مام ژله ای رکسونا Rexona مدل SPORT STRENGHT | رایحه ای ملایم و دلپذیر | محافظت 48 ساعته بدن | ضد تعریق و بوی بد بدن | تست شده در کلینیک پوست
فروش آنلاین مام دئودورانت ۷۲ ساعته On On Duty در فروشگاه اینترنتی آون پرشین نماینده فروش محصولات آرایشی و بهداشتی Avon آمریکا و محصولات Sephora در ایران
دئودورانت Right Guard مدل Stress Proof | ضد عرق | ماندگاری و محافظت 72 ساعته | محافظت در برابر رطوبت و بوی بد | بدون الکل | حجم:50 میلی لیتر | محصول کشور آلمان | برند:Right Guard
Early childhood development is full of fun and exciting times. Your child is learning at a rate that will never again be
انگشت کیوت من دکمه فالو رو بچکون🙊🧡
From start to finish, every detail matters, but it starts with what’s in the bottle. Each Wit & West perfume and cologne is thoughtfully designed, formulated, and compounded entirely in-house from 100% all-natural ingredients, or ingredients that are distilled or extracted from whole botanicals such as flowers, leaves, bark, wood, spices, citruses and resins. As a result, each of our botanical perfumes and colognes retain the colors of their ingredients varying from pale yellows to bright ora...
Discover unique kitchen, dining, and home bar items at Urban Outfitters. Elevate your space with stylish dinnerware, table linens, barware, gadgets + more.
On lazzarionline.com you will find women's clothing and accessories made entirely in Italy. From the fabrics used to the actual crafting process Lazzari clothes are made “like they used to be”.
Free Returns ✓ Free Shipping On Orders $49+ ✓. Men Cat Whisker Ripped Jeans- Men Jeans at SHEIN.
پسرم به مام وطن دادمت #مجیدرضا_رهنورد
استایل تامبوی: استایل تامبوی حول لباسهای معمولی مردانه با برشهای گشادتر متمرکز شده است .که همه چیز در مورد راحتی است ،یونیفرم تامبوی نهایتا شامل ژاکت های چرمی یا راحت ، شلوار جین یا مام فیت ، هودی های سایز بزرگ، کفش های کتانی و مجموعه ای از لوازم جانبی سر مانند : کلاه بیسبال است
ملڪ نديم وطن دوست ۽ عوامي شاعر راشد شر آزاد فضا ۽ باندي رھڻ ۾ رات ڏينهن جو فرق آھي ڇو ته آزاد معاشرن جا فرد ذھني توڙي جسماني طور خوش رھي زندگي جون سموريون بهارون خوشي سان گذاري جيئن ٿا. ٻئي پاسي تنگ زنجيرن ۾ جڪڙيل غلام سماج جو ھر فرد عذاب ۾ هوندو آھي، خاص ڪري غلام سماج جو باشعور فرد عام ماڻھن جي ڀيٽ ۾ سوايو پيڙيل ھوندو آھي ايتريقدر جو غلام معاشرن ۾ ھر با شعور ماڻھو جو موت به زندگي جي اڌ پڪي اڌ ڪچي عمر ۾ يعنيٰ وقت کان گھڻو اڳي ٿيندو آھي، تنگ سماج ۾ باشعور ماڻھو جو موت ھر ھر پيو ٿيندو آھي جنهن جو سبب اهو آھي ته سمورا باشعور ذھن پوري سماج فطرت تي سوچڻ جا جدوجهد ڪندڙ فڪري دماغ ھوندا آھن، جيڪي راتين جون راتيون جاڳي دنيا جهان ۾ تبديلي جا خواب ڏسندا رهندا آھن. پيڙيل طبقن جا سمورا اجتماعي درد ۽ سور جيتريقدر ھڪ باشعور فرد ڀوڳيندو آھي ايترو درد ڀوڳيندڙ درد جو حصو بذات خود عام ماڻھو به ناھن ھوندا ڇو ته عام ماڻھو پنهنجي ڳچيءَ ۾ پاتل غلامي جي زنجيرن کي الهامي آفت سمجهي ھي لفظ اچاريندو آھي ته جيڪي رب جي رضا ٻئي پاسي ان جي ڀيٽ ۾ ھڪ باشعور ليکڪ اديب قومي غلامي کي ھٿرادو سامراجي نظام شاهي جي سازش سمجهي پنهنجي قوم کي ان سامراجي غلامي کان آزادي حاصل ڪرڻ جا جتن ڪندا رهندا آھن.باشعور انسان پراوا درد پنهنجا سمجهندا آهن ھو قوم جا ۽ قوم جي ماڻھن جا ڏک ڏوجهرا پنهنجا ڪري ايئن سمجهندا آھن ڄڻ اهي سمورا درد ھنن جي چيلھه تي وزن ھجن جن دردن ۾ ھو نه صرف پچندا پڄرندا لڇندا ۽ لوچيندا آھن بلڪه هو پنهنجي حصي جي ھڪ جاکوڙي مسلسل جدوجهد به ڪندا رھندا آھن. سرمائيداراڻي نظام جي چنبي ۾ غلام معاشرن جي باشعور فردن جي زندگي ڄڻ اذيت بڻيل ھوندي آھي جنهن ۾ ھو ھر روز مري هر روز پيا جيئندا آھن. ھا سماج جو سور ديس جي دانھن جي درد عذاب ۽ پيڙا تي رت روئڻ جا جيڪي ڳوڙھا ھڪ باشعور ماڻھو ڳاڙيندو آھي اھي ڏاڍا املھه ھوندا آھن جيڪي ان باشعور ماڻھو کي توڙي جو ظاهري طور اذيت ڏيندا رهندا آھن پر کيس تاريخ ۾ ھميشه لاءِ سرخرو به ڪري ڇڏيندا آھن. اھڙن باشعور سماج جي جينيئس ڪردارن مان اسانجي سنڌي ادب ۾ به املھه انسان پيدا ٿيندا رھيا آھن جن پنهنجون سموريون زندگيون تاريخ ادب سماج فطرت تي سوچڻ سمجهڻ ۽ دنيا کي تبديل ڪرڻ جي فڪر ۾ گذاري تاريخ ۾ محروم ٿي مرڻ کان بچي پنهنجي زندگي ماھر ڪري گذاري آھي. پاڻ، اڄ ان باشعور ماڻھن مان سنڌي ادب جي ھڪ عوامي اديب، اسڪالر جو ذڪر ڪنداسين. چھري جي ھڪ پاسي ھلڪي مرڪ جنهن مرڪ جو پيغام مايوسي کان انڪار ساڳئي چھري جي ٻي پاسي ڪاوڙ غصو جنهن جو مطلب ۽ مقصد ڄڻ وطن جا سور صدما ھن ھمراھ جي جسم مٿان ڊڪندا ڊوڙندا هجن. اھو ڪھڙي وطن ڌرتي جو عالم اديب آھي جنهنجي منهن تي مرڪ به آھي ته ساڳي منهن ۾ گھنج ۽ ڪاوڙ به آھي. يقينن ان پار پتن کان پوءِ سنڌي ادب سان چاھ رکي ادب پڙھندڙ دوست سڃاڻي ۽ سمجهي ويا ھوندا ته اھي پار پتا ته اسانجي سنڌي ادب جي سلڇڻي اديب ڌرتيءَ جي عاشق ڊاڪٽر ملڪ نديم جا آھن. ڊاڪٽر ملڪ نديم توڙي جو سماج جي سورن جا زوردار ڌڪ پنهنجي چيلھه مٿان معاشري جو وزن ويل واقعا برداشت ڪري اسانکان عمر جي پوڙھائپ واري دور کان گھڻو اڳ يعنيٰ مرڻ جي مند کان گھڻو اڳ جسماني طور تي جدا ٿي ويو پر ڊاڪٽر ملڪ نديم ان مختصر ۽ ٿوري زندگي ۾ پنهنجو اھڙو ته سھڻو فڪر ڦهلائي ويو جو ھو اڄ به تاريخ جي تارازي ۾ جيئرو جاڳرو نظر پيو اچي. پاڻ ڌرتي چمون ٿا ڇو جو سائين پنهنجي ڪرنگھي تي دنيا جون ريلون ھلن ٿيون. ڊاڪٽر ملڪ نديم پنهنجي مصروف ۽ مختصر زندگي ۾ سنڌي ٻولي ادب جي خدمت پنهنجي حصي آھر ھڪ اسڪالر اديب جي حيثيت سان ڪئي. ڊاڪٽر ملڪ نديم سنڌي شاعري ۾ نوان تجربا ڪرڻ کانسواءِ نثر ۾ به سگهارو لکيو. سندس لکڻين ۾ ڪالم ڪهاڻيون ۽ تحقيقي مقالا پڻ اچي وڃن ٿا. سندس ڪجھه ڪتاب به ڇپيل آھن جن ۾ اياز ڏوھي آھي، ڀٽائي بک ھڙتال تي، سچل جي سيني ۾ سنگرام وغيره جھڙا انمول معياري ڪتاب اچي وڃن ٿا. سنڌي شاعري جي دنيا ۾ ملڪ نديم جو تعارف ڏاڍو دلچسپ آھي. ملڪ نديم صاحب جي گفتگو ۽ اخبارن رسالن ۾ سندس ڇپيل انٽرويو به شاعراڻي انداز جا لڳن ٿا، پر اڃا به ھڪ وڏي اھم ڳالھه اھا آھي ته ملڪ نديم جي سموري شاعري جاندار به آھي ته سندس تجريدي نظمن کي اڏار جا پر به آھن جيڪي پنهنجي فني فڪري قوت ذريعي سموري سماج جي زمين تي بانبڙا پائي آسمان تي پر ھڻي اڏامي پنهنجي سماج کان ويندي سڄي دنيا سنسار جي سلامي ڪندي نظر ايندا آھن. تنھنجي سڏ تي اُڀ اورانگھي ايندس سوريءَ تي تون چوين ته اچان کوريءَ تي تون چوين ته اچان ھن ھوڏ تان ڪين مان ھٽندس تنهنجي سڏ تي اڀ اورانگھي ايندس ڪيترو ته جاندار ۽ ڪمال جو تخيل آھي جنهن ۾ شاعر اڀ اورانگھڻ يعنيٰ آسماني واٽ جي ڳالھه ڪئي آھي. خبر ناھي ته ڊاڪٽر ملڪ نديم صاحب اھو خيال ڪھڙي ڪيفيت ۾ پني تي اتاريو ھوندو پر سندس مٿئين تخيل کي غور سان پڙھڻ سان اسانکي ھڪ صاف ۽ چٽي ڳالھه نظر اچي ٿي ته دنيا جي ڊوھن ڏوھن ڪوڙن ڪوٽ قلعن کي ان وقت لتاڙڻ ۾ دير نه ڪنداسين، جڏھن ڌرتي ۽ ڌرتي جا مظلوم مسڪين ماڻھو سڏ ڪندا، جڏھن ڌرتي مٿان ڪوڙ جا ڪوٽ اڏي پيڙيل طبقي جي مظلوم ماڻھن کي غلام ڪري مسڪينن مٿان مارو ماري ڪئي ويندي ۽ ان وقت ڌرتي جي سيني مان نڪتل چيخ جو آواز ھر باشعور فرد لاءِ عام سڏ نه ھوندو اھو سڏ نه صرف ڌرتي ۽ ڌرتي جي ماڻھن جو ھوندو بلڪه ان سڏ سان تاريخ جا پَلَوَ به سلھاڙيل ھوندا پوءِ جيڪي ان سڏ کي سنجيدگي سان ورنائي پنهنجو قلم ۽ علم سستي شھرت ۾ نه وڪڻي پنهنجو فڪر ڌرتي کان ڌار نه ڪندا يقينن اھي انسان ملڪ نديم جيئن ڌرتي جا شاعر ۽ تاريخ جا باشعور املھه ماڻھو ٿي ويندا. ڊاڪٽر ملڪ نديم جھڙي وطن دوست، عوامي شاعر جي شاعري سان توڙي جو اسانجي ادبي پبلشر ادارن دوکو ڪري ملڪ نديم جي ۲۰ ڪتابن جيتري اڻڇپيل شاعري جي مواد مان سندس ھڪ ڪتاب به ناھن ڇپرائي سگھيا پر تاريخ ھن شاعر سان انصاف ضرور ڪيو آھي جو ملڪ نديم جا سنڌي سماج جي عوامي ٻولي عوام جي جذبن جي ترجماني ڪندڙ تجريدي نظم سنڌ ھند ۾ خاص ڪري سوشل ميڊيا جي ذريعي مشھور ٿيندا پيا وڃن. اسان سنڌي ادب جي هن عوامي شاعر لاءِ ادبي لڏي خاص ڪري سنڌي ادبي سنگت ۽ ٻين پبلشر ادارن کان اھا گھر ٿا ڪيون ته ھن انقلابي شاعر جي شاعري جو ڳوڙھو ۲۰ ڪتابن جيترو مواد ڊاڪٽر ملڪ نديم جي پٽ سڪندر مهراڻ کان وٺي سندس شاعري ڇپائي سنڌي ٻولي ادب ۾ معياري شاعري جي فقدان جو خاتمو آندو وڃي. توشام ملڻ جو واعدو ڪيو آ، شام تائين ته مان پوڙھو ٿي ويندس!. اڻويھين ويھين گريڊ جا ملازم سڻڀين پوسٽن لاءِ وڏيرن وزيرن پيرن ميرن جون اوطاقون زبان سان صاف ڪري رھيا آھن. ملڪ نديم جو بي تڪلف انٽرويو س. نالو سڄو؟ ج. عبدالرزاق ملڪ نديم. س. سڃاڻپ؟ ج. ملڪ نديم. س. پيدائش جي تاريخ ۽ جاءِ؟ ج. ۰۸، ۰۴، ۱۹۴۶. س. تعليم؟ ج. ايم اي سنڌي، ايل ايل بي، پي ايڇ ڊي. س. پيشو؟ ج. پروفيسر، شاه عبداللطيف يونيورسٽي. س. پهرين ملاقات ۾ ماڻهن جي ڪهڙي ڳالھ جو جائزو وٺندا آهيو؟ ج. ڪڏهن به اهو خيال نه ڪيو اٿم؟ س. توهان جي روزاني زندگيءَ جو بنيادي اصول؟ ج. مرڪي ماڻهن سان ملڻ ۽ اڌ ڪلاڪ واڪنگ. س. اداس لمحن ۾ ڇا ڪندا آهيو؟ ج. زال سان پيار، ٻارن سان راند ۽ ماءُ سان ڳالھيون. س. خوش لمحن ۾ ڇا ڪندا؟ ج. ڪٽنب ۽ دوستن ۾ خوشي ورهائيندو آهيان. س. ڪهڙي ڳالھ تي خوش ٿيندا آهيو؟ ج. چڱي شيءِّ تي، چڱي ڪم ڪرڻ تي، چڱي ڪردار ادا ڪرڻ تي. س. ڪهڙي ڳالھ تي چڙ لڳندي اٿو؟ ج. هر بري ڳالھ تي. س. ڪهڙين ڳالھين تي روئڻ ايندو اٿو؟ ج. اڳ ڪڏهن به نه رنو آهيان. تازو ڌيءُ جي شاديءَ تي موڪلاڻيءَ تي روئي پيم. س. توهان جي عادت، جنهن مان گهر وارا بيزار هجن؟ ج. اها انهن کي خبر. س. هڪ سپنو جيڪو ساڀيان ٿيو؟ ج. منهنجا سپنا خطرناڪ ۽ ڀيانڪ هوندا آهن. س. ڪو واقعو جيڪو توهان کي چڀندو هجي؟ ج. اهڙو ڪو به واقعو ڪونهي. س. زندگيءَ جي اها گهڙي، جنهن زندگي بدلائي ڇڏي؟ ج. زندگيءَ ۾ تبديلي، آهستي آهستي ايندي آهي. س. آرسي ڏسڻ سان خيال ايندو اٿو؟ ج. ها مان سهڻو آهيان. س. ڪاش زندگيءَ جا اهي ڏينهن موٽي اچن؟ ج.اها اجائي ۽ خيالي خواهش آهي، ڪو به فائدو ڪونهي. س. شاگرديءَ واري زماني ۾ ڪهڙو سبجيڪٽ نه وڻندو هيو؟ ج. انگي حساب. س. وڻندڙ شعر؟ ج. سڀ سٺا شعر. س. وڻندڙ اديب؟ ج. جمال ابڙو، امر جليل. س. وڻندڙ سياستدان؟ ج. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، سندس ڌيءُ بينظير ڀٽو ۽ رسول بخش پليجو. س. وڻندڙ شاعر؟ ج. شيخ اياز ۽ قمر شهباز. س. وڻندڙ ڪتاب؟ ج. سڀ سٺا ڪتاب. س. وڻندڙ اخبارون؟ ج.سڀ سٺيون اخبارون. س. وڻندڙ صحافي؟ ج. دستگير ڀٽي ۽ غلام نبي صوفي. س. وڻندڙ ايڊيٽر؟ ج. سابق ايڊيٽر سراج ۽ حميد سنڌي. س. وڻندڙ فلم؟ ج. تمام گهڻيون آهن. س. وڻندڙ ادڪار / اداڪارا؟ ج. سابق هيرو پريم ناٿ، دليپ ڪمار ۽ اڄوڪو ونود کنا، مصطفيٰ قريشي ۽ اميتاڀ بچن. س. وڻندڙ گلوڪار/ گلوڪارا؟ ج. محمد يوسف، عابده پروين. س. وڻندڙ لوڪ فنڪار/ فنڪاره؟ ج. زرينه بلوچ ۽ الڻ فقير. س. وڻندڙ گيت؟ ج. گهڻا آهن. س. وڻندڙ شهر؟ ج. ڪنڌڪوٽ، اباڻو شهر. س. وڻندڙ رنگ؟ ج. ڳاڙهو ۽ سائو. س. وڻندڙ ٽي وي ڊرامو؟ ج. ڪو به نه. س. وڻندڙ ريڊيو پروگرام؟ ج. ڪو به نه. س. ۲۴ ڪلاڪن ۾ وڻندڙ ڪلاڪ؟ ج. زال سان محبت ڪرڻ وارو وقت. س. وڻندڙ ڏينهن؟ ج. هر ڏينهن جو هر پهر هر مهيني جو هر ڏينهن زنده رهندي وڻندو آهي. س. وڻندڙ لباس؟ ج. سٿڻ قميص. س. وڻندڙ راند؟ ج. ڪرڪيٽ. س. وڻندڙ رانديگر؟ ج. اڳ فضل محمود هاڻ عمران خان. س. وڻندڙ سواري. ج. ڪا به نه هر هڪ ۾ خطرو آهي. س. وڻندڙ خوشبو؟ ج. ميندي جي، ميندي رتن هٿڙن جي، عورت جي. س. وڻندڙ گل؟ ج. رابيل. س. وڻندڙ کاڌو؟ ج. بک ۾ هر شيءِ، ڍؤَ ۾ چونڊ. س. وڻندڙ مشروب؟ ج. کير ۽ چانھ. س. وڻندڙ ميوو؟ ج. مهانگو آهي، جيڪو وٺبو اهو وڻندو آهي. س. وڻندڙ ڏڻ؟ ج. سڀئي. س. وڻندڙ موضوع؟ ج. ادب، آرٽ، فلم سياست ۽ تعليم. س. ڪهڙي پکي، جانور جيت کان ڊپ ٿيندو اٿو؟ ج. نانگ ۽ وڇون کان ڊپ ٿيندو آهي. س. ڪهڙي سفر کان ڊپ ٿيندو اٿو؟ ج. هر سفر کان ڊپ ٿيندو آهي، هر سفر ۾ سلامتي جي ڪا خاطري ڪونهي. س. توهان جي نظر ۾ سائنس جي بهترين ايجاد؟ ج. هر شيءِ بهترين آهي. س. هڪ وهم جو توهان کي پريشان ڪندو آهي. ج. ڪو به نه. س. هڪ شخصيت، جيڪا شدت سان ياد ايندي اٿو؟ ج. سوال واضح ناهي. زنده ته قمر شهباز. س. توهان طبيعت جي لحاظ کان ڪهڙي قسم جا ماڻهو آهيو؟ ج. پاڻ کي جاچيو نه اٿم پر دوست جذباتي چوندا آهن. س. هڪ غلطي جنهن تي پشيمان آهيو؟ ج. هن وقت تائين ڪيتريون غلطيون ڪيون اٿم. س. هڪ ڪم جنهن تي فخر اٿو؟ ج. ادب تخليق ڪرڻ تي فخر آهي. س. توهان جو مشن؟ ج. سنڌ خوشحال ۽ خوبصورت ٿئي. س. زندگي جي خواهش جنهن لاءِ زندھ رهو ٿا؟ ج. سنڌ ۽ ٻار خوشحال ٿين. (سنڌي ٻولي سان) ملڪ نديم مارچ ۾ وڇڙيل ھڪ پياري جي ياد لطيف نوناري نائين مارچ ملڪ نديم جي وڇوڙي جي ڏھين ورسي آھي. مون مارچ 1985ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جو شاھ لطيف ڪيمپس خيرپور جوائن ڪيو ته ان وقت سنڌي، انگريزي، اردو، اسلاميات ۽ پاڪستان اسٽڊيز جا شعبا مضمونن جي صورت ۾ ڪمپلسري سبجيڪٽس جي سري ھيٺ ايندا ھئا ۽ انھن سڀني مضمونن جا استاد ھڪ آفس ۾ ويھي ھڪ ٻئي کان فيض وٺندا ھئاسين. ملڪ نديم ٺيٺ اتراڌي لھجي ۾ڳالھائيندڙ سانورو سڄڻ ھو. شيخ اياز جن اديبن کي سندن ڏانءَ جي مڃتا ۾ نوڪريون ڏنيون ھيون، ملڪ نديم انھن مان ھڪ ھو. ھونئن ت مون کيس ستر جي بيل باٽم ڏھاڪي کان ڏسندو آيو ھئس پر ڪا ڄاڻ سڃاڻ ڪون ھئي. منھنجي جوائننگ وقت سائين ڪنھن ڪم سانگي موڪل تي ويل ھو. بھرحال ملاقات ٿي ت خبر پئي ت نديم سندن تخلص ھو جيڪو فلم اسٽار نديم جي ڪم کان متاثر ٿي رکيو ويو ھو. منھنجو پھريون تاثراھو ھو ت سائين فلمن جو شوقين ھوندو ۽ ڇاڪاڻ تھ سندن ڳالھائڻ جو انداز ب عوامي ۽ روزمرھ جي ٻولي ۾ ھو، تنھنڪري عوامي ماڻھو ھوندو. سنڌ جي تعليمي ادارن ۾خصوصي طور ۽ عمومي طور شھري زندگي ۾ ان وقت ھر ماڻھو پاڻکي سياست جو آڙيڪاپ ماھر شمارجڻ پسند ڪندو ھو.لوڪل سين کان بين الاقوامي منظرنامي تائين سياسي تجزيا وقت گذارڻ جو بھترين طريقو مڃبا ھئا. ھفتي جي ھڪ ڏينھن ڪيمپس جي بس استادن کي سکر جو سير ڪرائڻ ھلندي ھئي يونيورسٽي جي ٽن چئن گھرن تي مشتمل سڪيلڌي ڪالوني جا رھائشي ۽ بيچلر ھاسٽل ۾ سٿيل بقايا استادي عملوان سھولت مان فائدووٺندو ھو.ھڪ ھفتي بس جي سفر دوران ملڪ نديم صاحب اوچتو سوال ڪيو: ”نوناري، تون به اھڙا سياسي ٺڪاوَ ھڻڻ ڄاڻيندو آھين يا نھ؟“ ان لمحي تائين مون ملڪ نديم جي شاعري جا ھڪ ٻھ اسم رسالن ۾ پڙھيا ھئا۽ اثرجي ٻوڏ ۽ سيڪ ٻنھي کان محفوظ ھئس. سندن اوچتي سوال من ۾ ڪيئي سوال پيدا ڪيا. مون فورن چيو: ”سائين ٺڪاوَ ھڻڻ تھ سولو ڪم آھي جيڪڏھن ٻڌندڙ لاعلم يا جاھل ھجن.“ منھنجي جواب کين خوش ڪيو. پاڻمرادو ٻڌايائون: ”مان ذوالفقار ڀٽي جو پرستار رھيو آھيان ۽ سياسي طور رسول بخش پليجي کي پسند ڪندو آھيان.“ان وقت تائين پڙھيل سنڌين جي خاصي اڪثريت پليجي صاحب کي ڏاھو ماڻھو سمجھڻ لڳي ھئي. ”تون ڪھڙي ڌڙي کي بھتر ٿو سمجھين؟“ ان کان اڳ جو مان ڪنھن راءِ کي قائم ڪيان، ملڪ نديم سڌو سوال ڪيو. مون کلندي کين ٻڌايو تھ منھنجي خاندان جا اڌ کان مٿي فرد مرد ۽ عورتون ٺڪر پليجسٽ آھن، پر مان ذاتي طور ڪابھ وابستگي ڪنھن بھ ڌڙي سان ڪونھ ٿو رکان. منھنجي دلچسپي فقط تعليم ۽ ادب سان آھي. نديم صاحب فورن اعتماد سان ھڪ وڏو ٽھڪ ڏيندي چيو تھ ”غيرجانبداري جو ڍونگ ڪجھ پڙھيل منڪر ڪندا آھن. لڳي ٿو تھ تون بھ انھن مان ھڪ آھين. ادب ۾ بھ رجعت پرستي ۽ ترقي پسندي جا ٻھ ضدي لاڙا آھن. تنھنجي نام نھاد غيرجانبداري اتي بھ برقرار آھي يا نھ؟ مون نئون سر ڪاموڏ ۽ ڪجھ تجريدي شعر لکيا آھن. تون انھن کي پڙھي مونکي ھڪ غير جانبدار راءِ ڏجانءِ. سکر کان موٽي توڏانھن اھي ڪاوشون موڪليندس. سڪون سان پڙھي راءِ ڏجانءِ.“ ملڪ نديم ھميشھ ائين ئي سڌو۽ بيباڪ رھيو. ھن جو سڄو وجود ۽ ڪم نري مزاحمت ھو. پنھنجي تجريدي تجربن ۾ بھ ھو شاڪنگ اظھار کي مزاحمت جو ھڪ رنگ سمجھندو ھو. ھو تنقيد کي اڪثر کلي دل سان قبول ڪندو ھو، جيڪڏھن ڪا ڳالھ ڀانءِ نھ پوندي ھيس تھ پوءِ دليلن جا ڌوڙيا لائي ڏيندو ھو. مون سندس نئون سر ڪاموڏ ورائي ورائي پڙھيو ۽ پوري خلوص سان کيس ٻڌايم تھ جديد حسيت سان لکيل اھو ڪم نھايت لاجواب ھو. ٽھڪ ڏيئي چيائين تھ ھڪ موٽو تنقيدي فائيل پڙھڻ لاءِ موڪليندومانءِ. پڙھي پوءِ راءِ ڏجانءِ. ان فائيل اندر ڪا ھڪ راءِ بھ اھڙي نھ ھئي جنھنکي پڙھي تخليقڪار پنھنجي ڪم کي لاڀائتوسمجھي. ھڪ مھربان تھ کيس ”گاسليٽي اديب“ جو خطاب بھ ڏنو. سڄي تنقيد جو بنيادي دليل اھوھو تھ جن سرن کي شاھ لطيف ڳايو، تن سرن کي ڪو ٻيو ھٿ لائڻ جو ڪفر نھ ڪري. شيخ اياز بھ ساڳي ڪفر جو ڪم ڪيو آھي، پر ڪنھن ب تنقيدي ملي ڪفر جي فتوا نھ ڏني آھي. ھڪ دفعو مون ملڪ نديم کي صلاح ڏني تھ سڌي سوٽي بجاءِ مام ۾ مارئي ڳائي. فورن چيائين تھ ”اھو ڪم تھ شايد منھنجي تجريد بھ نھ ڪري!“ برابر ائين ئي ھو. سندس تجريد تي بھ اگھاڙپ جا الزام لڳا. اڄ ھر ٽيون شاعر پنھنجي تصورن ۾ تجريد جا ٻرڪا ڏئي ٿو پر شعر دلڪش شمارجن ٿا. جنھن سماجي ڪلاس جي ابتر حالتن ھن جي اظھار ۾ مزاحمت اوتي ھئي، سو ڪلاس اڄ بھ وجودي ويڙھ ۾ آھي. ملڪ نديم اڄ بھ اوترو ئي تز لڳي ٿو جيترو اڄ کان ٽيھارو سال اڳ ھو. ذائقي لاءِ سندس ھڪ پرين غزل ھيٺ رکجي ٿو. غزل ڪو اهڙو نئون جهان ملي جت ماڻهوءّ کي ڪو مان ملي مان درس ڏيان دلبري جا ڪو ڌرتي تي انسان ملي جيڪو نه ڪنهن کي بک ماري سو ڀونءّ مٿي ڀڳوان ملي ڏيکاريانس تخليق جا عيب جي رستي تي رحمان ملي ملي ته پنهنجو حق ملي غربت کي نه دان ملي۔ ملڪ نديم ملڪ عبدالرزاق المعروف ملڪ نديم منظور پرواز اڄ سنڌ جي ھڪ عظيم منفرد شاعراديب پروفيسر سائين ملڪ عبدالرزاق المعروف ملڪ نديم جي ڏھين ورسي آھي. ھو جيڪب آباد ضلعي جي ان خطي ڪنڌڪوٽ سان تعلق رکندو ھو جيڪو مالي لحاظ کان ته وڏو خوشحال علائقو ھيو پر تعليمي شعور ۾ پٺتي پيل علائقو ھوندو ھيو پوءِ جڏھن سنڌ جو عظيم شاعر اديب ڪامورو سائين قمر شھباز ۱۹٦٦ ۾ اتان جي ھڪ پرائيويٽ ڊگري ڪاليج جو پرنسيپال ٿيو ته تعليمي ۽ ثقافتي سرگرمين ۾ بي انتھا اضافو اچڻ شروع ٿي ويو ۽ سندس اتي ٻه ٽي سال رھڻ دوران ھي علائقو تعليمي ميدان ۾ تمام اڳتي نڪري ويو جو سنڌ جو ارڏو نوجوان يوسف جکراڻي به سندس زير سايه وڌيو ويجھيو جيڪو پوءِ شھادت وٺي ويو. قمر شھباز جو ملڪ نديم سان ھلڪو ڦلڪو شاعريءَ جي ڪري اڳ ۾ ئي لاڳاپو ھيو ۽ ھن کيس اتي پنھنجي ئي ڪاليج ۾ ڪلارڪي جي پوسٽ تي مامور ڪيو ۽ ھو تعليمي ميدان ۾ سندس ٻانھن ٻيلي ٿي مدد ڪندو آيو. پوءِ قمر شھباز جي سي ايس پي آفيسر ٿيڻ ۽ ڪاليج ڇڏڻ کانپوءِ ملڪ نديم به ڪاليج ڇڏي اڳتي نڪري ويو ۽ ڪراچيءَ آيو جتي ھلال پاڪستان ۾ سب ايڊيٽر جي نوڪري ڪيائين ۽ فيڊرل ڪيپيٽل ايريا ۾ رھڻ لڳو جتي به سنڌي ادبي سنگت تحت ادبي سرگرمين ۾ باقائده حصو وٺندو ھو. ان کانپوءِ وقت گذرڻ سان شيخ اياز جي نظر ڪرم سان سنڌ يونورسٽي ۾ سنڌي جو ليڪچرر ٿيو. ان وچ ۾ سندس شاعريءَ جو دور دورو ھلندو رھيو جيڪا مختلف رسالن ۾ ڇپبي رھي جيڪا زياده تر مزاحمتي شاعري ئي ھوندي ھئي. ان کان پوءِ سندس پوسٽنگ شاھ عبدالطيف يونورسٽي خيرپور ۾ ٿي جتي آخر تائين رھيو ۽ سنڌي شعبي جو چيئرمن ٿي رٽائر ڪيائين. ھن پنھنجي مزاحمتي طبيعت جي ڪري سدا ڏک ڏٺا ۽ اولاد لاء به روزگار جو ڪو خاطرخواه بندوبست ڪري نه سگھيو جيڪو سچن سنڌي اديبن جو الميو رھيو آھي. ھو ۱۹٦٦ کان اسانجو دوست ھيو ۽ اڪثر شڪارپور ايندو رھندو ھو. ھن سنڌي ادب ۽ شاعريءَ تي قوم کي ست ڪتاب ڏنا ۽ سندس نظرياتي ليڊر رسول بخش پليجو ۽ عشق ذوالفقار علي ڀٽو سان ڪندو ھو. ھو سنڌ ۾ تجريدي شاعريءَ جو موجد به ھيو ھن وقت سندس وڏو پٽ سڪندر مھراڻ سندس ادبي وارث آھي جيڪو وڏا مرحلا ڪاٽي خيرپور يونورسٽيءَ ۾ ننڍي نوڪري ڪري رھيو آھي. رب پاڪ ملڪ نديم کي جنت ۾ جاءِ ڏني ھوندي ۽ اسان سندس خاندان جي آباديءَ لاءِ سدا دعاگو آھيون. آمين. ملڪ نديم قومي انقلابي مزاحمتي ۽ عوامي شاعر قاسم ملڪ سنڌي ٻولي جو قومي، انقلابي، مزاحمتي ۽ عوامي شاعر ملڪ نديم، جنھن جي اڄ ڏھين ورسي آھي. ملڪ نديم سنڌي ادب جو ھڪ اوھو وڏو نالو آھي، جنھن پنھنجي قومي ۽ انقلابي شاعري ذريعي عوام وٽ مانُ ۽ مڃتا ماڻي چڪو آھي. ملڪ نديم جي شاعري، مظلومن، محڪومن، ھيڻن ھارين، پٺتي پيل پورھيتن جي دکن. دردن، صدمن، سورن، ناحقن، ناانصافين ۽ محرومين جي شاعري آھي ۽ محروم طبقن کي لٽيدڙن. ڦريندڙن، ايزائيندڙن، عذاب ڏيندڙن، ناحق ناانصافيون ڪندڙن، ظلم زيادتون ڪندڙن، عوام جو وات مان گرھ کسيندڙن، سرمائيدارن، سيٺين، حرام خور جاگيردارن، وڏيرن، ڀوتارن، ڪمدارن، ميرن پيرن ۽ قومي غدارن ۽ قبضا ڪندڙن ڌارين خلاف بغاوت ۽ باھ سان ڀرپو شاعري لکي آھي، ڇپرائي آھي ۽ ھزارن لکن ماڻھن جي ھجومن ۾ پڙھي آھي. نيٺ ته اُٿندا سٺ لک ڏاٽا ڏيھ اسان جي ڏاڏاڻي جا نيٺ ته ڊھندا ڌرٿيءَ تان دستور زنجير ۽ گھاڻي جا ملڪ نديم. ھر دور جي جابر ۽ ظالم حڪمرانن سان ٽڪراءَ ۾ رھيو ۽ ھر اونداھين دور جو انڪاري رھيو، ھر ڪوڙ ڪيني جو انڪاري رھيو، ھر ظلم زيادتي جو انڪاري رھيو، ھر ناحق ناانصافي جو انڪاري رھيو ۽ اُنھن خلاف شاعري ذريعي ٽڪر کائيندو رھيو، اوھي ظالم ۽ ڦورو چاھي مُلڪ جا حڪمران ھئا يا ادارن جا سربراھ ھئا. قومي جبر خلاف به سندس شاعري مذاھمت سان ڀرپور آھي. اسان ڏرتي چميون ٿا ڇوجو سائين اسان جي ڪرنگھن تي دنيا جون ريلون ھلن ٿيون. اسان ساري دنيا جي مظلومن سان پيار ڪندا آھيون، اسان انٽرنيشنل آھيون، پر جڏھن سموري دنيا جون حرامي لوڌون منھنجي ديس ۾ ڪاھي اچن ٿيون، قبضو ڪرڻ لاءِ تڏھن مان ڏرتي چميان ٿو، انتھا درجي جو پيار ڪيان ٿو قومي نيشنل ٿيان ٿو.قومي ٿيان ٿو. ملڪ نديم ھميشه نواڻ جو قائل رھيو، سچ جو ساٿي رھيو، سونھن جو قائل رھيو، قومي ۽ طبقاتي انقلاب جي لاءِ ڪوشان رھيو ۽ جدوجھد ڪندو رھيو. سياسي حوالي سان توڙي ادبي حوالي سان، پنھنجي فڪر نظريئي سان آخري دم تائين ثابت قدم رھيو. کيس ڪو به ڇوھو، آنڌي، طوفان، زلزلو يا ڪابه لوڀ، لالچ. پنھنجي اصولن ۽ آدرشن کان پري ڪري نه سگھي. اڄ ملڪ نديم اسان وٽ موجود ناھي، پر سندس فڪر سدائين موجود رھندو. ملڪ نديم شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ ڪالم نگار تعارف ۽ پيشڪش؛ احساس ميرل ڇٺيءَ جو نالو؛ عبدالرزاق ادبي؛ نالو ملڪ نديم ولد؛ موريو خان ذات؛ ملڪ جنم؛ ۸ اپريل ۱۹۴۸ع تعليم؛ ايم اي، پي ايڇ ڊي ڪرت؛ پروفيسر رهائش؛ ڪنڌ ڪوٽ لکڻ جي شروعات؛ سال ۱۹۶. ع ڇپيل مواد؛ روح رحاڻ. سهڻي، تحريڪ، اديون، سوجهرو، ڪينجهر، تقريبن سڀني رسالن ۽ اخبارن ۾. ڇپيل ڪتاب؛ 1=سچل سرمست ٻارن لاءّ ڇپائيندڙ سنڌيالوجي 2=تجريدي نظم 3=سچل جي سيني ۾ سنگرام 4=ڀٽائي بک هڙتال تي 5=اياز ڏوهي آهي 6=منهنجي جواني ڪنهن به موسم نه چورائي شاعري لکيل صنفون؛ شاعري جون سڀ صنفون، پاڻ تجريدي نظم جو خالق، نثر ۾ تحقيق، مضمون، مقالا، ريسرچ، ڪالم ۽ ڪهاڻيون. سندس شاعريء مان ڪجھ چونڊ سنڌ جو نئون قومي گيت سنڌ ناهي تصور، سنڌ ناهي عقيدو، سنڌ ناهي پرستي، سنڌ اسان جو کاڌو ۽ خوراڪ آهي، اسانجي بدن جي پوشاڪ آهي، اسانجي محبت جي ماڪ آهي، جي تون حقن جو انڪاري آهين، مان وارثن وانگي واري وٺندس_ سنڌ اسان جي مرضن جو علاج آهي، اسانجو پورهيو ڪرت ۽ ڪاج آهي، اسانجو ادب آرٽ ۽ رواج آهي، جي تون حقن جو انڪاري آهين، مان وارثن وانگي واري وٺندس_ سنڌ جنهن کي تون بڻايو سڃ آهي، بربٽ ٻيٽ ۽ رڃ آهي، اها ڪروڙين لوڪ جي اڄ آهي، جي تون حقن جو انڪاري آهين، مان وارثن وانگي واري وٺندس_ سنڌ پهاڙن ۾ سون چاندي آهي، هيرا جواهر ڀونءّ ۾ باندي، ڌاريي پاڻ سان ڪاشيءّ نه آندي، جي تون حقن جو انڪاري آهين، مان وارثن وانگي واري وٺندس_ سنڌ سمنڊ کربين قيمت وارو، اربن کان وڌ درياءّ سارو، ڪروڙن جو پاڻي کارو، جي تون حقن جو انڪاري آهين، مان وارٽن وانگي واري وٺندس_ سنڌ گئس جو ڪٿي ملھ نه ڪو ئي، ڪروڙن کان وڌ تيل سڀوئي، لکن کان وڌ ڪپھ لوئي، جي تون حقن جو انڪاري آهين، مان وارثن وانگي واري وٺندس، سنڌ ٿر ۾ آهن کوڙ خزانا، زمين اندران موتي ڌاڻا، ڳه ڳٽا ۽ سڳيون ڳانا، جي تون حقن جو انڪاري آهين، مان وارثن وانگي واري وٺندس، سنڌ ڪشمور کان ڪراچي تائين، تاريخ جاگرافي ڪلچر سائين، آه اسانجو زنده جيستائين، جي تون حقن جو انڪاري آهين، مان وارثن وانگي واري وٺندس_ ملڪ نديم گيت سڏي پنهنجي سنڌ ٻڌو سر تي ڪفن- ساٿي هلندا هلوڙي هلندا هلو راه آئي ڏکي ڀونءّ آهي بۡکي ايئن ٿئي نه الا ٿيون راه ۾ دفن- ساٿي هلندا هلوڙي هلندا هلو تاڻيو لوها سينا لڳن سال مهينا ٿيندي نيٺ ختم هي راه ڪٺن - ساٿي هلندا هلو ڙي هلندا هلو هن ڀيري گۡهري ديس رت ڦڙي ڦڙو ڦڙو ڪري رنڱيو سارو چمن- ساٿي هلندا هلو ڙي هلندا هلو جو بيٺو ڪۡٺو ڄڻ ديس رٺۡو اسين دنيا کڻي جي پرتو وطن- ساٿي هلندا هلوڙي هلندا هلو راه ڪٺن وئي منزل مرڪي پئي مانجهي مرڪي وڌو باقي ٿورو جتن -ساٿي هلندا هلو ڙي هلندا هلو۔ بيت چهرن مٿان چهرا، اسان سڀ اداڪار، ٻاهر ٻهڪون ٽهڪون ،من ۾ مڪار، سچ ڪري سهڪار، ته اندر پنهنجا اجاريون۔ نظم هوءَ مون موچي لاءِ در تي واجهائيندي هوندي ڇاڪاڻ ته هن جي ٿيل آ قرآن سان شادي هو ڪرڻ چاهي ٿي هڪ انسان سان شادي
