ هڪ اهڙو ملڪ آهي جنهن ۾ سون جون کاڻيون به آهن پر سنڌي بک مري رهيا آهن. هو ٻچا ٿا کپائين، خودڪشيون ٿا ڪن، نام به انصاف نه آهي. ان هوندي به سندس جذبن ۾ ڪا به ڪمي نه آئي، هو آخري خطبي ۾ به چوندو رهيو، جيئن مون محسوس ڪيو آهي، جي توهان به ايئن محسوس ڪيو ۽ همت نه هاري ته پوءِ سنڌ هن مشڪل دئور مان ضرور گذري پار پوندي، مون ڪڏهن به همت نه هاري آهي، نه وري ڪو مايوس ٿيو آهيان، واقعي مايوسي هن ٻڍڙي نوجوان جي ويجهي به ڪا نه آئي، اسان سنڌين ڪڏهن به ڪنهن تي ڪاهه نه ڪئي آهي، ان جو ڪارڻ سنڌ جي شادابي آهي. خوشحال قوم ڇو ٻين تي حملا ڪندي، اهو ممڪن ئي نه آهي، پر ان جو هرگز اهو مطلب نه آهي ته ڪو سنڌي بزدل يا ڊڄڻا آهن. جڏهن به سنڌين کي ڌارين تنگ ڪيو آهي ته پوءِ سنڌين سوين سال جنگ ڪري وري وطن ڌارين کان ڇڏائي کين ڀڄائي ڪڍيو آهي، پوءِ اهي عرب سڳورا هجن، ايراني قابض هجن ، افغاني، طو راني هجن، ڊچ، انگريز يا ڪي ٻيا هجن. سنڌ جي نرم ڀوري زمين ۾ اهڙو ڪو اثر آهي، جو اها ڌارين کي به ٿوري وقت ۾ سنڌي ڪري ڇڏيندي آهي اهڙيون حقيقتون جي ايم سيد پنهنجي سٺ ڪتابن جي تي درج ڪري ويو، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان سنڌي اهي پڙهي ته ڏسون. واقعي جي ايم سيد جو ڏنل پيغام هر روز اڳتي وڌي رهيو آهي، چوويهن ماڻهن مان هن وقت لک ٿي ويا آهن، ۽ ٻيا هٿرادو نظريه پوئتي پوندا ٿاوڃن جنهن جا اسان سب اکين ڏٺا شاهد آهيو، جيئن يوناني حملي وقت سنڌين پاڻ ساڙي، يونانين کي حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيو هو، اڄ به سنڌي سنڌ جي آزاديءَ لاءِ سڙي ڪوئلاٿي رهيا آهن، پر حق جي راهه تا سندن پير تڙن نٿا. جي ايم سيد جمن در جو شعر چوندو رهندو هو، وٺي هر هو جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو، ختم اونداهه ٿي ويندي چٽيءَ چانڊاڻ ۾ ملبو، ۱۷ جنوري سنڌين مبارڪ هجي آمين. سائين جي ايم سيد سندس سالگرهه ۽ قومي قيادت درياهه خان جهتيال جديد قومپرستي جو بنياد وجهندڙ رهبر سنڌ سيد غلام مرتضيٰ شاهه (سائين جي ايم سيد) نه صرف قومپرست سياست جو باني، نئين سنڌ جو خوبصورت تصور ڏيندڙ آهي پر کيس جديد سنڌي ادب، ادب ۾ ترقي پسند روشن خيال لاڙن، قومي سوچ ۽ فڪر جو باني طور سڃاتو وڃي ٿو، سائين جي ايم سيد جتي سياست ۾ مُني صدي کان به وڌيڪ عرصي تائين سنڌ جي ماڻهن جي خوشحالي ۽ ترقي لاءِ جدوجهد ڪئي اتي قيد به ڪاٽيو ۽ اتي سنڌي ادب، ٻولي ۽ ثقافت لاءِ به پاڻ پتوڙيو، سائين جي ايم سيد جو جنم ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ع تي سن ۾ سيد محمد شاهه جي حويلي ۾ ٿيو، جنهن جي هڪ سال بعد والد محترم کي ڪراچي ۾ شهيد ڪيو ويو. سائين جي ايم سيد کي سنڌي ٻولي سان عشق هو، سنڌي ٻوليءَ جي ترقي واڌاري لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي، سائين لسانيات جو به ماهر هو، سنڌي ٻولي جي قدامت ۽ تاريخ بابت ”سنڌي زبان جو مسئلو” ڪتاب ان جو عملي ثبوت آهي، ان ڪتاب ۾ سائين جي ايم سيد سنڌي ٻولي جي بين الاقومي حيثيت، انڊو آرين ٻولي ۾ سنڌي جي قدامت ڳالهائيندڙ جي تعداد جي لحاظ کان سنڌيءَ جي اهليت وسعت، تمدن اسلاميءَ ۾ سنڌي جي اهم حيثيت پاڪ_هند جي ماڊرن ٻولين ۾ سنڌيءَ جي اهم حيثيت، سنڌيءَ جي اهليت ۽ اهميت، پاڪستان ۾ قومي زبان بابت مختلف نظريا، اردو قومي زبان بڻجڻ جي اهليت آهي ڇا، ۽ ٻيا مضمون شامل آهن، سائين جي ايم سيد سنڌي ثقافت جي اهميت ۽ افاديت بابت ۱۹۶۳ع ۾ ”سنڌ ڪلچر” ڪتاب لکي سنڌي ثقافت جي مفهوم، ترڪيب ۽ صورت بابت ڄاڻ ڏني، سائين جي ايم سيد جا ۱۹۷۶ع ۾ ”جُنب گذاريم جن سين” ڪتاب ۾ سياستدانن، قومي ڪارڪنن، اديبن، شاعرن، استادن، عورتن تي لکيل سوانحي خاڪا تاريخي اهميت رکن ٿا، سائين جي ايم سيد سنڌ جي سورمن بابت ڪتاب”سنڌ جا سورما”لکي قوم کي پنهنجي قومي هيرن ۽ قومي سورمن کان واقف ڪرايو، سيد ”سنڌوءَ جي ساڃاهه”ڪتاب لکي سنڌي ماڻهن ۾ وڃايل قومي ۽ تاريخي شعور ٻيهر زنده ڪرڻ لاءِ هڪ ڪارائتو مثالي ۽ شاندار ڪم ڪيو، سيد نه رڳو سنڌ جي تاريخ ۾ مختلف وقتن تي سنڌ جي حقن جي لاءِ عملي ڪردار ادا ڪيو پر علمي حوالي سان به اڻ وسرندڙ ڪردار ادا ڪيو، سيد جا لکيل ڪتاب تاريخي حيثيت رکن ٿا. سن جهڙي پٺ تي پيل ڳوٺ ۾ ۱۹۲۵ع ۾ انگريزي جا ڪلاس شروع ڪرايا، نياڻين جي تعليم لاءِ خاص الڳ اسڪول، هارين ، نارين، پورهيتن لاءِ نائيٽ اسڪول قائم ڪرايائين ۽ ماڻهن ۾ تعليمي شعور پيدا ڪيو، سن ۾ ۱۹۲۸ع ۾ ضلعي لوڪل بورڊ ڪراچي جو صدر چونڊجڻ بعد ”ڳوٺ سڌار تحريڪ” جو بنياد وڌو ۽ مشهور سماج سڌارڪ جمشيد مهتا صدر ۽ سائين جي ايم سيد پاڻ سيڪريٽري ٿيو، اڳوڻي ضلعي ڪراچي ۾ ۱۹۲۸ع ڌاري ضلي لوڪل بورڊ ڪراچي جي صدر، نائب صدر ۽ تعليمي ڪاميٽي جي چيئرمين جي حيثيت ۾ سائين جي ايم سيد ڪراچي سميت جهوڪ شريف، مانجهند، سن، لاکا، لڪي، سيوهڻ، آراضي، دادو، ميهڙ، پاٽ شريف ۽ ٻين شهرن ۽ ڳوٺن ۾ هاءِ اسڪول قائم ڪيا. سائين جي ايم سيد، سنڌ يونيورسٽي جي قيام لاءِ تمام گهڻي ڪوشش ورتي ۽ سنڌ يونيورسٽي جي بانيڪارن مان هو، سندس ئي ڪوششن سان يونيورسٽي قائم ٿي، سائين جي ايم سيد ۱۹۴۰ع ۾ صوبائي وزير تعليم هئڻ دوران پاڻ سنڌ يونيورسٽي جي ٺهڻ لاءِ ۲۴ جون ۱۹۴۰ع تي سيد ميران محمد شاهه جي سربراهي ۾ ۱۵ رڪني ”سنڌ يونيورسٽي ڪاميٽي” قائم ڪئي جنهن ۾ علامه آءِ آءِ قاضي، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو، چيلمل پرسرام گلراجاڻي، ڊاڪٽر هوت چند، مولچند گربخشاڻي، روپ چند، پِيلا رام ۽ ٻيا شامل هئا، جڏنهن ته بي جي واسواڻي ڪاميٽي جو سيڪريٽري هو، ايئن جو ۱۹۴۷ع ۾ سنڌ يونيورسٽي قائم ٿي، مارشل لا جي دور ۾ جڏهن سياسي سرگرمين تي بندش لڳائي وئي ته سائين جي ايم سيد ۱۸ اپريل ۱۹۶۶ع تي ”بزمِ صوفيا سنڌ” قائم ڪري سنڌ ۾ ثقافتي تحريڪ شروع ڪئي. سائين جي ڪوشش سان ۱۹۵۱ع ۾ سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي واڌاري ۽ ترقي لاءِ ”مرڪزي صلاحڪاري بورڊ” قائم ڪيو ويو، بعد ۾ ان بورڊ جي ۱۹۵۸ع تائين ورڪنگ ڪاميٽي جو چيئرمين رهيو، آڪٽوبر ۵۰_۱۹۴۰ع ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي سن ۾ ذاتي خرچ تي ترسائي ”سنڌي لغت” تي ڪم ڪرايو، ۱۹۵۱ع ۾ ”جامع سنڌي لغت” جي رٿ پيش ڪئي وئي ان کي منظور ڪيو ويو، سائين جي ايم سيد ۴ مارچ ۱۹۷۲ع کان سنڌ جي آجپي لاءِ باقاعدا جدوجهد شروع ڪئي، سائين جي ايم سيد ۸۸_۱۹۸۷ع ۾ سنڌ قومي اتحاد (ايس اين اي) ٺاهيو، جنهن جو چيئرمين عبدالحميد خان جتوئي هو ۽ ممتاز علي ڀٽو، مير حيدر ٽالپر، اعجاز خان جتوئي، آغا شاهين پٺاڻ، رسول بخش پليجو ۽ ٻيا سنڌ جا سمورا مک اڳواڻ ۽ قومپرست جماعتون شامل ٿيون. سائين جي ايم سيد جهڙن عظيم ڪردارن لاءِ ئي شيخ اياز چيو هو”ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا، وقت جي اهڙي چيخ ٿين ٿا، ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا”، جُمن دربدر چيو آهي ته ”وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو، ختم اونداهه ٿي ويندي، چٽي چانڊاڻ ۾ ملبو”، شيخ اياز ۽ جمن دربدر جي شاعري ۾ جرڪندڙ عظيم رهبر جي اڄ سالگرهه ملهائي پئي وڃي، پر افسوس ته وقت تيزي سان مٽنجندو پيو وڃي پر سيد جا پيروڪار هڪ پروگرام ڪرڻ لاءِ هڪ هنڌ گڏ نٿا ٿين، اهي لفظ لکڻ ۾ ڏاڍي تڪليف ٿئي ٿي ته ”سيد جي سالگرهه تي مختلف پارٽين پاران سن ۾ ڌار ڌار جلسا ڪيا ويندا”، اهي لفظ ڏاڍو ڏک ڏين ٿا، رهبر کي سندس ورسي ۽ سالگرهه تي ياد ته ڀرپور نموني سان ڪيو وڃي ٿو، ٻاهرين ملڪن سميت سڄي سنڌ ۽ سن ۾ مرڪزي تقريبون ٿين ٿيون پر هاڻي اهي ڌار ڌار جلسا نه ٿيڻ گهرجن، قوم جي ليڊرن کي هڪ ٿيڻ جي ضرورت آهي، ڇو جو سائين جي ايم سيد جي محور سنڌ هئي، سنڌي قوم لاءِ سيد پاڻ پتوڙيو نڪي پنهنجي لاءِ، سيد سنڌ پرستي، انسان دوستي، علم دوستي، عظيم مقصد لاءِ سڄي زندگي علمي ۽ عملي پورهيو ڪيو، ان جدوجهد جي پاداش ۾ زندگيءَ جو لڳ ڀڳ ٽيون حصو قيد و بند جون تڪليفون برادشت ڪيون، ان ئي سيد جا پيروڪار اڃا به جيڪڏهن گڏ نه ٿيندا ته قوم مايوس ٿيندي، هي وقت سنڌي قوم کي مايوس ڪرڻ جو ناهي، بلڪه ليڊرشپ کي هڪ هنڌ گڏ ٿيڻ جو آهي جنهن سان قوم کي حق حاصل ڪرڻ جو رستو سولائي سان ملي سگهي. سائين جي ايم سيد سنڌي قومپرستيءَ جو سرواڻ قاسم اڄ ان شخص جو ڄمڻ ڏينهن آهي جيڪو سنڌ توڻي سنڌ کان ٻاهر سنڌي قومپرستي جو بنياد وجھندڙ طور سڃاتو وڃي ٿو. سائين جي ايم سيد اڄ جي ڏينهن ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ع تي سن ۾ جنم ورتو. سنڌ مان جيتوڻيڪ ڪيترا ئي اهم سياسي اڳواڻ هئا جيڪي پاڪستان کان پهرين ۽ بعد ۾ سياسي ميدان ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهيا ۽ ڪندا رهن ٿا، پر انهن سڀن ۾ سائين جي ايم سيد کي خاص اهميت حاصل آهي. جيتوڻيڪ ڏٺو وڃي ته سنڌ اندر هڪ وڏو حلقو سائين کي خراج پيش ڪندو رهي ٿو ته ساڳئي وقت سنڌ اندر سائين متعلق تنقيدي راءِ به موجود رهندي پئي اچي. منهنجي خيال ۾ سڀ کان پهرين سنڌ جي عوام خاص طور سنڌ جي سياسي ڌرين، شاگردن ۽ ٻين باشعور ماڻهن کي اها ڳالهه ذهن نشين ڪرڻ گھرجي ته جيستائين اسين شخصيت پرستي ۽ اکين تي ڪاري پٽي ٻڌي، ڪنهن نظريي تي بغير غور ڪرڻ جي ان کي پوڄيندا رهنداسين، تيستائين سنڌ جي ترقي ناممڪن آهي. ڇاڪاڻ ته هيءُ دور تحقيق، سوچڻ ۽ لوچڻ جو دور آهي، هن دور ۾ اهي ئي قومون اڳتي وڌي سگھن ٿيون ۽ جٽاءُ ڪري سگھن ٿيون، جيڪي عقلي بنيادن تي شين کي پرکڻ ۽ جائز تنقيد جا دروازا کولي دنيا سان قدم ۾ قدم ملائي اڳيان وڌن ٿيون. تنهنڪري سڀ کان پهرين اسان کي طئه ڪرڻو آهي ته ڪنهن جي شخصيت جي ڪردار ڪشي ڪرڻ کان پاسو ڪندي، هر شخصيت ۽ نظريي تي تحقيقي ۽ عقلي بنيادن تي بحث مباحثو ۽ تنقيد ٿيڻ گھرجي جنهن سان يقينن نوان پيچرا نروار ٿي سگھن ٿا، جيڪي قومن جي تقديرن بدلائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگھن ٿا. هن وقت ڏٺو وڃي ته سنڌ جي سياست ۾ ٽي سياسي نظريا حاوي آهن جن ۾ ڀٽو، سيد ۽ پليجو شامل آهن. جيتوڻيڪ انهن ٽنهي شخصيتن سان مختلف حوالن سان اختلاف ٿي سگھن ٿا پر ان سان گڏوگڏ اهو ياد رکڻ گھرجي ته سنڌ جي سياست ۾ انهن ٽنهي سياسي شخصيتن ۽ سندن پارٽين جو هڪ اهم ڪردار رهيو آهي، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ فراموش نٿو ڪري سگھجي. سائين جي ايم سيد پاڪستان جي قيام کان پهرين توڻي پوءِ سنڌ جي قومي سياست ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ٻئي طرف ڀٽي جو سنڌ جي ڏتڙيل ماڻهن کي سندن اهميت کان واقف ڪرائڻ ذريعي پڻ اهم ڪردار رهيو. ساڳيءَ طرح رسول بخش پليجي سنڌ جي سياست کي طبقاتي توڙي قومي سوال طور کڻڻدي، سنڌ جي وڏيرن، سردارن، پيرن، ميرن ۽ ساڳئي وقت لساني فاشزم کي چئلينج ڪيو. پر ان باوجود اهو ذهن ۾ رکڻ گھرجي ته جيئن مان مٿي لکي چڪو آهيان ته سنڌ کي اهڙن تحقيقدانن، تجزيي نگارن، سياسي ڪارڪنن، اديبن ۽ دانشورن جي ضرورت آهي، جيڪي ماضي ۽ حال جي اهم ڪردارن جي سگھ ۽ ڪردار کي تنقيدي نقطئه نگاهه سان پيش ڪندي ۽ انهن جي سياسي ڏاهپ کي مدنظر رکندي مستقبل ۾ خطرن کان بچڻ ۽ سنڌ کي ترقي جي راهن تي گامزن ڪرڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگھن. سائين جي ايم سيد جي شخصيت جا به انيڪ پاسا آهن، هو هڪ ئي وقت سنڌ ۽ هند جو مشهور سياستدان به آهي ته ساڳئي وقت چوٽيءَ جو ڏاهو، اديب ۽ دانشور به. سائين سنڌ جي بمبئي کان عليحدگيءَ جي تحريڪ ۾ اهم ڪردار به ادا ڪري ٿو ته ساڳئي وقت هو اڳيان هلي مسلم ليگ کي سنڌ ۾ مضبوط بڻائڻ ۾ به ڪردار ادا ڪري ٿو. هي اهو ئي مانجھي مرد آهي جنهن جي ڪوششن سان ئي سنڌ اسيمبليءَ منجھان پاڪستان جي حمايت ۾ سڀ کان پهرين قرارداد پاس ڪئي وئي ۽ بعد ۾ ساڳئي شخص طرفان پاڪستان جي مخالفت ۾ سنڌوديش جو نعرو بلند ڪيو ويو، جنهن نعري تي سائين پنهنجي زندگي جي آخري لمحي تائين قائم رهيو. سائين جي ايم سيد هندستان جي سياست ۾ سنڌ جي بمبئي کان عليحدگيءَ واري تحريڪ دوران هڪ اهم شخصيت طور سامهون آيو. جيتوڻيڪ سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي جو سڀ کان پهرين مطالبو هرچندراءِ وشنداس ڀارواني طرفان ۱۹۱۳ع ۾ ڪانگريس جي سالياني ڪنوينشن ۾ ڪيو ويو هو. پر ان مطالبي کي اڳيان وٺي هلڻ ۾ محمد ايوب کهڙو ۽ سائين جي ايم سيد جو قابل ذڪر ڪردار هو. سائين سنڌ ۾ مختلف نالن سان پارٽين جي پليٽ فارم ذريعي سياست ڪندو رهيو، پر ۱۹۴۲ع ۾ مسلم ليگ جو صدر منتخب ٿيو. سائين جي ايم سيد جي مسلم ليگ قيادت جي نظر ۾ اهميت ۱۹۳۷ع جي چونڊن ۾ وڌي، جڏهن مسلم ليگ سنڌ مان صرف ۴.۶ سيڪڙو ووٽ مس حاصل ڪري سگھي. انهن چونڊن ۾ سنڌ يونائيٽيد پارٽي کي واضع اڪثريت نصيب ٿي، جنهن جي اڳواڻي سنڌ جي ڪجھ مشهور زميندارن ۽ برطانوي سرڪار نواز شخصيتن جهڙوڪر سر عبدالله هارون، سر شاهنواز ڀٽو، سر غلام حسين هدايت الله ۽ ميران شاهه جي هٿن ۾ هئي. سال ۱۹۳۷ع جي چونڊن ۾ شڪست کانپوءِ ئي مسلم ليگ کي سنڌ جي سياست جي رمزن جي پروڙ پئي ته اصل ۾ ان وقت سنڌ جي سياست جون واڳون پيرن، ميرن ۽ زميندارن جي هٿن ۾ هيون. اهو ئي اهم سبب هو جو مسلم ليگ قيادت خاص طور جناح صاحب کي سنڌ جي پيرن ۽ جاگيردارن ڏانهن هٿ وڌائڻو پيو. اهڙيءَ طرح مسلم ليگ جي سنڌ ۾ پيرن کوڙڻ کانپوءِ ۱۹۳۸ع ۾ ڪراچي ۾ پهرين سنڌ صوبائي مسلم ليگ ڪانفرنس گھرائي وئي، جنهن ۾ پهريون دفعو مسلمانن لاءِ الڳ ملڪ تي غور ڪيو ويو. هڪ طرف مسلم ليگ سنڌ جي بااثر شخصيتن کي پاڻ طرف ڇڪي رهي هئي ته ساڳئي وقت سنڌ جيڪا پنهنجي جوهر ۾ سيڪيولر رهندي پئي اچي، کي منهن ڏيڻ لاءِ مسلم ليگ ڪجھ اهڙو ڪرڻ جو سوچي رهي هئي، جنهن سان مسلم ليگ سنڌ جي مسلمانن ۾ گھر ڪري سگھي. ان لاءِ سڀ کان پهرين مسلم ليگ طرفان ڪانگريس جي حمايتي الله بخش سومري جي حڪومت ڊاهي، ان جي جڳهه تي مسلم ليگ جي حڪومت جوڙڻ جو سوچي رهي هئي، جنهن کانپوءِ مير بندا علي ٽالپر کي وڏوزارت جڏهن ته محمد ايوب کهڙو، جي ايم سيد ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي کي ان ڪئبنيٽ جو حصو بڻائڻ جو پلان جوڙيو پئي ويو. ان پلان کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ منزل مسجد گاهه واري معاملي کي هوا ڏني وئي ته جيئن سنڌ ۾ هندو‑مسلمان ڏڦيڙ پيدا ٿين جنهن صورتحال کي مسلم ليگ ڪيش ڪرائي سگھي. مسجد منزل گاهه واري قصي کي سمجھڻ لاءِ ٿورو ان جي تاريخ تي غور ڪرڻ جي ضرورت آهي؛ منزل مسجد گاهه جي حوالي سان فرحان حنيف صديقي پنهنجي ڪتاب “دي پالٽڪس ان پاڪستان: دي بلوچ، سنڌي اينڊ مهاجر ايٿنڪ موومينٽس” ۾ لکي ٿو ته “مسجد منزل گاهه اڪبر جي دور ۾ سکر وٽ سنڌو ندي جي ٻن ڪپن تي واقع مسجد ۽ مسافرخانو جي عمارتن کي نالا ڏنا ويا هئا، جيڪي سيد معصوم شاهه طرفان اڪبر جي حڪومت دوران تعمير ڪرايون ويون هيون. انهن عمارتن جي حوالي سان تضادن تڏهن ڪر کڻڻ شروع ڪيو جڏهن هندن طرفان منزل گاهه جي سامهون مندر تعمير ڪرايا ويا جيڪي مندر هندن لاءِ عبادت جا تمام اهم ذريعا بڻجي چڪا هئا. مسلمانن طرفان ۱۹۲۰ع جي ڏهاڪي ۽ ۱۹۳۶ع ۾ جڏهن سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي واري تحريڪ جاري هئي، تڏهن ان اشو کي کنيو ويو. پر ان اشو کي تڏهن ڀڙڪايو ويو جڏهن مسلم ليگ کي سنڌ جي مسلمانن ۾ پنهنجي لاءِ نرم گوشو پيدا ڪرڻو هو.” (ڏسو فرحان حنيف صديقي جو ڪتاب، دي پالٽڪس ان پاڪستان: دي بلوچ، سنڌي اينڊ مهاجر ايٿنڪ موومينٽس، صفحو نمبر ۷۸). ساڳيءَ طرح سارا انصاري پنهنجي ڪتاب “صوفي سينٽس اينڊ اسٽيٽ پاور: دي پيرس آف سنڌ، ۱۸۴۳‑۱۹۴۷ع” ۾ لکي ٿي ته مسلم ليگ پنهنجو اثر قائم ڪرڻ لاءِ اها دعوا ڪئي ته منزل گاهه ڪنهن دور ۾ مسجد طور استعمال ٿيندي هئي، تنهنڪري ان کي مندر ۾ تبديل ڪرڻ خلاف مزاحمت ڪئي وئي. ان مزاحمت پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار سنڌ جي پيرن ۽ مولوين ادا ڪيو. سنڌ اندر مسلم ليگ جي اثر وڌائڻ جي حوالي سان سارا انصاري مٿي ڏنل ڪتاب جي صفحي نمبر ۱۲۱ تي لکي ٿي ته “ليگ جي حمايت وڌائڻ واري منصوبي تحت، انهن (مسلم ليگي اڳواڻن) مسلمانن جي ذهنن ۾ سياسي شعور اجاگر ڪرڻ لاءِ مسلمانن کي زور ڀريو ته اهي صرف مسلمانن جي دڪانن تان ئي شيون خريد ڪن. ساڳيءَ طرح جي ايم سيد درگاهن جي سمورن پيرن کي گذارش ڪئي ته اهي مسلمان دڪاندارن کي مسلمانن جو ڪاروبار وڌائڻ لاءِ سهولتون فراهم ڪن.” ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ نه آهي ته پاڪستان ٺهڻ کان پهرين سائين جي ايم سيد پاڪستان جي قيام وارين ڪوششن ۾ اڳيان اڳيان هو. سائين جي ايم سيد کي سندس وقت جي سنڌي سياستدانن خاص طور ان وقت جي پير پاڳاري پير صبغت الله شاهه ۽ ڪانگريس جي حمايتي الله بخش سومري طرفان وري وري اهو سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته هو (سيد) پاڪستان ٺاهڻ لاءِ ڪوشش ڪري تمام وڏي غلطي ڪري رهيو هو. ان حوالي سان فرحان حنيف صديقي مٿي ڏنل ڪتاب جي صفحي نمبر ۷۹‑۸۰ تي الله بخش سومرو جو حوالو ڏيندي لکي ٿو ته “الله بخش سومري ۱۹۴۰ع ۾ سائين جي ايم سيد کي سمجھائيندي چيو ته؛ توهان ڇا ٿا سوچيو ته پاڪستان جي قيام کانپوءِ سنڌ جا سمورا مسئلا حل ٿي ويندا؟ اهو غلط آهي ۽ حقيقتن جي بلڪل ابتڙ آهي. توهان کي اڳيان هلي خبر پوندي ته اسان جون اصل تڪليفون پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ اچڻيون آهن... هن وقت، هندو سيٺين جي لٽمار توهان کي تڪليف پئي ڏئي پر بعد ۾ توهان کي پنجاب جي ڪاموراشاهي ۽ فوج ۽ يو پي جي ذهنيت سان منهن ڏيڻو پوندو.” جيتوڻيڪ ڏٺو وڃي ته سائين جي ايم سيد جي پوري زندگي سياسي تحرڪ ۾ گذري ۽ اها به حقيقت آهي ته سائين عمر جو وڏو حصو نظربندي ۾ گذاريو. ان صورتحال ۾ سوچڻ جي ضرورت آهي ته آخر ان پٺيان ڪهڙا سبب هئا، جو سائين جي ايم سيد جهڙو قدآور سياستدان جنهن پنهن ننهن چوٽي جو زور لڳائي، سنڌ اسيمبلي منجھان پاڪستان جي حمايت ۾ ٺهراءُ پاس ڪرائڻ کان ويندي، پنهنجي همعصر سنڌي سياستدانن جي تنقيد باوجود پاڪستان سان نڀايو، تنهن باوجود اڳيان هلي آخر هن کي پاڪستان کان عليحدگي وارو رستو ڇو اختيار ڪرڻو پيو؟ سائين جي ايم سيد پاڪستان تحريڪ ۾ سندس ڪردار ۽ ان کانپوءِ هن ۽ سنڌ سان ٿيل ويڌن متعلق پنهنجي ڪتاب “سنڌ ڳالهائي ٿي” ۾ تفصيلي لکيو آهي. ان ڪتاب پڙهڻ سان سائين جي جدوجهد ۽ بعد ۾ هن سان ٿيل دوکي جي پروڙ پئي ٿي. سنڌ جي پاڪستان ۾ شموليت جو اهم سبب خودمختياري وارو نقطو هو جنهن کي عملي جامو پهرائڻ جي واعدي تحت ئي سنڌ پاڪستان ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي. پر پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ بنگالين، سنڌين، بلوچن ۽ پٺاڻن سان جيڪي ويل وهايا ويا تن کي ڏسندي يقينن هر وطن دوست ماڻهو ڳالهائڻ تي مجبور بڻيو. پر سائين پاڪستان کان عليحدگي جي ڳالهه بنگال جي بنگلاديش ۾ تبديل ٿيڻ کانپوءِ ڪئي. پاڪستان ٺهڻ شرط سنڌ ۾ مهاجرن جي آمد جي مسئلي ۽ بعد ۾ ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ واري معاملي ڏاڍي ڳنڀيرتا پيدا ڪئي. هڪ طرف منزل مسجد گاهه واري معاملي کانپوءِ هندو‑مسلمانن وچ ۾ تضادن کي رد نه پئي ڪري سگھجيو ته، ٻئي طرف وري مرڪزي حڪومت طرفان مهاجرن کي ڪراچي ۾ آباد ڪرائڻ خاطر، هندن کي لڏڻ تي مجبور ڪيو پئي ويو. جيڪڏهن ظاهري طور ڏٺو وڃي ته سنڌ اندر هندو‑مسلمان فساد ضرور ٿيا هئا پر انهن پٺيان به مرڪزي حڪومت جو ئي هٿ هو. بهرحال اهي ۽ ڪجھ ٻيا اهڙا واقعا هئا جيڪي سنڌي سياستدانن خاص طور سائين جي ايم سيد کي مجبور ڪري رهيا هئا ته هو سنڌ لاءِ ڪا سياسي لائين منتخب ڪري. سنڌي هندن جي سنڌ مان لڏڻ سبب خالي ٿيل ملڪيت تي به ٻاهران آيل مهاجرن قبضو ڪرڻ شروع ڪيو، جنهن خلاف پڻ سائين جي ايم سيد ۽ ڪجھ ٻين سياستدانن مزاحمت ڪئي ته اهي وسيلا هيٺئين طبقي جي سنڌي مسلمانن تي خرچ ڪيا وڃن. پاڪستاني رياست شروع ڏهاڙن کانوٺي ننڍن صوبن جو استحصال ڪري رهي هئي پر اڳيان هلي ان استحصال کي قائم رکڻ ۽ ان خلاف مزاحمت اڳيان بند ٻڌڻ جي نيت سان، ان طرفان پاڪستان جي قومن جي اندر ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ جي سازش پڻ ڪئي وئي. ان حوالي سان فرحان حنيف صديقي مٿي ذڪر ڪيل ڪتاب ۾ لکي ٿو ته ۱۹۸۰ع جي ڏهاڪي ۾ سنڌي قوم کي ورهائڻ جو پاڪستاني رياست ضياءُ الحق جي شڪل ۾ پورو انتظام ڪري ورتو هو. ۸۰ع جي ڏهاڪي ۾ ضياءُ الحق آمريت خلاف ايم آر ڊي تحريڪ جي شڪل ۾ مزاحمت جاري هئي. ايم آر ڊي تحريڪ ۾ اهم ڪردار پ پ پ ادا ڪري رهي هئي پر اها اصل ۾ وفاقي سطح جي پارٽي هئي. پر ساڳئي وقت پ پ پ کانپوءِ ٻئين نمبر تي ايم آر ڊي ۾ ڪردار ادا ڪندڙ عوامي تحريڪ هئي. بقول فرحان صديقي جي ضياءُ الحق طرفان جمهوريت جي بحالي واري تحريڪ کي ماٺو ڪرڻ لاءِ سنڌي قوم ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي. ان ئي مقصد خاطر هن سنڌي قوم کي ٻن حصن يعني هڪ پاسي رسول بخش پليجو جي اڳواڻي ۾ جدوجهد ڪندڙ عوامي تحريڪ جيڪا ايم آر ڊي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي هئي، کي ڪمزور ڪرڻ ته، ٻئي طرف سائين جي ايم سيد جي رهنمائي هيٺ هلندڙ جيئي سنڌ محاذ کي ايم آر ڊي کان پري رکڻ جي سازش ڪئي وئي. اهو ئي وقت هو جڏهن سنڌ ٻن سياسي محاذن ۾ ورهائجي چڪي هئي، هڪ طرف ايم آر ڊي حمايت ته ٻئي طرف ايم آر ڊي کي صرف پ پ پ جي تحريڪ ڪوٺي ايم آر ڊي کان پري رهڻ جي صلاح ڏيندڙ محاذ هو. ساڳئي وقت سنڌ اندر ايم ڪيو ايم جهڙي اجگر بلا جو قيام به عمل ۾ اچي ويو، جنهن سبب پڻ سنڌ ۾ اردو ڳالهائيندڙ آبادي جي حوالي سان سنڌي قوم اندر ئي ڏڦيڙ وجھڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. هڪ طرف عوامي تحريڪ هئي جيڪا ڪنهن به صورت ۾ ايم ڪيو ايم سان گڏ ويهڻ لاءِ تيار نه هئي ته ٻئي طرف سائين جي ايم سيد جي جيئي سنڌ هئي جنهن طرفان سنڌي‑مهاجر ڀائيچاري جي نقطي تي ڳالهائيندي، ايم ڪيو ايم سان ويهڻ لاءِ پڻ رضامندي جي هامي ڀري پئي وئي. سائين جي ايم سيد کي به يقينن ٻين سياسي شخصيتن جيان هڪ شخصيت جي ئي حيثيت حاصل آهي ۽ يقينن سائين جي سياست ۾ ڪيتريون ئي سٺايون ته ساڳئي وقت ڪيتريون ئي اوڻايون به هيون ۽ مان سمجھان ٿو ته اهو هر ڪنهن جو حق آهي ته هو اخلاق جي دائري ۾ رهندي سائين جي سياسي زندگي جي ٻنهي پهلوئن تي ڳالهائي سگھي ٿو. تنهنڪري سائين سان سياسي طور ماڻهو ڪيترو ئي اختلاف ڪري سگھي ٿو پر اها حقيقت به تسليم ڪرڻي پوندي ته اهو سائين جو ئي ڪمال هو جنهن سنڌ جي تاريخ ۾ تڪراري ئي سهي بهرحال سنڌي قومپرستي کي دنيا جهان اڳيان پيش ڪرڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو. ساڳيءَ طرح سائين جي ادبي پورهيي کي پڻ ڪنهن به صورت ۾ نظرانداز نٿو ڪري سگھجي. جيتوڻيڪ سائين “جيئن ڏٺو آهي مون”، “سنڌ جا سورما” وغيرهه جهڙن ڪتابن لکڻ کانپوءِ ادبي حوالي سان به تڪراري شخصيت رهيو آهي. پر هر ڪنهن کي اظهار جي آزادي جو حق آهي جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو وٽ پنهنجي ڳالهه کي دليلن جي آڌار ثابت ڪرڻ جي اهليت آهي ته ان کي ڪنهن به صورت ۾ روڪي نٿو سگھجي. مان اميد ڪريان ٿو ته منهنجي هن مضمون سان ڪنهن جي به دل آزاري نه ٿي هوندي ۽ مان سمورن پڙهندڙن کي گذارش ڪيان ٿو ته اچو ته پاڻ سڀ گڏجي سنڌ اندر صحتمند تنقيد، تحقيق ۽ دليلن سان قائل ڪرڻ واري بحث مباحثي کي هٿي وٺرائيندي، سنڌي قوم کي دنيا جي نظرن ۾ سرخرو ڪيون. بهرحال منهنجي طرفان سنڌ جي هن امر ڪردار سائين جي ايم سيد جي ڄمڻ ڏينهن تي سڄي سنڌ کي لک لک واڌايون. جي ايم سيد ۽ اڄوڪي قومي تحريڪ عبدالخالق جوڻيجو دنيا جا سمورا غير معمولي انسان (پوءِ اهي پيغمبر هجن، انقلابي هجن يا وڏا سماج سڌارڪ) ٻه ڳالهيون ضرور ڪندا آهن جيڪي انهن کي عام انسانن کان مختلف ۽ منفرد ڪنديون آهن. هڪ ته اهي پنهنجي خاص سوچ، فڪر يا پروگرام ڏيندا آهن ۽ ٻيو عملي ڪردار ۽ سندن زندگيءَ جو پيغام اهو هوندو آهي ته انسانن جي نجات ان پروگرام ۾ آهي ۽ اهو پروگرام اهري ڪردار سان عمل ۾ اچي سگهندو. جي ايم سيد هن خطي جو هڪ غير معمولي انسان هئو. ان جي زندگي به انهن ٻن ڳالهين سان عبارت هئي. سندن سوچ اها هئي ته هن خطي جي ماڻهن جي نجات نيشنلزم ۽ سيڪيولر ازم سان وابسته آهي ۽ ان مقصد جي حاصلات لاءِ هن هڪ مثالي عملي زندگي گذاري. انهن غير معمولي انسانن کي جتي هڪ طرف وقت جي بالادست قوتن سان مهاڏو اٽڪائڻو پيو آهي اتي (خاص ڪري سندن وفات کانپوءِ) سندن پوئلڳن طرفان به وڏا مسئلا پيدا ڪيا ويندا رهيا آهن. جي ايم سيد سان به ساڳي صورتحال لاڳو رهي آهي. سيد جڏهن قوم پرستيءَ جي تعريف ڪئي آهي ته هن جديد قومر پرستي جو ذڪر ڪيو آهي. اتي سوال ٿو پيدا ٿئي ته هن جديد قومپرستيءَ جو اصطلاح ڇو استعمال ڪيو ۽ ان مان سندس مراد ڇا آهي. تاريخ ۾ قوم جو (۽ قوم پرستيءَ جو) تصور مختلف وقتن تي مختلف رهيو آهي. ڪڏهن قبيلي کي، ڪڏهن مذهب کي ته ڪڏهن ڪنهن ٻي ڳالهه کي قوم جو بنياد قرار ڏنو ويو. جي ايم سيد جنهن قوم پرستيءَ جي ڳالهه ڪئي آهي ان ارڙهين صديءَ ڌاري مغربي يورپ ۾ وجود ورتو. ان جا بنياد تاريخ، جاگرافي، زبان، ڪلچر ۽ مشترڪه مفاد آهن ۽ انهن ئي بنيادن تي دنيا ۾ قومن کي تسليم ڪيو وڃي ٿو. ان جي وجود وٺڻ جو هڪڙو خاص پسمنظر آهي. يورپ تي هڪ ڊگهي عرصي کان ٽن عنصرن جي بالادستي هئي. چرچ، جاگيردار ۽ بندوق جي زور تي قائم سلطنتون، اهو يورپ جو اونداهون دور سڏيو ويو آهي. جڏهن اتي سجاڳيءَ جو دور آيو ته ٽن نون عنصرن جو پراڻن سان مقابلو ٿيو. اهي هئا، سيڪيولرازم، ڪئپيٽلزم ۽ قومي رياستون ۽ پوءِ تاريخ جي فيصلي تحت پراڻن کي شڪست نصيب ٿي ۽ نئون يورپ دنيا جي نقشي تي نمودار ٿيو. ان مان ظاهر ٿيو ته جديد قوم پرستي ملائيت، جاگيرداري ۽ سامراجيت جي شڪست جي صورت ۾ وجود ورتو. ان مان اهو نتيجو نڪتو ته جديد دنيا جي قومي تحريڪ لاءِ لازمي آهي ته اها سيڪيولر هجي، لازمي آهي ته اها جاگيردار دشمن هجي ۽ لازمي آهي ته اها سامراج دشمن هجي. سنڌ ۾ قومي تحريڪ جي ارتقا جي تفصيل ۽ تشريح پيش ڪندي سائين جي ايم سيد جيڪو تجزيو ڪيو آهي ان مطابق نيشنلزم بمقابله پئن اسلامزم آهي. هڪ طرف پئن اسلامزم جي تحريڪ آهي (محمد بن قاسم ۽ جمال الدين افغانيءَ کان وٺي سر سيد احمد خان تائين) جنهن جو منشور ۽ مقصد اهو آهي ته سڄي دنيا جا مسلمان هڪڙي قوم آهن، مسلمان باقي ٻي سڄي دنيا کان معتبر (Superior) آهن ۽ سڄي دنيا تي مسلمانن جي حڪمراني هجڻ کپي. ٻئي طرف راجا ڏاهر کان وٺي سنڌ جي تشخص جي تحفظ جي جنگ مخدوم بلاول، دولهه دريا خان، هوش محمد شيدي، الله بخش سومري ۽ حيدر بخش جتوئيءَ کان ٿيندي (بنگلاديش جي قيام کان پوءِ) جديد بنيادن تي سنڌ جي آزاد ۽ خودمختيار رياست جي بحاليءَ واري جدوجهد تائين پهتي آهي. ان کان علاوه تاريخي علم ۽ پنهنجي تجربن جي روشنيءَ ۾ سائين ان نتيجي تي پهتو ته پيرن، ميرن، وڏيرن ۽ جاگيردارن سردارن مان سنڌ جي ڀلائيءَ جي اميد رکڻ اجائي آهي. اهو ئي سبب آهي ته ۱۹۷۲کان ڪوبه پير، مير، وڏيرو (بشمول سندس خاندان جي) سندس تحريڪ ۾ شامل نه رهيو. سنڌ جي قومي تشخص جي تلاش، تحفظ، بقا ۽ نجات لاءِ جنگ ڪرڻ جي پاداش ۾ سيد سان وقت جي حاڪمن ۽ انهن جي ايجنٽن جيڪي ورتاءُ ڪيو آهي ان بابت ڪافي لکيو ۽ ڳالهايو ويو آهي ۽ اهو مقابلو به اڃا جاري آهي پر اها به هڪ مڃيل ۽ ثابت ٿيل حقيقت آهي ته انساني جسم هجي يا انساني سماج اهو ٻاهرين حملن جو مقابلو تڏهن ڪاميابيءَ سان ڪري سگهندو ۽ اها مقابلي جي سگهه تڏهن پيدا ٿيندي. جڏهن اندروني نظام صحيح صورت ۾ هوندو. سو جيڪڏهن اسان سنڌ سان ۽ سنڌ جي قومي تحريڪ سان پنهنجي جسم وانگر پيار ڪريون ٿا ته پوءِ سنڌ جي صحت جي ضامن قومي تحريڪ جي اندروني نظام کي درست حالت ۾ رکڻو پوندو. اهو درست تڏهن ٿيندو جڏهن ان کي لاحق بيمارين جو علاج ڪبو ۽ جديد طب ٻڌائي ٿي ته بيمارين جو صحيح علاج تڏهن ٿيندو جڏهن انهن جي تشخيص ڪبي ۽ انهن جي وجود کي تسليم ڪبو. سڀ کان پهرين ۽ مکيه ڳالهه اها آهي ته قومي تحريڪ جي سيڪيولر بنيادن تي سوديبازي ڪندي ان کي مذهبي مُلن جو محتاج بڻايو ويو آهي. فڪري ۽ تاريخي حقيقت اها آهي ته جيڪا تحريڪ سيڪيولر ناهي اها قومي تحريڪ ٿي ئي نٿي سگهي. هتي صورتحال اها آهي ته اهي مذهبي انتهاپسند جيڪي سنڌين کي قوم ئي تسليم نٿا ڪن ۽ اعلانيه طور چون ٿا ته سڄي دنيا جا مسلمان هڪ قوم آهن، سڄي دنيا تي مسلمانن جي حاڪميت قائم ڪرڻ جي جستجو ٿا ڪن ۽ سڄي دنيا جي مسلمانن جي سنڌ ۾ آمد ۽ آبادڪاريءَ جا حامي آهن انهن کي قوم پرست ڪري پيش ڪيو ٿو وڃي. جڏهن ته اصليت ۾ اهي محمد بن قاسم، محمود غزنوي ۽ جمال الدين افغانيءَ جو تلسل ۽ انهن جانشين آهن. افسوس بلڪه ماتم ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته اهڙن بنياد پرستن کي پنهنجو هيرو ۽ ”سنڌ جو شهيد“ سڏيندڙن ۾ پاڻ کي جي ايم سيد جا سچا سپاهي چوائيندڙ سياسي ليڊر به آهن ته سقراط، سارتر ۽ ايڊورڊ سعيد جا ساٿاري سڏرائيندڙ دانشور ۽ ليکڪ به شامل آهن. قومي سوال بابت سنڌ جي قومپرست ليڊرن ۽ دانشورن جي اهڙي رويي ۽ ڪردار تي روسو کان وٺي فرانز فينن ۽ جي ايم سيد جهڙا عالم ۽ لينن کان وٺي منڊيلا ۽ الله بخش سومري جهڙا ليڊر قبر ۾ به پاسا وٽيندا هوندا. سڄي دنيا وانگر پاڪستان جا دانشور به هاڻي اهو ٿا چون ۽ لکن ته وڌندڙ مذهبي انتهاپسندي ۽ دهشت گرديءَ جو مکيه ڪارڻ تعليمي نظام اندر مختلف مذهبن وچ ۾ نفرت پيدا ڪندڙ مواد آهي تنهن ڪري مذهبي انتهاپسندي ۽ نفرت ۽ تفريق کي ختم ڪرڻ لاءِ فوجي ڪارروائيءَ سان گڏ ضروري آهي ته تعليمي نصاب کي درست ڪيو وڃي. جيڪا هن خطي ۾ سيڪيولر ازم لاءِ ڪيل جي ايم سيد جي جدوجهد جي ڪاميابي آهي. پر ڪيتري نه شرم جي ڳالهه آهي ته جي ايم سيد کي رهبر چوندڙ هڪ فرقي پرست تنظيم سان گڏجي سکر جهڙن شهرن ۾ مظاهرا ٿا ڪن ته نصاب مان اهي مذهبي تفريق ۽ فرقي پرستيءَ تي ٻڌل سبق خارج نه ڪيا وڃن. ان کان اڳ ۾ سيتا ۾ هڪ اهڙو واقعو ٿيو جنهن سنڌ جي پنج هزار سالا تاريخ کي لڄائي ڇڏيو، سنڌي قوم جي انسان دوستي، رواداريءَ ۽ ڀائيچاري وارين دعوائن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو ۽ لطيف، سچل، مخدوم بلاول، شاهه عنايت ۽ جي ايم سيد جي انسانيت ۽ عالمگيريت واري پيغام کي داغدار ڪري ڇڏيو جڏهن هڪ انسان کي مذهب جي آڙ ۾ باهه ڏئي ساڙيو ويو. جنهن وقت ان انسان سان گڏ انسانيت سڙي رهي هئي ته ان جي چوڌاري نعرا هڻندڙن جي هٿن ۾ ڪهاڙيءَ وارا ڳاڙها جهنڊا هئا. اهو منظر يوٽيوب ذريعي سڄي دنيا ڏٺو. ٻي ڳالهه ته، جيئن شروع ۾ ذڪر ٿي چڪو، قومي رياستن وجود ورتو فيوڊلرزم جي شڪست ٿي. سائين جي ايم سيد جي به هر ڪتاب ۾ ۽ هر ڪتاب جي هر باب ۾ پير، مير، جاگيردار جي قوم دشمن ڪردار جو ذڪر ٿيل آهي. پر هتي ڪيترا جي ايم سيد جي نالي تي ۽ قوم پرستيءَ جي نعري تي سياست ڪندڙ همراهه انهن ئي پيرن، ميرن، جاگيردارن ۽ سردارن جون سلاميون ڀرن ٿا، انهن کي پيرين پون ٿا ۽ انهن کي پنهنجو ليڊر ۽ سنڌ جو نجات ڏياريندڙ قرار ڏين ٿا. جاگيرداريءَ کي جلا بخشيندڙ ادارو جرڳو آهي جتي اڪثريتي غريب عوام جي قتلن جي قيمت لڳائي ويندي آهي جنهن مان جاگيردار/سردار ڪميشن کائيندو آهي ۽ جتي غريب پورهيتن جي ڀينرن ۽ ڌيئرن جي عزتن جا سودا ڪيا ويندا آهن. ڪيترا قوم پرست اڳواڻ انهن جرڳن ۾ جاگيردارن جي پاسي ۾ ڪرسيءَ تي ويهڻ پنهنجي لاءِ فخر ۽ اعزاز سمجهندا آهن. ٻيا وري هڪڙا قومپرست ليڊر اهڙا آهن جيڪي پاڻ اهي جاگيردارن ۽ سردارن وارا ڪم ڪندا آهن ۽ مُلن واريون ريتون رسمون اختيار ڪندا آهن. ان مٿان ظلم ته وري اِهو ته اُهي پاڻ کي ترقي پسند سڏائيندا آهن. جديد قومپرستيءَ جي ٽين بنيادي وصف سامراج دشمني آهي. ٻي عالمي جنگ کانپوءِ دنيا جي سڀ کان وڏي سامراجي قوت آمريڪا آهي جنهن جو ڪم ۽ مقصد ئي ملڪن، قومن ۽ انسانن کي غلام بڻائي انهن جي وسيلن جي ڦرلٽ ڪرڻ آهي. ان مقصد جي حاصلات لاءِ اهو هڪ طرف مني سامراجي رياستن (جهڙوڪ اسرائيل، پاڪستان ۽ ترڪي وغيره) جي پالنا ڪندو آهي ته ٻئي طرف بدترين وحشي ڊڪٽيٽرن جي تربيت ۽ پرورش ڪندو آهي جيڪي لکين انسانن کي قتل ۽ هزارن کي گم ڪري ڇڏيندا آهن. انڊونيشيا جو سوهارتو، فلپائين جو مارڪوس، چلي جو پنوشي ۽ پاڪستان جو ضياءُ الحق رڳو چند مثال آهن. دنيا جي آزادي پسند رهنمائن جهڙوڪ سوئيڪارنو، لممبا، بن بيلا، نڪروما ۽ شيخ مجيب جي حڪومتن جا تختا اونڌا آمريڪا ڪرايا، دنيا ۾ قومي آزادي ۽ سوشلزم جي تحريڪن جي حمايت ۽ مدد ڪندڙ سوويت يونين کي ڊاهڻ خاطر سڄي دنيا جي مذهبي انتهاپسندن جي مدد آمريڪا ڪئي. جنهن جا نتيجا اڄ انسانذات ڀوڳي رهي آهي. آزاد ۽ خودمختيار ملڪن عراق، ليبيا ۽ شام تي چڙهائي ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ دهشت گردي، جنگ ۽ تباهي ڦهلجي ٿي رهي. ڪيتري نه حيرت جي ڳالهه آهي ته قومي آزاديءَ جا نعرا هڻندڙ ۽ جي ايم سيد جو نيشنلزم، سيڪيولرزم، سوشلزم ۽ جمهوريت وارو منشور رکندڙ پارٽيون ۽ ليڊر آمريڪا کي مدد لاءِ منٿون ڪندا ٿا رهن. هڪڙا ته اهڙا به آهن جيڪي اسرائيل کي به اپيلون ڪندا رهندا آهن جيڪا پاڪستان وانگر مذهب جي نالي تي ۽ فلسطين جي ڌرتيءَ جي قبضو ڪري ٺاهيل رياست آهي. ٻيا وري اهڙا آهن جيڪي ڪشميرين جي حق خوداراديت واري جدوجهد جي ان ڪري حمايت نٿا ڪن ته ان سان ڀارت ناراض ٿيندو. (سنڌ جي قوم پرستي پارٽين مان جيئي سنڌ محاذ واحد جماعت آهي جيڪا واضح نموني ڪشميري جدوجهد جي حمايت ڪري ٿي). انهن کي شايد اها خبر ناهي ته جيڪا قوم ٻين جي غلاميءَ جي حمايت ڪندي اها پاڻ ڪڏهن به آزاد ٿي نه سگهندي. قومي آزاديءَ جهڙي اعليٰ ترين آدرش لاءِ عملي ڪردار به اهڙو ئي اعليٰ گهرجي جنهن جو مثال سنڌ ۾ جي ايم سيد پيش ڪيو. جي ايم سيد خانداني ملڪيت ۾ ڪوبه اضافو نه ڪيو، اڃا به اها ملڪيت قومي تحريڪ تي خرچ ڪيائين. پر اڄوڪي سنڌ ۾ ڪيترن قوم پرست ليڊرن قومي تحريڪ کي استعمال ڪندي دولت جا انبار گڏ ڪيا ۽ ڏسندي ڏسندي پورهيت مان جاگيردار بڻجي ويا. سيد جو اصول هئو ته نيڪ مقصد صرف نيڪ طريقن ۽ ڪردار سان حاصل ڪري سگهجي ٿو، جڏهن ته انهن اڳواڻن جو ايمان آهي ته نيڪ مقصد لاءِ سڀ ڪجهه جائز آهي ۽ ڪوبه ڪڌو ڪم ڪرڻ بجا آهي. جي ايم سيد پنهنجي سموري سياست، خاص ڪري قومي آزاديءَ جو پروگرام ڏيڻ کانپوءِ، قلم ۽ ڪتاب ذريعي ڪئي پر ان جي نالي تي سياست ڪندرن عملي طور ڪتابن کي باهيون ڏنيون ۽ استادن کي چماٽون هنيون. ڪنهن ڏاهي جو چوڻ آهي ته جيڪي اڄ ڪتاب ساڙيندا اهي صبحاڻي انسانن کي ساڙيندا. جن يونيورسٽيءَ ۾ ڪتابن کي ساڙيو انهن سيتا ۾ انسان کي ساڙيو. جي ايم سيد جو پنهنجي سموري جدوجهد دوران مقابلو حڪمرانن سان ۽ مُلن سان رهيو. حڪمرانن ۽ ملن جو هميشه ڪم فتوائون جاري ڪرڻ رهيو آهي. جيڪو به ماڻهو انهن جي سوچ کان مختلف سوچ رکندو ان خلاف ڪافر ۽ غدار جون فتوائون جاري ڪيون وينديون آهن پوءِ اهو سقراط هجي، گئليلو هجي، بلاول هجي يا سرمد هجي. جي ايم سيد خلاف به حڪمرانن ۽ مولوين ايئن ئي ڪافر ۽ غدار جون فتوائون جاري ڪيون. هاڻي وري اهو ئي ڪم پاڻ کي سيد جا سچا پوئلڳ، جانشين ۽ سندس فڪر جا چوڪيدار چوائيندڙ ڪن ٿا. جيڪو ماڻهو انهن جي مخصوص ۽ مجروح سوچ ۽ ڄاڻ کان ٻاهر ڪا ڳالهه ڪري ٿو ته يڪدم ان خلاف ڪفر جي فتوا جاري ڪريو ٿا ڇڏين. هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته سيد جي فڪر، پرگرام ۽ ڪردار جي ابتڙ اهي سمورا عمل اهي همراهه رڳو پنهنجي ڪم علميءَ جي ڪري ٿا ڪن يا ڪِن ننڍن ذاتي مفادن خاطر يا سيد جي خلاف ڪنهن وسيع منصوبي جي حصي طور ٿا ڪن؟ جي ايم سيد جديد قومپرستيءَ جو باني حيدري چانڊيو جي ايم سيد، ها سائين جي ايم سيد جنهن جو جنم ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ع تي سنڌوءَ جي ڪناري تاريخي ڳوٺ ’سن‘ سيد خاندان حيدر شاهه جي پشت مان سيد محمد شاهه جي گهر ۾ پيدا ٿيا. هو وسيع نظر، روشن خيال، خودداري، بصيرت راءِ، پختگي فڪر، زاهد و تقويٰ جهڙين خوبين جو مالڪ هيو. سچ ته جدوجهد جي عمل ۾ پهاڙن وانگر بلند حوصلو رکندڙ، ستارن وانگر روشن خيال، چوڏهين جي چنڊ جهڙي صاف روشني جهڙو شفاف ڪردار، سج جي روشن ڪرڻن جهڙي سچائي، سمنڊ وانگر وسيع علم وارو، سنڌو درياهه جهڙي روان دوان طبيعت ۽ همه گير صلاحيتن جو مالڪ، مهمان نواز، خليق ۽ شفيق جي مجموعي جو نالو جي ايم سيد آهي، هن عظيم انسان تي لکڻ لاءِ منهنجي گهٽ ڄاڻ ۽ اڌورو علم ڪافي ناهي پر پوءِ به پنهنجي وت ۽ وس آهر چوندس ته سائين جي ايم سيد صدين کانپوءِ سنڌي قوم کي هڪ اهڙي رهنما ۽ مفڪر جي حيثيت ۾ مليو، جنهن وٽ عملي طرح پنهنجي فڪر جو تقسيم موجود هيو، جيڪو شاهه عبداللطيف ڀٽائي گهوٽ جي شاعري ۾ ته موجود هيو پر ان فڪر جو عملي پيروڪار سائين جي ايم سيد ٿي ڏيکاريو! اهڙن عظيم انسانن لاءِ شاهه عبداللطيف کي چوڻو پيو ته: ڪاڪ نه جهليا ڪاپڙي، موهيا ڪنهن نه مال، جي ڇورين ڏنا ڇال، ته به لاهوتي لنگهي ويا. ڏٺو ويندو ته ڀٽائي گهوٽ جي شاعري آيتن جي صورت ۾ اسان جي اونداهي اندر ۾ سج وانگر سوجهرو پيدا ڪري ٿي ته جي ايم سيد وري ان فڪر جو تفسير بڻجي قومي اڳواڻ جي حيثيت سان اسان جي منزل کي اجاگر ڪيو، کيس سنڌ ۽ سنڌي قوم جي عشق ۾ نظربنديون ۽ جيل جون مصيبتون ۽ پراون سان گڏ پنهنجن جون عقوبتون سهندي پنهنجي اصول کان نه هٽيو، هن تي اهي فتوائون به لڳيون ته هي سنڌي قوم خاص طرح سنڌي نوجوانن کي ڪافراڻيون ڳالهيون ٻڌائي سندن ايمان جو ٻيڙو ٻوڙي رهيو آهي! مطلب ته هن جي راهه ۾ ڪيئي رڪاوٽون وجهي کيس جهڪائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر هو ڪنهن جي اڳيان نه جهڪيو. آئون سمجهان ٿو ته سائين جي ايم سيد جابرن اڳيان جهڪڻ نه پر کين جهُڪائڻ يا مهاڏي اٽڪائڻ لاءِ آيو هو، ڪنهن به لُٽيري رهزن سنڌي قوم جي حقن تي ڌاڙي هڻڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي ته جي ايم سيد آواز اٿاري ٿي چيو ته خبردار متان ائين ڪيو اٿئي! سائين جي ايم سيد برصغير پاڪ هند جي اختلافي شخصيت هجڻ سان گڏ نهايت انقلابي شخصيت جو مالڪ هيو، هو سنڌ جي سياست جا سمورا گر ڄاڻڻ سڃاڻڻ سان گڏ هڪ اهڙي دل به رکندڙ هو جيڪا قوميت سان گڏ انساني جذبن سان سرشار هئي، هو عملي سياستدان هجڻ سان گڏ وڏو سياسي مفڪر به هو. هن سنڌي قوم جي اصلاح، توڙي خودمختياري جي جدوجهد جي سلسلي ۾ حال آهر اڀرندڙ سج جي پوڄارين جي وچ ۾ ويهي ڪري گهڻو ڪجهه ڪيو، پنهنجي علم عقل جي وسعت ۽ گهرائيءَ پنهنجي غور فڪر جي روشني، پنهنجي عمل ۽ ڪردار جي بلندي، پنهنجي سچائي، پنهنجي سياسي سماجي سگهه ۽ سمجهه سان سنڌي قوم جي ڀلائي لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو، هن سياسي سماجي ميدان ۾ رهندي سندس سارو توجهه سنڌي قوم جي اخلاقي اصلاح ۽ تربيت طرف رهيو، سندس هر تقرير تحرير ۾ خاص طرح نوجوانن لاءِ اهو پيغام هوندو هو ته اخلاق سڌاري بلند اخلاق بڻجو! انهيءَ ۾ اوهان جي ڀلائي جو راز سمايل آهي، حضرت علي عه جو قول آهي ته ”دنيا جي هر ميدان ۾ هار ۽ جيت هوندي آهي پر اخلاق ۾ ڪڏهن به هار نٿي ٿي سگهي، تڪبر ۾ ڪڏهن به جيت نه هوندي آهي.“ کين اها هدايت به ڪندو رهندو هو ته اوهان خوف ۽ لالچ کان پري رهو! پاڻ اجائي ڏيک ويک کان قطعي پري، نهايت ئي اعليٰ اخلاق جا مالڪ ۽ صوفي منش انسان هو، مون پنهنجي عمر جا ٽيهارو سال سندس نياز مندي ۾ گذاريا، هن وقت مون اسي سال جي ڏهاڪي ۾ پير پاتو آهي. سائين جي ايم سيد سان گذاريل ٽيهن سالن کي ئي سجايو سمجهان ٿو، باقي عمر ڄڻ اجائي گذري! مون جي ايم سيد جهڙي عظيم انسان جي ڪچهرين ۾ ويهي، ماکيءَ کان به وڌيڪ مٺن گفتن ۽ سچائيءَ جي شفاف چشمن مان جيڪي چُڪيون چکيون، انهن جي روحاني لذت کي مون پنهنجي سيني ۾ سانڍي رکيو آهي، ساڻس گڏ گهاريل گهڙيون منهنجي زندگيءَ جو اهم سرمايو آهن. هي هڪ حقيقت آهي ته سائين جي ايم سيد جن کي به سنڌي قوميت جو ڀرپور پيالو پنهنجي هٿن سان تيار ڪري اکيون اکين ۾ ملائي هڪ خاص انداز اچي چئي پياري پُر ڪيو. انهن کان اڃان تائين خمار نه لٿا آهن، اهي قوميت جي مئي جا متوالا اڄ به جهومندي نظر اچن ٿا ۽ پنهنجي منزل جي ايم سيد جي ڏنل پيغام ۾ ٿا سمجهن ۽ سندس اصولن تي ڪاربند پنهنجي حال آهر جستجو ۾ مصروف آهن ۽ اها اُميد اٿن ته هڪ ڏينهن ظلم جو ڪوٽ ضرور ڪرندو. هڙ ۾ ڪين هون، هوئين هنن نه چاڙهيا، سارو ڏينهن سمونڊ تي، لهي سج ويون، جڏهن سائينءَ سبب ڪيون، ته ستڙ ٿيا سيد چئي! جي ايم سيد سان جڏهن به سنڌ جي مختلف يونيورسٽين، ڪاليجن ۽ اسڪولن جا وفد ملڻ لاءِ ايندا هئا ته ساڻن مخاطب ٿيندي چوندو هو ته اوهان پنهنجي ڌرتيءَ سنڌ سان وابستگي، پنهنجي سنڌي زبان سان محبت، قديم روايات ۽ پنهنجي ڪلچر سان دلچسپي اوهان جا مشعل راهه هئڻ گهرجن، سنڌ کي اتحاد انساني، امن عالم، ترقي نوع انسان لاءِ پيغام آهي، اوهان کي ان پيغام جو مشنري ٿي ڪم ڪرڻو آهي، سنڌ ڌرتي دنيا لاءِ محبت ۽ امن جو پيغامبر آهي، سنڌ حب الوطني، وفا، قرباني، مهمان نوازي، رواداري، غيرت جي صفات جو مخزن آهي، سندس مٽي اسان لاءِ خاڪ شفا آهي، سندس پاڻي اسان لاءِ آب ڪوثر آهي، ان جي هر چيز باعث رحمت آهي. پيغمبر خدا کي به سرزمين سنڌ کان ٿڌڙي هير لڳي هئي، ان ڪري سندن دعائون مٿس سدائين وسن پيون، سنڌ جا دوست اسان جا دوست آهن، ان جا دشمن اسان جا دشمن آهن، اسلام بابت جي ايم سيد جو چوڻ آهي ته اسلام ماڻهن جي وچ ۾ مذهبن، نسلن، قومن ۽ رنگن جي نالي ۾ کڙي ڪيل ديوارن کي ڊاهي ختم ڪري انسان ذات ۾ اتحاد، امن، فلاح ۽ بهبود پکيڙڻ لاءِ آيو هو، اهو دين فطرت هو، ان ۾ سڀني مختلف مذهبن جي ظاهري ڪثرت پويان بنيادي وحدت سمايل هئي، اهڙي تعليم جو فروغ صحيح سمجهاڻي، اخلاق درستگي ۽ نفسياتي اصلاح ذريعي تاليف قلوب، رواداري ۽ باهمي اتفاق گفتگو وسيلي ٿيڻ هو، تشدد، نفرت، خود مطلبي ان جي راهه ۾ رڪاوٽون هيون، دين جي معاملي ۾ زور زبردستي بلڪل ناجائز هئي، پيغمبر خدا رحمت اللعالمين ٿي آيل هو، هو غلامن کي آزاد ڪرائڻ، اجائي ڦرلٽ ظلم زيادتي کي بند ڪرائڻ، انصاف جو دور قائم ڪرڻ ۽ دنيا ۾ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ آيل هو. مذهب اسلام جي ٻي گروهه جو چوڻ هو ته مذهب اسلام هڪ نئون مڪمل عالمگير مذهب ٿي آيل هو، ان جي اچڻ سان ٻيا سڀ دين رد ٿي ويا هئا. انهن مطابق ملڪن تي چڙهايون ڪري خونريزي ڪرڻ، ان تي قبضو ڪري ڦرلٽ ڪرڻ، مردن عورتن کي غلام ڪري رڍن ٻڪرين وانگر وڪرو ڪرڻ جهڙين ڪمن کي جائز ڄاتو ٿي ويو. اڃان تائين مسلمان ساڳي طرح ٻن گروهن ۾ ورهايل آهن، جن ۾ پهرين گروهه جي مڃيندڙن کي بزرگن ۽ درويشن جو گروهه چيو وڃي ٿو. هنن جو چوڻ آهي ته اسلام جو فروغ تلوار ۽ تشدد جي ذريعي ڪو نه ٿيو هو، بلڪه تاليف قلوب ۽ بهترين اصولن جي ڪري ماڻهن قبول ڪيو هو، هڪ طرف مذهب اسلام امن امان جي خواهش ڏيکاري ٿو ۽ اهڙي تلقين ڪري ٿو، ٻئي طرف ڏسبو ته دنيا ۾ سڀ کان زياده بدامني ۽ خونريزي مذهب اسلام جي نالي ۾ ٿي رهي آهي. انهيءَ ۾ مذهب جو ڪو به قصور ناهي، ڇوته اسان جي تعليم ۽ درس واري عمل ۾ اهڙو سڌارو آڻڻ جي گهرج آهي، جنهن کان اسين وانجهيل پسجي رهيا آهيون. سائين جي ايم سيد ويهين صديءَ جو عظيم سياستدان ڊاڪٽر مير عالم مري گذريل صدي يعني ويهين صديءَ ۾ سنڌ اندر سياسي نظرين جي لحاظ سان وڏي اٿل پٿل رهي. پر وطن ۽ قوم جي بنياد يا انڪار جي حوالي سان ٽي فڪر رهيا ۽ ٽنهي جو پاڻ ۾ ٽڪراءُ رهيو. (۱) اکنڊ ڀارت جو نظريو (۲) مذهبي قومي تصور ۽ ڀارت جي ورهاڱي جو نظريو (۳) سنڌ جي آزاد رياست جو نظريو. (۱) اکنڊ ڀارت جو نظريو، جيتوڻيڪ برطانوي سامراج مخالف هو، پر ڀارت اندر تاريخي قومن جي وجود ۽ انهن جي آزاد رياستن جي حق کان انڪاري هو. انڊين نيشنل ڪانگريس ۽ مهاتما گانڌي ان جا وڏا حامي ۽ پرچارڪ هئا. (۲) مذهبي قومي تصور ۽ ورهاڱي جي نظريي جا حامي، برطانوي راڄ جا اڻ سڌا حامي ۽ انهن جي معرفت پاڪستان جي قيام لاءِ راهه هموار ڪري رهيا هئا. مسلم ليگ ۽ قائد اعظم ان جا وڏا حامي ۽ پرچارڪ هئا. (۳) آزاد سنڌ جو نظريو: هي ڳالهه سڀ کان پهرين، سنڌ مان مولانا عبيدالله سنڌي ڪئي. ٻي عالمي جنگ کانپوءِ جي عالمي ۽ علائقائي حالتن ۽ بغاوت جي پسمنظر ۾ مٿي بيان ڪيل سياسي نظرين مان فقط مذهبي قومي تصور تحت پاڪستان جي قيام جو ماحول ٺهيو، نه اکنڊ ڀارت رهيو ۽ نه سنڌ سميت ٻين ملڪن آجپو ماڻيو. جيتوڻيڪ برطانوي تسلط جو دور پورو ٿيو. ان کانپوءِ مختصر عرصي اوڀر پاڪستان بنگلاديش بنجي ويو. سائين جي ايم سيد ويهين صديءَ جي اهم سياسي شخصيت آهي. سيد پنهنجي حياتيءَ ۾ ۷۵ سال سياسي، ادبي ۽ عملي جدوجهد ڪئي. سندس پنجونجاهه ڪتاب لکيل آهن، جن مان اڪثر ڇپيل آهن ۽ مختلف ٻولين ۾ ترجما ٿي چڪا آهن. ڪل ملائي ۳۲ سال قيد ۽ نظربندي ڀوڳيائين. سڀني با اثر وڏن ماڻهن وانگر سائين جي ايم سيد جا مداح به آهن ته ڪٽر مخالف به. پر ڪجهه بنيادي ڳالهيون، جيڪي جي ايم سيد جا مخالف به تسليم ڪن ٿا، اهي هي آهن ته سيد سڄي زندگي سنڌ ۽ سنڌين جي ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪيو. پنهنجي خيالن ۽ نظرين تي اٽل رهيو ۽ هن ڪڏهن به سوديبازي ڪري رعايتون نه ورتيون. هو قومپرستيءَ جي جديد نظريي جو باني ۽ سنڌين ۽ سنڌ جي سڃاڻپ آهي. آئون جي ايم سيد جي سڄي حياتيءَ جي جدوجهد کي ٽن حصن ۾ ورهايان ٿو: پهريون دور ۱۹۱۷ع کان ۱۹۴۶ع تائين. ٻيو دور ۱۹۴۶ع کان ۱۷۷۱ع تائين ۽ ٽيون دور ۱۹۷۲ع کان وفات تائين. ٽنهي دورن ۾ سيد جا نظريا، خيال ۽ پارٽيون تبديل ٿيون. تجربن ۽ غلطين مان بهتر نتيجا ڪڍندو رهيو، پر ٽنهي دورن ۾ هڪڙي ڳالهه مشترڪ آهي ته جي ايم سيد وٽ شروع کان آخر تائين، اوليت ۽ اهميت هميشه سنڌ ۽ سنڌي قوم جي مفادن جي رهي. تنهن ڪري سيد، سنڌ جي سياست جو بنيادي حوالو آهي. ڪالم جي شروع ۾ مون ننڍي کنڊ ۾ ٽن سياسي جماعتن جي ڳالهه به ان ڪري ڪئي، جو جي ايم سيد جي سڃاڻپ ته سنڌ آهي، پر هو ننڍي کنڊ جو اهم سياستدان به هو. جيڪي به ماڻهو ننڍي کنڊ جي سياست کي، ڀارت ۽ پاڪستان کي يا سنڌ ۽ سنڌي قوم کي سمجهڻ ۽ پرکڻ چاهين ٿا، انهن لاءِ جي ايم سيد کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ لازمي آهي، ڇاڪاڻ ته جي ايم سيد جي راءِ گهٽ ۾ گهٽ سنڌ جي حوالي سان Authority آهي. ننڍي کنڊ جي سياسي نظرين جي لحاظ کان ڪالم جي شروعات ڪرڻ جو ٻيو سبب اها تنقيد آهي، جيڪا سيد جا مخالف ڪندا آيا آهن ته سيد سنڌ جي آجپي جو نعرو (۱۹۷۲ع) وقت کان اڳ ڏنو آهي. ننڍي کنڊ جي ان وقت جي سياسي نظرين جو حوالو ڏيئي، منهنجو مقصد انهن مخالفن کي اهو ياد ڏيارڻ آهي ته آزاد سنڌ جو نعرو ۱۹۷۲ع ۾ وقت کان اڳ جو نه آهي، پر جي ايم سيد جي سياسي تجربن کانپوءِ جو آهي، نه ته مولانا عبيدالله سنڌي ۱۹۴۰ع ڌاري اهو نظريو ڏئي چڪو هو ۽ ۱۹۴۳ع ڌاري شهيد سورهيه بادشاهه آزادي يا موت، وطن يا ڪفن جي نعري تحت گوريلا جنگ ڪري تختهء دار تي به چڙهي چڪو هو. دراصل نظريا جنم ئي تڏهن وٺندا آهن، جڏهن معاشري کي انهن جي ضرورت هوندي آهي. جيئن سرمائيداري جي ارتقا ۾ مارڪسزم جو نظريو، وقت جي ضرورت هئي يا انتها پسنديءَ خلاف زرعي معاشرن ۾ تصوف ۽ پاپائيت خلاف سرمائيدار معاشرن ۾ سيڪيولر ازم جي نظريي جي ضرورت هئي، ڇاڪاڻ ته نظريو ڏيندڙ صرف پنهنجي ذهني اختراع وسيلي ذهني عياشي نه ڪندو آهي، پر اهو انساني معاشري جي تاريخ، حالتن ۽ ضرورت کي گهڻ پاسائون ڏسي، اهڙا نتيجا ڪڍندو آهي، ان لاءِ ۽ ڪو هڪڙو واقعو نه، پر ڪيئي واقعا سبب بڻبا آهن. ۱۹۷۲ع ۾ چند نوجوانن تي مشتمل پنهنجي نظريي جي شروعات ڪندڙ جي ايم سيد جي هلچل، ’جيئي سنڌ‘، اڄ سنڌ جي لکين ماڻهن جي دلين جي ڌڙڪن، ۽ زبان تي نعري جي صورت وٺي رهي آهي، کڻي جو ڪيترائي ٿاڻا، ٽارچر سيل، جيل ۽ قبرون اها ڳالهه ثابت ڪن پيون ته سنڌ جي ويرين سيد جي فڪر ۽ تحريڪ کي ڪچلڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي، پر پوءِ به تحريڪ ۾ واڌ آئي آهي، جنهن سان به ثابت ٿئي ٿو ته هي نظريو ڪو اوچتو يا وقت کان اڳ جو ناهي. اڄ به سنڌ ۾ ڀلي کڻي ڪيتريون ئي سياسي جماعتون هجن، پر سياسي حوالي سان ٻه صرف ڪيمپون آهن، هڪ سنڌ دوست ڪيمپ ۽ ٻي سنڌ دشمن ڪيمپ. اهو جي ايم سيد ۽ جيئي سنڌ هلچل جي جدوجهد جو ڪمال ۽ وقت جي ضرورت آهي ته وفاق پرست جماعتون (جن مان اڪثر پنهنجي فڪر و عمل ۽ جوهر ۾ سنڌ دشمن آهن) پاڻ لاءِ سنڌ دوست تاثر ڏيڻ تي مجبور آهن ۽ اها اسان جي ڪمزوري آهي ته سنڌ دوستيءَ جون دعويدار ڌريون، وفاق پرستن سان هٿ ملائين ٿيون. اهي سنڌ دشمن ڌريون، جيڪي پاڻ کي سنڌ دوست سڏائين ٿيون، ۽ ڌارين ۽ انتها پسندن سان گڏجي سنڌ جي حقن جي حاصلات لاءِ پارليماني واٽ وٺن ٿيون. انهن جا نتيجا ته ۱۱ مئي وارين چونڊن بعد پڌرا ٿيندا، پر آئون اڄ ئي چئي ڏيان ٿو ته قومپرست سياسي پارٽيءَ جي حيثيت ۾ يا قومپرست اتحاد جي حيثيت ۾ اهي سوڀارا نه ٿيندا، ڇاڪاڻ جو اهي جي ايم سيد جي تحريڪ کي ڌَڪين ۽ ڌِڪين ٿا ۽ رياست جي دوستن جي ڪيمپ ۾ انهن جي شرطن ۽ طريقن سبب داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪن پيا، جن کي سنڌ جو عوام رد ڪندو، ڇاڪاڻ جو سنڌ جي عوام جي نظرن ۾ قومپرستي، جيئي سنڌ سان مشروط آهي ۽ جي ايم سيد سان ڳنڍيل آهي. آخري ڳالهه ته جيتوڻيڪ سيد جي فڪر واري تحريڪ، چند نوجوانن کان شروع ٿي لکين ماڻهن تائين پهتي آهي، پر ان ۾ ٻه اوڻايون آهن، هڪ ته اها ٽڪرن ٽڪرن ۾ ورهايل آهي ۽ ٻيو فڪري لحاظ سان، ڪارڪنن جي تربيت ناهي. آدمشماري ۾ واڌ، تعليم جي شرح ۾ اضافي، ميڊيا جي ذريعن ۽ ترقي ۽ ٻين سببن جيتوڻيڪ هلچل ۾ مقداري واڌ آئي آهي، پر اها واڌ غير معياري آهي. اڄ جڏهن اسين، سن ۾ رهبرِ سنڌ جي ورسيءَ جي موقعي تي ڪارڪنن سان مخاطب آهيون ته ان وقت اسان جي سامهون جيڪي وڏا چئلينج آهن ۽ جيڪي اڄ جون ضرورتون به آهن، اهي هي آهن: . جيئي هلچل، جيڪا مختلف تنظيمن ۽گروهن ۾ ورهايل آهي، انهن گروهن جو تعداد گهٽائي منتشر طاقت کي منظم ڪريون. ڪارڪنن ۽ حامين جي فڪري تربيت ڪريون. ۱۹۷۳جي ايم سيد جي فڪر جي بنياد تي پنهنجي طاقت کي گڏ ڪريون ۽ پنهنجي فڪر ۽ طاقت جي بنياد تي سياست ڪريون.. انتهاپسندي ۽ دهشتگرديءَ کان خوفزده ٿيڻ ۽ انهن جو ساٿ حاصل ڪرڻ جون سڀ ڪوششون رد ڪري، جي ايم سيد جي تصوف، مذهبي رواداري ۽ سيڪيولرزم جي مورچي کي منظم، مضبوط ۽ وسيع ڪريون. .ڪارڪن ته هزارين/لکين پيدا ٿي چڪا آهن، پر هاڻي پنهنجي تحريڪ ۾ چند سُلجهيل ۽ هم آهنگ سياستدانن جي ٽيم به تيار ڪريون، ته پوءِ بيشڪ سيد جو خواب، ساڀيان حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندو. سيد، اڪيلو هو، پر رياستي ادارن ۽ ان جي حامين تي حاوي هو. پر اسين تعداد ۾ کڻي جو وڌيا آهيون، پر مقابلي جو معيار اهو ناهي. مقابلي جو معيار وڌائڻ ۽ ميدان جي چونڊ اسان کي ڪرڻي آهي. طريقو پنهنجي سگهه، حالتن آهر اختيار ڪبو ۽ فيصلو ايندڙ وقت ئي ڪندو. سائين جي ايم سيد جنهن سنڌين کي سنڌ ارپي هيمون ڪالاڻي/ حيدرآباد سنڌ جي هِنئين ۾ هرندڙ هي اپريل جا ڪوسا ڏينهن ۽ دردن جي دونهين ۾ دزجندڙ ڏينھن لاءِ امن عالم جو پيغام رکندڙ هيءَ ڌرتي، جنهن جي وجود تي دشمن گھات هڻڻ لاءِ آتو آهي. اتي سيد جون اکيون جل ٿل بڻجي اندر ۾ اوتبيون ٿيون اچن. سائين جي ايم سيد، جنهن نئين سنڌ جي تخليق ڪندي، ان جو شاندار ماضي ورائڻ لاءِ جيڪي جتن ڪيا، قيد ۽ نظربندين جون عقوبتون سَٺيون، انهن لمحن سميت هن قافلي جي هر هڪ شهيد جي ساهه جي آخري هڏڪيءَ جو قرض ۽ ان جو احتساب پڻ سن ۾ ٿيڻو هوندو آهي ته اڄ هن پٿرائين ڌرتيءَ تي جتي سنڌ جي آئيندي جا خواب سهيڙجن ٿا، اتان بيهي اگر سن جي سائينءَ جي سپنن جي ساڀيائن کي سمجھي، سندس ڪم ۽ رفتار کي جاچي لڌوسين ته هوند سنڌ جي ميرانجھڙي سينڌ، ڌارين جي ڪٽڪن، سنڌ جي وجود مٿان لٽڪندڙ تلوار، معاشي، سماجي ۽ سياسي ڦرلٽ، ذهني ۽ جسماني نسل ڪشيءَ سميت ٿيندڙ سڀئي ڌارين جون ارهه زورايون ۽ درپيش خطرا ڏسي سگھبا ۽ انهن حالتن ۾ قومي تحريڪ جي مزاج، ڪردار، اڳواڻن جي صلاحيتن ۽ پاليسين کي به جاچي لهڻ سهنجو هوندو. سائين جي ايم سيد، جنهن چيو هو ته: ”سنڌ کي درپيش خطرن کي جيئن مون ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي، تيئن جيڪڏهن اوهين محسوس به ڪيو ته، هوند ننڊ سمهي نه سگھو.“ اڄ تاريخ جي هن دور ۾ سنڌ جي جاگرافيائي حيثيت وري اهنج ۽ ايذاءَ جي تلوار هيٺ هئڻ سميت ’طاقت سان اڳتي وڌيو يا مرڻ لاءِ تيار ٿيو‘ واري حالت کي پهتل آهي، اتي پنهنجو احتساب ڪرڻ سميت ليڊرشپ ۽ ان جي عمل توڙي ڪردار جو احتساب ڪرڻ ضروري آهي، نه ته شينهن جي اڳواڻي ڪندڙ رڍون ڀلا دشمن کان انهن جو ڪهڙو تحفظ ڪري سگهنديون! اهو ڪارڪنن توڙي قومي تحريڪ جي اڳواڻن کي وقت سر سمجهڻو پوندو. سلام سن جي ان سائينءَ جي هر هڪ ساهس کي، جنهن سنڌ جو شعور ڏنو ۽ اڄ سنڌ سنڌين جي ماتر ڀوميءَ طور انهن جي عقيدت جو پهريون ۽ اولين نقطو آهي، جتي انگ اگھاڙا، توڙي انگوڇن ۾ ملبوس مارو گڏجي ڌرتيءَ جي سلامتيءَ لاءِ مڙي مٺ ٿين ٿا. جي ايم سيد آزاديءَ جي احساس جـهڙو شخص مولائي ملاح معصوميت ۾ ئي يتيميءَ جو بار پنـهـنجن ڪلـهـن تي کڻي جواني ماڻيندڙ، سيد گھراڻي جي هن سلڇڻي ٻار لاءِ اهو ڪنـهـن ٿي ڄاتو ته هو اڳتي هلي سنڌ جو اهڙو يگانو عاشق بڻبو جو ان جي عشق ۾ پنـهـنجي سموري حياتي داءُ تي لڳائي ڇڏيندو. هن جو ڌرتيءَ سان نينـهـن جي ناتي جو انداز به نرالو آهي. هن پـهـريون پيار پنـهـنجي ڌرتيءَ سان ڪيو. ائين ئي هن جو ڪيل عشق، عشق جي بلندين کي ڇـهـڻ لڳو جنـهـن کيس امر بڻائي ڇڏيو. هن جو عشق اتاهون هيو هر جابر جي ذات اڳيان، جنـهـن کي وقت، رياست جا لوهي هٿ به جھڪائي نه سگھيا. هن مشڪل گھڙين ۾ به امرت جو جام پيتو جنـهـن سندس عشق کي سگھارو بڻائي ڇڏيو. نياز همايونيءَ چواڻي ته: تنـهـنجو عشق اتاهون سيد، هر جابر جي ذات اڳيان، تنـهـنجو ڪنڌ جھڪڻ جو ناهي، ڪنـهـن ڀي لات منات اڳيان. سيد، سنڌي قوم کي پنـهـنجي سڃاڻپ ڏيڻ کانپوءِ، سنڌ مٿان پنـهـنجي عشق جا ساگر اٿلائي ڇڏيا. سنڌي قوم جڏهن سندس سنڌ شناسائيءَ واري پيغام کي سمجھڻ لڳي ته مٿس موهت ٿي، مداح بڻجي وئي. سنڌ جي ماڻـهـن جڏهن سيد جي ڏنل قومي فڪر ۾ پاڻ کي سڃاڻي ورتو ته سندن ۾ لطيف جي ٻوليءَ ۽ ڌرتيءَ جي وارثي ڪرڻ جو وشواس وڌڻ لڳو. جيڏي ڌرتي ديس جي، جيڏو هي آڪاس، جيڏو ماڻـهـوءَ منجھ آ، جيئڻ جو احساس، ايڏو ئي وشواس، منـهـنجو سيد سنڌ ۾. سنڌ سان سيد جي عشق جو ناتو ائين هيو جيئن ڪائي ٻڍڙي ماءُ پنـهـنجي جوان پٽ سان پيار ڪندي آهي. ان عشق ۾ کيس سڄي حياتي آزاد فضا ۾ ساهه کڻڻ جي اجازت نه رهي. هن جڏهن به پنـهـنجي محبوب قوم کي پنـهـنجي سيني سان لائڻ جي ڪوشش ڪئي ته رياست جي مـهـندارن جھنڊي جي جرم ۾ کيس قيد ڪري ڇڏيو. کيس قيد، نظر بند ته هر آمريتي دور ۾ ڪيو ويندو هيو. پر جمـهـوريت ۾ به سندس قيد سندس قيدي تاريخ جو انوکو باب بڻيو. هت هونءَ ته هر قسم جي قيديءَ کي ڪنـهـن نه ڪنـهـن طرح سان ڪائي سـهـوليت، آزادي مليل هوندي آهي پر سنڌي قوم کي سياسي قومي شعور ڏيڻ جي جرم ۾ سنائي سيد کي سدائين ڪارن قانونن هيٺ نظر بندين جي لوهي ڪوٽن ۾ بي گناهه بند ڪيو ويو. نظر بندين ۾ رهندي به سيد سندن اڳيان آڻ نه مڃي ۽ هو پنـهـنجي عمل ۾ مصروف رهيو، نظر بنديءَ جي اهڙي ماحول ۾ به هي قومي جاڳرتا لاءِ لوچيندو ۽ سوچيندو رهيو. هن اتي قلمي پورهيو جاري رکيو جنـهـن سان هي وقت جي حاڪمن جي بنيادن کي لوڏيندو رهيو. سيد، پنـهـنجي قوم کي شعور ڏيڻ لاءِ ڪيترائي ڪتاب لکيا جن تي وقت جي غاصب قوتن، پابنديون مڙهي ڇڏيون. سيد سندن قيد ۾ رهڻ کانپوءِ به کين عوامي محبت، قوت کان بي هٿيار ڪندو رهيو قيد، بند ۾ سندس ڏات ئي وڏو هٿيار رهي جئين اياز چواڻي ته: مون ڏات انوکي آندي آ، ٿي تند وڙهي تلوارن سان، ٿا ڀاري تنـهـنجا برج لڏن، تون هيڻو آن، هٿيارن سان. وقت جي آمر قوتن جڏهن سنڌ جي حقن کي ڦٻائڻ لاءِ سنڌ تي ون يونٽ جـهـڙو وار ڪيو ته سيد جي فڪر، ئي سستيءَ جي ننڊ ستل ماڻـهـن کي اکيون مـهـٽي اٿڻ تي مجبور ڪيو ۽ پوءِ سنڌ هڪ آواز ٿي ڪَرَ موڙي اُٿي پئي. جنـهـن جي گونج سنڌ جي گلي گلي ۾ اياز جي گيتن ۾ ٻرڻ لڳي. سيد پنـهـنجي سڄي حياتي ڌرتيءَ جي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجـهـد ڪندي گذاري ڇڏي. سندس زندگيءَ جا آخري ساهه پساهه به قيد، بند واري ڪيفيت، حالت ۾ ئي گذريا. اهڙي قيد تي کيس “ضمير جو قيدي” وارو اعزاز به مليو. سيد اعظم پنـهـنجي قوم کي جيڪو فڪر ڏنو ان تان هن ارڏي عاشق زندگيءَ جي آخري گھڙين تائين هٿ نه کنيو؛ ان عشق ۾ هو سڄي حياتي رمندو رهيو ۽ سنڌ جي آزاديءَ، خوشحاليءَ جي پرهه ڦٽيءَ جـهـڙي باک جي ساک جو پيغام ڏيندو رهيو. جنـهـن پيغام کي اياز پنـهـنجن لفظن ۾ عوام تائين هيئن پـهـچايو ته: جوت ٻرندي رهي رات ٺرندي رهي باک جي ساک اڄ مان ڏئي ٿو وڃان! اڄ چئي ٿو وڃان مڌ ريٽي جيان، نيٺ سنڌوءَ مٿان اڀرندو ساٿيو! مان چئي ٿو وڃان. سيد کي سڄي حياتي صرف ان جرم ۾ قيد، نظر بندين ۾ رکيو ويو جو هن سياست ۾ سچ ٿي ڳالـهـايو.!! هو هن سياست جي گدلي سينور ۾ اهو اُجرو نيل ڪنول هيو، جنـهـن جي پاڙ پاتال تائين هوندي آهي ۽ ڍنڍ جو پاڻي جيترو مٿي هوندو آهي هو ان جي مٿان پيو ترندو آهي. هن سياست جي واديءَ جي بي داغ ستاري من جي اُجري، صوفي منش ماڻـهـونءَ جو عالم انسانيت لاءِ ڏنل پيغام شاهه جي هن شعر جي تشريح آهي.ته: سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار، دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪـرين. سيد جو ڏنل پيغام دنيا جي مڙني مظلوم، محڪوم قومن لاءِ آهي؛ جنـهـن جي پالوٽ مان امن ۽ آزاديءَ جون، سڪايل ۽ اُڃايل قومون سيراب ٿي سگھن ٿيون. سيد چواڻي ته: ”سنڌ صدين کان آزاد ڌرتي رهي آهي، جنـهـن تي ڪنـهـن کي به قابض ٿيڻ، ان جي وسيلن کي ڦٻائڻ ۽ ان جي تاريخي، جاگرافيائي حدن، حقن سان هٿ چراند ڪرڻ جي ڪنـهـن کي به اجازت نه ڏبي. سنڌي هڪ قوم آهي جنـهـن کي پنـهـنجي ڌرتي آزاد گھرجي ٿي.“ اڄ سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي قوم، جنـهـن سياسي، معاشي انتشار ۽ فڪري سوڪـهـڙي جو شڪار آهن اهڙي سمي سنڌ وري به اهڙي ئي پاڻيءَ جـهـڙي پياري ماڻـهـونءَ کي ساري ٿي جيڪو سندس اڃ اُجھائي سگھي. اڄ سيد جي پيروڪارن جون، ”واٽون ويـهه ٿيون، ڪهه ڄاڻا ڪـهـڙا پرين!