ڪامريڊ ڦوٽو رستماڻي جاکوڙي هاري اڳواڻ قادر بخش طالباڻي لڳاتار بيمار ۽ ضعيف عمر هئڻ ڪري طبيعت سفر ڪرڻ کان لنوائيندي آهي، شادي غمي ۾ اُٿڻ ويهڻ به ان ڪري گهٽائي ڇڏيو اٿم پر ڪنهن دل واري جي موت جي خبر ڪَن تي پوندي آهي ته پاڻ کڻائي به ان ۾ شرڪت ڪندو آهيان پر واپسي تي ڪي ڏينهن تڪليف ڀوڳڻ تي دل ۾ فيصلو ڪندو آهيان ته هاڻ ٻيهر سفر نه ڪندس. زندگي ۾ فيصلا ڪري ان تي پير کوڙي بيهڻ ۾ ڪڏهن به ڪوتاهي نه ڪئي اٿم پر هن فيصلي تي پابندي ڪرڻ ۾ بيوس ۽ لاچار آهيان. اوڻويھ نومبر تي دستور موجب اخبار پڙهڻ وقت هڪ سرخي تي نظر پئي “کاٻي ڌر جو اڳواڻ ڪامريڊ ڦوٽو رستماڻي لاڏاڻو ڪري ويو.” خبر پڙهڻ سان لڱ ڪانڊارجي ويا، وڃڻ جي سگهه نه سمجهي فرزند مبارڪ جو فون ملائي تعزيت ڪيم. هن منهنجي ضعيفي ۽ طبيعت جي حال کان واقف رهي منهن جي تعزيت قبول ڪئي ۽ ڳوٺ اچڻ کان سخت منع ڪئي. ان هوندي به اندر ۾ اڌما ڦڙڪڻ لڳا، ضمير جهيڙو ڪرڻ لڳو ته تنهنجو دل گهريو دوست اڄ دنيا مان ڪوچ ڪري وڃي پيو، راڄ ڀاڳ، اوڙو پاڙو، دوست سڄڻ مٺو رستماڻي ۾ ان آخري رسم ۾ شريڪ ٿيندا پر آءٌ دل گهرئي دوست جي حيثيت ۾ صحت جا بهانا بڻائي سندس آخري رسم ۾ نه وڃان، هو ته مون کي ڪا ميار نه ڏيندو پر.. فون ڊائل ڪري زاهد ٽيڪسي ڊرائيور کي فون ڪيم، نوَ صبح جا ٿيا هئا، هن اڌ ڪلاڪ ۾ پهچڻ جو ٽائيم ڏنو. ٺيڪ ٽائيم تي پهتو، کيس چيم ته ۱۱ وڳي مٺو رستماڻي ڳوٺ (جلال موري کان پنج ڪلوميٽر) پهچي سگهبو؟ هن هائوڪار ڪئي، پوڻين يارهين وڳي ڳوٺ مٺي رستماڻي پهتس، گهڙي کن کان پوءِ ڳوٺ سڪندر لغاري مان ڀاءُ محمد خان ۽ ناصر لغاري پهتا. مقرر وقت تي اسڪول جي عمارت جي اڳيان عالم دين جنازي نماز پڙهائي. بعد ۾ تنظيمي ساٿين جٿي جي صورت ۾ گڏجي تنظيمي سليوٽ ڪري ساٿي کي خراج عقيدت پيش ڪيو. لحد ۾ ميت لاهي مذهبي عالم مذهبي ورد پڙهيو، ساٿين انقلابي گيت ٽولي ۾ گڏجي پڙهيو. صبح نه آيو هو سڄڻ ٿي شام، اچي يا نه اچي، ڪهڙي خبر آ رات به آرام، اچي يا نه اچي. ويل وڃڻ جي ڪجهه ته اشارن ۾ به چيائين ٿي، پر مون نه پروڙي، سا ئي مام، اچي يا نه اچي. تنهن جو آ قسم تنهن جو آهيان، ٿي ايئن چيائين، اڄ ياد سڄڻ کي هي انجام، اچي يا نه اچي. بزم جهان ۾ ته حَسين ٻيا به گهڻا آهن، پر محبوب جيان ڪوئي سربام، اچي يا نه اچي. قاصد جيڪو مُڪم تنهن افسوس ڪندي آ هيئن چيو، ڀُلجي به وٺي ٿو نه، “ضيا” نام اچي يا نه اچي. قبر تيار ٿيڻ بعد مذهبي عالم قرآني آيتون پڙهي دعاءِ خير گهري. تنظيمي دوستن قبر مٿان پورهيت ۽ هاري طبقي جو ڳاڙهو جهنڊو کوڙي وڏي عقيدت سان سلامي ڏئي وڏي آواز سان وَچن دهرايو: “اوهان جو باقي رهيل مشن اسان سڀ پوري ڪرڻ جو وچن ڪيون ٿا.” مقام کان ٻاهر نڪري دعاءِ خير گهري، ساٿي جي پونيئرن سان تعزيت ڪئي ويئي. اهڙي ريت ساٿي ڦوٽي خان جي آخري سفر جي رسم پڄاڻي تي پهتي ۽ سڀ ڪو پنهنجي گهر روانو ٿيو. رات جو تنظيمي ساٿين طرفان تعزيتي گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ لاهور کان ڪراچي تائين سڀني ساٿين پنهنجي خيالن جو اظهار ساٿي ڦوٽو خان رستماڻي جي زندگي تي ڪيو ۽ کيس شاندار عقيدت پيش ڪئي وئي. ڦوٽو خان رستماڻي ڳوٺ سوري لڳ واهي پانڌي ضلعي دادوءَ ۾ ۱۹۳۲ع ۾ ڄائو، ساڻس منهنجي ڏيٺ ويٺ ڳوٺ واهي پانڌي ۾ ٿي، جڏهن آءٌ کاٻي ڌر جي عزيز سلام بخاري جي ڌڙي سان لاڳاپيل هئس ۽ آل سنڌ پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن دادو ضلعي جو جنرل سيڪريٽري پڻ هئس ۽ ڪامريڊ ڦوٽو رستماڻي ساڳئي ڌڙي جي تنظيم ضلعي دادو جي هاري فرنٽ جو سيڪريٽري هو. آءٌ استادن ۽ هارين ۾ ڪم ڪندو هئس ۽ رستماڻي صاحب هارين ۽ مزدورن ۾ ڪم ڪندو هو. کيس تنظيم طرفان تمام ٿورڙو معاوضو ۽ ڪرايو خرچ ملندو هو. اسان هر مهيني ضلعي سيل ۾ لکت ۾ رپورٽ ڪندا هئاسين ۽ تنظيمي ڪم بابت لکيل مضمونن يا ترقي پسند ڪتابن جي تعليم گڏجي ڪندا هئاسون. رستماڻي صاحب پرائمري تعليم جو هڪ ٻه ڪتاب پڙهيل هو. ان ڪري لکڻ پڙهڻ جو ڪم به گڏجي ڪندا هئاسون، هو جيتوڻيڪ پڙهيل مون کان گهٽ هو پر پوءِ به لکڻ پڙهڻ ۾ مون کان وڌيڪ هوشيار هو. سندس صحبت ۽ محبت ۾ مون جوهي، واهي پانڌي، حاجي خان ۽ ٻين ڳوٺن جو اڻانگو پنڌ سائيڪل تي يا پيادل ڪيو. واهي پانڌي جي ڀر ۾ اوچن جبلن تي به چڙهي سڄو نظارو ڪيوسون. هي اهو وقت هو جو کٽارا بسن ۽ پراڻين جيپن تي سفر ڪرڻ به ڪو سوکو ڪم نه هوندو هو. رستا وڏي ڊسڙ ۽ ڊاڳ ۾ ورتل هوندا هئا، کڏا کوٻا تن جو ته ليکو ئي ڪو نه هو. پراڻي جيپن ۾ ماڻهو مال وانگر ميڙي گاڏي ۾ هڻندا هئا جيڪي منزل مقصود تي پهچڻ وقت گهرڀاتي يا واقفڪار به سڃاڻي نه سگهندا هئا. رستماڻي صاحب اهڙن ڏکين هنڌن تي تنظيمي ڪم ڪار خوش اسلوبي سان ڪيو. رستماڻي صاحب ڪجهه وقت گذرڻ کان پوءِ اسان جي تنظيم کان جدا ٿي ويو پر وڃڻ وقت باقاعده ميٽنگ ۾ ڪجهه اعتراض، ڪجهه تنقيد لکت ۾ ڏئي ان تي بحث مباحثو ڪري پوءِ هليو ويو، پر وڃڻ کان پوءِ به اسان جي سمورن دوستن سان هلي ملهي اچي پاڻ ملاقاتون ڪندو هو. اسان جي تنظيم تي جيڪا به تنقيد، اعتراض لکت ۾ ڪيائين تن کان تنظيم کان ٻاهر ڪنهن به ماڻهوءَ وٽ هڪ اکر به ظاهر نه ڪيائين. اهو ئي سبب هو جو ڪامريڊ عزيز سلام حياتيءَ تائين ڦوٽي خان سان ملندو رهندو هو ۽ سندس وقت ضرورت مالي مدد پڻ ڪندو هو جيڪا ڳالهه ڦوٽو خان پاڻ اسان سان ڪندو هو. اسان کان وڃڻ کان پوءِ مون کي ڦوٽي خان جي تنظيمي ڪم ڪار جي ڪا به ڄاڻ نه هوندي هئي. روبرو ايندو هو ته ڪچهري سياسي، سماجي مسئلن تي ڪندا هئاسون. جيتوڻيڪ رستماڻي صاحب اسان جي تنظيم ڇڏي چڪو هو پر هن جو آخر تائين ميل جول مون کي محسوس ٿيڻ ئي نه ڏنو ته هو اسان کان الڳ يا ٻي تنظيم سان آهي. ڪجهه دوست تنظيم ڇڏي وڃڻ وارن دوستن کي سٺي نظر سان نه ڏسندا هئا پر مان ان وقت توڙي هاڻ ان موقف تي آهيان ته ڇڏي ويندڙ دوستن جي اها وڏي بهادري هوندي هئي جو هڪٻئي ۾ رت جي رشتن کان وڌيڪ محبت هوندي به هڪٻئي کان تنظيمي طور جدائي جو اعلان ڪندا هئا. هر شيءِ جا ٻه پاسا آهن، هڪ هنڌ ٽڪي پير ڄمائي ڪم نه ڪرڻ جو ان ۾ پاسو ڏسڻ ۾ ته ايندو هو پر ٻيو پاسو سچائي جو به هوندو هو ته ايڏي تعلقاتن محبتن هوندي به هڪٻئي ۾ سچائي ئي هوندي هئي جو تنظيم ڇڏي وڃڻ کان پوءِ به تعلقاتن ۾ وٿي نه وڌي ويندي هئي. رستماڻي صاحب سياسي طور ڪهڙي به ڌر يا تنظيم ۾ رهيو پر هن آخري دم تائين پراڻن دوستن سان تعلقات قائم ۽ دائم رکيا. سندس اهڙن سلڇڻائين ۽ سچائين کيس وڌيڪ ڪُندن بڻائي دوستن کان حد کان وڌيڪ پيار ملڻ ۾ ڀائيوار بڻايو. سندس جدوجهد جا پيرا ڪاڇي جي برپٽ کان چمبڙ جي سرسبز علائقن، ڳوٺن، واهڻن ۽ وستين ۾ به ملن ٿا. ڦوٽو خان وٽ ذاتي طور ڪا به دولت نه هئي، هن جي سڄي حياتي جو دور مفلسي ۽ مسڪيني ۾ گذريو، اها غريبي هئي جنهن هن منجهه تنظيمي عشق جاڳايو. هو پنهنجو مشن پهچائڻ لاءِ دور دراز پيادل پنڌ ڪرڻ کي وڏو اعزاز سمجهندو هو. سندس سفر ۾ ڪاڇي جو رڻ ۽ ان جي ڀر ۾ وڏن شهرن جو پنڌ سمايل هوندو هو. پر هِن ان ڪَٺن سفر کي ٻه ٻرانگهون سمجهي دل جي خوشي سان طئي ڪيو. ڪچهري جي ڏنل ٽائيم تي هُن سختي سان پابندي ڪئي. ڀلي نئين گاج تيز رفتاري سان اوچن جبلن تان ڪڙڪاٽ ڪري لهي يا سنڌو درياءُ سانوڻي بند جي ٻنهي طرفن کان ڇولين جا ڇڇڪا ڏيندو هجي پر هي صاحب ٽائيم تي ضرور حاضر هوندو هو. سندس خودداري ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي هوندي جو آءٌ کيس ڪڏهن ڪنهن اوڇڻ ڏيڻ جي ڳالهه ڪندو هئس ته پاڻ ٻئي ڪنهن ساٿي کي ضرورتمند سمجهي سفارش ڪندو هو ته هيءُ ان ساٿي کي ڏيو ڇو ته هو سخت تڪليف ۾ آهي. سندس تنظيمي سچائي ۽ عشق سان جيئڻ، للڪاري جيئڻ ۽ گذارڻ لاءِ هڪ شاعر جون هي سٽون ذهن تي اچن ٿيون: غيور ٿي ڄميو رهه، غدار ٿي نه مرجان، للڪار ٿئي، اُٿي پئو، ڪاڳر ٿي نه سڙجان. مرڻو آ موت ايندو، هي ڳالهه ياد رکجان، ڌرتي مٿان او ارڏا، بار ٿي نه مرجان. ڦوٽو رستماڻي پنهنجي آخري دؤر ۾ جسماني طور بڪين، جيري ۽ اندر جي ڪيترين ئي بيمارين ۾ گهيريل هو پر هو ڪڏهن به ڪنهن لاءِ بار گران نه بڻيو. پنجاسي سال عمر جا هن ارڏو ٿي گذاريو. ڪارن مان اڇا وار ٿي ويا، جواني کان پيري آئي پر هن حق جي ويڙهه لاءِ راهه مان هٿ نه ڪڍيا ۽ شيخ اياز جي چوڻي کي سچو ثابت ڪيو: ماريندي هِن مَچ کي ڪيڏا وس ڪيام، چَتيون ڇَهيون ٿي ويون، ڇڄي رڇ پيام، وڙهندي ورهيه ٿيام- اچي وار اڇا ٿيا. هي ساٿي آخر تائين مظلوم پورهيتن، هارين، نارين جي ڏکڙن ڏوجهرن لاءِ سر ٽوڙ ڪوشش ڪندو رهيو. ان ڪري سندس ڏات ڏهوڻي ٿي ويئي. ڪامريڊ ڦوٽي رستماڻي ۱۸ نومبر ۲۰۱۸ع تي رات جو وفات ڪئي، ٻئي ڏينهن لاهور، اسلام آباد، ڪراچي تائين هر فڪر جي ماڻهن سندس ڳوٺ مٺو رستماڻي ۾ تعزيتي جلسا ڪري کيس خراج عقيدت پيش ڪئي جنهن ڪري اڃا به سندس ناماچاري ۾ وڌيڪ واڌ ٿي آهي. شيخ اياز جي هنن سٽي سان مضمون جي پڄاڻي ڪريان ٿو: ڳڀو پاڻي ڍُڪ ۾ ٻوڙي جي کائين، پنهنجي اوچي ڳاٽ کي مور نه جهڪائين، ته تنهنجي سائين، ڏات ڏهوڻي ٿي وڃي. ڪامريڊ ڦوٽو رستماڻي سنڌ جي هاريءَ جو ڪردار نثار لغاري سرد جنگ جو دور ختم ٿي چڪو هو، ۱۹۹۱ع ۾ سوويت يونين ڊهي چڪو هو ۽ اهو سال ۱۹۹۶ع جو آخر ۽ سياري جا ڏينهن هئا. پورهيت طبقي ۽ اُن جي بنيادي مسئلن بابت پڙهڻ، ٻڌڻ ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ۽ شوق مون کي ميٽرڪ پاس ڪرڻ کانپوءِ ٿي چڪو هو. بي بي سي ٻڌڻ، سنڌي ادب جا ڪتاب پڙهڻ، علم سان چاهه رکڻ جو شوق مون کي تمام گهڻو هو. انهيءَ ڪري جيڪو به ۽ جنهن به قسم جو ڪتاب ملندو هو اُهو پڙهي ڇڏيندو هوس. اهڙي ريت آهستي آهستي پورهيت طبقي سان انهيءَ نظريي سان جهڙوڪر انسيت ٿي وئي. عاصم آخوند اهو دوست هو جيڪو پهريون مارڪسٽ هو جنهن سان ملاقات ٿي ۽ پوءِ جتي جتي ڪنهن انقلابي جو ٻڌندا هئاسين اُن سان ملاقات ٿيندي هئي، سنڌ يونيورسٽي ۾ سائين جاويد ڀٽو سان ۽ پوءِ سنڌ هاري ڪاميٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان ملاقاتون جاري رهيون. هي ۱۹۹۱ع کانپوءِ جو سخت دور هو اڪثر اڳوڻا انقلابي سياست، انقلاب ۽ سوشلزم جي خلاف هئا ۽ هو اهو چوندا هئا ته ڪميونسٽ تحريڪ ختم ٿي وئي، انهيءَ جو مستقبل تاريڪ آهي وغيره. اهي جملا ٻڌي ٻڌي بيزار ٿي پوندا هئاسين. ۱۹۹۶ع جي ڊسمبر جو مهينو هو ڪميونسٽ پارٽيءَ جي اڳواڻ ڪامريڊ امداد قاضيءَ جي گهر هڪ گڏجاڻي رکيل هئي جنهن ۾ هڪ ئي وقت ڪامريڊ احمد خان لغاري، ڦوٽو رستماڻي، مانڌل شر، صديق خاصخيلي، ستار، ڪامريڊ مولا بخش خاصخيلي ۽ ٻيا ڪي دوست آيل هئا. سنڌ هاري ڪاميٽي جي گڏجاڻي هئي، جنهن ۾ وري هاري ڪاميٽي کي سرگرم ڪرڻ جون ڳالهيون هلي رهيون هيون. انهيءَ گڏجاڻي ۾ مون ڪامريڊ ڦوٽي رستماڻي کي ٻڌو ۽ هن چڱي طرح اُن دور جي عڪاسي ڪئي. هو ڪٿي به مايوس نظر نه آيو. ڪامريڊ ڦوٽي رستماڻي کي اُن وقت به اهو يقين هو ته سوشلزم ڪو معمولي معاملو نه آهي. پورهيت طبقي جا مسئلا حل نه ٿيا آهن جنهن جي ڪري سوشلزم جي خاتمي جي ڳالهه پروپگينڊا آهي. آئون پنهنجي ڳالهه ڪريان ته آئون تمام گهڻو جذباتي هوس ان ڪري مون کي ڪامريڊ ڦوٽي جون سڀئي ڳالهيون پسند آيون پر جيڪي ٻيا دوست هئا انهن جي چهري تي مون اهو ڏٺو ته انيڪ سوال هئا ۽ اُهي مطمئن نه ٿيا. انهن جو خيال هو ته هي ڪامريڊ هاڻ پوڙها ٿي چڪا آهن. هنن سموري زندگي اهو ئي ڪم ڪيو آهي، تنهن ڪري هنن کي اهي ئي ڳالهيون ڪرڻيون آهن ٻيو هو ڇا ڪن؟ اهي ۽ ٻيا اهڙي قسم جا خيال هئا، اُتي موجود استاد مرتضيٰ اها ڳالهه ڪئي ته موجوده دور ۾ مايوس ٿيڻ به جائز آهي، توهان هڪ ٻن ڪچهرين ۾ يا موجوده منظرنامي ۾ مايوس نه ٿيندا ته ٻيو ڇا ڪندا. سوچڻ، لکڻ ۽ پڙهڻ جي ضرورت آهي. ڪامريڊ مانڌل شر ۽ ڦوٽي رستماڻي پنهنجي مستقبل جي سرگرميءَ جو احوال ڏنو ۽ سڀڪو پنهنجي پنهنجي منزل ڏانهن روانو ٿي ويو. جيئن جئين وقت گذرندو ويو ته مون کي پوءِ انهيءَ ڳالهه جو احساس ٿيندو ويو ته هي ئي اهي انسان آهن جيڪي حوصلو ڏيندڙ آهن. اهو ڪيترو نه شاندار ۽ هڪ مثالي مانائتو مرتبو هو جو ڪامريڊ ڦوٽي رستماڻيءَ کي، حاجي زنئور کي واڻڪي وسيءَ جي ڪامريڊ غلام حسين لغاري کي، عاصم آخوند کي اسان ڳاڙهي جهنڊي جي ڇانو ۾ دفن ڪيو. هن جو مطلب هو مستقبل ۾ ايندڙ انقلابين لاءِ هڪ وڏو ۽ عظيم اتساهه! اهو اتساهه ئي آهي جيڪو هر لمحي ۽ گهڙي اسان جا حوصلا وڌائي ٿو. گذريل ۲۰ سالن ۾ اها نهايت خوفناڪ، ڀيانڪ ۽ گمراهه ڪندڙ پروپگينڊا ڪئي وئي ته مارڪسزم، ليننزم ختم ٿي ويو هاڻ انهن جي اهميت نه رهي آهي. هاڻ دنيا هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي وئي آهي پر ان جو نتيجو ڪهڙو نڪتو. اهو ثابت ٿيو ته هي فقط پروپگينڊا هئي ته جيئن سوشلزم کي بدنام ڪري سگهجي. سرمائيداري نظام خلاف اڀرندڙ ڪاوڙ ۽ ڪروڌ کي روڪي سگهجي. هن وقت اهو ثابت ٿي چڪو آهي ته سرمائيداري نظام پورهيت عوام خاص طرح ۽ سموري انسانذات جا مسئلا حل ڪرڻ جي قابل نه آهي. سچ پچ پروپيگينڊا جي انهيءَ شديد حملي واري دور ۾ به سوشلزم جي حامي فردن ۽ خاص طرح ڦوٽي رستماڻي ۽ احمد لغاري جهڙن انقلابين اهو ثابت ڪيو ته اسان جو ايمان ڪنهن به قسم جي ڪا لالچ ۽ مراعت توڙي رعايت کي ٺڪرائي اهو چيو ته سوشلزم ئي عوام جو مستقبل آهي، ان کان سواءِ ڪنهن به قسم جي ڪا نجات ممڪن نه آهي، توهان ڀلي جمهوريت ۽ عوام دوستي جي ٻين قوتن کي آزمائي وٺو. پورهيت طبقي جي سياست مخالف جيڪا به پروپگينڊا هئي انهيءَ اهو ڪيو آهي جو پورهيت طبقي جي سياست ڪندڙ سياسي قوتن کي تمام گهڻو ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي. اڄ هاري ۽ مزدور تي تمام گهڻو ظلم ٿي رهيو آهي پر پورهيت طبقي ۽ هاري جو ڪو سگهارو آواز نه آهي. سنڌ هاري ڪميٽي مختلف ٽڪرن ۽ گروهن ۾ ڪم ڪري رهي آهي پر اها سماج ۾ موثر نه آهي. کاٻي ڌر جون ٻيون جماعتون گروهي نفسيات ۽ پنهنجي ۾ خوش آهن. انهن هارين سان غريب ۽ پورهيت طبقي سان پنهنجو عملي تعلق ختم ڪري ڇڏيو آهي ۽ جيڪڏهن تعلق به آهي ته فقط جلسي يا ڪنهن ميڙاڪي جي حد تائين. اُن کان وڌيڪ ڪو به تعلق نه آهي. اهو جيڪڏهن جاري رهيو ته پوءِ پورهيت طبقو شايد کاٻي ڌر مڪمل طرح وساري ڇڏي ۽ اها تلخ حقيقت پڻ آهي ته عام ماڻهن کي هاڻ اها خبر ئي نه آهي ته هنن جي نمائندگي ڪندڙ ڪا حقيقي عوام دوست پورهيت دوست يا اهڙي دعويٰ ڪندڙ ڌر سماج ۾ موجود آهي ڇو ته عملي طرح انهن وٽ وڃڻ وارا ڪردار ۽ ڪارڪن کاٻي ڌر وٽ نه آهن ۽ هن وقت اسٽيڊي سرڪل يا ڪنهن به پروگرام ۾ ايندڙ يا اچڻ وارن جو تعداد به نهايت گهٽ آهي. اُن جو اهو سبب آهي جو هن وقت جيڪي به ڌريون انقلابي هجڻ جي دعويٰ ڪن ٿيون. انهن کي انهيءَ ڳالهه جو ادارڪ ئي نه آهي ته پورهيت طبقي وٽ ڪهڙي انداز ۾ وڃجي. ڪهڙي ريت پورهيت طبقي ۾ ڪم ڪجي. افسوس ته جيتوڻيڪ مارڪسزم فڪري طرح اڄ فتح حاصل ڪري ورتي آهي پر تنظيمي طرح جيڪو نقصان انهيءَ سموري عرصي ۾ پهتو اهو شديد هو. انهيءَ جا اثر اڄ ڏينهن تائين موجود آهن. اڳي کاٻي ڌر جي انقلابي ورڪر کي گهڻي ڀاڱي ليڊرشپ، شهرت، وڏائي جي گهڻي ضرورت نه هئي. هو عملي طرح ڪم کي ۽ بغير ڪنهن لالچ ۽ مفاد جي ڪم ڪندو هو کيس انهيءَ ڳالهه جو فڪر نه هوندو هو ته هو ڪٿي نوٽ ڪيو وڃي. ڪو اچي سندس ساراهه ڪري، فيس بڪ تي فوٽو رکي. اڳي اهو نه هوندو هو ته اخبارن ۾ بنا ڪنهن سبب جي ڪوريج حاصل ڪجي، ڪٿي ڪو فوٽو ڪڍي. فيس بڪ تي پروگرام جون تصويرون رکڻ لاءِ فقط پروگرام ڪجي! فيس بڪ ۽ سوشل ميڊيا تي ويهي پارٽي هلائجي يا وري آفيسن ۽ بند ڪمرن ۾ ويهي تعليمي ڪلاس هلائجن ۽ ڊگها ليڪچر ڏئي دل کي خوش ڪجي. انهن ليڪچرن ۾ پنهنجو عملي ۽ فڪري وزن ڏاڍي عمدا نموني سان بيان ڪجي، واهه واهه ڪرائجي. پنهنجي چوڌاري هڪ گروپ يا گروهه ٺهرائي جتي ڪٿي پنهنجي تعريف ڪرائجي! هر محفل ۾ پاڻ کي مٿي ثابت ڪجي. پاڻ سان گڏ ڪم ڪندڙ مسڪين ۽ پورهيت ڪلاس جي ڪامريڊن کي وس ڪري گهٽ اهميت وارو ۽ معمولي ڪارڪن ثابت ڪجي. اهو ڪم ڪجي جتان ٻن رپين جو فائدو هجي، اها روش هن وقت عام آهي ايتري قدم جو علمي فڪري ماڻهو ته اڳي ئي انهيءَ منفي روش جو شڪار هئا. هن وقت به ڪي ماضيءَ جا ڪي هاڻوڪا انقلابي سڏرائيندڙ فرد خلوص ۽ محبت سان ڪم ڪرڻ جي بدران جتي فائدو ڏسن ٿا يا جتي کين ٻه رپيا خرچ نه ڪرڻو پوي اوڏانهن وڃن ٿا. بنيادي انقلابي خلوص کي هو بيوقوفي سمجهن ٿا. اهڙن اندورني عنصرن کاٻي ڌر خاص طرح مارڪسٽ ڪلچر کي گهڻو نقصان پهچايو آهي. اين جي اوز جي فنڊنگ واري ڪلچر جو اثر تمام گھڻو گهرو آهي. انهيءَ به وڏو نقصان پهچايو آهي. انهن سڀني برائين کان جيڪي ڪنهن حد تائين بچيل آهن. انهن ۾ وري انا حاوي آهي. ڪن مذهبي خطيبن جيان هو سمجهن ٿا ته انقلابي مفڪر ۽ عالم توڙي سچا فقط هو آهن باقي ٻيا اچي هنن جي هٿ تي بعيت ڪن يا هنن جي ڊسپلين ۾ اچي وڃن پوءِ هو ڪنهن به ٻئي گروپ يا کاٻي ڌر جي ڌڙي وٽ نه وڃن ۽ نه ئي انهن جي ڪنهن درست ڳالهه کي تسليم ڪن. گروپ بندي ۽ ٽولي پسندي ۾ رهڻ انهن کي آسان رهندو آهي. انهيءَ ڪري سندن انا کي تسڪين ملندي آهي. هو پنهنجي گروپ ۾ پنهنجي ذات کي حاوي ڪري سماج جي اجتماعي ڀلائي ۽ اجتماعي سماجي تبديليءَ کي انهيءَ سان ڪيترو نقصان ڏئي رهيا هوندا آهن ان بابت کين ڪا پرواهه ناهي. عوامي طبقاتي تحريڪ ڪمزور ٿئي ٿي ته ڀلي ٿئي، پورهيت طبقي جي نجات جون قوتون ڪمزور ٿين ٿيون ته ڀلي وڃي ٿين. بس هنن جي هڪ ڌار ديڳڙي موجود رهي. ڪامريڊ ڦوٽي رستماڻي جي تڏي تي هڪ ڪامريڊ چيو ته وڏا مرندا وڃن ۽ ننڍا وڏا نٿا ٿين. هن جو اشارو کاٻي ڌر جي نئين گروهه ڏانهن هو. مون سوچيو ته انهيءَ کان به وڏو الميو اهو آهي ته سڀ ننڍا گڏجي جنهن کي وڏو يا منتظم ڪندا آهن اهو وري جدليات، تاريخ، ادب، جماليات جو ماهر هوندي ننڍو ٿي ويندو آهي اهو پڻ الميو آهي. هن وقت کاٻي ڌر جي ورڪر سان اهو ڪيترو نه وڏو الميو آهي جو هڪ طرف غريبن، مفلسن ۽ مجبورن جا ڏک وڌندا پيا وڃن، انهن جي ننڌڻڪائي عروج تي آهي. پورهيت طبقي جي ڪو به مالڪي ڪرڻ وارو نه آهي ۽ کاٻي ڌر جا ننڍا ننڍا گروپ پنهنجي گروهي خوش فهمي ۾ سرشار ٿي سماج کان لاتعلق رهي خود فريبي جو شڪار رهي خوش آهن، مطمئن آهن، اها پڻ ويڳاڻپ آهي. اهو ڪيئن ممڪن آهي ته انقلابي هجڻ جي دعويٰ ڪندڙ به پورهيت طبقي جيان ويڳاڻپ ۾ گم آهن. هڪڙا گروپ واقعي ويڳاڻپ ۾ گم هوندا آهن پر ٻين گروهن کي عالمي سرمائي جي ايجنٽن انهن جي مايا جال ۾ باقاعده ڦاسايو ويو آهي. ڪوڙيون سماجي تنظيمون ٺاهي انهن کي ننڍا ننڍا ڪم ۽ پراجيڪٽ ڏئي پئسو ۽ ڪوڙو سامراجي فلسفو ڏئي گمراهيءَ جا سڀ قسم جا هٿيار ٺاهيا ويا آهن. هڪ طرف مارڪسزم تي خارجي حملا آهن ٻئي طرف اندروني حملا آهن جيڪي هر وقت جاري آهن. ڪوڙا انقلابي ۽ ترميم پسند عارضي طرح مارڪسزم ليننزم جو روپ ڌاري ايندا آهن. اهي ڪوڙا گروهه پورهيت طبقي جي فڪر تي نظرياتي ۽ تنظيمي طرح وڏا حملا ڪندا آهن ۽ انقلابي مارڪسي گروهن کي انتشار جو شڪار بنائيندا آهن. انهيءَ کي ئي هن وقت خود سامراجي ڌريون ففٿ جنريشن وار جو نالو ڏنو آهي. اها گمراهه ڪندڙ جنگ موجوده دور ۾ وڏي شدت سان وڙهي پئي وڃي. ففٿ جنريشن وار جو مطلب آهي مخالف جون هر طريقي خاص طرح نظرياتي طريقي سان متيون منجهائي ڇڏڻ. اها ساڳي جنگ عالمي سامراج سموري دنيا خاص طرح ٽين دنيا ۾ وڙهي رهيو آهي ۽ وڏي طاقت سان وڙهي رهيو آهي. سموري دنيا جي انقلابين خاص طرح ننڍي کنڊ ۽ هن خطي جي انقلابين لاءِ اهو لازمي آهي ته انهيءَ سموري صورتحال کي سمجهن ۽ کاٻي ڌر کي پڻ انهن مونجهارن مان ڪڍي بهتر طريقي مظلومن ۽ غريبن جي مالڪي ڪن. جيستائين غريبن، ڳوٺن ۾ رهندڙ پورهيت عوام جي انهن ڏکن سکن جي مالڪي نه ٿيندي ان وقت تائين سماج کي بهتر نه ڪري سگهبو. هن خاص دور ۽ وقت ۾ ڪامريڊ ڦوٽي رستماڻيءَ کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جو به اهو ئي طريقو آهي. ڪامريڊ ڦوٽي رستماڻي، علي محمد خاصخيلي ۽ احمد لغاري جون محبتون ۽ حوصلا هتي جي پورهيت تحريڪ جا سدائين ساٿاري رهندا. ڪامريڊ ڦوٽو رستماڻي سندس وڇوڙي تي صالح بلو چمبڙ تحريڪ جي بانين مان هڪ ڪامريڊ ڦوٽو رستماڻي، حق سائين لغاري، محمد خان لغاري، محمد خان احمداڻي، غلام علي لغاري ۽ ٻين سان گڏجي هاري ڪورٽون لڳائي انهن جا زميندارن سان فيصلا ڪندا هئا. جيڪو سلسلو ڪافي وقت هليو. ڪامريڊ ڦوٽو رستماڻي، جنهن جي وات ۾ سدائين؛ ”ڪامريڊ ڇا حال آهن؟“، ”ڇا پيا ڪريو؟“، هر ڪنهن لاءِ هوندو هو. جيڪو هر دور ۾ جدوجهد ڪندو رهندو هو. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سان گڏ سنڌ هاري ڪاميٽي ۾ هو. جنهن سان گڏ هر وقت ڪو نه ڪو ڪتاب ضرور موجود هوندو هو ۽ ڊائري جنهن ۾ ڪنهن سان ڪٿي ملڻو آهي ڇا ڪرڻو آهي. ڪامريڊ ڦوٽو رستماڻي، جيڪو اصل ته جوهي جو هو، ليڪن سندس جدوجهد جو مهور چمبڙ رهيو. جتي اڪثر ٻين ساٿين سان گڏ، بحث مباحثا ٿيندا رهندا ھيا. هاري ڪاميٽي جا به جدا جدا گروهه هوندا هئا. پوءِ آخر ڪامريڊ ڄام ساقي، شهيد نظير عباسي جي ڪوششن سان گڏ، سنڌ هاري ڪاميٽي ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جو وچن ڪيو ويو. جڏهن ڪامريڊ ڄام ساقي، شاهي قلعي لاهور مان آزادي ماڻي ته ڪميونسٽ پارٽي جي فيصلي تحت، سنڌ هاري ڪاميٽي پاران پوري سنڌ اندر ڪامريڊ ڄام ساقي جا شاندار استقبال ڪرايا ويا. ان وقت، سنڌ هاري ڪاميٽي جو صدر ڪامريڊ غلام رسول سهتو هو. ناچيز صالح بلو جنرل سيڪريٽري، ڦوٽو رستماڻي نائب صدر هو. ڪامريڊ ڦوٽو جيڪو اڪثر نوابشاهه ۽ ٻين شهرن ۾ ايندو هو ۽ ٿيندڙ گڏجاڻي ۾ بحث مباحثا ڪندو رهندو هو ته پنهنجو موقف ضرور رکندو هو. جيڪو گهڻو هاري فيلڊ ۾ ڪم ڪندو، آهستي ڳالهائيندڙ ڪامريڊ سان هر ڪنهن تي کيڪاريندڙ جنهن جو گهر ۾ رهڻ گهٽ هوندو هو ۽ هول ٽائيمر بنجي، پنهنجي حياتي تحريڪ لاءِ وقف ڪري ڇڏي. جنهن سياست ۾ مختلف مرحلا طئي ڪيا ۽ هڙ لاها چاڙها ڏسي چڪو هو. جنهن انقلاب جي مشن کڻي، جهر جهنگ، دوستن، ساٿين ۽ هارين وٽ پهچندو رهندو. جن کي هارين جي مسئلن جي خبر ڦوٽو رستماڻي ۽ سندس ساٿي چمبڙ جي آس پاس وارن علائقن جي پڻ سروي ڪندا هئا ته اتي ڪيترا هاري آهن. ڪيترن کي هر جا جوڙا آهن. ڪيترا ننڍا وڏا زميندار آهن. ڪيترن هارين کي ڪکاوان گهر آهن. ڪير ڪيترو حاصل ڪري ٿو. سندن خاندان ۾ ڪيترا ئي ڀاتي آهن. ڪيترا ڪمائن ٿا يا نه ٿا ڪمائين وغيره. جيڪي اهڙي سروي سان ڄاڻ حاصل ڪندا هئا ته هتي ڪيتري غربت آهي، ڪيترا بيروزگار، ڪيترا مزدوري ڪري رهيا آهن. ڪامريڊ ڦوٽو رستماڻي جنهن زندگي ۾ ڪڏهن به هار نه مڃي ۽ جدوجهد ۾ سندس ايمان هوندو هو. بک ڏک ۾ هن ڪنهن سان ڪا شڪايت نه ڪئي. بلڪ هر ڏک، صبر سان سهندو رهيو. ڪامريڊ جنهن جون اکيون خراب ٿي چڪيون هيون. جنهن آپريشن پڻ ڪرايو، ليڪن نظر ائين اچي پيو ته آپريشن صحيح ٿيل ڪو نه هئا. ڪامريڊ جڏهن به نوابشاهه ايندو هو، ملندو ضرور هو. اهو به هو ته منهنجي جاءِ سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي آفيس هئي، جتي هو ايندو رهندو هو. ڪجهه ڏينهن گذري ويندا هئا ته سندس مائٽن کان حال احوال وٺندو هوس. سندس هڪ مائٽ ڪامريڊ بصر رستماڻي جيڪو به اڪثر ايندو رهندو هو، جنهن جي وات ۾ اهو ضرور هو ته؛ ”ڪامريڊ ڇا حال آ؟“، ”ڇا پيو ڪرين؟“ اهو به ويچارو جهونو ٿي چڪو. ڪامريڊ ڄام ساقيءَ جي پوري سنڌ اندر ٿيل استقبالن ۾ ڦوٽو رستماڻي پڻ گڏ هو. جيڪي دورا ختم ٿيڻ بعد، جڏهن منهنجي جاءِ، جيڪا سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي آفيس هئي، جنهن ۾ مرڪزي ورڪنگ ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو ۽ سنڌ هاري ڪاميٽي کي ٽوڙڻ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. جڏهن ته ڪميونسٽ پارٽي اڳي ئي ٽٽي چڪي هئي. حالانڪ مون گهڻي ئي اختلاف رکيو، رڙيون ڪيون ته سنڌ هاري ڪاميٽي نه ٽوڙيو، ان کي آزاد ۽ خود مختيار ڇڏيو وڃي، جڏهن ته هاري ڪاميٽي جي اها پاليسي رهي ته ڪنهن مڪتب فڪر جو ان ۾ شامل ٿي سگهي ٿو، اهو ڀلي ڪهڙي پارٽي سان تعلق رکندڙ هجي، هارين جي حقن لاءِ جدوجهد ڪري، ليڪن ڪامريڊ اڳيئي ڄڻ فيصلو ڪري چڪا هئا ته هر فرنٽ کي ٽوڙيو ويندو ۽ ائين ٿيو جو ساٿي ٻارڙا، ڊي ايس ايف مزدور تنظيم ۽ ٻيا جيڪي ترقي پسند ونگس هئا اهي ٽوڙيا ويا. ورڪنگ ڪاميٽي جي انهيءَ گڏجاڻي ۾ ڪامريڊ ڄام ساقي پڻ موجود هو. آخر سنڌ هاري ڪاميٽي کي ٽوڙي ڄڻ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي کي مايوس ڪيو ويو. جنهن جي نالي جي سڃاڻپ سان سنڌ هاري ڪاميٽي هلندي هئي. سنڌ هاري ڪاميٽي جي ٽٽڻ بعد، ڪامريڊ غلام رسول سهتو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي حيدرآباد واري رهائشگاهه سنڌ هاري ڪاميٽي ان حوالي ڪري ڇڏي ته ٻئي طرف سنڌ هاري ڪاميٽي جو صدر، ڪامريڊ ڦوٽو رستماڻي سڏائڻ لڳو. ڪميونسٽ پارٽي جي زير نگراني هلندڙ سنڌ هاري ڪاميٽي جو صدر، گلاب پيرزادو ته ساڳئي وقت ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جو فرزند اظهر جتوئي پاڻ کي سنڌ هاري ڪاميٽي جو صدر چوندو رهندو آهي. اهڙي نموني سنڌ هاري ڪاميٽي جي طاقت ٽٽندي وئي. جيڪي هاڻي پيرڪو سنڌ هاري ڪاميٽي جو سڏائي ڪم ڪندو رهندو آهي. ڪامريڊ ڦوٽو رستماڻي بيمار ۽ تڪليفون هوندي، ڪمزوريءَ جي حالت ۾ گڏجاڻين ۾ اچڻ، ساٿين سان رابطو قائم رکڻ جي ڪندو رهندو هو. جنهن جي اوچتي وفات تي ڄڻ اکين اڳيان اونداهه اچي وئي ته آئي ڇا آهي جو ڪيترا ساٿي وڇوڙو ڪندا وڃن پيا. ڪامريڊ ڦوٽي رستماڻي جي وفات ان وقت ٿي، جڏهن ڪامريڊ رشيد راڄڙ جي پهرين ساليانه ورسي ملهائي وڃي پئي. ڪجهه ڏينهن اڳ، ڪامريڊ ڄام ساقي جي سالگرهه ملهائي وئي، جيڪو پڻ تازو وڇوڙو ڪري ويو. کيس اباڻي قبرستان سيد جڙيل شاهه درگاهه جي قبرستان ۾ دفنايو ويو آهي. ڪامريڊ ڦوٽو رستماڻي جسماني موجود ڪونهي. سندس ڪيل جدوجهد، کيس تاريخ جو ورق بنائي ڇڏيو آهي. ھو بيباڪ سياسي ڪارڪن هو.