“ واري ڪيفيت آهي. اهڙين مايوس ڪن حالتن ۾ ئي سنڌ پاڻيءَ جـهـڙي پياري ماڻـهـونءَ جي ضرورت کي محسوس ڪري رهي آهي. جنـهـن جي سچن جذبن سان ئي سندس ترقي، امن ۽ خوشحالي سلـهـاڙيل هئي. اڄ سن کي سنڌ تي سوچڻ گھرجي. اڄ ڌرتي ڌڻين جي هڪ هنڌ گڏجڻ جو ڏينهن آهي. اڄوڪو ڏينهن سڀني قومي ڪارڪنن کان تقاضا ٿو ڪري ته پاڻ ۾ پيدا ٿيل رنجشون ويڇا وساري سنڌ جي امن ۽ سلامتيءَ خاطر هڪ ٿي سيد جي ڏنل پيغام کي اڳيان وڌايون. سائين جي ايم سيد جو ميران محمد شاھ کي لکيل يادگار خط سنڌ جي بمبئيءَ کان آزادي جو ڏينهن ور تو زين دست مرا بي سرو سامان داري، من بسه آهِ سحرت زلف مشوش دارم برادرم عزيز، تسليم اڄ اوهان جي سمع خراشي ان ڪم لاءِ ڪريان ٿو، جنهن لاءِ شايد اوهين تيار نه هجو: حديث دوست نگويم مگر بحضرت دوست، ڪه آشنا سخن آشنا نگهه دارد. سنڌ جدا ٿي، نهايت خوشيءَ جي ڳالهه آهي، پر ان سنڌڙيءَ جي مٿان مون کي نهايت پريشان ڪندڙ ڪارا ڪڪر نظر اچي رهيا آهن. سبزيءَ ۽ باد بهاريءَ جي بدلي، مون کي خزان جا آثار نظر پيا اچن. سنڌ آزاد ٿي سو ته چڱو ٿيو، پر چئوطرف کان ماڻهو ان کي مال غنيمت سمجهي هضم ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويا آهن. خود مطلب ماڻهو صرف پئسي يا اثر جي سبب ان جي دامن عصمت کي ٽوڙڻ لاءِ ڳجهن وانگر اکيون کوڙيو بيٺا آهن ته ڪڏهين ٿيون اليڪشنون ٿين ته اسين ٿا چونڊجون. انهن مان هر هڪ کي پنهنجي لاءِ سبز باغ نظر اچي رهيا آهن. ڪن جو خيال آهي ته ميمبر ٿيڻ ڪري هو ووٽ جي اثر هيٺ، وزيرن معرفت ڪامورن کي پنهنجي قبضي ۾ رکي، آسپاس جي ملڪ ۽ ماڻهن تي اقتدار حاصل ڪندا. ڪي وري ان طمع ۾ گرفتار آهن ته پنهنجيءَ وسيع جائداد ۽ ملڪيت جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ هيءُ هڪ ڪارگر هٿيار ٿيندن. ڪي ائين پيا سمجهن ته هينئر ڪو پڇين به ڪو نه ٿو، سو پوءِ وڏا وڏا ماڻهو سندن درن تي ڌڪا جهليندا ڪن کي وري لقبن حاصل ڪرڻ جون لالچون آهن. لٿي به، چاچي ولي محمد شاهه وانگر، وقف ائڪٽ رد ڪرائڻ جو مقصد کنيو بيٺا هوندا. اهي ارادا آهن اڻپڙهيل يا نيم خوانده، وڏيرن جا، هاڻ هلو ته پڙهيل طبقي جي ارادن ۽ اميدن کي نظر مان ڪڍون سر غلام حسين پيو سمجهي ته سنڌ ۾ هن جهڙو قابل ۽ تجربيڪار ٻيو ڪو به ڪو نه آهي، تنهنڪري چيف منسٽر ٿيڻ لاءِ هن کان سواءِ ٻيو ڪوبه لائق ڪونه آهي. اهو وڏو گناهه ٿيندو جي ٻيو ڪوبه چونڊجي وڃي تنهنڪري، ان ڪار خير ۾ هو پنهنجي اڳين ڪمايل ملڪيت ۽ اثر صرف ڪري، ضرور انهيءَ گديءَ کي هٿ ڪندو. هن کان سواءِ سنڌ جي ستياناس ٿي ويندي، ان لاءِ هو هرڪا مناسب ۽ نامناسب ڪوشش ڪرڻ ضروري ٿو سمجهي. جنگ ۾ ڪاميابي مراد اٿس. ٻئي طرف سنڌ جي امير النسل ماڻهن جو عيوضي، سر شاهنواز ڀٽو، جو سنڌ سرڪار جو صلاحڪار آهي، سو سنڌ جي حڪومت جي واڳ سر غلام حسين يا ٻئي ڪنهن جي هٿ ۾ ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي. ٻيا سڀ سندس نظر ۾ دغاباز ۽ خود مطلب آهن. هي اخلاق جو علمبردار آهي ان ڪري سڀ طريقا اختيار ڪري حڪومت جي واڳ پنهنجي هٿ ۾ آڻڻ جي پٺيان پيل آهي. اڳتي هلندا ته ڏسڻ ۾ ايندو ته ميان کهڙو خان بلند آواز سان ماڻهن کي پڙهو ڏيئي رهيو آهي ته سنڌ آزاد ڪرڻ، ڇٻلائيءَ سان مقابلا ڪرڻ ۽ مسلمانن جي حقن لاءِ لڙڻ ۾ هن ڪثر ڪانه ڇڏي آهي. ان ڪري هن کي به ڪجهه نه ڪجهه ملڻ گهرجي، نه ته هو پنهنجو گروپ مير بنده علي خان وغيره سان ٺاهي، زوريءَ به ڪا جاءِ وٺندو. انهيءَ وچ ۾ سنڌ جي الهندي گوشي کان هڪ سنهي، چالاڪ نوجوان جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، جنهن جو نالو خانبهادر الهه بخش هو. ان سندس بمبئي ڪائونسل ۾ مختلف ڪميٽين تي ڪم ڪرڻ، تجربي، هندو. مسلم لاڳاپي ۽ سر شاهنواز ڀٽي جي دوستيءَ جو حوالو ڏيندي. پنهنجو ڪليم پيش ڪيو، سنڌ جي ڪنهن به جوڙجڪ ۾ هن جي حق کي ريٽڻ ٺيڪ نه ٿيندو. هن انهيءَ نقطه نگاهه کان اپر، سنڌ ۾ اڳي ئي اثر وڌائڻ شروع ڪيو هو، بلڪ نواب شاهه ۾ لاڳاپا قائم ڪرڻ شروع ڪيا هئا. ان کان پوءِ هڪ سيد نوجوان چڱيءَ طرح ڊريس پاتل، بي اي ايل ايل بي اٿي کڙو ٿيو. ان سندس ساداتيءَ فوور سنڌ جي نالي خدمت خلق جي آڌار تي، حق طلبي ڪرڻ شروع ڪئي: ان جو نالو سيد ميران محمد شاهه هو. ان به سنڌ جي جدائيءَ بمبئيءَ ۾ مسلم بلاڪ جي سيڪريٽريءَ هجڻ ۽ پنهنجيءَ لياقت جو حوالو ڏيئي تقاضا ڪئي ته کيس ضرور ڪجهه نه ڪجهه ملڻ گهرجي. ان کان پوءِ، گزدر صاحب پنهنجو انجنيري تجربو، سکر براج جو هلائڻ ۽ پنهنجي بمبئي ڪائونسل جي ڪار گذاري پيش ڪندي چيو ته کيس وسارڻ سراسر غلطي ٿيندي. ان کان پوءِ شيخ عبدالمجيد سنڌي اٿي، مٿين سڀني خواهشمندن کي مخالف ٿي چوڻ لڳو ته اوهين سڀ سرمائيدار گڏ ٿي، ڀانئيو ٿا سنڌ جي مال غنيمت کي ورهائي کڻندو. اوهان کي ائين ڪرڻ نه ڏبو. هن سندس خلافت، ڪانگريس، مسلم ليگ تحريڪن ۽ جيل ۾ وڃڻ جا حوالا ڏنا ۽ ”الوحيد“ اخبار ذريعي ماڻهن ۾ سجاڳي آڻڻ جو ذڪر ڪيو. اوهان سڀني کي گڏجي، سنڌ جي ڀلائيءَ خاطر، خودمطلبيءَ کي ڇڏي، باهمي سمجهوتي سان ڪم ڪرڻ گهرجي نه ته اوهان جا ماڻهن اڳيان پول پڌرا ڪبا ان کان پوءِ ٻه ٽي هندو ڪارڪن اٿيا، جن چيو ته سنڌ جدا ٿي ته ائين نه سمجهو ته سموري طاقت اوهان جي هٿن ۾ اچي ويئي. اسان جا ميمبر اسيمبليءَ ۾ ٽيون حصو آهن. اوهين وڏيرا پاڻ ۾ عهدن تان لڙي اسان جا محتاج ٿيندا، تنهنڪري حڪومت جي واڳ اسان جي هٿ ۾ رهندي، سو اوهان کي اسان سان فيصلو ڪري پوءِ ڪو ڪم ڪرڻو پوندو. اهي حالتون ڏسي مون کي هڪ هاتفي آواز ڪن پيو، جو چئي رهيو هو ته اي سنڌ جا ڪارڪن، خودمطلبي ڇڏي، ملڪ ۽ ماڻهن جي ڀلي لاءِ ڪو پروگرام ٺاهي، سنڌ جي خدمت ڪرڻ شروع ڪريو، نه ته اوهان مان گهڻن جو حشر نهايت عبرتناڪ نڪرڻ وارو آهي. ڪي اليڪشن ۾ ناڪامياب ٿي، کٽي وڃي گوشه تنهائي ۾ ويهندا. ڪي هڪٻئي جي خلاف سازش ڪري، سنڌ جي سياست کي خودمطلبيءَ جو آکاڙو بنائيندا. ڪي باوجود خدمت ڪرڻ جي ، عوام جي خواب غفلت جون دانهون ڪري، وقت گذاريندا. هندو مسلمانن جي خلاف سازشون ڪندا، ته انهن جي ردعمل ۾ مسلمانن جو هڪ فرقو فرقيوار نفرت ڦهلائيندو. نتيجو اهو نڪرندو ته اها ورهين جي محنت کان پوءِ ڪيل آزادي، ملڪ لاءِ آباديءَ جي عيوض بربادي آڻيندي. تاريخ شاهد آهي ته جيڪي ماڻهو اتفاق ۽ خدمت خلق جي راهه کي ڇڏي، خودمطلبين ڪري ورهائجي. خانه جنگيءَ ۾ مشغول ٿي ويا، انهن کان اها مليل امانت کسجي ويندي ۽ وري عبرت ۽ سزا لاءِ کين گهڻو وقت مصيبتن ۾ مبتلا ٿيڻو پوندو. ان آواز کان متاثر ٿي آءُ توکي هي خط لکي رهيو آهيان. اي ميران محمد شاهه مون کي تو ۾ گهڻيون اميدون آهن تون ان نسل جو فرد آهين، جنهن پيٽ سان پٿر ٻڌي خلق خدا جي خدمت ڪئي. جنهن جي ڏاڏي، باوجود خليفه وقت هئڻ جي، نوڪرياڻي گهر ۾ انڪري نه رکي ته متان بيت المال جو پئسو شخصي ڪم لاءِ ڪتب اچي. جنهن جو ڏاڏو حق جي آواز بلند ڪرڻ خاطر ڪربلا جي ميدان ۾ اولاد سان قتل ٿيو، پر ناحق اڳيان سر نه نمايائين ۽ تيرهن سئو ورهين تائين ان جو نسل ماڻهن جي خدا ڪارڻ خدمت ڪندو پئي آيو آهي. سياسي اقتدار حاصل ڪرڻ ۾ جڏهن به اوهان ڪوشش ڪئي آهي، اڪثري ناڪامياب ٿيا آهيو. خدا جي خواهش آهي ته جيڪڏهن اوهين پنهنجن وڏن جي روايت کي قائم ڪرڻ گهرو ته عوام جي ڀلائيءَ ۽ بهتريءَ لاءِ هر قسم جي لالچ ۽ خود مطلبي ڪڍي ڇڏيو. وزيرن ۽ گورنرن مٿان قبا ڪونه اڏبا آهن، خدا جي راهه ۾ بي لوث خدمت ڪرڻ وارن کي اهو درجو نصيب ٿئي ٿو. دنيا ۽ دين ٻيئي هڪ مُٺ ۾ نه ايندا. جيڪڏهن ڀانئين ته تنهنجي سنڌڙي سرسبز ۽ شاداب ٿئي ۽ ان ۾ تنهنجي مرضيءَ مطابق سڌارا ٿين، ته وزارت يا آمارت جي لالچ ڪڍي ڇڏ. بادشاهن کان، بادشاهه بنائڻ وارن، جو درجو وڌيڪ آهي. ”ڪانياري ٻلي، ڪُئي سندي زال“. اهو مثال مشهور آهي. خودمطلبي ٻين کي شايد ڀانءِ پوي، پر توکي نه پوندي. ان طريقي سان هلڻ ڪري، توکي وڏا مرتبا ملڻ وارا آهن. تون سمجهين ٿو ته وزير ٿيڻ سان تون وڌيڪ ملڪ جي خدمت ڪري سگهندين. پر توکي اها خبر هئڻ گهرجي ته اوستائين تون وزير ٿيندين ئي ڪو نه، جيستائين ڪنهن گروپ سان ملي، اصولن ۽ جي بهتريءَ کي هڪ طرف رکي، ڏي وٺ نه ڪئي اٿئي. مون کي تو ۾ گهڻيون اميدون آهن. انهيءَ ڪم ۾ آءُ توسان ٻانهن ٻيلي ٿي، پويان هلڻ لاءِ تيار آهيان. توکي الله تي توڪل رکي، ان ڪم ۾ هٿ وجهڻ گهرجي. اهو رازق آهي حال تي موهجي مستقبل کي قربان نه ڪرڻ گهرجيئي. جيئن هيترو وقت ڏکيو سکيو گذران پئي ٿيو اٿئي. تيئن آئيندي به پيو ٿيندءِ. پر قرباني جو خيال ڌاري، ميدان ۾ نڪرڻ گهر جيئي. تون سنڌ جو ”ڪمال“ بنجي سگهين ٿو. بشرطيڪ، بنا مطلب جي گروپ ٺاهي حڪومت ۾ شامل ٿيڻ کان سواءِ، وزيرن کان پنهنجيءَ ڪي پوزيشن (Key Position) جي عيوض، ملڪ ۽ قوم جا ڪم ڪرائيندين. ان حالت ۾ وزير توکان ڪبدا، تنهنجو نالو ملڪ ۾ مشهور ٿي ويندو. وڪالت مان ئي گهڻي ڪمائي ٿيندءِ. هيءَ اپيل ٻين کي ڇڏي، توکي ان لاءِ ٿو ڪريان ته تو ۾ درويشي جزو ڏسان ٿو ۽ محبت اٿم. هن وقت مالي مشڪلاتن ۾ ذرا آسودي زندگي گذاري جي شوق توکي ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي، پر اميد ته تنهنجي حميدت کي جوش ڏيارڻ ڪري تون اڳواڻيءَ جي لائق ٿي پوندي. تو باز ساعد شاهي م مگرز استخوان هماي همت خود را به بلند ده پرواز آخر ۾ خدا جي درگاهه ۾ سوال ٿو ڪريان ته اهو تنهنجي قلب مان ڪمزوري ۽ لالچ ڪوري ڪڍي ۽ توکي سندس صالح بندن جي صف ۾ کڙو ڪري. سائين جي ايم سيد ٿي ماڪ وسي ميخاني تي الطاف ملڪاڻي ۲۵ اپريل ۱۹۹۵ع جي نٽهڻ اُس هئي ۽ سنڌ جي پٿريلي علائقي ۾ سنڌوءَ ڪناري ڀرسان جڏهن سنڌ جي سائينءَ کي لحد ۾ لاٿو پي ويو ته ائين پي لڳو ڄڻ هڪ پل لاءِ زمين پنهنجي محور جي چوڌاري ڦرندي پنهنجي چرپر کي روڪي ڇڏيو هجي ۽ ڪائنات هڪ پل لاءِ پنهنجو ساهه روڪي ساڪت ٿي وئي هجي ۽ اها ئي هڪ گهڙي هئي جو سن جي شهر مٿان اوچتو خبر ناهي ته ڪا ڪڪري ڪٿان آئي ۽ هن به سيد جي موڪلاڻي واري ڏينهن تي پنهنجي ڪجهه لڙڪن جي ڀيٽا پيش ڪئي. اهو منظر هڪ پاسي حيرت ۾ وجهندڙ هو ٻئي پاسي اهو يقين ڏياريندڙ هو ته واقعي هن پاڻ ته ڪڏهن به پيغمبريءَ جي دعويٰ نه ڪئي پر شايد سندس جامي ۾ لڪل ڪو پيغمبري روح ضرور هو. جنهن ڪري ئي ته زندگيءَ ۾هن کي ڪافر، دهريو ۽ نوجوانن کي کاريندڙ انسان چئي ڌتڪاريندڙ ماڻهو به سندس وصال کانپوءِ پيغمبريءَ جو درجو ڏيڻ لاءِ تيار هئا. سنڌ جو سيد، جنهن کي دنيا جي ايم سيد جي نالي سان سڃاڻي ٿي سو سنڌ جي انهن ڇورن ڇنن، ارڏن ۽ ڏنگن ٻارن لاءِ بڙ جي هڪ اهڙي گهاٽي ڇانوَ هو جتي تتل ڏينهن ۾ لُڪن جا ماريل پکي اچي پناهه وٺندا آهن. سنڌ جنهن کي غلاميءَ جي سنگهرن ۾ سلهاڙيئي صديون ٿيون آهن ۽ جيڪا اداس، اٻالي، اٻاڻڪي هئي. انهيءَ کي سيد جي صورت ۾ هڪ اهڙو آئينو مليو جنهن ۾ کيس پنهنجي وڃايل حُسن جو پرتوو نظر پئي آيو ۽ سنڌ امڙ کي اها پڪ آهي ته هڪ نه هڪ ڏينهن ضرور هن کي پنهنجو وڃايل حُسن واپس ملندو. ها يقينن جيڪڏهن سنڌ جي حسن ۽ جمال کي مادي صورت ۾ ڏسڻو آهي ته پوءِ اسان کي سائين جي ايم سيد جي لکيل ڪتابن ”سنڌي ڪلچر ۽ ديارِ دل داستانِ محبت“ کي پڙهڻو پوندو جنهن ۾ سائين لفظن جي صورت ۾ سنڌ جي حقيقي حسن کي چٽيو آهي ۽ سنڌ جي انهيءَ جوت ۽ جمال کي سيد رڳو سياسي اک سان ڪو نه ڏٺو هو پر هن وٽ لطيف جي فڪر جي اها مشعل هئي جنهن جي روشنيءَ ۾ پنڌ ڪندي سيد اهو محسوس ڪيو هو ته: ”سنڌ جهنگ جبل، نديون ۽ نالا، ميدان ۽ کيت يا رڳو جاگرافيائي ليڪن جي مادي وجود جو نالو نه آهي پر سنڌ جو هڪ ازلي روح آهي ۽ اهو روح ته اُنهي ڏينهن خلقيو ويو هو، جڏهن خالقِ ڪائنات ’الست بربڪم‘ چيو هو ۽ انهيءَ روح کي چٽو ڪرڻ لاءِ جڏهن سيد جي قلم حرڪت ڪئي ته انهيءَ مان ”سنڌو جي ساڃاهه“ جهڙو شاهڪار ڪتاب تخليق ٿيو. سنڌ جي حسن کي ڏسڻ لاءِ سيد سدائين لطيف سائين جو هيءَ بيت پڙهندو هو ته: ”اُپٽيان، ته انڌيون، پوريو پرين پسن آهي اکين، عجب پر پسڻ جي.“ سو جي سنڌ جي ازلي روح جي حسن جو پرتوو پسڻو آهي ته پوءِ سنڌ کي سياست جي ڪڌي ڄار ۽ مادي فلسفن جي اُپٽار کان هٽي ڪري جي ايم سيد جي اک سان ڏسڻو پوندو. سنڌ کي جيڪڏهن ڪو ماڻهو هڪ صوفي، هڪ عاشق ۽ ديواني جي نظر سان ڏسندو ته پوءِ هن کي سنڌ جي مٽيءَ مان اهڙي خوشبوءِ اُٿندي نظر ايندي جنهن جو واس مقتلن کي به مات ٿو ڪري ۽ محبوب جي مرڪن کان به وڌيڪ مٺو آهي. اهو ئي سبب آهي جو لطيف سائينءَ جي ميخاني جي ماڪ پي جڏهن جي ايم سيد سنڌ جي حسنِ ازل جو جلوو پسيو ته هن کان رڙ نڪري وئي هئي هو اڪثر پنهنجي زندگيءَ ۾ هيءَ ٻه فارسيءَ جا شعر ورجائيندو هو ته: ”تنهنجي عشق جي ڏوهه ۾ مون کي ڪهڻ لاءِ مقتل ڏانهن وٺيو پيا وڃن. چؤڏس وڏو شور متل آهي. اي محبوب! تون به ڪوٺي تي چڙهي ڏس ته ڪيڏو نه وڻندڙ نظارو آهي“ يا وري هيءَ شعر ته: ”عرصو ٿيو آهي منصور جو آواز، گم ٿي ويو آهي مان دارورسن کي سجائي. منصوريءَ جي ريت کي ٻيهر جيئارڻ ٿو چاهيان.“ ۽ پوءِ سائين جي ايم سيد انهيءَ منصوريءَ ريت کي عمر ڀر نڀايو ۽ سيد جي ”اناالحق“ جي نعري جي اها گونج هئي جو سنڌ جا نوجوان هن پوڙهي عاشق جي سٽ تي سن جي مچ تي ائين ڳاهٽ ٿيڻ لڳا جيئن ڪنهن مچ تي پتنگا پهه ڪري گڏ ٿيندا آهن. جن لاءِ لطيف سائين فرمايو ته: پتنگن پهه ڪيو، مڙيا مٿي مچ، پسي لهس نه لچيا، سڙيا مٿي سچ سندا ڳچنين ڳچ، ويچارن وڃائيا. سن ۾ ٻاريل سيد جي لاٽ اڄ به سنڌ جي عاشقن کي ائين سڏي رهي آهي جيئن متارن کي موکيءَ جو مٽ سڏيندو هو. سنڌ جو سيد جيڪو هاڻ تاريخ جو اُهو عظيم سچ ثابت ٿي رهيو آهي جنهن کي ڪو به ڪوڙو مؤرخ هاڻ ڪچي مٽيءَ تي لکيل ڪنهن مٽجندڙ تحرير جيان ميٽي نه ٿو سگهي سيد ۽ سنڌ ته درد کي سمجهڻ لاءِ نه ته ڪنهن مارڪس کي پڙهڻ جي ضرورت آهي نه ئي ڪو جدلياتي ماديت جي فلسفي جو ماهر ٿيڻو آهي. سيد جي فلسفي کي سمجهڻ لاءِ نه ته مائوزي تنگ جي تحريرن جو حافظ ٿيڻو پوندو نه ئي فرائيڊ يا سارتر جي خيالن جو پيرو کڻي وجوديت جي بازار گهمڻي پوندي. ها بس جي، سائين جي ايم سيد کي سمجهڻو آهي ته پوءِ سنڌ جي ازلي روح کي سمجهڻو پوندو. جتان لطيف ۽ سچل، سامي ۽ بيدل جي فڪر جا آبشار ڦٽن ٿا. رڳو سکڻي سياسي نعري بازي سان تبديلي ناهي اچڻي. تبديلي لاءِ پنهنجي پاڻ کان ابتدا ڪرڻي پوندي. پاڻ کي هڪ نئين انسان، سجاڳ انسان، باشعور انسان ۾ تبديل ڪرڻو پوندو. سائين جي ايم سيد جو فڪر هڪ نئين سنڌ جي ڳالهه ڪري ٿو. انهيءَ لاءِ سائين جي ٻن ڪتابن ”نئين سنڌ لاءِ جدوجهد“ ۽ ”سنڌ ڳالهائي ٿي“ کي پڙهڻو پوندو. پر رڳو ڪتابن پڙهڻ جي ڳالهه ناهي پر ڪتابن پڙهڻ سان گڏوگڏ سچل سائين جي هنن سٽن تي به عمل ڪرڻو پوندو ته: ”جوگي جگت ڪرتا نهين ڪپڙا رنگا تو ڪيا هوا؟ اپنا اندر رنگتا نهين، ڪپڙا رنگا تو ڪيا هوا؟ قاضي ڪتابان کول ڪي مسئلا پڙهندا غور پڙهتا پر عمل ڪرتا نهين، قاضي بنا تو ڪيا هوا؟ حاجي مديني جا ڪي سجدا ڪيا تو هوا؟ دل ڪا ڪفر ٽوٽا نهين، حاجي بنا تو ڪيا هوا؟ سچل اپني مُک سي، آنسو بها تو ڪيا هوا؟ دل ڪا رونا روتا نهين، آنسو بها تو ڪيا هوا؟ سو ۲۵ اپريل جو ڏينهن ته هر سال اچي ٿو ۽ سائين جي ايم سيد کي به هر سال ياد ڪري ٻه چار لڙڪ ته هارجن ٿا پر جي سيد جي ٻڌايل واٽ تي دل سان عمل نه ٿو ڪجي ته پوءِ ڀلا سنڌ جا درد گهٽجن ته ڀلا ڪيئن گهٽجن؟ سائين جي ايم سيد جو ورثو The Legacy of G.M. Syed زاهد ميراڻي ”تون مري ويو آھين ۽ مري ويلن تي مان تلوار نھ کڻندي آھيان“، ھي جملو جھانسيءَ جي راڻيءَ انگريز دور ۾ ھندستان جي ھڪ راجا کي مخاطب ٿيندي چيو ھو، جنھن ھندستان جي مفادن کي پُٺ ڏئي انگريزن سان وفاداري نڀائي ھُئي، جھانسيءَ جي راڻيءَ جو ھي جملو تھ بظاھر عام جملن جھڙو ئي آھي پر ان جملي جي جيڪا ڪاٽ آھي، اھا ڪنھن تکي ڪات ۽ ڪھاڙي کان وڌيڪ آھي، ھوند وقت جي انھيءَ غدار راجا جو اھي لفظ ٻڌي ڪنڌ شرم مان جھڪي ويو ھوندو. پر سنڌ ۾ بدنصيبي اھا آھي تھ ڌرتيءَ جي غدارن تي لفظ تھ پنھنجي جاءِ تي لعنت ملامت بھ اثر نھ ٿي ڪري، تھ پوءِ انھن کي لفظن ۾ احساس ڪيئن ڏياري سگنداسين، غداري ڇا؟ آھي، غداري ڪيئن ڪبي آھي ۽ غداري ڪرڻ جو انجام ڇا؟ ٿيندو آھي، اھي ٽئي اھڙا سوال آھن جن جا ھوند تھ جواب بھ سڀ ڪنھن وٽ الڳ الڳ ئي ھوندا، پر اھا ڳالھھ پڪ سان چئي سگھجي ٿي تھ انھن سڀني جوابن جو لبِ لباب ساڳيو ئي ھوندو. سنڌ ۾ سائين جي ايم سيد جي ذات صفات مان سمجھان ٿو تھ اڪيلي ئي آھي جيڪا ھاڻي تاريخ جو ھڪ زندھ ۽ جاويد باب بڻجي چُڪي آھي، دنيا ۾ شعور ۽ ساڃاھھ وند معاشرن ۾ وصال بعد انھيءَ شخصيت کي زندھ ۽ جاويد سمجهيو ويندو آھي، جن جو فن، فڪر ۽ فلسفو ڪنھن نھ ڪنھن حوالي سان سماج ۾ زندھ ھُجي، سماج جي رھنمائي ڪري ۽ ان کي سگھھ، طاقت، قوت ۽ جولان عطا ڪري ۽ ان کي اڳتي وٺي وڃڻ جو ڪارڻ بڻجي، باقي نھ تھ سماجن ۾ اھڙا بھ سوين، ھزارين فلسفي ۽ مفڪر ۽ اڳواڻ ھر وقت موجود ھجن ٿا جن جي اھا شديد خواھش ھوندي آھي تھ ڪو کين کڻي سلام ئي ڪري تھ بھ سٺو. اڄ اسان جنھن سنڌ ۾ ساھھ کڻي رھيا آھيون، اھا سنڌ ٽن ھستين جي ڪري پنھنجو وجود قائم رکي سگھي آھي، ۽ ھوند تھ ڪائنات جي آخري گھڙيءَ تائين پنھنجو وجود قائم رکندي، انھن ٽن ھستين مان پھرين ھستي مھاديو شوو جي آھي، ٻي ھستي مھا راجا ڏاھر جي آھي ۽ ٽين ھستي مھا رھبر سائين جي ايم سيد جي آھي، انھن ٽنھي ھستين جي طفيل اڄ سنڌ اسان وٽ پھتل ۽ بچيل آھي، نھ تھ ھوند سنڌ جو نالي وٺڻ وارو بھ ڪو نھ ھُجي، انھن ٽنھي ھستين جي خوبي اھا آھي تھ اھي ٽئي ھستيون سنڌ جي نالي واري مالھا ۾ املھھ موتين وانگر پويل آھن ۽ سنڌ جي سڳي ئي انهن ٽنهي املهه موتين کي هڪ مالها ۾ پوئي رکيو آهي. سنڌ ويدڪ مذھب جي ڌڻي ۽ سرجڻھار ڌرتي آھي ۽ مھاديو شوو ويدڪ مذھب جو خدا آھي، دنيا جي سمورين انسائيڪلپيڊياز، علم نامن ۽ مذھبي ڪتابن ۾ اھا ڳالھھ چٽي نموني لکيل آھي تھ، ”مھا ديو شوو سنڌو تھذيب جو خدا آھي“، تنھنڪري ئي اسان سنڌين جي اھا دعوى بھ ھوندي آھي تھ ”شوو سنڌ آھي ۽ سنڌ شوو آھي، نھ تھ سنڌ کان سواءِ ڪو شوو جو تصور آھي ۽ نھ وري شوو کان سواءِ سنڌ جو ڪو تصور ئي ڪري سگھجي ٿو. دنيا ۾ جڏھن بھ ”سنڌوءَ جي سلطنت“ جو ذڪر ٿيندو آھي تھ اتي ”مھاديو شوو“ جو ذڪر اڻ ٽر ٿي پوندو آھي جو شوو ئي اھڙي ھستي آھي جيڪا سنڌو تھذيب جي جاگرافيائي حدن جو تعين ڪري ٿي، سنڌ جنھن ۾ اسان جي رھيا آھيون، اھا سنڌ ان سنڌ جو ھڪڙو ننڍڙو پاڙو آھي ”جيڪا تھذيبي طور تي“، ”اسان جي سنڌ“ ۽ جنهن جو وجود “سنڌوءَ“ سان سلهاڙيل آهي، اهڙو سنڌو تهذيب جو تعين مھاديو شوو جي ھستيءَ ئي ڪيو آھي، قديم دور کان وٺي اسان سنڌين جو اھو مڃڻ آھي تھ جتي، جتي شوو آھي اتي، اتي سنڌ آھي، انھيءَ حوالي سان جيڪڏھن سنڌو تھذيب جي پکيڙ ڏسنداسين تھ ڪراچي ڪنڊ ملير کان وٺي، ھندو ڪش ۽ ڪيلاش بربت تائين سنڌو تھذيب جو ڦهلاءُ آھي، ھن وقت جي بلوچستان ۾ شامل علائقا جن ۾ حب، لس ٻيلو، سبي، ڍاڍر، گوادر، ڪولپور، قلات، چمن، ڪوئٽا، مڪران اچي وڃن ٿا، اھڙا علائقا آھن جن جي چپي چپي تي ھزارين سالن کان شوو مندر جوڙيل آھن ۽ سنڌي رھندڙ آھن، ھن وقت جي ڪابل ۽ قنڌار سميت ايران جي سيوستان واري علائقي تائين، شوو مندرن جو هڪ سلسلو قائم آھي، ھندستان جي ستن رياستن ٻاڙميڙ، بڙودا، جيسلمير، راجستان، رڻ، ڪڇ، ڀڄ، ڪاٺياواڙ، گجرات شوو مندرن سان سٿيو پيو آھي، مها ديو شوو جي سنڌو تھذيب جي خدا ھجڻ جي حيثيت ۾ ھر اھو خطو جيڪو سنڌوءَ جي ڪناري يا لڳ ڀڳ آباد آهي ۽ جتي شوو مندر آھي اھو علائقو سنڌو تھذيب جو حصو آھي. سنڌو جيئن ئي ھندوڪش مان پنھنجو سفر شروع ڪري ٿي تھ رستي ۾ ايندي ايندي پنھنجا تھذيبي اثر ڇڏيندي اچي ٿي ۽ اچي ٺٽي ۾ سنڌي وڏي سمنڊ سان ملي ٿي، پر رستي ۾ ڪيئي ھنڌ ۽ ماڳ اھڙا به آھن جتان سنڌو پاسو ورائي ۱۹۴۷ع بعد ھندستان ۾ شامل ٿيل سنڌ جي ريگستاني علائقن ڏانھن وڃي ٿي، سنڌ جي سرحدن مان سنڌوءَ جو اھڙو سفر علي واھڻ کان راجستان طرف شروع ٿئي ٿو ۽ نتيجي ۾ مھراڻو، پراڻ ۽ ھاڪڙو ننديون وجود ۾ اچن ٿيون جيڪي صدين تائين ٿر جي صحرا کي آباد، سائو ۽ سکيو ستابو رکن ٿيون، اھو ئي سبب آھي جو ٿر جو علائقو جيڪو ويجھي ماضيءَ جي سنڌ جي عظيم ريگستان جي علائقو رهيو آھي کي شاھوڪار چيو ويندو ھو، پر بدقسمتيءَ سان ڪلھوڙن جي دور ۾ آبياني جي مسئلي تي سنڌوءَ جو وھڪرو ٿر طرف بند ڪيو ويو جنھن بعد ئي ٿر ريگستان ۾ تبديل ٿي ويو، انھيءَ ريگستان واري علائقي ۾ سنڌو تھذيب جا ٻھ وڏا شھر ھيا جن مان ھڪ لوٿل ۽ ٻيو ڍولا ويري آهي، جن جي ڪافي وقت اڳ کوٽائي ٿي آھي، انھيءَ کانسواءِ سنڌو تھذيب جي ٻين وڏن شھرن ۾ ھن وقت جو ھڙپا، جنھن کي ۱۹۴۷ع بعد پنجاب جي حصي ۾ ڏنو ويو ۽ چيو ويو، پنجابين جو سنڌو تھذيب سان ڪو واسطو ئي نھ آھي، عجيب ڳالھھ آھي انھن سنڌو تھذيب جي قديم شھر کي پنھنجو ورثو قرار ڏئي پنهنجي تهذيب جو ورثو قرار ڏئي ڇڏيو آهي، ان بعد مھرڳڙھ (ھاڻوڪي بلوچستان ۾)، ڪوٽ ڏيجي ۽ لاکين جو دڙو سکر وارو، سنڌو تھذيب جا قديم شھر آھن. موھن جي دڙي مان ملندڙ ڪيئي مھرن تي مھاديو شوو جو خاڪو اڪريل آھي ۽ سندس سان منسوب ”ساکيو“ جي نشان جون پڻ ڪيئي مھرون مليون آھن، ”ساکيو“ ، ”سنڌو تھذيب جو قومي نشان آھي“، ھي آھي مھاديو شوو جو سنڌ سان تعلق جو ھڪڙو ننڍڙو خاڪو، اھا آھي مھاديو شوو جي تھذيبي سنڌ ۽ مھاديو شوو، جيڪي پنھنجو صدين جو سفر ڪري اچي ۷۱۲ ھھ ۾ مھا راجا ڏاھر جي دور تائين پھچن ٿا، انھيءَ وچ ۾ سنڌ پنھنجو تھذيبي، تاريخي، اقتصادي، سماجي ۽ سياسي سفر ڪندي رھي آھي، جنھن متعلق تاريخ خاموش آھي. سنڌ کي مھاراجا ڏاھر جي دور تائين پھچندي اھي ئي سمورا علائقا ورثي ۾ ملن ٿا جيڪي شوو جي تهذيبي سنڌ جا هيا، راجا ڏاهر ئي اھو ئي تھذيبي ورثو حصي ۾ اچي ٿو، جيڪو مھاديو شوو جو آھي، سنڌ مھاديو شوو کان ٿيندي مھاراجا ڏاھر تائين پھچندي ھڪ مضبوط، عظيم ۽ خوشحال سلطنت جو روپ اختيار ڪري وڃي ٿي، جنھن جي خوشحالي، سونھن، علم ۽ ھنر جي ھاڪ سڄي دنيا تائين پھچي ٿي ۽ دنيا جي ڌاڙيلن، ڦورن ۽ گھلن کي جھڙوڪر پاڻ ڏانھن متوجھ ڪري ٿي، تاريخ ۾ سنڌ جي تباھيءَ جو ھڪ وڏو سبب سندس خوشحالي پڻ رھيو آھي، جنھن ڪري ھر بکئي ۽ ڌاڙيل سنڌ تي راتاھو ھنيو آھي، مھا راجا ڏاهر جي دور تائين پھچندي پھچندي سنڌو تھذيب پنھنجي انھيءَ تھذيبي علائقي کي جنھن کي مھاديوشوو جوڙيو ھو، انھن کي جھڙوڪر ھڪ انتظامي شڪل ملي وڃي ٿي. ڪتاب سنڌو سلطنت جا صوبا پڙھڻ سان اوھان کي سنڌو تھذيب جي پکيڙ وارن علائقن متعلق ڪافي ڄاڻ ملي ويندي. سڄي دنيا جي سياسي تاريخ جي اھا ھڪ تلخ حقيقت رھي آھي تھ دنيا جي مظلوم ۽ پيڙهيل طبقن جي قيادتن کي سندن دشمن قوتون ڪيئي نموني زيرُ ڪرڻ جون ڪوشش ڪنديون آھن، پر انهن سمورين ڪوشش مان جيڪا ڪوشش انتھائي بدترين ۽ ڇسي انداز ۾ ڪئي ويندي آھي اھا آھي انھن اڳواڻن جي ڪردار ڪشي، جيڪا ھر طرح سان ڪئي ويندي آھي، انھن کي چور، ڌاڙيل، وڳوڙي، فسادي، نااھل، جاھل ۽ ڄٽ ھجڻ جھڙا سڀئي طعنا ڏنا ويندا آھن، پوءِ جيڪو جتي متاثر ٿئي، سائين جي ايم سيد گھڻو ڪري ٻين سمورين بدعتن کان پاڪ ۽ صاف صفا انسان ھو ۽ ان تي بداخلاقيءَ جو بھتان بھ نھ پيو ھڻي سگھجي، اھڙي صورتحال ۾ مٿس ٻھ ئي الزام لڳندا رھيا آھن، ھڪ تھ ھو غدار آھي جو ھُن قيام پاڪستان جو ٺهراءُ پيش ڪيو ۽ ٻيو تھ ھو عالم نه آھي، سائين جي ايم سيد جا مخالف ان کان اڳتي ٻيو ڪجھھ چئي نھ سگھندا آھن، ائين ئي جيئن مڪي ۾ محمد صلعم جا مخالف جڏھن مٿس ٻيو ڪو الزام ھڻي نھ سگھندا ھيا تھ کيس جادوگر چوڻ ئي ڪافي سمجھندا ھيا. ھتي اسان جو اھو بحث نھ آھي تھ سائين جي ايم سيد عالم نه ھيو، پر ھتي اسان فقط ايترو چوڻ چاھينداسين تھ اڄوڪي سنڌ ۾ شاھ عبدالطيف ڀٽائي ئي اھا واحد ھستي آھي جنھن ماڻھوءَ جي فن، فڪر ۽ شخصيت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ دانشورن جي ھڪ وڏي کٽ ڏينھن رات ھڪ ڪيون ويٺي آھي، سرڪاري ادارن جي وڏن وڏن عھدن تي براجمان ٿي ڪري ڪيئي ڏھاڪن کان پيٽ پاليندي رھي آھي، تحقيق جي نالي ٿاڌل ڇاڻيندي رھي آھي، سائين جي ايم سيد ئي اُھو ماڻھو آھي جنھن شاھ لطيف جي فن، فڪر ۽ شخصيت کي اڄ کان سٺ، ستر سال اڳ ان وقت سنڌي ماڻھن کي آسان ۽ سولي انداز ۾ کولي ٻڌايو ھو جڏھن شاھھ لطيف جي ڪنھن کي خبر نھ ھوندي هُئي سواءِ مئخاني جي موالين جي ٻيو ڪوبھ شاھھ لطيف کي نھ سڃاڻيندو ھو، سائين جي ايم سيد سنڌ جي تاريخ جي اھا پھرين ھستي آھي جنھن عام ماڻھن کي عام فھم انداز ۾ شاھھ لطيف جي فڪر کي سمجھايو، ھُن ماڻھن کي لطيف جي فڪر وسيلي سنڌ سمجھائي، ۽ لطيف جي فڪر ذريعي ئي وطن ۽ وطن سان محبت کي سمجھايو، اھو ڏينھن ۽ ھي ڏينھن وري ڪو سنڌي دانشور، ڏاھو ۽ عالم سنڌي عوام کي سائين جي ايم سيد وانگر لطيف ۽ ان جي فڪر ۽ شخصيت کي سمجھائي نھ سگھيو آھي، پر افسوس جو لطيف وٽ ڪا ڊاڪٽريٽ جي ڊگري نھ آھي، ھا پر اھا حقيقت آھي تھ لطيف وٽ علم ضرور ھو جيڪو اڄ جي عالمن وٽ نھ آھي، دنيا ۾ عِلمَ نسبتي لاڳاپن جي حوالي سان ترقي ڪندا آھن، جيئن يونان ۾ ڏاھپ جو علم عام ھو تنھنڪري اتي فقط ڏاھا ئي پئدا ٿيا، يونان ۾ ھڪڙو بھ صوفي پئدا نھ ٿيو، چين ۾ قديم دور کان وٺي جنگ ۽ جدل جو راڄ ھيو تنھنڪري اتي فوجي، جنرل ۽ ويڙھاڪ تمام گھڻا پئدا ٿيا جن جي فن جا لکين نمونا اڄ بھ مارشل آرٽ جي صورت ۾ موجود آھن، ۱۸۶۸ع ۾ جاپان جي شھنشاھھ ميجيءَ جي آندل صنعتي سڌارن ۽ انقلاب بعد جاپانين جھڙوڪر مشين ۽ صعنت طرف ڌيان ڏنو ۽ ان ڌيان کي جھڙوڪر جاپاني تاريخ ۾ ٻي عظيم جنگ بعد عملي روپ ڏيندي مشين سازيءَ ۾ ايترو تھ اڳتي نڪري ويا جو اڄوڪي جاپان ۾ انجنيئرنگ جي ھر شعبي ۾ انجنيئرن جو انگ دنيا جي ٻي ڪنھن بھ ملڪ کان جاپان ۾ سوايو آھي ۽ اھو ئي سبب آھي جو چيو ويندو آھي تھ ھرجاپانيءَ جو پھريون عشق مشين ۽ ٻيو عشق ڇوڪريءَ سان ٿيندو آھي، اھو ئي سبب آھي تھ سائين جي ايم سيد تاريخ جي جنھن دور ۾ ساھھ کڻي رھيو ھو ان دور جي اھا ئي ضرورت ھُئي تھ ماڻھن کي وطن جي حب ۽ ان جي تحفظ جو احساس ڏيارجي، ظاھر آھي ماڻھن کي وطن جي حب جو احساس قومي سورمن، مفڪرن ۽ واقعن جي پيرائتي ڄاڻ ڏيڻ سان ئي ٿيندو ۽ قوم جو تحفظ عملي سياست سان ئي ٿيندو، ۽ سائين جي ايم سيد اھي ٻئي عمل ان وقت ڪيا جڏھن ان طرف نھ ڪو سوچ ويچار ڪندو ھو ۽ نھ ئي ڪنھن کي ايتري ڄاڻ، ھمت ۽ عشق ھو، سائين جي ايم سيد پنھنجي دور جو نھ تھ سٺو سائنسدان ٿي سگھيو، نھ ڪو چالاڪ غدار ٿي سگھيو ۽ نه ئي شھيد ٿي سگھيو، تنھن ڪري ئي ھو نه ته عالم آھي، نھ محب وطن آھي ۽ نه ئي امر انسان آھي. رھي ڳالھ سائين جي ايم سيد جي سياست ۽ ۱۹۴۷ع واري پاڪستان جو ٺهراءُ سنڌ اسيمبليءَ ۾ پيش ۽ منظور ڪرائڻ جي جنھن ڪري کيس غدار چيو وڃي ٿو، ته ان سلسلي ۾ بھ ڪجھھ ڳالھيون بيان ڪرڻ ضروري آھن، جنھن وقت انگريز سنڌ ۾ داخل ٿيا ھيا ان وقت گڏيل برصغير ٻن تھذيبي ملڪن ۾ اڳ ئي وراھيل ھو، جنھن جون جاگرافيائي حدون ته اعلانيل نه ھيون پر تھذيبي حدون ضروراعلانيل ھيون جيڪي ٻنهي ملڪن جي جاگرافيائي حدن جو تعين ڪنديون هيون، سنڌو ۽ هندو ٻه الڳ الڳ تهذيبون آهن، جيڪي پنهنجي خاصيتن ۽ ٿمل جي حوالي سان هڪ ٻئي جي ويجهو هجڻ ڪري هڪ جهڙيون لڳنديون آهن، انھن تهذيبي حدن ۾ بمبئي (اڄ جي ممبئي/ مھاراشٽر) ڪراچي ڪنڊ ملير، بدين جو زيرو پوائنٽ، کان ۱۹۴۷ع ۾ پاڪستان جي قيام بعد هندستان ۾ شامل ڏيکاريل سنڌ جون ست تهذيبي رياستون، جن ۾ جيسلمير، ڀڄ، رڻ ڪڇ، ٻاڙميڙ، بڙودا، گجرات، ڪاٺياواڙا شامل آهن، جڏهن ته هاڻوڪي سنڌ جي اتر ۾ هاڻوڪي بلوچستان ۾ شامل علائقا جيڪي حب کان ٿيندي، لس ٻيلو، گڏاڻي، سون مياڻي، گوادر، سبي، ڍاڍر، قلات، چمن، مڪران، ڪول پور سميت مهر ڳڙهه، ميراڻي ڊيم وارو علائقو، شال ڪوٽ (هاڻوڪو ڪوئٽا، شال ڪوٽ تي اهو نالو ۱۹۶۵ع ۾ رکيو ويو) ۽ ان کان اڳتي ايران جا ٻه علائقا جن ۾ هڪ سيوستان شامل آهن ۽ ايران ۽ بلوچستان سان گڏ افغانستان جا علائقا قنڌار ۽ جلال آباد قديمي طور تي سماٽن ۽ آرين جا علائقا آهن اڄ به انهن علائقن ۾ شوو جا مندر آهن، ۽ اڄ به انهن علائقن ۾ سنڌي آباد آهن، جن کي اتي “پڪا سنڌي” ڪري سڏيندا آهن. قنڌار جو شوو مندر تقريبن اڌ ڪلوميٽر جي ڊيگهه ۾ آهي، افغانين، افغانستان ۾ موجود گوتم ٻڌ جي مجسمي کي جيڪو دنيا جي قديم ۽ اوچن مجسمن مان هڪ هيو ميزائل هڻي ڊاهي ڇڏيو پر انهن شوو مندر جي هڪڙي سر به نه ڀڳي، جڏهن ته اولهه طرف لداخ کان وٺي ڪشمير جو سمورو علائقو ، اولهه-اتر طرف اڄوڪي پنجاب ۾ گڊو، ڪشمور ۽ ماڇڪي کان مٿي ملتان، پنج نند ۽ ڪالا باغ تائين وارا علائقا شامل آهن جيڪي مٿي اوڀر طرف ڪوهه هماليا، ڪوهه هندو ڪڇ ۽ ڪيلاش بربت تائين وڃن ٿا، اهي سمورا علائقا قديم سنڌو تهذيب جي ملڪ جي پکيڙ ۾ شامل هيا، انهيءَ سڄي پسمنظر ۾ انتهائي عجيب ۽ دلچسپ ڳالهه اها آهي ته انهن سمورن علائقن مان سنڌو ڪنهن نه ڪنهن نموني گذري ٿي ۽ پهچي ٿي، اهو ئي سبب آهي ته قديم دور کان وٺي انهن علائقن ۾ مهاديو شوو جون سماڌيون جڙيون، ۽ سنڌو تهذيب اوسر ڪري جوان ٿي. اھا آھي تھذيبي سنڌ، مٿي ذڪر ڪيل سمورن علائقن ۾ سنڌو مت جو ڦھلاءُ ھيو، سنڌو مت سنڌين جو اصلوڪو ويدڪ مذھب آھي جنھن ۾ مھاديو شوو سنڌو تهّذيب جو خدا آهي، جنھن جا نوانوي روپ آھن ھو ضرورت پوڻ تي ڪنھن بھ روپ ۾ اچي ٿو سگھي، جتي شوو آھي، اتي سنڌ آھي، اھا قديم سنڌ جي دعوى آھي ۽ اها جديد سنڌ جي دعوى پڻ آهي، سنڌوءَ جو وطن هڪ تهذيبي وطن آهي. ۷۱۲ع ۾ مسلمانن جي حملن جي وقت تائين سنڌ پنهنجي انهيءَ سموري مهاديو شوو جي تهذيبي ورثي کي سهيڙي اچي راجا ڏاهر تائين پهچايو، ۽ راجا _ڏاهر جي دور تائين پهچندي پهچندي سنڌ هڪ اهڙو تهذيبي ملڪ بڻجي چڪو هو جنهن جي سڃاڻپ فقط سنڌو هُئي، ۽ انهيءَ تهذيبي ملڪ ۾ مٿي ذڪر ڪيل علائقا شامل هيا ۽ راجا ڏاهر سنڌوءَ جي انهيءَ سلطنت تي حڪمراني ڪندو هو، اسلام جي اچڻ بعد سرزمين عرب جا بدو مسلمان ٿي رھزنن مان ڦري مجاهد ٿي پيا، اسلام جي اچڻ بعد جھڙوڪر سندن جا دنيا تي حملا جائز ٿي پيا، جنھن لاءِ ھاڻي انھن وٽ ڪيئي خاص سبب پڻ ھيا، جن کي رد ڪرڻ ايڏو آسان به نھ ھو. انهن سنڌو تهذيب کي فتح ڪرڻ لاءِ سترنهن ڪاهون ڪيون ۽ کين هر ڪاهه تي شڪست ملندي رهي، پر بنو اُميه جي مسلسل حملن ۽ جنگي اوزارن محمد بن قاسم جي قيادت ۾ حملي کي ڪامياب بڻايو، انهيءَ حملي ۾ به سنڌ جي دلير پُٽن ڄمي مقابلو ڪيو جو محمد بن قاسم جا اوسان خطا ٿي ويا ھيا، ايتري قدر جو فتح جي اعلانن بعد هُو پنھنجن سپاھين کي چوڻ لڳو تھ ”مون کي پاڻي کارايو“، جيڪا سنڌ مهاديو شوو جي خدائيءَ جو محور ۽ مرڪز ھُئي اھا سنڌ راجا ڏاهر تائين پهچندي، هڪ عظيم سلطنت ۽ سنڌوءَ جو ديس بڻجي چڪي هُئي. قصو مختصر ته سنڌ ۾ انگريز ۱۸۴۲ع ۾ وارد ٿيا، ان کان اڳ انگريز ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ذريعي ڪلڪتي ۽ بمبئيءَ جي بندرگاهه تان ھندستان ۾ پهتل هيا ۽ ان کان اڳ ۾ پورچوگيز گووا جي سامونڊي ڪنارن سان هندستان ۾ وارد ٿي چڪا هيا، سنڌ جي تاريخ ۾ ۷۱۲ع بعد اهو ٻيو دفعو هو جو ۱۸۴۲ع ۾ انگريز آزاد ۽ خودمختيار سنڌ تي قابض ٿيا هيا، انھيءَ وچ ۾ سنڌ پنھنجي بچاءَ ۾ ڪيئي جنگيون ڪيون هيون. برصغير ۾ انگريزن جي اچڻ بعد سندن خلاف احتجاجن جو سلسلو ۱۸۵۷ع کان شرو ع ٿيو هو جنهن ۾ جيئن پوءِ تيئن واڌ ايندي پئي وئي، احتجاجن جا اھڙا سلسلا ۱۹۳۵ع ۾ سڄي برصغير ۾ ٿيا ۽ ٿيندا رھيا ۽ ۱۹۴۷ع تائين اچي پنهنجي منطقي انجام تائين پھتا، انهيءَ سموري دور دوران انگريز سرڪار سنڌ کي باقي هندستان ۽ بنگال سان گڏ هلائيندي رهي، پر هُن سنڌ جي تهذيبي علائقي سان نه ته هٿ چراند ڪئي ۽ نه ئي ان ۾ ڪا ڪٽوتي ڪئي، پر ان جي ابتڙ انگريز سنڌو تهذيب جي انهيءَ علائقي کي دستاويزي شڪل ڏني ۽ نقشا جاري ڪيا، جن مان هڪڙو نقشو اڄوڪي سرائي علائقي جو به آهي جنهن کي ان وقت انگريز ڏکڻ سنڌ چيو هو، نه ڪي سرائيڪي علائقو يا پنجاب، جڏهن ته انهيءَ علائقي مان پنج نند شروع ٿئي ٿو ۽ انهيءَ علائقي مان ستلج، چناب، بياس، راوي ۽ جهلم نديون گذرن ٿيون، انگريز انهن علائقن کي پنجاب جو نالو انتظامي سطح تي ڏنو هو نه ڪي جاگرافيائي حوالي سان يا ڪنهن قوم جي نسبت جي حوالي سان برصغير جي تاريخ ۾ پنجابيءَ جي نالي سان ڪڏهن به ڪنھن بھ قوم جو ڪو وجود ئي نه رهيو آهي. اڄ به پنجابي ڳالهائيندڙ ساڃاهه وندن جو هڪ وڏو انگ پاڻ کي سنڌو تهذيب سان جوڙي ٿو نه ڪي پنجابي ڪلچر سان، هندو سنڌين ۾ پڻ ڪيئي خاندان آهن جيڪي پنجابي نسبت سان سڃاتا وڃن ٿا جو مذڪوره پنجن ئي نندين جو تعلق سنڌو ۽ سنڌ سان آهي. سنڌ جي ويجھي تاريخ ۾ ملتان سنڌ جي گاديءَ جو ھنڌ رھيو آھي، جڏھن تھ قديم سنڌ جي حوالي سان ملتان ۽ ان جي ڀرپاسي واري جھنگ ۾ رام پنھنجي بنواس جا ۱۴- سال گذارايا آھن، هن وقت انهيءَ جهنگ واري علائقي مان هڪڙو ننڍڙو علائقو جهنگ سيال جي نالي سان مشهور آهي، هي علائقو انهيءَ جهنگ جو هڪ ننڍڙو حصو آهي، اڄ به ملتان ۾ شمس تبريز جي مزار جي ڀرسان ئي ”سوريه مندر“ آھي، جنھن کي ھر حملي آور نقصان پھچايو ۽ ان کي آخري نقصان نواز شريف جي پھرين دور ۾ بابري مسجد واري معاملي تي پھچايو ويو. سوريه مندر ڀڳوان رام جي بنواس ڪاٽڻ بعد آراڌنا طور جوڙيو ويو، ھاڻوڪي پنجاب جا ٻھ علائقا قصور ۽ لاھور ڀڳوان رام جي ٻن پٽن جا علائقا آھن ۽ تاريخ ۾ انهن جي نالن پٺيان سڏيا ويا، جن مان قصور ”ڪيش“ ۽ لاھور ”لو” جي ”نالن“ سڃاتا ويندا رهيا آهن. سنڌ مجموعي طور تي مهاديو شوو جي قديم دور کان وٺي، مهاراجا ڏاهر جي وچيئن اوائلي دور مان گذرندي جڏهن انگريز جي دور ۾ پھتي ته مڪمل طور تي هڪ سياسي ايڪي جي شڪل اختيار ڪري چڪي ھُئي، پر ان موقعي تي سنڌ جي بدنصيبي اھا ھُئي جو سنڌ کي نھ تھ ڪا مضبوط سياسي قيادت حاصل ھُئي ۽ نھ ئي ڪو شھنشاھھ گھراڻُو، راجا ڏاھر ۽ ان خاندان جي خاتمي بعد سنڌ مان اھڙي شھنشاھي گھراڻي جي پڄاڻي ٿي چڪي ھُئي. سنڌ ۾ انگريزن جي اچڻ کان اڳ ۽ ۱۹۴۷ع تائين به سنڌ ۾ اهي ئي علائقا شامل هيا، جيڪي مهاراجا ڏاهر جي دور ۾ هيا، اهو ئي سبب آهي جو جڏهن انگريز حيدرآباد قلعي ۾ خيما کوڙي ويٺل ھيا ۽ راجستان جي ڪنهن ڇانوڻيءَ مان انگريز ڊاڪٽر کي گهرائيندا هيا ته هو پنهنجي سرڪاري خط ۽ ڪتابت ۾ راجستان، سنڌ ڪري لکندا هيا، اهڙا دستاويز اڄ به ڏسي سگهجن ٿا. سنڌ ۷۱۲ع بعد جڏهن ۱۹۴۷ع تائين پهچي ٿي ته ان کي سياسي طور تي ته ڪيئي اڳواڻ ملن ٿا پر انهن مان ٻه اڳواڻ انتهائي اهم آهن انهن مان هڪ شهيد الاهي بخش سومرو ۽ ٻيو سائين جي ايم سيد شامل آهن، ٻئي سنڌ جا عاشق ۽ سچا ۽ کرا ماڻھو، پر بدقسمتي اھا آھي تھ ٻنھي کي عوامي طور تي سياسي پُٺ نھ ھُئي ۽ نھ ئي ان وقت ۾ وٽن ڪا سائنسي بنيادن تي سياسي پارٽي ھُئي، جنھن جو نقصان اھو ٿيو تھ جو ۱۹۴۷ع ۾ انھن کي جھڙي نموني سنڌ جو ڪيس عوامي عدالت ۾ پيش ڪرڻ گھرجي ھا اھو نھ ڪري سگھيا. ۱۹۴۷ع تائين برصغير جو سياسي منظر نامو ڪجهه اهڙو اچي بيٺو جهڙوڪر سمورو برصغير برٽش انڊيا جي نالي انگريزن جو هڪ ملڪ هو، جنهن جون ڪي بھ جاگرافيائي حدون/ بائونڊريون نه هيون، هڪ ئي خطي هيو، جنهن کي وڻي جيڏانهن وڃي ان تي ڪا پابندي نه ھُئي، ڪابل جي پٺاڻ کي خيال پوي تي ڇونهارن جي ٻوجهو ڪهلي تي رکي وڃي بنگال پهچي، سنڌين کي ضرورت پوي ته پڙهائي ۽ ٻين سببن ڪري وڃي ببمئي پهچن، ملباڙيءَ جو موڊ ٿئي ته اچي سکر، حيدرآباد ۽ ڪراچي پهچي، ميمڻن جو موڊ ٿئي ته بدين کان وڃي ڪاٺياواڙ پهچن، اهو ئي سبب آهي ته سنڌ ان وقت به هندستان جي ماڻهن خاص ڪري اردو ڳالهائيندڙن لاءِ هڪ پرڪشش علائقو هو جنهن جا ٽي مکيه سبب هيا هڪ سنڌ جو خوشحال هجڻ، ٻيو سنڌ جو تهذيب يافته هجڻ ۽ ٽيون ڪراچيءَ جهڙي شهر جو سنڌ جي گادي هجڻ، ان وقت ڪراچي سموري برصغير جي شهرن مان هڪ اهم ۽ جديد شهر هو، اصل ۾ ڪراچيءَ جھڙي شھر ئي ھندستان جي مسلمانن کي سنڌ اچڻ تي مجبور ڪيو جو هو گڏيل ھندستان ۾ بمبئي ۽ ڪلڪتي جھڙا شھر ڏسي چڪا ھيا جيڪي ميٽروپوليٽن ۽ بندرگاھي شھر آھن، انھن ڪراچيءَ تي قبضي لاءِ جھڙوڪر ۱۹۴۷ع جھڙي سانحي جو انتظار پئي ڪيو، اھو ئي سبب آھي جو ورھاڱي بعد برصغير جي ٻي ڪنھن به علائقي مان ھڪڙو بھ ماڻھو ڪراچيءَ نھ پھتو سواءِ يو پي، سي پي، بھار ۽ لکنئو جي مسلمانن جي، جو انھن وٽ نھ تھ ڪو بندرگاھي ۽ نھ ئي ڪو ميٽروپوليٽِن شھر. ڪراچي شھر جي جديد معيارن موجب تعمير جي شروعات اڄ کان پنج سئو سال اڳ ھندن شروع ڪئي ۽ بعد ۾ سيٺ هرچند راءِ، جمشيد نسرواجيءَ، سان گڏوگڏ سائين جي ايم سيد جديد ڪراچيءَ جي تعمير ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سنڌ، مهاديوشوو جي دور کان وٺي، مهاراجا ڏاهر جي دور کان ٿيندي جڏهن ۱۹۴۷ع ۾ پهچي ٿي تڏهن سنڌ کي وري هڪ اهڙي قائد جي ضرورت پوي ٿي جيڪو، مهاديو شوو ۽ مها راجا ڏاهر جي تسلسل کي برقرار رکندي مها رهبر ٿي سگهي ها، جو ۱۹۴۷ع وارو ئي اهڙو دور هو جڏهن هڪ تهذيبي سنڌ پنهنجي ورجاءَ ڪندي هڪ ٿيڻ جو اعلان ڪري ها، پر ائين ٿي نه سگهيو جنهن جا ڪيئي سبب ٿي سگهن ٿا پر اهڙي صورتحال ۾ جڏهن سياسي حوالي سان ان وقت جي سياسي اڳواڻن جي پنهنجي معاشري ۾ پذيرائي نه ٿيندي هُجي، جڏهن اوهان جي علائقي ۽ خطي خلاف سو سازشون ٿينديون هجن، جڏهن اوهان جي وطن جون سرحدون کليل هجن ۽ اوهان غير محفوظ هجو ته پوءِ اهڙو فيصلو ڪرڻ انتهائي ضروري ٿي پوي ٿو، جيڪو اوهان جي عوام ۽ اوهان جي خطي کي تحفظ فراهم ڪري سگهي، اهڙي صورتحال ۾ اوهان وٽ اهڙي سياسي حڪمت عمليءَ جو هجڻ ضروري آهي جيڪا اوهان جي مدد ڪندي هُجي. برصغير ۾ انگريزن جي خلاف شروع ٿيل بغاوتن جي تحريڪن ۾ تيزي اچڻ بعد اهي تحريڪون ڪنهن حد تائين سياسي جوڙجڪ ۾ اچي رهيون هيون ۽ اينديون ويون، انهن سمورين تحريڪن جي سياسي جوڙجڪ ۾ اچڻ بعد سندن سياست جو هڪ مضبوط نقطو جڙي پيو هو، اهو هو، ”انگريز برصغير مان نڪري وڃن“، پر پوءِ انهيءَ نقطي ۾ تبديلي تڏهن آئي جڏهن برصغير ۾ مسلمانن ٻھ قومي نظرئي جي بنياد تي هندستان جي ورهاڱي جو مطالبو ڪندي برصغير جي مسلمانن لاءِ الڳ وطن جي گهر ڪُئي ۽ اهڙي صورتحال ۾ جيڪو ٻيو سياسي نقطو جڙي منظر عام تي آيو اهو هو ”برصغير مان انگريزن جي نيڪاليءَ جي صورت ۾ هندستان ۽ پاڪستان نالي ٻه ملڪ قائم ٿيندا ۽ برصغير ۾ جيڪي مسلم اڪثريتي علائقا آهن، اهي علائقا پنهنجيون آزاد ۽ خودمختيار حڪومتون جوڙيندا ۽ اهي حڪومتون هڪ وفاق ۾ برابر جي نمائندگي ۽ حقن سميت شامل هونديون ۽ جيڪڏھن ڪا رياست اھڙي وفاق ۾ پاڻ لاءِ ڪي مسئلا سمجھي ٿي تھ وفاق کان الڳ به ٿي سگھي ٿي“. سائين جي ايم سيد ۱۹۴۷ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ ۾ قيام پاڪستان متعلق جيڪا ٺهراءَ پيش ڪري ۽ منظور ڪرايو هئو، اهو انهيءَ وفاق متعلق هُئو، جنهن ۾ برصغير جون مسلم اڪثريتي رياستون شامل ٿيڻيون هيون ۽ پنهنجي پنهنجي علائقائي، ثقافتي، تهذيبي ۽ اقتصادي آزاديءَ، مالڪيءَ ۽ خودمختاري سان، پاڪستان نالي وفاق ۾ گڏ ٿيڻيون ھيون، اهڙي ٺهراءَ پنهنجي تخليق جا ڪيئي مرحلا طئه ڪيا هيا ۽ ان ڏس ۾ لکنئو، ڪلڪتي ۽ لاهور جا اجلاس اهم آهن. ۱۹۴۷ع جي سنڌ ۾ جڏهن انگريز ان ڳالهه تي راضي ئي نه هُجي جو سنڌ کي الڳ ۽ خودمختيار ملڪ جي حيثيت ڏئي آزاد ڪري ۽ نه ئي ان وقت سنڌ جي سياسي قيادت ان لائق هُجي جو هو سنڌ جي آزادي ۽ خودمختيار حيثيت جي بحاليءَ لاءِ ڪا جدوجهد ڪري سگھي، اهڙي صورتحال ۾ ان کان وڌيڪ ڪهڙو فيصلو ٿيندو جو اوهان پنهنجي وطن جي حيثيت کي محفوظ ۽ مقدم بڻايو، جيڪو سياسي عمل سائين جي ايم سيد ڪيو، سائين جي ايم سيد جي ڪيل اهڙي سياسي فيصلي جا جيڪي ٻيا مثبت پهلو نڪرندا رهيا آهن، ضروري آهي ته انهن جو ذڪر به ٿئي، پر ان کان اڳ اها ڳالهه ضرور ٿيڻ گهرجي ته سنڌ سائين جي ايم سيد جي سياسي قيادت تائين پهچندي پهچندي قديم سنڌ پنهنجو سياسي ايڪو ته برقرار رکي نه سگهي پر پاڪستان جي ٺهراءَ جي صورت ۾ ٺهندڙ وفاق ۾ پنهنجي سياسي حيثيت ضرور بچائي سگهي. اها ڳالهه سياست جي شاگردن جي ڄاڻ ۾ ضرور هوندي ته دنيا ۾ ٻن قسمن جون رياستون ٿينديون آھن ھڪUnitary رياستون ۽ ٻيونNative رياستون، سياسي بيهڪ، اختيارن ۽ ذميوارين جي حوالي سان اھي الڳ الڳ ٿينديون آهن، پاڪستان جو قيام هڪUnitary رياست جي طور تي ٿيو هو جنهن ۾ شامل يونٽ خودمختيار حيثيت ۾ هڪ وفاق ۾ گڏ ھوندا، کين وفاقي اختيارن، وسيلن ۽ ادارن ۾ برابريءَ جي نمائندگي ملندي ۽ انھن جي حق حڪمرانيءَ جو تحفظ ڪيو ويندو، ايتري قدر جو انهن کي جيڪڏهن وفاق مان ڪا تڪليف آهي ته اهُي الڳ ٿيڻ جو حق به استعمال ڪري سگهن ٿيون، Unitary رياستن ۾ ھڪ کان وڌيڪ مختلف تاريخي، سياسي، سماجي ۽ تھذيبي پس منظر رکندڙ خطا گڏ ٿي سگھن ٿا جڏھن تھ اھڙي وفاق ۾ پڻ ھڪ کان وڌيڪ نسل ۽ قومون گڏ ٿي سگھن ٿيون. جڏهن تهNative رياستون فقط ھڪ ئي قوم، نسل ۽ خطي جي ماڻھن تي مشتمل ھونديون آھن، جيئن سعودي عرب، عرب امارات کيUnitary رياستن جي بھترين مثال طور ڏسي سگھجي ٿو. دنيا ۾ ھن وقت سعودي عرب، ويٽنام، ملائشيا، انڊونيشيا، جرمني ۽ فرانس Native رياستن جي مثالن طور ڏسي سگھجن ٿيون، جڏھن ته ھندستان، آمريڪا ۽ برطانيھ کي ھن وقتUnitary رياستن جي پس منظر ۾ ڏسي سگھجي ٿو، سائين جي ايم سيد جي ٺهراءَ پاڪستان اصل ۾ عرب امارات جھڙي وفاق جي لڳ ڀڳ ھُئو ۽ ان وقت مثالي ھُئو ٺهراءَ هُئي ۽ اڃا تائين هڪ مثالي ٺهراءَ آھي جيڪڏھن ان کي ان جي روح سان لاڳو ڪيو وڃي ھا تھ. سائين جي ايم سيد، ان وقت جي سياسي حالتن جي حوالي سان هڪ درست فيصلو ڪيو، پر پوءِ سياسي سازشن سبب ٿيندڙ نقصانن جو کيس الزام ڏيڻ درست ناھي. ۱۹۴۷ع ۾ سنڌ اسميبليءَ جي پاس ڪيل جنهن ٺهراءَ جي نتيجي ۾ پاڪستان، مسلم رياستن جي ميلاپ سان هڪ وفاقي ملڪ طور تي وجود ۾ آيو هو، آخرڪار اهو ملڪ به فقط ان جي ڪري ٻه ٽڪر ٿي ويو جو پاڪستان کي هلائيندڙن سنڌ اسيمبليءَ جي اهڙي ٺهراءَ جو نه ته مان رکيو ۽ نه ئي ان سان وفا ڪئي ۽ نه ئي ان تي عمل ڪيو، نتيجي ۾ هڪ وڏي آباديءَ وارو علائقو لکين ماڻهن جي قتل جي نتيجي ۾ الڳ ٿي ويو، ته ڇا؟ اسان اهڙي صورتحال ۾ اهو چئي سگهون ٿا ته بنگالين جو ۱۹۴۷ع جي سنڌ اسيمبليءَ جي ٺهراءَ کي مڃڻ غلط هو جو هو پاڪستان ۾ شامل ٿيا هيا، نه بلڪل به نٿو چئي سگهجي ڇو جو بنگالين به ائين محسوس ٿي ڪيو جيئن سائين جي ايم سيد محسوس ڪيو هو، “ ته بنگالين کي هڪ اهڙي ئي وفاق جي ضرورت آهي، جيڪو انهن جي ملڪي جاگرافيائيءَ کي سلامت رکي سگهي، انهن جي ٻولي ۽ ادب جو تحفظ ڪري سگهي ۽ گذر سفر ۽ اقتصادي وسيلن جو دفاع ڪري سگهي، بنگالي قوم جي سماجي ريتن، رسمن ۽ ثقافتي ورثي کي محفوظ بنائي سگهي، سو ائين چوڻ درست هوندو ته بنگالين جو ان وقت ڪيل اهڙُو فيصلو بلڪل به درست هيو، ۽ ۱۹۷۱ع ۾ بنگالين جو پاڪستان جي وفاق کان الڳ ٿيڻ جو فيصلو بھ ائين ئي درست هيو جيئن ۱۹۴۷ع ۾ سائين جي ايم سيد جو ٺهراءَ پاڪستان، سنڌ اسيمبليءَ ۾ پيش ڪرڻ ۽ منظور ڪرائڻ جو فيصلو درست هيو، ۽ بعد جي صورتحال ۾ سائين جي ايم سيد جو اختيار ڪيل سياسي موقف بھ بلڪل ائين ئي درست آھي جيئن بنگالين جو ۱۹۴۷ع واري ٺهراءَ تسليم ڪرڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ، بدنيتين ۽ سياسي سازشن جي شروعات ان بعد ٿي جنهن جو نقصان وفاق پاڪستان کي پيو. ۱۹۴۷ع جي ٺهراءَ برصغير جي مسلم اڪثريتي علائقن تي مشتمل هڪ وفاقي ملڪ لاءِ هئو جنهن ۾ شامل ايڪا خودمختيار حيثيت ۾ وفاق جو حصو هوندا، پر بعد ۾ جڏهن سياسي سازشن جو دور شروع ٿيو ته سڀ کان پهريان ۱۹۴۷ع واري ٺهراءَ پاڪستان کي ئي رد ڪيو ويو، جنهن جي پٺيان هڪ مخصوص لابيءَ جو بي انتها خوف هيو، بنگال جيڪو اولهه پاڪستان سڏبو هو، اهو آباديءَ جي حوالي سان اوڀر پاڪستان جي چئني ايڪن جي ڀيٽ ۾ به جهڙوڪر اڪثريت ۾ هيو، جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ اوڀر پاڪستان جي چئني ايڪن کي گڏائي به لوڙائي ۾ هجڻ جي خوف سبب انهن جي اها حيثيت جيڪا ۱۹۴۷ع ۾ هُئي ختم ڪئي وئي، ۽ بنگال جي پڻ اها اهڙي سياسي، ثقافتي، سماجي ۽ اقتصادي حيثيت جيڪا ۱۹۴۷ع ۾ هُئي اها به ختم ڪئي وئي، مجموعي طور تي ۱۹۴۷ع جي ٺهراءَ کي ئي رول بيڪ ڪيو ويو، نتيجي ۾ ۱۹۷۱ع ۾ بنگال، بنگلاديش ٿي ويو ۽ ملڪ ٻه ٽڪر ٿي ويو، جيڪڏهن ۱۹۴۷ع جي ٺهراءَ تي عمل ٿيندو هُجي ها ته اها صورتحال پيش نه اچي ها. ھن ملڪ جي بدنصيبي بڻائي وئي تھ ان کي پنھنجي قيام بعد نھ ته آئين ڏنو ويو ۽ نھ ئي انھيءَ دستاويز تي عمل ڪيو ويو، جيڪو ھن ملڪ جي قيام جو بنياد بڻيو هو، ٿيڻ تھ ائين گھرجي ھا تھ جيستائين آئين جڙي، تيستائين ۱۹۴۷ع واري ٺهراءَ تحت ادارا ٺاھي ملڪ کي ھلايو وڃي ھا جو ان ٺهراءَ ۾ وفاقي يونٽن جي فرض ۽ وفاق جون ذميوايون چٽيون بيان ڪيل ھيون، پر ائين نھ ڪيو ويو نتيجي ۾ ناانصافين جي ھڪ ڊگھي دور جي شروعات ٿي جنھن جي نتيجي ۾ بنگال پاڪستان جي وفاق کان الڳ ٿي ويو، بنگال جو الڳ ٿيڻ ۱۹۴۷ع جي ٺهراءَ جي درست ھجڻ جو واضع ثبوت آھي، جيڪڏھن سنڌي اسميبليءَ جي انھيءَ ٺهراءَ تي عمل ڪيو وڃي ھا تھ بنگال ڪڏھن بھ پاڪستاني وفاق کان الڳ نھ ٿئي ھا، اھا ڳالھھ ثابت ٿي ڪري تھ سائين جي ايم سيد جو فيصلو غلط نھ ھيو. اڳتي بنگال جي سانحي بعد وري جڏھن ۱۹۷۳ع جو آئين ٺھي ٿو تھ ان آئين ۾ بھ ۱۹۴۷ع جي ٺهراءَ جي نقطن تي ڌيان نھ ٿو ڏنو وڃي، سياسي طور تي اھا عجيب ڳالھھ آھي، جو دنيا ۾ ڪٿي بھ ائين نھ ٿيندو آھي، آمريڪا جو “ ڊڪليئريشن آف انڊپينڊنس” اڄ آمريڪا جو آئين آھي، جنھن ۾ گذريل ۵ سو سالن ۾ فقط چار ترميمون ٿيون آھن، پر پاڪستان جي حوالي سان تھ ” ڊڪليئريشن آف فرڊم“ کي ٽڪي جي بھ اھميت نھ ڏني وئي، ۱۹۷۳ع جي آئين جي بدقسمتي اھا رھي جوان جي جوڙيندڙ کي ئي ڦاھي ملي، ان آئين ۾ بيشمار ترميمون ٿيون، ان آئين ۾ اھڙي ڪا سگھھ ئي نھ رھي تھ اھو ملڪ ۾ آمريتن کي روڪي سگھي، اھو آئين ھن وقت تائين وفاقي ايڪن کي نھ تھ حق ڏياري سگھيو آھي ۽ نھ ڪو سياسي استحڪام قائم ڪري سگھيو آھي، اڄ سياسي صورتحال اھا آھي تھ ۱۹۷۳ع جي آئين کي سرجيندڙ حڪمران ڌر ان ۾ ۱۸- ھين آئيني ترميم ذريعي ڪيئي ترميون ڪري ان کي وفاق جي ايڪن لاءِ مفيد بنائڻ جون ڪوششون ڪيون آھن. ملڪ ۾ ون يونٽ مڙھي ۱۹۴۷ع جي ٺهراءَ کي رد ڪندڙن پنھنجين اکين سان ڏٺو تھ ملڪ ٻھ ٽڪر ٿي ويو، سياسي فيصلي جي حوالي سان ون يونٽ مڙھيندڙ غلط ثابت ٿيا، ۽ ھاڻي ۱۹۷۳ع جي آئين ۾ ۱۸- ترميم ڪري ايڪن کي حق ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪندڙن اھو ثابت ڪيو تھ ۱۹۷۳ع جو آئين غلط ھيو، انھن ٻنھي صورتن ۾ جيڪڏھن، سائين جي ايم سيد جي ۱۹۴۷ع واري ٺهراءَ پاڪستان تي حقيقي طور تي عمل ڪيو وڃي ھا تھ ڪوبھ نقصان نھ ٿئي ھا، وقت ثابت ڪيو تو ون يونٽ مڙھيندڙ ۽ ۱۹۷۳ع جو آئين ڏيندڙ ٻئي غلط ھيا ۽ ٻنھي جو مقصد فقط پاڪستاني وفاق ۾ شامل ايڪن کي نقصان پهچائڻو هو ۽ وقت اھو بھ ڏٺو تھ انھن ٻنھي ڌرين جو انجام ڪھڙو ٿيو. انھيءَ سموري سياسي عمل اھو ثابت ڪيو تھ ۱۹۴۷ع ۾ سنڌ اسميبليءَ مان پاڪستان جو ٺهراءَ پيش ۽ پاس ڪرائڻ وارو سائين جي ايم سيد جو فيصلو درست ھيو، ۽ اھڙو درست فيصلو سائين جي ايم سيد کي تاريخ ۾ واقعي بھ مھا رھبر ڪري پيش ڪرڻ لاءِ ڪافي آھي. سائين جي ايم سيد سنڌ جو عظيم عاشق دودو ديشي سنڌو ڪناري هڪ پوڙهو جھور گيت جھونگاري ماتر ڀومي جي جياپي لاءِ دشمنن لاءِ سيهي جي دوار ثابت ٿيو. هن زندگي جا ڪيترائي حسين سال زندان جي جھوڪن ۽ نظر بندن ۾ گھاريا. دنيا جي ڌرتي ماءُ سان اڪير ڏسي کيس عاشقن سنڌ سڏڻ لڳي. هن عظيم شخصيت ۱۹۰۴ ع ۾ سيد محمد شاهه سنائي جي گھر ۱۷ جنوري تي جنم ورتو. ننڍڙي لاءِ غلام مرتضيٰ ۽ وڏي لاءِ جي ايم سيد جي نالي سان مشهور ٿيندڙ کي سنڌ صدين تائين شايد ان جو نعم البدل پيدا نه ڪري سگھي. تنهن جڏهن ڏٺو ته سنڌ جنهن کي انگريز سامراج غلام بڻائي رکيو آهي تنهن خان غفار خان سان گڏ انگريزن کي هتان نيڪالي ڏيڻ ۾ به پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. کيس جڏهن ۴۷ ع کان اڳ سنڌ جي وزارت ملي ته قوم کي تعليم جهڙي عظيم زيور سان نوازڻ خاطر سنڌ يونيورسٽي جو بنياد وڌو. سيد اهڙو انسان هيو، جڏهن غدارن جي گوءِ هئي ڪي ماڻهوفرنگي سامراج جي دلالي ڪندي بهادر، سر راڻي بهادر جا لقب ماڻي رهيا هئا پر سيد انهن لقبن کي ٺڪرائي اصول پرست رهيو. سيد جي معراج ۽ منزل سنڌ رهي. حڪمرانن جون دلفريب لالچون ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ کان به هٽي ڪري هن دوستي ۽ دشمني جو محور سنڌ کي بڻايو. سنڌ سان عشق جا قصا جڏهن مشهور ٿيا ته هزارين نوجوان سندس رهبريءَ ۾ اچي هن کان آزاديءَ ۽ نجات جا درس وٺڻ لڳا. حڪمرانن هن ضعيف ۽ پوڙهي انسان کي جبري ملڪ ۽ پنهنجي لاءِ خطرو محسوس ڪري ۲۶ سالن تائين قيد ۽ نظر بند ڪيو. سندس آواز کي لبيڪ پهريان تعليمي ادارن مان ٿي. هزارين نوجوان فلسطين جي نوجوانن جيان ته هي جان عشق تي قربان آ ۽ عشق آزاديءَ تي قربان چئي محبوبن جي ٻانهن ۽ مائرن جي گودن کي الوداع چئي شمع آزادي جا پروانه بڻجي در در جوڳي بڻجي لفظن جا هٿوڙا ٺاهي غلاميءَ جي ننڊ ۾ ستل سنڌين کي جاڳائڻ لاءِ نڪتا. انهن سيد جي پوئلڳن کي ماڻهون جي ايم جا ڏنگا ٻار ڪوٺڻ لڳا. حڪمرانن کان به سٺو ڪين هزارين نوجوانن کي زندان جي ڪال ڪوٺڙين ۽ بند وارڊن ۾ بند ڪيو ويو. ڪيترن ئي رستن ۽ روڊن تي گولين جو نشانو بڻايو ويو. ڪيترن جي جسمن تي ڪوڙا ۽ ڦٽڪا هنيا ويا. ڪيترن کي تعليمي ادارن مان هميشه لاءِ رسٽيڪيٽ ڪيو ويو. پر پوءِ به اهي مڙس ماڻهو ٿي ثابت قدم رهي دشمنن کي للڪاريندا رهيا آهن. پر سامراج پوري مڪاري ۽ چالاڪي سان ان ڪوشش ۾ هيو ته ڪنهن به طريقي ۽ حيلي سان سن مان نڪرندڙ ان لاٽ آواز کي ختم ڪجي جيڪا مظلوم قوم سنڌ جي دردن جو در مان بڻجڻ واري آهي. سيد جو نظريو هڪ سمنڊ جيان آهي، جيئن سمنڊ ۾ ڪو به گند ڪچرو اندر پيٽ ۾ رهي نه سگھندو آهي ساڳئي ريت جن به غداريون مڪاريون ۽ نا انصافيون ڪيون تن کي قدرت، وري قومي تحريڪ مان لوڏي ڪڍيو. سيد هڪ همه گير شخصيت جو مالڪ هيو، ضعيف ۽ ٻڍڙن هٿن سان گھران عام ورڪرن لاءِ ماني کڻي اچڻ سياري جي سرد راتين ۾ اڌارت جو گھري ننڊ ۾ ستل تنظيمي نوجوانن مٿان هڪ ماءُ جيان سٺو هوندو هيو، متان ڪنهن جي مٿان سوڙ يا چادر لهي وڃي ته انکي سخت سردي کان بچائڻ لاءِ مٿس سوڙ وجھندو هيو. ڏکڻ ايشيا ۾ سيد واحد اڳوڻ ۽ شخصيت هيو جنهن ۾ ڪا به وڏائي، ڪوبه غرور نه هيو ۲۴ ڪلاڪ (جيل يا نظربندي کانسواءِ) عام ورڪرن ۽ سنڌي ماڻهن لاءِ دروازا کليل هئا نه ٻاهر ويٽنگ روم ۾ انتظام ڪرڻو پوندو هيو نه وري چٺ موڪلي ڄاڻ ڏبي هئي ته ڪير آيو آهي، ڪير ملڻ ٿو چاهي. انهيءَ کان علاوه سائين جي ايم سيد ۾ هڪ عظيم خوبي اها به هئي ته پاڻ کڻي ڪنهن کان به ڏکارا ڇو نه هجن ليڪن ڪنهن به ميار يا ائين چيائون ته توهان کي ائين نه ڪرڻ گھرجي. سائين جي ايم سيد هڪ اهڙي مٽيءَ مان ٺهي راس ٿيو هيو جنهن رڳو وفا ڪرڻ سکي هئي. سنڌ جو هي عاشق صادق اهڙن ارادن جو مالڪ هو جو منهنجي ذهن جي ڊڪشنري ۾ ايڏا مهان الفاظ نه آهن جو انهن جي ارادن کي مهانتا ڏيان. جي ايم سيد سيد ۽ سنڌ جو عشق عامر خان مهيسر ڌرتي جو وڏو ڪارناميو اھو آھي ته جتي ھن پنهنجي وشال مان وڻ, جبل جوالان ۽ جذيرھ پيدا ڪيا آھن اتي فطرت جي پرنور تخليق انسان کي به آباد ڪيو اٿس جيڪو پنهنجي جوھر ۾ ڪائينات جو محور ٿو ڏسجي. سنسار جي سجاوٽ ۽ ان جي رنگن ۾ ازل کان اڄ تائين اھڙا ڪيترا ئي دور آيا آھن جن ۾ ڌرتي جي املھ ۽ ارڏن فرزندن پاڻ ڳولھي ڪائنات جو ازلي حسن پوڄيو آھي جنهن ۾ محبت آھي, امن آھي, اتحاد آھي ۽ ترقيء بني آدم جو بنياد آھي. اڄ تائين اھو سلسلو جاري آھي. ڪي قدر دان اچڻ جي تياري ڪري رھيا آھن ۽ ڪي وڃڻ جي ويجھو آھن، ڪن مختصر جيون گھاريو ۽ ڪن ڊگھي ڄمار ماڻي، ڪن پاڻ کان پري ڏٺو ئي ڪين ۽ ڪن رڳو پري ڏٺو ۽ پاڻ ڏانھن ڏٺو ئي ڪين، ڪن ذاتي مفادن کي عزيز سمجھيو ۽ ڪن اجتمائي مفادن لاء پاڻ پتوڙيندي پنھنجي زندگي وقف ڪري ڇڏي. انھن سڀني انسانن کي ياد ڪرڻ ته ممڪن ڪين آھي, پر ياد اھڙن انسانن کي رکيو ويندو آھي جن جي سوچ ۽ عمل اجتمائي ۽ مسبت ھوندو آھي. سونھاري سنڌ به اھڙن امر انسانن کي جنم ڏنو آھي, جن پنھنجي پنھنجي شعبن ۾ رھندي گھڻن پنھنجي ڪرت سان نڀايو آھي پوء ڀلي کڻي اھي عالم، اديب ھجن يا شاعر مانجھي مرد ھجن يا جوڌا جوان ھجن يا سونھاري سنڌ مٿان پنھنجي جند گھوريندڙ عاشق ھجن. اھڙن ئي ارڏن ۽ عاشقن ۾ مٿانھون نالو جي ايم سيد جو به آھي. جنھن ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ع ۾ شھر سن ۾ سيد محمد شاھ جي گھر ۾ جنم ورتو ۽ سندس ڇٽيء جو نالو غلام مرتضيٰ شاھ رکيو ويو. ننڍي ھوندي ئي حسين ۽ ذھين ٻين ٻارڙن کان مختلف سندس لاڙو علم ڏانھن ڏسندي سندن والد کين ۱ جولاء ۱۹۱۰ ۾ پنھنجي ئي شھر سن جي سنڌي پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرايو جتي رڳو ڇھن درجن تائين پڙھايو ويندو ھو سائين جي ايم سيد محنت سان شفيق استادن جي نگرانيء ۾ ڇھ درجا پاس ڪرڻ کان پوء ۱۹۱۵ ۾ عربي، فارسي محترم قاضي محمد ھاشم ميمڻ کان ۽ انگريزي ماستر حامد علي ھالائي کان پرائي پاڻ ۱۶ سالن جي ننڍڙي ڄمار ۾ سياست ۾ پير پاتائون. ۱۹۲۵ع ۾ سائين جي ايم سيد لوڪل بورڊ تعلقي مانجھند جو صدر ۽ لوڪل بورڊ ڪراچي جو نائب صدر چونڊجڻ کان پوء پاڻ جيڪي سماجي ڪم ڪرايائون سي سڀ قابل تعريف ۽ سنڌ واسين جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اھم ڪردار آدا ڪن ٿا ساڳئي وقت سائين جي ايم سيد جو سنڌ سونھاري سان عشق جو اظھار به ڪن ٿا. پاڻ سنڌ ھاري ڪاميٽي قائم ڪئي جيئن سنڌ جو غريب ھاري پنھنجي پيرن تي بيھندي پنھنجي ڪٽنب کي خوشحال بڻائي سگھي. سندس ٻيو اھم ڪم اھو ھو ته ان دور ۾ ڪراچي ۾ ڪيترن ئي خاندانن جي گذر سفر واري ڪرت ماھي گيري مڇي مارڻ واري ھئي جنھن ڪري پاڻ ڪراچي ۾ مالدار ميربحر ايسوسيئيشن جو بنياد وڌو جيئن ماھي گيرن کي مانائتي زندگي گذارڻ جا موقعا ميسر ٿي سگھن سندن ٽيون اھم ڪم ڳوٺاڻي عورتن جي ڀلائي لاء ھڪ جمائت ٺاھي جنھن جي سپرد ڪيل مقصدن ۾ عورتاڻي تعليم ھٿ جو پورھيو ويم جون سھولتون ۽ ٻارڙن پالنا بھتر نموني ڪرڻ شامل ھئا. ۱۹۲۸ع ۾ سنڌ جي آزادي جي تحريڪ ھئي ته کيس بمبئي کان جدا ڪيو وڃي. تحريڪ سنڌ جي حوالي سان ھجي ۽ عاشق اڳتي نه اچي ائين ٿي نه ٿو سگھي ان ئي تحريڪ ۾ سائين جي ايم سيد تحريري تقريري مطلب ته ھر موڙ ھر موقعي تي ڀرپور ڪردار ادا ڪيو جيڪو وساري نه ٿو سگھجي ۽ اھڙي جدوجھد جي ڪري اپريل ۱۹۳۶ع ۾ سنڌ کي بمبئي کان آزاد ڪيو ويو. ۽ مٿان وري ۱۹۳۷ع ۾ سنڌ اتحاد پارٽي جي پليٽ فارم تان چونڊون وڙھيون ۽ بعد ۱۹۳۸ع ۾ مسلم ليگ ۾ شامل ٿيا ۽ ۳ مارچ ۱۹۴۳ع تي سنڌ اسيمبلي ۾ ”پاڪستان“ جي قيام واري تاريخي قرارداد پيش ڪري پاس ڪرائي جنھن ۾ سنڌ کي ھڪ خودمختيار رياست طور رکڻ جي رٿ ڏنل ھئي جنھن کي پائي تڪميل پھچائڻ لاء سائين جي ايم سيد ھر ممڪن ۽ ھر موقعي مھل تي ڪوشش جاري رکي. ايتري ۾ پاڪستان وجود ۾ اچي ويو. پاڪستان ٺھڻ کان پوء سنڌ جي عاشقي عيوض ھن ھر ظلم ۽ ڏاڍ جي ڀرپور مذمت ڪئي. پوء ڀلي ڪراچي کي مرڪز حوالي ڪرڻ ھجي يا ون يونٽ جون ڳالھيون يا وري ايوب خان جي مارشلا، مذمت دوران تڪليفين پريشانين کي به مسڪرائيندي مُنھن ڏنو پر سنڌ جي عاشقي تان ھٿ نه کنيو. مذمت دوران آيل تڪليفون ته سيد جي عزم کي وڌيڪ پختو ڪنديون رھيون جنھن جي نتيجي ۾ ۳،۴ مارچ ۱۹۷۲ع تي سنڌ جي جدوجھد شروع ڪئي وئي جنھن جو بنياد سيڪيولر، ڊيموڪريٽڪ، سوشلسٽ ۽ نيشنلسٽ جھڙن اھم نقعتن تي رکيو ويو. ۱۹۹۲ع تي نشترپارڪ ڪراچي ۾ جلسو منعقد ڪرايو ويو. جنھن ۾ سيد جي ۸۹ ھين سالگرھ ملھائي وئي. جنھن سيد تاريخي سپاس نامو پيش ڪندي نيو ورلڊ آرڊر جي روشني ۾ سنڌ جو ڪيس وضاحت سان پيش ڪيو جنھن جي نتيجي ۾ سيد کي وقفي وقفي سان جيل ۽ نظربنديء جون سزائون به ڏنيون ويون عدم تشدد جي قائل سنڌ جي ھن عاشق ۳۲ سال ۱۰ مھينا ۲۱ ڏينھن تڪليفون برداشت ڪندي آخري گھڙي تائين امن، اتحاد، ڀائيچاري، عزت، احترام، ترقي، خوشحالي جھڙا سبق ڏيندي سنڌ سان لاتل ننڍپڻ واري نيھن کي نڀائيندي پنھنجي اصولن ۽ نظريي جي پختگيءَ سان پابندي ڪندي ۲۵ اپريل ۱۹۹۵ع تي ڪراچي ۾ وفات ڪئي ۽ کين پنھنجي جنم ڀومي سن ۾ رکيو ويو. جي ايم سيد جنهن سان اڄ سنڌ جو نوجوان عشق ڪري ٿو جنهن جي شخصيت ۽ فڪر جي ڇانو ۾ سنڌ جي مستقبل ڏانهن ڏسي ٿو. سائين جي ايم سيد منهنجو محسن-منهنجو رهبر محمد ابراهيم جويو سائين جي ايم سيد سان منهنجو سڄيءَ زندگيءَ جو سنٻنڌ رهيو آهي. مون کي پاليو ۽ نپايو منهنجن مائٽن، پر مون جو ڪجهه پرايو ۽ ان پراپت مان آئون جيڪي ڪجهه بنيس، تنهن لاءِ آئون سائين جي ايم سيد جو شڪر گذار آهيان. سائين جي ايم سيد جو ڳوٺ سن آهي، ۽ آئون ان کان ويهارو ميل پري هڪڙي ننڍڙي واهڻ “آباد” ۾ ڄائو هوس. منهنجو پيءُ ته منهنجي گهڻي سانڀر کان اڳ ئي گذاري ويو هو، ۽ منهنجي ماءُ به پوءِ وڇڙي ويئي، پر منهنجو ڏاڏو ۽ ڏاڏي حيات هئا، جن مون کي ماءُ پيءُ جو پيار ڏنو. منهنجو ڏاڏو هڪ جامڙد، ڏاهو ۽ خود دار شخص هو، پنهنجو راڄ توڙي آسپاس جا راڄ هن جو ڏاڍو لحاظ رکندا هئا. مون کي ياد آهي ته آئون جڏهن يارهن ورهين کن جو هوس ۽ سنڌي ڇهون درجو پڙهندو هوس، تڏهن اسان کي هر روز ٽي ميل پري، پاسي واري ڳوٺ، تيرٿ لڪيءَ جي اسڪول ۾ سنڌي پڙهڻ لاءِ وڃڻو پوندو هو. هڪ ڏينهن ڏاڏو ڪنهن ڪم سان سن ويو ۽ موٽيو ته هڪ اهڙي ڳالهه کڻي آيو، جيڪا منهنجي نئين جنم جو سبب بڻي. جيڪڏهن اڄ مون کي اهو معلوم ٿي وڃي ته اهو ڪهڙو ڏينهن هو، جڏهن ڏاڏو سن مان موٽيو هو، ۽ منهنجي نئين جنم جي اها ڳالهه کڻي آيو هو، ته اهو ڏينهن آئون هوند پنهنجي اصلي جنم جو ڏينهن ڪري هر سال ملهايان. ڳالهه هيءَ هئي ته سائين جي ايم سيد ان سال پنهنجي ڳوٺ ۾ هڪ ديني تعليم جو مدرسو، بورڊنگ هائوس سميت، ۽ سنڌي اسڪول سان گڏ انگريزي تعليم لاءِ اي وي ڪلاس کولايا هئا ۽ جڏهن خبر پيس ته ڏاڏو سن ۾ هو، تڏهن هن کي سڏائي، مدرسي ۽ انگريزي ڪلاسن ۾ پنهنجن ڇوڪرن کي داخل ڪرائڻ جو سخت تاڪيد ڪيائين. جڏهن ڏاڏي گهر ۾ سن جي نئين اسڪول جي ڳالهه ڪئي، تڏهن مان ڏاڍو خوش ٿيس. هيءُ سال ۱۹۲۷ع جو هو. پوءِ آئون سن جي انگريزي اسڪول ۾ داخل ٿيس. سائين جي ايم سيد وٽ منهنجو ڏاڏو مون کي وٺي ويو، ان وقت آئون ۱۲-۱۱ ورهين کن جو هئس. سائين جي ايم سيد جي والد سيد محمد شاهه مرحوم جي شهادت ۽ سندس وڏي حضرت ميين حيدر، جنهن جي درگاهه جا پاڻ سجاده نشين هئا، تن جون ڳالهيون سڄي تر ۾ عام پکڙيل هيون. سائين جي ايم سيد لاءِ عام اها خبر ته ننڍي وڏي جي وات هئي ته پاڻ پنهنجي والد محترم جي شهادت وقت ٻالڪ اوستا ۾ هئا ۽ سندن عام ناموس هئي ته سنِ بلوغت جي عمر تي پهتا ته عام اعلان وسيلي سڄيءَ سنڌ ۾ رهندڙ پنهنجي مريدن لاءِ اهو پڌرو ڪيو هئائون ته ڪو به کين پيرين پئي نه ملي. ٻيو ته پنهنجي مريدن مان پاڻ ڪو به نذر نياز يا ڏَن نه وصول ڪندا. ان زماني ۾ لڪيءَ تائين سڄو محال ڪوهستان به ڪراچي ضلعي سان ڳنڍيل هو ۽ سائين جن پاڻ ڪراچي ضلعي لوڪل بورڊ جي اسڪول بورڊ جا تڏهن چيئرمين هئا. مون ٽي درجا انگريزيءَ جا پاس ڪيا، ته سائين جي ايم سيد مون کي ڪراچي لوڪل بورڊ جي اسڪالرشپ وٺي ڏني ۽ پوءِ آئون ڪراچيءَ جي سنڌ مدرسي ۾ ۱۹۳۱ع ۾ داخل ٿيڻ لاءِ، پنهنجي ڏاڏي مرحوم سان گڏجي ڪراچيءَ ويس. اتي جڏهن ڏاڏو ۽ آئون ڪراچي جي سٽي اسٽيشن تي لٿا هئاسون ته اتي اسان کي وٺڻ لاءِ لڪيءَ جي سيٺ تيجو مل جو گماشتو آيو هو ۽ اسان کي بولٽن مارڪيٽ وٽ پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ وٺي وڃي رات اتي رهايائين. ٻئي ڏينهن تي بولٽن مارڪيٽ کان گانڌي گارڊن تائين ويندڙ ٽرام گاڏيءَ ۾ ويهاري، سائين جي ايم سيد جي بنگلي تي آڻي ڇڏيو هئائين. ٻئي ڏينهن سائينءَ ڪاغذ ڏيئي پنهنجي خاص ماڻهوءَ سان مون کي مدرسي جي پرنسپال، ڊاڪٽر علامھ دائود پوٽي صاحب وٽ موڪليو. علامه صاحب منهنجا اسڪول ليونگ سرٽيفڪيٽ ڏسي ۽ پوءِ سائين جي ايم سيد جو خط کولي پڙهيو. ائين آئون اتي اسڪول ۾ داخل ٿيس. مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ ڏاڏي مرحوم جي زور ڀرڻ تي، دل تي پٿر رکي، سائين جي ايم سيد وٽ حاضر ٿيس ته مون کي ڪا نوڪري وٺرائي ڏين. مون کي مئٽرڪ جي امتحان ۾ دادو ضلعي مان پهريون نمبر بيهڻ تي اسڪالرشپ ملي هئي، تنهن جي کين خبر هئي ۽ منهنجي دلي خواهش جي به کين سڌ هئي ته مون نوڪري ڪرڻ نٿي گهري، پر وڌيڪ پڙهڻ ٿي گهريو. پاڻ همت ڏياريائون ۽ چيائون ته نوڪري ڪنهن به صورت ۾ نه ڪجي، پر، ڪيئن به ڪري، پڙهڻ لاءِ ڪاليج ۾ داخلا وٺجي. پوءِ مون کي ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچي جي پرنسپال بٽاڻي صاحب ڏانهن چٺي لکي ڏنائون ۽ جيتوڻيڪ داخلا جون تاريخون گذري چڪيون هيون، پر درويش صفت پرنسپال مون کي ڪاليج ۾ داخل ڪيو ۽ اهڙيءَ طرح زندگيءَ جي راهه ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر مون کي سائين جي ايم سيد جي رهبري ۽ مدد نصيب ٿي. هڪ ياد سيد صاحب جي حوالي سان منهنجي من ۽ ذهن تي چٽيل آهي ۽ جيڪا نه رڳو ياد جي حد تائين آهي، پر ان منهنجي پوريءَ زندگيءَ تي پڻ گهرا اثر ڇڏيا آهن. اها ياد ڪجهه هن طرح ته جڏهن آئون اڃا سورهن ورهين جو هوس ته سيد صاحب مون کي شاهه لطيف ڀٽائيءَ جي درگاهه تي حاضريءَ لاءِ وٺي ويو هو. شاهه لطيف جي مزار تي پاڻ دعا گهريائون، جا خاص طرح سنڌ جي نسبت سان هئي. انهيءَ دعا ۾ ٽي شيون شامل هيون: (۱) امن جهجهائي(Plenty of Peace) (۲) اندر اُجار (Enlightenment) (۳)آزادي (Freedom) انهيءَ دعا ۾ شامل ٽنهي شين کي مون چڱيءَ طرح ياد ڪيو، اڃا به، هانءُ سان هنڊايو ۽ انهيءَ مهل، ڀٽائيءَ سائينءَ جي آڳرن تي اهو پڪو پهه ڪيم ته انهن ٽنهي شين جي حاصلات لاءِ آئون سڄي ڄمار پاڻ کي ڪاربند رکندس. اڄ به آئون انهن ٽنهي شين جي خواهش رکان ٿو. سائين جي ايم سيد سان خيالن جي ڪڏهن به منهنجي نا اتفاقي نه ٿي آهي. سواءِ ٿورڙي وقت لاءِ هڪ مسئلي جي سلسلي ۾، اهو هو مسلم ليگ جي سياست جو مسئلو. سائينءَ جو ستيه پريم ۽ ايڪتا يعني حق، محبت ۽ وحدت جي پرورش ۽ علمبرداريءَ جو ڪردار آهي، جيڪو سنڌ جي تاريخ، لافاني ادب ۽ تهذيب جو، سنڌ جي سَنتن، اوليائن ۽ درويشن جو ۽ سنڌ جي سمورن صالح ۽ سرويچ سپوتن، اڳين توڙي هاڻوڪن جو ڪردار آهي ۽ سنڌ جي انهيءَ ئي آفاقي ڪردار جي پوئواريءَ ۾ آئون ۽ مون جهڙا ٻيا ڪيئي سنڌ ۽ سنڌ سان گڏ عالم انسانيءَ جا محب ۽ فدائي اڄ به سائين جي ايم سيد جا ساٿي ۽ ٻانهن ٻيلي ٿيو بيٺا آهن ۽ ان سندم ساٿ ڌڻي سرواڻ ۽ سندس ساٿ تي اسان کي فخر رهيو آهي. سائين جي ايم سيد جي رياست لاءِ ۽ سندس سنڌي قوم لاءِ قوم دوست فڪر جي چونڊ ۽ ان جي ڦهلاءُ لاءِ باضابطا نموني عملي، قومي، توڻي سياسي اڳڀرائي، ڪي اوچتا ئي فيصلا نه هئا، جهڙِيءَ ريت عام طرح سوچيو، چيو، لکيو ۽ اظهاريو ويو آهي. اهڙن حتمي نتيجن تي پاڻ لڳاتار عملي سياست جي تلخ تجربن ۽ سنڌي قوم سان ٿيندڙ انيڪ ناانصافين، واعدي خلافين ۽ سازشي فيصلن جي عمل ۾ اچڻ کان پوءِ پهتا هئا. اسين پڻ انهن سمورن واقعن جا اکين ڏٺا شاهد آهيون. پاڻ اهي پهريان سنڌ دوست حقيقي مفڪر هئا، جن سنڌ ۾ قومي فڪر جي پنهنجين لکڻين ۽ خطابن وسيلي باقاعدي جوڙجڪ ڪئي ۽ هڪ قوم طور سنڌي ماڻهن جو ڪيس، رياست اڳيان پيش ڪيائون، جنهن جي بدلي ۾ پاڻ رڳو جيل ۽ نظربندين جا عذاب ئي نه سٺائون، پر مٿن الزام ۽ دشنام، تهمتون ۽ بهتان به رکيا ويا، انهن مڙني الزامن، دشنامن، تهمتن ۽ بهتانن کي قبول ڪيائون، جيڪي رياست پاران انهيءَ ڪري ميدان ۾ لاٿا ۽ عمل ۾ آندا ويا هئا ته جيئن پاڻ ماٺ ڪري ويهي رهن. حقيقت هيءَ آهي ته سيد صاحب جن وٽ پنهنجي سنڌ ۽ سنڌي قوم جي تاريخي تشخص جي بحالي، ان جي مڃتا ۽ ان جي حاصلات کان سواءِ ٻيون سڀ شيون معنيٰ وڃائي ويٺيون هيون. ائين چئجي ته به غلط نه ٿيندو ته پاڻ روحاني طرح عقل جي اوچي ڏاڪي يعني عقلِ سليم تائين، ٻين لفظن ۾ سنڌ سان عشق جي منزل تائين پهچي چڪا هئا، جتي پهچي صعوبتون ۽ سختيون، ڏک ۽ اهنج به پنهنجي اساسي تاثير ۾ سک ۽ راحت بڻجي پوندا آهن. جي ايم سيد هڪ انقلابي ڪردار دلشاد ڀٽو سينئر جي ايم سيد جي ولادت سن ۱۹۰۴ ۾ ٿي هئي۔ پوري گهر ۾ واحد اولاد نرينه هو۔ جي ايم سيد جو والد، سن واري مسجد ڏانهن نماز لاءِ ويندي، عين ان وقت قتل ڪيو ويو، جڏهن جي ايم سيد جي عمر صرف پوڻا ٻه سال هئي۔ جي ايم سيد جي پرورش خاندان جي عورتن ڪئي۔ جي ايم سيد کي ابتدائي تعليم سن جي پرائمري اسڪول ۾ ڏياري وئي۔ پرائمري تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ مسئلو اهو هيو ته انگريزي تعليم لاءِ سن ۾ اسڪول ڪو نه هو۔ ان ڪري ٻه آپشن هيا يا ته جي ايم سيد کي وڌيڪ تعليم لاءِ سن کان ٻاهر موڪلجي يا ان جي تعليم جو سلسلو منقطع ڪجي۔ گهر جون عورتون سائين جي ايم سيد کان پنهنجي اکين کان پري ڪرڻ لاءِ تيار نه هيون۔ ڇو ته جي ايم سيد پوري خاندان جو اڪيلو فرد هو جنهن تي خاندان جي نسل جي بقا جو دار و مدار هو۔ انڪري جي ايم سيد جي گهر ۾ خاص سنڀال ڪئي ويندي هئي۔ جيڪا سنڀال گهر کان ٻاهر ملڻ ممڪن نه هئي۔ آخر گهڻي پس و پيش کان پوءِ اهو فيصلو ڪيو ويو ته جي ايم سيد سن ۾ رهندو ۽ ان کي سن ۾ تعليم ڏيڻ لاءِ خاص استادن جو بندوبست ڪيو ويندو۔ جيڪي ان کي گهر تي عربي، فارسي ۽ انگريزي جي تعليم ڏيندا۔ عربي ۽ فارس پڙهائڻ لاءِ قاضي محمد هاشم کي مقرر ڪيو ويو ۽ انگريزي پڙهائڻ لاءِ هڪ خاص استاد سن کان ٻاهران گهرايو ويو، جنهنجو نالو هو استاد حامد علي۔ جي ايم سيد جڏهن پنهنجن نون استادن وٽ پڙهائي شروع ڪئي ان وقت جي ايم سيد جي عمر لڳ ڀڳ ۱۰ سال هئي۔ اهو ۱۹۱۴ جو زمانو هو ۽ ۱۹۱۴ ۾ پهرين مها ڀاري جنگ شروع ٿي چڪي هئي۔ پهرين مها ڀاري جنگ جي شروعات سان هندستان ۾ انقلابي سياست جا نقاراوڄڻ شروع ٿي ويا ۽ انهن انقلابي نقارن جو آواز جي ايم سيد تائين به پهتو۔ مولانا عبيد الله سنڌي افغانستان ۾ وڃي هندستان جي آزاد جلا وطن حڪومت قائم ڪئي هئي ۽ هندستان جي آزاديءَ لاءِ انگريزن خلاف جنگ جو اعلان ڪيو هو۔ مولانا عبيد الله سنڌيءَ جي شروع ڪيل تحريڪ هندستان جي تاريخ ۾ ريشمي رومال تحريڪ جي نالي سان سڏي ويندي آهي۔ استاد حامد علي مولانا سنڌيءَ جي ريشمي رومال تحريڪ سان لاڳاپيل هو انڪري پوري هندستان ۾ ريشمي رومال تحريڪ جا ڪارڪن جيڪي به انقلابي سرگرميون ڪندا هيا استاد حامد علي انهن سرگرمين کان سائين جي ايم سيد کي واقف ڪندو هو۔ سنڌ ۾ ريشمي رومال تحريڪ جا ٻه وڏا ڳڙھ هيا۔ هڪ امروٽ جو مدرسو ۽ ٻيو پير جهنڊي وارو مدرسو۔ استاد حامد علي جو پير جهنڊي واري سان ڪافي ويجهو تعلق هو۔ انڪري جي ايم سيد جي به پير جهنڊي واري سان ويجهڙائي پئدا ٿي۔ ريشمي رومال تحريڪ جا ٻه مقصد هيا هڪ انگريز سان نفرت، ٻيو هندستان جي آزادي ۽ اهي ٻئي مقصد استادحامد علي پوري خوش اصلوبيءَ سان جي ايم سيد ڏانهن منتقل ڪيا۔ اهڙي ريت جي ايم سيد، ڏهن سالن جي عمر کان انگريز خلاف نفرت ۽ هندستان جي آزاديءَ جو تصور کڻي پروان چڙهيو۔ هي واحد انقلابي هو جيڪو ڏهن سالن جي عمر ۾ انقلاب ۽ آزاديءَ جي عشق ۾ جڙجي ويو۔ پهرين جنگ عظيم ۾ جرمنيءَ جي جنگ برطانيه ۽ فرانسى جي خلاف هئي۔ مولانا عبيدالله سنڌيءَ جا قيصر جرمنيءَ سان تعلقات جڙي چڪا هيا۔ انڪري مولانا سنڌيءَ جي معرفت جرمني هندستان جي آزادي پسندن کي اسلحو ۽ تربيت ڏئي رهي هئي۔ اهو سڀ ڪجهه جرمني هندستان جي عشق ۾ نه ڪري رهي هئي پر برطانيه کي شڪست ڏيڻ لاءِ ڪري رهي هئي۔ قيصر جرمنيءَ جو مقصد هو ته هندستان جا آزادي پسند انگريز سان وڙهن جيئن انگريز ڪمزور ٿي ۽ جنگ ۾ هارائي وڃي۔ پر جنگ ۾ برطانيه بجاء جرمنيءَ جي شڪست ٿي۔ جرمنيءَ جي شڪست سان ۱۹۱۹ ۾ پهرين عالمگير جنگ پڄاڻيءَ تي پهتي۔ اهڙي ريت جنگ جي خاتمي سان گڏ ريشمي رومال تحريڪ به غير فعال ٿي وئي۔ ريشمي رومال تحريڪ جي پس منظر تان هٽجڻ کان پوءِ انگريز خلاف پوري هندستان ۾ نيون مزاحمتي تحريڪون اڀري آيون۔ ياد رهي ته برطانيه خلاف جرمني اڪيلي نه وڙھي هئي پر ان جنگ ۾ جرمنيءَ سان گڏ اٽلي ۽ ترڪي به برطانيه ۽ فرانس جي خلاف وڙھي رهيا هيا۔ انڪري جنگ ۾ جرمنيءَ سان گڏ اٽلي ۽ ترڪيءَ کي به شڪست ملي۔ ترڪيءَ جي شڪست کانپوءِ برطانه ۽ فرانس جي فوجن ترڪيءَ تي قبضو ڪيو۔ ترڪيءَ ۾ جيئن ته مسلمانن جي اسلامي خلافت قائم ڪئي هئي۔ انڪري ترڪيءَ تي برطانوي فوجن جي قبضي کان پوءِ هندستان جي مسلمانن خلافت تحريڪ شروع ڪئي۔ خلافت تحريڪ جو مقصد هو ته برطانيه ترڪي خالي ڪري۔ پر اڳتي هلي اها تحريڪ هندستان خالي ڪيو جي تحريڪ ۾ تبديل ٿي وئي يعني انگريز هندستان خالي ڪري۔ سن ۱۹۱۹ ۾ هڪ ٻيو واقعو ٿيو. جنرل ڊائر جليانوالا باغ ۾ هڪ عوامي ميڙ تي انڌا ڌنڌ فائرنگ شروع ڪرائي ڏني۔ جنهن جي نتيجي ۾ سوين ماڻهون مارجي ويا۔ اها خبر پوري هندستان ۾ باه وانگر ڦھلجي وئي۔ ان واقعي کي بنياد بڻائي مهاتما گانڌيءَ عدم تعاون جي تحريڪ شروع ڪري ڏني۔ خلافت تحريڪ ۽ عدم تعاون جي تحريڪ ٻئي تحريڪون گڏ گڏ هليون۔ هڪ ئي وقت هندو مسلم گڏيل تحريڪن هندستان اندر انگريز جا بنياد لوڏي ڇڏيا۔ عين انهي وقت جڏهن انگريز جا بنياد لڏي رهيا هيا۔ جي ايم سيد عملي سياست ۾ پير پاتو۔ سن ۱۹۱۹ ۾ سنڌ ۾ خلافت تحريڪ جي پهرين ڪانفرنس ٿي۔ ان ڪانفرنس ۾ جي ايم سيد به شريڪ ٿيو هو۔ ۱۹۱۹ ۾ جي ايم سيد جي عمر مشڪل سان ۱۵ سال هئي۔ ان وقت قد ننڍو هجڻ سبب جي ايم سيد ميز تي چڙهي ميڙ کي خطاب ڪيو هو ۽ اها جي ايم سيد جي سياسي زندگيءَ جي پهرين تقرير هئي۔ ان ڪانفرنس کان پوءِ خلافت تحريڪ جي ٻي ڪانفرنس جي ايم سيد سن ۾ ڪرائي۔ ان ڪانفرنس ۾ جلسو به ٿيو ۽ تقريرون به ٿيون۔ تقريرن کان پوءِ خلافت تحريڪ لاءِ چندو ڪٺو ڪيو ويو۔ جي ايم سيد ان وقت عمر جي لحاظ کان نا بالغ هو۔ ۱۵ سالن جي ڪچي عمر ۾ هن کي اها خبر ڪو نه هئي ته هو ڇا ڪري رهيو آهي۔ خلافت تحريڪ لاءِ چندو ڪٺو ڪري جي ايم سيد انگريزن لاءِ موت جو سامان ٺاهي رهيو هو۔ ڇو ته ان ڪانفرنس ۾ پير جهنڊي وارو به شريڪ هو ۽ خلافت تحريڪ لاءِ سن ۾ ٿيندڙ چندو پير جهنڊي واري جي معرفت مولانا عبيد الله سنڌيءَ وٽ پهچي رهيو هو ۽ مولانا سنڌي ان رقم مان انگريز جي موت لاءِ اسلحو ۽ بارود خريد ڪري رهيو هو۔ جرمنيءَ کي شڪست ضرور ٿي هئي پر مولانا سنڌيءَ جي جلا وطن حڪومت آڃا قائم هئي۔ جنگ کٽڻ جي باوجود انگريز تان خطرو ڪونه ٽريو هو۔ انڪري اهو فيصلو ڪيو ويو ته جي ايم سيد کي ڪهن به حالت ۾ روڪيو وڃي۔ ياد رهي ته جي ايم سيد جو والد ان جي ننڍپڻ ۾ ئي قتل ٿي چڪو هو۔ جي ايم سيد جي والد جي وفات کان پوءِ هن جي خانداني ملڪيت سرڪاري سنڀال ۾ هلي وئي هئي۔ انگريزن ان ملڪيت جي سنڀال لاءِ هڪ وارڊن مقرر ڪيو هو۔ وارڊن هر مهيني خرچ لاءِ هڪ مخصوص رقم جي ايم سيد جي گهر ڏيندو هو, جنهن کي وظيفو چوندا هيا ۽ انگريزن اهو وظيفو بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو۔ پر وظيفو بند ڪرڻ کان اڳ جي ايم سيد کي گهرائي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي۔ فيصلو ٿيو ته جي ايم سيد کي ڪمشنر گهرائيندو ياد رهي ته ان وقت پوري سنڌ تي هڪ ڪمشنر مقرر هو جنهن کي گورنر جيترا پاور هيا۔ ڪمشنر طرفان جي ايم سيد کي پاڻ گهرائڻ جو فيصلو ظاهر پيو ڪري ته معاملو ڪيترو اهم هو جنهن کي ڪليڪٽر يا ڊپٽي ڪليڪٽر جي حوالي نه پيو ڪري سگهجي۔ ٻين لفظن ۾ جي ايم سيد انگريزن لاءِ انتهائي خطرناڪ بڻجي چڪو هو۔ آخر ڪار ڪمشنر پاڻ حيدر آباد آيو ۽ جي ايم سيد کي طلب ڪيو ويو۔ ڪمشنر جي ايم سيد کي چيو ته هو خلافت تحريڪ ڇڏي ڏي۔ پر جي ايم سيد هن کي منهن تي کتو جواب ڏيندي چيو ته مان خلافت تحريڪ نه ڇڏيندم۔ ان کان پوءِ ڪمشنر جي ايم سيد کي سمجهائيندي چيو ته تون اڃا صغير آهين، اسان جي سنڀال ۾ آهين۔ مان چاهيان ته تعليم لاءِ توکي بمبئي موڪلي سگهان ٿو۔ جي ايم سيد جواب ۾ چيو توهان کي جيڪو وڻي سو ڪيو پر مان خلافت تحريڪ کان علحده ڪو نه ٿيندم۔ ان کان پوءِ ڪمشنر غصي ۾ اچي چيو ته جيڪڏهن تون نه مڙندي ته اسان توکي بمبئي جي ڪنهن هاسٽل ۾ موڪلي ڇڏينداسي۔ انڱريز ڪمشنر جي ايم سيد کي بمبئي موڪلڻ جي ڌمڪي ته ڏني پر بمبئي موڪلي نه سگهيو۔ ڇو ته جي ايم سيد کي جي بمبئي موڪليو وڃي ها ته گهر جون عورتون احتجاج ڪن ها۔ جيڪڏهن سيد زاديون احتجاج ڪن ها ته مريد مڇرجي پون ها۔ ڪاڇي ۾ جي ايم سيد جا هزارين مريد هيا جيڪڏهن اهي بغاوت تي لهي اچن ها ته انگريز هڪ نئين ڏچي ۾ اچي وڃي ها۔ انڪري انگريز پنهنجي ڌمڪيءَ تي عمل نه ڪيو۔ انگريز سرڪار جي ايم سيد کي بمبئي ته نه موڪليو پر هن جو وظيفو بند ڪري ڇڏيو۔ ان فيصلي کان پوءِ وارڊن جيڪا رقم گهر جي خرچ لاءِ ڏيندو هو اها بند ڪئي وئي۔ حڪومت جا جڏهن سڀ حربا ناڪام ويندا آهن ته پوءِ اها اقتصادي ناڪه بندي تي لهي ايندي آهي۔ انگريزن به جي ايم سيد جي اقتصادي ناڪه بندي ڪئي هئي۔ جيئن مجبور ٿي جي ايم سيد سياست ڇڏي ڏي۔ پر جي ايم سيد نه سياست ڇڏي نه خلافت تحريڪ ڇڏي۔ جي ايم سيد جا مريد ايترا هيا جو گهر جو خرچ مريد به هلائي سگهن پيا۔ انڪري جي ايم سيد کي ان جي پرواه نه هئي ته انگريز وظيفو بند ٿو ڪري يا جاري ٿو ڪري۔ انگريزن جڏهن ڏٺو ته انهن جو اهو حربو ناڪام ٿو وڃي ته هنن پنهنجي چال تبديل ڪئي۔ فيصلو اهو ٿيو ته جي ايم سيد کي ان جي ملڪيت واپس ڪئي وڃي۔ اها ملڪيت نه هئي پوري جاگير هئي۔ حيدر شاه سنائي جي ڏاڏي سيد بدر الدين شاه کي ڄام نظام الدين لڪيءَ کان وٺي ڪوٽڙيءَ تائين درياه جي ٻنهي پاسن جي زمين جاگير طور ڏني هئي ۽ درياه جي انهن ٻنهي پاسن ۾ ڪيترا شهر ۽ ڪيترا ڳوٺ اچي وڃن پيا۔ ان جاگير جو پورو اڌ جي ايم سيد جي حصي ۾ آيل هو۔ جوانيءَ جي ڪچي عمر ۾ جڏهن ايڏي وڏي جاگير ملي وڃي ته چڱن ڀلن جو زهد ٽٽي پوندو آهي ۽ طبعيت عياشيءَ ڏانهن مائل ٿي ويندي آهي۔ عمر جي ان حصي ۾ عورت ۽ شراب لاءِ ڪشش پئدا ٿيندي آهي۔ خاص طور ان وقت جڏهن روڪڻ ٽوڪڻ وارو ڪوئي به نه هجي۔ انگريزن جو مقصد به اهو هيو ته جي ايم سيد کي جڏهن بي تحاشا دولت ملندي ته هو عورت ۽ شراب ڏي مائل ٿيندو۔ جڏهن عورت ۽ شراب ڏي مائل ٿيندو ته انقلابي گڻ وڃائي ويهندو۔ يقيناً انگريز ڪجهه اهڙا ماڻهون به جي ايم سيد پويان ڇڏيا هوندا جيڪي هن کي عياشيءَ ڏي مائل ڪن۔ پر آفرين آهن خاندان جي انهن عورتن کي جن جي ايم سيد جي پرورش ڪئي۔ جي ايم سيد جي پرورش ان جي پڦيءَ، ڏاڏيءَ ۽ ماءُ ڪئي هئي ۽ اهي ٽئي عورتون قابل تحسين آهن جن جي ايم سيد کي هڪ اهڙو باڪردار انسان بڻايو جنهن انڱريز جي عزائم کي شڪست ڏئي ڇڏي ۽ بي تحاشا دولت ملڻ جي باوجود به عياشيءَ ڏي مائل نه ٿيو۔ جي ايم سيد ۱۹۲۴ تائين خلافت تحريڪ سان وابسته رهيو۔ ۱۹۲۴ ۾ ترڪ اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال اتا ترڪ پاڻ ئي ترڪ خلافت ختم ڪري ڇڏي اهڙي ريت خلافت تحريڪ به ختم ٿي وئي۔ جي ايم سيد هڪ طويل عرصو خلافت تحريڪ ۾ مذهبي عالمن سان گڏ رهيو پر مذهبي انتها پسنديءَ هن کي ڇهي به نه گذري۔ سن ۱۹۲۱ ۾ جڏهن مهاتما گانڌي سنڌ جو دورو ڪيو هو ته جي ايم سيد مهاتما گانڌيءَ سان ملڻ لاءِ دادو ريلوي اسٽيشن تي ويو هو۔ جتي هن جي ريل ۾ مهاتما گانڌيءَ سان ملاقات ٿي هئي۔ مهاتما گانڌيءَ جي ايم سيد کي تلقين ڪئي هئي ته هو کاڌيءَ جا ڪپڙا پائي ۽ جي ايم سيد خلافت تحريڪ ۾ هوندي به کاڌيءَ جا ڪپڙا پائڻ شروع ڪيا هيا۔ ان مان ظاهر ٿو ٿئي ته مذهب کان بالا تر جي ايم سيد صرف انقلاب ۽ انقلابي ڪردارن جو عاشق هو۔ اهو انقلابي ڪردار مولانا عبيد الله سنڌي جو هجي يا مهاتما گانڌي جو هجي۔ سائين جي ايم سيد سياست، قيد بنر ۽ نظربندي پاويل جوڻيجو ننڍي کنڊ جي سياست، سماج ۾ جن ماڻهن فڪري تبديلي آندي، انهن ٿورن نالن جي فهرست ۾ سائين جي ايم سيد جو نالو شامل آ هي. سندس فڪر مڃندڙ رهبر سنڌ سڏين ٿا. هتي پاڻ سائين جي ايم سيد جي سياست ۽ ان سياست جي ڪري قيد و بند ۽ نظربندي جو جائزو وٺون ٿا. سائين جي ايم سيد جي سياست: سائين جي ايم سيد سياست جي شروعات ته پاڪستان ٺھڻ کان اڳ ڪري چڪو هو پر تحريڪ پاڪستان ۾ قائداعظم محمد علي جناح سان گڏ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي سرگرمي ڪئي، ملڪ ٺهڻ کانپوءِ قومپرست سياست جي شروعات ڪيائين. اهو قصو هيئن آھي ته پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ۱۹۴۸ع ۾ ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪري مرڪز حوالي ڪرڻ جي سازش ٿي، ان وقت ايوب کهڙو سنڌ جو وزيراعليٰ ۽ مسلم ليگ جو صدر هو، جنهن ڪراچي کي مرڪز جي حوالي ڪرڻ کان انڪار ڪيو، ان تي سر غلام حسين مرڪزي سرڪار جي حڪم تي ايوب کهڙي کي هٽائي پير الاهي بخش کي وزيراعليٰ مقرر ڪيو. سائين جي ايم سيد ڪراچي کي مرڪز حوالي ڪرڻ خلاف سخت آواز اٿاريو تـه کيس سن ۾ ٽن مهينن لاءِ نظربـند ڪيو ويو. ۱۹۴۸ع ڌاري سائين جي ايم سيد ترقي پسند سياستدانن سان گڏجي “پاڪستان نيشنل پارٽي” ٺاهي، جنهن جو صدر خان عبدالغفار خان کي چونڊيو ويو. ان دوران ۱۹۵۲ع ۾ ويانا ڪانفرنس ۾ جـي ايم سيد پاڪستان ۽ خطي جي امڪاني حالتن جو درست اندازو لڳائيندي مذهبي ڪٽرپڻي جي زور وٺڻ جو خدشو ڏيکاريو هو، اڄ ۲۱ هين صدي ۾ اهو سچ ثابت ٿي چڪو آهي. ۱۹۵۳ع ۾ سنڌ اسيمبلي جون نيون چونڊون ٿيون، جن ۾ سائين جي ايم سيد ستن ميمبرن سان چونڊ کٽي آيو ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ جي حيثيت ۾ ڪراچي سنڌ کي واپس ڪرائڻ ۽ سنڌ جي حقن جي گهر لاءِ يڪراءِ ٺهراءُ پاس ڪرايائين. ان کان ڊڄي، گورنر جنرل چوڌري غلام محمد ون يونٽ ٺاهڻ جي سازش رٿي، پر وزيراعليٰ سنڌ عبدالستارپيرزادي ۽ ٻين ميمبرن ون يونٽ جي حمايت کان انڪار ڪيو، جنهن تي هن آئين ساز اسيمبلي ختم ڪري، ايوب کهڙو کي سنڌ جو وزيراعليٰ مقرر ڪرايو، جنهن پوليس جي مدد سان، ناجائز طريقن سان ميمبرن کي ڊيڄاري، سنڌ اسيمبليءَ مان ون يونٽ جي حق ۾ ٺهراءُ پاس ڪرايو. ۴ ميمبرن پير الاهي بخش، شيخ خورشيد، عبدالحميد جتوئي ۽ غلام مصطفيٰ جتوئي مخالفت ڪئي. جي ايم سيد، قاضي فيض محمد ۽ حيدربخش جتوئي ۽ ٻيا قومي اڳواڻ جيل موڪليا ويا. هن ڀيري جي ايم سيد ۶ مهينا جيل ۾ رهيو. آگسٽ ۱۹۵۵ع ۾ سائين جي ايم سيد خان عبدالغفار خان جي صدارت ۾ هڪ گڏجاڻي ڪوٺائي “اينٽي ون يونٽ فرنٽ” ٺهرايو، بعد ۾ پاڪستان جي قومپرست پارٽين سان گڏجي لاهور ۾ “نيشنل پاڪستان پارٽي“ ٺهرائي. سائين جي ايم سيد اولهه پاڪستان اسيمبلي ۾ ستن ميمبرن هوندي حڪمت عمليءَ سان ريپبلڪن پارٽي ۽ مسلم ليگ سان ٺاهه ڪري اڪثريت سان ون يونٽ مخالف ٺهراءُ پاس ڪرايو، جنهن جي صرف ۴ ميمبرن مخالفت ڪئي. ان کان پوءِ مولانا ڀاشانيءَ سان اتحاد ڪري سائين نيشنل عوامي پارٽي ٺهرائي، اڳتي هلي حڪمران ريپبلڪن پارٽي، ون يونٽ کي آئيني طرح ٽوڙائڻ ۽ اولهه پاڪستان جي قومن/ صوبن کي خودمختياري ڏيڻ واري واعدي تان ڦري وئي. جنهن کانپوءِ سائين جي ايم سيد سنڌ ۾ سڀني سياسي گروهن (ون يونٽ ٺهرائيندڙ ايوب کهڙي ۽ پير علي محمد راشدي سميت) متحد ڪري اينٽي ون يونٽ ٺهرايو. ون يونٽ خلاف سرگرميون ڏسي، حڪمرانن ۸ آڪٽوبر ۱۹۵۸ع تي ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ڪري اسيمبليون ختم ڪري ڇڏيون. جي ايم سيد ۽ نيشنل عوامي پارٽي جي ليڊرن کي جيل ۾ اماڻيو ويو. سائين جي ايم سيد ۱۹۶۰ع تائين جيل ۾ رهيو. ان کان پوءِ صحت جي خرابي جي ڪري کيس مارچ ۱۹۶۶ع تائين سن ۾ نظربند رکيو ويو. ان نظربنديءَ جو فائدو وٺندي، سائين جي ايم سيد مطالعو جاري رکيو ۽ ڪيترا ئي ڪتاب لکيا. آزاد ٿيڻ بعد سائين جي ايم سيد جون ۱۹۶۶ع ۾ صحت جي خرابي ۽ ٻين سببن ڪري سياست کان ڪناره ڪشيءَ جو اعلان ڪندي “بزم صوفياءِ سنڌ” جو بنياد وجهي، قومپرست ۽ ترقي پسند اديبن ۽ سياسي ڪارڪنن کي ساڻ کڻي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪانفرنسون ڪوٺايون، قومي سجاڳي ۽ جديد قوم جي تصور ۽ مذهب کي سياست کان ڌار ڪرڻ بابت صوفي بزرگن جي درگاهن تي خطبا ڏنائين، جنهن فڪري نقطه نگاهه اهو هو ته “سنڌي هڪ قوم آهي ۽ سرزمين سنڌ وٽ اتحاد انساني، امن عالم ۽ ترقي بني آدم لاءِ خاص پيغام آهي.“ ۴ مارچ ۱۹۶۷ع جي قومي واقعي کانپوءِ سنڌ ۾ سائين جي ايم سيد جي تحريڪ کي خطرناڪ سمجهي، ايوبي آمريت، کيس جولاءِ ۱۹۶۷ع کان ۱۹۶۸ع جي آخر تائين نظربند ڪيو. ان نظربندي کي جي ايم سيد ڪورٽ ۾ چئلينج ڪندي بيان ڏنو ته هو عملي سياست کان الڳ آهي، پر کيس ون يونٽ جي مخالفت سبب نظربند ڪيو ويو آهي. پهرين مارچ ۱۹۶۹ع تي سائين جي ايم سيد کي آزاد ڪيو ويو. ۹ مارچ ۱۹۶۹ع تي هڪ نئين سياسي جماعت “سنڌ متحده محاذ” قائم ڪيائين. ۱۰ آگسٽ ۱۹۶۹ع تي بنگال جي قومي اڳواڻ شيخ مجيب الرحمان کي ڪراچي گهرائي آجياڻو ڏنائين. ٻئي طرف ذوالفقار علي ڀٽي جي عوامي تحريڪ ۽ جي ايم سيد جي قومي تحريڪ آڏو فيلڊ مارشل ايوب خان گوڏا کوڙيا ۽ ملڪ جون واڳون جنرل يحيٰ خان حوالي ڪري اقتدار کان ڌار ٿي ويو ۽ يحيٰ خان پهرين جولاءِ ۱۹۷۰ع تي ون جو خاتمو آڻي ملڪ ۾ چونڊن جون اعلان ڪيو. شيخ مجيب الرحمان ۶ نقاطي پروگرام هيٺ اوڀر پاڪستان ۾ چونڊن ۾ حصو ورتو، سنڌ ۾ صرف سائين جي ايم سيد، قاضي فيض محمد ۽ شيخ اياز سندس پروگرام جي حمايت ڪئي. شيخ مجيب الرحمان کي اڪثريت جي باوجود اقتدار نه مليو. ۱۶ ڊسمبر ۱۹۷۱ع تي اوڀر پاڪستان، وڏي خون خرابي کان پوءِ بنگلاديش بڻجي ويو. ان دوران ۱۸ مئي ۱۹۷۱ع کان ۳۱ ڊسمبر ۱۹۷۱ع تائين جي ايم سيد کي پنهنجي گهر ۾ نظربند رکيو ويو. اهڙين حالتن کانپوءِ سائين جي ايم سيد جي سياست ۾ تبديلي آئي ۽ هن سنڌ جي آجپي جو نعرو هڻندي “جيئي سنڌ محاذ” جو بنياد وڌو. سائين جي ايم سيد فنا في السنڌ انعام ڀٽي سنڌ جي يگاني شخص، تقرير جي قلندر چاچي حفيظ قريشي چيو هو، “مان عاقل بالغ ٿي ويو هيس، پڙهيل ڳڙهيل به هيس پر مونکي اها خبر ڪونه هئي ته اسان سنڌي هڪ قوم آهيون! انهيءَ جي خبر تڏهن پئي جڏهن آئون سائين جي ايم سيد سان مليس.” منهنجي خيال ۾ جيڪڏهن اها سوچ سائين جي ايم سيد سنڌ جي ماڻهن کي نه ڏئي ها ته شايد اها خبر سنڌ جي اڪثريت کي نه پوي ها ۽ نه ئي اهي ڪو انهي سوچ سان سلهاڙجي هڪ مالها ۾ پوئجي سگهن ها ته سنڌي هڪ قوم آهن، انهن کي پنهنجي تاريخ، جاگرافي، تهذيب، ٻولي ۽ صدين کان الڳ قومي سڃاڻپ رهي آهي. انهي جو هڪ ثبوت اهو آهي ته اڄ تائين سنڌ جا اڪثر ماڻهو پنهنجي ذات يا قبيلي کي ئي قوم سمجهندا ۽ سڏائيندا رهيا آهن. هنن لاءِ سندن خاندان جي سڃاڻپ ئي قوم جي حيثيت رکي ٿي. هنن دنيا جي تاريخ يا سماجي اڀياس ڪونه پڙهيو آهي جو کين سڌ هجي ته قوم ڇا ٿيندي آهي؟ مٿان وري جيڪي پڙهيل لکيل استاد، جن اسڪولن جو نصاب پڙهائڻ شروع ڪيو انهن کي ته اهو ئي پڙهائڻو هو جيڪو درسي ڪتابن ۾ لکيل هيو. ورهاڱي کان پهرين واري دور ۾ اکنڊ ڀارت جي هڪ قومي سوچ جو غلبو وري پاڪستان ٺهڻ بعد هڪ نئين مسلماني سوچ جي ڇاپ، سنڌ جي تاريخي، قومي تشخص ۽آزاد وجود واري تاريخ جي ورقن کي ميسارڻ شروع ڪيو ۽ ماڻهن جي ذهنن ۾ اهو ڀرڻ شروع ڪيو ويو ته ٻه قومي نظرئي تحت پاڪستان اسلام جي نالي تي ٺهيو آهي، انهي ڪري ان ۾ رهندڙ مسلمان سڀ ڀائر آهن ۽ اهي هڪ مسلمان قوم آهن. ڀلو ٿئي سن جي مٽي جي سرمدي کي زندهه رکندڙ، حيدر شاھ سنائي جي تسلسل جي وارث، سيد غلام مرتضيٰ شاھ، عرف عام سائين جي ايم سيد کي جنهن سنڌ جي ڌرتي سان پنهنجو نمڪ ملهائيندي ۽ پنهنجي وڏڙن جي روايتن کي زندھ رکندي، اهو ڄاڻي ورتو ته سنڌي هڪ قوم آهن، سنڌ سندن تاريخي وطن آهي ۽ انهي ۾ آزاد رهڻ انهن جو فطري حق آهي. ها سائين جي ايم سيد سنڌ جي مٽي سان قومي حق ۽ محبت ملهائيندڙ شاهه لطيف کان پوءِ پهريون فرد آهي جنهن سنڌ جي ماڻهن کي اهو شعور ڏنو ته سندن ڌرتي ماءُ جو هنن مٿان هڪ قرض آهي جيڪو انهن کي هڪ نه هڪ ڏينهن لاهڻو پوندو. شاهه لطيف شاعري جي صورت ۾ سنڌ جي ماڻهن کي هڪ قومي رومانويت ڏئي ويو، پر انهي کي فڪري بنياد ۽ سياسي، سماجي طور سڃاڻپ، نثر جي صورت ۾ سائين جي ايم سيد ڏئي ويو. لطيف سائين چئي ويو هو؛ “سڄڻ ۽ ساڻيهه، ڪنهن اڻاسي وسري، حيف تنهين کي هوءِ، وطن جن وساريو.” انهي لطيف جي سٽن کي سائين جي ايم سيد پنهنجي زندگي جو سبق سمجهي ورتو. پاڻ لطيف جي قومي رومانويت کي عملي طرح ثابت ڪري ڏيکاريائين ۽ تهان پوءِ زندگي جي هر حال ۾ جيها ڪي تيها مارو قبول ڪري انهن جي خوشحالي لاءِ پتوڙيندو رهيو. سائين جي ايم سيد کي هر دور ۾ وقت جي حاڪم ته تڪليفون پهچايون پر انهن به ساڻس گهٽ نه ڪئي جن جي قومي آزادي، خوشحالي ۽ قومي سڃاڻپ جي بحالي لاءِ هن پنهنجي زندگي وقف ڪئي. هر دور ۾ مٿس تهمتن جا تير وسايا ويا ۽ الزامن جا انبار مڙهيا ويا، پر پاڻ ڪڏهن انهي تي ارها ٿي ڪا بددعا به کين ڪونه ڏنائون. سيد جي محبت ۽ نفرت جو محور سنڌ هئي، پر جن به مٿس سنگباري ڪئي انهن اهو ڪڏهن ڪونه ڏٺو ۽ پرکيو ته هن سنڌ جي عشق ۾ جو به ڪيو جي اهو تاريخ جي وهڪري ۾ غلط به ٿي ويو ته انهي جو دليري سان ۽ ايمانداري سان هن اعتراف ڪيو ۽ انهي جي ازالي لاءِ پنهنجي سموري حياتي قيد و بند ۾ انهي تي پشيمان به رهيو. وري به چاچي حفيظ قريشي جا لفظ ٿا ياد اچن، هو چوندو هو، “سائين جي ايم سيد فنا في السنڌ آهي.” بلڪل ايئن هيو به، سيد پنهنجي ذات، پنهنجي هر خواهش کي سنڌ تان قربان ڪري ڇڏيو. هن اهو سمجهي ورتو هو ته تاريخ ۾ سندس مقام ڇا هوندو، هن کي زماني جي فڪر ڪڏهن پريشان ڪونه ڪيو، هن کي پريشان ڪيو ته انهي سوچ، انهي ميار جيڪا لطيف وطن وسارڻ تي حيف ڏيڻ جي صورت ۾ ڏئي ويو. هن کي اهو فڪر ڪڏهن ڪونه ٿيو ته هو ڪنهن جي لاءِ پيو ڪري، انهن لاءِ جيڪي مٿس تهمتون، الزام ۽ فتوائون ڏئي رهيا آهن؟ پر هن کي فڪر اهو هو ته جيها ڪي تيها مارو قبول ڪرڻا آهن. هو کيس ڪونه ٿا سڃاڻن، هنن جو عشق ساڻس ڀلي نه هجي، پر هن انهن سان الست به ربڪم وقت جيڪو وچن ڪيو هو سو پاڙڻ لاءِ پابند آهي. سائين جي ايم سيد پنهنجي ذات کان ۽ ذاتي خواهشن کان گهڻو بالاتر ٿي ڪري زندگي جو سفر ڪيو. جيڪي اياڻا عقل جا انڌا ۽ دشمنن جي ڪئمپ جي پروپئگنڊا جا گرويده آهن، انهن لاءِ هڪ واقعو سائين جي زندگي جو بيان ڪريان ٿو اهو ئي انهن جي شرمندگي لاءِ ڪافي هوندو جي کين سمجهه هوندي ته. “ڪنهن زماني ۾ دادو لوڪل بورڊ ۾ سائين جي ايم سيد نائب صدر منتخب ٿي آيو. صدر انهي وقت جيڪو به هئو انهي خلاف سائين جي ايم سيد ڪا ايجنڊا پيش ڪئي جنهن تي ان وقت جي سرڪار مٿس سخت ڏمرجي پئي. مٿس زور وڌائون ته اها ايجنڊا واپس وٺو، سائين جي مٿان اخلاقي دٻاءُ اهو به هو ته انهي ايجنڊا جي نتيجي ۾ صدر هٽايو ويو ته نائب صدر قائم مقام صدر ٿي ويندو، ڪٿي اهو نه سمجهيو وڃي ته سائين جي ايم سيد اها ايجنڊا ئي انهي ڪري پيش ڪري رهيو آهي جو کيس صدر ٿيڻ جو شوق آهي، انهي ڪري پاڻ نائب صدر تان استعيفيٰ ڏنائون ۽ ڪنهن ٻئي کي پنهنجي جاءِ تي نائب صدر چونڊرايائون. سرڪار سندس سن جي گهر کي آني بهاني ڍل جو يا ڪو ٻيو سبب ڄاڻائي ڪري سيل ڪيو، انهيءَ هوندي به پاڻ پٺتي ڪونه هٽيو ۽ انهي ايجنڊا جي نتيجي ۾ اهو لوڪل بورڊ دادو جو صدر هٽي ويو.” هي واقعو ۱۹۳۵ع يا ۱۹۳۶ع جو آهي جڏهن سندن عمر اڃا ۳۱ يا ۳۲ سال مس هوندي، انهيءَ دور ۾ به سائين جي ايم سيد جي نظر تاريخ جي ايندڙ ورقن تي هئي. کيس خبر هئي ته ڪٿي تاريخدان کيس خودغرض ۽ ذاتي عهدي جي خواهشن جو خادم ڪري نه پيش ڪن. جنهن شخص کي تاريخ جي ورقن جو فڪر هوندو آهي، اهي تاريخ ساز هوندا آهن. اهي زماني سان ناهن هلندا پر زمانا صدين تائين انهن سان، انهن جي نالي سان، انهن جي اصولن سان ۽ انهن جي ٺاهيل قدرن سان هلندا آهن. اڄ به ڪي نادان جڏهن سائين جي ايم سيد جي ماضي جي ڪيل ڪمن تي حال ۾ پنهنجي ڪوتاھ نظري سان اظهار ڪن ٿا ته انهن کان مستقبل وسريل هجي ٿو. هنن جي نظر ۽ سوچ ايتري ته تنگ هجي ٿي جو کين اهو نظر ئي ڪونه ٿو اچي ته جنهن شخص تي هو آڱر کڻي رهيا آهن اهو تاريخ جو اهڙو سچ آهي جنهن کي وقت جو ڪو به واءُ زنگ آلود نه ڪري سگهيو. هن جيڪي به ڪيو جيئن به ڪيو اهو انهن حالتن جي پيش نظر سنڌ ۽ سنڌي مارن جي محبت ۾ ڪيو. هن کي يقين هو ته سندس من ۾ محبت پائي روڙيل رنڊا هڪ نه هڪ ڏينهن ضرور اگهامجندا ۽ هو جنهن حضور ۾ حاضر ٿيڻ لاءِ اهو ڪجهه ڪري ويو آهي هڪ ڏينهن کيس اهو معراج ضرور ملندو. بس رڳو اهو ارمان ضرور رهندو ته وقت جي ماڻهن کيس ڪونه سڃاتو ڇاڪاڻ ته اهي وقت جي نزاڪتن جا غلام هيا، هنن اهو ڪونه ڄاتو ته سندن ناتو ڪنهن ساڻ هجڻ گهرجي. جي تو اڃان نه ڄاتو آ، ڪير ديس واسي، تنهنجو جنم اجايو، تنهنجي مٽي اڻاسي. سائين جي ايم سيد سنڌ جو سڃاڻپ ڪارڊ زبير سومرو سنڌوءَ ڪناري سَن شهر ۾ کليل ڪتاب جي شبيهه واري سنگ مرمري مرقد ۾ هڪڙو باغي صوفي ستو پيو آهي. هُو ازل جا ٿڪ کڻي ابدي ننڊ ۾ آهي. هُن جو روح مارئي بڻجي پنهنجن مارُن لاءِ اڄ به تڙپ ۾ آهي. اهو باغي صوفي، جنهن جي جنازي ۾ قرآن پاڪ، ڀڳوت گيتا، رامائڻ، انجيل شريف، توريت شريف ۽ گرنٿ صاحب جهڙن ڪتابن جو ورد ٿيو هو، نئين صديءَ جي سنڌ جي سڃاڻپ ۽ سنڌ سان غير مشروط عشق جي علامت بڻجي چڪو آهي. هي سنڌ جو اهو دانشور سياستدان آهي، جنهن پنهنجي تحرين ۽ تقريرن ۾ ڪيئي ڏهاڪا اڳ، ننڍي کنڊ ۾ مذهبي انتها پسندي جي پيشن گوئي ڪندي خطي کي خبردار ڪيو هو. سنڌ جو هي واحد جهونڙو هو، جنهن جا عاشق سڀ جوان هيا. هُو “سچل عشق ٻڍا نه ٿيوي، توڙي چِٽي ٿيوي ڏاڙهي” جي جيئري جاڳندي تصوير هو. آفريڪي ڪارن کان ڪو پڇي ته اوهان جو ڌڻي سائين ڪير آهي ته جواب ۾ “نيلسن منڊيلا” کان سواءِ ٻيو ڪو به نالو نه کڻندا. هندستان جو باپو “گانڌي جي” ئي ٿي سگهي ٿو. جديد ملائيشيا جو اڏيندڙ “مهاتير محمد” کان سواءِ ڀلا ٻيو ڪير هوندو. نئين چين جي اڏاوت “مائوزي تنگ” ئي ڪري سگهي ٿو. آمريڪا کي عظيم بڻائيندڙ “جارج واشنگٽن” کان سواءِ ٻيو ڪير ٿي سگهي ٿو. اهڙي طرح جديد سنڌ جو روح روان جي ايم سيّد ئي ٿي سگهي ٿو. پنجاب به ڏيڍ ٻن صدين کان پوءِ راجا رنجيت سنگهه کي پنهنجو قومي هيرو مڃڻ لاءِ تيار ٿي بادشاهي مسجد ۾ سندس مجسمي جو افتتاح ڪيو. رنجيت سنگهه بابت اڄ سوا صديءَ کان پوءِ پنجابي قوم کي نيٺ احساس ٿيو آهي ته انهن جو قومي هيرو محمود غزنوي، احمد شاهه ابدالي يا قطب الدين ايبڪ نه بلڪه رنجيت سنگهه آهي. اهڙي صورتحال ۾ سنڌ کان ٻاهر ٻين صوبن ۾ به اهو بحث ٻيهر ڇڙي پيو آهي ته جي ايم سيّد جو پنهنجي قوم آڏو راجا ڏاهر کي سنڌ جو هيرو ڪري پيش ڪرڻ غلط نه هو. سائين جي ايم سيّد جڏهن پهريون ڀيرو راجا ڏاهر کي سنڌ جو قومي هيرو لکيو ته مذهبي ڌرين ۾ ممڻ مچي ويو. سائينءَ دليل ڏنو ته راءِ سهاسي گھراڻي جو ولي عهد راجا ڏاهر، جيڪو پنهنجي وطن جي دنگن ۽ ننگن جي حفاظت ڪندي حمله آورن هٿان مارجي ويو. ڏاهر ان دؤر جي آزاد رياست جو اُهو هيڊ آف اسٽيٽ هيو، جنهن پنهنجي سنڌ جي سموري معلوم تاريخ جي سنڌي بادشاهن جي امن کي قائم رکڻ واري اصولي پرمپرا جي پاسداري ڪندي، ڪڏهن به ڪنهن ٻئي ملڪ ۽ قوم تي ڪاهه نه ڪئي. سنڌ ۾ وسيع پيماني تي انهي معاملي تي اتفاق راءِ هجڻ باوجود به سنڌ حڪومت سياسي مصلحتن تحت ان جو اظهار ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي. هميشه پنهنجي مٿان ٿيندڙ حملن جي بچاءَ ۾ وڙهيو. سائين جي ايم سيّد کان اڳ سنڌين کي پنهنجن قومي هيرن جي تميز ڪٿي هئي؟ سائين جي ايم سيّد سنڌ جي تاريخ جي اها غير معمولي شخصيت آهي، جنهن سنڌ واسين کي جديد سنڌ جو بنياد وجهي ڏنو. انهيءَ غير معمولي بنياد تي عمارت جُڙڻ جا مرحلا اڃا گھڻو پري آهن، پر جديد سنڌ جو تصور ايڏو ته مضبوط، منظم، مهذب ۽ ايڏو ته حسين آهي، جو ان جو خيال اچڻ سان ئي دل ۾ هڪ خوبصورت احساس ٿو اڀري ته اُهي سنڌ ديس جا الائي ڪهڙا باشندا هوندا جيڪا سيّد واري گھڙيل آجي ۽ سُکي ستابي سنڌ جا شهري هوندا. سائين جي ايم سيّد جي آفاقي نظرئي کي ڪا به طاقت، ڪنهن به دؤر ۾ روڪي نه سگهي. هر دؤر جي حڪمران پنهنجي پنهنجي وسَ، وِتُ ۽ ظرف آهر، ڀرپور ڪوشش ڪئي ته ڪنهن به ريت سيّد جي فڪر کي ميسارجي، پر ڪوبه حاڪم ڪامياب ٿي نه سگهيو. سيّد جي سياسي ساٿيءَ جناح صاحب، سيّد کي قيد رکي ڪراچيءَ کي اسلام آباد جي حوالي ڪيو. هندستان جي ڪرنال شهر کان هجرت ڪري آيل پاڻ کي نواب سڏائيندڙ لياقت عليءَ، سيّد کي قيد ڪري يُو پي سي پي جي پناهگيرن کي سنڌ ۾ آباد ڪيو. شهيد الله بخش سومري جي قتل الزام ۾ جيل ڪاٽيندڙ ايُوب کهڙي، سيّد کي قيد ڪري سنڌ ۾ پنجابي پٺاڻ آباد ڪرايا. آمريت جي آقا جنرل ايوب، سيّد کي قيد ڪري ون يونٽ جي قهر کي قائم رکيو. شيخ مجيب جهڙي عوامي ليڊر سان دوکو ڪندڙ جنرل يحييٰ، سيّد کي قيد ڪري مظلوم بنگالين سان ويساهه گھاتي ڪئي. آمريڪا ۽ پاڪستاني وفاق جي پرائي جنگ ۾ استعمال ٿيندڙ قائد عوام ذوالفقار ڀُٽي، سيّد کي قيد ڪري سنڌي اديبن ۽ قومي تحريڪ جي ڪارڪنن توڙي اڳواڻن تي قسم قسم جي ظلمن جا داستان رقم ڪيا. آمريت جي علامت بڻجي ويل جنرل ضياء، سيّد کي قيد ڪري قومي تحريڪ کي ڇيهو رسايو. اقتدارن جا مزا ماڻيندڙ شهيد راڻي بينظير ڀٽو، سيّد کي قيد ڪري، ٻاهرين ملڪ علاج ڪرائڻ جي بنيادي انساني حق جي اجازت نه ڏني ۽ کيس اسپتال ۾ دم ڏيڻ تي مجبور ڪيو. ڪوبه نه رهيو پر سيّد پنهنجي فڪر ۾ اڄ به زندهه جاويد آهي. خان غفار کان پوءِ، سائين جي ايم سيّد، سنڌ جو اهو “باغي” هو، جنهن کي ٽي ڏهاڪا قيد ۾ رکڻ جي باوجود عدالتن ۾ پيش ڪري مٿس ڪيس نه هلايو ويو. جنهن ڏينهن حاضري هوندي هئي، ان ڏينهن جج غائب ٿي ويندا هئا. سيّد پنهنجي عدالتي بيان “سنڌ ڳالهائي ٿي” ۾ پنهنجي مٿان لڳايل الزام جو اعترافِ جرم ڪيو. بينظير ڀٽو جي دؤر ۾ سيّد جي خلاف بغاوت جو ڪيس هلائيندڙ انسدادِ دهشتگردي جي جج، سائينءَ کي خاص طور تي ماڻهو موڪلي گذارش ڪئي ته هُو عدالت ۾ پيش نه ٿئي، ڇو ته اعترافِ جرم جي صورت ۾، جج لاءِ لازم آهي ته مجرم کي سزا ڏئي ۽ هُو (جج) ننڍي کنڊ جي ايڏي وڏي عظيم ليڊر کي سزا ڏيڻ جو گناهگار نه ٿو ٿيڻ چاهي. اندازو ڪيو ته ان مجرم جي تاريخي حيثيت ۽ فڪري هئيت ڇا هوندي، جنهن جي عدالت ۾ پهچندي، منصفن جا هٿ ڏڪڻ شروع ٿي وڃن ۽ فيصلو ڏيڻ کان قاصر ٿي پون ۽ مجرم کي عدالت ۾ پيش نه ٿيڻ جا عرض ڪن. ذاتي زندگيءَ ۾ صوم صلوات جو پابند، تهجد گذار سيّد جو فڪري پاسو نج سيڪيولر هو. “جيئن ڏٺو آهي مون” ۽ “ديار دل داستانِ محبت” جهڙا فڪر انگيز ڪتاب لکي، هُن سچ پچ سنڌي قوم تي نه لهڻ جهڙو احسان ڪيو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪيترن ئي عطائي خانقاهن جي ڪٽڙو مسند نشينن، سيّد تي فتوائن جون هلائون ڪيون، پر سيّد جو مرتبو اڃان به بلند ٿيندو ويو. خبر ناهي ته ورَ ۾ خنجر لڪائي سيّد کي قتل ڪرڻ جي نيت سان سن آيل اُهو “گلستان خان” حال حيات آهي الائي نه، جنهن کي چيو ويو هو ته جي ايم سيّد واجب القتل آهي ۽ دين مان خارج آهي، پر هُن جڏهن سن ۾ سيّد کي تهجد ۽ اشراق جون نمازون پڙهندي ڏٺو ته هُن خنجر ميز تي رکيو ۽ قتل جي ارادي جو اعتراف ڪيو، پر سيّد کيس معاف ڪري ڇڏيو. اڄ سڄي ننڍي کنڊ ۾ بنياد پرستي ((Right Wing جو راڄ آهي، ايتري قدر جو گانڌيءَ جو اهنسا وارو سيڪيولر هندستان به ان باهه کان بچي نه سگهيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ سنڌي ماڻهو اڄ به پنهنجي جوهر ۾ صوفي مزاج رکي ٿو، اڄ به سنڌي ماڻهو مذهبي هم آهنگي، ڀائيچاري، امن ۽ محبت تي يقين رکي ٿو، جنهن جو گھڻي قدر ڪريڊٽ سيّد ڏانهن ئي وڃي ٿو. پياري دوست آدرش چواڻي ته “جي ايم سيّد سنڌ جو سڃاڻپ ڪارڊ آهي.” جي ايم سيد ھڪڙو سيد آ جنھن جي پڄاڻي نه آ راشد شر حليم باغي ڪٿي لکيو آھي ته ”ھڪڙو سيد آ جنھن جي پڄاڻي نه آ“ بلڪل اھو سن جي عظيم سيد سائين جي ايم سيد لاءِ ئي حليم باغي لکيو آھي جنھن جي تاريخ علم ادب ۽ سياست جي ڪڏھن به ڪنھن به دور ۾ پڄاڻي ناھي ٿيڻي بلڪه سائين جي ايم سيد جھڙي عظيم عالم اديب ۽ سياستدان جي نرالي عظمت ھر دور ۾ رھڻي آھي. انساني تاريخ ان ڳالھ جي گواھ آھي ته جن امر انسانن جي ساڃاهه انساني سماج جي اجتماعي پيڙا جي شناس رکي ذاتي خواھشن کي ترڪ ڪري، پنهنجي سوچ سمجھ عقل ۽ ادراڪ کي عام لوڪ کان لطيف جي چواڻي، جيئن لهوارو ڪري ٿي: اَکِ اُلِـٽِي ڌارِ، وَنءُ اُلِٽو عامَ سين، جي لَهِوارو لوڪُ وَهي، تُون اُوچو وَھُ اوڀارِ، مَنجھان نُوچَ نِهارِ، پُرُ پُٺِيرو پِرِينءَ ڏي. اھا سوچ نه صرف پاڻ کي اُتم ڪري ٿي ڇڏي بلڪ اھو ڪردار پنھنجي ان فڪري سوچ آھر انساني تاريخ ۾ ھڪ اھڙو بحث ڇيڙي ٿو ڇڏي جيڪو سوچ فڪر سماج اندر رھڻ جي تميز جا طور طريقا سيکارڻ سان گڏ سماج اندر انسان شناسيءَ خلاف ٿيندڙ فيصلن ۽ قاعدن قانونن خلاف ھڪ جدوجهد جو آغاز ڪري، ھر ان ڪاري قانون خلاف آواز اٿاري ٿو جنھن سان ڌرتيءَ ڌڻين جي اهنجن ۾ اضافو ٿيندو ھجي. عظيم فلسفي گوتم ٻڌ پنھنجي چئن اتم بنيادي سچن ۾ جنھن ڳالھه کي بحث جي مرڪزي حيثيت ڏئي ٿو اھا به ساڳئي انساني زندگيءَ جي تميز ۽ زندگي ڇا آھي ان جا مقصد ڪھڙا آھن؟ ڏکن سکن جو سنگم، سبب نتيجا مسئلا ۽ حل جھڙن اھم پيچيده سوالن کي پنهنجي علمي بحث جو حصو بنائي انساني زندگيءَ کي غلاميءَ جي زنجيرن مان ڪڍي انسان شناسيءَ جي ڏاڍي خوبصورت تصوير چٽيندي انسان کي نه صرف پنهنجي ھڪ جملي ”سروم دکم دکم“ ۾ اسان جي صوفي ازم جيئن قيد ڪري بيھاريو بلڪه ھن اڳتي سمورن انساني اھنجن جي حل جي به وائکي فلسفياڻي سائنسي تشريح ڪري انسان جي ذھنن کي قيد مان جدوجهد ذريعي ڪڍڻ جي پرچار ڪئي. ھڪ اھڙي جدوجھد، ھڪ اھڙي چيٽ، ھڪ اھڙو علم ادب سياست جو ڏيئو سنڌي قوم جي خوداراديت ھزارين سالن جي آزاد رياست تھذيب ۽ تشخص جي آزاديءَ جو اعلان سائين جي ايم سيد به ڪيو جنھن کان پوءِ سندس اڳيان ٻه رستا اڀري آيا جن مان ھڪڙو رستو ھيو ته ھو پنھنجي ڌرتيءَ، ماڻھن جي جدوجھد سياست ۽ قلم جي جھاد تان ھٿ کڻي سماج کان لاتعلقي واري عياش زندگي گذاري ٻي صورت ۾ جيلن ويلن سورن سختين ۾ به وڙھندو رھي! سائين جي ايم سيد ان ٻن واٽن مان جيڪا واٽ طئه ڪئي اھا ھئي بغاوت ۽ جدوجھد واري جنھن سان ھن جي سامھون وقت جي حڪمرانن سختين جا انبار اُڀا ڪري کيس جيل موڪلڻ سان گڏ سندس قلم کي زنجيرن ۾ قيد ڪري، ڪيترن ئي ڪتابن تي پابنديون وجھي ڇڏيون پر تاريخ ۽ وقت جي انصاف سان اھي جابر حڪمران سيد جي آواز کي دٻائي ته نه سگھيا بلڪه دنيا ڏٺو ته ھن عظيم شخص جو آواز جدوجهد ۽ قلم ايترو ته طاقتور ٿي ويو جو سندس لکڻيون اڄ تائين دنيا جي وڏين وڏين يونيورسٽين ۾ نصاب طور پڙھايون پيون وڃن. سائين جي ايم سيد جي سياسي شخصيت سان گڏ سندس جيڪي ٻيو سگھارو پاسو آھي اھو آھي سندس ادبي شخصيت جو. ھن پنھنجي ادبي تخليقن ذريعي پوري سنڌي ادب سميت عالمي پاسن کان به پاڻ کي خوب مڃرايو. سائين جي ايم سيد جي سمورين لکڻين مان جيڪڏھن اسين صرف پغام لطيف ۽ جيئن ڏٺو آ مون تي ڳالھايون ته اسان کي سائين جي ايم سيد جا اھي ڪتاب ھڪ اھڙي تخليقي، ادب، سياست، مزاحمت جو مطالعو ڪرائن ٿا جن سان ڪيترن ئي رجعت پسند ڳالھين، مذھبي ڪٽر پڻي جي منھن تي چماٽ سان گڏوگڏ لطيفات کي درست معنيٰ ۾ قومي جدوجھد ۽ مزاحمت جي معنيٰ پڻ سمجهائيندي نظر اچن ٿا. سنڌي ادب ۾ جيڪڏھن لطيفات جي پاسي کان سائين جي ايم سيد کي ڏٺو وڃي ته پيغام لطيف سنڌي ادب جي تاريخ ۾ اھو پھريون ڪتاب آھي جنھن لطيف جي فڪر کي ڄڻ ته آسمان تان لاھي عقلي بنيادن تي زمين تي آڻي سامھون بيھاري رکيو ڇو ته اڳ ۾ لطيف کي صرف ھڪ پَڙن وارو ولي يا درويش سمجهو ويندو ھيو. سيد صاحب جي سمورن ڪتابن مان ٻي سندس جيڪا دلچسپ لکڻي آھي ته اھا آھي”جيئن ڏٺو آ مون“ ھي سيد جي ان دور ۾ ھڪ اھڙي جرئتمنداڻي تخليق ھئي جنھن سان سموري رجعت پسند ملائيت ڄڻ لرزي پئي ھئي ۽ اسان جي انهن اديبن تي به ھڪڙي تنقيد ھئي جيڪي ملائيت جي خوف کان پنهنجا علمي عقلي ادبي ۽ سائنسي بحث ڪمرن تائين محدود رکندا ھئا پر سائين جي ايم سيد ان دور ۾ اھڙو علمي ليک سامھون آڻي ڄڻ ھڪ انقلاب آڻي ڇڏيو جنھن کي سنڌ سميت دنيا جي ٻين ٻولين به سيني سان لائي ترجمو ڪري سيد جي ان لکڻي کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. سيد سنڌ ۽ سنڌي قوم جو ھڪ اھڙو عاشق ھيو جنھن جي ھر سوچ ويچار ۾ سنڌ وسندي ھئي ايتري قدر جو ھن جي ھر ڪتاب جي ھر موضوع ۾ ڪٿي نه ڪٿي سنڌ جي بقا بحاليءَ جو ذڪر ضرور ايندو ھيو. هُن پنھنجي فڪر سنڌ جي خوشحالي، خودمختياري، آزاديءَ ۾ ئي عالم انسانيت جو فڪر سمجهو ۽ ھن پنهنجي تحريرن ۽ تقريرن ۾ سنڌ جي تاريخ، تھذيب ۽ علم ادب کان ماڻھن کي واقف ڪيو. سيد پنهنجي سياست جو بنياد ئي سنڌ جي تعليم کي بنايو جو پاڻ پنهنجي سياسي تنظيم جو اعلان به شاگرد سياست کان شروع ڪيو ۽ سندس مقصد به اھو ھيو ته سنڌ جي بقا باهمي ۽ خوشحالي سنڌ جي پڙھيل لکيل نظرياتي نوجوانن جي شفاف سياست اخلاقيات مان ئي اڀرندي. پاڻ اھا ڳالهھ ورجائيندو رھندو ھئو ته اخلاقيات ئي ھڪ سٺي انقلابي ليڊر، ڪارڪن جو معراج آھي ڇو ته جنهن ماڻھوءَ ۾ شخصي اخلاق نه ھوندو ان مان سياسي اخلاق ۽ انقلاب جي توقع ڪرڻ اجائي آھي. اھو ھڪڙو فطري ۽ جدلياتي عمل آھي ته ھر شيءِ مستقل تبديليءَ مان گذري ٿي، ھر سادي ۽ پيچيده شيءِ ماضيءَ جي حيثيت ۾ اڳ کان وڌيڪ پيچده کان پيچيده ٿيڻي آھي. پر ڪو به امر ڪردار، امر نظريو، امر سوچ ڪنھن به دور ۾ مرڻي ناھي ڇو ته ھر دور جي ڏاھپ/ نظريو پنهنجي ھر ايندڙ ھمعصر دور جي واڌ ڪندو آھي. انڪري اسان جي قومپرست، سيڪيولر، سوشلسٽ دوستن کي به گھرجي ته سيد جھڙي عظيم درسگاھ مان تاريخ ۽ سياست جي اُڃ اجهائي سندس سياست ۽ ادب کي چاھ سان پڙھڻ سان گڏ سندس ڪيل تاريخ ساز پورهئي مان فائدو وٺي، زنجيرن ۾ قيد غلام ماڻھن جي آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪن. سائين جي ايم سيد بابت وڌيڪ ليک پڙھڻ لاءِ ھيٺ ڏنل لنڪ تي ڪلڪ ڪيو. سائين جي ايم سيد - ۲