حيدر علي لغاري شاهه لطيف جو پارکو الطاف ميمڻ برک عالم، استاد، اديب، نقاد ۽ شاهه لطيف جو پارکو سائين حيدر علي لغاري ۱۱ آگسٽ ۱۹۳۴ع ۾ تاجپور جي نواب گهراڻي ۾ نواب قمبر علي لغاري جي گهر ۾ پيدا ٿيو. سندس خاندان مان نواب ولي محمد لغاري ٽالپر دؤرِ حڪومت ۾ سنڌ جو وزيراعظم هو. حيدر علي لغاري پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول تاجپور مان حاصل ڪئي، جتي سندس استاد غلام نبي لغاري راڳ جو وڏو ڄاڻو ۽ هار مونيم جو ماهر هو. ميٽرڪ ۱۹۵۲ع نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد مان ڪيائين، جتي سندس استاد عبدالرحيم ڏيٿو، غلام محمد شاهواڻي ۽ غلام حسين بالادي هئا. بي اي ۱۹۵۶ع ۽ ايم اي (مسلم هسٽري) ۱۹۶۰ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج ڪاري موري حيدرآباد مان ڪيائين، جتي ڪاليج جو پرنسپل ڊاڪٽر ايڊرين دوارتي هو. بي ٽي (بي- ايڊ) ۱۹۶۱ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ڪيائين، جتي پنهنجي استاد سيد اڪرام علي کان تمام گهڻو متاثر ٿيا. پاڻ ”بي ٽي جي دؤر“ کي پنهنجو ”نئون جنم“ تصور ڪندا هئا. ڪاليج جي ئي زماني ۾ ۱۹۵۲ع کان علامه آءِ آءِ قاضي جا ليڪچر ٻڌڻ شروع ڪيائين، جنهن سندس ذهني تربيت ۾ تمام وڏو ڪردار ادا ڪيو. سندس فڪر جي گهرائي، قول ۽ فعل جي سچائي تي قاضي صاحب جا چٽا عڪس نظر اچن ٿا. سائين حيدر علي لغاري مولانا غلام محمد گرامي جي شخصيت ۽ علم کان به گهڻو متاثر هئا ۽ پاڻ کي ان جو ”حبدار شاگرد“ لکيو اٿن. سندن گرامي صاحب سان ڪچهرين ۽ خط و ڪتابت جو سلسلو تمام ڊگهو آهي. سائين حيدر علي لغاري پنهنجي خانداني نوابيءَ کي ڇڏي استاد ٿيڻ پسند ڪيو ۽ ۴۰ سال سنڌ جي مختلف تعليمي ادارن ۾ استاد جي حيثيت ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون. هو ۲۰ آگسٽ ۱۹۵۶ع ۾ اسسٽنٽ ماسٽر طور تعليم کاتي ۾ ڀرتي ٿيو. ۱۹۵۶ع کان ۱۹۷۲ع تائين گورنمينٽ ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ رهيو. ان دوران ۱۹۶۱ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪنڌرا (ضلعو سکر) ۽ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٻنو (ضلعو ٺٽو) ۾ هيڊ ماسٽر ٿي رهيو. آڪٽوبر ۱۹۷۳ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٽنڊوڄام ۾ هيڊ ماسٽر ٿي رهيو. ڪجهه مخالفن جي زور تي مارچ ۱۹۷۵ع ۾ جڏهن سندس بدلي ٽنڊوڄام کان نصرپور ڪئي وئي ته اسڪول جي شاگردن پنهنجي هر دلعزيز محبوب استاد جي واپسيءَ لاءِ سخت احتجاج، جلوس ۽ هڙتالون ڪيون، حيدرآباد ۾ مظاهرا ڪيا ويا، ۱۷ ڏينهن جي مسلسل ويڙهاند ۾ معاملو سنڌ اسيمبليءَ تائين پهتو ۽ انتظاميا مجبور ٿي حيدر علي لغاري کي ٻيهر ٽنڊوڄام ۾ مقرر ڪيو. آڪٽوبر ۱۹۸۱ع کان فيبروري ۱۹۹۱ع تائين گورنمينٽ ايليمينٽري ڪاليج آف ايجوڪيشن (مين) حيدرآباد ۾ ليڪچرر طور فرض انجام ڏنائين. آگسٽ ۱۹۹۲ع تائين هائير سيڪنڊري اسڪول سن ۾ پرنسپل ٿي رهيو. بيورو آف ڪريڪيولم ۽ ايڪسٽينشن ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ ٿي رهيو. ان دوران گورنمينٽ ايليمينٽري ڪاليج حيدرآباد جي پرنسپل جي اضافي چارج به سندن حوالي رهي. ۱۰ آگسٽ ۱۹۹۴ع تي ملازمت کان رٽائر ٿيا. سائين حيدر علي لغاري جو شمار سنڌ جي انتهائي ڪميٽيڊ ۽ غير روايتي استادن ۾ ٿئي ٿو. سندس مقناطيسي شخصيت، اخلاق ۽ علم ٽريننگ ڪاليج ۾ ٽريننگ لاءِ ايندڙ استادن تي اهڙو ته اثر ڪندا هئا جو اُهي ٻين استادن جا ڪلاس وٺڻ بدران سندس ئي ڪلاسن ۾ ويٺا هوندا هئا. هو هڪ ڪُل وقتي استاد هو. اسڪول ۽ ڪاليج جي سرڪاري ذميوارين کانپوءِ به سندس گهر سدائين شاگردن جي هجومن سان ڀريو پيو هوندو هو. هو يونان جي سُقراط وانگر روڊن تي، رستن تي، ٿلهن ۽ فوٽ پاٿن تي ويٺو شاگردن سان علم ۽ دانش جا ٻول ٻوليندو هو. پاڻ نئين سنڌ جي نوجوان نسل جي فڪري اوسر ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيائون. ڪيترن ئي شاگردن سان سندس خط و ڪتابت جو سلسلو هوندو هو. عبدالقادر جوڻيجو ڏانهن لکيل سندس هڪ خط سنڌ يونيورسٽي جي بي اي جي سليبس ۾ به رکيل آهي. متڀيد جي فرقن کان آجو ٿي پاڻ ڪيترن ئي غريب شاگردن جون مالي مددون به ڪندا هئا، جن جي خبر سندن وفات کانپوءِ پئي آهي. جاگيردار خاندان جو فرد هوندي به پورهيت دوستن جي ساٿ ۾ رهيو. هارين ۾ جاڳرتا پيدا ڪندڙ کاٻي ڌر جي مشهور ڪردار عزيز سلام بخاري جون تنظيمي ڳجهيون ميٽنگون لغاري صاحب جي گهر تي ٿينديون هيون، ان جي وفات به لغاري صاحب جي گهر تي ۷ فيبروري ۱۹۸۶ع ۾ هڪ ميٽنگ دوران ئي ٿي هئي. ۱۹۷۴ع کان ۱۹۷۸ع جي زماني ۾ سنڌ جي پهرين غير قانوني سائيڪلوسيل ماهوار اخبار ”هلچل“ حيدر علي لغاري جي تعاون سان ڄام ساقي ٽنڊوڄام هاءِ اسڪول جي سائيڪلومشين تان ڇاپيندو هو، جنهن ۾ سندس فرضي نالن سان سندس ڪيترائي مضمون پڻ شايع ٿيا. ڄام ساقي جي روپوشي جي زماني ۾ اڪثر رهائش حيدر علي لغاري جي گهر ۾ ئي هوندي هئي. سائين حيدر علي لغاريءَ جو پهريون مضمون ۱۹۵۸ع ۾ ملا اسڪول مخزن ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ شايع ٿيو. اخبار تعليم ۽ مهراڻ/ رسالن ۾ به ڪيترائي مضمون ڇپيا، سندس ٻه ڪتاب پهريون اندر ملهه املهه ۱۹۹۸ع ۽ ٻيو ڪتاب ڪُڇان ڪڄاڙو ۲۰۰۷ع ۾ شايع ٿيا. تنقيد، تعليم، تصوف، فلسفي ۽ لطيفيات جي حوالي سان سنڌي ادب ۾ نمايان حيثيت رکن ٿا. شاهه لطيف تي لکيل سندس مضمونن کي شهناز شورو اردو ترجمو ڪري ڪتابي صورت ۾ ”سوزو سازِ لطيف“ ۲۰۰۹ع جي نالي سان ڇپرايو آهي. سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري حيدرآباد پاران غير مادري زبان وارن لاءِ پهريون ڪتاب به حيدر علي لغاري پنهنجي دوست محمد نواز نوناري سان گڏ ”سنڌي ڪتاب“ ۱۹۹۵ع لکيو. حيدر علي لغاري سنڌي زبان جي ڪلاسيڪي ادب، صوفي شاعرن جي شاعريءَ ۽ خاص طور تي شاهه لطيف جي احساسن جي نهايت ئي ڳوڙهي انداز ۾ شرح ڪئي. علمِ نفسيات ۽ فلسفي جي جديد عالمي نظرين جي تناظر ۾ سندس ڪيل لطيف جي تنقيدي تشريح کيس علامه آءِ آءِ قاضي ۽ تنوير عباسي جهڙن نقادن جي فهرست ۾ آڻي بيهاريو آهي. اها خاصيت سنڌي ادب جي تنقيد نگاريءَ ۾ نواڻ پيدا ڪرڻ جي پهرين لهر آهي. سندس خاص موضوع انسانيت جا اعليٰ قدر ۽ آدرش هئا. سندس انداز فلسفاڻو، طبيعت صوفياڻي ۽ ڳالهائڻ علمي ظرافت سان ڀرپور هو. هو صبر و تحمل ۽ قوتِ برداشت جو حيرت انگيز پيڪر هو. پنهنجي ڳوٺ تاج پور ۾ ۱۹۵۳ع ۾ ”ينگ بلوچ سوسائٽي“ قائم ڪيائين، جنهن جو مقصد ڳوٺ جي نوجوانن ۾ سجاڳي، تعليم جو واڌارو، سماجي ڪمن تي ڌيان ۽ ڳوٺ جي فلاح ۽ بهبود هو. پاڻ پنهنجي دوست امير علي قادري جي ٺاهيل ”سنڌ فلاسافيڪل سوسائٽي“ جا صدر رهيا. هن سوسائٽي جو مقصد جديد فڪر کي سنڌ ۾ آڻڻ ۽ سجاڳي هو. ان سلسلي ۾ علامه آءِ آءِ قاضي جو ڪتاب ”اوڪو ٻيو فهم“ ڇپرايو ويو ۽ ڪيترائي ليڪچر به ڪرايا ويا. ان کانسواءِ سنڌ ايجوڪيشن ٽرسٽ حيدرآباد ۾ به ڪيترن ئي موضوعن تي سندن ليڪچر ٿيا، جيڪي ٽرسٽ پاران ڇپيل صورت ۾ موجود آهن. پاڻ ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي جي ٺاهيل تنظيمن ”اوسر پيڙهڪا حيدرآباد“ جا جنرل سيڪريٽري ۽ ”سنڌ ٽيچرس ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي“ جا صدر به رهيا. سائين حيدر کي چئن پٽن ۽ ڇهن نياڻين جو اولاد ٿيو، جن مان اسرار لغاري آرٽ جي ميدان ۾ هڪ مشهور نالو آهي. سائين حيدر علي لغاري ۲۵ آگسٽ ۲۰۰۸ع تي ۷۴ سالن جي عمر ۾ اختر ڪاٽيجز حيدرآباد ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي وفات ڪري ويو. سندس قبر نواب ولي محمد لغاري جي مقبري جي ڀر ۾ پٺاڻ ڪالوني حيدرآباد ۾ واقع آهي. سندس ڪجهه شاگردن مانجهند ۾ حيدر علي لغاري لائيبريري به قائم ڪئي آهي. حيدر علي لغاري سڄڻ کٿوري بُوءِ غلام حسين رنگريز منهنجو اُهو اڃا شاگرديءَ وارو دؤر هو ته هڪ ڀيري شهر جي بازار ڏانهن ويندي هڪ ماڻهوءَ کي پينٽ شرٽ ۾ سامهون ايندي ڏٺم، جنهن جي چهري جي اڇي رنگت، ٿورا گهنگهريالا وار ۽ موچارا مهانڊا هُئس ۽ قدآور به هو. سوچيم ته اهو همراهه هن شهر جو ته نٿو لڳي، غالبن ڪو اجنبي ڪنهن ڪم سانگي آيو هوندو. ڪجهه هفتن بعد دوستن سرڪاري پرائمري اسڪول ميرپور بٺورو، جتي هن وقت گرلس پرائمري اسڪول آهي ۾ هڪ تعليمي تقريب ۾ اچڻ جي نينڍ ڏني ته آئون ۽ سندم دوست عبدالحميد شاهين (مرحوم) گڏجي تقريب ۾ وياسين. اسڪول جي ورانڊي ۾ تقريب جو اهتمام ڪيل هو، جنهن ۾ اڪثريت پرائمري استادن جي هُئي. مختلف استادن مقالا پڙهيا ۽ تقريرون ڪيون. آخري ماڻهن مان هڪ کي مقالي پڙهڻ لاءِ سڏيو ويو ۽ هُو جڏهن اسٽيج تي آيو ته ڏٺم اُهو ساڳيو ئي پينٽ شرٽ وارو همراهه هو. اُتي پهريون ڀيرو خبر پئي ته هو ٽريننگ اسڪول جو استاد محترم حيدر علي لغاري هو. ساڻس بٺورو ۾ ڪا خاص قابلِ ذڪر ڪچهري نه ٿي. ان بعد ڪافي سالن پُڄاڻان منهنجي ملاقات حيدرآباد ٽريننگ ڪاليج ۾ سندم مرحوم دوست عبدالفتاح عبد ذريعي ٿي. ڇاڪاڻ ته عبدالفتاح عبد، اُنهن ڏينهن ۾ ڪاليج طرفان ڇپجندڙ ’اخبار تعليم‘ (ماهوار) جو ايڊيٽر هو ۽ محترم حيدر علي اُنهيءَ ڪاليج ۾ استاد هو. جيئن ته منهنجو ڪاليج ۾ اڪثر اچڻ وڃڻ ۽ هاسٽل ۾ رهڻ ٿيندو هو. انهيءَ ڪري سائين حيدر علي کي تمام ويجهڙائيءَ سان ڏسڻ، ٻُڌڻ ۽ پرکڻ جو موقعو نصيب ٿيو ۽ پوءِ اها قربت آخر تائين قائم رهي. سائين حيدر علي لغاري، جيتوڻيڪ تاجپور جي نواب خاندان سان تعلق رکندو هو پر منجهس نوابيءَ وارو ٺاٺ وغيره قطعي موجود نه هو. هو ٻين استادن جي ڀيٽ ۾ تمام نهٺو، سنجيده ۽ گهڻو پڙهيو انسان هو ۽ منجهس انسانيت جا سڀ گُڻ موجود هئا. سائين حيدر عليءَ کان، علم ۽ ادب ۽ فلسفي جي حوالي سان، گهڻو ڪجهه پلئه پيوم. سائين حيدر علي فڪري طرح علامه آءِ آءِ قاضي کان ڪافي متاثر هو ۽ اڪثر قاضي صاحب جي دانش جا حوالا ڏيندو هو. هو فڪري طرح هن دؤر جو هڪ ڏاهو فيلسوف هو جنهن فلسفي جي مختلف نظرين ۽ فڪري وهڪرن مان فيضياب ٿي پنهنجي انفرادي واٽ ٺاهي ورتي هئي. ساڻس ڳالهين ٻولين دوران ڪا به تلخي نه ٿيندي هئي ۽ هو انتهائي ڌيرج سان مدلل نموني پنهنجو نقطئه نظر پيش ڪندو هو. هُن جي فڪري اُڻت ۾ تصوف، سيڪيولرزم، سماجواديت ۽ ڪي قدر وجوديت جا عناصر شامل هئا ۽ پاڻ ترقي پسند هئڻ سان گڏوگڏ سنڌ دوست به هو ته انسانيت پرست به. مون کيس ڪچهرين دوران اسلام ۽ مختلف مغربي ۽ مشرقي فيلسوفن تي توريل تڪيل راءِ ڏيندي ڏٺو ۽ ٻُڌو. سنڌ ۾ ۽ خاص طرح تعليم کاتي ۾ ايڏي وڏي ۽ همه گير اڀياس رکڻ وارا ماڻهو تمام گهٽ نظر ايندا، جيڪي صاحبِ علم به هجن ته صاحبِ ڪردار به. سائين حيدر علي لغاري ڪافي قلمي پورهيو ڪيو ۽ سندس هڪ ڪتاب ”مُلهه املهه“ به ڇپيو ۽ آئون پاڻ کي خوش قسمت ٿو سمجهان ته سندم لائبريري ۾ اُهو ڪتاب موجود آهي، جنهن ۾ مختلف موضوعن تي سندس طبعزاد مضمون ۽ مقالا آهن. سندس مضمون سنڌي ٻوليءَ جي مختلف رسالن جهڙوڪ ”اخبار تعليم“، ”ٽه ماهي مهراڻ“ ۽ ٻين رسالن ۽ اخبارن ۾ وقت بوقت شايع ٿيندا هئا. سندس لکڻ جو به هڪ پنهنجو منفرد اسٽائل هوندو هو، جنهن ۾ فارسيءَ جا شعر، لطيف سائين جا بيت ليک کي وڌيڪ حسُناڪ بنائي ڇڏيندا هئا. هُن جي فڪر و نظر ۾ هڪ عجيب ڇڪ محسوس ٿيندي هُئي جيڪا ذهنن کي جهنجهوڙي ڇڏيندي هئي. هُو ڪنهن به سياسي ڌر جو ماڻهو نه هو پر هُن جي دامن جي وسعت ۾ سڀ ڌريون سمائجي وينديون هُيون. هو سونهن، سنگيت ۽ ٻين فنونِ لطيفه جو پرستار هو يا ائين کڻي چوان ته ’سونهن ۽ سنگيت‘ سندس ڪمزوري هوندا هئا. هو طبعن حضور شرم، ڏيک ويک کان پري رهندڙ ۽ ڪتابن سان گڏ چونڊ دوستن سان ميل ميلاپ رکندڙ هڪ آدرشي انسان هو. هو ٻئي جي راءِ کي سنجيدگيءَ سان ٻڌندو ۽ قابلِ قبول استدلال کي تسليم ڪندو هو ۽ پنهنجي نقطئه نظر کي جارحاڻي انداز ۾ ڪڏهن به پيش نه ڪندو هو. سائين شمس الدين عرساڻي سندس قريبي دوست رهيو. سائين حيدر علي لغاري هڪ انسائيڪلوپيڊڪ پد جو ماڻهو هو پر اسان جا اشاعتي ادارا کيس پرکي ۽ پروڙي نه سگهيا، جي نه ته اسان کي اهو احساس نه ستائي ها ته سنڌي ٻولي ۽ ادب فلسفي جي دنيا ۾ گهڻو پوئتي رهيل آهي. سائين حيدر علي اسان جي درميان نه آهي پر سندس ساروڻيون ساٿ آهن. هُن تاري هُن روءِ، هُتي منهنجا سپرين سڄڻ کٿوري بوُءِ، موُن کي موُر نه وسريا. (لطيف سائين) سائين حيدر علي لغاري هڪ يگاني عالم جي ياد ۾! تاريخ ۲۵ آگسٽ ۲۰۰۸ع تي اسان سنڌ واسين کان هڪ استاد، مفڪر، عالم، اديب ۽ لطيف جو پارکو سائين حيدر علي خان هميشه لاءِ وڇڙي ويو. ڪالهه سندن چوٿين ورسي هئي. سائين حيدر علي لغاري بنيادي طور تي استاد هئا ۽ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ايندڙ هزارين ماسترن کي تربيت ڏئي کين صحيح معنيٰ ۾ استاد بڻائڻ ۾ سندن اهم ڪردار رهيو. سائين حيدر علي جو سڀني تربيت وٺندڙ استادن سان شفقت وارو رويو هوندو هو ۽ ٻيو اهو ته سائين جو پڙهائڻ ۽ ليڪچر ڏيڻ جو منفرد انداز هو. سائين جي لکڻ جو انداز به ٻين ليکڪن کان مختلف آهي، ان ڪري کين يگانو عالم ڪوٺيو ويندو آهي. سائين حيدر علي جي لکڻين جا ٻه ڪتاب ”اندر ملهه املهه“ ۽ ”ڪڇان ڪڄاڙو“ سندن جيئري ئي ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن ۽ اڃا به گهڻو اڻ ڇپيل مواد موجود آهي، جنهن کي ڇپائڻ جي ضرورت آهي. سائين جي لکڻين جا موضوع علم، تعليم، تدريس ۽ لطيف جي فن ۽ فڪر بابت آهن. سندن استاد ۽ رهبر علامه آءِ آءِ قاضي هو. سائين حيدر علي ”سنڌ فلاسافيڪل سوسائٽي“ جي صدر جي حيثيت سان، سندن روحاني رهبر علامه آءِ آءِ قاضي جي تقريرن تي مشتمل ڪتاب ”اُو ڪو ٻيو فهم“ پڻ ڇپايو هو ۽ ان جي مهورت سنڌ زرعي يونيورسٽي جي آڊيٽوريم ۾ ٿي هئي، جنهن جو مهمان خاص تڏهوڪو وفاقي وزير تعليم سيد غلام مصطفيٰ شاهه هو. سائين ان تقريب ۾ به هڪ فڪر انگيز تقرير ڪئي هئي، جيڪا رڪارڊ تي موجود آهي. سائين هڪ شخصيت نه پر هڪ مڪمل ادارو هئا ۽ ڪنهن ڏاهي چواڻي ته پاڻ خاموش خدمت ڪندڙ هئا ۽ فرد تيار ڪندا رهيا، جيڪو هڪ ڏکيو عمل آهي. اڄ سائين حيدرعلي ته اسان وٽ موجود ناهي پر سندن يادون موجود آهن. سائين وٽ ڪتابن جو به تمام وڏو ذخيرو هو، اميد ته سائين جا پونيئر ۽ پوئلڳ انهن ناياب ۽ املهه ڪتابن جي ذخيري کي به سنڀاليو ايندا. فقير علي ڏنو جروار/حيدرآباد حيدر علي لغاري لطيف سائينءَ جو پارکو علي ڏنو جروار سائين حيدر علي لغاري اسان سنڌ واسين کان ۲۵ آگسٽ ۲۰۰۸ع تي وڇڙي ويو هو. هي مضمون سندن ستين ورسيءَ جي نسبت سان لکي رهيو آهيان. سائين حيدر علي جي زندگي جا ڪيترا ئي رُخ، پهلو ۽ قدر آهن. سڀ کان پهريون اِهو ته سندن تعلق تاجپور جي نواب گهراڻي سان آهي. تاجپور جي نواب گهراڻي جي سڃاڻپ ”نواب ولي محمد لغاري“ جيڪو سنڌ ۾ ميرن جي صاحبي واري دؤر ۾ سنڌ جو وزيراعظم هو، تنهن کانپوءِ وري انهيءَ خاندان مان هڪ ٻيو ”نواب ولي محمد لغاري فقير“ پيدا ٿيو، جيڪو ڪافين جو بهترين شاعر آهي. اُن نواب ولي محمد فقير جو تاجپور ۾ ۴ رمضان شريف تي هر سال ڏهاڙو ملهايو ويندو آهي. انهيءَ ڏهاڙي تي سڄي سنڌ مان صوفي راڳي اچي گڏ ٿيندا آهن، جيڪي ٽن ڏينهن جي تقريبن ۾ صوفي راڳ ٻڌائي ٻڌندڙن تي وجد طاري ڪري ڇڏيندا آهن. سائين ان فقير ولي محمد جي خاندان جو چشم چراغ هو. سندن ٻي سڃاڻپ استاد هئڻ واري آهي. پنهنجي ملازمت جو ڳچ عرصو ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد ۾ سنڌ جي پرائمري اسڪول ٽيچر، جونيئر اسڪول ٽيچر ۽ اورينٽل ٽيچر کي پڙهائيندي گذريو، جنهن کي سنڌيءَ ۾ استادن جي تربيت به چيو ويندو آهي. ان کان علاوه پاڻ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٻنون ۽ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٽنڊوڄام جا هيڊ ماستر، گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول سن ۽ گورنمينٽ ايليمينٽري ڪاليج فار ايڊيوڪيشن حيدرآباد جا پرنسپل به رهيا. سبجيڪٽ اسپيشلسٽ بيورو آف ڪريڪيولم مان زندگي جا ۶۰ سال پورا ٿيڻ تي رٽائرمينٽ ورتائون. ٽريننگ ڪاليج ۾ پڙهائڻ سبب سائين حيدر علي جا سڄي سنڌ ۾ شاگرد موجود آهن، جن مان ڪيترائي سي ايس ايس ۽ پي سي ايس ڪري تمام وڏن عهدن تي وڃي پهتا آهن. ڪاليج ۾ سائين حيدر علي لغاري جي ليڪچر جو، شاگرد ايترو ته اثر وٺندا هئا جو هو واقعي ڪاليج مان ”استاد“ بڻجي نڪرندا هئا. آئون پاڻ سائين جو شاگرد رهيو آهيان. ڪلاس ۾ ليڪچر دوران ۽ نجي ڪچهرين ۾ سائين سدائين چوندو هو ته، ”اسان جي وڌ کان وڌ اِها ڪوشش رهندي آهي ته هتان پڙهي نڪرندڙ يا ٽريننگ جو پاس سرٽيفڪيٽ وٺي ويندڙ استاد کي حقيقي استاد ڪري موڪليون“ ۽ ڪڏهن ڪڏهن وري اِهو به چوندا هئا ته ”ان ڪوشش ۾ ڪيترا ڪامياب يا سوڀارا ٿيندا آهيون؟ اُهو وقت ۽ تاريخ طئه ڪندو“. سائين تقريبن روزانو شام جو ٽريننگ ڪاليج جي لان ۾ اچي ويهندو هو، جتي ڪجهه سلجهيل شاگرد به وٽس اچي ويهندا هئا. سائين جي ڪچهري جو موضوع هر جاءِ تي علم ۽ ادب هوندو هو. لطيف جي شاعري، اياز جي شاعري، منشي ابراهيم جا گيت، آءِ آءِ قاضي جا گفتا ڪچهري جي رونق هوندا هئا ۽ جڏهن شاگرد سال يا ٻن سالن جي تعليم ۽ تربيت مڪمل ڪري واپس پنهنجن ماڳن ڏانهن روانا ٿيندا هئا ته سندن سامان جي ڳوٿري ۾ شاهه جو رسالو، اياز، امر جليل، سراج ۽ ٻين ليکڪن جو ڪونه ڪو ڪتاب ضرور موجود هوندو هو، جيڪو هو تلڪ چاڙهي تي آمريڪن ڪلچرل سينٽر جي هيٺان موجود ادبي ڪتاب گهر ادبيات يا حيدر چؤڪ تي موجود ڪتابن وارن کان خريدي ڳوٺن ڏانهن کڻي ويندا هئا، جتي پاڻ به اُهي ڪتاب پيا پڙهندا هئا ۽ پنهنجن عزيزن يا دوستن کي به پيا پڙهائيندا هئا. هڪ لحاظ کان اِها ادب ۽ ٻوليءَ جي خدمت هئي، جيڪا سائين حيدر علي لغاري خاموشيءَ سان ڪندو رهندو هو. سندن ٽين سُڃاڻپ هڪ ليکڪ واري آهي. سائين حيدر علي جي لکڻين ۾ انفراديت هئي. اسلوب ۽ ٻوليءَ جي لحاظ کان انهن لکڻين جي الڳ حيثيت ۽ شناسائي آهي. سندس لکڻين جا ٻه ڪتاب ”اندر مُلهُه اَمُلهه“ ۽ ”ڪڇان ڪڄاڙو“ ڇپجي چڪا آهن. ٻنهي ڪتابن جا نالا لطيف جي بيتن مان کنيا ويا آهن. (۱) جهڙا ڪڙڇ ڪَڪَرا، تهڙا جائن ڦُل، تِن سامين جي سُڌ مران، جن جي گودڙين ۾ گُل، اندر مُلهه اَمُلهه، ٻهر ڪوجها ڪاپڙي (لطيف) ۽ وري ٻئي ڪتاب جو نالو به لطيف جي سٽ مان ورتو ويو آهي. (۲) ڪُڇان ڪڄاڙو، بري هِن ڀنڀور ۾. (شاهه) ڪتابن جا نالا لطيف جي شاعريءَ مان چونڊڻ سندن لطيف سان انسيت جو اظهار آهي. سندن چوٿين خوبي يا سڃاڻپ لطيف جي شاعري سان چاهه هئن. پاڻ لطيف جي شاعري تي ايترو ته عبور رکندا هئا ۽ اُن جو اهڙو ته ڇيد پيش ڪندا هئا جو ٻڌندڙ محو ٿي ويندا هئا. پاڻ سنڌ ۾ لطيف جا پارکو سمجهيا ۽ سڏيا ويندا هئا. لطيف جا ڪيترا ئي بيت سائين کي ياد هوندا هئا. اُن ڳالهه جو اعتراف ۽ اظهار سنڌ جي ڏاهي سائين محمد ابراهيم جويي به ڪيو آهي. هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام عمرڪوٽ سان تعلق رکندڙ شاگرد، ابراهيم جويي صاحب وٽ ويا ۽ چيائون ته سائين اسان عمرڪوٽ ۾ جشن لطيف ٿا ملهايون، توهان هلي صدارت ڪريو، جنهن تي جويي صاحب طبيعت صحيح نه هئڻ ڪري انهن کان معذرت ڪئي. جويي صاحب جو جواب ٻڌي هڪ شاگرد کين چيو ته سائين پوءِ لطيف بابت اسان ڪنهن کان ٻڌون. جويي صاحب هڪدم ورندي ڏني ته ”ٽريننگ ڪاليج ۾ حيدر علي لغاري ويٺو آهي، لطيف جي باري ۾ اُهو ڳالهائي سگهي ٿو، اُن کي وٺي وڃو.“ پاڪستان ٽيليويزن تي سنڌيءَ ۾ ”پرک“ پروگرام نشر ٿيندو هو، جنهن ۾ هر دفعي ڪو ڏاهو، اديب يا لطيف جو پارکو گهرائي اُن کان لطيف بابت ٽن کان پنجن منٽن تائين ڪنهن بيت، داستان يا سُر بابت ڳالهرائيندا هئا. اُن پروگرام ۾ هڪ دفعي سائين حيدر علي کي به گهرايو ويو هو، جنهن ۾ سائين لطيف جون هيٺيون ٻه سٽون پڙهي انهن جي تشريح ڪرڻ شروع ڪئي. ڪين ڌر تتي ماءِ، ڪين ڄر سندي سڄڻين، هلي ۽ واجهاءِ، ٻنهي ڄيرن وچ ۾. (شاهه) اُهو پروگرام مون پاڻ ٽي وي تي ڏٺو پئي. اُن وقت سائين ڳالهائي به رهيو هو ۽ بار بار پنهنجي واچ ۾ به ڏسي رهيو هو، پوءِ جڏهن اسان روبرو ملياسين ته مون کانئس پڇيو ”سائين ڀلا توهان گهڙي ڇو پئي ڏٺي؟ چيائين ته ادا مون کي پروڊيوسر چيو هو ته جيڪا به ڳالهه توهان کي ڪرڻي آهي، اُها ٽن کان پنجن منٽن اندر مڪمل ڪرڻي آهي، تنهن ڪري وقت پئي ڏٺم.“ سائين جي اُها گفتگو ايتري ته متاثر ڪندڙ هئي جو اٺن منٽن تائين هلي هئي، جنهن ۾ پروڊيوسر کيس اِشاري سان چوندو رهيو ته جاري رکو. هي آهن سائين حيدر علي جي استقلال ۽ عظمت جون ڳالهيون. سائين جي شخصيت جو هڪ عظيم ۽ اهم گُڻ انسان دوستي هئي، جنهن موضوع تي وري الڳ مضمون لکي سگهجي ٿو. سائين حيدر علي جي روح کي سمجهڻ لاءِ اسان سنڌ واسين کي مٿي ذڪر ڪيل ٻئي ڪتاب بار بار پڙهڻا پوندا، انهن ڪتابن پڙهڻ جي هينئر سنڌ جي ماڻهن کي تمام گهڻي ضرورت آهي. حيدر علي لغاري بحيثيت شاعر مٺل جسڪاڻي سائين حيدر علي لغاري هڪ لکيو پڙهيو، غير معمولي انسان ته هو ئي؛ هو ڏاهو، مدبر، عالم، فيلسوف، انسان دوست، دانشور، اديب، تعليمي ماهر، بهترين منتظم، گهڻ رخي شخصيت جو ڌڻي هو. سندس عام اٿڻ ويهڻ، هلڻ گهمڻ، ڳالهائڻ، سفر ڪرڻ، خريداري جو رنگ ۽ ڍنگ، زندگي جو هر وهنوار، کيس نرالي سڃاڻپ ڏيندڙ رهيو. ان ۾ ڪو شڪ شبهو، ڪو اجايو وڌاءُ نه آهي. شاهدي لاءِ ساڻس اٿندڙ ويهندڙ، هر عام توڙي خاص جي واتان ٿيندڙ ڳالهيون، سندس وڇوڙي ۽ سالوار سار (ورسي) تي ٿيندڙ تقريرن ۽ تحريرن وسيلي ملندڙ مواد به ڪافي آهي. آئون سائين کي اهو سڀ ڪجهه به سمجهندو آهيان، پر انهن سمورين خوبين ۽ گُڻن کان الڳ، منهنجي نظر ۾ هو شاعر به رهيو. سائين حيدر علي سان منهنجي ڪا هڪ اڌ ملاقات، ڪي چند هفتا ۽ مهينا واسطو نه رهيو، پر هڪ ڊگهي عرصي تائين، جيستائين واندو وڌيڪ رهندو هئس، تيستائين سائين سان منهنجي ويجهڙائي رهي. ان کان پوءِ عملي زندگي، يعني روزگار ۽ گهر ٻار جو فڪر وڌيو ته ملاقاتن ۾ گهاريون وڌي ويون ۽ پوءِ ڄڻ ته اسين جيئري ئي وڇڙي وياسين، البت سائين وسريو ته اڃا به نه آهي ۽ شايد يا ڄمار نه وسري. سائين سان اهڙي ويجهڙائي به رهي، جنهن کي حد کان وڌيڪ گهرائي وارو لاڳاپو چئجي ته به وڌاءُ نه آهي. اها ٻيءَ ڳالهه آهي ته جيئن سائين گهڻو رولاڪ ۽ ججهو اٿندڙ ويهندڙ، گهڻن ادبي ميڙاڪن ۾ شريڪ ٿيندڙ نه رهيو، موان ۾ به اهو ساڳيو عيب، شايد سائين کان به سرس رهيو آهي. سائين جو پڪ سان پنهنجو ڪو نقطه نظر هوندو. منهنجون پنهنجون ڪي سوچون، پاڻ ليکي ڪيل فيصلا، ڪي چند مجبوريون رهيون، جنهن ڪري اهڙن ميڙاڪن کان اڪثر پري رهيو آهيان. سائين سان ”ڪي ويجها ئي ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين“ واري اهڙي ويجهڙائي ضرور رهي، جنهن جي آڌار تي آئون کيس شاعر طور متعارف ڪرائڻ ۾ ڪو وڌاءُ نه پيو سمجهان. اوهان، اسان، شاعر ڪنهن کي ٿا چئون؟ شاعر جي وصف ڇا آهي؟ ڇا رڳو اهو شاعر آهي، جيڪو گيت، غزل، وايون، ڪافيون، ڪلام لکي؟ جيڪو صرف پابند شاعري ڪري ۽ جنهن کي هر ڪو شاعر چوي؟ نه. ڪنهن جو شاعر هجڻ يا نه هجڻ لاءِ اهي معيار، اهي ماڻ ۽ ماپا، پنهنجي جاءِ تي وزندار سهي، پر اهي سڀ شرط هر ڪنهن سان لاڳو نه ٿا ڪري سگهجن. ائين، جيئن ڪو گيت، غزل، وايون، ڪافيون، شاعري جي ڀلي ته ڪهڙي به صنف تي طبع آزمائي ڪري، پر ان جي شاعري ۾، شاعري واري ڪشش ئي نه هجي، ڪنهن کي وڻي ئي نه، ته اهڙي شاعري گهڙيندڙ کي شاعر نه ٿو چيو وڃي، نه ٿو مڃيو وڃي، ڀلي ته کيس شاعر نه سڏڻ گهرجي. اصل نقطي تي اچجي. منهنجي نظر ۾ سائين حيدر علي لغاري انتهائي خوبصورت ۽ پرڪشش شاعر رهيو. ڇاڪاڻ ته هو جڏهن به ڪنهن موضوع جي اونهائي، گهرائي، ڳوڙهائي ۾ وڃي ڳالهائيندو هو، ته سندس واتان اهڙي غير معمولي ۽ مٺڙي ٻولي ٻُڌبي هئي، جيڪا سندس اڻ قلمبند، لکجڻ کان رهجي ويل شاعري کان گهٽ نه هئي. مون کي خبر آهي ته عام ٻڌندڙ ۽ پڙهندڙ منهنجي هن ڳالهه کي وزن نه ڏيندو، پر آئون سائين کي شاعر ڇو پيو چوان ۽ مڃيان، ان لاءِ مون وٽ ڪيترائي دليل آهن. منهنجي نظر ۾ شاعر اهو آهي، جيڪو شاعري جي لفظن کي ئي نه، پر شاعري جي روح کي سمجهي. شاعري جي گونانيت تائين پهچ رکي. سائين جي اهڙن شاگردن سان ملو، انهن دوستن سان ملو، جن سان هن مختلف شاعرن جي شاعري تي ڳالهايو. رڳو سنڌي ئي نه، اردو ۽ انگريزي شاعري تي به سائين ڳالهائيندو هو، ته مون کي لڳندو هو، سائين ٻئي شاعر جي شاعري کي سمجهائڻ لاءِ، سندس منظوم، سليس شاعري ٻڌائي رهيو آهي. جيءُ، ها. اوهان منهنجي ان دليل کي به اهميت نه ڏيندا، ڀلي نه ڏيو. اوهان ڀلي سائين کي شاعر نه سمجهيو، نه ليکيو، پر ٿورو ٻڌايو ته اعتراض ڪهڙو آهي؟ جيڪڏهن اوهان کي لکت ۾ ڪو اهڙو ثبوت کپي ته سائين جا مختلف مضمون پڙهو، جيڪي نج پج نثر ۾ ئي لکيل آهن، پر جڏهن اوهان پڙهندا، ته اوهان کي اهو نثر وڻندڙ، ڇهندڙ، گهڻين معنائن وارو، شاعري جي معيار تي پورو لهندڙ ملندو، شاعري وانگر ئي پرڪشش، پرلُطف، شاعري کان ڪنهن به ريت گهٽ محسوس نه ٿيندو. سائين حيدر علي لغاري جو شاعر هجڻ ته انهن مضمونن ۾ به پڌرو آهي، جيڪي سائين لطيف، سچل، استاد بخاري جي شاعري جي حوالي سان لکيا. سائين علامه آءِ آءَ قاضي جي سڃاڻپ ڪرائيندي جيڪو تفصيلي مضمون لکيو آهي، ان ۾ به گهڻن هنڌن تي شاعري ٿيل آهي. ”شاعر جي عظمت“ سنڌي ادب مان چونڊ مضمونن ۾ ڇو شامل ٿيو، اهو ڪورس لاءِ ڪيئن منتخب ٿيو، اهو مضمون سائين حيدر علي جي شاهڪار تحريرن مان هڪ آهي ۽ اهو هڪ مضمون به سائين کي شاعر مڃڻ لاءِ ڪافي آهي. اهڙي طرح ٻين به کوڙ تحريرن جو مثال پيش ڪري سگهجي پيو. ٻڌندڙ ۽ پڙهندڙ ڀلي نه مڃين، شاعر ڀلي اعتراض وارين، پر منهنجي نظر ۾ سائين حيدر علي پختو شاعر هو، سندس ڇپيل ۽ ڇپجڻ کان رهجي ويل مواد ڦلورڻ سان لکت ۾ اهڙا ثبوت به ملي ويندا، جنهن جي آڌار تي رواجي ماڻهو به سائين کي شاعر مڃڻ کان انڪار نه ڪري سگهندا. اوهان منهنجي هنن ٻن لفظن کي، هروبرو سائين حيدر علي کي، زوري زبردستي شاعر مڃرائڻ جي غير ضروري ڪوشش سمجهڻ ۽ چوڻ جو حق نه ٿا رکو. اهڙو حق جتائيندڙ کي عرض ڪندس، ته هو سائين کي پڙهن، سائين جي پهرئين ڪتاب ”اندر ملهه املهه“ جي شروعاتي صفحن ۾ آيل مواد پڙهن. هن ڪتاب جي شروعات ”عيد“ جي عنوان سان، هن نظم سان ٿيل آهي: ماڻهو چون ٿا ته اڄ ڪا عيد آهي اسان وٽ ته نه ڪو آيو آهي، ۽ نه اچڻ جي ڪا اميد آهي گل، گلدان جي بجاءِ آتشدان ۾ آهن مون ۽ هن ۾ صدين جا فاصلا آهن هو دل جي مام نٿو سمجهي پوءِ به چون ٿا ته اڄ عيد آهي! ٻئي حوالي طور سائين حيدر علي جي ساڳئي ڪتاب ۾، سندس ٻيءَ تحرير ”احتساب جو احتساب، لڳي ماٺ مرن کي“ پڙهو، ان جون ڪجهه سٽون هي آهن: اچو ته خسيس کي تياڳيون اچو ته پاڻ سنڀاريون اچو ته ڳنڀير ٿيون اچو ته مٿاهان ٿيون اچو ته آڳاهان ٿيون اچو ته آجا ٿيون اچو- اچو ته آجا ٿيون اچو ته نرواڻ ماڻيون ٽئين شاهدي طور به سائين جي ساڳئي ڪتاب جي ٽيون نمبر تحرير جو ئي حوالو ڏيان ٿو. آءِ آءِ قاضي جي الوداعي واردات واري موقعي تي اُسري آيل اڌمو ”درياءَ توتي دانهن“ جون چند سٽون آهن: شعور جي عظمتن پنهنجي ساٿي، نحيف ۽ ضعيف جسم جي رفاقت کي ترڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو سوز نقطئه ڪمال تي پهتو روح جي رڙ، جسم جي پڃري کي هڻي ڀورو ڪيو... اڄ خاموشين روئي ڏنو... اڄ عقيدتن کي نئون درد نئون سوز نصيب ٿيو. هڪڙا ناتا ٽٽا ته ٻيا ڳنڍجي ويا اڄ هڪڙي ئي وقت هجر ۽ وصال جون ٻه وارداتون ٿيون... نفي ۽ اثبات جون سرحدون هڪ ٻئي سان ملي ويون... شاهديون ٽي ئي ڪافي مڃيل آهن، اڃا به وڌيڪ گواهيون پيش ڪري سگهجن ٿيون، پر اهي ڪنهن ٻئي ڀيري. ڇاڪاڻ ته سائين حيدر علي علم جو ڀنڊار هو. قلم سندس محتاج هو. هن نثر گهڻو لکيو، شاعري ٿوري سرجي، پر بهرحال، سائين حيدر علي پختو شاعر به رهيو... حيدر علي لغاري مون سي ڏٺا ماءُ، جنين ڏٺو پرينءَ کي. علي ڏنو جروار سائين حيدر علي خان لغاري سنڌ جو هڪ اهڙو املهه سرمايو آهي، جنهن کي ڪنهن به ريت وساري نٿو سگهجي. سائين حيدر علي سنڌ جي انهن ڪجهه اهم شخصيتن مان هڪ آهي جن کي هڪ ئي وقت علم، ادب، تقرير جي ڏانءُ ۽ لطيفيات تي عبور حاصل هو. ائين کڻي چئجي ته سائين حيدر علي خان هڪ گهڻي رُخي شخصيت هو. جيڪو اسان سنڌ واسين کان ۲۵ آگسٽ ۲۰۰۸ع تي وڇڙي ويو. اڄ سندس نائين ورسي جي نسبت سان سندس چاهيندڙ ڏهاڙو ملهائي رهيا آهن. سائين حيدر علي خان لغاري سنڌ جو هڪ اهڙو ليکڪ آهي جنهن جي لکڻ جو انداز منفرد ۽ نرالو آهي. هي غير رواجي لکڻين جو ماهر تصور ڪيو ويندو هو. بنيادي طور تي سائين حيدر علي خان هڪ استاد هو جنهن پنهنجي سڄي زندگي ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ گذاري. جتي هن هزارن جي تعداد ۾ شاگردن کي پڙهائڻ جي تربيت ڏني ۽ طور طريقا ٻڌايا ته شاگردن کي ڪهڙيءَ ريت سندن عمر ۽ دماغ جي لحاظ کان تعليم ڏني وڃي. پاڻ هڪ بهترين استاد سان گڏ سٺو ليکڪ به هو. سندن لکڻين جا ٻه ڪتاب “اندر مُلهه اَمُلهه” ، “ڪُڇان ڪڄاڙو” سنڌي ۾ جڏهن ته سندس لطيف بابت لکڻين جو اردو ترجمو جيڪو محترمه شهناز شورو ترتيب ڏنو آهي اهو “سوز و ساز لطيف” جي عنوان سان فيصل آباد جي ڪنهن پبليڪيشن پاران ڇپرايو ويو آهي. حيدر علي خان لغاري، لطيف سائينءَ جو پارکو، لطيف شناس ۽ لطيف جي بيتن جي بهترين تشريح ڪندڙ هو. هُو جڏهن لطيف سائينءَ بابت ڪو ليڪچر ڏيندو هو يا ڪنهن سيمينار وغيره ۾ يا وري ڪنهن نجي ڪچهري ۾ ڳالهائيندو هو ته سندس اهو انداز ۽ لهجو ڏسي ٻڌندڙ حيران ٿي ويندا هئا. کيس لطيف سائينءَ جي شاعريءَ تي ايترو ته عبور حاصل هو جو سنڌ جي ڏاهي ابراهيم جويي پڻ ان جو ڪيترن ئي هنڌن تي اعتراف ڪيو آهي. ٻي ڳالهه اها ته سائين جهڙن لطيف شناس ماڻهن لاءِ خود لطيف سائين پنهنجن بيتن ۾ پار پتا ۽ اهڃاڻ ڏسيا آهن، جن مان اها خبر پوي ٿي ته لطيف کي اڳ ئي پنهنجن پارکن متعلق علم هو. مٿن ٽٻڪ ٽٻڪڙا، چڪندڙا اچن، کڙيون کهه ڀڪليون پگهر سر پيرن، ايءُ وڙ ويڙهيچن، مون لوڏان ئي ليکيا. (شاهه) لطيف سائين جي مٿئين بيت مان ظاهر آهي ته اهڙا ماڻهو جيڪي مسلسل پنڌ ۽ جاکوڙ ۾ رهن ٿا، انهن جي پيرن جي کڙين تي مختلف علائقن جي مٽي ۽ دز ڄميل آهي، انهن جي انداز ۽ لوڏ مان ئي پتو پوي ٿو ته اهي ويڙهيچا ۽ جاکوڙي آهن. سو اهڙا ئي اهڃاڻ لطيف جي سڀني ساڃاهه وندن جا آهن، جيڪي هر وقت جاکوڙ ۾ رهيا آهن ۽ ڪڏهن به خاموش ٿي نه ويٺا آهن. سائين حيدر علي هر وقت علم، ادب ۽ ڄاڻ جي پرچار ڪندو رهيو. سندس شاگردن، دوستن ۽ چاهيندڙن جو به هڪ اهڙو حلقو موجود آهي، جيڪو پڻ علم ادب سان لاڳاپيل آهي. سائين حيدر علي سان لاڳاپيل ڪيترا ئي فرد محنت ڪري پڙهي وڏن وڏن عهدن تي وڃي پهتا آهن، جن مان ڪيترن سي ايس ايس جهڙا امتحان پاس ڪيا ته ڪن وري پي سي ايس ۽ ٻيا امتحان پاس ڪيا ۽ مختلف عهدن تي فائز ٿيا. اهو سڀ سائينءَ جي محبت ۽ صحبت جو نتيجو آهي. جيئن شيخ اياز جو هڪ بيت آهي ته: مون چيو مينديءَ کيت کي ڦٽي پئو، مونکي ڪيئي سو رتا گهرجن هٿڙا. بلڪل اهڙيءَ ريت سائين حيدر علي خان به هر وقت اهو چوندو رهندو هو ته پڙهو، محنت ڪريو ڪتابن سان دوستي رکو. جيڪو ۱۸ کان ۲۰ ڪلاڪن تائين نٿو پڙهي، اهو ڄڻ پڙهي ئي ڪونه ٿو. پاڻ اهي ڳالهيون ڪلاس، نجي محفلن ۾ يا وري مختلف سيمينارن ۽ پروگرامن ۾ تقريرن ۾ چوندو رهندو هو. سندن اهو به چوڻ هو ته اسان کي پڙهيل لکيل ماڻهو گهرجن. علم دوست ماڻهو گهرجن، ادب سان چاهه رکندڙ ماڻهو گهرجن، هٿ ۾ قلم رکندڙ نوجوان گهرجن. انهن جملن کي ورجائيندي ڪيترا ئي دوست پنهنجون زندگيون علم، ادب، سياست، لطيف شناسي کي به ارپي چڪا آهن. سائين حيدر علي جو بنيادي طور تي سنڌ جي نواب گهراڻي سان تعلق هو پاڻ ميرن واري دور جي وزيراعظم نواب ولي محمد لغاري جي خاندان مان هئا. جنهن جو پوٽو سنڌ جو مشهور صوفي شاعر فقير ولي محمد لغاري هو. سائين به انهيءَ خاندان جو هڪ چشم و چراغ آهي، پاڻ ڪڏهن به پنهنجي خاندان متعلق ڪا وڏائي وغيره بيان نه ڪئي. پاڻ سدائين هڪ استاد جي حيثيت ۾ رهڻ پسند ڪيائين. سائينءَ وٽ ڪتابن جو هڪ بهترين ذخيرو موجود هو ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته سائينءَ جي زندگي جي سڄي موڙي يا ڪمائي اهي ڪتاب هئا، جيڪي سندس ڊرائنگ روم جي سونهن بڻيل هئا. مون سميت ڪيترا ئي سائينءَ جا شاگرد انهن ڪتابن مان مختلف وقتن تي فيضياب ٿيندا رهيا آهن. حيدر علي خان وٽ علم جا اُملهه موتي موجود هوندا هئا، جيڪي هو هر هنڌ ورهائيندو رهندو هو ۽ چوندو هو ته علمي ڄاڻ جيتري ورهائي سگهو اوتري گهٽ آهي. سندس شاگرد به سندس ئي نقش قدم تي هلندي اهو ئي عمل ورجائي رهيا آهن، جنهن ۾ سائين هر وقت مصروف رهندو هو ۽ اڄ جيڪو هي علمي ادبي ميڙاڪو مچايو ويو آهي، اهو سڀ سائينءَ جي ڪردار ۽ عمل جو سلو آهي، جيڪو سندس شاگردن، پوئلڳن پاران ڀيٽا طور سائينءَ کي پيش ڪيو ويو آهي. سائين حيدر علي جيئن ته گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ هو، تنهن ڪري اسان سڀني کي گهرجي ته کيس انهيءَ حيثيت ۾ رهڻ ڏيون ۽ ان کي مخصوص ماڻهن تائين محدود رکڻ کان بچايون. هونئن ته سائين حيدر علي لاءِ سنڌ جي سڀني ساڃاهه وندن، علم، ادب دوست ماڻهن، استادن، صحافين ۽ سول سوسائٽي جي فردن وٽ دل ۾ جايون آهن پر سائينءَ جي چاهيندڙن ۽ سائينءَ جي روح ۾ وٿيون پيدا ڪندڙن کي احترام طور پنهنجن روين ۾ تبديلي آڻڻي پوندي. ڇو ته سائين پنهنجي سڄي زندگي غير تڪراري شخصيت طور موجود رهيو. ڪڏهن به ۽ ڪٿي به هن ڪنهن جي نه مخالفت ڪئي ۽ نه وري ڪنهن کان ڪا نفرت ڪئي. اسان کي به سندس زندگي جي انهن سڀني پهلوئن مان مستفيض ٿيڻ گهرجي. اسان کي ڪنهن به حالت ۾ سائينءَ جهڙي شخصيت کي هڪ هنڌ بيهارڻ نه گهرجي. سائين جي شخصيت وسيع شخصيت آهي، جنهن جو لحاظ ڪرڻ اسان سڀني سنڌ واسين جو فرض آهي. آئون سائين حيدر علي خان جي هڪ ادنيٰ شاگرد جي حيثيت سان هي گذارش ڪندس ته سائين کي اسان سڀني جي دلين ۾ رهڻ ڏيو، اسان کان سائين جون محبتون، صحبتون ۽ يادون نه کسيو، اسان سائين جي يادن ۽ محبتن جي سهاري جي رهيا آهيون. اسان کان اهو جيئڻ جو حق ڪنهن به ريت نه کسيو وڃي. سائين حيدر علي، لطيف سرڪار جي سُر کاهوڙيءَ جو هڪ ڪردار هو، جيڪو سدائين اسان کي ياد رهندو.لطيف جون سٽون آهن ته: سُڪا سُنڍ هٿن ۾ کرڪڻا پيرين ٽمندي نيڻين اهان ڪي کاهوڙي گڏيا؟ يا وري ائين به چئي سگهجي ٿو ته: مون سي ڏٺا ماءُ، جنين ڏٺو پرين کي. تنين سندي ڪا، ڪري نه سگهان ڳالهڙي. حيدر علي لغاري علمي اداري جي حيثيت رکندڙ امتياز احمد عرساڻي انساني سوچ ۽ فڪر جو سفر صدين کان جاري آهي، طبعي بيهڪ اندر فڪري سوچ جو محور جڏهن جڏهن دائرن کان ٻاهر نڪري لامحدوديت ڏانهن هليو ويندو آهي، تڏهن تڏهن انسان جا تصورات ڪائنات جي هر پاسي کي ڇهڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. اندر جو مانڌاڻ هجي يا ظاهري چانڊاڻ، قلب ڏانهن قائل هجي يا عقل ڏانهن مائل، سندس سوچ جو محور سمورين بندشن کان بالاتر ٿي محرڪات کي لوچيندو آهي. حيدر علي لغاري به انهن ئي يگاني شخصيتن مان هڪ آهي، جيڪي حقيقت ڳوليندي ڳوليندي پنهنجون لامحدود سوچون پنهنجي چاهيندڙن کي ارپي ويا. حيدر علي لغاري ۱۱ آگسٽ ۱۹۳۴ع ۾ هڪ اهڙي مڪتبه فڪر اندر جنم ورتو، جنهن جون روايتون ڪن بندشن ۾ رهندي هڪ خاص رخ ڏانهن سفر ڪندي نظر اينديون. سندس جنم ڀومي، تاجپور پنهنجي نالي ۾ ئي لازوال، تاريخ رکندڙ ۽ ڪنهن مخصوص فڪر جي دائري ۾ رهندڙ مردمخيز زمين آهي. سندن ذهني اوسر حيدرآباد جي خاص مزاج رکندڙ تاريخي درسگاهن ۾ ٿي، ان وقت اهي درسگاهون پنهنجي اوج تي رسيل هيون ۽ پنهنجي تعليمات سان سماجي جوڙجڪ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيون هيون، پر حيدر علي لغاري جي سوچن جي اڏام تڏهن شروع ٿي، جڏهن هن عملي زندگي اندر ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد ۾ پهريون پير پاتو. هن کي مون هوش سنڀاليندي ئي ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي يعني منهنجي بابا سائين سان هميشه گڏ ڏٺو. مسڪرائيندڙ چهرو، شفيقانه مزاج، سندس هر لفظ مٺاس سان ڀريل ۽ بامعني! سچ جي مٺاس هجي يا ڪوڙاڻ، حيدر علي لغاري جي اندر ۾ ڄڻ ته ٻئي حقيقتون جذب ٿيل هجن. ڪنهن جي ڪوتاهي هجي يا غلطڪاري، ڪوڙ هجي يا نخرو، ادا هجي يا سدا، سندس جواب ۾ اهڙي ته تاثير ۽ سبق هوندو هو، ڄڻ ته سامهون واري کي ناگوار به نه گذري ۽ سبق به پرائي وجهي. ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي اڪثر ذڪر ڪندو هو ته محفل، آفيس، گهر، دڪان يا ڪنهن به سرڪاري توڙي غير سرڪاري تقريب ۾ اهڙيون ڪيتريون ئي ننڍيون وڏيون ڳالهيون ٿينديون هيون، جيڪي هن جي وات مان نڪرندي ئي مزاح ۽ سبق جو شاخصانو لڳنديون هيون. سامهون وارو انهن کي محسوس ڪندو هو ۽ بنا ڪنهن جواب جي پنهنجي اصلاح ڪرڻ لاءِ ضرور سوچڻ تي مجبور ٿيندو هو. انهن ڳالهين مان ڪيترين جو ذڪر بابا حيدر علي لغاري تي لکيل پنهنجي مضمونن ۾ اڳ ئي ڪري چڪو آهي. آئون هتي ان جو مثال ڏيندس ته: ڪنهن ڪتاب گهر ۾ هڪ معتبر شخصيت ڏاڍي اتساهه سان ڪنهن ڪتاب جي ڳولا ڪري رهيو هو. حيدر علي لغاري به اتي موجود هو، هن معتبر شخصيت جو اتساهه ڏسي سندس مدد ڪرڻ جي نيت سان کانئس سوال ڪيو ته “سائين اوهين ڪهڙي ڪتاب جي ڳولا ڪري رهيا آهيو؟ سوال تي معتبر شخصيت هڪدم جواب ۾ وارڻيو ته آئون “قيامت جون نشانيون” ڪتاب جي تلاش ۾ آهيان. حيدر علي لغاري هڪدم ٻيو سوال ڪيو ته “سائين اوهان ڇا ڪندا آهيو؟” تنهن تي وري جواب مليو ته “آئون فزڪس جو پروفيسر آهيان”. تنهن تي حيدر علي لغاري جواب ڏنو ته “سائين اوهين ڪتاب جي هرو ڀرو ڳولا ڪري رهيا آهيو، ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي قيامت جي نشاني ٿيندي ته هڪ فزڪس جو پروفيسر قيامت جون نشانيون ڪتاب جي تلاش ۾ هجي...ٰ!” حيدر علي لغاري وٽ عمر جي ڪابه بندش نه هوندي هئي، ڪير ڪيترو به کڻي عمر ۾ ننڍو يا وڏو ڇونه هجي هو پنهنجي ڏاهپ جا ڏيئا هر هنڌ روشن ڪندي نظر ايندو هو. اهو ئي سبب هو جو هن جي چاهيندڙن جو وڏو تعداد نوجوان شاگردن جو هو، جيڪي هر وقت سندس پراثر ساعتن مان پرائيندا رهندا هئا. اندر جون حسرتون، اڌما، خواهشون، محبتون، جستجو ۽ ٻيا احساس انسان لاءِ هڪ وقت راحت به آهن ته ساڳي وقت عذاب به بڻيل آهن. مليل جليل ڪيفيتون هر وقت انسان جي اندر ۾ هلچل ۽ اڻ تڻ مچائينديون رهنديون آهن. اهي ئي احساس انسان کي نه هڪ هنڌ ويهڻ ٿا ڏين ۽ نه سک سان رهڻ ٿا ڏين. انسان جي اندر جو اهو خلفشار ترقي ۽ خوشحاليءَ جو به باعث آهي ته بي چيني ۽ پيڙهه جو به....! حيدر علي لغاري پڻ ان ئي نڪتي تي شاهه سائين جي ڪل ڪلام جو نچوڙ ان ئي شعر کي سمجهي ٿو. “سو ئي عين عذاب، سو ئي راحت روح جي”. حيدر علي لغاري پنهنجي اندر ۾ هڪ اداري جي حيثيت رکندو هو هن سڄي عمر خاص اصولن تحت گذاري، هو سرڪاري عهدن، بي معنيٰ شهرت، بي وقعت مشهوري کان هميشه بالاتر رهيو. هن سموري زندگي سچائي، اورچائي ۽ فڪري آزادگي سان گذاري. هن ڪڏهن به پنهنجي مرضي، سوچ يا فڪر ٻئي تي مسلط ڪونه ڪيو، بلڪه هن هميشه پنهنجي اخلاق، ڪردار ۽ عمل سان پنهنجي فڪري سوچ کي ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي. هن اسان سڀني کي لامحدود سوچ جي دائرن جو دڳ ڏيکاريو آهي. حقيقت به اها ئي آهي ته ڪائنات جي ڪنهن به شيءِ کي فل اسٽاپ نه ٿو اچي سگهي، ڇاڪاڻ ته فل اسٽاپ اختتام جي نشاني آهي ۽ مڪمل ٿيڻ خاتمي جي علامت. ڳوليان ڳوليان م لهان، شال م ملان هوت من اندر جا لوچ، مڇڻ ملڻ سان ماٺي ٿئي. حيدر علي لغاري ڪڏهن ڪڏهن ته سارجو! علي ڏنو جروار سنڌ جو هڪ يگانو عالم، اديب، استاد ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي پارکو سائين حيدر علي لغاري جي يارهين ورسي اڄ ملهائي پئي وڃي. ياد رهي ته سائين حيدر علي لغاري لطيف جي شاعري جو انتهائي اعليٰ پارکو ۽ هڪ غير رواجي استاد ۽ نقاد رهيو آهي. هن ۱۱ آگسٽ ۱۹۳۴ع ۾ حيدرآباد جي تاجپور شهر ۾ نواب خاندان ۾ جنم ورتو. تاجپور جو اهو خاندان ٽالپرن جي دؤرِ حڪومت ۾ سنڌ جي حڪمراني ۾ ٽالپرن سان ڀاڱي ڀائيوار هو، سندن تڙ ڏاڏو نواب ولي محمد لغاري ان وقت ۾ سنڌ جو وزيراعظم هو، جڏهن ته ان جو پوٽو نواب فقير ولي محمد لغاري سنڌ جو هڪ عظيم صوفي شاعر هو. سائين حيدر علي لغاري به سندس ئي نقشِ قدم تي هلندي علم، ادب، فلسفي، لطيفيات سان چاهه رکيو ۽ زندگي جي آخري گهڙين تائين ان سان نڀائيندو رهيو. سائين حيدر علي لغاري سنڌ جي هڪ عظيم فلاسافر علامه آءِ آءِ قاضي جو شاگرد رهيو ۽ گڏوگڏ مولانا غلام محمد گرامي جهڙي مفڪر جي صحبت ۾ رهيو، جنهن سبب پنهنجي نوابي ڇڏي استاد مقرر ٿيو، سو به سنڌ جي ايليمينٽري ڪاليج ۾ جتي استادن کي تربيت ۽ تعليم فراهم ڪئي ويندي آهي. سائين حيدر علي خان لڳ ڀڳ ۴۰ سال سنڌ جي مختلف تعليمي ادارن ۾ استاد جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنيون. پاڻ سنڌي ٻوليءَ جي ڪلاسيڪي ادب، صوفي شاعرن جي شاعري ۽ شاهه لطيف جي شاعري ۽ احساس جو نهايت ئي ڳوڙهي انداز ۾ مطالعو ڪيو ۽ ان جي شرح ڪيائين. علم نفسيات ۽ فلسفي تي جديد عالمي نظرين جي تناظر ۾ سندس ڪيل لطيف جي تنقيدي تشريح کيس علامه آءِ آءِ قاضي ۽ تنوير عباسي جهڙن نقادن جي فهرست ۾ آڻي بيهاريو آهي. اها خاصيت سنڌي ادب جي تنقيد نگاريءَ ۾ نواڻ پيدا ڪرڻ جي پهرين لهر آهي. سنڌ جي علمي ادبي کيتر ۾ سندس مضمونن، خاڪن ۽ لطيف شناسي بابت لکيل مضمونن جا ٻه ڪتاب ”اندر ملهه املهه“ ۽ ”ڪڇان ڪڄاڙو“ شايع ٿيل آهن، جيڪي سنڌ جي علمي ادبي ماحول ۾ انتهائي اهميت جوڳا آهن. ان کان سواءِ شاهه لطيف بابت لکيل مضمونن کي شهناز شورو اردو ۾ ترجمو ڪري ڪتابي صورت ۾ آندو آهي ۽ ان کي سوز ۽ ساز لطيف جي نالي سان شايع ڪرايو آهي. سائين حيدر علي لغاريءَ جا سنڌ ۾ هزارين شاگرد موجود آهن، جيڪي جڏهن استادي جي ٽريننگ وٺڻ حيدرآباد جي ٽيچرز ٽريننگ ڪاليج ايندا هئا ته سندن خيال ۽ سوچون بلڪل ٻهراڙي واري انداز تي مبني هونديون هيون، پر جڏهن هو تربيتي مدو پورو ڪري واپس ڳوٺن ڏانهن روانا ٿيندا هئا ته سندن سامان واري ڳوٿري ۾ لطيف سائين جو رسالو، شيخ اياز جو ڪو ڪتاب، امر جليل جو ڪتاب، علامه آءِ آءِ قاضي ۽ ٻين ليکڪن جو ڪو ڪتاب ضرور موجود هوندو هو، جيڪو سائين حيدر علي لغاري جهڙي استاد جي صحبت ۽ تربيت جو ئي نتيجو هوندو هو. سائين هر وقت پنهنجن شاگردن کي اهو ذهن نشين ڪرائيندي ۽ ٻڌائيندي نظر ايندو هو ته جيڪڏهن ڏينهن ۾ ۱۹-۱۸ ڪلاڪ نه پڙهنداسين ته پوءِ پڙهڻ مان ڪوبه فائدو يا لاڀ حاصل نه ٿيندو. اهو ئي سبب آهي جو سائين جا ڪيترائي شاگرد تربيت پوري ڪرڻ کان پوءِ پي سي ايس ۽ سي ايس ايس جهڙين امتحانن جي تياري ۾ مصروف ٿي ويندا هئا ۽ ڪيترائي پي سي ايس ۽ سي ايس ايس جا امتحان پاس ڪري ملڪ جي اعليٰ عهدن تائين پهتا آهن. انهن ۾ سلام ميمڻ، سبحان ميمڻ، مناف ميمڻ، اڪبر لغاري، علي ڏنو ڳاهوٽي، الطاف ميمڻ، شوڪت اڄڻ ۽ ٻيا ڪيترائي نالا شامل آهن، جن اعليٰ ذهانت وارا امتحان پاس ڪري سول سروسز جوائن ڪئي ۽ اڄ انهن مان ڪيترائي رٽائرڊ ٿي چڪا آهن ۽ ڪيترائي اڃا موجود آهن. لطيف سائين جي شاعري بابت سائين حيدر علي لغاري کي ايتري ته ڄاڻ ۽ واقفيت هئي جو ان جو اعتراف مختلف وقتن تي مرحلن دوران سنڌ جو هڪ اديب، دانشور ۽ ڏاهو سائين محمد ابراهيم جويو پڻ ڪري چڪو آهي. مون به سائين جا ڪيترائي ليڪچر ٻڌا ۽ انهن کي دل سان هنڍايو، جنهن جي نتيجي ۾ اڄ آئون ڪجهه سِٽون ۽ لفظ لکڻ پڙهڻ جي قابل بڻيو آهيان. جيڪڏهن مون کي سائين حيدر علي خان جي تربيت ۽ صحبت حاصل نه ٿئي ها ته اڄ آئون هن لائق نه هجان ها جو هن بابت يا ٻين موضوعن متعلق ڪجهه لکڻ جي قابل هجان ها. سائين هڪ اهڙو پارس هوندو هو، جنهن سان جنهن جي به صحبت ٿي ويندي هئي اهو علم، ڏاهپ ۽ شعور ۾ پاڻڀرو ٿي ويندو هو. سائين حيدر علي لغاري ۲۵ آگسٽ ۲۰۰۸ع ۾ حيدرآباد جي اختر ڪاٽيج واري رهائشگاهه تي وفات ڪئي، سندس مزار نواب ولي محمد لغاري جي مقبري جي ڀر ۾ پٺاڻ ڪالوني واري قبرستان ۾ آهي. جس آهي سندس شاگردن کي جيڪي کيس هر سال سندس ورسيءَ جي موقعي تي انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ياد ڪن ٿا. گذريل ڪجهه سالن کان حيدر علي لغاري يادگار ڪميٽي پاران علمي ۽ ادبي ايوارڊ ڏيڻ جو سلسلو پڻ جاري ڪيو ويو آهي. هن سال اهو ايوارڊ سندس هڪ انتهائي بهترين شاگرد سائين لائق سنڌي جي نالي سان منسوب ڪيو ويو آهي، جيڪو پڻ هڪ بهترين استاد ۽ ناليوارو صحافي هو. اميد آهي ته ايوارڊن ۽ ورسي ملهائڻ وارو سلسلو سدائين جاري رهندو، جنهن سان سائين کي هر سال عقيدت ۽ احترام سان ياد ڪرڻ جو موقعو به فراهم ٿيندو ته گڏوگڏ اسان سڀني ۾ هڪ نئون جوش، جذبو ۽ ولولو پڻ پيدا ٿيندو، جنهن سان اسان سڀئي پنهنجي پنهنجي حصي جو علمي، ادبي ۽ سماجي ڪم ڪري سگهنداسين، ڇو ته اسان جي محترم استاد جو عقيدو، ايمان ۽ عمل انسانيت سان محبت ڪرڻ هو ۽ اسان کي به سندس ان ئي رستي تي گامزن ٿيڻ گهرجي، جنهن سان اسان انسانيت جي ڪا ٿوري گهڻي خدمت ڪري سگهون ۽ اطمينان حاصل ڪري سگهون. حيدر علي لغاري فڪري زاوين جو شخصيت جي آدرشن سان سنگم: الطاف ميمڻ زندگيءَ جي ڪُل کي پلن جا ڪرڻا ڪيئن ٿا روشن ڪن! ”جن اندر ٻري باهھ، سُڌ تنين کي سڀڪا!“ سائين حيدر سوال اٿاري ٿو: ”انسان ھيترو ڪجه ”حاصل“ ڪندي، ڇا وڃائيو آھي؟ ھو ھڪ ٻئي کي ايترو ويجھو ھوندي ڇو ھڪ ٻئي کان ھيترو پري آھي؟ اڃان به پري ٿيندو ٿو وڃي. “ (اقتباس: ڪڇان ڪڄاڙو، ص ۱۴۰) معنيٰ ته انسان ويجھي جي نظر وڃائي آھي، اندر ۾ جھاتي پائڻ وساري آھي، جڏھن ته اسان جي شاعر روحل فقير چئي ڇڏيو ھو؛ ”پنھنجون اکيون پاڻ ۾، جوڙي رکيون جن، سي سؤ ڀيرا ساعت ۾، پل پل پرين پسن، تن تحصيلون تمام ڪيون، محب جنين جي من، روحل مٿئون تن، لٿا حُرف حساب جا“ پر انساني رشتن ۾ موجود ڍونگ ۽ رِيا، انساني عظمت جي دعويٰ تي اڄ سوڌو آڱر کڻيو بيٺا آھن. سائين حيدر لکي ٿو: ”انسان پنھنجي ذات، پنھنجي خودي جي پستين ۾ گم آھي، لهذا هو خود شناسي، توسيع ذات ۽ تسخيرِ ذات جي نصاب جو ضرورتمند آهي، جنهن جو هن کي احساس ۽ ادراڪ ناھي. اهو نصاب، جو هن جي اڪيلي خودي جي اڪيلائي ۽ تنهائي جو علاج آهي- جو هن جيِ خودي جو باقي خودين سان انساني رشتو، اتحاد ۽ خير سگالي جو رشتو بحال ڪري سگھي ٿو- جو ھن کي ذات کان ڪائنات ڏانهن ۽ ذات کان انسانذات ڏانهن مائل ۽ متوجهه ڪري سگھي ٿو- ھن جي اھڙي ساڃاه جي تجديد ۽ توسيع ۾ سندس مددگار ٿي سگھي ٿو- اِھا اُھا بابرڪت خودي ۽ خود شناسي جي منزل هوندي جا انسان کي عدل ۽ امن، سونھن، سُرت ۽ سڪون جي حقيقي ذائقن ماڻڻ جي قابل بنائيندي. “ (اقتباس : ڪڇان ڪڄاڙو، ص ۱۴۰، ۱۴۱) اصل ۾ ھڪ نڪاح جي ضرورت آهي؛ شعور ۽ ضمير جي نڪاح جي ضرورت- جيڪڏھن ٻنهي جو سنگم اڻٽُٽ بڻجي وڃي ٿو، ته ماڻهو کي ماڻهو ٿيڻ کان ڪير به روڪي نه ٿو سگھي. اھا ترتيب ئي حسن کي جنم ڏيندي، سائين لکي ٿو: ”اسانکي رڳو ذهين انسان نٿو گهرجي، رڳو بهادر طاقتور انسان به نٿو گهرجي، اسان کي اڌورو انسان ۽ اڻپورو انسان- جزوي انسان نه، پر مڪمل انسان، پورو انسان کپي.. . باشعور، باضمير، باعمل، غيرجانبدار، خود مختيار تشخص وارو انسان ٿو اسان سڀني کي گھرجي“ (اقتباس: ڪڇان ڪڄاڙو، ص ۱۹۷، ۱۹۸) ”تصوف“ سائين جي پنھنجي لفظن ۾ ”ھر د-ر جو پيغام ۽ ھر مرض جو علاج نه آھي، پر ان جي اڪثر وصفن ۽ قدرن ۾ ايترو جٽاءُ ۽ دم خم آھي جو انسان کي شرافت، حُريت، محويت، رواداري ۽ خود قرباني جي جذبي ۽ عمل لاءِ آماده ڪندا رھيا آھن. “ (اقتباس: اندر مله املھ، ص ۴۵) تصوف ڪنھن فارسي جو درس ناھي، جو ماڻھن کي سمجه ۾ نه اچي. اھو ته صرف ۽ صرف ماڻھو جي قول ۽ فعل جي ھڪجھڙائي جو درس آھي ۽ بس! ماڻھو جو قول جيترو سالم ھجي، اوترو ئي ان جو عمل به سچو ھجڻ گھرجي. ماڻھو بس پنھنجي ڳاله تي ئي بيھي ۽ اھا ڳاله انساني سماج لاءِ ڪارگر ھجڻ گھرجي. ان سادي ڳاله کان وڌيڪ تصوف ماڻھن کان ٻي ڪا ڳاله طلبي ئي ڪون ٿو. تصوف نه صرف اھو درس ڏنو، پر سکيا جي تعليم ۽ ”اک الٽي ڌار“ جي انقلاب لاءِ اتساھي ٿو. سائين حيدر موجب: ”صوفيءَ جي پنھنجي نفس جي غير صالح حصي سان بغاوت به دراصل سماج سان بغاوت آھي، ھو انھيءَ بغاوت کي جيڪڏھن ترڪ ۽ تياڳ جِي بعضي ڪا صورت ڏئي ٿو ته اھو به ھن جو احتجاجي بائيڪاٽ يا واڪ آئوٽ آھي. “ (اقتباس: اندر مله املھ، ص : ۱۰۵) ”شاعري“ سائين حيدر جي لفظن ۾ فڪري بلوغت جو مُترنم ردعمل آھي. “ (اقتباس: اندر مله املھ، ص: ۱۷۹) شاعر جي ”فڪر ۽ ويچار جا محاذ ايترو ته وسيع ۽ رفيع آھن، جن ۾ حيرت زده ٿيڻ کانسواءِ شعر جو خمير ٺھي نٿو سگھي. وڏي ڳاله ته شاعري )نفسِ شعر( شاعر جو اختيار نه بلڪه اضطرار آھي، ھن جي عالمِ محسوسات جو والھانه ۽ بي اختيارانه اقرار ۽ اظھار!“. (اقتباس: اندر مله املھ، ص: ۱۷۸) ان ڪري سائين حيدر ڪنھن به احساس ڪمتري جو شڪار ٿيڻ بدران شاعر کي صرف شاعر سمجھِي سندس عظمت کي سلام پيش ڪري ٿو. ھن کي شاعر لاءِ ”شاعر“ کان وڌيڪ ڪو ٻيو لفظ سُجھي ئي نه ٿو. ان ڪري ھو لطيف جي شاعري جا روحاني راز نه ٿو سمجھائي. ھن کي تصوف، فلسفي، سياست، سائنس وغيره وغيره جي چوغن ۾ ويڙھي پيش ڪرڻ ھن جي عظمت کي گھٽائڻ جي مترادف سمجھي ٿو. پاڻ لکي ٿو: ”ھونئن ائين چوڻ ۾ ڪھڙو ھرج آھي ته لطيف بنيادي طور تي شاعر آھي، موسيقار آھي، شاعر ھجڻ صوفي ھجڻ کاڻ ڪمتر ته نه آھي. جيڪڏھن ڪو ائين سمجھي ٿو ته پوءِ ائين چوڻ حق بجانب آھي ته شاعر جي عظمت ۽ اھميت جي عالمي ڪسوٽي اڃا اسان ماڻھن کي ميسر ڪانهي ٿي. “ (اقتباس: اندر مله املھ، ص: ۱۰۰، ۹۹) ”شاعريءَ جي اثر ۽ نفوذ جو دائرو پاڻ ڪنھن فلسفي ۽ نظرئي جي ڀيٽ ۾ گھڻو وسيع آھي، ڇاڪاڻ ته ان جا منصبي ۽ فني موضوع ماڻھن جي اڪثريت لاءِ قابل فھم آھن، ۽ قابل عمل به. ان حوالي سان تصوف تي جھڙوڪر لطيف جو احسان آھي، جو ان جا اغلاف ۽ اشڪال ھن جي ڏات جي ڪري قابل فھم بنجي پيا آھن. “ (اقتباس: اندر مله املھ، ص: ۱۰۰) ”جِي پوء مرڻ “ وارو عمل ته ھر حياتيءَ سان چُھٽيل آھي. سڀ ڪو ڄمي ٿو، جيئي ٿو ۽ نيٺ مريو وڃي، پر لطيف انھي روايتي چڪر ۾ پوڻ بدران ھڪ انقلابي استعارو پنھنجي شاعري ۾ بار بار استعمال ڪري سائين حيدر پارن عظيم انسانن کي ڇرڪايو وجھي، اھو آھي ”مري پوءِ جيئڻ“ ”مري جيءُ ته ماڻين، جانب جو جمال“ آخر اھو ڪيئن ممڪن ٿيندو ته مري پوءِ به جيئجي!؟ سائين حيدر موجب؛ ”اھو طبعي موت نه بلڪه معنوي موت آھي. “ (اقتباس: اندر مله املھ، ص: ۱۰۵) ”اھو موت، لوڀ، ڪيني، رِيا ۽ طمع واري تشخص جو موت آھي. انھن کي دفن ڪري، بي لوثيءَ، بي ريائيءَ، ۽ لاطمع واري نئين نرالي وجود کي ماڻڻو آهي. “ (اقتباس: اندر مله املھ، ص: ۱۰۹) آخر ان نئين نرالي وجود ماڻڻ سان ماڻھن کي ڪھڙيون نعمتون پلئه پونديون؟ لطيف جي شاعريءَ مان سائين حيدر ڳاله جي ڳرڀ کي واضح ڪري ٿو؛ ”لطيف نه رڳو نئين صحتمند انسان جي سرجڻ جو متمني آھي، بلڪه پوءِ ان جو ڪردار ھڪڙي فولادي انسان جي روپ ۾ نروار ٿئي ٿو. ھڪڙي سپرمئن)Super Man( جي صورت ۾، جنھن کي نه ڪا قدرتي آفت ھيسائي ۽ ھٽائي، ماري يا مڃائي سگھي ۽ نه ڪي دنيا جھان وارن جا ھٿرادو مانڊاڻ ھن جي لاءِ ڪا رڪاوٽ بنجي، ھن جي آڏو ڪو جٽاءُ ڪري سگھن ٿا. !“ (اقتباس: اندر مُله املھ، ص ۱۱۳، ۱۱۴) مٿيون ڳالھيون سمجھڻ کان پوءِ اھا ڳاله ته چٽي ٿي وڃي ٿي ته سائين حيدر جو لطيف ڏانھن رويو انتھائي غير روايتي آھي. ھن جو ھڪ Remark ته مون کان نظر انداز ٿئي ئي نه ٿو، جڏھن ھو شاه لطيف جي ھڪ بيت؛ ”ماءُ! کاھوڙي آئيا، ڏوري ڏوري ڏيھ، مَيَنِ پيرين کِھ، ڪُه ڄاڻان ڪنھن پارجي“ (سر کاھوڙي) جي تشريح ڪندي ڪندي هيئن به لکي ٿو: ”دوست! جيڪا لذت ۽ راحت انھيءَ بيت کي اُچارڻ ۽ ان جي تاثرات کي سڃاڻڻ ۽ انھي کي سيني ۾ سمائڻ ۾ آھي، ان جو مقابلو زندگيءَ جي ڪا ٻي لذت ڪري نٿي سگھي. “ (اقتباس: اندر مله املھ، ص ۱۸۰) لطيف جي حيرت انگيز ڪلام جو مطالعو ڪرڻ کان پوءِ سائين حيدر انسان ذات جي ان الميي ڏانھن اشارو ڪري ٿو )ندر مله املھ، ص ۱۰۱( ته اڍائي سؤ سال گذرڻ باجود اڃا تائين لطيف اسان لاءِ اَڇتو ۽ ڪئنارو ئي آھي، جنھن کي ڪو وسيع نظر شارح ۽ مفسر ئي ميسر ناھي ٿيو. اھا ڪا لطيف جي کوٽ نه بلڪه اسان جي بدقسمتي آھي. ھڪ ڀيري سائين حيدر جي محفل ۾ شاه لطيف جو ھڪ بيت پڙھيم: ”جوڳيءَ تي جڙاءُ، نِسورو ئي نينهن جو، پتنگ جئن پيدا ٿيو، سامي سِڄ وَڙاءُ، آيو ڪاڪ تڙاءُ، ڪُنئارن ڪڪوريو. “ سائين کان پڇم اھو ”ڪُنئارن ڪڪوريو“ ڇا آھي؟ سائين جواب ڏنو؛ ڪنواري معنيٰ اڻ ڇُھيل، ڪنوارا رڳو ماڻھون ناھن ھوندا، پر آدرش به ڪنوارا ھوندا آھن، اصول ۽ قدر به ڪنوارا ھوندا آھن، جيڪي تاريخ جي ڪنھن دور ۾ ڪنھن سوچي، چئي ۽ لکي ته ڇڏيا، ٻين ماڻھن کي ٻڌائي ته ڇڏيا، پر انھن تي عمل اڃا سوڌو انسان ذات لاءِChallenge آھي، پر لطيف جو ھي جوڳي، جنھن تي ”نينھن“ جي بيوٽي پارلر جو سينگار ٿيل آھي، ان کي انساني قدرن جي ڪنوارين اھڙو ته ڪڪوري ريٽي ڳاڙھو لال ڪري ڇڏيو آھي، جو ھن جو تاءُ، سِڄَ جيان سڄي ڪائنات کي روشن ۽ منور ڪري بيٺو آھي. سائين حيدر وٽ ته اھو ”ڪُنئارن ڪڪوريو“ ڀلي شاه لطيف ئي ھجي، پر اسان لاءِ اھو ”ڪُنئارن ڪڪوريو“ سائين حيدر ئي آھي. جيڪو پنھنجي روايتي خانداني خولن کي ٽوڙي، اعلي انساني قدرن ۽ آدرشن جي ڪُنئارن سان ڪڪورجي، سڄي زندگي ھي درس ڏيندو رھيو؛ ”اچو ته ڪي گھڙيون شرمسار ٿيڻ جي باعزت مشق ڪريون. “ ”اچو ته اڇي اُجري من جي ميراث جو در کڙڪايون ۽ اٽڪل سٽڪل، لوڪ رياءَ ۽ پاڻ پڏاءَ جي بي پاڙي وڻ ويڙھيءَ مان ”پاڻُ“ ڇڏايون. “ اچو ته امن ۽ حُسن جي دل نواز وادين ۽ اَننت سوز ۽ سُرور جي سير ۽ سواد جو پاڻ کي اھل بنايون. اچو ته خسيس کي تياڳيون. اچو ته پاڻ سنڀاريون. اچو ته گنڀير ٿيون. اچو ته مٿاھان ٿيون. اچو ته آڳاھان ٿيون. اچو ته آجا ٿيون. اچو – اچو ته آجا ٿيون. اچو ته نرواڻ ماڻيون“ (اقتباس: اندر مله املھ، ص ۲۲، ۲۳) (ماھوار ھمسري حيدرآباد آن لائين جي مارچ ۲۰۲۴ع واري پرچي ۾ ڇپيل) حيدر علي لغاري سڀاءُ ۽ فڪر امتياز احمد عرساڻي اھي انسان به عجيب احساس ۽ مزاج جو امتزاج آھن، جيڪي من کي ماٺار ڪرڻ واري ڪوشش ۾ ساري عمر گذاريو ڇڏين. پر سندن اندر ھميشه ماندو ئي رھي ٿو. سندن خيال آسمانن جي بلندين کي به ڇھيو اچن ته سندس نظر سمنڊن جي پاتال کان به ھيٺ لھيو پوي. ھو زندگيءَ جي لاھن چاڙھن ۽ اوڀارين لھوارين مان گذرندي، زندگيءَ جي حقيقتن کي سيني اندر ساڍيندي، ھر پل ھر ساعت نئين منظر ڪشيءَ سان اڳتي وڌندا ٿا رھن. سندن لوڙ، تجسس، اڻتڻ وارو احساس ڪڏھن به اختتام پذير نه ٿو ٿئي. تبديل ٿيل جڳ ميسر نه ٿئي ته سندن نظر ساڳي نظاري منجھان به ھر پل نت نئون لطف وٺڻ لاءِ آسائتي ھوندي آھي. ھو ھڪ ئي جوءِ روزانو وڃن ٿا، مگر ھر ساعت سندن نظر ان منجھان ڪا نئين راحت وٺيو اچي. محبوب جو حسن ھجي يا گلشن جون رعنايون، قدرت جا رنگ ھجن يا فطرتي دلڪشيون سندن ڏسڻ واري اک ھميشه ان مان نئين رنگ ۽ ڍنگ سان محظوظ ٿيڻ چاھيندي آھي. اھو شخص جيڪو ساڳي شيءِ مان نت نئين لذت وٺڻ جو قائل نه ٿو رھي ته نئين شيءِ جي عنوان آسري سندس زندگيءَ مان اتساھ به ختم ٿيو وڃي. تڏھن ئي ته شاھ صاحب فرمايو آھي؛ کامان، پچان، پڄران، لڇان ۽ لوچيان، تن ۾ تئونس پرينءَ جي، پيان نه ڍاپان! جي سمنڊ منهن ڪيان ته، سُرڪيا ئي نه ٿئي. سائين حيدر علي لغاري به، انھن ئي شخصيتن منجھان ھو، جنھن ھميشه پنھنجي اندر جي اڌمن کي ماٺو ٿيڻ نه ڏنو. ھو ھر پل ھر لحظي نواڻ سان ملاقاتي ھوندو ھو. سندس جمالياتي حس کان فطرت جو ڪو به لقاءُ ڇپيل ڪونه رھندو ھو. ننڍڙو ٻار ھجي يا سنگت ۽ ساٿ، مائٽ ۽ مٽ ھجي يا حسن و جمال سندس تراري مزاج کان ڪنھن جو به ڳــر ڳجھو نه رھي سگھندو ھو. ملڻ واري جو ھر بار ڪو نه ڪو نئون رخ سندس نظر منجھ لھندو ھو. جيئن ڪتاب کي ورائي ورائي پڙھڻ سان ان جو نئون پھلو ۽ مطلب سامھون اچي، تيئن ئي سائين حيدرعلي ھر تصور کي پنھنجي نئين اسم سان منسوب ڪري اظھار ڪندو ھو. فطرت جي حسن کي پروڙڻ، پرکڻ ۽ نئين انداز ۽ تخيل سان جانچڻ ئي سائين حيدر عليءَ جي فڪر جو اصل ماخذ ھو. سندس ڪيل ڪچھريون ۽ گفتار اسان جي سماج جو اثاثو آھن. سندس فڪر جا گرويده اڄ به پنھنجي عملي زندگيءَ ۾ سائين حيدر علي جي نظر سان زماني کي ڏسي رھيا آھن. ھر عام نظارو اسان جي سامھون اچي ۽ گذري ويندو آھي. موسم جي لطافت، فطرت جا منظر ھر وقت اسان جي اکيون پسنديون آھن، ليڪن ان لقاءُ کي نظر منجھ قيد ڪرڻ ۽ ان جي سونھن کي پسڻ جو احساس ۽ اظھار جي وسعت صرف سائين لغاري صاحب جي ديد ۽ مشاھدي ۾ سمويل ھوندي ھئي. روزمره اسين ڪيترن ئي شخصيتن سان ملاقات ڪندا آھيون ۽ گھڻن ئي فردن سان محوگفتگو رھندا آھيون، مگر ان ڳالھ ٻولھ جا فقرا اسين توريندا آھيون نه ئي ان منجھان حاصلات پرائيندا آھيون. سائين حيدر جو گفتو مھل، موقعي جي نزاڪت پرکيندي بيان ڪندڙ کي اھڙي تز نڪتي انداز سان موٽ ڏيندو هو جو ڳالھ ڪندڙ کي لاجواب ڪري ڇڏيندو هو. موضوع ڪيڏو ئي سنجيدو ڇو نه ھجي، سائين حيدر جي گفتار مان محفل جو ھر فرد سرور وٺندو ۽ سندس لبن مان بي اختيار مسڪراھٽ ڦٽي نڪرندي هئي. اسان گھڻن ئي واقعن جي منھن سامھون ٿيندا آھيون. مگر ڪڏھن به ان ماحول جي لاڙن سان شناسائي حاصل ڪري نه سگھندا آھيون. سائين حيدر جو احساس ھر معمولي واقعي ۽ عام رواجي اسم منجھان به اھڙو رخ عيان ڪندو هو جو ٻڌندڙ جو دماغ سوچڻ تي آماده ٿي ويندو ھو. سائين حيدرعلي لغاريءَ جي ڏسڻ، سوچڻ، پرکڻ ۽ اظھارڻ جو پنھنجو انداز ھوندو ھو. ھو عام رواجي نظريئي ۽ ڍنگ سان شين کي پروڙڻ واري استعداد کان بالاتر ھو. ھن پنھنجي تحريرن ۾ برملا ان جو اظھار رکيو آھي. جتي علامه اقبال ”عظمت ۽ شجاعت“ جي تصور کي ھڪ عظيم قوم سان منسوب ڪري چوي ٿو ته ”سبق پڙھ صداقت کا عدالت کا شجاعت کا، ليا جائي گا تجھ سي کام دنيا کي امامت کا“ اتي سائين حيدر علي جي تحرير ڪيل ڪتاب ”ڪڇان ڪڄاڙو“ جي عبارت آھي ته: ”سنڌي قوم ويچاري پنجن ھزارن سالن جي تاريخ ۾ ڪڏھن به پنھنجي عظمت جي دعويٰ ڪانه ڪئي آھي. عظمت جي جنھن تصور کي اڪثر جارحيت ۽ جارحيت کي شجاعت جي قدر سان سلھاڙي پيش ڪيو ويندو آھي، خبر ناھي اسان جا سماج شاستري پنھنجي شاسترن ۾ مھذب قوم ۽ متمدن سماج جا ڪھڙا معيار ٿا بيان ڪن. موھن جي دڙي جا ماڻھو به ٻين ملڪن تي ھلان ته ڇا پر پنھنجي دفاع ۽ حفاظت کان ايترو غافل ھئا جو ھنن جي ورثي ۽ سرمايي جي باقيات مان ڪو موثر ھٿيار دستياب نه ٿيو آھي. اسان وٽ ھنن جي مھذب ھجڻ جون سوين ثابتيون ۽ علامتون آھن، پر اھي سڀ انھيءَ ڪري بيڪار ۽ بي اثر آھن ۽ انھن جي ڪنھن ڪم ڪونه آيون جو اھي ان نام نھاد ”عظمت ۽ شجاعت“ جي معيار کي انھيءَ ڪري ماڻي نه سگھيا جو انھن ۾ پنھنجي بستيءَ کان ٻاھر نڪري ڏوراھين بستين تي ھلان ڪرڻ يعني جارح ھجڻ يعني ”بھادر“ ھجڻ جي اھليت ڪانه ھئي“. سائين حيدر علي اعتقادي نظرين کي پڻ پنھنجي ئي نگاھ سان پروڙي پنھنجي چاھيندڙن کي فڪرانگيز ڪيو. انسان جي قبل تاريخ جي موضوع تي سندس بيان پڻ روايتي نظرين کان جداگانه ۽ نئين نسل لاءِ اڄ مشعل راھ آھي. سندس مختلف مضمونن جون تحريرون ان حقيقت جون گواھ آھن ته ھن ھميشه بيٺل ذھنن جي تند کي ڇيڙي انھن اندر جنبش پيدا ڪئي ۽ سندس ڪيترائي چاهيندڙ ان نظريئي جا پيروڪار ٿي نئين ۽ آزاد سوچ جا بنيادرکيائون. سائين حيدر علي پنھنجي سوچ و فڪر کي ڪنھن تي مسلط ڪرڻ جو خواھان ھرگز نه رھيو. سندس فڪري سوچ اتي ئي براجمان ٿيندي ھئي جتي ھم خيال دوست گڏ ٿيندا ھئا. سوال جواب ۽ ان جا نڪرندڙ نتيجا ھميشه ھڪ اڻ کٽ بحث جو موضوع رھندا ھئا. ھو پنھنجي بيان سان ڪنھن جي به دل آزاري ٿيڻ جو ھميشه خيال رکندو ھو. سائين سمجھندو ھو ته ھر ڪو پنھنجي ماحول ۽ موروثيت منجھان ڄاڻ کڻي پھتو آھي، ھن جي سوچ، سمجھ ۽ خيال سندس روايتن جا اسير آھن، تنھن ڪري ڪنھن به سڌي سئين طريقي سان بيان ڪرڻ سندس عقيدن کي ڇيڙڻ دل آزارڻ برابر آھي. اھو ئي سبب آھي جو سائين جا گفتا ھميشه زو معني ۽ سمجھڻ ۽ پاڻ سوچڻ تي مجبور ڪندا ھئا. سائين حيدر علي جي شخصيت جي ڪشش ۾ ڪيترائي چاهيندڙ گرويده ٿيا، سندس طبعي زندگي پوري ٿيڻ کانپوءِ به سندس شاگردن ۾ ايتري ئي چاهت ۽ اڪير نظر اچي ٿي، جيتري سندس زندگيءَ ۾ هئي. سندس شاگردن جو وڏو حلقو شيرين گفتگو، حسن اخلاق ۽ سندس شخصيت جي تاثير ۾ گم آهي. جيتوڻيڪ سائين حيدر پنهنجي ڀوڳ واري انداز فڪر سان سڃاتو وڃي ٿو پر اهو فڪر هڪ خاص سماجي رخ جي عڪاسي ڪري ٿو. سائين حيدر جي انتخاب ۾ اهو ئي ڀوڳ رچيل هوندو هو. هُو پنهنجا خيال ۽ فلسفي جي منتقلي پنهنجي قول و فعل ذريعي ڪندو هو، جيڪو سندس درس تدريس جو خاص انداز هو. پاڻ جيڪڏهن ايئن چئون ته حيدرعليءَ جي گفتار، سندس درسگاهه جو عڪس هئي ته غلط نه ٿيندو. ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي، سائين حيدر لغاري جي تحرير کي فرانس جي سارتر جي لکڻين ۽ رجنيش جي تعليمات سان تشبيھ ڏيندي ڪڇان ڪڄاڙو ۾ سندس فن بابت ويچار وڊيندي لکيو آھي ته: ”منھنجي اندازي ۾ حيدر علي جي تحرير سنڌي معاشري ۾ اھو ئي وزن رکي ٿي، جيڪو سارتر جي لکتن کي فرانس ۾ آھي يا وري رجنيش جي فلسفي جي تعليم يافته فردن ۾ مقبوليت آھي. منھنجي چوڻ جو مقصد اھو ناھي ته حيدر علي لغاري سارتر يا رجنيش جي تقليد ۾ لکيو آھي، جيڪي ھن دور ۾ جديد فسفي جا داعي مڃيا وڃن ٿا ۽ جن زندگيءَ جي فسفيانه مسائل تي تسلسل ۽ تعقل سان لکيو آھي. آئون ايترو چوان ٿو ته حيدرعلي جا موضوع ۽ مضمون ۽ بعضي اٿاريل سوالن ۽ جوابن ۾ سمايل فھم جي نوعيت به فلسفيانه ٿئي ٿي، جنھن ۾ سندس حيات آفرين پيغام ھوندو آھي“. سائين حيدر لغاريءَ پنهنجا معتقد پيدا ڪرڻ يا پنهنجي سوچ جو ڪاروان جاري رکڻ جي خواهش کي پڻ هو ائين ئي سمجهندو ھو، جيئن ڪو ”پير“ پنهنجو چيلو پيدا ڪري. سندس پنهنجو زاويو سامهون رکڻ واري ڪرت زندگي جو حصو رهي. هو هميشه صوفيت ۽ عقيدت تي انحصار ڪرڻ بجاءِ پنهنجي عمل وسيلي زندگي جي حقائق تي غور ڪرڻ ۽ سوچڻ جي ترغيب ڏيندو رهيو. سائين حيدر لغاري ڪڏهن به روايتن تي ٻڌل اخلاقي اقدارن ۽ صحيح غلط جي معيارن کي حتمي تصور نه ڪيو. سائين جي فڪر ۽ سڀاءُ جو سلسلو اڻٽٽ آھي، سندس ويچار ۽ فلسفو نسل در نسل ھلندو رھي ٿو. ھزارين طالب سندس فلسفي جي اثر ھيٺ پنھنجي تعليمات کي اڳيان وڌائي رھيا آھن. انھن شاگردن ۾ محترم سلام انڙ، محترم الطاف ميمڻ ۽ محترم شوڪت اڄڻ کان علاوه ڪيترائي ٻيا شاگرد قابل ذڪر آھن، جن جو ذڪر مضمون جي گھرجن لاءِ اضافي ٿيندو. (ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۶ آگسٽ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
ڊاڪٽر خير محمد جوڻو سنڌي سماج ۾ نيڪيءَ جو ٻج ڇٽيندڙ ادل سولنگي ڊاڪٽر خير محمد جوڻو تسلسل هيو ڄام جوڻي جي خاندان جو، جنهن ساهتي پرڳڻي جي زميندار گهراڻي ۾ جنم ورتو. قاضي احمد نوابشاهه روڊ تي قائم ڳوٺ مير محمد جوڻي جي نج ٻهراڙيءَ واري فطري ماحول ۾ پلجندڙ، فطرت سان پيار ڪندڙ خير محمد جوڻو، ”خير“ ۽ ”شر“ جي ويڙهاند ۾ سدائين ”خير“ جو طرفدار رهيو. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو نوجوانيءَ ۾ ايل ايم سي ڄامشوري ۾ ميڊيڪل جو شاگرد هجڻ واري زماني ۾ ڪميونزم فلاسافيءَ واري سياست سان سلهاڙيل رهيو، جنهن کي عام اصطلاح ۾ ”کاٻي ڌر“ چيو ويندو آهي. کاٻي ڌر جي سياست ڪندڙ نوجوانن جي پڙهڻ ۽ پڙهائڻ سان ايترو عشق هوندو هو، جيترو هو انقلاب سان عشق ڪندا هئا. دنيا جي انقلابن کان وٺي، ادب، سماجيات کان ويندي لوڪ ادب ۽ سياسي اٿل پٿل تي گهري نظر رکندڙ نوجوان جن دنيا کي بدلائڻ جا خواب اکين ۾ اُڻي انهن جي ساڀيان لاءِ سموري زندگي جدوجهد ڪندي گذاري. اسان پنهنجي سانڀر ۾ کاٻي ڌر جي سياست ڪندڙن ۾ جيڪي نالا ٻڌا ۽ شخص ڏٺا، انهن ۾ ڪامريد سوڀو گيانچنداڻي، ڪامريڊ حيدربخش جتوئي ۽ ڄام ساقي اهم نالا ۽ حوالا آهن.. ڪميونزم فلاسافي جي اثر هيٺ ڪم ڪندڙ ڪميونسٽ پارٽي جي شاگرد ونگ ”ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن“ جنهن کي مختصر لفظن ۾ ”ڊي ايس ايف“ چيو ويندو هئو، جنهن ۾ ڊاڪٽر خير محمد جوڻو پير جيلانيِءَ سامهون سرگرم رهيو. ڊاڪٽر خير محمد جوڻي هڪ ڀيري ٻڌايو ته ”من“ اسان ڄامشوري ۾ پڙهائي واري زماني ۾ سياست ڪئي، پر امن ۽ پڙهڻ پڙهائڻ واري سياست جيڪا دليل تي ٻڌل هوندي هئي. ڊاڪٽر خير محمد جوڻي اهو به ٻڌايو هو ته ڄامشوري ۾ جنهن جلسي ۾ نذير عباسي اسٽيج تي ڳالهائيندڙ مقرر حفيظ قريشي جي تفريح دوران اختلاف رکندي کيس ٽوڪيو هو ۽ جلسي ۾ شريڪ، جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي دوستن سان منهن ماري ٿي هئي، تڏهن آءُ به ان جلسي ۾ موجود هئس. تڏهن اسان به اسان هئاسين. مون کي به ور ۾ پستول لڪايل هئو پر فائر ڪرڻ جي ڪا به تڪڙ ڪا نه هئي، ڇاڪاڻ جو اسان معاملن کي ڳالهين ذريعي ٿڌو ڪرڻ جو هنر ڄاڻيندا هئاسين. واقعي به ڪميونزم فلاسافي جي اثر هيٺ ٿيندڙ سياست ۾ ڳالهين، دليلن ۽ منطق جي گهڻي اهميت هوندي هئي يا اهو زمانو ئي اهڙو هئو جو شاگرد سياست ۾ سنجيدگيءَ جا طرفدار گهڻا هئا جو گهڻي ڀاڱي سياسي ٽڪراءَ دشمنيءَ ۾ بدلجڻ کان اڳ ئي دوستيءَ ۾ بدلجي ويندا هئا. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو کاٻي ڌر جي سياسي تربيت ”اسٽڊي سرڪلس“ مان رچي راس ٿيندڙ ماٺيڻو نرم مزاج سنيجدو ۽ روايتي ٻهراڙيءَ جو مڙس ماڻهو محسوس ٿيندو هئو. هو توڻي جو ڊاڪٽر ٿيڻ بعد ملڪ کان ٻاهر هڪ ويڙهاڪ ۽ انقلابي پس منظر رکندڙ ملڪ، لبيا ۾ رهيو پر اتي به سنڌ ۽ ساهتي جو روايتي سنڌي ماڻهو ٿي رهيو، جنهن پنهنجي ڪلچر ۽ قومي روايتن جي پاسداري ڪندي پنهنجو سياسي سفر جاري رکيو. ڊاڪٽر صاحب جي چوڻين. پهاڪن جي آڌار تي ڪيل ڪچهرين مان محسوس ٿيندو هئو ته کيس لوڪ ادب/ لوڪ ڏاهپ جو گهڻو اڀياس، تجربو ۽ مشاهدو حاصل رهيو آهي. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو، نهايت ئي برد بار، سنجيدو ۽ احترام ڏيندڙ اهڙو شخص هئو. جنهن سان پنهنجي دل جون ڳالهيون ڪري سگهبيون هيون ۽ موٽ ۾ ٻاجهه شفقت ۽ هڪ نئين اميد ماڻي سگهبي هئي. سندس زندگيءَ جي سفر ۾ ڪيترائي ڏک ڏاکڙا، غم، درد ۽ تڪليفون آيون هونديون پر اسان پنهنجي زماني ۾ کيس سدائين مرڪون ورهائيندي ڏٺو. منهنجو ڪالم ”سو ديس مسافر منهنجو ڙي!“ کيس وڻندو هئو ۽ ساڳيو ئي ڪالم سائين ديدار حسين شاهه کي به وڻندو آهي. جسٽس ديدار حسين شاهه صاحب، منهنجي ڪالم کي پسند ڪرڻ لاءِ وري سائين ڊاڪٽر خير محمد جوڻي سان فون تي اهڙو اظهار ڪندو هئو، ڊاڪٽر صاحب وري مون کي سڏائي وٺندو هئو. چوندو هئو ”من“ سائين ديدار شاهه توسان ڳالهائيندو. سچ پچ ته ڊاڪٽر خير محمد جوڻي صاحب جو ٻاجهه ڀريو روايتي سنڌي پريمي مڙس وارو ڪردار هوندو هئو. ڪراچي جي ادارن ۾ جتي هر ڪوئي ملازم، ”ميڊم“ ۽ ”سر“ چئي هڪ ٻئي کي مخاطب ٿيندو آهي. اتي ڊاڪٽر خير محمد جوڻو پنهنجي اداري ۾ ڪم ڪندڙ ورڪرن کي ادا، ڀاءُ، ”من“، ادي، ڀيڻ، نياڻي ڪري مخاطب ٿيندو هيو. آءُ عوا مي آواز ۾ ۲۰۰۷ ع کان ۲۰۱۲ تائين ڪم ڪيو، گهرو مجبورين سبب آءُ ۴ سال عوامي آواز اداري کان پري رهيس پر ڊاڪٽر خير محمد جوڻي سان جڏهن به فون تي ڳالهه ٻولي ٿيندي هئي، چوندو هئو ته ” من “ ڪراچي اچين ته مون سان ضرور ملي وڃجانءِ. هڪ ڀيرو آءُ ساڻس ڪراچي ۾ عوامي آواز جي آفيس ۾ مليس، مون کي چيائين ”من“ ڪو به مسئلو اٿئي ته مون کي ٻڌاءِ اخبار ۾ ڪم ڪرين ته تنهنجي لاءِ نوڪري موجود آهي پر منهنجي پنهنجي مجبوريءَ مون کي انهن ڏينهن ۾ نوڪري ڪرڻ نه ڏني. جڏهن مارچ ۲۰۱۶ع ۾ آءُ ٻيو ڀيرو عوامي آواز ۾ آيس ته ڊاڪٽر خير محمد جوڻي منهنجي وڏي مدد ڪئي، ۽ منهنجي لاءِ ماحول کي ساز گار بڻايو. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو. جديد دور ۾ جديد نظرياتي سياست ڪندڙ ۽ جديد تعليم حاصل ڪندڙ اهڙو سٻاجهه شخص هيو، جو هن پنهنجي مزاج ۾ چالاڪي بدران سدائين قديم روايتن ۽ پنهنيج ڏاهپ کي نروار ڪيو ۽ پنهنجي قديم خانداني روايتن جي پاسداري ڪندي، انسان کي انسان سمجهو، ڊاڪٽر صاحب ڪنهن به ننڍ وڏائي ۽ سماجي طبقاتي فرق کان مٿاهون شخص هئو. جنهن جي سموري سماجي وهنوار ۾ هڪ ذميوار ۽ روشن خيال انسان جي تصوير نمايان نظر ايندي هئي. ڪالهه جڏهن ڊاڪٽر صاحب آفيس پهتو ته گرميءَ جي سختيءَ جي ڳالهه پئي ڪيائين ۽ ڀچڻ لڳو ته ”من“ اوهان کي گرمي محسوس ٿئي ٿي. اوچتو سندس طبعيت خراب ٿي ته ترت ئي کيس جناح اسپتال پهچايوويو پر ڊاڪٽر خير محمد جوڻي جي طبيعت ۾ سڌارو نه آيو ۽ اسان کيس اڻ ڏٺي ڏيهه ڏانهن ويندي جي بيوسيءَ مان نهاري رهيا هئاسين. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو شاندار روايتن ۽ سنڌ جي ڪلچر جو ئي ته نمائندو هئو. هڪ روايتي ۽ سنڌي پريي مڙس جو ڪردار ادا ڪندڙ اسان کي زندگيءَ ۾ علم، ادب، عقل، ڏاهپ، سهپ، رواداري، بردباري، سنجيدگي، پيار، محبت، ۽ انسان کي احترام ڏيڻ واريون روايتون قائم ڪري پنهنجي ڏيهه روانو ٿي ويو. جڏهن جڏهن به سنڌ ۾ اهڙين شخصيتن جو ذڪر ايندو، جن پنهنجي سموري ڄمار نيڪي ڪمائيندي گذاري، تڏهن ڊاڪٽر خير محمد جوڻي جو نالو به ضرور ورتو ويندو. جنهن پنهنجي سماج اندر نيڪيءَ جو ٻج ڇٽيو هو. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو پنهنجي سياسي رفيق ۽ نظرياتي دوست ڊاڪٽر جبار خٽڪ سان گڏ ”عوامي آواز“ ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيندي. عوام جي آواز کي ايوانن تائين سگهاري نموني پهچائڻ واري جدوجهد ۾ شامل رهيو. عوامي آواز اخبار کي عوامي تحريڪ بڻائڻ ۽ ”عوامي آواز کي عوامي آواز ميڊيا گروپ“ جي شڪل ڏيڻ وارن سمورن مرحلن ۾ ڊاڪٽر خير محمد جوڻي جون صلاحون، وسيلا ۽ صلاحيتون شامل رهيون. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو ڪراچي شهر ۾ ٿيندڙ مختلف سياسي، سماجي ۽ ادبي ميڙاڪن ۾ ضرور شريڪ ٿيندو هئو. جڏهن به هو ڏسندو هئو ته مرڪندي چوندو هئو ” من“ ڪهڙا حال آهن؟ ۽ موٽ به خوش ٿيندي، کيس وراڻبو هئو ته سرهائي لڳي پئي آهي. اڄ هن جي وڇوڙي تي جيڪا ارهائي ۽ ڏک محسوس ٿئي ٿو. اهو ايئن آهي، جيئن ڪنهن کان ٻاجهه جو ڇانورو کسيو ويو هجي. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو اسان جو ”من“ موڪلائي ويو رزاق عاصي هو سائنسي انسان هجڻ جي باوجود پنهنجي زندگي ۾ صفا ۽ نج سٻاجهڙو سنڌي ۽ سادي ڳوٺاڻي جهڙي زندگي جو قائل هو ، سندس تڪيو ڪلام ”من“ ته ڪيترن ئي ماڻهن جو من موهڻ جو سبب بڻجندو هو جڏهن به آفيس جون ڏاڪڻيون چڙهي استقباليا ته پهچڻ شرط رسپيشن تي ويٺل نياڻي (ڇوڪري) جي مٿي تي هٿ ڏئي اهو ئي چوندو هو ته امان خوش آهين؟ آفيس جو پٽيوالو هجي يا عوامي آواز ميڊيا گروپ جي ڪنهن وڏي ننڍي عهدي تي پنهنجو ن ذميواريون نڀائيندڙ ڪوبه ماڻهو هجي سندس لاءِ رڳو اهوئي لفظ چئي احوال اوريندو هو ته ”من“ خوش آهيو، اسان هن کي ڪم دوران ڪڏهن به مالڪ طور ۽ شيئر هولڊر واري رعبتا به بجاءِ هڪ نماڻي ۽ محبوب سنڌي جيان ڏٺو فطرت جي ويجهو هجڻ ڪري انسان دوستي جو مثال هو، اهڙو هو اسان جو ”من “ ڊاڪٽر خيرمحمد جوڻو ، جنهن جو وڇوڙي جي ڏک نه رڳو اسان جي دل جهوري وڌي آهي پر هن جي نه هجڻ واري احساس ته اسان کي ويتر ان ڪري به پريشان ڪيو آهي ته هاڻ محبتن جو ونڊ ”من“ چئي اسان کي ڪير ڏيندو آهي. وڇڙڻ کان اڳ جڏهن هو معمول موجب آفيس پهتو ته سندس مک تي ئي مرڪ هئي: ايندي ويندي جيڪو به ماڻهو (ورڪر) آفيس ۾هن کي ملندو ورهيو، طبيعت ۾ ناچاڪي هجڻ باوجود به کيس ”من“ چئي اهو ورجائيندو رهيو ته اڄ وڏي گرمي آهي، رات آرام نه ڪر ي سگهيس صبح کان سفر ڪيو آهي ۽ پوءِ اوچتو ئي آفيس ۾ سندس طبيعت خراب ٿي وئي . عوامي آواز گروپ سان منهنجو رشتو ۲۰۱۲ع کان جڙيو، آفيس ۾ ورڪر دوستي جهڙي ماحول جي ڪري ميڊيا جي دنيا ۾ نوان نالا ۽ لاها چاڙها اچڻ باوجود به هن ماحول کان الڳ ٿيڻ تي دل به ناهي چوندي، خير پان اچو ٿا پنهنجي من جي چند يادگيرين ۽ ڪجهه ڪچهرين ڏانهن عوامي آواز ايڊيٽوريل پيج انچارج زرار پيرزادو هئي ڪمري ۾ ويهندا هئا، اڄ اهو ڪمرو ڪيترو اداس هوندو يا زرار پيرزادو کي پنهنجي سيٽ تي ويهي خالي پيل جوڻي صاحب واري سيٽ هن کي ڪيترو اداس ۽ ڏکارو ڪندي هوندي اهڙي ڏک وري به زرار پيرزادي جي دل محسوس ڪري سگهي ٿي، پر اسان وٽ ڊيسڪ تي هلي اچڻ وارو سلسلو به اسان کي اهو احساس ڏياريندو رهندو، اخباري دنيا ۾ اسان کي مالڪن جا رويا اڪثر مالڪ ۽ محڪوم جو فرق واضع ڪندا آهن، پر خير محمدي جوڻو ڊيسڪ جي ڪنهن به مسئلي يا غلطي تي به پنهنجي چيمبر ۾ گهرائي پڇاڻو ڪرڻ بجاءِ اسان وٽ هلي اچڻ تي ڪڏهن به پنهنجي لاءِ ڪا ننڍائي ڪونه سمجهندو هو، چوندو هو من عاصي رات هڪڙي خبر ڏني هئم شايد ڪم گهڻو هجڻ سبب توهان کان وسر ي وئي هوندي پر خبر چڱي هئي لڳي وڃي ها ته بهتر هو، پر هاڻ اڳتي اهڙين خبرن تي ٿورو ڌيان ڏجو. هڪ ڀير ي خوش ٿيندي اچي آفيس پهتو ته مونکي پنهنجي ڪمري ۾ گهرائي چيائين ته من اڄ مون وڏي صحافتي بدمعاشي ڪئي آهي. پڇومانس؛ سر اها ڀلا ڪهڙي؟ چيائين؛ يار پاڻي جو بحران آهي، ٽينڪر وارو هميشه اسان کي ڦري ويندو هو، هن ڀيري ٽينڪر وارو آيو جيڪو اسان کي اڪثر ڪري اڌ پاڻي جو ٽينڪر ڏئي ويندو هو، هن واري جڏهن هي پاڻي لاهڻ لاءِ آيو ته شڪ ٿيو، ٽينڪر تي چڙهي ڏٺم ته هن ۾ پاڻي گهٽ هو، چيومانس ته آءُ صحافي آهيان تون بدمعاشي ڪري اسان کي پاڻي گهٽ ٿو ڏين، تنهنجي خلاف آءُ خبر هلائيندس. پوءِ ”من“ هن کي پنهنجي لڳي وئي، ٽينڪر واري کي ۱۴ سئو رپيا ڏئي اڌ پاڻي پنهنجي ۽ پاڻي پاڙيسري جي گهر لاٿوسين، مون کي حيرت ٿي ته اخباري مالڪ ته ڇاپر هڪ شهر جو لوڪل رپورٽر به پنهنجي علائقي جو بااثر هجي ٿو، پئسا ڏئي پاڻي جو ٽينڪر ڇا پر سرڪاري ٽينڪر رپورٽرن جي گهرن يا ڳوٺن ڏانهن چڱا ڀلا آفيسر پروٽوڪول ڏئي پاڻي موڪليندا آهن، پر هو فقير پنهنجي دل جهڙو اجرو ۽ صاف هو، پنهنجي تڪ جو وڏو آبادگار راڄوڻي طور تي به وڏو ماڻهو هجڻ باوجود هن جي طبيعت اهڙي فقيراڻي هوندي هئي جو آفيس ۾ پيئڻ جي پاڻي لاءِ به کيس ٺڪر جو ٿانوَ هوندو هو، سادگي پسند ايترو جو روائتي ڳوٺاڻو لباس ۽ مٿي تي سنڌي ٽوپي سندس خاص سڃاڻپ هوندي هئي. دل نٿي مڃي ته هاڻ منهنجو قلم ڊاڪٽر خير محمد جوڻي کي مرحوم لکي پر وقت جي عجب ستم ظريفي آهي ته مالڪ ۽ محڪوم ٿي ته انسان ڪيترن ئي اخباري ادارن ۾ اڳ پرچي موڪلي مالڪ سان ملي سگهندا هئاسين پر عوامي آواز ان ڪلچر کي رد ڪري مالڪ هميشه ورڪر سان پنهنجائپ وارو رشتو رکندا آيا آهن. اڄ هي درد هميشه لاءِ اسان جي دل ۾ هڪ زخم جيان تازو رهندو، جڏهن به ڊاڪٽر خير محمد جوڻي جي ڪمري ۾ وڃڻ ٿيندو يا ڪٿان اسان کي لفظ ”من“ ٻڌڻ ۾ ايندو ته اسان جو ”من“ پنهنجي محبوب جهڙي باس کي ساري ڏکارو ٿيندو. عوامي آواز جي سٿ جي سرواڻ ڊاڪٽر جبار خٽڪ سميت سموري سٿ پنهنجي ”من“ کي ساري ڏکاريو آهي. اسين ڊاڪٽر خير محمد جوڻي جي پونئيرن ۽ پاڻ پونيئرن ۾ شامل هجڻ جي ڪري پاڻ تعزيت ڪيون ٿا، سڄي سنڌ کان تعزيت وصول به ڪيون ڪيون پيا، شل صحافتي دنيا جي هر ورڪر کي اهڙا محبوب ”من“ مالڪ ملن جيڪي عزت ڏيڻ کي اولين ترجيح ڏئي، صدائين لاءِ اسان جهڙن سان غريب ورڪرن جي دلين ۾ ”من“ ٿي، محبوب بڻجي زندهه رهن. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو ”مرڻ مون سين آءُ، ته پُٺيءَ تو پنڌ ڪيان“ زرار پيرزادو مان ڊاڪٽر خير محمد جوڻي جي آفيس (ڪمري) ۾ ويهي جڏهن ٻين صحافتي ڪمن سان گڏ هي ڪالم لکندو هيس ته هو اهو ضرور پڇندو هو ته ڪهڙي موضوع تي ٿو اڄ لکين، پر اهو به چوندو هو ته ڇا ٿو لکين، اهو اڄ نه ٻڌاءِ صبح جو مان پاڻ اخبار ۾ پڙهندس، اُن پڙهڻ جو مزو ڪو ٻيو آهي ۽ پوءِ آفيس اچي ان ڪالم تي پنهنجي راءِ ڏيندو هو. اڄ جيتوڻيڪ هو پنهنجي ڪمري ۾ ناهي پر مان ڀر ۾پيل سندس خالي ڪرسيءَ کي ڏسي ان کي ٻڌايان ٿو ته اڄ منهنجي ڪالم جو موضوع ” ڊاڪٽر خير محمد جوڻو“ پاڻ آهي ۽ مون کي ايئن ٿو لڳي ڄڻ هو چوندو هجي ته اڄ نه ٻڌائجان، مان پاڻ سڀاڻي اخبار ۾ پڙهندس. ڪاش! هي ڪالم مان هن ئي مهيني ۾ ۱۲ آگسٽ تي ٿيل سندس سالگرهه جي موقعي تي لکان ها ۽ جيڪر هو پنهنجي زندگيءَ ۾ اهو پڙهي ها پر افسوس ته اهو موقعو گُسي ويو. ٽيون ڏينهن يعني ۲۲ آگسٽ تي مان آفيس آيس ته ڊاڪٽر صاحب مون کان اڳ ڪمري ۾ موجود هو پر ٿڪل پئي لڳو، مان چيو مانس خير ته آهي صبح سوير پهچي ويا آهيو؟ (شام جو پهريون پهر اسان صحافين لاءِ اخباري آفيس جو صبح هوندو آهي ) جواب ڏنائين ته ”يار پير شاهه جيلاني جي ڌيءَ رات جو طوفاني برسات ۾ ڪريل بجلي جي تار ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب گذاري وئي آهي، صبح سوير پير فون ڪئي اوڏانهن ويو هيم“ ۽ اتان هاڻي سڌو آفيس آيو آهيان. منهنجي ذاتي راءِ ۾ معمول واري روٽين کان هٽڻ ڪري سائين جي طبعيت خراب ٿي، ان ڏينهن گرمي به ڏاڍي هُئي. خير آفيس ۾ ته سائين فونون پئي اٽينڊ ڪيون، دوستن کي فون تي پير جيلاني جون خبرون به پئي ٻڌايون، مون سان به ڪچهري ڪند رهيو ۽ معمول موجب ڪرسيءَ تان اٿندي ۽ ڪمري مان نڪرندي چيائين ته ” زرار! تو کي گرمي نٿي لڳي ڇا“ مان چيوته ظاهر آ گرمي ته آهي... ۽ اهو ٻڌي هو ڪمري کان ٻاهر هليو ويو. ڪجهه منٽن کانپوءِ نديم لوڌي نالي دوست ڪمري ۾ آيو ۽ چيائين ڊاڪٽر جبار ڪمري ۾ ڪونهي! خير محمد صاحب ميٽنگ روم ۾ ويٺو آهي ۽ چئي ٿو ته منهنجي طبيعت خراب آهي، ڊاڪٽر جبار کي ٻڌايو... پوءِ مان تڪڙ ۾ ايوب شيخ کي ٻڌايو ۽ ايئن سائين کي جناح اسپتال تائين پهچائڻ جو بندوبست ڪيوسين. ڊاڪٽر خير محمد شخصي طور هڪ مجلسي، قربائتو، ڪچهري جو مور ۽ راڄوڻي مڙس هو. آفيس جي ڪمري کي به ”اوطاق“ بڻائي رکيو هُيائين، جيڪو به مهمان لڙي ايندو هو، سو سندس مهمان نوازي يعني سندس اخلاق، نياز نوڙت ۽ قرب کان ڏاڍو متاثر ٿيندو هو. هڪ اهڙو به وقت آيو، هو جڏهن ڊاڪٽر خير محمد پنهنجي هڪ دوست سان گڏ اداري کي ڇڏڻ تي سوچ ويچار ڪري رهيو هو، تڏهن مون کيس سنجيدگي سان سمجهايو هو جيڪا ڳالهه کين سمجهه ۾ به آئي ۽ ان جو اعتراف وڏي واڪي دوستن سان ڪندو هو ته زرار کي مان ان ڪري به ڀائيندو آهيان جو هن مون کي درست مشورو ڏنو هو، آخري ڀيرو اهڙي ڳالهه ڪجهه ڏينهن اڳ حميده گهانگهرو آڏو به ڪئي هُيائين. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو سان مان دوستن وانگر هجائتو هوندو هيس. ساڻس ڀوڳ چرچا به ٿيندا هُيا. پنهنجي ڪمري جو پنهنجو ئي هڪ الڳ ”ماحول“ ۽ ”رنگ“ هوندو هو. ڪرڪيٽ جي موضوع تي به وڏيون ڪچهريون ٿيندون هيون. ڪالهه ڊاڪٽر جبار، جوڻي صاحب جي ڪمري واري در تي بيهي ان جملي سان مون سان تعزيت ڪئي ته ”جوڻو صاحب تو کي به اڪيلو ڪري ويو !!“ ڊاڪٽر خير محمد جوڻي جي جيڪا سڀ کان عظيم خوبي هئي، جنهن هن کي هر دلعزيز بڻايو، سا هئي، موقعي تي ماڻهوءَ کي پنهنجو ڪرڻ واري خوبي. هو پنهنجي اخلاق، مٺي ۽ حجائتي زبان سان ماڻهن کي پنهنجو ڪري وٺندو هو. ماڻهو دنگ رهجي ويندا هُيا ته ايڏي وڏي اخبار جو مالڪ ۽ ههڙي فقيري، قلندري ۽ درويش صفت طبيعت جو مالڪ..!! ڊاڪٽر خير محمد جوڻو صاحب اسان جي بزرگ ۽ سڀني سنڌ واسين لاءِ ڇپر ڇانو بڻيل جسٽس (ر) ديدار حسين شاهه جي پيرن مرشدن وانگر عزت ڪندو هو، سائين جي بيماريءَ جي کيس ڏاڍي ڳڻتي هوندي هُئي. ڊاڪٽر جبار خٽڪ به ڊاڪٽر خير محمد جوڻي جي ڏاڍي عزت ڪندو هو، اداري جي هر معاملي ۾ ڊاڪٽر جوڻي کي اعتماد ۾ ضرور وٺندو هو ۽ ان ڳالهه جو خاص خيال ڪندو هو ته ڊاڪٽر جوڻو پريشان نه ٿئي. ڊاڪٽر خير محمد جو جيئڻ به ڪمال وارو هو ته سندس زندگيءَ ۽ دنيا کان موڪلائڻ وارو انداز به ڏاڍو باوقار ۽ شانائتو هو. مان خير محمد جوڻي صاحب کي ٽيون ڏينهن پنهنجين اکين سان هن دنيا ۽ زندگيءَ کان موڪلائيندي ڏٺو سلام آهي سندس همت کي. جيتوڻيڪ هو پاڻ ڊاڪٽر هو، دل جو پراڻو مريض هو ۽ پنهنجي حالت کان هو چڱيءَ ريت واقف هو. هو جوانيءَ ۾ جيئن ته ڪرڪيٽر به رهي چُڪو هُئو، اوپننگ بيٽسمين به هو، سو مون کي لڳي ٿو ته هو پاڻ ئي سمجهي رهيو هو ته معمول جو روٽين ڊسٽرب ٿيڻ ڪري يعني غلط شاٽ کيڏڻ سبب هو ” آئوٽ“ ٿي رهيو آهي. مان ڊاڪٽر خير محمد صاحب کي زندگي ۽ دنيا کان انتهائي پرسُڪون ۽ باوقار نموني موڪلائيندي ڏٺو، هو ڪنهن ريت به پريشان نه هو، چهري تي ڪو گهنج به نه هيس، نه ئي جلد اسپتال پهچائڻ جي ڪا پريشاني يا دانهن هيس زبان تي نه ئي موت سان ڪو جهيڙو يا شڪايت!! سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته ڊاڪٽر خير محمد جوڻي ڀٽائي صاحب جي هن سٽ جيان پنهنجي زندگي موت جي حوالي ڪئي ته : ”مرڻ مون سين آءُ ته پُٺيءَ تو پنڌ ڪيان“ ڊاڪٽر خير محمد جوڻو هڪ دلبر دوست جو وڇوڙو جسٽس (ر) ديدار حسين شاهه منهنجو دوست ڊاڪٽر خير محمد جوڻو! هاڻ هن جهان ۾ نه رهيو آهي، سندس کوٽ نه رڳو سندس خاندان وارن کي سدائين محسوس ٿيندي رهندي پر سندس دوستن، يارن ۽ گهڻ گهرن کي به محسوس ٿيندي رهندي. ڊاڪٽر صاحب هڪ رلڻو ملڻو ۽ سدائين مرڪندڙ شخص رهيو، هوُ يارن جو يار ۽ دوستن جو همدرد شخص رهيو، جيڪا خصلت گهٽ ماڻهن ۾ هوندي آهي. هو منهنجو دوست هُئو، هُن جي ڪري ئي، عوامي آواز اخبار ۾ منهنجي آتم ڪهاڻي اخبار ۾ شايع ٿيندي رهندي هئي. ڊاڪٽر صاحب هڪ سرگرم رهندڙ شخص هئو. هُن شروع کان ئي کاٻي ڌر جي سياست ڪئي ۽ سوشلسٽ خيالن جو رهيو هو، ڊاڪٽر ٿيڻ کانپوءِ، ڪيترو ئي وقت ملڪ کان ٻاهر رهيو، شاگردي واري زماني کان کاٻي ڌُر جي سياست ڪيائين ۽ آخر تائين انهن جي ويجهو رهيو. عوامي آواز سان سندس لاڳاپو ٿيڻ کانپوءِ ان جي آفيس ۾ ويهڻ شروع ڪيائين، اسان اڪثر روز گڏجي پنڌ ڪندا هئاسين، اڄ ڏک وچان چوڻو پيو اٿم ته هڪ همسفر ۽ هڪ دلي دوست کان محروم ٿي ويو آهيان. ڊاڪٽر خير محمد جوڻي کي مون ڪڏهن به اداس يا ويڳاڻو ڪو نه ڏٺو، سندس منهن تي سدائين روشن مُرڪ هوندي هُئي، هو پنهنجي خاندان جو وڏو هئو ۽ ڳوٺ راڄ وارو راڄوڻو شخص هيو، ڪراچيءَ ۾ رهندي به هو پنهنجي ڳوٺ کي ساريندو هئو. سندس دوستيءَ جو تعلق جن سان به جڙيون ته انهن سان آخري ساهه تائين نڀايائين، هو غريبن جو ۽ يتيمن جو ڏاڍو همدرد ۽ خوش اخلاق شخص هيو. جنهن زندگيءَ جو پهريون حصو ڊاڪٽري ڪري خدا جي خلق جي خدمت ڪئي ۽ پويون حصو عوامي آواز سان گڏجي، صحافت جي ميدان تي عوام جي خدمت ڪئي، چوڻ جو مقصد ته سندس سڄي ڄمار عوام جي خدمت ڪندي گذري. هُن ڪڏهن به شڪايت ڪا نه ڪئي، پاڻ ڊاڪٽر هئو، دل جي تڪليف به هئس پر سندس چهري تي سدائين مرڪ رهندي هئي. ڊاڪٽر صاحب ملڻ جو سٺو، رک رکاءُ وارو ۽ هڪ مذهب شخص هئو، سندس جهڙا سٺا شخص هاڻ اسان جي سماج ۾ ڳوليا نٿا لڀن، ساڻس ملبو هئو ته ڏاڍو خوش ٿيندو هئو، پاڻ ڪچهرين جو ڪوڏيو شخص هُئو، جنهن ڪري سندس عوامي آواز واري آفيس ۾ سدائين سندس ڪو نه ڪو دوست ساڻس ڪچهري ڪندي ڏسڻ ۾ ايندو هئو. ڊاڪٽر صاحب جي هڪ سٺي عادت ڪتابن پڙهڻ واري به هئي. هو سٺا ڪتاب پڙهندو به هُئو، سانڍي به رکندو هو ته دوستن کي پڙهائيندو به هئو، هو ڏک لڪائڻ وارو شخص هُئو ۽ هاڻ هو اسان سڀني کي ڏکارو ڪري ويو آهي، مون لاءِ هڪ دوست جي وڇڙي وڃڻ جو ڏک سدائين ياد رهڻ وارو آهي، هاڻ مان جڏهن به صبح جو پنڌ ڪرڻ ويندس ته سندس ساٿ نه هوندو پر اڪيلائي ۾ هو مون کي سدائين ياد رهندو، الله سائين سندس درجات بلند ڪري. هر دلعزيز شخص جي موڪلاڻي رکيل مورائي ڊاڪٽر خير محمد جوڻو عوامي آواز اخبار جو مئنيجنگ ايڊيٽر هُئو. صحافت ۽ سياست سندس شوق هئي، جنهن لاءِ سياست جو پوراءُ هن شروعاتي دور ۾ سياسي ڪارڪن ٿي پورو ڪيو ۽ صحافت هن آخري عمر ۾ شروع ڪئي. وچ ۾ هن ڊاڪٽري ڪئي، ملڪ ۽ ملڪ کان ٻاهر خاص طور لبيا ۾ هن عرب سڳورن جو علاج ڪيو ۽ ائين ڪري هن ڄڻ ڊاڪٽري جي حوالي انساني خدمت ڪئي ۽ مسلمان جي حوالي ۾ پنهنجي پيغمبر جي پونيئرن کي خوش ڪري ثواب کٽيو جيڪو ڌڻي سائينءَ وٽ اَجُر جي صورت ۾ کيس ملڻو آهي، اهو منهنجو عقيدو آهي، ڊاڪٽر صاحب عقيدن کان پرڀرو هئو. ڇاڪاڻ ته هو سائنسي عملن جو ماڻهو هئو ۽ ان کي ئي سڀ ڪجهه سمجهندڙ هئو، جنهن جو سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته هو تعليم کانسواءِ جيڪي ڪتاب پڙهيو، اهي مارڪسي، سياسي سفر ڏانهن وٺي ويندڙ هئا، جن مٿس اهو اثر ڪيو جو هو سنڌ جي مارڪسٽن سان ويجهو ٿيو ۽ پڇاڙيءَ تائين عملي طور خاموش هوندي به نظرياتي طور انهن سان جڙيو رهيو. سندس ٻيو پاسو اهو آهي ته هو نواب شاهه ضلعي جي شهر قاضي احمد ڀرسان ڳوٺ مير محمد جوڻو جو رهواسي هئو ۽ ننڍو زميندار يا آبادگار به هيو جنهن سبب سندس اٿي ويٺي تر جي گهڻن ئي خاندانن سان هئي ته ساڳئي وقت مقامي سماج سڌارڪن توڙي سياسي ڪارڪنن سان به سندس لاڳاپو رهيو، ان ڪري جو هو هڪ خانداني شخص هئو، پڪ سان سندس خاندان جي وڏن جي علم سان به دوستي هوندي جنهن ڪري کيس پڙهائي اعليٰ تعليم ڏياري ڊاڪٽر بڻايائون. هو ڊاڪٽر بڻيو، ڏيهه پرڏيهه ڏٺائين ۽ پوءِ واپس اچي سنڌ جي راڄڌاني واري شهر ڪراچيءَ ۾ رهائش اختيار ڪيائين ۽ واندي ويهڻ کان بهتر سمجهيائين ته ڪو ڪم ڪجي، ائين پنهنجو دوستن سان صلاح مصلحت کانپوءِ سنڌ جي عوام دوست اخبار عوامي آواز ۾ حصيدار ٿيو ۽ باقائدگيءَ سان آفيس ۾ اچي پنهنجو وقت سجايو ڪندو هئو، ائين سياست ۽ صحافت جي ويجهو رهندي به ۽ ڪراچي جهڙي وڏي شهر ۾ رهندي پنهنجي ڳوٺ سان ناتو جوڙي رکيائين ۽ شادي غميءَ ۽ عيد برات تي پنهنجي ڳوٺ وڃي سڪون جا ڏينهن گذاري ايندو هو . سچ اهو آهي ته سندس پنهنجي ڳوٺ سان بيحد گهڻو لڳاءُ هو ايترو جيترو اسان انهن سنڌين ۾گهٽ ڏٺو آهي، جيڪي پنهنجي نوڪرين يا ڪاروبارن سبب پنهنجا ڳوٺ ڇڏي آيا ته وري مڙي پوئتي ڪونه ڏٺائون ته اسانجو ڪو ڳوٺ به آهي ،ڪي مائٽ عزيز به آهن ۽ خاص طور ڪو قبرستان به آهي، جن ۾ سندن پيڙهيون پوريل آهن .جيڪي کين سارين ٿيون. اهي شهرن ۾ سدائين لاءِ گم ٿي ويا ۽ ڳوٺن ۾ مري ويل سمجهي وساري ڇڏيو، ڄڻ هنن جو ڪو تعلق ئي هڪ ٻئي سان ڪو نه هُئو. پر ڊاڪٽر خير محمد جوڻو انهن سلڇڻن ماڻهن مان هئو، جنهن ڪراچيءَ ۾ سڀ ڪجهه هوندي به پنهنجي پنوهارن سان پريت نه ڇني. هن پنهنجي ڳوٺ ۾ ئي پاڻ جيئرو رکيو، شايد هن پاڻ بابت اهو فيصلو ڪري ڇڏيو هئو ته جيئن ته، آخر ۾ مون کي هتي ئي موٽي اچڻو آهي، ان ڪري ڳوٺ سان اهڙو تعلق رکڻ گهرجي، جو جڏهن به ڳوٺ واپس اچجي ته اهو سڃاڻڻ کان انڪار نه ڪري ۽ جڏهن هي سڄو جهان ڇڏي وڃي تڏهن اهو ڳوٺ پنهنجي جهوليءَ ۾ جڳهه ڏئي ۽ ڳوٺ واسي ايئن چون ته ها! هيءُ ته اسان جو پنهنجو آهي. ڪجهه وقت ئي الڳ ٿيو هئو. هو سندس جيئري به آڌر ڀاءُ ڪن ته سندس مئي پڄاڻا به کيس پنهنجي يادگيرين ۾ محفوظ رکن. باقي مٽي ته ماءُ آهي، اها ته پنهنجي سموري اولاد کي پنهنجي جهوليءَ ۾ ويهاريندي آهي، ڏنگي اولاد کي به ته صدوري اولاد کي به! پڪ سان ڳوٺ مير محمد جوڻي جو هيءَ صدورو پٽ هئو جنهن ڳوٺ سان آخر تائين ناتو نڀايو ۽ ائين هن عوامي آواز سان به ناتو نڀايو. دوست زرار پيرزادي جي لکڻ موجب ته هن ڪن موقعن تي عوامي آواز کان پري ٿيڻ لاءِ سوچيو به هئو پر هو ائين ڪري نه سگهيو. سندس حياتيءَ جا آخري پل به عوامي آواز جي آفيس ۾ ئي گذريا. آفيس جي ڪارڪنن سان سندس رويو دوستاڻو هئو، مالڪاڻو بنهه نه! مان نٿو ڀانيان ته اداري جي ڪنهن ڪارڪن کي کانئس رنجَ پهتو هوندو. هو هڪ ڳوٺاڻو مزاج رکندڙ وضعدار شخص هئو. وضعداري سندس خون ۾ شامل هئي. هو ڪچهرين جو ڪوڏيو، خوش طبيعت ۽ ٿڌو مزاج رکندڙ هڪ اهڙو شخص هئو جيڪو هر ڪنهن کي پنهنجو لڳندو هئو ۽ هر ڪنهن کي پنهنجو بڻائي وٺڻ جو ڏانءَ به منجهس هئو، دوستن جو چڱو ئي حلقو رکندڙ هئو ۽ سندس هليو وڃڻ کانپوءِ ڪيتريون ئي اکيون آليون ڏٺيون ويون. ٽيهٺ سال عمر هونئن گهڻي نه آهي ۽ ڊاڪٽر صاحب ڏسڻ وائسڻ ۾ ڪنهن بيماريءَ کان به آجو هئو پوءِ به ايترو تڪڙو وڃڻ جو رازُ ته فقط اهو ئي ڄاڻي ٿو، جنهن کيس هن جهان ۾ موڪليو هئو، وري کيس واپس گهرائي ورتائين. واپس ته هو سڀني کي گهرائي ٿو پوءِ ڪنهن کي سوير ڪنهن کي اوير. پر ڊاڪٽر صاحب کي هن ڪجهه تڪڙ ۾ ئي گهرائي ورتو. شايد هن کي سندس وڌيڪ گهرج هئي، جيتوڻيڪ ڊاڪٽر جنهن ڌرتيءَ جو رهواسي هئو. ان ڌرتيءَ جي ماڻهن کي سندس گهڻي ضرورت هئي ۽ آهي، ڇاڪاڻ ته انهن کي جسماني ۽ ذهني علاج جي ڏاڍي ضرورت آهي. جيڪي ٻئي حڪمتون ڊاڪٽر خير محمد جوڻي وٽ موجود هيون. هو ڊاڪٽر به هئو ته هڪ ذهين شخص به! ڊاڪٽر صاحب جي هلي وڃڻ سان ڀلي عملي صحافت ۾ سندس ڪمي محسوس نه ٿئي، پر هن عوامي آواز اخبار ساڻ هجڻ سبب سنڌ جي مسئلن جي جيڪا اپٽار ڪئي، جيڪا جنگ وڙهي، اها سنڌي ماڻهو ڪڏهن به وساري نه سگهندا. هن پنهنجي ڳوٺ ۾ جيڪي سماجي ڪم ڪرايا اهي اهڙي شاهدي ڏيندا، هن جن بي پهچ ماڻهن جي واهر ڪئي انهن جي دلين ۾ اکين ۾ سدائين موجود رهندو. اڄ هو پنهنجي اباڻي ڳوٺ جي مٽيءَ ۾ مدفون آهي، پڪ آهي ته هاڻ کيس مٽي ماءُ سدائين لاءِ محفوظ رکندي. من موهيندڙ شخص نواز خان زنئور اياز جاني ھڪڙي ڏينھن فون ڪئي ته؛ ”عوامي آواز ٽي وي وارا، منھنجي ڪتاب ’دراوڙ دل جي تنھائي‘ تي ھڪڙي نشرياتي ويھڪ ڪرائڻ چاھين ٿا، ان ۾ توھان شريڪ ٿي منھنجي ڪتاب تي ڳالھايو. اياز جانيءَ کي انڪار ڪرڻ، پنھنجي ئي دل کي انڪار ڪرڻ جيان ھوندو ھو. ان ڪري مون ھڪدم ساڻس پروگرام ۾ شرڪت جي حامي ڀري. ڄاڻايل ڏينھن تي آئون ۽ ڀاءُ قادر بخش ڪراچيءَ روانا ٿياسين. روماسا به اسان سان گڏ هئي. اسان گلشن حديد ۾ اياز جاني وٽ ڏُپھرو ڪيو. جنھن بعد پاسي مان ئي زرار پيرزادي کي وڃي کنيوسين ۽ سڀ گڏجي اڳتي روانا ٿياسين. زرار پروگرام جو ميزبان ھو. آئون، اياز جاني ۽ مسرور پيرزادو مھمان هئاسين. شايد رکيل مورائي به پروگرام ۾ شريڪ ھجي، پر ھن ويل آئون اھا ڳالھه خاطري سان نٿو چئي سگھان. باقي ان ڏينھن جيڪا ڪچھري متي، تنھن ۾ رکيل ڀرپور انداز ۾ شريڪ ھو. اھا ڪچھري ڊاڪٽر خير محمد جوڻي جي آفيس واري بيٺڪ ۾ ٿي هئي. اسان جيئن ئي عوامي آواز جي آفيس ۾ پھتا هئاسين ته اسان کي زرار سڌو ڊاڪٽر خير محمد جوڻي جي دفتر جي ڪمري ۾ آڻي ويھاريو ھو. ان وقت ڊاڪٽر پاڻ موجود نه ھو. سندس ڪرسي خالي پئي هئي. روماسا بنان وقت وڃائڻ جي ان ڪرسي تي وڃي قبضو ڪيو. اسان کيس اتي ئي ڇڏي رڪاڊي ڪوٺيءَ ۾ وڃي ڪتاب بابت ڳالھيون رڪاڊ ڪرايون. پروگرام جي ڀرائيءَ بعد ساڳئي ڪمري ۾ آياسين. روماسا اڃا توڻِي ڊاڪٽر جي ڪرسي تي براجمان هئي. ٿوري دير ۾ ڊاڪٽر آيو ته ھن پنھنجي ڪرسي قبضو ٿيل ڏٺي. ھو بنان ڪنھن چوُن چُران جي اسان جي پاسي ۾ ويھي رھيو. مون روماسا کي اٿڻ جو چيو ته ڊاڪٽر مون کي روڪيندي، کيس ويٺي رھڻ جو چيو. پر مون روماسا تي زور ڀريو ۽ منھنجي چوڻ تي ھن ڪرسي ڇڏي ڏني. مون ڊاڪٽر کي سندس ڪرسي تي ويھڻ جي مؤدبانا گذارش ڪئي. جنھن بعد ھو اُٿي اتي وڃي ويٺو. پر ھاڻي وري ٻيو مامرو ھو. روماسا ڊاڪٽر جي ڪرسي ته ڇڏي، پر اسان واري پاسي خالي پيل ڪرسي تي ويھڻ بدران ميز تي چڙھي ويھي رھي ۽ اتان ھٽڻ کان صاف نابري واريائين. گڏوگڏ ميز تي موجود سامان جھڙوڪ پين رکڻيءَ، پن وزنا (پيپر ويٽ) وغيرھ سندس تصرف ۾ هئا ۽ هوءَ انھن سان راند کيڏي رھي هئي. سچي ڳالھه ھيءَ آھي ته آئون ان سان پريشان پئي ٿيس ته ڊاڪٽر جي ڪم ۾ رخنو پئجي ويو آھي، پر ڊاڪٽر ان مان لطف اندوز پئي ٿيو. ھن پنھنجي سامان سان روماسا کي کيڏڻ ڏنو ۽ ھن لاءِ شيءِ به گھرائي. سندس شفقت ڀريو رويو ماڻھوءَ جو من موھڻ لاءِ ڪافي ھو. اسان شام تائين ڪچھري ڪئي. ايتري ۾ ڀاءُ قادر بخش پارٽي بيان لکي ورتو ھو، جيڪو ھن سندس حوالي ڪيو. ڊاڪٽر اھو بيان پاڻ ھٿن سان کڻي وڃي ڪنھن سب ايڊيٽر جي حوالي ڪري آيو. آئون سندس انھيءَ خلوص، ڪرم نوازي ۽ پنھنجائپ ڀري روش تي پيار ڀري حيراني ۾ پئجي ويو هئس. مون تي سندس شخصيت جا اھي ظاھر ٿيل گوشا اڻ-وسرندڙ ٿي پيا آھن. اڄ جڏھن ھو اسان جي وچ ۾ نه رھيو آھي، تڏھن مون کي سندس انداز، ميل جول، قربائتي ڪچھري، شفقت ۽ سادگي ياد اچي رھي آھي. سنڌي صحافتي دنيا ۾ ھو موتيي جي گل مثل ھو، جنھن جي خوشبو ياد بڻجي ھوائن کي ھٻڪاريندي رھندي. کيس مرزا اسد الله خان غالب جي لفظن ۾ ڀيٽا ڏيان ٿو، ڇو جو مون کي پڪ آھي ته ھو وري ڪنھن موتيي ۽ رابيل ۾ ٽڙي ظاھر ٿيندو. سب کہاں، کچھ لالہ و گل میں نمایاں ہوگئیں، خاک میں کیا صورتیں ہوں گی کہ پنہاں ہوگئیں! ڊاڪٽر خير محمد جوڻو ۽ يادگيريون عبدالخالق جوڻيجو ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنج، ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، اچي بوءِ بهار جي. اهڙن بهار جي خوشبو پکيڙيندڙ ٿورڙن ماڻهن منجهان هڪڙو ڊاڪٽر خير محمد جوڻو هيو، پنهنجي ڊگهي تاريخ ۾ سنڌ جي سڃاڻپ ايماندار، سچار، وفادار، مخلص، محب وطن، ۽ انسان دوست ماڻهو رهيا آهن، پر ويجهڙائيءَ ۾ ٿيل اٿل پٿل ۽ لڏپلاڻ جي نتيجي ۾ صورتحال ۾ ڪافي تبديلي آئي آهي. هڪ طرف سنڌ جي تهذيبي شخص جي سڃاڻپ وارا ماڻهو لڏي ويا ته ٻئي طرف انهن کان به وڌيڪ تعداد ۾ اهڙا ماڻهو سنڌ ۾ آيا آهن جيڪي ڪوڙ، ٺڳي، منافقي، ڌوڪي، دولاب، چاپلوسي، نسل پرستي جهڙن انسانيت دشمن خاصيتن سان ننهن کان چوڻيءَ تائين ڀريا پيا آهن، جن سنڌ جي خوبصورت ڌرتيءَ جي چهري کي داغدار ڪري ڇڏيو آهي، وڌيڪ افسوس ته انهن کي ڏسندي ڪيترن سنڌي ماڻهن به انهن جو نقل ڪرڻ شروع ڪيو آهي، سندن چوڻ هوندو آهي ته اهڙي طرح اهي ڌارين جو مقابلو ڪري رهيا آهن. اهڙي ماحول ۾ ڊاڪٽر خير محمد جوڻي جهڙن ماڻهن جو وجود گُهٽَ ٻوسٽ ۾ ٿڌڙي هير جيان لڳندو آهي، منهنجي ڊاڪٽر جوڻي سان واقفيت 45 سالن جي هئي. ان دوران ڪڏهن ويجها ته ڪڏهن تمام پري رهياسين. اسان جي واقفيت ان دور ۾ ٿي جيڪو سڄي دنيا وانگر سنڌ ۾ به انقلاب جي اتساهه، جوش ۽ ولولي سان ڀرپور هئو، سنڌ ۾ هلندڙن ان انقلابي لهر جو وڏو مرڪز ڄامشوري جا تعليمي ادارا هئا ۽ اها ئي ڄامشوري جي پٿريلي زمين هئي جتي خير محمد سان منهنجي ملاقات ٿي. هو ميڊيڪل ڪاليج ۾ پڙهندو هو ۽ مان انجنيئرنگ ڪاليج جو شاگرد هئس، جڏهن ته يونيورسٽي ٻنهي جي ساڳي يعني سنڌ يونيورسٽي هئي، اها ڄامشوري جي ڌرتي جنهن جي هوائن ۾ حب الوطنيءَ جو هڳاءُ هئو ۽ اها سنڌ يونيورسٽي جنهن جا هال ۽ ورانڊا آزادي ۽ انقلاب جي نعرن سان گونجندا هئا ۽ اِهي اُهي ڏينهن هئا جڏهن سٺا شاگرد ئي سٺا سياسي ڪارڪن ۽ اڳواڻ هوندا هئا. منهنجي خير محمد جوڻي سان ملاقات، واقفيت ۽ دوستي به سياست جي ميدان کان ٿي. اها دلچسپ صورتحال هئي ته هڪ ئي وقت هڪ ٻئي جا سياسي حليف به هئاسين ته حريف به. هو سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن سان واڳيل هو جيڪا ڪميونسٽ پارٽيءَ سان لاڳاپيل هئي جڏهن ته مان جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو ڪارڪن هئس جيڪا سائين جي ايم سيد جي رهنمائيءَ ۾ ڪم ڪري رهي هئي. اهو جيئن ته نظرياتي سياست جو دور هئو ته اسان ۾ نظرياتي طور فرق هئو هنن جي جدوجهد جو مرڪزي نقطو طبقاتي انقلاب هو ۽ اسان قومي جدوجهد کي اوليت ڏيندڙ هئاسين. ان ڪري قلم ۽ زبان سان هڪ ٻئي سان ڏي وٺ ڪندا رهندا هئاسين. ٻئي طرف رياستي جبر ۽ فاشسٽ حربن جو ٻئي ڌريون نشانو بڻبا هئاسين، تنهن ڪري ان خلاف جدوجهد ۾ وري اسان اڪثر گڏ هوندا هئاسين. ان جو هڪڙو مکيه مثال ۱۹۷۲ع ۾ بسنت هال حيدرآباد ۾ ٿيندڙ ۴ مارچ جو جلسو هئو جيڪو جساف ۽ ايس اين ايس ايف گڏجي منعقد ڪيو هئو ۽ جنهن ۾ ٻين کان علاوه سائين جي ايم سيد، سردار عطاءُ الله مينگل ۽ ڊاڪٽر عبدالحئي بلوچ به شريڪ ٿيا هئا. ان کان صرف چند سئو فٽن جي فاصلي تي سنڌ يونيورسٽي اولڊ ڪئمپس ۾ پ پ حڪومت جي حامي شاگرد تنظيمن سپاف، ايس ايس ڪو ۽ آزاد ماروئڙا جو گڏيل جلسو ٿيو. اڄ جي نسل جي آڏو ڀٽو حڪومت کي وڏو روشن خيال، عوام دوست ۽ جمهوريت پسند ڪري پيش ڪيو ٿو وڃي پر ان جي اصل حقيقت انهن کان پڇجي جن ان حڪومت کي ڀوڳيو. سياسي مخالفن سان ڪهڙا ڪلور ٿيا اهي تاريخ جي صفحن ۾ في الحال لڪل آهن. ڪميونسٽ ۽ قومپرست ٻئي ان جو شڪار ٿيا تنهن ڪري اهي ان حد تائين حليف هئا. انهن ڏينهن ۾ مختلف ڌريون پنهنجو سياسي پروگرام ڦهلائڻ لاءِ ڪتابي سلسلا جاري ڪنديون هيون، رسالن جو ڊڪليئريشن ملڻ ته ڀٽو حڪومت ۾ محال هئو اڃا به ڪيترن جا ڊڪليئريشن ضبط ۽ رسالا بند ڪيا ويا. اهڙو ئي هڪڙو ڪتابي سلسلو منهنجو هم ڪلاسي ۽ دوست بشير ميمڻ ڪڍندو هئو. (نالو مون کي ياد ناهي رهيو) ان ۾ سندس ساٿاري خير محمد جوڻو هوندو هئو. اهو جوڻي صاحب سان منهنجي تعلق جو هڪڙو وڌيڪ سبب بڻيو. اهو ۱۹۷۲ع جو سال هو. تعليم پوري ڪرڻ کانپوءِ هر ڪو پنهنجي روزگار جي حوالي سان زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ هليو ويو. ڊاڪٽر خير محمد ته ماڳهين مختلف ملڪن ۾ هليو ويو. ان ڪري ميل ملاقات صفا گهٽجي وئي. پوءِ وري نئين صديءَ ۾ جڏهن هو نوڪري ڇڏي ڏيهه موٽي آيو ته اسان جي ملاقاتن جو سلسلو بحال ٿيو. ۲۰۰۳ع ۾ جڏهن جنرل پرويز مشرف نئين سر ڪالا باغ ڊيم جي خلاف مهم شروع ڪئي ته اسان ڪراچيءَ جي پي ايم اي PMAهائوس ۾ سنڌ جي اديبن، دانشورن، ٽيڪنو ڪريٽس، وڪيلن، ڊاڪٽرن ۽ انجنيئرن جو هڪ وڏو اجلاس گهرايوسين ان ۾ ڊاڪٽر خير محمد جوڻو به شريڪ ٿيو. ان اجلاس ۾ متفقه طور ڪالا باغ ڊيم جي خلاف مذمتي قرارداد پاس ڪرڻ سان گڏ اهو ٺهراءُ به منظور ڪيو ويو ته سنڌ جو جيڪو به ماڻهو سڌي يا اڻ سڌي طرح ڊيم جي حمايت ڪندو اهو نائومل، کهڙي ۽ راشديءَ جي صف ۾ بيهندو جنهن جو سنڌي ماڻهن کي سماجي بائيڪاٽ ڪرڻ گهرجي. سنڌ جي اهم قومي مسئلن تي مستقل آواز اٿارڻ لاءِ سيو سنڌ ڪميٽيSave Sindh Committee قائم ڪئي وئي. ان جي اجلاسن يا ڪانفرنسن ۾ ڊاڪٽر جوڻو واري وٽيءَ سان شرڪت ڪندو هئو. آخري دفعو هن 15 فيبروري ۲۰۱۷ع تي ssc طرفان آدمشماريءَ جي مسئلي تي ڪوٺايل ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي ۽ پنهنجا رايا ڏنا. جيئن سڀ ڪو ڄاڻي ٿو ته ڊاڪٽر جوڻو گذريل ۱۵- ۱۶ سالن کان عوامي آواز ۾ مئنيجنگ ايڊيٽر طور ڪم ڪري رهيو هئو. منهنجا مضمون به سڀ کان وڌيڪ عوامي آواز ۾ ڇپبا آهن، اهڙي طرح اهو اڃا هڪڙو وڌيڪ سبب ٿيو اسان جي سٻنڌ جو، ڪڏهن عوامي آواز ۾ روبرو ڪڏهن فون تي ڪچهري ٿيندي هئي. اسان ڪراچيءَ ۾ جيڪي به جلسا، سيمينار يا ڪانفرسون ڪرائيندا آهيون مان انهن جي دعوت کيس لازمي ڏيندو هئس، پوءِ ڪن ۾ هو شريڪ ٿيندو هئو ڪن ۾ نه اچي سگهندو هئو. ۱۷ جنوري ۲۰۱۷ع تي ڪراچي پريس ڪلب ۾ ٿيل سائين جي ايم سيد جي سالگرهه واري جلسي ۾ به شريڪ ٿيو هئو. دعوت لاءِ مان کيس ميسيج به ڪندو هئس ۽ فون به، فون کڻڻ سان ڊاڪٽر جو پهريون جيڪو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو هئو سو اهو ته ”جي ادا“ ڪڏهن ان ۾ واڌارو ڪندي چوندو هئو ته ”جي ادا عبدالخالق“ ماڻهپو ۽ محبت رکندڙ هر ماڻهو سمجهي ۽ محسوس ڪري ٿو سگهي ته جڏهن ڪو ماڻهو گفتگو جي شروعات ئي اهڙي پيار، پاٻوهه ۽ پنهنجائپ واري جملي سان ڪري ته ان سان ڪلام جاري رکڻ ۾ ڪيترو نه سرور ايندو. عوامي آواز ۾ مضمون مان اڪثر ڪري يا ته ڪنهن دوست جي هٿان (جيڪو گهڻو ڪري منهنجو پٽ فدا هوندو آهي) يا ڪڏهن ڪمپيوٽر ذريعي موڪليندو هئس. پر جڏهن ٻن ٽن مهينن گذري وڃڻ سان ڊاڪٽر جي ڪچهريءَ جي ”ٻاڙ“ لڳندي هئي ته پوءِ مضمون پڄائڻ جي بهاني مان پاڻ ويندو هئس. مضمونن جي صفحي جو انچارج جناب زرار پيرزادو ۽ ڊاڪٽر جوڻو ويهندا به هڪ ئي ڪمري ۾ هئا، سو منهنجي لاءِ “هڪ ڌڪ ۾ ٻه شڪار“ پهچڻ سان مضمون ٿيو زرار جي حوالي ۽ مان ڊاڪٽر جي قربائتي ڪچهريءَ جي حوالي، ڪچهريءَ ۾ زرار صاحب به اڪثر حصيدار هوندو هئو. مزي جي ڳالهه ته اسان ٽنهي جي دلچسپيءَ جي هڪڙي مشترڪه ڳالهه ڪرڪيٽ جي راند هئي. ڊاڪٽر ته تمام سٺو ڪرڪيٽر رهي چڪو جنهن پاڪستان جي فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ۾ به حصو ورتو. مون ڪرڪيٽ کيڏي پوري ساري باقي ڄاڻ ۽ دلچسپي گهڻي رکندو آهيان. لڳ ڀڳ ساڳي صورتحال زرار جي آهي. بهرحال ڪرڪيٽ بابت گفتگو ٿيندي ورلي هئي. جيئن توقع ڪري سگهجي ٿي ته اڪثر ۽ گهڻي گفتگو سياست تي ٿيندي هئي جڏهن ته سماجي صورتحال، ماڻهن جا رويا ۽ ڪردار، شهري ۽ ڳوٺاڻو ڪلچر، مختلف شخصيتون، ڪتاب، پراڻيون يادون ۽ ٻيا ڪيترا گڏيل دلچسپيءَ جا موضوع بحث هيٺ ايندا هئا. بحث دوران منهنجي ۽ زرار جي وچ ۾ ڪڏهن ڪڏهن گرما گرمي به ٿي ويندي هئي پر ڊاڪٽر خير محمد مجال آهي جو ڪو تکو جملو ڳالهائي يا منهن ۾ گُهنڊ وجهي. وڌ ۾ وڌ گهڙي کن لاءِ خاموش ٿي ويندو. ڪلاڪن جي ڪچهريءَ دوران سندس چهري جي رونق هڪ جهڙي ۽ گفتگو جو لهجو ساڳيو قربائتو رهندو. مون سان گڏ جيڪڏهن فدا به هوندو ته آفيس جي ملازم کي سڏ ڪري چوندو ته من! اسان ٻنهي (فدا ۽ پاڻ) لاءِ عام ماڻهن واري چانهه ٺاهي آ، هن (يعني مان) لاءِ رڳو ڪوسو پاڻي کڻي آ باقي ”پڙي“ مان پاڻهئي ٿو ڏيانس“، مطلب ته سبز چانهه. آفيس ۾ به اوطاق جهڙي مهمان نوازي پئي هلندي مختلف مهمانن لاءِ انهن جي مزاج مطابق بسڪوٽ وٺي رکندو. مان ويندس ته بسڪوٽن سان گڏ مختلف برنيون کوليندو ويندو، ڪنهن ۾ نمڪو، ڪنهن ۾ سڪل ٻير ته ڪنهن ۾ ڪتل جون ڳڙيون، مان ڪيترن سالن کان مٺين شين کي هٿ به نه لائيندو آهيان پر خير محمد جي قربائتي ڪچهري ايتري مٺي هوندي هئي جو ان جي وچ ۾ ڪتل جي ٻن ڳڙين جو مٺاڻ محسوس ئي نه ٿيندو هئو. مختصر ۾ ائين چئجي ته ڊاڪٽر خير محمد ڪچهريءَ جو ڪوڏيو ۽ محفل جو مور هوندو هئو. ڪچهري ڪندي صالح بِلو جهڙي ڪنهن مشترڪه دوست جي فون اچي ويس ته ان کي ضرور چوندو ته ”عبدالخالق جوڻيجو ويٺو آ، ڳالهائينس، ڪچهري دوران ڪنهن پراڻي دوست جو ذڪر اچي ويو ته فون کڻي ڪوشش ڪندو ته ان سان رابطو تازو ٿي وڃي، هڪڙي معاملي ۾ خير محمد منهنجو دشمن هوندو هئو. وقت مان اڌ ڪلاڪ جو سوچي ويندو هئس ته ڏيڍ ڪلاڪ کائي ويندو هئو. ۲۲ آگسٽ ۲۰۱۷ع تي مان جيئي سنڌ محاذ جي دوستن سان گڏ روپلي ڪولهيءَ جي ورسي ملهائڻ جي سلسلي ۾ مِٺي ويل هئس. پروگرام ڪري رات جو واپس اچي رهياسين. ڪار ۾ مون سان گڏ محاذ جو مرڪزي اڳواڻ ظهور لغاري ۽ ڊاڪٽر جوڻي جو يونيورسٽي ڏينهن جو ايس اين ايس ايف جو ساٿي تاج بلوچ (جيڪو هاڻي جيئي سنڌ محاذ جو اڳواڻ آهي) موجود هئا. اڄ ڪلهه هر ڪنهن جي هٿ ۾ موبائيل فون آهي، اوچتو پوئين سيٽ تان تاج بلوچ جو آواز آيو ته ”سائين“ ڊاڪٽر خير محمد جوڻو گذاري ويو. مون کان اهڙي دانهن نڪتي جو ڊرائيور پريشان ٿي ويو. ان کانپوءِ خاموشي ٿي وئي ۽ منهنجي اکين اڳيان ڊاڪٽر خير محمد جو مرڪندڙ چهرو ۽ ساڻس ڪيل ڪچهريون فلم جي ريل وانگر اينديون ويون. خاص ڪري آخري ڪچهري ڏاڍي ياد آئي جيڪا صرف هڪ هفتو اڳ ۾ يعني 15 آگسٽ تي گوڙاڻي ڊيم بابت پنهنجو مضمون ڏيڻ مان عوامي آواز ويو هئس. ان ڏينهن مان بلڪل تڪڙ ۾ هئس ۽ هر هر اٿڻ جو ارادو پئي ڪيم پر ڊاڪٽر جي قربائتي گفتگو هر دفعي اٿڻ کان روڪي ٿي ڇڏيو. هڪ دفعي ته فدا کي آهستي چيم به ته يار هلڻو آهي پر ڇا ڪجي، نٿا هلي سگهون، ۽ پوءِ اها شايد اسان جي سڀني کان ڊگهي ڪچهري ٿي وئي. شايد ڊاڪٽر کي احساس ٿي ويو هئو ته اها اسان جي آخري ڪچهري هئي. اها به حقيقت آهي ته مان ڊاڪٽر خير محمد جوڻي جو ويجهو ۽ گهاٽو دوست نه هئس پر پوءِ به ان جي وڃڻ سان مان پاڻ کي ايترو محروم محسوس ٿو ڪريان ته جيڪي سندس صفا ويجها ۽ گهاٽا دوست هوندا انهن جو ڇا حال هوندو. گهرڀاتين جي ڏک ۽ محروميءَ جو ته ذڪر ڪرڻ ئي اجايو ٿيندو. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو محبتي ماڻهو محمد شعيب بڪڪ ۲۳ آگسٽ واري رات ۱۱ وڳي منهنجي ماسات ۽ جسقم اڳواڻ الاهي بخش بڪڪ مون کي فون ڪئي، چيائين ته ادا تو کي خبر آهي؟ مون چيو ته ادا ڇا ٿيو خير ته آهي، چيائين ته سائين ڊاڪٽر خير محمد جوڻو صاحب گذاري ويو آهي. مان جلد اٿي ويهي رهيس، مون چيو ته؛ سائين کي ڇا ٿيو؟ چيائين ته؛ مون کي به ڪنهن دوست فون ڪري ٻڌايو آهي، وڌيڪ ته مون کي خبر نه آهي. سائين ڊاڪٽر خير جوڻي صاحب سان منهنجي پهرين ملاقات ان وقت ٿي، جڏهن مان پنهنجي ڪالم جي سلسلي ۾ عوام آواز آفيس ويس، جيئن ته اسان واري صفحي جو انچارج سائين زرار پيرزادو صاحب آهي انهيءَ ڪري مان زرار سان ملڻ لاءِ سندس ڪمري ۾ ويس. ته اتي منهنجي ملاقات ڊاڪٽر خير محمد جوڻي صاحب سان ٿي. توهان يقين ڪريو ته هو ايڏو محبتي ماڻهو هيو سندس پهرين ملاقات ۾ ايئن لڳي رهيو هيو ڄڻ اسان پاڻ ۾ ڪي ويجها دوست يا مائٽ آهيون. اهڙو پيارو مٺو ۽ محبتي ماڻهو جنهن سان ملي ڪري ايڏي خوشي ٿيندي هئي جو مان توهان کي بيان نٿو ڪري سگهان. مان جڏهن به سائين جي ڪمري ۾ ويندو هيس، سائين سان لازمي ملاقات ٿيندي هئي، سڀ کان پهريان تمام پيار سان ڀاڪر پائي ملندو هيو. پوءِ چوندو هيو ته بابا بڪڪ صاحب پري کان آيو آهي، پهرين سائين کي ٿڌو پاڻي پياريو پوءِ وري چانهه کڻي اچو ۽ وري چانهه سان گڏ بسڪٽ لازمي ڏيندو هيو. پوءِ خبرون چارون شروع ٿينديون هيون. سائين مون کي چوندو هيو ته تون ڪراچي جو اصلوڪو ماڻهو آهين، توکي ڪراچي جي گهڻي ڄاڻ آهي، انهيءَ مان مون کي به ڪا ڄاڻ يا معلومات ڏيو، حقيقت ۾ سائين کي به گهڻي ڄاڻ ۽ معلومات هوندي هئي پر منهنجي همت وڌائڻ لاءِ چوندو هيو ته تنهن جي ڪراچي جي باري ۾ ڄاڻ مون کان وڌيڪ آهي. ڇو ته هو وڏو ماڻهو هيو، هن جي سوچ وڏي هئي. هو چاهيندو هيو ته مان ڪراچي جي مسئلن ۽ خاص ڪري سنڌي ڳوٺن تي لکندو رهان، مون کي چوندو هيو ته ادا شعيب مان جلد تنهن جي ڳوٺ ايندس اُتي ويهي گهڻي ڪچهري ڪنداسين، هي دفتر آهي هتي ڪهڙيون ڪچهريون. سائين ڪچهري جو مور هيو. هر وقت کِل ڀوڳ ۽ منهن تي مٺي مرڪ سائين جي شخصيت کي وڌيڪ نوراني ڪري ڇڏيندي هئي. جڏهن ڪچهري يا ڳالهه ٻولهه شروع ٿيندي هئي ته مون کي چوندو هيو ته بابا پنهنجي ڪالم جي باري ۾ مون کي نه ٻڌاءِ سڀاڻي جڏهن اخبار ۾ ايندو مان پاڻ ئي پڙهندس، ان جو مزو خراب نه ڪر. جيڪڏهن تون پنهنجي ڪالم جي باري ۾ مونکي هينئر ٻڌائيندين ته مون کي پڙهڻ ۾ مزو نه ايندو. انهي ڪري مهرباني ڪري ٻي ڳالهه ڪر. مون کي ياد ناهي ته سائين ڪڏهن ايئن چيو هجي ته مان وڃي رهيو آهيان يا مون کي ڪو ضروري ڪم اهي هميشه مون چيو ته سائين منهنجو پنڌ پري آهي، هاڻي اجازت ڏيو، هميشه اُٿي بيهي ڪري وڏي محبت سان موڪلائيندو هيو. سائين ڪچهري ڪندي لازمي طور زرار صاحب سان ڀوڳ ڪندو هيو، زرار هڪ تمام پيارو ۽ ماٺيڻو ماڻهو آهي، سائين جي ڳالهه تي يا ڀوڳ تي سدائين مرڪندو رهندو هيو، ڪڏهن ڪڏهن تمام سٺو ۽ وقتائتو جواب ڏيندو هيو پوءِ ڪم ۾ مصروف ٿي ويندو هو. جنهن سان محفل ۾ نئون رنگ رچي ويندو هيو، اڄ زرار صاحب جي ڪمري ۾ خاموشي آهي ۽ زرار صاحب جي اها مرڪ به مرجهايل آهي، سائين ڊاڪٽر خير محمد جوڻو صاحب هڪ مڪمل سنڌي مهمان نواز ماڻهو هيو هن کي ماڻهن سان محبت هئي هو ڀوڳ ڀوڳ ۾ تمام وزندار ۽ نصيحت واريون ڳالهيون ڪندو هيو، تنهن ڪري سندس ڳالهين تي ماڻهو ناراض نه ٿيندا هيا. هو عوامي آواز اخبار جي سونهن هيو، سندس هن بي وقت وڇوڙي تي عوامي آواز جي سڄي سٿ سميت اسين سڀ دوست ۽ ساٿي ڏکائتا آهيون، الله سائين سندس گهروارن کي صبر ڏي ۽ سائين کي جنت فردوس ۾ جاءِ ڏي. جکرو جَسَ کرو ٻيا مڙيئي مير، مٽي ان خمير، اصل هئي ايتري. (شاهه) ڊاڪٽر خيرمحمد جوڻو ”من“، محبتن جو سفير هو قاضي آفتاب احمد ڏوڪري تاريخ ۾ سنڌ امڙ جي ڌرتي تي ڪيترن ئي انمول ڪردارن جنم ورتو آهي جن پنهنجي پنهنجي خوشبو سان جڳ کي معطر ڪيو آهي اهڙن انمول ۽ بيمثال ڪردارن مان ڊاڪٽر خير محمد جوڻو به هڪ هو جنهن پنهنجي بهترين ڪردار سان معاشري ۾ خير ۽ نيڪي جو ٻج ڇٽيو.ڊاڪٽر خير محمد جوڻو مڪمل طور محبتن جو سفير هو هن صرف ۽ صرف محبتون ڪرڻ سکيون هيون ڪنهن سان نفرت ڪرڻ جي ته کيس ماءُ لولي ئي نه ڏني هئي. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو سان منهنجي پهرين ملاقات تقريبن 12 سال اڳ خيرمحمد آريجا ۾ ٿي ڊاڪٽر صاحب اتي عوامي آواز جي رپورٽر سيد عطا محمد شاهه پاران ڪوٺايل گڏجاڻي ۾ آيل هو. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو صاحب مون کي ملاقات ۽ ڪچهري دوران چيو ته اوهان پڙهيل لکيل ماڻهو آهيو لکڻ پڙهڻ به ڄاڻو ٿا اوهان جيڪڏهن صحافتي دنيا ۾ اچو ته بهتر ٿيندو ڇاڪاڻ ته اوهان جهڙن نوجوانن جي صحافتي ميدان ۾ سخت ضرورت آهي. جنهن تي مون ڊاڪٽر صاحب کي چيو ته سائين جيڪڏهن توهان همٿ ڏياريو ٿا ته مان رپورٽنگ ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. ان دور ۾ سيد اصغر علي شاهه ڏوڪري ۾ عوامي آواز جو رپورٽر مقرر ٿيل هو. بعد ۾ سيد اصغر شاهه هڪ روڊ حادثي ۾ اسان کان وڇڙي ويو جنهن ڪري ڏوڪري اسٽيشن خالي ٿي.مون ڊاڪٽر خيرمحمد جوڻو سان رابطو ڪيو جنهن مون کي بنا ڪنهن شرط شروط جي عوامي آواز ۾ ڏوڪري لاءِ رپورٽر مقرر ڪري ڇڏيو اهڙي طرح عوامي آواز ۾ ڪم ڪرڻ سبب ڊاڪٽر خيرمحمد جوڻو سان منهنجو تعلق اڃا به گهرو ٿي ويو جيڪو ڊاڪٽر صاحب جي ساهه جي سڳي ٽٽڻ تائين برقرار رهيو. ڊاڪٽر خيرمحمد جوڻو سان ڪراچي ۾ منهنجون تمام گهڻيون ملاقاتون ٿيون جنهن ۾ هن مون کي تمام گهڻو همٿايو بي انتها پيار ڏنو ۽ سمجهايو ته صحافت ڪرڻ ايڏو سولو ڪم نه آهي هي گلن جي نه پر ڪنڊن جي سيج آهي ان ڪري هن ميدان ۾ لاها چاڙها ايندا آهن توهان کي گهٻرائڻ نه گهرجي. ڊاڪٽر خيرمحمد جوڻو جهڙا ماڻهو صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن جن جي اجري ۽ صاف شفاف ڪردار جا اولڙا ايندڙ نسلن تائين پوندا آهن. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو هڪ گهڻ پاسائي شخصيت هو هن مسيحائي پيشي سان نڀائڻ بعد صحافتي ميدان ۾ به هڪ مثالي ڪردار نڀايو.ڊاڪٽر خير محمد جوڻو جي وڇوڙي جي خبر منهنجي دل ۽ دماغ مٿان وڄ جيان ڪڙڪي پئي اعتبار ئي نه پئي آيو ته هو اسان کان ڌار ٿي ويو آهي.ان ڏينهن جڏهن ڊاڪٽر خير محمد جوڻو جي آخري رسمن ۾ شرڪت لاءِ ڏوڪري جي دوستن سان گڏ قاضِي احمد ڀرسان ڳوٺ مير محمد جوڻو پهتاسين ته سڄو ماحول سوڳوار نظر آيو هر پاسي ويراني ڇانيل هئي. دل تي سندس وڇوڙي جي غم جو غبار ڇانيل هو جنازي کڄڻ وقت هر اک آلي هئي ۽ جڏهن مون ڊاڪٽر خير محمد جوڻو جو آخري ديدار ڪيو ته ائين محسوس ٿيو ته هو مسڪرائيندڙ چپن سان اسان جو دل کولي آڌر ڀاءُ ڪري رهيو آهي ۽ مون کي ڄڻ ائين چئي رهيو آهي ته اوهان اداس نه ٿيو پريشان نه ٿيو مان توهان سان روحاني طور گڏ آهيان.توهان پنهنجو صحافتي سفر جاري رکو. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو هڪ وڏو مهمان نواز هو ۽ هن جي اٿڻي ويهڻي مان سنڌ جي ثقافتي روايتن جا رنگ نظر ايندا هئا هو جيترو وڏو ماڻهو هو اوترو هو ننڍن ماڻهن سان پيار ڪندو هو نوجوانن کي همٿائندو هو ڪڏهن ڪڏهن اسان جي موڪليل ڪا خبر عوامي آواز ۾ نه ڇپبي هئي ته اسان کيس فون ڪري شڪايت ڪندا هئاسين ته هو اهڙي پيار ۽ پاٻوهه سان شڪايت ٻڌندو هو جو اسان کان شڪايت ڪرڻ ئي وسري ويندي هئي مطلب ته هو ماکين مصرين جهڙو مٺڙو ماڻهو هو هن سدائين هر هنڌ محبتن جا گلاب پوکيا هو پنهنجن ۽ ڌارين سان به تمام بهتر نموني پيش ايندو هو.ڊاڪٽر خيرمحمد جوڻو جيتوڻيڪ اسان کان جسماني طور جدا ٿي ويو آهي پر سندس ساروڻيون خوبصورت يادون اسان جي دل جي تختي تي اڪرجي ويون آهن جن کي ڪو به مٽائي نه ٿو سگهي اسان ڌڻي در دعاگو آهيون ته ڌڻي ٻاجهارو ڊاڪٽر خير محمد جوڻو کي جنت الفردوس ۽ پوئنرن کي صبر عطا ڪري آمين. خالي رهجي ويل ڪُرسيءَ جو ڏُکُ رکيل مورائي اهو ٻيو ڏينهن هئو ۽ اها ڪرسي کالي پيل هئي، جنهن کي آفيس ۾ اچڻ وارن ڏينهن ۾ خالي پيل گهٽ ڏسڻ ٿيندو هئو. آفيس ۾ گهڙڻ سان نيوز روم ڪراس ڪري پهرئين ان آفيس جو در ايندو، جنهن ۾ ڊاڪٽر خير محمد جوڻو ويهندو هئو. منهنجو پهريون سلام ان دروازي تي ٿيندو هئو. ڇاڪاڻ ته ان ئي ڪمري ۾ زرار پيرزادو به ويهندو آهي. سڄي ڏينهن جي ڍڪ ڊوڙ کان پوءِ هن آفيس جي دروازي جي اندر اچي ئي، چپن تي مرڪ ايندي هئي، جنهن جو سبب ڊاڪٽر خير محمد جوڻو هوندو هئو. سلام سان ئي هُو زرار سان ڪونه ڪو ڀوڳ ڪندو هئو يا مان ڪونه ڪو سبب جوڙيندو هوس، ائين اسان ٽنهي جي چهرن تي تازگي ايندي هئي ۽ پوءِ، سڀني لاءِ پنهنجو پنهنجو ڪم هوندو هئو. جتوڻيڪ ڊاڪٽر خير محمد جوڻو اخبار جو مئنجنگ ايڊيٽر هئو. پر اسان کي ڪڏهن به ائين ڪونه ڀاسيو ته هو مالڪ به آهي، هُو آفيس جي سڀني ڪارڪنن سان ۽ دوستن سان ”من“ ڪري ڳالهائيندو هئو. پر حيرت جي حد تائين مون کي محسوس ٿيندو هئو ته جڏهن به مون کي سڏيندو هئو ته ”ادا رکيل“ چئي سڏي هئو ۽ آفيس ۾ چوندو؛ ”من ويهه“. ائين به آهي ته آڌر ڀاءُ جو اهو نمونو، ساهتي پرڳڻي جو نه آهي، اتر سنڌ جو آهي، پر جوڻي صاحب جي روح ۾ اهو رچي ويو هئو. ٻيءَ طرح سندس سمورو اٿڻ ويهڻ ساهتي پرڳڻي وارو هئو. ساهتي جي ضلعي نواب شاهه ۾ جنم وٺندڙ ۽ زندگي گذاريندڙ ڊاڪٽر خير محمد جوڻو، پوءِ صحافت جي ميدان ۾ آيو اڳ هن سياست جي ميدان ۾ پاڻ کي آزمايو. سنڌ جي کاٻي ڌر جي سياست پنهنجو سفر ڪٿي پورو ڪيو ۽ ڊاڪٽر صاحب ان کان عملي طور ڪڏهن الڳ ٿيو. اهو اهم نه آهي، اهم اهو آهي ته جوڻو صاحب ان سموري ڀڃ ڊاهه مان ڪجهه سکي، سياست کان ڀل عملي طور الڳ ٿي ويو هُئو. پر هو نظرياتي طور، دلي يا دماغي طور ان مان مايوس ٿيو هجي، مون کي ڪڏهن به ائين محسوس نه ٿيو. ڊاڪٽر صاحب توڻي جو سياسي ڪتاب وغيره به پڙهندو هئو. پر سياست تي تفصيلي هن گهٽ ڳالهايو، ادبي ڪتاب پڙهي انهن تي ڪجهه به سرس ئي ڳالهائيندو هئو. هن جن شخصن سان سياست ڪئي، اهي نظرياتي/ کاٻي ڌر جي سياست جا اهم نالا آهن، مثال طور شهيد نذير عباسي جو نالو ڳڻائي سگهجي ٿو، ڄام ساقي ۽ ٻين ڪيترن شخص جا نالا آهن، سندس ان تعلق ئي ممڪن آهي ته ڊاڪٽر جبار خٽڪ صاحب سان گڏجي ڪم ڪرڻ تي کيس آماده ڪيو هجي. ڊاڪٽر صاحب ايم بي بي ايس ڪرڻ کان پوءِ چڱو ئي عرصو ليبيا ۾ رهيو ۽ پوءِ واپس ايندي ئي، ڊاڪٽريءَ کي الوداع ڪيائين ۽ صحافت جي ميدان ۾آيو ۽ عوامي آواز اخبار ۾پنهنجي جهوني دوست ۽ سياسي همسفر ڊاڪٽر جبار خٽڪ سان گڏجي ويو. حيرت جي حد تائين ڊاڪٽر صاحب مونکي ڊاڪٽر کان وڌيڪ هڪ رڄ چڱو مڙس ۽ راڄوڻو ماڻهو لڳندو هئو، جنهن کي ڄڻ هن شهر جي منصنوعيت ڇهيوئي نه هئو، هن جي ڳالهائڻ جو انداز، اٿڻي ويهڻيءَ جو انداز بلڪل انهن ڳوٺاڻن جهڙو هئو، جيڪي ڳوٺن جي ڇپر ڇانءَ هوندا آهن. هو شهر ۾ رهندي به پنهنجو لهجو، پنهنجو لباس ۽ پنهنجو روح هن شهري آلودگيءَ بچائي سگهيو، اهو جس کيس ڏانهن وڃي ٿو. تفصيل ۾مان شايد ائين چوان ته هو سنڌي ڳوٺاڻي ثقافت جو مجسمو هئو. سڀني وصفين هو اهڙو سنڌي محسوس ٿيندو هئو، جنهن تي سنڌ جي ثقافت به شايد فخر ڪري. مون کي خبر ناهي ته ڪڏهن نوجوانيءَ ۾، شاگرديءَ واري دور ۾ يا ملڪ کان ٻاهر هجڻ واري وقت ۾ هن مغربي لباس پاتو هجي، پر مون جڏهن کان کيس ڏسڻ شروع ڪيو هو ته کيس هڪ مڪمل سنڌيءَ جيان ڏٺو. بيحد سهڻا ٺهيل قميص سلوار ۽ مٿي تي نهايت شاندار سنڌي ٽوپي ڏٺي، جيئن ته سيٺيون سنڌي ٽوپيون مون کي موروثي طور وڻنديون آهن ۽ مان شوق سان پائيندو به آهيان، ان ڪري اڪثر ساڻس ٽوپين جي نسلن تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي هئي. ڇو ته ڊاڪٽر صاحب وٽ، سنڌ جي الڳ الڳ حصن ۾ پاتيون ويندڙ ڪيترين ئي ٽوپين جا نمونا موجود هوندا هئا ۽ هو انهن کي شوق سان استعمال ڪندو هئو. ائين به ٿيندو آهي ته ڪي شخص، ٽوپيون يا قيمتي لباس اوڍيندا ته آهن، پر کين اهو پتو نه هوندو آهي ته اهي سندس بيهڪ کي ڪيترو نکاري رهيا آهن، ان حوالي ۾ ڊاڪٽر صاحب کي ٽوپيون ۽ لباس استعمال ڪرڻ ته ايندو هئو، پر اهو سڀ سندس شخصيت ۾ نکار به آڻيندو هئو. جنهن سبب سندس شخصيت وڻندڙ لڳندي هئي ۽ ان وڻڻ کي وڌيڪ وڻندڙ ڪندڙ سندس سڀاءُ هوندو هئو، جيڪو سدائين خوش رهڻ وارو ۽ ٻين کي خوشي ڏيڻ وارو رهيو. يا چوڻ گهرجي ته هو اهڙو شخص هئو، جنهن سان ملي دلي خوشي محسوس ٿيندي هئي. کيس دل جي تڪليف هئي، پر تڪليف جو اظهار هن ڪڏهن به ظاهر ڪو نه ڪيو، ايستائين جيستائين اها کيس مڪمل جواب ڏيئي وئي. هاڻ هو ان دل کي ميار ڏيڻ لاءِ موجود نه آهي پر اسان شدت سان محسوس ڪيون ٿا ته جنهن دل جي، هن بردبار شخص ٽيهٺ سال شڪايت نه ڪئي اها ساڻس اڌ ڪلاڪ کان ڪلاڪ جي وچ واري عرصي ۾ اهڙي بيوفائي ڪري وئي جو اڄ تائين اعتبار نه اچي رهيو آهي، ممڪن آهي ته جن سين سان گهڻو پيار ڪيو ويندو آهي، اهي ائين دوکو ڪنديون هجن.! اهو ته پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته ڊاڪٽر صاحب ان دل سان ڪڏهن به دوکو نه ڪيو هوندو، ڇاڪاڻ ته هو اهڙو شخص نه هئو، هو ته ان مٽيءَ مان جڙيل هئو. جنهن مٽيءَ عالم جي ڏکويل ماڻهن کي به پنهنجي جيءَ ۾ جايون ڏنيون آهن ۽ شخصي طور ڊاڪٽر خير محمد جوڻو ان مٽيءَ مان جڙيل اهڙو شخص هئو جنهن ان فرض کي پنهنجو فرض ڪري سمجهيو ۽ ڪيترن ئي اڙين جو آڌار بڻيو. جنهن جو شاهد منهنجو دوست ۽ خوبصورت شاعر بخشل باغي آهي، جنهن ان ڳوٺ ۾ جنم ورتو ۽ ننڍپڻ گذاريو آهي. جنهن ڳوٺ ۾ هاڻ ڊاڪٽر خير محمد جوڻو مستقل ان ماءُ جي جهوليءَ ۾آرامي آهي، جنهن ماءُ کيس پنهنجي ڀوميءَ جي سڃاڻپ ڏني جيڪا ئي سندس ”جنم ڀومي“ به سڏجي ٿي ته ”ڪرم ڀومي“ به. ڊاڪٽر صاحب ان ڏينهن اسان جي سامهون آيو، آفيس جي ڪرسيءَ تي ويٺو. سلام جو جواب ڏنائين؛ ”من هيڏانهن ته اچجانءِ“ چيائين، ڪي پل ئي چئبا يا پهر ئي چئبا، جيڪي هن گرميءَ سبب بي چينيءَ ۾ گذاريا، سندس بيچين سندس چهري تي ظاهر ٿين لڳي، ٿورن ئي پلن جي وٿي هئي جن ۾ هو، تڪڙو اسپتال پهچايو ويو ۽ اهي پل ئي هئا، جو هو هتان جي سڀ ڪجهه کان موڪلائي، ان ئي انداز سان هليو ويو، جيڪو انداز هن جو پنهنجو نرالو ڏيک ڏيندو هئو. اڄ به زرار پنهنجي ڪرسيءَ تي ڪم ڪري رهيو آهي، آفيس جا سڀ بلب روشن آهن، سمورو ڪاروهنوار جيئن جو تئين آهي، سڀاڻي اخبار به سج اڀرڻ کان پهرئين سنڌ ۾ پڄندي، بس! فقط هڪ ڪرسي آهي، جيڪا خالي پئي آهي ۽ هيءَ اها ڪرسي آهي، جنهن تي هو ٽيڪ ڏئي ويهندو هئو. دوستن سان فون تي ڳالهائيندو هئو. آئي وئي سان ڪچهريون ڪندو هئو، اڪثر اخباري ڪارڪن لاءِ مٿي جي سور، بخار ۽ ٻين تڪڙي علاج وارين گورين جو ڊٻو پاڻ وٽ رکندو هئو. اهو اڄ شخص، جنهن تي ڪنهن به گوري، اثر نه ڪيو ۽ تڪڙو هليو ويو، ساڻس تعلق ۾ رهندڙ سڀ شخص ڪنهن نه ڪنهن طرح پنهنجي ڏک جو اظهار ڪري رهيا آهن ۽ ڪندا رهندا، پر ان ڪرسيءَ جو ڏک ڪير بيان ڪري سگهندو، جيڪا سندس وڃڻ کانپوءِ خالي پئي آهي ۽ اٻاڻڪي آهي، ان خالي رهجي ويل ڪرسيءَ جو ڏک ڪڏهن اظهار پائيندو؟. شايد ڪڏهن به نه....! ڊاڪٽر خيرمحمد جوڻو نه وسرندڙ شخصيت ڊاڪٽر خالد محمود جوڻو اسان جي ڳوٺ مير محمد جوڻو لڳ قاضي احمد ۾ جنم وٺندڙ ڊاڪٽر خيرمحمد جوڻو جيڪوروزاني عوامي آواز جو مئنيجنگ ايڊيٽر ۲۲ آگسٽ ۲۰۱۷ تي عوامي آواز جي آفيس ۾ دل جو دورو پوڻ سبب ۶۳ سالن جي عمر ۾ هن فاني جھان کان لاڏاڻو ڪري ويو. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو، ڪامريڊ ڄام ساقي، شهيد نذير عباسي، احمد خان جمالي ۽ عوامي آواز ميڊيا گروپ جي سرواڻ ڊاڪٽر جبار خٽڪ سان کاٻي ڌر جي سياست ۽ ايس اين ايس ايف ۾ سرگرم رهيو. ايم بي بي ايس ڪرڻ کان پوءِ وڏو عرصو لبيا ۾ نوڪري ڪئي. وطن واپس ورڻ بعد پنهنجي سياسي دوست ڊاڪٽرجبار خٽڪ سان روزاني عوامي آواز اخبار ۾ پنهنجي صحافتي خدمتون سرانجام ڏنيون جتي سندس نالو نروار ٿيو. ۽ آخري گھڙي تائين عوامي آواز ميڊيا گروپ سان سلهاڙيل رهيو. ۱۵ سالن تائين اخبار جي نگراني ڪندو رهيو. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو پنهنجي علائقي جو آبادگار پڻ هو ۽ سماجي سرگرمين ۽ غريب ماڻهن جي مدد ڪرڻ ۾ پاڻ ملهائيندو رهيو ۽ پاڻ هر گھڙي پنهنجي ماروئڙن جي داد رسيءَ لاءِ رُڌل رهندا هئا پاڻ ڀٽائي صاحب جي هن سٽ “تتي ٿڌي ڪاھ ناهي ويل ويهڻ جي” جا مصداق هئا. ڊاڪٽر صاحب جي زندگي هڪ تحريڪ هئي، پاڻ هڪ پاسي صحافتي ميدان ۾ پنهنجا جوهر ڏيکاريندو رهيو ته وري ساڳي طرح پاڻ هڪ متحرڪ سماجي ورڪر ۽ سياسي ليڊر هجڻ سان گڏوگڏ سنڌ جي آبادگار تنظيم سان پڻ جڙيل رهيو، ساڳئي وقت ڪيترين ئي سماجي ڀلائيءَ جي تنظيمن سان نه رڳو جڙيل رهيو، پر سنڌ جي پوئتي پيل ڳوٺاڻن کي پنهنجي عملي زندگيءَ وسيلي انهن کي پنهنجي پيرن تي بيهاريو. اڄ جيئن ته ڊاڪٽر خير محمد جوڻو هن جهان ۾ نه رهيو آهي پر سندس صحافتي ڪردار، سماجي خدمتون ۽ ڏتڙيل عوام سان هن جون همدرديون اڄ به زنده ۽ يادگار آهن، سندس انهن ڪمن ۽ خوبين جي ڪري اهڙا ماڻهو جيتوڻيڪ هن فاني جھان کان لاڏاڻو ڪري ويندا آهن پر حقيقت ۾ هو هزارين نه بلڪ لکين انسانن جي دلين ۾ جيئرا هو ندا آهن، اهڙن ماڻهن جي لاءِ ڀٽائي صاحب جي هي سٽ “مري ٿيا نه مات” يعني مري ڪري به جيئرا هوندا آهن. ان کان سواءِ ڊاڪٽر صاحب جڏهن پنهنجي ڳوٺ ميرمحمد جوڻي ۾ عيد يا ٻئي ڪنهن خوشيءَ جي موقعي تي ايندو هيو ته هر ڪنهن سان پيار پريت ۽ محبت سان ملندو هيو، ان ڪري ڳوٺ وارا کين عزت جي نگاھ سان ڏسندا هئا، جيئن ته آئون به ڳوٺ ٻاهر ڪنهن مصروفيت ۾ هوندو هئس ۽ پاڻ به اڪثر ڪري ٻاهر رهندا هئا جڏهن ملاقات ٿيندي هئي ته نهايت ئي ادب ۽ پيار مان چوندا هئا سائين ڪٿي نظر ئي نٿا اچو، مان به چوندو هئس ته ڊاڪٽر صاحب اوهان به ته نظر نه ايندا آهيو پوءِ چيائون ادا اصل ۾ آئون به ڳوٺ کان ٻاهر پيو رهان. پاڻ خوش مزاج کلڻا ۽ سلڇلڻا هئا. بهرحال ڊاڪٽر صاحب جون ڪهڙيون خوبيون لکي ڪهڙيون لکان.. ڊاڪٽر خيرمحمد جوڻو نه وسرندڙ شخصيت ڊاڪٽر خالد محمود جوڻو قاضي احمد اسان جي سنڌ ڌرتي سوني ڌرتي آهي، جتي معدني ذخيرا ته بي شمار آهن، اتي باڪمال شخصيتن جو جنم به تمام جھجهو آهي. ان حوالي سان سنڌ ڌرتي جو مان ۽ ڳاٽ اوچو آهي. اسان جي سنڌ سوين نه بلڪ هزارين ۽ لکين لعل ۽ هيرا پيدا ڪيا آهن، جن سنڌ جو نالو ڏيھ توڙي پر ڏيھ ۾ روشن ڪيو آهي. اهڙن ئي باڪمال شخصيتن ۾ اسان جي ڳوٺ مير محمد جوڻو لڳ قاضي احمد ۾ جنم وٺندڙ ڊاڪٽر خيرمحمد جوڻو جيڪوروزاني عوامي آواز جو مئنيجنگ ايڊيٽر 22 آگسٽ 2017 تي عوامي آواز جي آفيس ۾ دل جو دورو پوڻ سبب 63 سالن جي عمر ۾ هن فاني جھان کان لاڏاڻو ڪري ويو. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو، ڪامريڊ ڄام ساقي، شهيد نظير عباسي، احمد خان جمالي ۽ عوامي آواز ميڊيا گروپ جي سرواڻ ڊاڪٽر جبار خٽڪ سان کاٻي ڌر جي سياست ۽ ايس اين ايس ايف ۾ سرگرم رهيو. هِن ايم بي بي ايس ڪرڻ کان پوءِ وڏو عرصو لبيا ۾ نوڪري ڪئي. وطن واپس ورڻ بعد پنهنجي سياسي دوست ڊاڪٽرجبار خٽڪ سان روزاني عوامي آواز اخبار ۾ پنهنجي صحافتي خدمتون سرانجام ڏنيون جتي سندس نالو نروار ٿيو. ۽ آخري گھڙي تائين عوامي آواز ميڊيا گروپ سان سلهاڙيل رهيو. 20 سالن تائين اخبار جي نگراني ڪندو رهيو. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو پنهنجي علائقي جو آبادگار پڻ هو ۽ سماجي سرگرمين ۽ غريب ماڻهن جي مدد ڪرڻ ۾ پاڻ ملهائيندو رهيو ۽ پاڻ هر گھڙي پنهنجي ماروئڙن جي داد رسيءَ لاءِ رُڌل رهندا هئا پاڻ ڀٽائي صاحب جي هن سٽ “تتي ٿڌي ڪاھ ناهي ويل ويهڻ جي” جا مصداق هئا. ڊاڪٽر صاحب جي زندگي هڪ تحريڪ هئي، پاڻ هڪ پاسي صحافتي ميدان ۾ پنهنجا جوهر ڏيکاريندو رهيو ته وري ساڳي طرح پاڻ هڪ متحرڪ سماجي ورڪر ۽ سياسي ليڊر هجڻ سان گڏوگڏ هوُ سنڌ جي آبادگار تنظيم سان پڻ جڙيل رهيو، ساڳئي وقت ڪيترين ئي سماجي ڀلائيءَ جي تنظيمن سان نه رڳو جڙيل رهيو، پر هن سنڌ جي پوئتي پيل ڳوٺاڻن کي پنهنجي عملي زندگيءَ وسيلي انهن کي پنهنجي پيرن تي بيهاريو. اڄ جيئن ته ڊاڪٽر خير محمد جوڻو هن جهان ۾ نه رهيو آهي پر سندس ڪيل صحافتي ميدان ڪم ۽ سماجي خدمتون ۽ ڏتڙيل عوام سان هن جون همدرديون اڄ به زنده ۽ يادگار آهن، سندس انهن ڪمن ۽ خوبين جي ڪري اهڙا ماڻهو جيتوڻيڪ هن فاني جھان کان لاڏاڻو ڪري ويندا آهن پر حقيقت ۾ هو هزارين نه بلڪ لکين انسانن جي دلين ۾ جيئرا هو ندا آهن، اهڙن ماڻهن جي لاءِ ڀٽائي صاحب جي هي سٽ “مري ٿيا نه مات” يعني مري ڪري به جيئرا هوندا آهن. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو تسلسل هيو ڄام جوڻي جي خاندان جو، جنهن ساهتي پرڳڻي جي زميندار گهراڻي ۾ جنم ورتو. قاضي احمد نوابشاهه روڊ تي قائم ڳوٺ مير محمد جوڻي جي نج ٻهراڙيءَ واري فطري ماحول ۾ پلجندڙ، فطرت سان پيار ڪندڙ خير محمد جوڻو، ”خير“ ۽ ”شر“ جي ويڙهاند ۾ سدائين ”خير“ جو طرفدار رهيو. ڊاڪٽر صاحب نهايت ئي باخلاق انسان هو ان جو اندازو هن مان لڳائي سگھجي ٿو ته ڪراچي جي ادارن ۾ جتي هر هڪ ملازم، ”ميڊم“ ۽ ”سر“ چئي هڪ ٻئي کي مخاطب ٿيندو آهي. اتي ڊاڪٽر خير محمد جوڻو پنهنجي اداري ۾ ڪم ڪندڙ ورڪرن کي ادا، ڀاءُ، ”من“، ادي، ڀيڻ، نياڻي ڪري مخاطب ٿيندو هيو، ان مام معلوم ڪري سگھجي ٿو ڊاڪٽر صاحب هڪ اعليٰ قسم جو با اخلاق انسان هو. ڊاڪٽر صاحب جون خوبيون ۽ همدرديون لکندي ادل سومرو پنهنجي ڪالم هن طرح اظهار ڪيو آهي:. ”آءُ عوا مي آواز ۾ 2007 ع کان 2012 تائين ڪم ڪيو، گهرو مجبورين سبب آءُ 4 سال عوامي آواز اداري کان پري رهيس پر ڊاڪٽر خير محمد جوڻي سان جڏهن به فون تي ڳالهه ٻولي ٿيندي هئي، چوندو هئو ته ” من “ ڪراچي اچين ته مون سان ضرور ملي وڃجانءِ. هڪ ڀيرو آءُ ساڻس ڪراچي ۾ عوامي آواز جي آفيس ۾ مليس، مون کي چيائين ” من “ ڪو به مسئلو اٿئي ته مون کي ٻڌاءِ اخبار ۾ ڪم ڪرين ته تنهنجي لاءِ نوڪري موجود آهي پر منهنجي پنهنجي مجبوريءَ مون کي انهن ڏينهن ۾ نوڪري ڪرڻ نه ڏني. جڏهن مارچ 2016ع ۾ آءُ ٻيو ڀيرو عوامي آواز ۾ آيس ته ڊاڪٽر خير محمد جوڻي منهنجي وڏي مدد ڪئي، ۽ منهنجي لاءِ ماحول کي ساز گار بڻايو. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو”. ڊاڪٽر صاحب بابت ادل سومرو پنهنجي ڪالم ۾ وڌيڪ ويچار ونڊيندي هن طرح لکي ٿو: ”جديد دور ۾ جديد نظرياتي سياست ڪندڙ ۽ جديد تعليم حاصل ڪندڙ اهڙو سٻاجهه شخص هيو، جو هن پنهنجي مزاج ۾ چالاڪي بدران سدائين قديم روايتن ۽ پنهنجي ڏاهپ کي نروار ڪيو ۽ پنهنجي قديم خانداني روايتن جي پاسداري ڪندي، انسان کي انسان سمجهو، ڊاڪٽر صاحب ڪنهن به ننڍ وڏائي ۽ سماجي طبقاتي فرق کان مٿاهون شخص هئو. جنهن جي سموري سماجي وهنوار ۾ هڪ ذميوار ۽ روشن خيال انسان جي تصوير نمايان نظر ايندي هئي” . ان کان سواءِ ڊاڪٽر صاحب جڏهن پنهنجي ڳوٺ ميرمحمد جوڻي ۾ عيد يا ٻئي ڪنهن خوشيءَ جي موقعي تي ايندو هيو ته هر ڪنهن سان پيار پريت ۽ محبت سان ملندو هيو، ان ڪري ڳوٺ وارا کين عزت جي نگاھ سان ڏسندا هئا، جيئن ته آئون به ڳوٺ ٻاهر ڪنهن مصروفيت ۾ هوندو هئس ۽ پاڻ به اڪثر ڪري ٻاهر رهندا هئا جڏهن ملاقات ٿيندي هئي ته نهايت ئي ادب ۽ پيار مان چوندا هئا سائين ڪٿي نظر ئي نٿا اچو، مون به چوندو هئس ته ڊاڪٽر صاحب اوهان به ته نظر نه ايندا آهيو پوءِ چيائون ادا اصل ۾ آئون به ڳوٺ کان ٻاهر پيو رهان. پاڻ خوش مزاج کلڻا ۽ سلڇلڻا هئا. بهرحال ڊاڪٽر صاحب جون ڪهڙيون خوبيون لکي ڪهڙيون لکان. آخر ۾ ڀٽائي سائين جي هن سٽ “ماڻهو سڀ نه سهڻا پکي سڀ نه هنج ڪنهن ڪنهن ماڻهؤَ منجهه بوءِ بهار جي” ڊاڪٽر خير محمد جوڻو جو وڇوڙو ڊاڪٽر خالد محمود جوڻو سنڌ جو سينئر صحافي ڊاڪٽر خير محمد جوڻو ٽيهٺ سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو، هو ساهه جي تند ٽٽڻ تائين عوامي آواز جي پليٽ فارم تان سنڌ جي عوام جي خدمت ڪندو رهيو، جتي هو آخري وقت تائين مئنيجنگ ايڊيٽر جون ذميواريون نڀائي رهيو هو. ڊاڪٽر خير محمد جُوڻو شاگرديءَ جي زماني کان وٺي شاگرد سياست سان لاڳاپيل رهيو، ايم بي بي ايس ڪرڻ کانپوءِ هن ڊاڪٽري ڪرڻ کان وڌيڪ صحافت جي ميدان تان عوام جي خدمت ڪرڻ کي بهتر سمجهيو ۽ عوامي آواز سان باقاعدي ڳنڍجي ويو. ضلعي نوابشاهه جي ڳوٺ مير محمد جوڻو ۾ ڊاڪٽر خير محمد جوڻو، ڳوٺ جو ننڍڙو زميندار پڻ هو، جنهن سبب ضلعي جي آس پاس وارن علائقن ۾ سندس چڱو اٿڻ ويهڻ هو، هوُ سنڌ جي آبادگار تنظيم سان پڻ جڙيل رهيو، ساڳئي وقت ڪيترين ئي سماجي ڀلائي وارين تنظيمن سان نه رڳو جڙيل رهيو، پر هن سنڌ جي پوئتي پيل ڳوٺاڻن کي پنهنجي عملي زندگيءَ وسيلي پاڻ ڀرو ڪيو. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو شروع کان جيئن ئي، سوشلسٽ خيالن کان متاثر ٿيو ته آخري عمر تائين انهن خيالن جو ئي رهيو، سندس ويجهن سياسي دوستن ۾ شهيد نذير عباسي، ڄام ساقي، ڊاڪٽر جبار خٽڪ، احمد خان جمالي ۽ صالح بلو اهم ڄاتا وڃن ٿا، هو شاگرد تنظيم ايس اين ايس ايف ۾ نهايت سرگرم ٿي رهيو، جنهن ۾ پڻ سندس دوستن جو چڱو ئي حلقو رهيو. هُو ويجهي عرصي ۾ عملي سياست کان وڌيڪ وقت پنهنجي صحافتي ڪمن کي ڏيئي رهيو هو. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو پنهنجا نجي ويچار رکندي به سنڌ جي کاٻي، توڻي وطن دوست ۽ روشن خيال سياسي دوستن جو هڪ وڏو حلقو رکندڙ شخص هو. سندس تعلق ڪيترن ئي سياسي اڳواڻن سان به رهيو ته سياسي ڪارڪنن سان پڻ! ساڳي وقت هو سنڌ جي علمي ادبي شخصيتن جو به احترام ڪندڙ شخص هو. ڪتابن سان سندس ويجهڙائپ آخري وقت تائين رهي، هو هر ان سياسي پارٽيءَ جو دوست هو، جيڪا سنڌ دوست ۽ عوام دوست هئي. سندس وڇوڙي تي مختلف پارٽين ۽ ادبي، علمي تنظيمن ڏک جو اظهار ڪيو آهي، ڊاڪٽر خير محمد جوڻي جو وڇوڙو نه فقط عوامي آواز ميڊيا گروپ جو نقصان آهي پر سنڌ پنهنجي هڪ سچي دوست کان محروم ٿي وئي آهي. هيءُ ڏک سموري سنڌ ۾محسوس ڪيو ويو آهي، خاص ڪري سنڌي صحافت جي دنيا لاءِ هي ڏک نه سهڻ جهڙو آهي. اڄ ڊاڪٽر خير محمد جوڻو هن جهان ۾ نه رهيو آهي پر سندس وڇوڙو هڪ ڏک جي لهر پيدا ڪري ويو آهي، جيڪو ڏک سدائين رهڻو آهي. ٽيهٺ سال اڳ ساھتي پرڳڻي ۾ ان وقت ڊاڪٽر صاحب جنم ورتو، جڏهن هن ملڪ جي سياست عوام جي خواهش جي ابتڙ ۽ عوام دشمن قوتن جي هٿ هيٺ هلي رهي هئي ۽ سنڌ جو عوام سخت بيحسيءَ ۾ گذري رهيو هو. اهڙين حالتن ۾ سموري سنڌ جيان ضلعو نوابشاهه به سرگرم هو، ڊاڪٽر خير محمد شخصي طور هڪ مجلسي، قربائتو، ڪچهري جو مور ۽ راڄوڻي مڙس هو، هن وٽ جيڪو به مهمان لڙي ايندو هو، سو سندس مهمان نوازي يعني سندس اخلاق، نياز نوڙت ۽ قرب کان ڏاڍو متاثر ٿيندو هو. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو سان مان دوستن وانگر هجائتو هوندو هيس. ساڻس ڀوڳ چرچا به ٿيندا هيا. پنهنجي ڪمري جو پنهنجو ئي هڪ الڳ ”ماحول“ ۽ ”رنگ“ هوندو هو. ڪرڪيٽ جي موضوع تي به وڏيون ڪچهريون ٿيندون هيون. ڊاڪٽر خير محمد جوڻي جي جيڪا سڀ کان عظيم خوبي هئي، جنهن هن کي هر دلعزيز بڻايو، سا هئي، موقعي تي ماڻهوءَ کي پنهنجو ڪرڻ واري خوبي. هو پنهنجي اخلاق، مٺي ۽ حجائتي زبان سان ماڻهن کي پنهنجو ڪري وٺندو هو. ماڻهو دنگ رهجي ويندا هُيا ته هو هڪ ميڊيا گروپ جي وڏي عهدي تي هوندي به ههڙي فقيري، قلندري ۽ درويش صفت طبيعت جو مالڪ آهي! ڊاڪٽر خير محمد جوڻو صاحب اسان جي بزرگ ۽ سڀني سنڌ واسين لاءِ ڇپر ڇانو بڻيل جسٽس (ر) ديدار حسين شاهه جي پيرن مرشدن وانگر عزت ڪندو هو، سائين جي بيماريءَ جي کيس ڏاڍي ڳڻتي هوندي هُئي. ڊاڪٽر جبار خٽڪ به ڊاڪٽر خير محمد جوڻي جي ڏاڍي عزت ڪندو هو، اداري جي هر معاملي ۾ ڊاڪٽر جوڻي کي اعتماد ۾ ضرور وٺندو هو ۽ ان ڳالهه جو خاص خيال ڪندو هو ته ڊاڪٽر جوڻو پريشان نه ٿئي. ڊاڪٽر خير محمد جو جيئڻ به ڪمال وارو هو ته سندس زندگيءَ ۽ دنيا کان موڪلائڻ وارو انداز به ڏاڍو باوقار ۽ شانائتو هو. جيتوڻيڪ هو پاڻ ڊاڪٽر هو، دل جو پراڻو مريض هو ۽ پنهنجي حالت کان هو چڱيءَ ريت واقف هو. مان ڊاڪٽر خير محمد صاحب کي زندگي ۽ دنيا کان انتهائي پرسُڪون ۽ باوقار نموني موڪلائيندي ڏٺو، هو ڪنهن ريت به پريشان نه هو، چهري تي ڪو گهنج به نه هيس، نه ئي جلد اسپتال پهچائڻ جي ڪا پريشاني يا دانهن هيس، زبان تي نه ئي موت سان ڪو جهيڙو يا شڪايت!! ڊاڪٽر خير محمد جوڻي ڀٽائي جي هن سٽ جيان پنهنجي زندگي موت جي حوالي ڪئي ته: ”مرڻ مون سين آءُ ته پُٺيءَ تو پنڌ ڪيان“ ڊاڪٽر خير محمد جوڻو ھو سدائين ”خير“ جو طرفدار رهيو ادل سولنگي ڊاڪٽر خير محمد جوڻو تسلسل هيو ڄام جوڻي جي خاندان جو، جنهن ساهتي پرڳڻي جي زميندار گهراڻي ۾ جنم ورتو. قاضي احمد نوابشاهه روڊ تي قائم ڳوٺ مير محمد جوڻي جي نج ٻهراڙيءَ واري فطري ماحول ۾ پلجندڙ، فطرت سان پيار ڪندڙ خير محمد جوڻو، ”خير“ ۽ ”شر“ جي ويڙهاند ۾ سدائين ”خير“ جو طرفدار رهيو. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو نوجوانيءَ ۾ ايل ايم سي ڄامشوري ۾ ميڊيڪل جو شاگرد هجڻ واري زماني ۾ ڪميونزم فلاسافيءَ واري سياست سان سلهاڙيل رهيو، جنهن کي عام اصطلاح ۾ ”کاٻي ڌر“ چيو ويندو آهي.کاٻي ڌر جي سياست ڪندڙ نوجوانن جي پڙهڻ ۽ پڙهائڻ سان ايترو عشق هوندو هو، جيترو هو انقلاب سان ڪندا هئا. دنيا جي انقلابن کان وٺي، ادب، سماجيات کان ويندي لوڪ ادب ۽ سياسي اٿل پٿل تي گهري نظر رکندڙ نوجوان جن دنيا کي بدلائڻ جا خواب اکين ۾ اُڻي انهن جي ساڀيان لاءِ سموري زندگي جدوجهد ڪندي گذاري. اسان پنهنجي سانڀر ۾ کاٻي ڌر جي سياست ڪندڙن ۾ جيڪي نالا ٻڌا ۽ شخص ڏٺا، انهن ۾ ڪامريد سوڀو گيانچنداڻي، ڪامريڊ حيدربخش جتوئي ۽ ڄام ساقي اهم نالا ۽ حوالا آهن.. ڪميونزم فلاسافي جي اثر هيٺ ڪم ڪندڙ ڪميونسٽ پارٽي جي شاگرد ونگ ”ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن“ جنهن کي مختصر لفظن ۾ ”ڊي ايس ايف“ چيو ويندو هئو، جنهن ۾ ڊاڪٽر خير محمد جوڻو پير جيلانيِءَ سامهون سرگرم رهيو. واقعي به ڪميونزم فلاسافي جي اثر هيٺ ٿيندڙ سياست ۾ ڳالهين، دليلن ۽ منطق جي گهڻي اهميت هوندي هئي يا اهو زمانو ئي اهڙو هئو جو شاگرد سياست ۾ سنجيدگيءَ جا طرفدار گهڻا هئا جو گهڻي ڀاڱي سياسي ٽڪراءَ دشمنيءَ ۾ بدلجڻ کان اڳ ئي دوستيءَ ۾ بدلجي ويندا هئا. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو، کاٻي ڌر جي سياسي تربيت ”اسٽڊي سرڪلس“ مان رچي راس ٿيندڙ ماٺيڻو نرم مزاج سنجيدو ۽ روايتي ٻهراڙيءَ جو مڙس ماڻهو محسوس ٿيندو هئو. هو توڻي جو ڊاڪٽر ٿيڻ بعد ملڪ کان ٻاهر هڪ ويڙهاڪ ۽ انقلابي پس منظر رکندڙ ملڪ، لبيا ۾ رهيو پر اتي به سنڌ ۽ ساهتي جو روايتي سنڌي ماڻهو ٿي رهيو، جنهن پنهنجي ڪلچر ۽ قومي روايتن جي پاسداري ڪندي پنهنجو سياسي سفر جاري رکيو. ڊاڪٽر صاحب جي چوڻين. پهاڪن جي آڌار تي ڪيل ڪچهرين مان محسوس ٿيندو هئو ته کيس لوڪ ادب/ لوڪ ڏاهپ جو گهڻو اڀياس، تجربو ۽ مشاهدو حاصل رهيو آهي. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو، نهايت ئي برد بار، سنجيدو ۽ احترام ڏيندڙ اهڙو شخص هئو. جنهن سان پنهنجي دل جون ڳالهيون ڪري سگهبيون هيون ۽ موٽ ۾ ٻاجهه شفقت ۽ هڪ نئين اميد ماڻي سگهبي هئي. سندس زندگيءَ جي سفر ۾ ڪيترائي ڏک ڏاکڙا، غم، درد ۽ تڪليفون آيون هونديون پر اسان کيس سدائين مرڪون ورهائيندي ڏٺو. ڪراچي جي ادارن ۾ جتي هر ڪوئي ملازم، ”ميڊم“ ۽ ”سر“ چئي هڪ ٻئي کي مخاطب ٿيندو آهي. اتي ڊاڪٽر خير محمد جوڻو پنهنجي اداري ۾ ڪم ڪندڙ ورڪرن کي ادا، ڀاءُ، ”من“، ادي، ڀيڻ، نياڻي ڪري مخاطب ٿيندو هيو. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو. جديد دور ۾ جديد نظرياتي سياست ڪندڙ ۽ جديد تعليم حاصل ڪندڙ اهڙو سٻاجهو شخص هيو، جو هن پنهنجي مزاج ۾ چالاڪي بدران سدائين قديم روايتن ۽ پنهنجي ڏاهپ کي نروار ڪيو ۽ پنهنجي قديم خانداني روايتن جي پاسداري ڪندي، انسان کي انسان سمجهو، ڊاڪٽر صاحب ڪنهن به ننڍ وڏائي ۽ سماجي طبقاتي فرق کان مٿاهون شخص هئو. جنهن جي سموري سماجي وهنوار ۾ هڪ ذميوار ۽ روشن خيال انسان جي تصوير نمايان نظر ايندي هئي. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو شاندار روايتن ۽ سنڌ جي ڪلچر جو ئي ته نمائندو هئو. هڪ روايتي ۽ سنڌي پريي مڙس جو ڪردار ادا ڪندڙ اسان کي زندگيءَ ۾ علم، ادب، عقل، ڏاهپ، سهپ، رواداري، بردباري، سنجيدگي، پيار، محبت، ۽ انسان کي احترام ڏيڻ واريون روايتون قائم ڪري پنهنجي ڏيهه روانو ٿي ويو. جڏهن جڏهن به سنڌ ۾ اهڙين شخصيتن جو ذڪر ايندو، جن پنهنجي سموري ڄمار نيڪي ڪمائيندي گذاري، تڏهن ڊاڪٽر خير محمد جوڻي جو نالو به ضرور ورتو ويندو. جنهن پنهنجي سماج اندر نيڪيءَ جو ٻج ڇٽيو هو. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو ڪراچي شهر ۾ ٿيندڙ مختلف سياسي، سماجي ۽ ادبي ميڙاڪن ۾ ضرور شريڪ ٿيندو هئو. جڏهن به هو ڏسندو هئو ته مرڪندي چوندو هئو ”من“ ڪهڙا حال آهن؟ ۽ موٽ ۾ خوش ٿيندي، کيس وراڻبو هئو ته سرهائي لڳي پئي آهي. اڄ سندس ورسي تي جيڪو ڏک ۽ درد ڏک محسوس ٿئي ٿو. اهو ايئن آهي، جيئن ڪنهن کان ٻاجهه جو ڇانورو کسيو ويو هجي. (ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۲ آگسٽ ۲۰۲۱ع تي ڇپيل) ڪامريڊ ڊاڪٽر خير محمد جوڻو پهرين ورسي جي نسبت سان صالح بلو ڪامريڊ ڊاڪٽر خير محمد جوڻو کي وڇوڙِو ٿيندي هڪ سال گذري چڪو آهي، سندس ڪراچي ۽ ٻين هنڌن تي ورسيون ڪري يادون تازيون ڪيون ويون آهن، ڪامريڊ خير محمد جوڻجو کل مک يارن جو يار سدائين من جي پيارن لفظن سدان سڀني کي ياد ڪندو رهندو هو، جنهن جا قرب ڀريا وڏا وڏا ڀاڪر وسرڻ جهڙا نه آهن، گهمڻ جو شوقين ٿيندڙ ٽوئرن ۾ اڳيان اڳيان هوندو هو، سندس ڳوٺ مير محمد جوڻو جيڪو قاضي احمد ڀرسان آهي، جتي اوطاق متل هوندي ڊاڪٽر جي پهچڻ جو ٻڌي ننڍا وڏا پهچي ويندا هئا، متو ڄام انڙ جيڪو درويش انسان هو، ساڻس ڀوڳ چرچا پيو ڪندو هو، جنهن کي اڪثر پنهنجي ڪار جي اڳيئن سيٽ تي ويهاري قاضي احمد شهر وڃي مخصوص دڪان تان سامان خريد ڪري ڏيندو جيڪو ٽوپي، رومال، بوٽ هوندو، متو ڄام به ان ۾ خوش، ڪامريڊ خير محمد جوڻو ڪچهري جو ڪوڏيو پيو ڳالهيون هيڏانهن هونڏانهن جون ڪندو رهندو هو، شاگردي زماني کان وٺي ڪرڪيٽ جو شوقين هوندو هو، جيڪو قائم ملاح، عبدالرحمان عرف ادو انصاري، اصغر انصاري، اڪبر مغل، فولادي امجد ۽ ٻين سان گڏ مختلف شهرن ۾ مئچون ڪندا هئا، ناچايز به ساڻن گڏ هوندو هو، جيڪو ڀوڳائي قسم جو انسان هو، استاد رحيم لاکو حاجي ابراهيم پڻ سندس ساٿي هئا، اسان به عيد تي سندس ڳوٺ هوندا هئاسين ۽ راتين جون راتيون ڪچهريون ڪندا رهندا هئاسون، جيڪو ايس اين ايس ايف جي شروعاتي اڳواڻن ۾ هو، بعد ڊي ايس ايف جي مرڪزي اڳواڻن ۾ شامل رهيو، ڪامريڊ نئپ ۾ به رهيو ۽ سنڌ هاري ڪاميٽي جي تقريبن هر پروگرام ۾ موجود هوندو هو، ڪامريڊ سنڌ يونيورسٽي ۾ ٿيندڙ هر تحريڪ ۾ شامل رهيو، جيڪو ايل ايم سي ڄامشورو مان ڊاڪٽري جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ لبيا ۽ ٻين شهرن ۾ نوڪري پڻ ڪئي، جنهن ڪامريڊن ڄام ساقي، شهيد نظير عباسي ۽ ٻين سان هر ڏک سک ۾ شامل رهيو، ڪامريڊ ڊاڪٽر خير محمد ياداشت جو ڏاڍو هوندو هو، سندس ياري به ڪافي ڦليل هوندي هوندي هئي، ٿلهو ٿنڀرو قداور شخص جنهن هر تڪليف کي دل ۾ سانڍي رکيو، ڪنهن سان به ڪا شڪايت نه ڪئي، جڏهن ڪميونسٽ پارٽي ٽٽي ۽ ڪامريڊ گهڻا صحافي بنجي ويا، ڪن اخبارون ڪڍيون ڪامريڊ خير محمد جوڻو به ليبا کان موٽڻ بعد ڪامريڊ احمد خان جمالي جي چوڻ تي عوامي آواز جو شيئر هولڊر بنيو ۽ بعد احمد خان جمالي عوامي آواز کي خير آباد چئي ڇڏيو، ليڪن ڊاڪٽر خير محمد جوڻو، عوامي آواز ۾ آخري وقت تائين مئنيجنگ ايڊيٽر رهيو، جنهن جي ياداشت ڏاڍي تيز هوندي هئي ۽ هر ساٿي کي نالي سان سڃاڻيندو هو، ڪامريڊ ڊاڪٽر خير محمد بحث مباحثي ۾ تيز هوندو هو، ڪامريڊ خير محمد جوڻو سيد رشيد احمد شام قاضي محمد ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ ڄام ساقي، ڪامريڊ نظير عباسي، ناچيز صالح بلو ۽ ٻين جو ساٿي هو، اڪثر شاگردي دوري واريون ميٽنگون سندس ڳوٺ ۾ ٿينديون هيون، سندس ڪيتريون ئي يادون وساري نه ٿيون سگهجن، جيڪو سگريٽن جو موالي ته نه هو ليڪن ڪڏهن ڪڏهن سنگت سان گڏ پي وٺندو هو، مان پن جون ٻيڙيون گهڻيون پيئندو هوس، هڪ دفعي ڪنهن سنگت سان بيٺا هئاسين، انهن سگريٽ پيئڻ لاءِ چيو مون هٿ سگريٽ پي ورتو ته اهو ڦري ورتو چيو ته سگريٽ ڪو نه پيئندو آهي پن جون ٻيڙيون پيئندو آهي، ڊاڪٽر کي چيو ته ڪڏهن ڪڏهن سگريٽ مليو اهو به تو برداشت نه ڪيو مان سنڌ لاڪاليج حيدرآباد ۾ امتحان ڏئي رهيو هوس مون سان گڏ لالا خدائي نظر امتحان ڏئي رهيو هو. جڏهن سابق چيف جسٽس چوڌري افتخار به اتي لا ڪري رهيو هو، ڊاڪٽر خير محمد اسان کي ڪاپي ڪرائي رهيو هو ته چوڌري افتخار به شريڪ ٿيو وڃي ڊاڪٽر خير محمد جوڻو جيڪو اسان سان گڏ پارٽي ڪنوينشن ۾ شامل هو واپسي ۾ اسان ڪوهه مري وياسين برف تان منهنجو پير ترڪي پيو ٿڌ مٿي کي لڳي وئي، مان چوان پيو ته ڊاڪٽر ڀنجو پئجي ويو، ڊاڪٽر کلي چيو جنهن لاءِ مذاق ٿي ويو، خير اسان پنڊي ۾ آياسين ۽ ڊاڪٽر جي هڪ دوست ڊاڪٽر وٽ رهياسين جيڪو ايل ايم سي ۾ پڙهندو هو ۽ منهنجو به وقف هو، مون کي گئس ٿي ڪجهه آواز نڪتا پنجابي ڊاڪٽر کي غيرت اچي وئي، جيڪو موريون کائي آيو پوءِ ته مقابلو شروع هو، جيڪو کٽي ويو اهڙا ڪيئن ڀوڳ ٿيندا رهندا هئا، سکر ۾ سردار علي بخش مهر جي دعوت ۾ هر طعام موجود هو، منهنجي عادت رهي ته گوشت کائندس ته مڇي پلو نه کائيندس مان گوشت کائي ويس ڊاڪٽر کي چيو ته يار پلو ڪو نه هو ڊاڪٽر کلي چيو ته پنهنجي سامهون پلو هيڏو سارو پيو هو ته نه کاڌو خير اسان کي تحفي ۾ ٽوپيون، اجرڪون مليون، اسان سان گڏ سوڍو جوڻو جيڪو ڊاڪٽر جو مائٽ هو، ڪراچي ۾ رهندو آهي اهو به ساڻس بهرحال سردار علي بخش مهر ڏاڍي خدمت ڪئي، جيڪو پڻ وفات ڪري ويو آهي، ڊاڪٽر خير محمد جوڻو جنهن سان به ياري رکندو هو ان سان نڀائيندو هو، جڏهن به ڪنهن سان ڳالهين ۾ ويهندو هو ته وڏي برد باري سان ڳالهائيندو هو، هڪ دفعي مون کيس چيو ته ڊاڪٽر مون کي موٽرسائيڪل سيکار جو روپوشي ۾ وڏو مسئلو ٿئي ٿو، ڊاڪٽر ۽ مان قاضي احمد روڊ سان موٽرسائيڪل تي سوار هئا واري هجي روڊ سان بس اچي پئي هو چوي ڪلچ هلڪو ڪر مان اڃا به وڌايان پيو، مرگو ڪريا هئاسين بس وارا به ڏسندا پيا اجهو ڪريان ته کڻو خير بچي وياسين، جڏهن مارچ ۱۹۷۷ع ۾ صوبائي اسيمبلي نوابشاهه مان اليڪشن ۾ بيٺس ته ڊاڪٽر خير محمد جوڻو سندس مائٽ مرحوم معروف جوڻو سندس ڀاءُ دادو ورڪ ۾ گڏ هوندا هئاسين، رات ڏينهن ڳوٺن ۾ ورڪ ڪندا رهياسين، پنج هزار ووٽ پيا، سيد نذر شاهه سان مقابلو کٽيان ته ڪو نه ها ڪامريڊن بيهاريو هو سو بيٺاسين ڊاڪٽر خير محمد جيڪو نوابشاهه ايندو هو ته يا اڪبر مغل وٽ رهندو هو يا وري مون وٽ رهندو هو، اسان واري اوطاق جيڪا سياسي بنيل هئي، جتي اڪثر ڪامريڊ ايندا هئا ۽ رهندا هئا، ڪامريڊ خير محمد جوڻو جي شادي به ڊاڪٽر زرينه پنهور سان ٿي، جن جا حيدرآباد ڪراچي ڊفينس ۾ بنگلا هئا، مان ڪراچي ويندو هوس ته ڊاڪٽر خير محمد جوڻو وٽ ڊفينس ۾ رهندو هوس، ڊاڪٽر خير محمد جوڻو جيئن عوامي آواز آفيس پهچندو هو ته پهرين مون کي فون ڪندو هو استاد رحيم بخش کي حال احوال ڪندا رهندا هئاسين پر سندس آخري ٽيليفون ان وقت آيو، جڏهن هن ٻڌايو سيد پير شاهه جي نياڻي ڪرنٽ لڳڻ سبب اوڏانهن ويو هو جيڪو بعد ڪنڊيشن خراب ٿيڻ ڪري جناح اسپتال کڻائي ويا، ليڪن ڊاڪٽر خير محمد جوڻو ڄڻ آخري ملاقات ڪئي، جنهن کي اڄ سال پورو ٿي ويو. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو جسٽس (ر) ديدار حسين شاهه عوامي آواز اخبار جو مئنيجنگ ايديٽر، ڊاڪٽر خير محمد جوڻو مُنهنجو دوست هُئو، ڊاڪٽر جوڻو ڪيترين ئي صلاحيتن جو مالڪ هُئو، پر هن جي هڪ خوبي بيحد وڻندڙ هُئي ته هُو يارن جو يار هُئو. هو پنهنجي خاندان جو چڱو مڙس هُئو ۽ هن جي طبيعت ۾ هڪ ڊاڪٽر هجڻ باوجود جيڪا چڱ مڙسي هُئي، اها هن ڪڏهن به پنهنجي هٿان وڃڻ ڪا نه ڏني. ڊاڪٽر خير محمد ۽ مان ڪراچيءَ ۾ اڪثر صُبح جو پنڌ گڏ ڪندا هئاسين ۽ اُن پنڌ دوران ڪيترن ئي ملڪي سنڌ توڻي ذاتي مسئلن تي ڳالهائيندا هُئاسين، اڪثر اسان پنهنجا فيصلا هڪ ٻئي سان صلاح مصلحت لاءِ ونڍيندا هُئاسين. ڊاڪٽر صاحب پنهنجي پيشي جي ڪري ملڪ کان ٻاهر به رهيو ۽ آخري وقت ڪراچيءَ وقت ۾ رهيو پر هن پنهنجي اندر مان هڪ مهمان نواز سنڌيءَ کي ڪو نه ڪڍيو، سندس عوامي آواز واري آفيس توڻي ڳوٺ واري اوطاق تي سدائين سندس دسترخوان ڪشادو رهندو هُئو، جنهن جي ڪري سندس چهري تي جيڪا خوشي پئي ٻهڪندي هُئي اها ڏسڻ وٽان هوندي هُئي اڄ به سندس مُرڪندڙ چهرو اڪثر منهنجي اکين اڳيان اچي بيهندو آهي، جڏهن به مان ڊاڪٽر صاحب جي ڳڻن تي سوچيان ٿو ۽ سندس هلت چلت ۽ گفتگوءَ کي ياد ڪيان ٿو ته ڀٽائي سائينءَ جو هڪ بيت ذهن تي تري اچي ٿو. ماڻهو سڀ نه سُهڻا، پکي سڀ نه هنجهه ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، اچي بوءِ بهار جي ڊاڪٽر صاحب سان پنهنجي تعلق ۽ ڪچهرين کي ياد ڪريان ٿو ته من ۾ بهارجي مند اچي وڃي ٿي ۽ سندس ڳڻن ويچاريان ٿو ته اکيون ڀرجي اچن ٿيون، ڊاڪٽر صاحب هڪ ڳڻائتو انسان پنهنجي خاندان ۽ مٽن مائٽن لاءِ فقط نه هُئو، پر پنهنجي يارن دوستن ۽ تعلق وارن سڀنيءَ لاءِ هڪ چڱي مڙس وارو شانائتو مرتبو رکندو هُئو، ساڳئي وقت هو احسان ياد رکڻ وارو شخقص به هُئو. سندس آفيس ۾ سدائين بخار، مٿي جي سور يا اهڙي ڪنهن به هلڪي سلڪي بيماريءَ جي علاج طور ڪيترن ئي قسمن جون گوريون اتي ڪم ڪندڙن لاءِ رکيون هونديون هيون، ڏاڍ سٺا ڪتاب سندس آفيس ۾ رکيل هوندا هئا، جن کي پڙهندو رهندو هُئو، ملڻ يا ڳالهه ٻولهه ۾ ڪجهه وقفو پئجي ويندو هُئو ته پاڻ ئي دوستن کي فون ڪري سندن حال احوال وٺندو هُئو ۽ ڏيندو هُئو. ڊاڪٽر صاحب پنهنجي ڳوٺ قاضي احمد ڀرسان هڪ شاندار مُک دروازو ٺهرايوڳوٺ ڏانهن ويندڙ رستي تي پاڻ مهرباني ڪري ان جو افتتاح مون کان ڪرايائين، ان موقعي تي شريڪ ٿيندڙ دوستن يارن لاءِ عاليشان مانيءَ جو بندوبست ڪيائين، ڳوٺاڻن کي به ماني کارايائين سندس ڳوٺ ۾ سندس مان ۽ مرتبو ڏسي مونکي بيحد خوشي ٿي، پاڻ دروازي ٺهرائڻ جو سڄو خرچ ڪيائين اڪثر عيدن وغيره ۽ ٻين ڏهاڙن تي هو پنهنجي ڳوٺ واري اوطاق ۾ گذاريندو ۽ پنهنجي هارين نارين ۽ دوستن اوڙي پاڙي جا مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هُئو، اڪثر دوستن جي خوشين توڙي غمين ۾ شريڪ ٿيندو هئو. ڊاڪٽر صاحب سان منهنجي تعلق مونکي اهو فائدو ڏنو هُئو ته مان اڪثر عوامي آواز جي آفيس وڃڻ جي بهاني گهران نڪري ڪي دوستن جون علمي ادبي محفلون به اٽينڊ ڪري وٺندو هوس ۽ يارن دوستن سان ملي به وٺندو هوس هاڻ عمر ۽ بيمارين سبب ٻاهر گهٽ نڪران ٿو، دل چوي ته ٺيڪ هجان ته ڊاڪٽر صاحب جي ڳوٺ سندس ٻارهي تي ضرور وڃان ها پر نه وڃڻ جو قرض هيءُ ٻه اکر لکي لاهي رهيو آهيان شال قبول پون ڇو ٿه ڊاڪٽر صاحب جي وڇوڙي کانپوءِ هڪ دل گهرئي دوست جي نه هجڻ جو ڏک سدائين ڏکوئيندو رهي ٿو. پر چوندا آهن ته جيڪو گهڙو جُڙيو آهي اهو هڪ ڏينهن ضرور ڀڄڻو آهي، انسان به ڄائو آهي ته هڪ ڏينهن ضرور پنهنجي مالڪ ڏانهن واپس موٽڻو آهي. اهو ضرور آهي ته سندس سٺا يا خراب عمل دنيا ۾ سندس ياد ڪرڻ لاءِ رهجي وڃن ٿا، جيڪڏهن هن جا سٺا عمل آهن ته نيڪيءَ طور ياد ڪيو ويندو جيڪڏهن سندس عمل سٺا نه آهن نه بديءَ طور ياد ڪيو ويندو. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو جيئن ته ڀلو انسان هئو ان ڪري هو سٺن لفظن ۾ ياد ڪيو ويندو هِت به ته هُت به ڌڻي تعاليٰ سندس درجات بلند ڪري کيس لاءِ هيءُ بيت ڌيان ٿو. گوڙن ۽ گهوٽن، جيئڻ ٿورا ڏينهنڙا ڪڏهن منجهه ڪوٽن، ڪڏهن راهي رڻ جا نوٽ: مرحوم ڊاڪٽر خير محمد جوڻي جي شخصيت تي سهيڙيل ڪتاب “من موڪلائي ويو” جي اڄ ڳوٺ مير محمد جوڻو ۾ ٿيندڙ مهورتي تقريب جي موقعي تي جسٽس (ر) ديدار حسين شاهه جي خاص لکڻي هتي پيش ڪجي ٿي. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو سنڌي سماج ۾ نيڪيءَ جو ٻج ڇٽيندڙ ادل سولنگي ڊاڪٽر خير محمد جوڻو تسلسل هيو ڄام جوڻي جي خاندان جو، جنهن ساهتي پرڳڻي جي زميندار گهراڻي ۾ جنم ورتو. قاضي احمد نوابشاهه روڊ تي قائم ڳوٺ مير محمد جوڻي جي نج ٻهراڙيءَ واري فطري ماحول ۾ پلجندڙ، فطرت سان پيار ڪندڙ خير محمد جوڻو، ”خير“ ۽ ”شر“ جي ويڙهاند ۾ سدائين ”خير“ جو طرفدار رهيو. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو نوجوانيءَ ۾ ايل ايم سي ڄامشوري ۾ ميڊيڪل جو شاگرد هجڻ واري زماني ۾ ڪميونزم فلاسافيءَ واري سياست سان سلهاڙيل رهيو، جنهن کي عام اصطلاح ۾ ”کاٻي ڌر“ چيو ويندو آهي. کاٻي ڌر جي سياست ڪندڙ نوجوانن جي پڙهڻ ۽ پڙهائڻ سان ايترو عشق هوندو هو، جيترو هو انقلاب سان عشق ڪندا هئا. دنيا جي انقلابن کان وٺي، ادب، سماجيات کان ويندي لوڪ ادب ۽ سياسي اٿل پٿل تي گهري نظر رکندڙ نوجوان جن دنيا کي بدلائڻ جا خواب اکين ۾ اُڻي انهن جي ساڀيان لاءِ سموري زندگي جدوجهد ڪندي گذاري. اسان پنهنجي سانڀر ۾ کاٻي ڌر جي سياست ڪندڙن ۾ جيڪي نالا ٻڌا ۽ شخص ڏٺا، انهن ۾ ڪامريد سوڀو گيانچنداڻي، ڪامريڊ حيدربخش جتوئي ۽ ڄام ساقي اهم نالا ۽ حوالا آهن. . ڪميونزم فلاسافي جي اثر هيٺ ڪم ڪندڙ ڪميونسٽ پارٽي جي شاگرد ونگ ”ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن“ جنهن کي مختصر لفظن ۾ ”ڊي ايس ايف“ چيو ويندو هئو، جنهن ۾ ڊاڪٽر خير محمد جوڻو پير جيلانيِءَ سامهون سرگرم رهيو. ڊاڪٽر خير محمد جوڻي هڪ ڀيري ٻڌايو ته ”من“ اسان ڄامشوري ۾ پڙهائي واري زماني ۾ سياست ڪئي، پر امن ۽ پڙهڻ پڙهائڻ واري سياست جيڪا دليل تي ٻڌل هوندي هئي. ڊاڪٽر خير محمد جوڻي اهو به ٻڌايو هو ته ڄامشوري ۾ جنهن جلسي ۾ نذير عباسي اسٽيج تي ڳالهائيندڙ مقرر حفيظ قريشي جي تفريح دوران اختلاف رکندي کيس ٽوڪيو هو ۽ جلسي ۾ شريڪ، جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي دوستن سان منهن ماري ٿي هئي، تڏهن آءُ به ان جلسي ۾ موجود هئس. تڏهن اسان به اسان هئاسين. مون کي به ور ۾ پستول لڪايل هئو پر فائر ڪرڻ جي ڪا به تڪڙ ڪا نه هئي، ڇاڪاڻ جو اسان معاملن کي ڳالهين ذريعي ٿڌو ڪرڻ جو هنر ڄاڻيندا هئاسين. واقعي به ڪميونزم فلاسافي جي اثر هيٺ ٿيندڙ سياست ۾ ڳالهين، دليلن ۽ منطق جي گهڻي اهميت هوندي هئي يا اهو زمانو ئي اهڙو هئو جو شاگرد سياست ۾ سنجيدگيءَ جا طرفدار گهڻا هئا جو گهڻي ڀاڱي سياسي ٽڪراءَ دشمنيءَ ۾ بدلجڻ کان اڳ ئي دوستيءَ ۾ بدلجي ويندا هئا. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو کاٻي ڌر جي سياسي تربيت ”اسٽڊي سرڪلس“ مان رچي راس ٿيندڙ ماٺيڻو نرم مزاج سنيجدو ۽ روايتي ٻهراڙيءَ جو مڙس ماڻهو محسوس ٿيندو هئو. هو توڻي جو ڊاڪٽر ٿيڻ بعد ملڪ کان ٻاهر هڪ ويڙهاڪ ۽ انقلابي پس منظر رکندڙ ملڪ، لبيا ۾ رهيو پر اتي به سنڌ ۽ ساهتي جو روايتي سنڌي ماڻهو ٿي رهيو، جنهن پنهنجي ڪلچر ۽ قومي روايتن جي پاسداري ڪندي پنهنجو سياسي سفر جاري رکيو. ڊاڪٽر صاحب جي چوڻين. پهاڪن جي آڌار تي ڪيل ڪچهرين مان محسوس ٿيندو هئو ته کيس لوڪ ادب/ لوڪ ڏاهپ جو گهڻو اڀياس، تجربو ۽ مشاهدو حاصل رهيو آهي. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو، نهايت ئي برد بار، سنجيدو ۽ احترام ڏيندڙ اهڙو شخص هئو. جنهن سان پنهنجي دل جون ڳالهيون ڪري سگهبيون هيون ۽ موٽ ۾ ٻاجهه شفقت ۽ هڪ نئين اميد ماڻي سگهبي هئي. سندس زندگيءَ جي سفر ۾ ڪيترائي ڏک ڏاکڙا، غم، درد ۽ تڪليفون آيون هونديون پر اسان پنهنجي زماني ۾ کيس سدائين مرڪون ورهائيندي ڏٺو. منهنجو ڪالم ”سو ديس مسافر منهنجو ڙي!“ کيس وڻندو هئو ۽ ساڳيو ئي ڪالم سائين ديدار حسين شاهه کي به وڻندو آهي. جسٽس ديدار حسين شاهه صاحب، منهنجي ڪالم کي پسند ڪرڻ لاءِ وري سائين ڊاڪٽر خير محمد جوڻي سان فون تي اهڙو اظهار ڪندو هئو، ڊاڪٽر صاحب وري مون کي سڏائي وٺندو هئو. چوندو هئو ”من“ سائين ديدار شاهه توسان ڳالهائيندو. سچ پچ ته ڊاڪٽر خير محمد جوڻي صاحب جو ٻاجهه ڀريو روايتي سنڌي پريمي مڙس وارو ڪردار هوندو هئو. ڪراچي جي ادارن ۾ جتي هر ڪوئي ملازم، ”ميڊم“ ۽ ”سر“ چئي هڪ ٻئي کي مخاطب ٿيندو آهي. اتي ڊاڪٽر خير محمد جوڻو پنهنجي اداري ۾ ڪم ڪندڙ ورڪرن کي ادا، ڀاءُ، ”من“، ادي، ڀيڻ، نياڻي ڪري مخاطب ٿيندو هيو. آءُ عوا مي آواز ۾ ۲۰۰۷ ع کان ۲۰۱۲ تائين ڪم ڪيو، گهرو مجبورين سبب آءُ ۴ سال عوامي آواز اداري کان پري رهيس پر ڊاڪٽر خير محمد جوڻي سان جڏهن به فون تي ڳالهه ٻولي ٿيندي هئي، چوندو هئو ته ” من “ ڪراچي اچين ته مون سان ضرور ملي وڃجانءِ. هڪ ڀيرو آءُ ساڻس ڪراچي ۾ عوامي آواز جي آفيس ۾ مليس، مون کي چيائين ”من“ ڪو به مسئلو اٿئي ته مون کي ٻڌاءِ اخبار ۾ ڪم ڪرين ته تنهنجي لاءِ نوڪري موجود آهي پر منهنجي پنهنجي مجبوريءَ مون کي انهن ڏينهن ۾ نوڪري ڪرڻ نه ڏني. جڏهن مارچ ۲۰۱۶ع ۾ آءُ ٻيو ڀيرو عوامي آواز ۾ آيس ته ڊاڪٽر خير محمد جوڻي منهنجي وڏي مدد ڪئي، ۽ منهنجي لاءِ ماحول کي ساز گار بڻايو. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو. جديد دور ۾ جديد نظرياتي سياست ڪندڙ ۽ جديد تعليم حاصل ڪندڙ اهڙو سٻاجهه شخص هيو، جو هن پنهنجي مزاج ۾ چالاڪي بدران سدائين قديم روايتن ۽ پنهنيج ڏاهپ کي نروار ڪيو ۽ پنهنجي قديم خانداني روايتن جي پاسداري ڪندي، انسان کي انسان سمجهو، ڊاڪٽر صاحب ڪنهن به ننڍ وڏائي ۽ سماجي طبقاتي فرق کان مٿاهون شخص هئو. جنهن جي سموري سماجي وهنوار ۾ هڪ ذميوار ۽ روشن خيال انسان جي تصوير نمايان نظر ايندي هئي. جڏهن ڊاڪٽر صاحب آفيس پهتو ته گرميءَ جي سختيءَ جي ڳالهه پئي ڪيائين ۽ ڀچڻ لڳو ته ”من“ اوهان کي گرمي محسوس ٿئي ٿي. اوچتو سندس طبعيت خراب ٿي ته ترت ئي کيس جناح اسپتال پهچايو ويو پر ڊاڪٽر خير محمد جوڻي جي طبيعت ۾ سڌارو نه آيو ۽ اسان کيس اڻ ڏٺي ڏيهه ڏانهن ويندي جي بيوسيءَ مان نهاري رهيا هئاسين. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو شاندار روايتن ۽ سنڌ جي ڪلچر جو ئي ته نمائندو هئو. هڪ روايتي ۽ سنڌي پريي مڙس جو ڪردار ادا ڪندڙ اسان کي زندگيءَ ۾ علم، ادب، عقل، ڏاهپ، سهپ، رواداري، بردباري، سنجيدگي، پيار، محبت، ۽ انسان کي احترام ڏيڻ واريون روايتون قائم ڪري پنهنجي ڏيهه روانو ٿي ويو. جڏهن جڏهن به سنڌ ۾ اهڙين شخصيتن جو ذڪر ايندو، جن پنهنجي سموري ڄمار نيڪي ڪمائيندي گذاري، تڏهن ڊاڪٽر خير محمد جوڻي جو نالو به ضرور ورتو ويندو. جنهن پنهنجي سماج اندر نيڪيءَ جو ٻج ڇٽيو هو. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو پنهنجي سياسي رفيق ۽ نظرياتي دوست ڊاڪٽر جبار خٽڪ سان گڏ ”عوامي آواز“ ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيندي. عوام جي آواز کي ايوانن تائين سگهاري نموني پهچائڻ واري جدوجهد ۾ شامل رهيو. عوامي آواز اخبار کي عوامي تحريڪ بڻائڻ ۽ ”عوامي آواز کي عوامي آواز ميڊيا گروپ“ جي شڪل ڏيڻ وارن سمورن مرحلن ۾ ڊاڪٽر خير محمد جوڻي جون صلاحون، وسيلا ۽ صلاحيتون شامل رهيون. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو ڪراچي شهر ۾ ٿيندڙ مختلف سياسي، سماجي ۽ ادبي ميڙاڪن ۾ ضرور شريڪ ٿيندو هئو. جڏهن به هو ڏسندو هئو ته مرڪندي چوندو هئو ” من“ ڪهڙا حال آهن؟ ۽ موٽ به خوش ٿيندي، کيس وراڻبو هئو ته سرهائي لڳي پئي آهي. اڄ هن جي وڇوڙي تي جيڪا ارهائي ۽ ڏک محسوس ٿئي ٿو. اهو ايئن آهي، جيئن ڪنهن کان ٻاجهه جو ڇانورو کسيو ويو هجي. (ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۲ آگسٽ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)